سيد محمد خاتمي / مومن علي شاهه جا ڪتاب:

اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

سيد محمد خاتمي / مومن علي شاهه
مذهب

ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 496
ڪتابن جو مشاهدو: 473415
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 189420
2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ