تاليف امام العصر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي : سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري جا ڪتاب:

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

تاليف امام العصر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي : سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
مذهب

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 453
ڪتابن جو مشاهدو: 345224
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142539
2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ