اخلاق انصاري جا ڪتاب:

اڏوهي

اخلاق انصاري
ناول

اخلاق انصاري جي لکڻ جو پنھنجو انداز آھي ھن جا ڪردار داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاھ کان وٺي خارجي حالتن جي ڀڃ ڊاھ سبب پيدا ٿيندڙ احساسن جي Surrealist عڪاسي ڪن ٿا. ھن ناول جو ڪردار به سندس ڪھاڻين جي ڪردارن جيان زندگي ۾ پيش ايندڙ عذابن جي ڪرب مان گذرندڙ ھڪ شخص آھي.
اڏوهي سماج کان ڪٽيل هڪ فرد جي رڳو اندروني اڻتڻ جي ڪهاڻي ناهي، ان ۾ مختلف سماجي مسئلن/روين کي چِٽيو ۽ سامهون آندو ويو آهي. هڪ پاسي يونيورسٽي انتظاميا آهي جيڪا مختلف بيقائدگين ۾ ورتل آهي ۽ هڪ شاگرد جي قتل کي آپگھات قرار ڏيئي پنهنجي جان بچائڻ گھري ٿي. ٻئي پاسي گھر جا اهي ڀاتي آهن جيڪي علاج لاءِ مليل پئسن کي ... تي خرچ ڪرڻ کي بلڪل جائز قرار ڏين ٿا. اهي ئي اُهي حالتون آهن جيڪي ماڻهوءَ جي اندر کي اڏوهي جيان چَٽ ڪري وڃن ٿيون ۽ کانئس ماڻهپو کسي وٺن ٿيون.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 671
ڪتابن جو مشاهدو: 867854
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 295020
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ