خليل جبران جا ڪتاب:

ڀڳل کنڀڙاٽيون

خليل جبران
ناول

خليل جبران جون ڪهاڻيون ۽ ناول تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن۔ خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ پيدا ٿيو ۽ 48 سالن جي عمر ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مڙهه لبنان جي جهنڊي ۾ ويڙهي لبنان موڪليو ويو ۽ کيس سندس پيدائش واري هنڌ دفن ڪيو ويو۔ سندس ڪتاب 20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن۔ سندس هي ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ سلمى ڪريمي سان ڪيل عشق تي آهي جنهن سان سندس شادي نه ٿي سگهي ۽ پوء جبران سموري عمر شادي ڪانه ڪئي۔ هي ڪتاب عربيء ۾ ڇپيو ۽ پوء 20 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ لڳ ڀڳ 20 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون آهن۔ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”عورت جي پيار ڀري هڪ ئي نطر اوهان کي دنيا جو خوشقسمت ترين شخص بنايو ڇڏي“ ​

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

غلامي

خليل جبران
ڪهاڻيون

هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 646
ڪتابن جو مشاهدو: 818123
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281771
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ