نثار احمد ناز جا ڪتاب:

توسان ڪهڙيون رِيسون

نثار احمد ناز
شاعري

هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 493
ڪتابن جو مشاهدو: 465657
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186506
2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ