استاد بخاريء جي شاعريء جو هي ڪتاب ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ سنڌ جو سُر ڪيڏارو آهي۔ جنهن ۾ سنڌ جي لاء ٿيندڙ جدوجهد ، سورمن ۽ شهيدن کي ڳايو اٿس۔ هي ڪيڏارو سنڌ جي ماض، حال ۽ مستقبل جو سنگم آهي۔
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفاستاد بخاريء جي شاعريء جو ڪتاب ”هي گجرا هي گولا“ سندس نج سنڌي ٻولي ۽ آسان لفظن جي استعمال ڪري وڻندڙ آهي جنهن ۾ نظم ۽ ٽسٽا شامل آهن۔ هن ڪتاب ۾ آيل سندس ڪلام پهريان ڪڏهن به ڪٿي ڪونه ڇپيو هو۔
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفاستاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.