شھباز علي ملازم سروري
شهباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو. قرآن شريف جي تعليم، پنج درجا سنڌي ۽ ڪجهہ سبق فارسيءَ جا پڙهيائين. هالن ۾ محمد فقير کٽياڻ ۽ فقير ﷲ بخش ملاح جي صحبت ۾ رهڻ سبب سندس طبيعت شاعريءَ طرف مائل ٿيس. اڳتي هلي کيس مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعراڻي صحبت ۽ استاديءَ هيٺ باقاعدہ شاعريءَ جي تربيت ملي. سندس شاعريءَ ۾ غزل، ڪافي، بيت، گيت، رباعيون، مرثيہ، نعت، حمد، ڏور ۽ نظم موجود آهن. سندس تصنيفن ۾ ‘نغمئہ دل’، ‘لڙڪ حسين گل’ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپايل ڪتاب ‘حمد ۽ نعت’ شامل آهن. سندس ڪيتروئي اڻ ڇپيل ڪلام موجود آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي بہ نشر ٿيندا رهن ٿا. هن 27 شوال 1415هہ/28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي.
- جنم: 1916-06-10
- ورسي: 1995-03-28
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل