ڪتاب جو نالو: سنڌ جا عوامي ڪردار
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌ تحقيقي بورڊ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1996
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1959 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 596 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ٻه اکر
  • • تعارف
  • • مھاڳ
  • • دودو سومرو
  • • ڀاڳو ڀان
  • • سمنگ چارڻ
  • • وڪيو ڏاتار
  • • لاکو ڦلاڻي
  • • ڄام نندو
  • • مُلان لُٽر
  • • سمو ڪارائڙ
  • • بيربل
  • • وتايو فقير
  • • جلال کٽي
  • • جمن چارڻ
  • • مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
  • • سنڌ راڻي
  • • پيراڻو ڀنڀرو
  • • ھوشو شيدي
  • • ڇَتو ڪوري
  • • حمل فقير
  • • بچو بادشاھ
  • • ڀڳت ڪنور رام
  • • مولانا تاج محمد امروٽي رح
  • • حاجي احمد ملاح
  • • مولوي غلام رسول جتوئي
  • • سانوڻ فقير
  • • مائي ڀاڳي
  • • مسڪين جھان خان کوسو
  • • شير ميربحر
  • • سگھڙ ٻيڙو فقير

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (105) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سنڌ جا عوامي ڪردار” ناليواري محقق، تاريخدان ۽ اديب دادا سنڌي جو لکيل آهي.
    لک ٿورا سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري ان جي سافٽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ٻه اکر

    سنڌ تحقيقي بورڊ، جڏھن کان پنھنجي ڪم جي شروعات ڪئي آھي ته دادا سنڌيءَ جي ڪم کي اوليت سان پئي ڇاپيو آھي. ھيءُ ڪتاب ھن اداري طرفان سندس چوٿون ڪتاب آھي.
    ھن ڪتاب ۾، دادا سنڌيءَ سنڌ جي انھن ڪردارن کي پنھنجي قلم ذريعي ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪي واقعي سنڌ جا عوامي ڪردار آھن ۽ سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ اھي چڱي طرح سڃاتا وڃن ٿا ۽ انھن جا پنھنجا پنھنجا ڪردار آھن، جن ڪردارن کي سنڌ جي عام ماڻھوءَ وٽ عزت ۽ آبرو آھي ۽ ھو انھن کي پنھنجو سمجھن ٿا.
    دادا سنڌي لکڻ وقت سمورن ميدانن جي انھن سمورن شھسوارن کي پنھنجي تحرير ۾ آندو آھي، جيڪي پنھنجي پنھنجي فيلڊ، پنھنجي پنھنجي ميدان جا واقعي ھيرو ۽ عوامي ڪردار آھن.
    دودي سومري کان، سگھڙ ٻيڙي فقير تائين ڪتاب ۾ آندل اٺاويھ ئي ڪردار اھڙا آھن، جن سمورن تي اسان کي فخر ۽ وڏائي آھي.
    مون کي خاطري آھي ته دادا جي پيار جو ھي پورھيو به پڙھندڙن وٽ اوتري ئي عزت ۽ مان حاصل ڪندو، جنھن جو ھو حقدار آھي.

    ناز سنائي
    حيدرآباد سنڌ
    1 – جون 1996ع


    • تعارف

    دادا سنڌيءَ جو ھيءُ ڪتاب، سنڌ جي ماڻھن لاءِ، ڏاڍو اھم آھي. اسان سنڌ ۾، ننڍپڻ کان مرڻ تائين، ڪيترن ئي ماڻھن جا نالا ٻڌندا رھيا آھيون پر انھن جي باري ۾ معلومات، ڏاڍي محدود ھوندي آھي. ان لاءِ عوامي ڪردار، تاريخ ۾ ڪھڙي حيثيت رکن ٿا، انھن جو حقيقت سان ڪيستائين واسطو آھي. اھا خبر چار سنڌ جي ماڻھن کي خير ڪي آھي.
    سنڌ جي ماڻھن جي اھا خوش نصيبي سمجھبي جو دادا سنڌيءَ جھڙا تحقيق ڪرڻ وارا، انھن ڪردارن ڏي ڌيان ڏين ٿا ۽ انھن جي تاريخي ۽ حقيقي حيثيت کي پرکي ذري گھٽ انھن کي تاريخي ۽ حقيقي حيثيت ڏئي سامهون آندو آھي. اھوئي ته جديد تاريخ نويسن جو ڪم آھي.
    دادا سنڌي جنھن ھمٿ ۽ محنت سان، سنڌ جي تاريخ تي اڀياس ڪري رھيو آھي، مون کي اميد آھي ته، ھو معروضي اڀياس ڪري، سنڌ جي تاريخ جي انھن گوشن کي ظاھر ڪندو، جيڪي اڃا تائين لڪل آھن.
    ھن کي اڀياس ڪرڻ گھرجي، معروضي اڀياس.

    27 فيبروري 1992ع

    تنوير عباسي
    سرمد جو گھر- خيرپور ميرس


    • مھاڳ

    سنڌ، ڳوٺن جو ڏيھ آھي. اھي ڳوٺ، واھڻ ۽ وسنديون، اسان جي تھذيب ۽ تمدن جون نقيب آھن. اسان جي زندگيءَ جو، مرڪزي دائرو، اڃا تائين ڳوٺ ئي آھن، ان ڪري عوامي زندگي اتي ئي نظر اچي ٿي. اسان جا ڳوٺ، اڄ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي، سھولتن کان محروم آھن. اھوئي سبب آھي جو ھتان جا ماڻھو سادا آھن، ۽ ان سادگيءَ ۾ سچائي، شرافت، ايمانداري، قرب، محبت ۽ انڪساري آھي. ڳوٺاڻي عوام جي ان سادگي ۽ نوڙت نياز کي اڄوڪي “مھذبانه” دور ۾ بيوقوفي يا ناداني سمجھجي ٿو، پر منھنجي نظر ۾، اھي ساد سودا، اٻوجھ ۽ پنھنجي مت وارا ماڻھو، اڄ جي ائڊووڪيٽ شھرين ۽ بار ائٽ لا افراد کان، لک ڀاڱا بھتر آھن، ڇو ته انھن غريبن مان، جيڪڏھن، ڪنھن کي ڀلائي نه پھتي آھي ته نقصان به نه رسيو آھي.
    ھر انسان، پنھنجي عادتن، ريتن رسمن ۽ ذھني لاڙن ڪري، ٻئي انسان کان منفرد ھوندو آھي ۽ ڪي ڪي فرد، پنھنجي مخصوص فڪري لاڙن، خاص سياڻپ ۽ عقلمنديءَ جي گفتن ۽ منفرد عادتن ڪري، پنھنجي معاشري ۾، مشھور ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ، پنھنجي عوام ۾، ان مخصوص ڪردار ڪري، سدائين ياد رھندا آھن. اھڙن ماڻھن کي مون “عوامي ڪردار” سڏيو آھي. اھي عوامي ڪردار اسانجي ڳوٺن جا پليل ۽ نپيل آھن. صاف سٿري پاڻي، صحتمند ھوا، سادي کاڌي، سادي ڪپڙي، سادي رھڻي ڪھڻيءَ سبب، سندن طبع ۾ به، سادگيءَ صفائي سمايل آھي، ان ڪري انھن جي فڪر ۾ به سادگي، سلڇڻائي ۽ سچائي آھي. ھنن جي ئي وجود سان، سنڌ جي سموري ثقافتي، ادبي ۽ تمدني تاريخ محفوظ آھي ۽ اھي ئي سنڌ جي تاريخ ۽ طبعي ماحول جي آئينه داري ڪن ٿا. انھن ماڻھن، سماج ۾ رھندي، عام ماڻھن سان، سندن زبان، اسلوب ۽ فڪر مطابق ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ کين سچي ۽ سڦل زندگي گذارڻ جا، طور طريقا ڏسيا ۽ انھن جي وندر ۽ ورونھن لاءِ، سندن ماحول مطابق، سامان مھيا ڪيو. ڪچھريون ۽ مجلسون قائم ڪري، عام ماڻھن ۾ شعوري، فڪري ۽ ذھني لاڙا پيدا ڪيا. اھوئي سبب آھي جو، سنڌي عوام، تاريخ جي ھر دور ۾، ھر قسم جا ظلم ۽ ستم سھندي به شرافت جو دامن ھٿان نه ڇڏيو.
    معاشرو ميو متو مھراڻ آھي. بيٺل پاڻي يا ڪِنو دُٻو نه آھي. معاشرتي تبديلي Social Mobility ھڪ اٽل حقيقت آھي. جيڪو ڪلھ ھو، اھو اڄ نه آھي ۽ جيڪو اڄ آھي، اھو سڀاڻي نه ھوندو. جنھن تيز رفتاريءَ سان اسان جا ذھني، فڪري ۽ ثقافتي طور بدلجي رھيا آھن، مان سمجھان ٿو ته، ڪو وقت ايندو جو، اسان پنھنجي ماضيءَ جي ثقافتي ورثي کان بنھ ڪورا رھجي وينداسين ۽ اسان جو ايندڙ نسل، پنھنجي ماضيءَ جي عظيم داستان ۽ ھن املھ ثقافتي ۽ ادبي ذخيري کان اٻوجھ رھندو ۽ اھڙي طرح انديشو آھي ته اسان پنھنجي روايتي قدرن کان محروم رھجي وڃون ۽ پنھنجي وڏڙن جي ان گڏ ڪيل املھ وٿُ کي وساري تاريخ جي سنگلاخ زمين تي پنھنجو وجود الائي برقرار رکي سگھون يا نه! ڇاڪاڻ ته ثقافتي قدر ئي قوم جي سڃاڻ آھن. تمدني ۽ تھذيبي ورثو ته قوم جي جيوت جو نشان آھي ۽ ھنن “عوامي ڪردارن” ئي اسان کي قومي ۽ ملي تشخص بخشيو آھي.
    مون ھيءُ ڪتاب، ان ڪري ئي تاليف ڪيو آھي ته پنھنجي ايندڙ نسلن کي، شاندار ماضيءَ جي ثقافتي ورثي سان متعارف ڪرائجي. مون کي اميد آھي ته، نه صرف، اڄ جو نوجوان پر اسان جي مستقبل جو جو نوجوان به، ھن ڪتاب جو مطالعو ڪري، پنھنجي ماضيءَ کي ساھ سان سانڍيندو. ماضي عظيم خزانو آھي.
    ماضيءَ کي وسارڻ ڀُل ۽ ناداني آھي. ماضيءَ ۾ سبق آھي ۽ اھو سبق اسان کي انھن عظيم روايتن ۽ سگھڙن ۽ عاقلن جي گوھرن مان ملندو، جن جو مون ھن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي.
    مون کي قوي اميد آھي ته ھي ڪتاب قديم ۽ جديد لوڪ ادب جو سنگم ثابت ٿيندو ۽ ثقافتي اقدار کي سانڍي سموھڻ ۽ ان کي ھٿيڪي ڪرڻ جي اھم ڪڙي ليکيو ويندو.


    دادا سنڌي
    1 نومبر 1991ع


    • دودو سومرو

    سنڌ جي تاريخ ۾ سومرن جو دؤر انفرادي حيثيت رکي ٿو. ھن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ثقافت جيڪا ترقي ڪئي، اھا تاريخ جي ورقن ۾ زنده رھندي. ھيءَ پھرين سنڌي قوم آھي، جنھن عربن کان پوءِ، سنڌ ۾ مقامي حڪومت قائم ڪري، خودمختيار ٿي راڄ ڪيو. سومرن سنڌ تي 1051ع کا 1351ع تائين، پورا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. ھن خاندان جا جملي ويھ حاڪم تخت تي ويٺا، جن سنڌ جي آزادي، سالميت ۽ خودمختياري لاءِ، ڌارين سان جنگيون جوٽيون. ھن خاندان جي ھر فرد سنڌ لاءِ قرباني ڏني، جن مان دودوسومرو، اسان جي تاريخ جو عظيم جرنيل ۽ سورھيه سپاھي آھي، جنھن اسان جي قومي آزاديءَ لاءِ سِر جو نذرانو ڏنو. دودو سونھن سياڻپ سورھيائيءَ جو مجسمو، حب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان سرشار، مکيه سورمو آھي جيڪو اسان جي قومي ڪردار جي،بھترين نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارناما، وطن جي راھ ۾ سرفروشي ۽ قرباني جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. (شمشير الحيدري نئين زندگي سنڌ نمبر 1970ع) دودو، سنڌ جو ھڪ لافاني ۽ لاثاني قومي ھيرو آھي. ھو محب وطن، وطن پرست، غيرتمند ۽ باھمت انسان آھي. جڏھن سندس ڪي وزير کيس صلاح ڏين ٿا ته، پاڻ کان جبري دشمن جا مطالبا مڃي سنڌ کي آزاد ڪرائجي تڏھن ھي خوددار ۽ غيور سنڌي سپوت چوي ٿو ته: “سنڌ جي تاريخ انسانيت جي شرف جو ھڪ مقدس ڪتاب آھي. ھي ملڪ، پنھنجي علمي، اخلاقي ۽ تمدني روايتن جي باعث، دنيا جي سامھون جھڪڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آھي.
    دودو سومرو سنڌ جي حاڪم، ڀونگر جو پليٺو پُٽ ھو، جيڪو سنڌ تي 1312ع راڄ ڪندو ھو. سندس گاديءَ جو ھنڌ روپاھ ضلعي بدين ۾ ھو. ھن جي زماني ۾ ملڪ جي زرعي، مالي، ھنري ۽ ٻي اندروني اپت جھجھي ھئي. ملڪ خوشحال ۽ آباد ھو. ڪاسبين ۽ ڪاريگرن جي قدرداني ڪئي ويندي ھئي، ان ڪري ڌنڌي ۽ ھنر زور ورتو. ان وقت سرڪاري خزاني ۾ ساليانو نوَ لک روپيا ٿيندا ھئا.
    اوچتو حاڪم مري ويو. ھن پٺيان ٻه زالون ڇڏيون. ھڪ سومري دودي جي ماءُ ۽ ٻي لوھاري ڇنيسر جي ماءُ. سومرن دودي کي پڳ ٻڌائي، ان تي چنيسر کي ڪاوڙ لڳي، ڇو ته ھو دودي کان وڏو ھو. چنيسر سڌو دھلي ويو ته، جيئن ھندوستان جي حاڪم علاءُ الدين خلجيءَ کي سنڌ تي چاڙھي اچي۽ دودي کان حڪومت کسي. اتي سمرقند جو حاڪم علاءُالدين ترم شيرين دھليءَ جي ٻاھران کُپ کوڙيون ويٺو ھو. چنيسر کيس پئسي ۽ سنڱ جي لالچ ڏيئي سنڌ تي چاڙھي آيو. ھن اچڻ سان اعلان ڪيو ته سنڌ جو تخت چنيسر جي حوالي ڪريو، ۽ ٻاگھل جو سڱ مون کي ڏيو. ظاھر آھي ته ھي ٻئي ڳالھيون، سنڌ جي تھذيبي ۽ ثقافتي روايت موجب، اڻ ٿيڻيون ھيون. اڃا به پھرئين شرط مڃڻ ۾ ڪنھن قدر مصالحت ھئي، پر ٻيو شرط ته تمام ڏکيو ھو. پر ان ڪري دودي جرئت، ھمٿ ۽ دليريءَ سان ٻنھي ڳالھين مڃڻ کان انڪار ڪري جنگ جو اعلان ڪيو. ڏاڍي جنگ لڳي، جنھن ۾ ڪافي سومرا سردار، ساھڙ سلطان، ڄام ابڙو، ھاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ پسگردائيءَ جا چڱا مڙس، سِر ڏيئي سرھا ٿيا. ھن جنگ ۾ دودو سڀني جو ڏڍ ۽ ڀر جھلو ھو ۽ سندس آڌار ۽ آسري تي ئي ٻين پئي جنگيون ڪيون. جڏھن ٻيو ڪوبه نه بچيو تڏھن دودو رُڪ جو سندرو ٻڌي چڙھيو. ھو دلير ۽ دلاور ھو. ڪوپو ۽ ڪنڌار ھو. ھو پنھنجي خاص ٽھانگ ھٿيار کڻي، ميدان ۾ آيو، جنھن ۾ ست ترارون سميٽيل ھيون. ھو شاھي فوج ۾ جتان ٿي لنگھيو، ته پھا ڪڍي ٿي ڇڏيائين. سندس مقابلي جي ڪنھن کي جرئت ڪانه ٿي ٿِي. اھڙي طرح ھو رڳو چوڏھن ڏينھن وڙھيو. ترم شيرين ڏٺو ته ھاڻ سِر ٿو وڃي، سو چنيسر کي ھڪل ڪيائين. ھن ڪپتئي ڀاءُ، دشمن کي ھڪ اٽڪل ڏسي، جنھن سان دودي جي گھوڙي ڇلانگ ڏيندي وڃي ڀالن سان لڳي ۽ دودي جي جسم کي ڀالن پَرڻ ڪري ڇڏيو. اھڙي طرح ھي سورمو، شھادت جي رت ۾ رچي لال ٿي پيو. اھو واقعو 1227ع جو آھي.
    دودي جي جنگ، آدرشي لحاظ کان، سنڌ لاءِ مھاڀارت واري جنگ جو درجو رکي ٿي، جنھن جا سورما، سندن جوش ۽ جذبو سنڌ لاءِ بيحد مقدس آھي. واقعاتي لحاظ کان، پنھنجن ملڪي معاملن ۾ ٻاھرين دست اندازي خلاف دودي جي ھيءَ جنگ قومي غيرت، خود داري، وطن پرستي، دليري، سچائي ۽ قربانيءَ جو زبردست ڪارنامو آھي.
    دودو سنڌ جو عظيم سورھيه آھي، جنھن جو نالو تاريخ ۾ زنده رھندو. ھيءُ سنڌ جو اھو سورمو آھي جنھن قومي آزاديءَ لاءِ جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي لڄ کي سلامت رکيو. ھن وطن جي عزت، قومي غيرت، خانداني وقار، ملڪي آزادي ۽ روايت خاطر سِر ڏيئي، اسان کي زنده رھڻ جو حق ڏياريو. اھوئي سبب آھي جو سندس شھادت واري واقعي جو پوري سماج اثر قبول ڪيو ۽ عوام اھو ڏک صرف سومرن جو نه پر پنھنجو سمجھيو. ڪڙمين ڪاسبين، پنھوارن، ٻڪرارن، ڌنارن، ڪنڀرن، لوھرن، سمن، سھتن، گجرن، راڻن، ڪورين، موچين ۽ مردن توڙي عورتن جي پنھنجي حاڪم جي شھيد ٿي وڃڻ ۾ غم ۽ ماتم ڪيو. دودي جي شھادت، رياست جي حاڪم جي شھادت ڪانه ھئي، پر اھا شھادت سڄي معاشري جي، ساٿ ڌڻي سرواڻ جي شھادت ھئي، ڇاڪاڻ ته اھا ويڙھ سلامت شاھي جي طاقت ۽ استحصال خلاف پورھيت ھنرمندن ۽ واپارين جي اتحاد وطنيت ۽ قومي ثقافت جي جنگ ھئي.(عبدالله مگسي- ٽه ماھي مھراڻ –3- 1989ع ص نمبر 18) ان ڪري ئي پنھنجي وقت جو حڪمران، عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو ۽ ھو اڄ به ايترو ئي مقبول آھي جيترو اڳي ھو. ڪوبه فرد جڏھن، جڏھن بھادري ۽ مڙسي ۽ غيرت جو ڪم ڪندو آھي، تڏھن چوندا آھن ته مڙس ته ڪو دودو آھين. محترم ابن الياس لکي ٿو ته “صديون گذريون آھن مادرِ وطن سنڌ لاءِ جيڪو ڪردار دودو سومرو ادا ڪري ويو آھي، ان جو مثال اڃا تائين ملڻ مشڪل آھي. جڏھن به سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ غيرت ۽ ھمٿ، شجاعت ۽ ھمٿ، شان ۽ مان جو سوال سامھون ايندو آھي، ته سواءِ دودي سومري جي ٻيو ڪنھن به سورھيه جو مثال ذھن ۾ نٿو اڀري.
    (وڳھ جا وريام- مقدمو- ص نمبر 32)


    • ڀاڳو ڀان

    سنڌ جي ڳوٺاڻي۽ عوامي زندگيءَ ۾، ڀَٽ ۽ منگتن فقيرن کي سندن مخصوص خدمتن ۽ ڪمن ڪارين سبب، خاص اھميت آھي. سومرن جي دؤر ۾ ھن قسم جي فقيرن جو وڏو مانُ ھو. ڪي خاص خدمتون سندن حوالي ھيون، ھو حڪمرانن جا ھڏ ڏوکي به ھئا ۽ پيغام رسانيءَ جو ڪم به ڪندا ھئا. رٺلن کي پرچائڻ ۽ مصلحت کان ڪم وٺڻ به سندن شيوو ھو. اھڙن فقيرن مان ڀاڳو ڀان جو نالو قابلِ ذڪر آھي.
    ڀاڳو ڀان جو اصل نالو سائينڏنو ھو جيڪو فقيرن مان ھو. ان ڪري عوامي قصن ۾ کيس ڀاڳو ڀان سڏيو وڃي ٿو. ھو سومرن جي دؤر جو خاص فقير ھو، کيس تاريخ جي پوري ڄاڻ ھئي ۽ کيس ان دؤر جي سڀني سردارن ۽ حاڪمن جي لياقت ۽ ھمٿ جي به خبر ھئي. ھن کي سومرن جي پوين پيڙھين جي پوري ڄاڻ ھئي. ڀاڳو ڀان ڀونگر راءِ جي ڏينھن کان سنڌ ۾ وزارت جي عھدي تي فائز ھو. ھو ڀونگر ۽ مڙني سومرن جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد شيوو ھو. ھو جيڪو به فيصلو ڪندو ھو، اھو ڀونگر ۽ سومرن کي، ھر حالت ۾ مڃڻو پوندو ھو. نجي، سياسي، علاقائي، مذھبي مطلب ته ھر معاملي ۾ ڀاڳو فقير جو رايو قابلِ اعتماد ھوندو ھو. اھوئي سبب آھي جو کيس شاھي خاندان ۾ ھڪ خاص مقام حاصل ھو.
    ڀاڳو ڀان، ھر ڏک سُک ۾ سومرن سان گڏ رھيو. جڏھن علاءُالدين ترم شيرين، سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو، تڏھن دودي ڀاڳو ڀان کان پڇيو ته علاءُالدين جي ڇانوڻيءَ ۾ ڪنھن کي وڪيل ڪري موڪلجي؟ تڏھن ھن صلاح ڏني ته “چنيسر جي پُٽ، ننگر کي جيڪو پيءُ کي به سمجھائيندو.” پوءِ ھو سُرندو کڻي ننگر جي حويليءَ تي آيو. چون ٿا ھو سٺو موسيقار ۽ راڳيندڙ ھو. سُرندو ھن ئي ايجاد ڪيو ھو. ھن در تي اچي چيو ته:
    تنھنجا باغن اڏيل بنگلا، آھي اوچي اڏاوت تن،
    ٿنڀ ڪامون چندن جو، مُشڪ ليپ لڳن،
    کَٽون شيشم عاج جون، جن تي ھنڌ فراش پون،
    گلم اوھان دودائين جا، سڀ جنھور سان جڙن،
    سنڌ جا سورھيه سومرا، تو وٿ ڪؤنر ڪچھريون ڪن،
    خان پڇين ٿو خبرون، ويھو ننگر نوابن.
    ننگر فقيرن کي مانُ ڏنو ۽ ساڻس گڏجي عالادين جي ڇانوڻيءَ ۾ ويو. اتي به، ڀاڳو ڀان چنيسر کي، سومرن جو پيڙھيون بيان ڪيائين ۽ دستور موجب سُرندو وڄائي ڳايائين ته:
    تو چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا،
    پَڳ وڃايئي پانھنجي، پڇڻ ھليو ھئين ماءُ،
    تو ۾ لڇ لھار جي، ساري عالم کي اوڳاءِ،
    مون چاڙھي ڄٽ کي ڄام ڪيو، ڇا ڄائين مان منجھان.
    چنيسر، ھڪدم اٿي فقير جي آجيان ڪئي ته، آءُ اسان جا سنگتا، ڀاڳو ڀلي ڪرين آئين ڀان خوش ھو دودو سومرو، خوش ھئا راڄ سندا. ڀاڳو ڀان، جي ھن ڪارگذاري مان، صاف ظاھر آھي ته، ڀاڳو ڀان پنھنجي دؤر ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ فقير ھو. جڏھن عالادين جو لشڪر وڳھ ڪوٽ تي حملو ڪري آيو تڏھن دودي ڀاڳو ڀان کان سامن موڪلڻ لاءِ پڇيو ته ھن نه صرف کيس ابڙي لاءِ صلاح ڏني، پر ھو پاڻ سامون وٺي ابڙي ڏانھن ويو. ڀاڳو ڀان جو اھو ڪردار تاريخي نوعيت جو آھي. ڀاڳو ڀان علاءُ الدين ۽ دودي جي وڏي جنگ جو اکين ڏٺو شاھد آھي. ھن نه صرف دودي جو رزمي قصو جيڪو اسان جي تاريخ جو اھم حصو آھي، پاڻ ٺاھيو، پر ان کي ڳايو ۽ خوب ڳايو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ڀاڳو ڀان فقير، علاءُ الدين جي جنگين کان پوءِ به جيئرو رھيو ڇاڪاڻ ته موجوده دؤر جي ڪن سگھڙن، ڪچھرين ۾ ائين چيو ته، دودي چنيسر جي واقعي واري ڳالھ، سڀ کان پھريائين ڀاڳو ڀان فقير بيان ڪئي ۽ پوءِ اھا مشھور ٿي. ڀاڳو فقير، غالبًا پھريائين ڳالھ کي ڳائي بيان ڪيو، جنھن کان پوءِ اھا ھر جاءِ تي ھلي.” (سومرن جو دور ص نمبر 312)
    دراصل، دودي سومري جو رزمي داستان، ٻين ڪُوپائي ڪٿائن وانگر، ڪنھن خاص شاعر جو منظوم ڪيل قصو ناھي، پر عوام جو مخاص مقبول داستان آھي، جنھن کي عوام جي زبان ۾ ڀاڳو ڀان منظوم ڪيو ۽ سرندي تي ڳايو. ھو جيتوڻيڪ سومرن جي شاھي درٻار جو فرد ھو، پر ھن دودي جي شھادت کان پوءِ سومرن جي زواليت کي جنھن پر اثر انداز سان عوام کي ٻڌايو، تنھن کيس سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو، جناب محرم خان لکي ٿو ته “ڀاڳو ڀان سنگيت ۽ راڄنيتي جو وڏو ڄاڻو ھو. عالادين واري قيامت خيز جنگ ۾ سومرن جي سورھيائي توڙي ڀاڳو ڀٽ جو ڪردار لاثاني آھن. ڀاڳ فقير ھت “چند بردئي” جي جوڻ يا نئون روپ لڳي ٿو. دودل وير جي شان ۾ پرٿوي راج راساجي نموني تي ئي دودل راستو ڳايائين، جو ھڪ وڏو جنگي داستان آھي.(سه ماھي مھراڻ 3- 4/ 1966ع ص نمبر 140)
    ڀاڳو ڀان اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻي عوامي ڪچھرين ۾ ائين ڳايو ٻڌو وڃي ٿو، جيئن منڍ ۾ ھو. ھن ڳالھ کي سُرندي تي ڳائڻ جو رواج وڌو ۽ سرندو ايجاد ڪري، قصه خواني ۽ داستان گوئيءَ کي موسيقيءَ جي ڌن ۾ آڻي، ان کي وڌيڪ مؤثر ڪيو، ان ڪري ئي سندس عوامي ڪردار اڄ به مڃيل مڃايل حيثيت رکي ٿو.


    • سمنگ چارڻ

    ڀَٽ ۽ چارڻ پراڻي زماني ۾ سنڌ ۾ پروپئگنڊا جا اھم ذريعا ھوندا ھئا، جيڪي پنھنجن بيتن ۽ ٻين طريقن سان، حڪمران ڌر۽ عوام ۾ ڳانڍاپي پئدا ڪرڻ جا وسيلا ٿي ڪم ايندا ھئا. نشر و اشاعت جو ذمو به سندن سِر تي ھوندو ھو. سندن شاعري، تاريخ جو اھم ماخذ سمجھي ويندي ھئي. جنگ وقت، رزميه شاعري جي ذريعي، عوام ۽ فوجن کي متحد ڪندا ھئا، ۽ امن ۽ صلح جي وقت ۾، چين، سڪون ۽ سلامتيءَ جون دعائون گھرندا ھئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “اھي چارڻ خاص خبرون ڏيندڙ ۽ ھلائيندڙ ھئا ۽ انھيءَ لحاظ سان ھو ان دور جا ڄڻ اخبار نويس ھئا. ھو پنھنجي وقت جا شاعر، سگھڙ ۽ ھنرمند ڳائيندڙ ھئا۽ ڳاھن ۽ ڳائڻ ذريعي ملڪان ملڪ خبرون ھلائي ٿي ڇڏيائون. انھيءَ ڪري، سندن وڏو اثر رسوخ ھو. ھنن پنھنجي دستوري روايت موجب، ھميشہ حقيقت کي بيان ٿي ڪيو. جيڪڏھن ڪنھن چڱو ڪارنامو ٿي ڪيو ته ان کي چڱو ٿي چيائون پر جيڪڏھن ڪنھن مَدو ڪم ٿي ڪيو ته ان کي مدو ٿي ڪوٺيائون. چڱن، سڄڻن، سخين ۽ سورھين جي ساراھ ٿي ڪيائون، ته پنھنجن جي بدخواھن، ڌارين، دشمنن، ڪنجوسن ۽ ڪانئرن جي گِلا ٿي ڪيائون. (سومرن جو دؤر ص 210) سمنگ چارڻ، اھڙن چارڻن جو نڪ ۽ موڙ ھو، ھو سومرن ۽ سمن جي دؤر جو مشھور منڱتو، راڳي ۽ چارڻ ھو، جيڪو سنڌي شاعري ۾ ڳاھجو باني ۽ سنڌي موسيَقيءَ ۾ ڪيرت جو مؤجد ھو. ڪيرت سورھين سرويچن جي ساراھ ۽ واکاڻ واري ڳائڻ کي چئبو آھي، جنھن مان وھاڳ ۽ پرڀاتي راڳ پيدا ٿيا. سمنگ جي گائڪي جو انداز، پنھنجي نوعيت جو ھوندو ھو، ۽ ھو ڳائي دان وٺندو ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ھن چارڻ جو سومنگ لقب ھو. سؤ منگ يعني پوري سؤ جي صدا ھڻندڙ. سندس گذر بادشاھي درٻارن سان ھو. جيڪڏھن ڪنھن خوش ٿي، انعام آڇيو ته سؤ کان گھٽ پنھنجي شان جي گھٽتائي سمجھي ھن ڪڏھن به قبول نه ڪيو، پوءِ ڀلي کڻي اھو سڀ ورھائي ڇڏي، پر وٺندو وري به سؤ، پوءِ ڪھڙي به جنس ھجي، پر ان جا ننگ پورا سؤ ھجن.” (سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ص 27)
    سمنگ چارڻ اصل سنڌ ۽ ڪَڇ جي سرحد جي ڪيرا ڪوٽ جو رھاڪو ھو ۽ ڄام لاکي جي راڄ جو مڱڻھار ھو. سندس عادت سير ۽ سفر ڪرڻ ھئي. ھو سنڌ جو گشت ڪندو ھتان جي سپھ سالارن جي سورھيائي ۽ نامور ڏاتارن جي سخاوت جون ڪيرتون ڳائيندو وڄائيندو ۽ دان حاصل ڪندو رھندو ھو. مؤرخ لکن ٿا ته، “سمنگ وٽ جھجھو مال ھو، ۽ جڏھن به ڪنھن وٽ ايندو ھو ته طمطراق سان اچي لھندو ھو. ھڪ دفعي سومرن جي پوئين حاڪم ھمير سومري وٽ آيو ته خچر، گھوڙا ۽ مال متاع جيڪو ڏان ۾ مليو ھوس ۽ ٻيا ڪيترا ٻانھا، ٻالڪا ۽ نوڪر چاڪر گڏ ھيس. ھمير سندس دمبر ڏسي کامي ويو ۽ سندس مال متاع رات جو چوري ڪرائي ڇڏيو. صبح جو ھو جڏھن بادشاھ وٽ دانھين ٿي آيو ته ھن سندس ھڪ به نه ٻُڌي ويتر ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيائين. اتان ڪن چڱن جي چوڻ تي آزاد ٿيو تڏھن ھن ظالم ۽ درندي حاڪم خلاف، دل مان آھ ڪڍيائين ته:
    ھمير کان پيئي، سومرن کان ويئي،
    ھمير کانپوءِ، راڄ نه ماڻن سومرا.
    سمنگ چارڻ، ان کان پوءِ سنڌ جي ھن درندي حاڪم خلاف، ملڪ ۾ بغاوت جي باھ ٻاري ڏني. واھڻ واھڻ ۽ وستي وستيءَ وڃي عوام کي، ھن خلاف اڀاريندو رھيو. ھونئن به تاريخي لحاظ سان، ھمير سومري جو دور ڏاڍ ۽ ڪميڻپ جو زمانو ھو، جنھن ۾ شريف جي ڪابه عزت ڪانه ھئي. فقير ھڪ ڳالھ ۾ ان جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
    ستينءَ ھو سوجھرو، اٺين ٿي اونداھ،
    ھميراڻي باھ، وسائي ورھين کي.
    اھڙي طرح، سمنگ چارڻ سومرن جي حڪومت خلاف رِڻ ٻاري ڏنو، ۽ سنڌ جو عوام اٿي پيو. سمن سومرن جي حڪومت کي ختم ڪري قبضو ڪيو. جڏھن سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ٿي، تڏھن ھنن سمنگ کي اڏي ڇڏيو. ھو ڄامن وٽ گھٽ ويندو ھو، پر اھي ڏان گھر تي ڏياري موڪليندا ھيس. سمنگ، سندن انھيءَ انسان دوستي، ھر دلعزيزي ۽ غريب نوازي جي گڻن کي ڳايو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن جو مقام ان ڪري به بلند آھي جو ھن سڄيءَ سماٽ برادريءَ مان “ست سورھيه” ۽ “ڏھ ڏاتار” ڳڻي ڳايا، جن سنڌ جي غريب عوام کي، پنھنجي سخاوت ۽ سورھيائيءَ سان اڏي ڇڏيو. اھي ڏھ ڏاتار آھن: سخي سپڙ، ڄام چوٽائي، راءِ ڏياچ چاوڙو، جکرو اوڍئي، اوڍو جکراڻي، لاکو ڦلاڻي، ڄام ڪرن، ڄام ھڻند ٿڌيائي، صبو ڌٽ آڳڙو، وڪيو ڏاتار ۽ ساھڙ ڄام رونجھو. ست سرفروش سورھيه آھن. ڄام انڙ وير، ابڙو اڙٻنگ، پونئرو پاونگ، بانڪو بڊاماڻي، ڪارائڙو ڪونڌر، ھوٿي وريام ۽ لاکو ڦلاڻي. جن کِلندي ڪڏندي سنڌ جي بقا ۽ سالميت ۽ سنڌي عوام جي سک ۽ آزادي لاءِ، پنھنجون جانيون قربان ڪيون.
    سمنگ چارڻ جي خاص خوبي ھيءَ آھي ته ھنکي جيڪي به ڏان ملندو ھو، سڄو غريب عوام ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ان ڪري ئي کيس مسڪين مارو پيارو گھرندا ھئا ۽ سندس گفتن ۽ ٻولن کي پسند ڪندا ھئا. سنڌ جو مشھور محقق جناب محرم خان لکي ٿو ته: “سمنگ چارڻ، ھڪ اھڙي ھستي آھي، جنھن کي وڏي تاريخي اھميت حاصل آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو، سدائين ياد رھندو. سنڌي ادب ۽ ان جي تاريخ ۾ ھن جي شخصيت نمايان آھي. اسان جي ادب ۽ تاريخي روايتن ۾، ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾، جيئرو رھندو پئي آيو آھي. صدين جون صديون اورانگھيندو، پاڻ سان گڏ، ايامن جا اھڃاڻ اڳتي ڌڪيندو، اچي ويھين صديءَ ۾ منھن ڪڍيو اٿس. سندس نالو اڄ تائين جو قائم ۽ دائم آھي. تنھنجو ڪارڻ اھيئي سندس لافاني گفتا ۽ امر ٻول آھن، جن ۾ ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻڌايون اٿس. انھن تي رڳو سرسري نگاھ وجھڻ سان پتو پئجي سگھي ٿو ته سندس “ڪاويه رسد” ڳاھن جي مقرر معيار کان گھڻو مٿي اڀريل آھي.”(سمنگ چارڻ، ٽه ماھي مھراڻ 1- 2- 1966ع ص 40)
    مطلب ته، سمنگ چارڻ ٻارھين صدي عيسويءَ جو اھو تاريخي ڪردار آھي، جنھن پنھنجي ڳاھن ۾، اسان جو ڪافي تاريخي سرمايو محفوظ ڪيو آھي، ۽ اھڙي طرح، عوام ۾ به تاريخي شعور پيدا ڪري کين ملڪي حالت کان واقف ڪري، انھن ۾ انقلاب آڻڻ جي لگن پيدا ڪئي، ۽ اھڙي طرح ظالمن خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي سگھ ۽ قوت بخشي.


    • وڪيو ڏاتار

    سنڌ ڏاتارن جو ڏيھ آھي. سورھيه ۽ سخي سردار ھن سرزمين جي سونھن رھيا آھن. پراڻي زماني ۾ ھتان جا ڏھ ڏاتار مشھور ھئا، جيڪي ماڻھن کي ڏان ڏيندا ھئا. سندن در تان ڪوبه سوالي خالي نه ويو. اھڙن مان وڪيو ڏاتار به مشھور سخي آھي، جنھن جي سخاوت کي سگھڙن در در ڪري ڳايو آھي.
    وڪيو ڏاتار، چنائي ٻيلي جو ڌڻي ھو. وٽس ستر ھزار مينھون ھيون، جن جي سنڀال وسائي نالي ھڪ ميھار ڪندو ھو. مينھن کان سواءِ اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون به ھيون. ھو پنھنجي مال جي سار سنڀال ۽ بيمار ڦَرن جي ملم پٽي به پاڻ ڪندو ھو. ھو سخي مرد ۽ دان ڏيندڙ ھو. ھن جي سخاوت ملڪان ملڪ مشھور ھئي. ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته سمنگ نالي ھڪ چارڻ، وٽس اچي صدا ھنئي ته مونکي پيرُن جي لَپ گھرجي. اھا پيرن جي مند ڪانه ھئي سو وڪئي سمجھيو ته چارڻ کي اھا ڪنھن جي چُرچ آھي جو، اڻ مندائتي شئي جي گھُر پيو ڪري ۽ اھڙي طرح منھنجي نيڪ نامي کي ڌڪ رسائي رھيو آھي. ان ڪري، ھن ڇا ڪيو جو، سونارا گھرائي، سون جا پيرون ٺاھي، انھن کي چاش ۾ ٻوڙي سوني ٿالھ ۾ وجھي، اچي چارڻ آڏو رکيا. چارڻ وجھي جو وات ۾ ته ڀُرن ئي ڪين. ھن وڪئي کي چيو ته، اھي ترڪتال ڇڏي ڏي جو اڻ مندائتن پيرن جو سوال پورو نٿو ڪرين، ته پوءِ، مونکي پنھنجو سِر ڏيڻو پوندئي. وڪئي سوچيو ته ٻيلي ھي پورو پورو امتحان ٿو وٺي، پر وري به کيس چيائين ته “ھيئن ڪر، سوين سنجيل گھوڙا، متاريون ميھون ۽ اُٺن جي قطار وٺ. چريا سِر کي ڇا ڪندين؟ جيڪا ڇڙي منڍي آھي، پر چارڻ مڃيئي نه.
    وڪيو، چارڻ کان ستن ڏينھن جي مھلت وٺي گھر آيو ۽ گھر واريءَ سان صلاح ڪيائين. جيڪا وري سخي سپڙ جي ڌيءُ ھئي. ھن کيس چيو ته “جي سواليءَ جو سوال پورو نٿو ڪرين ته، اول منھنجو سِر ڏي پوءِ تون پنھنجو ڏي، پر سواليءَ کي در تان نه موٽاءِ.” وڪئي سِر ڏيڻ جو ارادو ڪري، پنھنجي ست پيڙھيائي، مينھن جي کير حاضر ڪرڻ لاءِ ميھار وسائي کي حڪم ڪيو. سندس ڌڻ ۾ ھڪ ست پيڙھيائي مينھن ماڻڪي ھئي، جنھن جي کير کي برڪت وارو سمجھيو ويندو ھو. ان مينھن جي عادت ھئي ته؛ ھوءَ پنھنجي جُوءِ مان گھڻو پري نڪري ويندي ھئي، پر جڏھن مالڪ ھڪل ڪندو ھوس، ته جتي به ھوندي ھئي، پھرين سڏ تي اچي نڪرندي ھئي.
    اسر مھل ٿي. وڪئي جي سِر ڏيڻ جو وقت آيو. وسائي مينھن کي سڏيو. پر ماڻڪي ستر ھزار مينھن ۾ الائي ڪھڙي ھنڌ ۽ ڪيترو پري ھئي. چنائي ٻيلو ته ھو سوين ايڪڙن ۾ پکڙيل. وسائي ٻيھر مينھن کي سڏيو ته ماڻڪيءَ جي رنڀ سندن ڪن تي پيئي. ھو خوش ٿي چاڏي کڻي، ڏسڻ لاءِ جيئن وٽس پھتو، ته اھو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ته، ماڻڪيءَ جي ڪُنڍن سِڱن ۾، ھڪ لام تازن پيرُن سان ڏٽيل، ڦاٿي پيئي آھي. بس سائين خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو امالڪ وڪئي وٽ آيو، کيس مبارڪ ڏيندي چيائين ته “الله تعاليٰ توکان، جيڪو پنھنجي نالي ۾ سِر قربان ڪرڻ وارو امتحان پئي ورتو، ان ۾ توھان ڪامياب آھيو. مولا سائين مينھن جي ھٿان، توھان کي اڻ مندائتا پيرون موڪلي پنھنجي خوشي جو اظھار ڪيو آھي” ته وڪئي ڏاتار انھيءَ مھل، سوني ٿالھ ۾، پيرون وجھي سمنگ چارڻ حوالي ڪيا.
    قرآن شريف ۾ آھي ته، “عملن جو دارو مدار نيت تي آھي.” وڪئي جي دل صاف ھئي. ھن سڀ مال ملڪيت، دنيا دولت سان گڏ پنھنجو ساھ ۽ سرير به الله تعاليٰ طرفان امانت سمجھيو ھو، جيڪو کيس الله ئي پنھنجي ٻانھن کي ڏيڻ لاءِ ھن کي ڏنو ھو. ان ڪري ھو پنھنجو سِر به الله جي راھ قربان ڪرڻ کان نه ھٻڪيو. پر مولا سائين سندس دل جي صدق ۽ ارادي کي ڏٺو ۽ سندس قرباني منظور ڪئي. اھوئي سبب آھي جو وڪئي کي اڄ به ڳوٺاڻو عوام عزت سان ياد ڪري ٿو.


    • لاکو ڦلاڻي

    لاکو، سنڌ جي پراڻي ذات آھي، جيڪا لَکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ ذري گھٽ تيرھن سؤ ورھيه اڳ موجود ھئي. نسب جي لحاظ کان سڀئي لاکا سما ھئا. لاکي جو شجرو ھن ريت آھي: لاکو پُٽ ڦل، پُٽ ساھڙ، پُٽ مھڙ، پُٽ لاکو، پُٽ ويرو، پُٽ ساند، پُٽ پلي، پُٽ رائڌڻ، پُٽ ڪاڪو، پُٽ سمون، پُٽ اُنڙ، پُٽ لاکو، پُٽ لاکيار، پُٽ اوڍار، پُٽ توتيار، پُٽ نيٽ، ڪڇ ۾ ويري پُٽ ساند، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو ھو، کي ڪڇ ڀڄ جي ايراضي ورثي ۾ ملي ھئي ۽ اھڙي طرح، ھن جا اتي پير ڄميا. تاريخن ۾ اچي ٿو ته: سنڌ جي سمن ڪڇ کي وسايو ۽ اتي ئي پنھنجو تسلط قائم ڪيو.
    سنڌ جا سما بسنت 1400ع کان گھڻو اڳ، ڪڇ جا حڪمران ھئا. سنڌ جي سومري حاڪم، ھمير وڏي، پنھنجي قوت ۽ طاقت سان، ڪڇ کان اڳتي، گجرات طرف سوڀون ڪيون ۽ ڪڇ ۾ سما حڪمران وڌيڪ طاقتور ٿيا.
    لاکي ۾ ننڍپڻ کان ئي سَمن سردارن واري شھسوارن واريون خوبيون پيدا ٿيون ۽ سواري، سرڪشي، سورھيائي ۽ سخاوت سندس طبيعت ۽ اخلاق جا جز بڻجي ويا. جڏھن سندس پيءُ گذاري ويو، تڏھن لاکو پڳ ٻڌي، راءِ بڻيو ۽ پيءُ ڏاڏي واري ماڳ تي، لکن جا لک خرچ ڪري، ڪيراڪوٽ نالي ھڪ قلعو ٺھرائي، ان کي پنھنجي طاقت جو مرڪز بڻايو. سندس اھو تخت گاھ، سنڌ جي ڏاکڻي، اڀرندي طرف، ٽنڊي غلام علي ڏانھن ھو. ڄام لاکي پنھنجي، ايامڪاري ۾ گجرات توڙي مارواڙ جي سرحدي راجائن کي، شڪستون ڏيئي ڪڇ ۾، سَمن جي طاقتور ۽ مصبوط حڪومت قائم ڪئي.
    ان دور ۾، سَمن جي حڪومت خلاف رٻاري ذات جا ماڻھو، ڳجھ ڳوھ ۾ سِٽون سِٽي رھيا ھئا، جن جي پٺڀرائي ڪڇ جو وڏو راءِ، جاڙيجو راءِ کنگھار ڪري رھيو ھو. ڄام لاکي، رٻارين جي چڱن مڙسن کي سمجھايو، پر ھنن ويتر راءِ کنگھار کي چئي، سندس دوست جسو ۽ جسراج مارائي وڌا. اھا حالت ڏسي، لاکو لوڙائو بڻجي پيو ۽ رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي ماڻھن کي مارڻ لڳو. ھن جو ھڪ پير ڪَڇ ۾ ھوندو ھو ته ٻيو سنڌ ۾. ھو پنھنجن دشمنن تي، اھڙي ته ڦڙتائيءَ سان حملا ڪندو ھو جو راءِ کنگھار جا ماڻھو سمجھندا ھئا ته ھو سنڌ کان ٿو اچي ۽ سنڌ ۾ رٻاري سمجھندا ھئا ته ھو ڪڇ کان ٿو اچي.
    ڀچئا ڀلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،
    ڪڇ رھندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.
    لاکو ڦلاڻي، سنڌ جو اھو مشھور تاريخي ڪردار آھي، جنھن سنڌ ۾، سنڌين جي مستقل ۽ پڪي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: سنڌ جي سورھيه لاکي ڦلاڻي ڪڇ ۽ گجرات طرف وڏيون سوڀون ڪيون ۽ دشمنن کي ھميشہ شڪست ڏنائين ته (سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ص 45) جيڪڏھن لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تي نظر ڪئي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته لاکي رٻارين ۽ راءِ کنگھار جي پاڙ پٽڻ لاءِ جيڪو لوڙھين ھڻڻ جو عمل شروع ڪيو، اھو تاريخي لحاظ کان جائز ھو. رٻاري سومرن جي شاخ آھي، ۽ اھي سمن جي حڪومت جي خلاف ھئا. سنڌ ۾ ھڪ طرف سمن جي راڄ کي مقامي رٻاري وڏيرن کان خطرو ھو ته ٻئي طرف وري ارغونن ۽ ترخانن جون سنڌ تي حريص نگاھون ھيون، ۽ ھتان جا وڏيرا ۽ اڀرندڙ سج جا سلامي، ارغونن کي سنڌ م آڻڻ لاءِ، اندروني طور گھاٽ گھڙڻ ۽ ھتان جي محب وطن ۽ غريب عوام کي مارڻ، ڦرڻ ۽ لُٽڻ لاءِ نت نوان طريقا آزمائڻ لڳا، ان ڪري لاکي ڦلاڻي، انھن وطن جي ويرين ۽ عوام جي رت پياڪ ڄؤرن کي ناس ڪرڻ لاءِ “لوڙھيون ھڻڻ” شروع ڪيون. ھيءَ حقيقت آھي ته “ڌاڙيل ۽ ڦورو” سنڌ ۾ ھر دور ۾ پيدا ٿيندا رھيا آھن، پر ڪي ڌاڙيل ٻاھرين جا پٺو بڻجي غريب ماڻھن کي ڦرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن، ۽ ڪي جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽ ٻاھرين حمله آورن جا چمچا بڻجي، آله ڪار بڻجي، سنڌ کي غلام بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. سنڌ جو نامور ليکڪ جناب محمد حسين ڪاشف لکي ٿو ته: “ڄام لاکو، سنڌ ڌرتيءَ جو اھو ڪردار آھي، جنھن کي لطيف گھڻي اھميت ڏني آھي. خاص ڪري ھنجي لوڙھين جو عمل، جنھن مان ھن جي بھادري بکندي نظر اچي ٿي. تاريخي حالات جي بنياد تي، اھا لاکي جي مجبوري ھئي، ڇاڪاڻ ته ھڪ طرف ، سَمن سردارن جو گھر ڦِٽل ھو، ڄام جي ڪري سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو، اھو تاريخ جي صفحن ۾ ظاھر آھي. ائين پئي لڳو ته ھٿ سان وٺي، سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪرايو پيو وڃي. ان وقت جي وڏيري طبقي، تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي، سنڌ ھٿي ڏني ۽ ويل وھايا. ڌارين جي لاڳيتي ڪاھن ۽ حملن سبب، اقتصادي بدحاليءَ جو دور ھو، جنھن ماڻھن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻھن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ انھن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ. اھوئي سبب آھي جو لاکي پنھنجي تر جي خوشحاليءَ لاءِ لوڙھيون ھنيون ۽ ان جي تقسيم لاءِ ڏن ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻھو پنھنجي پيرن تي بيھن ۽ اڳتي پنھنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي بھتر طور اختيار ڪري سگھن. اھا لاکي جي سياسي بصيرت ھئي، جنھن سخا جي سپر سان، پنھنجي تر جي ماڻھن کي زندگيءَ جي مشڪل دور مان ڪڍي، عام سطح تي آندو، سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق، “قومي بچاءَ” جي صورت ۾ ڪن طبقن تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقيني آھي. لاکي جي پنھنجي دائره اختيار، تر جي جوڙجڪ لاءِ، سنگھارن تي تمام گھڻو اثر پيو، ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي راجا کان پوءِ، اھوئي طبقو ھو، جنھن تي اثر پيو. جن ۾ ريٻاري به اچي ويا.” (ڪَنڌيءَ ڪؤنر ٽِڙن ص 203)
    لاکي جي ھڪ خوبي ھيءَ ھئي ته ھو ڦُريندو لُٽيندو، سرمائيدارن کي ھو ۽ ماريندو ۽ رت وھائيندو ھو، ھميشہ ٻاھرين جي آله ڪارن کي، وطن جي ويرين کي، ارغونن ۽ ترخانن جي پَٺن کي، جيڪي سنڌ ۾ کين آڻڻ لاءِ ڪوشان ھئا ۽ تاريخ شاھد آھي ته جڏھن لاکي کي پنھنجن ئي مارايو تڏھن ارغونن سنڌ ۾ اچي جيڪي ويل وھايا، اھي ڪنھن کان به ڳجھا نه آھن.
    لاکو ڦلاڻي نه صرف غيور ۽ محب وطن حڪمران ھو پر ھو سورھيه ۽ سخي به ھو. ھو سنڌ جي تاريخ ۾ ستن سورھين ۽ ڏھن ڏاتارن ۾ شمار ٿئي ٿو. جڏھن لاکي، مھر راڻيءَ سان شادي ڪري ڄڃ وٺي، پراڻ ڪنڌيءَ پھتو تڏھن پراڻ نديءَ جي وڻن، ٽڻن کي، ڪپڙا پھرائي سينگاريائين ۽ چوڻ لڳو ته، ڪنڌيءَ جا اھي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آھن ۽ جيڪي ڪجھ انھن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ ته اسان جي ڏات آھي، اھا وري واپس ڪانه وٺبي.(ڳاھن سان ڳالھيون. ڊاڪٽر بلوچ ص 130)
    ظاھر آھي ته، اھڙي سورھيه ۽ سخي سپوت ۽ ڌارين جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندڙ سنڌيءَ کي ڪير ٿو برداشت ڪري، ان ڪري دشمنن وڏي سازش سان کيس پنھنجي مامي راءِ کنگھار جي معرفت 1010ع ۾ مارائي ڇڏيو. ان وقت سندس ڄمار 99 سال ھئي.
    ڄام لاکي جي سورھيائي ۽ سخاوت اڄ به سنڌ ۾ ضرب المثل طور مشھور آھي ۽ ڪيترائي سگھڙ اڄ به کيس ڳائيندا رھن ٿا. ھن بھادر ۽ غيور فرزند سنڌ کي ڌارين جي غلامي ۽ ارغونن جي تسلط کان بچائڻ لاءِ پنھنجو سِر قربان ڪيو پر عوام جي دلين ۾ پنھنجي جاءِ قائم ڪئي ۽ اھوئي سبب آھي جو ڀِٽ ڌڻيءَ به کيس ڳايو.


    • ڄام نندو

    سنڌ جي ڏيھي تاريخ ۾، سَمن جي دؤر کي وڏي اھميت حاصل آھي. سمن ڄامن صحيح معنيٰ ۾، اسلامي دؤر اندر، سنڌ جي وطني تشڪيل ڪئي. صلح سانت ساکرو سان گڏ، ان علم ۽ ادب، معيشيت ۽ آرٽ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. سمن حاڪمن، وڏي ھمت ۽ جرئت ڏيکاري، امن امان جي صورتحال سڌاري ۽ واپار ۽ زراعت کي ھٿي ڏيئي، اقتصادي بھتري جا امڪان پيدا ڪيا. اھڙي ريت، ھندي ننڍي کنڊ ۾ خوشحال سنڌ، نسري نروار ٿي. ھن دؤر ۾، سنڌ جون سرحدون ڪشاديون به ھيون ته محفوظ به رھيون.
    سمن جي اٽڪل اوڻيھن حڪمرانن سنڌ تي راڄ ڪيو، جنھن مان ڄام نظام الدين، پنھنجي انتظامي صلاحيتن، پرھيزگاري، انصاف پروري ۽ رحمدلي ڪري مشھور آھي. جنھن کي سنڌ جا رھاڪو قرب ۽ محبت منجھان “ڄام نندو” سڏيندا ھئا، ۽ اڃا تائين به، سندس نالي جي اھا تخفيف بدستور مروج ۽ مشھور آھي. ڄام نظام الدين سمن جي خانوادي جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار ھو، جنھن ربيع الاول 866ھ کان 914ھ تائين، نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻھن جي دلين تي به بادشاھي ڪئي. (مڪلي نامو. مير قانع. مرتب پير حسام الدين راشدي) ان ڪري، ھو سنڌ جو عوامي ڪردار بڻجي ويو.
    ڄام نظام الدين ڀنڀو بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچي جو پٽ ھو. ننڍي ھوندي کان ئي علم جو شوق ھوس ۽ اڪثر ڪري خانقاھن ۽ مدرسن ۾ گذاريندو ھو. پاڻ نھايت وڻندڙ صفتن ۽ اخلاقن جو مالڪ ھو. حد درجي جو زاھد ۽ عابد ھو. جڏھن سنڌ جو حاڪم سنجو گذاري ويو، تڏھن ڄام نظام الدين تخت تي ويٺو. ھن جي ويھارڻ تي سڀ ماڻھو، عالم، صالح، رعيت ۽ سپاھي متفق ھئا. تاريخ معصوميءَ وارو لکي ٿو ته: ھو نھايت نھٺو، خليق، وڻندڙ صفتن ۽ سھڻن اخلاقن سان موصوف ھو. ڪمال درجي جي ذھن ۽ عبادت جو مالڪ ھو.(مير معصوم بکريص نمبر 112) ھو نھايت بخت واري وقت سنڌ جو ڌڻي بڻيو. چؤطرف صلح سانت ھو. سندس خارجه پاليسي نه رڳو متوازن ھئي پر اھا پنھنجي ڪاميابيءَ جي اوج تي پھتي. ھن ڪنھن به پاڙيسري رياست سان جنگ ڪرڻ کان سدائين ٽارو ڪيو. ايتريقدر جو، ھو ھر ھفتي پنھنجي طنبيلي ۾ ويندو ۽ گھوڙن جي پيشاني تي ھٿ ڦيري چوندو ھو ته: “اي بختاورؤ! جھاد بغير، اوھان تي سواري نه ڪندس، ڇوته سرحدن تي اسلامي حاڪم آھن. دعا ڪريو ته شرعي سببن کان سواءِ، ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻي ڪا ھستي اچي. متان مسلمانن جو خون بنا ڏوھ وھي ۽ اھڙي طرح الله سبحانہ و تعاليٰ وٽ شرمندو ٿيان. (تاريخ معصومي ص 113)
    ڄام نندي، ٺٽي ننگر کي نئين سر اڏايو ۽ ھن شھر کي تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز بڻايو. ھتي ڪيئي خانقاھون، مڪتب ۽ مدرسا قائم ڪيا ويا. مختلف قسمن ۽ درجن جي ماڻھن لاءِ جدا جدا پاڙا ۽ محلا ٺھرائي، شھر کي نئون روپ ۽ جديد ڍنگ ۾ تعمير ڪيو ۽ سندس ئي ڪوششن سان پوءِ، ھي شھر علم ۽ ادب ۾ بغداد ۽ دمشق جي ڏِک ڏيڻ لڳو. سندس دور ۾ اسلام جي اشاعت ۽ نبوي سنت جي پيروي ٿي. مدرسا شاگردن سان پُر ۽ مسجدون نمازين سان ڀريل ھونديون ھيون. ڄام پاڻ به نيڪ ۽ پرھيزگار ھوندو ھو. سندس پاڪبازي، زھد ۽ تقويٰ جون ڪيئي ڪھاڻيون مشھور آھن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترائي مثال محفوظ آھن. قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي صرف ھن ڪري پڙھائي جو پاڻ سموري زندگيءَ ۾ باوضو رھيو ۽ ڪڏھن به پنھنجي اوگھڙ ڪانه ڏٺي. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود ھئا، ليڪن اھي وصفون، فقط سنڌ جي ھن سلطان ۾ موجود ھيون. انھيءَ تقويٰ ۽ پرھيزگاريءَ سبب ئي، ھڪ روايت مطابق پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙھائي.(مڪلي نامو. مرتب. پير حسام الدين راشدي.)
    ڄام نندو، سنڌي اتھاس جو مثالي بادشاھ ۽ حاڪم ھو. سندس دور ۾ عوامي زندگيءَ ۾ اطمينان ھو ۽ ھاري توڙي پورھيت ملڪي معيشيت جي واڌاري لاءِ ڪوشان ھئا. زراعت ۾ بھتري آئي ۽ وڻج واپار ۾ وسعت پيدا ٿي. سندس زماني ۾ ڪيترائي واھ کوٽايا ويا ۽ ان ريت سموري سنڌ سرسبز ۽ خوشحال ٿي. ھن دور ۾ سنڌ جو واپار به وڌي اوج تي پھتو.(سمن جي سلطنت. غلام محمد لاکو)۽ اھڙي طرح ھن جي زماني ۾، عام ماڻھو آسودي ۽ خوشحال زندگي گذارڻ لڳو ۽ ھر مھيني جي پوئين جمعي ۽ پھرين سومار، توڙي چوڏھين رات تي، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي ميلا لڳندا ھئا. پير صدرالدين راشدي لکي ٿو ته: “ڄام نندو نھايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو؛ منتظم، جري ۽ خوش اظھار سلطان ھو. جاہ جلال، شان ۽ شوڪت، تدبر خواھ فھم ۽ فراست ۾، سندس ثاني ٻيو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني، سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن ۽ امان ھو. خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه ھو. سنڌ جا ماڻھو سکيا ستابا ھئا. سڄو ملڪ ريان کيان ھو. دينداري ۽ دنياداري، ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ ھيون. ديني ۽ دنوي علمن جي اشاعت سنڌ جي چئن ئي ڪنڊين، انتھائي عروج تي ھئي. مدرسا ۽ خانقاھون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواھ سپاھي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ ھئا. جيسين پاڻ زندھ ھو، تيسين ڪنھن به ڌارئي کي ھمٿ ڪانه ٿي جو سنڌ ڏانھن، مندي اک کڻي نھاري.”(مڪلي نامو- مرتب ۽ شارح سيد حسام الدين راشدي)۽ ظاھر آھي ته، اھڙي حڪمران لاءِ، پنھنجي رعيت جا ھٿ بارگاھ ايزديءَ ۾، سدائين دعا لاءِ اٿندا ھوندا. ۽ دعا، آھي به ته نيڪ تمنا جو ٻيو نالو- جڏھن حاڪم عوام لاءِ، نيڪ تمناعن جو طالبو ھوندو آھي، ته عوام به خوش ٿي، ان کي دعائون ڏيندو آھي. سنڌ جي عوام ڄام نندي لاءِ، سِر قربان ڪرڻ ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻايو ۽ جڏھن شاھ بيگ ارغون، ھن جي ڏينھن ۾ ئي، سنڌ تي حملو ڪيو، تڏھن، ھن عوام ۾ مقبول بادشاھ، کيس اھڙي ته شڪست ڏني جو، ھن کي وري جرئت نه ٿي، جو ھو سنڌ تي ڄام جي ڏينھن ۾ ڪاھ ڪري سگھي.
    سنڌ جو ھيءُ ديندار، صلح پسند، عادل ۽ محبِ وطن 914ھ ۾ گذاري ويو. سندس حڪومت جو عرصو، چاليھ سال ھو. سندس مقبرو مڪليءَ جي پرئين ڪناري تي آھي، جنھن تي اُڪر جو بھترين ڪم ٿيل آھي. اڄ به سندس روضي تي، سنڌ جو عوام حاضر ٿي پنھنجي پياري ۽ مقبول حڪمران جي عقيدت ۾ پيار ۽ محبت جا گل نڇاور ڪندو آھي.


    • مُلان لُٽر

    پراڻي زماني ۾، ٺٽو شھر تھذيب ۽ تمدن ادب ۽ ڪلچر علم ۽ عرفان جو مرڪز ھو، جتي وقت جا ناميارا صوفي ۽ دين جا عالم؛ الله جي بندن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ ۾ مصروف رھندا ھئا. شيخ فريد بکري لکي ٿو ته، “ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگھجي ٿو. ھتي جي رھواسين، ڪڏھن به ڏک جي گھٽيءَ ۾ پير نه پاتو آھي. مسرت ۽ خوشي ھنن جي دلين تي غالب آھي. ٺٽي جي عالم ۽ ولين ۽ شاعرن جو ڳاڻيٽو محال آھي. ھتي صرف و نحو، دينيات ۽ شاعري عام آھي. ٺٽي کي (عراق ثاني) چئجي ته بجا آھي.” (بحواله مڪلي نامو- رتب سيد حسام الدين راشدي ص 150)ٺٽي جي اھڙن بزرگن ۽ عالمن مان، مُلان لُٽر به ھڪ آھي، جيڪو پنھنجن ظريفانه قولن ۽ مذاحيه گفتگو ڪري، سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ مشھور آھي ۽ سنڌ جو عوام کيس پسند ڪري ٿو.
    سنڌ جو ھيءُ بزرگ نيڪ ۽ پرھيزگار شخص ھو. پر سنڌ ۾ ھن ڏانھن، غلط ۽ من گھڙت ڳالھيون منسوب ڪري، سندس اعليٰ ڪردار کي مشڪوڪ بڻايو ويو آھي. حقيقت ھيءَ آھي ته اسان جي ھيءُ بزرگ وڏو روشم ضمير ۽ ڀلائيءَ جو ڀنڊار ھو، ان ڪري ھن پنھنجن ٻولن ذريعي عوام ۾ به، اھڙائي گُڻ پيدا ڪرڻ پئي گھريا. ھن پنھنجي دور جي ظلم ۽ ستم، ڏاڍ ۽ ارڏائي، سماجي بي انصافي ۽ مذھبي تنگ نظري جي خلاف طنز ۽ مزاح، لطيفي ۽ ظريفانه قولن ذريعي، عوام جو رد عمل ظاھر ڪيو ۽ اھي ڳالھيون، اسان جي تمدني تاريخ جو اھم حصو آھن ۽ ھو انھيءَ اصلاحي ۽ سماجي ڪردار سبب اڄ به عوام جي دلين ۾ وسي ٿو. محترم عبدالله مگسي لکي ٿو ته “ملا لٽر جا چرچا، ڀوڳ ۽ سندس مزاحيه ڳالھين کي اڄ تائين عوام ۾ مقبوليت حاصل آھي.(سه ماھي مھراڻ 2/1986ع)
    ملان لٽر جو اصل نالو عبدالرحمان ولد عبدالغفور عباسي ھو. سندس ولادت 825ھ مطابق 1421ع ۾، ساموئي جي ڪناري تي ھڪ وسندڙ ڳوٺ پورھ ۾ ٿي. ھو پنھنجي دور جو وڏو عالم ۽ پرھيزگار ھو. مير قانع لکي ٿو ته: ملا، وڏي ۾ وڏو مشائخ ۽ ولي اڪلمل ھو. جيئن ته خوش طبع ھوندو ھو ۽ پنھنجي حالت کي لڪائڻ لاءِ ظرافت آميز ڳالھين سان، محفلون رنگين بڻائيندو ھو، تنھن ڪري، ھن نالي سان مشھور ٿي ويو. (تحفة الڪرام- سنڌي ايڊيشن- مترجم مخدوم امير احمد ص نمبر 481) تحفة الطاھرين وارو به لکي ٿو ته: “بزرگ، پنھنجي حقيقي روحاني مرتبي کي لڪائڻ لاءِ، کِل چرچي جھڙين ڳالھين کي ڍَڪ بڻائيندو ھو، ان ڪري ئي کيس لُٽر سڏيندا ھئا.” لفظ لُٽر، اصل ۾ رنگ ھوندو ھوس. گفتگو دوران ھميشہ علم ۽ عقل جي بنياد تي بيان جاري رکندو ھو ۽ ڪڏھن به سندس زبان مان بي مقصد، فضول ۽ گندي گفتار نه ٻڌي ويئي.
    مُلا لٽر جون ڪيتريون ئي ظرافت آميز ڳالھيون مشھور آھن، پر انھن ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو ويو آھي جيڪي ھن جي علمي ۽ روحاني منزل کان ڪريل آھن. ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته: ھن ظريف جا ڪيترا ئي نصيحت ڀريا نڪتا مشھور آھن. حاضر جوابيءَ ۾ ساڻس ڇڊو ڪو لڳندو. ڪنھن به ساڻس ڳالھايو ئي مس ته ٺھ پھ جواب وٺي ويندو ھو. چڱي نيت واري کي چڱا ٻول ٻڌڻ ۾ آيا، پر جيڪڏھن ڪنھن مذاق طور کيس ڪجھ چيو ته ھڪ ئي لفظ ٻڌڻ سان ڪَن ٻوساٽيندو رمندو رھيو. سندس ترت مزاجي ۽ بذله سنجي جو اڻ ٿيڻي طور، ھڪ مثال ھيٺ ڏجي ٿو.
    ھڪ دفعي ملا درياءَ جي ڪناري تي وھنجي رھيو ھو. واٽ ويندي ٽي جوان اتان اچي لانگھائو ٿيا. ملا کي مٿي ۾ ميٽ پيل ڏسي، کِلي ويٺا. ملا سندس ٽھڪن جي پرواھ نه ڪئي. ھنن ويجھو اچي کانئس سوال پڇڻ شروع ڪيا............ “مُلا صاحب! اسان ٽي سوال آندا آھن، مھرباني ڪري جواب ڏيو- ھڪ چيو: “چوندا آھن ته عورت جي دل درياه آھي ته پوءِ، ھوءَ اڃايل ڇو ٿي رھي.” جواب ۾ چيائين ته: “جھڙي طرح درياءُ سُڪ کي سيراب ٿو ڪري، اھڙي طرح عورت به پنھنجي اھا قرباني پيش ڪري ٿي.” ٻئي چيو: “عاشق محبوب جي اڳيان ھلڻ پسند ڪندو آھي يا پٺيان؟” ملا وراڻيو “عاشق گڏھ جي مثال ته نه آھي جو ھو اڳيان ھلي. البت عاشق ۾ گُم ٿيل ضرور ھوندو آھي. تنھن تي ٽئين پڇيو ته “مُلا چِٽي طرح اھا ڳالھ سمجھاءِ ته ڌڪ ته دل کي لڳندو آھي ۽ آب اکين مان نڪرندو آھي، ڇو؟” انھيءَ تي ملا کِلي چيو ته “اکيون، دل جون ترجمان ٿين ٿيون. انھيءَ ڪري ڳَلن تان ڳوڙھن جو بوندون، بس نه ٿيون ڪن.” ملا لٽر جي حاضر جوابي ڏسي، واٽھڙو دنگ رھجي ويا.(ڊاڪٽر صاحب ھي مضمون قلمي صورت ۾ مونکي ڏنو، جنھن لاءِ مان سندن ٿورائتو آھيان.)
    ملا لٽر 914ھ مطابق 1508ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ساموئي جي ڪناري تي آھي، جيڪا اڄ به عام ماڻھن جي زيارت جو مرڪز آھي. ھي جيئن ته حياتيءَ ۾ به عوام کي کِلائيندو ھو اھڙي طرح سندس مزار کي به ڏسي کِل اچي ويندي آھي، ڇو ته اھا گھڻي ڊگھي ۽ پوئتي پُڇ وانگر سنھي آھي. تحفة الطاھرين ۾ آھي ته “جيڪڏھن ڪوبه شخص، ھن بزرگ جي مزار تي وڃي ۽ پنھنجي کِل کي روڪي ته ان جون مرادون پوريون ٿينديون آھن.” پر اھا منزل ۽ دلي ارادا ڪن ٿورن کي نصيب ٿيندا آھن ڇوته نفسياتي طرح ماڻھو جي ذھن تي ھن جي ظرافت چٽيل رھي ٿي. گھڻو ڪري ڳوٺاڻا سندس مزار تي حاضري ڏيندا آھن ۽ سندس عقل مندي ۽ ظرافت کي ياد ڪري، پنھنجي ڏکويل ۽ غمگين دل کي تسڪين ڏيئي ٿوري گھڙيءَ لاءِ روحاني سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ڏکويل ۽ ستم رسيده دلين لاءِ ملا لٽر جا گفتا آب حيات کان گھٽ حيثيت نٿا رکن ۽ اھڙائي فرد، غريب عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آھن.


    • سمو ڪارائڙ

    سنڌ ڏکويلن جو ڏيھ آھي.جاگيردارانه نظام، تاريخ جي ھر دور ۾، ايڏو ته سگھارو رھيو آھي جو ان جي جبر ۽ تشدد، ھتان جي ھر فرد جي جسم جي ھر عضوي کي ڏنڀ ڏنا آھن ۽ اھڙي طرح ھتان جو غريب انسان رت وھائيندو، سور سھندو، زندگي گذاريندو رھيو آھي. ان ظلم ۽ بربريت کان بچڻ لاءِ معاشري جي ڪن فردن بغاوت به ڪئي ۽ ڏاڍائي به ڏيکاري، پوءِ اھي وڏيرا ۽ سندن حواري، انھن جا مخالف ٿيا ۽ کين چور ۽ ڌاڙيل سڏي، پنھنجي ڏوھ کي لڪائي، کين تاريخ ۾ “قانوني ڏوھاري” قرار ڏيئي، پاڻ کي سچو ثابت ڪيو. جاگيردارن طرفان ڏنل اھڙو قانوني ڏوھاري سمو ڪارائڙ به آھي. سمو ڪارائڙ سنڌ جي تاريخ جو، اھو ڄاتل سڃاتل ڪردار آھي، جنھن کي وقت جي حاڪم “چور ۽ ڌاڙيل” ٺھرائي معاشري ۽ قانون جو مجرم سمجھي ئي کيس مارائي ڇڏيو. پر ھو پنھنجي سچائي، بھادري ۽ حقوق لاءِ جنگ لڙڻ ۽ ڏاڍن سان سينو ساھي، غريب کي حق وٺي ڏيڻ ڪري، سنڌ جو عوامي ڪردار بڻجي ويو.
    سمو ڪارائڙ، برابر چور ھو ۽ پنھنجي وقت جو شاھي سورھيه ۽ سرھو چور ھو، ڇاڪاڻ ته، ھو ھميشہ راجائن ۽ سردارن جي محلن مان، ھيرن جواھرن ۽ ڳھن زيورن جي، اڪيلي سر چوري ڪندو ھو. (ڊاڪٽر بلوچ- ڳاھن سان ڳالھيون- مقدمو ص نمبر 11)پر چوريءَ جي آداب جي پوئواري به ضرور ڪندو ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ “چور ۽ ڌاڙيل” جو ڪردار اھم رھيو آھي، پر انھن چورن ۽ ڌاڙيلن، چوريءَ جا ڪي آداب ۽ اصول ۽ مول متا مرتب ڪيا ھئا، جن موجب چوري انھن جي ڪرڻي ھئي، جيڪي وڏا جاگيردار ۽ زميندار ھئا، يا غريبن کي ڦري، سيٺ ۽ سرمايه دار بڻيا ھئا ۽ مسڪين ماڻھن جي حق تلفي ڪري، پنھنجون ٽجوڙيون ڀريون ھئائون. ھو جڏھن کاٽ ھڻي يا ڪوٽ ڀڃي اندر ويندا ھئا ته، الف: جي ڪا سامايل نينگر، منھن پين ته واپس موٽندا ھئا. ب: جي رات جي وڳري ۾، ڪنھن عورت جو ڪپڙو، ھيٺ مٿي ٿيل ڏٺن ته، واپس ورندا ھئا. ث: جي چوريءَ جي مال ۾ ڪنھن نياڻيءَ جو ڏاج ڏٺائون، ته سمورو مال اتي ئي رکي موٽندا ھئا. ج: جي قرآن شريف ڪوٺيءَ ۾ ڏٺائون ته پنھنجي پَڳ ڦاڙي، ان کي غلاف ڏيئي ھٿين خالي موٽندا ھئا. د: جيڪڏھن ڪٿان چوريءَ جو جيڪو به مال ھٿ آين ته پنھنجي ضرورت جو مال رکي، ٻيو سمورو غريبن، مسڪينن ۽ حاجتمندن ۾ ورھائي ڇڏيندا ھئا. پوءِ اھڙا چور عوام ۾ مقبول رھندا ھئا. سمو ڪارائڙ به ان ڪري ئي عوام ۾ مقبول رھيو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته “ھو چوري ڪري، محلات جي داين ٻاين کي اوڍايون پھرائي مال کڻي ويندو ھو.” (خليفي نبي بخش جو رسالو ص نمبر 317)
    ڪارائڙ سمو اصل ۾ جاڙيجن سمن مان ھو، جن ڪڇ جي حڪومت، چاوڙن راجپوتن کان کسي 1320ع ۾ پنھنجي حڪومت جو بنياد وڌو. 1540ع تائين، سندن ٽن خاندانن، ڪڇ تي حڪومت ڪئي ۽ ڀڄ کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بڻايو. ان زماني ۾ ڪارائڙ سمي، جيڪو گرڙي ابڙاسي جي پينگھر ڄام جو پٽ ھو، پنھنجي وڃايل قوت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ حڪومت ماڻڻ لاءِ، وقت جي حڪمرانن سان بغاوت ڪئي، جيڪو به سمو ھو. حڪمران پنھنجي سرڪاري ايجنسين ذريعي اھو ھُلايو ته ھو چور ۽ ڌاڙيل آھي ۽ کيس جيڪو پڪڙيندو يا ماريندو، ان کي انعام اڪرام ڏنا ويندا، ان ڪري عوام ۾ به اھا ڳالھ ھُلي ويئي.
    سمو ڪارائڙ اصل ۾ ان دور جي راجا جي خلاف ھو، جنھن ملڪ ۾ باھ ٻاري ڏني ھئي. ھڪ دفعي ھو سندس محلات ۾ گھڙي ويو. ان وقت ساڻس پٽ به گڏ ھو. بادشاھ ۽ سندس وزيرن کي خبر پئجي ويئي. ھنن صلاح ڪري، محلات جي چوڌاري ڇيڻن جو ڍڳ ڪري ان کي باھ ڏني. ٿوري دير کان پوءِ ھن جو ساھ منجھڻ لڳو. ھن ڏٺو ته ھاڻي ٻي واھ ڪانھي، سو ھڪ دروازي کان نڪري جيئن پئي ٽَپ ڏنائين ته ھڪ کاھيءَ ۾ ڪري پيو ۽ ان ۾ کُتل ڀالن کيس ماري وڌو. اھڙي طرح سمي جو انت ٿيو.
    ڪارائڙ سمي جي مرڻ کان پوءِ، سنڌي عوام سندس غريب پروريءَ ڪري ياد ڪرڻ لڳو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لفظن ۾ “سندس ڳالھيون ڳائجڻ لڳيون” لوڪ ادب ۾ “اوسار” ھڪ شاعريءَ جي صنف آھي. عوامي شاعرن عوامي ڪچھرين ۾ کيس اوسارن ۾، ھن طرح ڳاتو:
    ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نھاريا،
    ته نڪي ڪارايل جھڙو، نڪي ڪارايل لوڏ،
    پٽ ڪڍي پيءَ جي، سري منجھان گوڏ،
    پينگھي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو.
    سنڌي شاعرن ۾، خليفو نبي بخش لغاري پھريون شاعر آھي، جنھن ڪارائڙي سمي کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳائي، سندس عوامي ڪردارن کي امر بڻائي ڇڏيو.
    ڪارايل مون ساڻ، ڪو ڪالھوڻيون ڳالھڙيون،
    راتو ڏينھان رھاڻ، سما! تنھنجي ساريان،
    ڪارايل مون وٽ، ڪو ڪالھوڻيون ڳالھڙيون،
    کامان پسيو کٽ، جنھن سر ڏيئي پيرڙا-
    سمي ڪارائڙي جي قرباني، کيس پوءِ جي شاعرن ۾ ايترو مقبول بنايو جو ھنن پنھنجي ڪلام ۾، ھڪ نئين سُر جو اضافو ڪندي، “سُر ڪارايل” کي تخليق ڪيو، جنھن ۾ سمي کي تمثيل طور پيش ڪندي، ان ۾ ھَنجھن جو ذڪر ڪيو. پکين ۾ سھڻائي، صفائي ۽ ٻين عادتن اطوارن ۾ ھَنجھن جو مَٽ ڪونھي ۽ سالڪن شاعرن، پڻ انسان جي اخلاق کي بلند ڪرڻ خاطر، انھيءَ نڪتي کي ورجايو آھي ۽ ان سُر ۾، ڪارائڙ سمي جو ذڪر ڪري، سندس يادگيرين کي تازو ڪيو آھي.


    • بيربل

    بيربل، شھنشاھِ ھند جلال الدين اڪبر جو درٻاري، مشھور وزير، رَتن ۽ سپھ سالار ٿي گذريو آھي. ھو عقل ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھو. اڪبر جو مٿس وڏو ڀروسو ھو. سندس نون رَتنن مان ھڪ ھو. سندس لٽڪن، چٽڪن ۽ لطيفن کان بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيندو ھو. اڪبر سان ائين ھو جيئن سڪندر سان ارسطو، پر بخت ۾ ارسطو کان گھڻو وڏو ھو. ھو اڪبر جو دادلو ۽ سندس درٻار جي سونھن ۽ دل جي ورونھن ھو. ھو اڪبر جو محرم راز ھو ۽ بادشاھ کيس آرام جي وقت ۾ به حرم سراءِ ۾ گھرائيندو ھو. ھيو ته پنڊت ۽ ڀَٽ، پر لياقت ۾، سڀني کان اتاھون ۽ اعليٰ. ان ڪري اڪبري درٻار جو دَر يڪتا ھو. بيربل، عام درٻار کان وٺي محل سرا تائين، ھر وقت ساڻس گڏ رھندو ھو. بزم خواھ رزم شيل ۽ شڪار، ھن کان سواءِ بادشاھ ھڪ قدم به اڳتي نه چُرندو ھو. ھو پنھنجي حڪمت، دانائي، گفتگو ۽ ظريفانه مزاجي سان بادشاھ کي ھر وقت کلمک رکندو ھو، ان ڪري راجا مھاراجا امير امراءَ کيس لکين رپين جو سوکڙيون ڏيندا ھئا ۽ بادشاھ به کيس ھيرا جواھر انعام ڏيندو ھو.
    بيربل جو اصل نالو مھيش داس ھو. ذات جو برھمڻ ھو. برھيه سندس تخلص ھو. ھو ڳائيندو به ھو، ان ڪري کيس ڪب راءِ يعني ڪبت چوڻ وارو سڏيندا ھئا. ھو اصل سنڌ جو ھو ۽ ضلعي بدين جي شھر فتح باغ جو رھندڙ ھو. سندس پيءُ غريب ھو، پر سندس گھراڻو صاحب علم ھو مگر غربت جي زندگي گذاريندو ھو. بيربل جڏھن ڪجھ وڏو ٿيو، تڏھن شھر جي ھڪ امير جون ٻڪريون چارڻ لڳو. جڏھن ھمايون فتح باغ ۾ آيو، تڏھن سندس ماڻھن جي ملاقات بيربل سان ٿي. اھي سندس گفتگو کان متاثر ٿيا ۽ ھمايون وٽ کيس وٺي آيا. جنھن سندس عقلمندي ۽ دانشمندي جون ڳالھيون ٻڌي، کيس پاڻ وٽ رھايو. بادشاھ جڏھن ايران ويو تڏھن به ھو ساڻس گڏ ھئا ۽ جڏھن بادشاھ دھليءَ موٽي آيو ۽ کيس ٻيھر تخت مليو، تڏھن به ھي سنڌي گھراڻو ساڻس گڏ ھو. اڪبر اعظم، جڏھن تخت تي ويٺو تڏھن بيربل کي ھن پاڻ وٽ رھايو ۽ سندس عقلمنديءَ کي ڏسي، پنھنجي نون رتنن ۾ شامل ڪيو. اڪبر کان 14 سال وڏو ھو. (مھر ڪاچيلوي – جنگ مڊويڪ ڪراچي)
    بيربل جي متوڪلانه طبع، بصيرت افروز گفتگو ۽ بزله سنجي کي ڏسي، گھڻو ڪري اڪبر بادشاھ کيس راجائن ڏانھن سفير ڪري موڪليندو ھو. “درٻار اڪبري” جو مصنف لکي ٿو ته “بيربل نھايت زيرڪ ۽ داناءُ ھو. ڪجھ قومي قرابت ڪري، ڪجھ منصب سفارت ڪري، ڪجھ پنھنجن لٽڪن چٽڪن ۽ لطيفن ڪري، ھو درٻارين سان رلي ملي ويندو ھو ۽ اھو ڪم سرانجام ڏيئي ايندو ھو، جيڪو سوين لشڪرن کان به نه ٿي سگھندو ھو. 984ھ ۾ راءِ لون ڪرن سان گڏ راجا ڏونگر پور ڏانھن موڪليو ويو ته، جيئن سندس نياڻي بادشاھ لاءِ وٺي. ھن وڃڻ سان اھڙو منتر پڙھيو جو ھو پَل ۾ راضي ٿي ويو ۽ کلندي ڪڏندي ڄڃ وٺي آيو. ھو ھڪ بھادر جرنيل، سورھيه سپاھي ۽ شمشير زنيءَ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھو. ان ڪري ڪيترين ئي جنگين ۾ شريڪ ٿيو. کيس ٻه ھزاريءَ جو منصب مليل ھو ۽ کيس صاحب السيف القلعه جو خطاب مليل ھو.
    بيربل نه صرف، اڪبر بادشاھ، امير امراءُ، سفيرن ۽ وزيرن جو نُورِنظر ھو، پر عوام ۾ به بيحد مقبول ھو. جناب ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته “ھو پنھنجي لطيفه گوئي ۽ سخن سنجيءَ جي ڪري، نه صرف اڪبر بادشاھ وٽ، پر عوام ۾ به پسند ڪيو ويندو ھو. ھن جو اڪثر ڪري ملا دوپيازي سان مذاق ٿيندو رھندو ھو ۽ اھي ڳالھيون عوام ۾ مقبول ھيون. (سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب – وتايو فقير ص نمبر 48)
    شمس العلماءُ مولانا محمد حسين آزاد لکي ٿو ته “بيربل، بادشاھ ۽ عوام لاءِ ھڪ عجوبو ھو. ڏُک ۽ سُک ۾ بادِ صبا ھو. سندس ڪم ئي ھو عوام جو دليون جيتڻ، کين شاداب، آباد ۽ خوش خورم رکڻ. جڏھن به بادشاھ جو تيور بگڙندي ڏسندو ھو ته اھڙي ڪارگذاري ڪندو ھو جو بادشاھ جي ڪاوڙ ۽ غصو دور ٿي ويندو ھو.”(درٻار اڪبري- مصنف مولانا محمد حسين آزاد ص نمبر 310)
    بيربل پنھنجي عوام ۾ به ان ڪري ئي مقبول ھو جو، ڪيترن ئي موقعن تي مسڪين، بي پھچ، نادار ۽ غريب ماڻھن کي بادشاھ ۽ ان جي اميرن جي ظلم ۽ بي انصافيءَ کان نجات ڏياري.
    چون ٿا ته ھڪ لڱا بادشاھ کي ڪنھن ٻڌايو ته ھن شھر ۾ ھڪ اھڙو بدبخت ماڻھو رھي ٿو، جنھن جو منھن جيڪڏھن نيراني ڪو ڏسي ته ان کي سارو ڏينھن ماني نصيب نه ٿي ٿئي. بادشاھ چيو ته “ائين ڇا ھوندو” جواب ڏنائونس ته چڱو آزمودو ڪريو. ھمراھ کي، صبح جو سوير بادشاھ جي آڏو آندو ويو ۽ خدا جي قدرت انھيءَ ڏينھن ايڏا ته فيصلا ٿيا ۽ ٻاھريان وفد آيا جو، بادشاھ کي واندڪائي ئي ڪونه ٿي ته ماني کائي. جڏھن رات جو کيس ماني پيش ڪئي ويئي ته ھن چيو ته “صبح وارو ھمراھ ته برابر منحوس آھي. اھڙي ماڻھوءَ کي منھنجي بادشاھيءَ ۾ رھڻ نه ڏجي ۽ حڪم ڪيائين ته، ھن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي.” ھو اچي پريشان ٿيو ته ڪيئن مفت ۾ مران ٿو؟ جڏھن اھا خبر بيربل کي پيئي تڏھن ھن سوچيو ته ھن غريب جي جان ته کِل ڀوڳ ۾ وڃي ٿي. سو اچي بادشاھ کي پاسو ڏنائين. چوڻ لڳس ته “سائين ھو ته برابر بدبخت آھي جو اوھان سندس منھن ڏٺو ته اوھان کي صرف ڏينھن جي ماني نصيب نه ٿي. پر ھن پھرين صبح جو اوھان صاحبن جي زيارت ڪئي ته ھن جو مورڳو سِر ٿو وڃي ۽ ڦاھيءَ ٿو چڙھي. ذرا سوچيو ته تاريخ ڇا چوندي ۽ ايندڙ مؤرخ ڇا لکندو ته وڌيڪ بدبخت، منحوس ۽ بدنصيب ڪير آھي!” بادشاھ کي ھيءَ ڳالھ اھڙي نموني ۽ انداز ۾ بيان ڪئي، جو بادشاھ کِلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته ھن غريب کان وڌيڪ منحوس مان آھيان جو ھن مونکي ڏٺو ته ڦاھيءَ چڙھيو. بادشاھ کيس جيئدان ڏنو ۽ ھن کي وڏو انعام اڪرام ڏيئي گھر روانو ڪيو.
    اھڙي طرح بيربل ڪيترن ئي مسڪينن کي بادشاھ سلامت کان لوازمات وٺي ڏنا. عوام ۾ ھن جا لطيفا ۽ پروليون به مشھور آھن. ھڪ پرولي ھنديءَ ۾، بيربل ڏانھن ھن طرح منسوب آھي:

    گھی مین غرق، سواد مین میٹھا
    بن بیلن وہ بیلا ھے
    کھین بیربل، سنین اکبر
    یہ بھی ایک پھیلی ھے

    ھن پرولي جي ڀڃڻي - مال پڙو آھي.


    • وتايو فقير

    وتايو فقير يارھين صديءَ جو، مانَوارو بزرگ ھو. ھو نقشبندي طريقي جو ھو ۽ سندس تعلق قادري بزرگن سان ھو. لنواري وارن ۽ شاھ حبيب سان اٿڻ ويھڻ ھوس. ھو نھايت مانائتي ۽ مڃيل علمي، ادبي ۽ روحاني ماحول ۾ پليو. سالڪن سان سندس صحبتون ٿيون. اتان پوءِ ھو نصرپور آيو ۽ آخري عمر ۾، شيخ لوھڙو جي وستيءَ ۾ اچي رھيو ۽ اتي ئي گذاري ويو.
    وتايو فقير سنڌ جو اھو عظيم انسان آھي، جنھن زندگيءَ جي ھر قدم تي، وِھ جو وٽو پي سچ جو سنيھو ڏنو. ھو سنڌ جي فڪر، سياڻپ، سونھن ۽ سچائي واري، اجتماعي ورثي جو نمائندو آھي، سڏي ٿو.جنھن انسان کي ڏاھپ ڏانھن سڏيو. ھو انسانيت جي علامت، پيار ۽ محبت جي نشاني، امن جو متلاشي ۽ درد جو درمان ھو. ھن جيڪا سچي ڳالھ محسوس ڪئي، ھر ڪنھن کي منھن تي چئي ڏني.
    وتايو فقير پنھنجي دور جو نبض شناس، مصلح ۽ عظيم دانشور ھو. سندس ھر گفتي ۾ حڪمت ۽ دانائيءَ جا راز آھن. سندس قولن ۾ ذڪر ۽ فڪر، سوچ ۽ لوچ، عبرت ۽ عمل جو سامان سمايل آھي. اھي قول سماج جي رسم ۽ رواج، مادي ۽ روحاني قدرن، انساني شعور، سرمايه دارانه نظام، زر پرستي، انسان جي عدم مساوات، معاشي فرق ۽ طبقاتي ڪشمڪش جي تصوير پيش ڪن ٿا. اھوئي سبب آھي جو، علامه آءِ آءِ قاضي، ھنن گفتن کي “سنڌ جي تاريخ” سڏي ٿو.
    وتايو فقير ھڪ عوامي ماڻھو ھو. مجلسي زندگيءَ جو مور ھو. سندس زندگي سادگي، سچائي ۽ پاڪيزگيءَ سان پُر ھئي. ھو فقير- تن درويش ھو. خوشامد، چاپلوسي ۽ ٻه چاپڙائي نه ڄاڻندو ھو. ھو پاڻ غريب ھو ۽ غريبن جي وچ ۾ رھيو. انھن جي ڏُک کي پنھنجو ڏک سمجھندو ھو. ھن انھن ستايل سانگين جي، مدد ڪرڻ ڪرڻ جو انوکو ڍنگ اختيار ڪيو. سرمائيدارن، زميندارن، پئسي جي پوڄارين ۽ ذخيره اندوز تاجرن تي طنزيه انداز ۾ نڪته چيني ڪري، عوام جي دلجوئي ڪندو ھو.
    وتايو فقير، پنھنجي دور جو ھڪ احتجاج ھو ۽ انقلاب جو داعي ھو، جنھن سرمايه دارانه نظام خلاف آواز بلند ڪيو ۽ ان کي، پنھنجي ظريفانه بيان اسلوب ۽ بدله سنجيءَ سان، عوام تائين پھچائي، منجھن احساس پيدا ڪيو ته، ھو به ان ظالمانه نظام خلاف آواز اٿارين. سندس ھڪ نقل جو ھي ٻول ته “اي الله، انسانن وٽ، تنھنجو قدر، ھڪ ٽڪي جيترو به نه آھي.” سرمائيدارن ۽ پئسي جي پوڄارين تي، وڏي چوٽ آھي. يا جنھن شخص، ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جو، نوڪر پئي سڏايو ته ان کي ڇڏي پئي ڏنائون ۽ جڏھن وتائي پاڻ کي الله جو ماڻھو سڏايو ته سارو ڏينھن، ھن ونگار وھي. شام جو ڪپڙا ڇنڊي ڪم کان واندو ٿيو ته چوڻ لڳو ته “اي الله، تنھنجو ماڻھو سڏائڻ، ڪيڏو نه مھانگو آھي.” وٺ ونگار، غريبن جي حق تلفي ۽ وڏيرا شاھيءَ تي ڀرپور تنقيد آھي. وتايو، ھڪ تارڪ الدنيا، مسڪين مزور ھو، ان ڪري مايا جي موھ ۾ نه آيو. پر، ھو ھر انسان کي دنوي لالچ، سرمايه پرستي ۽ پئسي گڏ ڪرڻ جي نقصان کان ڀڄڻ جي ھدايت ڪندو ھو. سندس ھيءُ گفتو ته “منھنجا ته لاھ نڪري وڃن ھا.” انسان کي زر ۽ ذخيره اندوزيءَ کان روڪي ٿو. وتايو مسڪين کي ڪم ڪرڻ ۽ محنت مزوري ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ھو انسان کي، عمل جو پتلو سمجھي ٿو. محنت ڪرڻ لاءِ ھو، ھن ٻول ۾ ته “الله، ڏئي ته ٿو، پر کنگھائي.” اسان کي لاڳيتي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني آھي. ھو ھن دنيا کي، آخرت جي کيتي سڏي ٿو. جيڪي ھت پوکبو سو ھت لڻبو. سزا جزا، انسان جي عمل جو نتيجو آھي. سندس ھي الفاظ ته “دوزخ ۾ باھ ڪٿان آئي، ھر ڪو ھتان ئي کنيو ٿو وڃي.” انسان کي نيڪ، ڀلي ۽ شريف بڻجڻ جي تلقين ڪري ٿو.
    وتائي فقير جي ڪيترن ئي گفتن ۾، ان دور جي سماجي تاريخ سمايل آھي. “مارڻ سَٺائون، پر ڏنائون ڪنھن کي به نه.” سنڌ جي پراڻي سماجي برائيءَ ڏانھن اشارو آھي ته، ڪيئن نه ننڍ وڏائي، ريت وھنوار، ۽ ڏي وٺ جي شادين، ڪيترين ئي نياڻين جي حياتين کي زھر بڻائي ڇڏيو ۽ اھي زندھ قبرن ۾ داخل ٿي ويون. پنھنجن ڪپڙن کي ھيئن چوڻ لڳو ته “اوھين ڀت کائو.” ظاھري ڏيک ويک، ٺٺ ٺانگر ۽ معاشري ۾ رِيا ۽ ڏيکاءَ واري خيرات ۽ عبادت ڏانھن، اشارو ڪري ٿو، ته، ان وقت اسان جي سماج ۾ به غريبن ۽ بکين، کي طعام خاني ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو ھو. يا باھ لڳڻ وقت رلھي ڪلھي تي رکي، بي الڪو ٿي چوڻ لڳو ته “سڃائي به ڪنھن وقت ڪم ايندي آھي.” مان ظاھر آھي ته، ان دور ۾ سنڌ جا امير ماڻھو، گھرن ۾ تمام گھڻيون قيمتي شيون رکندا ھئا ۽ سندس معيار زندگي تمام اوچو ھو.
    بھرحال وتائي جا گفتا، محض ڏند پٽي کِلڻ لاءِ نه آھن، پر ھن تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري، فقير جي فڪر ۽ فلسفي کي پرکڻو آھي، جن ۾ خدا شناسي ۽ خود شناسيءَ سان گڏ وقت جي تاريخ جو وڏو سبق آھي.


    • جلال کٽي

    سينگار، سنسڪرت لفظ شرنگار مان نڪتل آھي. شرنگ جي معنيٰ آھي شوڀا، سونھن، سجاوٽ. سينگار جي شاعري، ھنديءَ مان سنڌيءَ ۾ آئي. سنڌي ٻوليءَ ۾، ھن قسم جي شاعريءَ جو باني جلال کٽي آھي، جنھن پنھنجي محبوب جي وڻندڙ وصفن کي، پنھنجي روزمره جي عام شين سان تشبيھ ڏيئي، پنھنجي بلند خيالي ۽ ذھني ذوق جو خاڪو پيش ڪيو. سنڌيءَ ۾، سينگار شاعريءَ جي وصف کي، مروج ڪري ھو، سنڌ جي عوام ۾ مقبول رھيو ۽ سنڌي سگھڙن کيس ور ور ڪري ڳايو. خود، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح به سندس سينگار بيتن کان متاثر ٿي، ھن قسم جي شاعري ڪئي.
    جلال کٽي، موندر تعلقي دادوءَ جو ويٺل ھو. پاڻ ذات جو کٽي ھو، ڪپڙا ڌوئيندو ھو، نِير جو ڪم به ڪندو ھو. موندر جي ڍنڍ جي ڪَپ تي، جَتن جي گھرن اڳيان، ڪپڙا ڌوئي، دڙي تي سڪائيندو ھو ۽ جيسين ڪپڙا سُڪن، تيسين قبلي سامھون، مراقبي ۾ ويٺو ھوندو ھو. اھا ڳالھ جَتن کي نه وڻي. ان ڪري ھنن پنھنجي مرشد، محسن شاھ کي دانھن ڏني، جنھن جلال کي اچي روڪيو. جلال سندس ھٿ وٺي، زور جو ڏنو، ته محسن شاھ کي سامھون، حضور اڪرمﷺ جو روضو نظر آيو. چون ٿا ته، جلال جي جلالت ۽ روحانيت، ان وقت ظاھر ٿي ۽ محسن شاھ، سندس مريد ۽ معتقد ٿيو ۽ ھن به روحاني رمز جا شعر چيا.
    جلال کٽي، مخدوم بلاول رح جو مريد ۽ پانڌيئڙو ھو. جناب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “جلال فقير، توڙي جو ھڪ غريب پورھيت کٽي ھو ۽ جي انھيءَ زماني ۾، سندس شخصيت ڪوئي شعاع نه ورتو، پر سندس اعليٰ ذھن جا ڦل ڦول يعني روحاني ڏوھيڙا، سي ته ڪٿان ڪٿان جا روحاني پکيئڙا، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي واس وٺي تحفي طور کڻي ويا. ھن جي روحاني بوءِ، ڪيترائي عاشق پئدا ڪيا ۽ سندس نالو سنڌ جي عوام جي چپن تي اچي ويو. (سنڌ جو سينگار ص نمبر 51)
    جلال کٽي، ڪلھوڙن جي دور جو نامور سگھڙ آھي جنھن پنھنجي اونھي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان سنڌي سينگار شاعري کي اوج تي پھچايو. ھي شاعري پنھنجي پس منظري جي لحاظ کان، ھڪ خاص فن آھي، جنھن ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي موضوع کي، ھڪ خاص انوکي اسلوبِ بيان ۾، ادا ڪرڻ لازمي آھي. سينگار شاعري جي، ھن فني حيثيت سبب، ان کي نباھڻ لاءِ، شاعرانه طبع سان گڏ، ھنرمندي ۽ سگھڙپائي ۽ ھنرمندي جو شاعر به ھوندو آھي. سگھڙن جو سرواڻ ۽ سرتاج سگھڙ، جلال کٽي سنڌي زبان ۾، نه صرف سگھڙپائيءَ جو باني مباني ھو، پر فن، ھنر ۽ ڏھسنامو به ھن کان شروع ٿيا. ڏھسنامي جي ڏاھپ سان، ھن سنڌي شاعريءَ جي فن، سينگار کي ويتر وڌيڪ سينگاري اوج ۽ ڪمال تي پھچايو.
    سنڌ جو مشھور عالم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جلال کٽيءَ جي فڪر ۽ فن بابت لکي ٿو ته “جلال کٽي، پنھنجي دور جو ھڪ وڏو شاعر، سگھڙ، اديب ۽ سالڪ ھو. سگھڙپائي ۽ ھنرمندي سان ھنر، ڏھسنامي ۽ سينگار جھڙين صنفن ۾، لغت جي جڙاءَ ۽ سھڻن لفظن جي سٽاءَ سان، ڄڻڪ ماڻڪ ۽ موتي منظوم ڪيائين. ھڪ اعليٰ اديب وانگر، مختلف صنفن ۾، گفتي ۽ معنيٰ جي ملوڪيت واري ڄاڻ پيدا ڪيائين. ھو سنڌي زبان جو پھريون وڏي ۾ وڏو اديب ھو. ھو سنڌي شاعري ادب جي دائري ۾، ھر فن موليٰ ھو. گفتي جي سگھڙپائي ۽ ملوڪيت ۾ بي مثال ھو. ھن سنڌي بيت ۾، اسلوبِ بيان، توڙي موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ کان، ھڪ تخليقي ڪم سرانجام ڏنو. ھڪ ته گفتي جي ملوڪيت سان گڏ، دانائي ۽ حڪمت کي بيتن جو سبب بڻايائين، ٻيو ته، صفت تجنيس حرفي جي فني استعمال سان، سنڌي بيت ۾، ھنر جي صنف کي مڪمل صورت ۾ چمڪايائين. ٽيون ته بيتن ۾ سنڌي سينگار شاعريءَ کي، بيان توڙي معنيٰ جي لحاظ کان، اھڙي ته اوج تي پھچايائين جو، اھا ھندي سينگار شاعري جي نقالي بدران، ھڪ مستقل موضوع بڻجي ويئي. (سنڌي سينگار۽ شاعري- ص نمبر 115)
    سنڌ جو حقيقي حسن ٻھراڙيءَ ۾ آھي. جلال ھيٺين بيت ۾، ڏسو ته ڪيئن نه، سينگار شاعري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آھي. سامعين جي سمجھڻ لاءِ، ھي بيت معنيٰ سميت پيش ڪجي ٿو: ۽ ان جو پس منظر به:
    مينھن جي مند آھي ۽ مال وارن جا گھر آھن. ٻيو مال پھري ويل آھي. باقي کير پياڪ ننڍڙا ڦر واڙي جي آس پاس پيا گھمن. اوچتو ڪڪر ڀرجي اچن ٿا ۽ مينھن جي ڦڙ ڦڙ پوڻ شروع ٿئي ٿي. گھر واري نوجوان حسين زال کي، ننڍڙن ڦَرن جو خيال ٿئي ٿو ۽ ٻاھر نڪري اچي، انھن ڦَرن کي واڙي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. انھيءَ تڙ تڪڙ ۾، سندس وار ڪُلھن تي وِکري پون ٿا ۽ منھن تي مينھن جا ڦڙا ڦڙا ظاھر بڻجي بيھن ٿا. انھيءَ فطري ماحول ۾، سندس چھرو ٻھڪي ٿو ۽ حسن چمڪي ٿو. سندس انھيءَ بي مثال پاڪيزه سونھن جي تعريف بيان کان ٻاھر آھي. پر جلال اھو انوکو تخيل پنھنجي ھيٺين بي نظير بيت ۾ ھن طرح پيش ڪيو آھي:
    1- گورب وجھندي گوند، ڪِريا ڪيس ڪره تان،
    2- ال اليھر انسرا، نين ته نرگس نوند،
    3- ٿي ڦڙ ڦڙ ڦوھارن، جيئن دڌ ست صاف سمونڊ،
    4- ميگھ پسي مستان ٿيو، برسي بادل بوند،
    5- ڇا خوبي خورشيد جي، مُک آڏو محبوب،
    6- چئين چڳ چوند، ڪنھن جي ناھي جوت جلال چئي.
    يعني ته 1- اُٺين جا گھرڙا (گورب) ته ننڍڙي واڙي يا گونديءَ ۾ واڙيندي سندس وار (ڪيس) ڪلھن تي وکري پيا.
    ۽ 2- مٿان اھي مينھن جي سببان آلا ٿي ڪلھن تي (انسرا) ننڍڙا ٻچا (ال) آھن. ان (سوڀياوان جون) اکيون نين اھڙيون ته سھڻيون ۽ نيم خوابي آھي، جھڙو نرگس گل، جو اڃا پورو کُليو ناھي (نوند)
    3- (سندس حسين چھري تي) مينھن جي ڦڙين جا پاڻيءَ قطرا، ائين چمڪي رھيا آھن، جھڙا سمنڊ جا سچا موتي _ دڌ = درياءُ + ست = پٽ يعني درياءَ جو پٽ، موتي _
    4 – خود مينھن جو بادشاھ، ميگھ پڻ سندس سھڻي صورت ڏسي مدھوش ٿي وڌيڪ بوندون وَسائڻ لڳو.
    5 – انھيءَ فطري ماحول ۾، سندس سھڻي منھن، (مک محمود) جي جلوه جي ڀيٽ ۾ خود سج (خورشيد) جي تجلي ۽ سھڻائي به ھيچ آھي.
    ۽ 6- بقول جلال، سندس اھڙي سھڻي صورت سان، ٻي ڪنھن به چئن چڳن واري چونڊ زال جي سونھن ڀيٽ ۾ ئي نٿي اچي سگھي.(ڊاڪٽر بلوچ صاحب: سنڌي ۽ ھندي شاعري جو لاڳاپو- سه ماھي مھراڻ اونھارو 1955ع ص- نمبر 205)


    • جمن چارڻ

    مداح جو مضمون، ڌڻي تعاليٰ جي ساراھ، نبي ڪريم صلعم جي ثنا، اصحاب سڳورن، ولين ۽ ٻين بزرگن جي تعريف تي مشتمل ھوندو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ مداح جو رواج، عربي مدحيه قصيدن بانت سعاد، قصيده برده ۽ ٻين نعتيہ قصيدن جي اثر سبب پيو. فني لحاظ کان ڪيتريون ئي مداحون، الف اشباع ۽ ڪي درست قافين سان، ڊگھن بيتن ۾، ڪي بَندن ۾، ڪي ڪلاسيڪي ڳاھن ۾، ۽ ڪي علم عروض جي سٽاءَ ۾ ملن ٿيون. مداحن لاءِ لفظن يا فقرن جو ورجاءُ ضروري آھي. سنڌي شاعريءَ ۾، مداح جو رواج، قديم زماني کان موجود آھي، پر سڀ کان پھرئين، باقاعده، پوري ۽ مڪمل مداح، جمن چارڻ جي ملي ٿي، جيڪا سيد عبدالقادر جيلاني رح جي ان ۾ چيل آھي.
    جمن فقير، چارڻن ۽ منگتن جي مخصوص گھراڻي مان ھو، جيڪي سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪناري ۽ دادو ضلعي جي حصن ۾ رھندا ھئا، جن جو گذران چنگ وڄائڻ تي ھو. ھو ھن موسيقيءَ جي اوزار وسيلي، سنڌ جا قديم تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان ڳائي، دل گھريو دان حاصل ڪندا ھئا. جمن به ھڪ غريب چارڻ محمد بخش جي گھر ۾ گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ کھڙن ۾ 1628ع ۾ ڄائو. سندس والد ھڪ غريب فرد ھو، ان ڪري غربت جمن کي ورثي ۾ ملي ھئي. وري خدا جي قدرت اھڙي ٿي جو فقير کان بينائي به ويندي رھي. ان ڪري اڪثر محتاجيءَ جي زندگي بسر ڪندو ھو ۽ دل جي وندر ورونھن خاطر شاعري به ڪندو ھو.مرحوم محمد صديق پيرزادو لکي ٿو ته “جمن تمام مسڪين ھو ۽ نامرد پڻ. سخت بيمار، سڄو جسم ڦَٽ ڦَٽ ٿي پيو ھوس. فقير جڏھن لاچار ٿي پيو؛ تڏھن ڪي ماڻھو کٿي جي جھوليءَ ۾ کڻي، وڃي سخي سپڙ ڏاتار جي مسافرخاني ۾ ڦٽو ڪري آيس. ڄام سپڙ کي سندس زال چيو ته اسين ٻيئي زال مڙس، ھن فقير جي واسطي، ڌڻيءَ جي درگاھ ۾ متوجه ٿي دعا گھرون ته مالڪ شفا ڏئيس. (تاريخ سنڌ – قلمي نسخو بحواله پھاڪن جي پاڙ ص 58) اتي ئي جمن چارڻ به، پيران پير جي شان ۾ مداح ٺاھي ۽ اھا صبح شام، تمام پر سوز آواز ۾ پڙھندو ھو. آخر ھڪ رات ھن خواب لڌو ته “ڪوبه ھڪ ھڪڙو سوال ڪندين ته ڌڻيءَ جي درگاھ ۾ منظور ٿيندو. جمن اھو ھڪ سوال ڌڻي سڳوري جي خدمت ۾ ھن ريت پيش ڪيو. “سوني ٻانھين سان نُنھن، پٽ جھوليءَ ۾، گھوڙي جي پڇاڙيءَ سان، ماڙيءَ تي، کير ولوڙيندي ڏسان.”
    سوال ڪرڻ کان پوءِ، ھن جي طبيعت سڌرڻ لڳي ۽ صحت وري آيس. سخي سپڙ ڄام کيس چيو ته ھاڻي تون گھر وڃ. ھن چيو ته ڳوٺ ڪجھ نه آھي. پوءِ ڄام ٽي سؤ گھوڙا، سونھري سنجن سان، ٻانھا، سئس ۽ راھ جو خرچ ڏيئي ڳوٺ روانو ڪيس. ڪوھستان ۾ جڏھن ڄامن وٽ ترسيو ته انھن روپا سنج گھوڙي جا، ٺھرائي ڏنس ۽ خرچ ڏيئي روانو ڪيس.(ڊاڪٽر بلوچ صاحب – ٻيلاين جا ٻول ص – 83 – 84) اھڙي طرح ھو، جڏھن ڳوٺ پھتو تڏھن خوشحال زندگي گذارڻ لڳو. پرڻيو، اولاد ٿيس ۽ ماڙيءَ تي نُنھن ڏڌ ولوڙيندي ڏٺائين.(پھاڪن جي پاڙ – ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ص 58) جمن چارڻ تمام وڏي ڄمار ماڻي. ھي سڀ ڪجھ کيس مدح سڳوريءَ جي معرفت مليو، ان ڪري اڄ تائين ساري سنڌ ۾ “جمن چارڻ واري مداح” ۽ “جمن چارڻ وارو سوال” پھاڪن ۽ چَوڻين جي صورت ۾، مشھور آھن ۽ جمن، پنھنجن ھنن ٻنھي شين ڪري، ٻھراڙيءَ جي ڪچھرين ۽ عام محفلن ۾، ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ انھيءَ مخصوص ڳالھين ڪري، ھو سنڌي عوام جو پيارو ۽ مقبول ڪردار آھي.
    جمن چارڻ جي مداح، جنھن سندس زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو، سا سنڌي ادب ۾ انفراديت جي حامل آھي. مدح جا ڪجھ بند ھن ريت آھن:
    - فرزند تون حسنين جو – آءٌ سائل تو ثقلين جو،
    درگھ مٿي دن رين جو – اوجر منگان عيبنن جو،
    دارون ٿئين دارين جو – يا پير پيران بادشاھ،
    - تون بادشاھ بغداد جو – ڪو داد ڪر فرياد جو،
    سڻ عرض تون بدزاد جو – تون ڪوٽ ٿي فولاد جو،
    پردو رکين اولاد جو – يا پير پيران بادشاھ،
    - ڪل علم جو ارشاد ڪر – ارشاد جو امداد ڪر،
    صالح سندم اولاد ڪر – دشمن قوي ڪل مار ڪر،
    يا پير پيران بادشاھ.
    جمن چارڻ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نه صرف، مداح جو شاعر ھو، پر ھڪ وڏو سگھڙ ۽ داناءُ ماڻھو به ھو. ھن جي سگھڙپائيءَ جا اقوال جھڙوڪ: نادانن جا قسم، پنجئي بدنام، پنجئي مئي مت، پنجئي گھرچاڻي ۽ پنجئي سھنج، پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان انفرادي حيثيت رکن ٿا.
    سگھڙپائيءَ جا اھي اقوال، جن ۾ تڪبندي آھي، سي سڄي سنڌ ۾ مشھور آھن، جن جو مؤجد پڻ جمن چارڻ آھي.
    جمن چارڻ، سنڌي ادب ۾ “رزميه شاعري” تي سٺا بيت چيا آھن. ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي جو سمورو دور ڏٺو. ان زماني ۾ مير عبدالله خان قلات واري، سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ ڪچي جي علائقي ۾ زبردست تباھي مچائي ڇڏي. سنڌ جي نامور سپھ سالار شاھ بھاري کيس، شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو. ھن قبائلي لڙائيءَ بابت، جمن چارڻ بيت چيا آھن، جيڪي ھيئت ۽ موضوع جي لحاظ کان، رزميه شاعريءَ ۾ خاص اھميت رکن ٿا. اھوئي سبب آھي جو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس “مؤرخ شاعر” سڏي ٿو.(جنگ نامو ص 143 سنڌي ادبي بورڊ) ھو چوي ٿو ته:
    اولھ سج اوڀر ٿئي، اوڀر ٿئي اولھ،
    بکيو شينھن گاھ چري، لھي ھيٺ ھماليه،
    وِڄ ڪڙڪو ڪري، جڏھن وڃي تخت الثراءِ،
    تڏھن مير عبدالله، پڙ کئون پٺيرو ٿئي.
    جمن چارڻ جو ڪلام، سادو سوادي ۽ نصيحت آموز آھي. ھڪ بيت ۾ چوي ٿو ته:
    توڙي ڏونگر ڏاڍوئي گھڻو،
    پر مَردن اڳيان ميڻ،
    جي ميڻ ماکيءَ ۾ ھوءِ ميڻ،
    ھي ڏينڀو اٿئي ڏونگرين.

    سندس، انھيءَ سادگي، سلاست، رواني ۽ زندگيءَ ۾ ادا ڪيل مخصوص ڪردار ئي کيس عوامي ھيرو بڻايو آھي.


    • مخدوم عبدالرؤف ڀٽي

    سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعريءَ جي خاص ڳوٺاڻي ۽ عوامي صنف مولود آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ “نئون ڄاول ٻار” آھي. جيئن ته، پاڻ سڳورن جي اچڻ سان، ڪفر ۽ الحاد، شرڪ ۽ بدعت جي اوندھ ختم ٿي، امن ۽ سڪون، انسانيت ۽ ڀلائيءَ جو دور آيو، ان ڪري پاڻ سڳورن جي ولادت کي، انسان جي فلاح ۽ بھتري لاءِ، ھڪ محور، مرڪز ۽ ڪارڻ تصور ڪري، سندن ذات اقدس جي ثنا ۽ صفت لاءِ، مولود استعمال ڪيو ويو. مولود ٺيٺ سنڌي صنف سخن آھي، جنھن مان سنڌ واسين جي پيغمبر اسلام سان، عقيدت ۽ محبت واضح ٿئي ٿي. مولود خاص، سنڌي ماحول جي پيداوار آھي ۽ سنڌ ۾ ئي رائج آھي. ھي سواءِ ڪنھن ساز ۽ سرود جي، مخصوص آواز ۾ ئي ڳايو ويندو آھي، جنھن جي ڳائڻ جو انداز منفرد ۽ انوکو، جنھن کي ذري ماتر اٻھرائي، تضع ۽ مصنوعيت نقصان رسائي سگھي ٿي. ھن جي ڳائڻ ۾، حضور اڪرم ﷺ جي ذات اقدس جي محبت، عقيدت ۽ فنا في الرسول واري ڪيفيت جو ھجڻ ضروري آھي. مولود، خاص ڪري سماع جي مجلسن، علمي درسگاھن، مسجدن، عالمن جي مجلسن، عُرسن، عيدن برادن جي موقعن ۽ عام خاص جي شغل وارين ڪچھرين ۾، عام پڙھيو ويندو آھي.
    سنڌي ادب جي تاريخ ۾، سن يارھين صدي ھ ۾ ميون شاھ عنايت رضوي، پنھنجي نعتيه وائي يا ڪافي کي باقاعدي مولود سڏيو. “چئو صلواتون صدق سين، ايءَ مولود مدام” ھونئن به فني سٽاءَ جي لحاظ کان، مولود، وائي ۽ ڪافيءَ جي ھيئت ۾ ملي ٿو. پر مولود کي، جنھن نئون روپ ۽ اسلوب ڏيئي پيش ڪيو، اھو مخدوم عبدالرؤف ڀٽي آھي. ھو سنڌي شاعرن ۾، مولود جي علامت آھي. ھن مولود ۾ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪري، ھن صنف کي، سنڌ جي عوام ۾ مقبول بڻايو. اھوئي سبب آھي جو، اڄ تائين سنڌ جي ڳوٺن، شھرن، واھڻ ۽ وستين ۾ ديني محفلن، شادين ۽ غمين ۾ به نھايت خوش الحاني سان مولود پڙھيا وڃن ٿا.
    مخدوم عبدالرؤف ھالا پراڻا ضلع حيدرآباد ۾ 1682ع ۾ ڄائو. اھو ميان نور محمد ڪلھوڙي جو دورِ حڪومت ھو، جيڪو سندس معتقد ۽ مريد ھو، ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب ھالا جي ڀٽي بزرگن مان ھو ۽ وڏو ڪامل درويش ۽ عالم عارف بزرگ ھو. ھن تعليم به، پنھنجن بزرگن کان حاصل ڪئي ۽ طريقت ۽ معرفت جي منزل ماڻي.
    سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ مخدوم عبدالرؤف جو وڏو مقام آھي. ھو سنڌيءَ ۾ عروضي شاعريءَ جو نه صرف باني آھي، پر ان کي عروج تي به پھچايائين. سندس ڪيترائي مولود، بحر ۽ وزن تي پورا چيل آھن. ھن جو ھڪ مشھور مولود “منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيھ سڀ ڏوري” بحر مزج مثمن سالم ۾ چيل آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس فن ۽ فڪر بابت پنھنجي قيمتي راءِ جو اظھار ڪندي رقم طراز آھي ته “مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پھريون آڳاٽو سنڌي شاعر آھي، جنھن گھڻي ۾ گھڻا مولود چيا آھن. سندس مولودن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ھو پھريون شاعر آھي، جنھن مولودن جي عنوانن کي وسيع ڪيو. ھن مولود جي اندروني سانچي ۽ سِٽاءَ توڙي، ان جي وزن ۽ ترنم ۾، پڻ قابلِ قدر اضافا ڪيا. موضوع جي سٽاءَ جي لحاظ کان، ھن سنڌ جي ڪھنين ڪھاڻين مان، تلميجون جوڙي، انھن ڪھاڻين جا قالب، تمثيلي طور پيش ڪيا.”(ڊاڪٽر بلوچ صاحب – مقدمو ص 83)
    مخدوم عبدالرؤف ڀٽي،مولود جي عنوان کي وسعت بخشي. ھن کان اڳ، جيڪي مولود ملن ٿا، سي سڀ پاڻ سڳورن جي ولادت باسعادت متعلق آھن. پر مخدوم صاحب نبيﷺ جي ثنا ۽ صفت کان سواءِ، مھر ۽ شفاعت جي اميد طلب ڪرڻ، سندن چئن يارن ۽ پنجتنن پاڪ جي سِڪ ۽ ساراھ، نبي سائين جي مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف، مديني پھچي زيارت ڪرڻ جي تمنا ۽ حاجين جي حج تي وڃڻ سان گڏ، پاڪ معجزن جو به ذڪر ڪيو آھي. ان کانسواءِ پاڻ سڳورن جي حياتِ طيبه جي مکيه پھلوئن، مثلًا نبيﷺ جو ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجه جو سِڪ سان واجھائڻ، پاڻ سڳورن ﷺ جي شادي خانه آبادي، ھجرت ۽ معراج مبارڪ کي، پڻ مخدوم صاحب پنھنجن مولودن جو عنوان بڻايو، نه فقط ايترو، پر ھن بزرگ پاڻ سڳورن جي برقعي مٽائڻ تي به مولود لکيا. اھڙي طرح، مخدوم صاحب ھڪ طرف علم عروض جي سانچي ۾ مولودن کي پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ عروضي شاعريءَ کي روشناس ڪرايو، ته ٻئي طرف مولود کي وسعت بخشي. عنوانن جي انھي انوکائي ۽ گھڻائي سببان، مولودن جي موضوع جو مرڪز، سو حضور اڪرم ﷺ جي ذات بابرڪات رھي، باقي ان جو دائرو، ايڏو ته وسيع ٿي ويو، جو ھن کان پوءِ جي شاعرن، گھڻو ڪري، انھيءَ وسيع دائري اندر، پنھنجي فڪر ۽ فن جي گوھر افشاني ڪئي. انھن مکيه عنوانن کي ئي نئين سر نڀاھيو. انسان، گڏ پويان ايندڙ شاعرن، علم عروض کي اپنائي، بحر ۽ وزن تي، نه صرف مولود چيا، پر شاعريءَ جي، ھر صنف سخن کي، ھن نئين نظام ۾ پيش ڪري، سنڌي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳايا.
    مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جي، مولودن جي سٽاءَ، بيان اسلوب، قلبي واردات، دلي ڪيفيت ۽ حضور اڪرمﷺ سان محبت ۽ عقيدت، اھڙيون خصوصيتون آھن، جو بن سَون سالن گذرڻ کان پوءِ، ھن وقت به سندس مولود عوام ۾ مقبول آھن ۽ اھي خاص ۽ عام موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. سندس ڪيترائي مولود، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، سنڌين کي ياد آھن، پر خاص مولود “منارا مير مرسل جا” ته ھر ننڍي وڏي کي ياد آھي ۽ اھو ھر جمعي تي، مسجدن ۾ نھايت پرسوز آواز ۾ ڳايو ويندو آھي. اوھان به پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪايو، اکيون ٻوٽي، پيار ۽ عقيدت سان حظ حاصل ڪيو.

    منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيھ سڀ ڏوري
    1. ھلي ھالا مٽيا مسڻ، انڙپور کي ڇڏيان اوري
    مان ڪعبي تان مٽياريون ۽ گھليون، مانجھند ڇڏيان گھوري
    2. ڪوٽ ڪوٽڙي، کوکر، سونڊا، سيريون ڇڏيان سوري
    ننگر، بندر ۽ باگاڻا، ڪراچي کان وڃان ڪوري
    3. مسقط، مطر ۽ مربالون، ڪو مڪران مٽيان موري
    حدودي مان ھلان ھل سان، جدي ۾ جاءِ ويھان جوڙي
    4. ھلان جدي منجھان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو
    پيان پاڻي سندو زم زم ڇڏيان احرام اُت ڇوڙي
    5. مديني جي خاڪ سڄي سرمو وجھان اکين ڀتر توڙي
    عبدالرؤف چئي سر ڪيان صدقو رکان ڪرسي
    اڳيان ڪوري.


    • سنڌ راڻي

    ھيءَ ان سَمي جي ڳالھ آھي، جڏھن سنڌ تي ڪلھوڙا راڄ ڪندا ھئا. لاڙ جي پاسي، ھڪ اڍيجي سردار کي نياڻي ڄائي، جيڪا سونھن ۽ سوڀيا ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھئي. سندس نالو ھو سونل. اڄ ننڍي سُڀان وڏي، سندس مڱڻو ٿيو، سنڌ جي حاڪم ميان سرفراز ڪلھوڙي سان ۽ ھوءَ پوءِ، “سنڌ راڻي” سڏجڻ لڳي ۽ جيڏين سرتين ۾ ڪر کڻي مُرڪڻ لڳي، پر قسمت ھن سان راند ڪرڻ شروع ڪئي.
    ڇا ٿيو جو، ميان سرفراز کي عبدالنبي ڪلھوڙي قتل ڪري، تخت تي قبضو ڪيو. ھاڻي ھو سنڌ جي اچي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو. ھن کي سونل جي حسن جي خبر ھئي، ان ڪري سندس والد کي چوائي موڪليائين ته “سونل شاھي مَڱ آھي. ٻانھن اسان جي حوالي ڪر.” اڍيجي سردار کي، سندس بي ڍنگائي تي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائينس ته “بادشاھ سلامت، سَڱ گھرڻ جو اھو طريقو ناھي. ھن دنيا ۾ عزت سان جيئڻ، مَردن جو شان آھي. مان سَڱ اھڙي طريقي سان ڪونه ڏيندس. مون کي حياتيءَ جي پرواھ ڪونھي. بيعزتيءَ جي جيئڻ کان موت بھتر آھي.” ميان عبدالنبيءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ تلوار ڪڍي، ڀري درٻار ۾ سردار کي قتل ڪري سونل سان زوري مڱڻو ڪري، “سنڌ راڻي جو اعلان ڪيائين.” ايڏو ڪِيس ۽ ڪلور ڏسي، سونل پنھنجي ڀاءُ، سائينڏني کي ساڻ ڪري، مير فتح علي خان وٽ اچي پناھ ورتي.
    1739ع ۾، ھالاڻيءَ جي جنگ لڳي، جنھن ۾ عبدالنبيءَ کي شڪست آئي ۽ ھو گجرات ڀڄي ويو. پٺيان مير فتح علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. ھن سڄي راڄ کي گھرائي اعلان ڪيو ته “سونل اسان وٽ امانت آھي. سندس قدم ڳرو آھي. ھن تي جنھن جو نالو پيو، سو ويو. سرفراز مري ويو. ڪلھوڙي کان حڪومت ويئي. ھاڻي اسان ھن شرط سان سونل جي ٻانھن، ان جي حوالي ڪنداسون، جيڪو مُلڪ ۽ ملڪيت تان ھٿ کڻندو.” بس ايتري چوڻ جي دير ھئي، مير باگو خان اٿي بيٺو ۽ چيائين ته، “مون کي شرط منظور آھي.” مير فتح علي خان اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پردي ۾ اچي سونل کان پڇيو ته “مير باگي، مال ملڪيت ڇڏي، توکي قبول ڪيو آھي، پر شرط اھو آھي جو تون ان کي پسند ڪرين.” اھو ٻڌي سنڌ جي ھن سگھڙ، سڄاڻ ۽ غيور عورت جواب ڏنو ته “بادشاھ سلامت، جيڪڏھن باگي جو مون تي نالو پئجي ويو آھي ته، مون کي انڪار ڪونھي. پر آءٌ راڄن توڙي حاڪمن لاءِ، ڄڻ بدبختيءَ جي علامت آھيان. پنھنجن ۾ وير ۽ ڪيني جو سبب بڻيم. مير سرفراز کي بيگناھ شھيد ڪرايم. پنھنجي موبي پيءَ جي موت جو ڪارڻ بڻيم. مير عبدالنبيءَ جي صاحبيءَ لاءِ نحوست بڻيم. اوھان ۾ به نفاق ۽ ڦيٽاري جو سبب بڻجان ھا، پر اوھان دورانديشي ڪري، فيصلو ڪيو. ھاڻ جيڪو مون سان پرڻبو ته اھو سدائين غريب رھندو. اھڙي جيئڻ کان مرڻ بھتر آھي. اوھان ئي منھنجي حياتيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. منھنجو خون ھن يا اڳين دنيا ۾ اوھان کي معاف آھي.” مير فتح علي خان، مائيءَ جو جواب ٻڌي تپرس ۾ پئجي ويو. سندس پدرانه جذبو سجاڳ ٿيو ۽ شفيقانه لھجي چيائين ته “منھنجي پياري ڌيءُ، سنڌ راڻي، ڀولو ناھي جو تنھنجو حقي پيءُ مري ويو آھي، تون نه روءُ نه رڙ. تون ڪنھن سُڃي سکڻين جي ڌيءُ نه آھين، پر ھاڻي سنڌ جي حاڪم، مير فتح علي خان جي نياڻي آھين. تنھنجي ٻانھن باگي کي، خالي ھٿين ڪانه ڏبي، پر ڏاج ڏاڻي سان، تون پالڪين ۾ چڙھي سَھرن ۽ ڳيچن جي گونج ۾، ساھري گھر ويندينءَ.”
    آخر وڏي ڌام ڌوم سان، شادي ٿي، ڪاڄ ٿيا. مير اعلان ڪيو ته “مير باگو خان، گوني مان ھڪڙو واھ کڻائي ان جي پاڻيءَ تي، جيڪا به زمين آباد ٿئي اھا، سونل کي ڏاج ۾ آئي.” شاديءَ کان پوءِ، مير باگي لاڙ ۾ اچي ڪوٽ ٻَڌايو ۽ باگو واھ کوٽايو؛ جنھن تي ھزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ھئي. ڪيترائي مسڪين ماڻھو لڏي اچيان ڳوٺ ۾ ويٺا، جيڪو اڄ ٽنڊو باگو سڏجي ٿو. باگي خان جو سارو ڪاروبار سونل جو ڀاءُ سائينداد ھلائڻ لڳو. سونل ڏاڍي سُک سان گذارڻ لڳي. کيس ڏُک وسري ويا. پر ھڪ ڏينھن سائينداد کي عمر ڪوٽ جي ھڪ راڻي ماري وڌو. ڀاءُ جو لاش ڏسي، سنڌ راڻي ڏندڻجي پيئي ۽ ان صدمي ۾، 1104ھ ۾ گذاري ويئي. کيس شاھ ديواني (ضلعو بدين) جي ڏکڻ ۾ دفنايو ويو.


    • پيراڻو ڀنڀرو

    خوش مزاجي ۽ ظرافت، دانشمندي ۽ سخن وري جي ڳالھين ۾، سنڌ سرسبز ۽ خوشحال آھي. ھت سگھڙائپ ۽ فقيري جي ڳنڍيل روايت رھي آھي. سنڌ جي اڪثر بزرگن شاعري، لطيفن، نقلن ۽ خوش طبعيءَ جي گُفتن کي، خدا پرستي ۽ نفس جي تزڪيه جي تلقين جو ھڪ ذريعو بڻايو. اھڙن نيڪ مردن مان، پيراڻو ڀنڀرو به ھڪ آھي، جنھن کِلندي کِلندي، مولا جي مخلوق کي، سنئين راھ تي ھلڻ جي ھدايت ڪئي آھي ۽ انھن مزاحيه گفتن ۽ شاعرانه بدله سنجي سبب، ھو ڳوٺاڻن ۾ مقبول رھيو آھي ۽ عوامي ڪچھرين ۾ کيس شوق سان ٻُڌو ويندو آھي.
    پيراڻو ھڪ لوڪ فنڪار ۽ عوامي ڪرادر آھي. ھو مجذوب ۽ سالڪ آھي. ھو صوفي لاڪوفي آھي. کيس سنڌ جي عوام لاءِ بي انتھا محبت ۽ سِڪ آھي. ھو خدا جي ٻانھن کي عزت جي نگاھ سان ڏِسي ٿو. ھو محسوس ڪري ٿو ته، بندو پنھنجي رب کان ڪيئن نه پري ٿيندو ٿو وڃي. دنيا جي لوڀ ۽ لالچ، مايا جي موھ ۽ محبت کيس ايترو ته انڌو ڪري ڇڏيو آھي، جو روزانو ھن جي در تي، موت بيٺوڪڙو کڙڪائي، پر ھن کي ڪَر به ڪانھي. پيراڻي جا بيت ۽ ڏوھيڙا، فني لحاظ کان ڪجسا ۽ ڦڪا آھن، پر معنوي لحاظ کان اعليٰ ۽ فڪر انگيز آھن. جناب ڪريم بخش خالد، لکي ٿو ته، “پيراڻي جا بيت، ظاھري طور مزاحيه آھن پر باطني معنيٰ نفس سان جنگ ۽ جدل ۽ خدا پرستيءَ ڏانھن لاڙو ڪرڻ اٿن. شعر معيار ۾ کڻي، ايترو بلند نه آھي، پر بيتن ۾، جيڪي ھدايتون ۽ خود پسنديءَ جا نُڪتا ۽ ٻيون وصفون آھن، تن ڏانھن چشم ڪوري ڪرڻ بي انصافي آھي.” (سنڌي مزاحيه ادب – ڪتاب وتايو فقير. ص 61)
    پيراڻو، سنڌ جي داناءَ، سگھڙن جي سٿ جو ناميارو دانشور ھو. سندس بيتن کي “علامتي شاعري” جو قديم نادر نمونو چئجي، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. فني لحاظ کان، سندس بيت اڄ جي جاپاني طرز جي شاعري ھائيڪو سان ڀيٽي سگھجن ٿا.
    پيراڻو ذات جو ڀنڀرو ھو. تعلقي کپري ضلعي سانگھڙ جو ويٺل ھو. چون ٿا ته، ھو شاھ لطيف جو معصر ھو. يعني ھو ڪلھوڙن جي دور جو ٿي گذريو آھي. اھو زمانو سنڌ ۾ ٺيٺ جاگيردارانه دور ھو. ماڻھو پئسي جي پٺيان ھو. ڌارين جي اچڻ ڪري معيشيت ۽ تجارت ۾ نون لاڙن ڪري، پئسي جي مٽا سٽا ۽ ريل پيل وڌي ويئي. ماڻھن جون ضروريات وڌڻ لڳيون. سادي سودي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. ان ڪري سنڌي ماڻھو به انھيءَ ماحول ۾ جڪڙجي ويو. پئسي جي گھڻائي منجھن ھوس پرستي پيدا ڪئي ۽ دنياداري ۽ ذاتي مفاد، منجھانئن ماڻھپو ۽ انسان دوستي ختم ڪري ڇڏي. ان ڪري ڀٽ ڌڻي رح کي به چوڻو پيو ته:
    ماڻھن اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو،
    اڄ پڻ ھرڪو کائي، ماڻھو سندو ماس،
    دلبر ھن دنيا ۾، وڃي رھندو واس.
    پيراڻي به اھا تند تنواري، پر ڪجھ ٻئي نموني ۽ ٻي طرز ۾، يعني مزاحيه انداز ۾، خوش مزاجي ۽ کِل چرچي ۾، رومال ۾ ويڙھي، ته جيئن لعل به لڀي ته پريت به رھي.ڇوته ھو درويش ھو، مجذوب ھو، سالڪ ھو، ھو پنھنجي درويشي ۽ مزاحيه شاعريءَ تي فخر ڪندو ھو. ان زماني ۾، ڳوٺاڻين ڪچھرين ۽ عوامي مجلسن ۾، سندس بيتن ۽ اندازِ بيان کي پسند ڪيو ويندو ھو، ڇوته انھن ۾ بذله سنجي سان گڏ، عقلمنديءَ جا راز سمايل ھوندا ھئا ۽ معاشري جي صحيح ترجماني ٿيل ھوندي ھئي.
    پيراڻي جو ھڪ بيت آھي ته:
    جان وڃيو واٽ وٺيو، پڪي بيٺي آ ٻير،
    اڇليو ڪانئچ ھڻانس ته ڇڻي پيا مُڱ،
    کڻيو ڍينگر ميڙيان ته ٽھي اٺ وڃن،
    چوي پيراڻو ڀنڀرو ته يارو جھلجو، مھارون ٿا ڇنن.
    فقير چوي ٿو ته، ھيءَ دنيا ڏاڍي سھڻي ۽ چکيل مکيل آھي. ھر انسان کي ٻاھرين رنگ روپ سببان موھي ٿي ۽ لالچي ۽ ھوس پرست انسان، ان جي حسن کي ڏسي، ڀريل ۽ ٻٽيل ٻير کي ڀتر ھڻي، ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ھن کي مُڱ يعني ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي. فقير ڍينگر سڏي ٿو، نفساني خواھشات کي ۽ اُٺ سڏي ٿو پاڪيزه خواھشات کي. دراصل، انسان شيطاني ۽ ملڪوتي قوتن جو مجسمو آھي، پر ٻيئي ھڪ جاءِ تي گڏ رھي نه ٿيون سگھن. پيراڻو چوي ٿو ته “مان دنوي خواھشن جي ڪري، دنيا کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته، ملڪوتي قوت ايڏو ته پري ڀڄي ٿي ڄڻ ته اُٺ مھار ڇنائي ڀڳو.” ڪيڏو نه مؤثر انداز انداز ۾ فقير، “طالب دنيا ۽ طالب الموليٰ” جو ذڪر ڪيو آھي ۽ حضرت شاھ ولي الله محدث دھلوي جو “نفساني ۽ ملڪوتي قوتن” وارو فلسفو صرف چئن سٽن ۾ سمجھايو.
    فقير جو ٻيو گفتو آھي ته:
    ڪاڏي منھن مال جو، ڪاڏي وڄي چڙو،
    ڪاڏي رخ راھ جو، ڪاڏي پوي ڏرو،
    چوي پيراڻو ڀنڀرو، اٿي ڪلمو پڙھو.
    انسان، اختيارالڪل آھي. سڀ ھن جي ئي ھٿ وس آھي، ڇوته کيس، عقل جي دولت سان مالامال ڪيو ويو آھي. ھو لوھو، نوٽو، فائدو ۽ نقصان پاڻ ڄاڻي ٿو. ھن تي الله تعاليٰ طرفان ڪابه زيادتي نه ڪئي ويئي آھي. فقير جو چوڻ آھي ته انسان تون اشرف المخلوقات آھين. پنھنجو درجو ۽ مقام سڃاڻ. تون ڌرتيءَ تي الله جو پرتوو ۽ نائب آھي. ڪائنات ۾ عظيم المرتبت آھين ان ڪري پنھنجو شان سڃاڻي اھا راھ اختيار ڪر، جيڪا توکي داغدار ۽ عيبدار نه بڻائي. حق ۽ باطل، نيڪي ۽ بدي، ڪوڙ ۽ سچ ۾ سنڌو ڪر، شيطاني چڙي جي مڌر آواز کان پري ڀڄ ۽ ڪلمو پڙھي، وحدانيت ۽ توحيد واري فلسفي کي سمجھي، پنھنجي عزت ۽ وقار کي قائم رکي پنھنجي عظمت واري راھ اختيار ڪر.
    فقير جوٽيون گفتو آھي:
    جان وڃان واٽ وٺيو، ته، کٻڙ ۾ کڙڪو،
    گدڙ ۽ ڄرڪو، کلي کلي کيرا ٿيا.
    دنيا ٻھروپي آھي. مُنھن جا مٺڙا ۽ اندر جا ڪارا کوڙ آھن. ظاھري ڏيک ويک ۽ منھن تي خوشامد ۽ چاپلوسي جو وھنوار آھي. فقير جو چوڻ آھي ته واٽ ويندي گدڙ ۽ ڄرڪي کي ڏٺم ته ھڪ ٻئي سان ڳلي ملي، خوش ٿي رھيا ھئا، پر ھي ٻيئي ھڪ ٻئي جا سخت ترين دشمن آھن، پر ھڪ ئي مفاد کين پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيو آھي. فقير جو چوڻ آھي ته، مفاد پرست ۽ ذاتي انا جي لاءِ ھن دور ۾ اھڙا ڪيترائي ماڻھو ملندا، جيڪي ظاھرًا ته پيار ۽ سِڪ سان ڳالھائيندا، پر اندر ۾ نفرت، ٻيائي ۽ تعصب جا ڪوٽ اٿن. ان ڪري فقير اھڙن ذاتي مفاد جي غلامن کي گدڙ ۽ ڄرڪي سان تشبيھ ڏيئي، اسان کي اھڙن ٻھروپين کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
    اھڙي طرح پيراڻي ڀنڀري جا اھڙا ويھارو کن بيت مليا آھن. (سڳنڌ ۽ سرھاڻ مصنف، محمد ابراھيم عباسي ۽ عبدالڪري سنديلو)جن ۾ عقل، ڏاھپ ۽ دانش جو خزانو آھي، جن کي سنڌي عوام اڄ به ڳوٺاڻي ماحول ۾ شوق ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌي، انھيءَ مان مقصد جا موتي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.


    • ھوشو شيدي

    سونھاري سنڌ جي، سوين سالن جي سونھريتاريخ، اھڙن مڻيادار مانجھين سان ڀري پيئي آھي، جن پنھنجي وطن عزيز جي، خاڪ پاڪ لاءِ، جان قربان ڪئي ۽ پنھنجي جيئري، پنھنجي جنم ڀومي، ڌارين جي حوالي نه ڪئي. اھڙن دلير ۽ بھادر سپوتن مان، ھوشو شيدي به ھڪ آھي، جنھن جو نعرو “مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.”عوامي نعرو بنجي ويو ۽ ھوشو تاريخ جو، اُھو اَمر ڪردار ٿي ويو، جيڪو اڄ جي سنڌي نوجوانن جي چَپن تي آھي. جناب جي الانا لکي ٿو ته “ھوش محمّدقمبراڻي کي عام طور تي ھوشو شيدي سڏيو ويندو آھي. انگريزن سان مقابلي وقت، مثالي بھادري ڏيکارڻ ۽ دٻي جي جنگ ۾، آزاديءَ لاءِ وڙھندڙن مان سڀني کان وڌيڪ نالو پيدا ڪرڻ جي باعث، ھو ھڪ عوامي ڪردار ٿي پيو آھي. (اسان جي آزادي جا اڳواڻ – جي الانا. مترجم نواز علي شوق – ص 192)
    ھوشو اصل ۾ حبشي غلام ھو، جنھن جو والد مير فتح علي خان ٽالپر وٽ ڪم ڪندو ھو، جيڪو ايراني نار مان اسمگل ٿي ڪراچي بندر تي وڪاميو ھو. ميرن وٽ ڪم ڪندڙ غلامن کي وڏي عزت سان رکيو ويندو ھو. ھوش محمّد، مير فتح علي خان جي پٽ مير صوبدار جو ساٿي ۽ ساڳي عمر وارو ھو، ان ڪري ھو 1791ع ۾ ڄائو ھوندو. (اسان جي آزادي جا اڳواڻ. ص 189) ھو مير صوبدار سان گڏ رھيو، وڏو ٿيو ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي توبخاني جو سنڀاليندڙ ٿيو. کيس بندوق ھلائڻ جي سٺي تربيت مليل ھئي. جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته “ھو ميرن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو ۽ نامور جانباز توبچي ٿي گذريو آھي، جنھن آخري دم تائين، پنھنجي ايمانداري ۽ بھادريءَ جو ثبوت ڏيندي، دشمن سان وڙھندي ميدانِ جنگ ۾ شھيد ٿيو.(ھوش محمّد – ملا اسڪول مخزن – اپريل 1953ع)
    جڏھن انگريز، سنڌ ۾ آيا، تن ڏينھن ۾ ھوشو مير صوبدار خان جو اتاليق ۽ صلاحڪار خاص ھو. انگريزن جڏھن حيدرآباد تي ڪاھ ڪئي ۽ 17 فيبروري 1843ع ۾، دٻي جي جنگ لڳي، تنھن ۾ ھوشو شيدي توبخاني مٿان نگران مقرر ھو. ساندھ ٽي ڪلاڪ جنگ لڳي، جنھن ۾ گولن جي برسات ھئي. ان دوران ھڪ گولو ٽالپرن جي بارود خاني کي لڳو، جنھن ڪري سمورو بارود سڙي ويو. پر تڏھن به ھوشو بھادري سان وڙھيو.
    ان وچ ۾، انگريزن مير صوبدار خان کي رشوت ڏيئي، پنھنجي طرف ڪيو، ان ڪري ھن انگريزن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. پنھنجي مالڪ جي اھا حالت ڏسي، ھن کيس چيو ته “اي حاڪم، ڪجھ ھوش ڪر. ھيءَ جنگ ميرن ۽ انگريز حڪمرانن جي وچ ۾ نه آھي. ھيءَ جنگ سنڌ ۽ سنڌڙين جي وچ ۾ آھي. ھي لڙائي پنھنجن ۽ ڌارين جي وچ ۾ آھي. اڳتي وڌو ته، سمورا سنڌي ھڪ ٿي، فرنگين سان فيصله ڪن جنگ ڪريون. حاڪم ڪجھ ڌيان ڌر. ذاتي اختلافن جي چکيا تي، سنڌڙي جو اجايو خون نه ڪر.”پر جڏھن، ھن ڏٺو ته مير صوبدار، پنھنجي ضد تي قائم آھي، تڏھن ھو کيس ڇڏي، مير شير محمد ملڪاڻيءَ سان وڃي مليو، جيڪو، حيدرآباد کان ٿورو پري 25 ھزار فوجن سان ڇانوڻي ھڻي ويٺو ھو. مير صاحب، ھوشوءَ کي پنھنجي توبخاني جو نگران ۽ بورچيخاني جو ناظم مقرر ڪيو. 24 مارچ 1843ع ۾ سنڌي سوڍن جو لشڪر ناريجن جي ڳوٺ وٽ، دٻي جي ميدان ۾ انگريزي لشڪر جي سامھون ٿيو، جتي سنڌ واسين جي بھادري ۽ جرئت ڏسي منھن مٿو پِٽڻ لڳو. پر وطن جي ويري نواب محمد خان نيپيئر کي ٻڌايو ته “ميرن جو سارو بارود، فلاڻي سائي تنبوءَ ۾ رکيل آھي. جي اسڪواڊ ڏنو وڃي ته بارود کي اُڏايو ويندو.” پوءِ ائين ئي ٿيو. پر ھوشوءَ آزمودگار جرنيل وانگر حڪم ڏنو ته “جيڪي ڪجھ ملي، ان کي باھ ڏيو ته جيئن دشمن ائين نه سمجھي ته ڪو بارود ختم ٿي ويو آھي.” گولا بارود ختم ٿيڻ کان پوءِ ھٿو ھٿ جنگ شروع ٿي. سامراجي فرنگين وٽ توبون ۽ بندوقون ھيون، پر ھوشوءَ پنھنجي چند جان فدا ساٿين سان گڏ، پيدل اڳتي وڌي، دشمن تي حملو ڪيو ۽ ٻن ميلن تائين کين پوئتي ڌِڪي ويو ۽ کين ماري مڃرايو، پر ھڪ آئرش سولجر جي گوليءَ کيس شھيد ڪري وڌو ۽ اھڙي طرح سنڌ تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو.
    ھن ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته، ھوشو محب وطن ۽ سورھيه شخص ھو. ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته “ھوشو، انگريز سامراج جو جاني دشمن ھو، جنھن سنڌ جي پسگردائيءَ وارن پرڳڻن جي مسلمانن ۾ جھاد جو روح ڦوڪيو، جنھن سنڌ جي عياش، سست، ڪاھل ۽ آرام پسند اميرن کي پنھنجي ڌرتي جي آزاديءَ جي بچاءَ لاءِ، پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، جنھن ھڪ ٻئي پٺيان، ٻن لڙاين (مياڻي ۽ دٻي) ۾ انگريز فوجن کي گھڻي کان گھڻو نقصان پھچايو. ھن ھڪ شينھن جيان، انگريز دشمنن جي فوجي صِفن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. انھن جي جنگي ارادن کي درھم برھم ڪري ڇڏيو. ھو ھڪ وڏو بھادر ۽ جنگي ماھر ھو. ھن محب وطن ۽ عظيم انسان، پنھنجو سِر سچ، غيرت، آزادي ۽ خودمختياريءَ خاطر صدقي ڪيو.” (سنڌ جا شھيد. منصور قادر جوڻيجو ص 36) خود انگريز جرنل نيپيئر ھوشوءَ جي بھادريءَ بابت لکي ٿو ته “ھن بھادر شخص، جنگ جي فني مھارت جو اھڙو بھترين مظاھرو ڪيو جيڪو ھڪ يورپي جرنيل کي ئي سونھين ٿو. ھو پنھنجي ٻين شيدي ڀائرن سان، اِئين ميدانِ جنگ ۾ بيٺو رھيو، جيئن ڪو اڏول پھاڙ. جنگ ۾ آخر تائين جڏھن فتحياب نه ٿيو ۽ دم به اھڙي حالت ۾ ڏنائين، جو تلوار سندس ھٿ ۾، انتھائي مضبوطيءَ سان پڪڙيل ھئي ۽ ھڪڙو قدم به پٺتي نه ھٽيو. مرڻ کان پوءِ به ڪنھن انگريز کي سندس ويجھو وڃڻ جي جرئت ڪانه پئي ٿي. ڇوته مرڻ کان پوءِ، پنھنجي ھٿ مان تلوار کي ڪِرڻ نه ڏنو ھئائين.” وڌيڪ لکي ٿو ته “مياڻيءَ وانگر، دٻيءَ ۾، اھو ساڳيو ئي حبش ٻانھو ھوشو شيدي، جنگ کي کنيو بيٺو ھو. سندس بھادريءَ جي جيتري ساراھ ڪجي ٿوري آھي. ھو ھڪ اعليٰ دل، دماغ ۽ صلاحيت جو مالڪ ھو. ھن بھادر انسان دٻي واري جنگ ۾ به، ھڪ بھادرانه دليرانه شان شوڪت سان وڙھندي، 22 رجمينٽ جي سنگينن ھيٺان پنھنجو سِر ڏنو.”(ڪانڪئيسٽ آف سنڌ – باب ڇھون ص 379)
    ھوشوءَ جي ان لازوال ۽ بي غرضانه قرباني، کيس سنڌ جي عوام ۾ مقبول بڻايو، ڇاڪاڻ ته ٻيا ماڻھو يعني مير يا ٻروچ سردار، پنھنجي حڪومت يا سرداريءَ کي بچائڻ لاءِ جنگ ڪري رھيا ھئا ۽ ھوشو شيدي، ڪنھن به فائدي وغيره لاءِ ڪونه وڙھي رھيو ھو. سندس مقصد، سنڌ کي ڌارين کان بچائڻ ھو. اھوئي سبب آھي جو، ھن بي جگريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ان محبت ۽ ساڻيھ سان سِڪ کي، عوام ڳايو، پر خوب ڳايو. ھڪ ڳوٺاڻي علي چيو ته:
    ھوشو پنھنجي جان، آزاديءَ جي راھ تي قربان ڪئي.
    ھو پنھنجي جان، پنھنجي خوشي ۽ چاھ سان ڏئي ويو.
    ھو سوين سورھيه ۽ سرويچ ساٿين سان،
    ھڪ سرويچ وانگر وڙھيو، وڙھندو رھيو،
    ۽ بھادر وانگر مري ويو.
    ان کانسواءِ ھڪ لوڪ گيت ۾ چيو ويو آھي ته:
    ھلي ھوشو آئيو، ڪري قمبراڻي ڪاھ،
    ايندي به ارن ۾، گھوٽ وڃايا گھاءُ،
    قلوبان ڪڙو ڪيو، شيدي پنھنجو ساھ،
    سؤ لشڪر سان ماريو، ميار مٿن ناھ.
    ھوشو جي شھادت، سندس وطن دوستي، سورھيائي ۽ بھادري کي مات ڪري نه سگھي. ھو ھڪ عظيم محب وطن ھو، جيڪو شھادت کان پوءِ عظيم تر آھي.


    • ڇَتو ڪوري

    سنڌ سونھاريءَ ۾، ڇتي ڪوريءَ جو ڪردار عجيب ۽ غريب آھي، جيڪو پنھنجي معصوميت، اندازِ بيان، گفتگو ۽ سادي طبيعت ڪري، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ايڏو ته مشھور آھي، جو “ڇتي ڪوري واري ڊيگھ” ھڪ ضرب المثل بڻجي، ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اچي ويئي آھي. ھي خاص محاورو، ان وقت استعمال ڪبو آھي، جڏھن ڪو ماڻھو ٿوري ڳالھ کي وڌائي ڊگھو ڪندو آھي ۽ اجايو لڙ ماريندو آھي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “ڳالھ ڪرڻ وقت اجائي، اينگھ ڪرڻ، بيجا ڳالھائڻ، اجائي بَڪ ڪرڻ.” (پھاڪن جي پاڙ- ٻي ايڊيشن ص نمبر 68)
    ڇتي ڪوريءَ جو اصل نالو محمد ڇَتل ولد محمد صابر ڪوري ھو، جيڪو خيرپور ضلعي جي ڳوٺ، کھڙا ۾ 3 اپريل 1545ع ۾ ڄائو. سندس اباڻو ڌنڌو، ڪپڙو اُڻڻ ھو، جيڪا سنڌ جي قديم ۽ پراڻي صنعت آھي. ھن فن جو ثبوت “موھن جي دڙي” مان به ملي ٿو. ڪوري سنڌ جي اھا ذات آھي، جنھن انسان ذات تي، اھو عظيم احسان ڪيو، جو ان جي اوگھڙ ڍڪي ۽ سندس ھٿ جي ھنر کي، اُھو مقام مليو، جو قرآن شريف ۾ “سندس” جو ذڪر ڪري، سنڌڻ ململ، جيڪا ڪورين جي صنعت جو اعليٰ مثال آھي، کي لازوال اھميت بخشي. (ڊاڪٽر عبدالمجيدسنڌي- ڪوري ۽ سندس ڪم. ماھوار نئين زندگي نومبر 1970ع) ڇتو ڪري به ان ذات جو اھم فرد ھو، جيڪو ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم ڪندو ھو.
    چون ٿا ته، ڇَتو ننڍپڻ کان ئي، ڳالھين جو ڳھير ۽ گھٽ ڳالھائو ھوندو ھو، ايتريقدر جو منٽ جي ڳالھ کي وڌائي ڪلاڪن ۾ پورو ڪندو ھو، ان ڪري مڪتب ۾ ھو پڙھي نه سگھيو ۽ استادن خواھ ھم جيڏن ۾، ھو پوري حيثيت حاصل ڪري نه سگھيو. اھا حالت ڏسي، سندس والد، پڙھائي ڇڏرائي، کيس گامڻ ڪوري جي آڏاڻي تي ويھاريو، جتي ھو اباڻي صنعت ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم سکڻ لڳو. ھت به ھو پنھنجي فطرت مطابق، ڳالھيون ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجي سادگيءَ سبب، استاد کي به تنگ ڪندو ھو، پر ھو ھڪ، مھربان۽ شفيق استاد وانگر، کيس ڪم جا گُر سيکارڻ لڳو.
    ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته ڇتي جي استاد گامڻ ڪوريءَ پنھنجو پَٽڪو لاھي، آڏاڻي جي ڀرسان رکيو ۽ پاسو ڏيئي، آڏاڻي تي ويھي ڪپڙو به اُڻڻ لڳو ۽ جھٽ جھٽ ۾ حُقي مان به ڦوڪ ڀرڻ لڳو. ڇتي ويٺي، پوڻيون پِسايون. نه ڄاڻ ڪا چڻنگ حُقي مان اُڏي، استاد جي پٽڪي ۾ وڃي پيئي. استاد ته پنھنجي ڪِرت ۾ رڌل ۽ حُقي ۾ مگن. پٽڪي تي ته سندس نظر به ڪانه ھئي. بس سائين! پٽڪو سڙڻ لڳو. ڇتي ڏٺو ته، استاد جو پٽڪو ٿو سڙي، سو پنھنجي مخصوص انداز موجب، چوڻ لڳو ته “ قبلا استاد سائين! جيئين سدائين، خوب کائين پيئين- شل جڳ تنھنجو محتاج ھجي. اوھان جي پياري حقي شريف مان، چڻنگ اٿي، اوھان صاحبن جي پڳ مبارڪ تي پيئي آھي. ظاھر آھي ته، ڇتو جيستائين پڳ جي لفظ تي پھچي ۽ استاد ڳالھ سمجھي تيستائين “ڪپڙا بوءِ” به تيز ٿي ويئي ۽ گامڻ اٿي، پڳ جو کڻي ڏسي ته، اھا اڌ چٽ ٿي چڪي ھئي. بھرحال، ڇتي اجائي ڊيگھ ڪري، استاد جي پڳ جو کنڌو کڻائي ڇڏيو. جيڪڏھن ھو، ھن نازڪ موقعي تي، مختصر بيانيءَ کان ڪم وٺي ھا ته، جيڪر پٽڪو سڙڻ کان بچي پوي ھا.
    ڇتي جي ھيءَ سادگي ۽ شرافت نقصان دھ ھئي. اسان کي ايترو مومن به بڻجڻ نه گھرجي، جو پنھنجي گھر کي باھ پئي لڳي ۽ اسان سادا بڻيا بيٺا ڏسون. اسان جي ان شرافت، تاريخ ۾ اسان کي گھڻائي نقصان پھچايا آھن ۽ “سنڌي سماج” ان تاريخي زبان جي سزا، اڃا لوڙي رھيو آھي. ڇتي جو عوامي ڪردار، جتي اسان جي سنڌي قوم جي، سادگي جي نمائندگي ڪري ٿو اتي، ان “تاريخي زبان” ڏانھن به اشارو ڪري ٿو ته، موقعي جي نزاڪت کي ڏسي، ان موجب قدم کڻڻ گھرجي ۽ قيمتي املھ وقت جو قدر ڪجي.
    ڇتو ڪوري، استاد کان ڪم سکي پنھنجو ذاتي دڪان کولي، جوڙيون ٺاھي، روزانه معاشرتي زندگي ۾ پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر سندس مخصوص ڪردار ۽ عادت، ھت به نه ڇڏيائين. ٻيا ڪوري روزانو ٽي چار تاڪيا، وڪڻي ايندا ھئا، پر ڇتو ھڪ جوڙي به مس نيڪال ڪري سگھندو ھو. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ ھو ته ھو پنھنجي ڪپڙي جي ساراھ، حد کان وڌيڪ ڪندو ھو. چوندو ھو ته “او سائين! منھنجي ھيءَ جوڙي سڀ کان مضبوط آھي. سُت تي رنگ، عيسي نيروليءَ جو پڪو چڙھيل اٿس. ڌاڳو به بلڪل مضبوط ۽ تازو آھي، وڏي ڳالھ ته منھنجي اُڻت اھڙي ته سنھي ۽ گھاٽي آھي، جو وار به وِٿي نه ڇڏي اٿم، خوب چوڙيندي، اگھ به سستو! وغيره وغيره!” ايڏي ڊگھيڙ ته ڪو واندو ماڻھو، بيھي ٻڌي، ان ڪري خريدار، ٻين کان جوڙيون وٺي رمندا رھندا ھئا ۽ ھو ويچارو واٽ تڪيندو رھندو ھو. ھان! البت، جيڪي سندس طبيعت، شرافت، سادگي ۽ ايمانداريءَ کان واقف ھئا، سي کانئس پھرئين جوڙي وٺي ڇڏيندا ھئا، ۽ ھو اھڙي طرح، پيٽ گذران ڪندو رھندو ھو.
    ڇتو ڪوري، جيتوڻيڪ گھڻ ڳالھائو ۽ ڳالھين جو ڳھير ھو، پر ھو شرارت ۽ پرائي شيءِ کان پري، پنھنجي ڌنڌي ۾ ايماندار ۽ فن سان سچو ھو. سندس ڪپڙو به، ھر ملاوت ۽ مصنوعي بناوت کان پاڪ ھو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “ھو چوندو ھو ته “ھي جوڙي مضبوط آھي، سندس ٺڪري پڪي آھي، ڌاڳو به پڪو اٿس. گھاٽي اُڻيل آھي. تمام گھڻو چوڙ ڏ يندي، ڏاڍي سَستي آھي، بر به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سَڳو نه ڳرندس.” (پھاڪن جي پاڙ- ص نمبر 69) سندس اھي لفظ حقيقت تي مبني ھئا ۽ سندس ديانتداريءَ جي گواھي ڏيندا ھئا.
    ڇتي ڪوريءَ جو اھو ڪردار، اسان کي جيتوڻيڪ مزاحيه لڳي ٿو، پر ان ۾ سبق ۽ نصيحت آھي ته ايمانداري ۽ شرافت جو دامن، ٿوري ۽ عارضي نفعي ۽ ذاتي مفاد لاءِ نه ڇڏجي. ڇتو ايماندار، سچار ۽ پنھنجي حلال جي پورھئي ۽ مزدوريءَ سان پيٽ پاليندو ھو، پر ٺڳي، منافقت، ٻه چاپڙائي ۽ بي ايمانيءَ کان ڪوھين ڏور ھو ۽ پنھنجي انھيءَ، مخصوص عادت ۽ روايت ڪري، ھو اڄ به سنڌي عوام ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ مقبول آھي.
    سنڌ جو ھيءُ عجيب ۽ غريب عوامي ڪردار، 52 ورھين جي ڄمار ۾، مغز جي ڪمزوري سبب 1598ع ۾ گذاري ويو.


    • حمل فقير

    سرائڪي زبان، سنڌ جي پياري، مٺڙي، سپڪ سلوڻي ۽ عوامي زبان آھي، جيڪا سنڌ ۾ سمن جي زماني کان، سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، عام ھئي ۽ نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي، پر تاريخي ڪتبن لکڻ لاءِ، پڻ استعمال ٿيندي ھئي. سنڌي ۽ سرائڪي، ڄڻ ته ساڳئي ملڪ جون ٻه ٻوليون ھيون ۽ خاص طرح، اترئين سنڌ ۽ سري ۾ ٻنھي جو قريبي رشتو ھو. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ- ص نمبر 170) ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب، اتر سنڌ جي زبان کي، سرائڪي زبان سمجھيو آھي. ھيءَ اھڙي ته مقبول ۽ عام فھم زبان آھي، جيڪا ساري پاڪستان ۾ گڏيل طور ڳالھائي وڃي ٿي. ھن کي ملتان ۾ ملتاني، بھاولپور ۾ بھاولپوري ۽ سنڌ ۾ سرائڪي يعني سري واري زبان سڏجي ٿو. ھن ٻوليءَ جي ادبي وسعت ۽ ادبي معيار ۽ نمونو اوچو آھي. ھيءَ ٻولي ايڏي ته سلوڻي، سولي ۽ سُريلي آھي، جو بلوچن به، پنھنجي مادري زبان بلوچيءَ کي ڇڏي، سرائڪيءَ کي مادري زبان طور اپنايو. سنڌ ۾ سرائڪي زبان جا ٻه نمائندا شاعر سچل ۽ حمل آھن. جن مان “حمل” فقير کي پنھنجي طنزيه بيانِ اسلوب جي لحاظ کان منفرد مقام حاصل آھي.
    حمل فقير، پنھنجي طبعي، علمي لياقت ۽ شاعريءَ جي ڏات سبب، ھر جڳھ مقبول آھي. سندس شاعريءَ جو اندازِ بيان سادو، سليس ۽ روان آھي. وڏي ڳالھ ته اھا شاعري بنھ عوامي ۽ ڳوٺاڻي آھي. جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ڪلام جي عام مقبوليت ئي ڪلام جي اثر جي صحيح ڪسوٽي آھي ۽ انھيءَ ڪسوٽيءَ جي لحاظ کان، حمل جو ڪلام بلڪل کرو آھي، جنھن ۾ ڄڻ ڪابه ارئي ڪانھي. حمل جا بيت، سري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري، ٿر توڙي لسٻيلي طرف معلوم ۽ مروج آھن. سندس عام فھم، رنگين، دلچسپ ۽ پر اثر عاشقانه بيت، سگھوئي جھر جھنگ مان ڪڏندا، ٽپندا، اڏامندا، واھڻ وستيون ووڙيندا، ملڪ ۾ مشھور ٿي ويا. سندس سرائڪي بيت ته گھڻو مقبول ٿيا. (ڪليات حمل- مقدمو- ص نمبر 48)
    ھونئن به، بنيادي طرح حمل فقير عوامي ماڻھو ھو. چون ٿا ته ذاتي طور به مجلسن جو مور ۽ ڪچھرين جو ڪوڏيو ھو، ان ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين ۾ گھميو ۽ سندس ڄاڻ سڃاڻ ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کان وٺي، وڏن وڏن عالمن، حڪمرانن ۽ گادي ڌڻين سان ٿي ھئي. ھڪ دفعي ميرن جي ڏينھن ۾ معاوضو ٻه روپيه مليو. حمل ڀلا ڪٿي برداشت ڪرڻ وارو ھو، تنھن بروقت چيو ته : سرڪار نوازش ڪر ڏتي ھن ڏون روپئي، رلدي رلدي عمر ڳئي، ٻَن پئي اھي ڏون روپئي. حمل فقير ڳوٺ مير خان لغاري، رياست خيرپور ۾ 1225ھ ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو رحيم خان لغاري ھو. سندس تعليم ۽ تربيت جو بندوبست، نواب سعيد خان ڪيو. جيئن ته ھو فطري طرح ذھين ھو، ان ڪري تعليم جا مرحلا جلدي طئي ڪري عربي، فارسي، ھندي، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جو وڏو عالم بڻجي ويو. ھن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي، نواب سعيد خان کيس، پنھنجن ٻارن جو استاد مقرر ڪيو. ان ڪري ھو ڳوٺ مير خان تعلقي سڪرنڊ لڏي ويو ۽ اتي ئي مڪتب کوليائين. نواب مير خان جي پٽ، ميان بختيار خان سندس وڏو قدر ڪيو ۽ مدرسي کولڻ ۾ سندس مدد ڪئي. طريقت ۽ معرفت جي راھ ۾، حمل خواجه محمد حسن رح جو پانڌيئڙو ھو، جيڪو لواري شريف وارن بزرگن مان ھو. ھو به حمل جي سچائي ۽ صداقت علم ۽ فضل، تصوف ۽ طريقت جو قدر ڪندو ھو ۽ کيس ھمٿائيندو به ھو.
    سنڌ ۾ حمل فقير، ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ عوام ۾ مقبول رھيو آھي. سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي لفظن جي جڙاوت ۽ بناوت آھي. لفظ سندس گولا آھن، جيڪي ھن جي اڳيان، ائين ٿو نظر اچي ته ھٿ ادب جا ٻڌيو بيٺا آھن. بس ھو کڻندو، شعر جي لڙيءَ ۾ کين پوئيندو ٿو وڃي. لفظن جي بيھڪ ائين آھي، ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪ: خود سندس چوڻ آھي ته “ابا، اسان ٻين شاعرن وانگر ويھي، لفظ ڪين ڳڻيندا آھيون. جيڪڏھن ڪو قافيو خيال تي چڙھي ويو ته پوءِ قرآن شريف جي حافظ وانگر، باقي الفاظ، خود بخود زبان تي چڙھي ويندا.” (ڪليات حمل- مرتب ڊاڪٽر بلوچ- ص نمبر 21) سندس فن جي عظمت کي، پير صاحب حزب الله شاھ، تسليم ڪندي چيو ھو ته “فقير حمل جي مصرع تي، اسان جي طرفان 5 روپيا انعام ڏنو ويندو.”
    حمل مجازي شاعريءَ جو شھنشاھ آھي. مجازي محبت جي عام احساسات، جذبات ۽ تجربات جي اپٽار ڪرڻ ۾، ھن ڪابه ھٻڪ محسوس نه ڪئي آھي. سندس مجازي شعر، سندس واردات قلبي جو آئينو آھي. ھن جيڪي به محسوس ڪيو آھي، سي عشق ۽ محبت جون ڳالھيون، کلئي عام ظاھر ڪيون آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو ، حمل جو ڪلام اڄ به سنڌ جي نوجوان ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي. سندس ھيءُ بيت،مجازي ماحول جو حقيقي عڪس آھي:
    ستي لوڪ سڄڻ لنگھ آيا، نال ٻڪل دي ٻڪ ڪر،
    لؤڪون لڪ ڪر،
    ڇپندا، ڇپندا، ٻھندا آيا، ساھ سمورا سڪ ڪر،
    لؤڪون لڪ ڪر،
    “حمل” ڪون ڳل لا، ڳرھاٽيان پاوي ڄليا ول ڄڪ ڪر،
    لؤڪون لڪ ڪر.
    حمل ھڪ زندھ دل انسان ھو، جنھن جي طبيعت ۾ مزاح جو لاڙو وڌيڪ ھو ۽ سندس انھيءَ روش ۽ طبيعت جو رنگ، ھن جي ڪلام ۾ به موجود آھي. حمل سنڌي ادب جو اھو پھريون شاعر آھي، جنھن مڪمل طرح ماحول تي طنز ۽ ٽوڪ ڪئي آھي ۽ ھن موضوع تي گھڻو ڪلام چيو آھي. حمل جي تنقيدي پر، تعميري نگاھ، معاشري جي جھرندڙ ديوارن تائين پھچي وڃي ٿي. ھيٺئين بيت ۾، ھن گھريلو بگاڙي کي جنھن طنزيه ۽ ظريفانه انداز ۾ پيش ڪيو آھي: اھو ڏسو ۽ اندازِ بيان تي به نظر ڪريو!
    ھڪ ھڪڙيان دي، عادت ايھ جو، ٻيٺيان ٻوٿ سڄائي،
    بيان، چڪم ڏٽيان، گھمن گھٽيان، ڪڇ وچ پلئه پائي،
    اوڙي پاسري نال عداوت، ٻيٺيان جنگ جپائي،
    ڪم ڪار، وڃن بازو ڏھون، ول آون رات اونداھي،
    ھئي جو حمل آکي، انھان لوٺيان لڄ وڃائي.
    حمل جي شاعري ۾، ڳوٺاڻي ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪئي ويئي آھي ۽ ٻھراڙيءَ جي عوام ان کي ، پنھنجو ڪلام سمجھي، دلچسپيءَ سان پڙھي ٿو. ٻھراڙي جي غير ذميوار نوجوان جي ڏسو ته ڪيئن نه عڪاسي ڪري ٿو! انداز ِبيان تي نظر ڪريو!
    ڏنگي ٽور، تي ڏنگي پٽڪي، ھٿين پنج ڇھ ڇلي،
    ڪڍ ڪڍ ٻٽوين تين وٽ ڏيندي،ابتي پيچ اولي،
    آڪڙ شاڪڙ نال شھر وچ، ٽوٽ ٽرن ڪر ٽلي،
    سار ڏينھن گھٽيان وچ گھمندي، ول ول ڏيون ولي،
    لک روپئي دي لوڏ ڪرن تي، گھر وچ ٺڪر ٺلي،
    گھر وچ کلا بجا، ٻاھر شير بھادر بلي،
    حمل جنھن گھر حال اھو، سو آک ڪيوين گھر ھلي.
    بھرحال حمل جي شاعري، ھر دور جي شاعري آھي، جنھن ۾ معاشري جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني سان گڏ، ان تي طنز ۽ ٽوڪ به آھي، ته تعميري ۽ افادي پھلو به آھي ۽ انھن ٻنھي پھلوئن کي، عوام پنھنجو سمجھي ان ۾ دلچسپي وٺي ٿو.


    • بچو بادشاھ

    برصغير ۾، مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ جيڪي به تحريڪون ھليون آھن، تن ۾ حرن جي تحريڪ، اسان جي تاريخ جو رنگين باب آھي. ھيءَ تحريڪ اڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ ۾ نمودار ٿي ۽ ھڪ سؤ سالن تائين جاري رھي. ھن تحريڪ جا ٽي دور آھن ۽ انھن دورن ۾، جن سورھين سِر قربان ڪيا، تن مان بچو خاصخيلي به ھڪ آھي، جنھن جي مجاھدانه ڪارنامن ۽ غيرتمندانه اقدام ڪري، سنڌ جي عوام، کيس “بچو بادشاھ” سڏيو .
    بچو، ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ مٺڙائو جو رھندڙ ھو، سندس سڄو نالو الھ بچايو خاصخيلي ھو. سندس پيءُ وريام فقير، پير صاحب پاڳاري جو مريد ھو. بچي پنھنجو ٻالپڻ ان ماحول ۾ گذاريو جنھن ۾ انگريز حڪومت، پير صاحب مخالفانه پاليسي رکي، ۽ حرن کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندي رھي ۽ پنھنجا ڇاڙتا ڇڏي، انھن کان خبرون وٺي حرن کي ڪچليندي رھي. اھا حالت ڏسندي، بچو جواني کي پھتو. ھو قد جو پورو پنو ۽ رنگ جو ڳورو ھو. سندس ڏاڙھي گھاٽي، شھپر وڏا ۽ وار ٻٽوان ھئا. ھو بدن جو ٿورو شيشو باشو ۽ طاقت ۾ ٻين کان گھٽ ھو، پر بندوق ڇوڙڻ جو بلا ھو.
    بچو، انگريزن خلاف پنھنجي جنگ جي شروعات، 1896ع ۾ ڪئي ۽ مکي ڍنڍ کي مرڪز بڻايو. مکي ڍنڍ، سانگھڙ جي ڀر ۾ اڌ ڪوھ پنڌ تي آھي. ان جي ويڪر 16 ڪوھ، ڊيگھ 32 ڪوھ ۽ ڪل ايراضي 512 چورس ڪوھ آھي. ڍنڍ جي چوڌاري، ڪانھن، ليون، ڪانڊيرا ۽ بھڻ ٻارھوئي ٿئي. سانوڻ ۾ پاڻيءَ جي گھڻائيءَ ڪري، منجھس پٻڻ، لوڙھ ۽ بھ کوڙ ٿين. پاڻي لھڻ کان پوءِ ڪڻڪ، ڄانڀو، چڻا ۽ مُڱ ٿين ۽ جوئر به پوکجي. مڇي به ھت جام مري. پاڻيءَ جي وچ ۾ بي انداز ٻيٽاريون ۽ ٻيلاٽيون آھن، جن ۾ گھاٽا ٻيلا ھئا، ان ڪري بچي ھت اچي واسو ڪيو. بچي جي ٽولي ۾ ھونئن ته گھڻا ھئا پر ٻارنھن ڄڻا مشھور ھئا، جنھن کي عوامي ٻوليءَ ۾ ٻارھڻ ٻھروٽيا چئبو ھو. (تاريخ لب سنڌ- شارع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- ص 162) بچو، جنھن کي بادشاھ سڏيو ويو، پيرو وساڻ، جنھن کي وزير چيو ويو، تڳيو چانگ، گلو موچي، ڀلو ڳاھو، مصري ڳاھو، فتلو قاضي ۽ راڻو وساڻ. (تاريخ لب سنڌ- شارع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- ص 162) ھنن ٻارھن ڄڻن جي درٻار ۾ ٻيا به ڪافي مجاھد ھئا. ھنن آزاديءَ جي تحريڪ جاري رکي ۽ انگريز حڪومت کي پريشان ڪيو. انگريزن جا وڏا آفيسر ھن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا. انگريزي فوج کي طلب ڪيو ويو، ليڪن ڪجھ به نه ٿيو. حرن پنھنجون ڪاروايون جاري رکيون. آخرڪار انگريزي فوج، مکي ٻيلي جو گھيرو ڪيو، مگر پوءِ به، اھا اندر وڃڻ کان گھٻرائي رھي ھئي. ان دوران، برطانوي حڪومت، سيد علي گوھر شاھ کي، حيدرآباد جيل ۾ نظربند ڪيو. مٿس دٻاءُ وڌو ۽ مطالبو ڪيو ته، پاڻ سندن مريدن کي، ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري. آخر پير صاحب مريدن کي حڪم ڪيو ته “يا ته ھو ھٿيار ڦٽا ڪن، يا وڙھي سِر ڏين.” حرن سِر ڏيڻ کي ترجيح ڏني ۽ اھڙي طرح، ھنن پنھنجون سرگرميون وڌائي ڇڏيون. بس، ھر طرف باھ ٻري ويئي. جھرجھنگ ويڙھ شروع ٿي ويئي. بارود جي باھ ۾ سنگينن سان ۽ ڦاھيءَ جي ڦندن ۾ سنڌين کي لٽڪائي کين غلاميءَ طرف ڌڪڻ شروع ڪيو ويو. بچو بادشاھ ھن زماني ۾ انگريزن جي ھمدردن، انھن جي ڇاڙتن، خابرن، ٿاڻن ۽ سرڪاري دفترن تي حملا ڪيا. بچوءَ پھريون حملو انگريزن جي پٺو، مير علي مراد خان ٽالپور تي ان مھل ڪيو جڏھن ھو تقريب ۾ موجود ھو. ھن اتان 21 ھزار روپين جو سامان لٽيو، جنھن ۾ زيادھ تر ھٿيار ۽ زيور ھئا. ان کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ھڪ ٻئي حملي ۾، ھڪ لک روپين جو سامان لٽيو.
    ھيءَ حقيقت آھي ته، بچو يا ٻيا حر ڦريندا انھن کي ھئا جن کين ستايو ھو يا غريبن سان، غضب ڪري مفت جا مال ميڙي وڏا سيٺيا بڻجي ويا ھئا. غريبان مار وٽن ڪانه ھئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي، پاڻ ھڙؤن ڏيندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو باوجود، ان جي ته انگريز آفيسرن، ھن تحريڪ کي چند ڌاڙيلن جي لاقانونيت سان تعبير ڪيو، ليڪن عوام ھن کي برطانوي سامراج خلاف، ھڪ اھڙي گوريلا جنگ قرار ڏنو، جنھن جو مقصد صرف، انگريزن جي نظم و نسق کي ھيٺ مٿي ڪري، ھتي جي عام ماڻھن کي آزادي ڏيارڻ ھو. ھنن جي مرشد کين “آزاد سنڌ” جو پيغام ڏنو ھو ۽ سندن تحريڪ کي جھاد سڏيو ھو. مورخ لکن ٿا ته بچو بادشاھ انگريزن خلاف، زبردست قسم جي گوريلا جنگ ڇيڙي ۽ انگريز حڪومت جي سرڪاري ٿاڻن ۽ دفترن کي نشانو بڻايو. اوچتي حملي ڪري، پوليس ۾ ھراس پئجي ويو. سرڪار پنھنجي روايتي ڊپلوميسي، مڪر و فريب ۽ جاسوسي کان ڪم وٺي، حرن جي رھڻ جي ھنڌن تي پھتي ۽ پوليس ۽ فوج جي مدد سان حرن کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترن کي ماريو ويو، ڪيترن کي ڦاھي چاڙھيو ويو. حرن کي پنھنجي وطن واسين کان اھا شڪايت ھئي ته، اسان کي انگريزن سان وڙھڻ ڏيو ۽ اوھان وچ ۾ نه اچو ته جيئن اسان ديس واسي پاڻ ۾ نه وڙھون. جيڪڏھن اوھان اسان جي مدد نٿا ڪريو ته گھٽ ۾ گھٽ غير جانبدار رھي دشمنن جي مدد نه ڪريو. مگر حريص ۽ وطن جا ويري، انگريزن جا جاسوس بڻجي حرن سان ملي ويندا ھئا ۽ سندس راز وٺي، غير ملڪي آقائن کي پھچائي، انعامن ۽ جاگيرن وٺڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ھئا. حرن جون ھي گوريلا جنگيون ڏاڍيون خطرناڪ ھيون، جن اسان جي تاريخ جو رُخ موڙي ڇڏيو. (تذڪره پير پاڳاره- تبسم چوڌري ص نمبر 152) پنھنجي ديس دروھين، بچوءَ جي ٽولي کي شھيد ڪرائي ڇڏيو. بچوءَ کي به زندھ گرفتار ڪري، مٿس ڪيس ھلائي، ڦاھي چاڙھي ڇڏيو.
    بچو بادشاھ ۽ سندس ساٿي، انگريز حڪمرانن جا دشمن ھئا ۽ ھنن سندن حڪومت خلاف جيڪو جھاد شروع ڪيو، تنھن کي عوام عزت جي نگاھ سان ڏسڻ لڳو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “جڏھن ھنن مجاھدن، انگريزي حڪومت جي عملدارن سان مقابلا شروع ڪيا، ته عوام نفسياتي طور، ھنن سورھين جي سٿ کي ڌارين جي مقابلي ۾، ھڪ باغي حڪومت تسليم ڪري، سندن اڳواڻن کي بادشاھ ۽ وزير جا لقب ڏيئي ڇڏيا. انگريزي شھنشاھيت جي رعب تاب ۽ دٻاءَ واري دور ۾، بچو بادشاھ ۽ پيرو وزير جو تخيل رائج ڪرڻ، ڌارئين حڪومت خلاف، نفسياتي جنگ کان گھٽ ڪونه ھو.” (واقعاتي بيت- ص نمبر 5 مقدمو) اھوئي سبب آھي جو عوام بچوءَ کي، پنھنجو ھيرو تسليم ڪيو ۽ عوامي شاعرن حڪومت جي سخت مخالفت ھوندي به ور ور ڳايو. چئي:
    بچو وڏو بھادر ھو، جھڙا چئنچل ڪي چئجن،
    وٺايو تنھن وير کي، قضا جي ڪرمن،
    ھڪ مرشد مٿي مامرو، ٻي روڪ مٿي راڄن،
    پوءِ انھن اولانڀن، نڪري اچي نروار ٿيو.
    ٻي جاءِ تي ھڪ عوامي شاعر چيو:
    ڏيھ ڏڪائي ڏيا سان، ڪيائون زير زبر،
    اک نه ھين انگريزن تي، ٻيو ڪنھن نه مٿي ڪلٽر،
    ماري سؤ سپاھين جا، ٿي لوڙھيائون لشڪر،
    ڏسي ھيبت حرن کي، ٿي گھڻن ڇڏيا گھر،
    پوءِ اٿي ويا افسر، ان جي ٿاڻن پئي ٿُڪون جھليون.
    ھنن بيتن مان، سنڌ جي عوام جي بچو ۽ حرن سان عقيدت ۽ محبت نمايان آھي. سمجھڻ جي ھيءَ ڳالھ آھي ته حر اسان جي تاريخ جو متضاد باب آھن. ڪن کين ڌاڙيل، ڦورو ۽ دھشتگرد سڏيو، ته ڪن کين محب وطن، مجاھد، سورما ۽ آزاديءَ جا ڪوڏيا سڏيو. صرف سمجھ جو ڦير ۽ ۽ پنھنجي پنھنجي راءِ جو سوال آھي. حقيقت ھيءَ آھي ته، “ حرن لاءِ انگريزن جو وجود، ھن سرزمين تي ڪوڙھ جي حيثيت رکندڙ ھو ۽ ھو، ان کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا ھئا، ڇوته سندن مرشد انگريزن جي شڪل به ڏسڻ برداشت نه ڪندو ھو.” ڪرنل فلپ جي چوڻ موجب پير صبغت الله ٻئي “حر تحريڪ کي آزاد سنڌ وطنيت تي ٻڌل تحريڪ قرار ڏنو” ۽ حرن، ان کي، پنھنجي مرشد سان بي پناھ محبت جو ثبوت ۽ حب الوطني جي جذبي جي پاس خاطري ڪندي، سر تريءَ تي رکي، ميدان ۾ لھي آيا ۽ ان ڪري ئي عوام کيس پنھنجي دل جي ڌڙڪن بڻائي ڇڏيو. برنارڊ شا چيو آھي ته “ اڄ جيڪو وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھي رھيو آھي. سو سڀاڻي جو سورمو آھي.” حرن به اھو ڪردار پيش ڪيو. ھڪ مورخ جي لفظن ۾ ته “ اوھان غور ڪري ڏسو ته، ايڏي وڏي سلطنت سان، لاڳيتو ھڪ صديءَ تائين، مھاڏو اٽڪائڻ ڪيتري قدر بھادري، استقامت ۽ جرئت جو جو ڪم آھي. افسوس جو تاريخ ۾، انھن جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. اسان اھڙن مجاھدن جي قرباني کي، سلام ڪريون ٿا، جن آزاديءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪيون ۽ پٺيان ايندڙن لاءِ نقش ڇڏيا، جن تي ھلي 1947ع ۾ قوم حقيقي آزاديءَ سان ھڪمنار ٿي. اسان انھن بزرگن جي، روحن کي به سلام ڪريون ٿا جن ھي ٻج پوکيو، ان جي آبياري ڪئي ۽ اسان کي، آزادي ۽ حريت جي داستانن جو قيمتي سرمايو عطا ڪيو.” (تذڪره پير پاڳاره- ص نمبر 158)


    • ڀڳت ڪنور رام

    ڀڳت، ھڪ نج سنڌي موسيقيءَ جو فن آھي، جنھن جھڙو مزيدار راڳ ۽ ناچ جو ڍنگ، روءِ زمين تي نه ملندو. ڀڳت جي تاڃي پيٽي ۾، ڏوھيڙن، بيتن، ڪافين ۽ قصن ذريعي جيڪا اڻاوت ڪئي وڃي ٿي، اھو سنڌي فن جو اعليٰ ۽ بي مثال نمونو آھي. سنڌ جي بي مثال تھذيب ۽ موسيقيءَ جو اھو نرالو ڍنگ، پراڻي زماني کان، سنڌ واسين جي دلين کي، باغ بھار ڪندو رھي ٿو. ڀڳت صرف راڳڻي نه آھي، پر ان ۾ اخلاقي اقدار به آھن. جيئن ته، باھمي ايڪتا ۽ اخوت، انسان ذات جي خدمت، خدا جي وحدانيت، پيرن فقيرن جي مڃتا، امن پسندي، صلح جوئي، پاڻ ۾ قرب ونڊڻ، بغض ۽ ٻيائي ڪڍڻ، تعصب ختم ڪرڻ، ميل ميلاپ سان ھلڻ، ھندن ۽ مسلمانن مان ويڇا ڪڍڻ، دغا ۽ دوئيءَ کي ناس ڪرڻ ۽ اھڙي طرح معاشري مان انھن براين کي دور ڪري پيار ۽ سڪون وارو ماحول پيدا ڪرڻ.
    ڪنور ڀڳت، انھن سمورن ڀڳتن ۾ سرفھرست اچي ٿو، جنھن پنھنجي زندگي، سنگيت جي سرتين ۾ سرھي ڪئي ۽ سُرن جي سھاري، شاعري، آدرشن جي جوت، جڳ جڳ جلائيندي ھليو. ھن ڀڳت جي زندگي، عام ماڻھن ۾ سٻنڌ پئدا ڪرڻ ۽ منجھن پريم جي پونجي ورھائڻ ۾ گذري. ھو پنھنجي ڪلام ۽ رسيلي آواز ذريعي ٻڌندڙن کي لوليون ڏيندو ھو. ھن وٽ آواز ھو، سوز ھو ۽ گداز ھو. سندس فن ۾ جتي آتما لاءِ آرام جو درش ھو، اتي سندن فن ۾ سوچ جي گھرائي پڻ ھئي. ھو سراپا سوچ ۽ فن جو عملي نمونو ھو. ھو جيئن سوچيندو ھو، تيئن ڪري ڏيکاريندو ھو. (شيخ عزيز- سه ماھي مھراڻ- 13 – 1970ع ص نمبر 136)
    ڀڳت ڪنوررام، سنڌ جو اھو عوامي، پسنديده موسيقار ھو، جنھن جي ڀڳت ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي واھڻن ۽ وستين مان ماڻھو اچي ڪٺا ٿيندا ھئا ۽ سندس مڌر آواز ۾ پاڻ کي محو ۽ مستان ڪري، دنيا جي مصائب ۽ ڏکن کي وساري، روحاني سڪون حاصل ڪندا ھئا.ڀائي ڪنور کي، مٺي سُر ۽ آلاپ جي لاھين چاڙھين جي قدرتي ڏات مليل ھئي، جيڪا ٻڌندڙن کي بُت بڻائي ڇڏيندي ھئي. ھو رات جو، پوئين پھر ۾، جڏھن ڇير پائي اچي، ماڻھن جي وچ ۾ بيھندو ھو ته تاڙين جو ڦھڪو پئجي ويندو ھو. ھو سراسر مجسمئه نياز ۽ نوڙت ھو. ھٿ جوڙي، پلئه پائي، ڌڻيءَ در وينتي ڪندو ھو ته “ او منھنجا مالڪ- ھندو مسلم جو خير ڪج- غريبن جا يار، اڙين جو اَجھو ٿي- ھيڻن جو ھمراھ ٿي- مومن ڀائرو ڪلمو پڙھو، ھندو ڀائرو پريم سان چئو ھريرام- پوءِ ساٿين کي سڏ ڪري ڪن تي ھٿ رکي آلاپ ڪندو ھو ته:
    جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
    ھو راڳ ڪرڻ وقت، نچندو ھو ته ڄڻ وڏ ڦڙو مينھن پيو وسي. ڳائيندي موج ۾ اچي ويندو ھو، پوءِ ان وقت نه رڳو پاڻ کي محبت جي مھراڻ ۾ وڃائي ويھندو ھو، پر ٻڌندڙ کي به، آنند جي بي انت ساگر ۾ سمائي ڇڏيندو ھو. سندس آواز ۾ اھڙو درد، سوز ۽ تڙپ ھوندي ھئي جو ڪيترو به ڪٺور دل انسان ڇونه ھجي، پر ھو اکين مان ڳوڙھا ڳاڙڻ کان سواءِ رھي نه سگھندو ھو. ھن تي مايا جو موھ ڪونه ھو. مالڪ جي نانءَ تي پاند جھليندو ھو ته ھزارين روپيا ڪٺا ٿي ويندا ھئس، جيڪي اتي جو اتي مسڪين رن زالن، فقيرن ۽ محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ڪوبه سوالي ھن وٽان خالي نه ويو. ھڪ دفعي سموري ڀيٽا محتاجن ۾ ورھائي خلاص ڪيائين ته ھڪ سواليءَ ڪپڙن لاءِ سوال ڪيو. ھن پنھنجا کيس ڪپڙا لاھي ڏنا ۽ پاڻ ھڪ انگوڇي ۾ رھيو. تڏھن اتي ويٺل ڪنھن چيس ته “ ڀڳت ھيءُ ڪم ته گھاٽي جو ڪيئه.” وراڻيائين ته “سڄڻ اڃان ته واڌي ۾ آھيان. جڳ ۾ اگھاڙو آيو ھوس، ھينئر ته ھيءُ انگوڇو آھي.” (سريش ڪمار- روزانه عبرت- 25 سيپٽمبر 1989ع)
    ڀڳت ڪنوررام جو آواز، ننڍي لاڪر سريلو ھو، ان ڪري سندس پتا کين حيات پتافي جي ٽڪاڻي ۾ گائن وديا لاءِ موڪليو. اتان ٿي ھو ٻيھر رھڙڪي آيو جتي سوامي سترامداس کين چڱو رڱي ڇڏيو. سندن مڌر آواز سبب، ھو پنھنجي ستگرو سان سنگت وجھندا ھئا. سندن سچو صدق ڏسي، ستگورن به سِڪ وچان کين اھڙي جوتي ڏني جو، سندن جيئري ئي ڀڳت صاحبن جو تيج پيج جي چندرمان وڌندو رھيو. (ڀڳت ڪنوررام جو جيون چرتر- ڀورومل چنديرام) اھڙي طرح، ھو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائيندو رھيو. ڀڳت ڪنوررام جو گذر معاش دوڪانداري ھئي. ھو راڳ کي آمدنيءَ جو ذريعو يا پئسي ڪمائڻ جو وسيلو نه سمجھندو ھو. ھو راڳ کي رياضت ۽ عبادت سمجھندو ھو ۽ ان سان، خدا جي مخلوق کي خوش ڪري آسيس کٽيندو ھو. سندس پسند جي راڳڻين ۾ جوڳ، ڪوھياري، راڻو، آسا ۽ پرڀاتي ھيون. سندس راڳ ۾، گھڻو حصو صوفي بزرگن جي ڪلام جو ھوندو ھو، ۽ ھو ان راڳ وسيلي، صوفيانه ڪلچر، جي پيغام پھچائڻ لاءِ پرچارڪ ٿي ڳائيندو ھو. ان ڪلچر ۾ پاڻ وڃائڻ، پاڻ سڃاڻڻ، محبت ۽ اخلاص جا سبق سمايل ھوندا ھئا. ھن آلاپ کي سچي سائين جي، سوکڙي ڄاڻي، کيس ڀڳوان جي ڀڳتيءَ لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو. ھن جي مجلس ھڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي ھئي ۽ شھري يا ڳوٺاڻا، ھر قسم جا ماڻھو، شريڪ ٿيندا ھئا ۽ سندس راڳ ٻڌڻ عبادت سمجھندا ھئا.
    ڀڳت ڪنوررام جي آواز سان گڏ، سندس سخا جا به ڪيئي قصا مشھور آھن، جن مان ھڪ اڳ ئي لکي آيو آھيان. ھت ٻي ڪھاڻي ٻڌائي، سنڌ جي ھن امر ۽ مھان عوامي فنڪار جو ذڪر بند ڪريان ٿو.
    چون ٿا ته ھڪ دفعي، سندس شاديءَ جي تِٿ ٻڌي ويئي ته ھڪ شائق کيس، سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرٿ ڀريل، ھڪ بوسڪيءَ جو ٿان کيس نذراني طور ڏيئي ويو. ڀائي ڪنور، ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گھر رکي ڇڏي. ساڳي ڏينھن شام ٽاڻي، ھڪ مسڪين مائي، اچي سندس در جو ڪڙو کڙڪايو، چي “ابا! سڀاڻي عيد آھي، مون کي ٽنڊ ٻچن جي آھي، جن لاءِ نه اٿم لٽو ۽ نه ڪپڙو، آءٌ بيواھي رن، ڪٿي در در وڃي ھٿ ٽنگيان.” ڀائي ڪنور، اندر وڃي ڳنڍ کڻي، اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چي “امڙ، وٺ پنھنجي امانت، صبح کان وٺي، سانڍي اٿم، شڪر ٿيو جو مال اصلي مالڪن کي ته مليو.” (ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا- علي احمد بروھي- صفحو نمبر 126)
    سندس سخا ۽ راڳ ئي، ڀڳت کي سنڌ جي عوام جو ھيرو بڻايو. اڄ جيتوڻيڪ ھو اسان وٽ ناھي، پر سندس مڌر آواز “آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ” سنڌين جي ڪَنن ۾ ڀڻي رھيو آھي.
    سنڌ جو ھيءُ عوامي ڪردار 2 نومبر 1939ع ۾ خالق سان وڃي مليو.


    • مولانا تاج محمد امروٽي رح

    حضرت مولانا تاج محمد امروٽي رح، وڏي سياسي بصيرت، مجتھدانه فڪر ۽ قومي شعور رکندڙ بزرگ ۽ عالمِ دين ھو. سنڌ جي مسلمانن ۾، جيڪا سياسي سجاڳي ۽ قومي بيداريءَ جي لھر پئدا ٿي، تنھنجو مرڪزي ڪردار ۽ نقطئه آغاز مولانا ئي ھو. پاڻ اھڙي دور سان واسطو رکندڙ ھئا، جيڪو فرنگي سامراج جي انتھائي عروج جو زمانو ھو. ان ڪري سنڌ جي ساري ماحول تي ھيبت ۽ وحشت ڇانيل ھئي. ھو عالم دين کان وٺي، معاشري جي نھايت غريب فرد تائين، ھر ڪو انگريزن جي ظلم ۽ جبر جو ستايل ھو. ان وقت انگريزي حڪومت جي اھا پاليسي ھوندي ھئي، جو اھا خوددار ۽ صاحب ھمت زميندارن ۽ خاندانن کي ھيسائي پنھنجن ڇاڙتن ۽ جي حضوري زميندارن کي زمينن ۽ لقبن ڏيڻ سان، مدد ۽ ھمت افزائي ڪندي ھئي. اھڙي طرح ھڪ خاص منظم طريقي سان، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جي درٻارين ذريعي لقب بردارين ۽ ڪرسي نشينن جو ھڪ “غلام ذھنيت وارو طبقو” پئدا ڪيو، جن ۾ قومي غيرت، خودداري ۽ حب الوطنيءَ وارو جذبو ختم ٿي ويو. ڪامورن جي خوشامد، دلالي ۽ جيءَ حضوري سندن پيشو بڻجي ويو. عملدارن کي شڪار ڪرائڻ، دعوتون ڏيڻ، چغليون ھڻڻ ۽ پوليس جي ڪيسن ۾ شاھديون ڏيڻ، سندن خاص مشغلا ھوندا ھئا. جيڪڏھن ڪنھن کي درٻار جي لونگي، تلوار جو انعام، آفرين نامو، لقب يا آنرري مئجسٽريٽي حاصل ٿي ته سمجھندا ھئا ته، کين آخرت جو توشو نصيب ٿيو. (سنڌ جي سياسي جدوجھد- ڊاڪٽر لائق زرداري ص نمبر 138) اھڙي اُٻس ۽ گھُٽ جي زماني ۾ حضرت مولانا امروٽي رح ڏکڻ جي ھير ٿي گھليو. ھو ان زماني ۾ سنڌ ۾ سياسي سجاڳيءَ جو سرواڻ بڻيو. ھن سنڌ اندر آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ از سر نو جدوجھد شروع ڪئي ۽ ان سلسلي ۾، معاشري جي سڀ کان ھڪ اھم ۽ خاص طبقي، عالمن کي سجاڳ ۽ منظم ڪرڻ شروع ڪيو. ھنن کي آماده ڪيائين ته: ھو سياست ۽ ملڪ سان به دلچسپي وٺن، نئين دنيا سان روشناس ٿين ۽ گوشه نشيني جي زندگي، ترڪ ڪري، مراقبن ۽ چِلن مان نڪري، حُجرا ۽ مڙھيون ڇڏي، آزاديءَ جي جدوجھد ۾، حصو وٺي ملڪ ۽ ملت لاءِ پاڻ پتوڙين. ھو عالمن ۾، سياسي شعور، قومي سجاڳي، ديني تڙپ ۽ انگريز دشمنيءَ جو جذبو جاڳائيندا ھئا. کين چوندا ھئا ته “اوھان علم ان لاءِ پرايو آھي ته، اوھين زالن وٽ ويٺا ھجو ۽ دنيا جي زيب ۽ زينت سان محبت رکو، ماڙيون ٺھرايو.” اوھان علم ان لاءِ پڙھيو آھي ته الله ڪارڻ عوام جي خدمت ڪريو، جيئن الله جي پيغمبرن، بنا اجوري جي دين جي تبليغ ڪئي. اوھان بزدل آھيو ۽ ڪابه ھمت ڪونه ٿا ڏيکاريو. ان زماني ۾، اھڙا ڪيترائي عالم ۽ بزرگ ھئا، جيڪي انگريزن کي ظل الله في الارض، يا اوليٰ لامر ۽ واجب الاتباع سمجھندا ھئا. آزاديءَ جي جدوجھد کي، دين کان ٻاھر، سياست کي ڪفر ۽ ملڪي خدمت کي عبادت ۾ رخنو سمجھندا ھئا. ان عمل کي، دنيا جو کٽراڳ سمجھي، گوشئه نشيني اختيار ڪري، ويھي ذڪر اذڪار ڪندا ھئا. پر حضرت امروٽي رح، اھڙن عالمن ۽ مولوين کي ننديندا رھندا ھئا. ھڪ دفعي، حضرت مولانا غلام محمد دين پوري رح، ھڪ سال انگريزن جي جيل ۾ رھڻ کان پوءِ آزاد ٿي جڏھن امروٽ شريف ۾ ساڻن ملڻ لاءِ آيا ته پاڻ کين چيائون ته “توکي شرم نه آيو جو تو سڄو سال انگريزن جي جيل ۾ رھين.” جواب ۾ حضرت دين پوري چيو ته “الله جو ذڪر ھِتي به ڪرڻو ته ھُتي به ڪرڻو.” ان تي پاڻ کين چيائون ته “انھيءَ الله الله ڪرڻ کان ٻڏي مرين ھا.” (بحوالہ- الصادق- مولانا امروٽي نمبر- مولوي عزيز الله ٻوھئي جو مضمون) ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، وٽن غلامي ۾ ڪابه عبادت قبوليت جو درجو حاصل نه ٿي ڪري سگھي. يعني غلام جي عبادت نه ٿيندي آھي.” جو نظريو ھو.
    عالمن ۽ مولوين کان پوءِ، مولانا امروٽي رح، سنڌ جي عوام کي سياسي شعور عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ پھرئين، ھن سنڌ جي عوام مان انگريزن جو سَکڻو رعب ۽ دٻدٻو دور ڪرڻ جي جدوجھد ڪئي. ان لاءِ ھن عام ماڻھن اڳيان، عوامي مجلسن ۽ کليل اجتماعن ۾ واعظن، خطبن ۽ تقريرن رستي انگريزن کي سخت ڳالھائڻ شروع ڪيو. پاڻ چوندا ھئا ته “ مشرق ۽ مغرب ۾، اسلام ۽ مسلمانن جو بيحد خطرناڪ ۽ چالباز دشمن انگريز ۽ انگريزي اقتدار آھي. سڀ نصراني حڪومتون، اگرچ اسلام ۽ مسلمانن جون پڪيون دشمن آھن، پر انھن سڀني ۾، سڀ کان وڌيڪ نقصان پھچائيندڙ ۽ ڪٽيل دشمن انگريز آھي.” (مولانا عبدالڪريم چشتي- يادگيريون- ماھوار پيغام مارچ 1980ع) پاڻ، انگريزن لاءِ تمام سخت الفاظ استعمال ڪري دشمن لاءِ، عوام ۾ جرئت، ھمت ۽ قوت پئدا ڪندا ھئا. چوندا ھئا ته “مان انگريزن جي رت جو پياسو آھيان. جيڪڏھن جيئرو رھيس ته، انگريزن جون رنون، ٽڪي ٽڪي ۾ نيلام ڪندس. انگلنڊ جي قيمت، اسان جي مسجد جي موريز جي ھڪ ڀتر برابر به نه آھي.” پاڻ انگريزن لاءِ چوندا ھئا ته “اھي برطانيه جا ڀولا، اسان جا حاڪم ٿيندا. اھي سؤ سؤ نطفن مان ڄاول آھن. انھن کي پنھنجي مٿان حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسين. اسان سچا مسلمان آھيون ۽ سچن مسلمانن جي اولاد آھيون. ڪتن کان ڊڄون ڇو! جيڪڏھن ڏھ انگريز به منھنجي مقابلي ۾ اچن ۽ ھنن جو ھڪ چماٽ سان ساھ نه ڪڍان ته مان ڀورل شاھن جو پٽ ئي نه آھيان.” ڪنھن کانئن پڇيو ته اھڙا لفظ الله وارن ۽ فقيرن کي نٿا سونھن. پاڻ ان کي نرميءَ سان سمجھايائون ته “اسان جا ماڻھو، انگريزن کان ڊنل ۽ خوفزده آھن. آءٌ انھيءَ نموني سان ماڻھن جي ذھنن مان، انگريزن جي ھيبت ۽ حشمت ختم ڪرڻ گھران ٿو.” ھڪ دفعي ھڪ شخص کين چيو ته “ سائين اوھان ته، انگريزن کان، اِئين ئي ڏاڍا آُھيو ۽ ھو اوھان جو، ڪجھ به بگاڙي نٿا سگھن، ته پوءِ اوھان انگريزن جي خلاف، ھيءَ جاکوڙ ۽ مارا ماري ڇو ٿا ڪريو؟” پاڻ جواب ۾ چيائون ته “ ڪنھن جاءِ تي، جڏھن نانگ ايندو آھي ته، ان کي ڏسي جھرڪيون ۽ ڪٻريون وڏي تعدا ۾ گڏجي، شور ڪنديون آھن، جنھن جو مقصد ھيءُ ھوندو آھي ته، ڪوئي اچي ھن موذي شيءِ کي ماري. ھونئن ته جھرڪيون ۽ ڪٻريون پنھنجي سر اڏامڻ ڪري، نانگ جي پھچ کان پري ۽ مٿي ھونديون آھن، پر اھي انھيءَ ھوندي به شور مچائينديون آھن ته، ڪو بي خبر يا ڪمزور، ھن آفت کان محفوظ رھي. مان ڀي انگريزن جي خلاف، انھيءَ ڪري شور مچائي رھيو آھيان ته اسان جو ايندڙ نسل ۽ ڪمزور ماڻھو، ھنن جي ڏاڍ ۽ سامراجيت کان محفوظ رھن ۽ بس.”
    انگريزن خلاف، ذھني پختگي ۽ غيرت پئدا ڪرڻ کان پوءِ پاڻ تعليمي شعور پئدا ڪرڻ لاءِ، سنڌي عوام لاءِ، امروٽ شريف ۾ ھڪ ديني درسگاھ جو بنياد رکيو، جنھن ۾ تعليم جي معيار کي وقت جي تقاضائن مطابق مروج ڪيو ويو. ھن درسگاھ جو پرنسيپال، مولانا عبيد الله سنڌي رح ھو. سنڌي طالب علمن کي پھريون دفعو، ھتان عالم اسلاميه جي اعليٰ تعليم کان بھره ور ٿيڻ جو موقعو مليو. ھن درسگاھ ۾ ئي شاگرد جي پختگيءَ تي زور ڏنو ويو، ان ڪري، انھن ۾ سياسي قوت ۽ ذھني بيداري پئدا ٿي ۽ ھو دين کي وري جيئارڻ ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو وٺڻ لڳا.
    ٽيون ته، سنڌي عوام مان سماجي ۽ معاشي ريتن رسمن کي ڪڍڻ لاءِ مولانا، توحيد تي زور ڏنو، ڇوته توحيد جو نظريو ئي انسان ۾ احساس خود شناسي پئدا ڪري کيس بلند ۽ بالا ڪندو آھي. بدعت ۽ پير پرستي ئي، انسان کي نيست ۽ نابود ڪندي آھي. ان ڪري پاڻ سنڌين مان اجايون سماجي ريتون رسمون ڪڍي، کين ديني شعور ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو لاڙو پئدا ڪيو. چوندا ھئا ته، “ اٻوجھ سنڌي مسلمانن کي، گھران ماني کارائي کين موحد بڻائجي.” ان ڪري ئي، پاڻ ڳوٺ ڳوٺ وڃي، انھن وقت جي خدائن ۽ دنيا جي مخلوق کي گمراھ ڪندڙ مجاورن ۽ ملن سان وڙھي، اھي برائيءَ جا اڏا ختم ڪندا ھئا.
    چوٿون، ته، پاڻ قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري ترجمو ڪري، سڌ جي مسلمانن کي صحيح اسلامي تعليم جي ڄاڻ ڏني ۽ کين قرآن جي ديني ۽ انقلابي فڪر کان آگاھ ڪيو. ان کان پوءِ، پاڻ انگريز سامراج خلاف باقاعدي جھاد جو اعلان ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ ھڪ وڏي جماعت به تيار ڪئي، جيڪا سِر ڏيڻ لاءِ حڪم جي انتظار ۾ رھندي ھئي. ان لاءِ پاڻ گھوڙا به ڌاريا ھئائون.
    مولانا، پنھنجي جوش ۽ جذبي سان، حب الوطني ۽ ساڻيھ جي سِڪ جي سنيھي ٻڌائڻ سان، سنڌ جي قديم شاندار، ماضيءَ جي ورثي کي، مخدوم بلاول واري ڪردار کي زندھ ڪري، دشمنن خلاف، مٽيءَ جي ماڻھن کي، رُڪ ۽ فولاد جو مجسمو بڻائي ڇڏيو ۽ اھي سنڌي جيڪي ھيڻا، ھر ڪنھن وھيڻا بڻجي ويا ھئا، اھي سر سان ڪفن ٻڌي، مولانا جي حڪم تي جھاد لاءِ تيار ٿي ويندا ھئا.
    حضرت امروٽي رح، ھر سياسي تحريڪ ۾ حصو ورتو. ھندوستان جي مرڪزي ليڊرن، جھڙوڪ شيخ الھند، مولانا آزاد، حسين احمد مدني، اشرف علي ٿانوي ۽ ٻين سياسي ليڊرن سان، خاص لاڳاپا ھئس. پاڻ ريشمي رومال تحريڪ ۾، خاص حصو ورتائون. خلافت تحريڪ ۽ حجرت تحريڪ جو روح روان ھو. “عدم تعاون” جي رِٿ به، ھن پيش ڪئي ھئي. ھندوستان کي دارالحرب قرار ڏيئي، سنڌ مان افغانستان ھجرت ڪرڻ لاءِ به تيار ٿيو ۽ ويو. ان کان سواءِ شڌي ۽ سنگھٽي تحريڪن جي خلاف به تحرير ۽ تقرير کان ڪم ورتائين. مطلب ته، مولانا امروٽي، اھو قوم پرست ۽ بيباڪ عالم ھو، جنھن پنھنجي زندگيءَ جو ھر لمحو سنڌ جي غريب ۽ اٻوجھ عوام ۾ ديني غيرت، علمي شعور، قومي تڙپ ۽ سياسي سجاڳي پئدا ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ۽ آزاديءَ جي راھ ۾ ھڪ دلير ۽ بي خوف سپاھيءَ وانگر وڙھيو- ۽ اھوئي سبب آھي جو، اڄ خاص ڪري، “مذھبي برادري” ۾ مولانا جو وڏو مقام آھي.
    مولانا امروٽي رح 6 نومبر 1929ع ۾ وفات ڪئي.


    • حاجي احمد ملاح

    عوامي شاعر ۽ عوامي شاعريءَ ۾ ٻه لفظ، اسان وٽ عام طور تي ڳالھايا ويندا آھن، پر ھن جي مطلب ۽ مفھوم کي گھٽ سمجھيو ويو آھي. عوامي شاعر اھو آھي، جيڪو عوام جي مزاج مطابق، شاعري ڪري ۽ اھو شعر يا ڪلام، جيڪو سنڌ جي جھرجھنگ، واھڻ ۽ وستي، ڳوٺ ۽ ڳلي، ٻنين ۽ ملين ۾ جاري ۽ ساري ھجي. اھو شعر، جنھن جي عبارت ٺلھي ۽ بناوٽي ترڪيبن کان آزاد ھجي. عوامي شاعر جو خطاب “عوام الناس” ھوندو آھي، عوامي شاعر جو مول متو ۽ سٽاءُ، نھايت سادي ۽ فطري ھوندي آھي. ھو الفاظ بازي يا محاورن جي، ھٿرادو جوڙجڪ کان پري ھوندو آھي. عوامي شاعر سنڌي ماحول جي پيداوار آھي، ان ڪري ھو عام فھم زبان ۽ انھن جي مخصوص محاورن ۾ شاعري ڪندو آھي. (ٻيلاين جا ٻول- ڊاڪٽر بلوچ- ص نمبر 12) سنڌ جي اھڙن شاعرن مان حاجي احمد ملاح به ھڪ عوامي شاعر آھي. محترم الياس عشقي صاحب، حاجي احمد ملاح جي عوامي ڪردار بابت لکي ٿو ته “مولوي احمد ملاح، ھڪ عوامي شاعر ھو. سندس ڪلام ۾ عوام جي جذبي ۽ احساس جو اظھار، عوامي لفظن ۾ اھڙي سولي ۽ سھڻي انداز ۾ ڪيل آھي، جنھن کي ھر شخص، پنھنجي دل جو آواز سمجھي ٿو. ورلي ڪو شاعر ھوندو جنھن کي اھڙو درجو حاصل ٿيو ھجي. احمد ملاح جون مداحون، مولود، مناقبا، ڪافيون ۽ بيت، سنڌيءَ جي بھترين ڪلاسيڪي روايت سان وابسته آھن. ان ڪري کيس اسان جي زماني جو بھترين شاعر سڏجي ٿو. (ماھوار نئين زندگي- ماھ آڪٽوبر 1969ع کلي کنڀ کڻي ويا- ص نمبر 15) مولوي احمد ملاح جو سمورو ڪلام مِٺو ۽ رس ڀريو آھي. لفظ سادا، معنيٰ وارا، قافيه وڻندڙ ۽ سيبائيندڙ، خيال نيڪ ۽ اوچا ۽ طرز ادا بي مثال آھي. تجنيس حرفي ۽ تشبيھات جو شھنشاھ آھي. کيس عوامي شاعر وانگر، عوامي جذبا ۽ ڪيفيتون ھوبھو چٽڻ جو ڪمال حاصل آھي. مولوي صاحب سنڌي غزل کي فارسيءَ جي روايتي بندشن مان ڪڍي، کيس خالص سنڌي ماحول ۾ پيش ڪيو، جنھن ڪري غزل سنڌي عوام ۾ مقامي رنگ ملڻ ڪري، مقبول عام ٿي پيو. ھن غزل جي تقاضائن کي، عروج تي رسايو. احمد جي ڪلام ۾، غزل کان سواءِ نظم، تخمينون واقعاتي بيت وڏي تعدا ۾ موجود آھن. شاعري جي انھن خاصيتن کي ڏسندي، الياس عشقي کيس سنڌي شاعرن ۾ “پنھنجو مَٽ پاڻ” سڏي ٿو. ھو سنڌي ٻولي جو جياريندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن شاعر آھي. مولوي ملاح کي، شاعريءَ ۾ عوام جي جذبات، احساسات ۽ ڪيفيات بيان ڪرڻ جو ڏانءُ آھي. طريقو آھي: ڏسو، عوام جي زبان ۾ مينھن لاءِ ڇا ٿو چوي:
    ملڪ جا مالڪ مٺا، مختيار مولا، مينھن وساءِ،
    ڏينھن ڏکيا ڪر ڏور، ڏيھ ڏاتار مولا، مينھن وساءِ،
    ڪر ڪمينن تي ڪرم، توڙي ھجن ڪيڏا قصور،
    بخش بديون ڀيڄ بخشڻھار، ولا مينھن وساءِ،
    سنڌ سائي ڪر سبب، نالي سونھاري تو سندي،
    ڪر ولاسو ۽ ونگو وسڪار، مولا مينھن وساءِ.
    مولوي احمد ملاح جو وڏو ڪارنامو، سنڌي ٻولي ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو “ نورالقرآن “ آھي، جيڪو ٽيھن سالن جي لاڳيتي ڪوشش جو نتيجو آھي. مولوي صاحب قرآن شريف جو لفظي ترجمو ڪيو آھي ۽ ان ۾ ڪابه گھٽ وڌائي نه ڪئي آھي. نقاد لکن ٿا ته “مولوي صاحب، سنڌي ٻوليءَ ۾، اھڙو ڪامياب ۽ معياري منظوم ترجمو يادگار ڇڏي ويو آھي، جيڪو سنڌي عوام ۾، نه رڳو مقبول رھندو پر ڪجھ ڏينھن کان پوءِ عوام جي زبانن تي ھوندو.” ھن ترجمي جي وڏي خوبي، ان جي سادي ۽ سليس ٻولي آھي. ڏسو:
    اول نام الله جو، جو ڏيھن جو ڏاتار،
    ڏيئي نه پچاري يار، مڙنيان مھربان گھڻو.
    مولوي احمد ملاح، ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھو. ھو نه صرف ھڪ شاعر ھو، پر عالم باعمل، توحيد پرست، جانثار، ھو قومي رھنما ۽ اعليٰ پائي جو اديب به ھو. بدين ضلعي جو ھيءُ غريب ۽ مسڪين ٻار، جيڪو 11 فيبروري 1866ع ۾ ناگئي ملاح جي گھر ۾ ڄائو، تنھن وڏي تڪليف سان عربي، فارسي ۽ سنڌي تعليم حاصل ڪئي ۽ جڏھن فارغ التحصيل ٿيو، تڏھن پاڻ جھڙن مسڪين ۽ اٻوجھ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ درسگاھ کولي مفت تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. مولانا صاحب جي وڏي خدمت ھي آھي ته ھن سنڌ جي غريب، اڻ پڙھيل ۽ ساده لوح عوام ۾ نئين سوچ پئدا ڪئي ته جيئن، اھي ٺڳ ۽ موقع پرست ماڻھن جي ڄار ۾ ڦاسي، پاڻ کي سڃو نه ڪن. ان ڪري ھن ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ماڻھن کي وھم پرستي ۽ پير پرستيءَ جي خلاف سمجھايو ۽ منجھن علمي شعور ۽ ديني غيرت پئدا ڪئي. ان ڪري سنڌي عوام کيس، پنھنجو پير و مرشد تسليم ڪندو آھي.
    مولوي احمد ملاح جو زمانو، سنڌ ۾ انگريز سامراج جي غلاميءَ وارو دور ھو. ھن به آزاديءَ جي شھسوار وانگر، برطانوي سامراج خلاف ھر تحريڪ ۾ حصو ورتو. ھن جي شاعريءَ ۾ قومي جذبو ۽ سياسي شعور جو لاڙو تمام گھڻو آھي. مولوي محمد ھاشم مخلص ۽ مولانا الله بخش اٻوجھ وانگر، ھن شاعريءَ جي رستي برطانوي سامراج ۽ انگريز راڄ خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا. خاص ڪري ٻي عالمي جنگ ۾، ملاح صاحب “ھجرت تحريڪ” ۽ “عدم تعاون تحريڪ” کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ نظمن ۽ تقريرن رستي عوام ۾ وڏو جذبو پئدا ڪيو. انگريزن جي ظلمن ۽ سفاڪين کي نظمن جو روپ ڏيئي، ماڻھن کي کليل جلسن ۾ ٻڌائيندو ھو، جيڪي نظم عوام کي برزبان ياد ٿي ويندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو مولوي صاحب ڪيترائي سال جيلن ۾ به رھيو. سندس انقلابي ڪلام مان ڪجھ ٻڌو:
    خبر ناھي کُٽي سرڪار يا ٿي خصلت کوٽي،
    ته ھڪ لوٽي لڀي ٿي ڪانه، ٻي ريتي گڏيل روٽي،
    سڳورو ڏينھن، صفا آچار عيسائين اڳيان آھي،
    کليو خيرات جو ختمو، نه ڏسجي ٻوڙ ۾ ٻوٽي،
    سُتا ڪا سُڌ اٿوَ، ٿيڙو شام ۾ ڇا ڇا؟
    وڌيا ڪم ڪسابن، ڪوس ۽ قتلام ۾ ڇا ڇا؟
    ڪراين ڪوس ڪعبي وٽ، جتي وڍجي نه ڪک ڪاٺي،
    رھيو پو حرم جي حرمت ادب اڪرام ۾ ڇا ڇا.
    مولانا احمد ملاح جو ادب ۽ معاشري ۾ بلند مقام آھي. ھو سنڌ جي انھن ماڻھن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن مان ھو، جن قلم کي صرف پنھنجي داخلي ڪيفيت جي اظھار جو ذريعو نه بڻايو، پر ان کي قوم جي امانت سمجھي، پنھنجي معاشري جي براين جي نشاندھي ڪرڻ جي، مؤثر طريقي طور ڪم آندو ۽ طريقي جي ان ادائگي، سٽاءَ ۽ اسلوب بيان کيس سنڌ جو “عوامي ھيرو” بڻائي ڇڏيو.
    مولوي صاحب 19 جولاءِ 1969ع ۾ وفات ڪئي.


    • مولوي غلام رسول جتوئي

    مذھب، انسان جي فطري تقاضا ۽ بنيادي ضرورت آھي، ۽ ڪنھن نه ڪنھن طرح، ھو مذھبي طريقئه ڪار کي اپنائي ٿو. اھوئي سبب آھي جو، ان جا اصول، نظريا ۽ عقائد، انسان تي اثر انداز ٿين ٿا. مذھبي پرچار ۽ مذھبي تبليغ جو، اھم ذريعو شاعري آھي، ڇو ته، اھا انساني احساسات جو موثر ذريعو آھي. سنڌيءَ ۾، مذھبي شاعريءَ جو وجود آڳاٽو ۽ قديم آھي. سنڌ ۾ لکيل “ويد” مذھبي شاعريءَ جو اوائلي ۽ پراڻو ذخيرو آھن. ان کان پوءِ، ڀَڄن ۽ دوھا مذھبي شاعري جو اھڃاڻ آھن. اسلام جي آمد کان پوءِ، سنڌي ادب ۾، اسلامي عقائد کي، نظم ۾ پيش ڪرڻ جو رواج پيو ۽ اھڙي طرح، مذھبي شاعريءَ کي فروغ مليو. سومرن جي دور ۾، اسماعيلي مبلغ سنڌ ۾ آيا ۽ ھتان جي ماڻھن کي، سنڌي زبان ۾، اسلامي عقائد ۽ اصولن کان آگاھ ڪيو. انھن بزرگن ۾، سيد نورالدين، پير شمس سبزواري ۽ پير صدرالدين مشھور آھن. ان کان پوءِ ڪلھوڙن جي دور ۾ باقاعدي سنڌي ٻوليءَ ۾، ديني لٽريچر تخليق ڪيو ويو ۽ ڪيترا ئي طويل مذھبي نظم، الف اشباع جي قافيه ۾، لکيا ويا، جن کي ڪبت چئجي ٿو. انھن نظمن ۾ روحاني، نازڪ خيالي ۽ تجنيس حرفي آھي. ھن دور ۾، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ۽ مخدوم ضياءُالدين، سنڌي مذھبي شاعريءَ ۾، ڪيترين کي صنفن ۾ ڪتابن جو واڌارو ڪيو ۽ اھو دور، سنڌيءَ ۾ مذھبي شاعريءَ جو نقطئه عروج ھو. انگريزن جي دور ۾، سنڌي ادب ۾، ترقي پسند تحريڪ جي اثر ڪري، مذھبي شاعريءَ جو رواج گھٽجي ويو، پر تڏھن به ڪيترائي عوامي شاعر، مذھب سان ناتو ڳنڍيون آيا، جن مان مولوي غلام رسول جتوئي جي شاعري اڄ به عوام ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي ۽ مذھبي پرچار جو اھم ۽ موثر ذريعو آھي. خاص ڪري، مولوي صاحب جا خطبات سنڌ ۾ مشھور آھن ۽ اھي ايڏا ته عام فھم ۽ سليس ٻوليءَ ۾ لکيل آھن، جو گھَٽ پڙھيل ماڻھو به نھايت پر سوز ۽ پر درد نموني پڙھن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڪثر ڪري، ٿورو پڙھيل ۽ پنج درجا سنڌي پاس، مولوي صاحب، جمعي جي نمازن ۾ اھي ئي پڙھن ٿا:
    خطبو، ھڪ عربي لفظ آھي، جيڪو “خطبة” مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، تقرير، سمجھاڻي، وعظ، نصيحت وغيره. ھي اھڙي قسم جو ڪلام آھي، جنھن ۾ خدا تعاليٰ جي حمد، ثنا، ساراھ ۽ واکاڻ ڪئي وڃي. سنڌ ۾، نثر ۾ به تقرير ڪندي، ڀٽڪيل انسانن کي راھ راست آندو وڃي ٿو. پر عام طور ھيءَ شاعريءَ جي اھا صنف سخن آھن، جنھن ۾ واحد جي واکاڻ سان گڏ، حضور اڪرمﷺ جي تعريف، اصحاب سڳورن جي ثنا، اسلامي عقائد، شرعي مسئلا ۽ اسلامي تاريخ مان، اھم واقعن کي منظوم ڪري، پيش ڪيو ويندو آھي. خطبن ۾، عام طور سماجي شعور ۽ تعليمي سجاڳي پئدا ڪئي ويندي آھي- سنڌ ۾ منظوم خطبن جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو، جڏھن اسان جا سنڌي مسلمان، تعليم ۾ پوئتي رھجي ويا ھئا ۽ معاشرتي براين منجھن گھر ڪيو. نيم مُلن، ۽ مجاورن کين ڦري تباھ ڪيو. تڏھن عالمن ھنن ڀٽڪيل ۽ گمراھ بندن کي، صحيح اسلامي عقائد ۽ ديني مسئلن کي سمجھائڻ لاءِ خطبي جي صنف سخن کي مروج ڪيو. ھونئن به ڪلھوڙن جي دور ۾، ٺٽي جي عالمن، “الف اشباع” واري ڪبت کي رائج ڪري، اسلامي اصولن کي سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو ۽ ان کان پوءِ، جنھن عالم ھن صنف کي سنڌي عوام ۾ مقبول ڪيو، اھو مولوي غلام رسول جتوئي آھن. مولوي صاحب محراب پور ۾ 1897ع ۾ ڄائو. سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، ھو عربي ۽ فارسيءَ جو به وڏو ڄاڻو ھو. اسلامي تعليم ۾، کيس دسترس حاصل ھئي. پاڻ وڏو زميندار ھو، ان ڪري ديني ڪمن ۾ گھڻو حصو وٺندو ھو، ۽ وڏي رقم خير جي ڪم ۾ صرف ڪندو ھو. ھن پنھنجي شھر ۾ ھڪ ديني درسگاھ به قائم ڪئي ته جيئن سنڌي مسلمانن کي ديني تعليم ڏيئي سگھجي. مدرسي سان گڏ، مسجد به ٺھرايائين. مولوي صاحب 1957ع ۾ گذاري ويو.
    مولوي غلام رسول جا خطبا، تقسيم کان اڳ ھندو ناشر ڇپرائيندا ھئا، ان ڪري انھن ۾ ڪافي، غلطيون ھونديون ھيون. پاڪستان کان پوءِ، سندس خطبن جا، 13 ايڊيشن ھزارن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪا آھن ۽ ان جي مقبوليت جو ھي عالم آھي، جو سنڌ جي ڪنھن به ڳوٺڙي ۾ وڃو، اتي قرآن شريف جي تاڪي ۾، ھن جو خطبو به ڪپڙي ۾ ويڙھيل ضرور نظر ايندو ۽ ھر جمعي يا عيد جي موقعي تي، مولوي صاحب، پنھنجي مخصوص انداز ۾، خوش الحاني سان، مولوي غلام رسول جو خطبو پڙھندي نظر ايندو. جڏھن ھي خطبو پڙھبو آھي ته، اڪثر ڪري مون ڏٺو آھي ته، سنڌي ڳوٺاڻا متاثر ٿي ڪنڌ جھومائيندا آھن. جڏھن حضورﷺ يا صحابه ڪرام جي تعريف ٿيندي ته صدق يا رسول الله چوندا. بھشت جو ذڪر ٿيندو ته، سبحان الله چوندا، دوزخ جو ذڪر ٿيندو ته، توبھ توبھ ڪندا. مطلب ته، سندن متاثر ٿيڻ لازمي امر آھي. ڳوٺاڻي دنيا ۾، مولوي غلام رسول “خطبن جو شاعر” جي نالي سان مشھور آھي.
    مولوي صاحب جي خطبن جي خاص خوبي، ان جي عام فھم زبان، سلاست ۽ رواني سان گڏ، خاص قسم جو ترنم ۽ سر آھي. ڪيڏو به جاھل ۽ سادو سنڌي ڳوٺاڻو ڇونه ھجي پر مولانا جي خطبي کان متاثر ٿيڻ ضروري آھي.
    ننڊ غفلت کي، ندورا ڏي ڇڏي،
    جاڳ توکي، موت موڳا سڏي،
    ھوش رک، ھلڻو ھتئون ٿي اڄ سڀان،
    ڪانه ھلندءِ سُڃ ۾، ڪا سنگت اسان،
    ٿو ٻجھي اڳيان وڏو اھنجو سفر،
    پاڻ سان کڻ، پاڪ عملن جو ثمر،
    بي ثمر بابا ثقا تون سُڃ ۾،
    ڪيئن ڪندين، مرندين رلي رڃ ۾،
    ڪر عمل صالح، سياڻو ٿي ادا،
    بيوفا دنيا، اٿئي آخر بندا،
    بيوفا دنيا ڪنان، منھن جلد موڙ،
    ننڊ ۾ تون صاف پاڻي نه ولوڙ،
    ٻڌ جتوئي جي نصيحت، ھيءَ چِٽي،
    بي فڪر دنيا کي ڪر ڦِٽي.
    مولوي صاحب، جتي آخرت، دنيا جي بي ثباتي، حضور سان محبت، غلط سماجي رسومات جي بيخ ڪني جو ذڪر پنھنجن خطبن ۾ ڪيو آھي، اتي ٻي عالمي جنگ ۾، فرنگي سامراج جي طرفان خلافت عثمانيه تي قبضو ۽ ڪعبي جي بي حرمتي جو ذڪر ڪري، ڳوٺاڻي عوام ۾ تاريخي شعور ۽ ديني غيرت به جاڳائي آھي. چوي ٿو ته:

    ڪشي ڪان ڪعبي کي، خبيثن ھنيو،
    اوھان سر مبارڪ، اڃا ٿا کڻو:
    لکين ترڪ عاشق، اوھان جا ڪُٺا،
    اڃان خواب ۾ خوش گذاريو مٺا.
    ويا ملڪ سارو نصارا وٺي،
    وڃي ڪاڏي امت محمد جي.
    ويئي حاج نڪري، اسان جي ھٿئون،
    ويٺا ظلم اکين سان ڏسون.
    پيو پاڪ پير ھو، اوھان جو جتي،
    پليتن جا پيرا ، ڏسون ٿا اتي.
    اھڙي طرح مولوي صاحب جا خطبات، سنڌ جي ڳوٺاڻي، اٻوجھ ۽ سادي سودي عوام کي، اسلامي تعليم ۽ اسلامي تاريخ، سليس زبان ۾ ٻڌائي. منجھن ديني شعور ۽ ڄاڻ پئدا ڪئي. خطبن کان سواءِ، مولوي غلام رسول جا مولود به سنڌ ۾ مشھور آھن، جيڪي سندن واردات قلبي ۽ حبِ رسول جو آئينو آھن. مولوي عبدالرؤف ڀٽي کان پوءِ ھن جا مولود “عوامي رتبو” حاصل ڪري چڪا آھن. خاص ڪري سندن ھي مولود اڄ به جھر جھنگ ۾ ڳاتو وڃي ٿو:
    معراج تي اڄ رات پيارو، مير مرسل تيار آ-
    پيشرو جبرئيل پيارو، گھوٽ گھوڙي سوار آ-
    بھشت ۾ جڏھن ويو، حورن پڇيو ھي ڪير آ-
    مَلڪ فرمائڻ لڳا، خاصو خدا جو يار آ-
    غم جتوئي ڇو ڪرين، آھين تون غلام رسول جو-
    حشر ۾ شافع محمد مصطفيٰ مختيار آ.
    مولوي غلام رسول جتوئي جو مقام، “سنڌي مذھبي ادب” ۾ ارفع ۽ اعليٰ آھي ۽ ھو شاعري جي عوامي صنفن خطبن ۽ مولودن جي لحاظ کان سنڌي عوام ۾ مقبول آھي.


    • سانوڻ فقير

    نڙ سِڪ ۽ سوز جو ساز آھي. تاريخي لحاظ کان نَڙ ترڪن ۽ بلوچن جو قومي ساز آھي، جيڪو اندازً، ھڪ ھزار ورھيه اڳ، سنڌ جي پاڙيسري ملڪ، بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن جي، مستقل طور سنڌ ۾ رھڻ سان عام رائج ٿيو ۽ سنڌي ثقافت جو جُز بڻيو. نَڙ، ھڪ درديلو ساز آھي. ھن جي آلاپ مان، ڪنھن جي ورونھن جو ورلاپ ورجايل پيو ڀانئبو آھي. نڙ جي وڄت سان گڏ وڄائيندڙ جي نِڙي پڻ شامل ھوندي آھي. نڙ ۽ نڙ جا بيت، ٻيئي لازم ملزوم آھن، ڇو ته نڙ جو آلاپ، ڄڻڪ وڇوڙي جي وائي آھي ۽ نڙ بيت چوندڙ جي دردوندي دانھن آھي. جڏھن وڄائيندڙ جي سوزوندي دانھن ۽ وڍيل ڪاني مان نڱيل ڪرب جي ڪوڪ جھڙا ٻيئي الم جا آواز ساڳي لئه ۾ فطري طور ملي، ھڪ ٿي وڃن ٿا، تڏھن نڙ جي وڄت، توڙي نڙ بيت جي رھاڻ، روح رچندي ٿيو پوي ۽ لطيف رح جھڙي با ڪمال شاعر کي به چوڻو ٿو پوي ته:
    وَڍِيلَ ٿي وايُون ڪري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
    ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لَءِ ھاري.
    نَڙ جا بيت عمومًا ڊگھا ھوندا آھن، جيڪي نڙ بيت جي ڪچھرين ۾، نڙ تي ڳاتا ويندا آھن. اھي ڊگھا بيت، عام سنڌي شاعري جو نادر نمونو آھن، جن ۾ عوام جي شاعرن، پنھنجي ٻھراڙي جي عام فھم، مگر شاھوڪار ٻوليءَ ۾، عوامي زندگي جي ھر پھلوءَ کي ڳايو ۽ ھر موضوع کي ورجايو آھي. سانوڻ فقير، نڙ بيتن جو نمائيندو شاعر آھي، جنھن طويل سنڌي بيت ۾ وسعت پئدا ڪئي ۽ ان کي خوب ھمٿايو. ھن جي اسلوب بيان کي، پوءِ گھڻن ئي اپنايو، جن مان صديق خاصخيلي، توڏو فقير مري ۽ مولا بخش خاصخيلي کانئس متاثر ٿيا ۽ سندس شاگردي قبول ڪيائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “سانوڻ جا بيت، محض بياني نه آھن، مگر بيان سان گڏ، اھي پنھنجي سوز ۽ جذبي جي ترجماني آھن ۽ انھيءَ ڪري، سامعين تي سانوڻ جي بيتن جو وڏو اثر ٿيو. سانوڻ جا بيت، سنڌ ۾ ايڏو ته مقبول پيا جو ھن وقت به، وچولي ۽ لاڙ ۾ بيٽ ڏيندڙن مان ڪو ورلي اھڙو ھوندو جنھن کي سانوڻ جو بيت ياد نه ھجي.” (نڙ جا بيت- مقدمو ص نمبر 22)
    سانوڻ فقير ذات جو خاصخيلي ھو. اصل ڳوٺ شھداد خاصخيلي، ضلعي بدين جو ويٺل ھو. 1875ع ۾ ڄائو. پنھنجي ڳوٺ ۾ حافظ ڪبير وٽ قرآن شريف پڙھيو. جڏھن وڏو ٿيو تڏھن ٻڪريون چارڻ لڳو. ھن جي عادت ھئي ته ھو ڏينھن جو ٻڪريون چاريندو ھو ۽ رات جو نڙ بيت جي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو ھو ۽ ڪيترن کي مشھور شاعرن جا بيت چوندو ھو. اھڙي طرح ٻين جي بيتن جھونگارڻ سان، ھن پنھنجا بيت به ٺاھڻ شروع ڪيا. سندس بيت سازي ۾ حقيقي استاد ڪبير شاھ آھي. سانوڻ فقير جي بيتن ۾، روانگي ۽ سادگي بدرجئه اتم آھي. ھو جيئن ته ھڪ سادو سودو ڳوٺاڻو انسان ھو، تنھنڪري سندس بيتن ۾ به، سادگي گھڻي نظر اچي ٿي. ٻھراڙيءَ جي سادي ماحول ۾ ۽ سادي خيال وارن ۽ ويساھ وسوڙل انسانن جي معاشي زندگي جي نقش چٽڻ ڪري، سندس شاعريءَ کي عوامي رنگ مليو. ھو منظرڪشيءَ جو شھنشاھ آھي ۽ پنھنجي بيتن ۾ جذبات جي عڪاسي، مؤثر انداز ۾ ڪري ٿو. نسرين شاھد ته سندس شاعري کي بدوي عرب شعراءُ سان ھم آھنگ ڪري ٿي. ھوءَ رقم طراز آھي ته “سانوڻ جيئن ته ٻڪرار ھو ۽ بدو به صحرا نشين آھن، ان ڪري ھن جي شاعريءَ ۾ انھن جو رنگ نظر اچي ٿو. سانوڻ جي نڙ جي بيتن ۾ سوز ۽ درد آھي ۽ ان ڪري ئي، سندس نڙ جا بيت سنڌ ۾ عام ۽ خاص ۾ مقبول آھن. ساوڻ جي شاعري Descriptive آھي ۽ ھي قدر به “بدوي عرب شاعري” جو خاص جزو آھي.” (ويڪلي مڊويڪ ايڊيشن روزانه جنگ ڪراچي)
    سانوڻ فقير جا بيت، پنھنجي خاص بيان اسلوب، غنائيت ۽ رواني ڪري، سنڌ جي واھڻ ۽ وستيءَ ۾ مقبول ٿيا. 1915ع کان 1955ع تائين، نڙ بيت جي ڪچھرين ۾، ھن جي بيتن جي ھنڌھين ماڳھين ھاڪ ھئي. ھو نه صرف بيت ٺاھيندو ھو پر ڳائيندو به ھو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته سانوڻ پاڻ سدا ملوڪ بيتائي ھو. ھو پھريون شاعرآھي جنھن نڙ ڪچھرين ۾، پاڻ پنھنجا بيت ڏنا. کانئس پوءِ اھو رواج شروع ٿيو. سانوڻ کي بيت ڏيڻ جو واھ جو ڍنگ ھو. بيت ڏيڻ وقت، ھو سڄي ٻانھن کي، واسينگ وارا ور ويٺو ڏيندو ھو ۽ بيت جي وراڻي تي، ٻيئي آڱريون ڪنن ۾ وجھي، ڦٿڪندو ڦٿڪندو نڙ واري جي مٿان ڇانوَ ڪري، وڃي بيت لاھيندو.
    سانوڻ بيتن جو بادشاھ ھو. سانوڻ جا ھمعصر چوندا ھئا ته، ڪنھن به ڪچھري ۾، سانوڻ پھريون تيار ٿي ڪونه اچي بيت ڏيندو ھو، پر انھيءَ ئي مھل ڪن تي ھٿ رکي، بيت جي ھڪ سِٽ چوندو ھو ته ٻي به ڳنڍجي ويندي ھئي ۽ سڄو بيت ڏھن ٻارھن سِٽن جو ٺھي پوندو ھو، سو به وري نڙ تي سُر سان جلالت ۽ جنون واري حالت ۾. تنھن کان سواءِ، ھڪ دفعو اڳ چيل بيت ھو وري نه چوندو ھو. جيڪڏھن چوندو به ھو ته، سِٽون وڌائي اڳوڻي کان ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري، وڃي پار ڪندو ھو. سانوڻ کي جن ماڻھن ڳائيندي ڏٺو، تن جو چوڻ آھي ته “بيت چوڻ وقت سانوڻ گوڏا ڀڃي اُڀو وھندو ھو. پُٺا سدائين اگھاڙا ھوندا ھئس. ھميشہ پاڻيءَ جو ڪرو ڀرائي ڀر ۾ رکندو ھو ۽ ٻن يا ٽن بيتن ڏيڻ کان پوءِ، اھو ڪرو سڄو پي ٺلھو ڪري ڇڏيندو ھو. اھڙي طرح ڪچھري ختم ٿيڻ تائين، الائجي ڪيترا ڪرا پاڻيءَ جا پي ٺلھا ڪري ڇڏيندو ھو. سياري جي چاليھي ۾ به، بيتن ڏيڻ مھل ڪُلھن ۾ ڪپڙو ڪونه پائيندو ھو. سارو بدن پگھر سان شل ھوندو ھوس. بيت نھايت درد مان ڏيندو ھو ۽ اشارن سان، پوري تصوير آڻي اڳيان بيھاريندو ھو.”
    سانوڻ فقير، پنھنجن نڙ بيت ۽ اھڙين ڪچھرين ڪري، عوام ۾ مقبول ھو. نڙ بيت جون وڏيون ۽ خاص ڪچھريون ڀٽ شاھ تي ٿيون، جتي ھن پنھنجا جوھر ڏيکاريا. ھن جي شاعري ۾، ماحول جي عڪاسي ۽ ترجماني سان گڏ، سوز ۽ گداز به ھو. ھن سسئي، مومل راڻو، مارئي، ليلان چنيسر، سھڻي ميھار، ليليٰ مجنون، پورب، مورڙو، سامونڊي، رامڪلي، سارنگ، ڪارايل سان گڏ معجزا ۽ واقعاتي بيت چيا.

    ھن جي شاعريءَ ۾، حب الوطنيءَ جو جذبو بدرجه اتم موجود آھي. مارئي جي زبان ۾ چئي ٿو ته:
    مارو مٽ ملير ۾، عمر! چؤنم آءُ
    ساريو سنگھارن کي، سِڪي منھنجو ساھ،
    لڳي ھير، ٿي اڪير، وريو وڻن واءُ،
    بت بيراڳي بند ۾، جيئڙو ناھي جاءِ،
    کٽون کھنبا کائيان، ڇيٽين ڪريان ڇاءِ،
    مارو ڏينم مھڻا، ويڙھي چوندم واءِ،
    منھنجو روح ريھون ڪري، عمر انھن لاءِ،
    سڀڪو پرائي ساءَ، منھنجي ساھ سور پرايا.
    سانوڻ پنھنجي نڙ جي بيتن سبب ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڏاڍو مقبول رھيو. ھن جي بيتن ۾ سوز ھو، تنھنڪري، عوام ۾ سندس بيت نھايت مقبول پيا. ھو بيت ڏيندو ھو ته، ماڻھن جا ميڙ لڳي ويندا ھئا. جيئن ته، سڄي سنڌ جو سير ڪيائين ۽ ميڙا ڀيٽيائين، تنھنڪري سندس بيت به، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھتا ۽ ھن وقت تائين به عام ڪچھرين ۾ چيا وڃن ٿا ۽ ڪچھرين ۾ بيت ڏيندڙ، سڄو بيت ڏيئي جڏھن نالي واري سِٽ ۾ چوندو ھو ته “سُورن ۾ سانوڻ چوي” يا “وري ھن ساھ جي سانوڻ چوي، پوري ناھي پڪ” ته ٻڌندڙن جي زبان مان “ھئه ڙي سانوڻ ھئه” جا لفظ نڪري ويندا ھئا ۽ اھائي سانوڻ جي مقبوليت جي گواھي آھي، ته ھو سنڌي عوام جو ڪيڏو نه پيارو ڪردار ھو.


    • مائي ڀاڳي

    سنڌ، سُر ۽ ساز جي سرزمين آھي. سُر، ھن سرزمين جي ماڻھن جي ڳلن مان ائين ڦٽي نڪرندا آھن، جيئن جو ان دلين مان اڌما اڀرندا آھن ۽ لفظ، ھن سرزمين جي شاعر جي تخيل جي وسيلي، آڪاس ۾ تتر کرڙي وانگر، ماڻھن جي دلين تي ڇانئجي ويندا آھن. انھن ٻنھي شين، سنڌي ماڻھن جي زندگي ۾، صحيح مستقبل ڏانھن وڌڻ جو حوصلو پئدا ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ ڪري، سنڌي قوم جي پوري تاريخ ۾، سنڌين ۾ ٻه وصفون نمايان نظر اچن ٿيون. محبت ۽ قرباني. ھتان جي محبت به عجيب رھي آھي، ته ھتان جي قرباني به حيرت انگيز- سنڌ جي محبت کي، موسيقيءَ لازوال ڪري ڇڏيو ۽ قربانيءَ کي، شاعريءَ بلندي تي پھچايو. سنڌي شاعري، سنڌي موسيقيءَ جي لھرن تي بلڪل ائين ناچ ڪندي آھي، جيئن موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جو ھر انگ، انسانن جي ذھن تي رقص ڪندو آھي. انھيءَ ڪري منھنجو خيال آھي ته سنڌي عوام محبت، قرباني ۽ پاڻ ارپڻ وارن جذبن جي گلن تي، پوپٽن وانگر ويھي جواني ۽ جوڀن ماڻيندي رھي آھي. سنڌ ۾ اھڙا موسيقار پئدا ٿيا، جن پنھنجي ڪلا جي ذريعي، نه رڳو انساني دلين جا رخ موڙيا، نه رڳو دماغن ۾ سرھاڻ پئدا ڪئي، نه رڳو حياتين ۾ محبتن جا مينھن وسايا، نه رڳو چپن تي تازگي ۽ لالاڻ پئدا ڪئي، پر پنھنجي فن ذريعي، اُڀ کي، ڪڪرن سان ڇانئيو، درياھن جا منھن موڙيا، برپٽن کي مومل جي مثال وانگر سائو بڻايائون، جنھن جي نتيجي ۾، زندگي ھن سرزمين تي ڪھڪاءُ ۽ ڪيس ھوندي به ڏاڍي من موھيندڙ رھي. ڪرندي وري اٿندي رھي، ھارائيندي وري به، کَٽڻ لاءِ وڙھندي رھي ۽ ساھ جي، پوئين ھڏڪي تائين به، ان جي چپن تي سوڀ جي موسيقي پنھنجا پَر پکيڙيندي رھي. (عبدالواحد آريسر- روزانه عوامي آواز خميس 23 مئي 1991ع) اھڙن موسيقارن ۽ فنڪارن مان، مائِي ڀاڳي جو نالو قابلِ ذڪر آھي. مائي ڀاڳي عوامي موسيقي جي مقبول ترين فنڪاره آھي. سندس آواز جي وسعت، بلندي ۽ ميٺاڄ ۾، سنڌ جي عام ماڻھن جو مزاج نظر اچي ٿو. سنڌ جي ھيءَ عظيم فنڪاره، جنھن کي عام زبان ۾، سنڌ جي تھذيب، ثقافت ۽ لوڪ فن جي اميد چئجي ٿو، سا در اصل محبت، اخوت ۽ پنھنجائپ جي پيغامبر آھي. ھن جا ڳايل لوڪ گيت ٻڌي، ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ سنڌ جي وساريل تاريخ جا ورق اٿلي رھيا آھن. سندس نالو سُرن جي تاريخ ۾، ان ڪري امر آھي جو سندس آواز ۾، ڪنھن به قسم جي ڌاريائپ ۽ مصنوعيت نه آھي. جيتري سچائي، سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ آھي، جيتري سچائي سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي، جيتري محبت سنڌ جي سوڍن ۾ آھي، اوتري محبت، مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ آھي.
    مائي ڀاڳي، اڄ کان ستر سال اڳ ٿر جي ھڪ ننڍي ڳوٺ، مٺي ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو ونيئل ھو، جيڪو ذات جو مڱڻھار ھو. سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾، مڱڻھارن کي ھڪ مخصوص اھميت حاصل آھي، ته ھو، شادين مرادين ۾ ڳائيندا وڄائيندا آھن ۽ دل گھريو دان حاصل ڪندا آھن. سندن گھرن ۾ ننڍڙن ٻارن کي به اباڻي پيشي جي تربيت ننڍپڻ ۾ ئي ڏني ويندي آھي. دھل، شرناءِ، سُرندو ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا سڀ ڍنگ کين منڍ ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا، ته جيئن ھو وڏا ٿي، اباڻي پيشي کي جاري رکي سگھن. اھڙي طرح مائي ڀاڳي به اٺن سالن جي عمر ۾ ڳائڻ وڄائڻ سکي ۽ پنھنجي والد سان گڏ، راڳ جي محفلن ۾ وڃڻ لڳي ۽ اتي ئي ٻاراڻا ٻول ڳائڻ شروع ڪيا. ڪجھ وقت کان پوءِ ھو لڏي، جھڏي جي ڀرسان ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اچي رھيا. اتي اچي ھن پنھنجي اباڻي ڪِرت راڳ کي باقاعدي شروع ڪيو ۽ پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾، شاديءَ جي موقعن تي ڳيچ ۽ سھرا ڳائيندي رھي ۽ اھڙي طرح وقت گذرڻ سان گڏ، سندس فن ۾ پختگي ايندي رھي. ھن ٿر جي مختلف ھنڌن تي رھي، اتي جي لوڪ ڌُنن ۾ مقامي طرز تي عبور حاصل ڪيو. ڪجھ وقت کان پوءِ ھوءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ جي معرفت، ريڊيو سان متعارف ٿي ۽ سندس آواز، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھتو. ممتاز مرزا جي ڪوششن سان، ھوءَ ڪراچي ٽيليويزن تي به آئي ۽ اھڙي طرح سندس فن ۽ شخصيت کان ملڪ جو ٻچو ٻچو واقف ٿيو.
    مائي ڀاڳي، سادي سودي ڳوٺاڻي عورت ھئي. سندس مزاج به سادو سودو، نھٺو ۽ نماڻو ھو. سندس ڳالھائڻ به سنڌي ۽ لھجو به سادو ھوس. اھي ئي خوبيون آھن، جيڪي ھڪ حقيقي ۽ سچي فنڪار ۽ عظمت جو ڪارڻ بڻبيون آھن. مائي ڀاڳي ٿر جي ھئي، ان ڪري سندس فن مان ٿر جي پلر جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي، جنھن جي فن ۾ پوري ٿر جي چٽي طرح عڪاسي ٿيل آھي. ھن جي مادري زبان، جيئن ته ٿري ھئي، جنھن کي ملڪ جي اڪثريت ڄاڻندي به گھٽ آھي، پر ھوءَ اھو سمجھندي به پنھنجي ماءُ جي ٻولي ۾ ڳائيندي ھئي. سچ آھي ته، جنھن فنڪار کي پنھنجي زبان سان محبت نه ھوندي آھي، اھو سچو فنڪار نه ٿي سگھندو آھي. مائي ڀاڳيءَ جي گيتن ۾، زمين سان محبت جو پاڪيزه جذبو، ٿري زبان سان والھانه پيار، صوفياءِ ڪرام سان عقيدت ۽ محبت نمايان آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو اسان کان دور ٿئي، کيس ڪيترا ئي سال ٿي ويا آھن، پر اڄ به ائين ٿو نظر اچي ته ھوءَ نئون ڪوٽ جي چوڌاري نِم جي ھيٺان، اڪيلي بيٺي ٿر جي تپندڙ واري ۽ قحط زدھ ماحول ۾، سڏي رھي آھي. ھن مان صاف ظاھر آھي ته، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻھن ۽ انھن جي ثقافت سان محبت ڪرڻ وارا فنڪار، بظاھر ھتان ھليا ويندا آھن، پر ھو فنا نه ٿي سگھندا آھن. مائي ڀاڳيءَ جو مڌر ۽ من موھيندڙ آواز، اڄ سنڌ جي عوام کي مسحور ڪري رھيو آھي، ۽ اھا دکي عوام، ان آواز ۾ پاڻ کي سموھي گھڙي پل لاءِ پيڙا ۽ درد کي ڀلائي ڇڏي ٿي. سندس عوامي فن بابت جناب غلام حسين شيخ لکي ٿو ته : “مائي ڀاڳي، سنڌ جي اھڙي عوامي فنڪارھ آھي، جا نه فقط، نج سنڌي راڳڻين سان واقفيت رکي ٿي، پر ساڳئي وقت گجراتي، مارواڙي ۽ ڪاٺياواڙي موسيقي جي ميلاپ سان، جيڪي راڳڻيون ۽ ڌنون جنم وٺن ٿيون، تن جي به ھوءَ واحد فنڪارھ آھي. سندس آواز جي لاٽ ۾ اھائي روشنائي آھي، اھوئي رنگ آھي، اھائي پرواز آھي، جيڪا موسيقارن کي سرن جي سرجڻ ۽ پرينءَ جي پرچڻ کان پوءِ ملندي آھي. مائي ڀاڳي جو فن ۽ آواز، ستونجاھ سالن وٺي، ٿرپارڪر جي ڀِٽن ۾ ڀٽڪي رھيو ھو. ھن جي حسين آواز جي مرڪن کي، ڪئين دفعا لُڪن لتاڙيو پر آخر وقت مھر ڀرئي وھڪري ھن کي سنڌ جي راڳ راڻي بڻجڻ جو شرف عطا ڪيو. اڄ به سندس ڳايل گيت سنڌ جي گھٽي گھٽيءَ ۾ گونجي رھيا آھن.” (اسان جا عوامي فنڪار- سه ماھي مھراڻ 2- 3- 1971)
    مائي ڀاڳي جي مقبوليت جو خاص سبب سندس گائڪيءَ جو منفرد انداز ھو، جنھن کي قدر جي نگاھ سان ڏسندي، کيس صدارتي ايوارڊ، تمغه حسن ۽ شاھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا. کيس ماھوار وظيفو ۽ 16 ايڪڙ زمين جو به اعلان ڪيو ويو.
    اسان جي ھيءَ عظيم فنڪاره، سنڌ جي عوام ۾ پنھنجي آواز جو جادو پکيڙي، جيتوڻيڪ اڄ اسان کان، پري ھلي ويئي آھي، پر سندس موسيقي ۽ راڳ اڄ به ھن جي ياد کي، تازو ڪري رھيو آھي.


    • مسڪين جھان خان کوسو

    ٿر، سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ ثقافت جي سرزمين آھي. ھيءَ محبتن جي داستانن، شجاعت جي ڪارنامن ۽ عشقيه افسانن جو اھو مرڪز آھي، جنھن کي پنھنجو ڌار ثقافتي ورثو آھي. سنڌ جي 55 لوڪ گيتن مان، 45 لوڪ گيت ٿر سان وابسته آھن. ٿر، واريءَ جو وطن آھي. ڀِٽن ۽ ڍٽن جو ڏيھ آھي. پر جڏھن بادل وسندا آھن، تر ترايون ڀرجي وينديون آھن، ته چوڌاري گاھن جي گلزاري لڳي ويندي آھي. سنگھار سکيا ۽ ستابا ٿي ويندا آھن، ان وقت ٿر ڪشمير جو ڏيک ڏيندو آھي. مارو ۽ مالوندن جي منھن تي، مُرڪ ھوندي آھي. ان سَمي، ٿر تي، جيڪو مارئيءَ جو ملڪ آھي، مائي ڀاڳيءَ جو ديس آھي، ڪو عمر، ڪو مدد خان، ڪو نادر شاھ ڪٽڪ ڪاھي ايندو آھي ته، پوءِ مسڪين جھان خان کوسي جھڙا جوان ميدان ۾ ايندا آھن، جيڪي سواءِ ڪنھن غرض، لالچ ۽ طمع جي ھر مظلوم جي مدد ڪرڻ، پنھنجو فرض سمجھندا آھن. مسڪين جھان خان، پنھنجي ساري زندگي، ٿر ۽ ٿرين لاءِ وقف ڪئي. ھو ٿر لاءِ جيئرو رھيو ۽ ٿر لاءِ مُئو. سنڌ جي واريءَ واري ملڪ ۾، جتي برسات نه پوڻ ڪري، رڳي رُڃ ۽ سُڃ ھوندي آھي، ڪوھين وسندي نظر نه ايندي آھي، اتي مسڪين جي دل ۾، نيڪي ۽ انساني ھمدردي اچي گھر جوڙيو. ھن جون اکيون ماروئڙن جي حالت ڏسي، آليون ٿيون. ھن ذات پات جا ويڇا وساري، بنا ڪنھن انعام، شھرت، لالچ ۽ اجوري جي، ھڪ نه، ٻه نه، پر زندگيءَ جا سمورا سال، انھن جي حوالي ڪري ڇڏيا. ھو ھڪ گھڙي به واندو نه ويٺو، پر اوريندو رھيو. مولا جي مخلوق جي خدمت ڪندو رھيو. ھو ھڪ بي لوث انسان ھو. جاھ طلبي ۽ ڪوڙي اڊمبر کان ڪوھين ڏور ھو. کيس ٿر ۽ ٿرين جي محبت ٻالجتيءَ کان ملي ھئي. غريب، انگ اگھاڙا، ڏُڪر جا ماريل، صدمن جا ستايل ٿري، جيڪي جنسي بک جا ماريل نظر ايندا، سي مسڪين لاءِ “جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا” وانگر ساھ کان وڌ پيارا ھوندا. انھن جون تڪليفون ڏسي مسڪين جا لِڱ ڪانڊارجي ويندا ۽ ھو پوءِ اٿندو، ڏوريندو ۽ ڊوڙندو ٿر ۽ ٿرين لاءِ ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو. چوندا آھن ته “وُٺو ته ٿر، نه ته بَر جو بَر” ۽ جڏھن ٿر، بَر ٿيندو آھي ۽ بُک ۽ ڏُڪر جا ولر، ماروئڙن کي موت جي ننڊ ڏيندا آھن، تڏھن مسڪين ٿرين کي وٺي اچي، آفيسرن سان ملائيندو، ٿرين لاءِ امداد وٺندو، دوائون، ڪپڙو ۽ اناج ھٿ ڪري حقدارن تائين پھچائيندو، ۽ پوءِ ايڏو خوش ٿيندو، ڄڻ ته کيس قارون جو خزانو ملي ويو.
    دراصل انسان جي سڃاڻ آھي، انسان دوستي ۽ پاڻ جھڙن سان پيار ڪرڻ. پنھنجي لاءِ ته ھر ڪو جيئي، پر ٻين لاءِ به ته جيءَ ڏيکاري. مسڪين پاڻ ماري به ٻين لاءِ زندھ رھيو. نه آرام، نه آسائش، نه سڪون نه ننڊ. بس اٺئي پھر، ٿرين جا ولر پٺيان لايو وتندو، انھن جي سک لاءِ ڪامورن ڪڙن سان ملندو. ھڪ ڀيري گھر جي ڪنھن مائيءَ کيس چيو ته “ڪپڙا ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ” ته چوڻ لڳو “آءٌ ڪپڙن ڌئارڻ ۽ وھنجڻ لاءِ، گھر ۾ ويھي رھان ته منھنجا مسڪين ٿريا، ميرپور ۾ رُلي مرندا.” ڪيڏو نه خدمتِ خلق جو جذبو آھي! ڪيڏو نه بلند ڪردار آھي! ڪيڏو نه عظيم خيال آھي، جو پنھنجو آرام ڦٽائي، ٻين کي سُک ڏئي ٿو. ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي، ته حيدرآباد ۾ ھڪ ٻه ماڙ جاءِ ڪري پيئي، رات جو وڳڙو ھو، ھر ڪو ننڊ ۾، ماڻھن جون دانھون ڪوڪون ڪير سڻي؟ اوچتو مسڪين کي ڪَن تي آواز پيو، جيڪو ڀرسان ستل ھو. امالڪ ڊوڙي آيو. ڪرندڙ جاءِ ۾ گھڙي پيو. سِر تريءَ تي رکي، زخمي ماڻھن کي سھارو ڏيئي، ٻاھر ڪڍي آيو ۽ پوءِ پاڙي مان، تغاري ۽ ڪوڏر کڻي، اچي مٽي ڍوئڻ بيٺو. اھڙي طرح، لاڳيتو رات ڏينھن، سخت سردي به، سواءِ ڪنھن اجوري جي ڪم ڪندو رھيو. مٽي کڻندو رھيو، صرف انسان دوستي جي جذبي ھيٺ ۽ مخلوق خدا جي خدمت جي شوق ۾.
    مسڪين سدائين، انھيءَ سوچ ۾ ھوندو ھو ته ماڻھن ۾ ماڻھپو رھي. پيار ۽ سِڪ ھجي. نفرت ۽ ڪدورت نه ھجي. “آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو” واري ڪار نه ھجي. ان ڪري ھو سدائين، ٻه وڙھيل گھر پاڻ ۾ ٺاھيندو ۽ رٺلن کي پرچائيندو ھو. ھو سفارش ۽ رشوت کان بنھ پري ھو. ٿاڻو ھجي يا ڪورٽ، وڏيري جي اوطاق ھجي يا زميندار جي ٻني، پر مسڪين، ڪولھين کي ساڻ ڪيو، سندن حق وٺڻ لاءِ جتي ڪٿي حاضر- کڻي ڪيڏو به جبرو ڪامورو ڇونه ھجي، پر ھو وٽس ويندو ضرور، ڪم ڪرائڻ کان سواءِ، اُٿڻ ته مسڪين جي ڊائري ۾ ئي ڪونه ھو. ھن پنھنجو گھر تڙ ته ڪونه ٺاھيو ۽ نه وري کيس ايتري واندڪائي به ھئي. بس، سندس اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ، مرڻ جيئن، غريب، مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن سان. ھن پنھنجي ذات کي ته صفا ماري ڇڏيو. ھو ٻين لاءِ زندھ رھيو. ايتري تائين جو، پنھنجي وات جو گرھ به ٻين کي ڪڍي کارائيندو ھو. ٿر جو ڏتڙيل ۽ پيڙھيل عوام، ڪولھي، ڀيل ۽ مينگھواڙ آھن. مسڪين سندن خدمت مذھبي مت ڀيد کان ھٽي ڪري ڪئي. ھو چوندو ھو ته “مسڪين ھميشہ، سندن مدد ھر ظلم ۾ ڪندو رھندو، ان لاءِ کيس ڪيڏي به قرباني ڇونه ڪرڻي پوي.” ھو چوندو ھو ته “اڇوتن جي خدمت، مسڪين انسانيت جي اعليٰ جذبي ۽ اصول تحت ڪري ٿو، جنھن ۾ ڪنھن به غرض يا مطلب جو دخل ڪونھي.” ھڪ دفعي سندس سڳي ڀاءُ، ڪنھن ڪولھيءَ سان ٺڳي ڪري، پئسا ڦريا. مسڪين پاڻ پنھنجي ڀاءُ تي ڪيس داخل ڪري، جيل ۾ وجھرائي، ڪولھيءَ کي پئسا واپس وٺي ڏنا. ٻئي دفعي جي ڳالھ آھي ته، سخت سرديءَ ۾، مسڪين کي ڪنھن ويجھي عزيز گرم ڪوٽ وٺي ڏنو. ٻئي ڏينھن ھن اھو ڪوٽ ڪنھن غريب ڪولھي کي ڏيئي ڇڏيو. ھڪ ڏينھن مسڪين کي ڪنھن اُٺ ڀاڙي ڪري ڏنو. واٽ تي ڏٺائين ته ھڪ پوڙھو ڪولھي، پيادل پيو وڃي. بس ھو لھي پيو. کيس اٺ تي سوار ڪري، پاڻ مھار وٺي، پيادل ھلڻ لڳو. ھن ڪولھين کي زندھ رھڻ جا گُر سيکاريا. انھن ۾ احساس بالاتري پئدا ڪيو. منجھن سياسي سجاڳي ۽ سماجي شعور پئدا ڪري کين ڪائونسلن ۾ ميمبر ۽ چيئرمين ڪرائي، وڏن وڏن جاگيردارن جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا.
    مسڪين، ٿرين لاءِ ايڏيون ته خدمتون انجام ڏنيون جو، ٿر جي تاريخ ۾ اھي ياد رھنديون. ھن کي ٿرين سان مارئيءَ واري محبت ھئي ۽ ھن اھا پڇاڙيءَ تائين نباھي. مسڪين جي ھن عوامي خدمت، کيس اھو مقام ڏياريو، جو ھو ٿرين جي ڌڙڪڻ بڻجي ويو ۽ اڄ، ھڪ عوامي ڪردار جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو.


    • شير ميربحر

    ملھ لفظ جو بنياد يا ڌاتو آھي، ميل + لھ – ميل معنيٰ گڏجڻ ۽ پاڻ ۾ ملڻ ۽ لھ معنيٰ لاھي تي يا ھيٺ ڀرو- ميل لھ جي ڪثرت استعمال سان، لفظ ملھ بڻجي ويو، ۽ ان ڪرتب ڪندڙ کي ملھ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ڌڱ مڙس يا پھلوان ھوندو آھي.
    ملھ سنڌ جي قديم ۽ پراڻي راند آھي، جنھن جا آثار موھن جي دڙي کان ملن ٿا. اٽڪل 23 ق- م ۾، جيڪي نوجوان کلئي ميدان ۾، ھڪ ٻئي سان ملھ وڙھي سرسي ڪندا ھئا، ته کين پوءِ پرڻايو ويندو ھو. ان وقت ملاکڙي جو جشن سارو ڏينھن ھلندو ھو. ملھن مان جيڪو ساري ڪندو ھو، تنھن جي ڳچيءَ ۾ شھزاديون اچي ھار وجھنديون ھيون. راجا ملھن مٿان جواھرن، لعلن ۽ ھيرن کي نڇاور ڪندا ھئا. انھيءَ قومي ۽ متبرڪ راند ذريعي، مادر وطن جا پھلوان سپوت، نه صرف حڪومت پر عوام کان به، خراجِ تحسين وصول ڪندا ھئا. آرين جي دور ۾، باقائدي ملاکڙا ته نه ٿيندا ھئا، پر زور آزمائيءَ جو شرط ضرور ھوندو ھو. (ملھ ۽ ملاکڙا- رحيمداد خان مولائي شيدائي. ماھوار، ڳوٺ سڌار- ماھ جولاءِ 1960ع)
    ملھ سنڌ جي قومي راند آھي، جيڪا وڙائتي، مانائتي ۽ انگائتي راند آھي، جنھن ۾ امن پسندي، انصاف ۽ قرباني جا انگ سمايل آھن. ھن راند جا شرط، اصول، قاعدا ۽ ضابطا سڀ مھذبانه ۽ شريفانه آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو، ھي راند 4 ھزار ورھيه ق – م کان اڄ تائين پنھنجي شان شوڪت سان قائم ۽ دائم آھي ۽ ڪيترن ئي انقلابن اچڻ کان پوءِ به اسان جا ملھ، پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي روايتن کي قائم رکندا اچن ٿا، ۽ وقت پئي، پنھنجي فن جو مظاھرو ڪن ٿا. اھڙن ملھ پھلوانن مان علي شير ميربحر جو نالو سرِ فھرست آھي، جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۽ وستين ۾، پنھنجي فني صلاحيت مڃرائي چڪو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي.
    شير ميربحر، سنڌ جي پھلوانن جو مُک ھو. ھو ملاکڙي جي مرڪ ۽ سونھن ھو. ملھ جي فني نقطئه نگاھ کان، سھڻو ملھ اھو آھي جو افعالين به سھڻو ھجي ۽ انگين به سھڻو ھجي. افعالين معنيٰ ڪپڙين لٽين، شڪل شبيھ، بُت، سڊول ۽ سھڻو ۽ انگين جو مطلب آھي، ملاکڙي ۾ گھڙي ته ملھ وڙھڻ لاءِ اڳواٽ تيار ھجي ۽ ڪنھن جي چؤ چوا تي نه اٿي. جڏھن وڙھي ته خوشي سان، ھڪ ڪلھو ڏي ۽ ٻيو وٺي ۽ ملھ وڙھڻ وقت، ساٿيءَ سان کوٽ ۽ ٺڳي نه ڪري. ھٿن وجھڻ کان پوءِ، بيھي نه ۽ ھڪجھڙي پھلوان کي پنھنجو ڪري وڃي ماري. شير ميربحر ۾، اھي سڀ خوبيون موجود ھيون.
    علي شير ميربحر ڳوٺ ھيسباڻي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاھ جو رھاڪو ھو. ھن کي ملھ جو شوق سندس چاچي پيرل خان ميربحر ڏياريو. ھن جي ملھ جو استاد پھلوان لقمان خشڪ ھو. شير علي ٽئين جوڙ کان ملھ وڙھڻ شروع ڪئي. سندس پھرين ملھ محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي ھڪ ملاکڙي ۾ ٿي ۽ پوءِ ھو لاڳيتو، ملھ وڙھندي ٻن سالن اندر ٻئي جوڙ ۾ پھتو. ھڪ سال ۾ ٻئي جوڙ جي سڀني ملھن کي دسي، پھرين جوڙ ۾ پھتو. پھرين جوڙ لاءِ ھن لالا نواز علي پٺاڻ کي استاد ڪيو.
    شير ميربحر 30 سالن جي ڊگھي عرصي تائين ملھ جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست پھلوان رھيو. ھن ان عرصي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي پھلوانن کي شڪست ڏيئي، ملھ جي فن ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھن کي پھريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾، نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش خان ڀٽي ڏنو. ھن جا ڪيترائي يادگار تاريخي مقابلا آھن، جن مان ٽي مقابلا مشھور آھن. پھريون ھالا دنگل، جنھن ۾ چيڪو سلاويه جي پھلوان جارج زيڊسڪو کي شڪست ڏيئي ملڪ جو نالو مٿاھون ڪيو. ان کان پوءِ، ھن ھندوستان جي مشھور پھلوان گرنام سنگھ کي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ زبردست تاريخي شڪست ڏيئي، ماري مڃايو. سندس ٽيون يادگار مقابلو، لکي بنگلي خيرپور ۾ ٿيو، جنھن ۾ ھن ٽن پھلوانن کي ھڪئي وقت شڪست ڏني. جنھن تي ان وقت صدر ايوب خان، خوشيءَ مان تاڙيون وڄايون، داد ڏنو ۽ نقد انعام به ڏنائين. ان کان سواءِ ھن پنجاب، بھاولپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد جي ڪيترن ئي پھلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماري مڃايو. ھن جي ھيءَ عادت ھئي ته، جي پھرين ملھ ۾ ڪرندو ھو ته ٻانھين ۾ نه وھندو ھو، پر ميدان ۾ ئي پنھنجي مدمقابل جو انتظار ڪندو ھو ۽ قدم قدم گھمندو رھندو ھو ۽ پوئين ملھ دسي، پوءِ دم پٽيندو ھو. ان ڪري چوندا ھئا ته “پوئين ملھ شير جي آھي.” سندس بھادري ۽ ملھ ۾ سرسي ڏيکارڻ تي، سڌ جي عوام کيس رستمِ سنڌ ۽ شير جا خطاب ۽ القاب ڏنا. ايوب خان به کيس چيو ھو ته “تون واقع شير آھين”
    شير ميربحر، ساري زندگي ملھ جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اھو ھن جي ئي ڪوششن جو نتيجو آھي، جو ملھ کي اڄڪلھ سنڌ جي “قومي راند” تسليم ڪيو ويو آھي ۽ ٻاھرين دنيا کان پھلوان ھت ملھ وڙھڻ اچن ٿا. شير جي ذاتي ڪوششن سان، ڪراچيءَ ۾ ھڪ شاندار ملاکڙو ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. ملھ جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي ھر قدم تي ھو جدوجھد ڪندو رھيو. سندس انھن ڪوششن کي ڏسندي، 1974ع ۾ کيس حڪومت طرفان، ملھ جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو ملھ جي مقابلن جي نگراني ڪندو ھو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو ھو.
    شير ميربحر 28 مارچ 1985ع ۾، بڪين جي بيماريءَ سبب گذاري ويو.


    • سگھڙ ٻيڙو فقير

    سگھڙ، سنسڪرت لفظ شوگھٽ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي سھڻو نظم نويس. سنڌي ٻولي جي قديم لفظن جو خزانو ۽ ھر زماني جون، لوڪ پسند ڳالھيون ۽ خيال، سگھڙن امانت با سلامت، وقت به وقت اسان تائين پھچايون آھن. ھنن سنڌي ٻوليءَ جا قديم لفظ ڳولي، انھن جو صحيح استعمال ڪري، سنڌيءَ جي ادبي قدامت جي رکوالي ڪئي آھي. سگھڙ عقل جا اڪابر ۽ سياڻپ جا مجسما ٿين ٿا. اھي پنھنجي خاص خوبين، صلاحيتن ۽ مخصوص ذھني ۽ فڪري لاڙن سبب، عوام ۾ مقبول رھيا آھن. اسان جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾، سگھڙن جو وڏو ڪردار رھيو آھي. اھي جيئن ته، عوام سان رھن ٿا ۽ نِج ڳوٺاڻي ماحول ۾ پرورش وٺن ٿا، ان ڪري سندن شاعري ۾، عوامي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ھوندي آھي. سندن ڪلام، اسان جي تھذيب ۽ تمدن جو مڪمل آئينو ھوندو آھي.
    ٻيڙو فقير ڪنڀر به، سنڌ جو ذھين ۽ سڄان سگھڙ ھو. سگھڙپائي جي ڪري ڳوٺاڻي عوام ۾ کيس وڏي مقبوليت حاصل ھئي. مان پھريون دفعو، جناب محمد ابراھيم جويي صاحب جي جاءِ تي ساڻس مليو ھوس. شايد 1972ع جو زمانو ھو. صاف چٽا ڪپڙا، ميندي رتي ريش مبارڪ،سفيد پَڳ. جيتوڻيڪ پوڙھو ھو، پر آواز ۾ رعب، دٻدٻو ۽ گفتن ۾ دانشمندي ۽ سگھڙائپ ھئي. ھر ڳالھ توري تڪي ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ ۾، بيت، پھاڪو ۽ گفتو ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪ.
    ٻيڙو فقير، اصل لقمان ڪونريجو تعلقي ھالا جو ويٺو ھو. پوءِ اتان لڏي اچي ڪاري موري حيدرآباد ۾ ويٺو. جتي سنڌ جي مشھور عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان واقفيت ٿيس، جنھن سون تي ڄڻ سھاڳ جو ڪم ڪيو. ڏَور ۽ گفتي جي فن ۾ سندس استاد جاڙو خان مري ھو. بنيادي طرح، ھو ڳجھارت جو سگھڙ ھو. ھن ڳجھارتون ڀڳيون ۽ واھ جو ڀڳيون. سر نروار ڪري، ھڪ ٻن ڌُڪن ۾، ڳجھارت کي ڀڃڻ سان ڪچھري ۾ واھ واھ ٿي ويندي ھئي.
    جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ڳجھارت جي ٻول ۾، ٻيڙو فقير، ھن وقت سنڌ جي سڄاڻ ڳوليندڙن مان آھي. (ڳجھارتون- مقدمو ص نمبر 57) ٻيڙو فقير ڳجھارتون ٺاھيندو به ھو. ھن ڳجھارت جي فن ۾، نواڻ ۽ جدت پئدا ۽ ان ۾ نوان انگ رکيائين. سندس ھڪ ڳجھارت ھن طرح آھي:
    مومل به ڪاٺي، پر کاڄ جو ڪيئه مينڌرا.
    ھن ڳجھارت جا، ٻه پاوا آھن: پھريون ڪاٺي ٻيو کاڄ- ڪاٺي ھاڪي راند Hockey آھي يعني ھاءِ + ڪي ۽ ٻيو کاڄ ۾ آھي ناشتو: ڀڃڻي ھن طرح آھي: مومل به ھاءِ ڪي، پر ناس تو ڪئي مينڌرا. ھن ڳجھارت ۾، ٻيڙي ھڪڙي پائي جي ڀڃڻي، انگريزي لفظ مان کنئي، ته ٻي وري فارسي ناشتو لفظ مان کڻي، سنڌي ٻولي جو ٻين ٻولين سان تعلق ۽ سٻنڌ پئدا ڪري، پنھنجي ٻوليءَ جي لفظي دامن کي وسيع ڪيو.
    ڳجھارت جي فن کان سواءِ، ھن کي سنڌي سينگار شاعري ۾ به وڏو مقام آھي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “مون کيس، بالاخر سينگار جي بيتن جوڙڻ جي ترغيب ڏني ۽ ھو ھن دور جو، پھريون سگھڙ ھو، جنھن سينگار جا بيت جوڙڻ شروع ڪيا. سندس اوائلي بيت سادا ھئا، پر وڌيڪ تربيت ۽ ترغيب سان، پوءِ ٻيا چڱا بيت چيائين.” (سنڌي سينگار شاعري- ص نمبر 239) سندس ھڪ ڊگھي بيت جون چار سِٽون ھن ريت آھن.
    حسن ڏنو حبيب منھنجي کي، قادر پاڻ ڪمال ڪري،
    روءِ روياني راس نه آئي، موٺ چوان ڇا مثال ڪري،
    ابر اليھر عاجز ٿيا، تڳي ترنگ اڳيان نه سا تال ڪري،
    ڀرون ڀلا ٿيا ڀؤنرن کان ڇا حسن اڳيان ھلال ڪري، الخ
    سگھڙ ٻيڙو فقير، بذات خود ھڪ انجمن ھو. محفل ۾ ھو جتي ويٺو، ڪچھري مچي ويندي. ويٺو سگھڙائپ، عقلمندي، دانائپ ۽ ادبي جواھر نڇاور ڪندو. ھن سگھڙن ۾ سماجي شعور پئدا ڪيو ۽ سگھڙن جي ڪچھرين کي منظم ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب “ھو وڏو ذھين ھو ۽ ھو صحيح معنيٰ ۾، شاگرد بڻجي سڄي ڳالھ کي سمجھي ورتو. ھن کي ڪچھرين جي نظام ۽ انتظام جي تربيت ڏنم.” ۽ جنھن اڳتي ھلي ھيءَ، منڊلي مچائي. ڪيترائي دفعا ھن پنھنجي ڳوٺ ۾ سگھڙن جي ڪچھري رکي. ھن “ادبي محفل” ۾ اتساھ پئدا ڪيو. ھن حيدرآباد ۾ “لوڪ ادب ھال” جو بنياد به رکيو.
    ٻيڙو فقير، لوڪ ڪھاڻي جي فن جو به ڄاڻو ھو. لوڪ ڪھاڻي کي کڻڻ ۽ ٻڌائڻ جو کيس ڏانءُ ھو. کانئس پوءِ، ڪيتريون ئي لوڪ ڪھاڻيون لکرائي، ڪتابن ۾ ڇپرايون ويون ۽ اھڙي طرح ھي ادبي ذخيرو، سندس معرفت محفوظ ٿي ويو.
    ٻيڙو فقير، ڀٽائي رح جو عاشق ھو. کيس “شاھ جو رسالو” گھڻي ڀاڱي ياد ھو. ھن سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي، شاھ کي ڳوليو ۽ پڙھيو. ان ڪري ھو لطيف جي فڪر جي اپٽار، ان جي اصلي ماحول مطابق ڪندو ھو. ھو شاھ جي بيت کي صحيح تحت اللفظ ۽ اثرائتي انداز ۾ پڙھندو ھو. ھن لطيف جي ادبي ڪانفرنس ۾ ، خاص حصو ورتو ۽ اتي سگھڙن کي آڻي لطيف جي فڪر ۽ فن کي جيڪو وٽن محفوظ ھو، سنڌ جي ائڊوڪيٽ طبقي سان متعارف ڪرايو.
    ھو نه صرف، سگھڙ ۽ سگھڙپائي جي فن جو ماھر ھو، پر ھڪ بيباڪ ۽ بي خوف صحافي به ھو. ھن ھڪ اخبار، ڪچھري جو بنياد وڌو، جنھن سنڌ ۾ پاڪ، صاف ۽ سچي صحافت کي ھٿي ڏني ۽ صحتمند رجحانات کي فروغ ڏنو. ھن اخبار ۾، سگھڙن جا ٻول به ڇپبا ھئا ۽ سندن ڪچھري جون خبرون به اشاعت ھيٺ اينديون ھيون.
    ٻيڙو فقير، سماجي ورڪر ۽ پورھيت ڪارڪن ھو. ھن پنھنجي ذات جي غريب ۽ پورھيت عوام جي فلاح ۽ بھتري لاءِ “پاڪستان ڪنڀار جماعت” جو پايو وڌو ۽ ڪيترائي سال لاڳيتو، ان جو صدر ٿي رھيو. ھن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واھڻ واھڻ ۾ وڃي، ڪنڀرن کي پڙھڻ ۽ پنھنجي پورھئي سان، محبت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. پنھنجي بصيرت افروز گفتگو ۽ دانشمندانه ڳالھين ڪري، ھو پنھنجي برادري ۾، مقبول ھو ۽ جتي به ويندو ھو، ته ھشام ماڻھن جا اچي، سندس ڳالھ ٻولھ ٻڌندا ھئا. ھن تنظيم، ڪنڀرن ۾، سماجي شعور، تعليمي رجحان ۽ ذھني پختگي پئدا ڪئي.
    ٻيڙو فقير، وڏو خوددار، غيور ۽ بي داغ ڪردار جو مالڪ ھو. رب جي رضا تي راضي رھندڙ، سڀ جو ڀلو گھرندڙ، سنڌ جو شيدائي، ھوشمند، بلند حوصلي وارو، حاضر جواب، ۽ خوش خلق ۽ صاف دل، غريب ڳوٺاڻو پر سچو دوست، ھڏ ڏوکي ۽ ڀلو انسان ھو. غريب ھجڻ جي باوجود به دل ۽ ھٿ جو ڪشادو ھو.
    جناب غلام رباني سندس سخاوت ۽ مھمان نوازي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “ڦليلي جي ڪناري تي ڪچھريون شروع ڪيائين. ڪچھريون ڇا ھيون ڄڻ ته چڱي موچاري امير ماڻھوءَ جو وھانءُ آھي. ڇڻڪار ٿي ويندا، گلم وڇائجي ويندا، بجليءَ جون راڊون لڳي وينديون، خلقون اچي گڏ ٿينديون، پوءِ شروع ٿيندي سگھڙن جي ڪچھري. ڳجھارتن ۽ مولودن کان وٺي، سنڌي سنگيت تائين! آخر ۾ ماني کارائيندو. دال ڀت نه. ٻوڙ، پلاءَ، قورما، ٽنڊي آدم واريون گوشت ۾ پڪل رانون ۽ ميواتون وغيره وغيره-
    اسان جو ھي سخنور ۽ سگھڙ 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪري ويو. (جھڙا گُل گلاب جا – 2 – ص نمبر 400 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ) “ 2 . 5 . 2015 ”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566179
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215635
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ