سردار خاتون
سنڌ جي ناليواري ليکڪا سردار خاتون پھرين فيبروري 1979 ع تي ضلعي مٽياري جي ڳوٺ مولوي علي حيدر جمالي ۾ حاجي محمد عالم جمالي جي گهر ۾ پيدا ٿي. پنھنجي ڳوٺ جي ئي گرلز پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين، جڏهن تہ 1995ع ۾ سرھاري مان ميٽرڪ پاس ڪيائين۔ انٽرميڊئيٽ حيدرآباد جي زبيدہ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ اميدوار جي طور تي ڪيائين. روايتي تعليم سان گڏ ھن لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ڊپلوما پڻ ڪيو ۽ ان شعبي ۾ ٽن سالن تائين ھڪ ٽرينر جي حيثيت سان خدمتون پڻ انجام ڏنيون. ھن پي ٽي سي، پوء سي ٽي جو ڪورس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪيو، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان ڪئي. کيس پنھنجي شوق مطابق تعليم کاتي ۾ سنڌي جي استاد طور 2012ع ۾خدمتن جو موقعو مليو. ادب جي مختلف صنفن کي پڙھڻ کانپوء محسوس ڪيائين تہ ھن کي بہ لکڻ کپي. ان سوچ تحت ھن اخبارن ۾ ھفتيوار ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڪالم سنڌ جي مشھور اخبارن، ڪاوش، عبرت ۽ ڪوشش ۾ شايع ٿيندا رھيا آھن. سندس ڪھاڻيون سنڌ جي مشھور رسالن ۾ شايع ٿينديون رھنديون آھن. سندس ڪالمن جو ھڪ ڪتاب ”آزاد ھوا ڇا ٿيندي آ“ 2024ع ۾ ڇپيو آھي. سردار خاتون جا 100 کان وڌيڪ ڪالم، 30 ڪھاڻيون ۽ درجنين نظم، غزل ۽ شعر اخبارن، رسالن ۽ ٻين ذرائع ابلاغ جي ذريعن ۾ ڇپجي چڪا آھن. سندس ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائي ھيٺ آھي جيڪو ھن ئي سال جي آخر ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو. سردار خاتون سنڌي ادبي سنگت (عورت شاخ) جي ھڪ فعال ميمبر آھي ۽ ھن پليٽ فارم تان ادب کي ھٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي.
- جنم: 1979-02-01
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل