نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي جا ڪتاب:

شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي
تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 493
ڪتابن جو مشاهدو: 468319
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187826
2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ