ڪتاب گهر جي باري ۾


انساني تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان پتو پئي ٿو ته انساني شعور تڏهن کان وٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي جڏهن کان ڪاغذ ۽ ڇپائي جا طريقا اڃان ايجاد به نه ٿيا هئا.

مشاهدي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي جيتوڻيڪ ان وقت محفوظ ڪرڻ ممڪن نه هو پر ان جي منتقلي سيني کان سينو ٿيندي رهي. انسان جڏهن نوان علم ڳوليا ۽ ڪائنات جي رازن کي سمجهيو ته آهستي آهستي ان جي علم ۽ هنر جي ضرورتن کيس مجبور ڪرڻ شروع ڪيو ته هو پنهنجي علم ۽ هنر کي محفوظ ڪري. هُو چاهڻ لڳو ته پنهنجي ڄاڻ، کوجنا ۽ علم ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري. ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ هُن ڪيترن ئي قسمن جي طريقن کي اختيار ڪيو.

هن مٽيءَ جون تختيون، کجن جا پنَ، جانورن جون کلون وغيره استعمال ڪندي پنهنجي خيالن کي تحريري شڪل ۾ آڻڻ لاءِ پهريان تصويرون ٺاهي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو. تصويرن ۾ هن پنهنجي خيالن کي مختلف اشارن سان ظاهر ڪيو ۽ اڳتي هلي آوازن کي به استعمال ۾ آندو. پوءِ پري پري تائين پيغامن کي پهچائڻ جي ضرورت محسوس ڪيائين ته مختلف قسم جي جانورن جي تصويرن ذريعي پنهنجي احساسن جو اظهار ڪيائين جنهن کي هُن تصوير ڪشي ڪري ڪوٺيو.

گچ عرصي تائين تصويري ڪشي جو دور رهيو پر نيٺ انسان کي اهو مهانگو پوڻ شروع ٿيو ته هن ان جاءِ تي ابتيون سبتيون لڪيرون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون جنهن کي هُن علامت نويسي ڪوٺيو.

مٽيءَ جي تختين (ٽيبليٽس) کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ عظيم روم جي دور ۾ جانورن جي کلن  (پارچمينٽ) کي استعمال ڪيو ويو .. پر اصل ڪم مصرين ڪيو جن مختلف قسم جي وڻن جي ٿُڻن مان رول (پيپائرس) ڪڍي استعمال ڪيا جيڪو عمل دراصل نئين دور جي ايجاد ”ڪاغذ“ ڏانهن پهريون قدم هئو.

سن 501 ۾ چينين پراڻن ڪپڙن ۽ وڻن جي ٽارين کي استعمال ڪندي ڪاغذ جو ابتدائي ورجن ايجاد ڪيو جنهن کان پوءِ علم ۽ مشاهدن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو ان عمل ڪتاب گهر ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ اهي ڪتاب گهر ئي آهن جن ذريعي علم ۽ هنر نه رڳو دنيا ۾ پکڙيو بلڪه جديد ترين سائنسي ۽ مشيني ترقي ٿي سگهي.

انسان فاني آ پر ان جون صلاحيتون، ان جو علم، ان جا خيال ۽ نظريا جيڪي هن پنهنجي زندگيءَ ذريعي حاصل ڪيا انهن کي تحريرن جي صورت ۾ ايندڙ انساني نسلن جي رهنمائي، بهتري ۽ ترقي لاءِ قلمبند ڪيا جيڪي عرصي تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ڪتاب گهرن ۾ محفوظ ٿيندا رهيا.ان کان پوءِ پرنٽنگ جو دور آيو ۽ جڏهن پرنٽنگ جو استعمال اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ٿيڻ لڳو ته معلومات جو سيلاب اچڻ لڳو. ان وقت انسان کي ايتري وڏي تعداد ۾ تخليق ٿيندڙ علم کي محفوظ ڪرڻ جو مسئلو سامهون اچڻ لڳو جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ پهريان مائڪروفلم وجود ۾ آئي پر وڌندڙ معلومات جو سيلاب سنڀالڻ لاءِ اصل ڪم موجوده دور جي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي سان ئي ممڪن ٿيڻ لڳو جيڪا 1960 ۾ ڪمپيوٽر جي ايجاد سان استعمال ٿيڻ لڳي.

سن 1989 ۾ World Wide Webجي ايجاد ڇا ٿي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو جهڙوڪ انقلاب اچي ويو ۽ انساني زندگي آسان ٿي پئي. هاڻي انسان کي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڪتاب گهر وڃڻ جي به ضرورت نه رهي هُو گهرويٺي ئي هر قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ لڳو آهي.

پراڻي دور جا ڪتاب گهر هاڻي ڊجيٽلائيز ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن ۽ دنيا ۾ هر ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب تيزي سان انٽرنيٽ تي اچي رهيا آهن ايتري قدر جو دنيا جي وڏي ۾ وڏي برٽش لائيبريري به پنهنجا اڌ ڪروڙ ڪتاب ڊجيٽلائيز ڪندي انٽرنيٽ تي آڻي رهي آهي.

سنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو ڪيو آهي ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ  جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.

اسان جي خواهش آهي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گهر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن جن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي پر اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگهجي.

۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهيو. اميد ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو پورو ساٿ نڀائيندا.

 

 

والسلام

رشيد سمون

منتظمِ اعليٰ

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 534
ڪتابن جو مشاهدو: 553166
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ