غلام عباس ڀنڀرو جا ڪتاب:

عِشقَ وِڌا اَنبُورَ

غلام عباس ڀنڀرو
شاعري

نئون ڪتاب ”عشق وڌا انبور“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر غلام عباس ڀنڀري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ وايون، غزلَ، بيتَ ۽ نظمَ شامل آهن. غلام عباس ڀنڀرو سنڌ جو اُهو شاعِرُ آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ هِڪَ طرف قومي رنگُ ڀريل آهي ته ٻئي طرف سندس شاعريءَ ۾ تصوفَ جا رنگ به نمايان آهن. سندس پهريون ڪِتابُ ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“، ”پوپٽ“ پاران ئي شايع ڪيو ويو هُيو ۽ هٿو هٿ وِڪامي پِڻُ ويو هو. غلام عباس ڀنڀري صاحبَ جي شاعريءَ جو هي ٻيون ڪِتابُ ”عشقَ وِڌا انبورَ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 646
ڪتابن جو مشاهدو: 818127
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281771
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ