ڪتاب جو نالو: موهيو مون کي جن
مصنف: پروفيسر نذير احمد سومرو
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1433 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 502 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “مون کي موهيو جن” نامياري ليکڪ مرحوم پروفيسر نذير احمد سومري جي مختلف شخصيتن بابت خاڪن ۽ تاثرات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب ۽ سهيڙيندڙ محترم عبد الوهاب سهتو آهي جڏهن ته ٽائٽل احسان دانش جو ٺهيل آهي. هي اهم ڪتاب رياضت ٻرڙي جي ڪاوشن سان ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • انتساب
  • • ٻه اکر
  • • موهيو جنهن کي ماروئڙن
  • • سِڪيلڌن سور... (شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾)
  • • باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”
  • • جڏهن “دلگيرَ”، دلگير ٿي لاڙڪاڻي کان موڪلايو
  • • “پکڙا ۽ پنهوار” وارو ‘ گَدائي’
  • • ڪامريد سوڀو- هڪَ اڻ ڌرئي جي نظر ۾
  • • چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي! (نياز همايونيءَ جي ياد ۾)
  • • استاد بخاري - روشن پيشاني
  • • استاد بخاري ــــــ ڪجهه يادون
  • • خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو! (استاد بخاريءَ جي ياد ۾)
  • • سنڌي ادب ۽ شاعري جو بودلو بهار (ذوالفقار راشدي)
  • • ذوالفقار راشدي: گهڻ رخي شخصيت
  • • انقلاب ۽ سونهن جو شاعر: ذوالفقار راشدي
  • • وفا ناٿن شاهي: هڪ شخص، هڪ شاعر
  • • آئين فقير
  • • وتائي فقير جو جانشين: جمعو فقير
  • • رتيديري جا وسريل ورق
  • • نئون ديرو: نوان ۽ پراڻا ورق

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (103) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “مون کي موهيو جن” نامياري ليکڪ مرحوم پروفيسر نذير احمد سومري جي مختلف شخصيتن بابت خاڪن ۽ تاثرات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب ۽ سهيڙيندڙ محترم عبد الوهاب سهتو آهي جڏهن ته ٽائٽل احسان دانش جو ٺهيل آهي. هي اهم ڪتاب رياضت ٻرڙي جي ڪاوشن سان ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون محترم رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • انتساب

    مرحوم نذير احمد سومرو، زندگيءَ اندر، جن دوستن کان متاثر ٿيو، تن جو اَڻيهي تذڪرو پيو ڪندو هيو. جن کان گھڻو متاثر هيو، تن لاءِ گھڻو ذڪر ڪندو هيو ۽ جن کان گھٽ متاثر هيو تن جي ڳالهه به ٿورڙن لفظن ۾ ضرور ڪندو هيو.
    مٿس جن دوستن جو گهرو اثر پيو، تن منجهان استاد بخاري ۽ ذوالفقار راشدي پڻ آهن. انهن ٻنهي شخصيتن بابت ته خاڪا به لکيائين، جيڪي پڻ ان ڳالهه جا شاهد آهن.
    سندن گڻائتين ڳالهين آڏو، هيءُ خاڪا ڀل هيچ هجن، پر سندن وئي پڄاڻان، کين ياد رکڻ لاءِ ڪافي آهن.
    ان ئي خيال تي اڪتفا ڪندي، هيءُ ڪتاب مذڪوره ٻنهي شخصيتن؛ ‘استاد بخاري’ ۽ ‘ذوالفقار راشدي’ صاحبن، ڏانهن منسوب ڪجي ٿو.

    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    • ٻه اکر

    خاڪانويسي ادبي دنيا جي بيحد وڻندڙ صنف آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ دل ڇهندڙ لفظن سان، اهڙي ته خوبصورتيءَ سان چَٽ چِٽيا ويندا آهن، جو اها شخصيت،جنهن بابت خاڪو لکيو ويندو آهي، پيار ۽ پنهنجائپ سان نيڻن ۾ ٺهندٖي ۽ دل ۾ لهندٖي محسوس ٿيندي آهي. پر، خاڪو لکڻ ڪو سولو ڪم به نه آهي، جو هر ليکڪ کي اچي. ان ڪري، خاڪن جي نالي ۾ ڇپيل ڪي خاڪا؛ خاڪي جي وصف تي پورا لهندا آهن، ته ڪي خاڪا وري؛ يادگيرين، سوانح نويسيءَ ۽ خاڪا نويسيءَ جو سنگم هوندا آهن. تڏهن به، اهي پڙهڻ ۾ لطف ايندو آهي، جو، بهرحال، اهڙا ليک زندگيءَ ۽ شخصيتن جي ڪٿا ٻڌائيندا آهن.
    پروفيسر نذير احمد سومري صاحب جو نالو سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. هُو هڪ اهڙو ليکڪ هو جنهن جي قلم ۾ وڏي رواني هئي. هن جي تحريرن جي انفراديت کي سولائيءَ سان پرکي سگھجي ٿو، جن ۾ تاريخ جا عڪس پڻ سمايل آهن. انهن تحريرن مان، مختلف ڪتابن تي لکيل سندس مقالا ۽ مضمون “تنقيدون ۽ تجزيا” جي نالي سان، 2013ع ۾ پيش ڪري چڪا آهيون، ۽ هينئر ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جِي سهيڙ، جن ۾ يادگيرين جي به ڪيفيت آهي، “موهيو مون کي جن” جي نالي سان پيش ڪيون پيا، جن کي انجنيئر عبدالوهاب سَهتي سهيڙيو آهي.
    هن ڪتاب جي هڪ وڌيڪ خوبيءَ هيءَ به آهي ته هي خاڪا نمايان سياسي ۽ ادبي شخصيتن سميت مختلف عوامي شخصيتن تي لکيل آهن.خاص ڪري جيڪڏهن رتيديري ۽ نئين ديري جي شخصيتن بابت لکيل مضمونن جي طرز تي، سنڌي اديب پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي شخصيتن تي لکن، ته هڪ اهم ادبي ۽ تاريخي ڪم نبرِي پوي.
    مان؛ پروفيسر نذير احمد سومري صاحب جي هن ٻئي ڪتاب کي به اهم فرض جو پورو ٿيڻ سمجھان ٿو.

    رياضت ٻرڙو
    پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
    29 مارچ 2015ع


    • موهيو جنهن کي ماروئڙن

    پروفيسر نذير سومري صاحب جي اڳئين ڪتاب اندر، انهن مضمونن کي ڪٺو ڪيو ويو، جيڪي ڪنهن هڪ ڪتاب جي مڪمل تنقيدي اڀياس تي مشتمل هيا. هن ڪتاب اندر انهن خاڪن کي مجتمع ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن شخصيت تي خاڪي يا تاثر جي صورت ۾ لکيا ويا آهن ۽ کانئن ليکڪ متاثر ٿيو آهي. جن تي خاڪا لکيا ويا آهن ۽ خاڪانگار خود، مڙيئي هن وقت موجود ناهن. مڙني کي مهربان رب، پنهنجي ٻاجھ سان، جوار رحمت اندر جايون بخشي. پروفيسر نذير، دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ سٺو خاڪانگار هيو. تاريخ جو استاد، ڪتابن جو پاڙُهو، لفظن جو پارکو ۽ تنقيد جي ميدان جو شهسوار هيو.
    جنهن وقت مون کيس ڏٺو، ان وقت هڪ مضطرب روح هيو جيڪو نئين ديري کان رتيديري، رتي کان لاڙڪاڻي، لاڙڪاڻي کان پير ڳوٺ تائين مسلسل ڊڪندو، ڊوڙندو ۽ ڀڄندو پئي وتيو. هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه هيس. نه ٺام، ٺڪاڻو! رڳو ڀڄ ڀڄان. ڀڄندو به پئي ويو ته يارن سان رهائيندو به پئي ويو. دوست يار، گھر ٻار؛ مڙني سان منهن ڏيندي، لکندو به رهيو پئي ۽ صبح کان رات تائين سفر به ڪندو رهيو پئي.
    جوڀن ۽ جواني، جن ادب دوستن سان صَرف ڪيائين، تن جي شخصيتن کان آخر تائين مرعوب رهيو. تن جا تذڪرا، واتين ويڻين ته ڪندو هيو پر قلم جي نوڪ سان به پنن تي اُڪيري ڇڏيائين. کين امر ڪرڻ سان گڏ، پاڻ کي به ڪتابن اندر سانڍي ويو.
    آئين فقير جو ذڪر ھجي يا جمعي فقير جو، وفا ناٿن شاھيءَ سان ٿيل رھاڻ جو تذڪرو ھجي يا عبدالڪريم گدائيءَ سان ٿيل ملاقات جو مذاڪرو، ذوالفقار علي ڀٽي سان واسطيداريءَ وارتا ٻڌائڻي ھجي يا ذوالفقار راشديءَ سان ڪيل ڪچھرين بابت آگاھي ھجي، استاد بخاريءَ سان ھم پيشه رفاقت جو بيان ھجي يا نديم ملڪ سان ھج وارو انڪشاف ھجي. جيڪو به بيان ڪيائين، واھ جو ڪيائين.
    دور انديش هئڻ سان گڏ، دير انديش ۽ پير کوڙي لکڻ وارو هيو. جنهن سان رکيائين، تنهن سان نڀايائين. ھر ليک ۾، ڪوشش اھا ڪيائين ته سنگتين جو ذڪر اچي وڃي. سنگت ۾ هٿ جوڙي هلڻ واري واٽ هيس. منهن تي ڦهڪائي چوڻ ۾، سچي هئڻ واري خوشي ۽ طراوت محسوس ڪندو هيو. بي ڊپو ۽ بي خوف و خطر رهيو.
    گھڻو ڪجھ لکيائين. تنهن مان ڪجھ ظاهر ٿيو آهي ۽ اڃا ڪجھ ظاهر پڻ ٿيندو. مختلف رسالن اندر سنڌي ۽ اردو ليک، سندس نالي سان ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اميد ته وقت سان اهي به يڪجاءِ ٿي ويندا.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو
    ۱۹ مارچ ۲۰۱۵ع


    • سِڪيلڌن سور... (شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾)

    يادون به سدا سرسبز سائي وڻ جيان ٿين. خزان اچي ته کوڙ ساتريون يادون به سڪل پنن جيان ڇڻيو وڃن، پر ڪجهه يادن ۾ ايتري ته تازگي، سونهن ۽ شادابي ٿئي ٿي جو خزان جون هوائون ڪيترو به زور لڳائن، پر اهڙين سونهري ۽ سدا بهار يادن جي سونهن ۽ تازگيءَ کي ڪومائي نه سگهن. ڪجهه يادون محبوبن جي حسين تصور ۽ خوبصورت خيالن جيان کٿوري بڻجي وجود جي چَوگرد واسو ڪري خيالن ۽ تصور کي به ديوانو بڻايو ڇڏين.
    گڏيل پاڪستان جو آخري سال هو. گڏيل پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيڻ لاءِ سياستدانن جا هڪ ٻئي سان رابطا هيا ۽ انهن جي وچ ۾ رسمي ۽ غير رسمي ڳالهين جا مختلف دَور ٿي رهيا هيا. اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش جو هڪ اهم سياسي ليڊر مولوي فريد احمد لاڙڪاڻي جي دوري تي آيل هو. مولوي فريد احمد جي لاڙڪاڻي جي پراڻن ۽ کک سياستدانن سان ڏند شيڪ پراڻي هئي. مولوي فريد احمد جو ماروٽ انتخاب الحق، منهنجي والد عبدالحميد سومري ۽ چاچي حاجي درمحمد سان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ نه رڳو گڏ پڙهندو هيو پر علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي محسن الملڪ هاسٽل جو روم پارٽنر پڻ هيو. ان حوالي سان مولوي فريد احمد قرب ڪري اسان وٽ به هلي آيو. وچولي قد ۽ ڀريل بدن سان مرڪندڙ چهري وارو شخص هو. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ هلڪي ٻچي ڏاڙهي هوندي هئس. اسان جي اوطاق تي سياستدانن بابت ڳالهائي رهيو هو: “سنڌ ۽ بنگال سان قدرت وڏا وڙ ڪيا آهن. بنگالي ۽ سنڌي سٺا سياستدان هئڻ سان گڏ سٺا اديب، ليکڪ ۽ شاعر پڻ آهن.” اهڙن سنڌي سياستدانن ۾ هن مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، حيدر بخش جتوئيءَ ۽ قاضي فيض محمد سميت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جا نالا ورتا.
    سنڌ جي هن بي مثال ۽ بهادر سپوت ذوالفقار علي ڀُٽي جو شمار پاڪستان جي انهن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن تي نه رڳو سنڌ پر سڄي ننڍي کنڊ کي فخر آهي ۽ دائمي فخر آهي.
    ذوالفقار علي ڀُٽي 1956ع ۾ قلم کڻي لکڻ جي شروعات ڪئي. ايس ايم ڪاليج جي شاگردن کي، جيڪي ان وقت ون يونٽ خلاف متحرڪ هئا جن ۾ قادر بخش بڪڪ، نسيم کرل، خواجه سليم ۽ تاج بلوچ واري ٽهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ اسڪولي دَور کان ئي سياست سان واڳيل هئي، خبر آهي ته سائين جي ايم سيد جي چوڻ تي ون يونٽ جي خلاف پهريون ڪتابچو 1956ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي لکيو هو. ان کان پوءِ “مِٿ آف انڊيپينڊنٽس” ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن واري تڪليفده حياتيءَ سان ملندڙ ۽ ٺهڪندڙ نالي وارو ڪتاب “گريٽ ٽريجڊي” جي نالي سان انگريزي ۾ لکيائين. سواءِ ون يونٽ واري ڪتاب جي، باقي سندس پوين ٻن ڪتابن جو ترجمو “نالي ماتر آزادي” ۽ “عظيم سانحو” جي نالي سان سنڌي زبان ۾ شايع ٿيا.
    والاريل ڪشمير جي وزير اعلى ۽ برصغير جي نامور شخصيت شيخ عبدالله پنهنجي آتم ڪٿا “آتش چنار” ۾ نئين ديري جي هن نئين ورق ۽ پاڪستان جي سدا حيات سياستدان ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڏاڍي سٺي نموني ذڪر ڪيو آهي. شيخ عبدالله 1964ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل هو، ته پٺيان انڊيا جي وزيراعظم جواهر لال نهروءَ جو موت ٿيو. بقول شيخ عبدالله، هن ئي (شيخ عبدالله) صدر ايوب کي مشورو ڏنو هو ته جواهر لال نهروءَ جي شانَ ۽ مانَ لائق هڪ سرڪاري وفد پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ انڊيا موڪليو وڃي. شيخ عبدالله پنهنجي جيون آکاڻي “آتش چنار” جي صفحي 787 تي ڀُٽي صاحب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    “ذوالفقار علي ڀٽو ڪو، جو اس وقت پاڪستان ڪي وزير خارجه اور صدر ڪي بعد وهان ڪي سب سي اهم شخصيت ٿي، هماري ساٿ نئي دهلي ڪا فريضه سونپا گيا. چنانچه هم لوگ اِڪٺي ايڪ هي جهاز ۾ دهلي ڪي طرف روانا هوئي. اگرچه موقعي ڪي سنجيدگي ڪي وجه سي راستي ۾ سَڀي اپني اپني خيالات ۾ گم رهي اور ڪوئي بات چيت نهين هو سڪي. ڪس ڪو معلوم ٿا ڪه اس چلبلي ذهين اور تيز نوجوان ڪي ساٿ هماري آخري ملاقات هوگي! اور جس شخص ڪا مستقبل اس وقت اتنا شاندار نظر آرها هي، وو آخرڪار راولپنڊي ۾ سُولي ڪي رسي پر جهول ڪر اپني جان، جان آفرين ڪي سپرد ڪردي گا.”
    انڊيا جي پر آشوب صوبي بهار مان لڏي ايندڙ اردوءَ جي ڪهاڻيڪار۽ تاج بلوچ جو گهاٽو ۽ ويجهو دوست مرحوم نعيم آروي پنهنجياڌآتمڪٿا”هجرتونڪي مسافت” ۾ ڀُٽي صاحب لاءِ لکي ٿو:
    “ڀٽو ايڪ سحر انگيز شخصيت ڪا مالڪ ٿا. پاڪستان ڪي سياسي افق پر ذوالفقار علي ڀٽو ڪِي آمد اس قدر هنگامه خيز نه ٿي، جتني آگي چل ڪر هُوئي. وو دُورانديش، عجلت پسند اور شعله بيان مقرر ٿي. ڀٽو صاحب ني ڪهوٽه ۾ جو سائنسي ادارا قائم ڪيا ٿا، اس ڪي سائنسدان ايٽمي ڊٽرنٽ حاصل ڪرني ۾ ڪامياب هو چڪي ٿي. آمريڪا شديد ناراض ٿا. اس ني ڀٽو صاحب ڪو Eliminate ڪرني ڪا فيصله ڪر ليا ٿا. ڀٽو صاحب ني پَهلِي اسلامي ڪانفرنس ۾، جو لاهور ۾ منعقد هوئي، اعلان ڪيا ٿا ڪه هم ني ايٽم بم بناني ڪي صلاحيت حاصل ڪرلِي هي. اس اعلان ني ڀٽو ڪي اقتدار ڪو اور اس ڪِي زندگي ڪي آفتاب ڪو گهنا ديا.”
    اردوءَ جو مشهور اديب ۽ ناميارو بيوروڪريٽ، صدر ايوب جو پيارو سيڪريٽري قدرت الله شهاب پنهنجي آتم ڪٿا “شهاب نامه” ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    “مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۾ بلا ڪِي ذهانت اور خطابت ٿي اور انهين جديد علوم اور ان ڪي اظهار پر حيرت انگيز عبور ٿا. چند هي روز ۾ پريزيڊنٽ لائبرري ڪو کنگهال ڪر رک ديا. ڀٽو صاحب وزير خارجه ڪي منزل سي بهت آگي تڪ گئي اور انجام ڪار اقتدار ڪي ميدان ڪو يُون ڇوڙا جيسي ڪُوچه يار سي نڪلي، سوئي دار چلي.”
    کاٻي ڌر جي مشهور ليکڪا، ڪالم نگار ۽ شاعره افضل توصيف پنهنجي ڪالمن جي ڪتاب “شهر ڪي آنسو” ۾ جناب زيڊ اي ڀٽو جو ڏاڍي شدت ۽ دلربائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي:
    “موهن جو دڙو ڪي سائي ۾ پيدا هوني والي ذوالفقار علي ڀٽو ڪو آج سي پَندرا برس پهلي ڦانسِي پر لٽڪايا گيا ٿا. اس ڪي قاتل ڀٽو ڪي سوچ، شهرت اور طاقت سي خائف ٿي. اس ڪي حڪومت ڇِين لينا ڪافي نه ٿا. اس ڪو مار ڪر رات ڪي انڌيري ۾ زير زمين اتار ديني ۾ هِي فائده نظر آتا ٿا. مگر ڪس ڪا فائده؟
    “ڦانسي ڪي تختي پر گهاس تو اگا نهين ڪرتِي! قاتل ني جان لِي تو ڪيا هوا؟ جان ڪي پرواهه ڪس ڪو ٿِي؟ سقراط ڪو؟ عيسى مسيح ڪو؟ حسين ابن علي ڪو؟ (حسين بن) منصورحلاج ڪو؟ ڀگت سنگهه ڪو؟ ذوالفقار علي ڀٽو ڪو؟”
    ريديو پاڪستان جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ۽ اردوءَ جو منفرد اديب ۽ شاعر حميد نسيم پنهنجي جيون ڪٿا “ناممڪن ڪِي جستجو” ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    “سنڌِي بَهت محبت ڪرني والي اور بڙي صاف دل لوگ هين. ان ڪا احترام ڪرو تو ان جيسا مخلص دنيا ۾ ڪم ملي گا...
    “... اعجاز بٽالوِي ڪهانيان لکتي رهتي تو دنيا ۾ بڙا نام پيدا ڪرتي، ليڪن انهون ني وڪالت ۾ نام پيدا ڪرني ڪو زياده مناسب سمجها. دل ڪو بڙا دُک هي ڪه وو ايڪ سياسي جينيس (ڀٽو صاحب) ڪي خلاف سرڪاري وڪيل بني. ليڪن جانني والي جانتي هين ڪه انهين اپني عمر ڀر ڪي ايڪ دوست ڪي صعوبت و ايذا ڪا انتقام نه لينا هوتا تو وو اس مقدمي ۾ وڪيل استغاثه بنني سي انڪار ڪر ديتي.
    “ڦِر جس ڪو ڦانسِي پر چڙهانا ٿا تو وو ان ڪي بغير ڀي ڦانسي پر چڙهه جاتا. ميڪاولي ني ڪها هي ڪه حڪومت پر غاصبانه قبضه ڪرني والي ڪي ليئي لازم هي ڪه وو سبامڪانيدعويدارونڪوفورن موت ڪي گهاٽ اتاردي.
    “ڀٽو صاحب عميق تاريخي شعور رکني ڪي باوجود عملي سياست ۾ ‘مصلحت شناس’ نه ٿي.”
    اردوءَ جو نامور اديب ممتاز مفتي، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو:
    “ڀٽو ڪي ساٿ ڪيون هوا؟ جيسا ڪه هوا. وو اس ليئي ڪه اس ڪي ذهانت لائٽين مارتي ٿِي. اس ڪي ذهانت ڪي لائيٽون ۾ ان لوگون ڪِي آنکين چِنڌيا جاتِي ٿِين.”
    سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه اردوءَ جي شهره آفاق دانشور، اديب ۽ شاعر پروفيسر آل احمد سرور پنهنجي آتم ڪهاڻي “خواب باقي هين” مين ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ڏاڍي حيرانيءَ سان ڪيو آهي. هندستان جو هيءُ اديب پاڪستان ۾ 5 جولاءِ 1977ع کان 5 مهينا پوءِ لاهور ۾ ٿيندڙ “بين الاقومي اقبال ڪانگريس” ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آيو هو. آل احمد سرور پنهنجي آتم ڪٿا جي 274 جي صفحي تي وائڙو ٿيندي لکي ٿو:
    “جميل الدين عالي ڪي يهان نواب محمد احمد قصوري ڪي صاحبزادي سي ملاقات هوئِي. ان ڪي والد ڪو ذوالفقار علي ڀٽو ني قتل ڪروايا ٿا. ان ڪو اميد ٿِي ڪه ان ڪي والد ڪي قتل ڪي الزام ۾ ڀٽو ڪو گرفتار ڪر ليا جائي گا اور ان پر مقدمه چلي گا. اس وقت ان ڪي اس پيشن گوئي پر يقين نهين آتا ٿا، مگر بعد ۾ يه بات حرف به حرف پورِي هو گئي. دنيا ڪي بيشتر ملڪون ڪي طرف سي ضياءُالحق ڪو تار ديئي گئي ڪه ڦانسي ڪِي سزا ڪو عمر قيد يا جلاوطني ۾ منتقل ڪر دين، مگر وو ٽس سي مس نهين هوئي.”
    70ع واري ڏهاڪي ۾ عالمي سياست جي افق تي اڀرندڙ آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو هو، تڏهن لاهور ۾ پنهنجي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ تقرير ڪندي چيو هئائين:
    “مان دنيا جي اٽڪل سڀني ملڪن جي سربراهن سان مليو آهيان. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتي سربراهن جون تقريرون ٻڌيون به اٿم ۽ انهن جي آڏو سندن موجودگيءَ ۾ تقريرون ڪيون به اٿم، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن مان ڀٽو صاحب واحد ماڻهو آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ تقرير ڪندي، مون کي ڊپ پيو ٿيندو هو ته ههڙي قابل ترين شخص جي اڳيان سندس موجودگيءَ ۾ مان ڇا ڳالهايان؟ سندس خوبصورت لهجي واري مدلل انگريزي ٻڌي مون کان ته پنهنجا لفظ به وسريو وڃن ٿا.”
    هڪ دفعي استاد بخاريءَ ٻڌايو ته ڀُٽي صاحب جي ڦاهيءَ بابت سائين جي ايم سيد کان راءِ ورتم، ته سائين جي ايم سيد ڏاڍي گنڀيرتا سان وراڻيو: “هن شخص (ڀُٽي صاحب) مان، مون کي ڏاڍو ڀَو ٿيندو هو ته ڪٿي معافي نه گهري وٺي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ به هڪ سنڌي سياستدان ايوب کهڙي هڪ فوجي صدر کان لکت ۾ معافي ورتي هئي، پر ڀُٽي هڪ دفعو نهڪر ڪئي ته ان کي هن 9 ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا ۽ ڦاهي کائي سنڌي قوم کي هميشه لاءِ هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل سوني نٿ پارائي ويو آهي.” ۽ پوءِ ڀٽائي جي شعر جي هيءَ سٽ پڙهيائين:
    “مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي!”
    جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي اذيتناڪ مهينن بابت ڇا چئجي، سواءِ ان جي ته، “سڪيلڌن سور، پينگهي منجهه پرايا.” تاريخ بي رحم ضرور آهي پر انسانن وانگر بي قدر ناهي. تاريخ مٽائڻ وارن کي گمناميءَ جي تري ۾ اڇلائي ٿي ۽ مٽجندڙ کي نئين زندگي بخشي ٿي. ڀُٽي صاحب جي ڦاهيءَ تي مون کي اردوءَ جو هي شعر ٺهڪندي نظر اچي ٿو:
    ذرا يُون چل ڪه هر مـنـزل په تـــيــرا خـــيــر مقـــدم هــو،
    تجهي جانا تو اي عمر روان، يون ڀي هي اور يون ڀي.

    ***


    • باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”

    ڪن شهرن ۽ ڪن شخصيتن جو تهذيبي ۽ تاريخي داستان، ڪڏهن عجيب ۽ ڪڏهن عجيب تر ٿئي ٿو. عام مشاهدو ته اهو آهي؛ ڪن شهرن، ڳوٺن، رياستن يا منجھن رهندڙ شخصيتن جي تاريخ پنهنجي دؤر جي فروغ ۾ توسيعي معنيٰ جي لحاظ کان گهڻو ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ کان به گهڻي وڏي هوندي آهي. اهڙا شهر يا ڳوٺ پنهنجي شخصيتن جي حوالي سان سڃاڻپ ۽ انهن جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترن ئي جماعتن ۽ سياسي پارٽين تي فوقيت رکندا آهن. ڪجهه شهر ۽ شخصيتون ته پنهنجي سيني اندر تاريخي سفر اهڙيءَ طرح سمائي ڇڏيندا آهن، جو اهي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو، اکين ۽ ذهنن کي نيرو ڪندڙ روشنيءَ ۾، پنهنجي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي نظر ايندا آهن. اهڙن شهرن يا رياستن منجهان رياست خيرپور ۽ ان جو مثالي، دردمند ۽ عاشقاڻو مزاج رکندڙ شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر به هڪ آهي. جڏهن رياست خيرپور ۽ ان جي واليءَ مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي دؤر واري تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته بي اختيار، اردوءَ جي نفيس ترين شاعر، مرزااسدالله خان غالب جو هيءُ شعر ذهن جي پردي تي اڀري اچي ٿو:
    محـفـلين در هـم ڪري هي، گنـجفه باز خيال،
    هين ورق گرداني ڪه نيرنگ يک بتخانه هم.
    منهنجي ننڍپڻ جون يادون، جيڪي مون کي اڃا تائين ٻکَ ھنيون بيٺيون آهن، انهن ۾ هڪ ياد مير علي نواز خان “ناز” جي نالي سان لاڳاپيل آهي. منهنجي بابا سائين عبدالحميد خان سومري هڪ ڏينهن پنهنجا ضروري ڪاغذات اٿلائيندي هڪ اهڙو دستاويز به ڏيکاريو، جنهن جي پيشانيءَ تي حڪومتِ برطانيا جي سرڪاري مُھر ۽ نشان بجاءِ رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي گول دائري ۾ تصوير ۽ ٻه هرڻيون (رياست خيرپور جو سرڪاري مونوگرام) ڇاپيل هيون.
    منهنجي والد صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته رياست خيرپور جي حڪمران ميرن منجهان مير علي نواز “ناز” ٽالپر پهريون حڪمران هيو، جنهن جي حڪومت واري دؤر ۾ رياستي دستاويز (Affidavit)، پگهار جون ٽڪليون، سڪا ۽ رياست جي سرڪاري ملازمن لاءِ سروس بڪ ۽ پينشن جا فارم جاري ۽ رائج ڪيا ويا. رياست خيرپور ۽ هاڻي تعلقي گنبٽ جي شهر گنبٽ جي اتر ۾ کهڙا-رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جي رياست واري دؤر جي ٻن تپيدار ڀائرن مرحوم مولوي نور محمد سروهيءَ ۽ ميان فيض محمد سروهيءَ يا ڳوٺ جي وڏيري علي بخش سروهيءَ، سائين حاجي در محمد سومري ۽ سائين عبدالحميد سومري کي اهڙا سڪا ڏيکاريا هيا، جن تي هڪ پاسي رياست خيرپور جو مونوگرام ۽ ٻئي پاسي رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي شبيهه ۽ سن اڪريل هئا.
    ائين لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر کي برصغير جي مغليه گهراڻي جي شهنشاهه شاهجهان جهڙي حيثيت حاصل هئي. جيئن شاهجهان پنهنجي دؤر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايا ۽ انهن لاءِ مالي امداد ڪئي، تيئن مير علي نواز خان “ناز” به پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ شيعه عقيدي واري مڪتبهء فڪر رکڻ جي باوجود، ديوبند طرز جي ٺيڙهي واري مدرسي جي مالي امداد هڪ طرف ڪئي، ته ٻئي طرف مڪتبئه بريلوي جي مدرسي، درگاهه/خانقاهه کهڙا نزديڪ گمبٽ سان پڻ مالي سهڪار ڪيو. درگاهه عاليه کهڙا جي مخدوم سجاده نشينن سان پڻ مير علي نواز خان “ناز” جا گهرا ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا. کهڙا جي مخدومن واري درگاهه جي موجوده سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشميءَ کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ جيڪي نوادرات مليا آهن، تن ۾ مير علي نواز خان “ناز” جا خط ۽ سندون، سندس ئي دستخط ڪيل ۽ مُهرن سميت شامل آهن.
    اهو به ڪيڏو نه تاريخي ۽ حسين اتفاق آهي، جو جيئن مغل شهنشاهه شاهجهان جي گهرواريءَ جو نالو ممتاز بيگم هو، ائين مير علي نواز خان “ناز” جي ٻيو نمبر گهر واريءَ جو نالو به ممتاز بيگم هو. مير علي نواز خان “ناز” جي ممتاز بيگم سان شادي حيدرآباد دکن ۾ ٿي هئي ۽ ممتاز بيگم جو تعلق حيدرآباد دکن جي هڪ معزز گهراڻي سان هو. شاهجهان ۽ مير علي نواز “ناز” ٻنهي پيار واريون شاديون ڪيون. ممتاز محل پنهنجي عاشق مڙس شاهجهان جي هٿن ۾ دم ڏنو، پر اسان جي هن عاشق مزاج شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” پنهنجي محبوبه ۽ زال بالي بيگم جي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. جيڪڏهن رياست جي راڻي بالي بيگم، مير صاحب جي حياتيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ها ته عين ممڪن هيو ته هن جي مزار مٿان خيرپور رياست جي شهرن، ڪوٽ ڏيجي يا ڪوٽ بنگلي ۾ تاج محل جهڙو ڪو محلات-نما مقبرو مير علي نواز خان “ناز” ۽ بالي جي محبت جو “يادگار” هجي ها.
    پراڻي خيرپور رياست ۽ موجوده ضلعي خيرپور جي ناظمه سيده نفيسه شاهه کي هڪ خط لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ کيس گذارش ڪئي اٿم ته پراڻي رياست خيرپور جي راڻي بالي جي ياد ۾ خيرپور شهر ۾ ڪو يادگار کڙو ڪرايو يا ٺهرايو وڃي. ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ خيرپور جي ضلعي اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي، خيرپور شهر کان ڪوٽ ڏيجي ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي ٺهيل “وَن يونٽ” بلڊنگ جو نالو مٽائي ۽ بدلائي “بالي بلڊنگ” رکيو وڃي. ائين جيئن حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي ٺهيل “ون يونٽ بلڊنگ” جو نالو مٽائي “شهباز بلڊنگ” رکيو ويو آهي.
    جيئن اردوءَ جي ڪن نقادن، مغليه خاندان جي آخري حڪمران بهادر شاهه ظفر، لکنوءَ جي آخري تاجدار واجد علي شاهه، رامپور جي نواب ڪلب علي خان جي شاعريءَ تي پاڻي ڦيريو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اڌ اديب به رياست خيرپور جي واليءَ ۽ ڪلاسيڪل شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ تي اِيئن منڌيئڙو پاتو. جيئن اردوءَ جي هٿراڌو نقادن فارسيءَ جي بلند پايه شاعره ۽ اورنگزيب جي ڌِيءُ زيب النساء عرف حافظ مخفيءَ جي شاعري کي سندس شاعريءَ ۾ شروعاتي استاد، فارسيءَ جي نامور عالم ۽ ايراني نزاد شاعر ملا سعيد اشرف جي کاتي ۾ لکي ڇڏيو. ملا سعيد اشرف ته رڳو حافظ مخفيءَ جي شاعريءَ جي شروعات ۾ اصلاح ڪندو هو، حد ته اِها آهي جو ايران جي مشهور اديب گلچين معاني، زيب النساء مخفيءَ جا ٻه ٽي شعر ۽ هڪ اڌ قطعو کڻي سندس ڏاڏي شاهجهان جي ذاتي طبيب حاذق گيلانيءَ جي ذهن ۽ فڪر جي پيداوار ڄاڻايا آهن. (ڏسو مضمون: معمائي ديوان مخفي، از محمد گلچين معاني. ماهانه “هنر وَ مردم” تهران، ايران. شمارو 172، صفحو 38).
    1942ع ۾ لاهور پاڪستان مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب “ڪلماتِ الشعراء” امن حوالي طور کڻي، احمد گلچين جي شعرن کي حاذق گيلاني جا شعر سمجهي، ان جي کاتي ۾ ڄاڻائي ٿو. اهي سڀ شعر “ديوان مخفي” مرتب عبدالباري آسي، نول ڪشور پريس ڪانپور/لکنؤ، يو-پي انڊيا ۾ 1942ع کان گهڻو اڳ موجود آهن. هي نسخو سائين حاجي در محمد سومري ۽ بابا مرحوم عبدالحميد سومري کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پوري ڪري سنڌ موٽڻ مهل هڪ دوست “بسمل ڪان پوريءَ” برِصغير جي اهم ڪميونسٽ ليڊر سيد جمال الدين بخاريءَ جي روبرو علي ڳڙهه ۾ ڏنو هو ۽ اهو نسخو خيرپور جي پراڻي لائبريريءَ ۽ سڄي برِصغير يا پاڪستان جي سٺن وڏن ڪتب خانن ۾ پيل آهي.
    فرض ڪجي ته مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعري سندس درٻاري شاعرن جي ڪيل آهي ۽ هو شعر ئي ڪونه چوندو هيو ته پوءِ مير علي نواز خان “ناز” جي سموري سنڌي شاعري ۽ رباعيات عمر خيام جي ڪيل سنڌي منظوم ترجمي کي ڪنهن جي کاتي ۾ رکجي ۽ لکجي؟ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلام:
    عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
    يا
    تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
    يا سرائيڪي ٻوليءَ ۾:
    اڄ خواب دي وچ سهڻا ياد آيا
    اڄ به موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن، توڙي عام ٻڌندڙن کي طراوت بخشين ٿا، ۽ انهن جي سالن پڄاڻان به بيحد مقبول آهن. ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو ننڍپڻ ڪوٽ ڏيجي ۾ ۽ ڦوهه جواني وارو عرصو لاهور، ڀوپال، دهلي، لکنؤ ۽ رياست حيدرآباد دکن ۾ گذريو. ان حالت ۾ اردو زبان هن لاءِ نئين ۽ اوپري ڪانه هئي. اردوءَ جي شاعراڻي دنيا ۾ شاعرِ انقلاب جو لقب ماڻيندڙ، حضرت جوش مليح آبادي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم “بزمِ ادب” جي طرفان ٿيل مشاعرن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئي ته رياست خيرپور جي ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” سان هن جو يُوپي ۽ رياست حيدرآباد دکن جي ڪيترن ئي وڏن ۽ سٺن شاعرن کان تعريف ٻڌي هئي جيڪا کيس تپرس ۾ آڻي ڇڏيندي هئي.• ان کان سواءِ هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعريءَ جا ثبوت علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شايع ٿيل رسالا پنهنجو پاڻ شاهدي ڏيڻ لاءِ تاريخ جي صفحن ۾ اِئين قيد آهن، جيئن خيرپور جو هيءُ نازڪ مزاج شاعر حڪمران باليءَ جي محبت ۾ قيد هيو. سندس اردو شاعريءَ ۾ هيٺ ڏنل غزل يا ڪي ٻيا غزل اردوءَ جي ڪنهن به وڏي غزل گو ۽ ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آڻي سگهجن ٿا. مير علي نواز خان “ناز” جو هر غزل تغزل سان ٽٻ هوندو هو. مير صاحب جي هن غزل جا ڪجهه بند پڙهو، ته داد ڏيڻ لاءِ توهان خود ڪنڌ ڌوڻڻ تي مجبور ٿي پوندؤ:
    کو گئـي جـــب تيــــرا مڪـــان ديکـــا،
    مِٽ گئي جــــــب تيرا نِشـان ديــکــــا.
    آ گئـــي مــوت ان ڪــي جاتــي هِــي،
    يـــه تــــماشــــه ڀــي ناگهـــــان ديـــکــــــا.
    اُن ڪِــي مُٺِي ۾ جــان هي ميــرِي،
    دل ڪِســـي نـــي مِرا ڪهــــان ديکا؟
    اردوءَ جي نقادن جيان سنڌي اديبن پنهنجي طرفان طبع آزمائي ۽ حاشيه آرائي ڪري لکيو ته مير علي نواز خان “ناز” جي شاعري سندس درٻاري شاعرن جي محنت ۽ خوشامد جو ڪارنامو هو. اِئين مير علي نواز خان “ناز” پاڻ ۽ سندس سموري شاعري، اهڙين حاشيه آرائين واري جُهڙ ۽ ڪڪرن ۾ لڪائڻ جي ۽ کيس افسانوي ڪردار بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. اهوئي سبب آهي جو هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي زندگيءَ جا کوڙ حصا بي نقاب ٿي نه سگهيا آهن. مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش دهلوي ۽ حفيظ جالنڌري يا اهڙا ٻيا کوڙ شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي دهلي، لکنؤ، ڀوپال، رام پور ۽ رياست حيدرآباد دکن واري دؤر جا ملاقاتي ۽ واقف هئا. التبه اهو گهڻي حد تائين ممڪن آهي ته مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش، مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ جي شروعاتي اصلاح ڪئي هجي. اهڙو اشارو رياست خيرپور جي آخري اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر، پروفيسر عطا محمد “حامي” پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪليات ناز” (مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع) جي صفحي 10 ۽ 14 تي ڪيو آهي.
    ڏک ۽ ويچار ان ڳالهه جو آهي ته وقت جي اديبن، قلمڪارن ۽ تاريخ نويسن هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي معاملي ۾ ڏاڍي ڪنجوسيءَ ۽ بخل کان ڪم ورتو آهي ۽ غلط روايتن ۽ مفروضن کان ڪم وٺي “ڌُڪا” هنيا آهن. ايتري قدر جو يو-پي انڊيا جي شهر “امروهه” مان لڏي ايندڙ، پاڪستان کان پوءِ واري دؤر ۾ ميرن جي درٻار سان لاڳاپيل اديب ۽ شاعر سيد قاسم رضا “نسيم” امروهي به پنهنجي تصنيف “تاريخ خيرپور” (شايع ٿيل 1955ع) ۾ هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر سان انصاف ڪونه ڪري سگهيو آهي. نسيم امروهي پنهنجي 200 صفحن واري هن ڪتاب ۾ خيرپور رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي درٻار سان ۽ ان سان لاڳاپيل شاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر ۾ شاهي محلات ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جو باليءَ سان ٿيل پيار ڀرئي وِهَانوَ ۽ ان ۾ ٿيل شادماني کي به باءِ پاس ڪري ويو آهي. مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار سان لاڳاپيل ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو پر پاڪستان جي قومي تراني جي لکندڙ ۽ اردوءَ جي نامور شاعر حفيظ جالنڌريءَ جو به نالو ڪو نه ٿو کڻي، جيڪو هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار جو باقاعده پگهاردار ملازم ۽ شاعر هو. نسيم امروهي پنهنجي ڪتاب “رياست خيرپور” جي صفحي 95 تي لکي ٿو ته:
    “سن 1920ع ۾ گهريلو معاملات ڪي متعلق مير علي نواز خان “ناز” ولي عهد اور ميان محمد ابراهيم ڪي درميان سخت اختلاف رائي پيدا هو گيا اور مير علي نواز “ناز” ناراض هو ڪر دهلي چلي گئي.”
    مرحوم نسيم امروهيءَ اها ڳالهه ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه مرحوم عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب “ڪليات ناز” جي صفحي 6 تي ٻڌل ڳالهه لکي آهي، پر حقيقي شاهدي ان دؤر جي هڪ اديب ۽ برِصغير جي مشهور زمانه صحافي ۽ ايڊيٽر اخبار “رياست” ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب “ناقابل فراموش” ۾ ڪيترن ئي صفحن تي لکي ۽ ڏئي ٿو. مير علي نواز خان “ناز” کي نه نسيم امروهيءَ ڏٺو هو ۽ نه ئي عطا محمد حامي صاحب مير صاحب سان مليو هو، پر ديوان سنگهه مفتون نه رڳو مير علي نواز خان “ناز” کي دهليءَ ۽ ڀوپال ۾ ڏٺو هيو، پر ساڻس ڪيئي يادگار ڪچهريون پڻ ڪيون هيون. سرڳواسي ديوان سنگهه مفتون پنهنجي شاهڪار اڌ آتم ڪٿا واري ڪتاب “ناقابل فراموش” جي صفحي 62 تي لکي ٿو ته:
    “مرحوم مير صاحب خيرپور رياست دهلي ۾ آئي تو ايڪ روز ملني ڪي ليئي دفتر ‘رياست’ ۾ ڀي تشريف لائي. مير صاحب ڪا وزن مرحوم مولانا شوڪت علي سي دوگني ڪي قريب ٿا. آپ (مير صاحب) زينه پر چڙه نه سڪتي ٿي، اپني ڪار ڪو نيچي کڙا ڪيا اور اپني اي-ڊي.سي. ڪو اوپر ڀيج ڪر راقم الحروف (ايڊيٽر رياست) ڪو بلوايا. مين موجود نه ٿا، واپس چلي گئي، جب دفتر پهنچا تو معلوم هوا ڪه مير صاحب خيرپور آئي ٿي، چناچه اگلي روز ان ڪي جائي رهائش، جو دريا گنج ۾ ايڪ ڪوٺي ۾ ٿي، پهنچا. مير صاحب سي مِلا، دو گهنٽي ڪي قريب باتين هوتي رهين. يه اپني مظلوميت ڪي حالات بتاتي رهي ڪه ان ڪا وزيراعظم مسٽر ٽائٽن (آئي.سي.ايس) جس ڪو برطانيا حڪومت ني خيرپور ۾ پوري اختيارات ڪي ساٿ وزيراعظم مقرر ڪيا ٿا، ڪيون ڪه اُس زماني ۾ رياست خيرپور ريزيڊنٽ پنجاب ڪي ماتحت نه ٿي بلڪه سنڌ ۾ هوني ڪي باعث گورنر ممبئي ڪي ماتحت ٿي ان ڪو تنگ ڪر رها هي اور يه اپني اِس وزيراعظم سي انتهائي پريشان هين.”
    اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان مان صاف پڌرو آهي ته ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو سندس والد ماجد مير امام بخش خان ٽالپر سان نه، جيئن مرحوم عطا محمد حامي ۽ نسيم امروهيءَ لکيو آهي، پر مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو بي تحاشه ۽ لامحدود اختيارن واري فرعوني دماغ ۽ سوچ رکندڙ حڪومت برطانيا جي مقرر ڪيل هڪ انگريز آفيسر “ٽائٽن” سان هيو. مٿين ٻنهي صاحبن اهو به غلط لکيو آهي ته مير صاحب هتان ڪاوڙجي دهلي ويو هيو، پر ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” خيرپور مان سڌو ڀوپال ويو هيو، ڇاڪاڻ ته ان زماني جي برطانوي حڪومت جي قانونن پٽاندڙ رياست ڀوپال جو فرمان روا، سڄي برِصغير جي رياستن جي حڪمرانن جو “چانسلر” هيو ۽ ان وقت رياست ڀوپال جي واليءَ جو هوم منسٽر اسرار احمد خان ڪنهن زماني ۾ رياست خيرپور ۾ وزيراعظم رهي چڪو هو. (ڏسو ڪتاب “ناقابل فراموش” از ديوان سنگهه مفتون، صفحو 39).
    اهو به مير علي نواز خان “ناز” جو پنهنجي رياست سان محبت جو هڪ اعليٰ مثال ۽ روشن ثبوت آهي ته رياست خيرپور ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ خاطر رياست جي بااختيار حڪمراني، جنهن جي وات مان نڪتل “الفاظ” قانون جو درجو وٺندا هئا، تن کي ختم ڪري رياست خيرپور ۾ هڪ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو مايه ناز فرزند نفيس ۽ نازڪ انسان، قانون کي سڀني لاءِ هڪ جهڙو سمجهندڙ علامه آءِ آءِ قاضي به مير علي نواز خان “ناز” جي دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ٻڌجي، حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون ڇڏي خيرپور جي ڪاڙهي واري موسم ۾ رياست جي هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ چيف جسٽس ۽ هوم منسٽر بڻيو هو. نسيم امروهيءَ جهڙي متعصب تاريخ نويس جتي انڊيا مان لڏي ايندڙن “نالي ۾ نِهال” عام ماڻهن جو ذڪر به پنهنجي ڪتاب “تاريخ خيرپور” ۾ وڏي طمطراق سان ڪيو آهي، اتي سنڌ جي هن قابل ترين فرزند علامه آءِ آءِ قاضي جو صرف نالو لکي ذڪر ڪري ٿو.
    اڄ به خيرپور شهر ۾ مير صاحبن جي ٺهرايل بادشاهي محلات جي ڀرسان گذرندي مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر واري شاندار ماضيءَ کي ياد ڪندي فارسي زبان جو هِيءُ شعر بي اختيار منهنجي چپن تي پاڻ هرتو اچي ويندو آهي ته:
    دَر حريم بزم مستان، دَورِ صُبح وَ شام نيست،
    گردش جام است، اين جا گردش ايــــام نيـــســـت.
    (ترجمو: مستن جي حرم واري محفل ۾ سندن صبح ۽ شام به نه رهيا، هتي مئه جي پيالن جي ته چرپر آهي پر سندن شاندار ماضيءَ وارن ڏهاڙن جي ڦير گهير ناهي.)
    افسوس! جو هتي گردشِ ايام ته ڇا پر گردشِ جام به ڪونهي. بادشاهي محلات جا دَر دروازا، اڱڻ، شاهي ڪمرا ائين گونگا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن، جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان رياست خيرپور جي ميرن واري صاحبيءَ جو يادگار ڪوٽ وارو بنگلو اداس، خاموش ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي دور تي نوحه خوان آهي. مومل راڻي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون کي ته شاهه جهڙو شاعر ملي ويو. پر افسوس! جو مير صاحب جي قرباني، برطانيه جي ونڊسر محلات جي مسافر شهنشاهه ايڊورڊ آئين وانگر گهٽ ڪونهي. الائي ڇو مون کي خيرپور شهر جي فيض محل ڀرسان گذرندي محسوس ٿيندو آهي ته اجهو ان محل جي شاهي دروازي مان هز هائينيس مير علي نواز خان “ناز” ٻاهر نڪرندو ۽ آغا حشر قزلباش، مولانا سُها ۽ پير علي محمد راشديءَ جي دروازي تي آجيان ڪندي چوندو ته:
    “هلو! هلو! اندر هلو! اڄ باليءَ جي برٿ ڊي جي خوشيءَ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو اٿم، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجا شعر پڙهندا.”
    پر ان حقيقت ۾ هاڻي ته ڪابه حقيقت ڪا نه رهي آهي. اهو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان ۽ ائين هڪ دفعي اتان گذرندي چشم تصور ۾ ان درهم برهم ٿيل خوبصورت زماني جو خيال آيو ۽ ٿڏي تي ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي سيڪريٽري تاج سروهي ۽ علي گل ملاح مون کي چيو؛ ڪٿي ۽ ڪهڙي نظاري ۾ گم ٿي ويا آهيو؟ ڀر واري هڪ بنگلي مان ڪيسيٽ پليئر تي ڪنهن ڳائڻيءَ جي آواز ۾ قتيل شفائي جا ٻول فضا کي به اداس ڪري رهيا هئا:
    يــي اجنــبــي سـي منــزلين، اور رفـتـگان ڪـي ياد،
    تـنـھـايــون ڪا زھــر ھــي، اور هـــم هيــن دوسـتـو!
    آنکون ۾ اُڙ رهي هي، لٽي محفلون ڪِي دهول،
    عــبــرت ســرا ئي دهـــر هي، اور هم هين دوستو!

    مددي مواد:
    1. مسلم شميم سيڪريٽري بزم ادب لاڙڪاڻو، ظاهر نوري، جواد احمد ۽ مهدي رضويءَ جون لاڙڪاڻي واريون يادون.
    2. “تاريخ خيرپور”، نسيم امروهي، 1955ع.
    3. “ناقابل فراموش”، ديوان سنگهه مفتون، 1957ع.
    4. “ڪليات ناز”، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع.
    5. پير علي محمد راشديءَ سان ذاتي ملاقاتون.
    6. علي احمد بروهي ۽ تاج صحرائيءَ جون ذاتي يادگيريون.

    ***


    • جڏهن “دلگيرَ”، دلگير ٿي لاڙڪاڻي کان موڪلايو

    لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان چمڪندڙ هڪ هيري جو نالو؛ هري دَرياني “دلگير” آهي. ٻه چار ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. آءٌ هري دَرياني دلگير جي لاڙڪاڻي واري پراڻي گهر جي جاءِ (جتي هري درياني دلگير بانبڙا پائي زندگيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم رکيا هئا) وٽان گذرندي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبع پرسي ڪرڻ لاءِ سندس قيام گاهه ڏانهن پئي ويس، ته واٽ تي هڪ دوست مليو. مون تي نظر پوندي ئي چيائين؛ “يار! ڳالهه ٻڌئي؟ هري درياني دلگير به پرلوڪ پڌاري ويو!” وائڙو ٿي پڇيومانس ته؛ “ڪڏهن؟” ٻڌايائين؛ “هاڻي هاڻي ڪي ٽي اين خبر نشر ڪئي آهي.”
    ورهاڱي کان پوءِ سڄي سنڌ وانگر لاڙڪاڻي جا هندو به لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. هري درياني دلگير جا مٽ مائٽ ۽ دوست، کيس لڏڻ جو مشورو ڏيڻ لڳا.
    جواب ۾ هري دلگير چين: “دلگير ته هونءَ ئي آهيان، ويتر ڇو ٿا مون کي دلگير ڪريو! آءٌ لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ۽ لاڙڪاڻي جو شمشان گهاٽ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.”
    چيائونس: “هتي شمشان گهاٽ ئي نه رهندو، ته توکي اگني سنسڪار ڪٿي ڪندا؟”
    وراڻي ڏيندي چيائين: “شمشان گهاٽ هندن جو نه سهي پر باگڙين جو ته هوندو. منهنجو اگني سنسڪار اتي ڪيو ويندو. توهان کي وڃڻو آهي ته وڃو. مان اباڻا ڪک ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ڇڏيندس.”
    ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته هري دلگير، سنڌيءَ کان سواءِ اردوءَ جو به سٺو شاعر هو. ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد دکن مان لڏي ايندڙ هڪ وڪيل، لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي ادارو (1948ع ۾) قائم ڪيو. ان نئين ادبي اداري جو نالو به هري درياني دلگير رکيو. 23 ڊسمبر 1953ع تي سکر ۾ جيڪا ٻه-روزه سنڌي اردو ڪانفرنس ٿي، ته ان جو افتتاح، پاڪستان حڪومت جي ان وقت جي وزير قانون اي ڪي بروهيءَ ڪيو هو ۽ اختتامي اجلاس جي صدارت هري دلگير ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ اردو ٻوليءَ جا چوٽيءَ جا اديب ۽ شاعر، جهڙوڪ مولانا عبدالمجيد سالڪ ۽ شوڪت ٿانوي به شريڪ ٿيا هئا. هن ڪانفرنس جو اهتمام شيخ اياز، آفاق صديقي ۽ شيخ راز ڪيو هو.
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري انساني ٻوڏ ۾، هندستان جي رياست ڀوپال مان حاجي عبدالرزاق نالي ماڻهو، ٻين سان گڏ، لڙهي اچي لاڙڪاڻي پهتو، جتي کيس پوسٽ آفيس ۾ ڊپٽي پوسٽ ماسٽر ڪري رکيو ويو. ان پوسٽ ماسٽر جو وڏو پٽ عبدالرحمان، اڳتي هلي اردو شاعريءَ جو وڏو نالو محسن ڀوپالي بڻجي وڏي شهرت ماڻي. محسن ڀوپاليءَ جا ڪيترا ئي شعر، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ گونجيا. 1954ع ۾ محسن ڀوپالي اين اي ڊي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ڪراچيءَ مان انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي، ته کيس تعميرات کاتي ۾ اوورسيئر جو آرڊر مليو. نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ کانئس ضمانت طلب ڪئي وئي. سندس پيءُ عبدالرزاق پنهنجي طرفان پنهنجي هم زبانن ڏانهن ڊوڙيو. هر هنڌان کيس ٺپ جواب مليو. نوڪريءَ تي چڙهڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ، ڏنل مدو پنهنجي اختتام واري تاريخ ڏانهن پئي وڌيو. محسن ڀوپاليءَ جي دل سست ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن شام جو، لاڙڪاڻي جي مشهور سيئو چوڪ (هاڻي پاڪستان چوڪ) تي محسن ڀوپاليءَ جي اوچتو هري دلگير سان ملاقات ٿي. ٻئي بزم ادب جا ميمبر هئا. ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي ڏيٺ وائٺ ۽ گهرائپ هئي. محسن ڀوپاليءَ جو لٿل چهرو ڏسي، هري دلگير کانئس ماجرا پڇي. محسن ڀوپاليءَ کيس سڄو قصو ٻڌايو، جيڪو ٻڌندي ئي نرم دل، دلگير جي دل ڀڄي پئي ۽ چيائينس: “ان ۾ فڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ دستاويز/بانڊ ڪٿي آهن؟ مان هاڻي ٿو صحيح ڪري ڏيانءِ.”
    محسن ڀوپالي چيس: “ان دستاويز ۾ هڪ ڏاڍو ڏکيو شرط آهي. ان ڪري ئي هرڪو پيو نٽائي.”
    هري دلگير چيس: “ڀلا ڪو خالي ڪاغذ ئي کڻي اچ، ته آءٌ ان تي صحيح ڪريان. پني تي مرضيءَ سان عبارت لکي ڇڏجانءِ.”
    محسن ڀوپاليءَ جي چوڻ مطابق: “جنهن وقت هري دلگير ڳالهائي رهيو هو، ان وقت مون کي پاڻ ئي اعتبار نه پئي آيو. خوشيءَ ۽ بي اعتباريءَ جي گاڏڙ ڪيفيت محسوس ڪندي، پاڻ کي چهنڊڙي پائي چيم: ‘هي جاڳ آهي يا ڪو خواب آهي؟’ هي هندو جيڪو منهنجي آڏو بيٺو آهي، سو انسان جي روپ ۾ ڪو نيڪيءَ جو فرشتو آهي يا نيڪيءَ جي فرشتي جي روپ ۾ انسان.”
    محسن ڀوپالي پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙيو ۽ بنا دير اهو دستاويز/بانڊکڻي،پنهنجيوالد سان گڏ، سيئو چوڪ تي آيو. نماڻو هري دلگير، ساڳئي هنڌ تي، سندس منتظر ٿيو بيٺو هو. تڙ تڪڙ ۾، هريءَ اکيون ٻوٽي، ان بانڊ/دستاويز تي، پنهنجي ضامن طور صحيح ڪري ڇڏي.
    محسن ڀوپالي حال حيات آهي. نوڪريءَ تان رٽائر ٿي چڪو آهي. ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. پنهنجيءَ رهائش گاهه تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هر ماڻهوءَ سان ملاقات دوران، اکين ۾ آب آڻي، اها ڳالهه بار بار ورجائي چوندو آهي: “هري دلگير جو اهو ٿورو ڪو ٿورو ناهي. منهنجي دل جي بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ سندس احسان ۽ ٿورو، وياج سميت چڙهندو رهي ٿو. قرض ڏيڻ ۽ وياج وصول ڪرڻ وارو ته سرحد پار رهي ٿو.”
    لاڙڪاڻي جي حالت اهڙي موڙ تي اچي بيٺي، جو هري واقعي دلگير ٿي پيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ وطن کي نه ڇڏڻ جا جيڪي پاڻ سان ۽ مائٽن سان وچن ڪيا هئائين، انهن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. 1958ع ۾ هڪ ڏينهن هو، لاڙڪاڻي جي بندر روڊ سان ڳنڍيل گهٽي، رضويه اسٽريٽ، جي آخري ڇيڙي وٽ ٺهيل بزم ادب جي عمارت ۾ موڳائپ، ملول دل ۽ ذهن سميت داخل ٿيو. بزم جي صدر ۽ سنڌ جي وڏي اديب سان سور سليندي چيائين: “چل چلائو جو زمانو اچي ويو آهي. مرڻ کان اڳ ڪنهن ڌارئي ديس ڏانهن اڏرڻ لاءِ پر ساهيا اٿم.”
    سڀني کيس منع ڪئي، ته چيائين: “ڪنهن جي دل لاڙڪاڻي ۽ سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ چوي ٿي؟ سنڌ ته رڳ رڳ ۾ واسيل آهي. پر حالتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو وڌيڪ هتي رهي نه ٿو سگهان.”
    ٻئي ڏينهن تي بزم ادب لاڙڪاڻو طرفان، سندس اعزاز ۾ الوداعي دعوت ڪئي وئي. الوداعي تقرير ڪندي شروعات ڪنهن اردو شاعر جي هن شعر سان ڪيائين:
    خير تو ساقي سهي ليڪن پلائي گا ڪسي؟
    اب نه وه ميڪش رهي باقي، نه وه مـــئـــخانه.
    تقرير جي پڄاڻيءَ وقت چيائين: “يار! مان دلگير آهيان. لڳي ٿو ته ڄڻ بت مان ساهه ست ڇڏائبو ٿو وڃي. هاڻي مان پنهنجي تقرير کي اڳتي وڌائي به نه سگهندس.”
    پوءِ ڀٽائيءَ سرڪار جي هيءَ سٽ پڙهي روئي ويٺو:
    هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.
    ڪانپور، يوپي انڊيا مان ورهاڱي وقت لڏي لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ وارو عسڪري حسين به سن ستر واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ ڪانپور ويو. هڪ رات جو دير سان ڪانپور جي مشهور ڦول باغ جي ٻاهران گهمندي روڊ تي هري دلگير تي نظر پيس، جيڪو الائي ڪهڙين سوچن ۾، ڪنهن گيان ۾ گم، پنهنجي منهن ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. عسڪري حسين سنڌيءَ ۾ کيس سڏ ڪيو. هري دلگير وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو. تيستائين عسڪري حسين به وڌي وڃي ڀرسان بيٺس. اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪيفيت سان، اکيون کڻي پڇيائينس: “تون عسڪري مهاجر، لاڙڪاڻي وارو ته ناهين؟ مان به چوان ته هتي اترادي ۽ لاڙڪاڻي جي مخصوص لهجي ۾ ڪير ٿو مون کي سڏ ڪري؟” عسڪري حسين کان وڌيڪ پڇيائين: “لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن جو پراڻو پليٽ فارم ياد آهي. خبر ناهي ته ان پليٽ فارم تي اهو نم جو وڻ اڃا بيٺو آهي يا نه، جنهن جي ڇانوَ ۾ مون هيڏانهن اچڻ لاءِ، ٽيڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ جي اچڻ جو، دلگيرُ ٿي انتظار ڪيو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته منهنجي موڳي دل، ڪيئن گائون مائون ٿيڻ لڳي هئي! اها منهنجي زندگيءَ جي آخري ڇانوَ هئي. باقي سڄي عمر ته نٽهڻ اُس ۾ رلي ٿڪجي پيو آهيان.”
    عسڪري حسين پڇيس: “تون هتي ڪيئن؟ تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟ دهليءَ ۾ يا اڌي پور ۾؟”
    دلگير جواب ۾ چيس: “منهنجو گهر الائي ڪٿي آهي؟ پر منهنجو گهر ته لاڙڪاڻي ۾ آهي.” راتين جي رولاڪ ۽ بي چين دلگير جي خبر ناهي ڪهڙي گهر مان ارٿي کنئي وئي هوندي! الائي ڪهڙي شمشان گهاٽ ۾ سندس ڪرياڪرم ٿيو هوندو؟ هنن اکرن لکڻ وقت سندس پڳڙيون به ٿي ويون هونديون. پاڻ ئي ته پنهنجي جيئري چوندو هو: “زندهه لاش دلگير جي روپ ۾ ڦري رهيو آهي.” دلگير جون پڳڙيون ته ان ڏينهن ٿي ويون هيون، جنھن ڏينهن، هن لاڙڪاڻي مان لڏيو هو.
    ***


    • “پکڙا ۽ پنهوار” وارو ‘ گَدائي’

    ماضيءَ جي يادن جا نقش، زندگيءَ جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر عزيز اڌ صديءَ کان به تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي، اُهو سال 1968ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام زمانه “ون يونٽ” جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان “ون يونٽ” ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري پوندو ۽ سنڌ صوبو 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت، پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو، جيڪا کيس ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.
    پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه ورهيه پوءِ، اسان جي حيدرآباد ۾ رسالو “روح رهاڻ” ٻيو جنم وٺي، سنڌ جي هڪ اڀرندڙ نوجوان اديب حميد سنڌيءَ جي نگراني ۾ شايع ٿيڻ لڳو هو. ان کان اڳ ۾ 1922ع ۾ پڻ “روح رهاڻ” رسالو حيدرآباد سنڌ مان سنڌ جي هڪ نامور اديب ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي، يعني ٽن سالن کان پوءِ، ان ادارت ۾ ڪاڪي گلراجاڻيءَ سان سنڌي ادب جي هڪ وڏي محسن مرزا قليچ بيگ جو فرزند مرزا نادربيگپڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هو. ورهاڱي کان اڳ واري “روح رهاڻ” جي پيشانيءَ تي علم الاهي ۽ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت لکيل هوندو هو:
    پيهي جـــان پـــاڻ ۾، ڪيــم ‘روح رهــــــــاڻ’،
    نه ڪي ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهــون ٿيـــــس پــاڻ، سسئي تان سـور هــوا.
    قدرت واري جا پنهنجا لقاءَ آهن! سندس حڪمت کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ ڀلا زماني ۾ ڪنهن کي اها ڄاڻ هئي ته رسالي ‘روح رهاڻ’ جو اهتمام ۽ بندوبست ڪندڙ ۽ وقتي حڪومت جي نظرن ۾ آيل نوجوان حميدسنڌياڳتيهليسنڌيونيورسٽيءَجوڪنٽرولرآفاگزيمس، ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ اتر سنڌ جي پهرين يونيورسٽيءَ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر بڻبو؟!
    حميد سنڌيءَ جي ڪوٺايل ان جشن ‘روح رهاڻ’ (1968ع) ۾ حيدرآباد جي بسنت هال ۾ نه رڳو سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ حيدرآباد شهر ۽ ان جي پسگردائي جي ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پر سڄي سنڌ مان کوڙ اسان پارا، ان زماني جي ڪاليجن جا شاگرد به ٻين وانگر لاڙڪاڻي مان سيڙجي جشن ‘روح رهاڻ’ ڏسڻ ويا هئاسون. مون سان گڏ رسول بخش سولنگيءَ (بعد ۾ پروفيسر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال) کان علاوه منهنجو همراز/همرفيق/ادبي محفلن ۽ راڳ رنگ ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي جيري لاءِ ٻڪري نه، پر اُٺ ڪهندڙ دوست مرحوم نذير احمد پيرزادو به ساڻ هو. بسنت هال جو نظارو ڪنهن خوبصورت خيال ۽ خواب جيان لڳي رهيو هو. هال ۾ اندر مختلف شهرن کان آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چهرن تي جشن جي حوالي سان ڇا ته سرهائي ۽ سهائي هئي! اصل ٻهه ٻهه پئي ٻريا. منهنجي آڏو واري قطار ۾ هڪ تکن نقش واري مهمان به هئي، جنهن جا مهانڊا انڊين اداڪاره نرگس جهڙا هئا ۽ سندس نالو خوشبو (سندس نالي جي هم معنيٰ) هو. اهو به سندس ڪنهن ساهيڙيءَ جي واتان بار بار اُچارجڻ ڪري معلوم ٿيو هو. ڇا ته سندس گهاٽا، وڏا ڪارا ڀنڀا وار هيا جيڪي سندس رئي ۾ نه پئي ماپيا! ان نظاري کي ڏٺي ورهيه گذري ويا. بقول ڀٽائي:
    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙا پرين.
    جشن روح رهاڻ جو نظارو مون کي هڪ سچي خواب جيان ياد آهي، ته ان جشن ۾ ڪيئن هڪ پير مرد (عبدالڪريم گدائي) خاص طور تي جيڪب آباد کان جشن ‘روح رهاڻ’ ۾ پنهنجي هڙ جي آسري حصو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو هو.
    سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان (4 مارچ 1967ع تي)، جيڪب آباد ۾ 1960ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور رهندڙ ۽ 1967ع ۾ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر رهندڙ، هڪ ڪوتاه قد ۽ بي رحم شخص، مسرور حسن جي حڪمن تي گولين جي مينهن وسڻ کي مشڪل سان سال گذريو هو ۽ سنڌين جا زخم ۽ ماتم، اڃا نوان ۽ تازا هئا.
    ٻوليءَ خاطر شهيد ٿي ويل ڳڀرو شاگردن جي والدين جي دلين مان اڃا سندن پٿر (تڏو) به ڪو نه کنيو ويو هو. اهڙي سمي ۾ چاچو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تي آيو ۽ پنهنجو گيت/نظم بعنوان “پکڙا ۽ پنهوار” پڙهندي جڏهن هنن مصرعن تي آيو:
    مَاءُ مــــٺــــيءَ جون لــــوليــــــون ســــــاڳيـــــــ‎ون،
    ٻـــولــــيءَ خاطـــــــــر گـــــــــوليــــــون ساڳيــــــون.
    سوريءَ جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!

    ڇال ڏئــــــــــــي اڄ جاڳيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ڇورا،
    ڪـــــــوٽ ڪــــــــنــــــدا ســـــي ڀــــــورا ڀـــــــــــورا،
    سورهيه سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيـا ڙي!
    ته سامعين کيس انهن مصرعن کان اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه پئي ڏنو.
    جشن ۾ شريڪ ٿيندڙن کان اهو نظارو ڪيئن وسريو هوندو ته جڏهن شاگردن ۽ شاگردياڻين، “واهه واهه!”، “ٻيهر چئه!”، “ٻيهر چئه!” جا اُڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻي تاڙيون وڄايون هيون. تڏهن شاعر (عبدالڪريم گدائي) اسٽيج تي روئي ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي دردمند دليون رکندڙ سامعين جي اکين جا بند پڻ ڀڄي پيا هيا. ان ڳالهه کي ورئي ڪجهه ورهيه ٿي ويا.
    لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو، جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي جڏهن شعر پڙهڻ آيو، تڏهن هن غريب شاعر جا ڏند، ڪنهن بي قدر ۽ بي وفا محبوبا جيان، سندس ساٿ ڇڏي چڪا هيا ۽ رعشو (Parkinson) هئڻ ڪري سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا. ان وقت مون کي سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر استاد بخاريءَ جو هي شعر ياد پيو هو:
    پــــــــــوڙهــــو ماڻهـو، ڏڪــــنــــدڙ هــــٿ،
    بيهاري پارو، مان بي چين اَلا جي اهڙو.
    ٽيون دفعو مون عبدالڪريم گدائيءَ کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي نئين ديري واري بنگلي تي، مرحوم سردار پير بخش ڀُٽي سان ويٺل ڏٺو. تن ڏينهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي همشيره ممتاز بيگم لاهور ۾ وفات ڪري وئي هئي ۽ ڀُٽي صاحب سندس ميت کڻائي اچي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرائي هئي. ان ڪري تڏو به نئين ديري واري بنگلي ۾ وڇايو ويو هو. چاچو عبدالڪريم گدائي ان سلسلي ۾ سردار پير بخش خان ڀُٽي سان عذرخواهي ڪرڻ لاءِ آيو هو. سردار پير بخش ڀُٽي جو هڪ تعلق ضلع جيڪب آباد سان به رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس زمينون ڳوٺ “دودا پور”، تعلقو ڳڙهي خيرو، ضلع جيڪب آباد ۾ هيون ۽ اڃا تائين آهن.
    منهنجي چوٿين غائبانه ملاقات، چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان، 1980ع ۾ سندس مُئي پُڄاڻان ٿي، جڏهن سندس ننڍپڻ جي هڪ دوست شڪارپور جي رهواسي ۽ انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جي مالڪ ۽ ليکڪ سرڳواسي لوڪرام ڏوڏيجا پُوني انڊيا مان هڪ ڪتاب “سڪارٿو سفر” (جپان، هانگ ڪانگ، سينگاپور، ٿائلينڊ ۽ فلپائين جو سفرنامو) شايع ڪيو هو. پنهنجي ڪتاب جي مُهڙ ۾ “ڪتاب جو مقصد” نالي سان سندس مقدمو لکيل آهي، جنهن ۾ موجوده هندستان جي حالتن جو ذڪر ڪندي ڪاڪو لوڪرام ڏوڏيجا، صفحي 8 تي، پنهنجي ننڍپڻ جي يار عبدالڪريم گدائيءَ کي هن طرح ياد ڪري ٿو:
    “بيروزگاري، پاس خاطري، رشوت ۽ اسٽرائيڪن ملڪ کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. چوڌاري آ رات انڌيري، اوندهه ڪاري... ملڪ جو ڪو ‘اوهي واهي’ ڪونهي. خود غرضي، نفرت ۽ ڪلفت جي باهه ۾ ڀارت ‘ڀسم’ ٿي رهيو آهي. ان وقت پنهنجي ننڍپڻ جي ‘يار’ عبدالڪريم گدائي جي هڪ التجا ٿي ياد اچي:
    هن سـڙنـدڙ ٻـرندڙ ڌرتي تـي، ڪا رحـمت جي برسـات ٿئي،
    ڪو سُک جو سج اُڀري يـارو، ڪا امن سڪون جي رات ٿئي،
    اڄ پيار جي ساگر مان ساٿي، ڪي پريت جي مئه جا جام ڀريون،
    هن پيار جي پياسي دُنيا ۾، اڄ رسمِ محبت عام ڪريـون.
    چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان منهنجي پنجين ملاقات به لاڙڪاڻي جي باڪمال شاعر ۽ انسان دوست هري “دلگير” جي ڪتاب “چولو منهنجي چڪ ۾” جي ذريعي سان ٿي. هري دلگير جو هي ڪتاب سنڌ جي ڄاتل سڃاتل اديب ناز سنائيءَ پهريون دفعو سنڌ ۾ 1990ع ڌاري سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان شايع ڪيو هو.
    سرڳواسي هري “دلگير” پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 65 تي پنهنجون ياديون ساريندي لکي ٿو:
    “شڪارپور ۾ رحيم بخش سومرو منهنجو دوست، جو ٺيڪيدار هو ۽ منهنجي هوندي ئي وزير ٿيو. فيض محمد سومرو (ٺيڪيدار) به دلبر دوست هو. سندس اوطاق لکي در جي ايراضيءَ ۾ هئي. جيڪب آباد ۾ برڪت علي آزاد ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي صحبت نصيب ٿيندي هئي.”
    20 ڊسمبر 1971ع تي جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو صدر بڻيو ته سندس حڪومت کي عوامي راڄ سڏيو ويو. عوامي دور کي ڏسي، سنڌ جي هن عوامي شاعر (گدائي) پنهنجي نظم ۾ بي اختيار چئي ڏنو:
    مــبــارڪـبــاد جــو هـــن ديــــس ۾ جمــهــوريــت آئــي،
    ذوالــفــقــار علــي کــي اڄ ڏيــن ٿــا، وڻ بـه تـه واڌائي.

    “صـــدر ڀــٽـــو” وري هـن قــــوم جـــو، اڳواڻ ٿــي آيـو،
    انــڌيــري رات ۾ هُــو چنــڊ جــي، چــانــڊاڻ ٿـــي آيـــــو.
    فلق تي هڪ نئين سـج جي، اهو ڳاڙهــــاڻ ٿـــي آيـــو.
    عوامــي راڄ جـــــي هــــن ســــاٿ جـو، سرواڻ ٿي آيـو.
    مٽايو جنهن اچي هت مارشل لا جــي نــشـــانــن کــي،
    زبان بخشي وري جنهـن ديس وارن بــي زبانــن کي.
    مرحوم عبدالڪريم گدائيءَ جو پهريون شعري مجموعو “ساڻيهه جا سور” 1965ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان جي اديبن تي مشتمل، خالص ادبي تنظيم “رائٽرس گلڊ” انعامي ڪتاب قرار ڏئي، کيس هڪ هزار رپيا روڪ پڻ انعام طور ڏنو هئو.
    رائٽرس گلڊ جو ريجنل سيڪريٽري ۽ سنڌي اردو اديبن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل طور سڃاڻپ رکندڙ سائين آفاق صديقي، پنهنجي آتم ڪهاڻي “صبح ڪرنا شام ڪا” جي نالي سان لکي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي عوامي شاعر “گدائيءَ” جو ڪيترين جاين تي ذڪر ڪيو آهي. مثلاً سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 48 تي لکي ٿو:
    “اپريل 1950ع ۾ هم ني اردو سنڌي ڪانفرنس ڪا انعقاد ڪيا، جس ۾ بابائي اردو مولوي عبدالحق، پير حسام الدين راشدي، حڪيم اسرار احمد ڪريمي، اُستاد قمر جلالوي، عبدالڪريم گدائي، سيد اظهر گيلاني، شيخ ‘راز’ اور اندرون سنڌ ڪي ڪئي دوسري اهل ادب ني شرڪت ڪي.”
    اهڙيءَ طرح 23 ڊسمبر 1953ع تي آفاق صديقيءَ شيخ ‘اياز’، رشيد ڀَٽي، ۽ شيخ ‘راز’ جي ذاتي ڪوششن سان، سکر ۾ هڪ وڏي عظيم الشان “سنڌي ادبي ڪانفرنس” ڪوٺائي هئي، جنهن جي آخري اجلاس جي صدارت لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر هري “دلگير” درياني ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي شاعرن ۾ سڀ کان اول آفاق صديقي، اسان جي عوامي شاعر “گدائي” جو نالو کڻي ۽ لکي ٿو. هن ڪانفرنس جي تفصيلي روئيداد ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ نج ادبي رسالي ماهوار “افڪار” جي جنوري 1954ع واري شماري ۾ ڏنل آهي.
    رائٽرس گلڊ جو وجود 1959ع ۾ پيو ۽ عبدالڪريم “گدائي” شروعاتي سال ۾ ان جو ميمبر بڻيو. سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي 61 تي لکي ٿو:
    “سنڌي اراڪين ڪي متفق فيصلي سي ريجن ڪا سيڪريٽري منتخب هُوا! اور دس برس تڪ بلا مقابله منتخب هوتا رها. شيخ اياز، مولائي شيدائي، شيخ ‘راز’، رشيد ڀٽي، عبدالڪريم گدائي اور ڪئي دوسري اهلِ قلم ڪي تعاون سي سکر سب ريجن ني گلڊ ڪي وقار ڪو چار چاند لگا ديئي.”
    سائين آفاق صديقي جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل مشاعرن جو ذڪر ڪندي هڪ دفعو ٻيهر عبدالڪريم “گدائي” جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٿيل مشاعرن بابت صفحي 55 تي لکي ٿو:
    “سکر ۾ هم ني انجمن فروغ ادب ڪي زير اهتمام جو بڙي بڙي مشاعري منعقد ڪيئي ان ڪا اثر آس پاس ڪي شهرون پر ڀي پڙا. مثلاً ڪنڌڪوٽ جيسي دُور افتاده قصبي ۾ سنڌي اور اردو مشاعرون ني بين اللساني مشاعرون ڪو ڪامياب بنايا. جيڪب آباد ۾ نگهت عارف، عبدالڪريم گدائي، ڪاظمي اور ذڪي خان ني ادبي ڪانفرنسوناورڪلپاڪستانمشاعرونڪيفضاپيداڪي.”
    اهو آفاق صديقي ئي هيو جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، رائٽرس گلڊ جي پليٽ فارم تان عبدالڪريم گدائيءَ لاءِ تاحيات ماهوار هڪ سؤ رُپيا وظيفو مقرر ڪرايو هو.
    هڪ دفعي سائين آفاق صديقيءَ پنهنجي بفر زون ڪراچيءَ واريرهائشگاههتي ڪچهري ڪندي هڪ وڏي اهم ڳالهه هن طرح ڪئي:
    “رائٽرس گلڊ جي عُروج وارو زمانو هو. اسان سان گڏ اوڀر پاڪستان جا چُونڊ اديب ۽ شاعر به رائيٽرس گلڊ جا ميمبر هُيا. انهن ۾ بنگالي ميمبرن منجهان هڪ ڪوي جسيم الدين به هو. ڪوي جسيم الدين جي طبيعت اهڙي هئي جو هُو ڪنهن به انسان جي احساسن کي زخمي ٿيندو ڏسي مغموم ۽ ملول ٿي ويندو هو. ڪوي جسيم الدين سنڌي ٻوليءَ جي عوامي شاعر ‘گدائيءَ’ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي چيو ته؛ ‘ان حقيقت جي باوجود جو آئون سنڌي ڪونه ڄاڻان ۽ نه ڪي سمجهه ۾ ايندي اٿم پر جڏهن هي پير مرد پر جوان دل رکندڙ شاعر ‘گدائي’ پنهنجو شعر ۽ ڪلام پڙهي ٿو ته سندس ڪلام جي روشنيءَ جو اولڙو سندس چهري کي جيڪا رونق بخشي ٿو، اهو ڏسي آءٌ محسوس ڪندو آهيان ته سندس ڪلام ڪيترو نه پُر اثر ۽ پرتاثير هوندو آهي.’“
    “گدائي” پنهنجي دؤر ۽ وقت جو پهريون عوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي هم عمر ۽ هم عصر شاعرن جي وچ ۾ ويهي جيڪا شاعري ڪئي ۽ پنهنجي دؤر جي شاعرن کان هٽي زندگيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن جي باري ۾ سوچيو، غور ۽ فڪر ڪيو، زياده انداز ۾ محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ انهن کي لفظن جو روپ ڏئي، پنهنجي شاعري کي نواڻ ڏيندي، حقيقي معنائن ۾ عوامي شاعري ڪئي. گدائيءَ مظلوم، پيڙيل طبقي ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪئي. سندس شخصيت ۽ شاعريءَ جي باري ۾ سنڌ جو عوامي شاعر مرحوم نياز همايوني”گوندر گذاريو ڪاپڙي” ۾ هيئن راءِ زن آهي:
    “محترم عبدالڪريم ‘گدائي’ منهنجو همعصر شاعر آهي. هن بزرگ سنڌي شاعريءَ کي عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن، تن جي عيوض کيس ‘رومانوي’ شاعر، ‘عوامي’ شاعر، ‘قومي’ ۽ ‘انقلابي’ شاعر جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي درد کي وطن جي حب ۾ شامل ڪري، پنهنجي صداقت جو ثبوت ڏنو آهي، تنهن نعمت کان ته اسان جا پُراڻا شاعر اڃا تائين محروم آهن. اسان کي هن جهوني جوڳيءَ جي جوان خلوص تي سدائين فخر رهندو.”
    ڪهڙو شاعر آهي جنهن جي دل ڪنهن سان نه اٽڪي ۽ ڦاٿي هجي؟! ڪهڙي دل آهي، جنهن جو لنگهه، پيار جي گس تان نه ٿيو هجي؟! ڪهڙي دل آهي جنهن پيار جو پاسو ڏٺو ئي نه هجي؟! اهڙيءَ طرح چاچو گدائي به پنهنجي دل سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره ۽ رسيلي آواز جي ملڪه ۽ مالڪا مائي الهه رکيءَ سان اٽڪائي ۽ ڦاسائي ويٺو ۽ گدائيءَ جي الهه رکيءَ سان راز و نياز ۽ محبت جي ڳالهه ته اڃا تائين سنڌ جي جهونن ماڻهن جي واتان ڪُوڙين ڪنين ٻڌجي پئي. شايد مائي الهه رکي به پنهنجي پيار کي دوام بخشڻ لاءِ، يادگار رکڻ خاطر ‘گدائيءَ’ جا ڪلام ڳائيندي هئي.
    عبدالڪريم گدائيءَ جي تصنيف “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين”، ضلع جيڪب آباد متعلق اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. ڪتاب پڙهڻ وقت عبدالڪريم گدائيءَ کي جس ڏيڻو پوي ٿو ته کيس ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيڏي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي. تنهن هوندي به مذڪوره ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا اڻ پُورا ۽ اڌورا محسوس ٿين ٿا. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    (1) جيڪب آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ مرحوم محمد امين کوسي بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪا نه ڏني وئي آهي. گدائيءَ جي معلومات کان ته سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب غلام رباني آگري جي ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا” حصي ٻئي ۾ وڌيڪ معلومات ڏنل آهي. مرحوم محمد امين کوسو، زميندار ۽ سـياستدانهجڻسانگڏهڪ قلمڪار به هو. ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
    (2) مرحوم گدائي پنهنجي ڪتاب صفحي 34 تي “ابتدائي تعليمي ادارا” جي عنوان سان جيڪب آباد شهر جي درس گاهن جو ذڪر ڪري ٿو جن ۾ اردو پرائمري اسڪولن ۾ “حميديه” پرائمري اسڪول جو ذڪر ڪري ٿو. (حميديه هاڻي گرلس هاءِ اسڪول آهي). مرحوم گدائي اهو ڪو نه لکيو آهي ته هن اسڪول تي “حميديه” نالو ڪيئن پيو؟ حقيقت هيءَ آهي ته 48-1947ع ۾ جيڪب آباد ضلعي جو ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) مرحوم عبدالحميد خان ٿي آيو. مرحوم عبدالحميد خان جو لاڙو تعليمي ادارن ڏانهن ججهي انداز ۾ هو. سندس تعلق هندوستان جي مسلم ڀوپال سان هو ۽ والي رياست هِز هائينيس نواب حميدالله خان ڀوپال جي نالي پٺيان اسڪول جو نالو حميديه رکيائين. اهو ساڳيو عبدالحميد خان، جڏهن “ون يونٽ” جي دؤر ۾ خيرپور ڊويزن جو ڪمشنر ٿي آيو، تڏهن پراڻي سکر ۾ ٽڪري تي اڏيل اسلاميه ڪاليج جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ وڏو Interestورتو هئائين.
    (3) “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” جي صفحي 64 تي هڪ ابهام واري ڳالهه لکيل آهي: “سال 1963ع ۾ ٺُل ۽ جيڪب آباد تعلقن جي صوبائي اسميبليءَ جي ضمني چُونڊ ۾ خان صاحب سردار خان جي مقابلي ۾ احمد ميان سومرو مغربي پاڪستان اسيمبلي تي ميمبر چونڊيو ويو جيڪا جاءِ اوستي در محمد جي صوبائي وزير ٿيڻ سان خالي ٿي هئي.” هتي سوال اُڀري ٿو ته اوستو دُر محمد جڏهن صوبائي وزير مقرر ٿيو، ته پوءِ سندس اسميبليءَ جي سيٽ ڇو خالي ٿي؟ وزارت جو اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏڻ سان ڪهڙو تعلق.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته 1962ع ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان جڏهن ملڪ کي نئون آئين ڏنو، ته اُن آئين ۾ هڪ شِقِ هيءَ به هئي ته جيڪو به اسيمبلي ميمبر (صوبائي چاهي قومي) وزير ٿيڻ چاهيندو ته اُهو اسيمبليءَ جو ميمبر نه رهندو. وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي اسميبليءَ واري سيٽ ڇڏڻي پوندي. انهي قانون هيٺ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي 1963ع ۾ پنهنجي نئين ديري-لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪئي هئي، ڇو جو هُو به ايوب خان جي ڪابينا جو اهم ميمبر هو. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي خالي ڪيل سيٽ تي سردار پير بخش ڀٽو مرحوم قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
    (4) مذڪوره ڪتاب جي صفحي 66 تي لکيل آهي: ضلع جون اُهيشخصيتونجيڪيسنڌ ۽ مغربي پاڪستان گورنمينٽ ۾ وزير هيون:
    (1) مرحوم شهيد الله بخش سومرو
    (2) ڊاڪٽر هيمنداس
    (3) حاجي مولا بخش سومرو
    (4) مسٽر دُر محمد اوستو
    پهرين ڳالهه ته مرحوم کي شهيد ۽ شهيد کي مرحوم لکڻ، ڪجهه عجيب لڳي ٿو. پر شهيد الله بخش سومرو ته پاڪستان ٺهڻ کان به اٽڪل 10-9 سال اڳ سنڌ جو پهريون وزيراعظم هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ۽ پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ 1955ع تائين صوبن جي مکيه وزيرن کي وزير اعليٰ نه، پر وزيراعظم چيو ويندو هو. 1955ع کان پوءِ جڏهن ون يونٽ ٺهيو ته صوبي مغربي پاڪستان جي مُک وزير کي وزيراعليٰ چيو ويو. بهرحال شهيد الله بخش سومرو، سنڌ حڪومت ۾ رڳو وزير ڪو نه هو، جيئن مذڪوره ڪتاب ۾ لکيل آهي.
    اهڙيءَ طرح مولا بخش سومرو صاحب صوبائي وزارت کان سواءِ مرڪزي وزير به رهيو هو. اُن ڪري سندس مرڪزي وزارت جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
    (5) جيڪب آباد ۾ سال 1951ع ۾ بزمِ ادب طرفان “13-سنڌي ادبي ڪانفرنس” منعقد ٿي هئي جنهن جو ذڪر مذڪوره ڪتاب جي صفحي 71 تي آهي:
    “هن بزم (بزم ادب) جو عظيم ۽ زنده جاويد ڪارنامو جيڪب آباد ۾ منعقد ڪرايل جميعت الشعراءِ سنڌ جي، 13-سنڌي ادبي ڪانفرنس آهي... جيڪب آباد جهڙي خشڪ سر زمين تي هن عظيم ۽ عاليشان دو روزه ڪانفرنس جو انعقاد جنهن ۾ ساري سنڌ مان آيل چوٽيءَ جا اديب، مورخ، دانشور ۽ شعراءِ ڪلام شريڪ ٿيا.” ڊاڪٽر دائود پوٽي کان وٺي مولائي شيدائيءَ تائين ۽ رشيد لاشاريءَ کان وٺي منظور نقويءَ تائين نالا ڏنا ويا آهن. مصنف فقط مشهور ۽ وڏن ماڻهن جا نالا ڏنا آهن، حالانڪ انهيءَ مشاعري ۾ نالي وارا شاعر جناب سيد احسن الهاشمي، مشهور رنگين ڪلام شاعر “استاد” بخاري به شريڪ ٿيا هئا. هڪ دفعي “اُستاد” بخاريءَ مون کي جيڪب آباد واري انهيءَ مشاعري جي روئيداد ٻڌائيندي چيو هو ته “اهو مشاعرو منهنجي شاعراڻي زندگيءَ جو اُن ڪري به يادگار آهي ته مان اُن مشاعري ۾ پهريون ڀيرو شريڪ ٿيو هوس. الهڙ جواني هئي ۽ پهريون دفعو وڏن شاعرن جي روبرو ۽ موجودگيءَ ۾ شعر پڙهڻ جي تصور سان ئي دل گاؤن مائون ٿيڻ لڳي هئي. جڏهن احسن الهاشميءَ شعر پڙهيو ته ڇا ته کيس داد مليو هو! سيد احسن الهاشميءَ کي ٻڌندڙن طرفان ملندڙ داد ڏسي دل ۾ چيم ته ٺهيو مان شعر ڪو نه پڙهندم. شاعر ته ههڙو! ههڙي شاعري ٻڌي، مان واري شاعريءَ کي ڪير ‘داد’ ڏيندو؟ مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته اڄوڪي رات خير سان گذري. مان شاعريءَ کان بنهه بانءِ ڪئي. جڏهن مون اسٽيجتي ترنم سان شعر پڙهيو ته ڪجهه ‘داد’ مليو. ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ اٿئي نذير صاحب! ته ان مشاعري ۾ سيد احسن الهاشميءَ کان وڌيڪ نه ته ڪنهن جو شعر لڳو هو، نه ڪو ڪنهن کي ايترو داد مليو هو.” مذڪوره مشاعري ۾ نواز علي نياز جعفري ۽ هري درياني “دلگير” پڻ لاڙڪاڻي مان ڪهي ويا هئا. مٿين شاعرن جو ذڪر نه ڪرڻ دل کي ڪجهه کُٽڪي ٿو.
    ساڳيءَ طرح 15 آگسٽ 1962ع تي جشن آزاديءَ جي موقعي تي جيڪب آباد ۾ ٿيل “آل مغربي پاڪستان سنڌي اردو مشاعري” جو احوال (صفحو 76) ڪيو اٿس. لاڙڪاڻي مان فقط ٽن شاعرن جو ذڪر ڪري ٿو: (1) انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل مسلم “شميم”، (2) شوڪت عابدي (ٻئي حال حيات ڪراچي ۾) ۽ (3) بزم ادب لاڙڪاڻي جو باني رضوي عبدالصمد “ساز”. انهيءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي مان ٻيا اردو شاعر جهڙوڪ “نشتر” فرخ آبادي، ضمير “جوڪر”، ديوان “لطيف” ۽ اردو غزل جو باڪمال شاعر “رمز” شاهجهان پوري جن به پنهنجا شعر پڙهيا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي “رمز” شاهجهان پوري جي شعرن ته مغربي پاڪستان جي وڏن شاعرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون يا مسلم شميم جي نظم “مارئي ڪا ديس” اردو شاعرن جي منهن ۾ گهُنڊَ وڌا هيا. اهڙي شاهڪار نظم جو ذڪر ڪرڻ لازمي هو.
    اهڙيءَ طرح گدائي جو شعري مجموعو “پکڙا ۽ پنهوار” (اشاعت سال 1975ع ۾) ڪيترين ئي جاين تي حيرت ۾ وڌو. زير بحث ڪتاب ۾ صفحي 80 تي هڪ نظم “سنڌ پيارا وطن” جي عنوان سان لکيل آهي، جنهن جي هيٺان وري هڪ عجيب سِٽ لکيل آهي:
    “تاريخ 1- جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ تي لکيو ويو.”
    خبر ناهي ته گدائي صاحب جي لکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي چڪي هئي. ان حالت ۾ ون يونٽ تي پهرين جولاءِ 1971ع تي نظم لکڻ ڇا معنيٰ؟ اهڙيءَ طرح آزاد نظم واري حصي جي شروعات ۾ صفحي 71 تي “ڇا ڇا تو کي يار ٻڌايون؟” جي عنوان سان شعبان بخت جي آزاد نظم “ڪجهه ته ٻڌايو” جي جواب ۾ لکيو اٿس ۽ صفحي 75 تي “خاموش رهڻ مان ڇا ٿيندو؟” جي عنوان سان هڪ الڳ آزاد نظم وري شعبان بخت جي آزاد نظم “خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو” جي جواب ۾ لکيو اٿس.
    خبر نه ٿي پوي ته شعبان بخت “ڪجهه ته ٻڌايو” ۽ “خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو؟” جهڙا آزاد نظم ڇو لکيا هئا ۽ اُهي ڪٿي شايع ٿيا هيا. گدائي پاڻ لکي ٿو؛ “شعبان بخت جي جواب ۾” ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو شعبان بخت جا آزاد نظم يا انهن مان چند حصا لکي ها ته جيئن جوابي شعر پڙهڻ جو لطف ماڻي سگهجي ها.
    محترم گدائي پنهنجي ڪتاب ۾ ضلع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ مشهور عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو آهي. حالانڪ “گدائي” جي ڪتاب شايع ٿيڻ واري زماني ۾ محترم غلام رسول ڪلهوڙو ۽ محترم شعبان “بخت” به ڪي نامعلوم ليکڪ ۽ گمنام شاعر ڪو نه هيا پر انهن جو لکڻيون ان زماني ۾ به سنڌ جي مختلف معياري رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون.
    اهڙيءَ طرح جيڪب آباد جي هڪ سماجي ۽ ادبي ڪردار گؤپال “پرواني” جي ادبي خدمتن جو الڳ ذڪر ڪرڻ ۽ فوٽو ڏيڻ ضروري هو. گؤپال پروانو اڄ ڪلهه انڊيا ۾ رهي ٿو.
    اڄوڪي ماحول ۾ هر تڪبند شاعر، رات جي پيٽ ۾ لئي مان لٺ ڀڃي، قومپرست شاعر سڏرائڻ ۾ پورو آهي، پر مرحوم گدائيءَ جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور جي شاعري پڙهي بي اختيار ٿي چوڻو پوي ٿو.
    “گدائي ڪوڻ سڏاوي؟”
    مٽيءَ جو ڀانڊو ٺهيو ئي ڊهڻ ۽ مٽجڻ لاءِ آهي. مٽيءَ جو هي ڀانڊو به ڊهي مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويو، پر سندس لکيت زماني جي ورقن تي اڃا پئي چمڪي.

    ***


    • ڪامريد سوڀو- هڪَ اڻ ڌرئي جي نظر ۾

    سنڌ ۾ جڏهن واچون ۽ گهڙيال، وقت ڪونه ٻڌائيندا هئا، تڏهن سج جا پاڇا ڏسي، ماڻهو وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. اهڙن لهندڙ پاڇن جي وقت، سنڌو درياهه جي پرئين ڪناري جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهندڙ واپاري، ڪاڪي گيان چندَ، پراڻي لب درياهه (ڏوڪري) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ واپار سانگي اچي ڊاٻو ڪيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ اھو ڳوٺ بگيءَ ۾ رهي پيو. ڪاڪي گيان چند جي نالي پويان، سندس پيڙهيءَ مان پيدا ٿيندڙ اولاد، گيانچنداڻي جي نک سان مشهور ٿيو. ان گيانچنداڻي آڪهه مان هڪ سلڇڻو ۽ سهڻن مهانڊن وارو ٻار پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف انقلابي شخص سوڀو گيانچنداڻي بڻيو.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڙهيو ته قنبر، ڪراچي ۽ ڪلڪتي ۾، پر نئين ديري ۾ سندس وار وڇايل آهن. نئين ديري کان اڌ فرلانگ جي مفاصلي تي راشدين جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي پير ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. پير ڳوٺ ۾ هڪ معزز خاندان جي ڇوڪر ڪشنچند سان سوڀي گيانچنداڻي جي ڀيڻ پرميشوري پرڻي هئي. قسمت جا لقاءَ آهن. ڀيڻ پرميشوري جي وهانوَ وقت سندس ڀاءُ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪلڪتي ۾ تعليم جي لحاظ کان رهيل هيو.
    هتي سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شاديءَ تي بندش جو آرڊيننس نافذ ٿيڻ وارو هيو. ان ڪري گيانچنداڻي خاندان، ترت پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو. ائين گيانچنداڻي خاندان، مَڃَ کڻي، نئين ديري جي ڀرسان پير ڳوٺ ۾ آيو. ڪشنچند جي شاديءَ جا انتظام، ڳوٺ جي ٻن انگريزي ماسترن، حاجي در محمد ۽ عبدالحميد سومري جي حوالي هئا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڀائر ڪشنچند جا نه رڳو پاڙيسري پر سٺا دوست به هئا. مَڃَ سان آيل مرد، ڳوٺ ۾ ٺهيل هڪ سراءِ ۾ رهيا، جيڪا خوشحال داس جي هئي. اها سراءِ اڃا تائين، ساڳيءَ شڪل ۾ بيٺي آهي. ڄڃ سان آيل عورتون، ڳوٺ جي مکي ۽ سيٺ، واپاري مل جي گهر ۾ لٿيون. ڪاڪو ڪشنچند پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏي وڃي نئين ديري ۾ ويٺو، جتي هو پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو خانگي منشي ٿيو.
    1973ع جي ڳالهه آهي. آءٌ نئون نئون انگريزي ماستر مقرر ٿيس ۽ وارهه هاءِ اسڪول ۾ رکيائون. ان زماني ۾ وارهه، نئون ديرو ڇا، لاڙڪاڻي کان به گهڻي پري هيو، ڇو جو آمدرفت جون سهولتون ڪونه هيون. وارهه مان ٿورن ڏينهن اندر ئي بيزار ٿي پيم ۽ بدليءَ لاءِ سوچڻ لڳس. خبر پئي ته سنڌي ادب جو محسن ۽ ڏاهو ماڻهو، سائين محمد ابراهيم جويو، ان زماني جي خيرپور ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿي آيو هو. نئين ديري ۾، آچر ڏينهن تي، ڪاڪي ڪشنچند جو مک ميلو ٿيو. کيس ٻڌايم ته بدليءَ جي ڪوشش ۾ آهيان. پڇيائين: “نه ٿي ٿئي ڇا؟”
    چيم: “نه.”
    کلي چيائين: “سڀاڻي سومر ڏينهن، لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ منجهند ڌاري اچجانءِ.”
    ٻئي ڏينهن منجهند جو لاڙڪاڻي جي نئين ڪورٽ جي ٻاهران ڪاڪو ڪشنچند نظر آيو. مليومانس، ته بار روم ۾ وٺي هليو. ڪمري ۾ اندر هڪ سهڻن مهانڊن سان ڊگهي قد جو ڀريل رنگ وارو ڪامريڊ (سوڀو) شخص ويٺل هيو. جيئن ڪاڪي ڪشنچند تي نظر پيس، تيئن روايتي هندو رسم موجب اٿي ڏاڍي نهٺائيءَ سان اسان سان مليو. ويهڻ کان پوءِ پڇيائينس: “ڏيو خبر ڀائو! وڏا پير ڪيا اٿوَ.”
    تنهن تي ڪاڪي ڪشنچند ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو: “منهنجي گهاٽي دوست عبدالحميد سومري جو پٽ آهي ۽ جويي صاحب ۾ بدليءَ جو ڪم اٿس.”
    ان تي کلي چيائينس: “بس! مون ته سمجهيو ته ڪو وڏو ممڻ متل آهي. ان ڪري تڪليف ڪئي اٿوَ.”
    بهرحال ان پنهنجو بريف ڪيس کوليو ۽ منجهانئس ليٽر پيڊ ڪڍي محمد ابراهيم جويي ڏانهن ٻه اکر لکي ڏنائين. اها منهنجي ڪامريڊ سوڀي سان پهرين ملاقات هئي، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
    هونءَ ته سندس نالو پنهنجي هم ڪلاسين، گرڌاري لال ۽ سلڇڻيءَ جي واتان هر روز ڪلاس ۾ ٻڌندو هيم، جيڪي سندس ڀاڻيجا/ڀاڻيجي هيا، پر مان ننڍپڻ کان مذهبي رهيو آهيان ۽ ڪامريڊ لاءِ ٻڌايو ويو هو ته ڪميونسٽ آهي. ان ڪري ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ کان ٽهندو هيم.
    نيٺ 1988ع جون چونڊون ٿيون ۽ ڪامريڊ ٿورائيءَ وارين جاتين جي سيٽ تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ فارم ڀرايو. هڪ ٻه دفعو، ورڪ ڪرڻ لاءِ نئين ديري ۾ به آيو. ساڻس ملاقات ٿي. ان ملاقات وڏو اتساهه پيدا ڪيو. چونڊون ٿيون ته نتيجن ۾ ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو به شامل هيو.
    پر...؟
    هاڻي به ڪامريڊ سان ملڻ ويندو آهيان. ڪنعي جي مرتئي کان پوءِ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڏاڍو نٻل نظر ايندو آهي. سندس نُنهن سندس خيال هڪ ننڍڙي ٻار وانگر ڪندي آهي. ڪامريڊ اندران ڀور ڀور ٿيل آهي. سندس همت ۽ برجستائي، اها ئي جوانيءَ واري آهي. مسئلو آهي ته ڪامريڊ کي ڇا ۾ شامل ڪجي: نظرياتي سياستدانن ۾ يا عملي سياستدانن ۾ يا سٺن اديبن ۾؟ سندس، ادب ۾ به ته وڏو حصو آهي. سندس، انگريزي ۾ لکيل ڪهاڻي The Truant (دي ٽروئنٽ) ۽ سنڌيءَ ۾ “آکيري جو ٽٽڻ” ڪنهن کان وسريون آهن؟ هو وڏو نظرياتي اديب ۽ نقاد ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ هو ايڏو قدآور انسان به آهي، جو سندس مٿي ۽ منهن ڏانهن نهارڻ واري جو هوند، پٽڪو يا ٽوپي ضرور هيٺ ڪري پوندو.

    ***


    • چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي! (نياز همايونيءَ جي ياد ۾)

    پَلَ پهر ته ڇا، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو هليا ويا! وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي، سنڌ جي نامور شاعر، نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس، ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ، اچي در کڙڪايو.
    “خير ته آهي؟” اوچتو اچڻ جو سبب پڇيومانس.
    “مون کي ڪهڙي خبر! سائينءَ (ذوالفقار راشديءَ) تو کي سڏڻو آ، تو کي ڄُلڻو آ، سو تون مون سان ڄُل.” هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو، “مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟ توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.”
    زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.
    ذوالفقار راشديءَ جا ضلعي سِبي بلوچستان سان تعلق رکندڙ مُريد خجڪ ۽ سيلاچي ماڻهو، چيل ڪم جي پورائي ڪرڻ کان سواءِ، نه موٽندا آھن ۽ نه ئي مُڙندا آهن. اڄ تائين سندن مزاج اُهڙي جو اهڙو آهي.
    جيئن بنگلي جي وڏي ۽ ويڪري اڱڻ ۾ پير رکيم، ڏٺم، ته ساڻس هڪ اوپرو ماڻهو، اُس جي تڙڪي ۾ ويٺو آهي. ويجهو ٿيس، ته ذوالفقار راشديءَ چيو: “اچ اچ! اڄ مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ملايان، جيڪو سنڌ جو وڏو مانائتو ماڻهو، وڏو شاعر، پر شاعر کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ انسان کان وڌيڪ وڏو شاعر آهي.”
    مهمان سان وڏي ادب ۽ احترام سان مليس. هُن به عمر جي وڏي تفاوت هوندي، ملڻ ۾ ساڳي گرمجوشي ۽ انڪساري، نياز ۽ نوڙت ڏيکاري. کيس کيڪارڻ کان پوءِ، ڀرسان پيل خالي ڪرسيءَ تي ويٺم ته ذوالفقار راشديءَ چيو: “تو همايون وارو بزرگ ته ٻڌو هوندو. هي همايون جو جديد بزرگ ته نه، پر حڪيم ۽ جديد شاعر نياز همايوني آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ مان ڪاٽو ڪبو، ته وڏو خال ۽ کوٽ محسوس ٿيندي.”
    راشديءَ جي ان جملي تي، نياز همايونيءَ مون ڏانهن ڏسندي ٺهه پهه وراڻيو: “نه ادا، متان راشدي صاحب جي ڳالهين ۾ آيو آهين. مان ڪجهه به ناهيان. راشدي صاحب ته بادشاهه ماڻهو آهي! مڙئي اسان پارن کي پڇ ٻڌي مهري بڻايو ڇڏي.”
    جواب ۾ راشدي صاحب چيو: “چئبو ته اُٿي وڃان نه؟”
    ايتري ۾ ذوالفقار راشديءَ جي حويليءَ تان مٺائي ۽ چانهه آئي. چانهه جي چسڪين ۾ ماهوار ‘سوجهرو’ (سال 1974ع) ۾ هلندڙ نئين بحث جو ذڪر نڪتو، جنهن جو خاص نڪتو هيو: “اديب کي سياسي طور جانبدار هجڻ گهرجي يا نه؟”
    انهيءَ بحث ۾ خواجه سليم، تنوير عباسيءَ، سليم سولنگيءَ ۽ ٻين ڪيترن حصو ورتو. ان موقعي تي راشديءَ پنهنجي خاص چرچائي نوع ۾ چيو: “اها، ديپڪ اُترادي ڪاٿئون جي بلا آهي؟ ويچارو ڏاڍو رحم جوڳو ٿو لڳي. ايترو بزدل آهي جو پنهنجو اصلي نالو لکڻ کان به ڪيٻائي ٿو. خدا جو شانُ آهي جو ڪمزور دلين وارا به علم، ادب ۽ تنقيد جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهي آيا آهن. کين خبر ناهي ته سندن سندرا ڪچا آهن، سندن چيلهين تي بيهن ئي نه ٿا. احساس ڪمتريءَ جي مريضن لاءِ کوڙ ٻيا ميدان پيا آهن. زندگيءَ وانگر ادب به صحتمند روايتن/ڳالهين کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهي. هي روايتون صدين جي خونِ جگر سان پالنا ۽ پرورش جون تقاضائون ڪن ٿيون.”
    بحث ۾ ڦري گهري ڳالهه اچي، سنڌي شاعريءَ تي بيٺي. نياز همايونيءَ چيو: “نياپو (شاعري) ته سٺو، پر نياپي کي نياپو آڻيندڙ نه کاري. شاعريءَ سان ٻيءَ زال وانگر ڏاڍي احتياط سان هلڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ قدم قدم، پلصراط تي هلڻ برابر آهي. شعر کي پُراثر بنائڻ لاءِ، احساس جي شدت، فڪر جي گهرائيءَ، شعور جي بلنديءَ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.”
    مون نياز همايونيءَ کان پڇيو: “توهان هند ۽ سنڌ جي معياري شاعرن مان ڪنهن کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿا؟”
    کلي چيائين: “ڇو ڀلا جهڳڙو ڪرائڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟ سنڌ مان جيڪڏهن بيوس، گدائيءَ، شيخ اياز، استاد بخاريءَ، تنوير عباسيءَ کان وٺي تاج بلوچ ۽ ٻين جا نالا ڳڻايان. جيڪڏھن اتفاق سان ڪنهن سٺي شاعر ۽ پرين پياري دوست جو نالو فوري طور ذهن تي نه اچڻ ڪري رهجي وڃي، ته پوءِ جهڳڙو نه ٿيندو؟ مٿين نالن کان سواءِ، ٻين اديبن ۽ شاعرن به سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. مثال طور محمد ابراهيم جويي، پير حسام الدين راشديءَ، اياز قادريءَ، طالب المولى، حميد سنڌيءَ، قمر شهباز، آغا سليم، سراج ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن جا نالا آهن، جيڪي هن وقت ذهن ۾ نه ٿا اچن.”
    هند جي سنڌي اديبن جو ذڪر نڪتو، ته ذوالفقار راشدي ٿوري دير لاءِ اجازت وٺي حويليءَ ويو ۽ پاڻ سان هند جي اديبن طرفان آيل ڪجهه خط ۽ ڪتاب کڻي آيو، جن ۾ ايم ڪمل ڀارتي جي شاعريءَ جو نئون مجموعو “جهريل جيءُ” به شامل هو. بعد ۾ اهو شعري مجموعو، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بي اي سنڌي لازمي/اختياري جي نصاب ۾ شامل ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ نند ڪمار بندراڻيءَ، الهاس ننگر مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
    ڪتاب “جهريل جيءُ” جي لاءِ ٻه اکر، ذوالفقار راشديءَ جا لکيل هيا. ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي، نياز همايوني بي اختيار ٿي، راشدي صاحب کي داد ڏنو، پوءِ پئي ايم ڪمل جا ڪجهه شعر جهونگاريائين. نيٺ ذوالفقار راشديءَ چيس: “ٻڌائڻو اٿئي ته وڏي آواز ۾ ٻڌاءِ!”
    نياز همايونيءَ چيو: “هي شعر ڏاڍو وڻن ٿا:
    ڇُلي جتي ڪٿي، اي چشـــم تــــــر چـــــڱو نه ڪيئه،
    کــــلائــــي پــــاڻ تـــي پــنـــهنــجا ۽ پر چڱو نه ڪيئه.
    اکين کان ننڊ ڦري، منهنجي دل کان چين کسي،
    حـــيـات وهـــه ڪـري، درد جــگـــر چــــڱو نه ڪـــيئه.
    ڀـــريـــا جــي وقت جي مرهم ها ڦٽ، سي اُکلي پيا،
    وري مــلائي نــظــــر ســـان نــظــــر، چـــڱو نه ڪــيئه.”
    ان وقت ايم ڪمل جي شاعري نياز همايونيءَ جي جهونگار ۾ متحرڪ شين وانگر نظر آئي.
    ويرم رکي ذوالفقار راشدي چيس: “نذير کي پنهنجي پسند جو ڪو شعر ٻڌاءِ!”
    ان موقعي تي نياز صاحب، شمشير، تنوير، تاج بلوچ ۽ ٻين دوستن جا شعر سر سان ٻڌايا. ڇا ته سندس ترنم هو! ڄڻ سنڌو پئي اٿليو. پوءِ شاعريءَ جو اهو سلسلو ڳپل رات تائين جاري رهيو ۽ ماحول مشڪبوءِ مشڪبوءِ محسوس ٿيو.
    نياز همايونيءَ شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، سا مون کي خبر ناهي، پر نياز همايونيءَ جي شاعري ٻڌي، مون محسوس ڪيو ته فڪر سان ڪمٽمينٽ، اندروني ڀڃ ڊاهه، دل کي لوڏيندڙ ۽ ڌوڏيندڙ زلزلن ۽ ٻاهرئين ماحول ۾ جنم وٺندڙ، اڻ وڻندڙ، انسانيت کان ڪِريل واقعن ۽ ڳالهين جي ٽڪراءَ جو ٻيو نالو نياز همايوني جي شاعري آهي. ضروري ناهي ته نالي ۾ وڏو/مشهور شاعر ماڻهن جي پسند به هجي. ائين ته سنڌ ۾ کوڙ ساترا جعلي شاعر پيدا ٿي پيا آهن، جن جي شعري مجموعن جا، بوڪ اسٽالن تي رکئي رکئي، اس جي تيک ۽ مکين جي جهينگار سبب، ٽائيٽلن جا رنگ ئي اڏري ويا آهن.
    ون يونٽ ٺهڻ سان، سنڌ کي اڻ ڳڻيا ۽ ايترا ته نقصان رسيا، جو انهن جو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ان نقصان جو ازالو، سنڌ کي ايندڙ صدين ۾ ملندڙ فائدا (جيڪڏهن مليا ته) به ڪونه ڪري سگهندا ۽ اهي نقصان، نقصان ئي رهندا. ون-يونٽ ٺهڻ سان سنڌ کي ايترو فائدو ضرور پيو، جو سنڌي شاعري چوپيل، چوسيل ۽ چٻاڙيل موضوعن ۽ لفظن کان آجي پاجي ٿي، سنڌي ويس وڳا پائي، نج پج سنڌياڻي ٿي وئي. منجھس نئون لهجو، نئين سوچ ۽ جديد طرز آئي.
    جن شاعرن نون لاڙن هيٺ، منفرد لهجي ۾ شاعري ڪئي، تن ۾ نياز همايونيءَ جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سياسي مسئلن کي ذاتي درد سمجهي، سورن جو اظهار ڪيو ۽ وڏو ادبي ۽ سياسي ڪارج پورو ڪيو. ذوالفقار راشدي پنهنجي تنقيدي ڪتاب “ڪسوٽي” ۾ نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي تڪ تور ڪندي صفحي 59 تي لکيو آهي:
    “اهڙيون پياريون سٽون ۽ لفظ، محاورا ۽ ترڪيبون، رڳو نياز همايونيءَ جهڙن گڻوان ۽ سچن ڪلاڪارن جي زرخيز قلم مان ئي ڦٽي سگهن ٿيون. نياز ٻهراڙيءَ جي ڪن هالو چالو نِسَتن ۽ بي ساهن لفظن ۾ هيڪاندو ساهه ۽ سواد ڀري ڇڏيو آهي. پاروٿن خيالن ۽ الوڻن جذبن کي، تازگي ۽ چهراڻ ڏني آهي. شاعر، ٻولين جا بڻائيندڙ ۽ نگهبان ٿيندا آهن. انهيءَ نُڪتي نظر کان، نياز جو پورهيو ۽ فن کيرون لهڻي.”
    نياز همايوني، اسان جي دور جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي صلاحيتن ۽ ادبي خدمتن ۽ فن بابت ڪا سير حاصل ۽ جامع لکڻي اڃا تائين نظر نه آئي آهي. سواءِ ماضيءَ ۾ تاج بلوچ جي “سوجهرو” لاءِ ورتل انٽرويوءَ جي، جيڪو مهتاب (چنه) راشديءَ جي نالي ۾ شايع ٿيو يا ذوالفقار راشديءَ جي لکڻيءَ يا ‘مهراڻ’ جي “شاعر نمبر” ۾ گرامي صاحب جي مختصر راءِ جي. ان جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نياز جي شاعريءَ ۽ فن تي لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي، يا ڪنهن ٻئي شاعر کي مٿي آڻڻ لا، نياز کي لنوايو ويو!
    نياز همايونيءَ جي شاعري نئين ۽ سجاڳ دَور جي شاعري آهي.
    سندس ڊڪشن ۽ اسلوب، ايڏو ته دائمي ۽ دلپذير آهي، جو وقت جي واري ۽ لڙ، ان کي ڪڏهن به ڌنڌلو ۽ ميرو نه ڪري سگهندا. سندس شاعري، رڳو شاعري ناهي. مظلوم سنڌين جي سچي ۽ پرخلوص پڪار آهي. نئين ٽهيءَ کي نياز جو فن ۽ فڪر، پنهنجي مطالعي جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
    سنڌي ادب جي جديد ۽ روشن خيال عالم ۽ نقاد، مولانا غلام محمد گراميءَ، نياز همايونيءَ جي فن تي راءِ ڏيندي چيو هو:
    “نياز همايوني، غزل جو بادشاهه شاعر آهي. هن پنهنجي فن ۽ هيئت ۾ انيڪ تجربا ڪيا آهن. ان ڪري هو پنهنجي همعصر شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. سندس ڪلام، ذوقِ جماليات جي لطيف ۽ نازڪ، مسرت انگيز ۽ سڪون بخش پهلوءَ تي مشتمل آهي. هو لفظن ۽ ترڪيبن کي اهڙي ته حسين ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪري ٿو، ڄڻ موتين جا هار پوئي ٿو... سندس فن، سوز ۽ گداز، رقت ۽ محبت جي نازڪ ترين مسئلن ۽ زندگيءَ جي اهم ۽ دقت پسند معاملن کي رمز ۽ ڪنائي سان بيان ڪرڻ ۾ تجربا ڪري چڪو آهي... سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي.”
    شاعريءَ بابت وڏن وڏن نقادن جا وڏا وڏا رايا موجود آهن، پر اسان جي شاعر ۽ نقاد، تاج بلوچ، جاذب قريشيءَ جي اردو شاعريءَ بابت اردوءَ ۾ لکيو هو:
    “سٺي شاعري، نئين ڄاول ٻار جي اوچتي چيٽ جيان هوندي آهي، جيڪا خاموشين ۾ لهر پيدا ڪندي آهي. اها لهر هڪ نئين موسيقيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ پوءِ اهڙي موسيقيءَ مان هڪ نئين ۽ اڻ ٻڌل ڪنواري لئه ڦٽي، گريز پا لمحن کي سيراب ڪري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي اهڙن گريز پا لمحن کي پڪڙ ۾ آڻڻ واري کي ئي شاعر چيو ويندو آهي.”
    آءٌ تاج بلوچ صاحب جي انهيءَ تنقيدي راءِ کي، نياز همايونيءَ جي فن ۽ فڪر تي ٺهڪائيندي، چوان ٿو: “سچ پچ، نياز پنهنجي عهد جو اهڙو ئي شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي، هٿن مان ترڪي ويندڙ وقت جي لمحن کي پڪڙي ورتو.”
    آءٌ سـمنڊ جــــي ســـينـي مــان ٿــي نـڪتـس، ائـــيـــن نــــروار الا
    ڪنــواري ڇــوريءَ جــي ڇـاتيءَ مان، جيئن جوڀن جو اظهار الا
    چنڊ کي مون سان پريت ٿي وئي، سج ڪيو مون سان پيار الا
    -نياز همايوني

    ***


    • استاد بخاري - روشن پيشاني

    1950ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪر انگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا، پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.
    اُستاد بخاري پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پرائمري پڙهيا ۽ باقي تعليم سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان ڦلجي مان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. قدرت طرفان جيڪي کيس سوغاتون عطا ٿيون، انهن منجهان موزون طبيعت به هڪ هئي. سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي ڪي سٽون، اُمالڪ پنهنجو پاڻ سندس ذهن ۾ ٺهي پونديون هيون، ته هيءُ اُنهن کي چپن ۾ جهونگاريندو هو. ڪيئي دفعا کيس خيال آيو؛ “اُهي سٽون ڪنهن ٻئي شاعر جون آهن، جن کي هو جهونگاري رهيو آهي.” جڏهن انهيءَ تي ويهي ويچار ڪيائين ته اُهي سٽون هن (اُستاد) ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان ٻڌيون ناهن، پو باقي ڪنهن جون آهن؟ سوچي سوچي پاڻ کي ئي جواب ڏنائين؛ “اهي سٽون ڪنهن ٻئي جون ناهن، پر سندس ئي آهن.”
    ڪيئي ورهيه پرائمري اُستاد رهڻ کان پوءِ، ڪجهه وقت لاءِ خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا اسٽيشن جي هاءِ اسڪولن ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ 1966ع ۾ بي ايڊ جي بنياد تيگورنمينٽڊگري ڪاليجلاڙڪاڻي ۾پهريونڀيرو ليڪچرار مقرر ٿيو.
    ون-يونٽ جو دور هو. سنڌ کي انتظامي طور، لاهور سان ڳنڍيو ويو هو. هر کاتي جي مکيه آفيس لاهور ۾ هئي. ليڪچرارن کي مستقل بنائڻ لاءِ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کين لاهور ۾ زباني امتحان ڏيڻ واسطي گهرايو. اُستاد بخاري به پاڻ سان، ماهوار ‘نئين زندگي’ ۽ ٽه-ماهي ‘مهراڻ’ جا اُهي شمارا، جن ۾ سندس ڪلام شايع ٿيل هو، کڻي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن/سيڪريٽري جي سامهون وڃي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ شاهه محمد فيض محمد تونيه (المعروف ايس. ايف تونيو) اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هو ۽ چڱو ادب دوست ماڻهو هو. ويتر جو پنهنجي عزيز ۽ شاعر الله بخش تنيو عرف ا-ب-ت ميروخانيءَ سان دوستي هيس، تنهنڪري کيس شاعريءَ جو چسڪو پڻ آيل هو. الف-ب-ت، اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ واهڻ نما ڳوٺ، ميروخان جو هو. تونيو صاحب، اُستاد بخاريءَ کان ‘نئين زندگي’ ۽ ‘مهراڻ’ جا پرچا وٺي، ٿوري ورق گرداني ڪري ميز تي رکي، سڌيءَ طرح اُستاد بخاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو؛ “ورقن تي ڇپيل ڪلام پڙهي ضرور مزو ايندو، پر اسان ڪلامِ شاعر، بزبانِ شاعر جو حِظ ۽ لطف وٺڻ ٿا چاهيون. ان ڪري تون پنهنجي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌاءِ.” اُستاد بخاريءَ کين پنهنجو ڪلام ٻڌايو، جنهن تي هڪ سنڌي ميمبر کيس چيو؛ “غزل جون هي سٽون جهونگاري ٻڌاءِ:
    ‘پڇيــو يـارن ته عقبيٰ ٿي کپـــــي يا هيءَ دُنــــيا،
    چيـم؛ آزادگي، نه هو گهرجي، نه هي گهـرجي.

    الائـي ڇـــا جــو ڇـا ويـٺـا ڏســئـــون ڇـــــا ســوچـيـون ويـٺـا،
    صدي ويهين جي انسانن کي ڪهڙي شيءِ نه ٿي گهرجي.’“
    اُستاد کان شاعري ٻڌڻ کان پوءِ ڪميشن جي چيئرمين کانئس ڪجهه سوال پئي ڪيا، ته ايتري ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر بشير مورياڻي جيڪو تن ڏينهن ۾ لاهور سيڪريٽريٽ ۾ ملازم هو، سو ڪنهن سرڪاري ڪم سانگي اندر داخل ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کان ڪجهه ڪاغذات صحيح ڪرائي، جيئن مڙيو ته اُمالڪ اُستاد بخاريءَ تي نظر پيس. کيس کيڪاري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ “مان توهان جي آڏو ڪيتري قد بت جو شاعر آهيان.”
    ويٺلن چيس؛ “خير ته آهي؟”
    چيائينِ؛ “اُستاد بخاريءَ کان ڪهڙو انٽرويو ٿا ڪيو/وٺو. هي ته مون کان به تمام وڏو/گهڻو ۽ سٺو شاعر آهي.”
    جنهن تي چيئرمين چيس؛ “هن جو ڪلام ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته واقعي وڏو شاعر آهي. اسان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ کيس ويهاريو آهي.”
    استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾، اسان کي وقت ۽ عشق جا ايترا ته سحر انگيز شيڊس ملن ٿا، جن جي رنگينيءَ کان آزاد ٿيڻ سولو ناهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي مثبت ايپروچ آهي، جنهن جو تعلق روح جي گهراين سان آهي. ان ڪري هڪ پڙهندڙ/ٻڌندڙ، پنهنجو پاڻ ئي بي خوديءَ ۾ اچي، پاڻ کي اُستاد بخاريءَ جي شاعري واري سحر/جادوءَ جي پنجوڙ ۾، جڪڙيل محسوس ڪري ٿو. اُستاد جا خيال، جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، تڏهن ان جي وهڪري ۾ غضب جي رواني ملي ٿي. لڳندو آ ته ڄڻ ڪو آبشار وهندو هجي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ بي اختيار رواني، نغمگي ۽ موسيقيت هوندي آهي. هن بي چين روح (استاد بخاري) پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ الڳ ۽ مختلف ذائقو برقرار رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس هر شعر دل ۽ دماغ کي ڇهي وڃي ٿو. اُستاد بخاريءَ جي لهجي ۾، ميٺاڄ ۽ نواڻ، سوز ۽ گداز آهي. محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، حبيبن جي غفلت، رقيبن جي نفرت، سنڌ جي حقن تي لڳل ڌاڙا، سندس شاعريءَ جا اهم موضوع ۽ حصا آهن. ڌرتيءَ جي پڪار، هڪ سچي شاعر کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي ٿي. ائين اُستاد جو پيار به ڌرتي سان واڳيل هو. اُستاد بخاريءَ جي شاعري، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ شين (ٿر جي واري، چلڪي واري) سان کيس جنون جي حد تائين پيار هو. بلڪ اهي سڀ، سندس ڪمزوريون هيون. هاڻي ته هر ڪو، لئيءَ مان لٺ ڀڃي، قومي شاعري تڪبنديءَ جي صورت ۾ ڪري، پاڻ کي قومي شاعر سڏائڻ جا جتن پيو ڪري. پر ون-يونٽ جي دور ۾، جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هو ۽ نادري حڪم اچي پهتا؛ “خبردار! آئنده، سابقه سنڌ لکيو ۽ پڙهيو وڃي!” تڏهن جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، سنڌ جي ڳالهه ڪندا هيا، تن مان استاد بخاري به هڪ هو ۽ آهي. استاد جي قومي شاعري، مثلًا:
    جيجل ڏنم، جنهن ۾ لولي،
    سنــڌي ٻـولي، قومي ٻـولي.
    کيس سنڌ جي شاعرن جي هجوم مان الڳ ڪري سندس منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ٿي. اڄ جا کوڙ سنڌي شاعر، اهڙا به آهن، جيڪي استاد بخاريءَ جا مقلد ۽ پيروڪار آهن. نه رڳو شاعريءَ جي موضوع ۽ طرز، احساس جي حد تائين پر شعري هيئيت، ڊڪشن ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان پڻ. مثال طور؛ تاجل بيوس ته اُستاد بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان، سٽن جون سٽون کنيون آهن. ڪنهن جي ميار ملڻ تي، نيٺ تاجل کي ائين چوڻو پيو؛
    “بيوس مان، بخاري نه ٿي پوي.”
    استاد بخاريءَ جي عشقيه شاعريءَ پنهنجي خداداد فڪر ۽ ڏات سان جيڪو حسن ۽ لطف پيدا ڪيو آهي، ان ۾ هڪ عجيب لذت، حِظ ۽ مزو آهي. ان ۾ به رنگيني پيدا ڪئي اٿس، جنهن ۾ ڪو پيغام آ، ڪو مقصد آهي. هن جي شاعري، اڄ جي ٺڙڪو سنڌي شاعرن وانگر، محض سطحي جذبن جي بي مقصد اظهار جو نالو ڪونهي. نه ئي لفظن جي گورک ڌنڌي جو نالو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ نه نڪري سگهي. قدرت طرفان ملندڙ سوغاتن مان شاعري به قدرت جي مليل هڪ حسين ۽ خوبصورت سوغات آهي. هر شاعر جي حصي ۾ اها سوغات ڪا نه آئي. شاعري به پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ روانيءَ جيان آهي. شرط اهو آهي ته، پاڻيءَ ۾ ڪنهن جو پير کپي!
    استاد بخاريءَ ڀيري، شاعريءَ جي معاملي ۾ قدرت وڏي فياضيءَ کان ڪم ورتو. علمي ادبي حلقن کان سواءِ، عوام ۾ اُستاد بخاريءَ کي وڏي پذيرائي ۽ عزت، شهرت ۽ محبت ملي، ڇاڪاڻ ته سندس شعر، مشاهدن ۽ تجربن، انساني جذبن ۽ اڌمن جي ڳالهائيندڙ ٻولائيندڙ تصوير بڻجي پيا هئا. کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ۽ ٻهراڙي جي لهجي ۾ بگڙيل لفظن، محاورن/تشبيهن کي ماهرانه انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏات مليل هئي. هُونءَ ته کوڙ مثال آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان ڏئي سگهجن ٿا، پر هتي فقط هڪ اڌ مثال ڏيان ٿو. (هتي سندس اشارو ون-يونٽ ڏانهن آهي):
    هڪ پـڃــرو ٻـيــو، پَــرَ به ڪـٽـيائين
    هــــاڻــــي مــــري ويــــاســــيــن، مـاتــو
    ٿَـــــــرَ تـــــــي آ، مــــــارن تـــــي نـــاهي
    خـــــان عـــــمـــر تــــنـــهــــن جــو کــاتو
    اڻ گهڙيا ۽ ڪرخت لهجي وارا لفظ، جڏهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ فٽ ٿين ٿا، تڏهن اُهي محرڪ ۽ هڪ زندهه حقيقت بڻجي پون ٿا. اُستاد بخاريءَ جي سموري شاعري، سندس الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، پاڻ ئي ڳالهائيندا ۽ چوندا؛ “اسان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا حصا آهيون.”
    1964ع ۾ اُستاد بخاري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه ضلع دادوءَ ۾ اُستاد هو. تڏهن اسڪول جي ڀرسان، خالي ميدان تي ڀيلن/باگڙين جي هڪ قافلي اچي پنهنجو ديرو ڄمايو. ان خانه بدوش ٽولي ۾ هڪ ٺهندڙ قد سان، ڀريل بدن ۽ ڳلن واري، چڻنگ جهڙو ٻرندڙ رنگ ۽ بوسڪيءَ جهڙو بدن رکندڙ، ڪارين ڪجلي نيڻن واري، ڪاري ٻاٽ اونداهي جهڙا ڪارا ۽ ڊگها وار رکندڙ، جوانيءَ جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندڙ، هڪ نازن ڀري ڀاڳ ڀري به هئي. ان آهو چشم جي اک، پنهنجي ئي قوم جي ڪنهن نوجوان سان اٽڪي پئي. ڳوٺن ۾، افواهن وانگر ۽ شهرن ۾ اخبارن جيان، اها خبر ڀاڳڀريءَ جي ڀاءُ جي ڪنن تي به پئي.
    نتيجي ۾ ڀاڳ ڀري، ڪهاڙين جو بک ٿي وئي. اهو پهريون واقعو هو جو ڀيل/باگڙي قوم جي ڪنهن فرد، ڪا عورت ڪاري ڪري ماري هئي. ان دردناڪ واقعي اُستاد بخاريءَ جي دل کي ڌوڏي ۽ لوڏي ڇڏيو. اُستاد بخاريءَ هڪ شاهڪار نظم “لاش” جي عنوان سان سِرجيو. نظم جي لاءِ انگريزي شاعر ڪيٽس جون هي سٽون ڄڻ اُستاد بخاريءَ جي نظم جون عڪاسي ڪن ٿيون. ڪيٽس چوي ٿو؛ “نظم کي فطري طور، ائين وجود ۾ اچڻ کپي، جيئن ڪنهن وڻ تي پَنَ.”
    اُستاد بخاري جو نظم چوي ٿو:
    هڪ طرف هن جي خطا ڦٿڪي پئي
    ٻي طرف هن جــي وفـــا ڦــٿڪي پئي
    ڪا گهڙي کن ڄڻ فضا ڦٿڪي پئي
    هـڪ سـزاوار ۽ سـزا ڦــــٿـڪــي پـــئي

    هـــــو جــــنــــازي جـــــي مــــٿـــــان مــيرو لٽو
    ريــــشــــمـــي چــــادر نه ڪـــو پَــــٽَ جو رئو
    ۽ بــــــــدن نــــازڪ مــــٿــــان کــــهـــرو کــــٿو

    لاش هـــــي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟
    ڇــــــو تـــــه هـــــوءَ........... ڪــــــاري هـــــئـــي.
    اُستاد بخاريءَ جو شعري سفرُ امڪانن جي نئين دنيا جو هڪ خوشگوار اضافو آهي. هن سنڌي شاعريءَ جي اُفق جي روشنين ۾ اضافو ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ بيچيني ۽ بيقراري، تڙپ ۽ احساس جي ڪرب سان گڏ، صوتي ترنم به موجود آهي. هن زندگيءَ کي سوچيو ۽ سمجهيو. هيءُ جڏهن مشاعرن ۾ اسٽيج تي بيهي ترنم سان شعر پڙهندو هو ته نعرن جي پنڊال جا شاميانه به اُڏڻ لڳندا هئا. سندس سموري شاعري، سندس دردمند دل جي ڪري درديلي آهي. سندس سامهون، سنڌ وڏا قهر ۽ ڪلور ڏٺا. زندگيءَ جي اعليٰ قدرن جو خون ٿيو. طبقاتي نظام جي ڪري، انسانذات ۽ ماڻهپي جي تذليل ٿي. اهو سڀ ڪجهه اُستاد بخاريءَ ڏسي، پنهنجي شعرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائي پيش ڪيو جو غمِ جانان به غمِ دوران بڻجي پيو.
    محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم بڻي ته سندس دور ۾، استاد بخاريءَ جي ياد ۾، دادوءَ جي ڊگري ڪاليج کي اُستاد بخاريءَ سان منسوب ڪري، اُستاد بخاري گورنمينٽ ڪاليج دادو ڪيو ويو. اُستاد بخاريءَ جي مقبوليت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ انگريزي شاعر شيلي هڪ ٻئي انگريز شاعر بائرن کي جن لفظن ۾ ياد ڪيو هو، سندس ساڳيا الفاظ اُستاد بخاريءَ لاءِ لکان ٿو:
    The Pilgrim of Eternity, whose fame
    Over his living head like sky is bent.
    ابديت جو پانڌيئڙو (زائر)، جنهن جي شهرت سندس روشن پيشانيءَ مٿان، آسمان وانگر نڇاور آهي.

    ***


    • استاد بخاري ــــــ ڪجهه يادون

    پاڪستان ٺهئي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪُهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ “ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟” پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ “آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.”
    پنهنجن ئي خود ساخته سوالن جي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوان شاعر کي، اسٽيج سيڪريٽريءَ شعر پڙهڻ لاءِ مٿي گهرايو. هو تحت اللفظ ۾ شاعري ٻڌائي ٿو ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي زوردار تاڙين ۾ کيس داد ملي ٿو، جنهنڪري سندس مَنَ کي، وڌيڪ شعر پڙهڻ لاءِ آٿت ملي ٿو. هو غزل ٻڌائي ٿو؛
    رات کــــــڻـــي آئــــــــي اڌ رات،
    مون ڏي سوچڻ جي سوغات.
    چــــئــن گهڙين ۾، ڪهڙي چُرپُر،
    چـــــوڳــــــو، چــــاهت، اُڏرڻ، لات.

    گھُگهه اونداهين ڏي جو گھُوريان،
    جوت ڪري پئي مُرڪي؛ هات.

    تـــنـهـنــجــو هــي انــداز استاد،
    تـــــوبــهه! مُـنهنجي ناهي بات.
    ان مشاعري جي ويهن ورهين کان پوءِ، نئين پاڪستان جي جشن جي موقعي تي سڄي پاڪستان ۾، عوامي راڄ جي حوالي سان فنڪشن ٿيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ به جشن جمهوريت جي حوالي سان جناح باغ ۾ هڪ ادبي فنڪشن، ٽيويهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعروٿيو.مشاعري۾مرحومغلاممحمدگرامي،شمشير الحيدري، دادن فقير کان وٺي استاد بخاريءَ ۽ سيد احسن الهاشميءَ شعر پڙهيا. هن مشاعري جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي. رات جو دير سان جڏهن ننڊاکڙي ماحول ۾ استاد بخاريءَ کي شعر پڙهڻ لاءِ سڏ ڇا ٿيو، سامعين جي اکين مان ننڊ پَرَ ڪر اُڏامي وئي. سندس شعر پڙهڻ جي موٽ ۾ تاڙين جي ڦهڪن، چوڙين جي ڇمڪن، هُوڪرن ۽ نعرن جي آواز، اسٽيج کي به لوڏي وڌو ۽ اُن رات مشاعرو استاد بخاري لُٽي ڦُري ويو. جڏهن استاد بخاري لهڻ واري پئي ڪئي ته؛ ونس مور، هڪ دفعو ٻيهر، ترنم سان. اهڙن آوازن اُستاد بخاريءَ کي ٻيهر شعر پڙهڻ لاءِ هَر هَر موٽايو پئي. اُستاد بخاري شعر پڙهي، جڏهن اسٽيج تان لٿو ته سيد احسن الهاشميءَ، خوشيءَ وچان اُستاد بخاريءَ کي ڀاڪر پائي چيو؛ “واهه اُستاد، شاعري به تنهنجي ۽ شاعر به تون، اسان پارا کوڙ شاعر...!”
    لاڙڪاڻي کان ڳوٺ پهچڻ تي، کيس مخدوم طالب الموليٰ صاحب خط ذريعي، هالا يا حيدرآباد اچڻ لاءِ، نينڍ ڏيندي لکيو؛ “جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿئيوَ ته قرب ڪري هن فقير (طالب الموليٰ) جي آستاني تي ليئو پائڻ نه وساريندا. جيڪڏهن اچڻ جي پڪ ڏيو ته صرف ريل گاڏيءَ جي ڪوٽڙيءَ اسٽيشن تي پهچڻ وارو وقت ۽ ڏينهن لکي موڪليندا. جيئن هن فقير لاءِ اهو اعزاز ٿئي ته پاڻ ريلوي پليٽ فارم تي توهان جي آجيان لاءِ موجود هجي.” اُستاد بخاريءَ اهو خط پاڻ سان، مرڻ گهڙيءَ تائين، قيمتي چيزن وانگر ساهه وانگر سانڍي رکيو.
    دادوءَ ۾ نوڪريءَ دوران، استاد بخاريءَ سان شام جو ڪچهريون ڪرڻ، روزاني جو معمول هو. آءٌ ساڻس وڌيڪ هُجائتو به هوس. هڪ دفعي کانئس پڇي ويٺم؛ “بخاري صاحب، هڪڙو سوال ڪريان؟”
    چيائين؛ “سڄي عمر سوالن منجهائي رکيو آهي. الائي ڪهڙو سوال ذهن ۾ اٿئي؟”
    چيومانس؛ “هي جو سنڌ ۾ وڏو غوغاءُ متل آهي ته سنڌ جو وڏو شاعر ڪير آهي؟ اياز يا اُستاد؟ توهان جو پنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ توهان يا شيخ اياز؟”
    چيائين؛ “نذير، تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. حقيقت پڇين ٿو ته مان کليءَ دل سان چوان ٿو؛ اهو فيصلو تاريخ ڪندي ته ڪير وڏو شاعر آهي؟ پر شيخ اياز مون کان وڏو شاعر آهي. هُو عمر ۾ به وڏو آهي، مطالعي ۾ به وڏو آهي. پڙهيل ڪڙهيل به وڏو آهي ۽ شاعر به وڏو آهي.” وڌيڪ ٻڌايائين؛ “شيخ اياز منهنجي شاعري بابت جيڪو روبرو مون کي چيو، جي اهو جيئن جو تيئن لکان ته پاڻ پڏائڻ واري زمري ۾ اچي ويندو ۽ منهنجي رقيبن کي هڪ نئون موضوع ملي ويندو.”
    1955ع دوران، ون-يونٽ اندر، سنڌ کي ضم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏيرن پيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ون-يونٽ جي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف، سنڌ جو درد رکندڙ ماڻهن ۾، ٻين سميت، اُستاد بخاريءَ جي چپن تي، اندر جو اوٻر اجهو هيئن ظاهر ٿيو:
    ڳــــــاڙهــــا ڳوڙهـا هــيڏهـون، هوڏهــن ڳاڙِهـا ڳلَ
    هــــيڏهــــن ســـادا سُـــودڙا، هـوڏانـهن پِير پڙهيل.
    هـيڏهن ســــورج ساڙيا، هوڏانهــن پينگهه پلـــيل،
    هيڏانهن حامي ڪو نه ٿئي، هــــوڏانهن “دادا” دَلَ
    هـيڏهن ڪــــارا قـــائـــدا، هـــوڏانـــهن جهل نه پل
    ڪهڙيءَ ڀر “اُستاد” آ، ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ
    هـيڏهـن گهــوڙا گهل، مـــاريو مـــاريو هــــوڏنهن.
    هڪ دفعي پڇيومانس؛ “جيڪڏهن شاعريءَ ۾ هڪ سٺي شاعر جو توهان کي نوبل پرائيز ملي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟”
    جواب ۾ چيائين؛ “مان ته هرگز هرگز ‘نَوَبل پرائيز’ جو انسان دشمن ڳٽ، پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪو نه وجهندس. مون کي ايتري بم بارود جي ڌپ ايندي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجي ويندو! ڇاڪاڻ ته بم جو ايجاد ڪندڙ به ته نوبل ئي هيو. مون ته سڄي عُمر بم ۽ بارود جي خلاف لکيو ۽ شاعري ڪئي آهي.”
    هڪ دفعي پنهنجي ٻاروتڻ جي يادن واري ڪتاب جو ورق ورائيندي ٻڌايائين؛ “ننڍڙو هوس ته رات جو سمهڻ وقت، مون کي سهرا يا گيت ٻڌڻ کان سواءِ ننڊ ڪو نه ايندي هئي. امڙ سانئڻ رات جو مون کي ننڊ ڪرائڻ خاطر سهرا ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي رات جو امان سانئڻ هڪ سهرو ٻڌايو، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا؛
    آءٌ ٿـي ڀــانـــيان، راڻل منهنجي راڄ سڏايو
    مان ٿي ڀانيان “پنهل” منهنجي راڄ سڏايو
    “امڙ سانئڻ مون کي گهر ۾ پنهل ڪري ڪوٺيندي هئي. الائي ڇو مون امان سانئڻ جي چپن تي پنهنجون آڱريون رکي پنهنجي مادري زبان سرائيڪي ۾ کيس چيو؛
    “امان، اَي نه ڳاءِ، ميڪون ڊڄ پيا لڳدائي.
    “راڄ رڳو خوشين ۽ شادمانن ۾ ته ڪو نه ايندو آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن گهر ۾ ڪو حادثي جهڙو واقعو برپا ٿيڻ تي ۽ گهر ۾ موتي فوتي ٿيڻ تي به ته راڄ ڪٺو ٿيندو آهي نه؟”

    مئي مهيني 1990ع جي ڳالهه آهي. آءٌ ڪراچيءَ جي انچولي بس اسٽاپ، نزد يوسف پلازه تي بس ۾ سوار ٿيڻ لاءِ بيٺو هوس. اوچتو صدر کان ايندڙ هڪ بس مان آواز آيو؛ “نذير! اتي بيهه!” ڏسان ته سنڌ جو معروف شاعر ۽ پبلشر، قاضي مقصود گل لٿو ۽ ٻڌايائين؛
    “چڱو ٿيو جو هتي ملي وئين. اُستاد بخاريءَ جو تو لاءِ خاص نياپو آهي. ساڻس شاليمار هوٽل ڪينٽ اسٽيشن تي ملي وڃ، جو هُو لنڊن وڃڻ لاءِ تيار آهي.” مون ڳوٺ وڃڻ جو ارادو بدلائي، سڌو ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن رُخ رکيو. ڪائونٽر تان معلوم ڪري، سڌو ڪمري ۾ ويم. مون تي نظر پوڻ سان ئي چيائين؛ “هيڏي اچڻ کان اول، توکي فون ڪيم. خبر پئي ته تون سروهين ويجهو، رپڙيءَ ويل هُئين ۽ اُتان ڪراچيءَ وڃڻو آهين. ڏاڍو سٺو ٿيو، جو ملي وئين. سڀني پرين پيارن کان موڪلائي آيم پئي، ته ذهن ۽ دل جي پردي تي تون نمودار ٿئين. توکان ريءَ موڪلائڻ، ڏاڍو موڳو ڪري ڇڏيو هو.”
    لنڊن کان موٽيو ته ٻڌايائين؛ “اڃا هڪ دفعو ٻيهر وڃڻو پوندو.”
    ٻيهر به ٿي آيو ته پڇيومانس؛ “ٻه دفعا لنڊن مان ٿي آيو آهين، ڪا خاص ڳالهه؟”
    چيائين؛ “اگهو ويو هيم، ڪاش سگهو وڃان ها. البته اُن ڏينهن دل وڏي ٿي وئي، جڏهن ڊاڪٽر انور هاليپوٽي سان گڏجي، سنڌ جو نامور اديب جمال ابڙو پڇڻ آيو. الائي ڇو جمال ابڙي سان ملڻ وقت اکيون ڀرجي آيون. لڳو ته ڄڻ منهنجي گهر جو ڀاتي، هوائن جي رستي لنڊن هليو آيو آهي.” پنهنجي والده جو هي سودائي ٻچڙو، هن دنيا ۾ بي چيني، بيقراريءَ ۽ تڙپ سان زندگي گهاريندڙ، 9 آڪٽوبر 1992ع تي رات جو پاڻ سان سنڌ جا سُور، محبوبن جا ماڻا ٽاڻا، رقيبن جون نفرتون ۽ هزارين سوداءَ کڻي هيئن چئي هليو ويو؛
    الائي ڇا ٿيندو هن خطي جو؟
    مُئو اُستـــاد ٻـــڏتر ۾ وڃان ٿو.
    اڄوڪي سنڌ ۾ هر ڏهن ماڻهن کان پوءِ هڪ قافيه طراز، تڪبند ۽ متشاعر شخص آسانيءَ سان ملي ويندو. جڏھن ته هڪ موزون طبع، اصلي شاعر ۽ تڪبند مُتشاعر ۽ پراوا خيال ۽ شاعراڻا جملا چورائيندڙن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي سو اُستاد بخاريءَ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو. اهلِ نظر، ان کان ناواقف به ناهن. اُستاد بخاريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي چوڻين ۽ پهاڪن، تشبيهن ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ تي وڏي دسترس (مهارت) حاصل هئي. هن گهڻو تڻو سمورين صنفن تي لکيو آهي. هن جي ڪافين ۽ گيتن ۾ غزل جهڙو رنگ سمايل آهي. اُستاد بخاريءَ جي شعرن ۾ جيڪا وسعت ۽ شدت آهي، اُها ساراهڻ جوڳي آهي.
    عالمي شهرت يافته ناول نگار گابريل گارشيا مارڪيز، ٻئي ڪنهن لاءِ غم جو اظهار ڪندي جيڪي جملا چيا هيا، سي مان به هلڪي ۽ معمولي ڦيرڦار سان اُستاد بخاريءَ جي لاءِ هتي لکان ٿو؛
    “اُن خوبصورتيءَ جو خاتمو ٿي ويو،
    جنهن ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ کي،
    پنهنجي منفرد،
    روانيءَ واري شاعراڻي انداز سان،
    هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين،
    سيراب ڪيو!”


    • خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو! (استاد بخاريءَ جي ياد ۾)

    ويهين صديءَ، پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو:
    وســــوســــو اڄ بــــه (ڀـــــي!) ٽـــــٽـــل امـــــيــــد تــي،
    دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار!
    حاڪم علي شاهه ڪاڳر هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو؛ “وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن. ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون، ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟” ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: “ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض توهان کي مهمان طور ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!” ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چِيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: “فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪُون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.”
    اُستاد بخاري پنهنجو ئي شعر جهونگاري ٿو:
    بــــجــــنــســي بـاهـه بَـــٺــي آهــي، مـان چــوان نـه چـوان،
    حــــيــــاتــــي پــــوءِ بــــه مـٺي آهي، مان چـوان نـه چـوان.
    ڪري پـئي آڳ تـي “ماتم”، تڪي پئي “عـيد” اڳيان،
    “بــــخــــاري” زنــدگي هــيءَ آهـي، مان چـوان نـه چـوان.
    ٻارنهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: “ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا، پر اُستاد ڪو نه ملين.”
    سندس باقي لفظ ڪو نه ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستادبخاري نڪري چوندو هو: “اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.”
    ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ “اُستاد کي ٻڌاءِ ته نئين ديري مان نذير سومرو آيو آهي.”
    ڇوڪري اندر وڃي، گهر لڳ ڪمرو/اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ “ٿوري دير لاءِ ويهو.” جهٽ رکي، ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو. ان ڪري آءٌ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته چيائين؛ “ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!”
    سندس جسماني صحت کي ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ “اُستاد ئي آهي.”
    ڳالهينڳالهين۾هنديفلمجيهڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين:
    “دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي.”
    پوءِ چيائين؛ “نذير! تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي.”
    آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ “ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي!” اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون.
    نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي، جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي، ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ “عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.”
    اُستاد بخاريءَ جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽ بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي!
    سنڌ۾ابترحالتون ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ “اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي.”
    نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ “اسان جيقومڪُڪڙقومآهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.” مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام.
    سنڌي سماج کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين:
    ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر ۾ وڃان ٿو،
    ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛
    خبر ناهي ته ڇا ٿـيـندو خـطـي جـو،
    مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو.
    اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ، هتي ڪيترا ئي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها.
    سندس موت جي ڪري، سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي! هُو ته زندهه آهي، پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسان جي دلين ۾. آءٌ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪارشاعري ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو چپن تي مُرڪ آڻي، ٻاهر اچي چوندو؛ “ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟”

    (ٽه ماهي ‘مهراڻ’، سرءُ 2005 تان، ٿورن سان کنيل)
    ***


    • سنڌي ادب ۽ شاعري جو بودلو بهار (ذوالفقار راشدي)

    مختصر تعارف:
    پورو نالو: سيد ذوالفقار علي شاهه
    ادبي نالو: ذوالفقار راشدي
    ولد: سيد محمد امام شاهه راشدي
    جنم ڏڻ: 10 مارچ 1938ع
    جنم ھنڌ: پيرجوڳوٺ لڳ نئون ديرو (تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو)
    ابتدائي تعليم: وڳڻ، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو مان
    تعليم: بي اي ۽ ايل ايل بي
    سماجي حيثيت: پنهنجي موروثي گاديءَ جو اٺون پڳدار
    ادب ۾ شعبو: شاعري ۽ تنقيد
    لکڻ جي شروعات: 1949ع، شاعريءَ سان
    پهريون ڇپيل شعر: ماهوار “اسان جي منزل” (دادو) ۾ 1952ع ۾ ڇپيو.
    صحافتي حيثيت: ايڊيٽر هفتيوار اخبار “هاري” 1953ع کان 1954ع
    ايڊيٽر ۽ پبلشر: هفتيوار “مذهب انسانيت” 1960ع
    ڇپيل ڪتاب: 1- سوچ کي لوچ (شاعري مجموعو) 1982ع
    2- ڪسوٽي (تنقيد) 1986ع
    وفات: 26 آگسٽ، 1986ع

    پنهنجي پرين پيارن جي وصال وارا ڏينهن/مهينا اچن ته ڄامشوري جي سانوڻ وارين بدمست هوائن جيان، يادون به پنهنجو زور لڳائي ۽ گهوگهاٽ ڪري، ائين اڳتي وڌڻ ۽ هلڻ نه ٿيون ڏين جيئن اڄ کان ڪيئي ڏهاڪا اڳ، هڪ ڪچڙي منجهند جو ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن جي ڀر واري روڊ کان، سنڌي ادبي بورڊ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ تائين، ڄامشوري جي هوائن اڳتي هلڻ ۽ وڌڻ نه ڏنو هو. نئين ديري کان ڪراچي ويندي، حيدرآباد ۾ هڪ رات ڊاٻو ڪرڻ کان پوءِ، ايندڙ صبح جو ساجهري ذوالفقار راشديءَ چيو: “نذير احمد، ڄامشوري مان گذرئون ۽ غلام محمد گراميءَ سان نه ملئون، اهو ته ڪفر جي برابر ٿيندو.” پوءِ ڪار، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن ٽپي ته، کري بيهي رهي.
    ذوالفقار راشديءَ چيو: “چڱو ٿيو جو هتي خراب ٿي، هتي وسنئوءَ ۾ ته آهيون. اڳتي هلي خراب ٿئي ها ته ڏاڍو پريشان ٿيون ها. ائين گرامي صاحب سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ به گهڻو وقت ملي ويو.”
    ڪار جي ڊرائيور کي هدايتون ڪري، پاڻ پنڌ ئي پنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن وياسين. عمارت ۾ داخل ٿيڻ سان ئي، سامهون ايندڙ بورڊ جي ملازم چپن تي مرڪ آڻي، راشدي صاحب جي آجيان ڪئي. پڇيائينس: “گرامي صاحب جن آفيس ۾ آهن؟” جواب ۾ هن هائوڪار ڪئي ته اسين سڌو گرامي صاحب جي آفيس ۾ ھليا وياسون. گرامي صاحب جي هٿن ۾ ڪو ڪتاب هو، جيڪو وڏي غور سان پڙهي رهيو هو. السلام عليڪم جي آواز تي، هن ڪتاب تان نظرون کڻي، اسان ڏانهن ڏٺو ۽ ڇرڪ ڀري اٿيو. ڪافي دير ذوالفقار راشدي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ٻکيو بيٺو رهيو ۽ ويهڻ سان چيائينس: “ظالم! سنڌي ادب ۽ شاعري جا بودلا بهار! ايترا ڏينهن ۽ مهينا ملڻ ۾ وجهبا آهن! نئين ديري کان ڄامشوري تائين اچڻ لاءِ ڪنهن ويزا، ڪا پرمٽ ۽ ڪنھن پاسپورٽ جي به ضرورت آهي ڇا، جو توکي ڄامشوري جي ويزا نه پئي ملي! يار، پاڻ ته انهن ڏينهن کي مهينا سال نه، پر صديون ٿا سمجهئون، جيئري ايڏيون جدايون!” پوءِ کلي چيائينس: “ماسٽر چندر جي آواز ۾، هي ٻول ته ضرور ٻڌا هوندءِ: سرءُ نه ڪر درياهه وانگر. تو ته ميان! درياهه واري سرءُ ڪري ڇڏي آهي!”
    ٻئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. چانهه جي چسڪين ۾، ذوالفقار راشديءَ سان مخاطب ٿيندي، گرامي صاحب چيو: “مون تنهنجي شاعريءَ کي جديد ۽ قديم شاعريءَ جو حسين سنگم ڪوٺيو آهي ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ به ناهي. مان تنهنجي شاعري تي ڀرپور مقالو لکڻ ٿو چاهيان. تون جيتري قد بت جو شاعر آهين، ايترو تو تي لکيو ئي ڪو نه ويو آهي. پر يار، هيءَ تو ڪهڙي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ رڳو مرڻ جون ڳالهيون ٿو ڪرين پيو! ٻيلي ڏاهو ٿيءُ! هيءَ عمر آهي تنهنجي مرڻ جي؟”
    موٽ ۾، ذوالفقار راشدي چيس: “هي مٽيءَ جو ڀانڊو جڙيو آهي، ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن ڀڄي ڀور ته ٿيڻو آهي يا نه؟”
    ان تي گرامي صاحب چيس: “ميان راشدي صاحب! وائي سڻائي ڪڍ! توکي جيئڻو آهي، پنهنجي گهر جي ڀاتين لاءِ، پنهنجي اولاد لاءِ، سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ! اسان تنهنجا دوست آهيون. اسان سڀني کي تنهنجي ضرورت آهي.” اڳتي چيائينس: “هاڻي ڪا نئين شاعري ٻڌاءِ ۽ ‘مهراڻ’ جي ايندڙ شماري لاءِ ڏنيون به وڃ!”
    ذوالفقار راشدي چيس: “نئين شاعري ته ڪونه آندي اٿم. لڳي ٿو ته شاعري جي ديوي به، نخريلي محبوبائن وانگر، نخرا ڪري رسڻ شروع ڪيو آهي.”
    گرامي صاحب چيس: “ڀلا هو شعر ٻڌاءِ، جڏهن ڪنهن جهڙالا نيڻ کڻي توکي ويتر اڃيارو ڪيو هو.”
    ذوالفقار راشدي، پنهنجي ڌيمي آواز سان، پنهنجي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي:

    مون اڃاري اک کڻي ڪنهن ڏي ڏٺو،
    ڪـنـهـن جهـڙالا نــيـڻ ڍرڪـائـي ڇـڏيا.
    اڌ کلــيــن اکـــڙيــــن جا پاڇولا پيا،
    جـــن اســان جــا جــام جـرڪـائـي ڇـڏيا.
    *
    خـواب کـي پــنــهــنــجـو سڏڻ مان فائدو؟
    واءَ کــي ڌاڳــــا ٻــــــــــڌڻ مــــان فـــائــــــدو؟
    جنهن جي هڪڙي مرڪ به تنهنجي نه آ،
    تـنــهــنـجــي لاءِ روئـــي پــوڻ مـان فائدو؟
    اڻ ڏٺـــن جــــي مــــوهه ۾ ايئــن موهجي،
    ايــتــــرن ڦـــــاهــــن ڦــــڪـــڻ مــــان فائدو؟
    پـيــار کـان انـــڪـــار جــو اوڙهـي نـقاب،
    هــانـــو تــــي ٺـــوڪـر سـهــڻ مــان فائدو؟
    *
    جـانـي چتائي ڏس اهو آهي “ذوالفقار”
    جو آهـي پنهنجي وقت جو بودلو بهار.
    آخر ۾، ٽهڪن ۽ خوشين ڀريو تاثر کنيو، غلام محمد گرامي صاحب کان موڪلائي نڪتاسين. ڪار جڏهن سپر هاءِ وي تي، ڄامشوري وارو ٽول پلازه ٽپي ته، هڪ ٽرڪ اسان جي اڳيان ڪراچي جي طرف وڃي رهي هئي. پويان وڏن اکرن ۾ لکيل هئس: “ذرا فاصله رکين”. ذوالفقار راشدي مون ڏي ڏسي چيو: “ڀلي اهي اکر/الفاظ ڪنهن ڄٽ لکيا هجن، پر انهن کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻتهاهيوڏيمعنى۽مفهوم رکن ٿا. زندگيءَ ۾، عام ماڻهن سان ملڻ وقت، فاصلو رکڻ ضروري آهي، نه ته ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا.”
    ذوالفقار راشدي، پيدائشي شاعر هو. جڏهن سندس عمر فقط 14 ورهيه هئي، تڏهن ماهوار “اسان جي منزل” دادو ۾ 1952ع ڌاري سندس هي شعر پهريون دفعو ڇپيو هو:
    هي منهنجي داستان ۾ وڃي رهندو يادگار،
    ناهي هي شعر دل جو آهي درد، ذوالفقار.
    هو پيدائشي شاعر هوندي به مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪيٻائيندو هو. چوندو هو: “مشاعرن ۽ اسٽيج واري شاعري ۾ هڪ جيترو معيار ڪونهي.”
    سٺي شاعر سان گڏ، ذوالفقار راشدي جو نالو، ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص طور ون-يونٽ ۽ پوءِ ايندڙ دور جي، پهرين ۽ عمدن نقادن ۾ به ڳڻيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ذوالفقار راشدي کي اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا اردو ادب ۾ هندستاني اديب ۽ نقاد، مرحوم رشيد احمد صديقي کي حاصل آهي.
    اردو زبان جو نامور اديب ۽ نقاد، ڊاڪٽر گيانچند پنهنجي ڪتاب “تحقيق ڪا فن” ۾ لکي ٿو: “تحقيق؛ عربي زبان ڪا لفظ هي. جس ڪي حروف ت ح ق ق هين. اس ڪا مطلب هي حق ڪو ثابت ڪرنا يا حق ڪي طرف ڦيرنا.”
    اردو ادب جي اهم نقاد، ڊاڪٽر گيانچند جي ڏنل مٿين راءِ کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن ذوالفقار راشدي جي تنقيدي مضمونن جو مطالعو ڪبو ته محسوس ٿيندو ته ذوالفقار راشدي هڪ معتبر نقاد آهي. سندس تنقيدي مضمونن ۾ ڪنهن به قسم جي پاس خاطري ڪا نه ملندي. بلڪ استدلال، منطقي ربط، متن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، ان جو لب و لهجو يڪ-طرفو نه پر اڻ-ڌريو محسوس ٿيندو. پنهنجي مزاج ۽ ڳالهائڻ وانگر، هن جي تنقيد ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ به ڌيما ۽ اعتدال وارا هئڻ سان گڏ، کيس تمام اونهو ذهني شعور رکندڙ ۽ گهڻ-پڙهيو هئڻ ثابت ڪن ٿا. کيس عام نقادن جي صف مان ڪڍي، الڳ ۽ نمايان حيثيت ڏيارين ٿا.
    تنقيد وانگر، ذوالفقار راشدي جي غزل کي به انفرادي حيثيت حاصل آهي. سادي ۽ فصيح انداز ۾، حسن ۽ عشق جي معاملن ۽ صوفياڻي فڪر کي، غزل جي ڍانچي ۾ اهڙو ته فٽ ڪيو اٿائين جو سندس غزل جي موضوع ۾ گهرو سماجي شعور نظر اچي ٿو. سنڌي غزل کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. اها به حقيقت آهي ته ذوالفقار راشدي ان زماني ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، جڏهن لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ “بلبل بيقرار” جون صدائون ختم ڪونه ٿيون هيون. هن پنهنجي قدرتي صلاحيتن سبب، سنڌي غزل کي نين روايتن سان سڃاڻپ ڪرائي. ان کي خاص معيار عطا ڪيائين. هن شاعري ۾، بيجا انڌي تقليد کان پاسو ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس سموري شاعريءَ ۾، پنهنجي انفراديت قائم آهي. آزاد حياتيءَ جي جدوجهد، محبوب جا ماڻا ٽاڻا، شاعري ۾ هن جا پسنديده موضوع هئا. جڏهن محبوبن جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پوي ٿو ته بي اختيار چوي ٿو:

    توبهه هي انتظار، اسان کان نه ٿو پڄي،
    لٽجي وڃي قرار، اسان کان نه ٿو پڄي.
    ۽ ڪنهن محبوباڻي طعني ملڻ تي چئي ويٺو:
    ڪنهن چلڪڻي ۽ شوخ چيو ڊڄڻا ذوالفقار،
    توسان ڪريون پيار، اسان کان نه ٿو پڄي.

    ذوالفقار راشدي زندگيءَ ۾ به کرو ماڻهو هو ۽ ڪا ڳالهه گجيءَ ۾ لڪائي رکي ڪونه سگهندو هو. تڏهن پاڻ ئي چوي ٿو:

    سرءَ کي چئون بهار، اسان کان نه ٿو پڄي!

    ***


    • ذوالفقار راشدي: گهڻ رخي شخصيت

    نوٽ: ذوالفقار راشدي، 10 مارچ 1938ع ڌاري، راشدي گهراڻي جي ستين پڳدار سيد امام راشديءَ جي گهر، پير ڳوٺ ۾، اکيون کوليون. هن سموري تعليم خانگي طريقي سان حاصل ڪئي، انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي عبور حاصل ڪيو. هو صحافي به رهيو ته حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪاميٽيءَ ۾ به سرگرميءَ سان بهرو ورتائين. سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال بخاري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، ۽ ننڍي کنڊ جي ليکڪا قرت العين حيدر ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن سان سندس علمي، ادبي ۽ سياسي لاڳاپا رهيا. “مذهبِ انسانيت” رسالو به ڪڍيائين.”ڪسوٽي” سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو ۽ “سوچ کي لوچ”سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا مسودا سندس لائبرري ۾ موجود آهن. (ايديٽر ماهوار سوجهرو)
    سنڌ جي شاعرن ۾ ذوالفقار راشديءَ کي هڪ منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سندس غزل ۾ تغزل، تازگي ۽ لهجي ۾ نواڻ ۽ سوز آهي. روايتي سنڌي غزل کي ذوالفقار راشديءَ شعري جماليات ۽ لسانيات جو نئون وڳو پهرايو، جنهن سان سندس غزل جو حسن ٻيڻو ٿي پيو ۽ غزل-گو شاعر جي حيثيت ۾، سندس سڃاڻپ به قائم ٿي.
    ذوالفقار راشديءَ جي شاعري، هڪ دل شڪسته شاعر جي، عدم اطمينان جي شاعري ناهي. نه ئي هو اڄ جي سنڌي شاعر وانگر، عادتًا يا هروڀرو، عاشق مزاج ۽ رومان پسند آهي. نه ئي هو مشاعرن جو شاعر هيو، جتي ڳلي باز ۽ تڪبند شاعر پنهنجي نڙيءَ جي زور تي پنهنجا ڪچا ڦڪا ۽ اڌ اکري شعر پڙهي، ڪوٽ کٽندا )پار پوندا( آهن. سندس شعرن ۾ جيڪا پختگي ۽ نواڻ آهي، سا ته ڪيترن ئي شاعرن جي حصي ۾ سڄي عمر نه آئي ۽ نه ئي اچڻي آهي. پاڻ ئي چوندو هيو: “هاڻي پراڻي شاعريءَ وارو زمانو ناهي رهيو. هاڻي شاعريءَ جو ڪو مقصد هجڻ گهرجي وارو زمانو آهي.”
    ذوالفقار راشديءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت، پيار ۽ عشق جون به ڳالهيون ڪيون آهن پر هن پنهنجن شعرن ۾ ڪٿي به لفظن جو مانُ نه وڃايو آهي. هن پنهنجي شعرن ۾ لفظن جي حرمت کي بحال رکيو آهي.
    هو پنهنجن خيالن کي، شعر جي سانچي/قالب ۾ فٽ ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو هو. هو جهيڻي لهجي وارو شاعر هو. سندس شعر صاف سٿرا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم طرزِ فڪر سان هڪ توازن پيدا ڪيو. اهو شاعريءَ جو توازن ئي ذوالفقار راشديءَ جي الڳ سڃاڻپ بڻجي ويو. ائين به ناهي ته ڪو ذوالفقار راشدي صرف غزل واري شاعري ڪئي آهي. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ معاشري جي بدلجندڙ قدرن، پنهنجي تهذيب جي پائمالي، اخلاقي ڏيوالپڻي، پنهنجن جي بيوفائي، قدر شناس ماڻهن جي مجرمانه خاموشيءَ، وصل جي سرشاري ۽ هجر جو ڪرب، هر هنڌ ليئا پائيندي نظر ايندا. حقيقت به اها آهي ته ذوالفقار راشدي هڪ پيدائشي شاعرهو.سندسشاعري پڙهي، شاعريءَ جي ڄاڻ رکندڙ، اهو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه ڪندو ته شاعريءَ جي آمد ۽ آورد ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق آهي.
    ذوالفقار راشدي پيڙهائتيو پير ۽ مرشد هئڻ جي باوجود، عوام دوست ۽ انقلابي سوچ جو مالڪ هو.
    ذوالفقار راشديءَ جو مطالعو بيحد وسيع هو. انگريزي ادب جو کيس وڏو مطالعو هو. هن دنيا جي سمورين علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو اڀياس ڪيو هو.
    سندس علمي ڌاڪ ۽ ڄاڻ جا، سندس منڪر به کُليءَ دل سان اعتراف ڪندا. سندس علمي ڄاڻ جا ثبوت “سوجهرو” جا سن ستر واري ڏهاڪي جا اهي شمارا آهن، جن ۾ ذوالفقار راشديءَ ۽ ٻين اديب دوستن جي وچ ۾، هڪ اڻ کٽ بحث جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي، خواجه سليم، سليم سولنگي ۽ ٻين به بهرو ورتو يا سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب “ڪسوٽي”.
    ذوالفقار راشديءَ جي ادبي دوستن جو حلقو به گهڻو وسيع هو، جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، مرحوم اُستاد بخاري، تاج بلوچ، مرحوم نياز همايوني، تاج جويو، مرحوم ظفر حسن شاهه، مرحوم غلام محمد گرامي، پروانو ڀٽي، مرحوم مخدوم طالب الموليٰ، محترمه ماهتاب محبوب، مرحوم نسيم کرل، مرحوم طارق اشرف ۽ مدد علي سنڌي اچي وڃن ٿا.
    ذوالفقار راشدي، ذاتي زندگيءَ وانگر، ادب ۾ آزاد خيال رهيو. هُو نڪو ساڄي ڌر سان وابسته رهيو ۽ نه ڪي کاٻي ڌر وارن سان. اڃا ائين چئجي ته هو ساڄي ڌر کان وڌيڪ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل رهيو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، لاڙڪاڻي جي بيراج مختيارڪار جي آفيس ۾، قربان علي بگٽي مرحوم سان ملڻ ٿيو، جتي هو ملازم هيو. مرحوم بگٽيءَ کلندي کلندي ذوالفقار راشديءَ کي چيو: “سائين هڪڙي ڳالهه چوان ناراض ته نه ٿيندؤ؟”
    ورندي ڏنائينس: “بگٽي! توکي خبر آهي ته مان وسيع المشرب ماڻهو آهيان! جيڪو توکي چوڻو آهي، سو بنا ڪنهن ٻڏتر جي چئه!”
    تنهن تي قربان علي بگٽيءَ چيو؛ “نه سائين! اهڙي ڳالهه ڪانهي. اصل ۾ آءٌ چوڻ ٿو گهران ته توهان جا ناتا ۽ گهڻ ڀلائي، ساڄي ڌر سان (ياد رهي ته قربان علي بگٽي مرحوم، ساڄي ڌر سان لاڳاپيل هيو) گهاٽا گهرا آهن. بهتر آهي ته توهان ساڄي ڌر سان ملي وڃو ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته کاٻي ڌر وارا توهان کي مڃتا به ته ڪا نه ٿا ڏين.”
    تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته ترقي پسند اديبن طرفان، مون کي مڃتا ڪا نه ملي آهي. جيڪڏهن تون ائين سمجهين ٿو ته به، آءٌ انهن مان ئي ۽ انهن جو ئي آهيان.”
    ذوالفقار راشدي، شاعر هجڻ سان گڏ، هڪ سٺو مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد پڻ هيو. سندس ڪهاڻين جي مجموعي، “خوابن جو مسافر” جو ٽائيٽل، پاڻ ذوالفقار راشديءَ، پنهنجي حياتي ۾ فتاح هاليپوٽي کان ٺهرائي ڇڏيو هيو. ذوالفقار راشديءَ جون، جيڪي ڪهاڻيون ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيون، انهن ۾ سندس ڪهاڻي “ٿرڊ ڪلاس” ٻن ٽن ٻولين ۾ ترجمو ٿي. هن اردو شاعري به ڪئي.
    هڪ اعليٰ درجي جو شاعر، فطرتي حقيقتن جو ترجمان ۽ دائمي قدرن جو قدردان هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هڪ حساس ۽ نرم دل رکندڙ شاعر جو، سرمايو ٿئي ٿو. ائين ئي ذوالفقار راشدي، انساني مت ڀيد کان هميشه آجو رهيو. هو هڪ گادي نشين، روايتي پير، وڏو زميندار هوندي به پورهيتن، هارين، مسڪينن، مزدورن ۽ اٻوجهه ماڻهن جي اندر جي اُڌمن جي ڳالهه ڪندو هو. هُو هڪ آدرشي انسان هو. هو صرف سندن ڳالهيون ڪو نه ڪندو هو، عملي طور انهي جو ثبوت به ڏيندو هيو.
    هڪ دفعي سندس ڳوٺ واري بنگلي جي اندرئين وڏي ويڪري هال (ڪمري) ۾ ويٺا هئاسون. سندس راڄ جو هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو، اندر لنگهي آيو، ويٺو ۽ چيائين: “سائين، ٻڌو اٿم ته توهان مون تي بيحد ناراض آهيو.”
    تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “ڇا تي؟ ۽ اهو توکي ڪنهن چيو آهي؟”
    ان ماڻهوءَ جواب ۾ ڪنهن ٻئي ڳوٺاڻي جو نالو وٺي، هڪ عام ۽ معمولي ڳالهه ڪئي.
    تنهن تي ذوالفقار راشديءَ چيس: “بابا تون ته ڏاڍو ڳهيلو ۽ ڀورڙو آهين. مان ڪنن جو ڪچو ناهيان. پهرين ڳالهه ته تو ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي. جيڪڏهن تون منهنجي مخالف ماڻهن سان گڏجي گهمين ٿو ته پوءِ ڇاهي؟ اهو ته انساني حق آهي. آئون ڪير ٿيندو آهيان! منهنجي دل ۽ سينو ڪشادو آهي. جڏهن منهنجي درگاهه جا، جنهن جو آئون سجاده نشين آهيان، ڪيئي هندو مريد به آهن ۽ اهي منهنجي سيني ۾ سمائجي ويا آهن، ته تون ڪيئن ڌار رهندين؟”
    پنهنجي موت کان اڳ ۾ ئي، مون کي گهرائي چيائين: “ايندڙ هفتي ڪراچيءَ هلنداسون. واٽ تي حيدرآباد ۾ به ڊاٻو ڪنداسون، جتي محترمه مهتاب محبوب، طارق اشرف ۽ مدد علي سنڌيءَ سان به ملنداسين. ٻڌو اٿم تاج بلوچ به بدلي ٿي، حيدرآباد آيو آهي. ان سان به ٻه ٽهڪ ڏئي، ڪراچيءَ هلنداسين.”
    چيومانس: “ڪهڙي تاريخ تي هلڻو آهي؟”
    ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو. چيائين: “تاريخ ڇا جي؟ بس هڪ ڏينهن اڳ ۾ ٻڌائيندومانءِ.”
    مون دل ۾ چيو: في البديهه شعر چوڻ ۽ امالڪ گفتگو ڪرڻ وارو، اٽل ارادي جو مالڪ، اڄ ڀلا ايڏي سوچ ۾ ڇو پئجي ويو آهي! هڪ ته جواب به دير سان ڏنائين، ٻيو تاريخ به مقرر نه ڪيائين. سندس چهري تي ڪنهن طرح جي اداسي به نه هئي.
    26 آگسٽ 1986ع جي شام جو، کيس نڙيءَ ۾ ٿوري تڪليف محسوس ٿي. کيس لاڙڪاڻي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سندس تڪليف ۾ شدت ايندي وئي، تان جو 27 آگسٽ تي، رات جو 2 وڳي، اجل جو فرشتو هن قيمتي روح کي، پاڻ سان گڏ وٺي رمندو رهيو.

    هــــاڻــــي ڪـنـــهـن ســان نــــه آ دوســتــــــي ۽ نـــه دُشــمــنــــــي،
    اي حــــــبـــيــــبـــــو الـــــوداع، اي رقـــــيـــــبـــــــــــــــــو الـــــوداع .
    (ذوالفقار راشدي)

    ***


    • انقلاب ۽ سونهن جو شاعر: ذوالفقار راشدي

    ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي جيڪا نئين پوش، ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿي، تن مان ذوالفقار راشدي به هڪ آهي. شيخ اياز، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، بشير مورياڻي، بردو سنڌي، عبدالڪريم گدائي، غلام محمد گرامي، مخدوم طالب المولى، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، شيخ عبدالحليم جوش، علي محمد مجروح ۽ انهي سطح جي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ نوجوان شاعرن جهڙوڪ: قمر شهباز، شيخ قيوم طراز، فتاح ملڪ، امداد حسيني، الطاف عباسي، محسن ڪڪڙائي، وفا پلي، وفا ناٿن شاهي، نظر سنڌي، تاج بلوچ ۽ ذوالفقار راشديءَ تائين، سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ٿي. ٽه-ماهي ‘مهراڻ’ ۽ ماهوار ‘نئين زندگي’ جي ايڊيٽرن، پنهنجي جوهري ڏانءَ سان انهن موتين کي جرڪايو ۽ نئين ٽهيءَ جو اصطلاح انهن شاعرن جي فڪري رنگيني ۽ اثر انگيزي جي ڪري ئي رائج ٿيو. جڏهن ون-يونٽ ٺهيو ته سنڌي شاعرن جو حسن ۽ عشق جي معاملن مان نڪري، زندگيءَ جي مسئلن سان متصادم ٿيو ۽ مزاحمت جو هڪ انوکو دور ۽ انداز شروع ٿيو. انهيءَ سموري دور ۾، نئين سنڌي شاعريءَ ڪلاسڪ سان پيچ پائيندي، انقلاب ۽ جمال جا نوان رنگ ڄمايا. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جو شمار به انهيءَ دور جي فڪري ۽ فني طور تي مٿانهين درجي جي شاعرن منجهان ٿئي ٿو. هو نه رڳو اهم شاعر ۽ سچو صحافي هو، پر علم ۽ ادب بابت، تنقيد جي ڏس ۾، سندس خاص نقطهء نظر رهيو: ترقي پسنديءَ ۽ جديديت واري آميزش وارو انداز.
    ذوالفقار راشديءَ کي علم ۽ ادب، ڏاڏنگ ۽ ناننگ کان ورثي ۾ مليو. سندس ناني ميان محمد عثمان خان وڳڻن واري جي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي والد الهداد خان جتوئي سان گهاٽي دوستي هوندي هئي. الهداد خان جتوئي سندس ناني سان ملڻ لاءِ ايندو هو ته پنهنجي پٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به پاڻ سان ورتيون ايندو هو. ائين ذوالفقار راشديءَ جي حيدربخش جتوئيءَ سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪا هم خياليءَ هجڻ سبب اڳتي هلي، گهاٽي دوستيءَ جو روپ اختيار ڪري وئي. ٻنهي جي عمرين ۾ گهڻو فرق هو، پر انقلاب ڪنهن به حد سرحد جو قائل نه هوندو آهي. ويتر جو هندستان مان لڏي آيل هڪ نوجوان ۽ ترقي پسند ليکڪ نديم شاهين سهروردي (هن جي مزار هاري آفيس رتيديري جي اڱڻ ۾ آهي) سان ويجهڙائپ پيدا ٿي، ته هن لاڙڪاڻي ۾ ننڍي کنڊ، ايشيا جي مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سيد جمال الدين بخاريءَ سان کيس ملايو، ته سندس ترقي پسند سوچ کي ڄڻ هٿي ملي وئي.
    ذوالفقار راشدي هڪ گادي نشين پير هوندي به، انقلاب جي گس جو پانڌيئڙو رهيو. روشن خيالي ۽ رومانس سندس مزاج جو حصو هئا. ذوالفقار راشديءَ، هڙان وڙان 1957ع ۾ نئين ديري ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن علائقي جي پٺتي پيل ماڻهن جي سياسي سرت کي مهميز ڏني. ڪانفرنس جي صدارت، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڪئي ۽ ڪارروائي سيد جمال الدين بخاريءَ هلائي، جنهن جا اثر پري پري تائين پهتا ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ نوجوانن ساهس ڌاريو.
    ذوالفقار راشدي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مضبوط اعصابي قوتن جو مالڪ هو. کيس زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي تڪليف-ده ۽ ناخوشگوار ذاتي آزمائشن مان گذرڻو پيو، پر هو نظرئي سان سچائيءَ جي ڪري مستحڪم رهيو. اهڙيءَ ريت ادبي دنيا ۾ به نوان معرڪا سَرِ ڪيائين.
    ماهوار ‘سوجهرو’ جي پهرئين ستر واري دور ۾، ادبي ڪمٽمنٽ ۽ نان ڪمٽمنٽ تي هلندڙ بحث ۾ شامل هڪ طرف تنوير عباسي، ممتاز مهر، خواجه سليم، ديپڪ اترادي (فرضي نالو) ۽ سليم سولنگي جهڙا وڏن نالن وارا اديب هئا، ته ٻئي طرف ذوالفقار راشدي اڪيلو هو، جن جي وچ ۾ اڻ کٽ بحث هليا ۽ ڪيترا ئي فڪري مغالطا دور ٿيا ۽ نقد و نظر جو نئون باب کليو.
    ذوالفقار راشدي من موهيندڙ شخصيت جو مالڪ ۽ ملوڪ ماڻهو هو. سندس سهپ، علمي ڄاڻ ۽ رواداري اڄ به مثالي چئجي ٿي. هڪ دفعي باليءَ ۽ مير علي نواز خان ناز واري خيرپور کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٺهيل ون-يونٽ بلڊنگ ۾ موجود هڪ آفيس ۾ ڪو ڪم ڪار هوس. ڪار قومي شاهراهه تان لهي جڏهن ون-يونٽ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺي ته ڪار مان لهڻ بجاءِ ڪنڌ پوئتي ڦيري چيائين: “خيرپور سان تعلق رکندڙ ٻه وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ صوبائي ۽ مرڪزي وزارتون سيڙايون ويٺا آهن. ڇا هن بلڊنگ جو نالو حيدرآباد واري بلڊنگ وانگر بدلائي ناز بلڊنگ يا بالي بلڊنگ نه پئي ٿي سگهيو؟” آفيس مان ڪم ڪار ڇڏائي واندو ٿي، ڪار جڏهن دل شاد منزل ڀرسان گذري ته ڏک وچان چيائين؛ “هيءَ عمارت به هندستان جي تاج محل وانگر محبت جو يادگار آهي. هن محل نما عمارت ۾ خيرپور رياست جي والي مير علي نواز خان ناز جي حڪمران، اقبال بيگم عرف بالي رهندي هئي. اڄ هن محل جي حالت اها آهي جو اردوءَ جي ڪنهن شاعر جي سٽ وانگر:
    الله ري سناٽا ڪه آواز ڀي نهين آتي.”
    ذوالفقار راشدي لفظن جي مزاج، معنائن ۽ انهن جي رمزن ۽ اسرارن جو شناسور قلمڪار هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي ڀرٿي نظر نه ايندي. سندس شعري مجموعي “سوچ ۽ لوچ” ۾ سندس گهرن ۽ تکن جذبن، اُڌمن ۽ مشاهدن واري شاعريءَ ۾ سندس خاص ۽ الڳ رنگ نظر ايندو. سندس ڊڪشن، سندس تجربي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي.
    ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ مان هر مڪتبهء فڪر، مطالعي جو صاحب، ننڍي يا وڏي عمر وارو پڙهندڙ، حِظُ ماڻي سگهي ٿو.
    سنڌيءَ ۾ جيڪي هڪ ٻه وڏا غزل جا شاعر آهن، ذوالفقار راشديءَ جو نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل آهي. سندس غزل جي علامتن، اشارن جي ڪري شعريت جو رنگ ڏاڍو گهرو آهي. هن غزل جي مروجه ۽ نئين لوازمات کي سونهن ۽ غنايت سان هنڊايو آهي.
    ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾ نفيس خيال، لهجي جي انفراديت، فڪر جي گهرائي، ڪلاسيڪل روايتن جي پاسداري، تقليدي نه، پر تخليقي نوعيت جي آهي ۽ انهن وصفن ئي کيس قادر الڪلام شاعر ثابت ڪيو آهي.
    سندس هڪ غزل آهي:
    گذاريــــــون پريشــــــــــان خـــــــيالات وانـــــــگـــر،
    يـــــا ويــران ويـــران مـــــحــــــــــــلات وانــــگـــــر.

    اکــيــن مـــان ٽـمــئــون ٿــا، ڳـلـن تي ڳڙئون ٿا،
    ســــدائــيـــن ٿـــــــــڌي بــونـــد بـــرســـــات وانگــر.

    جــــــتـــــــي لــــــــــــــفــــظ پــــابــــند، آواز قــيدي،
    بـــــهــــشـــــت بــــريــــن ســــو حـــوالات وانگــر.

    اهــــــــا ٻـــــــاٽ ڪـــــــاري، وڃــــــڻ واري آهــــي،
    هـــــــي آثــــار اوڀـــــر ۾ پـــــرڀــــــات وانـــــگـــر.

    ڪــــوئــــي جـــانِ عـــالـــم، اسان جو به هونـدو،
    اچـــــي ڪــــــوٽ ڊاهـــي، طــلـســــمــات وانگـر.
    شاعريءَ سميت هو عمدو نقاد پڻ هو. سندس مغربي ادب جو گهرو ۽ وسيع مطالعو هو، جنهن جو اثر سندس تنقيدي مضمونن مان ليئا پائيندي نطر اچي ٿو. “ڪسوٽي” سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي. هو معروضي حقيقتن جو نقاد ۽ گهڻ-پڙهيو فرد هو.
    سندس مزاج ۾ پنهنجون ديسي روايتون به شامل آهن. ذوالفقار راشديءَ جي تنقيد معروضي آهي. هو پاسخاطريءَ يا ذاتي حملن کان گهڻو تڻو پاسيرو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس تنقيد ۾ به سندس شاعريءَ وانگر، اخلاقي قدرن ۽ مشرقي روايتن جو خوبصورت انداز موجود آهي جيڪو سندس ڇنڊڇاڻ واري سونهن کي معتبر بڻائي ٿو.

    ***


    • وفا ناٿن شاهي: هڪ شخص، هڪ شاعر

    ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. زندگيءَ جا ڏينهن۽ هفتا، مهينا ۽ سال، پل بڻجي، هوا ۾ اڏري ويا آهن. 1976ع جي جنوري جو مهينو هو. سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن ۽ ڀورن بادلن سان ڀريل هو. سڄي رات مينهن ڇڇڪار ڪري وسيو هو. صبح جا 10 پئي ٿيا، پر اڃا سنهي بوند لڳاتار وسي رهي هئي، جنهن جسم ۾ سيئاندو پئي ڪيو (ان زماني ۾ سيءَ به ڏاڍا پوندا هئا. ويهين صديءَ جي آخري سالن کان نقلي خدائن بم بارود هڻي، اصل خدا جي ڌرتي کي ڌرتتي ۽ تنور بڻائي ڇڏيو آهي، جو سيءَ ۽ ڪتيءَ لٿا پارا به ڄڻ موڪلائي ويا آهن). گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، هاڻوڪي استاد بخاري ڪاليج، دادوءَ جي ڪيمپس ۾ ٺهيل هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾، ڪوئلن جي سگريءَ تي چانهه ٺاهي رهيو هيم. ڪمري جو ٻيڪڙيل در اوچتو کليو ۽ استاد بخاريءَ جو آواز آيو: “ڇو ڀلا 10 به ٿي ويا آهن ۽ اڃا ڪاليج لاءِ تيار ناهين ٿيو؟” سگريءَ تي نظر پوندي چيائين: “ههڙي سهاني موسم، اڃا به ائين چئجي ته عاشقاڻي موسم ۾ چئبو ته چانهه جو مزو پيو وٺين!” سندس پويان، ٻه قداور ۽ اوپرا ماڻهو به اندر داخل ٿيا. منجھانئن هڪڙو ڪلين شيوِ هو ۽ مٿي تي هلڪا وار هيس. ٻئي جون مڇون رکيل ھيون ۽ ڏاڙهي صاف ھئس، نظر جي عينڪ پاتل ھئس ۽ مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر-ڪٽ وڏا وار رکيل هيس.
    ٽِپ ڏئي اٿيس ۽ استاد بخاريءَ سان ڀاڪر پائي مليم. باقي ٻنهي سان روايتي سنڌي انداز ۾ کيڪار ڪيم ۽ کين ڪرسين تي ويهڻ جي آڇ ڪيم. ھو ٻئي ته ڪرسين تي ويهي رهيا پر استاد بخاري بوٽ لاهي، مون واري وڇايل هنڌ تي چڙهي، گرم ڪمبل ۾ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي چيو: “ننڍپڻ لاڪون پاڻ کي سوَڙ ۾ ويڙهي يا گهر جي چلهه ۾ ٻريل باهه جي ڀرسان ويهي هٿ پير سيڪڻ، منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي رهي آهي. هينئر به جڏهن منهنجي عمر 40 سالن کان مٿي هلڻ واري آهي، ته به آئون ڄڻ ڪو ٻار آهيان، جيڪو سوڙ ۽ چلهه جي ڀرسان ويهڻ واري عياشي ڪري ٿو.”
    استاد بخاريءَ بالم ٿي ويهڻ کان پو پڇيو: “هنن کي سڃاڻين؟”
    چيومانس: “نه!”
    چيائين:“ٿوروچتائي ڏسينِ! متان هنن کي ڪڏهن ڪٿي ڏٺو هجئي؟”
    مون مهمانن ڏانهن چتائي ڏٺو، پر سندن منهن مهانڊا ايترا ڏٺل وائٺل ڪونه لڳا، جو ٺهه پهه کين سڃاڻي وجهان، سو ٿورو شڪي ٿيندي چيم: “نه بخاري صاحب! مون کي ياد نه ٿو پوي.”
    کلي چيائين: “هي ٻئي سنڌ جا اهم ۽ سٺا شاعر آھن. منهنجا گهاٽا دوست پڻ آهن. ٻنهي سان منهنجون ڪيئي يادون وابسته آهن. ساڻن عمر ڀر جا ڳانڍاپا ڳنڍيل آهن ۽ رهندا، جيستائين اجل جو فرشتو نه ٿو اچي. هي جيڪو تنهنجي سامهون عينڪ پائي ويٺو آهي، سو سيد آهي ۽ شاعري جي دنيا ۾ محسن ڪڪڙائيءَ جي تخلص سان مشهور آهي ۽ ٻيو وفا ناٿن شاهي آهي، جيڪو غزل جو بادشاهه هجڻ ڪري اسان سنڌي شاعرن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. اتفاق سان هي ٻئي شاعر، سڀاڻي کان ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساليانن امتحانن ۾، ايم اي فائينل جي پرچن ۾ ويهندا. اڄ ڪاليج مان امتحاني سلپون کڻڻ آيا، ته دل چيو تو سان کين ملايان.”
    زبان سان چيم: “الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي!” وري دل ۾ چيم؛ اڄوڪو ڏينهن ڪيڏو نه سندر، صدورو ۽ وڻندڙ آهي، ڇو جو سنڌ جا ٻه ڀلا شاعر، مون وٽ پاڻ هرتو هلي آيا آهن، جن ههڙي سهاني موسم ۾ وڌيڪ خوشگوار اضافو ڪيو آهي. چانهه جي چسڪين ۾ پيار، ادب، سياست ۽ امتحانن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. سنهي بوند بند ٿي ته استاد بخاري چيو: “اسان هاڻي هلون ٿا. ڏوپهرو مون وٽ اٿن. موسم سٺي هجي يا خراب، پر تون ضرور اچجانءِ. ٻه گِرهه گڏجي کائينداسين.”
    موڪلائيندي وفا ناٿن شاهي منهنجو هٿ پڪڙي چيو: “مان انتهائي غريب ماڻهو آهيان، سڪ ۽ قرب جو بُکيو ۽ منهنجون خوشيون به ڏاڍيون ننڍڙيون آهن. تو جيڪا پيار، سڪ ۽ خلوص منجهان چانهه پياري ۽ جيڪو قرب ڏنو آهي، اهو تنهنجو قرض مون ڏي ٿيو، جيڪو لاهي به سگهندس الائي نه؟ لڳي ايئن ٿو ته اهو تو وارو قرض سڄي عمر وياج سميت چڙهندو ۽ وڌندو رهندو!” پوءِ پنهنجو شعر چيائين:
    هو تنهنجا ٿورا لاهي نه سگهيو ته ڳائيندو پيو،
    وفــا غـــريــب ســهــــي، بـــي ضــمــيــــر ناهي ڙي!
    دل ۾ چيم: “ڇا جو ٿورو؟” زبان سان چيومانس: “ڇو ٿا شرمندو ڪريو. اهو ته توهان جو احسان آهي جو ٻه پير ڀري مون وٽ آيا آهيو.”
    پوري ٻي بجي منجهند جو، مينهن ۾ ڪپڙا ڀڄائيندو، استاد بخاري جي گهر واري اوطاق، غريب آباد دادو ۾ پهتم. ماني کائي، اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ، شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. اڳ ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي شاعري جي ابتدا هن شعر سان ڪئي:
    مون کي سائين ڪري لکين ٿو خط،
    ان کي به تنهن جي مان ادا ٿو سمجهان.
    کوڙ ساترا ٻيا شعر به ٻڌايائين. ٿوري دير کان پوءِ استاد بخاريءَ وفا ناٿن شاهي کي چيو: “وفا هاڻي تنهنجو وارو اٿئي.”
    وفا پنهنجي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي ته، استاد بخاريءَ مون ڏي ڏسندي چيو: “وفا جي مادري زبان سنڌي نه، پر پنجابي اٿئي، پر ڏسجانءِ ته ظالم سنڌي ۾ ڪهڙي نه ڇرڪائيندڙ ۽ دل ۾ چڀندڙ شاعري ڪري ٿو.”
    وفا جي، ننڍي بحر ۽ وزن ۾ ڇرڪائيندڙ قافين واري شاعري ٻڌي مون دل ۾ چيو؛ منهنجو هي وهم آ، شڪ آ، گمان آ يا ڪا حقيقت آهي، جو مادري زبان ته پنجابي اٿس، پر سنڌيءَ ۾ ههڙي شاعري! اکين ۽ ڪنن تان اعتبار کڄندو ۽ کسڪندو محسوس ٿئي ٿو. ائين وفا ناٿن شاهي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ٿي، جنھن تان مون کي خليل جبران جا لفظ ياد پيا:
    “عرش جي هيٺان خدا جا خزانه موجود آهن، جن جون چاٻيون شاعرن جون زبانون آهن.”
    وفا ناٿن شاهي جو اصل نالو مشتاق علي آهي، سندس جنم اوڀر پنجاب (انديا) جي هڪ ڳوٺ بنڊاله/بنڊياله ۾ ٿيو. بنڊياله جو ڳوٺ ضلعي امرت سَر جي تعلقي ترن تارن (ترڻ تارڻ) ۾ آهي، جنهن ۾ اڪثريت سکن جي هئي، جنهنڪري پاڪستان جي ٺهڻ سان ضلعي امرت سر ۾ رڻ ٻري ويو. وفا جو ڳوٺ به ان باهه جي چڻنگن ۾ وڪوڙجي ويو. سندس والد خيرات علي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار ڪندو هو، به اڌ رات جي ڪاري ٻاٽ اونداهيءَ ۾ پنهنجن ٻارن ۽ زال سميت، چورن وانگر نڪري، لاهور ۾ مهاجرن لاءِ ٺاهيل سرڪاري ڪيمپ ۾ اچي پهتو، جتان 6 مهينن کان پوءِ، کيس ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي هڪ ڳوٺ “گوزي” ۾ موڪليو ويو. قسمتن جا ڦيرا آهن. انڊيا واري پنجاب جي هڪ ٻهراڙي مان نڪتا ته پاڪستان جي ڪنهن وڏي شهر ۾ آباد ٿينداسين، پر هتي سندن قسمت ۾ وري به هڪ ٻهراڙي يعني گوزو لکيل هئي. جڏھن گوزي ۾ وفا پهريون درجو پرائمري پاس ڪيو تڏهن سندس والد وٽ اجل جو فرشتو گڏ هلڻ لاءِ پيغام کڻي آيو. نتيجي ۾ وفا، ماٽيلي ماءُ جي مڪن ۽ ڌڪن جي ور چڙهي ويو. نتيجي ۾ سندس پڦي زينب، جيڪا خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ رهندي هئي، کيس سندس ڀائرن ڀينرن سميت پنهنجي گهر وٺي آئي، جتي هن پرائمري جا چار درجا پاس ڪيا ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان 1964ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. اڃا عمر 18 ورهيه به نه ٿي هيس جو کيس روزگار جو فڪر لڳي ويو. سبب اھو ھئو جو کيس، نائين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ئي ڊرامائي انداز ۾ پرڻائي ڇڏيو هئائون. جيئن ئي ميٽرڪ پاس ڪيائين ته سندس ماٽيلي ماءُ بيدرديءَ سان وٽا ۽ ٿالهيون اڇلائي چيس: “ٻار ڄڻڻ لاءِ تيار آهين، باقي ڪمائڻ کان ٻرو ٿو چڙهئي! اڄ کان پاڻ کي الڳ ۽ جدا سمجهه ۽ وڃي پاڻ ڪمائي کاءُ.”
    وفا کي ننڍپڻ کان ته کوڙ زخم مليا هيا ۽ اهي ڇٽا ئي ڪونه هيا، ڇاڪاڻ ته انهن تي ڪنهن پهو به نه رکيو هيو ته جوان، حساس ۽ خوددار وفا جي دل ۾ ماٽيلي ماءُ جا لفظ، ٻرندڙ تير بڻجي، سڌو وڃي کتا. سندس اکين مان ڪجهه لڙڪ وهيا. ڪجهه هن پيتا، ڪجهه وهڻ ۽ پيئڻ کان پوءِ به بچي پيا، جي 1964ع کان وٺي بار بار بچندا اچن ٿا ۽ هن جي دل جي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿي، هن جي زبان مان شعرن جي صورت ۾ نڪرندا رهن ٿا. ڀٽائي چواڻي: “جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام!” وفا به جيئڻ خاطر، جانورن جي پالنا (اينيمل هسبنڊري) جو ڪورس پاس ڪيو. کيس 95 رپين جي پگهار سان، ميرپورخاص جي سرڪاري پولٽري فارم تي، جانورن جي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي. سندس منزل ۽ مراد ته ڊاڪٽر يا ليڪچرار ٿيڻ هو، پر هي ان منزل تي پهچي ڪين سگهيو. جانورن جي کاتي اندر، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو رهيو. جانورن جي ويجهو رهڻ ڪري، ٻين جي مقابلي ۾، بي زبان جانورن ۽ گگدامن جي زبان وڌيڪ سمجهي سگهندو آهي.
    پاڪستان جي هڪ صدر جنرل ايوب خان جي حڪومتي دَور ۾، الائي ڪهڙي رهزن ۽ وحشي سيڪريٽري جنرل ايوب کي صلاح ڏني؛ ملڪ ۾ مال (جانورن) جي چوريءَ جي روڪٿام (ان زماني ۾ اڃا ماڻهو/انسان کي چوري (اغوا) ڪرڻ جو وحشياڻو ڪاروبار نه ٿيندو هو) ڪرڻ لاءِ هر ضلعي جي جانورن تي نمبر هنيا وڃن. مٿان نادري حڪم اچي پهتا ۽ ويچارن جانورن/ بي زبان گگدامن ۾ رڦڻي ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڇا ڪيائون، جو ڏيڍ فوٽ ڊگهو ۽ اڌ فوٽ ماپ ويڪرو لوهه جو پڃري ٽائيپ هڪ چورس ٺپو/مهر ٺهرايائون ۽ هر ڳوٺ/شهر جي بي زبان جانور جي جسم تي اهو لوهه مان ٺهيل نمبرن وارو ٺپو باهه ۾ تپائي، داغيو ويندو هو. تتل باهه جي گرمائش سان ڳاڙهو ٿيل ۽ تتل ٺپو جڏهن بي زبان جانورن جي جسم تي لڳندو هيو ته سندن زبانن مان نڪتل دانهون/رنڀون آسمان کي به لوڏي ڇڏينديون هيون! اهو دل کي ڌوڏيندڙ منظر ڏسي، وفا جي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ٽمي پوندا هيا ۽ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيندو هو. (قادر جا پنهنجا فيصلا آهن. منهنجي خيال ۾ ايوب خان جي زوال جو سبب انهن جانورن جون رڙيون بڻيون!)
    هر وڏي ۽ سٺي شاعري، خود پنهنجي زماني جي زندگي جو پس منظر ٿئي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وفا جي سموري شاعري ٻڌي/پڙهي محسوس ڪبو، ته وفا پنهنجي زماني/عهد جو وڏو شاعر آهي. وفا جي شاعري ۾ گل ڪونهن. سندس شاعري اندر، لفظن جي صورت ۾ ٽانڊا، وڄ جا وراڪا، بادلن جي گجگوڙ، باهه جون ڄڀيون ۽ هلڪي هلڪي تپش آهي، جيڪا سندس زندگي ۽ فن کي، حرارت ۽ توانائي عطا ڪندي رهي ٿي. وفا جي غزل ۾ ترنم ۽ تغزل، تفڪر ۽ تسلسل ملي ٿو. غزل جي موضوع سان هي شخص واهه جو نڀائي ٿو. سندس غزل جو هر شعر، پنهنجي جاءِ تي مڪمل هوندي به، جاڙن ٻارن وانگر هڪڙو ٻئي سان ڳنڍيل ۽ ڳتيل هوندو آهي. وفا وٽ غزل جي روايتن جو پورو احترام ۽ پابندي ملي ٿي. حسن ۽ عشق کان بغير غزل جو تصور محال آهي، پر وفا پنهنجي غزل جي موضوع ۾ حيات ۽ ڪائنات کي سمائي ڇڏيو آهي. سندس سڄي شاعري زياده بامعنى، بليغ ۽ تهه تائين ڇهندڙ اڌمن، جذبن ۽ خيالن سان پُر آهي. سندس غزل ۾ تازگي ۽ توانائي ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن ڪنهن محفل ۾، وفا جو نالو کڄندو آهي، ته امالڪ ذهن ۾ سندس تصور اڀرڻ لڳندو آهي. وفا زندگي جي اونهين حقيقتن ۽ تجربن کي، غزل جي هار ۾ ايئن پوئيو آهي جو غزل خود، وفا جي زندگي بڻجي پوي ٿو.
    وفا جي شاعريءَ ۾ تنهائي ۽ موڳائي، مونجهه ۽ محرومي جو گهرو احساس ملي ٿو. هر سٺو شاعر پنهنجي اعلى سوچ جي اڏام سبب ڄڻ ته اڪيلو ئي رهيو آهي. ايئن وفا ناٿن شاهي کي به سڄي عمر ڪو هم-خيال ۽ هم-نوا ملي نه سگهيو، جيڪو سندس دل جي ستارن جي تارن مان نڪتل سوز ڀرئي آواز ۽ حب جي اکين جي زبان سمجهي سگهي. ايئن وفا زماني جي ڪوڙن ناتن رشتن ۽ دوستي جي ڪوڙي ڀرم ۾ پاڻ کي اڪيلو ئي سمجهيو. سندس دل ۽ ذهن ۾، سندس نازڪ خيالاتي محلات، ان وقت ڇڻ ڇڻ ڪري ڊهي پيا، جڏهن سندس اکين، سندس محترم رشتن کي، سندن عملن جي ڪري ئي اڻ وڻندڙ ۽ غيرمحترم ٿيندي ڏٺو. سندس شاعري جڏهن سندس دکن جو تدارڪ نه ڪري سگهي، ته سندس شاعريءَ جي لهجي ۾ ويتر تلخي ۽ ڪؤڙاڻ جي شدت اڀرڻ لڳي، جنهن سندس شاعري ۽ سندس فن کي ائين چمڪايو، جيئن ٻرندڙ باهه ۾ ٽانڊا، رات جي اونداهه ۾ هيرن لعل جواهرن وانگر چمڪڻ لڳندا آهن.
    مزدور، هاري، وڏيرو، ڪڙمي، ڪمدار، سرمايو، محنت، بک، جنس ۽ سماجي پستي جهڙا موضوع، وفا جي شاعري ۾ هر هنڌ نظر ايندا. وري انهن کي شاعراڻي رنگ ۾، جيئن هن پيش ڪيو آهي، سي سنڌي ادب ۽ شاعري جي فن جو لازوال حصو بڻجي ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس وزندار شاعريءَ، ذهني رويي ۽ مستقل مزاجيءَ، سنڌي ادب يا شاعري ۾، سندس لاءِ اڻ ڳڻيا رقيب پيدا ڪيا. وفا جي شاعري پڙهي ۽ ٻڌي، محسوس ڪبو ته وفا سنڌ کي پنهنجي محبوب جي شڪل ۾ ڏٺو ۽ پسيو آهي. سندس شاعريءَ جي پکيءَ کي، موضوعن جي چونڊ لاءِ، سنڌ کان ٻاهر پرواز ڪرڻي نه ٿي پوي. سندس ئي شعر آهي:
    نـمـڪ حـرام، نـڪي بي ضمير آهيون دوست،
    خلوص دل سان پيا، سنڌ سان نباهيون دوست.
    1967ع ڌاري عبدالرزاق سومرو، جيڪو بعد ۾ عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير به رھيو، رتيديري جي ميونسپالٽي جو چيئرمين هيو، تنهن 14 آگسٽ تي رتيديري ۾ سنڌي مشاعرو ۽ راڳ روپ ڪرايو، جنهن ۾ مختلف ضلعن کان ناميارا ۽ وچولا شاعر به شريڪ ٿيا هيا. جڏهن وفا جو وارو آيو ۽ تز سنڌي ۾ پنهنجا شعر ٻڌائي، مشاعري ۾ وڌيڪ ٻڙڌڪ مچايو، ته ڀلن شاعرن جا نه رڳو ٻُوٿ لهي ويا، پر کانئن پنهنجا شعر به وسري ويا. ان موقعي تي کيس سونو ٻلو ۽ “اڄ جو شاعر” جو سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
    هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل ۾، چند اديبن/شاعرن، وفا ناٿن شاهيءَ جي مانَ ۾ چانهه پارٽي جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ محمد علي پٺاڻ، ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس عنايت ميمڻ، ڊاڪٽر گل بليدي، ڪاوش وارو بشير چانڊيو، نوجوان شاعر عبدالقيوم مينگل، جوش ابڙو ۽ ٻيا کوڙ ادب دوست هئا. چانهه پيئڻ کان پوءِ، جڏهن وفا پنهنجي طاقتور ۽ دل ۾ کپي ويندڙ شاعري ٻڌائي پئي، ته هڪ شاعر دوست بي اختيار ڏاڍيان چيو: “شاعري اسان به ڪريون پيا! پر قرآن پڄيس! شاعري ٿو ڪري يا ڪلاشنڪوف ٿو هلائي، جو ٻڌندڙ وائڙا ٿي وڃون ٿا!”
    1955ع ۾ ون يونٽ سان، سنڌ کي جيڪي نقصان رسيا، تن جو نه ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگهبو. البته ون يونٽ ٺهڻ سان، سنڌ کي هڪڙو فائدو ضرور پيو. سنڌي شاعريءَ ۾ نئون رنگ، نوان موضوع، نوان لاڙا، نئون لهجو، نئين سوچ ۽ جديد طرز جي شاعري وجود ۾ آئي. سنڌي شاعري، ڏاڏي آدم جي زماني جي، جهڙتال ۽ کڙتال موضوعن مان آجي ٿي. نئين سنڌي ڪنوار ٿي وئي. جن سنڌي شاعرن، ان زماني ۾، ون يونٽ جي خلاف شعر چيا تن ۾ وفا ناٿن شاهي به نمايان ۽ الڳ جاءِ والاري ٿو.
    وفا جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ موجود هجڻ گهرجن، پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو، جنهن پذيرائيءَ جو وفا مستحق آهي سا کيس ملي نه سگهي آ؟ ائين ته ناهي جو وفا ناٿن شاهي، پنهنجي شاعريءَ سان گهڻن کي پٺتي ڇڏي ويو آهي. ان ڪري شعوري ۽ لاشعوري طور، اهي ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته وفا ڪنهن به طرح اڳتي وڌي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته وفا غريب آهي، وٽس ڏوڪڙ ڪونهن، ڪار ڪانهي، ڪو وڏو عهدو ڪونهيس، جنھنڪري، فور يا فائيو اسٽار هوٽلن ۾، گلم جي توبچين کي گهرائي، سندن وات سان وڏا عقاب اُڏارائي نه ٿو سگهي.
    هلندڙ زماني يا ويجهي ماضيءَ ۾، جن شاعرن نَون لاڙن ۽ منفرد لهجي ۾ شاعري ڪئي آهي، تن جي عظمت ۽ الڳ سڃاڻپ جو اعتراف نه ڪرڻ، ساڻن يا وقت سان ناانصافي ڪرڻ ۽ ضمير جو مجرم هجڻ برابر آهي. هر سٺي شاعر کي، هر زماني ۾، پڙهيو، ساراهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. اسان سنڌين، ماپ جا هي ڪهڙا ماڻ رکيا آهن؟ وفا جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پنجابي ماءُ پيءُ وٽ ڄائو، هو پنجابي آهي، تنھنڪري لطيف جي ڏهاڙي واري فنڪشن جي صدارت نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي ڪنهن به ڪاليج وارن ۽ ادبي تنظيمن جي سرواڻن، ساڻس ڪڏهن به شام نه ملهائي؟ نه ئي وري ڪنهن ادبي اداري، سندس ڪو شعري مجموعو شايع ڪيو. وري به لک آفرين هجن ميرپورخاص جي هڪ مال چاريندڙ محمد عمر دل جي پٽ سچيڏني ‘ساگر’ دل کي، جنهن پنهنجي پيٽ کي مٺيون ڏئي، وفا ناٿن شاهي جو پهريون ڀيرو شعري مجموعو ‘اکين ۾ الماس’ جي نالي سان ڇپايو. حقيقت ۾ اسان سنڌي قوم تي ٿورو هڪ طرف ڪيائين، ته ٻئي طرف، وفا ناٿن شاهيءَ جو جيڪو قرض اسان سنڌي قوم ڏي بقايا ٿيو پيو هو، سو به لاٿائين. اسان وٽ قدر ڪهڙن ماڻهن جو آ، جيڪي سرڪاري عهدي تي ھوندي، سنڌ جي خلاف ڳالهائين؟ مون اهڙن ماڻهن کي ادبي فنڪشنن ۾ اسٽيج تي وڃي ڪرسي والاريندي ڏٺو آهي، جن سنڌي قوم ۽ سنڌ جي معزز ڪردارن کي جنسي گاريون ڏنيون. آ انهن جي ان ڪڌي عمل جو اکين ڏٺـو شاهد آهيان!
    وفا ناٿن شاهيءَ جا ٽيهه شعري مجموعا ڇپجڻ جي انتظار ۾ رجسٽرن، فل اسڪيپ پنن ۽ ننڍين بندين ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيل ۽ پکڙيل آهن، جيڪي هن غريب پر وڏي شاعر جو سرمايو آهن. ڪو زمانو ايندو، جڏهن وفا جي شاعري هڪ ڪلاسيڪل ۽ ادبي تبرڪ جي حيثيت سان، اسان جي ادبي تاريخ جو حصو بڻجندي يا حصي طور سڃاتي، پرکي ۽ سمجهي ويندي. وفا اڃا ته جيئرو آهي پر جڏهن مري ويندو، تڏهن وڏا آواز ڦڦڙن تي زور ڏئي ٻين جا ڪن ڦاڙيندا، ته وفا کانئن سواءِ، نه ماني کائيندو هيو ۽ نه ئي ننڊ ڪندو هو. جڏهن به سنڌ جي شعر ۽ ادب جي تاريخ لکي ويندي، تڏهن وفا کي نه ادب فراموش ڪري سگهندو ۽ نه تاريخ.

    ***


    • آئين فقير

    ٿيو هوش عقل حيران،
    عشق ڪري آيو جُلبو جلدي ....
    ٿيو هوش عقل حيران.
    مٿيان ٻول چپن ۾ جهونگاريندو، سن ستر واري ڏهاڪي ۾، ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور شهر نئين ديري ۾، هڪ قدآور، رنگ جو مشڪي، گهاٽيون ننڍيون مڇون، گهاٽي وڌيل ڏاڙهي، نه پوري رکيل نه پوري ڪوڙيل، قبول صورت، وڏيون ڳالهائيندڙ اکيون؛ جن ۾ هلڪي نشي يا عشق جي خمار جو تهه چڙهيل، مٿي تي ريلوي گارڊ يا ٽڪيٽ چيڪر/اسٽيشن ماسٽر کان ورتل ڪانن مان ٺهيل خوبصورت ٽوپلو (جيڪو اڄ ريلوي جا ملازم به ڪونه ٿا پائين، پر هندستان ۾ ۽ 60 واري ڏهاڪي تائين ريلوي جي انهن ملازمن کان سواءِ، ملڪ جا صدر، وزيراعظم، گورنر، سفير، وڏا بيوروڪريٽ، خانبهادر ٽائيپ زميندار، وڏيرا ۽ فلمي اداڪار شوقيه ۽ فيشن طور پائيندا هئا. ان ڪري ان ٽوپلي کي صاحب لوڪ ٽوپلو چيو ويندو هيو)، بدن تي ڪڏهن گيڙو رنگ جو ۽ ڪڏهن ڪاري رنگ وارو عرب-ڪٽ ڊگهو گائُون (جبو)، پيرين اگهاڙو، مُرن وٽ گهنگهرو ٻڌل، هڪ هٿ ۾ چپڙيون ۽ ٻئي ۾ يڪتارو، بازار ۾، هر دوڪان تان فقيراڻي ٻوليءَ ۾ سير ڪندو هو. نئين ديري جي بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر جي ور چڙهي ويندو هو. سندس آواز ۾ اهڙو ڪو درد، سوز ۽ ميٺاڄ شامل هو جو جڏهن ڪنهن درويش، فقير، الله لوڪ انسان، ڪنهن سنت ۽ ساڌوءَ يا ڪنهن جديد شاعر جا ٻول چپن ۾ جهونگاريندو هو يا وڏي آواز ۾ آلاپ ڪڍندو هو ته سندس جهونگار ۽ وڏي آواز کان متاثر ٿي راڳ رنگ جا متوالا ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪي ڪنجوس ماڻهو به کيس ڪجهه نه ڪجهه “دان” ڏيندا هيا. هي فقير نئين ديري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. وري جو گم ٿئي ته مهينن جا پانڌ، نظر نه ايندو هو.
    منهنجو نالي ڀائي ۽ رازدان دوست نذير احمد پيرزادو جيڪو نئين ديري جي هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هو، سو ڏاڍي دردمند دل رکندڙ انسان هو. ڪجهه سال ٿيندا ته هيءُ بي ضرر ۽ بيچين اداس روح، هن ڪميني دنيا کي الوداع چئي، هميشه لاءِ رٺو هليو ويو. نذير احمد پيرزادو راڳ رنگ جو بيحد شوقين هو ۽ سندس مزاج ننڍپڻ کان نه، پر ڪو “ازلي” عاشقاڻو هو.
    هڪ لڱا شام جو پهر هجي. مان پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ ويٺو هيم ته نذير احمد پيرزادو هميشه جيان چپن تي مرڪ آڻيون اچي پهتو. ويهڻ سان ئي چيائين؛ “هيڏي! ڳالهه ٻڌي اٿئي؟ اڄ نئين ديري ۾ هو فقير آيو هو.”
    پڇيومانس؛ “ڪهڙو فقير؟ هتي فقيرن جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ کوڙ پيا رلن ۽ پنن.”
    چيائين؛ “نه، نه! مان رولو فقيرن لاءِ ٿوروئي ٿو چوانءِ. اڙي هو صاحب لوڪ ٽوپلي وارو فقير.”
    اتاولو ٿي پڇيومانس؛ “هان! ڪهڙي وقت آيو هيو؟”
    ٻڌايائين؛ “اڄ منجهند جو جيئن اسڪول بند ٿيو ۽ مان گهر ڏانهن پئي ويس ته ٽڪاڻي واري چوڪ تي ماڻهن جو ميڙ ڏٺم، جيڪي گول دائرو ٺاهيو بيٺا هيا ۽ ڇم ڇم جا آواز پئي آيا. کڻي جو ليئو پائيان ته آئين فقير يڪتاري ۽ چپڙين تي ڪنهن مڌر ڌن ۾ الائي ڪنهن جي شاعري ڳائي رهيو هو. توکي ته خبر آهي، مان سندس آواز جو ديوانو آهيان. سو ڪنهن ڪنڊ ۾، ماڻهن جي پويان، ڪا ڇانوَ ڳولي اڃا بيٺم ئي مس، ته فقير ڪلام پورو ڪري دان وٺي رمندو رهيو. فقير الائي ڪير آ؟ ڪٿان جو آ؟ جاچ ڪر ته ڪا محفل هڻونس ڪنا!”
    مرحوم نذير احمد پيرزادو مون کي اٿاهه پيار ۾ ڀرجي بود ۾ اچي “ڪنا” چوندو هو.
    چيومانس؛ “مون تي ڪهڙي اچي پئي آهي، جو جاچ ڪريانس. ڪڏهن رستي ويندي ملي ويو ته کڻي معلومات وٺندومانس.”
    ائين ٻه ٽي مهينا گذري ويا، پر آئين فقير نظر نه آيو. نذير احمد پيرزادي جي روز روز جي پڇ پڇان، منهنجو تجسس پڻ وڌايو. رکي رکي دل ۾ خيال اڀرندو هو ته هونءَ صاحب لوڪ فقير مهيني ماسي رستي ويندي به ملي ويندو هو. هن دفعي جو اسان کي تانگهه ٿي آهي ته صاحب لوڪ فقير وري الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويو آهي. سير سفر ڪرڻ به نه ٿو اچي ۽ جوڳيءَ وارو ڀيرو ڀرڻ به ڇڏي ويو.
    هڪ دفعي سانوڻ جي موڪلن (وئيڪيشن) وارا ڏينهن هجن، مان ۽ نذير احمد پيرزادو نئين ديري جي سبزي مارڪيٽ ۾ هڪ “ڇپرا” عرف ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ويٺا هياسين. اھا بُقي جي هوٽل جي نالي سان ۽ خصوصي طور تي سٺي چانهه جي حوالي سان ائين مشهور هئي، جيئن دادو شهر ۾ عبدالله جي چانهه. هاڻي ته نئين ديري ۾ نه بُقو رهيو آهي، نه بُقي جي هوٽل جي چانهه ۽ نه ئي بُقي جي چانهه جو شوقين نذير احمد پيرزادو! آرهڙ جا ڏينهن هيا. ٻن پهرن جو هڪ پئي ٿيو. ٻاهر ڪانءَ جي اک ٿي نڪتي. اوچتو صاحب لوڪ ٽوپلي وارو آئين فقير ڀڙڪو ڏئي هوٽل جي سامهون گذريو. بيري کي ڊوڙائي کيس گهرايوسين. هوٽل ۾ اچڻ سان چيائين؛ “سرڪار! پير فقير کي يا علي مدت (مدد) آ.”
    “فقير بالم ٿي ويهه. تڪڙو آهين ڇا؟”؛ چيوسونس.
    “سائين بادشاهه آهيو. فقير وٽ ڇا جي تڪڙ، ڪهڙي تڪڙ؟ حڪم ڪيو ڪو ڪم ڪار؟”
    “ها کوڙ ڪم ڪار آهن.”
    کلي چيائين؛ “ڇو ٿا ڀوڳ ڪرايو. اسان فقيرن ۾ پڙهيل لکيل اڪابرن جو ڪهڙو ڪم پوندو؟ جي واقعي ڪو ڪم آهي ته فقراهه (فقراءُ) حاضر آهي.” ايئن چئي يڪتارو ۽ چپڙيون هڪ طرف پنهنجي ڀر ۾ رکي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي، چپن ۾ سمجهه ۾ نه ايندڙ الائي ڪهڙي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. ڏٺم ته ويهڻ کان پوءِ به صاحب لوڪ ٽوپلو مٿي تي هيس ۽ لاهي نه رکيائين.
    “ڏي خبر! ٿڌو پيئندين يا ڪوسو؟”
    “هي ڀڳل فوني تي پراڻو رڪارڊ ڇو ٿا چاڙهيو؟” ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين؛ “گهڻا سال گذري ويا جو ڪو ان نموني ۾، انهن لفظن سان پڇندو هيو. نه ته ابا هتي ته ماڻهن جي طرفان ڇڙٻون ۽ يڇيون ملنديون آهن. بهرحال! في الحال ته چانهه پيئبي، پر شرط اهو آهي ته توهان به پيئندؤ، نه ته بس.”
    بُقي کي چانهه جو چئي، کانئس پڇيم؛ “فقير نالو ڇا اٿئي؟”
    “آئين فقير.”
    “ذات جو ڪير آهين ۽ ڪٿي ويٺو آهين؟”
    “ذات جوخاڪي آهيان ۽خاڪ تي ويٺو/رهند وآهيان.”جواب ۾ چيائين.
    فقير ڳجهارتن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسان به مٿس زور ڪونه ڀريو. ڪجهه ويرم رکي پڇيومانس؛ “فقير! ڏي خبر هيڏي ڌرتتيءَ جو “لر” ڪيون ڪيڏانهن پئي وئين؟”
    “ڪهڙو سچ ڪهڙو ڪوڙ؟” حقيقت کان آگاھ ڪندي ٻڌايائين؛ “هتيڪومهربانآهي،جيڪومونکي “آبو” (ڀنگ) پياريندو آهي ۽ سندس ٿاڌل گهوٽڻ جو هي ٽيم (ٽائيم) آهي. اوڏانهن تڪڙو تڪڙو پئي ويم.”
    ايتري ۾ چانهه اچي وئي. چانهه پي، جبي (گاؤُن) جي پاسي واري کيسي مان ايمبيسي برانڊ سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي، منجھانئس هڪڙو سگريٽ ڪڍي وري جبي جي کيسي ۾ هٿ وڌائين پر ڪا شيءِ جو نه مليس ته چيائين؛ “سرڪار! باڪَسُ (ماچيس) ته ڏجو ته سگريٽ بکايان (دکايان).” مون ماچيس سان گڏ کيس گولڊ ليف جو سگريٽ (گولڊ ليف نئون نئون مارڪيٽ ۾ آيو هو) ڏنومانس ته انڪار ڪندي چيائين؛ “نه صاحب! اڄ ته تون پيارين ٿو پر جي منهنجو من ان سگريٽ تي هري پيو ته روز روز ۽ هر گهڙيءَ مون کي گولڊ ليف سگريٽ ڪير پياريندو؟ نه ڪي ايترا پئسا هوندم جو ايڏا مهانگا سگريٽ وٺي ڇڪيان. هونءَ به منهنجي من مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي، تان جو (گيڙو ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي) هي حال به ان ڪرايا آهن. مون ته خوشيءَ سان ڪونه ڪيا آهن نه. هر سهڻي شيءِ ۾ شڪست (ڪشش) ٿو محسوس ڪري ۽ مون کي اهنجو ٿو ڪري. مان ڀلا آخر ڪيستائين سندس چوڻ وٺان؟ حالن کان ته اڳ ئي بي حال ڪيو اٿس. اصلي صفا وڄائي ڇڏيو اٿس. هڻي منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿائين.”
    ائين چئي سگريٽ کي خالي ڪري، تماڪ ۾ چرس ملائي، ٻيھر سگريٽ دکايائين. ٻه ٽي وڏا سوٽا (ڪش) هنيائين.
    “فقير ڀلا خدا جي ڏني مان ڪجهه ٻڌاءِ.” پڇيوسونس.
    “گنج ٿا ٻڌايون، رڳو هڪ ٻه دم هڻان.” مشڪي چيائين.
    “استاد بخاريءَ جو ڪو ڪلام ياد اٿئي؟” پڇيومانس.
    “استاد ته وڏو سائنر (شاعر) آ،” وضاحت ڪندي ٻڌايائين؛ “ان ڪري ته بخاري صاحب، صدقي وڃانس سندس ذات تان، پنهنجي سائنري ۾ رڳو درد وڌا اٿس.”
    چيومانس، استاد بخاريءَ جون سٽون آهن:
    “او جوڳـــي جهٽ ڪـــر، ڇيريون ڇيڙ،
    اهــــڙيـــــون چــئه ڪــي تازيون طرزون،
    جــــــــو مــــــحـــــفــــــل کــــــــــائــــــي ٿـيـڙ.”
    پوءِ فقير پنهنجي دلسوز آواز ۽ يڪتاري، چپڙين جي لئه ۽ رڌم ۾، ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه، شڪارپور واري مجذوب ٻڍل فقير، لالو رائنڪ واري تارڪ نجفي جون ڪافيون اهڙي سُر ۽ تال واري انداز ۾ ڳاتيون، جو اوڙي پاڙي وارا ۽ هوٽل وٽان گذرندڙ ماڻهو به اندر لنگهي آيا. بقيءَ جي هوٽل جي تاريخ ۾ اهڙي محفل شايد ئي ڪڏهن ڄمي هوندي. مون محسوس ڪيو ته محفل واقعي ٿيڙ پئي کاڌا. ڳائڻ کان پوءِ ڪجهه به نه گهريائين. يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي، ڪنڌ کي نمائي، “چڱو هاڻي سنگت کي سلاماليڪم (اسلام عليڪم)” چيون هليو ويو.
    بقيءَ جي هوٽل به ڊهي وئي. ان هوٽل جو ننگو پَٽ (ميدان) جيڪو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻجي ويو آهي، اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهي ته صاحب لوڪ ٽوپلي وارو فقير، ان گرم ۽ تنور وانگر تتل ڌرتتيءَ ۾ راڳ ڳائي، هوا جو ڪوٽ ٻڌو هو ۽ ڌرتتيءَ کي چانڊوڪي رات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
    ڪجهه هفتا گذريا ته هڪ ڏينهن منجهند ٽاڪ جو، آئين فقير سڙان کامان ڪندو اچي نڪتو. ملڻ سان ئي چيائين؛ “پاڻ واري جگر (نذير احمد پيرزادي) کي به اسڪول ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته مان هلانءِ ٿو. تون به اوطاق ۾ پهچ.” اڌ ڪلاڪ کن گذريو ته نذير پيرزادو به اچي ويو. ماني کائي، کانئس پڇيم؛ “فقير! هيڙا حال ڪڏهن ڪيئي؟”
    پهريان ته گهڻو ئي نٽايائين ۽ چيائين؛ “وڏو داستان آهي، ٻڌي ڇا ڪندؤ؟” جڏهن اسان ٻنهي کيس گهڻو مجبور ڪيو ته؛ فقير اڄ توکي ڪونه ڇڏينداسون ۽ توکي ٻڌائڻو پوندو، ته پوءِ، ڪا دير سوچي، سگريٽ دکائي ٻڌائڻ شروع ڪيائين:
    “جوان ٿيو هيم، مڇن جي سانول ڦري ڪارو رنگ ورتو هو، پر اڃا ڏاڙهي ريهه ڪري ڪونه لٿي هئي. سنڌ جي هڪ مشهور ميلي ۾ ويم. ميلائي ته ڄڻ ننڍپڻ کان ئي هيم. ميلي ۾ گهمندي ڦرندي ڪنهن جي نظر جو گهايل ٿي پيم. هوءَ ميلي ۾ ڳائي ۽ نچي رهي هئي. گهنگهرن جي تال تي ڇا ته هن جو نچڻ هو! الائي نچندي هئي، الائي وڄ وراڪا ڏيندي هئي! هوءَ قد جي پوري پني هئي، ڀوري ڀوري صفا باهه، سندس منهن تي هلڪا هلڪا موهيڙا هيا، جيڪي سندس سونهن ۾ اضافو ڪيو بيٺا هيا. سندس نيڻ خماريل ۽ ڪڪوريل هيا. ويتر سندس اکين جا وڏا ۽ گهاٽا ڇپر، سندس ڳٽن نه پر منهنجي دل جي مٿان ڇانو ڪري بيهندا هيا. لڳندو هو ته ملائڪن کيس وڏي واندڪائي ۾ ٺاهيو هو. گهور ڪري جو ڏسانس ته هوءَ به سمجهي وڃي ته مان کيس وڻان ٿي ۽ ائين محسوس ٿيندو هو يا مان ائين سمجهندو هيم ته هوءَ خوش ٿي رهي آهي. ميلو ٽي ڏينهن هليو. مان رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ويو هيم پر هن جي ڪري ٽئي ڏينهن رهي پيم. ائين هن جا ديدار درشن ڪري پنهنجون اکيون ٺاريندو ۽ دل خوش ڪندو رهيم. ميلو ختم ٿيو ته هنن ٽپڙ کنيان. مان به خوش خوش ڳوٺ هليو آيم. ڳوٺ پهتم ته مزو ئي نه پيو اچي. ڳوٺ ۽ گهر کائڻ ٿي آيا ۽ پنهنجي عمر ۾ هي پهريون دفعو پاڻ کي اداس، موڳو ۽ مونجهو محسوس ڪيم. پوءِ ميلي جون تاريخون ۽ شهر تاڙيندو رهيم.
    “ائين هڪ دفعي ميرن واري خيرپور جي هڪ شهر/ڳوٺ ۾ ميلو لڳو. غربت هئي، ان ڪري انُّ وڪڻي، شام جو ڏيئن ٻرڻ جي مهل، ميلي واري پير جي چوغان (ميدان) ۾ وڃي ٺڪاءُ ڪيم. هيڏي هوڏي واجهايم پر هوءَ نظر نه آئي. گذار سومهڻي ٿي ته ڏسان ته هائو ٻيلي، هوءَ سازندن سميت جيپ مان لٿي. جيستائين ميڪ اپ وغيره ڪري تيستائين مان باجي ماسٽر کي پاسو ڏنو ته مان به هڪ ٻه ڪلام توسان گڏجي ڳايان. آواز سٺو هو، سو باجي ماسٽر به کڻي ها ڪئي. راڳ شروع ٿيو ته هن جو نچڻ ۽ مٿئون منهنجو آواز ٻڌي، کوڙ ماڻهو مڙي آيا. مون ڪلام ڳاتا؛ ‘تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري’ ۽ ‘اڄ سڄڻ مون عيد ڪئي، جو يار جا ديدار ٿيا’. ڏاڍا پيسا پين. ائين مان هن جي ڪڍ/ پوئتان هر ميلي ۾ گهمندو، رلندو ۽ پرواني وارا ڦيرا ڏيندو رهيم ۽ الائي ڪيئن هن جي دل ۾ آکيرو ڪري ويهي رهيم. اهو به هن پاڻ باور ڪرايو هو. باجي ماسٽر اصل ۾ لکنئو جو هو. سدائين گول پاجامو ۽ چڪن ململ جو پهراڻ پائيندو هو. ڳالهه شروع ڪرڻ يا ڪا عجيب ڳالهه ٻڌڻ وقت ‘امان يار’ چوندو هيو ته مان سندس لفظن تي ٽوڪ طور کلندو هيم ته هي به لفظ آهن؛ ‘امان يار!’. هن جو اصلي نالو ته الائي ڇا هو پر سڀئي کيس ‘اڇن ميان’ ڪري ڪوٺيندا هيا. ان اڇن ميان مون کي ڪنهن ميلي ۾ نصيحت ڪندي چيو (ان نصيحت کي مان هن جي اندر جو ڪروڌ، ساڙ ۽ رقابت سمجهيو هو)؛ ‘ڄٽ! وڃي ڪنهن ڪم ڪار سان لڳ، ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪر. هي اڏامڪ پکي اٿئي، متان هن سان دل لڳائي ويهين. جي هنن سان دل ڦاسائي ويٺين ته پوءِ ڌوٻيءَ جو ڪتو بڻجي ويندين، جيڪو نه گهر جو نه گهاٽ جو. تون جهنگلي گل آهين ۽ هي شهري گل. ڀانت ڀانت جا ماڻهو هنن کي سڃاڻندا ۽ هنن سان حجائتا هوندا آهن. جيڪي ڀونئر بڻجي هنن جو واس وٺڻ ايندا آهن ۽ هي جهاز توکان زور آهي، تون نه هڪلي سگهندين. ان ڪري ڀڄي وڃ. اُٺان ۽ مينهان جا دا ڪيها ميلا؟ او چرن ڊڀ ته او چرن ٻيلا! امان يار! سمجهي وئين نه؟ مان توکي نوجوان ۽ دل ڦينڪ عاشق ڏسي چوان ٿو ته واقعي هتان هليو وڃ. ڪجهه ڏينهن اداس رهندين پوءِ زندگي پنهنجي معمول تي هلندي رهندئي، امان يار! وڌيڪ تنهنجي مرضي.’
    “پر مان جو دل اڳ ۾ ڦاسائي ويٺو هيم ته مان ڇا ڪريان ها! منهنجو دل تي وس نه پيو هلي. هُو پنجابي نه چوندا آهن؛ ڦسي دا ڦڙڪڻ ڪي؟ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ ۽ چئني طرفن ڏي ڦيرا لڳائڻ کان پوءِ به محسوس ڪيم، ته جيترو ويجهو رهڻ ٿو چاهيان اوترو ئي پري آهيان. ڳوٺ ۽ گهر ٻار، سڀ ڪجهه تياڳي ڇڏيم ۽ گره گهٽ ته به پرينءَ وٽ، سوچي ڪوبه ميلو نه ڇڏيم.
    “هڪ ڏينهن ڪنهن ميلي ۾ ويم، هوءَ به اتي هئي. سندس سڄي ٽولي سان گهيتلو ته هوئين هيم، سو سڌو سندس خيمي ۾ هليو ويم. شام جا 5 کن ٿيا هوندا. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيم، تيئن ڌرتي مون کي چڪ پائي چنبڙي پئي. اکين تي اعتبار ئي نه پئي آيو. اندر ڪو شاهينگ ويٺو هو. بندرو، گنجو، ڪارو ۽ ڪوجهو وڏي پيٽ سان پنهنجا هيڊ هاريل ڏند ڪڍي ٽهه ٽھ ڪري کلي رهيو هو ۽ هوءَ هن جي چانهن واري ڪوپ ۾ کنڊ ملائي رهي هئي. گنجي جي فاتحانه مسڪراهٽ، اڃا تائين وساري نه سگهيو آهيان.”
    ائين چئي الائي ڇا ٿي ويس، جو فقير يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي ملڪه ترنم نورجهان جي آواز ۾ ڳايل گانو ڳائڻ شروع ڪيائين:
    “نه جاني ڪيا سفر هي ميرا
    جهان هي منزل وهين لٽيرا.”
    پنهنجي آواز سان اوطاق ۾ اهڙو دردناڪ سمو پيدا ڪيائين، جو منهنجيون اکيون بي اختيار وسي پيون ۽ نذير احمد پيرزادي جي دل به ڀِڄي پئي. مون دل ۾ چيو؛ “فقير الائي ڪير آ؟ نه منهنجو مٽ نه مائٽ.... هن جو داستان ٻڌي مون ڇو روئي ڏنو آهي؟ هن فقير سان منهنجو ڪهڙو ٻنڌڻ؟” فقير جو اچي سڏڪن ۾ پيو ته ماٺ ئي نه پئي ڪيائين.ڪا دير گذري ۽ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيائين ته جهليانوَ پيو ته نه ٻڌو، نازڪ مزاجئو. ڇانوَ جا گاهه ڀلا سج جو تيک سهي سگهندا؟
    فقير ڳالهائي رهيو هو ته مون کي استاد بخاريءَ جو هي شعر ذهن تي تري آيو:
    “مان سڻايان، تون سڻين سڙي نه پوين،
    هــــــي قــصــــو بـــــــــاهه جـــــو حصو آهي،
    ســـــــامــــهــــون آهــــيــــن، حـــادثـــو آهي،
    ديـــــــــد ۾ دل ۾ ڪــــو زلـــزلــــو آهـــي.”
    ويرم به نه گذري ته اکين ۾ آب کنيون موڪلائيندي چيائين، ته هاڻي هلون ٿا، وري جلد ملنداسون.
    ان ڳالهه کي مهينا لنگھي ويا پر آئين فقير نظر نه آيو. ان وچ ۾ هڪ دفعي بقي هوٽل واري ٻڌايو؛ “هو صاحب لوڪ ٽوپلي وارو فقير آيو هو. تنهنجي لاءِ ڏاڍي پڇا پئي ڪيائين. اصل ڏاڍو آتو هو، توسان ملڻ لاءِ. ڪافي دير هتي مون وٽ هوٽل ۾ ويٺو رهيو. هر هر پئي واجهايائين. نيٺ ڪڪ ۽ملول ٿي اٿي هليو ويو.”بقي هوٽل واري جي لفظن دل تي بوجهه رکيو.
    ٻيهر به منهنجي غير موجودگيءَ ۾ هڪ دفعو گيد جي ڏينهن، جڏهن مان ڪراچي ويل هوس ته آئين فقير نئين ديري ۾ آيو ۽ منهنجي دوست کي منهنجي لاءِ نياپو ڇڏيون ويو ته چئجانس:
    “ســــوڍا تـــــوســـــان ســــــاءُ،
    نه ته راڻا گهڻا هن راڄ ۾.”
    ڪجهه مهينا گذريا، هڪ ڏينهن آءٌ نئين ديري جي بازار مان ڪنهن ڪم سان تڪڙو تڪڙو پئي ويم، جو مون کي ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ، جيڪو مرحوم نسيم کرل جي ڳوٺ سائدي ڀرسان آهي، وڃڻو هو. اوچتو پويان سڏ ٿيو. هڪڙو، ٻيو، ٽيون. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته آئين فقير هو. وڏي ڳراٽڙي پائي مليومانس. چيائين؛ “ايڏي تڪڙ؟”
    چيومانس؛ “ها فقير! ڪجهه چنتا آهي، ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر وڃڻو آهي!”
    کلي چيائين؛ “زورآور! ڪشمير جهڙو ضروري مسئلو رهيو پيو آهي. ڪجهه گهڙيون ته ويهه، ته ڪا دل جي ورونهن (وندر) ڪريون، ڪو دل جو اوٻر ڪڍئون.”
    چيومانس؛ “فقير ڏاڍو ضروري ڪم آهي! نه ته توسان ڪجهه گهڙيون ضرور ويهي ڪچهري ڪيان ها، وري ڪنهن ٻئي دفعي.” ڏٺم ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو.
    چيائين؛ “ٻيو دفعو! ٻيو دفعو الائي ڪڏهن ايندو؟ الائي ايندو به يا نه؟ ڪير ڄاڻي؟”
    چيومانس؛”فقيروائي سڻائي ڪر،پاڻ انشاءَالله ضرور ملنداسون.”
    جواب ۾ چيائين؛ “ڪنهن تي ڀروسو ڪري چوان ته ٻيهر ملنداسون؟ هن دم تي؟ هي جو ٿيو آ- دم يعني دم اچي يا نه اچي دم تي ڪهڙو ڀروسو؟”
    فقيرجي لفظن تي مان به گائون مائون ٿيڻ لڳم، ته بيهان يا وڃان؟ مون کي جيئن ته گهڻي تڪڙ هئي سو کيس پوريءَ طرح الوداع به نه چيم ۽ ساڻس هٿ ملايم پئي، ته ايتري ۾ سرڪاري بس اچي وئي ۽ مان منجھس چڙهيم ئي مس ته پويان فقير جا آلاپ شروع ٿيا:
    “فقير جي محبت خدا جي محبت
    فــــقـــيــــر راضــي، الله راضي.”
    بس ته رواني ٿي وئي پر آئين فقير جا آلاپ، منهنجو پيڇو ورهين تائين ڪندا رهيا.
    ان ڳالهه کي ڪئين هفتا، مهينا ۽ پوءِ سال گذريو. مينهوڳيءَ جي مهيني آءٌ لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ رتيديري کان ويگن ۾ چڙهيم. منهنجي ڀرسان هڪ ڪرڙوڍ ھمراھ ويٺو هو. پڇيائين؛ “ابا ڪير آن؟ ڇا ڪندو آن؟ پگهار ڪيتري ٿي؟”
    جواب ۾ چيومانس؛ “تون ڪير ۽ ڪٿان جو آهين؟”
    ٻڌايائين؛ “ملان جي ڳوٺ جو آهيان.”
    امالڪ پڇيومانس؛ “ڏي خبر آئين فقير خوش آ؟”
    “ابا، آئين فقير ته ويچارو گذاري ويو. ڪلمي جو ثباب (ثواب) هجيس، مرحيات ڏاڍو سٺو ماڻهو هيو.”
    مون سمجهيو ته مينهوڳيءَ مان مند ڦري ڌرتتي ٿي پئي آهي. تصور ۾ ڏٺم ته آئين فقير صاحبلوڪ ٽوپلو پايو مينڍ ۾ جهونگاري رهيو هو:
    ٿيو هوش عقل حيران.
    ۽ وري ائين لڳو ڄڻ چوي پيو ته:
    سرڪار چيو نه هيومانءِ ته:
    ٻيو دفعو ڪنهن ڏٺو آ؟
    آ دم- دم تي ڪهڙو ڀروسو.
    ***


    • وتائي فقير جو جانشين: جمعو فقير

    سنڌي قوم سان الله پاڪ وڏا ڀال/وڙ ڪيا آهن. هن سونهن ۽ سچ جي ڌرتيءَ تي قدرت اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي ذهني اڏام، قول ۽ فعل جي ڪري اتم هئا، پر اسان وٽ (سنڌي قوم ۾) چريا/اڌ مغزي/ٽوٽڪائي جهڙا قبيح نالا، کين لقب طور نصيب ٿيا.
    ايران ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ملا نصرالدين هيو ۽ ايران يا فارس وارا، اڄ تائين، ملا نصر تي ناز ڪندا اچن ٿا. ان جي ابتڙ، اسان وٽ وتائي فقير جهڙي داناءَ ۽ ڏاهي ماڻهو کي چرچائي طور سڃاتو ۽ ليکيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ/شهر ۾ جتي چند ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن کين ڳالهائڻ لاءِ موضوع نه ٿا ملن، ته چوندا آھن؛ “يار، ڀلا ڪو وتائي فقير جو ٽوٽڪو ئي ٻڌاءِ!” معنى وتائي فقير جهڙي داناءَ ماڻهو کي کل ڀوڳ ڪندڙ مشڪرو سمجهيو وڃي ٿو. وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي قولن کي ٽوٽڪو/لٽڪو چٽڪو سمجهي ان تي کليو وڃي ٿو!
    گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي وٽ، سندس جمشيد روڊ ڪراچيءَ واري بنگلي بيت الضياء ۾ ويٺو هيم. ان ڪچهريءَ ۾ سندس ننڍو ڀاءُ پير احمد شاهه راشدي به موجود هو. (پير احمد شاهه راشدي، پنهنجن ڀائرن جيان موسيقي جو ڄاڻو، ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هجڻ سان گڏ پٿرن، هيرن، جواهرن/منڊيءَ جي نگ جو پڻ وڏو ڄاڻو هيو.) ڳالهين دوران غالب لائبرري ناظم آباد ڪراچيءَ جي موجوده پٽيوالي نسيم احمد، پير حسام الدين کي اردو جي مشهور ڪالم نگار انعام دراني مرحوم جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. پير حسام الدين راشدي چيس ته؛ “بابا اندر وٺي اچيس! ٻاهر ڇو بيهاري آيو آهينس؟” انعام دراني پاڻ سان گڏ يُوپِي جي بدايون جا مشهور کير پيڙا به کنيو آيو ھيو، جيڪي پير حسام الدين لاءِ ڪنهن دوست بدايون مان موڪليا هيا.
    اتي جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، تن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو به ذڪر ٿيو. پير حسام الدين راشديءَ کيس وتائي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي، اهو به چيو ته؛ “اسان وٽ وتايو فقير ٽوٽڪائي طور مشهور آهي.” اهو ٻڌڻ سان انعام درانيءَ وائڙو ٿي چيس ته؛ “پير صاحب! ايسا داناءَ آدمي! سنڌي قوم اسڪو مسخره ڪا درجا ديتي هي! آپ اس پر لکين يا نه لکين، مين ضرور لکون گا!” ۽ واقعي انعام درانيءَ روزاني ‘جنگ’ ڪراچيءَ ۾، وتائي فقير جي دانائپ ۽ ڏاهپ تي تفصيل سان، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکيو.
    گذريل ويهين صديءَ ۾ سنڌ اهڙا گوهر پيدا ڪيا جن تي زماني ٺٺوليون/ٽوڪان ڪيون. انهن کي چريو سمجهيو ويو. اهڙن ماڻهن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور جمعو فقير به هيو. جمعي فقير، باليءَ واري خيرپور جي فولاد شر (فقير) وانگر، خدائيءَ جي دعوى ڪا نه ڪئي هئي.
    فولاد شر، خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواهه جو هيو. 1877ع ۾ سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان پاس ڪيو هئائين. فولاد شر کي الائي ڪهڙي ڀنئوري اچي مغز ۾ ويٺِي جو، نعوذ بالله، خدا هجڻ جي دعوى ڪري ويٺو! الله جو شان! جنهن کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هجي ۽ کيس ڪفن ۽ قبر جي ضرورت هجي سو خدائيءَ جو دعويدار! ايڏي گمراهي!
    اسان سنڌي ماڻهو، ٻين قومن مان اهڙن ماڻهن جا نالا وٺي ڪُوڙي خدا ۽ نبوت جي دعوى ڪندڙن تي ڦِٽ لعنت ۽ تبرو ڪندا آهيون، پر اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي مهڙ ۾، سنڌ به ان الزام کان آجي رهي نه سگهي، جو هن پر امن خطي ۾ به ڪو خدا هجڻ جو ڪوڙو دعويدار بڻيو هو!
    مرحوم نسيم کرل جو والد عبدالڪريم کرل، علم جو وڏو ڀنڊار هو. کيس سنڌيءَ کانسواءِ فارسي زبان تي به دسترس حاصل هئي. اھو هڪ ڏينهن سيڙجي فولاد شر کي ڏسڻ لاءِ ٺري ميرواهه ويو. جڏهن فولاد فقير کي ڏٺائين، ته امالڪ چيائينس؛ “جيڪا تون دعوى ڪرين ٿو ۽ آهين ڪونه، ته توتي ڦٽڪار، پر جي اها دعوى نٿو ڪرين، ته پوءِ توکي سلام آ، جو ايڏي ڏاڍي هستيءَ سان وڃي پاڻ اٽڪايو اٿئي.” ائين هي فاني انسان (فولاد شر) نقلي ۽ ڪوڙي دعوى ڪندڙ، 15 جون 1967ع تي وڏي بيماري ڪاٽي (سنڌين چواڻي وڏي لوڙ لوڙي) مري ويو ۽ پنهنجي قبر ۾ ان هستيءَ آڏو پنهنجي اعمال نامي سميت انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن سان پنهنجي همسر ۽ همنام هجڻ جي دعوى ڪندو هو. اردوءَ جي هڪ مشهور ۽ منفرد شاعر، يگانه چنگيزيءَ جو شعر آهي:
    چڙها خودي ڪا يُون نشه، ڪه آپي ۾ رها نه گيا
    بنا ٿا خدا يگانه، مگر بنايا نه گيا.
    سنڌ جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ معلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي فولاد شر ۾ الئي ڪهڙي مڻ نظر آئي، جو ‘السنڌ’ رسالي (1998ع) ۾ فولاد شر جهڙي گمراهه انسان کي عوامي فيلسوف ڪري ڪوٺيائين ۽ لکيو اٿس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا عالم پاڻ لکن ٿا:
    “... راقم جي ڪن “عوامي اڪابرن” سان آشنائي ٿي، جن کي سڀني گمراهه چئي پئي ننديو پر کين صحيح طور سمجهڻ خاطر مون سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن وقت سڀ ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا آهن... هرڪو پنهنجي رنگ ۽ انگ وارو هيو، جيڪي به چيائون يا ڪيائون، سو پاڻ پڏائڻ يا وڻائڻ خاطر ڪونه ڪيو. جيئن ۽ جهڙا هئا، تيئن ۽ تهڙو هنن ڪردار ادا ڪيو... 1930ع کان 1960ع تائين جيڪي انوکن ڪردارن وارا عوامي فيلسوف هئا تن جو سرواڻ هيو.”
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي عالم ماڻهوءَ جي قلم مان، خدائي جي دعوى ڪندڙ (نقلي ۽ ڪوڙي خدا) جي لاءِ عوامي فيلسوف ۽ انهن جو سرواڻ جهڙا لفظ نڪرن! واقعي اردوءَ واري صحيح چيو آهي ته تنهنجو قلم ڪرشمه ساز آهي، جيڪو وڻي سو ڪرشمو ڪري ڏيکار.
    پر لاڙڪاڻي جو جمعو فقير، انهن سڀني جڙتو فقيرن (اپڻي آپ ڪو فقير پيا سڏائيندا هين، تيڪون شرم نهين پئي آندي) کان هر طرح الڳ ٿلڳ ماڻهو هيو. اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي )موجوده قنبر-شھدادڪوٽ ائٽ قنبر ضلعي( جي مشهور تعلقي واري شهر قنبر جو هيو، پر 1960ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ لڏي لاڙڪاڻي اچي ويٺو. جمعو فقير قد جو ڊگهو ۽ مشڪي رنگ جو هيو. ڪڏهن مڇون ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو ۽ ڪڏهن صرف ڏاڙهي ڪوڙائيندو هيو. اکين ۾ گهڻو گهرو سرمو (جنهن کي ڏسڻ سان سرمو پائڻ چئبو آهي) پائيندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ گڏهه تي گهمندو هيو. ڪڏهن به گڏهه کي لغام ڪونه وڌائين. چيائين ته؛ لغام وجهڻو آهي ته انسانن جي زبانن کي ڏيو ۽ وجهو. هي ته بي زباني (مادي گڏهه) آهي. هن کي زبان آهي ئي ڪونه، باقي لغام ڪنهن کي وجهان/ڏيان. سندس گڏهه جي هلڻ جي رفتار ڏهن منٽن ۾ مشڪل سان ڏهه انساني قدم هوندي هئي. گڏهه جي مٿان گهوڙي وانگر هنو رکندو هيو ۽ کيس هٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺ) هوندي هئي، جنهن کان بريڪ جو ڪم وٺندو هيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، کيس گهرائي، حال احوال پڇندو هيو ۽ ساڻس چرچو گهٻو ڪندو هيو. موٽ ۾، جمعو فقير به ساڻس ساڳي نوع ۾ چرچا هڻندو هيو. توڙي جو ڀٽو صاحب، پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم هو، پر پوءِ به ٻنهي جي دوستي پڪي پختي هئي. جمعي فقير جي دانائي ۽ ڏاهپ جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. هتي فقط ڪجهه لکجن ٿا:
    (1) پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، جمعو فقير قنبر ۾ رهندو هيو. قنبر شهر کان ٿورو ٻاهر هڪ هندوءَ جي زمين ۽ کوهه هيو. کوهه تي نار ٻڌل هيو، جنهن کي اٺ ذريعي هلايو ويندو هو. ان زماني ۾ هندو مسلمانن جي استعمال ٿيل شين کي هٿ لائڻ به پاپ سمجهندا هيا ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي مليڇ ڀانئيندا هئا. هندو سيٺ کي اڃ لڳي، سو نار تان پاڻي پيئڻ لڳو. هندن جي مذهبي رسم و رواج مطابق ان هندو سيٺ کي گڏهه جي پڇ جيڏي چوٽي رکيل هئي. سو پاڻي پيئندي هندو سيٺ جي چوٽي نار ۾ ڦاسي پئي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ “اري (اڙي) وارو ڪريو! اٺ کي جهليو، منهنجي چوٽي!” اتفاق سان جمعو فقير به اتي موجود هيو، تنهن ان هندو زميندار کي چيو ته:”ڪاڪا! چوٽي ته خدا کي آهي، تو واري چوٽيءَ کي ته ڪُتو به نه مُٽي (پيشاب به ڪونه ڪري).”
    (2) هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي چيس ته؛ “جمعا فقير! اڄ رات جي ماني ته مون سان گڏ کاءُ!” جواب ۾ جمعي فقير چيس؛ “ڀُٽا صاحب! منهنجو هڪڙو شرط آهي.” پڇيائينس؛ “ڪهڙو؟” فقير چيس: “پوءِ رڳو تون ۽ مان هونداسين. ماني ۾ هڪڙو به پڙهيل ڳڙھيل ماڻهو ڪونه آڻيندين! نه ڪي انهن کي سڏ ڏيندين، نه ڪي انهن کي ٻڌائيندين.” ڀُٽي صاحب کلي پڇيس: “ڇو ڀلا ايڏي بندش؟” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! جيڪڏهن اهي آيا ۽ انهن پڙهيلن کي مانيءَ کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو، ته ائين ڊڪندا ۽ هٻڇ ڏيکاريندا جو ڄڻ ڪالهاڪون بکيا آهن. سڄو ڏونگهو ٻوڙ جو پنهنجي پليٽ ۾ لاهي ڇڏيندا ۽ ڪُڪڙن جا پيس ٽي ٽي چار چار کڻندا! پوءِ مون مسڪين لاءِ ڇا بچندو؟!”
    (3) جمعي فقير جو معمول هوندو هيو ته روزانو صبح جو ساجهر گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ پهچي ويندو ۽ ڪاساين ۽ مهاڻن کان هڏا، ڇڇڙا ۽ مڇيءَ جا ڇلر کڻي، پنهنجي خرزين انهن سان ڀري، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال ڏانهن راهي ٿيندو هيو، جتي سڄي لاڙڪاڻي شهر جا ڪتا ۽ ٻلا، هن جو انتظار ڪندا هئا. اهي جانور جيئن ئي فقير کي ڏسندا هئا ته خوشي ۽ بود ۾ ڀرجي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳندا هئا ۽ جمعو فقير جيئن ئي ڳوڻ مان هڏا ۽ ڇيڇڙا ڪڍڻ شروع ڪندو هيو ته اهي جانور کيس پيار وچان ڀاڪر پائڻ واري انداز ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ ذري گهٽ جمعي کي ڪيرائي وجهندا هيا، ته جمعو فقير ناراض ٿي چوندو هين: “اڙي، انسانن وانگر اٻهرا ڇو ٿا ٿيو؟ اهي انساني عادتون ڪٿان سکيون اٿوَ؟”•
    ڪجهه سال ٿيندا ته هي فقير لاڏاڻو ڪري ويو. افسوس جو لاڙڪاڻي جي هن لاثاني ڪردار ۽ فقيرمنش جي ياد ۾ ڪو منارو کڙو نه ڪيو ويو. ههڙي مفڪر ۽ عوامي فيلسوف جي نالي ۾ ڪو اسڪول نه کوليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن چَوڪ تي هن جو نالو رکيو ويو، سواءِ لاڙڪاڻي جي هڪ مهاجر فوٽوگرافر جي دوڪان، “سنڌ فوٽو اسٽوڊيو” جي. ٻه ٽي سال اڳ سنڌ فوٽو اسٽوديو لاڙڪاڻي جو مالڪ اڪرام، لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچي ويو، جتي يونيورسٽي روڊ جي دشتيار اپارٽمينٽس جي دوڪان نمبر 20 ۾ وري به ساڳيو لاڙڪاڻي وانگر “سنڌ فوٽو اسٽوڊيو” جي نالي دوڪان کوليو اٿس، جتي پاڪستان جي سابق صدر ايوب خان ۽ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي تصوير سان گڏ جمعي فقير جي تصوير به نمايان طور آويزان آهي.
    (2)
    لاڙڪاڻي، ويجهي ماضيءَ يعني تازو گذري ويل ويهين صدي ۾، جيڪي اهم شخصيتون پيدا ڪيون، تن ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي جي ڪري جمعو فقير اهم ۽ نمايان جڳهه والاري ٿو.
    “ڪهان مان رها ٿا مجهي زمانه،
    بڙي زورون سي منوايا گيا هون مين.”
    ڇاڪاڻ ته هي ڪو رولو، شيطان صفت، جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن منجهان ڪونه هو. نه ئي انهن وانگر “فقير”هجڻ جي هروڀرو ڪا دعوى ڪندو هو. مان ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق عرف ملڪ نديم کي ڪچهري دوران ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهيان ته هاڻي ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ اچي، ته کيس موضوع “نئون وتايو ــــــجمعو فقير” ڏيو ۽ ائين نه ٿئي ته خدا هجڻ جي ڪوڙن دعويدارن، جُڙتو ۽ هٿرادو جڳاڙي فقيرن کي مٿي آڻڻ لاءِ، جمعي فقير جهڙي اصلي فقير ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ ۽ سربراهه کان لنوائي، هن جي ڪردار کي لئه مٽي ڪيو وڃي.
    مون کي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ڳوٺ عمر ڀيو نزد ڳيريلو جو مرحوم پناهه علي شاهه (انگريزي ماستر) ڳالهه ڪندو هيو ته سندس ڳوٺ ۾ هڪڙو جهونو ماڻهو لڳاتار 40 سالن کان سيوهڻ قلندر جي ميلي ۾ ويندڙ هيو. هڪ ڏينهن اهو ڪراڙو فقير پنهنجي ڳوٺ جي مَڪان (مئخاني) ۾ ويٺو هيو. ڀنگ پيئڻ کان پوءِ دوستن کي ٻڌايائين ته “اڄ سيوهاڻي سرڪار ڏي تيار آهيون جو سڀاڻي کان قلندر جو ميلو شروع ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏي اشارو ڪندي چيائين ته ‘فقراهه’ اڄ رات واري پاسينگر (پئسينجر ٽرين) گاڏي ۾ چڙهندو.” اتي ويٺل نوجوان چيو ته “مان به توسان هلندس.” جنهن تي ڪراڙي فقير چيس؛ “تون ڪاڏي هلندين! چئي! پئسه لڀن ڪونه! هليو آ سيوهاڻي سرڪار جي ميلي ۾.” ايتري ۾ ان نوجوان ڇا ڪيو، جو ڀر ۾ پيل ڪهاڙي کڻي، مڪان جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ سنجهي (ٽالهي) جي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار ڪپي آيو ۽ ان کي صاف ڪري، گهر وڃي ان تي لغڙائي رنگين پنا، ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان چنبڙائي، شام جو ئي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچي پنهنجي ڳوٺائي فقير جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته ڪراڙو فقير به ڪارو پٽڪو ٻڌيو، ڪشتي ۽ ڪولابن سميت، هٿ ۾ بيراڳڻيون کنيون، اسٽيشن تي پهچي ويو. ٿوري دير گذري ته ريل آئي ۽ هي نوجوان به اک ٽيٽ سان ڪراڙي فقير کي تاڙي، ان جي پويان ساڳي گاڏي ۾ چڙهي پيو. رش ۾ ڪنهن کي به خبر ڪا نه پئي ته ڪير چڙهيو، ڪير لٿو؟ ڪراڙي فقير به گاڏيءَ ۾ ڪا ڪنڊ ڳولي پنهنجو سامان رکي، اڃا بالم ٿي ويٺو ئي مس، ته هيءُ نوجوان، نئون ۽ هٿرادو فقير، به وڃي ڀرسان ويٺو، ته ڪراڙي فقير ڪرڙين اکين سان ڏسي چيس؛ “تون وري ڪاڏي؟ ٻئي هنڌ جاءِ ڪونه مليئي ڇا، جو اسان فقراهن جي پچر نه ٿو ڇڏين.” ريل هلي ۽ باڊهه اسٽيشن گذري، ته ٽڪيٽ چيڪر به گاڏي ۾ آيو ۽ ٻين ماڻهن جون ٽڪيٽون ڏسندي ڪراڙي فقير جي مٿان اچي بيٺو ۽ اردوءَ ۾ چيائينس ته “ٽڪيٽ دکائو.” ڪراڙي فقير چيس؛ “ڇا جي ٽڪيٽ؟ اسان قلندر جا پانڌيئڙا آهيون، ڪو اڄ ٿا سيوهڻ جي ميلي ۾ وڃئون ڇا؟ چاليهه سال ٿيا آهن ايندي ويندي، پر ڪڏهن به اسان فقراهن کان ڪنهن ٽڪيٽ ڪا نه پڇي.” ٽڪيٽ چيڪر چيس ته؛ “جلدي ڪرو، ورنه پرچا ڪاٽون گا.” فقير ٻانهون ٻڌي چيس؛ “ٻيلي خدا کي مڃ، مون مومن مسڪين جي جان ڇڏ، وڃي ڪنهن ٻئي جي پاڙ پٽ!” ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل نوجوان ۽ هٿرادو فقير ڏانهن اشارو ڪندي چيائينس ته؛ “هي الائي ڪاٿون اچي ٽٽو آهي. هن کان ٽڪيٽ نه ٿو گهرين. ڇو؟ باقي منهنجي مٿان ٺڳيو بيٺو آن!” ٽڪيٽ چيڪر ان جڳاڙي نوجوان فقير، جنهن کي رليءَ جي رنگين ٽڪرن مان ٺهيل اڌوري ٽوپي پاتل هئي، تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته؛ “يه تو فقير هئي!” اهو ٻڌڻ سان ڪراڙي فقير چيڪر کي، پنهنجي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر کي ملائي، هٿ کي هوا ۾ لوڏيندي چيس ته؛ “واهه ڙي سريلا، فقيرن سڃاڻڻ جو مور آن!”
    لاڙڪاڻو ٻين معاملن ۾ خودڪفيل ٿيو هجي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي، پر جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن جي معاملي ۾ گهڻو خودڪفيل ٿي چڪو آهي. هن شهر ۾ ايترا ته گهڻا جعلي ۽ هٿرادو فقير پيدا ٿي پيا آهن جو سنڌين چواڻي ته: “لٺ هڻ ته وڃي جڙتو فقير جي مٿي تي لڳندي.” جڙتو ۽ جڳاڙي فقيرن جي انهن آڏو وصف اها آهي ته ڏاڙهي وڌايو (سونهاريءَ جو ڀرم به نه ٿا رکن). ضلعي دادو جي منفرد شاعر دادن فقير ڪيڏو نه سچ چيو آهي! سندس شعر آهي:
    “رکايان ان ڪري نه ٿو ڏاڙهي اي دادن!
    برا افعال ڏسي متان ڪو پٽي نه وٺي.”
    طوائفن جي وچ ۾ ويهي، انهن جي جسمن کي ايڪسري جي مشين ۽ فلم وانگر ڏسڻ، انهن جي گفتگوءَ جو مزو وٺڻ ۽ انهن کان فرمائشون ڪرڻ ته؛ “اڄ ته تنهنجي هٿن سان ٺهيل چانهه پيئندم، هوٽل جي چانهه پي پي ڪڪ ٿيو آهيان.” (گهر گهاٽ ئي ڪو نه هين.) اهڙين عورتن سان بي مطلب گفتگو ڪري، انهن سان تاڙو ملائي هٿن جو لمس وٺي ۽ پوءِ فرمائشي ٽهڪ ڏيڻ ۽ پاڻ کي فقير سڏرائڻ؟!
    هي ڊرامي باز، اندر جا پليت، شيطان صفت. بقول جمعي فقير ته؛ “ابا ڊڄ، انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون گهمنديون ٿيون وتن.” ڏينهن رات پراين ۽ ڌارين عورتن کي ٽي وي، ويڊيو، فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏٽا ڏئي، رات جي پيٽ ۾ اسٽيج ڊرامن جا هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار بڻجي، اهڙي ڏِک ڏيندا ڄڻ آمريڪا جي فلمي اداري هالي ووڊ مان ٽريننگ وٺي آيا آهن. حسينن جي مجلس ۾ ويهڻ جو گر ان ريت سکيا آهن، جو ڪي ته پاڻ کي هٿ جي ريکائن ڏسڻ جا گرو (ماهر) به ڪوٺائين پيا. ڇو ته، ايئن حسين عورتن ۽ سهڻن ڇوڪرن جا هٿ ڪجهه دير ته هنن جي هٿن ۾ رهندا.
    “تقريب ڪڇ تو بَهر ملاقات چاهيئي.”
    لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو اهڙو نئون، جعلي ۽ جڳاڙي پير پيدا ٿيو آهي، جيڪو نالي ۾ مسلمان آهي پر هندن جي پنڊتن ۽ ڀوپن کي به مات ڏئي ويو آهي. بظاهر سادو نظر ايندو، پويان ڪياڙي تائين وڏا وار ۽ وڏي ڏاڙهي. اردو جي ڪنهن شاعر جي لفظن ۾:
    “يه تيري سادگي ڀي اڪ فريب هي.”
    هي جعلي فقير ٻين کي نقش ۽ تعويذ لکي ڏيڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهي پر پنهنجا نصيب اهڙا اٿس جو پاڻ ‘پن سن’ جي ماني کائڻ ۾ پورو آهي. هي شعبدي باز گرو، پنهنجن نوجوان چيلن (مريدن) کي منفي قدرن ڏانهن مائل ڪري، ماڻهپي مان ڪڍي، اخلاق کان ڪريل، وحشي دَور جا سبق ڏيندي چوي ٿو: “ڇا جو پيءُ ماءُ؟ ڪهڙي پيءُ جي شفقت؟ ڇا جي ماءُ جي مامتا؟ هي سڀ ڪجهه جنسي بک جو پورائو ڪرڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن والدين کي اولاد سان محبت هجي ها، ته پوءِ والدين هڪ ٻار ڄڻڻ تي اڪتفا ڪن ها. هڪ ٻار کان پوءِ ٻيا ٻار پيدا ٿيا ته اولاد سان ڇا جي محبت؟ اهو ته سڌو سنئون جنسي بک جو پورائو ڪرڻو آهي. جي پيءُ جي ٻاجهه ۽ شفقت هجي ها ته پوءِ رستم ۽ سهراب ته پاڻ ۾ سڳا پيءُ پٽ هيا. رستم پنهنجي سڳي پٽ سهراب کي ڇو قتل ڪيو؟ ان وقت پدري رت جوش ڇو نه کاڌو؟” سوچڻ جو مقام آهي ته پاڪ رشتن ۽ ناتن جي ڀيل ڪرڻ جا واعظ ڪرڻ وارا پاڻ کي فقير سڏائن؟! ان جو هڪ چيلو، جيڪو پنهنجي نرڙ تي فقير هجڻ جو هٿرادو ليبل چنبڙائي، پنهنجي گروءَ وانگر رت جي رشتن جي ڀيل ڪندڙ ۽ نالي ۾ مسلمان ۽ منهن مهانڊي ۾ انسان لڳندڙ ان گروءَ لاءِ چوي ٿو ته (معاذالله) هو ته خود خدا آهي. اڃا ويهين صدي جي هن مفڪر ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ جمعي فقير جا چيل لفظ صحيح نه آهن ته:”ابا ڊڄ! انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون لڪل آهن.”
    جمعو فقير، جديد دور جو نئون وتايو، انهن مڙني ڪڌن ڪمن ۽ خراب ڳالهين کان آجو هيو. انسان هيو، هن ۾ ضرور ڪي انساني اوڻايون به هونديون، پر الله پاڪ هن عوامي فيلسوف ۽ مفڪر کي گهڻين ئي گندين ڳالهين کان نجات ڏئي بچائي رکيو هيو. ڇاڪاڻ ته جمعي فقير جي ڳالهه ۽ نگاهه ۾، “اصلي” انسانن جي “انساني عظمت” جو احساس به هيو ته خدا جو احترام به. هو فطرت جي ان لازوال انعام کان به خالي نه هيو، جنهن کي پيار چوندا آهن. قدرت هن کي قلب ۽ نظر جي وسيع دولت عطا ڪئي هئي. هي ان حديث جو عملي نمونو هيو، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته؛ “ڇا تون نه ٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي.” يا انگريزي جي هن قول جي هوبهو تصوير هيو:
    “Simple living-High thinking”
    قنبر شهر ۾ رهڻ دوارن جمعو فقير حجامڪو ڪم ڪندو هيو، پر جڏهن قنبر مان لڏي لاڙڪاڻي جي هڪ پاڙي رحمت پور ۾ خيما اڏيائين ته حجامڪو ڪم ڇڏي، قدرت طرفان مليل لازوال انعام “پيار” جي پالوٽ، گگدامن ۽ ڪتن ٻلن جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ڪيائين ۽ ان سان گڏ گداءُ به ڪرڻ لڳو. پيشيوَر فقيرن جيان 5 يا 10 روپين جي سين ڪونه هڻندو هيو ۽ نه ئي ماڻهن کي تنگ ۽ ڪڪ ڪندو هيو. ڪو کيس خيرات ڏيڻ کان انڪار ڪندو هيو ته چوندو هيس ته؛ “الله پاڪ جي جوڙ ته ڏس، توکي ڪيڏو نه خوبصورت ڪري پيدا ڪيو اٿس. ميان شڪر ڪر جو انسان ڪري پيدا ڪيو اٿئين! جي جانور ڪري پيدا ڪرئي ها ته تون ڇا ڪرينس ها؟ پنهنجي پيدا ڪندڙ، رازق ۽ ٻاجهاري جي نانءَ تي چند سڪا به قربان نه ٿو ڪرين سگهين! پر جي هاڻي ڪو مهمان اچي وڃئي ته ان کي راضي ڪرڻ ۾ ڪيترا پئسا خرچ ڪندين؟”
    جمعو فقير ٻروچن کان خيرات اصل ڪونه گهرندو هيو. ٻروچ کي پري کان ڏسندي ئي پاسو ڪري ويندو هيو. پڇيائونس؛ “ڇو؟” چيائين؛ “ان قوم ۾ خدا هجڻ جو دعويدار (فولاد شر) پيدا ٿيو هيو. ان ڪري اڳ ۾ الله پاڪ کان ۽ پوءِ ٻروچن کان ڊڄان ٿو.” هڪ دفعي ڪنهن ٻروچ کيس پاڻ هرتو هڪ روپيو خيرات طور ڏنو، ته هٿ جي تري کولي، ان تي اهو روپيو رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: “اڄ خبر پئي ته ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.”
    جمعو فقير سدائين مادِي گڏهه رکندو هيو. پاڻ کان وڏي ۽ ڊگهي ڏانگ هٿ ۾ هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن گڏهه جي مٿان چڙهندو هيو، نه ته گهڻي قدر گڏهه کي گهليندي نظر ايندو هو. ڪنهن چيس؛ “جمعا فقير هاڻي ڇڏ هن ڏٻرِي گڏهه کي، ڪو طاقتور گڏهه (نر) رک، جيڪو پاڻ هلي. هيءَ ته هلڻ ۾ هلاڪ آ.” جواب ۾ چيائينس؛ “نر گڏهه گهر ۾ بيهاريان، ته ان لاءِ ڪڇو به درزي کان ٺهرائڻو پوندو.”
    جمعو فقير ڪڏهن به ڪنهن پاڙي مان گذرندو هيو ته ڪتا، هن کي سڃاڻي ڪڍ لڳي پوندا هيا. رستي ويندي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ بيهي، ته ڪتا به هن جي چَوگرد اوتري دير تائين گهيرو ڪري بيهي رهندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن پڇيس: “جمعا فقير، ايترا ڪتا ڌاريا اٿئي؟” موٽ ۾ چيائينس؛ “بيوفا ڀرا ڪنون، ڪتا يار ڪريجي! ڇاڪاڻ ته هي نقصان ڪونه ڏيندا. گهر وٺي ويهاريان، ته سنڀال ڪندا، پر جي ماڻهو وٺي ويهاريان ته پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو تون به سمجهين ٿو!”
    هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش گاهه، المرتضى هائوس، جي اولهه واري حصي ۾ ڪچهري پئي ڪئي. پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هيو. باوردي ۽ باادب ڳاڙهن اڇن خلن (ڪلاهن، طُري وارا پٽڪا) وارا بيرا خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ مصروف هئا، ته ڀٽي صاحب کي جمعي فقير جي اچڻ جو اطلاع مليو، جنهن کي پاڻ نياپو موڪلي گهرايو هئائين. وقت جي صدر، ڀٽي صاحب،اٿي جمعي فقيرجي آجيان ڪئي ته حاضرين مجل س به اٿي بيٺا. تنھن تي جمعي فقير چين: “خوشامد گهٽ ڪريو. هونءَ ته رستي ويندي اسان پارن مسڪينن کي سلام جو جواب ڏيڻ ۾ به ٻرو چڙهندو اٿو.”
    هڪ عيد تي، ڀٽو صاحب عيد نماز پڙهڻ ۽ کلي ڪچهري ڪرڻ لاءِ، جيئن المرتضى مان نڪري، نئين ديري وڃي رهيو هو ته لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي موڙ وٽ جمعي فقير سان مکا ميلو ٿيس. ڀٽي صاحب گاڏي مان لهي جمعي فقير کي چيو؛ “جمعا! عيد مبارڪ، وڌي اچ ته عيد ملئون.” چيائينس: “اڃا عيد نماز پڙهي نه اٿئي! ڇا جي عيد مبارڪ؟” ڀٽي صاحب چيس؛ “چڱو ڀلا دعا ڪر!” چيائينس؛ “منهنجي دعا سان ته پاڪستان جو بادشاهه (صدر) ٿيو آهين. اڃا به راضي ۽ خوش ناهين ته ...”
    جناب ذوالفقار علي ڀٽو هن سان اڪيلائپ ۾ ملي ڳجهيون ڳالهيون ڪندو هيو. انتظاميا ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي ته الائي جمعو فقير متان اسان جي شڪايت نه ڪندو هجي. ان ڪري ڀُٽي صاحب جي آمد تي، جمعي فقير لاءِ المرتضى واري روڊ تي اچڻ وڃڻ تي ڪرفيو لڳايو ويو. هڪ ٻه دفعا ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو پر جمعي کي نه ڏٺائين. پڇا ڪيائين؛ “جمعو فقير ڪٿي آهي؟ مان ٻه ٽي دفعا لاڙڪاڻي آيو آهيان، پر جمعو فقير رستي ويندي به نه ٽڪرايو آهي. خدا نه ڪري، ڪٿي جمعو بيمار ته نه آهي.” سختيءَ سان حڪم ڏنائين؛ “جمعي فقير کي ڪٿان به ڳولي، هاڻي جو هاڻي مون سان ملايو.” ڀُٽي صاحب جو نادري حڪم ھو. لاڙڪاڻي جي انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. جمعي فقير جي تلاش ۾ ڪيترا ئي آفيسر نڪري پيا. ڳوليندي ڳوليندي، ڏٺائون ته جمعو فقير مڇي مارڪيٽ (خان بهادر امير علي لاهوري مارڪيٽ) ۾ اکيون ٻوٽي، گوتم ٻڌ وانگر ڪنهن گيان ۾ گم هيو ۽ سندس گڏهِه ڀرسان گاهه کائي رهي هئي. هڪ وڏي عملدار ڀرسان وڃي چيس؛ “ڀٽو صاحب، توکي ياد پيو ڪري. اسان سان گڏجي هل.” جمعي فقير، فوري طور گڏهه جي رسي ۾ هٿ وجهي، ان کي گهلڻ شروع ڪيو، جنهن تي عملدار چيس؛ “تون گڏهه کي گهلي پيادو هلندين، ته پوءِ المرتضى هائوس ڪڏهن پهچندين؟ هي پوليس اسڪاٽ ۽ ڀٽي صاحب وزيراعظم هائوس جي ڪار خاص ڏني آهي، ان ۾ چڙهي هل.” اهو ٻڌي جمعي فقير گڏهه کي ساڳي جاءِ تي بيهاريندي چيو: “پاڻ (ڀٽي صاحب) ماڻهو موڪليو اٿس، مان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي سواري تي هلندم. هي ڪا توهان وانگر حڪومت واري عارضي سواري ڪانهي، جنهن تي اڄ هڪڙو چڙهي، ته سڀاڻي اها ساڳي گاڏي ڪنهن ٻئي جي هجي. مان ڪار تي مرڳو ڪونه چڙهندم. توهان جي مرضي، وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته جمعو ڪار تي نه ٿو چڙهي.” ڀٽي صاحب جو حڪم هيو سو پوليس عملدارن چيس؛ “فقير تنهنجي مرضي، گڏهه تي ئي هل، پر ٻيلي خدا کي مڃ! هل ته سهي!” لاڙڪاڻي جا روڊ جيڪڏهن شاهدين ڏيڻ جهڙا هجن ها ته اها شاهدي يقيناً ڏين ها ته ڪيئن جمعو فقير پوليس اسڪاڊ واري پروٽوڪول ۾، پنهنجي ڏٻرِي گگدام گڏهه تي چڙهي، خرامان خرامان المرتضى هائوس (وزيراعظم هائوس) ۾ داخل ٿيو هيو.
    هتي پاڻ کي، نعوذ بالله، خدا سڏائيندڙن جا سج اڀريا ۽ ٻڏي به ويا. پر جمعي فقير جو سج اڀريو، ته ٻڏو ڪونه. مون کي ايران جي مشهور شاعر حافظ جو شعر ٿو ياد پوي، جيڪو حافظ ڄڻ لاڙڪاڻي جي جمعي فقير لاءِ چيو هو:
    “دولت فقر خدايا به من ارزاني دار،
    ڪه اين ڪرامات سبب، حشمت و تمڪين من است.”
    (خداوندا! مون کي فقيري جي دولت عطا ڪر! ڇاڪاڻ ته اها مهرباني منهنجي شان ۽ شوڪت جو باعث آهي.)
    گذريل سال (2002) ڊسمبر مهيني جي پوئين هفتي ۾، لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ۾ 100 سال پورا ٿيڻ تي، سر شاهنواز ڀٽو لائبريريءَ جي آڊيٽوريم ۾، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو، جنهن ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترم ڪريم بخش خالد، محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مگر مجال آ جو ڪنهن ڳالهائيندڙ جي واتان، هن جديد وتائي جمعي فقير جو نالو نڪتو.
    ان ساڳي طرز تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ، اردو ڳالهائيندڙن طرفان ٺهيل هڪ علمي ادبي تنظيم “لاڙڪاڻو سنگت” جي پليٽ فارم تان، نيپا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ گذريل 18 جنوري تي “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جشن لاڙڪاڻو جو اهتمام ڪندڙ، لاڙڪاڻو سنگت جي باني چيئرمين ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري جنرل، سٺي ۽ نامور شاعر ۽ اديب مسلم شميم، پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ جديد ڏاهي ۽ عوامي اڪابر جمعي فقير جي نالي جو بار بار ورجاءُ ڪيو، ته ههڙو عوامي فيلسوف به لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين جي پيداوار آهي. لاڙڪاڻي مان لڏي ويندڙ فوٽوگرافر اڪرام دکني سان جڏهن يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي دشتيار اپارٽمينٽس ۾ قائم ڪيل سنڌ فوٽو اسٽوڊيو ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان ۽ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي تصوير سان گڏ لڳل جمعي فقير جي گڏهه سان نڪتل تصوير بابت پڇيم، ته اڪرام وراڻيو؛ “هي ٻئي (ايوب خان ۽ ڀٽو صاحب) پاڪستان جي رياست جا بادشاهه (صدر) هيا، ته جمعو به پنهنجي رياست جو بادشاهه هيو.” پوءِ اردو جو شعر پڙهيائين:
    “هم خاڪ نشينون ڪِي ٺوڪر ۾ زمانه هي.”

    ___________________________
    •پيارا نذير،جمعي فقير لاءِ اسان ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن. مثال طور: (1) جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ ”گڏهه تان لھ، پوءِ اندر وڃ!“ تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ”ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس، نه ته موٽيو ٿو وڃان.“ ڀُٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ’ڇڏيوس.‘دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو. (2) ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾، گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ ”اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!“ تنهن تي جمعي فقير چيس؛ ”سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ“ اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ ”جيڪو سودو توکي قبول!“ جمعي چيس؛ ”نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.“
    جي اهي ڳالهيون واقعي سچيون آهن ته پوءِ اوهان جي مضمون ۾ واڌاري طور شامل ٿيڻ کپن. (ناز سنائي)
    ___________________________
    پيارا ناز، ڪينجهر جي شماري ۾، منهنجي مضمون جمعي فقير جي حوالي سان واڌارو ڪري، مضمون کي وڌيڪ وزنائتو ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيئه، ان لاءِ بيحد ٿورائتو آهيان. توهان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عرض ته توهان جون جمعي فقير جي حوالي سان لکيل ٻئي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون آهن. مون ته ’ڪينجهر‘ جي صفحن کي نظر ۾ رکندي مضمون کي محدود ڪيو هو. حقيقت ۾ مون اهو چاهيو ته ’ڪينجهر‘ ذريعي، جمعي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين ۽ وڏي معنى ۽ مفهوم رکندڙ قولن جون جهلڪيون ڏيکاري، سڄي سنڌ جيماڻهنسان،هنجديددور جي وتائي فقير ۽ لاڙڪاڻي جي ڏاهي انسان، ويهين صديءَ جي نئين عوامي مفڪر جمعي فقير جو تعارف ڪرايان. (نذير احمد)
    ***


    • رتيديري جا وسريل ورق

    لاڙڪاڻي کان شڪارپور ويندڙ رستي تي رتيديري جي نالي سان هڪ قديم شهر موجود آهي. هي شهر پنهنجي پس منظر ۾ تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ شاهوڪار شهر آهي، جنهن جي هڪ عمارت کي ڇڏي ٻي عمارت، جاءِ، ماڙي، ماڳ مڪان يا ميدان سان ڪو نه ڪو تاريخي حوالو لاڳاپيل ضرور آهي. جيڪڏهن ڪنهن طرح ڪنهن جاءِ، ميدان سان ڪا تاريخ ڪانهي، ته پوءِ پڪ ان شهر جي جاگرافي، سماجي حيثيت، مذهبي ۽ ثقافتي پس منظر، ادب ۽ فنونِ لطيفه پڻ سمايل آهي. سنڌ جي ٻين شهر وانگر آباديءَ جي دٻاءَ سبب هيءُ شهر به هاڻي چئني طرفن کان وڌي چڪو آهي. لاڙڪاڻي کي ضلعو بنائڻ کان پوءِ رتيديري ۾ مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائش گاهه جي عمارت، جيل خاني سميت 1912ع ۾، ان وقت لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪليڪٽر جي.آر. مارٽن جي دَور ۾ ٺهي. جڏهن قيدين جو تعداد وڌي ويو ته لاڙڪاڻي جي هڪ ٻئي انگريز ڪليڪٽر ڊبليو.ايف. هوبسن 1914ع ۾ قيدين جي کاڌ خوراڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ بورچيخانو تيار ڪرايو. هي ٻئي عمارتون بنا ڪنهن مرمت ٿيڻ جي اصلي شڪل ۽ حالت ۾ اڃا تائين موجود آهن. 1929ع ۾، مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائش گاهه جي ڀرسان اوڀر ۾ هڪ نئين عمارت تعلقي لوڪل بورڊ جي نالي سان ٺهي، جنهن جو افتتاح ان وقت لاڙڪاڻي جي انگريز ڪليڪٽر ڊِي مئڪلين ڪيو هو.
    1959ع ۾ صدر ايوب جي بنيادي جمهوريت واري نئين پروگرام اچڻ ڪري، هيءَ عمارت تعلقي جي آفيسر، ڊيولپمينٽ آفيسر فار بيسڪ ڊيموڪريسيز جي حوالي ڪئي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن عمارت ۾ جانورن جي اسپتال قائم ڪئي وئي. بعد ۾ ان جي هڪ حصي ۾ زڪوات ڪميٽيءَ جي تعلقي چيئرمئن جي آفيس قائم ٿي ۽ هينئر ان عمارت ۾ رتيديري جي ناظم جي آفيس ۽ جانورن جي اسپتال، ڪم ڪري رهيون آهن.
    رتيديري شهر جي اوڀر ۾ ڪنڊي واري ڪنڊ تي ٺهيل هندو عـورتـن وارو ڌوٻــي گهــاٽ ۽ مـنــدر، پـنـهـنـجـا نشان به مٽائي چڪا آهن. راءِصاحبگوڪلداسواريسارينڇڙڻ واري ڪارخاني جي جاءِ تي، هينئر رتيديري جو مکيه بس اسٽينڊ آهي، جتان سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نئين ديري، ميروخان ۽ شهداد ڪوٽ لاءِ سواريون ملن ٿيون.
    ضلعي لاڙڪاڻي جي هن تعلقي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سن ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي، تعلقي رتيديري، جي سر شاهنواز ڀُٽي شرڪت ڪئي هئي. انڊيا جي ورهاڱي کان اڳ، 1936ع ۾، جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي هڪ الڳ پرڳڻي جي حيثيت ورتي، ته سنڌ جي نئين ٺهندڙ پهرين وزارت ۾ هن شهر جو رهواسي راءِ صاحب گوڪلداس پِي ڊبليو ڊِي ۽ لوڪل باڊيز جو وزير ٿيو هو. هن ئي تعلقي سان تعلق رکندڙ جناب ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جي حڪومت ۾ پهريون وزير، پوءِ وزير خارجه، بعد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پوءِ صدر مملڪت، چيف مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر ۽ وزيراعظم بڻيو. سندس نياڻي محترمه بي نظير ڀٽو، پاڪستان جي ٻه دفعا وزيراعظم ٿي. ان کان سواءِ 19 آڪٽوبر 1938ع تي جڏهن باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو، ته سندس ميزبان نواب نبي بخش ڀٽو (ڳوٺ ميرپور ڀٽو، تعلقو رتوديرو) هيو، جنهن جو پٽ ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو گورنر، ٻه دفعا وزيراعليٰ ۽ حڪومتِ پاڪستان جو وزير پڻ رهي چڪو آهي. هن تعلقي جا ٻه ڀائر؛ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي (ڳوٺ بهمڻ، لڳ نئون ديرو) سياسي ۽ ادبي دنيا جا مشهور شهسوار ٿي گذريا آهن. اها به هن تعلقي لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي ته 23 مارچ 1940ع جي لاهور واري قراردادِ پاڪستان واري مسودي کي آخري شڪل ۾ ٽائيپ ڪندڙ پير علي محمد راشدي هو. محترم عبدالرزاق سومرو، ٻه دفعا حڪومت پاڪستان جي طرفان، عرب امارات ۾سفير رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سردار الله بخش خان جلباڻي (ڳوٺ مسوديرو، تعلقو رتوديرو) مجلس شوريٰ جو ميمبر، سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ کان سواءِ ڄام صادق علي، وزيراعليٰ سنڌ، جو صلاحڪار پڻ رهيو. سندس ڏاڏو سردار الله بخش خان جلباڻي اول، ورهاڱي کان اڳ، سرڪاري طور، بينچ مئجسٽريٽ مقرر ٿيل هيو ۽ اها به هن تعلقي ۽ شهر لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدليه (سپريم ڪورٽ آف پاڪستان) جو جج ديدار حسين شاهه به هتان جو رهواسي آهي. سيد ديدار حسين شاهه ان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس پڻ رهي چڪو آهي.
    تاريخي ماڳ مڪان جي حوالي سان رتيديري کان ٽن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي “ڀانڊو قبو” به مشهور تاريخي جاءِ آهي. روايت آهي ته شڪارپور کان ايندڙ حملي آور، جن کي “گهلِ” چيو ويندو هو، تن هتان جي مقامي اثر رسوخ وارن ۽ حڪمرانن تي اهڙيءَ طرح حملو ڪيو، جو سڀني کي قتل ڪري، انهن جون منڍيون (منهن-مٿا) پاڻ سان گڏ کڻائي ويا. باقي انهن جا ڌَڙَ، ان قبي ۾ پوري ويا جنهن تان ان تي “ڀانڊو قبو” يعني صرف ڀانڊا (ڍانچا) پوريل قبو نالو پيو. ويهين صديءَ جي مئي وري مهيني ۾ رتيديري جي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل (بعد ۾ لاڙڪاڻي جو ڊي سي او پڻ رھيو: مرتب) جي سربراهيءَ ۾ “رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ” جو بنياد پيو، جنهن جو سيڪريٽري راقم کي مقرر ڪيو ويو. باقي عهديدارن ۾ پروفيسر خاوند ڏنو عارباڻي، مقصود گل، مختار گهمرو ۽ صحافي نياز ابڙو هيا. رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان ساڳئي مهيني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري جي اڱڻ ۾ “ڀانڊي قُبي” تي هڪ عاليشان سيمينار ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت، ان وقت لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ موجوده سيڪريٽري تعليم جناب نظر حسين مهر ڪئي ۽ مهمان خاص ڊائريڪٽر آرڪيالاجي سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ سردار الله بخش خان جلباڻي هيا. هن سيمينار ۾ سنڌ کان آيل اديبن، جهڙوڪ آثار قديمه جو ماهر بدر ابڙو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو، احسان دانش، پروفيسر محمد شريف سومرو، سيد بچل شاهه، پروفيسر انور علي ڪوريجو، مرحوم عبدالستار ڀٽو (بنگل ديرو)، پروفيسر محمد افضل ڀٽي، عبدالغفار تبسم ۽ امام راشديءَ پنهنجا مقالا پڙهيا، مضمون جي طوالت جي خوف کان، هتي فقط چند وساريل شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو.

    سيد خير شاهه

    ابن ڏاڏن کان رتيديري شهر جو رهواسي هيو. شاعرِ هفت زبان سچل سرمست جو مريد ۽ پانڌيئڙو هجڻ سان گڏ شهر جو اثر رسوخ وارو ماڻهو ۽ زميندار هيو. رتيديري شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جي عمارت، سنگيت سئنيما، مختيارڪار جي آفيس، جامع مسجد، مدرسه عزيزيه، موجوده بس اسٽينڊ ۽ ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت سميت، سندس ملڪيت هئي. سيد خير شاه کي پُٽاڻو اولاد ڪو نه هيو. کيس فقط هڪ نياڻي ڄائي، جيڪا لاڙڪاڻي کان ٻاهر هڪ ڳوٺ، بقاپور جي سيدن ۾ پرڻائي ڏني هئائين. کيس هڪ ڏوهٽو غوثل شاهه ڄائو. غوثل شاهه کي جڏهن پٽ ڄائو ته سنڌ جي ريت ۽ رسم موجب ان جو نالو سيد خير شاهه رکيائين. سيد خير شاهه جڏهن جوان ٿيو، تڏهن سيد خير شاهه اول جي رتيديري واري ملڪيت آهستي آهستي وڪڻندو ويو، تان جو سيد خير شاهه اول جي گهر جي جاءِ ڇڏيائين. سيد خير شاهه اول جي گهر واري جاءِ، رتيديري ۾ ٽيليفون ايڪسچينج جي اولهه ۾ اڃا تائين بيٺي آهي، جنهن جي ايوان ۾ سيد خير شاهه جي قبر پڻ موجود آهي ۽ اڄڪلهه ان گهر ۾ غلام قادر دايي نالي پورهيت ۽ مزدور رهندو آهي. سيد خير شاهه اول جي ڏوهٽاڻ منجهان سيد زينل شاهه نالي آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ تي ٺهيل پوليس شاپنگ سينٽر جي دوڪان ۾ ريڊين ۽ ٽي وي جو ڪم ڪندو آهي ۽ سڄي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي فن ۾ وڏي مهارت رکندڙ طور مشهور آهي. سيد خير شاهه اول شاعري به ڪندو هيو ۽ پنهنجي شعر ۾ خيرخواه تخلص طور ڪم آڻيندو هيو. سيد خير شاهه جي شاعريءَ تي، سنڌ جو مشهور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر نواز علي شوق تحقيق ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي حڪم تي جڏهن آءٌ خير شاهه جي مزار جو فوٽو ڪڍڻ ويس، ته گهر جي مالڪ غلام قادر دايي کي الائي ڪهڙي خوف ورايو، جو مزار جو فوٽو ڪڍڻ کان سختيءَ سان انڪار ڪيائين. اڄ به سيد خير شاهه جا مريد، سندس مزار تي باسون باسڻ ۽ پڙ وجهڻ ايندا آهن.

    حاجي در محمد سومرو

    سندس جنم 10 جنوري 1910ع ڌاري، پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو، تعلقو رتوديرو، مرحوم واحد بخش سومري جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. پنهنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ سندس ننڍو ڀاءُ عبدالحميد سومرو به پڙهندو هيو. ٻنهي ڀائرن پنهنجي اسڪول ۾ پپل جو ٻوٽو (وڻ) پوکيو، ته ان وقت لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر لاڙڪاڻو ديوان حشمت راءِ ايڏو خوش ٿيو، جو ٻنهي کي 5 رپيا انعام ڏنائين. ديوان حشمت راءِ جي هڪ ويجهي مائٽ سيٺ قيمت راءِ پير ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ نلڪو لڳرايو. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پير ڳوٺ (قائم شده 1904) جي ٻاهرين ڀت تي هڪ پٿر لڳل آهي جنهن تي هي اکر درج ٿيل آهن: “هن اسڪول ۾ نلڪو قيمت راءِ پنهنجي پتا سيٺ هرچي جي پوتر يادگيريءَ ۾ سن 1915ع ۾ لڳرايو.”
    حاجي در محمد، بمبئي يونيورسٽيءَ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪري نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي جي اي وِي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو، جتي سرڳواسي پهلومل هيڊ ماستر هيو. حاجي در محمد باقي امتحان بِي اي، ايم اي ۽ بِي ٽِي جا علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيا. رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ، 1969ع ۾، رتيديري جي هڪ مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم عبدالواحد سومرو، رتيديري ۾ ڇوڪرين جي لاءِ هاءِ اسڪول کولڻ لاءِ ساڻس مشورو ڪيو، ته حاجي در محمد کيس ان نيڪ ڪم جي شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ نئين کلندڙ اسڪول کي سومرو صاحب (عبدالواحد) جي گهر جي ڀرسان سندس بنگلي ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن جو پهريون پرنسپال حاجي در محمد سومرو مقرر ٿيو. هن وقت پ پ سنڌ خواتين جي صدر، رقيه خانم سومرو، هن نئين اسڪول (مدرسته الغربا) ۾ ٽيچر مقرر ٿي هئي. مدرسته الغربا جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾، رتيديري شهر ۾ ڇوڪرين لاءِ ڪو به مڊل/هاءِ اسڪول ڪو نه هيو. حاجي در محمد جي صلاح ۽ مشوري سان رتيديري ۾ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو ويو. هي ٻئي ادارا 1972ع ۾ حڪومت قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. حاجي در محمد سومري تعليمي سکيا لاءِ ڪيترن ئي موضوعن تي 13-14 کن ڪتاب لکيا، جيڪي 1972ع کان اڳ ۾ ڪاٺياواڙ اسٽور وارا ڇپرائيندا رهيا. 6 جون 1972ع تي وفات بعد تعلقي رتيديري جي هن تعليمي ماهر کي سندس اباڻي قبرستان، پير جو ڳوٺ، لڳ نئون ديرو، ۾ سندس والدين جي پيرن ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

    مولوي قاضي دوست محمد “بلبلِ سنڌ”

    سندس جنم نومبر 1918ع ۾، تعلقي رتيديري جي هڪ ڳوٺ (نئون ديرو-رتوديرو روڊ جي ڀرسان) خانواهه ۾ ٿيو. سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ تعليم ورتائين. سندس تعلق سني فرقي جي بريلوي مڪتبهء فڪر سان هيو. مذهبي اسٽيج جو بادشاهه سمجهيو ويندو هيو. قدرت طرفان کيس پرسوز ۽ درديلو ڳلو عطا ٿيل هيو، ان ڪري سنڌ ۾ کيس بلبل سنڌ جو لقب مليل هيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ خانواهه مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر جي، عظيم شاهه محلي ۾، پنهنجي جاءِ “ڪاشانه دوست” جي نالي سان ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. پنهنجي وفات واري ڏينهن، لاڙڪاڻي کان ٻاهر تبليغ (واعظ) لاءِ ويل هيو، جتي ٽيپهريءَ جي نماز جو وضو ڪري نماز جي تياري پئي ڪيائين، ته اجل جو فرشتو آيو ۽ هن قيمتي روح کي پاڻ سان گڏ ورتيون هليو ويو. 2 مارچ 1987ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور شاهي بازار جي اولهه واري لاهين ۾ ٺهيل عثمانيه مسجد جي ايوان ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.

    مولوي عبدالعزيز سومرو

    سندس جنم رتيديري کان 3 ڪلوميٽر پرتي ڀانڊي قُبي ۾، سن 1905ع ۾ ٿيو. اڃا جوانيءَ کي مس پهتو ته سندس والد الله رکيو سومرو فوت ٿي ويو، ته هن الله توهار ڪري هندستان جي مشهور مدرسي ۽ شهر ديوبند ڏانهن رخ ڪيو، جتي علم پرائي، دستاربند مولوي ٿيو. 1947ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن ديوبند مان لڏپلاڻ شروع ٿي، ته مولوي عبدالعزيز به ٽپڙ کڻي اچي ڳوٺ پهتو. 1950ع ۾ رتيديري شهر جي هاري پريس جي ڀرسان مدرسو کوليائين. پاڻ ان جو مهتم اعلى به ٿي رهيو ۽ ديني خدمت ڪندو رهيو. “مدرسي عزيزيه رتوديرو” جو شمار سنڌ جي مشهور مدرسن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت به سوين شاگرد ديني ۽ مذهبي تعليم پرائي رهيا آهن. مولوي صاحب 1975ع ۾، 70 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.•
    ______
    •نوٽ: مولانا 8-9 ورهين جو هيو، جو سندس والد وفات ڪري ويو. مختلف مدرسن ۾ پڙهڻ کان پوءِ آخر ۾ مولانا حسين احمد مدني وٽ ديوبند ۾ پڙهيو. سال 1943ع کان 1952ع تائين ڪنڊياري جي مدرسهء تعليم القرآن جو صدر مدرس رهيو. رشتي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود صاحب جو نانو ٿئي. (مرتب)
    _______

    ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي

    پهرين اپريل 1926ع تي، تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ڇٽو جاگيراڻيءَ لڳ، جمعو اگهم ۾ ڄائو. سندس والد، مولوي دولت خان جاگيراڻي، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هيو. گذر سفر ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ننڍڙو هَٽ (دوڪان) هلائيندو هيو. اعتبار خان جاگيراڻي شروعاتي تعليم جمعو اگهم ۽ تعلقي ميروخان جي هڪ ڳوٺ حيدر چاندئي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌي فائينل پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ رتيديري شهر جي اي وِي اسڪول ۾ داخل ٿيو. غربت سبب ۽ رتيديري شهر ۾ رهائش نه هئڻ ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. 1943ع ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي پارٽي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ، لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل ۽ سابق سفير، عبدالرزاق سومرو به خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامه عنايت الله مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا. انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. نتيجي ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي به جهلجي پيو. ساڻس گڏ، سنڌ جو مشهور اديب ۽ آثار قديمه جو ماهر (مرحوم) تاج صحرائي به گرفتار ٿيو. تاج صحرائي انهن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ رهندو هيو. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي، دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هيو. سندس قربانيءَ جي عيوض علامه عنايت الله مشرقيءَ کيس “جانباز” جو لقب عطا ڪيو هو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ کي دهليءَ جي ائڊيشنل مئجسٽريٽ لاله شانت لعل آهوجا اربع 8 جنوري 1948ع تي، منجهند جو 12 لڳي 20 منٽن تي، سزا هڪ سال ٻڌائي هئي. ڪامريڊ، ٻه سال ڪچو قيدي ٿي رهيو هيو. ائين 7 جنوري 1949ع تي ڪامريڊ سزا جو مدو پورو ڪري، دهليءَ مان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. هتي پهچڻ کان پوءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1952ع ۾ رتيديري مان هاري اخبار شايع ڪيائين، جنهن جو مئنيجنگ ايڊيٽر پاڻ هيو ۽ ايڊيٽر، تعلقي رتيديري جي هڪ ڳوٺ “پير جو ڳوٺ” لڳ نئين ديري جي راشدي خاندان جو چشم و چراغ ۽ سنڌيءَ جو معروف شاعر ۽ نقاد، ذوالفقار راشدي هيو. ڪامريڊ اعتبار علي 1970ع ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو. 21 جون 2002ع تي، هڪ هفتي جي لاءِ ڪراچيءَ دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويو، ته 28 جون 2002 تي، صبحجو9بجيکيسدلجودورو پيو، جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. سندس مڙهه ڪراچيءَ مان کڻائي، سندس وصيت موجب، هاري آفيس رتيديري ۾ سندس دوست نديم شاهين سهرورديءَ جي ڀر ۾ دفنايو ويو.

    راءِ صاحب گوڪل داس

    سندس پيءُ ميولداس، ميونسپالٽي رتوديرو جو صدر هيو ۽ ان کان پوءِ 1920ع کان 1935ع تائين گوڪلداس مسلسل 15 سال رتوديرو ميونسپالٽيءَ جو صدر رهيو. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ هڪ نئين صوبي جي حيثيت ورتي، ته ان پهرين ۽ نئين ٺهندڙ وزارت ۾ راءِ صاحب گوڪلداس پي.ڊبليو.ڊي ۽ لوڪل باڊيز جو وزير ٿيو ۽ 1946ع تائين مسلسل وزير رهندو آيو. راءِ صاحب گوڪلداس زبان جو ايڏو پڪو هيو جو هڪ دفعي نواب نبي بخش ۽ قاضي فضل الله ۾ ڪائونسل جي صدارت لاءِ مقابلو ٿي رهيو هيو، توڙي جو سندس سيڻ (ڌيءُ جي سهري) کيس قاضي فضل الله کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو، پر راءِ صاحب گوڪلداس کيس جواب ۾ چيو: “ٿڪ اڇلي پوءِ چٽبي ناهي. مون واعدو ڪري ڇڏيو. ديوان! تون ان کي ڇا به سمجهه! مگر منهنجي لاءِ پٿر تي ليڪ آهي.”
    رتيديري شهر ۾، گوڪلداس نالي مڇي ۽ ننڍي گوشت جي وڪري لاءِ مارڪيٽ ٺهي چڪو هيو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو ۽ ان جاءِ تي نئون مارڪيٽ ٺهي چڪو آهي. ان سان گڏ رتيديري شهر ۾ گوڪلداس بازار به آهي جيڪا خوشيرام نيول مل بلڊنگ (1931ع) کان شروع ٿئي ٿي ۽ مائي بازار ۾ ختم ٿئي ٿي. سندس وڏو پٽ انڊين نيوي ۾ آفيسر هيو. ورهاڱي کان پوءِ ديوان گوڪلداس به هندستان جي شهر ممبئي ڏي لڏي ويو، جتي جوهو بيچ تي (سمنڊ ڪناري)، سندس محلات ‘رتوديرو هائوس’ جي نالي سان ٺهيل آهي.


    ٻلديو مٽلاڻي

    سندس جنم ڳوٺ لاشاري، لڳ خيروديرو ۽ بنگل ديرو، تعلقو رتيديري ۾ ٿيو. سندس پيءُ بخت راءِ روينيو کاتي ۾ پهريان تپيدار ۽ پوءِ سپروائيزنگ تپيدار هو. ٻلديو مٽلاڻي تمام ننڍڙو هيو جو ورهاڱو ٿيو. سندس پيءُ لاشارين واري ڳوٺ مان ٽپڙ کڻي، لاڙڪاڻي جي انصاري محلي (ڪوڪڙي محلي) ۾ رهيو، جتان 1955ع ڌاري، هندستان لڏي وڃي ممبئي ويٺو. ٻلديو مٽلاڻي هڪ تحقيقي مقالو “سچل جون واديون” لکي (پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ) ممبئي يونيورسٽيءَ مان ايم فل جي ڊگري ورتي. ٻلديو مٽلاڻيءَ جو اهو مقالو پهريان هند ۾ ڇپيو، جنهن جي ڪاپي ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ کي لاڙڪاڻي ڏياري موڪلي هئائين. سندس مقالي جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان سال 1994ع ڌاري شايع ٿيو. اڄڪلهه ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر آهي. سندس چاچو، بلند راءِ، لاڙڪاڻي جي ڪرمان باغ پاڙي ۾ رهي ٿو.

    مولوي عبدالعزيز ڪورائي عرف مولوي ڪهاڙو

    تعلقي رتيديري جي ٻن ڳوٺن؛ ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ۽ بنگل ديري جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ ڪوٽ ڀُٽي ۾ ڄائو. هر ظالم حاڪم ۽ جابر ماڻهوءَ کي، منهن تي يا روبرو، سچ چئي ڏيڻ/سچ ٺوڪڻ جي ڪري مٿس نالو ڪهاڙو پيو. مولوي صاحب ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ معراج المومنين، اعمال قرآني، اصلاح الاخلاق مشهور آهن. ان کان سواءِ مولوي صاحب قرآن پاڪ جي ٽن سيپارن جو ترجمو ۽ مشرق جي ڏاهي شيخسعديجيڪتابزليخا جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس اولاد هاڻي رتيديري ۾ رهي ٿي ۽ سندن گذر معاش جو ذريعو حڪمت ۽ تعليم آهي.

    آسن صابلداس واسواڻي مجبور

    هن جو جنم 27 فيبروري 1922ع تي بنگل ديري، تعلقيرتيديري ۾ ٿيو. سندس پيءُ صابلداس گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنگل ديري ۾ استاد هيو. آسن پاڻ شاعر آهي ۽ شاعريءَ ۾ “مجبور” تخلص ڪري ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو “زندگيءَ جا نغما” 1961ع ۾ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس نثر جا هيٺيان ڪتاب پڻ شايع ٿيا: 1. ايشور جو آپگهات 2. خلش ۽ خاڪا 3. عقيدن جي وفات 4. ماضيءَ جو دفن.
    آسن مجبور، اڄڪلهه آدي پور، ڪڇ، ڀارت ۾ رهي ٿو.
    ڏيارام ڪشنچند جئسنگهاڻي
    هن جو جنم 1904ع ۾ رتيديري ۾ ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ جي ماڊل اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي گاڏي کاتي ۾، چانڊومل واڌواڻيءَ کان هڪ هاءِ اسڪول (ايس سي شاهاڻي هاءِ اسڪول) خريد ڪري، ان جو پرنسپال بڻيو. ورهاڱي وقت، حالتون خراب ڏسي، انڊيا هليو ويو.

    چندو لال

    هن جو جنم 1918ع ۾ رتيديري ۾ ٿيو. هي ديوان ڪشنچند جئسنگهاڻي جو ٻيو نمبر پٽ ۽ ڏيارام جو ننڍو ڀاءُ هيو. بي اي، ايل ايل بي پاس ٿيل هيو. آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. لاڙڪاڻي جي پئنچائت جو سيڪريٽري به رهيو. پهرين اپريل 1939ع تي ڪراچيءَ ۾ جيڪا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ٿي، ان ۾ وڏو بهرو ورتائين. ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي هر ضلعي جي ڪليڪٽر کي، ضلعي ۽ تعلقي مان ميمبر چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو، ته لاڙڪاڻي ۽ رتيديري مان چندولال کي چونڊيو ويو. 1942ع واري انڊيا تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري جيل ۾ به ويو. ڪيترا ئي درسي ڪتاب ۽ ناول لکيائين. سندس ناولن “ماڌوري”، “زندهه دل” ۽ “دوکو” مڃتا ماڻي. سڄي سنڌ جي بوائز اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري به هيو. سندس گهر واري سرلا جهڙي ٻاهران ٻرندڙ رنگ واري هئي ايترو ئي سندس اندر به روشن ۽ شاداب هيو. هوءَ شڪارپور مان نڪرندڙ سنڌي مخزن “سنڌو” ۽ ٻين اخبارن ۾ سماجي ۽ ٻين ڳالهين بابت ليک پڻ لکندي هئي. مهاتما گانڌي جا آتمڪ اپاس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي سنڌو رسالي ۾ قسطوار ڇپيا. سندس پيڪا ٺارو شاهه جا هيا.

    ديوان خوب سنگهه نانو سنگهه

    هن جو جنم پهرين ڊسمبر 1931ع تي رتيديري ۾ ٿيو. 5 درجا انگريزي رتيديري مان پاس ڪري مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪيائين. اڃا انٽر ۾ هيو جو سندس چاچو ۽ سؤٽ گذاري ويا ته پاڻ حيدرآباد مان موٽي رتيديري ۾ رهڻ لڳو. سٺو سماجي ڪارڪن هيو. 1946ع واري ٻوڏ ۽ فسادن ۾، رتيديري شهر جي ماڻهن جِي، سواءِ ڪنهن مذهبي متڀيد جي، ايتري ۽ ايڏي وڏي خدمت ڪيائين، جو مرکياڻين جي سردار پنهنجي ۽ پنهنجي قوم طرفان سونو ٻلو انعام ڏنس. ضلعي لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڪليڪٽر، ايڇ اي جي ايڪٽن، کيس پنهنجي هٿن سان اهو سونو ٻلو ۽ نقد رقم، لاڙڪاڻي جي درٻار هال ۽ رتيديري جي تعلقي لوڪل بورڊ واري آفيس ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ مڃتا طور ڏني. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ديوان لڏي ڀوپال ۾ وڃي ويٺو.

    پرڀو وفا

    هن جو جنم 19 سيپٽمبر 1915ع تي ڳوٺ پنجوديرو، لڳ نئون ديرو، تعلقو رتوديرو، ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو جوتو مل ڇڳاڻي هيو، جيڪو پنجوديرو جو زميندار پڻ هيو. سندس 5 شعري ڳٽڪا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ “مان ازل جي اڃ آهيان” ۽ “آئينا ۽ عڪس” وڏي مڃتا ماڻي آهي. پرڀو وفا باندرهه، ممبئي ۾ رهي ٿو.

    گورنمينٽ پرائمري اسڪول بنگل ديرو

    سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان 20 سال پوءِ، 1863ع ۾، تعلقي رتيديري جي هڪ سٺي ۽ شاهوڪار ڳوٺ بنگل ديري ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول قائم ٿيو. ان وقت اسڪول ۾ ڀائي بند ٻوليءَ يعني هندڪي ٻوليءَ ۾ درسي ڪتاب پڙهايا ويندا هيا. 1877ع ۾ لاڙڪاڻي جو انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر وليم الينس هن هاءِ اسڪول جو معائنو ڪيو ۽ وزيٽرس بوڪ (تاثراتي ڪتاب) ۾ نوٽ هڻندي لکيائين:
    “A yearly examination by the Inspector had taken place today, yet the attendance was 25 out of 41. I understand that the banyas (Hindus) say that the Arabic-Sindhi is (of) no use, and also that they require the services of the boys.”
    پورن 11 سالن کان پوءِ مسٽر اڌارام ستين سيپٽمبر 1888ع تي پرائمري اسڪول بنگل ديري ۾ آيو ۽ معائنو ڪندي تاثراتي ڪتاب لکيائين:
    “The attendance is very small for the town and I do not see why the Banyas take no interest in the school, when the master is there to teach their children, the old banyas character with all what is necessary for their business.”
    1823ع کان وٺي 1881ع تائين وارو اهو تاثراتي بوڪ (مواد سميت)، سنڌ جو هڪ اديب جناب حبيب الله صديقي پاٽائي صاحب جي ذاتي لائبرري ۾ محفوظ پيو آهي. محترم محمد صالح ڀٽو (بنگل ديرو) جڏهن ڏٺو ته پرائمري هيڊ ماستر بنگل ديري جي لاءِ اهو مواد رديءَ جي ڪاغذن برابر به ناهي ۽ اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي رهيو آهي، تڏهن محمد صالح ڀُٽي اهو سمورو رڪارڊ جناب حبيب الله صديقي صاحب کي ڏنو، ته جيئن هميشه لاءِ محفوظ رهي ۽ شاگرد ۽ علم جا پياسا پنهنجي اڃ اتي وڃي اجهائين.

    مددي مواد:

    (1) سنڌ جي هندن جي تاريخ، جلد پهريون، ڇاپو پهريون، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
    (2) ايڊيوڪيشن ان سنڌ، پاسٽ اينڊ پريزنٽ، حبيب الله صديقي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
    (3) ميري يادداشتين، سيد هاشم رضا، سابق ڪليڪٽر لاڙڪاڻو، روزاني ‘جنگ’.
    (4) رتوديرو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو قلمي مواد
    (5) بنگل ديرو ۽ پير ڳوٺ جا جنرل رجسٽر
    (6) مختيارڪار جو روينيو رڪارڊ
    (7) مخزن رچنا، اندين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ادي پور، ڪڇ، انڊيا.
    (8) شخصي انٽرويو، محمد صالح ڀٽو، رٽائرڊ ڊي اي او ڳوٺ بنگل ديرو
    (9) شخصي انٽرويو، ديوان ريواچند، عمر 95 ورهيه، ڳوٺ رتوديرو.

    ***


    • نئون ديرو: نوان ۽ پراڻا ورق

    مائي نوران

    مائي نوران رنگ جي ڀوري، جسم ۾ گهڻي ڀريل هوندي هئي. سندس امتيازي نشان ٻه هئا. هڪ: چيچ ۽ ٻاچ جي وچ ۾ سگريٽ يا ٻيڙيءَ جو هجڻ. ٻيو: مرداڻي انداز ۾ هوٽل جي بيرن کي گاريون ڏيڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گهري واقفڪار کي (جنهن جي ڦٽندي هئي ۽ هوٽل وٽان گذرندو هو) پري کان ئي سڏيندي گارين جي وَٽ ڪرائي ڇڏيندي هئي. مائي نوران جي هوٽل تان، برف به ملندي هئي. ان زماني ۾، نه فرج هئي ۽ نه وري ڪو ڊيپ فريزر جو رواج هو. سنڌي ڳوٺاڻا ته برف واري پاڻي تي، ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ پيل دلي، يا مٽيءَ جي پاڻيءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. ان وقت نئون ديرو، هڪ ٻهراڙيءَ جيان هو. اتي هڪ هوٽل جي ڪائونٽر تي عورت جو ويهڻ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪا مارواڙڻ سيٺياڻي، ممبئي شهر جي ڪنهن هوٽل تي ويٺي آهي. مان سمجهان ٿو ته ان وقت ۽ هاڻي به، سڄي سنڌ ۾ اهڙي ڪنهن هوٽل تي، مائي نوران پهرين عورت هئي، جيڪا هوٽل جي ڪائونٽر تي ويهي، هوٽل هلائيندي هئي. سندس وڏي ڪائونٽر تي جهازي سائيز جو، مرفي (Murfi) ڪمپنيءَ جو ڊراءِ بيٽريءَ تي هلندڙ ريديو پيو هوندو هو. جنهن جي ايريل، اٽڪل 50 فوٽ فضا ۾ بلند ٿيل هوندي هئي، تڏهن ئي اهو ريديو ڪم ڪندو هو. نئين ديري ته ڇا، پر سڄي سنڌ جي تاريخ ۾، هوٽل هلائڻ واري مائي نوران پهرين عورت هئي. کيس ڪوبه نرينو اولاد ڪونه ٿيو، فقط هڪ نياڻي هيس، جنهن جو نالو ارباب خاتون ھو، سا به سندس وانگر جوانيءَ ۾ بيوهه ٿي وئي، جنهن مان گليءَ نالي هڪ ڏُهٽو ڄائس. گليءَ کي پڙهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ۽ هن لاءِ فڪرمند پڻ هوندي هئي. سڄي اسڪول ۾ گلي، ڪپڙين لٽين، ٻين ٻارن کان ممتاز نظر ايندو هو. پوري اسڪول جو گلي واحد شاگرد هو، جنهن جي قميص جا بٽڻ ۽ ڪفلنگ، سونَ جا ٺهيل هوندا هئا. مائي نوران ذات جي ميربحر هئي ۽ اصل پتڻ وارن ٻرڙن جي هئي. اهو هوٽل پير علي حيدر شاهه راشديءَ جو هيو، جنهن کان مائي نوران 480 روپين ۾ خريد ڪيو هو. پهرئين مڙس جي مرڻ کان پوءِ، خميسي لغاريءَ جي چاچي سان محبت ٿيس، جيڪا مرڻ تائين نڀايائين.

    وڏيرو جيئو ٻرڙو

    وچولي قد کان ٿورو مٿڀرو، 5 والن وارو پٽڪو، ڊگهو ۽ سواءِ ڪالر جي پهراڻ ۽ هيٺ تي ورن وڪڙن سان سلوار، سنڌي اوائلي جُتي ۽ بوڇڻ ڪلهي تي. هِي هو وڏيرو جيئو ٻرڙو. جيڪو خانبهادر احمد خان ڀٽي جي بنگلي تي، سواءِ ڪنهن ناغي جي، ڪچهري ڪرڻ لاءِ، روزانو ڳوٺان گهوڙي تي چڙهي ايندو هو. کيس 3 يا 4 سَو جريب زمين هئي جيڪا درياءُ پائي ويو، پر هي پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي نئين ديري ايندو هو. آنڌي هجي يا طوفان، گرمي هجي يا سردي، وڏيرو جيئو نئين ديري ضرور ايندو هيو. نئين ديري اچڻ کان پوءِ، اول صبح جو ڏهين وڳي واري ٽرين جو انتظار ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اخبارون اينديون هيون. ان زماني ۾ سنڌيءَ ۾ فقط 3 اخبارون؛ ‘عبرت’، ‘مهراڻ’ ۽ ‘نواءِ سنڌ’ نڪرنديون هيون. جيئو، عبرت اخبار وٺندو هيو. جيئن ته پاڻ صفا اڻ پڙهيل هو، ان ڪري اخبار کي ويڙهي سيڙهي، پهراڻ جي پاسي واري کيسي ۾ وجهندو هو. پوءِ پير ڳوٺ واري حڪيم، حاجي محمد بخش قاضي مرحوم جي مطب خاني، جيڪو گتي واري چوڪ تي هيو، تي پهچندو ھيو. اتي ويٺل مريضن مان ڪنهن به پڙهيل لکيل کي اخبار ڏئي چوندو هيو: “اخبار پڙهي ٻڌاءِ! پر اول ٻڌاءِ ته صاحب ذوالفقار (ڀُٽي صاحب کي هميشه صاحب چئي، پوءِ سندس نالو کڻندو هو) جو ڪو بيان به اٿس. جي اٿس ته پهريان اهو پڙهي ٻڌاءِ..!” ان زماني ۾ ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزير خارجه هيو. ڀُٽي صاحب جو اتفاق سان ڪو فوٽو يا بيان ڪونه هوندو هو ته چوندو هو: “مڙئي اخبار وارن بيان نه لکيو (ڇاپيو) هوندو، نه ته خارج وزير (خارجه کي خارج چوندو هو) ۽ بيان ڪونه...!”
    پاڪستان ٿيڻ کان فوراً بعد، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر انور عادل ٿي آيو، جيڪو ايوب کهڙي جو مائٽ هيو. ان جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ، نئين ديري جي ڀرپاسي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو. وڏيرو جيئو، صبح جو 9 واري ريل ۾، لاڙڪاڻي پهتو ۽ سڌو ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ويو. ملندڙن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرايائين. ڪجهه وقت کان پوءِ انور عادل کيس اندر گهرايو. انور عادل سنڌي ٻوليءَ جي الف ب کان به واقف ڪونه هو. وڏيرو جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويٺو ته انور عادل پڇيس: “هان... وڊيرا ڪهو ڪيسي آنا هوا؟”
    وڏيري ته اردو ئي پهريون ڀيرو ٻڌي هئي. تنهن مڙئي دَوَ تي سندس سوال سمجهي چيو: “صاحب... گهگهه (اوندهه) ٿي ويو.”
    انور عادل اردو پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ هو. تنهن لفظ گهگهه ٻڌو ته وائڙو ٿي پڇيائينس: “ڪيا هوگيا؟”
    وڏيري جيئي، جنهن جي هٿ ۾ لالٽين (فانوس) هيو، تنهن جي ڪلپ مٿي ڪري، ٺوڪي کڻي تيلي ٻاري. تڏهن انور عادل سمجهيو ته گهگهه ڇا آهي.
    ان وقت جو ڪليڪٽر، اڄ جي گورنر کان به وڌيڪ اختيارن جو مالڪ هو. پاڪستان به نئون ٺهيل هو، سو ڊي سي معنى اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ، پر آفرين لائق هو وڏيرو جيئو، جنهن وقت جي بااختيار حاڪم جي منهن تي سچ چئي ڏنو.
    پڇاڙيءَ ۾ بيمار ٿي پيو، ان ڪري نئين ديري اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنائين، پر پوءِ به اخبار صرف ‘عبرت’ گهرائيندو هو. توڙي جو 70 واري ڏهاڪي ۾ ٻيون به اخبارون نڪرنديون هيون، پر وڏيرو چوندو هو: “اهي به ڪي اخبارون آهن... اخبار آهي ته ‘عبرت’ ٻيو سڄو ڪوڙ.”
    ڪجهه سال ٿيا ته هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

    ماڪوڙو بُوئو

    پير ڳوٺ جي اولهه ۾، “نئون شهر” نالي هڪ ويران بستي آهي. مگر اٽڪل 75 سال اڳ، هن شهر ۾ وڏي رونق هئي. تقريباً ڳوٺ جا سڀ رهاڪو سونارا هوندا هئا. ٻه ٽي گهر منگين جا به هوندا هئا جيڪي پاڻ کي خبر ناهي ته ڇو “بُوئو” سڏرائيندا هئا.• انهن بوئن مان هڪڙو ڪردار ماڪوڙي بوئي جو به آهي. جيڪو ڪم محوشين ۽ سنياسين جو آهي، اهو ڪم هي به ڪندو هو. پاڻ کي جراح حڪيم سمجهندو هو. گشتي دواخانو سدائين ساڻ هوندو هئس. هر ميلي ملاکڙي يا بس اسٽينڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ يا ماڻهن جي گذرگاهه وٽ، پنهنجو گشتي دواخانو کولي، ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري، دوائون کپائيندو هو.
    چون ٿا ته حڪيم ڀورل شاهه پير ڳوٺ واري حڪيم جو ٻڌايل پاري مارڻ وارو نسخو، ماڪوڙي بوئو وٽ هيو جنهنڪري سندس دوائون نيڪال ٿينديون هيون.
    هو تڪ بند مزاحيه شاعر به هو. پنهنجي ڳوٺ جي سونارن بابت هڪڙو سندس نظم به لکيل آهي. ان نظم جو بند هن ريت آهي:
    نئين شـهــر ۾ نـــور ڇتو ٿيــــو، کاڌائين سڀ سونارا،
    تاجوءَ کي ڏسي هٿ ڪونڊا، ڀڃو سڀ هاڻي يڪتارا.
    کيس هڪ پٽ الله بخش نالي هيو، جيڪو ڪنهن اسڪولي استاد جي مار کان پوءِ صفا گهل ٻوڙو ٿي پيو. پٽ جي ان صدمي جي ڪري، ماڪوڙو بوئو به ڏينهون ڏينهن جهرندو ويو.
    ماڪوڙو 1970ع ۾ نئين شهر ۾ گذاري ويو. سندس اولاد خيرپور ميرس ضلعي جي مشهور شهر پريالوءِ (پرين جي لوءِ) ۾ حجامڪو ڪم ڪري زندگي گذاري ٿو.

    ___________
    •جيڪي حجم يا منگي طوهر به ڪندا آهن، تن کي اتر سنڌ ۾ بوئو سڏيو ويندو آهي.(مرتب)
    محوشي = ڪيمياگر (مرتب)
    ___________

    منڊم عيسائڻ

    نئين ديري شهر جي پراڻن واسين کي به هن عورت جي نالي جي پوري ڄاڻ ڪانهي. جيڪڏھن کانئن پڇبو: “ڏيو خبر، توهان منڊم ڏٺي؟”
    يڪدم چوندا: “هوءَ ڊاڪٽرياڻي...!”
    سندس پورو نالو ته الائي ڇا هيو، پر، پاڻ کي ايڇ وي حَسن سڏرائيندي ۽ لکندي هئي. هئي ته الائجي ڪٿان جي، پر نئين ديري جو آئي، ته نئين ديري جي ٿي وئي. اصل ۾ نرس جو ڪورس پاس ٿيل هيس ۽ عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ هئي. نئين ديري ۾ “واحد بخش ڀٽو مئٽرنٽي هوم” (ويم گهر) جي انچارج ۽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ماتحت هلندڙ اسپتال جي، جيڪا سبزي مارڪيٽ جي ڀرسان هوندي هئي، انچارج ٿي آئي، ته “منڊم” سڏي وئي.
    کيس ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ ائيزڪ نالي هئا. وچولي قد جي ٿلهي ۽ ڪڻڪ رنگي هئي. ساڙهي سندس امتيازي نشان هئي. ساڙهي هميشه اڇن ۽ ڳاڙهن پٽن سان پائيندي هئي. سندس ذاتي ملڪيت، محترم منٺار سولنگيءَ جي گهر واريءَ جاءِ جي اتر ۾ ٺهيل جايون هيون، جتي سندس گهر ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ ٺهيل ڪلينڪ هئي. ڪلينڪ واري جاءِ تي هاڻي يونائيٽڊ بئنڪ ٺهيل آهي. نئين ديري ۾ رهڻ دوران “منڊم” پنهنجي ٻنهي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي، جن مان هڪ ڌيءُ لاڙڪاڻي جي مشهور پامسٽ ۽ وڪيل ممتاز جعفريءَ سان پرڻايائين ۽ ٻي ڌيءُ، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مڙس جي عزيزن ۾ پرڻائي ڏنائين.
    پاڪستان جو مشهور ڳائڻو ايس.بي. جان سندس ڀاڻيجو هو، جنهن جي شهرت هن مشهور غزل جي ڪري ٿي:
    تو جو نــهين، تـو ڪــڇ ڀــي نـهيـن هي،
    يه مانا ڪه محفل جوان هي، حسين هي.
    “منڊم” آخر وقت تائين نئون ديرو کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. ائيزڪ، سڪيلڌي پٽ، انگل ڪيس ته ڪراچي هلون. انھي ئي مجبوريءَ ڪري، هوءَ پنهنجي جگر گوشي جي چيچ وٺي، نئين ديري مان هميشه لاءِ نڪري وئي. اڄ يو بي ايل جي عمارت جون گونگيون ڀتيون ۽ هي گهٽيون ٻڌائي نه سگهنديون ته ڪڏهن ڪنهن “منڊم” جو يا ائيزڪ جو يا ايس.بي. جان جو ڪو نئين ديري مان گذر ٿيو هو يا انهن جا هتي ڪي ٽهڪ به ٻڌبا ها.

    سائين لال خان

    هي شخص به ٻاهريون هو. سندس ڳوٺ جهلم ضلعي ۾ هو. هي فوج مان صوبيدار ٿي پينشن تي لهي آيو هو. 1958ع واري مارشل لا ۾ جڏهن اسڪولن ۾ پريڊ جو حڪم آيو، تڏهن اسڪولن ۾ ڊرل ماسٽر رکيا ويا. سائين لال خان جو پُکو نئين ديري لاءِ نڪتو. ڇهن فوٽن کان به ڊگهو، بُت ۾ ڀريل ۽ ڪسرتي جسم وارو هي انسان، جڏهن پنهنجي سيني تي تمغا سجائي ڪلاس ۾ ايندو هو، ته محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو ڪلاس ۾ واقعي جنرل آيو هجي، ڇاڪاڻ ته سائين لال خان جي سيني تي، دل واري حصي جي مٿان، انيڪ ملٽري بيج ۽ تمغا سجايل هوندا هئا. جڏهن هلندو هو، تڏهن اهي ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل تمغا، هڪ ٻئي سان لڳي ڇِم ڇِم جو آواز پيدا ڪندا هئا. تڏهن سائين لال خان جي لوڏ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. شروعات ۾ چوندو هو: “چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان، مون کي چئن خونن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مان ڪن به چئن ماڻهن کي ڇُوٽ ڪري سگهان ٿو.” سندس انهن لفظن تي اسين ويتر هيسجي ويندا هئاسين، ڪٿي واقعي گولي نه هڻي وجهي.
    محترم سائين ڪريم بخش کهڙو ساڻس ڏاڍا ڀوڳ چرچا ڪندو هو. ان ڪري ان تي به گهڻو ڪاوڙيل هوندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ به، کهڙا محلي ۾ جاءِ خريد ڪري هتئون جو ٿي ويو، پوءِ پنهنجي ڄاٽي عنايت عليءَ کي به نئين ديري هاءِ اسڪول ۾ عربي ٽيچر ڪرايائين. سائين لال خان پنهنجي نياڻي ۽ زال سميت هتي رهندو هو. خبر ناهي، ڪهڙيءَ ڳالهه تان، پنهنجي ناٺي عنايت سان ناراض ٿي واپس جهلم هليو ويو، جتي ڪجهه سالن کان پوءِ گذاري ويو.

    خانو ٽپالي

    نئين ديري ۾ پوسٽ آفيس 1933ع ۾ قائم ٿي. ان ۾ پهريون ٽپالي، “ننڍا موهل” جو ميربحر خان محمد نالي مقرر ٿيو. بندري قد ۽ هلڪي بت واري خان محمد کي سڄي زندگي ڪنهن به ماڻهوءَ، گرميءَ توڙي سرديءَ ۾، بنا ڊريس جي نه ڏٺو. سندس ڊريس ۾ لڳل بٽڻن تي امانت ۽ ديانت لکيل هوندو هو. سونپيل ڪم تي اهڙو سچو هيو، جو پيءُ جو خط پٽ کي ۽ ڀاءُ جو خط ٻئي ڀاءُ کي ڪو نه ڏيندو هو. خانو ٽپالي اهڙو مشهور ٿيو، جو ڪو راز جي ڳالهه کولي وجهندو هيو يا ٻن-ويڙهائو کي به ٽوڪ طور چيو ويندو هيو: “ها خانو ٽپالي، ٽپال پهچائيي...!” يا وري هيئن چئبو ھيو: “فلاڻو... اهو خانو ٽپاليءَ کي به ماري ويو.”
    خان محمد ٽپالي، سڄي عمر مجرد رهيو. پنهنجي ڀاءُ خيالي ميربحر جي اولاد تي ساهه ڇڏيندو هو، جنهن جو اولاد اڄ به ننڍا موهل ۾ مڇي وڪڻي گذارو ڪري ٿو.
    خان محمد ٽپاليءَ کي ماڻهو گورو به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪِلين شيو هوندو هو ۽ مٿو به ڪوڙيل هوندو هيس. رٽائرمينٽ کان پوءِ، بلند جي هوٽل جي بيراگيري (هوٽل کان ٻاهر چانهن پهچائڻ) ڪندو هيو.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259615
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ