”مونکي ساهه کڻڻ ڏيو“، سنڌي سماج جي هڪ المناڪ ڪلچر ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل آهي. انهي موضوع تي اهو پهريون ناول آهي. . هي هڪ پرچاري ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ نهايت مناسب ۽ سگهارن لفظن ۾ ”مظلوم عورت“ جي وڪالت ڪئي آهي.
هي ناول 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو جنهن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمه ويب جي ٿورن سان پيش آهي.
هي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جو پهريون ناول آهي. هن ناول ۾ ۾ ورهاڱي (1947ع) جي لڏپلاڻ ، ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده وچولي طبقي جي اڀرڻ يا ان جي جدوجهد جو ذڪر ڏنل آهي. ناول اوڙاهه ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي. جنهن ۾ سنڌ جي چئن سئو سالن جي سوشيو پوليٽيڪل تاريخ بيان ٿيل آهي. ڪن نقادن ناول ۾ هندو وچولي ڪلاس بابت ڏنل ڄاڻ سان اختلاف ڏيکاريو آهي، پر هي ناول سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي پهريون مڪمل ناول آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف