يوسف جميل لغاري جا ڪتاب:

خوابن جا پاڇا

يوسف جميل لغاري
ڪهاڻيون

يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 667
ڪتابن جو مشاهدو: 860857
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292591
2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ