وتايو فقير
مُرتب : حافظ بدرالدينوتايو فقير يارھين صديءَ جو اھو عظيم انسان آھي، جنھن زندگيءَ جي ھر قدم تي، وِھ جو وٽو پي سچ جو سنيھو ڏنو. ھو سنڌ جي فڪر، سياڻپ، سونھن ۽ سچائي واري، اجتماعي ورثي جو نمائندو آھي، جنھن انسان کي ڏاھپ ڏانھن سڏيو. ھو انسانيت جي علامت، پيار ۽ محبت جي نشاني، امن جو متلاشي ۽ درد جو درمان ھو. ھن جيڪا سچي ڳالھ محسوس ڪئي، ھر ڪنھن کي منھن تي چئي ڏني. وتائي جو ڪردار اسان وٽ ڀلي تہ طنزيہ ۽ مزاحيہ ھجي پر وتايو فقير، پنھنجي دور جو ھڪ احتجاج ھو ۽ انقلاب جو داعي ھو ۽ سچ منھن تي مزاحيہ، طنزيہ يا درويشي انداز سان چوندو ھيو، سندس ڳالھين ۾ حڪمت ۽ حڪايت ھوندي ھئي.