سنڌ جي نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب جو ناول ”پيار پناهون ڇانورا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ناول 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو. ڪرزمه ويب جي ٿورن سان اوهان سان اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي ٿي.
هي ناول معاشري جي حقيقتن ۽ انساني روين توڙي بدلجندڙ ۽ قدرن جي ترجماني ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ تصوراتي يا خيال ڪردارن بدران هِن ڌتيءَ سان تعلق رکندڙ زنده ڪردارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب جو ڀارت ياترا تي لکيل سفرنامو ”اندر جنين اُڃ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آهن سندس هن سفرنامي جو پهريون ايڊيشن 1981ع ۾ ڇپيو. 1995ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايل چوٿين ايڊيشن جي اسڪين ڪاپي اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف