ڪتاب جو نالو: آکيرا آڪاس ۾
مصنف: رام بخشاڻي / قمر شهباز
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2659 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 494 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • منزل نه ڪو ماڳُ، اسين آديسيئڙا
  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پنهنجي پاران
  • • پيش لفظ
  • • خوبصورت سنڌ جي سپني کي ساڀيا ڏيڻ جو رستو
  • • مهاڳ
  • • ٻي ڇاپي جو مهاڳ
  • 1. باب پهريون : نئون ڏينهن، نئين شروعات
  • 2. باب ٻيو : نـنـڍپـڻ
  • 3. باب ٽيون : بڙودا ۾ پرورش
  • 4. باب چوٿون : تاريخي شخصيتون
  • 5. باب پنجون : درجي بندي
  • 6. باب ڇهون : عربن سان تعلق
  • 7. باب ستون : موتين جي ڳولها لاءِ غوطا
  • 8. باب اٺون : انگريزي ڇاپ
  • 9. باب نائون : نئين دور ۾ پهريون قدم
  • 10. باب ڏهون جيڪو ڏاڍو، سو گابو
  • 11. باب يارهون : جڏهن وهنوار ساک ۽ ڪارپت تي هلندو هو
  • 12. باب ٻارهون : زمانو ڪيترو به بدلجي حالتون ساڳيون ٿيون رهن
  • 13. باب تيرهون : پنهنجي پسند جو سوال
  • 14. باب چوڏهون : ڇا، سنڌيت کي ڪو خطرو آهي يا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي؟
  • 15. باب پندرهون : تبديليءَ جي ڪا منزل ناهي
  • 16. باب سورهون : لاوارث پرواسي
  • 17. باب سترهون : نئين پيڙهي، نئين اميد
  • 18. باب ارڙهون : ڪراڙو ۽ وڌيڪ ڏاهو
  • • پڇاڙي
  • • شڪرگذاري جا لفظ
  • • مختلف رايا
  • • پڙهندڙن جا خط
  • • جستجو جو روح ۽ روايتن کي فتح ڪندڙ رام بخشاڻي : ايلين جيڪوب
  • • هڪ ڪامياب سنڌيءَ جي ڪٿا : يوسف سنڌي
  • • سهڪاري ڪتاب

  • • منزل نه ڪو ماڳُ، اسين آديسيئڙا

    منزل نه ڪو ماڳُ، اسين آديسيئڙا،
    پري پنڌ اجهاڳ، آکيرا آڪاس ۾.

    (قمر شهباز)


    • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (116) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “آکيرا آڪاس ۾” آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي آهي دبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديب ۽ بزنس مين شري رام بخشاڻيءَ جي جنهن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي قمر شهباز. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع ۾سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو ۽ مهورت ڪراچيءَ ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ شري رام بخشاڻي خصوصي طور شريڪ ٿيو. اسان ٿورائتا آهيون ليکڪ ۽ پياري دوست يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    مان پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي امڙ ايشوريا ٻائي جي بخشاڻي جي ساهه سڌير ساروڻين کي ارپيان ٿو.
    جنهن پنهنجي جيون جي ڏکين گهڙين مان مونکي اِهو سيکاريو ته ماڻهوءَ جي ڏکين حالتن کي سمجهڻ ئي اصل مهانتا آهي.
    هن مونکي اڏولپڻي سان اُڀاريو، پر افسوس جو مونکي جيڪا ڪاميابي ملي آهي، اها ڏسڻ جي لاءِ هوءَ موجود نه آهي، مون هن جي زندگي جي تجربي مان ڪيترائي ڪارائتا سبق پرايا آهن.
    هوءَ روشني جو ڪِرڻون هئي، ۽ سندس هر هڪ ياد منهنجي لاءِ روشن راهه جي حيثيت رکي ٿي.

    رام بخشاڻي


    • پنهنجي پاران

    شري رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي “آکيرا آڪاس ۾” اوهانجي هٿن ۾ آهي. جيڪا پهريون ڀيرو 2003ع ۾ TAKING THE HIGH ROAD جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپي هئي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو، جيڪو 2005ع سنڌي اڪادمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ سڌارن ۽ ڪجهه بابن جي واڌاري سان ڇپيو. ڪتاب سنڌيءَ کانسواءِ هنڌي، گجراتي، مراٺي، مليالم ۽ اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپجي چُڪو آهي.
    شري رام بخشاڻيءَ جي هيءَ آتم ڪهاڻي سندس زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهي، ۽ مونکي جڏهن مانواري دوست نصير ميمڻ پڙهڻ جي لاءِ موڪلي ته مونکي بي حد وڻي ۽ منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته هي ڪتاب هر سنڌي نوجوان پڙهي. مون جڏهن اهڙو اظهار نصير ميمڻ سان ڪيو ته سندس به اهڙي ئي راءِ هئي. نصير منهنجي ان خواهش جو اظهار ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ سان ڪيو، جنهن شري رام بخشاڻيءَ سان ڪتاب جي سنڌ ۾ ڇپجڻ جي ڳالهه ڪئي. ايئن ڊاڪٽر قادر سرڪي به اسان سان اُن خواهش ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو ۽ سچي ڳالهه اِها آهي ته جي ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ جو ساٿ ۽ سهڪار نه هجي ها ته هي ڪتاب شايد سنڌ ۾ ڇپجي نه سگهي ها.
    هن ڪتاب ۾ 2013ع واري ڇپيل انگريزي ايڊيشن ۾ جن بابن جو واڌارو ڪيو ويو هو، انهن جو ۽ مختلف اخباري تبصرن ۽ ڪجهه وڌايل پئراگرافس جو سنڌي ترجمو نئين ٽهيءَ جي ليکڪ محترم اياز عليءَ ڪيو آهي. جنهن لاءِ آئون سندس دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، ايئن اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ ۾ هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر قادر سرڪي، نصير ميمڻ ۽ اياز عليءَ ڏانهن وڃي ٿو.

    يوسف سنڌي
    حيدرآباد
    8 مارچ 2014ع


    • پيش لفظ

    ورلي ڪو اهڙو سنڌي ملندو، جنهن رام بخشاڻيءَ کي نه ڏٺو هجي يا سندس نالو نه ٻُڌو هجي. جيڪي کيس سڃاڻن، تن مان گهڻن جي نظرن ۾ هو هڪ عجيب طلسماتي شخصيت جو مالڪ آهي. منجهس سڀيتا ۽ سڀاءَ جا انيڪ گُڻ آهن. اٽل ارادو، وشواس، همٿ ۽ همدردي، نئڙت ۽ نياز، ميٺاج ۽ مضبوطي ته منجهس آهي ئي آهي، پرسڀ کان اُتم آهي سندس نماڻائي ۽ پاڻ ارپڻ جو جذبو. زندگي ۽ ان جي مشڪل مسئلن کي هو هميشه مڙس ٿي منهن ڏيڻ جو قائل آهي. سندس مُک تي سدائين مرڪ مرڪندي نظر ايندي. ساڻس ملڻ کڻي ڪير به اچي، هو کيس ٻه ٻول پيار ۽ همٿ افزائيءَ جا ضرور چوندو. کيس ان ڳالهه ۾ پڪو وشواس آهي ته انسان جي سچي دولت هن جنم ۾ ڪيل سندس چڱا ڪم ئي آهن.
    رام بخشاڻيءَ جي آتم ڪٿا سنڌي جاتيءَ جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ اورچائيءَ جو انوکو داستان آهي. جيئن جيئن هو پنهنجي حياتيءَ جو حال ٿو اوري ته لڳي ٿو ته هو بي شمار سنڌي ڪٽنبن جي ويڙهاند جي تاريخ پيو بيان ڪري. پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ گذاريل ٻالڪپڻي جي سُرهن ڏينهن کان وٺي ورهاڱي جي وحشت تائين، جنهن ڪيترن ئي خاندانن جي خوشي ۽ خوشحالي کسي ورتي، ۽ شرنارٿي ڪئپمن ۾ گذاريل پيڙا جي پهاڙ جيڏن ڏينهن کان ويندي غربت جي انهن گهڙين تائين جو سربستو احوال ٿو ٻڌائي، جيڪي سنڌين پنهنجي سِرَ تي سهايون ۽ پوءِ پنهنجي اجهل ارادي، بهادريءَ ۽ همت سان اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جو ماڻهن کي چوڻو پيو ته هيءَ قوم پيدا ئي ڪاميابين لاءِ ٿي آهي.
    سنڌ جي تاريخ ڏاڍي قديم آهي. سنڌو سڀيتا جي باري ۾ خيال آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ست هزار سال پراڻي آهي. سنڌي تمام گهڻا سڌريل ۽ تهذيب يافته ماڻهو آهن. هو جاکوڙي محنتي ۽ هنرمند آهن، ۽ منجهن همٿ، لگن ۽ وشواس جي کوٽ بنهه ڪانه آهي. اڄ سنڌي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هڪ اعليٰ جاتي آهن، جن جات پات، رنگ، نسل ۽ مذهب ۽ ڌرم توڙي قوميت جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي پاڻ کي هرطرح آجو ڪري ڇڏيو آهي. توهان جتي به ويندا توهان کي ڪو نه ڪو سنڌي ضرور ملندو، جيڪو هڪدم پيار ۽ ڀائيچاريءَ جو هٿ وڌائي توهان کي ڀليڪار چوندو. رام بخشاڻيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ سنڌين جي انهن خوبين کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ ايشيا جي ٻاهرئين پاسي ٻڌل ٻن اهم ملڪن، دبئي ۽ جپان کي پڻ مڃتا ڏني وئي آهي. ليکڪ انهن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ واڌاري جي تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌين جي مُهم جوئيءَ ۽ جدوجهد جون ڪڙيون پڻ انهن ملڪن سان ملائڻ جي ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪوشش ڪئي آهي.
    سنڌين جي واپاري سُڌ ٻڌ ۽ ديالو ڪمن واري جذبي جي واکاڻ ڪندي، رام بخشاڻيءَ ڪي اهڙا اهم نُڪتا پڻ بحث هيٺ آندا آهن، جيڪي سنڌين جي آئندي لاءِ ڏاڍا ضروري آهن، ڇا، سنڌي دنيا ڀر ۾ ڦهلجي وڃڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ وڃائي ويهندا؟ سنڌين جي مٺڙي ٻولي، سنڌي هنر، ساهت، سڀيتا ۽ لوڪ ورثي جو ڇا ٿيندو؟ هن کي پڪ آهي ته سنڌين جي نئين پيڙهي جيڪا خوشحاليءَ ۽ مالي سلامتيءَ واري ماحول ۾ پلي ۽ نپني آهي ۽ جي بدقسمتيءَ سان اهي ٻئي نعمتون سندن وڏن کي ڀاڳ ۾ نه مليون هيون. انهن مسئلن کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي قابليت رکي ٿي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌي عورتن جي پڻ دل کولي واکاڻ ڪئي وئي آهي ۽ کين مناسب مڃتا ڏني وئي آهي، ڇو ته مايوسي ۽ نااميدي جي گهڙين ۾ اهي سنڌي عورتون ئي هيون، جن پنهنجن مردن کي جذباتي ساٿ ڏنو ۽ سنڌين جي تهذيبي سڃاڻپ کي زنده رکڻ ۾ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪيو. سندن سهڪار کان سواءِ ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ثقافت جي پاڙن کي پختو رکڻ ناممڪن ٿي پوي ها.
    ڪابه قوم اوتري ئي ترقي ڪري سگهندي، جيتري سگهه ان جي ماڻهن ۾ اخلاقي قدرن جي بلنديءَ ۽ مقصد سان سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ سادگيءَ، پاڪيزگيءَ ۽ ڀڳتيءَ، همدرديءَ ۽ خدمت جي هوندي. ماڻهن جي سچي خوشي “(Halibutus) هيليبسٽس چيو هو”، سندن ڪردار تي مدار ٿي رکي، سندن طرز حڪومت تي نه ۽ ڪردار جون جڙون دل منجهان ڦٽي نڪرنديون آهن.”
    شل اسان جي نئين پيڙهي پنهنجي چرتر کي سگهارو ڪرڻ جون خوبيون سکي ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان صدق جو سڱ ڳنڍي ۽ ان سنڌي سڀيتا تي فخر ڪري، جيڪا اسان کي وڏڙن کان وراثت ۾ ملي آهي. ائين ڪرڻ سان اهڙو آئيندو پائي سگهنداسين جنهن ۾ اميد هوندي ۽ اسان جي عظيم سرواڻن جي جدوجهد جو روح هوندو. اهڙي طرح ئي اسين اهي ماڳ ماڻي سگهنداسين، جن لاءِ اسان جي پياري جاتيءَ تواريخ جا دل ڏاڙيندڙ ڏاڍ ۽ صدما سٺا آهن.

    جي. پي. واسواڻي
    ساڌو واسواڻي مشن، 2003ع


    • خوبصورت سنڌ جي سپني کي ساڀيا ڏيڻ جو رستو

    مانائتي سائين رام بخشاڻيءَ جو ڪتاب “آکيراآڪاس ۾ “ ذري گھٽ مُني صديءَ جي اتهاس جي ڪٿا آهي. دبئي ۾ جڏهن دوست قادر سرڪي اهو ڪتاب منهنجي حوالي ڪيو ته پنهنجي مصروفيتن کي ذهن ۾ رکندي سوچيو هئم ته تمام تڪڙو به پڙهيم تڏهن به مهينو کن لڳي ويندو. پر هي ڪتاب ايڏو ته موهيندڙ آهي جو سمورين مصروفيتن جي باوجود ان کي ڏيڍ، ٻن هفتن ۾ ئي پورو ڪري ورتم. هن دلچسپ ۽ نهايت ڄاڻ-ڀرئي ڪتاب کي هڪ ڀيرو شروع ڪرڻ کان پوءِ ڇڏڻ اوکو آهي. ڪتاب جيئن ته اصل ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم قمر شهباز ڪيو آهي. سنڌي ترجمو ايڏو ته سلوڻو ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن سان ڳُتيل آهي جو لڳي ٿو ڄڻ ته ڪتاب لکيو ئي سنڌي ۾ ويو آهي.
    هي ڪتاب نه رڳو دبئي جي اوسر جي هڪ اکين ڏٺي گواهه پاران لکيل ڪهاڻي آهي پر ساڳي وقت سنڌي سماج جي ان دور جي ڪيترن ئي سگھارن ۽ اُتساهيندڙ پاسن کي رڪارڊ تي آڻڻ جي به هڪ شانائتي ڪوشش آهي. اڄوڪو سنڌي سماج جيڪو نراسيت جي هٿان نپوڙجي رهيو آهي، اُتي اتهاس جا هي اتساهيندڙ حوالا هڪ خوبصورت آئيندي کي جوڙڻ جو ڏس به ڏين ٿا.بدقسمتيءَ سان ورهاڱي وقت لکن جي ڳاڻيٽي ۾ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ سان سنڌي سماج ۾ هڪ اهڙو ته ڀوائتو سماجي خال پيدا ٿيو. جنهن کان سنڌي سماج اڄ ڏينهن تائين جان آجي نه ڪري سگھيو آهي. رام بخشاڻيءَ جي هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي هندو ڪيئن نه سنڌي سماج لاءِ معاشي طور ڪرنگھي جي هڏي بڻيل هئا. سندن اورچائي، ڏکين حالتن ۾ معاشي پاڻ ڀرائي لاءِ جاکوڙ جو جذبو، ڏيساور جي لھه وچڙ، ڪاروبار ۽ وڻج واپار جي رمزن جي ڄاڻ ۽ مٽيءَ کي سون بنائڻ واري صلاحيت جيڪڏهن سنڌي ۾ موجود رهي آهي ته اهي اڄوڪي سنڌ کي دبئي، سينگارپور، هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا جي ٽڪر جو ملڪ بنائي پئي سگھيا. هي ڪتاب پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته درحقيقت اڄوڪي چمڪاٽ ڏيندڙ جديد دبئي جا باني ته سنڌين هندو هئا، جن اتي جديد بنيادن تي ڪاروبار ۽ وڻج واپار جا بنياد رکيا. سنڌي هندن جون اهي سموريون صلاحيتون، خاص طور تي سندن اڻ ٿڪ پورهيي جا وچور پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ورهاڱي وقت کين وطن جا وڻ نه ڇڏڻا پون ها ته سندن موجودگيءَ سان اڄوڪي سنڌ هڪ بنھه مختلف ڏيک ڏيندڙ سماج هجي ها. ڊسمبر 7 4 9 1ع جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۽ جنوري 8 4 9 1ع جي شرعاتي ڏهاڙن جي ڳالهه آهي، ڪراچي رت ۾ ٻڏل هئو، سرحد پار کان آيل ڪلمي گو ڀائرن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ هئي ته سنڌ جو وڏو وزير ايوب کهڙو وڌيڪ پناهگيرن کي سنڌ ۾ ورسائڻ جي مخالفت ڇو ڪري رهيو آهي. قصو ايترو وڌي چڪو هئو جو ڏهين جنوري تي سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته ڊسمبر ۾ 4 6 سکن کي قتل ڪرڻ واري وڳوڙ دوران مسلمان مهاجرن هندن جي جن دڪانن ۽ گهرن تي قبضا ڪيا آهن، تن کي اتان ڪڍي جائيدادون واپس هندن حوالي ڪيون وڃن، پر ڪو فرق نه پيو ۽ ڏهن ٻارنهن ڏينهن ۾ 8 1 هزار وڌيڪ هندو ملڪ ڇڏي هليا ويا. تن ڏينهن ۾ ايوب کهڙي ڊان اخبار ۾ لکيل هڪ مضمون ۾ شهر جي صورتحال هن ريت ڄاڻائي: “جڏهن وڳوڙ ٿيو ته ڪاروباري هندن جو هڪ ڊنل وفد يارهين وڳي ڌاري منهنجي آفيس پهتو. مون ان ئي مهل سپرنٽينڊنٽ پوليس شريف خان کي فون ڪئي ۽ کيس هدايت ڪيم ته موقعي تي پهچي امن امان بحال ڪري. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هندو دڪاندار وري مون وٽ پهتا ۽ ٻڌايائون ته پوليس، وڳوڙ ختم ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، مارا ماري ۽ ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي. تنهنڪري آئون صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ موقعي تي پهتس. مون اتي ڏٺو ته سپرنٽينڊنٽ پوليس صرف ڏهن ماڻهن سان 0 0 5 ڄڻن جي هجوم اڳيان بيٺو هئو. مون ڪراچيءَ جي آءِ جي کي فون ڪئي پر ان جو ڪٿي به ڏس پتو نه مليو.”
    ورهاڱي وقت اٽڪل ساڍا چار لک آباديءَ واري ڪراچي شهر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 1 6 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ صرف 6 سيڪڙو هئا. ڌارين جي آيل يلغار جي نتيجي ۾ چند سالن اندر اهي انگ اکر ابتا ٿي ويا ۽ 1 5 9 1 ع جي آدمشماريءَ موجب اردو ڳالهائيندڙ 0 5 سيڪڙو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي صرف 6.8 سيڪڙو هئي. سنڌي ڳالهائيندڙ هندو، جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي آباديءَ جو 1 5 سيڪڙو هئا، تن جو تعداد 1 5 9 1 ع ۾ صرف 2 سيڪڙو وڃي بچيو، باقي سڀ لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا. ائين ڪراچيءَ ۾ سنڌين جون باقي بچيل علامتون به ختم ٿيڻ لڳيون. مقامي ماڻهن کي متروڪ ملڪيتن خريدڻ جي حق کان محروم ڪري ۽ سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪري، ڪجهه سالن اندر هن شهر جي سنڌي شبيهه کي مڪمل طور بدلايو ويو. ننڍا وڏا ڪاروبار به ٻاهرين جي حوالي ٿي ويا، ڪوڙين سچين ڊگرين تي نوڪريون به سندن حوالي ٿي ويون. خصوصي فنڊن وسيلي قائم ڪيل صنعتون به سندن “هنرمند” هٿن حوالي ٿي ويون ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڌڪي ٻهراڙين ۾ اجگر جيان وات ڦاڙي ويٺل وڏيرڪي نظام ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
    اڄوڪو سنڌي سماج ڪاهلي، نااهلي، شارٽ ڪٽ، مدي خارج وڏيرڪي روين، رشوت ۽ هٻڇ جي حوالن سان سُڃاپجي رهيو آهي. رام بخشاڻيءَ جي ڪتاب ۾ تڏھوڪي دور جي سنڌين بابت پڙھي اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي ڪيڏا نه جاکوڙي ۽ ھمٿ ڀريا ھئا. رام بخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب جي باب چوٿين ۾ لکي ٿو ته “ڪنھن به غير سنڌي آڏو سنڌيءَ جو لفظ اُچاربو مس ته سندس ذھن ۾ ھڪدم جيڪو پھريون خيال ايندو سو ھي ته ھي اُھي ماڻھو آھن، جيڪي سخت پورھيو ڪري، ڏک سک سھي، ڏينھن رات جاڳي، ڪاروبار وسيلي ڪنھن اُوچي پد تي پھچندا آهن.”
    ليکڪ جا ھي جملا سنڌي قوم جي اُن سڃاڻپ جي عڪاسي ڪن ٿا جن کي اسان گذريل اڌ صديءَ دوران تيزيءَ سان وڃايو آهي.
    ھن ڪتاب مان ھڪ ٻيو نتيجو چٽيءَ طرح ڪري سگھجي ٿو ته جيڪڏهن ملڪ جا حڪمران دوررس سوچ رکندڙ، سچا، وطن پرست، عوام دوست ۽ روشن خيال ھجن ته اهي پنهنجي ڏاھپ سان اھڙيون پاليسيون جوڙي سگھن ٿا جيڪي ڪجھه ڏھاڪن اندر ملڪ ۽ عوام جي تقدير بدلائي سگھن ٿيون. دبئي جي حڪمرانن جي ان ڏاهپ ۽ وطن دوستيءَ جا اھڙا ڪيئي حوالا هن ڪتاب ۾ نطر اچن ٿا.
    رام بخشاڻي ڪتاب جي باب اٺين ۾ ان پسمنظر ۾ لکي ٿو ته “ ڪي ٻيون به ڳالھيون ھيون، جن دبئي جو شان وڌائڻ ۾ مدد ڏني. سڀ کان پھرين ۽ ضروري ڳالھه ھئي دبئي جي حڪمرانن جي کُلي ۽ سلجھيل سوچ ۽ دورانديشي. دبئي جي حاڪمن نون ايندڙن کي مفت زمين، ٽئڪسن کان ڇوٽڪارو ۽ جان ۽ مال جي حفاظت جھڙيون سھولتون آڇي سندن من موهي وڌو. ڪتاب جي نائين باب ۾ ليکڪ وڌيڪ تفصيل سان دبئي جي حڪمرانن شيخ راشد ۽ شيخ مڪتوم پاران انفرااسٽرڪچر جي اڏاوتن جا حوالا ڏنا آھن، جن جديد دبئي کي رِيس جھڙو ملڪ بڻائي ڇڏيو. ساڳي وقت دبئي جي ھڪ اسلامي ملڪ ھجڻ جي باوجود ھر مذھب ۽ سوچ کي مان ڏيڻ واري سندن سگھه کي به ليکڪ سندن ڪاميابي جو ھڪ اھم ڪارڻ قرار ڏنو آھي. شيخ راشد جي ان رخ جي حوالي سان ليکڪ لکي ٿو ته “دبئي انھن ٿورين جڳھين مان هڪ آھي، جتي مسجد ۽ مندر هڪ ٻئي کان چند قدمن جي مفاصلي تي جُڙيل نظر ايندا. حاڪم جي سھپ ۽ ڪشاده دليءَ جو ان کان وڌيڪ سٺو مثال ٻيو ڪھڙو ملندو ته مندر جوڙڻ لاءِ زمين خود واليءَ پاڻ دان ڪئي.”
    بدقسمتيءَ سان اسان جي حڪمرانن کي جڏهن وڏا اسٽرڪچر ٺاھڻا ھوندا آھن ته وڏي خوشيءَ سان ان لاءِ دبئيءَ جا حوالا ڏيندا آهن. کين اهو پتو ناهي هوندو ته دبئي جي ترقي جو راز اهي اڏاوتون نه پر اهي عوام دوست پاليسيون ۽ ترقي پسند سوچ آهي. اهي اڏاوتون ته ان سوچ ۽ بھتر رٿابنديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيون آهن.
    هن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ سمجھه ۾ اچي ٿو ته دبئي جي حڪمرانن ڪيئن نه عوام دوست حڪمرانيءَ وسيلي ھن ملڪ کي ترقيءَ جي نين منزلن تي پھچايو. جيتوڻيڪ دبئي جي ترقيءَ واري ماڊل تي سوال به اٿاري سگھجن ٿا. پر هتي اهم حوالو حڪمرانن جي عوام دوست سوچ ۽ ان تي سندن عمل آهي. اندازو ڪريو ته دبئي جي ميونسپالٽي 1958ع ۾ وجود ۾ آئي آهي ۽ دبئي جو انٽرنيشنل ھوائي اڏو 1980ع ۾ ٺھيو آھي. ساڳي طرح دبئي جو سامونڊي پورٽ به 1958ع ۾ وڏن جھازن جي لنگر جوڳو ٿيو آھي. اڄوڪي سنڌ ۾ اھڙو انفرااسٽرڪچر ان کان ڪيئي سال اڳي موجود ھئو. ڪراچيءَ جو سامونڊي اڏو 1854ع ۾ کليو آھي ۽ ھوائي اڏو 1930ع جي ڏھاڪي ۾ اُڏامن لاءِ ڪتب ايندو ھو. ان لحاظ کان اڄوڪي سنڌ کي ته دبئي کان سئو سال اڳتي ھجڻ گھرجي ھا، جيڪا ان جي ابتڙ اڄ دبئي کان سئو سال پٺتي نظر اچي ٿي. فرق رڳو عوام دوست حڪمرانيءَ جو آھي، جيڪا ورھاڱي کان پوءِ سنڌ لاءِ ڄڻ ته ھڪ خواب بنجي وئي آهي.
    ٻيو ته دبئي جهڙين اڏاوتن جا حوالا ڏيندڙ حڪمران اهو وساري ويھندا آهن ته دبئي جي ڌڻين ڪيئن نه پنهنجي اصلوڪن رھواسين جي تاريخي حقن ۽ مفادن جي رکوالي ڪئي آهي. آباديءَ جو 71 فيصد حصو پرڏيھين تي ٻَڌل هجڻ جي باوجود دبئي جي اصلوڪن رھواسين جو دبئي تي پھريون حق چٽيءَ ريت مڃيل آهي. ڏھاڪن کان رھندڙ ۽ ملڪي معيشيت جي ڪرنگھي جي ھڏي ھجڻ جي باوجود انهن لکين ماڻهن کي شھريت جو حق ناھي ڏنو ويو. ڪاروبار، تعليم، علاج، ڇپر ۽ زندگيءَ جي سمورين سهولتن ۾ اصلوڪن رھواسين کي رياست جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي، جيڪا ڪنهن به پرڏيهيءَ جي تصور کان به ٻاھر آھي. ان جي اُبتڙ سنڌ عالمي يتيم خانو آھي، جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيئي مِلين غير قانوني پرڏيھي نه رڳو ترسيل آھن بلڪ کين مقامي شھريت به حاصل آهي ۽ اهي سنڌ جي اصلوڪن وارثن جي ڀيٽ ۾ ھزار ڀيرا سکيو جيون گھارين ٿا. پاڪستاني وفاقي ڍانچو، رياستي نظام ۽ حڪومتي طور طريقا اصلوڪن سنڌ واسين جي حقن جي چوويھه ڪلاڪ لتاڙ ڪن ٿا ۽ ان کي قومي مفاد ۽ اسلام جو نالو ڏين ٿا. دبئي ۾ مسلمان حڪمران جو ملڪ آهي، پر اتي اسلام جي نالي ۾ اصلوڪن رهواسين جي حقن جي اھڙي لتاڙ ناممڪن آهي.
    سائين رام بخشاڻيءَ جي ھن ڪتاب جو ٻيھر ڇپجڻ ۽ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي پڙھندڙن تائين پھچڻ تمام وقتائتو قدم آھي. اڄوڪي نراس ۽ سماجي توڙي سياسي گھوٽالن ۾ گھيريل سنڌ جي نوجوانن لاءِ ھي ڪتاب نھايت اُتساھ جو ڪارڻ بنجندو. ھيءَ ڪا سوين سال اڳ جي سنڌين جي ڪھاڻي ناھي، جنھن کي پراڻو ماضي چئي نظرانداز ڪري سگھجي. هيءَ ته رڳو ڪجھه ڏھاڪا اڳ جي سنڌين ۽ ان کان به گھٽ ڄمار واري دبئي جي اوسر جون حقيقتون آهن، جيڪي ھمعصر دور جي انھن سچاين ۽ حقيقتن جو حصو آھن، جنھن ۾ اسان اڄ به ساھ کڻون ٿا. اڄوڪي سنڌ جي نوجوانن،شاگردن،سياسي ڪارڪنن، سماجي شعبي جي ورڪرن ۽ پاليسيون ٺاھيندڙن لاءِ ھي ڪتاب رھنمائي ۽ اُتساھ جو وسيلو بنجندو. ھن وقت سنڌ کي اٿاھ نراسائيءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ ھن قسم جي ترقي پسند خيالن ۽ مواد جي ضرورت آھي، جيڪو سکڻي نعريبازي يا سنڌپرستيءَ جي ھٿرادي ماتم بدران اھڙن ٺوس حوالن ۽ جيئرن جاڳندن مثالن سان سٿيل آھي. جنھن سان سنڌ جي آئيندي جون راھون ڳولھي سگھجن ٿيون.
    اميد ته سائين رام بخشاڻيءَ جي ھيءَ ڪاوش ھڪ خوبصورت سنڌ جا سپنا سجائيندڙ ۽ انھن کي ساڀيا ڏيڻ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ھر سنڌ واسي لاءِ اتساھ ۽ رھنمائيءَ جو ڪم ڏيندي.

    نصير ميمڻ
    اسلام آباد
    آڪٽومبر 2013


    • مهاڳ

    مهاڳ

    جيون ڀر ههڙو لقاءُ ڪڏهن نه ڏٺم مسافر ايندا ٿا رهن پر ٽرين ته ڪڏهوڪو ڇُٽي وئي.
    جيمس بالڊون

    منهنجي ٽرين اڃا نه ڇُٽي آهي نه ئي پنهنجيءَ آخري اسٽيشن جو پليٽفارم ڪٿي نظر ٿو اچيم. ويجهو پوندو وڃي ٿو. اها پڪ اٿم، هر گذرندڙ اسٽيشن خوشيءَ جي ان احساس ۾ اضافو ڪندي ٿي وڃي ته ڊگهي سفر جو اهو حصو به گهٽ ٿيو.
    ورهين کان اهڙي هر اسٽيشن تي مسافر ريل مان لهندا رهندا آهن ۽ ٻيا سندن جاءِ والارڻ لاءِ گاڏي تي سوار ٿيندا رهندا آهن. دل گهريا دوست، اجنبي ۽ پيارا، منهنجي حياتيءَ جا حصا، ڪي ويجها ڪي ڏور، ڪي گهرا ڪي ڇڊا، ڪن جيءَ ۾ جايون جوڙي ڇڏيون، ڪي ڪوريئڙي جي تند کان به سنها ۽ نازڪ، آيا ۽ پل ۾ اکين کان اوجهل ٿي ويا. ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءَ جيارا وڇڙيا! اُن هوندي به اهي سڀ ڪُل جا جُز آهن. منهنجي زندگي جي کٽن مٺن تجربن جي سلسلي جي اڻ کٽ ڏور آهن.
    ذهن جي پردي تي يادون، سڙڪ ڪناري کُتل ميل جي پٿرن جيان پٺتي ڊوڙنديون ٿيون وڃن. ماڻهن، جڳهين، اميدن ۽ مايوسين جا رنگين چٽ آهن، جي رنگ بدلائيندا ٿا رهن. زندگي ته هڪ ڊگهو سبق آهي، جيڪو سچ پُڇو ته ڪنهن کي زباني ياد ئي ڪونه ٿيو هوندو. ڀل توهان اعتبار ۽ ڀروسي جون ٿوڻيون ٿنڀا هر بار آزمائيندا رهو، پر پوءِ به من گهريون مرادون ڪٿي ٿيون ملن؟ جتي اڪثر پيار ۽ پنهنجائپ، آشا ۽ اميد جي بدلي ڏک ۽ نراشا پلئه پوي، اُتي لاچار سوچڻو ٿو پوي ته ڇا دک ۽ دوکي جا هي ڏنڀ وقت به ڇٽائي سگهندو يا نه؟
    ههڙن موقعن تي جڏهن سج لهي چڪو آهي ۽ رات ڌوڪيندي پئي اچي، جڏهن پاڻ کي بيحد اڪيلا، اٻاڻڪا ۽ اٻالا محسوس ٿا ڪريون، جڏهن ڪنهن جي لڳايل چوٽ ڀرم ۾ ڀوري ڇڏيو آهي، تڏهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته رشتن جي هن ڀڳل ڀريل ڍير جا اسان ڪيتري قدر ذميدار آهيون.
    پر ڀل ته اسان دل ئي دل ۾ انهن سڀني ڳالهين کي مڃون ۽ سٺي توڙي مٺي سان ٺاهه ڪرڻ لا تيار به ٿي وڃون، اسان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيون ٿا، جيڪو نه فقط وڌيڪ ماٺو آهي، بلڪ دلي سڪون ۽ شانتي جو فرحت جهڙو احساس ڏياريندڙ پڻ آهي. ائين، جيئن سڀ جذبات ٿڌا ٿي چڪا هجن ۽ اسان گوڙيلي هجوم کان ڀرپور ٿي، ٻاهر کان اندر جهاتي پائي ڏسڻ جي قابل ٿي ويا هجون. اهو عمل پنهنجي پاڻ ۾ پيهي پاڻ سڃاڻڻ جو آهي. هڪ دفعو سچ جي ساڃاهه اچي دل ۾ ديرو ڪيو ته پوءِ حياتيءَ کي ان جي اثر مان ڪڍڻ محال ٿيو پوي.
    اها انساني وس جي ڳالهه ناهي، اندر ۾ اُهاءُ اوچتو ٿيندو آهي. ڪنهن خاص وقت، جڳهه يا ماحول جو محتاج نه هوندو آهي. هڪڙي ڪيفيت آهي، جيڪا اسان جي وجود تي ڇانئبي ويندي آهي، ۽ هڪ ڏهاڙي اوچتو، بنا ڪنهن وجهه جي، ساڃهه جو سوجهرو روح ۾ واسو ڪري ويندو آهي ۽ لڳندو آهي ته اسان پنهنجي حياتيءَ لاءِ جيڪي ماپا ۽ ماڻ مقرر ڪيا آهن ۽ جن کي اسان روزمرهه جو وهنوار چئون ٿا، يا مقبول محاوري ۾ سڌريل طرز زندگي سڏيون ٿا، سا ناڪافي آهي.
    اهو احساس ايندي ئي بي آرامي، بي چيني، ٿڪاوٽ ۽ بيزاري جا بادل من تي مُونجهه بڻجي ڇانئجي ويندا آهن، پر هڪ دفعو ان مرحلي مان گذري وياسين ته پوءِ زندگي جي معنيٰ ئي بدلجي ويندي. ٻاهريون ڏيک ويک ڪوڙو ۽ ڪسارو ڀانئبو. دنيا جي چمڪ ڌمڪ جي ڪا اهميت نه رهندي. اندر ڇا آهي، اهو ئي سڀ ڪجهه ڀاسندو. پنهنجي ۽ دولت جي وچ ۾ فاصلو وڌندو نظر ايندو. دولت سان ڇا ڇا خريدي سگهجي ٿو، ان جي حيثيت ئي نه رهندي. اهي قيمتي شيون جيڪي اسان وڏي شوق منجهان خريديون، اهي ڪاميابيون جي اسان وڏي جاکوڙ کان پوءِ حاصل ڪيون ۽ اهي سماجي درجا جيڪي اسان وڏي محنت سان ۽ وٺ وٺان کانپوءِ ماڻيا، سي سڀ اجايا، کوکلا ۽ بيڪار لڳندا. نئين اُجالي اچڻ کانپوءِ انهن سڀني شين سان نه پيار رهندو ۽ نه مٿن فخر ٿيندو. مان جڏهن پنهنجي اوسي پاسي نهاريندو آهيان، تڏهن ڏاڍي حيرت لڳندي اٿم ۽ ڌڻيءَ جيڪوڪجهه ڏنو آهي، ان تي سندس ٿورا مڃيندو آهيان. پالڻهار مون تي مهر جي نظر ڪري، پنهنجي ديا ۽ سخا سان مونکي ڏاڍو نوازيو آهي، پر سماجي رتبي جون شيون مون کي گهڻو لڀائي نه سگهنديون آهن. مون اڪثر ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن خاص درجي تي پهچڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي دل ڌن دولت ۽ شان شوڪت کان کَٽي ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ وڻائڻ ۽ پڏائڻ جي گهرج باقي نه رهندي آهي. دلي آنند تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڪابه تمنا نه رهي ۽ نه وري ڪا ڳڻ ڳوت يا پچار ئي رهي.
    مٿين ڳالهين مان اهو مطلب نه وٺجي ته ڪو اسان ناشڪرا آهيون يا وڏ ماڻهپي جي احساس ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. دراصل اسان کي وقت جي اهميت، قدر ۽ قيمت جو صحيح احساس ٿيڻ لڳو آهي، ان ڪري ان کي اجايو وڃائڻ نٿا چاهيون.
    جڏهن مان هي شروعاتي سٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن منهنجي دل ۾ اها خواهش ڪَرَ موڙي جاڳي پئي آهي ته ڇو نه پنهنجي زندگيءَ جا تجربا لکي توهان کي به انهن ۾ ڀائيوار ڪريان ۽ ان ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اُڻي، تصوير ٺاهي ڏيکاريان ته مون لاءِ پنهنجي گود ورتل ملڪ، دبئيءَ (گڏيل عرب اَمارات) سان گڏ اُڀرڻ ۽ اُسرڻ، ۽ سندس ترقي واري جدوجهد ۾ سندس اَٽُٽ حصو بڻجي رهڻ ڪيڏو نه ڪٺن ڪم هو.
    منهنجي هن ڪتاب جو مقصد اهو ئي آهي. هڪ اهڙي سفر جو احوال، جو ڌرتيءَ جي گولي جي چوڌاري جاري آهي، پر سندس پاڙون پنهنجي وطن جي زمين ۾ پختيون آهن. اداڪار پال ايڊنگٽن جا لفظ ٿا ياد اچنم. ڪنهن کانئس پڇيو ته مئي پُڄاڻان توکي ڪهڙن لفظن سان ياد ڪيو وڃي جو توکي چڱو لڳي؟
    وراڻيائين، “اهڙو شخص، جنهن گهٽ هاڃو رسايو.” مون کي ان کان وڌيڪ مناسب لفظ نه ٿا سُجهن جن جي وسيلي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري سگهان. جيڪڏهن هي ڪتاب منهنجي باري ۾ ڪا ان قسم جي گواهي ڏئي سگهي ٿو ته مون ماڻهن کي ڏک گهٽ ۽ سُک وڌيڪ پهچايو آهي ته پوءِ مان خوشي سان چئي سگهندس ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيو.
    مالڪ مون تي وڏي مهر ڪئي آهي. مادي طور مان ڏاڍو ڀاڳوان آهيان جو خوشحالي ۽ هوند جي ان ڏاڪي تائين پهتو آهيان، جتي هاڻي ڪنهن ٻي شي جي گهرج باقي نه رهي اٿم. ٻين کي ڀل ته اهو سڀ ڪجهه ڪاميابي جو اهڃاڻ لڳي، پر منهنجي لاءِ اهو منهنجي اڻٿڪ محنت جو اجورو آهي. مان پنهنجي خوشبختيءَ کي نه ته ڌڪار جي نظر سان ٿو ڏسان ۽ نه وري کيس نظر انداز ٿو ڪريان، پر اندر جي اُڃ جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، سا هنن معمولي شين سان اُجهائي نٿو سگهان، پوءِ ڀل ته اهي ڪيتريون ئي قيمتي يا اڻلڀ ڇو نه هجن.
    جڏهن پنهنجي ڪٽنب تي نظر وجهندو آهيان، تڏهن پاڻ کي ڏاڍو بختاور ڀائيندو آهيان. منهنجي گهرواري پهاڙ جيان سگهاري آهي ۽ منهنجا ٻار جوان ۽ پاڻ ڀرا، سمجهو ۽ دورانديش آهن. کين ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته هنن کي پنهنجي زندگي ڪهڙيءَ ريت گهارڻ گهرجي. اسان لاءِ اها ئي ثابتي ڪافي آهي ته ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ اسان پنهنجا فرض ضرور پوري طرح نڀايا آهن ۽ کين چڱي تربيت ڏني آهي. ان سڀ ڪجهه هوندي به وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪا اڻ ڄاتي بي آرامي آهي جا من کي ولوڙي پئي ۽ جيءَ کي جهنجوڙي پئي. ڪنهن اڻ ڏٺي اڻ ڄاتي جي تلاش آهي، جنهن کي اڃا تائين ڪو نانءُ ڪو روپ، ڪا شڪل شبيهه ڏئي نه سگهيو آهيان.
    مون هاڻي اهي ڌنڌلا، اڻچٽا اولڙا ڏسڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي مون کي منهنجي ماڳ جي اڻ لکي سڃاڻ ڏين ٿا. ڪنهن ڏاهه جو ڏس، سڪون جي تمنا، ڌرم ۾ پناهه ڳولڻ جي چاهت منهنجي وجود کي وڪوڙيندي پئي وڃي. من اندر ڪا تار پئي تنواري ته سرچاءُ ڪريان. پنهنجي پاڻ سان، ساري دنيا سان ۽ پنهنجي پالڻهار سان.
    جيڪڏهن هن عمر ۾ ڪو پڇتاءُ اٿم ته صرف اهو ته سکڻ ۽ سمجهڻ، پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه موجود آهي، پر وقت تمام ٿورو وڃي بچيو آهي. جوانيءَ ۾ وقت جهڙي قيمتي وِٿ کي اسين ڪيئن نه بي درديءَ سان وڃائي ٿا ڇڏيون ۽ هاڻي جڏهن پويون پهر اچي پهتو آهي ۽ پل هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي، تڏهن هر پل ڏاڍو قيمتي ٿو لڳي.
    منهنجي هيءَ ڳالهه ڪجهه قدر سوداين جهڙي ته ضرور لڳندي، پر اهو سچ آهي ته صبح جي سير ۾ مون کي نيون معنائون ۽ نوان مطلب نظر اچڻ لڳا آهن. پکين جي وڻندڙ مٺي لات، سج جا پهريان اُجلا ڪرڻا، لهندڙ سج جون پگهريل ٽامي جهڙيون جهلمل لامون، وڻن مان ڇڻي گهُلندڙ سڳنڌ ڀري هير ۽ ڪارو مخملي آڪاش ۽ ان ۾ ٽاڪيل جرڪندڙ هيرا مون کي ڪو نئون الستي نياپو ڏيڻ لڳا آهن.
    سچ ته جڏهن منهنجو صبح پوڄا ۽ پرارٿنا، ذڪر ۽ فڪر سان شروع ٿئي ٿو ۽ منهنجو ذهن ڏاهپ جا سوين ويچار ڪَڪَر جيان ڇُهي ٿو، تڏهن مان ملول ٿي سوچيان ٿو ته هيترا ساراسال مون آخر ڪيئن بيڪار ۽ بيسود ڳالهين ۾ برباد ڪري ڇڏيا؟ ڪو اهڙو ڪارائتو ڪم نه ڪيم، جنهن تي اڄ ناز ڪري سگهان. بس، ڪچهريون، گوڙ شور ۽ يارن جي هجوم ۾ وقت وڃائي ڇڏيم. هر روز ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا جملا، ساڳيا ماڻهو، ساڳيو ماحول، ائين جيئن بجلي تي هلندڙ ڪسرت واري پٽي تي ماڻهو لڳاتار هلندو رهي پر ڪٿي به پهچي نه سگهي.
    ٻاهرئين ڏيک ويک جي متوالي ۽ مادي خوشين جي ڳولائو دنيا پنهنجيءَ جستجو ۾ مگن آهي. ماڻهو ڪاميابيءَ جا گُر ۽ هُنر ائين ٿا تلاش ڪن، جيئن ننڍڙا ٻار سمنڊ ڪناري ڪوڏ ۽ سپون ميڙيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي آسري ۾ رکڻ ڏاڍو سولو ڪم آهي.
    مونکي The Sound of the Music (سنگيت جو آواز) جو هڪ گيت ٿو ياد پوي، جنهن ۾ شاعر ڪجهه هن ريت چيو آهي:
    “مون پنهنجي زندگيءَ ۾ يا ننڍپڻ ۾، ڪڏهن ڪنهن هنڌ، ڪنهن سان ضرور ڪا ڀلائي ڪئي هوندي، جنهن جي بدلي ۾ مون کي هيتريون ساريون خوشيون نصيب ٿيون آهن.”
    مان ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ديسي چوڻيءَ ۾ ڀروسو رکان ٿو ته جيتوڻيڪ ڪرڻي ڀرڻي آهي، پر جيڪڏهن توهانجي دل ۽ ضمير صاف آهي ته پوءِ حاسدن جي بري نظر توهان جو وار به ونگو ڪري نه سگهندي. ڀلائيءَ جو ڪو معمولي ڪم، پوءِ کڻي اوهان بي ڌيانيءَ ۾ ئي ڇو نه ڪيو هجي، زمين ۾ ڇٽيل ٻجَ سمان آهي، جنهن مان آخرڪار ڀلو فصل ئي لهندو. مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته هٿ کليو رکان، پر ايترو جو احمق نه لڳان؛ حساس ٿيان، پر ايترو به نه جو ڪو ٻيو ان مان ناجائز فائدو وٺي وڃي، ۽ منهنجي اها به هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته ڏاهپ جي نڪتن کي عملي جامو پهرايان. انهن ڪوششن جا هر ڀيري دل گهريا نتيجا ملڻ ته ممڪن ناهن، ان هوندي به مون سدائين پنهنجي نيت صاف رکي آهي. جيڪڏهن فيصلي واري ڏهاڙي توريندڙ صرافن جي ساهمي جو چڱائيءَ وارو پُڙ ذرو به ڳرو نڪتو ته سمجهندس ته منهنجي زندگي سڦل ٿي.
    ۽ هاڻي جڏهن پنهنجون سموريون سوچون سهيڙي انهن مڙني سالن کي ياد ٿو ڪريان جيڪي گذري ويا، تڏهن ان سچائيءَ جو احساس ڪندي ڪجهه قدر جذباتي ٿي ٿو وڃان ته اهو سمورو سَمو ڪيئن نه پَرَ ڪري اُڏامي ويو. ڪٿي ڪٿي يادگيرين جو قافلو ڀٽڪي ٿو وڃي ۽ ذهن ۾ ڪي اونداها خال رهجي ٿا وڃن، ائين جيئن ڪنهن شرير ٻار ڄاڻي ٻجهي يادن جي ڪينواس کي هنڌان هنڌان اکيلي ڦاڙي ڇڏيو هجي. نالا ۽ جڳهيون ياد ڪرڻ لاءِ ذهن تي ڏاڍو زور ڏيڻو ٿو پوي. چهرا ڀر مان لنگهي ٿا وڃن ۽ دور ڌُنڌ ۾ وڃائجي ٿا وڃن. واقعا ياد ڪريان ٿو، پر انهن جو سلسلو برقرار رکي نٿو سگهان، ۽ جڏهن سمجهان ٿو ته وڏي جاکوڙ کان پوءِ پُرزو پنهنجي جاءِ تي ٺهڪي بيٺو آهي، تڏهن اوچتو ئي اوچتو پوري ڪهاڻي تاس جي گهر جيان ٻيهر اچي ٿي پٽ پوي. ها، البت ڪي واقعا، ڪي گهٽنائون، ڪي ڳالهيون ذهن جي ڪنڊن مان جيئن جو تيئن، صاف شفاف ۽ چٽيون، کوٽي ڪڍي ٿو وٺان. هڪ هڪ گهڙي، هڪ هڪ پل، هڪ هڪ لمحو دماغ جي در ۽ ديوار تي ائين اڪوريل ٿو لڳي، جو حيرت ٿي ٿئي ته وقت جي دز ا نهن يادن کي ڇو ڇهي نه سگهي آهي.
    اهي ئي يادون، اهي ئي ڪهاڻيون، اهي ئي پل گڏ ڪري، ميڙي، ڇنڊي ڦوڪي مون هن ڪتاب جي پنن تي ڦهلائي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ڪي اهڙا پيارا جن منهنجي روح کي ڇهيو آهي ۽ جيءُ ۾ جاءِ جوڙي آهي ۽وجود تي وڙ ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ جا حقدار آهن، پر منهنجي ڪنهن ڪوتاهيءَ سبب رهجي ويا آهن، سي منهنجي ياداشت جي ڪمزوريءَ کي منهنجي مجبوري سمجهي مون کي معاف ڪري ڇڏين.
    جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان تڏهن شام گهري ٿيڻ لڳي آهي. مون کي فقط اها ئي آس آهي ته هي پنا پڙهندي جڏهن توهان منهنجي حياتيءَ جا وڻندڙ توڙي گهٽ وڻندڙ واقعا پڙهو، تڏهن جيون جي انهن اڻ وسرندڙ تجربن کي مون جيان محسوس ڪريو ۽ ان سموري سفر ۾ مون سان ساڻ رهو.


    رام بخشاڻي
    دبئي


    • ٻي ڇاپي جو مهاڳ

    ڪجهه ڳالهين کي جلدي ۾ سکي ۽ سمجهي ناهي سگهبو. انهن کي سکڻ توڙي سمجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو.اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ساديون به هجن ٿيون. پر بهرحال، ماڻهو اُن جي گهربل پروڙ حاصل ڪرڻ لاءِ عمر گذاري ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو اهي ڳالهيون ڄاڻي وٺي ته پوءِ اهي ڳالهيون ئي هن جي ڪُل زندگي جو اثاثو بڻجيو وڃن ٿيون.
    ارنيسٽ هيمنگوي

    ويهين صديءَ جو عظيم اديب ارنيسٽ هيمنگوي (جنهن جي چاهيندڙن سندس مرڻ پُڄاڻان سندس ڪيترائي ڪتاب ڳولهي هٿ ڪري ورتا آهن) جو خيال آهي ته وقت پيسي کان وڌيڪ معنى خيز ئي هجي ٿو. نوبل پرائيز ۽ پوليزز پرائيز حاصل ڪندڙ هيمنگوي ائين به چئي ٿو ته صرف وقت جي معرفت ئي زندگي جي اصل قدر ۽ ڪارج کي سمجهي سگهجي ٿو.
    ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن کي ڄاڻي سڄي زندگي گذاريو ڇڏين ٿا. زندگي جي مقصد مان هڪ ڳالهه انتهائي معنى خيز هجي ٿي. سوال آهي ته زندگيءَ جي اها معنى خيزي ڇا هجي ٿي ؟اوهان ، زندگي جي مختلف ڏاڪن ته هجڻ سببان، انهيءَ سوال جا ڪيترائي جواب ڏئي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ زندگي جي اها معنى خيزي ماڻهوءَ جي مذهبي عقيدي جي بنيادن تي تبديل ٿي سگهي ٿي. ڪلچر توڙي اخلاقيات به انهي جواب ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا. پر بهرحال، مان پنهنجي زندگي جي وڏي حصي گذارڻ کانپوءِ ائين پڪي ويساهه سان چئي سگهان ٿو ته ڪو به ماڻهو پنهنجي زندگي معنى خيز اندار ۾ تڏهن ئي گذاري سگهي ٿو. جڏهن اها پنهنجي پسند سان گذارڻ چاهي ۽ اها اوهان جي پسند ئي هجي ٿي.
    ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته زندگي سواءِ پسند ۽ نتيجن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ان لاءِ پاڻ هندستان جي هڪ تاريخي رزميه ڪهاڻي مهاڀارت جو مثال پڻ وٺي سگهو ن ٿا. جنهن ۾ هڪ اهڙو منظر ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ پاڻ ۾ جنگ ڪندڙ ٻن ڌرين پنداواس(Pandavas) ۽ ڪارواس (Kauravas) کي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. ٻئي ڌريون ڪرشنا وٽ پهچي، الڳ الڳ ماڻهن جي چونڊ ڪن ٿيون. پندواس ارجنا جي چونڊ ڪري ٿو. جڏهن ته ڪارواس وري دريودهايا جي چونڊ ڪري ٿو.
    ڪرشنا انهن کي چونڊ ڪرڻ جي کلي دعوت ڏئي ٿو.جيتوڻيڪ هي اُن لاءِ پاڻ کي به پيش ڪري ٿو. پر هن جو شرط آهي ته ويڙهه دوران ڪو به هٿيار وغيرهه نه کڻندو. قطع نظر ان جي، ڪير کٽندو ڪير هارائيندو. ان کانسواءِ هو ڌرين کي يڌوا جنگجو وارن جي بٽالين ) Battalion of Yadava) جي به آڇ ڪري ٿو. ارجنا کي ڪا هٻڪ هٽڪ نه ٿي. هن ڪرشنا جي چونڊ ڪري ورتي. جنهن کي جنگ جي ميدان ۾ ارجنا جي جنگي گاڏي / رٿ هلائڻي هئي. هوڏانهن دريودهانا (Duryodhana) يڌوا جي جنگجو وارن جي چونڊ ڪري وڏي خوشي محسوس ٿي ڪئي. تنهن کانسواءِ هن جو اهو به خيال هو ته ارجنا ڪرشنا جي چونڊ ڪري کل جوڳو ڪم ڪيو آهي، جو ڪرشنا امڪاني طور تي ڇا ڪري سگهندو. جيڪڏهن هن جو ويڙهه وڙهڻ جو ڪو ارادو ئي نه هوندو.
    بهرحال، اسان سڀني کي انهي ويڙهه جي نتيجي جي چڱي طرح سان پروڙ آهي. ارجنا جنگ کٽي ورتي ۽ دريودهانا پنهنجي قبيلي، خاندان ۽ بادشاهي جي تباهي واري نتيجي سميت جنگ هارائي ويو.
    اسانکي به، بلڪل ائين ئي، ڏينهون ڏينهن پسند ۽ چونڊ ڪرڻ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو. هر چونڊ توڙي پسند هڪ خاص نتيجي جي نشاندهي ڪري ٿي. ان ڪري، ماڻهو ڪئين ۽ ڪهڙي طرح جي چونڊ ڪري؟ مان سمجهان ٿو ته ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته ڪهڙي چونڊ اوهان کي ڪهڙي بهتر نتيجي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. ائين ئي، دراصل، مان پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مان پنهنجي زندگي جي ڪنهن ڏاڪي تي چونڊ ڪرڻ ۾ اڪيچار غلطيون به ڪيون هونديون. پر هڪ ڳالهه مان پڪي ويساهه سان چوندس ته انهن غلطين به منهنجي ذهن ۾ سٺن نتيجن کي ئي پيدا ڪيو آهي.
    ايئن چونڊ ۽ نتيجا کڻي، اوهان پنهنجي زندگي ڏانهن ذميوار رويو رکي سگهون ٿا. مان پنهنجي زندگي جي ارڙهن سالن جي عمر ۾ دبئي آيو هوس. منهنجي هن پسند ۽ چونڊ (جنهن مون کي دبئي جهڙي شهر ۾ آندو. جيڪو تن ڏينهن اڃا ٻاهرين دنيا ۾ ايڏو مشهور نه هو) منهنجي سڄي زندگي کي مادي توڙي روحاني لحاظ کان بنهه تبديل ڪري ڇڏيو.
    زندگي جو هڪ ٻيو پاسو ۽ پهلو جيڪو مان زندگي جي هن ڏورانهين سفر دوران حاصل ڪيو. اهو هي آهي ته دنيا ۾ هر ماڻهو، خاص طور تي اهو جيڪو ٻين جي قربت ۾ اڳتي وڌندڙ ۽ اُڀرندڙ هجي، ٻي کي متاثر ڪري ٿو. اها سوچ ته، ماڻهو نه رڳو پاڻ پر ٻين ڏانهن به ذميوار هجي، زندگيءَ جي ذميداري جو بنهه گهڻو ئي احساس اُجاڳر ڪري ٿي. بهرحال، اهڙي سوچ مون کي پنهنجي زندگي جي مقصدن توڙي ٻين ماڻهن سان تعلق واري ڳالهه کي نئين سر سمجهڻ ۾ وڏي مدد مهيا ڪئي. مان صرف ائين ئي ڀانيان ٿو ته مان صرف الاهي طاقت جي هٿن جو هڪ اوزار ئي آهيان.
    اهو سقراط ئي هو. جنهن چيو هو ته زندگي جو اهو موضوع ناهي ته اها رهڻ جوڳي ناهي. ڪيترو نه سچ چيو آهي سقراط. ان ڪريو، اوهان صرف پنهنجي ذات جي امتحان جي ذريعي ئي پنهنجي حياتيءَ جو هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا ۽ مان سمجهان ٿو ته پنهنجي ذات جي امتحان ڏيڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي لکي. اُن ڪهاڻي ۾ لکجندڙ هر هڪ لفظ اوهان جي زندگي جي امتحان جو ساک ڀريندڙ ئي هوندو.
    اهو منهنجي لاءِ 2003ع واري سال ۾ سچ پچ ته نهايت ڏکيو ۽پيچيده ڪم هو، جو مون پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي “(Taking the High road) لکڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي ويجهڻ رهڻ وارن مڙني ماڻهن جو خيال هو ته مون کي پنهنجي ڪهاڻي لکي اُن کي پڙهندڙن سان ضرور ونڊڻ گهرجي. انهي ڪم ۾ غلطان رهندي، مان خاص طور کي هندستان جي آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ واري، پنهنجي سنڌي جاتي جي ڪربناڪ تجربن(Harrowing experiences) کي به ڏٺو. بهرحال، هي ڪتاب دبئي جي باري ۾ پڙهندڙن کي جهجهي ڄاڻ ئي آڇي ٿو. ان ڪري، هن ڪتاب کي صرف ڪنهن هڪڙي فرد جي ڪهاڻي نه ٿو چئي سگهجي، بلڪه اهو ڪتاب انهن سڀني ماڻهن جي ڪهاڻيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي پنهنجي ترقي، اُڀار ۽ڪاميابي جي اڪيچار ڏاڪن تان گذري پهتا آهن.
    هن ڪتاب جي حوالي سان نه صرف هتي جي واپاري برادري پر هندستان مان به مون کي توقع کان وڌيڪ ريسپانس مليو.تعليمي ادارن پڻ منهنجي ڪتاب کي اهميت جي نظر سان ڏٺو. جڏهن هندستان توڙي پاڪستان جي اڪيچار پبلشرن مون سان رابطو ڪري، اها ڳالهه رکي ته جيڪڏهن ڪتاب کي مقامي ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو ويو ته ان کي گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهي سگهندا.ائين سنڌي، گجراتي، مراٺي، اردو ۽ هندي ٻوليءَ ۾ ترجما مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن. ڪتاب جو مليالم ٻولي ۾ ٿيندڙ ترجمو تياري جي مرحلي ۾ آهي.
    بهرحال، اهو منهنجي ڪتاب جو وڏي گرمجوشي سان ٿيل آڌرڀاءُ ئي هو. جنهن مون کي ڪتاب جي نئين ايڊيشن جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ ڪتاب جي هن نئين ايڊيشن ۾ ڪي وڏيون تبديليون ته ناهن آنديون ويون. پر ڪن ضروري ڳالهين ۽ ويچارن کي جاءِ ضرور ڏني وئي آهي. اهو اڻ ٽر هو. ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو نئون ڇاپو لڳ ڀڳ ڏهن سالن جي وٿيءَ کانپوءِ ظاهر ٿي رهيو آهي. ان وچ واري عرصي ۾ ڪيتريون ئي شيون تبديل ٿي ويون آهن. هتي جي حڪومتي توڙي انتظامي نظام پڻ تبديل ٿي ويو آهي.
    جڏهن ذاتي ۽ گهريلو حوالي سان پڻ ڪتاب ۾ ڪجهه تبديليون آنديون آهن. اُن دوران منهنجو ڀاءُ هوتو گذاري ويو. جنهن پنهنجي جواني واري ڏهاڙن کان، منهنجي خاندان تي آيل ڏکين ڏينهن ۾ وڏيون اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن ڪتاب جي پهرين ايڊيشن اچڻ وقت منهنجي سڀ کان وڏي ۽ پياري ڌيءُءٌ ريکا ننڍڙي هئي. اها هاڻي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جي ماءُ بڻجي وئي آهي ۽ پنهنجي واپاري مڙس سان تازو ئي گرينڊ ڪيمين آئليند (Grand Cayman Island) ڏانهن وڃي اُتي ئي رهائش اختيار ڪئي آهي. هاڻي هوءَ هڪ ماءُ ۽ هڪ زال جي ذميوارين سان منهن ڏيڻ سان گڏ پنهنجي تعليمي مقصدن کي حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ آهي. هڪ ٻيو واڌارو به ڪيو ويو آهي ۽ اهو منهنجي پي ايڇ ڊي جي ڊگري_جيڪا واشنگٽن انٽرنيشنل يونيورسٽي آف آمريڪا وارن ڏني آهي. مان ائين چوندس ته مان پنهنجي زندگيءَ جي يونيورسٽي مان ئي سبق سکيا آهن.
    مان پنهنجي سمورن دوستن ۽ خيرخواهن جو ٿورائتو آهيان. جن مون کي پنهنجن نيڪ صلاحن سان همٿايو. ڪتاب جي هن نئين ڇاپي ۾ هڪ ٻي تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي. اها هيءَ ته ڪتاب جي هرباب ۾ ان جو موضوع سان ٺهڪندڙ ڪوٽيشن به ڏنا ويا آهن.
    ڪتاب جي پهرين ڇاپي اچڻ کانپوءِ مونکي عالمي سطح جي سميبنارن ۾ شرڪت ڪرڻ جون دعوتون پڻ ملنديون رهيون. اهڙي ئي هڪ دعوت مونکي ممبئي يونيورسٽي طرفان ڪرايل هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي ملي. جتي مون کي يونيورسٽي جي ڪيترن شاگردن، اُستادن ۽ والدين سان گڏ دانشورن ۽ اسڪالرن جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي خيالن جي اظهار جو موقعو مليو. مون جهڙي ماڻهو (جنهن ڪن مجبورين جي ڪري اعلى تعليم حاصل ڪرڻ وارو موقعو وڃائي ڇڏيو هجي) لاءِ اهو سچ پچ هڪ وڏو تجربو ئي آهي.
    بهرحال، مان پنهنجي هن ڪتاب جو نئون ايڊيشن دبئي ۾ رهندڙن ماڻهن کي ئي ارپيان ٿو. جن کي وڏو فائدو اهوئي آهي، جو اهي دبئي جهڙي حيران ڪن شهر ۾ رهن ٿا.


    1. باب پهريون : نئون ڏينهن، نئين شروعات

    اسان مان ڪي هر روز حالتن کي اهڙو ئي ڏسندا آهن، جهڙيون ڪالهه ڇڏيون هئائون ۽ پڇندا آهن، ڇو؟ ٻيا حالتن کي ساڳيون نه ڏسندا آهن ۽ پڇندا آهن، ڇو نه؟
    رابرٽ ڪينيڊي
    وقت يادگيرين جو چور آهي.
    ماڻهو وقت جي واريءَ تي ماضي جي پيرن جا نشان ڏسندا آهن، اهڙيءَ طرح جيئن تصوير ۾ هر شيءِ صاف ۽ چٽي نظر ايندي آهي. پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. وقت کي يادگيرين سان مذاق ڪرڻ جي عادت آهي. چار ڏهاڪا اڳ جيڪو واقعو ٿي گذريو، ان کي هوبهو جيئن جو تيئن ياد ڪرڻ سولو ڪم ناهي، ڏاڍو اوکو آهي. ماضيءَ جي چٽائي، چنچلتا، رنگ ۽ روپ، وقت جي ڪوهيڙي ۾ ڌنڌلا ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اوچتو ئي اوچتو ڪنهن پل ذهن ۾ ڪا ياد ترندي تڙڳندي، لهرن ۾ لڙهندي، کلندي ڪڏندي، مٿاڇري تي اُڀري ايندي آهي، پر ان ۾ اها تازگي، اها زندگي، اها گرمي نه هوندي آهي. بس، گذريل واقعي جي هڪ اڻ چٽي ۽ بي جان تصوير بنجي رهجي ويندي آهي، پاڇولي ۽ پڙلاءَ جيان.
    ها، ماضيءَ جي يادن کي نئين سرجيئارڻ سولو ناهي. ان هوندي به يادون ڏاڍيون پياريون هونديون آهن ۽ انهن سان فرق پوي ٿو، ڇو ته اهي ئي آئيندي جو رخ موڙڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي شڪتي بخشين ٿيون.
    جڏهن مون پهريون ڀيرو دبئي جي ڌرتيءَ تي پير ڌريو، تڏهن الائي ڇو پڪ ٿي ويم ته هتان موٽي واپس وڃي ڪونه سگهندس. بس، اهو ائين ئي هو، جيئن اڪثر ٿي ويندو آهي. اتفاقي، اوچتو، پل کن ۾ ڪن ڪيميائي جُزن جو پاڻ ۾ ملي وڃڻ. توهان کي ڪو ملڪ وڻي وڃي ۽ ان چاهت جو اوهان وٽ ڪو سبب نه هجي. شايد اهڙين جاين، ماڳن ۽ مڪانن کي پنهنجي هڪ آتما ٿيندي آهي، جيڪا توهان جي روح کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي.
    ها، دبئي اهڙو ئي شهرآهي جنهن کي پنهنجي آتما آهي، روح آهي، جسم آهي، جان آهي، حُسن آهي، جمال آهي.
    انهن ڏينهن ۾ دبئي ۾ رَسڻ جو سڀ کان سولو ذريعو سمنڊ هوندو هو. زندگي جو اهو پهريون سفر مون پنجن ڏينهن ۾ طئي ڪيو. اسان جو جهاز سمنڊ ۾ پنج ڪلوميٽر پري لنگر انداز ٿيو، ڇو ته ڪريڪ (ڇاڙ) جو منهن سوڙهو هو ۽ اهو اندر اچي نٿي سگهيو.
    وير چڙهيل هئي. تيز سامونڊي هوا پاڻيءَ ۾ هلچل مچائي رهي هئي. ڪناري کان هڪ عملدار اسان جا پاسپورٽ جمع ڪرڻ لاءِ جهاز تي مٿي چڙهي آيو. جن کي اُتي لهڻو هو انهن کي ٻڌايو ويو ته کين ڏاڪڻ وسيلي هيٺ بيٺل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪناري تائين وڃڻو پوندو.
    اهڙيءَ تيز هوا ۾ جيئن ئي ٻيڙيءَ کي جهاز جي ويجهو آندو ويو ته اها سڄي پئي لڏي ۽ لمي. اسان کي ڏاڪڻ رستي ان ڦٿڪندڙ ٻيڙيءَ ۾ لهڻو هو. سچ پڇو ته اهڙا پهلوانيءَ جاڪرتب ڏيکارڻ کان منهنجو ساهه پئي نڪتو. ڊپ پئي ٿيم ته جي ڪا معمولي غلطي ڪري ويٺس يا پير ترڪي ويم ته ڌو وڃي سمنڊ ۾ ڪرندس. سڀ کان وڌيڪ خوف مون کي پنهنجي سگهاري قدبت کان پئي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو وزن 125 ڪلوگرام هوندو هو، جيڪو هاڻي40 ڪلوگرام گهٽجي ويو آهي. مٿان وري سون تي سهاڳو اهو ته سٺو تارو به ڪونه هوس. اهي سڀ خيال ايندي ئي بدن کي ڪنبڻي وٺي ٿي وئي.
    ڪريڪ انهن ڏينهن ۾ نه ايتري آباد هئي ۽ نه سڌريل، جيتري هاڻي آهي. وڏا سفيد رنگ جا ٻگهلا پکي سمنڊ جي لهرن تي پئي جهوليا. رکي رکي ڪوڪون ڪندا، پر ڦهلائي وٺي ٿي اڏاميا ۽ ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ لامارا ڏئي پنهنجي شڪار ڏانهن ٿي جهپٽيا. مختلف سائيز جون دنگيون ۽ ڊونڊيون، هوڙا ۽ بتيلا، ڪي سفيد ڪي رنگين، ڇاڙ جي نيري سائي پاڻيءَ ۾ پوپٽن جيان پئي چلڪيا، چمڪيا ۽ ٽلڪيا. ڪن کي وري ناکئن ڪنڌيءَ جي چڪ تي ڇڪي، ٻاهرڪڍي بيهاري ڇڏيو هو.
    ۽ نانگن جيان وروڪڙ کائيندڙ ڪريڪ جي ٻنهي پاسي اڏيل هئي دبئي. گلف جي وينس. شهرتي جيڪا پهرين نظر پئي، ان جو عڪس منهنجي ذهن تي هميشه لاءِ اُڪرجي ويو. پري کان ڪنارو ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنهن ڪاريگر چترڪارجي ٺاهيل امر تصوير هجي. مون کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به محسوس نه ٿيو ته مان ڪنهن صحرائي ديس ۾ آهيان. خاص ڪري ان گهڙيءَ، جڏهن ٿڌڙي هوا پئي لڳي ۽ موسم وڻندڙ پئي لڳي.
    ابرا (ٻيڙيون) سڄي ڪريڪ ۾ دوردور تائين ڦهليا پيا هئا، جن جا ملاح کين عجيب مڌرتا سان هوريان هوريان هاڪاري رهيا هئا ۽ مسافرن لاءِ واجهائي رهيا هئا ته اجهي ٿا ڪنهن سوق (مارڪيٽ) مان نڪرن، اڪثر سوق (بازاريون/مارڪيٽون) سڌين ڇتين ۽ منگهن وارن گهرن جي پويان ٺهيل هئا. ان زماني ۾ ٻيڙين ۾ اڃا موٽرن لڳائڻ جو رواج ڪونه پيو هو.
    جڏهن لهر ٿي اُٿي، تڏهن ڪناري تي جڙيل بلڊنگون، رهائشي عمارتون ۽ ڪچن گهرن جون قطارون ائين ٿي لڳيون ڄڻ پاڻيءَ ۾ پير پسائي رهيون هجن. عمارتون ڪي ايڏيون اوچيون به ڪونه هيون، پر ان جڳهه ۾ ڪا اهڙي ڪشش هئي جو ڏسندڙ کي کن ۾ هرکائي ٿي وڌائون. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي خوشيءَ جي ته ڪا انتها ڪانه هئي. مان ان زمين تي پهريون ڀيرو پير رکي رهيو هوس، جيڪا اڳتي هلي منهنجو ٻيو گهر بڻجڻ واري هئي. اهڙو گهر، جنهن منهنجي زندگي ۽ قسمت کي نئين سر جوڙيو. نئين راهه ڏني، جنهن مون کي اهڙا موقعا مُهيا ڪري ڏنا، جن جي وسيلي مون پنهنجي لاءِ ڪامياب واپار جو بنياد وڌو.
    اسان ان پتڻ تي لٿاسين، جنهن کي اڄڪلهه ديوان اميريءَ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. تن ڏينهن ۾ اتي ڪسٽم وارن جون آفيسون هونديون هيون ۽ دبئي جو اڳوڻو حاڪم هزهائينس شيخ راشد بن سعيد المڪتوم مجلس لڳائيندو هو. اسان جو سامان دنگين وسيلي ساڳئي پتڻ تي آندو ويو، جنهن آفيسر اسان جا پاسپورٽ جمع ڪيا هئا، سو اڳ ئي ڪسٽم هائوس ۾ پهچي چڪو هو. پاسپورٽ تي ٺپا به پاڻ هڻندو هو.
    تن ڏينهن ۾ دبئي تمام ننڍڙي جڳهه هئي. ٻاهريان ماڻهو گهٽ ايندا هئا، ان ڪري ڪاغذي ڪارروائي به نالي ماتر ٿيندي هئي ۽ مسافرن کي جلدي اُڪلايو ويندو هو. ماحول ۾ هاڻي جهڙي ڇڪتاڻ ۽ ڇتڪتائي ڪانه هئي ۽ غير رسمي وايومنڊل ۾ ڪم ڪار ڏاڍي فرحت سان ٿيندو هو. ٺپن لڳائڻ ۾ به دير ڪونه ڪندا هئا. انتظار جو ته نالو ئي ڪونه هو. ان ڪري اسان کي سُتت ئي سامان سوڌو گهر وڃڻ جي اجازت ملي وئي، ۽ چيائون ته پاسپورٽ تي ٺپو تمام ضروري هو، ڇو ته ان وسيلي ملڪ ۾ اسان جي موجودگي جي ثابتي ملندي هئي. باقي ٻيا ڪي فارم وغيره ڀرڻا ڪونه پوندا هئا ۽ نه وري ڪي ڪاغذ پٽ ڏيڻا پوندا هئا. ها، البت ٺپو مسافرن جي پنهنجي سهوليت لاءِ تمام ضروري سمجهيو ويندو هو. ڪسٽم وارا سامان پڻ چيڪ ڪونه ڪندا هئا. ڳورو سامان کڻڻ لاءِ حمال هوندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري بلوچ هئا. اهي حمال سامان ڍوئي گهرن تائين پهچائي ايندا هئا.
    جلد ئي مون کي انهن سخت جسم وارن مزورن جي اهميت جو اندازو ٿي ويو. هو ڳورا بار پنهنجي مٿي يا پٺاڙن تي کڻي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تائين پهچائيندا هئا. ائين کڻي چئو ته هو ساهه واريون ڪرينون يا فورڪ لفٽر هئا، جن جي ڪري بازارن ۾ سامان جي اچ وڃ جاري رهندي هئي. مون کي اڃا تائين دروڳي نالي هڪ کلمک حمال جو چهرو ياد آهي جو پنهنجي هنر ۽ چرچائي طبيعت سبب دوڪاندارن ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويندو هو. اصل نالو ته الائي ڇا هوس، پر سڀئي سڏيندا هئس دروڳي. دروغ بلوچ زبان ۾ ڪوڙ کي چئبو آهي ۽ دروغي ٿيو ڪوڙو. مذاق ۾ نالو پئجي ويس ڪوڙو. هر ڪو پيار ۾ چويس، اڙي ڪوڙا، دروڳي، خوش ته آهين نه؟ اڙي دورڳي، هو سامان ته منهنجي هٽ تي پهچائي اچ. هو خوشيءَ خوشيءَ، کلندي ڪڏندي، اهو ڪم ڪري ايندو هو.
    بلوچي ٽوپي ۽ گوڏ پائيندو هو. صبح جو سوير جيئن ئي مارڪيٽ کلي، دروڳي اڳ ۾ ئي موجود. جيتوڻيڪ سندس ساٿي حمال توڙي ٻيا مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا، تنهن هوندي به هو مٿن ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو، بلڪ مرڪي پنهنجي ڪم کي جُنبي ويندو هو. هن جي ان محنتي طبيعت سبب هو واپارين ۾ ڏاڍو مقبول هو. اڳتي هلي اهو کلڻو رلڻو ملڻو ماڻهو حمالن جو ليڊر بڻيو. ڪنهن جي محنت اجائي نه ويندي آهي.
    ولفريڊ ٽيسيگر Wilfred Thesiger، صحرا جي مها ڄاڻو، ليکڪ ۽ کوجيءَ، پنهنجي 1945، 1950ع دوران ڪيل عربستان جي سفرن بابت لکندي، دبئي جي دلڪشيءَ، مارڪيٽ ۽ ڇاڙ جو ذڪر تمام سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي. هن اگهاڙن ٻارن کي جهڳين ٻاهران رلندو ڏٺو، دنگين کي يا مقامي ٻوليءَ ۾ ‘ابرن’ کي مسافرن جي ڳولا ۾ سرگردان ڏٺو، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اوچن پراون گهرن جي وچان لنگهندڙ سوڙهين گهٽين مان نڪري ٻاهر ايندا هئا. اهڙن گهرن جي مٿان چوڪنڊا بادگير چڙهيل هوندا هئا. گهرن جي پويان ڍَڪَ بازارون هونديون هيون. دوڪاندار پنهنجي وکر جي سامهون دِڪيءَ تي پلٿي ماري ويهندا هئا. اهڙي قسم جي رنگارنگي تهذيب ٽيسيگر کي موهي وڌو هو. کيس دبئي جا ماڻهو ڏاڍا نهٺا ۽ نياز وارا لڳا هئا، جن ۾ عرب شهري، هٿياربند بدو، بلوچ، پري کان پڌرا، اوني ٽوپين وارا ايراني، هندستاني، ڪاشگري، قبيلائي ۽ سومالي شامل هئا. اهي ماڻهو وقت جو قدر ڪندا هئا ۽ گفتگو پڻ مختصر ڪندا هئا. کين مزي سان ڀرپور زندگي گذاريندي ڏٺو ويو.
    رات ٿيندي ئي مارڪيٽ بند ٿي ويندا هئا. اها اڪيلي گهٽي سنسان ٿي ويندي هئي ۽ جڳهه جڳهه تي گاسليٽ جا فانوس روشن ٿي ويندا هئا. لهرن جي لولي ماحول کي ننڊاکڙو ڪري ڇڏيندي هئي.
    انهن ڏينهن ۾ ڏوهه جو نالو ته ڄڻ ڪنهن ٻڌو ئي ڪونه هو. صرف هڪ پاڪستاني پوليس وارو، گُل سعيد نالي، ڊيوٽي تي رهندو هو. سعيد جا وار ۽ ڏاڙهي مينديءَ رتي هوندي هئي ۽ رات جو پنهنجي لٺ کٽڪائيندو چوڪيداري ڪندو هو ته جيئن ماڻهن کي خبر هجي ته هو ڊيوٽيءَ تي موجود آهي.
    مڃان ٿو ته جڏهن مان دبئي پهتس، تڏهن ذهني طور ڪافي پريشان ۽ مُنجهيل هوس، ڇو ته دنيا جي هن حصي ۾ اهو منهنجو پهريون سفر هو. هتي نه ڪو ساٿي نه سنگتي ۽ نه ئي وري ڪو قريبي رشتيدار هو. پر هتان جو دوستاڻو ماحول منهنجي لاءِ وڏي ڏڍ جو باعث بڻيو. آٰءِ.ٽي.ايل. ڪمپني، جنهن مون کي نوڪري ڏني هئي، تنهن پنهنجي هڪ عيوضي چيلارام ساجناڻيءَ کي مون سان ملڻ لاءِ ڪسٽم آفيس تي ڏياري موڪليو هو. پنهنجي هم زبان ۽ هم وطن کي ڏسي منهنجا ته سڀ دک دور ٿي ويا. سامان کنيوسين. سامان ڇا هو، بس ٻن ٽن ٻين شين کان سواءِ هڪ جوڙو ڌاريدار پاجامن جو ۽ امڙ جي هٿ جي ٺاهيل مٺائي، جيڪا هن خاص منهنجي لاءِ ٺاهي هئي.
    آفيس پري ڪانه هئي، ان ڪري چيلارام ۽ مان پنڌ روانا ٿياسين. هاڻوڪي ابرا اسٽيشن (ٻيڙين جو پتڻ) جي ڀرسان، بَر دبئي ڪناري تي آءِ.ٽي.ايل. ڪمپنيءَ جي آفيس هئي. بر دبئي ۾ فقط هڪ گهٽي هئي، جنهن ۾ عرب، ايراني، هندستاني ۽ پاڪستاني رهندا هئا. سامان يا ته هٿ گاڏن تي ڍوئبو هو يا وري سگهارا بلوچ پنهنجي پٺيءَ تي ئي کڻندا هئا. گڏهه گاڏا پاڻيءَ جا ٽين کڻي پيا گهٽيءَ ۾ هلندا هئا. سندن ٽلين جا سريلا آواز ۽ مالڪن جون هڪلون، هٿ گاڏن جي کڙکڙ ۽ مزورن کي تڪڙو هلڻ جا تاڪيد، اهي سڀ آواز گڏجي هڪ عجيب ماحول پيدا ڪندا هئا.
    اهو سڀ ڪجهه هو، پر اجائي گپا گيهه ڪانه ڪئي. گهٽي ڇا هئي، ڄڻ ته هڪ ڊگهي بازار هئي، جنهن ۾ هر شيءِ پيئي هوريان هوريان چرندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ الف ليليٰ جو ڪو خيالي ڏيکاءُ آهي، جو اصل جو روپ ڌاري زمين تي لهي آيو آهي.
    اسان جي رهائش اڃا ٿورو پرڀرو هئي، ان ڪري پهرين آفيس ۾ اچي لٿاسين. رستي ۾ ڏٺم ته ماڻهن چيلارام کي بيهاري سلام دعا پئي ڪئي ۽ منهنجي باري ۾ پئي پڇيائون. لڳي پيو ته شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻن پيا. منجهن ڏاڍي نياز، نئڙت ۽ پنهنجائپ هئي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ آتا پئي ڏٺا. اها هئي منهنجي پهرين راءِ هن شهر جي باري ۾.
    شام تائين شهر جي هر ماڻهوءَ، خاص طور هندستانين کي منهنجي اچڻ جي ڄاڻ پئجي وئي. ننڍڙو شهر هو. خبر کي ڦهلجڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. ڀلا شهر ۾ ڪو اجنبي اچي ۽ ماڻهن کي ڪل ئي نه پوي؟ کوڙو ئي نٿي لڳو.
    سڄا سارا پنج ڏهاڙا جهاز ۾ واڙيل رهڻ کانپوءِ ٿڪ ۽ سستيءَ کان منهنجو بُرو حال هو، ان ڪري سوچيم ته هتي آفيس ۾ ئي کڻي ٿورو آرام ڪري وٺان، گهر پوءِ ويندس. مٿو پئي ڦريم ۽ جيئن اڪثر ڪنهن نئين ملڪ ۾ وڃڻ وقت ٿيندو آهي، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيم. ويچاري چيلارام کي لک شابس هجي، چيائين ته هل ته ٻاهران ڪجهه کائي اچون. بک به لهندءِ ۽ طبيعت به وندري ويندءِ. دراصل چيلارام کي سڳنو مل عدناڻيءَ، جيڪو ماڊرن ٽريڊنگ ڪارپوريشن نالي ڪپڙي جي واپاري جو مئنيجر هو ۽ جنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪشنچند عدناڻي هو، تنهن اڳ ئي ڊنر جي دعوت ڏئي ڇڏي هئي. ان ڪري چيلارام مون تي زور ڀريو ته مان به ضرور هلان ۽ هلي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ماڻهن ساڻ ملان. سڳنو مل دبئيءَ جو پڪو پختو مڃيل واپاري ليکيو ويندو هو.
    ڊنر کان اڳ خوب شراب واپرايو ويو. مهمانن جاني واڪر، ريڊ ليبل جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ڪيترا ته هوش مان ئي نڪري ويا. مون پيتو ڪونه، ٻين کي پيئندي ويٺي ڏٺم. جيڪي ڏيک اڳ فلمن ۾ ڏٺا هئم، يا ڪتابن ۾ پڙهيا هئم، سي هاڻي سچا پچا، جيئرا جاڳندا، اکين سان پي ڏٺم.
    ڊنر ڪا خاص ڪانه هئي. ڇڙن ڇانڊن جي گذاري جهڙو کاڌو هو. گوشت جي ٻوڙ جو ڪُنو هو ۽ عام رواجي روٽيون، جن کي خبوس پئي چيائون. نه چمچا، نه پليٽون. ديگچيءَ جي چوڌاري گول ٺاهي بيهي رهياسين. روٽي ڀڃندا، ڪُني مان ٻوڙيندا، کائيندا پئي وياسين. ائين گڏجي آڱرين سان کائڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. منهنجي لاءِ سچ پڇو ته اهو منظر ڏاڍو عجيب هو، ڇو ته ان کان اڳ مون ڪڏهن به ائين نه کاڌو هو. ٻڌايائون ته اهڙيءَ طرح گڏجي کائڻ هتان جي ماڻهن جي روايت آهي. ائين ڪرڻ سان محبت، دوستي ۽ ڀائيچارو وڌندو آهي. ههڙي ماحول ۾، ڏکين حالتن ۾ ۽ پرديس ۾ جتي لڳاتار موسم جي سختين سان جنگ جوٽڻي پوي، اتي هن طرح گڏجي رهڻ، کائڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ سان دل کي وڏو دلاسو پئي مليو. مون کي اها رات اڄ به ياد آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي تي ڀروسي، پيار ۽ برابريءَ جو عجيب نظارو ڏٺو هيم. پنهنجن پيارن ۽ گهروارن کان سوين ڪوهه پري، هن دوردراز ڏيهه ۾، هنن يارن مون کي اڪيلو ۽ ڌاريون محسوس ٿيڻ ئي ڪونه ڏنو.
    مون کي اهڙي ئي سهاري جي ضرورت هئي. ان ماحول لاءِ ته مون واجهايو پئي، ڇو ته مان اڃا ارڙهن سالن جو ڳڀرو جوان هوس. پر گڏو گڏ نين ڏورانهين جي ڪري مون کي وڏن جيان ورتاءُ ڪرڻ جي به ضرورت هئي. منهنجي سر تي پنهنجي ڪٽنب جو وڏو بار هو ۽ ان فرض کي نباهڻ لاءِ پنهنجو ديس ڇڏي هيترو دور هليو آيو هوس.
    دبئيءَ جي بلڊنگن جي هيٺئن حصي ۾ گهڻو ڪري دوڪان هئا ۽ مٿي وارو حصو رهائش لاءِ ڪم ايندو هو. دوڪان اڪثر چورس شڪل جا هئا. واپاري پلٿي ماري ويهندا هئا ۽ وکر سندن چوڌاري هڪ ٻئي مٿان سٿيل هوندو هو. ڪي ڀاٽيا وري خالي کوکن کي ٽيبل يا بينچ طور به استعمال ڪندا هئا. وڏو کوکو ٽيبل ۽ ننڍو کوکو اسٽول جو ڪم ڏيندو هو. بس، رڳو گاديلي رکڻ جي دير هوندي هئي، کوکي مان ڏاڍو آرام وارو ڪوچ ٺهي پوندو هو. جيڪڏهن کوکي جو مٿيون تختو ڪڍي ڇڏجي ته ڪٻٽ جو ڪم ڏيندو هو، جنهن ۾ وهي کاتا ۽ ٻيو سامان به رکي سگهبو هو. اڪثر دوڪانن مان گاسليٽ تي ٻرندڙ بتين، پسار ۽ وکر سان گڏ مصالحن جي ڪِسِمري ۽ پگهر جي تيز بوءِ پئي ايندي هئي.
    مون کي بازار جي ڀر ۾ هڪ بلڊنگ جو مٿئين حصي ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو ڏنو ويو، جنهن ۾ فرنيچر بس نالي ماتر هو. سنان جاءِ ڪمري سان گڏ ڪونه هئي، ٻاهر سڀني جي لاءِ هڪ گڏيل باٿروم ٺهيل هو، جنهن تي روز لائين لڳندي هئي. اٽئچڊ باٿ روم سهولت نه، عياشي سمجهيو ويندو هو، جيڪا اسان جهڙن ننڍن ماڻهن جي نصيب ۾ ڪانه هئي.
    پاڻيءَ جي روزاني ڪوٽا بدوئن کان يا ٻين ٺيڪيدارن وٽان ملندي هئي. اهو پاڻي جميره جي کوهن مان ڪڍي، گاسليٽ جي وڏن ڪنسترن ۾ وجهي، گڏهن جي پٺيءَ تي يا گاڏن تي کڻي گهر پهچائي ويندا هئا. گڏهه وڌ ۾ وڌ ٻه دٻا کڻي سگهندو هو. جڏهن ته گاڏڙن ۾ ان کان گهڻو وڌيڪ سمائجي سگهندو هو. صفائيءَ جو پاڻي اسان پنهنجن ڪمرن جي ڀرسان رکيل ٽانڪين ۾ جمع ڪري ڇڏيندا هئاسين ۽ پوءِ هئنڊپمپ ذريعي اهو پاڻي ڇت تي رکيل وڏي ٽانڪي تي چاڙهي ڇڏيندا هئاسين. ان زماني ۾ ڪو اهڙو طريقو ڪونه هوندو هو جنهن وسيلي خبر پئي ته مٿينءَ ٽانڪي ۾ باقي ڪيترو پاڻي بچيل آهي، ان ڪري اڪثر سنان ڪندي پاڻي کٽي ويندو هو ۽ ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي.
    کوهن جو پاڻي سُڪي ويو ته بدو، پاسي وارن ٻيٽن تي وڃي پاڻي وڏن پيپن ۾ ڀريندا هئا ۽ ٻيڙين رستي شهر ۾ پهچائيندا هئا. گهڻو ڪري چئن يا پنجن ڪنسترن مان هڪ وچولي ڪٽنب جو ڪم هلي ويندو هو. دبئي جي آبادي 1950ع جي آخري ڏهاڪي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار هئي ۽ کين هر روز ٻارهن هزار ٽن پاڻيءَ جي ضرورت پوندي هئي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب اسان لاءِ هڪ هڪ ڦڙو قيمتي هوندو هو ۽ ان جي بچت به اهڙي ئي ڪفايت سان ڪندا هئاسين.
    بدو پاڻي ڪهڙي نموني هٿ ڪند اهئا، ان جا قصا هو اڪثر اسان کي ڏاڍي مزي سان ٻڌائيندا هئا. جڏهن مينهوڳي جي موسم ايندي هئي، تڏهن هو سڙهه جي وچ ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا. بارش پوندي هئي ته پاڻي اوهيرا ڪري سڙهه تان ترڪندو سوراخ مان هيٺ وهڻ لڳندو هو. بدو ان پاڻيءَ کي جمع ڪندا ويندا هئا. ڪن خاص مهينن ۾ قبائلي ماڻهو صحرا ۾ پنهنجا لٽا ڪپڙا يا ڪپڙن جون ليڙون وڻن ۽ ٻوٽن تي رات جو کولي وڇائي ڇڏيندا هئا. صبح جو اهي لٽا ماڪَ ۾ ڀڄي ويندا هئا ته کين نپوڙي منجهانئن پاڻي ڪڍي ڪنهن ٿانوَ ۾ سانڍي رکندا هئا.
    بدو صفائيءَ جي پاڻي لاءِ هڪ دٻي جا چار آنا وٺندا هئا. ان زماني ۾ هڪ روپئي ۾ سورنهن آنا ٿيندا هئا. ظاهر آهي ته اهو پاڻي کارو هوندو هو. پيئڻ جي پاڻيءَ جا اٺ آنا وٺندا هئا. حالانڪ اهو به لوڻياٺو هوندو هو، پر وري به پيئڻ لائق هوندو هو. اها جدا ڳالهه آهي ته ان پاڻيءَ ۾ به مئل مکيون، تڏا ۽ گپ مليل هوندي هئي، ان ڪري اسين ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان پهرين ته ان پاڻيءَ کي خوب اوٻاريندا هئاسين ۽ پوءِ چڱي طرح ڇاڻي پيئڻ لائق بڻائيندا هئاسين. بجلي به ڪانه هوندي هئي. برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ ۽ ٻين يورپي ڪمپنين کي البت پنهنجا جنريٽر هوندا هئا. اڳتي هلي ڪجهه ڪمپنين گڏجي بجلي سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. آءِ.ٽي.ايل. جنهن جو مان ملازم هوس، اها پڻ انهن ڀائيوارن مان هڪ هئي. ساڻس گڏ ٻيا ڀاڳيدار هئا: عريبين ٽريڊنگ ايجنسي، شورفا اسٽورس، محمد صالح ڪمالپور ۽ ڀڳواني واڀي. هڪ پراڻو جنريٽر گري ميڪنزي وارن کان خريد ڪيو ويو ۽ بجلي جي سپلاءِ شروع ٿي، پر اها صرف ڀائيوارن پاڻ تائين محدود رکي. ان کان پوءِ اها حد وڌائي هڪ سئو دوڪانن ۽ رهائشي ڪواٽرن تائين ڪئي وئي. ناصر عبداللطيف نالي هڪ مقامي واپاريءَ وري ديرا پاسي بجلي سپلاءِ ڪرڻ شروع ڪئي.
    اسان لاءِ بجليءَ جا وقت مقرر هئا، صبح جو اٺين وڳي کان هڪ وڳي تائين ۽ شام جو چئين وڳي کان اڌ رات تائين. جنريٽر ويچارو اڳ ئي پراڻو هو، مٿان پوندو هوس بار، سو گهڻو ڪري ڊٺو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ان جا پرزا لنڊن مان گهرائبا هئا. لنڊن ۽ دبئي جي وچ ۾ هوائي جهازن جي اچ وڃ شروع ڪانه ٿي هئي، ان ڪري گهمي ڦري پهچڻ ۾ جيڪڏهن هفتا نه ته به ڏينهن ضرور لڳي ويندا هئا. منهنجي ڪمري ۾ هڪ پنکو ۽ هڪ ٽيوب لائيٽ لڳل هوندي هئي. ايتري گهڻي بجلي هوندي ئي ڪانه هئي جو ايئرڪنڊيشنر هلائي سگهجن. مارڪيٽ ۾ گاسليٽ تي هلڻ وارا فرج ملندا هئا. بجليءَ کي ته وڏي عياشي سمجهيو ويندو هو، جيڪا ڪي تمام ٿورا ماڻهو ماڻي سگهندا هئا. گهڻي ڀاڱي ماڻهو گاسليٽ ۽ ميڻ بتين تي گذارو ڪندا هئا. اونهاري ۾ جڏهن گرمي جوڀن تي هوندي هئي ۽ پارو پنجاهه سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو هو، تڏهن ماڻهن جي حالت ڏسڻ جوڳي هوندي هئي. رڳو تصور ئي کڻي ڪريو ته اسين ڪيئن سخت گرم ۽ گهميل گرمي ۾ بنا پنکي جي رهندا هونداسين. بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي ته ماڻهو اهي سخت گرم مهينا ڪيئن گذاريندا هوندا. رات ٿيندي ئي گهڻا ماڻهو يا ته پاڻيءَ جي ڪناري تي يا وري ڇت تي وڃي پناهه وٺندا هئا.
    اسان کي منجهند جا ٽي ڪلاڪ ساهيءَ جا ملندا هئا. پر اهي ٽي ڪلاڪ رحمت بجاءِ زحمت ثابت ٿيندا هئا، ڇو ته ان وقت بجلي بند رهندي هئي. لنچ جو ٽائيم گذارڻ مشڪل ٿي پوندو هو. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. سو اسان مان ڪجهه ساٿين ان جو به حل ڳولي لڌو. انهن سڄڻن اهو وقت سنتو ۽ چمپا ڪرپلاڻيءَ جي گهر پناهه وٺڻ جو بندوبست ڪري ورتو. سنتو حيدرآباد سنڌ جو عامل هو ۽ برٽش بئنڪ ۾ وڏي عهدي تي نوڪري ڪندو هو. ان بئنڪ مان پوءِ ايڇ.ايس. بي.سي. ٺهي. جيئن ته دبئي ۾ اها هڪڙي ئي بئنڪ هئي، ان ڪري بئنڪ کي توڙي اُن ۾ ڪم ڪندڙن کي نه صرف عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، پر منجهس ڪم ڪندڙ عملي کي ڪافي سهولتون پڻ مليل هيون. ڪرپلاڻي ان بئنڪ ۾ سينيئر عملدار هو، ان ڪري کيس ايئر ڪنڊيشنڊ رهائش مليل هئي. سندس بجلي سڌي سنئين بئنڪ جي جنريٽر مان ايندي هئي. لنچ جي ٽائيم ۾ اسين ڪجهه ساٿي سندس گهر وڃي ٿڌيءَ هوا ۾ ٿورو آرام ڪري وٺندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لنچ جا ٽفن به سڀ ساڻ کڻي ويندا هئاسين ۽ تيستائين ويٺا مزا ماڻيندا هئاسين. جيستائين وڃي ٻيهر ڪم جو ٽائيم ٿئي.
    مون لاءِ دبئي اچڻ هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات برابر هئي. ان ڳالهه کي چاليهن سالن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي. تاريخ ياد اٿم، 18 نومبر 1959ع، ان ڪري اچو ته ڳالهه جي شروعات به اتان ڪريون.
    مون کي دبئيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ خالي جڳهه جي ڄاڻ بمبئي مان ڇپجندڙ هڪ سنڌي اخبار وسيلي پئي. بمبئي کي هاڻي ممبئي سڏيندا آهن. مون کي دبئي جي باري ۾ ڪابه معلومات بنهه ڪانه هئي. شهر ڪيئن هوندو، حالتون ڪهڙيون هونديون، ماڻهو ڪهڙي قسم جا هوندا، ترقيءَ جا وجهه ڪيترا هوندا، اهڙي ڪابه ڄاڻ ڪانه هيم. جڏهن نوڪري جي اشتهار جي جواب ۾ درخواست پئي موڪليم، تڏهن جي ڪوئي چويم ها ته نقشي تي دبئي ڏيکار ته ٻڌائي نه سگهان ها. انهن ڏينهن ۾ دبئي ايتري مشهور ڪانه هئي. نوڪريءَ سانگي به هت ڪي گهڻا ماڻهو ڪونه ايندا هئا. ايل ڊوراڊو جيان ڏوڪڙن ڪمائڻ جهڙو شهر اڃا پوءِ ٿيو. پر مون لاءِ اهو اشتهار قدرت واري جي طرفان ڄڻ سوکڙي ٿي آيو. مون هميشه ملڪ کان ٻاهر ڪشنچند چيلارام (جنهن بمبئي ۾ ڪي.سي. ڪاليج ٺهرايو) يا ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني جهڙي ڪنهن سنڌي ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ جا خواب پئي لڌا. اها اتفاقي ڳالهه هئي ته ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني آئي. ٽي.ايل.جي بزنيس پارٽنر هئي. آئي.ٽي.ايل جي اشتهار پويان مون درخواست ڏني ۽ اڳتي هلي سندن ملازمت اختيار ڪيم.
    جڏهن درخواست جو فارم پئي ڀريم تڏهن اندر جي آواز پڪ ڏنم ته اها نوڪري مونکي ضرور ملندي، ڇو ته مون ۾ گهربل سڀ لياقتون موجود هيون. تجربو به ڪافي هئم، پر ان کان به وڌيڪ اهو ته اهو ساڳيو ڪم آفيس اسسٽنٽ طور جيوتي لمٽيڊ ۾ ڪري چڪو هوس. جيوتي لمٽيڊ گجرات جي شهر بڙودا ۾ انجنيئرنگ سامان ٺاهڻ جي ڪمپني هئي. بڙودا جو هاڻي نالو آهي ودودڙا.
    جيڪڏهن سنڌين جي روايت تي سوچيندئو، تڏهن به منهنجي عمر ان نوڪري لاءِ مناسب هئي. 18 سالن جي ڄمار ۾ مان بزنس جي مقابلي واري دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ بلڪل مناسب هوس. اسان سنڌ ورڪي (حيدرآباد سنڌ جا ماڻهو) جڏهن اسڪولي تعليم پوري ڪندا آهيون يا سورهن سالن جا ٿيندا آهيون ته پوءِ هڪدم ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويندا آهيون. اسان لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. اسان جا ابا ڏاڏا، جن هندستان کان ٻاهر وڃي واپار وڙو شروع ڪيو، سي هميشه ان عمر ۾ پنهنجن ٻارن کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيندا هئا. سنڌ ورڪين لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هوندي هئي، ڇو جو منجهانئن ورلي ڪو وڌيڪ پڙهڻ جو چاهه ڏيکاريندو هو. سنڌ ورڪي پنهنجن نوجوانن کي ڪچيءَ کان ئي واپاري گُرن ۾ ماهر ڪري ڇڏيندا هئا، ان ڪري هو ڌنڌي واري ماحول ۾ پلجي جوان ٿيندا هئا ۽ پنهنجن وڏن کي ڏسي اهو سڀڪجهه اڻ سڌي طرح سکي وٺندا هئا، جنهن وسيلي آخرڪار هو خود خانداني بزنس کي سنڀالڻ جي لائق ٿي ويندا هئا. منهنجو گهراڻو به ٻين کان مختلف ڪونه هو. منهنجو پيءُ، جيوترام گهنومل بخشاڻي، جنهن کي مان دادا ڪوٺيندو هوس، جڏهن گذر ڪري ويو، تڏهن منهنجي عمر ڇهه سال هئي. هن پڻ ڪيترائي سال ڪئنري آئلينڊ، موراڪو ۽ جبرالٽر ۾ ڪم ڪيو.
    مون اڃان اسڪولي تعليم پوري به نه ڪئي هئي جو پنهنجن چاچن ۽ ٻين مائٽن کي هانگ ڪانگ، سينگاپور ۽ نائجيريا ۾ اطلاع ڏئي ڇڏيم ته هاڻ مان پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار آهيان. موٽ ۾ چيائون ته انهن ملڪن جي ويزا ملڻ ڪجهه قدر آسان آهي، ڇو ته اهي ملڪ ڪامن ويلٿ جا ميمبر آهن. پر انهن سڀني ڳالهين مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، ان ڪري مون فيصلو ڪيو ته اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي، هاڻي پاڻ تي ڀاڙجي ۽ دبئي وڃي قسمت آزمائجي.
    سنڌي ڪمپنيون جيڪي پرڏيهه ۾ ڪم ڪنديون آهن، سي گهڻو ڪري نوڪريءَ جا اشتهار سنڌي اخبارن ۾ ئي ڇپائينديون آهن. ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي، پر تجربي ٻڌايو آهي ته ائين ڪرڻ وڌيڪ ڪارگر آهي. ملازمن لاءِ ڇڙوهجڻ وڌيڪ چڱو هوندو هو، ڇو ته ٻارن ٻچن سان گڏ پرڏيهه ۾ تمام گهڻيون ڏکيائون هونديون هيون. ڪن ملڪن جون حالتون سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هيون. اهڙن ملڪن ۾ رهائش توڙي گهروارن جي سار سنڀال لهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو هو. گهڻن جاين تي ته ملازم پنهنجن مالڪن سان گڏ رهندا هئا، ان ڪري مالڪن کي اهڙن ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ سولو لڳندو هو، جيڪي ساڻن گڏ رهي سگهن. ساڳيءَ جاتيءَ جو هجڻ ته ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائدي وارو هو، ڇو ته مالڪ توڙي ملازم سولائي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا هئا. پرديس ۾ اهڙي قسم جون ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون ٺهڻ سان اهو به فائدو ٿيندو هو ته ڏکئي وقت ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي رهندا هئا.
    جنهن اشتهار جي مون ڳالهه پئي ڪئي، ان ۾ نه ته پگهار جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايل هو ۽ نه وري ڪم ڪار جي روپ ريکا متعلق ئي ڪجهه چيل هو. مون کي ڇاڪاڻ ته ڪنهن نالي واريءَ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو، ان ڪري مون انهن ڳالهين جي پرواهه ئي ڪانه ڪئي. مون ته سڀ کان هيٺئينءَ ڏاڪي تان شروعات ڪرڻ جو سوچيو هو.
    منهنجو انٽرويو ڪي.اي.جي. چوٽرمل ائنڊ ڪمپني جي مئنيجر ايس.ڊي. محبوباڻي ورتو ۽ مون کي آفيس اسسٽنٽ طور 125 روپيا ماهوار پگهار تي چونڊي ورتائين.
    گلف جي گهڻن ملڪن جيان دبئي پڻ ان وقت انگريز سرڪار جي سار سنڀال هيٺ هئي. ان ڪري اتان جو چالو سڪو به هندستاني روپيو هو. اهو انتظام 1960ع تائين جاري رهيو. ان ڪري ڪرنسيءَ جي مٽاسٽا سان ڪو فرق ڪونه پوندو هو، بلڪ هندستاني روپيو وڌيڪ مهانگو هجڻ سبب دبئي جي 108 روپين جي بدلي ۾ 100 هندستاني روپيا ملندا هئا.
    اها پگهار جيڪا مون کي آڇي وئي هئي، سا ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانه هئي، ڇو ته سنڌ ورڪي ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ڏاڍا سٺا الائونس پڻ ڏينديون هيون. پگهار کان سواءِ رهڻ لاءِ گهر، کاڌو پيتو ۽ ملڪ وڃڻ لاءِ اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڀُتو به ملندو هو. انهن ڳالهين کي ڳڻجي ته منهنجي پگهار سنئين سڌي بچت هوندي هئي. مٿان وري رونگ ۾ هفتي ۾ هڪ فلم جي ٽڪيٽ، وار ڪٽائڻ ۽ ڏاڙهيءَ جو سامان، ڪپڙن جي ڌئاراڻي وغيره به ڪمپنيءَ جي کاتي ۾ هوندي هئي.
    منهنجي سفر جو بندوبست سنڌ اورينٽل ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي ايس.او.ٽي.سي.چوندا آهن. انهيءَ ڪمپنيءَ جون شاخون سڄيءَ دنيا ۾ ڦهليل آهن. بمبئيءَ ۾ برٽش ڪانسليٽ (Trucial States Visa) ٽروشل اسٽيٽس ويزا جاري ڪندي هئي. يو.اي.اي. کي تن ڏينهن ٽروشل اسٽيٽس سڏيندا هئا.
    سفر جون ڪارروايون تمام سنهنجيون هونديون هيون. مالڪ ڪمپني دبئيءَ ۾ پوليٽيڪل ايجنسيءَ کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ گهرندي هئي ۽ جڏهن اهو سر ٽيفڪيٽ ملي ويندو هو، تڏهن برٽش ڪانسليٽ بمبئيءَ ۾ ان ويزا کي معمولي فيءَ جي عيوض قبوليت جي مُهر هڻي ڏيندي هئي. ها، ڪن حالتن ۾ پروٽيڪٽر آف اميگريشن (پرڏيهين جي حفاظت واري کاتي) کان به اجازت وٺڻي پوندي هئي. اهو رواج اڃا تائين جاري آهي.
    دبئي وڃڻ لاءِ منهنجي پاڻيءَ جي جهاز ‘دارا’ تي سيٽ بڪ ڪرائي. دبئي ۾ هوائي اڏو ڪونه هو، ان ڪري سمنڊ رستي ئي سفر ڪرڻ وڌيڪ سولو هو، ويجهي ۾ ويجهو هوائي اڏو شارجا ۾ هو، پر ڪنهن به هوائي ڪمپنيءَ جا جهاز بمبئي کان سڌا شارجا اڏامون ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري ڪو سندن ڏينهن مقرر هو. ائين به ناهي ته ڪو هوائي اڏامون بنهه ڪونه هيون. هونديون ضرور هيون، پر سڌو سنئون اچڻ بجاءِ ڌار ڌار ملڪن مان ڦرنديون، ڊگها رستا وٺنديون پوءِ اينديون هيون. ڪالنگا نالي پرائيويٽ هندستاني هوائي ڪمپنيءَ جو ئي کڻي مثال وٺو، جيڪا بمبئي کان هوائي اڏامن لاءِ ڪرائي تي پوري جا پورا جهاز وڏين وڏين ڪمپنين کي چارٽر ڪري ڏيندي هئي. ان هوائي ڪمپنيءَ کي جڏهن به ڪجهه سيٽون بچنديون هيون ته اهي ڪراچي يا شارجا جي مسافرن کي آڇيندي هئي.
    پر اهڙن انتظامن تي ڀاڙڻ اجايو هو. سيٽون صرف ان صورت ۾ ملنديون هيون جڏهن پڪين ٻڌل ڪمپنين جي ماڻهن کڻڻ کان پوءِ ڪا جاءِ بچندي هئي. ان کان سواءِ ٽيڪنيڪل سببن ڪري ڪراچيءَ ۾ ترسڻ جو وقت وڌي به سگهيو ٿي ۽ هي ڪمپنيون باقاعدي ڪنهن پروگرام هيٺ ڪونه هلنديون هيون، ان ڪري مسافر سندن رحم ڪرم تي هوندا هئا. ٻه ڏينهن لڳندا يا چار ڏينهن، ان جي نه خبر هوندي ڪمپني کي ۽ نه مسافرن کي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ميٽنگ وغيره ۾ وڃڻو هوندو هو ته اهو ويچارو وڃڻ توڙي موٽڻ جي رٿابندي اڳواٽ ڪري ئي ڪونه سگهندو هو.
    ٻيو رستو اهو هو ته بي.او.اي.سي (برٽش ڪمپني) ۾ سفر ڪجي. هيءَ ايئرلائين بمبئي کان لنڊن ڏانهن جهاز اڏائيندي هئي، پر وري رستي ۾ بحرين تي به ترسندي هئي. مسئلو هي هو ته بحرين مان ڪا سهوليت واري فلائيٽ ملڻ مشڪل هوندي هئي. مسافرن کي ڪويت کان شارجا ويندڙ گلف ايوئيشن جي جهاز جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، ۽ پوءِ اهو جهاز شارجا پهچڻ کان اڳ بحرين ۽ دوها جا درشن به ڪرائيندو ويندو هو.
    جيئن ته هيءَ ايئرلائين هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن پنهنجا جهاز اڏائيندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن ڪو مسافر بحرين ۾ بدقسمتيءَ سان ڪنهن غلط ڏينهن تي لهي پوي ته سمجهو ته سندس ڄڙهه ئي نڪري وئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن ته ڪتي ٻلي کان سُڪ ٿي ويو، جيسين ڪا فلائيٽ اچي جان ڇڏائين.
    جيڪي بختاور ڌڪا ڌوما جهلي آخرڪار اچي شارجا پهتا، انهن جي لاءِ وري شارجا کان دبئي پهچڻ هڪ جدا مسئلو هو. منڍو ڀڄي کاهيءَ کان، سائي کاهي اڳيان. انهن ٻنهي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونه هو. وارياسو رڻ جهاڳڻ لاءِ صرف لئنڊ روور ٽئڪسيون هلنديون هيون. ڪريڪ مٿان ڪا پل نه هئڻ ڪري بر دبئي پڄڻ لاءِ وري به ٻيڙين جو سهارو وٺڻو پوندو هو.
    هوائي جهازن جا اهي آزار ڏسي ماڻهو ڪنن کي هٿ ڏيندا هئا ۽ پاڻيءَ جي سفر کي وڌيڪ سولو سمجهندا هئا. پاڻيءَ جي سفر ۾ ڏينهن ٻه وڌيڪ ضرور لڳندا هئا، پر تڪليف گهٽ ٿيندي هئي. دي برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني (The British India Steam Navigation Company) 1904ع کان وٺي باقاعدي دبئي لاءِ پنهنجي سروس چالو رکندي آئي هئي. ڪمپنيءَ جي دورانديشي ته ڏسو، کين اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي ته امارتن جو واپار ايندڙ وقت ۾ ضرور وڌندو ۽ جي سندن پير کتل هوندا ته پوءِ سندن چاندي ئي چاندي آهي.
    بصري ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج بحري جهاز هلندا هئا، جيڪي رستي ۾ ڪراچي، گوادر (ان وقت آزاد علائقو ۽ هاڻي پاڪستان جو حصو)، مسقط، دبئي، دوها، بحرين ۽ ڪويت ۾ بيهندا هئا. پنجن ئي جهازن جي نالي جي پويان الف جو اکر هوندو هو: دارا، دوارڪا، دريسا، دمرا ۽ سرڌانا.
    سر ڌانا دبئي جي مسافرن ۾ ايترو ته مقبول ٿيو جو بر دبئي جي هڪ بلڊنگ جو نالو ئي سرڌانا رکيو ويو. اها بلڊنگ اڄ ٽيڪسٽائل مارڪيٽ ۾ موجود آهي ۽ ساڳئي ئي نالي سان سڏي ويندي آهي.
    مون دارا نالي جهاز ۾ ٽوئرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ورتي. ٽوئرسٽ ڪلاس ۾ ٻن پئسينجرن کي هڪ ڪئبن مليل هوندي هئي. ٽڪيٽ جي قيمت هئي 300 روپيا، جڏهن ته ڊيڪ جي ٽڪيٽ وڌيڪ سستي هئي، يعني 100 روپيا. گهڻي ڀاڱي مسافر جيڪي يا ته واپاري هئا يا نوڪري ڪرڻ جي ڳولا ۾ نڪتل بي روزگار يا موڪلن تان موٽندڙ عرب يا وري بمبئي مان علاج ڪرائي موٽندڙ مريض، سي سڀ ڊيڪ تي سوار هئا. جهاز هروڀرو تمام گهڻي عياشيءَ وارو ته ڪونه هو، پر آرام ۽ آسائش وارو ضرور هو. ان سفر کي هيترا سارا سال گذري ويا آهن، پر اڄ به جڏهن اهي چنڊ ڏينهن ياد ڪندو آهيان ته دل کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.
    دبئي ڏانهن ويندي جهاز پهريون لنگر ڪراچي ۾ کوڙيو. ڪيترائي مسافر جهاز مان لهي سير ۽ تفريح لاءِ ڪراچي جو شهر گهمڻ ويا، پر مان ڪونه لٿس، جهاز ۾ ويهي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسندو رهيس. ايترو پئسو به ڪونه هئم جو سُڪيءَ تي وڃي خرچ ڪريان ۽ سچ پُڇو ته دل به نه پئي چاهي ته جهاز ڇڏي هيٺ وڃان. اهو به ٻڌڻ ۾ پئي آيم ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪنهن جا مٽ مائٽ، عزيز، رشتيدار يا يار دوستار آهن ته پوءِ ته ٺيڪ آهي، ٻيءَ حالت ۾ اميگريشن وارن جا قانون ڏاڍا سخت آهن.
    ٻيو بندر هو گوادر، گوادر ۾ جهاز ڪناري کان ڪجهه پرڀرو لنگر انداز ٿيو. مسافرن کي ڪنارو گهمائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ننڍڙيون ٻيڙيون جهاز کي وڪوڙي ويون. مان هتي به ڪونه لٿس. جهاز ۾ ئي ويٺو رهيس. مسافريءَ جو رهيل حصو مون يا ته ڪتاب پڙهندي گذاريو يا ٻين مسافرن سان ڪچهريون ڪندي گذاريم. مون وٽ مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا ٽي ڪتاب هئا. هن ليکڪ جي باري ۾ ته سڀني کي خبر هوندي ته هو شخصيت کي سڌارڻ ۽ تقرير جي فن کي اثرائتو بنائڻ جو ماهر ليکيو ويندو آهي. مون کي کانئس وڌيڪ مقبول لکندڙ ڪو ٻيو نٿو سجهي، جنهن اڄ کان اڌ صدي اڳ نوجوانن کي ايتري قدر متاثر ڪيو هجي. هندستان ۾ ته ماڻهو سندس ڪتابن لاءِ ڇتا هوندا هئا. ڇا ته سندس لکڻ جو انداز هو. ڇا ته سولي، سڌي سنواٽي سندس ٻولي هئي. ڇا ته سندس ڏنل مثال هئا. هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ ڄڻ دل ۾ گهر ڪندو ويندو هو. سچي پچي زندگي سان ٺهڪي ايندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي جڏهن ڪو نُڪتو سمجهائيندو هو، ته پڪ سمجهو ته پڙهندڙ ان کي جهٽي ورتو.
    منهنجو ڀيڻويو چيلارام واڌواڻي جڏهن مون کان بڙودا جي ريلوي اسٽيشن تي موڪلائڻ آيو، تڏهن هن مون کي جيڪي ڪتاب ڏنا، سي هئا
    1. How to win friends and influence people.
    1. دوستيون ڪيئن وڌائجن ۽ ماڻهن کي ڪيئن پنهنجو ڪجي.
    2. How to stop worrying and start living.
    2. ڳڻتي ڪيئن ختم ڪجي ۽ زندگي ڪيئن ماڻجي.
    3. The Quick and easy way to effective speaking.
    3. متاثر ڪندڙ تقرير جا سولا ۽ ڪارگر گُر.
    افسوس جو جڏهن مان هي ڪتاب لکي رهيو هوس، تڏهن چيلارام واڌواڻي سرڳواسي ٿي ويو. مون سندس قرب وچان ڏنل اهي ڪتاب ور ور ڪري ويهي پڙهيا ۽ ان کان پوءِ به ڪيترن سالن تائين مان کين پاڻ کان ڌار ئي ڪونه ڪندو هوس. منهنجي وجود جو ڄڻ ڪو اهم حصو بڻجي پيا اهي ڪتاب. سچ پُڇو ته انهن ڪتابن منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ڇو ته اهي مون جهڙن ماڻهن جي لاءِ ئي لکيا ويا هئا، جن ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ اهو ٻڌايو ويو هو ته مشڪلاتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڪاميابيءَ جي راهه ڪيئن اختيار ڪجي. وڏي خوبي جيڪا هن جي لکڻين ۾ هئي، سا اها ته هو مثال ڏئي پنهنجو نُڪتو سمجهائيندو هو. جن نوجوانن هي ڪتاب نه پڙهيا آهن، سي ڀلائي ڪري پڙهي ڏسن. کين پنهنجن روين ۾ وڏو فرق محسوس ٿيندو.
    مان ڪپڙي لٽي ۾ بيحد سادو هوندو هوس. ائين کڻي چئو ته بلڪل بيپرواهه بادشاهه هوندو هوس. اڇي رنگ جي قميص ۽ پٽي دار پاجامو، ٻيو ٿيو ڀلو. نه گهڻي ڊيگهه نه پٽاڙ. سولي راند سونٽي جي. کاڌو ڏاڍو سٺو ڏيندا هئا. خاص طور سان گوشت مان ٺهيل تيوڻ. مون کي چانور ۽ تيوڻ ڏاڍو وڻندا آهن ۽ مڙس ٿي کائيندو آهيان. گهڻي عرصي کان پوءِ پتو پيم ته اهو سارو عرصو مون وڏو گوشت پئي واپرايو آهي، جيڪو مون کي کائڻ نه کپندو هو. پهريون ته ڏاڍو شرمسار ٿيس. پاڻ کي ڏوهاري به سمجهيم. پر پوءِ دل ۾ چيم ته ٻيلي گوشت ته مڙئي گوشت آهي، ننڍو هجي توڙي وڏو. جيڪڏهن سٺو ٺهيل آهي ۽ مزيدار به آهي ۽ مون کي پسند به آهي ته پوءِ کائڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ ڪجهه سال اڳ تائين به مان گوشت وڏي چاهه سان کائيندو هوس، پر پوءِ ويشنو ٿي ويس، پر اڄڪلهه مان ڪڏهن ڪڏهن مڇي کائيندو آهيان.
    جهاز جي ڊيڪ تي ڪڏهن ڪڏهن آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پنهنجي چوڌاري ڦهليل وشال عربي سمنڊ کي گهوريندو هئس. سمنڊ ۾ سج لهڻ جو نظارو هونءَ ئي ڏاڍو دلڪش ۽ حسين ٿيندو آهي. منهنجي ته دل ۽ دماغ کي ولوڙي رکندو هو اهو ڏيکاءُ. انجڻ جو اڻ لکو گهرڙاٽ، اٿاهه خاموشيءَ کي اڻ کٽ کاٽ هڻندو رهندو هو ۽ اُن ماحول ۾ ڪوبه حساس ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ، قدرت جي فنڪاريءَ ۾ سمائجي، سموئجي، سراپجي، آسمان جي اوچي چادر کي اُفق تي ترندو ڏسي، سوچ جي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃي، اها ڪا انوکي ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ته نه چئبي. ڳاڙها، پيلا، اڇا، ڀورا رنگ ۽ سون ۽ چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ، چلڪندڙ، جرڪندر، چِلوليون ۽ چنچل لهرون ۽ مٿن ترندڙ لکين، ڪروڙين، اربين، پدمين ترورا ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا تصوراتي تصوير حد نگاهه تائين وڇائي پئي هجي ۽ جا حقيقي به هئي، خيالي به هئي، جلالي به هئي، جمالي به هئي. ان نظاري جي ياد، خوبصورت آسمان جو سج لهڻ تي لهندڙ اولڙو ۽ اولڙي جي چوڌاري پگهريل سون جهڙي روشني جو ڦهلاءُ اڄ به جڏهن ياد ايندو آهي ته هانءَ ۾ هٿ پئجي ويندا آهن ۽ دل سَٽون کائڻ لڳندي آهي ۽ ماضيءَ جو ازغيبي آواز پاڻ ڏانهن پڪارڻ لڳندو آهي.
    منهنجي سفر کان اٽڪل 18 مهينا پوءِ، 18 اپريل 1961ع تي، دارا جهاز ۾ هڪ بم ڦاٽو. باهه جون ڄڀيون ٻه ڏينهن لاڳيتيون اُڀ ڏانهن اڏرنديون رهيون ۽ جڏهن آخرڪار اهو بدنصيب جهاز دبئي جي ڪناري ڀرسان پاڻي جي پاتال ۾ پيهي ويو ته پاڻ سان گڏ 238 انساني جانيون به کڻي ويو، جن ۾ عورتون، ٻار ٻڍا ۽ نوجوان جوڙا به شامل هئا. جيڪڏهن اهو حادثو يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ٿئي ها ته ضرور ڪا دردناڪ فلم جوڙي راس ڪن ها. امن جي زماني ۾ ڪنهن بحري حادثي ۾ مرڻ وارن جو اهو تعداد ‘ٽائيٽينڪ’ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو.
    *


    2. باب ٻيو : نـنـڍپـڻ

    جڏهن اوهان آخري ڀيرو پنهنجي ملڪ، گهر يا ڌرتي ڏانهن ويندا آهيو ته اوهان ان کي پنهنجي پراڻي ملڪ، گهر يا ڌرتي طور نه پر پنهنجي ٻاروتڻي واري ملڪ، گهر يا ڌرتي طور ئي ڏسندا۽ ڳولهيندا آهيون.
    سام ايونگ

    وڏيءَ ڄمار ۾ ننڍپڻ يادگيرين جي اَلبم جيان آهي.
    ڪاريون ڪاپيون ۽ اڇيون ڪاپيون. ڪي ڪُنڊن کان مُڙيل، ڪي پاسن کان جهريل، ڪي وقت جي وارداتن هٿان ڦِڪيون ۽ ڦٽل. ٻهڪندڙ، مُرڪندڙ، مُشڪندڙ نوجوان چهرا هڪ هنڌ ڄميل، ائين جيئن ڪنهن باسڻ تي ڪا شوخ، شرير، شبيهه چٽيل هجي ۽ ٻيون ائين جيئن اڃا ڪالهه ئي اکين آڏو گذري اڻ ڏٺي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويون هجن ۽ وقت جي سيني تي سندن پيرا اڃا ساوا ئي هجن.
    وقت ائين، جيئن واريءَ تي،
    ڪنهن پياري جي پيرن جا نشان،
    پرين ائين، جيئن پوٺي تي،
    ٿئي پياسي کي پاڻيءَ جو گمان.

    جيون، جهڙو ساوڻ ۾،
    ڪو چنگ چُري ۽ ساههُ سُري،
    موت ائين، جيئن موتئي جي،
    ڪا شاخ سِري ۽ ماڪ ڪري.
    ڪي واقعا ننڍپڻ جي علامت طور اُڀري ايندڙ آهن، سندن سارَ به ايئن ئي آهي ننڍپڻ جو اهڃاڻ، خاص طور تي اهي واقعا، جيڪي تصور جي تلاءُ ۾ اُڇليل هلڪي پٿر جيان اڻ کٽ لهرون پيدا ڪري ڇڏين يا جذبن کي ستار جي تار جيان ڇيڙي ڇڏين يا ذهن ۾ ڪنهن سُتل سورج کي سَٽ ڏيئي، جاڳائي ڇڏن يا ڏک ۽ سک جي وڃايل ڪنهن پل کي پَر هڻي اُڏاري آڏو آڻي بيهارين، پيڙاءُ يا پرڀاءُ جي اجهاڻل چڻنگن کي هوا ڏيئي ڀنڀٽ بنائين، امن ۽ شانتي، اهنج ۽ سهنج جون ساروڻيون ساڀيان ڪري ڏيکارين.
    يادين جي واين جو ڪوئي
    ڇيڙو ناهي ڇيهه الا
    آءِ اسان جي ويراني ۾
    ويهه گهڙي پل ويهه، الا.
    خوشيءَ ۽ غم جي لڪ ڇپ راند سڪي جي ٻن پاسن جيان آهي. هڪ ٻئي جا اهي دائمي ضد ذهن تي اڪوريل ئي هوندا آهن ۽ سِڪو سوچن ۾ سدائين پيو ڦرندو گهرندو، پاسا مٽائيندو، هوا ۾ ابدي اڏام اڏندو رهندو آهي ۽ ماڻهو آسائتين اکين مان ڏانهنس تڪيندا رهندا آهن ته پٽَ تي ڪرڻ کان پوءِ اکر ايندو يا مُهر، هار ٿيندي يا جيت، خوشي ملندي يا غم. “مان پوڙهو ٿيندو ٿو وڃان، مان پوڙهو ٿيندو ٿو وڃان”، الفريڊ پروف راڪ جا اهي لفظ ٽي.ايس. ايليٽ جي شعر ۾ چيل آهن، پر مان اڃا به ننڍپڻ جي ساٿين لاءِ واجهايان ٿو ۽ پنهنجي گهر جي يادن کي ساريان ٿو.
    منهنجي سيني ۾ به ساروڻيون ڇلڪي رهيون آهن، پنهنجن دوستن جون، پنهنجي گهر جون. منهنجي من ۾ يادن جي وير اٿلي پئي آهي. مان انهن راتين ڏينهن، گهڙين، پلڪن ۽ لمحن جي تصوير چٽڻ ٿو چاهيان. انهن ئي رنگن سان، جن جي ڇانوَ ۾ منهنجو ننڍپڻ گذريو. منهنجي ڪهاڻي به اتان ئي جنم وٺي ٿي. ان زمين مان، انهن هوائن ۽ فضائن مان، ان سونهن ۽ سرهاڻ مان، جتي منهنجون جڙون آهن، بُڻ بڻياد آهي. محبت جون ميخون آهن، پيار جا پيچ آهن، روح جا ريلا آهن، گيت ۽ سنگيت آهن، گهاءَ ۽ ويساهه آهن، خوشبو ۽ خواب آهن. اها آهي منهنجي جند، منهنجي سنڌ مون کي جنم ڏيندڙ، جياپو ڏيندڙ، جيون ڏيندڙ، سنڌو ڌارا جي ڇلڪندڙ ڇولين جي ڌرتي، منهنجي سپنن جي سَرتي سنڌ، فقيرن، درويشن، ساڌن ۽ سنتن جي سر زمين سنڌ، جنهن کان ڌار رهي به ڌاريو نه ٿيو آهيان. ڪا هڪ گهڙي اهڙي ته ٻڌايو جڏهن ڀُلجي به کيس ڀلايو هجيم. اهي ئي پاتال ۾ کُتل پاڙون، جن منهنجو جيءَ جڙي ڇڏيو آهي، جيڪي ائفرو آمريڪن ليکڪ، اليڪس هيلي، کي هڪ ويڳاڻي، وڃايل، اڃايل، ڌڪاريل، سڪايل ۽ ستايل انسان مان هڪ مضبوط ادارو بڻائي ويون.
    مون کي پورو يقين آهي ته پاپ ۽ پڃ، ڪرڻي ۽ ڀرڻي، نيت ۽ مراد جو فيصلو هت دنيا اندر ئي ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو بُرو يا ڀلو اسان ڪريون ٿا، ان جا پاڇاوان انهن نتيجن تي پون ٿا، جن کي اسين قسمت سڏيون ٿا. نه، اها قسمت ناهي، قسمت کان به وڌ ۽ اڳتي ڪا ٻي شيءِ آهي. اسان جي ڪيل ڪرمن جي موٽ آهي. جيڪڏهن اسان کي اها ڄاڻ ناهي ته اسان ڪٿان آيا آهيون، ته پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي ته موٽي ڪٿي وڃڻو آهي؟ سڌي سنئين ڳالهه آهي ته پهرين سبب معلوم ڪريون ۽ پوءِ ان جو اثر. مان هاڻي جڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ پَرَ سوئي رهيو آهيان، تڏهن روحانيت توڙي فطري سچائي کان ٿورو مٿڀرو ٿي سوچڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. ننڍپڻ جيڪو شرير آهي، شوخ آهي، چنچل آهي، لاپرواهه آهي ۽ جيڪو هميشه جيئن جو تيئن زنده رهڻ وارو آهي ۽ جواني جيڪا جوشيلي آهي، ضدي آهي، اجهل آهي، اٽل آهي ۽ ڪڏهن به آڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ان اجهل ۽ اٽل جذبن جي وچ ۾ ڪٿي ڪو ڊپ، ڪو انديشو، ڪو شڪ، ڪو شبهو پڻ لڪل آهي ۽ تنهن جي تهه ۾ ڇُپيل آهي انسان جي ازلي ڪمزوري. مان ان ننڍپڻ ۽ ان جوانيءَ جي ڳالهه ڪرڻ وارو آهيان.
    ڪالهه، سُڀان ۽ اڄ جي وچ ۾،
    ماڻهوءَ جو ئي مرڻ جنم آ،
    ماڻهوءَ جو ئي خيال وهم آ،
    ماڻهوءَ جو ئي رنج الم آ،
    ماڻهوءَ جو ئي گوندر غم آ،
    هر هڪ ساعت، هر هڪ لمحي،
    وقت جو ماڻهوءَ سان ئي ڪم آ،
    دم دم جنهن سان دم آ قائم،
    هڪڙي ماڻهوءَ جو ئي دم آ.
    مان ڀلا نم ۽ پپر جا اهي وڻ ڪيئن ٿو وساري سگهان. جن جي ڇانوَ ۾ اسان کيڏندا، ڪُڏندا ۽ ڳائيندا هئاسين؟ وقت ته بس پاڻيءَ جو اڻ کٽ وهڪرو هو، جنهن جو ڪو ماڻُ، ڪو ماپو، ڪو انت، ڪو بحر ڪونه هو. ۽ ها، ڪيئن ٿو وساري سگهان اهي ننڍپڻ جون رانديون؟ اها اٽي ڏڪر راند، جيڪا پنهنجي ڳوٺ جي ڳلين ۾ کيڏندا هئاسين؟
    مان حيدرآباد سنڌ جي هڪ وچولي گهر ۾ پيدا ٿيو هوس. سنڌ ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جو هڪ سُکيو ستابو ۽ ترقي ڪندڙ صوبو هو. اسان وچ شهر ۾ هڪ وڏي گهر ۾ رهندا هئاسين، جنهن جي ڇت تي سنڌ جا روايتي منگهه يا بادگير ٺهيل هئا ۽ جن منجهان هوا گهوگهاٽ ڪندي گهر ۾ داخل ٿيندي هئي. دبئي جا منگهه مون کي اڪثر پنهنجو اباڻو شهر ياد ڏياريندا آهن، بلڪ ائين کڻي چوان ته غلط نه ٿيندو ته دبئي جا گهرمون کي سنڌ جي پراڻن گهرن جي ياد ڏياريندا آهن.
    گهر ۾ گهڙڻ سان ئي سامهون اڱڻ يا پڌر ايندو هو، جنهن کان پوءِ ورانڊو هوندو هو. اسان جي گهر ۾ ننڍا وڏا ڪيترا ئي ڪمرا هوندا هئا جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا هئا. آخري ٻن ڪمرن تائين پهچڻ لاءِ ٻن درن منجهان لنگهڻو پوندو هو، جنهن کي ٻدرا سڏيندا هئا. مردن ۽ عورتن جي ويهڻ جون جايون ڌار ڌار هونديون هيون. اهڙي طرح مهمانن کي ويهارڻ لاءِ اوطاق هوندي هئي. چڱن ڀلن گهرن جون اوطاقون سڀ کان وڌيڪ سينگاريل ڪمرن ۾ هونديون هيون، جن ۾ اوچي فرنيچر ۽ سجاوٽ جا قيمتي سامان رکيل هوندا هئا. اوطاق کي هميشه صاف سٿرو رکيو ويندو هو ۽ جي ڀُل ۾ ڪنهن ٿورو به صفائي جو خيال نه ڪيو ته سمجهو ته ان جي شامت اچي وئي. ڏاڏي جمنا ٻائي جي عقابي نظرن کان ذري جيتري گندگي به لڪي نه سگهندي هئي. ڏوهاري جا ڏوڏا ئي ڏوڏا ڪٽيندي هئي ۽ ٿڙن تي اهي ٿڦڙ وهائيندي هئي جو ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا هئا. ڏاڏي ڏاڍي کلڻي ۽ رلڻي ملڻي عورت هئي. ديسي شراب جي واهه جي شوقين هئي. ڪنجهي جي ڪٽوري مان سرڪيون به ڀريندي ويندي هئي ۽ آکاڻي به ٻُڌائيندي ويندي هئي. ڪنجهي کي هنديءَ ۾ ڪانسي چوندا آهن جيڪا ٻن ڌاتن ملائڻ سان ٺهندي آهي. سنڌ جي نئين پيڙهي شايد ڪنجهو نه ڏٺو هجي، پر ٻهراڙين ۾ شايد اڃا به ڪنجهي جون تسريون، تسروٽا ۽ وٽيون موجود هجن.
    ديسي شراب گهرن ۾ پُڄائڻ وارا ڪي خاص ماڻهو هوندا هئا، جي ڀيرو ڪونه ڀڃندا هئا ۽ کوٽ کٽڻ نه ڏيندا هئا. ڏاڏي ڪٽوري مان هڪ ٻه سرڪيون ڀري، حقي مان ٻه ٽي زوردار گرڙاٽ ڪڍي وٺندي هئي ته جيئن سرور وڌي ۽ آنند ۾ اضافو ٿئي. اسان جي سماج ۾ ڪراڙين عورتن جو شراب واپرائڻ توڙي حقو يا ٻيڙي ڇڪڻ خراب ڳالهه ڪونه سمجهي ويندي هئي.
    پنهنجي گهر جي باري ۾ منهنجي ننڍپڻ جي اٽڪل ڇهن سالن جون يادون اڻ چٽيون ۽ ڌنڌليون آهن. ٻين جي واتان، خاص ڪري امڙ جي مدد سان ٻُڌل ڳالهين کي ملائي ڪي تفصيلي واقعا بيان ڪري سگهان ٿو.
    مون کي اها گهٽي ياد آهي جتي اسان راند ڪندا هئاسين. مون کي اهو به ياد آهي ته اسان جي گهر ڀرسان بسڪوٽن ٺاهڻ جي هڪ فئڪٽري پڻ هئي، جنهن جي خوشبو اڄ به مون کي ياد آهي. بسڪوٽن جي وڻندڙ سڳنڌ سبب اسان ٻارن کي پيٽ ۾ بک جا چڪ پيا پوندا هئا، پر کيسي ۾ پئسو لڀي نه پائي جو کڻي ڊبل روٽي يا بسڪوٽ خريد ڪريون. ننڍپڻ جي ٻين اڻ پورين خواهشن جيان اهي ارمان پڻ دل جا دل ۾ ئي رهجي ويندا هئا. ها، البت اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ فئڪٽري جي مالڪ جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويندا هئاسين. هيڏانهن لنگهيو ناهي، هوڏانهن هوڪرا ٿيا ناهن ته سيٺ ڙي سيٺ، تنهنجي بسڪوٽن ۾ ڌپَ. ويچارو سيٺ بيزار ٿي، سهڪندو، پگهر ڳاڙيندو، گڦ وهائيندو، دانهون ڪوڪون ڪندو، اسان جي پويان مست ڏاند جيان ڀڄندو ڊوڙندو ايندو هو. ان وقت سندس پخال جهڙو پيٽ ڏسڻ وٽان هوندو هو. سندس ڇلڪندڙ پيٽ ڏسي اسان جي کل بيهندي ئي ڪانه هئي. هاڻي ٿو احساس ٿئي ته ٻار ڪيڏا نه بي رحم ٿيندا آهن. اسان به گهٽ ظالم ڪونه هئاسين.
    ننڍپڻ جي ٻي ياد آهي شادي جو سرگس. شادين جي موسم ۾ اسان جي گهر اڳيان لنگهندڙ ڄڃن جي ڌم لڳي پئي هوندي هئي. دم دمام، رنگ روپ، ناچ گانا، اسان ٻارن جي ته موج ٿي ويندي هئي. ٻار اهڙن موقعن تي شرارت نه ڪن ته پوءِ ڀلا ڪڏهن ڪندا؟ گهوٽ گهوڙي تي سوار، مُنهن موڙن سان ڍڪيل، گلي ۾ گلن جون ڪنڊيون، پويان ڄاڃين جي لوڌ. بئنڊ چيڪلي آواز ۾ فلمي ڌن وڄائيندو وڃي، گهوٽ جا مِٽُ مائٽ جهُمر ۾ پورا. اسان ٻارن جا وات ڦاٽل. ڪڏهن گهوٽ کي ڏسون، ڪڏهن ڄاڃين کي، ڪڏهن بئنڊ باجي وارن کي. پاڙي جا ٻيا ٻار به اچيو گڏجن. ڪڏهن بود ۾ ڀرجي نچڻ وارن سان گڏجي جهمر هڻندا وڃون، ڪڏهن خالي نوس نوس ڪندا پٺيان ئي پٺيان گهٽي جي ڇيڙي تائين ڀڄندا وڃون. سڀ کان مزيدار هوندا هئا کدڙا. اسان کدڙن کي ڏسي جو خوش ٿيندا هئاسين، اها ڳالهه ئي نه پُڇو. وڏا ويڪرا گهاگهرا گهمائي جڏهن ڦيريون پائي، دهلن جي ڌن تي نچندا هئا، تڏهن مزا اچي ويندا هئا. ڦيري سان پڙا ڦوڪجي ڦوڪڻي وانگر ايترا ڦهلجي ويندا هئا جو ڀلي ته ڪو ٻار اندر گهڙي وڃي ته به خبر ڪانه پوي. انهن سڀني ۾ لوڪو نالي کدڙو ناچ گاني جو وڏو ماهر هوندو هو. سڄي پاڙي ۾ سندس وڏي لئه هوندي هئي.
    اهڙن موقعن تي سماجي برابري جا وڏا ثبوت ملندا هئا. ماڻهو هڪ ٻئي سان هڪ جهڙا ٿي گلي ملي ويندا هئا. ذات پات، دين ڌرم، ننڍ وڏائي سڀ وسري ويندي هئي.
    ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ ڀت برادري ۾ کدڙن جو وڏو هٿ هوندو هو. اڪثر ماڻهو کين فقير به ڪوٺيندا هئا. بلڪ لفظ کدڙي جي ڪوڙاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ۽ هنن ويچارن ڏکويل ۽ لاچار انسانن جي دلجوئي خاطر، لفظ فقير وڌيڪ مانائتو لڳندو هو. ٻارن جي ڄمڻ تي خاص طور کدڙا فقير اهو رنگ لائيندا هئا جو وڃي ٿيا ست خير! اهڙن موقعن تي هو سماجي زندگي جو هڪ اهم حصو لڳندا هئا ۽ نه ڪي ڌڪيل، ڌاريا، اڻ پورا انسان.
    جڏهن ڪو ٻار ڄمندو هو ته اهو رواج عام هو ته يڪدم کدڙن فقيرن کي گهرائي ٻارڙي جي مٿي تي دعا جو هٿ رکائجي. ائين ڪرڻ سان بلائون دور ٿينديون هيون ۽ ٻار بدنظر کان بچي ويندو هو. کدڙا فقير پاڻ ۾ گڏجي سڏجي مڙهين ۾ رهندا هئا. ڪي واپار ڪندا هئا ۽ ڪي مينهون ۽ گايون پاليندا هئا ۽ کير مکڻ وڪڻي گذران ڪندا هئا.
    ها، سنڌ جي هر طبقي جا ماڻهو کير کنڊ ٿي رهندا هئا ۽ ڏاڍي پيار محبت سان گڏ رهڻ ڄاڻندا هئا. ننڍپڻ جو هڪ ٻيو واقعو خاص طور تي ياد ٿو اچيم. ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، جنهن اسان جي ڪٽنب جي زندگي جو رخ موڙي ڇڏيو. ورهاڱي جا ڏينهن هئا. ڏاڍا ڀيانڪ ۽ بي يقيني جا ڏينهن، جن ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، تنهن جي ڪا ڪَل ڪانه هئي. منهنجي هڪڙي شاهوڪار ماسي ٽِڪان سوڀراج، جي قيمتراءِ ائنڊ ڪمپني جي مالڪ سوڀراج جهمٽمل جي گهرواري ٻين ڪيترن ئي هندو ڪٽنبن سان گڏجي هندستان لڏي پئي وئي. سڀني لڏيندڙن وانگر هوءَ به پنهنجي گهر سميت ٻيو به گهڻو ڪجهه ڇڏي پئي وئي. سندس گهر وچ حيدرآباد جي سکئي ۽ سلامتي واري پاڙي ۾ هو. اسان کي چيائين ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ گهر جو خيال رکجو. انهن ڏينهن ۾ حفاظت ۽ سلامتي تي گهڻو زور هوندو هو، ڇو ته ڦرلٽ ۽ وڳوڙ عام ڳالهه ٿي پئي هئي. اسان سندس اها آڇ ڏاڍي خوشيءَ سان مڃي ۽ سندس گهر ۾ لڏي وڃي ويٺاسين.
    اسان جو نئين گهر ۾ ٽپڙ ٽاڙي کڻي وڃي رهڻ ڏاڍو بدسوڻ ثابت ٿيو. جلد ئي منهنجو پتا جيوترام، جنهن کي دادا ڪوٺيندو هوس، سخت بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته کيس مُدي جو بخار آهي. ٽائفائيڊ انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو موذي مرض ليکيو ويندو هو. بچاءَ واريون دوائون، جهڙوڪ پينسلين ۽ ڪلورامائيسن آسانيءَ سان ڪونه ملي سگهنديون هيون. پينسلين اڃا نئين نئين آئي هئي ۽ ڪن چند اسپتالن کان سواءِ ڪٿي به ڪونه ملندي هئي. شهر ۾ وڳوڙ وارن علائقن ۾ ڪرفيو لڳل هو، ان ڪري ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهندا هئا. ان ڪري ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ توڙي مريض کي اسپتال کڻي وڃڻ ناممڪن هو. گهر ۾ ڪو اهڙو وڏو ڀاتي به نه هو جيڪو ڀڄ ڊڪ ۽ وٺ سٺ ڪري ڪو بندوبست ڪري وجهي. منهنجو وڏو ڀاءُ هوتو بخشاڻي ان وقت 13 سالن جو هو ۽ مان کانئس ست سال ننڍو هئس. ان بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ منهنجو دادا لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت سندس عمر ڇٽيهه سال هئي. بس، کن ۾ کيل ٿي ويا. هڪ ڏينهن موجود هو، ٻئي ڏينهن نه رهيو. گهر جو وڏو ويندو رهيو ۽ اسان يتيم ۽ بي واها ٿي پياسين. ان واقعي مان مون ٻه سبق پرايا. پهريون ته ڪا به شئي هميشه رهڻي ناهي ۽ ٻيو ته دک درد رڳو ٻين لاءِ ناهي، اسان جي در تائين به پڄي سگهي ٿو. اهو موت سان مُنهان منهن ٿيڻ جو منهنجو پهريون آزمودو هو.
    مئل ماڻهوءَ جي منهن ڍڪڻ ۽ شمشان ڏانهن نيڻ کان اڳ رسم هُئي ته گهر وارن توڙي ٻارن کي سندس آخري درشن ڪرايو وڃي. خيال هو ته ائين ڪرڻ سان اها آخري ياد سندس دل ۾ سدائين زنده رهندي. ان ڪري ڏاڏيءَ مون کي ڇڪي آڻي دادا جي مڙهه آڏو بيهاريو ته جيئن مان چڱي ريت سندس منهن ڏسي سگهان. منهنجي عمر ان وقت فقط ڇهه ورهيه هئي ۽ موت جي مهما کي سمجهڻ جي سگهه بلڪل ڪين هيم: پر تنهن هوندي به مون کي ايتري ڄاڻ ضرور هئي ته ڪو دکدائڪ واقعو ٿي گذريو آهي، ان ڪري مان اُتي بيهي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس ۽ سڏڪا ڀري روئندو رهيس. جلندڙ ڪافور جي خوشبو ۽ پوتر ڪتابن جي پاٺ ۽ ان سان گڏ منهنجي ماءُ ۽ ٻين مائٽن جي روئڻ جو آواز اڄ 60 سالن گذرڻ کان پوءِ به منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گونجي رهيو آهي.
    خانداني مصيبت /مسئلا(Family Tragedy) ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وارو خوف ۽ غيريقينيت سببان وڌيڪ پيچيده ۽ڏکيا بڻجي ٿي ويا. سڄي گهر کي انهي ورهاڱي جي وڳوڙن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. مذهبي ڌريون پاڻ تي ٿيل حملن جي رد ۾ عوام جي انبوهن جي اڳواڻي ڪندي، جوابي ڪارروائين ۾ مصروف ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون.
    ائين سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي راولپنڊيءَ ۾ مارچ 1947ع ۾ ٿيل خونريز وڳوڙن کانپوءِ پهرين لڏپلاڻ شروع ٿي.
    ننڍي کنڊ جو روهاڱو هڪ انتهائي دکدائڪ الميو هو. جنهن تاريخ جا وڏا سور ۽ زخم چٽي ڇڏيا. انهي واقعي جي ڪري تاريخ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ لڏپلاڻ ٿي. سنڌي جي حيدرآباد ۽شڪاپور شهرن جا ڪيترائي سکيا ستابا واپاري خاندان بي يارو مددگار حالت ۾ هتان لڏي ٿي ويا. جن جي رستي ۾ ٻنهي حڪومتن طرفان ڪا به مالڪي نه ٿي ڪئي وئي. جنهن سببان اهي وڏي ڏکيائين ۽ مصيبتن کي مُنهن ڏيندي انڊيا پهتا. جن مان ڪيترائي سڀ کان پهريان بمبئي ويا ۽ بعد ۾ وري اتان کان دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن نڪري ٿي ويا.
    گڏيل هندستان جو ورهاڱو اهڙو ته دل ڏاريندڙ ۽ دکدائڪ واقعو هو، جنهن کي ڇڙو ياد ٿو ڪجي ته هانوَ ۾ هٿ ٿا پون، اندر اڌ ٿو ٿئي، ڏيل ڏري ٿو وڃي. اهڙا گهاءَ پلئه پيا جي ڀرجي نٿا ڀرجن. تاريخ جي سڀ کان وڏي انساني لڏپلاڻ هئي، جنهن جاني جدا ڪري ڇڏيا. ڌرتي ماتا جي ڇاتي سان چهٽيل سندس معصوم ٻچڙا ڇڪي ڌار ڪري ڇڏيا. جنهن مٽي جنم ڏنو سا پنهنجي نه رهي. کن پل ۾ ڌار ٿي وئي. گهر گهاٽ، ماڳ مڪان، روڊ رستا، گهيڙ گهٽيون، چونڪ چوراها، پنهنجا نه رهيا، پراوا ٿي ويا. جن ڪالهه تائين سنڌ کي امڙ سڏيو هو، سي سندس چرن ڇُهي، مٽي ماٿي لائي، هٿ جوڙي، سيس نوائي، سڏڪي سڏڪي، ڪنهن اڻ ڄاتي آئيندي جي تلاش ۾ نڪري پيا. سڄڻ سفر هليا،ائين جيئن روح پٺيان روهه ۾ ڇڏي ويندا هجن.
    امڙ وڃي آڻ، چرخو آتڻ وچ مان،
    ڪتيم جنهين ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
    هن اوچتي لڏ پلاڻ ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد جا ڪيترا اهڙا ڪٽنب شامل هئا، جن پيڙهين کان پرڏيهه وسائي ڪافي ڌن ميڙيو هو ۽ جن جي دل سنڌڙي جا وڻ ڇڏڻ لاءِ ڪنهن پر به راضي ڪين هئي، پر حالتن آڏو لاچار هئا. ان آس تي وطن ڇڏيائون ته جلد ئي موٽي ماڳن تي اينداسين.
    ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گُل،
    تڏهن ملنداسين،
    جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هُل،
    تڏهن ملنداسين.
    ڪنهن لکي لڌو هو ته اهڙو ڪلور به ٿيندو؟ سچ پڇو نه ته هن قسم جي ڀاڄڙ ٻنهي حڪومتن مان ڪنهن به نه سوچي هئي، نه وري ايترن سارن ماڻهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو وٽن ڪوئي پروگرام ئي هو. گهڻا ماڻهو پهريون بمبئي ڏانهن ڀڳا ۽ اُتان پوءِ هوريان هوريان، ٿورا ٿورا ٿي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڦلجي ويا.
    لڏ پلاڻ جي ٻي لهر 20 آگسٽ 1947ع تي شروع ٿي. بي وس بار اُٺن به ڇڏيا، انسان ڪهڙي وٿ آهي؟ ڏيهه ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ڀڳل ڀُريل انسان، ٽٽل دل سان پنهنجو مٺڙو ملڪ ڇڏڻ تي لاچار ٿي پيا. ڊنل، هيسيل، مُنجهيل ويڳاڻا ۽ بي وطن ماڻهو اباڻا پکا ڇڏي اڻ ڄاتي ديس اُسهيا.
    مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
    ڪڏهن ڪونه آيو، تن پنوهارن پهي،
    ويڙا سي وَهي، جنب گذاريُم جن سين.
    ٽين لهر جنوري 1948ع ۾ آئي. جيتوڻيڪ هن ڀيري ماڻهن جي لڏڻ ۾ ٻنهي حڪومتن جي مرضي به شامل هئي، تنهن هوندي به جن لڏيو پئي، سي پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، ڪي ضروري شيون ساڻ کڻي، اوڇنگارون ڏئي، روئي موڪلائي، اکين کان اوجهل ٿيندا ٿي ويا. هوڏانهن جڏهن نئين سر زمين تي پير ٿي پاتائون ۽ زندگي کي نئين سر سهيڙڻ جا جتن ٿي ڪيائون ۽ موٽ ۾ اتان جي حڪومت اوترا ذريعا ۽ وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿي ڪئي، تڏهن پاڻ کي ڏاڍي مشڪل ماڳ تي بيٺل ٿي ڏٺائون. بمبئي ۾ صوبائي حڪومت وس آهر ته گهڻو ڪجهه ئي ڪيو پر شرنارٿين جي ڀرمار آڏو سندن ڪوششون به ناڪام ٿي ويون.
    سرڪاري رڪارڊ موجب، آڪٽوبر1947ع تائين اٽڪل سوا لک شرنار ٿي سنڌ ڇڏي هند پهتا. 1948ع جي وچ ڌاري اهو انگ وڌي ٻارهن لک ٿي ويو. اها سموري مخلوق سنڌ ۽ بلوچستان کان آئي هئي. گهڻي ڀاڱي سنڌين کي بمبئي ۽ سوراشٽرا جي شرنار ٿي ڪئمپن ۾ رکيو ويو. گهڻن کي وري مڌيه پرديش ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو راجسٿان ۾ هو ۽ مڌيه ڀارت ڪوٺيو ويندو هو. اجمير، جئپور ۽ جوڌپور، بڙودا ۽ احمدآباد، جيڪي بمبئي رياست جو حصو هئا، تن پڻ سنڌين کي پاڻ وٽ آباد ڪيو. پر سنڌي هڪ هنڌ ويهڻ وارا ڪونه هئا. چوطرف پکڙجي ويا، ايتري قدر جو ڪي ته مدراس تائين وڃي پهتا.
    جيڪي ويچارا بي سهارا گهر گهاٽ ڇڏي آيا هئا، تن جي حياتي ڏاڍي ترس جوڳي هئي. ڪٽنب ڇڙوڇڙ ۽ ڌارون ڌار ٿي ويا. ذاتيون، پاڙا ۽ قومون، جي سنڌ ۾ سنهيءَ سُئيءَ سبيل هئا، سي هاڻي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا هئا. خوددار، اناپرست ۽ وڏي شان وارا ماڻهو غريبي ۽ ذلت جي زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي پيا. هي ته وجود جي جنگ هئي، جيڪا انهن ماڻهن کي لڙڻي هئي، جن پنهنجو الهه تلهه پوئتي ڇڏي اچي ڪئمپون وسايون هيون ۽ نئين سر شروعات لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. ڪئمپن جي زندگي عذاب کان گهٽ ڪونه هئي. منجهن حياتي گهارڻ جون بنيادي سهوليتون به موجود نه هيون. ماڻهن کي هڪ ٻئي مٿان سٿيو ٿي ويو، ڄڻ جنگي قيدي هجن. ٿوري گهڻي رازداري خاطر ماڻهن ڳوڻين جا پال ملائي، سبي، پردا ٺاهي ٿي ٽنگيا ته جيئن سندن انگ اگهاڙو نه ٿئي. ڪئمپن ۾ روڊ، رستا يا سواريءَ جو انتظام ته پري جي ڳالهه، گندي پاڻي جي نيڪال جو به بندوبست ڪونه هو. اونداهيون گليون، ڪرفتي ۽ ڌپ سبب حالتون ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿينديون ويون.
    شاهوڪار زميندار، جيڪي ڪڏهن شاهاڻي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ سوين ڪُڙمي سندن سلامي هئا ۽ سندن سڏ تي ڪئي نوڪر چاڪر ڊوڙندا ايندا هئا، سي هاڻي مفت جو راشن وٺڻ لاءِ قطار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺل نظر اچڻ لڳا. ماڻهن ۾ شرمندگي ۽ بي عزتي جو احساس جيئن پوءِ تيئن وڌندو پئي ويو. جوان ڇوڪريون، جن ڪڏهن نوڪر يا ٻيليءَ کان سواءِ گهر کان ٻاهر پير نه ڌريو هو، سي هاڻي ميلن جا ميل سفر ڪري روزگار ڪمائڻ لاءِ مجبور هيون. عورتون گڏيل غلسخانن جي ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل، ۽ نلڪي مان پاڻي ڀرڻ لاءِ وڏا مفاصلا لتاڙي، ٿانوَ مٿي تي کڻي، پنڌ ئي پنڌ، ٿڙنديون ٿاٻڙنديون ۽ سهڪنديون نظر اچڻ لڳيون.
    هاڻي، هيترا سارا سال گذرڻ کان پوءِ ڪيئي ڦٽ ڇُٽي ويا آهن، ڪيئي گهاءُ ميسارجي ويا آهن، ڪيئي ذلتون وقت جي رائي ۾ لٽجي چڪيون آهن. پر ورهاڱي جو درد انهن کان پُڇو جن روح ۾ ڪٽار لهندي محسوس ڪئي هوندي، جن ڇپرن جي ڇانوَ هيٺ سجايل سپنن جو سنسار پنهنجين اکين سان ڊهندو ڏٺو هوندو، جن جي جيءُ جي جوالا سندن وجود کي وڪوڙي، ساڙي ٻاري، رک ڪري ڇڏيو هوندو.
    محفل نه رهي، ساقي نه رهيا، پيالا نه رهيا، پياسا نه رهيا،
    اي شمع سحر، ڇا رات اها گذري به وئي گذري به وئي؟
    ٻارن کان تعليم ڇڏائجي وئي. ويچارا معصوم وڏڙن کي سهارو ڏيڻ خاطر ڪچيءَ عمر ۾ ئي پورهيو ڪرڻ لڳا. اسڪول وڃڻ بدران ٽرينن ۾ کٽمٺڙا وڪڻڻ لڳا. عورتون پري پري ڪم ڪار تي وڃڻ لڳيون. ڪيترين ته گهر تي رڌ پچاءُ ڪري، کاڌي جون هلڪيون شيون تيار ڪري، در در تي هوڪو ڏئي ٿي وڪيون. مرد، جن اڳ پاڻ ٻين کي روزگار سان ٿي لڳايو، سي هاڻي رومال ۽ ڇٽيون وڪڻي گذران ڪرڻ لڳا. انهن دل ڏاريندڙ حالتن ۾ زنده رهڻ لاءِ بيشمار سنڌين جيڪا جدوجهد، وٺ وٺان، محنت ۽ پورهيو ڪيو، تنهن سندن زندگي کي ڀَڃي ڀوري مٽيءَ مُٺ ڪري ڇڏيو.
    پر اسان بي حد خوددار انسان آهيون، عزت ۽ غيرت وارا، هنرمند، هٺيلا ۽ هوڏي ماڻهو آهيون. اسان آڻ نه مڃي، نه بي حس ٿياسين نه بي وس، نه نااميدي نه مايوسي. زندگي جا ڀڳل ڀُريل ۽ جهريل کنڊر اکين آڏو ڏسي به نه هوش وڃايوسين نه حواس. نه قسمت کي ڏوهه ڏنوسين نه حالتن کي. نه رڙياسين، نه رناسين، نه ئي ڪرم ڪُٽي، ڇاتيون پٽي ماتم ڪيوسين. اهو اسان جو وڙ ئي ناهي. اسان ته پنهنجي برباديءَ جي ڊٺل ڍير مان ائين اٿي کڙا ٿياسين جو دنيا حيران ٿي وئي. اها همٿ، اها محنت، اها جرئت ڏيکاريسين جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ ان کان اڳ شايد ئي ڪنهن قوم ڏيکاري هجي. اسان پنهنجي پاڻ کي ٻيهر آباد ڪيو. ٻيهر پاڻ کي ڳولي لڌو. ٻيهر پاڻ کي ڄاتو، سڃاتو ۽ پنهنجو ڏس پاڻ ئي پاتو. جيئن فونيڪس پکي پنهنجي ئي رک مان ٻيهر جنم وٺندو آهي، اسان پڻ ٻيهر جي اُٿياسين. جاڳي اٿياسين، نئين عزم سان، نئين عهد سان، نئين وچن سان، نئين پرن سان. اسان پاڻ کي واپاري، بزنيس مئن ۽ ڪارخانيدار طور ماري مڃايو.
    سِرن مٿان سوڀ جون، پَڳون جي پايو،
    متان وڙهندي ويڙهه ۾، پٺتي واجهايو،
    لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو!
    چيو ويندو هو ته بمبئي ۾ آباد ٿيل چئن لکن شرنار ٿين مان چاليهه سيڪڙو واپاري هئا. انهن مان گهڻا ننڍڙا دوڪاندار ۽ وکر وڪڻندڙ هئا. ٻين جلد ئي وڏين ڪمپنين سان پنهنجا پراڻا واپاري ناتا بحال ڪري ورتا. اهڙين ڪمپنين جون برانچون گڏيل هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هيون.
    ذاتي طور اسان جي ڪٽنب لاءِ ورهاڱو ٻيڻيون مصيبتون کڻي آيو. گهر به ويو ۽ گهر کي هلائڻ وارو به نه رهيو. منهنجي ماءُ ايشوري ٻائي 34 سالن جي عمر ۾ وڌوا ٿي پئي. ويچاريءَ کي نئين ڏيهه ۾ مشڪل حالتن هيٺ تمام ڳريون ذميداريون پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي کڻڻيون پيون. جتي اڪيلي جيو جو جيئڻ به جنجال هجي، اُتي پنجن ننڍڙن ٻارن جي جوابداري سر تي کڻڻ لاءِ به ڪو شينهن جو جگر گهرجي. اسان ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينر هئاسين. امڙ اسان کي ماءُ پيءُ بڻجي پاليو ۽ ڪک کان شروعا ڪندي لک تائين رسايو. ڇا ڇا نه سٺو هوندائين؟ ڇا ڇا نه ڏٺو هوندائين؟ ڇا ڇا نه ٻڌو هوندائين؟ سندس وار وار تان صدقي ٿيڻ تي دل ٿيندي هئي. وڏي شان ۽ مان ۽ آن واري عورت هئي. بيشڪ هڪ مهان عورت هئي منهنجي جيجل مٺڙي ماءُ.
    سوڳ جون رسمون پوريون ٿيون ته منهنجي مامي ريجهومل گوپواڻيءَ اسان کي انڊيا وٺي هلڻ جي آڇ ڪئي. اسان پنهنجا سامان سڙا، ڳهه ڳٺا، گهر جا ٽپڙ ٽاڙي ۽ سفر جو ضروري سامان ٻڌي تياري مڪمل ڪئي ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن راهي ٿياسين. احمدآباد وڃڻ لاءِ ويچاريو هئوسين. اهو شهر اڳ نه ڏٺل هو نه ٻڌل. بس ڪٿي نه ڪٿي ته وڃڻو ئي هو.
    قُلين جي موج ٿي پئي هئي. مسافر ويچارا وطن کان وڇڙڻ جي ڳاراڻي ۾ اڳ ئي ڳريا پيا هجن، مٿان وري بدبخت قُلين پئي دلگهريا دام ورتا. ماڻهن کي پلئٽفارم تائين سامان کڻڻ کان ئي پئي روڪيائون. جي، قُلين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سامان کڻڻ جي اجازت ناهي. اهڙي طرح پنهنجي مرضيءَ جا ظالماڻا اگهه زوريءَ پئي ورتائون. هڪ ننگ جا 100 روپيا ان زماني ۾ ڪنهن به لحاظ کان مناسب ڪونه هئا. غير انساني رويي جي به ڪا حد ٿيندي آهي. هي ته هر ليڪو لنگهي نانگ ٿي بيٺا هئا. مون کي ڪجهه ڳالهيون هلڪيون ياد آهن، ٻيون امڙ کان معلوم ٿيم. سنڌ ۾ اما ئي سڏيندا هئاسين. هندستان ۾ جڏهن مدراس پهتاسين، تڏهن اتان جي رواج موجب اما مان ڦيرائي ممي ڪوٺڻ شروع ڪيوسين. منهنجو وڏو ڀاءُ ته آخر تائين کيس اما ئي چوندو رهيو. ها، البت ڏاڏيءَ کي منڍ کان وٺي امي سڏيندا هئاسين.
    اسان اڳ ئي سٿيل گاڏي ۾ سوار ٿياسين. مسافر هڪ ٻئي مٿان ٿي ڪريا. سُئي ڪيرائڻ جيتري جڳهه ڪونه هئي. چڱي طرح ياد اٿم ته ڏاڏيءَ سڄي رات بيٺي گذاري. جتي جڳهه مليس اُتي سڄي رات بيٺي رهي. پنهنجي جاءِ تان هڪ انچ به نه چُري. سندس ڌيءَ هانگ ڪانگ مان هڪڙو گهڙيال سوکڙي ڪري موڪليو هوس، ان کي سيني سان لڳائي رات گذاري ڇڏيائين. موڪري قدبت واري زائفان اهي ڪلاڪ ڪيئن گهاريا هوندا، سو فقط هن ئي ٿي ڄاتو. گهڙيال کي اهڙو چهٽي پئي جو آخر تائين نه ڪنهن ٻئي کي هٿ لائڻ ڏنائين ۽ نه ئي وري سامان رکڻ واري ڇڄهري تي هڪ پل لاءِ به ان کي رکيائين. ڏاڍي جذباتي عورت هئي منهنجي ڏاڏي. ان گهڙيال سان سندس دل جو ڳانڍاپو هو. ان کي کڻڻ لاءِ هن ڪيتريون ئي قيمتي شيون پٺتي رهائي ڇڏيون.
    اسان مارواڙ جنڪشن تي لٿاسين ۽ احمد آباد واريءَ گاڏي ۾ سوار ٿياسين. اهو پلئٽفارم اسان لاءِ توڙي اسان جهڙن ٻين سوين ماڻهن لاءِ ڪيترن ڏينهن تائين اسان جو گهر بڻيو رهيو. خيراتي کاتن طرفان اسان کي کائڻ لاءِ پوري ۽ ڀاڄي ملندي هئي. اڳتي هلي منهنجن مامن صورتمل ۽ ريجهومل گوپواڻي اسان کي مدراس (هاڻي چنائي) وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪيو، جتي منهنجي ماسي رُڪي ٿڌاڻي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندي هئي.
    اهڙي طرح مدراس هندستان ۾ اسان جو پهريون گهر بڻجي ويو. مان اُتي ڪنڊر گارٽن پڙهيس. پر اتي به اسان جو رهڻ عارضي ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي چاچي لالچند بخشاڻيءَ اسان لاءِ اڃا به ٻيو ڪجهه سوچيو هو. چاچو هانگ ڪانگ جي ڀرسان پورچوگيز ڪالونيءَ ‘مڪائو’ ۾ ڪم ڪندو هو. سندس پتني ڪشني اڳ ئي هندستان لڏي آئي هئي ۽ گجرات جي شهر بڙودا ۾ رهندي هئي. ان ڪري هن جي مرضي هئي ته اسان به وڃي ساڻس گڏ ٿيون. مدراس ۾ اٽڪل هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ وقت گذارڻ کان پوءِ اسان بڙودا هليا آياسين، جيڪو اسان جو نئون شهر بڻجي پيو.
    اهڙي ريت آخرڪار اسان جي زندگي ۾ ڪجهه ٺهر اچي وئي. مون پنهنجي ڀيڻ راڌا ۽ ننڍي ڀاءُ روچي سان گڏجي اسڪول ۾ داخلا ورتي، پر منهنجو وڏو ڀاءُ هوتو، جيڪو چوڻ ۾ وڏو هو، پر عمر اڃا ٻاراڻي هيس، تنهن اسان جي خاطر قرباني ڏني ۽ ڪچي ۾ ئي ڪم ڪار تي لڳي ويو ته جيئن گهر جو گاڏو ڌڪي سگهجي. مردن ۾ گهر جو وڏڙو هوتو ئي هو. بار به مٿانئس ئي پيو. اسان کي سک ڏيڻ لاءِ هن پنهنجو ننڍپڻ پورهئي ۾ گذاري ڇڏيو. اسان جو هڪ سوٽ هو مرچومل، تنهن 15 روپين تي پاڻ وٽ نوڪري ڏنس. پگهار گهڻي ته ڪانه هئي پر گهٽ ۾ گهٽ گهر جي مسواڙ 12 روپيا ان مان سولائي سان نڪري ايندي هئي. اسان جي چاچي به اسان تي وڏا وَڙ ڪيا. مڪائو مان ڪجهه نه ڪجهه رقم اسان جي مدد لاءِ موڪليندو رهندو هو.
    انهن ڏينهن ۾ ڪوبه ڪٽنب ستر روپيا ماهوار ۾ مناسب زندگي گهاري سگهندو هو. پر پئسي جي کوٽ پوءِ به محسوس ٿيندي هئي. ڏوڪڙن جي تنگي اڃا تائين به وڌي جڏهن منهنجي ڀيڻ ستي، هاڻي گنگا ڇتاڻي، شادي جي ڄمار کي پهتي. مميءَ کي اچي فڪر ورتو ته جلد کان جلد ڪو مناسب گهوٽ ڳولهي نياڻيءَ کي گهر ڀيڙو ڪريان. ان ڪم ۾ گهڻي دير ڪانه لڳي. ستيءَ جي شادي پهلاجراءِ ڇتاڻيءَ سان ٿي وئي. پهلاجراءِ قداور ۽ سهڻو جوان هو. ويسٽ اينڊيز ۾ رهندو هو ۽ هندستان فقط شادي جي خيال سان آيو هو. ممي سنڌ مان جيڪي ڳهه ڳٺا آندا هئا، سي وڪڻي تڪڻي شادي جو خرچ پورو ڪيو. شادي ته خير جي ٿي گذري. ظاهر آهي ته انهن حالتن ۾ گهر مٿان پئسي جو بوجهه وڌي ويو هوندو، پر ڪا هستي اهڙي به آهي جيڪا اسان جي منزل آسان ڪرڻ لاءِ هر وقت اسان تي نظر رکي ٿي. منهنجي ڀاءُ کي هانگ ڪانگ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ممي جو ساهه ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. هانگ ڪانگ ۾ آمدني سوائي هيس، پر ان هوندي به ايتري ڪين هئي جو اسان آرام سان وقت گذاري سگهون. مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ پنهنجا سونا ڪڙا ۽ چوڙيون وڪڻي، آهستي آهستي پئي گهر جو خرچ هلائيندي هئي. پائي پائي اُملهه هئي ۽ هن عورت هڪ ڪوڏي به اجائي نه وڃائي. ٻه روپيا هر مهيني منهنجي اسڪول جي في ڏيندي هئي. پر اهي پئسا هر ڇهين مهيني اسڪول مان گڏجي موٽي ملندا هيس. ممي پئسا وٺڻ لاءِ چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول ويندي هئي. پيدل هلڻ ڪري هوءَ هڪ آنو رڪشا جو ڀاڙو بچائي وٺندي هئي. چوندي هئي ته جي هڪ پئسو بچايم ته ڄڻ پنهنجن ٻچن لاءِ هڪ پئسو ڪمايم.
    مون سنڌ هندو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. هاڻي اُن اسڪول کي شري لڌارام سنڌ هندو هاءِ اسڪول سڏيندا آهن. ان اسڪول ۾ پاڪستان مان آيل سنڌي شرنار ٿين جي ٻارن کي هنڌي ٻولي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اصل ۾ اهو اسڪول گجراتي ٻارن جو هو. جڏهن گجراتي ڪلاس پورا ٿيندا هئا، تڏهن اسان جا سنڌي ڪلاس شروع ٿيندا هئا. اونهاري ۾ گرميءَ سبب گجراتي ڪلاس جلد ٿيندا هئا، ان ڪري اسان جا ڪلاس سخت اُس ۾، ٽاڪ منجهند جو لڳندا هئا. سياري ۾ وري سنڌي ٻار سخت سرديءَ ۾ سوير سيءَ ۾ ڏڪندا پڙهائي لاءِ پهچي ويندا هئا ته جيئن گجراتي ٻار ٿورو دير ڀرو آرام سان تيار ٿي اسڪول پهچن. اسان پارن شرنارٿين کي پنهنجي سهوليت موجب وقت مقرر ڪرڻ جو ڪو حق نه هو. هونءَ به ويچارن جي وَس ۾ هو ئي ڇا؟
    بڙودي جي مهاراجا اڳتي هلي اسڪول جي لاءِ زمين دان ڪئي. اهڙي ريت سنڌ هندو هاءِ اسڪول پنهنجي نئين بلدنگ ۾ هلڻ لڳا. اسان جو پرنسيپال هو سرڳواسي لڌارام موهنداس چنديراماڻي. مهاتما گانڌي جو پڪو پوئلڳ هو ۽ حيدرآباد سنڌ جي مشهور گرداس مل هاءِ اسڪول مان تعليمي تجربي جا خزانا پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ هو هڪ هوشيار هوميوپيٿ پڻ هو. اسڪول پوري ٿيڻ کان پوءِ مريضن کي ڏسندو هو ۽ سندن علاج مفت ڪندو هو. ڪنهن کان ٽڪو آنو ڪونه وٺندو هو. بعد ۾ سندس قومي توڙي تعليمي خدمتن جي عيوض اسڪول جو نالو سندس نالي پويان رکي ڇڏيائون. چنديراماڻي تمام کلئي دل ۽ دماغ ۽ گهريءَ سوچ وارو انسان هو. هن جو سڄو ڌيان ٻارن جو چرتر سڌارڻ تي لڳل هوندو هو. اسڪولي ڪورس به هن اهڙو جوڙيو هو، جنهن مان شاگردن جي شخصيت سڌري. ان ڪري، سنڌي ميڊيم اسڪول هئڻ جي باوجود ۽ پئسي ڏوڪڙ جي اڻ هوند هوندي به، هن اسڪول اهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي هر ميدان ۾ پاڻ مڃايو.
    مون کي پنجين درجي ۾ داخلا ملي. خبر ناهي ته اهو ڪيئن ٿيو. مون کي اها به ڄاڻ ناهي ته اهو فيصلو ڪنهن ڪيو. گهر جو وڏو ته لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ عورتون ٻارن جي تعليمي مامرن ۾ پونديون ئي ناهن. شايد آءَ ڪنڊر گارٽن انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهيو هوس ان ڪري، يا وري ڪٽنب جي وڏڙن سوچيو هوندو ته ڀلي ته پنهنجي ڀيڻ راڌا جي ڪلاس ۾ وڌو وڃي ته جيئن هوءَ اڪيلي نه ٿئي. راڌا مون کان ٻه سال وڏي هئي. مان پنهنجي عمر جي حساب کان قد ۾ ڊگهو هوس ۽ بت ۾ به ڀريل هوس، ان ڪري سوچيو هوندائون ته مان سندس حفاظت ڪري سگهندس. بهرحال، منهنجي ڊيل ڊول کي ڏسي ڪنهن کي به گمان نه پيو هوندو ته مان پنهنجي ڪلاس کان عمر ۾ ٻه سال ننڍو آهيان.
    سبب ڪهڙو به هجي، مان ئي گهاٽي ۾ ويس. سنڌي لکي توڙي پڙهي ڪونه سگهندو هوس ۽ حسابن ۾ ته صفا چٽ هوس. ان ڪري جيڪو ڪجهه ڪلاس ۾ پڙهايو ويندو هو، اهو منهنجي مٿي مٿان لنگهي ويندو هو. مون کي ته بلئڪ بورڊ تان ڏسي نقل ڪرڻ به ڪونه ايندو هو ۽ نه وري ششماهي امتحان ۾ هڪ لفظ به لکڻ آيم. مون پنهنجو جوابي پرچو ڪلاس جي هڪ ڇوڪري کي وڪڻي ڇڏيو ۽ جيڪي ڏوڪڙ مليم، انهن مان دڪان تان کٽمٺڙا ۽ چاڪليٽ وٺي کائي ڇڏيم.
    ظاهر آهي فيل ته ٿيڻو ئي هو. پرنسيپال ممي کي چوندو رهيو ته مون کي ٽيوشن ڏياري، پر هن صاف انڪار ڪيو. چيائين، کٽنس ڀاڳ. هوندس نصيب ۾ ته پڙهي پوندو، جي فيل ٿيڻو اٿس ته پوءِ ڀل فيل ٿئي، باقي مون وٽ ٽيوشن جي لاءِ پئسا ناهن.
    مون کي خبر ناهي ته اهو منهنجو ڀاڳ هو يا ماءُ جون دعائون هيون. بهرحال، مان جيئن تيئن ڪري پاس ٿي ويس. ان کان پوءِ مان ڪڏهن فيل نه ٿيس. ها، البت ڇاڪاڻ ته منهنجي پرائمري ۾ پيڙهه مضبوط نه هئي، خاص ڪري سنڌي ۾، ان ڪري ڏکيائي ضرور ٿيندي هيم. سنڌي جو گرامر توڙي صورتخطي جا قاعدا ڏاڍا ڏکيا آهن. جيڪڏهن توهان ننڍي وهي ۾ اهي نه سکيا ته پوءِ توهان جي لکڻي ۾ ڪوتاهي رهجي ويندي. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. باقي ڳالهائڻ ۾ مون سان ڪونه پُڄي.
    مان ڏهين درجي تائين پڙهيس. مئٿس ته اڳ ئي ڪين ايندي هيم، مٿان وري اٺين ڪلاس کان آلجبرا ۽ جاميٽري به اچي شامل ٿيون، تن ته هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا. حالتون به اهڙيون اچي بڻيون جو مون کي نوڪري ڪرڻي پئجي وئي. ٽائپنگ سکڻ ضروري هو، ان ڪري رلائنس ٽائپرائيٽنگ نالي هڪ ٽريننگ اسڪول ۾ وڃي داخل ٿيس. شهر جو هڪ وڪيل چمن لال شاهه ۽ سندس پٽ ونود ڀائي ۽ همسک ڀائي گڏجي سڏجي اهو اسڪول هلائيندا هئا. پهريون سبق جيڪو مون حاصل ڪيو، سو هيءُ ته رفتار ايتري اهم ناهي جيتري ڪم ۾ صفائي. ان ڪري مون پهرئين ڏينهن کان ئي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ته ڪم صحيح، صاف ۽ سٿرو هجي ۽ ڪا غلطي نه ٿئي. رفتار جو خير آهي، پاڻهي وڌي ويندي. اها ڳالهه مون کي پنهنجي زندگي ۾ قدم قدم تي ڪم آئي.
    منهنجي ڀيڻ راڌا، جيڪا منهنجي هم ڪلاسي هئي، تنهن پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ جو امتحازن پاس ڪيائين. ان کان پوءِ جلد ئي سندس شادي واڌواڻي بردرس سنگاپور جي چيلارام واڌواڻي سان ٿي وئي.
    شاهه ٽريننگ اسڪول اڳتي هلي بڙودا جو سڀ کان وڏو ادارو بڻيو. وڪيل هئڻ سبب سندس ڄاڻ سڃاڻ تمام گهڻي هئي. ان ڪري وٽس تمام گهڻا قانوني ڪاغذ ٽائيپ ٿيڻ لاءِ ايندا هئا. ڪم کي جلد اُڪلائڻ لاءِ کيس ٽائيپسٽن جي ٽيم رکڻي پئي. منهنجي ڪم مان خوش ٿي هن مون کي موقعو ڏنو ته جيترا پنا ٽائيپ ڪندين، پئسا به اوترائي ملندءِ. اڳتي هلي ان اسڪول ۾ مان مفت ۾ تربيت پڻ ڏيڻ لڳس.
    اها منهنجي پهرين نوڪري هئي، جنهن مان مون کي 40 روپين تائين اجورو ملي ويندو هو. هاڻ مان ڏهين ڪلاس جو شاگرد به هوس، اعزازي استاد به هوس ۽ گهر هلائڻ لاءِ کاٽائو پٽ پڻ هوس. جلد ئي مون کي جيوتي لميٽيڊ ۾ آفيس اسسٽنٽ ۽ ٽائپسٽ جي نوڪري ملي وئي. جيوتي لميٽيڊ هڪ انجنيئرنگ ڪمپني هئي جا امين فيملي جي ملڪيت هئي. وٽن اليمبڪ گروپ آف ڪمپنيز به هئي. جيتوڻيڪ منهنجي ماهوار پگهار رڳو 75 روپيا هئي، پر مان اوور ٽائيم ڪري ڪجهه وڌيڪ به ڪمائي وٺندو هوس. سخت پورهيو ڪرڻ ننڍي ڄمار کان ئي منهنجي زندگي جو حصو رهيو آهي.
    نوڪر ۾ اچڻ کان پوءِ مون پنهنجي رفتار توڙي ڪم جي صفائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. ان هنر جو شوق به ڏاڍو هئم. وڏي ڳالهه ته اهو ڪم منهنجي دل وٽان به هو. آسڪروائلڊ چيو هو، جيڪڏهن ٽائيپ رائٽر کي هلائڻ وقت منجهس اندر جو اجار به شامل ڪندو ته پوءِ هو ايترو بيزار ڪندڙ نه لڳندو جيترو توهان جي ڀيڻ يا ڪنهن مٽ مائٽ جو پيانو وڄائڻ. سچ پُڇو ته هن ننڍڙي مشين کي مون هميشه چاهه ڀرين نظرن سان ڏٺو، جنهن اظهار جي دنيا ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي.
    مان ٽائيپ رائيٽر کي پنهنجين آڱرين جو ڦهلاءُ محسوس ڪندو آهيان. ڪنهن ماهر ٽائپسٽ کي ٿورو ڌيان سان ڪم ڪندي ڏسو. جيڪڏهن هو واقعي قابل ۽ لائق آهي ته پوءِ سندس کٽ کٽ جو آواز، توهان کي سُريلو لڳندو. لائين پوري ٿيڻ تي گهنٽي جو هلڪڙو آواز، شيهي جي اکرن جو ڪاغذ تي ڪرڻ جو آواز ۽ رول ڇڪي پنهنجي جاءِ تي موٽائي آڻڻ وقت وڻندڙ سنهڙي چيخ، اهي سڀ گڏجي هڪ عجيب سنگيت پيدا ڪندا آهن. اڄڪلهه اهي آواز ختم ٿيندا ٿا وڃن.
    مون ٽائيپ رائيٽر تي ٻيا به تجربا ڪيا. ٿوري سوچ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ سان توهان نه رڳو ڪاغذ تي لکي سگهو ٿا. بلڪ آرٽ پڻ تخليق ڪري سگهو ٿا.
    مون مهاتما گانڌي جي اها تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منجهس اهي لڪيرون، گولايون ۽ گهنج شامل ڪرڻ جا جتن ڪيا، جيڪي مهاتما جي ڪردار جو حصو آهن. ڏاڍو ڪٺن ڪم هو، پر پوءِ به مون باپوءَ جي شبيهه جوڙي ورتي. اها تصوير اڄ به منهنجي لئبرريءَ ۾ موجود آهي. منهنجي هڪ ويجهي دوست ڪي. رام اسوامي (K. Ramaswamy) مون تي اهو زور ڀريو ته مان ان کي اخبارن ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏئي ڇڏيان. ان کانپوءِ مان به ان کي سنڌي ۾ نڪرندڙ هفتيوار اخبار کي ڏئي ڇڏيو.
    هاڻي جڏهن ته مان سڄو ڏينهن نوڪري حوالي ٿي ويس، تڏهن اسڪول لاءِ وقت ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو. اُن ڪري فيصلو ڪيم ته ڏهين درجي کان پوءِ پڙهائي کان بس ڪجي. مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان ڏنم. منهنجي ڏينهن رات جي محنت کان پوءِ به اسان جي گهر جو خرچ ڇڪي تاڻي پورو مس ٿيندو هو. مٿان وري ممي جو تاڪيد مٿان تاڪيد ته خرچ گهٽايو، اڃا گهٽايو. هوءَ چوندي هئي، پنهنجي خرچ وڌائڻ کان اڳ پنهنجي آمدني وڌايو.
    ان هوندي به هن اسان کي ننڍي خوشي کان ڪڏهن به محروم نه رکيو. جيڪڏهن منهنجي دل فلم ڏسڻ تي هوندي هئي ته هوءَ يڪدم پئسا ڪڍي تريءَ تي رکندي هيم. پنهنجي 75 روپين جي پگهار مان 70 روپيا ممي کي ڏيندو هوس. ائين ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. باقي 5 روپيا منهنجي پوري مهيني جي خرچي هوندي هئي. ٿورا گهڻا انگل آرا ممي سان هلندا هئا ۽ هوءَ ويچاري به ڪڏهن انڪار نه ڪندي هئي. پر پوءِ جلد ئي خبر پيم ته منهنجي مٿئين خرچ جي ڪري ويچاريءَ جو هٿ صفا تنگ ٿي ٿو پوي، ان ڪري کانئس گهرڻ ئي ڇڏي ڏنم. هڪ ڏينهن منهنجي نانيءَ مون کي پنج روپيا ڏنا، ۽ وشواس ڪيو ته اِها منهنجي لاءِ وڏي نعمت هئي. پر مون ڪجهه به اظهار نه ڪيو. مون نانيءَ کي چيو، هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان. توکان پئسا ڪونه وٺندس. پنهنجو ڪمائي کائيندس.
    منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين، وٺ ٻچا وٺ ضرور، پر کپائجانءِ نه. دل ۾ سانڍيندو وڃ، پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ٿا وڌي سئوڻا هزاروڻا ٿين.
    سال گذري ويا آهن پر نانيءَ جي ڳالهه منهنجي دل ۾ اڄ به تازي آهي. منهنجي زندگي جي وڏن پڇتائن مان هڪ اهو به آهي ته ناني جو ڏنل اهو نوٽ مون کان ڪٿي وڃائجي ويو آهي. ها، اهو معمولي نوٽ وڌي وڻ ٿيو. سئوڻو ٿيو، هزاروڻو ٿيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي. اڄ مان ان نوٽ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اڄ ايترن ورهين کان پوءِ به اکين اڳيان اٿم اهو نئون نڪور، کڙڪيدار نوٽ. ذهن تي ڇپجي ويو اٿم ۽ دل تي اُڪري ويو اٿم اهو ناني جو ڏنل نوٽ.
    زندگي جون اهي ننڍڙيون پر اهم ڳالهيون آهن، جيڪي ڪڏهن وسرڻ جون ناهن. هونءَ ته ڏسجي ته انهن ڳالهين جي ڪا ايتري وڏي اهميت به ناهي، پر جڏهن انهن تي ويچار ٿو ڪجي ته لڳي ٿو ته اهي جهڙوڪر اڳڪٿيون هيون جيڪي وقت سچيون ڪري ڏيکاريون.
    اسان مان گهڻن پئسي ڏوڪڙ کي ڪاميابيءَ جي علامت ڪري ورتو آهي ۽ پڪ ٿا ڀانيون ته اها ڪاميابي وڏڙن جي آسيس ۽ دعائن سبب ئي ملي آهي. اڄ جڏهن ڪافي وقت گذري چڪو آهي، ساڳي آسيس ۽ دعا مان پنهنجي نوجوان پيڙهيءَ کي پڻ ڏيان ٿو، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي شڪتي ۽ قابليت کان بي خبر آهن. اسان کي وڏڙن جي انهن دعائن جو احسانمند ٿيڻ گهرجي جو اسان کي سچ پچ ته خبر ناهي ته انهن آسيسن جي پويان ڪيڏي نه طاقت لڪل آهي.
    مون کي ياد ناهي ته منهنجي ماءُ مون کي ڪڏهن ڪا سزا ڏني هئي. هڪ ڀيري مون کي سگريٽ پيئندو ڏسي ورتائين. مون کي اچي ڀئو ٿيو ته اجهو ٿي مار ملي. پر هن صرف ڪرڙيون اکيون ڪري مون ڏانهن نهاريو. مون کي لڳو ته سندس نهار ۾ ڪاوڙ کان وڌيڪ درد ڀري التجا هئي. ڄڻ چوندي هجي: نه پُٽ، اها ڳالهه چڱي ناهي.
    مون هڪدم محسوس ڪيو ته مون کان غلطي ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ مون کيس ڪڏهن به اهڙو موقعو نه ڏنو جنهن ۾ کيس ڳڻتي ٿئي.
    جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين، پنهنجي ماءِ ڏاڏيءَ کان ماضي جي ٺٺ ۽ ٺانگر جون ڪهاڻيون ٻڌندا ويندا هئاسين. هو اسان کي پنهنجي غربت، جدوجهد ۽ تڪليف جا قصا پڻ ٻڌائينديون هيون. ويجها مٽ مائٽ به اهڙيون ئي آکاڻيون ٻُڌائيندا هئا. اسان جي ننڍڙي گهر ۾ جڏهن رشتيدار اڪثر ملڻ ايندا هئا، تڏهن اهي ئي ڳالهيون پيون ورجائبيون هيون. کين اهڙي طرح پاڻ سان گڏ ڏسي دل کي ڏاڍو آٿت ايندو هو، پنهنجائيءَ جو احساس ٿيندو هو ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيندو هو.
    ڏاڏيءَ ڪڏهن به دل سان نه مڃيو ته کيس سڄي زندگي هن نئين ملڪ ۾ ۽ مسواڙي گهر ۾ گهارڻي آهي. گهڻا شرنارٿي فوجي بيرڪن مان جوڙيل وارشيا ڪالوني ۾ رهندا هئا. اسان فيصلو ڪيو ته بڙودا جي ڪنهن هيٺئين وچولي ڪلاس واري علائقي ۾ ڪنهن بلڊنگ جو حصو مسواڙ تي وٺون، پر ڏاڏيءَ جو ساهه اٽڪيل هو پنهنجي سنڌ ۾. چوي ته ڇا جو ڪرايو ڇا جي ڳالهه؟ هلو ته پنهنجي وطن موٽي هلون. منهنجو گهر منهنجي سنڌ آهي. ويچاري مرڻ گهڙي تائين سنڌ سنڌ ڪندي وئي. 1957ع ۾ گذاري وئي، هندستان ۾ اچڻ کان پورا ڏهه سال پوءِ.
    مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
    ڪڏهن ڪونه آئيو، تن پنوهارن پهي،
    ويڙا سي وَهي، جنب گذاريُم جن سين!
    ڏهه سال پوءِ 1967ع ۾ اسان آخرڪار پنهنجو گهر جوڙايو. نالو رکيوسين: ‘اميءَ جو خواب’ ڏاڏيءَ جي دلي خواهش کي مانُ ڏيڻ جو اهو ئي مناسب طريقو هو.
    اسان ننڍا هئاسين، ان ڪري نئين ملڪ ۾ رلي ملي وڃڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ٿي. بڙودا منهنجي ٻالڪپڻ جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن کي پاڻ کان ڌار ڪري نٿو سگهان. صاف سٿرو شهر، ويڪرا رستا، محلن جهڙيون عمارتون ۽ مهاراجا. مون کي اڄ به اُتان جو چوماسو ياد آهي، جڏهن اسان سڀ ٻار گڏجي ننڍن وڏن تلائن ۾ وهنجندا هئاسين، کيڏندا ۽ کل مشڪري ڪندا هئاسين.
    ماضي جي ڏور ڏاڍي پڪي، پختي ۽ مضبوط ٿيندي آهي. دل اڪثر سٽون کائندي آهي ته موٽي پنهنجي جڙن ڏانهن، پنهنجي ننڍپڻ جي شهر ڏانهن وڃان. جگجيت سنگهه جو جڏهن هيءُ گونجندڙ آواز ٻُڌندو آهيان، تڏهن اها خواهش شدت سان تڙپائڻ لڳندي آهي:
    يي دولت ڀي لي لو
    يي شهرت ڀي لي لو
    چاهي ڇين لو مجهسي ميري جواني
    مگر مجهڪو لوٽادو بچپن ڪا ساون
    وو ڪاغذ ڪي ڪشتي، وو بارش ڪا پاني
    اهو غزل منهنجي دل ۾ دماغ ۾ تنبوري جي تارجيان پيو وڄندو آهي ۽ ماضيءَ جي مزارن تان ورهين جي دز ڌوپجي ويندي آهي.
    *


    3. باب ٽيون : بڙودا ۾ پرورش

    جڏهن اسان ٻار هوندا آهيون ته اسان پنهنجي مستقبل جي باري ۾ ورلي ئي سوچيندا آهيون. ٻاروتڻي جي معصوم حياتي ۾ اسان خوشين لاءِ آزاد هوندا آهيون. جنهن ڏينهن اسان پنهنجي مستقبل جي باري ۾ پريشان ٿيندا آهيون. اهو ڏينهن اسان جو پنهنجي ٻاروتڻي کي الوداع ڪرڻ جو ڏينهن هوندو آهي.
    پيٽارڪ رود فيوس

    منهنجين يادگيرين ۾ بڙودا جو وڏو حصو آهي. يادگيريون منهنجي جوانيءَ جون، جڏهن هر نوجوان پاڻ کي سپر مئن سمجهندو آهي، جنهن کي ڪوئي مات ڏئي نه سگهي: جڏهن ساري دنيا اسان جي پناهگاهه هوندي آهي، جڏهن قسمت هر طرف کان اسان تي مهربان ٿيندي آهي، جڏهن خوش قسمتي بار بار در کڙڪائيندي آهي، جڏهن هستي ۽ مستي وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏيندي آهي، جڏهن اسان پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ۽ مختار هوندا آهيون، جڏهن غربت جو احساس جوش ۽ جذبي تي حاوي نه پوندو آهي.
    هي اهو وقت هو جڏهن مان ٻٽي زندگي گذاري رهيو هوس: پارٽ ٽائيم شاگرد هوس ۽ فل ٽائيم ملازم، عمر ننڍي، جوابداريون وڏيون ۽ کيسي ۾ پئسو ندارد. اُن ۾ چڱايون به هيون، برايون به هيون، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ته پڪي ئي پڪي منهنجي فائدي ۾ وئي. اها هيءَ ته لاچار ئي سهي، پر مان پنهنجي عمر جي لحاظ سان، وقت کان اڳ ئي مچي مڙس ٿي پيس. اهي بارَ پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻڻ جي لائق ٿي ويس، جيڪي منهنجي عمر جا ٻار سوچي به نه ٿي سگهيا. پاڻ کان وڏن سان اٿڻ ويهڻ ۽ لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب مون کي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڪئوڙيون سچايون سمجهه ۾ اچي ويون. مون کي ڄاڻ هئي ته مان پنهنجن هم ڪلاسين کان گهڻو مختلف آهيان. مون تي ذميداريون هيون، پر هو پکين جيان آزاد هئا. مون کي سڀاڻي جو فڪر هو، هو هر ڳڻتي کان آزاد هئا. مون پنهنجي مٿان پاڻ ئي ڪي پابنديون هڻي ڇڏيون هيون، هو ڪنهن به پابندي جا محتاج نه هئا.
    جيتوڻيڪ مون وٽ ٻاراڻين شرارتن، مستين ۽ کيچلن لاءِ وقت گهٽ هو، تڏهن به راند روند ۽ ڪچهري جي لاءِ ڪَسي ڪوري، مڙئي ٿورو گهڻو ٽائيم ڪڍي وٺندو هوس. بهرحال، 40 ۽ 50 وارن ڏهاڪن ۾ جيڪو وقت مون بڙودا ۾ گذاريو، سو ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان جواني ۾ قدم رکڻ لاءِ بڙودا کان وڌيڪ سهڻي ۽ وڻندڙ جڳهه ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. ماڻهو سڀيتا ۽ ثقافت جي ڳالهه ڪندا آهن. مون کان پڇو بڙودا جي سڀيتا جي باري ۾. تاريخ ۽ قديمي ورثو ته خبر آهي، پر مون محسوس ڪيو ته منجهس جيئڻ جي سگهه به آهي، چاهه به آهي، گڻ به آهن، وقت سان گڏ پاڻ بدلڻ جي خوبي به آهي، ترقي جي لگن به آهي ۽ زندگي جي حرارت پڻ آهي.
    مٿين حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هن شهر جي تاريخ جو گهرو اڀياس ڪرڻو پوندو. اهو به ڏسڻو پوندو ته آخرڪار ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري تعليم، ڪلچر توڙي ڪارخانن ۽ واپار ۾ ايڏي ترقي حاصل ڪري هي شهر مرڪزي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
    جڏهن مان بڙودا شهر ۾ جوانيءَ جي حد اندر پير پائي رهيو هوس، تڏهن هي شهر هندستان جي وڏن ۽ مکيه شهرن جي قطار ۾ شامل ٿي رهيو هو. مزيدار ڳالهه اها هئي ته وڏي شهر جي سڀني خوبين سان گڏوگڏ هن پنهنجون ٻهراڙيءَ واريون روايتون پڻ قائم رکيون. ائين کڻي چئجي ته شهر وڌي ويو، روڊ رستا، جايون جڳهيون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون به اچي ويون، پر شهري هوا جيڪا عام طور وڏن شهرن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ رسم رواج تي ڇانئجي ويندي آهي، تنهن کان بڙودا آجو رهيو. اهو شايد ان ڪري به ٿيو جو بڙودا سنسڪاري نگري يعني تهذيبي شهر هو.
    وشوامتري ندي جي ڪناري تي آباد هن شهر جو نالو راجا چندن جي پويان چندراوتي رکيو ويو هو. اڳتي هلي چندراوتي مان ڦري ويراوتي (وير بهادرن جو شهر) سڏجڻ لڳو. پر جيڪو نالو پڪو ۽ پختو پيو ۽ جنهن نالي سان هو نئين دور ۾ داخل ٿيو، ان جو تاريخ سان ڪوبه واسطو ناهي. ها، البت جاگرافي ۽ فطرت سان گهرو تعلق اٿس. وشوامِتري ندي جي ٻنهي ڪنارن تي دور دور تائين بڙ جي وڻن جون قطارون بيٺل هونديون هيون. ان ناتي سان شهر جو نالو پيو ودپترا. ودپترا مان آهستي آهستي ڦري بڙودا ٿي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، پر هندستان جي ٻين حصن وانگر علائقائي رنگ ڏيڻ خاطر بڙودا کي ودپترا مان بڙودا تائين پهچڻ کان اڳ ودودڙا جي مرحلي مان به گذرڻو پيو. اهڙي ريت ودودڙا کان بڙودا تائين جو سفر سولو ٿي پيو.
    جنهن شخص بڙودا کي سماجي ۽ پيداواري صلاحيتون ميسر ڪري کيس جديد دور ۾ آندو، سو هو مهاراجا سياجيراءُ ٽيون (1939_1875ع). هو پنهنجي وقت جو بهترين انتظام سڌارڪ هو. هن جيڪي دليريءَ جا فيصلا ڪري بڙودا جي سماجي توڙي مالي حالت سڌاري، انهن جي ڪري ئي هيءُ شهر گهڻ رُخي ترقي ماڻي سگهيو. سندس نالي پٺيان قائم ڪيل ‘مهاراجا سياجيراءُ يونيورسٽي’ جي ڪري بڙودا تعليمي مرڪز بڻجي پيو. گهڻن سالن کان پوءِ مون کي اهو رتبو حاصل ٿيو ته مون اڻويهه سو اسي جي پوئين ڏهاڪي ۾، دبئي ۾ بڙودا جي مهاراجا رنجيت سنگهه گائيڪواڙ ۽ سندس موهڻي ڌرم پتني مهاراڻي شڀانگيني راجي گائيڪواڙ ۽ سندس ٻارن جي مهماني ڪرڻ جي عزت حاصل ڪئي.
    مهاراجا جي ئي ڪوششن سان بڙودا ۾ مثالي ڪپڙي ٺاهڻ جون ملون ۽ ٽائيلن جا ڪارخانا لڳا. نه رڳو ايترو، پر مهاراجا نجي سرمائيدارن کي پڻ همٿايو ته هو اڳتي وڌي اچن ۽ هن شهر ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪري وڌ ۾ وڌ ڪارخانا لڳائين. سندس پاليسين جي نتيجي ۾ اڄ بڙودا ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل ۽ تيل جي ڪارخانن جو مکيه مرڪز بڻجي پيو آهي. پهرين جديد فئڪٽري جيڪا هن شهر ۾ لڳي، سا هئي اليمڀڪ ڪيميڪلس ۽ سال هو 1907ع. سارا ڀائي ڪيميڪلس ۽ جيوتي لميٽيڊ جهڙيون ڪمپنيون گهڻو پوءِ 40 جي ڏهاڪي ۾ آيون. 1962ع ڌاري ڪمپنين جو انگ وڌي 288 ٿي ويو ۽ منجهن ڪم ڪندڙن جو تعداد هو. 2751.
    انڊسٽري جي اهڙي طرح ڦهلجڻ ڄڻ ته چقمق جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. شاهوڪار واپاري ۽ ڪارخانيدار نه رڳو بڙودا مان، پر سڄي هندستان مان ڇڪجي هن شهر ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ پهچي ويا. اهڙي طرح بڙودا ڌار ڌار سڀيتائن جو باغيچو بڻجي پيو، جنهن ۾ هر رنگ ۽ هرسڳنڌ جا گُل اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا. انهن ۾ اسان سنڌي به شامل هئاسين. سنڌي ته بڙودا ۾ اڳ ئي موجود هئا ۽ گهڻي تعداد ۾ هئا. مٿان جو ٿيو ورهاڱو، سو ڪافي ماڻهو پنهنجن پراڻن ديس واسين جي آسري تي اچي ساڻن گڏ ٿيا.
    بڙودا جا ڪئي رنگ ڪئي روپ هئا. ڏاڍو امن امان وارو شهر هو. ٿيڻ به گهربو هو. گجراتي ماڻهو گهڻو تڻو ڌنڌوڙي آهن، ان ڪري مٺ محبت ۽ صلح سانت سان رهڻ پسند ڪندا آهن. بزنيس لاءِ پڻ جيڪي گهربل حالتون آهن، انهن ۾ سڀ کان اهم آهي امن امان، سک ۽ شانتي. ان کانسواءِ ڪاروبار وڌي ۽ ويجهي، اهو ممڪن ئي ناهي.
    بڙودا ۾ جسماني جذباتي ۽ ذهني تفريح جو پڻ گهڻو سامان موجود هو. ڪلاسيڪل سنگيت ۽ ناچ ۽ جديد ٿيئٽر کان سواءِ بڙودا ۾ لوڪ پسند ڪلچر جا ٻيا به ڪئي. ذريعا هئا، جن کي گهڻن ماڻهن جي سرپرستي حاصل هئي ۽ اڪيچار ماڻهو کين پسند ڪندا هئا.
    بڙودا کي پنهنجي ڪرڪيٽ جا ميدان هئا، ٿيئٽر گروپ هئا، سئنيمائون هيون، گشتي سرڪس هئا ۽ موسمي رام ليلا هئي. نوراتري، ديوالي، گڻيش چترٿي، عيد، نئون سال، اُتراڻ ۽ هولي جهڙا ڏڻ ڏاڍي ڌوم ڌام سان ملهايا ويندا هئا. اهي خوشين جا تهوار شهر ۾ رهندڙ هر مذهب ۽ قوم جي ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندا هئا. اهڙن موقعن تي هر ڪو هڪ ٻئي جي خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو.
    مان انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو مشغول هوندو هوس. نوڪري به ڪندو هوس ۽ پڙهڻ به ويندو هوس. پر جيڪو وقت ڪڍي سگهندو هوس، ان مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ويجها دوست ادبي ذوق رکندا هئا، ان ڪري منهنجو لاڙو پڻ علم ۽ ادب ڏانهن رهيو. گڏوگڏ فائين آرٽ ۾ به دلچسپي وڌندي وئي. سچ ته اهو اهي ته علم ۽ ادب ۾ مان ايترو ته گهرو هليو ويو هوس جو 1958ع ۾ بمبئي ۾ ٿيندڙ ٻئين سنڌي سميلن ۾ شامل ٿيڻ جو پڪو پهه ڪيم.
    جنهن شخص سان گڏجي سميلن ۾ نالو رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ويس، اهو هو ڊاڪٽر ايل.ڪي.پريم ميڊيڪل ڊاڪٽر هو ۽ بڙودا ۾ تمام سٺي پريڪٽس هلندي هيس. ڊاڪٽر پريم تمام سٺو شاعر هئڻ سان گڏ ڳائيندو به چڱو هو. پاڻ ‘سنڌو سماج’ جو پريزيڊنٽ پڻ هو ۽ منهنجي ادبي سرگرمين ۾ ايتري دلچسپي ڏسي مون کي آڇ ڪيائين ته مان سماج جو سيڪريٽري ٿيان. سنڌو سماج بڙودا جي سنڌين ۾ هڪ ادبي ۽ سماجي تنظيم جي حيثيت ۾ ڪافي مشهور هئي. ڊاڪٽر پريم جي ان آڇ کي مون پاڻ لاءِ وڏي عزت سمجهيو، خاص طور پنهنجي ننڍڙي عمر کي سامهون رکندي اهڙي عهدي جو ملڻ مون لاءِ تمام گهڻي فخر جي ڳالهه هئي. هي اهو وقت هو، جڏهن سنڌي سماج ۾ سجاڳي جي نئين لهر ڪر موڙي جاڳي اُٿي هئي ۽ هو بڙودا جي سماجي زندگي ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ اتاولو ٿي رهيو هو.
    سماج جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ منهنجون ذميواريون هيون سماجي توڙي سڀيتائي پروگرامن جي رٿابندي ڪرڻ ۽ اهڙيون گڏجاڻيون ڪرائڻ جن ۾ سنڌي پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ روايتن جي واڌاري لاءِ ڪو عملي ڪم ڪري سگهن. ان ميل جول جو نتيجو اهو نڪتو جو منهنجي ڏيٺ ويٺ نالي وارن ليکڪن سان ٿي.
    سماج هڪ ٽماهي مخزن سنڌي ٻوليءَ ۾ ‘سڀيتا’ جي نالي سان پڻ ڇپائيندي هئي. اها مخزن پنهنجي تر ۾ ڏاڍي مشهور ٿي. ڊاڪٽر پريم جي خيال ۾ منهنجو لاڙو ادب ڏانهن گهڻو هو ۽ مون وٽ لفظن جو به ڀنڊار هو، ان ڪري هن مون کي همٿائڻ شروع ڪري ڏنو ته مان سڀيتا لاءِ ضرور ڪجهه لکان. ويچارو وڏي محنت سان منهنجي لکڻين کي نه رڳو ويهي پڙهندو هو، پر منجهن ڦير ڦار ڪري، ڇپجڻ لائق پڻ بنائيندو هو. سندس مدد سان ڇپيل منهنجي لکڻين کي سٺي موٽ ملي ۽ اهڙي ريت مون کي گهربل همٿ افزائي به ملي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مون وڌيڪ اُتساهه سان لکڻ شروع ڪيو.
    سماج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي سٺي تربيت ٿي. اتان سماجي ڪمن ۾ حاصل ڪيل تجربو مون کي بعد ۾ اڳتي هلي ڏاڍو ڪم آيو. دبئي ۾ پنهنجي ڪاروباري مشغولين باوجود مان ڪنهن نه ڪنهن ريت سماجي ڪمن ۾ رُڌل رهيس. اهو سمورو نتيجو هو نوجواني ۾ بڙودا جي سماج ۾ ڪم ڪرڻ جو.
    بڙودا ۾ رهڻ جو مون کي هڪ ٻيو به فائدو ٿيو، مان گجراتي ٻولي سکي ويس. نه رڳو سکي ويس، بلڪ ماهر ٿي ويس. ڪن دوستن جو خيال آهي ته منهنجي گجراتي سنڌيءَ کان به وڌيڪ سٺي آهي. مون ته مشهور گجراتي ناٽڪن ۾ مکيه رول به ڪيا، جن ۾ پارڪي ڀاني ۽ شيشامان اُتاريا ڏاڍا پسند ڪيا ويا. اهي سڀ ڪم مان جيوتي لميٽيڊ جي نوڪري دوران ڪندو رهيس. ٿيئٽر ۾ منهنجي اداڪاري شايد ايتري ته چڱي هئي جو ڪن ٻين ڄاتل سڃاتل ٿيئٽر گروپن جي طرفان پڻ سٺيون آڇون ملڻ لڳم.
    بڙودا جا ٿيئٽر نه رڳو اُتان جي مقامي ماڻهن جي شوق جو نتيجو هئا، بلڪ ماڻهن جو بي انتها چاهه ڏسي بمبئي مان به مشهور ڪمپنيون اسان جي شهر ۾ اچي اسٽيج ڊراما ڪنديون هيون. انهن ۾ پرٿوي راج ڪپور جي ڪمپني به هئي. پرٿوي راج ڪپور خاندان جو وڏو هو، جنهن بمبئي جي فلمي دنيا ۾ ڏاڍو وڏو نالو ڪمايو هو. پرٿوي راج ۽ سندس پٽ اسٽيج سان ايترو ته واڳيل هئا، جو جيتوڻيڪ بمبئي جي فلم انڊسٽري جا مضبوط ٿنڀا ليکيا ويندا هئا ۽ سندن ذهانت جي ڪري فلم انڊسٽري نئين راهه تي هلي نڪتي هئي، پر تڏهن به پاڻ کي ٿيئٽر کان جدا ڪري نٿي سگهيا.
    پرٿوي راج پنهنجو پاڻ کي ٿيئٽر ۾ اهڙو ته گم ڪري ڇڏيو هو، جو هو چاهيندو هو ته جهڙي شرڌا سان ناٽڪ ۾ ڪم ڪري ٿو، ڏسندڙ پڻ ساڳئي جذبي سان مگن ٿي ڪهاڻي توڙي ڪردارن ۾ سمائجي وڃن. ڪا معمولي ڀُل چُڪ، لاپرواهي يا درشڪن جي طرفان بي توجهي کيس پريشان ڪري وجهندي هئي. ڊسيپلين جو ڏاڍو پڪو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو ٿيئٽر جي دوران هو ضد ڪري بيهي رهيو ته هال جا سمورا پنکا بند ڪيا وڃن، ڇو ته هن جي خيال ۾ پنکن جو آواز ناٽڪ جي گنڀيرتا ۾ خلل وجهي رهيو هو. ظاهر آهي ته ان زماني ۾ مائيڪرو فون استعمال ڪونه ٿيندا هئا، ان ڪري ٿيئٽر ۾ ڪم ڪندڙن کي پنهنجي آواز جي اُتار چڙهاءَ ۽ گفتگو جي انداز وسيلي ئي پنهنجي ڪردار کي نِکاري پيش ڪرڻو پوندو هو. ڪو به هلڪي ۾ هلڪو ڌاريو آواز سندن محنتن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي هو. اهڙي طرح ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ پڻ پورو ڌيان ڏئي نه سگهندا هئا.
    هو اڪثر ناٽڪ شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تي وڃي ڏسندڙن کان معافي گهرندو هو ته پنکن بند ٿيڻ ڪري کين گرمي، گهُٽ، مونجهه ۽ پگهر ۾ شل ٿي ڊرامو ڏسڻو پوندو.
    نوجواني ۾ جيڪڏهن مون ڪا هڪ شي ڪڏهن نه گسائي، ته اها هئي فلم. سٺي فلم منهنجي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي هئي. مان هميشه آخري شو ڏسندو هوس ۽ سو به هر هفتي جي آخري رات. نائين بجي شو شروع ٿيندو هو ۽ مان پنهنجي پياري ايسٽرن سٽار نالي سائيڪل تي ٺيڪ نائين بجي سئنيما وٽ پهچي ويندو هوس. سائيڪل جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻُڌائيندو هلان ته اها سائيڪل نه رڳو مون کي پياري هئي، بلڪ منهنجي ڪُل ملڪيت ۽ موڙي اها سائيڪل ئي هئي. فلم جو آخري شو ڏسڻ مان اهو فائدو هو ته ان وقت نه اسڪول کوٽي ٿيندو هو ۽ نه نوڪري.
    اڄ به بالي ووڊ دنيا جي بهترين فلمون ٺاهيندڙ مرڪزن مان هڪ آهي، پر اُن زماني ۾ تمام ٿوريون فلمون رليز ٿينديون هيون. بهرحال، فلمون ئي تفريح جو اڪيلو وسيلو هونديون هيون. ٽيليوزن اڃا آيو ڪونه هو ۽ ريڊيو ان قسم جي تفريح مهيا ڪري ڪونه سگهندو هو.
    فلمون گهڻو ڪري 50 هفتن کان به مٿي هلنديون هيون ۽ اڪثر ماڻهو ساڳي فلم بار بار ڏسندا هئا. فئملي وارا ماڻهو گهڻو ڪري ڌرمي فلمون ڏسڻ پسند ڪندا هئا، جهڙوڪ هر هر مهاديو. اها فلم پنجاهه جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري رليز ٿي هئي ۽ فلم شوقينن کي ياد هوندو ته ان فلم ۾ تر لوڪ ڪپور ۽ نروپاراءِ ڪم ڪيو هو ۽ اها فلم فل هائوس سان 100 هفتا لڳي رهي هئي. حساب ڪريو ته 100 هفتا ذري گهٽ ٻه سال ٿين ٿا. مقبول فلمون گهڻو ڪري نوجوان يا اڌيڙ عمر جا ماڻهو ڏسڻ ويندا هئا.
    اُن زماني ۾ فلمن جي ڄاڻ سڃاڻ ميوزڪ ڊائريڪٽرن جي حوالي سان ٿيندي هئي. سچ اهو اهي ته فلمن جو وڪرو ميوزڪ ڊائريڪٽرن جي مشهوريءَ سان لاڳاپيل هوندو هو ۽ نڪي منجهس ڪم ڪندڙ اداڪارن جي نالي سان. ها البت راجڪپور، دليپ ڪمار، مڌوبالا، نرگس، ديو آنند، نمي ۽ نوتن وغيره تمام گهڻو مشهور هئا ۽ ماڻهو کين پسند به اوترو ئي ڪندا هئا. فلم ڊائريڪٽر ويچارو ته کاتي ۾ ئي ڪونه هوندو هو. دو آکين بارهه هاٿ، سيما، البيلا، بوٽ پالش، اناڙي ۽ وقت جهڙيون فلمون سريلن گانن جي ڪري وڌيڪ مشهور ٿيون. اهي امر گيت اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهن. ڀلي ته نوجوان نسل پراڻين فلمن کي اينگهيل يا سِلو چوي، پر دل ئي دل ۾ هو پراڻي سنگيت تي اڄ به واه واه ڪري ٿا اٿن.
    سنگيتڪارن ۾ ڪي اهڙا نانءُ به آهن، جيڪي ان زماني ۾ فلم جي ڪاميابي جي گارنٽي سمجهيا ويندا هئا. مثال طور، سنڪر جئڪشن، نوشاد، سي رام چندرا، مدن موهن، سليل چوڌري، او.پي. نير ۽ روي. انهن نالن ۾ جادوءَ جو اثر هوندو هو ۽ سندن سنگيت ماڻهن کي موهت ڪري ڇڏيندو هو ۽ پلي بئڪ ڳائڻ ۾ هوندو هو امر گائڪ محمد رفيع ۽ ساڻس گڏ هئي اوڀر جي ڪوئل لتامنگيشڪر. ٻيا به هئا، جن جي گلي ۾ وڏو ميٺاج هو، جهڙوڪ طلعت محمود، بلوسي راڻي، سي ايچ آتما، ڪي ايل سهگل، ثريا ۽ آشا ڀونسلي. انهن سڀني گڏجي، پنهنجي ڪلا سان پنهنجو نانءُ ماڻهن جي دلين تي هميشه هميشه جي لاءِ پڪو پختو لکي ڇڏيو.
    موضوع کان ٿورو هٽي مان هڪ دفعو وري سائيڪلن جي ڳالهه ڪندس. جيئن مان پهريون چئي آيو آهيان، مون وٽ ايسٽرن اسٽار نالي سائيڪل هوندي هئي. اها سائيڪل مشهور سائيڪل ريلي کان ٿورو سستي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هڪ عدد سائيڪل جو مالڪ ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هوندي هئي. خاص ڪري شاگردن ۾ ته ڪي تمام ٿورا هوندا هئا، جن وٽ چڙهڻ لاءِ سائيڪل هوندي هئي. گهڻا تڻا شاگرد اسڪول پيدل ايندا هئا. انهن مان اڪثر ڪيترا ميل پري کان ايندا هئا. اسڪولي بسون تمام ٿوريون هونديون هيون. ان ڪري اسان شهزادا، جيڪي سائيڪلن تي سوار ٿي اسڪول ويندا هئاسين، تن کي ٻيا شاگرد ڏاڍي حسد جي نگاهه سان ڏسندا هئا. اسان کي پنهنجي اهميت جو احساس هوندو ۽ لئه ڏيکارڻ جو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئاسين. سائيڪل وڏي ميراث هئي، ان ڪري ان جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ خاص اُپاءَ وٺڻا پوندا هئا. مان پنهنجي سائيڪل کي روز ڌوئي صاف ڪندو هوس ۽ تيل ڏئي ٽاٽ ڪري بيهاريندو هوس. رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي پياري سائيڪل کي ڪلهو ڏئي، ور وڪڙ ڏاڪڻين تان چڙهي، پنهنجي گهر پهرئين فلور تائين پهچائڻ ۽ صبح سوير وري ساڳي طرح هيٺ لاهي اچڻ منهنجي ڊيوٽي ۾ شامل هوندو هو. ڪم ڏاڍو ڏکيو هو ۽ سائيڪل هئي ڀاري، پر شوق جو ته ملهه ئي ڪونهي.
    ان زماني ۾ تفريح جو ٻيو ذريعو هو گشتي سرڪس. جيمينائي، گريٽ ايسٽرن، رائل ۽ اُن جهڙا ٻيا نالا ٻڌندي ئي ماڻهن جي دلين ۾ هلچل مچي ويندي هئي. اهي ڪمپنيون خوشي جي تهوارن تي شهر ۾ اينديون هيون ۽ پوءِ مهينن جا مهينا پيون پنهنجا شو ڪنديون هيون. انهن جي خاص نشاني هوندي هئي. هڪ تيز چمڪندڙ، سرچ لائيٽ جهڙي روشني، جيڪا اونداهيءَ کي چيري آسمان ڏانهن ويندي ئي دور دور تائين ڏيکاربي هئي. اهڙي قسم جون روشنيون اوهان کي اڪثر فلمن ۾ نظر اينديون هونديون. نوجوانن لاءِ اهي روشنيون وڏي ڪشش رکنديون هيون.
    سرڪس انهن ڏينهن ۾ اڄوڪي ايم.ٽي.وي. جي حيثيت رکندي هئي نوجوانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جا منجهس هر قسم جا مسالا هوندا هئا. شينهن، چيتا، هاٿي، رڇ، باندر، ڀولڙا، هر قسم جا جانور اچي گڏ ٿيندا هئا. بئند پئي وڄندي هئي. پهلوان پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. موت جي کوهه ۾ موٽر سائيڪل سوار جا ڦيرا پيا پوندا هئا. پر سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ويندا هئا، پينگهُن تي ڪمال ڏيکارڻ وارا بازيگر. اسان جي خوابن جون شهزاديون هونديون هيون پينگهُن تي ٽپا ڏيڻ واريون سهڻيون ڇوڪريون، جن کي سخت تنگ لباس پاتل هوندو هو. مان نٿو سمجهان ته اسان نوجوانن مان ڪوبه هڪ ڄڻو انهن جوانڙين جي جادوءَ کان بچيل هوندو. رنگين روشنين ۾ ڀڙڪيلا لباس اوڍي، جڏهن اهي خوبصورت ڇوڪريون بهادريءَ جا ڪارناما ڏيکارينديون هيون ته مون پارن جا ته وائيسر ئي ڦري ويندا هئا. دل چوندي هئي ته جيڪر ٽپو ڏئي وڃي ساڻن گڏ ٿيان. هاڻي ڳالهيون برابر کل جهڙيون لڳنديون هونديون، پر انهن ڏينهن ۾ دلچسپيءَ جا ذريعا به ته گهٽ هئا ۽ ههڙا تماشا يا ته ٿيئٽر ۾ يا وري سرڪس ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا هئا.
    هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن فلمون ڀلجي به اخلاق ۽ شرافت جي دائري کان ٻاهر قدم نه رکنديون هيون. هيروئنون سدائين ويڙهيون سيڙهيون ستيون ساوتريون ٿي گهمنديون هيون. ان جي مقابلي ۾ سرڪس جون ڇوريون انهن ٻنڌڻ کان آزاد، وار ڇوڙي، جسم سان چهٽيل ڊريس پائي، سونهن سينگار ڪري، ناز سان ٽلنديون جڏهن تماشبينن آڏو اونڌيون ابتيون ٿينديون هيون، تڏهن ماڻهن جا ماشا ئي ڦري ويندا هئا. فلمن ۾ هيرو ۽ هيروئن جو پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملڻ اول ته سوچ کان به اتانهين ڳالهه هئي، پر جي ڪنهن وڏي همٿ ڪري اهڙي سين کڻي فلمايو به، ته به سينسر جي ڪينچيءَ کان بچي ڪين سگهندو هو. پر جي هروڀرو اهڙي قسم جي سين کان سواءِ ڪم نه هلندو هو، ته پوءِ ويچاري هيروئن ڀاڪر کان اڳ ئي ٻنهي ٻانهن سان ڇاتيون ڍڪي ڇڏيندي هئي ته ڪٿي هيرو جي جسم جو ڇهاءُ نه محسوس ٿئي. اگهاڙي ٽنگ ڏيکارڻ جو ته ڪو سوچي به نه سگهندو هو.
    ڇوڪريون ته خير وڻنديون ئي هيون. پر ٻئي نمبر تي مون کي سرڪس جا جوڪر ڏاڍا وڻندا هئا. مون کي هنن جي ڇيڙڇاڙ، کوچرائي ۽ سستي قسم جي مستي ۽ مشڪري ڏاڍو مزو ڏيندي هئي. پر جيڪا ڳالهه مون کي هنن تي وڌيڪ موهت ڪندي هئي، سا هئي انهن جو کلڻ ۽ کلائيندڙ ماڻهن جي مُرڪ پويان لڪل اداسي. خبر ناهي ڇو مون کي سندن ٽهڪن ۾ چهڪ ۽ مرڪ ۾ لڙڪ نظر ايندا هئا. سوچيندو هوس ته هي ڀوڪپائي جهڙيون حرڪتون ڪري ماڻهن کي کلائيندڙ انسان اندران ڪيترا ڏکويل، اڪيلا ۽ اُداس هوندا. کين ڏسي مون کي راجڪپور جي فلم ميرا نام جوڪر ياد اچي ويندي هئي، جنهن ۾ هن زندگي کي بي بقا ۽ بي وفا سڏيو آهي، ڇو ته ان ۾ مڪمل سچائي ناهي، اڌ حقيقت آهي ۽ اڌ افسانو آهي.
    ڪهتا هي جوڪر سارا زمانا،
    آڌي حقيقت، آڌا فسانا.
    خوشين جا تهوار پاڻ سان گڏ خوشي ۽ ميل جول جا موقعا کڻي ايندا هئا. گهرڀاتي، خاندان وارا ۽ يار دوست پاڻ ۾ ملندا هئا. ڪچهريون ٿينديون هيون. ڀوڳ ٺڪاءَ ڪبا هئا. مون پارا نوجوان، جيڪي هونءَ ته سارو ڏينهن پيا اسڪولن يا آفيسن ۾ ڳهندا هئا، تن کي ساهي پٽڻ جو موقعو ملي ويندو هو ۽ هو سڀ ٿڪ ۽ پريشانيون ڀُلائي ڏينهن ٻن جي لاءِ بي فڪرا ٿي ويندا هئا. انهن تهوارن ۾ هڪ ڏينهن ديواليءَ جو به هوندو هو، جيڪو ننڍن ٻارن توڙي نوجوانن کي ڏاڍو وڻندو هو. اسان کي ڄڻ ته آزادي جو پروانو ملي ويندو هو. گجرات ۾ ته ديوالي وڏي ڌام ڌوم ۽ شوق سان ملهائي ويندي هئي. ننڍڙا ننڍڙا ڏيئا جلائي هر طرف روشني ڪئي ويندي هئي. گهرن تي، درن تي، ديوارن تي، ڀتين ۽ ڇتين تي، باغن ۽ باغيچن ۾، جيڏانهن به نظر ڪر، جڳمڳ جڳمڳ ديپ جلدا نظر ايندا هئا. ائين جيئن آسمان ۾ ٽمندڙ تارا، جيئن اونداهيءَ رات ۾ اڏامندڙ بي شمار جگنو. آتش بازيون ٿينديون هيون، ڦٽاڪا ڦاٽندا هئا ۽ مٺايون ورهائبيون هيون.
    هندستان جي ٻين تهوارن وانگر ديوالي پڻ ڌار ڌار ماڻهن لاءِ جدا جدا معنيٰ ۽ اهميت رکندي هئي. اتر هندستان ۾ ديوالي کي رام جو سيتا ۽ لڪشمڻ سان گڏجي ايوڌيا ڏانهن موٽڻ ۽ راوڻ جو موت سبب خوشي جي علامت طور ملهايو ويندو هو. راوڻ هڪ راڪشش راجا هو ۽ سندس موت سچ پچ ته خوشي جي ڳالهه هئي. ٻئي طرف رام جو 14 سال بنواس ڪاٽي واپس ورڻ پڻ گهٽ خوشي جي ڳالهه نه هئي. ايوڌيا اهڙي موقعي تي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. رام جي واپسي تي هنن سڄي راڄڌاني کي ڪنوار وانگر سينگاريو هو ۽ آتشبازيون ڪيون هيون ۽ ڦٽاڪا ٻاريا هئا ۽ رام کي تاج پارائي راجا جي سنگهاسڻ تي ويهاريو ويو هو.
    موجوده دور ۾ انهن خوشين کي نئين زندگي جي شروعات جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ديوالي سياري جي آمد جو اطلاع ۽ پوک جي مند جو اهڃاڻ پڻ آهي. گجراتين، مارواڙين ۽ ٻين واپاري قومن لاءِ ديوالي لڪشمي ديوي جي پوڄا جو موقعو آهي. نئين مالي سال جي شروعات به ديوالي کان ٿيندڙ آهي.
    گجرات جي هر گهٽي، پاڙي ۽ علائقي ۾ الڳ الڳ جشن ملهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. گربا ناچ پوري رات جاري رهندا هئا، تان جو ٻيو ڏينهن ٿي ويندو هو. گربا لفظ گربا ديپ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مٽي جو ڏيئو. گجراتي عورتون مٽي جي برتڻ چوڌاري نرت ڪنديون هيون، جنهن کي گربو ڪوٺيو ويندو هو ۽ ان برتڻ ۾ پاڻي وڌو ويندو هو. اهو ناچ ديوالي، نوراتري، شردپورنيما، وسنت پنچمي، هولي ۽ اهڙن ٻين تهوارن تي ڪيو ويندو هو. هڪ سوپاري ۽ هڪ چاندي جو سڪو هڪ برتن ۾ وجهندا هئا، جنهن کي چوندا هئا ڪُنڀ، ۽ مٿان رکبو هو ناريل. هڪ ڳائڻو ڳائيندو هو ۽ ڍولڪ وارو ڏيندو هو تال. نچندڙ ٽولي تاڙيون به وڄائيندي هئي ۽ برتن جي چوڌاري ڦرندي ۽ ڊانس به ڪندي ويندي هئي.
    پر ديوالي جو سڀ کان اهم اسم هو رام ليلا. ڪيترائي ٽولا هفتن تائين گهٽين ۾ رام جي دلچسپ ڪهاڻي ناٽڪي انداز ۾ ڪري ڏيکاريندا هئا. بڙودا جون بي انتها گليون رام ليلا جي سُرن، ۽ ٽلين جي آواز سان گونجي اٿنديون هيون.
    اداڪار هٿ جي ٺاهيل اسٽيج تي رام جي حياتي جي چونڊ واقعن کي ڊرامائي شڪل ڏئي پيش ڪندا هئا. هنن جا ويس وڳا شوخ، تيز ۽ ڀڙڪيلن رنگن جا ۽ ڏاڍا سينگاريل هوندا هئا. ميڪ اپ گهاٽو ۽ گهرو هوندو هئن ۽ اداڪاري ٿيئٽر جهڙي زوردار ۽ وڏي واڪي واري هوندي هئي. عورتون ۽ ٻار حيران ٿي ڏسندا هئا ۽ وڏا چوڌاري ميڙ ٺاهي ٽيڪاٽپڻي ڪندا ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سيٽيون وڄائي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪندا هئا. وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن رامائڻين جو ٽولو، جنهن ۾ هر عمر جا مرد توڙي عورتون شامل هونديون هيون، رام چترمانس منجهان ڀڄن ڳائيندا هئا، پر اهو ڪم گهڻو ڪري ناميارا گروپ ڪندا هئا، ڇو ته 16 صدي جي مشهور سنت ۽ ڪوي تلسيداس جي شاعري ڳائڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي. مان رام ليلا ڏسڻ لاءِ رات جي کاڌي کان پوءِ ويندو هوس ۽ صبح تائين ويٺو مزو وٺندو هوس.
    نوجواني ۾ جذباتي ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر مون کي نا انصافي کان سخت چڙ ايندي هئي. آفيس ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان انياءُ ٿيندو ڏسندو هوس ته مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. ڪنهن به سبب ڪري، هڪ عام انسان سان سماجي ڏاڍائي مون کي سخت مايوس ۽ اداس ڪري ڇڏيندي هئي. اهڙي طرح ڪنهن نااهل ماڻهوءَ جي پاس خاطري يا ڪنهن سفارشي جي ڪوتاهين کي درگذر ڪرڻ واري روش به مون کي ڏاڍو ڏکوئيندي هئي. جنهن ٽائيپنگ اسڪول ۾ مون ٽريننگ ورتي ۽ پوءِ اتي ڪم ڪيم، اُتي به ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا جن مون کي رنج پهچايو. جيڪو ڪم مان ڪندو هوس، هوبهو اهو ساڳيون ڪم ڪندڙ ڪن ماڻهن کي مون کان وڌيڪ اجورو ڏنو ويندو هو. منهنجو ڀاءُ هوتو، جيڪو ان وقت هانگ ڪانگ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ منهنجو اڪيلو رازدان هو، تنهن کي مون پنهنجي شڪايت لکي موڪلي. جواب ۾ هن جيڪو شعر ڏياري موڪليو، سو اڄ به مون کي چڱي طرح سان ياد آهي.
    ڊرو مت ڪِ دنيا خلاف هي،
    راستا وو چلو
    جو سيڌا اور صاف هي.
    مون کي صلاح ڏنائين ته جيڪو ٻين کي ملي ٿو تنهن جو ڏک نه ڪر، تون پنهنجي روزيءَ تي صبر ۽ شڪر ڪر.
    هن جي اها صلاح منهنجي لاءِ زندگي ڀر جي نصيحت ٿي پئي. ان کانپوءِ مون پنهنجي لاءِ هڪ اصول ٺاهي ڇڏيو. اهو هيءُ ته جيڪڏهن توهان 100 روپيا ڪمائڻ ٿا چاهيو ته 125 روپين جي محنت ڪريو. نظر اوچي رکو. ان مان توهان کي نااميدي گهٽ ٿيندي. اهو اصول مون پنهنجي لاءِ اڄ به قائم رکيو آهي. نااميدي ضرور ٿيندي آهي، پر دشمن جي چال مون کي تڪليف پهچائي نه سگهندي آهي. ڪاميابي ۽ ناڪامي وانگر اها به هڪ وقتي ڳالهه آهي. مان اهڙين ڳالهين کي وسارڻ سکي ويو آهيان.
    *


    4. باب چوٿون : تاريخي شخصيتون

    تاريخ مان ٻه ڳالهيون اسان کي ضرور سکڻ گهرجن. هڪ اها ته اسان پنهنجي پيءُ کان ڪنهن به طرح سان مٿانهان ناهيون ۽ ٻي اها ته اسان جيڪڏهن پنهنجي پيءُ کان اڳتي وڌي نه ٿا وڃو ته پوءِ اها ڳالهه اسان لاءِ شرمناڪ ئي هجڻ گهرجي.
    ٿامس آرنالڊ

    ڌنڌو سنڌين جي خون ۾ شامل آهي. سندن رڳ رڳ، نس نس واپاري رمزن کان واقف آهي. اها هنن لاءِ فطري ڳالهه آهي، ڇو ته سندن پالنا ئي واپاري ٻولي ٻُڌندي ٿيندي آهي. اٿندي ويهندي، کائيندي پيئندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي هنن جي من جو لاڙو وري به ڌنڌي ڏانهن ئي هوندو آهي. ڪنهن به غير سنڌيءَ آڏو سنڌيءَ جو لفظ اُچاريو مس ته سندس ذهن ۾ هڪدم جيڪو پهريون خيال ايندو سو هي ته هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي سخت پورهيو ڪري، ڏک سک سهي، ڏينهن رات جاڳي، ڪاروبار وسيلي ڪنهن اوچي پَد تي پهچندا آهن. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو جيڪڏهن مان هي چوان ته سنڌي جي معنيٰ آهي واپاري، ڪاروباري، ڌنڌوڙي يا بزنيس مئن. اهي لفظ مان وڏي فخر ۽ نيڪ نيتيءَ سان ٿو چوان، شرم يا پشيماني وچان نه. جيڪڏهن ڪا قوم يا جاتي پنهنجي محنت، سمجهه ۽ تجربي سان ڪنهن هنر ۾ نالو ڪمائي پنهنجو پاڻ مڃائي ٿي ۽ ڪاميابيون ماڻي ٿي ته ان قوم کي ڪنهن ڀر به لڄي ٿيڻ جي گهرج ناهي. هنن جي موجودگي ئي سندن ڪاميابي جو وڏو دليل آهي.
    پر صرف ڪاروبار ئي اسان جي سڃاڻ ناهي. اسان جو سنگيت، اسان جا کاڌا، اسان جو ساهت، اسان جي زنده قوم هئڻ جي شاهدي ڏيندا. سنڌي هٿ جا هنر هزارن سالن کان دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. قديم تاريخ، ادب ۽ قلمي نسخن وسيلي خبر پوي ٿي ته ٻاهرينءَ دنيا کي سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ هئي ۽ اهو به ته سنڌ جي لاڙ واري حصي جا ڪاروباري ناتا نه صرف ميسوپوٽيميا (اڄڪلهه جو عراق) بلڪ اوڀر ميڊيٽرينين جي ملڪن سان پڻ قائم هئا. اهو سڀ ڪجهه گهر ويٺي ڪونه ٿيو هوندو. ظاهر آهي ته اسان جي وڏن ڪشالا ڪڍي اهي ناتا جوڙيا هوندا. سنڌ جو نالو هنڌين ماڳين ڦهلائڻ لاءِ هنن کي پنهنجي وطن سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيڻو پيو هوندو. پنهنجي قومي ورثي، ٻولي توڙي بُڻ بڻياد تي ناز جو اظهار ڪرڻو پيو هوندو. دنيا کي اهو نياپو ڏيڻو پيو هوندو ته ڏسو اسان سنڌواسي آهيون ۽ سنڌ فقط هڪ ديس ناهي، پيار ڀري ڌرتي به آهي، عظيم ثقافت به آهي، هنرمندن جو ڏيهه به آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ آهي، پنهنجو ڪلچر آهي، پنهنجي ٻولي آهي ۽ پنهنجو شاندار ماضي آهي.
    سنڌي جتي به ويا آهن، پنهنجون ريتون رسمون ۽ روايتون به ساڻ کڻي ويا آهن. اهو پيار ۽ تاريخ جو بارُ هو، جيڪو کين هر حال ۾ پنهنجن ڪلهن تي کڻڻو هو.
    سنڌي واپارين کي انگريزن جي دور ۾ توڙي ان کان اڳ ‘سنڌ ورڪي’ سڏيو ويندو هو. ان لفظ جي پويان ڏاڍي دلچسپ تاريخي سچائي لڪل آهي. سنڌي پنهنجي هٿ جي هنر سبب ڏاڍا مشهور هئا ۽ پرڏيهي اڪثر سنڌي ڪم (Work) جي ڳولا ۾ رهندا هئا. سنڌي ڪم ۾ واپار ڪندڙ آهستي آهستي سنڌ ورڪي ٿي پيو. اهڙي ريت جيڪي سنڌي واپاري سنڌ مان وکر کڻي سمنڊ پار ويندا هئا، سي پڻ سنڌ ورڪي سڏجڻ لڳا. نالو اهڙو پڪو ٿي ويو جو خود سنڌ جا سنڌي به کين سنڌو ورڪي ڪوٺڻ لڳا.
    ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪهڙي خوبي آهي، جنهن اسان کي ايڏو وڏو نالو ڏنو آهي؟ دنيا چوي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه اسان جي خون ۾ شامل آهي. پر نه، اهو جواب ڏاڍو سادو سودو آهي. ان ۾ اها گهرائي ناهي، اها سچائي ناهي، اهو پگهر ۽ پورهيو ناهي، جنهن سبب سنڌي دنيا ۾ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. سچ ته اهو اهي ته اسان نانءُ ڪمايو آهي پنهنجي لڳاتار، اڻٿڪ محنت سان، تجربي سان، واپاري ذهنيت جي واڌ ويجهه واري عمدي روايت قائم ڪرڻ سان ۽ ڌنڌي ۾ انصاف ۽ ايمانداري جا اصول اختيار ڪرڻ سان مضبوط وڻ جي شروعات مضبوط ٻج ساڻ ٿيندي آهي. سنڌي واپاري جو پٽ، واپار جا راز ۽ رمزون جوان ٿيڻ کان اڳ ئي سکي وٺندو آهي. سمجهه ايندي ئي هو هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور جي باري ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ لڳندو آهي. سنڌيءَ لاءِ انهن ٻنهي ملڪن جي ٻي ڪا معنيٰ ناهي، سواءِ واپار جي. هاڻي ته دبئي به ان لسٽ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. هڪ سنڌي کي اها ڀلي ڀت پروڙ آهي ته سون سائوٿ آفريڪا مان ايندو آهي ۽ اسرائيل توڙي بيلجم هيرن ڪري مشهور آهن. هن کي سيلان جي چانهه جي باري ۾ ڀل ته معلومات گهٽ هجي، پر سيلان جي جواهرن بابت سڄي ڄاڻ هوندس. دنيا جي نقشي تي شايد هو جپان ڳولي نه سگهي، پر پڇڻ تي بنا هٻڪ ٻڌائي ڇڏيندو ته جپان اليڪٽرانڪ شين جي ڪري مشهور آهي. هو انهن ملڪن جي وکر جي باري ۾ وڏي اعتماد سان ڳالهائي سگهندو، ڇو ته هن جا چاچا ۽ ماما انهن ملڪن ۾ اڳواٽ ئي موجود آهن. هو اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ ڀلي ته سنگتين ساٿين سان راند روند ڪري، پر ان کان پوءِ کيس پيءُ جي دوڪان تي به ٻه ٽي ڪلاڪ ضروري ويهڻو آهي ته جيئن سندس هٿ ونڊائي سگهي. وئڪيشن جو مطلب رڳو موڪل نه، پر چاچي يا سوٽ سان گڏ ملڻ لاءِ هانگ ڪانگ يا ڪنئري آئلينڊ به وڃڻو آهي. هاڻي جيڪو ٻار اهڙي ماحول ۾ اک کوليندو، وڌندو ويجهندو، وڏو ٿيندو، سو 17 ۽ 18 سالن جي ڄمار تائين پنهنجي ڪِرت ۾ ڀڙُ نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
    خانداني رواج موجب سنڌي واپاري پنهنجي پُٽ کي ان ڏينهن کان وٺي ڌنڌي سان لڳائيندو آهي، جنهن ڏينهن ڇوڪر اسڪولي تعليم پوري ڪئي. ٻار لاءِ وڌيڪ تعليم يا ڊگري حاصل ڪرڻ بي سود آهي، ڇو ته ان سان ڪاروبار کي ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن ڪا وڌيڪ تعليم ضروري آهي ته اها کيس دوڪان تي ئي ملندي. دراصل سنڌي واپاري لاءِ سڀ کان سٺي يونيورسٽي آهي سندس شهر، سندس گهر ۽ سندس دوڪان، ڇو ته انهن جاين تي ئي هو ڌنڌي ڌاڙي جي سڀ کان عمدي تعليم تجربي جي آڌار تي حاصل ڪري سگهي ٿو. جڏهن سندس پٽ بالغ ٿئي ٿو ته سمجهو ته هو هاڻي لائق ٿي ويو آهي ته واپار جي منجهيل مسئلن کي پاڻ سلجهائي سگهندو ۽ اڪيلي سر واپاري معاملن کي خود مُنهن ڏئي سگهندو.
    ائين به ناهي ته ڪو سنڌي ڪاروباري ماڻهوءَ کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان عارُ آهي، پر ڇاڪاڻ ته مقصد ئي ڪاروبار ڪرڻ آهي ته پوءِ ايترو سارو قيمتي وقت وڃائڻ مان ڇا هڙ حاصل؟ سنڌين جي ان رويي کي جارج مئٿيو ايڊمس اجهو هنن لفظن ۾ ٿو بيان ڪري: ترقيءَ جي خواهش، ذهني هوشياري، نواڻ پيدا ڪرڻ يا ذهني توڙي روحاني ترقي جي لاءِ عمر جي ڪا به حد مقرر ڪرڻ ضروري ناهي. پراڻي ڪهاوت آهي ته جيڪو جوکو نه کڻندو، سو ڪجهه به نه لڻندو. ظاهري طور اها ڳالهه درست ٿي لڳي، پر ٻئي طرف اسان جا ڪيترا ئي اهڙا ڪم جن ۾ جوکو به شامل آهي، فائدي بجاءِ نقصان ڏيندا آهن. پر فقط اهو خيال ئي اسان جي آٿت لاءِ ڪافي آهي ته اسان جوکم کنيو. اهي ماڻهو، جيڪي ڪجهه نٿا ڪن، چپ چاپ بيٺا آهن، يا پاسيرا بيهي تماشا ٿا ڏسن، اهي زنده ته رهن ٿا پر اڌورا. رڳو مزي خاطر ئي سهي، مهم جوئي کي به مناسب هاڪاري اهميت آهي. سِر تي جوکا کڻندا رهو، توهان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندؤ.
    مون کي پڪ آهي ته جارج مئٿيو ايڊمس مٿيون سٽون سنڌين جي لاءِ چيون آهن، ڇو ته هن جو هڪ هڪ لفظ روائتي سنڌي واپاري سوچ جي ترجماني ٿو ڪري.
    شروعات ۾ سنڌي واپاري ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا. سنڏ ۾ تمام سٺو ڪپڙو تيار ٿيندو هو ۽ ان جو ناماچار دور دور تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪپهه مان ٺهيل اهو ڪپڙو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هٿو هٿ کڄي ويندو هو. ان ڪري دنيا ۾ جتي به سنڌي وڃي آباد ٿيندا هئا، پوءِ کڻي اهو سينگاپور هجي يا هانگ ڪانگ، انڊونيشيا هجي يا جپان يا وري دبئي ڇو نه هجي، منجهن ڪپڙي جا واپاري مڙئي سوايا هوندا هئا. اها صورتحال اڄ سوڌو ائين ئي آهي.
    جڏهن انگريز انڊيا ۾ آيا تڏهن سنڌي ڪپهه جو ڪپڙو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ اها واکاڻ سڄي يورپ تائين پهچي وئي. ماڻهو دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان خاص طور ڪَهي اچي سنڌي ڪورين جي ڪاريگري ڏسندا هئا ۽ خوب ساراهيندا هئا. ڪپڙي جا ڪيئي قسم، سندن بناوٽ، هٿ جي صفائي، رنگن جي ملاوٽ ۽ ڪاريگرن جي مهارت سبب سنڌي ڪپڙو هٿو هٿ کڄڻ لڳو. رڳو ڪپهه جو ڪپڙو ته نه هو، سنڌي ڪاريگر سلڪ ۽ بروڪيڊ به واهه جو ٺاهيندا هئا. سنڌ جي روهڙي شهر ۾ ٺهندڙ سلڪ ته ڏاڍي مشهور هئي. پرڏيهه توڙي مقامي ماڻهو ان سلڪ لاءِ ديوانا هوندا هئا. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ ٺهندڙ چمڙي جو سامان پڻ دنيا ڀر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. مينهن جي کل مان جوڙيل سجاوٽي چمڙو، جنهن کي پورچوگيز سنڌي چمڙو چوندا هئا، تنهن تي ڪاريگر وڌي محنت سان ڌاڳي توڙي سلڪ جون ڊزائنون ٺاهيندا هئا ۽ مختلف رنگن سان سجائي وڪرو ڪندا هئا.
    اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه جا سنڌي پنهنجي شاندار ورثي ۽ روايتن کان بي خبر آهن. نوجوان نسل ۾ اوهان کي ڪيترا اهڙا سڄاڻ ملندا جن کي معلوم هوندو ته سندن وڏن دنيا جي ٻن لاجواب سڀيتائن کي ملائي پنهنجي لاءِ انهن ٻنهي جي نچوڙ مان دنيا ۾ خاص مقام حاصل ڪيو هو. اهي ٻه سڀيتائون هيون مهراڻ جي ماٿري ۽ ويدن جي زماني جون تهذيبون. ان سلسلي ۾ نئين پيڙهيءَ کي پنهنجي انمول ورثي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪوششون ته ٿي رهيون آهن، پر اهي ڪافي ناهن.
    قديم هندستاني تهذيب سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ويدن جي سڀيتا جو سنگم هئي. ٻنهي ۾ جيڪو اهم تفاوت هو سو هيءُ ته سنڌو ماٿري جا رهواسي شو پوڄا ڪندا هئا ۽ ويدڪ سڀيتا جا ماڻهو صرف قدرت جا پوڄاري هئا. مهراڻ جي ماٿري جي تهذيب 2600 ق-م کان 1900 ق-م تائين عروج تي هئي. بنيادي طور اها شهري تهذيب هئي، جنهن ۾ ماڻهن جو خاص ڌنڌو هو واپار ۽ ڪاروبار. ويدن واري تهذيب دراصل ٻهراڙي سان واسطو رکندڙ هئي، جنهن ۾ ماڻهن جي روزگار جو ذريعو هو هر ڪاهڻ ۽ فصل اُپائڻ. 1924ع واري موهن جي دڙي ۽ ساڳي طرح هڙاپا جي کوٽائي مان سنڌو ماٿري جي رهاڪن جي صاف سٿري ۽ سڌريل زندگي جا ا هڃاڻ ملن ٿا. هي ماڻهو ميسوپوٽيميا (عراق) جي رهواسين وانگر لکي پڙهي ڄاڻندا هئا ۽ آرٽ توڙي هٿ جي هنر ۾ ماهر هئا. کوٽائي جي ماهرن کي سندن هٿ جا لکيل هزارين ثبوت مليا آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته اڄ تائين انهن لکيتن کي ڪوبه پڙهي ڪونه سگهيو آهي. هڙاپا جي ماڻهن وري ميسوپوٽيميا جي رهواسين وانگر لکڻ لاءِ ڪي علامتون مقرر ڪيون هيون. شايد دنيا جو پهريون لکت جو طريقو انهن ماڻهن ئي ايجاد ڪيو هو. ميسوپوٽيميا جا ماڻهو اٽڪل 2400 ڪلوميٽر اولهه طرف رهنداهئا ۽ سندن شهر هڙاپا کان چند سؤ سال اڳ آباد ٿيا.
    هڙاپا تهذيب تمام گهڻي ڦهليل هئي. اولهه ۾ سنڌو ماٿريءَ کان ٿيندي، اُترا فغانستان ۽ ترڪيءَ تائين، اوڀر ۾ هماليا جي دامن کان دهليءَ تائين وارا علائقا ان جي ا ثر هيٺ هئا. هڙاپا سنڌو، ماٿري جي تهذيب جو سڀ کان وڏو شهر هو. ٻيا مکيا شهر هئا موهن جو دڙو، چانهون جو دڙو، ڪالي بانگن ۽ لوٿل. اهي شهر چار لک ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين ڦهليل هئا. تازين کوٽاين مان معلوم ٿيو آهي ته هڙاپا جي تهذيب اڳ ڪيل سڀني ڪاٿن کان وڌيڪ پراڻي آهي. ماهرن وٽ ثابتيون موجود آهن ته 32000 سال قبل مسيح (هڙاپا شهر جي آبادي کان 700 سال اڳ) به هڪڙو ڳوٺ ان ساڳيءَ جاءِ تي موجود هو. ياد رهي ته هڙاپا جي پنهنجي تاريخ 2600 سال قبل مسيح جي آهي.
    هڙاپا جي تهذيب جون ٻه مکيه ڌارائون هيون. هڪڙي هئي سورٺ هڙاپا ۽ ٻي هئي سنڌي هڙاپا. انهن ٻنهي ۾ سورٺ (سوراشٽرا) گهٽ ترقي يافته هئي، ڇو ته منجهس مُهرون، زيور، سينگار جون شيون توڙي اعليٰ عمارتون موجود نه هيون. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي هڙاپا تهذيب وڌيڪ سڌريل هئي. منجهس خوبصورت عمارت سازي جا نمونا، پڪيون سِرون ۽ انهن سان جوڙيل جايون، گندي پاڻي جي نيڪال جون ناليون ۽ ٽپال جي ٽڪلي جي سائيز جيتريون پٿر جون مهرون ۽ انهن تي اُڪوريل لکت توڙي شڪليون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه موجود هو، جنهن مان اتان جي ماڻهن جي سڌريل رهڻي ڪهڻي جو پتو پوي ٿو. ڪي مهرون يا سيلون اهڙيون به مليون آهن جن تي ديوتائن جون تصويرون اُڪريل آهن. ڪن تي وري جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن ۾ ٿوهي وارو زيبو ڍڳو خاص طور تي قابل ذڪر آهي، ڇو ته اهو ڍڳو اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي. انهن مُهرن کي آليءَ مٽي جي تختين تي لڳائي پوءِ کين پچائي پڪو ڪيو ويندو هو. گمان آهي ته اهڙيون تختيون مال ۽ وکر جي مالڪي ڏيکارڻ لاءِ يا ان جي سڃاڻپ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هيون.
    هڙاپا جي ابشندن جي رهڻي ڪهڻي جا راز تڏهن کليا، جڏهن هڪ دڙي ۾ موجود اسٽوپا (ٿنڀي) جي پاسن کان کوٽائي ڪئي وئي، ان کوٽائي مان ٻين ڪيترين ڳالهين کان سواءِ اهو به معلوم ٿيو ته اهي دڙا ڪيترن ئي تهن جي مٿان بيٺل آهن. هڪ شهر جي تباهي کان پوءِ ايندڙ نسل ان ئي جاءِ تي ٻيو شهر آباد ڪيو. اهڙي طرح شهرن مٿان نوان شهر اڏبا ويا. عام طور چيو ويندو آهي ته ان دڙي هيٺان گهٽ ۾ گهٽ ست تهه موجود آهن ۽ هر تهه جي پنهنجي جدا تاريخ آهي، پنهنجا روڊ رستا آهن، پنهنجون عمارتون آهن. انهن شهرن جا رهواسي وچولي درجي جي شهري سماج جا فرد هئا. هو مهارت سان رٿيل شهرن ۾ رهندا هئا ۽ سندن سڌريل طرز زندگي پنهنجي دور جي مڙني تهذيبن کان مٿانهين ۽ مان واري هئي، جن ۾ مصر ۽ بابل جي تهذيب به شامل آهي. ياد رهي ته ٻنهي تهذيبن جي مشهوري اتان مليل خوبصورت برتنن، ٺڪر جي ٿانون، جن مان ڪي سادا آهن ۽ ڪن تي چٽسالي ٿيل آهي، ۽ سينگار جي سامان جي ڪري ٿي، جيڪو ان وقت جا شهري روزمره جي ڪم آڻيندا هئا. سنڌي هڙاپائي ننڍين ننڍين سردارين ۾ ورهايل هئا، جيڪي ٻن کان پنجن ايڪڙن جي ايراضي تي قائم هونديون هيون. سندن سماج ذات پات جي ڀيد ڀاوتي ٻڌل ڪونه هو، بلڪ ڪرت ۽ ڪسب جي لحاظ سان ورهايل هو. ان ڪري ماڻهو ذات، قبيلي يا قوم جي بجاءِ پنهنجي ڌنڌي جي ناتي سان سڃاتا ويندا هئا، جهڙوڪ: مهاڻا، سونارا، هاري، واپاري وغيرهه.
    شهرن جون گهٽيون سڌيون، پڪيون ۽ ويڪريون هيون ۽ کين ڳنڍڻ لاءِ ڇوٽيون گهٽيون ٺهيل هيون. گهڻيون عمارتون گهڻ ماڙيون هيون، جن ۾ رهڻ لاءِ ڪافي ڪمرا، سنان جايون ۽ گدام پڻ هئا. اڪثر گهرن جي پڌر جي چوڌاري رهائشي ڪمرا ٺهيل هئا. اڄ به ان طرز جا گهر اتر هندستان توڙي پاڪستان ۾ جام نظر ايندا. گهر هوادار هئا. هر گهر ۾ هڪ هڪ کوهه، هڪ سنان جاءِ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ ڪسي يا نالي هئي، جيڪا گهر مان نڪري گهٽي جي ڪناري وهندڙ نالي ۾ پوندي هئي ۽ پوءِ سموريون گهٽين جون ناليون وري ڪنهن جاءِ تي هڪ وڏي نالي ۾ وڃي ڪرنديون هيون، جيڪو اندران ئي اندران ڪٿي دور وڃي ڇوڙ ڪندو هو. اهي سڀ ڪسيون، ناليون توڙي نالا صحت ۽ صفائي جي خيال کان هر طرح ڍڪيل هوندا هئا. شهر جي وچ ۾ هڪ ڌرمي مرڪز هوندو هو، جتي ماڻهوءَ گڏ عبادت يا پوڄا پاٺ ڪندا هئا. هڙاپائي پاڻيءَ جا ماهر انجنيئر هئا. اها مهارت کين گهڻ ماڙ عمارتن ٺاهڻ ۽ وڏا ۽ اوچا ٿلها جوڙڻ ۾ ڪم ايندي هئي. برسات ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ، ڪڏهن بنهه ڪونه پوندي هئي، ان ڪري هو کوهه کوٽيندا هئا ته جيئن جَرَ جو پاڻي حاصل ڪري سگهجي. ڪڻڪ پوکيندا هئا. جوئر، ٻاجهر ۽ جوَ به اُپائيندا هئا ۽ ماپ ۽ تور جو نظام پڻ ايجاد ڪيو هئائون. سون، چاندي، لوهه ۽ ٻين ڌاتن جا ڪاريگر هئا. هيرن، جواهرن، سون ۽ چاندي منجهان سهڻا زيور ٺاهڻ ڄاڻندا هئا. چوڙيون، جهومڪ ۽ هار مختلف ڊزائينن ۾، باريڪ ڪم سان ٺاهيل زيور اڄڪلهه جي فيشني زيورن کان گهڻو مختلف ناهن. ماڻهو گلي ۾ مهرون ۽ تائٿ هار جيان پائيندا هئا ته جيئن ديوتا مٿن راضي رهن.
    هڙاپا جا ماڻهو وڏا ڪاريگر هئا ۽ گڏوگڏ سٺا واپاري پڻ هئا. هو هٿ جا ٺهيل سونا زيور، پتل جا باسڻ ۽ نيم قيمتي پٿر، جهڙوڪ هلڪي يا گهري رنگ جا لاپز لازولي (لاجودر)، عاج ۽ مڻيا ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻهر عمان، گلف (نار)، ايران ۽ مغربي ملڪن ۾ وڪرو ڪندا هئا. هو لاپز لازولي افغانستان واري علائقي مان گهرائي، ان کي ڪَٽي گهڙي، پالش ڪري، ان مان زيور جوڙيندا هئا. عربستاني سامونڊي ڪناري کان وڏا، اُڀا، ڇلن وارا ڪوڏ گهرائي، ڪاراين سان ڪپي، چوڙيون ٺاهيندا هئا. ڀوري پيلي رنگ جي سخت پٿر کي گهڙي، ان مان وڏا مڻيا ٺاهيندا هئا. انهن مڻين جي اها خوبي هوندي هئي جو جيڪڏهن کين بٺيءَ ۾ وجهبو ته هڪدم رنگ بدلائي نارنگي ڳاڙها ٿي جرڪڻ لڳندا هئا. ماهرن اهي تجلا ڏيندڙ مڻيا ميسوپوٽيميا جي مقبرن ۾ چمڪندي ڏٺا آهن.
    اناج کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ هڙاپاين هڪ لاجواب گودامن جو سسٽم ٺاهيو هو. هنن هڪ وڏو گودام عام ماڻهن جي لاءِ ٺاهيو هو، جيڪو بئنڪ يا خزاني طور ڪم ايندو هو. موقعي تان کوٽائي دوران حاصل ڪيل ماڻهن جي هڏاون پڃرن مان پتو ٿو پوي ته هو کاڌي پيتي ۾ خوشحال هئا. جانورن جي هڏن مان پروڙ ٿي پوي ته ان دور جا ماڻهو چوپايو مال، رڍون، ٻڪريون، مينهون، ڪتا ۽ ڪڪڙ وغيره پاليندا هئا.
    چڱي ريت جاچ جوچ ۽ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته ان سڀيتا جا رهواسي جنگ جدل ۽ خون خرابيءَ کان ناواقف هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه هٿيار پڻ لڌا ويا آهن. پر اهي ويڙهاند جي ڏانءُ جا ناهن. شهر جي وڌندڙ واپار ۽ ماڻهن جي سُکي حياتي باوجود، شهر جي پوڌاري بچاءَ جي ديوار ۽ جنگ جي هٿيارن جو نه هئڻ اهو صاف ظاهر ٿو ڪري ته اهي ماڻهو امن پسند هئا ۽ صلح سانت سان بي خوف زندگي گذاريندا هئا. اها به ڄاڻ پوي ٿي ته اها تهذيب ڪنهن خاص حصي تائين محدود نه هئي. بلڪ منجهس ڦهلجڻ جون سڀ خوبيون موجود هيون.
    سنڌي هڙاپائي طرز زندگي جو اثر گجرات، ڪڇ، پنجاب، هريانا ۽ اتر پرديش تي به پيو، جنهن جا اهڃاڻ اڄ به نظر پيا اچن. تازو هماليا جي دامن ۾ مانڊا نالي قديم تهذيب جو هڪ نئون ٺڪاڻو ڳولي لڌو اٿن. ان جي جاچ مان خبر ٿي پيو ته هڙاپا جو هماليائي ڪاٺ جي واپار تي چڱو خاصو قبضو هو. گهبا نالي هڪ ٻي کوٽائيءَ واري جاءِ، جيڪا هڙاپا تهذيب جو حصو هئي، سا شايد ڌاتن، معدنيات ۽ ڪاٺ جي پرڏيهه روانگي لاءِ ٽرمينل جو ڪم ڏيندي هئي. ان جاءِ تي گڏ ڪري، وڪري جون شيون افغانستان ۽ اڳوڻي روسي، وچ ايشيائي ملڪن ڏانهن روانيون ڪيون وينديون هيون.
    ڇاڪاڻ جو سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ويديائي تهذيب جي ميلاپ سان سنڌي سڀيتا جڙي هئي، ان ڪري اتان جي ٻولي تي پڻ انهن تهذيبن جو گهاٽو اثر پيو. ماهرن جي نظر ۾ سنڌي ٻولي ويديائي دور کان اڳ جي ٻولين جي هڪ شاخ آهي ۽ سنسڪرت جو به مٿس اثر هو، ان ڪري هن دراوڙن توڙي آرين جي ٻولين جا لفظ به پاڻ ۾ جذب ڪري ورتا هئا.
    سنڌين جي ٻي هڪ خاص خوبي آهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏڻ. سنڌي وڻج واپار سانگي اڪثر ڌارين ملڪن ڏانهن لڏيندا پئي رهيا آهن. يوناني ادب ۾ سنڌين جي ان رويي جو لکت ۾ ثبوت موجود آهي. يوناني ادب جي شاهڪار ڊگهي نظم اِليڊ ۾ سِنتين (سنڌين) ماڻهن جو ذڪر ڪيل آهي، جيڪي عجيب ٻولي ۾ گفتگو ڪندا هئا. اهو حوالو ولڪن نالي هڪ مڪار ڪَمي جو آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ جُنو کي پرچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هو چوي ٿو، هڪ ڀيرو اڳ به، جڏهن مون تنهنجي مدد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، هن مون کي پير کان جهلي عرش کان فرش طرف کڻي اُڇليو. سڄو سارو ڏينهن، صبح کان وٺي شام تائين مٿان کان زمين ڏانهن پئي ڪريس. جڏهن سج لٿو، تڏهن ليمناس جي ٻيٽ تي اچي ڦهڪو ڪيم. دم ته ذري گهٽ نڪري ويو هوم. سگهه باقي ڪانه رهي جو اُٿي سگهان. بي ستو پيو رهيس، تان جو سنتين (سنڌي) آيا ۽ اچي منهنجي مدد ڪيائون. (اليڊ1:594)
    17 صدي عيسوي ۾ ايڊورڊ پوڪاڪ (91-1604) هڪ انگريز پادري، جيڪو مشرق (اُڀرندي) دنيا جي علم جو ماهر پڻ هو ۽ شام جي اليپو نالي شهر ۾ رهندو هو، تنهن هندستان جي يونان تي اثر بابت لکندي تفصيل سان سنڌين جي ميڊيٽرينين (ڀونوچ سمنڊ) ۽ اتر آفريڪا ڏانهن لڏ پلاڻ جي لهر جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ويدن واري دور ۾ پاني نالي هڪ قوم جنهن جو تعلق ساڳئي واپاري قبيلي وانڪس (Vanikas) يا واڻيا (Vanias) يا بنيئا (Banias) سان هو، سي لڏي پنهنجي وطن کان ڏور، يونان ۾ اچي آباد ٿيا. هو پنهنجو حيرت جهڙو ڪپڙو پاڻ سان گڏ نئين دنيا ۾ کنيو آيا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ڪپهه پراڻي دنيا جي دور دراز حصن ۾ مشهور ٿي وئي. اهڙي طرح سنڌ جو نالو سُواسا (Suvasa) يعني سٺي ڪپڙي جو ملڪ پئجي ويو.
    سنڌي شايد پنهنجي حاڪمن جي سياسي زور آورين کان تنگ ٿي، ملڪ ڇڏي، لڏي هليا ويا هجن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو سمنڊ رستي دور دراز ملڪن ڏانهن امن امان جي تلاش ۾ ويا هجن، هو ضرور سامونڊي ڪنارو ڏئي مڪران وٽان لنگهيا هوندا، جيڪو گلف (نار) جي ايراني طرف آهي. گلف جي مُنهن مان لنگهي هو عمان، هيدرامنت (Hadramant) ۽ يمن مان ٿيندا ڳاڙهي سمنڊ وٽ پهتا هوندا. اتان وري نيل ندي تي چڙهي ڏکڻ مصر جي نيوبيا (Nubia) بادشاهت ۾ ويا هوندا، جيڪا سوڊاني سرحد ۽ ايبسينيا (هاڻي ايٿوپيا) سان لڳ آهي، هو اتي به نه ترسيا هوندا. نيل ندي جي ڇيڙي وٽ ميڊيٽرينين سمنڊ وٽ پُڳا هوندا. جيڪي انهن منجهان شام ۽ لبنان ۾ لهي پيا، سي فينيشنس (Phoenicians) سڏجڻ لڳا. پالي ٿي پيا پانيڪاز (Panikas)، يعني پيونڪ (Punic) نسل يا فينشنس (Pheonicians). تاريخدانن هنن لڏي آيل نون ماڻهن جي يوناني تهذيب ۾ آندل واڌاري ۽ سڌاري جو ذڪر ڪيو آهي.
    مغرب جا ماڻهو جڏهن هنن لڏي آيل ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آيا ۽ سندن رهڻي ڪهڻي ڏٺائون، ۽ سندن واتئون اوڀر جي واکاڻ ٻڌائون ته سندن مهم جو حاڪمن جي دل سُرڪي. هنن سوچيو ته ڇو نه اسان حملو ڪري هلي سنڌ فتح ڪريون ۽ پنهنجي اکين سان ان سکي ملڪ کي ڏسون. سنڌ هنن جي لاءِ سامونڊي توڙي خشڪي جي رستي کان پهچڻ ۾ سولي هئي. سٿين (Scythians)، پارٿين (Parthians)، ڪُشن (Kushans)، هُن (Hun)، گريڪ (Greeks) ايراني (Iranians) ۽ عرب قومن سنڌ لاءِ ايتري ته ڪشش محسوس ڪئي، جو هو وقت بوقت سنڌ تي حملي آور ٿيندا رهيا. انهن مان ڪيترائي سنڌ ۾ رهي پيا ۽ آهستي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي هڪ ٿي ويا.
    عربن 638 کان711ع تائين سنڌ تي لڳاتار ڪيئي حملا ڪيا. تاريخدانن جي چوڻ مطابق عربن سامونڊي توڙي خشڪيءَ رستي 15 حملا ڪيا. آخرڪار بغداد جي حاڪم حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو محمد بن قاسم، عراقي، شامي ۽ عرب سپاهين جو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. ڊگهي ۽ ڇتي جنگ کان پوءِ 711ع ۾ هن سنڌ فتح ڪري ورتي. اهو هند توڙي سنڌ لاءِ ڏاڍو اهم واقعو ثابت ٿيو، ڇو ته ان کان پوءِ عربن جي حڪمراني اٽڪل ٻه سو سالن تائين رهي.
    بهرحال، حملن جي حوالي سان سڀ کان دلچسپ حملو ڪيو سڪندر اعظم. سڪندر اعظم يوناني هو ۽ سندس حملو عربن جي اچڻ کان ڪيئي صديون اڳ ٿيو، جڏهن پنجاب مان اتان جي راجا پورس سان ٿيل مشهور ٽڪراءَ کان پوءِ واپس پئي ٿيو ته رستي ۾ سنڌ تي به حملو ڪيائين. دراصل هن پنهنجن طوفاني حملن دوران ايران، افغانستان ۽ اتر اولهه هندستان تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ ڪافي دشمن پيدا ڪري ورتا هئا. موٽندي وقت هن نٿي چاهيو ته ساڳئي رستي کان واپس وڃي. ان ڪري هن کي سنڌ تي حملو ڪرڻو پيو. حملو اوچتو هو، ان ڪري شروعات ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل ننڍڙيون رياستون گهٻرائجي ويون. پر جلدئي هو پاڻ سنڀالي ويا ۽ گڏجي سڪندر جي فوجن تي چئني پاسن کان حملو ڪري ڏنائون. سنڌ جي حاڪم سباس سان ويڙهاند ۾ سڪندر کي ڪلهي ۾ زخم رسيو، ٽنگ ڌڪجي پيس ۽ ڇاتيءَ ۾ تير لڳس. هڪ ڀيرو ته افواهه ڦهلجي ويو ته سڪندر اعظم جنگ ۾ مارجي ويو.
    دنيا جي فاتح سڪندر اعظم لاءِ اهو وڏو ڌچڪو هو، ڇو ته هو تازو پنجاب مان پورس جي هٿان يقيني شڪست کان بچي نڪتو هو. يوناني تاريخدان پلوٽارچ (Plutarch) چوڻ موجب، پورس جي خلاف لڙائيءَ مقدونيا جي رهواسي سڪندر جا ڇيهه ڇني وڌا هئا. لاچار سڪندر کي پورس سان ٺاهه ڪرڻو پيو. پلوٽارچ لکيو هو ته سڪندر نه صرف پورس کي پنهنجي رياست جي گورنري ڏني، پر ٻين آزاد قومن جن کي هن جيتيو هو، تن جا علائقا پڻ کيس ڏئي ڇڏيا.
    سڪندر تي سنڌ جي حڪمرانن جيڪي حملا ڪيا، تن مان نه صرف هو بچي نڪتو، پر مٿن سرسي پڻ قائم ڪري ورتائين. هن برهمڻن کي خاص طور پنهنجو نشانو بنايو، ڇو ته سندس خيال ۾ برهمڻ ڌرمي ۽ ڄاڻو هئڻ سبب سنڌ جي حاڪمن کي مقابلي ڪرڻ جون صلاحون ڏئي رهيا هئا. اُن کان پوءِ برهمڻن جي ڏيهه نيڪالي شروع ٿي وئي. بهرحال، سڪندر برهمڻن جي قابليت کان گهڻو متاثر ٿيو، ان ڪري هن ڏهه برهمڻ فلاسفر قيد ڪري پاڻ وٽ رکيا. پلوٽارچ انهن ڏهن قيدي برهمڻن ۽ سڪندر جي وچ ۾ ٿيل گفتگو اجهو هن ريت بيان ڪئي آهي.
    سڪندر پهرئين برهمڻ کان پُڇيو، “اهو ٻڌاءِ ته سڀ کان وڌيڪ ڪير آهن: مئل يا زنده؟.”
    “زنده. ڇو ته جيڪي مري ويا، سي باقي نه رهيا.” جواب مليو.
    سڪندر اعظم اهو جواب ٻڌي خوش ٿيو. ٻئي برهمڻ کان پڇيائين، “سڀ کان وڌيڪ وڏا جانور ڪنهن پيدا ڪيا، سمنڊ يا زمين؟”
    “زمين. سمنڊ ته زمين جو حصو آهي.”
    ٽئين برهمڻ کان پڇيائين، “سڀ کان وڌيڪ مڪار جانور ڪهڙو آهي؟”
    “اهو، جنهن کي انسان اڃا تائين ڳولي نه لڌو آهي.”
    هُن پوءِ چوٿين برهمڻ کان پڇيو، “توهان سنڌ جي راجا سباس کي مون سان جنگ جوٽڻ لاءِ ڪهڙو دليل ڏنو؟”
    “ڪوبه نه، سواءِ ان جي ته هو يا ته ذلت جي زندگي جيئي، يا عزت جو موت مري.”
    پنجون سوال برهمڻ جي عقل جي امتحان وٺڻ جو سڪندر اعظم پڇيو، “ڏينهن ۽ رات ۾ ڪنهن جي ڄمار وڏي آهي؟”
    قيدي جواب ڏنو، “ڏينهن، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ڄمار ۾ وڏو آهي.”
    ڇهين کان سوال پڇيائين، “انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي جو کيس بي انتها پيار ملي؟”
    قيدي وراڻيو، “کيس گهرجي ته هو پاڻ کي طاقتور ثابت ڪري، ظالم نه.”
    ستين کان سڪندر پڇيو، “ماڻهوءَ کي ديوتا بنجڻ لاءِ ڇا گهرجي؟”
    ڏاهي برهمڻ جواب ڏنو، “اهو ڪجهه ڪري ڏيکاري جيڪو ٻيو انسان نه ڪري سگهي.”
    اٺون سوال هو، “زندگي ۽ موت مان وڌيڪ زوراور ڪير آهي؟”
    “زندگي موت کان وڌيڪ سگهاري آهي ڇو ته اها تمام گهڻين مصيبتن کي سهارو ڏئي ٿي.” ڏاهي مرڪندي چيو.
    نائين کان سڪندر پڇيو، “انسان لاءِ تنهنجي راءِ ۾ فضيلت سان جيئڻ لاءِ ڪيترو عرصو درڪار آهي؟”
    “اوستائين، جيستائين زندگي کان وڌ موت جي تمنا نه ٿئي؟”
    پوءِ جڏهن برهمڻن جو وارو آيو ته هو سڪندر اعظم کي سوال پُڇن، تڏهن انهن مان هڪ، جنهن جو نالو ڪالانس هو، تنهن بادشاهه سان ڳالهائڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيو ته جيسين سڪندر پنهنجا لٽا لاهي ساڻس نياز ۽ نئڙت سان نه ڳالهائيندو، تيسين هو به ساڻس گفتگو نه ڪندو.
    جڏهن سڪندر اهو شرط مڃيو، تڏهن ڪالانس زمين تي هڪ سڪل، سڪڙيل ۽ گُهنجن واري کل اڇلي ۽ پاڻ ان جي ڪنڊن پاسن تي چڙهي بيٺو ته جيئن ثابت ڪري سگهي ته ائين ڪرڻ سان کل سڌي ٿي نه سگهندي. پوءِ پنهنجي ڏاهپ ڏيکاريندي، جڏهن کل جي وچ تي وڃي بيٺو ته اها کل هڪدم سڌي ٿي وئي. ڏاهي، سڪندر اعظم کي جيڪو سبق ڏيڻ ٿي چاهيو، سو هيءُ ته دنيا ۾ هيڏي هوڏي ڀڄڻ، ڊڪڻ ۽ رلڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو. نه کيس فائدو پهچندو ۽ نه سندس قوم کي. بجاءِ ان جي ته سڪندر اعظم دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين فوجون ساڻ کڻي ملڪ فتح ڪندو وتي. هن لاءِ چڱو اهو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ رهي ماڻهن جي خدمت ڪري.
    سنڌ جي برهمڻ کي ختم ڪرڻ متعلق تاريخ ۾ هڪ ٻي به ڪهاڻي موجود آهي.
    اٺين صديءَ ۾ هڪ ٻيو حملا آور محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ هتان جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏنائين. محمد بن قاسم سياڻپ ڪري درٻار جي برهمڻن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ سندن دليون جيتڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور برهمڻن محمد بن قاسم جي لاءِ جاسوسيءَ جو ڪم سرانجام ڏنو. هنن جي مدد سان ئي محمد بن قاسم راجا ڏاهر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيت کان پوءِ برهمڻن کي انعام اڪرام ڏيڻ بدران هو مٿن ڏمرجي پيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو انعام جي لالچ ۾ پنهنجي ملڪ سان غداري ڪري سگهن ٿا، سي هڪ ڌارئي سان ڪهڙي وفاداري ڪندا؟ هن فيصلو ڪيو ته جيئن ته برهمڻ ڀروسي جي لائق ناهن ۽ پنهنجي ملڪ سان بي وفائي ڪئي اٿن، ان ڪري کين ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.
    تاريخ جي انهن ڪهاڻين ۾ ڪيترو سچ آهي ۽ ڪيترو ڪوڙ آهي، اهو الڳ بحث آهي، پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي. اها هيءَ ته سنڌ جي آباديءَ جو تمام ٿورو حصو، اٽي ۾ لوڻ جي برابر، برهمڻ جو هو. دراصل سنڌ ۾ ڪوبه برهمڻ هو ئي نه، ڇو ته سنڌي سماج ۾ ذات پات جو ڀيد ڀاءُ ڪونه هوندو هو.
    ذات پات ۽ رنگ يا نسل جو مت ڀيد، جنهن کي “ورڻ” سسٽم چيو ويندو هو ۽ خاص ڪري اهو رواج هندن جي سماج جو اهم حصو هو، سو سنڌ ۾ ڪنهن به طرح جڙ پڪڙي نه سگهيو. جيتوڻيڪ برهمڻ، جيڪي “ورڻ” سسٽم ۾ سڀ کان اوچي ذات جا سمجهيا ويندا هئا ۽ ڌرمي لحاظ کان سندن مان تمام وڏو هو، پر سنڌ ۾ اهي سنڌي سماج جو هڪ جهڙو حصو ٿي رهيا. ايڇ.ٽي. لئمبرڪ، جيڪو انگريزن جي طرفان سنڌ جو ڪمشنر ٿي رهيو ۽ جنهن “سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ” (Sindh Before the Muslim Conquest) نالي ڪتاب لکيو، تنهن جو چوڻ آهي ته برهمڻن جي اثر ڪري سنڌ هميشه ڌارين جي ڪاهُن جو مقابلو ڪيو.
    برهمڻ جي اُسرڻ جي مشهور ڊگهي منظوم ڪهاڻي مهاڀارت ۾ ملي ٿي. ڪورون جي “دشالا” جڏهن پنهنجي قوم ۾ اخلاقي ڪمزوريون ڏٺيون، تڏهن دريوڌن کي وينتي ڪيائين ته ڪي برهمڻ ڏياري موڪل جيڪي ماڻهن کي سڌي راهه ٻڌائن. ديوڌن عرض اگهايو ۽ ڏهه هزار برهمڻ ڏياري موڪليائين. انهن مان ڪي جيڪي سنڌ ۾ آيا، سي ڌرمي ڪمن ۾ لڳي ويا ۽ پوڄا پاٺ ۽ ٻيون رسمون ادا ڪرڻ لڳا ۽ ڪي وري راجائن جا صلاحڪار بڻجي ويٺا. پر هو گهڻو تڻو شهرن ۾ رهيا.
    جيڪي ٿورا برهمڻ سنڌي ڪميونٽيءَ ۾ نظر اچن ٿا، سي تازو سنڌ ۾ آيا آهن. انهن ويچارن کي ته سنسڪرت جي به پوري ڄاڻ ڪانه هئي، جتي هندستان جي ٻين حصن جا برهمڻ سنسڪرت جا وڏا ڄاڻو آهن. سنڌي برهمڻن کي ٿورا شلوڪ ياد هوندا هئا، جيڪي ڌرمي رسمن وقت اُچاريندا هئا. هنن جو ڪارج فقط اهو ئي هو ته ضرورت آهر ڪي رسمون پوريون ڪجن، پر هو سنڌ ۾ ڪڏهن به وڏي طاقت ٿي ڪونه اُڀريا.
    ڌارين جي ڪاهن مان هڪڙو فائدو اهو نڪتو ته سنڌي واپارين کي مختلف قومن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو سٺو موقعو مليو. اهڙي طرح هو پرڏيهه جو سفر به ڪرڻ لڳا، ۽ منجهانئن ڪي ته ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيڻ لڳا. سنڌي سوداگر نائين صدي عيسوي کان عربي نار جي ايراني پاسي آباد ٿيڻ لڳا هئا. هنن جو واپار عمان، يمن ۽ ان کان به اڳتي ڳاڙهي سمنڊ تائين ڦهليل هو.
    نئين دور جي لڏ پلاڻ 15 صدي عيسوي ڌاري ٿي، جڏهن ٺٽي (لاڙ) جي سوداگرن، ڀاٽين عمان سان سڌو سنئون واپار شروع ڪري ڏنو. ان کان پوءِ سنڌ جي ٻين حصن مان پڻ واپاري عمان سان واپاري ناتن ۾ شريڪ ٿي ويا. ڪڇ جا ڀاٽيا ۽ حيدرآباد جا کوجا به پٺتي ڪين رهيا.
    سنڌي واپاري روايتي طور سامونڊي رستو اختيار ڪندا هئا، پر مغلن جي دور ۾ هنن خشڪي رستي پڻ واپار جي شروعات ڪئي. 18 صدي عيسوي جي وچ ڌاري اپر سنڌ جي ننڍڙي شهر شڪارپور مان باقاعدي رٿابنديءَ هيٺ لڏ پلاڻ ٿيڻ لڳي. اٽڪل هڪ سؤ سال پوءِ حيدرآباد، جيڪو ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو (1843ع _1783ع)، ان به شڪارپور جي پوئواري ڪئي ۽ هتان جا ماڻهو به واپار سانگي پرڏيهه وڃڻ لڳا. اهي ٻه صديون سنڌ جي اتهاس ۾ ڏاڍيون اهم آهن: واپاري لڏ پلاڻ جي ناتي سان ۽ واپار جي نوعيت سان به.
    شڪارپوري پئسي ڏوڪڙ جي لين دين ۾ هوشيار هئا. سندن مشهوري بئنڪرن جي حيثيت سان تمام گهڻي هئي. ڏوڪڙ هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ جلد پڄائڻ لاءِ هنن “هنڊي” جو رواج وڌو. ان سسٽم هيٺ اعتبار تي واپاري پنهنجي رقم ڏيهه پرڏيهه ۾ جلد کان جلد موڪلي سگهندا هئا. هيءُ سسٽم ان دور ۾ وجود ۾ آيو جڏهن آمدورفت جو ٻيو ڪو خاطر خواهه وسيلو ڪونه هو، سواءِ نجي ٽپالين جي. شڪارپورين جي ناڻي جي معاملن ۾ ڏاهپ ۽ رٿابنديءَ جي شهرت هنڌين ماڳين ڦهليل هئي. 18 ۽ 19 صدي عيسوي ۾ سندن مهارت کين روس جهڙي دور دراز ملڪ تائين پهچائي ڇڏيو. هنڊي رستي رقمن جي ڏي وٺ جو طريقو، جيڪو هنن پاڻ جوڙيو هو، سو دنيا ۾ ايڏو ته مقبول ٿيو جو روسي وچ ايشيا ۾ آخرڪار هو پير پختا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    هنڊي جو سسٽم انهن واپارين، سوداگرن ۽ مسافرن لاءِ رحمت ثابت ٿيو، جيڪي اڻانگن رستن ۽ خوفناڪ علائقن مان لنگهندا هئا. خاص ڪري وچ ايشيا جا علائقا، جيڪي امن جي لحاظ کان سلامتي وارا نه سمجهيا ويندا هئا. هُنڊي جي ڪري واپارين کي رقم پاڻ سان گڏ کڻڻي نه پوندي هئي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو افغانستان جي قنڌار شهر کان سينٽر (وچ) ايشيا جي ڪنهن شهر ڏانهن سفر ڪرڻ گهرندو هو ته هو هُنڊي رستي پنهنجا پئسا اڳواٽ قنڌار ۾ جمع ڪرائي، اُها ساڳي رقم پنهنجي منزل تي وڃي وصول ڪندو هو.
    سنڌي بئنڪرن جي هاڪَ ايڏي ته ڦهلجي ويئي جو هو روسي بئنڪرن جي لاءِ “وچئين ماڻهوءَ” جو رول ادا ڪرڻ لڳا. هو بئنڪرن کان قرض وٺندا هئا ۽ ساڳي رقم ٻيهر هارين ۽ زميندارن کي قرض تي ڏيندا هئا. هو چين جي سنڪيانگ صوبي ۽ ڏکڻ ايران ۾ به ناتي سان ڇانيل هئا. ساڳي طرح هو 1917ع جي روسي انقلاب اچڻ تائين وچ ايشيا ۾ هڪ مضبوط طاقت بنيا رهيا. روسي انقلاب کان پوءِ ملڪي حالتون بگڙي ويون ۽ سياسي ڀونچال اچي ويو. اها صورتحال ڏسي هو هندستان موٽي آيا ۽ هتي اچي ڪامياب بئنڪرن طور ٻيهر ڪم شروع ڪيائون. انڊيا ۾ شروعاتي مرحلي ۾ هنن پنهنجا مضبوط ٺڪاڻا بمبئي ۽ مدراس ۾ قائم ڪيا ۽ پوءِ جڏهن پاڻ ڀرا ٿيا، تڏهن پنهنجو ڪم برما ۽ سيلون تائين وڌائي ڇڏيائون. هاڻي هندستاني معيشت جي ڦهلاءَ کي نظر ۾ رکندي، هنن پنهنجي ڌنڌي کي پڻ گهڻ رخو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح وقت جي للڪارن جو وڏي همٿ ۽ هوشياريءَ سان مقابلو ڪري رهيا آهن.
    هڪ طرف شڪارپورين پنهنجي لاجواب بئنڪنگ واري ذهن طور نالو ڪمايو ته ٻئي طرف وري حيدرآبادي سنڌين واپار ۾ وڏو مانُ حاصل ڪيو. سندن ڪاميابيءَ جو راز اهي گُڻ هئا، جيڪي هنن پنهنجن وڏڙن جي تجربي مان سکيا هئا. سنڌ ورڪي (حيدرآباد جا واپاري) پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به وڏي ۾ وڏو جوکو کڻڻ تي هريل هئا. انهن ڏينهن ۾ مسافري ڪرڻ وڏي جوکي جو ڪم هوندو هو. سفر ڪرڻ اڻانگو به هوندو هو. اڄڪلهه جيتريون سهوليتون به ڪونه هيون. سنڌ ورڪي انهن حالتن هيٺ پرڏيهه جا سفر ڪري ڪپڙي توڙي ٻين قيمتي شين جو واپار ڪندا هئا. هو اڪثر ٻه ٻه سال يا اڃا به وڌيڪ وقت وطن کان پري رهندا هئا. جڏهن موٽندا هئا ته ٿورا ڏينهن ٻارن ٻچن سان گذاري وري ٻيهر سفر جا سانباها ڪندا هئا. عورتون ساڻ وٺي وڃڻ اوکو ڪم هو، انڪري محدود مدت لاءِ ويندا هئا ۽ پئسا ڪمائي واپس ورندا هئا ته جيئن گهر وارا سکيا ڏينهن گذاري سگهن.
    ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي
    پاسا مَٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
    وڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.
    هنن جي محنت ۽ مهارت جو اندازو اُن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن مصر جديد سياحت (ٽوئرزم) جو مرڪز بڻيو ۽ سڄي دنيا کان ماڻهو مصر گهمڻ ۽ اُتان جون انوکيون شيون خريد ڪرڻ اچڻ لڳا، تڏهن اسان جا سنڌ ورڪي سنڌي هٿ جا هنر ۽ ٻيون قيمتي شيون ساڻ کڻي وڃي اتي وڪڻي ايندا هئا. هنن تڪڙ تڪڙ ۾ پاڻي جي ڪناري وارن رستن تي پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا، جن ۾ وڻندڙ ۽ نرالو وکر سَٿي، سياحن جو رخ پاڻ ڏانهن موڙي ڇڏيائون. مارڪيٽنگ ته قدرتي ڏات هئي جا ڌڻيءَ کين ڄائي ڄم کان ڏئي ڇڏي هئي. سامان وڪرو ڪيئن ڪجي، سو ته ڪو کانئن سکي. ڪيترا سنڌ ورڪي ڪرنسي جي مٽا سٽا وارو ڌنڌو به ڪندا هئا ۽ ان مان لکَ ميڙيائون.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جي لاکيڻي لال، سنڌ ورڪين ۽ سندن ڪٽنبن جي باري ۾ سر سامونڊي ۽ سر سري راڳ ۾ دل کي ڇهندڙ بيت چيا آهن. سُر سري راڳ ۾ چوي ٿو:
    ماءِ! وِلاتي موٽيا، ٿا تڙين تنوارين،
    وايون وَڻجارن جون، جيءَ کي جيارين،
    کليو کيڪارين، جنين سيڻ سلامت آئيا.
    سُر سامونڊي جو بيت آهي:
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
    اٺ ئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو.
    انتظار جي ڪيفيت اجهو هيئنءَ ٿو بيان ڪري:
    وائنٽيون ٿيون وڙڪن، اڃا سِڙهه نه پڌرا،
    سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا.
    سر سامونڊي ۾ شاهه سائين انهن ونين جي ڏک، پيرا ۽ بيتابيءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني چٽيو آهي، جن کي سندن سنڌورڪي وَرَ پٺتي ڇڏي، پاڻ ڏيساور ڪمائڻ لاءِ هليا ويندا هئا.
    سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
    روئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن،
    مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
    انتظار ۽ اوسيئڙي جون گهڙيون ان پل کان شروع ٿينديون هيون، جڏهن ڀوريءَ جو ڀتار، در جي چانئٺ ٽپي پرڏيهه اسهندو هو. ويچاري ڳڻتين ماري، دريا شاهه جي ڪپ، گيهه جا ڏيا ٻاري باسون باسيندي هئي، لڙڪ لاڙيندي هئي، ٻيهر ملڻ لاءِ واجهه وجهندي هئي ۽ دور ويل ساٿي جي سلامتي لاءِ ڌڻي در دعائون پنندي هئي.
    سَرَ نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
    ويچاري وياڪل عورت، اڪيلي ۽ اٻالي، دل جو درد دل ۾ سانڍي، من جي مانڌاڻ شانت ڪرڻ لاءِ لکين جتن ڪندي هئي. پاڻ کي پاڻ آٿت ڏيندي هئي. هر هڏڪيءَ کي پرين جو سنديسو سمجهي، سوچ جي ساگر ۾ گم ٿي ويندي هئي. دل ۾ پڪو پهه ڪندي هئي ته هيڪر مون وٽ موٽي اچي ته ٻيهر پاڻ کان پري وڃڻ نه ڏينديمانس. جهيڙينديسانس، روسامو ڪنديمانس. ايلاز منٿون آزيون نيزاريون پيرن جا پلاند، پيار جو واسطو:
    آيل ڍولي ساڻ، جي اچي ته جهيڙيان!
    لايئه ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئي ٿورڙا.
    کيس ڄاڻ آهي ته سندس گهوٽ جڏهن گهر ورندو ته هن لاءِ سون، چاندي ۽ هيرن جواهرن جا تحفا ۽ سوکڙيون پاکڙيون پڻ ضرور آڻيندو. پر کيس نه زر سان چاهه نه زيور جي تمنا آهي. کيس گهرجي ته فقط ۽ فقط پنهنجو پيار گهرجي. جدائي جون ڊگهيون راتيون هاڻ کانئس اڪيلي سر گهاريون نٿيون پُڄن. اوسيئڙي جا پل مٿس وَرهيه بنجي ورن ٿا، انتظار ۽ اوجاڳا سندس جوڀن ۽ جوانيءَ کي جوالا جيئن جلائن ٿا. هوءَ سکين سهيلين کي صلاح ٿي ڏئي ته ڀلجي به ڪنهن سنڌورڪي کي جيون ساٿي نه بنائجو، جيڪو لنڪا جي سون لاءِ سودائي هجي ۽ پيارل جي پريم کان اڻڄاڻ.
    ۽ آخرڪار جڏهن سڪ جي ڇڪ سڄڻ کي ٻيهر وطن جا وڻ ڏيکاري ٿي ۽ آسائتن جي آس پُڄي ٿي ۽ محبتي ملن ٿا، تڏهن خوشيون خوشبو بنجي هر سو ڦهلجي وڃن ٿيون ۽ ٽهڪن جا ٽانگر ٽڙن ٿا ۽ مرڪن جون مُکڙيون مهڪن ٿيون، پر اها خوشي، اهي ٽهڪ اها مرڪ دائمي ناهن، ڏياري گذرندي ئي وڻجارو ٻيهر وڃڻ جي وائي ڪري ٿو. هلڻ هارو سپرين روئڻ سان به نٿو رهي، سامونڊي سڱ ئي اهڙو آهي ڪالهه ۽ اڄ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي. سنڌي سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪا آهن ۽ سندن ضرورت هر هنڌ محسوس ڪئي ٿي وڃي، دنيا جي معيشت ۾ سنڌين جو وڏو هٿ آهي، ٻن مهاباري لڙاين جي وچ ۾ اهي سنڌي ئي هئا، جن ٽيڪسٽائل جي مارڪيٽ کي هٿي ڏني ۽ سمورو ڪاروبار پنهنجي ڪلهن تي کنيو، هنن اڪيلي سر جپاني شين، خاص ڪري ڪپڙي ۽ اليڪٽرانڪس کي پوري دنيا ۾ ته واقفيت ڏياري ۽ کين وڪري ڪرڻ ۾ مدد ڏني، پر ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ اولهه آفريڪا ۾ جپاني پيداوار جي خاص طور مارڪيٽ ڪرڻ صرف سنڌين جو ئي ڪم هو.
    اهڙي طرح سنڌين نه رڳو بي انتها ڌن ڪمايو، پر گڏوگڏ ناڻي توڻي وڪري جي تجربي سان پڻ مالا مال ٿي پيا. هنن پنهنجيون روايتون ڪونه وساريون آهن. ڌنڌي توڙي اڪائونٽنگ جا طريقا ساڳيا رکيا اٿن. پر نئين زماني جي نين ضرورتن ۽ تقاضائن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿن. وقت سان گڏ ڪلهو ڪلهي ساڻ ملائي هلڻ سنڌين جي وڏي خوبي آهي.
    *


    5. باب پنجون : درجي بندي

    اوهين نوان ملڪ لهي نه سگهندا،
    جيسين ڪناري کان دور نه ٿيندا.
    اينڊري گڊ

    اسان مختلف ناهيون، پر اسان مختلف آهيون ۽ ان فرق ۾ اڻ لکو فرق آهي. مان مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته گهڻن رُخن کان سنڌي هندو جدا درجي جا ماڻهو آهن، پر جدا ملڪن جا ناهن. هندو ڌرم سان واسطو ضرور اٿن، پر ذات پات جو متڀيد رکي نه ڄاڻن. ائين ٿو لڳي ڄڻ هنن هندستان جي سڀني ڌرمن جون سڀ سُٺيون ڳالهيون چونڊي کنيون آهن ۽ کين ڪاڙهي، ٺاري، ڇاڻي، صاف ڪري. سندن جوهر پاڻ وٽ رکيو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر هندوسماج جي نس نس ۾ سمايل اوچ نيچ واري درجيبندي سنڌي سماج جو حصو بڻجي ڇو نه سگهي؟ سنڌين جي اها ڪهڙي خاص سوچ آهي، جنهن کين هندو سماج جي ان اهم ذهنيت کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان ننڍي کنڊ جي تاريخ تي ايڏا بُرا اثر پيا. ڳالهه ڏسڻ ۾ ته ننڍڙي ٿي اچي، پر ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن آئيندي جا تاريخ نويس باخبر رهن،
    ڇا اها واپاري ذهنيت آهي، جنهن ۾ ڪاروبار ڪندڙ سڀني کي هڪ نظر سان ڏسندو آهي ۽ ڪنهن کي ننڍي وڏي يا گهٽ وڌ جي آڌار تي نظرانداز نه ڪري سگهندو آهي؟ يا وري ڪشاده دلي آهي، جنهن سبب ذات پات جي آڌار تي ٿيندڙ ڏاڍايون ڏکوئيندڙ ٿيون لڳن ۽ ڪيترا ئي لائق ماڻهو اوتري عزت نٿا پائي سگهن، جيتري عزت هو لهڻن ٿا؟ يا اڃا به اها سوچ ته اوچ نيچ جي بيڪار جهڳڙي ۾ ڪيترن ڏات ڌڻين جي ڏات زيان ٿي ٿي وڃي؟
    سنڌي بنيادي طور اجائي زيان کي پسند ڪونه ڪندا آهن. اهو اسان جي نظر ۾ پاپ آهي. اسان پئسو ڀلي ميڙيون، ٻيا ڀلي ان کي ڏيکاءُ سمجهن، پر اسان بنا ڪنهن سبب وڃائيندا يا لٽائيندا ڪجهه به ناهيون. ان ڪري اسان پنهنجي ننڍ وڏائي پاڻ ٺاهي آهي.
    ائين هرگز سمجهڻ نه گهرجي ته سنڌي سماج ڪو انساني انا يا خود غرضيءَ جهڙين جذبن کان مٿانهون آهي، جنهن سبب انسانن ۾ وٿيون ۽ ويريون پيدا ٿينديون آهن. ڪنهن حد تائين سنڌين ۾ سماجي درجي بندي هوندي هئي. جيتوڻيڪ اها ذاتين جي بنياد تي ڪونه هئي، پر تڏهن به اهڙي سماجي اڻ برابري ضرور هئي، جيڪا ساڳي ئي قوم جي ماڻهن ۾ اڪثر ڏٺي ويندي آهي. خوشقسمتيءَ سان اها اڻ برابري ان وقت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وئي، جڏهن ملڪ ورهائجي ٻه اڌ ٿيو ۽ ماڻهو هندستان يا دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. جيڪڏهن لوهاڻن کي ذات ڪري مڃيو وڃي، ته پوءِ سنڌين جي اڪثريت لوهاڻا آهن. ڀاٽيا ۽ کتري به واپاري ذاتيون آهن، پر اهي به لوهاڻن کان مختلف ناهن. دراصل گڏيل شادين ۽ مٽين مائٽين سبب قومون ۽ ذاتيون رشتيداري جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي ويون آهن.
    لوهاڻا کلئي ليکي ٻن حصن ۾ ورهايل هئا، هڪڙا عامل ۽ ٻيا ڀائبند. اها ورهاست ڪا تمام پراڻي ڪانهي. ڌنڌي يا ڌرمي اعتقاد تي ٻڌل آهي. سنڌ فقط ڪي صديون اڳ جا آهن. اورنگزيب جي دور ۾ 1670ع ڌاري ڪيترائي هندو اتر هندستان کان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ڪڇ، ملتان ۽ گجرات مان به ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا. ٻاهران آيل انهن ماڻهن مان ڪافي تعداد ۾ خاندان سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ خداآباد ۾ رهي پيا ۽ واپار، هٿ جي هنر ۽ ٻين ڌنڌن ۾ سرگرم ٿي ويا. ٿوري ئي وقت اندر هنن پاڻ کي هڪ ڪامياب قوم ثابت ڪري ڏيکاريو. جڏهن مغلن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن کين صوبي جو وهنوار هلائڻ لاءِ پڙهيل لکيل ۽ تجربيڪار ماڻهن جي ضرورت پئي، سو هنن لڏي آيل هنرمند ۽ ڪاروباري هندن مان لائق ماڻهو چونڊي کين مکيه انتظامي عهدن تي رکيو. اهڙن هندن کي چوندا هئا عملدار. اهو نالو اڳتي هلي عامل ٿي پيو. عامل لفظ عمل مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪو ڪم ڪرڻ يا حڪم مڃڻ. اهڙي طرح حاڪمن جو حڪم مڃڻ ۽ مٿس عمل ڪرڻ وارا ٿيا عامل. هاڻي سنڌي هندو اڳ ئي واپاري ناتي سان ڪافي ناڻو ۽ نالو ڪمائي چڪا هئا. مٿان ملين سرڪاري عملداري. ان ته هيڪاري سندن اهميت مضبوط ڪري ڇڏي. مسلمان حاڪم پنهنجن عاملن کي چڱا انعام اڪرام ڏيندا هئا ۽ ايڪڙن جا ايڪڙ زمين پڻ سوکڙي طور عنايت ڪندا هئا. ان حوالي سان هُو زميندار ۽ جاگيردار به ٿي پيا. حاڪمن سان ويجهڙائي جي ڪري سندن عزت ۽ اهميت ۾ به واڌارو ٿيو. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري هو پاڻ کي مٿانهين ڪلاس ۾ شمار ڪرڻ لڳا.
    مغلن ڪجهه عرصي کان پوءِ آهستي آهستي سنڌ جو انتظام ڪلهوڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو. شروع ۾ ڪلهوڙا مغلن جي طرفان علائقي تي گورنر جي حيثيت ۾ انتظام هلائڻ لڳا، پر پوءِ اڳتي هلي هنن مغلن سان بغاوت ڪئي ۽ پاڻ حاڪم بنجي ويهي رهيا. ڪلهوڙن پڻ عاملن کي پنهنجن عهدن تي قائم رکيو، خاص ڪري ڍل ۽ محصول جي اوڳاڙڻ جو ڪم سندن حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته کين اُن ڪم جو تجربو ته هوئي، مٿان وري حساب ڪتاب جا هئا پڪا. اهڙي طرح، ڪلهوڙن جي دور ۾ به سندن اهميت وڌي ۽ هو سنڌي سماج تي پوريءَ ريت ڇانئجي ويا.
    جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته هڪ دفعو وري عاملن کي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جهڙن وڏن عهدن تي رکي انتظامي ڪم سندن حوالي ڪيو ويو. سبب ساڳيو ئي هو ته هو تجربيڪار هئا ۽ پڙهيل ڳڙهيل هئا.
    انگريزن جي ويجهو هئڻ ڪري، منجهانئن گهڻن انگريزن جهڙي رهڻي ڪهڻي، اُٿ ويهه، کائڻ پيئڻ ۽ هلت چلت اختيار ڪئي.
    خوشحالي ڇا آئي، عامل ويا پاڻ ۾ وڌيڪ ورهائبا. سنڌ جي گادي خدا آباد جا عامل پاڻ کي ٻين عاملن کان اُتم سمجهڻ لڳا. خاص ڪري حيدرآباد ۾ اهو تفاوت کليو کلايو محسوس ٿيڻ لڳو. هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو خدا آبادي عامل غير خدا آبادي عالمن منجهان شادي ڪرڻ کي به عيب سمجهڻ لڳا. حيدرآباد کان ٻاهر، لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪائي عامل وري پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ معتبر سمجهڻ لڳا.
    19 صدي عيسوي ۾ عامل لوهاڻا قوم جو اٽڪل 15 سيڪڙو کن هئا، هو ايترا ته طاقتور ٿي ويا جو پاڻ کي ڀائيبندن کان جدا هڪ الڳ قوم سمجهڻ لڳا، جيتوڻيڪ ٻئي لوهاڻن جون شاخون هيون. اها وٿي گڏيل شادين تي پڻ اثر انداز ٿيڻ لڳي. عامل مرد ڀائيبندن ۾ پرڻائڻ کان ڪترائيندا هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر عامل پنهنجا جدا پاڙا ٺاهي، ڀائيبندن کان الڳ رهڻ لڳا. اها دوري خدا آباد جي ڦٽڻ ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ٺهڻ کان پوءِ به قائم رهي.
    ڀائيبند يعني ڀائرن جو ٽولو، ڪاروباري ماڻهو هئا. سندن ڪرت صرف واپار ۽ ڌنڌو ڪرڻ هئي. هو وڏي همٿ وارا ماڻهو هئا، جيڪي هر قسم جو جوکو سر تي کڻي، سفر سٽي، دنيا جي دور دراز ملڪن ۾ پهچي، پنهنجو واپار ڄمائيندا هئا. پئسو ڪمائيندا هئا ۽ اهو ئي پئسو سنڌ ۾ آڻي سُکي زندگي گذاريندا هئا ۽ محلاتن جهڙن بنگلن ۾ رهندا هئا. پر پنهنجي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو ڌار ڪري، ڌرمائو ڪم به ڪندا هئا. عام ماڻهن جي سک لاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتالون ۽ ڌرمشالائون جوڙائيندا هئا. دان ڪرڻ ۾ مُٺ هميشه کُلي رکندا هئا.
    عاملن وانگر ڀائيبند به ننڍ وڏائي کان آجا ڪونه هئا. سماج ۾ سندن رتبو به سندن ڌنڌي ۽ دولت جي حساب سان جُڙندو هو. جن وٽ وڏيون ڪوٺيون هونديون هيون، بيٺل دفتر هئا يا وري جيڪي اناج، جنسن يا روزاني کپت جي شين جا وڏا واپاري هئا، تن کي سماج ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ننڍڙا دوڪاندار، وياج خور ۽ ڳوٺاڻا ڀلاوڻا، جن کي هٽ واڻيا سڏبو هو، سي سماج ۾ هيٺين جاءِ والاريندا هئا. سنڌ ورڪي اهي ڀائيبند هئا، جيڪي شروعات کان ئي ڪپڙي ۽ هٿ جي هنر جو واپار ڪندا هئا ۽ حيدرآباد جا رهاڪو هئا. انهن کي سٺي سماجي حيثيت حاصل هئي.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌورڪين پنهنجي ڪاروبار جو ڄار مضبوطيءَ سان پوري دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيو. وڏي هوشياري کان ڪم وٺندي هنن پنهنجن ڀائرن ۽ سوٽن کي ڌار ڌار ملڪن ۾ ڪوٺيون کولي ڏنيون. اهڙي ريت هو هانگ ڪانگ کان اسپين، فلپائينس کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا، ۽ جپان کان ويٽنام تائين پکڙجي ويا. انهن ملڪن جي وڌندڙ گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌورڪين گهرو ضرورت جي شين ۾ هٿ وڌو ۽ خوب ناڻو ڪمايو. شڪارپور جا ڀائيبند وري پنهنجين بئنڪنگ جي خوبين سبب هڪ ڌار مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    هندستان جي ورهاڱي ۽ سنڌي هندن جي ڀارت روانگيءَ سنڌين مان اها ٿوري گهڻي درجيبندي به ختم ڪري ڇڏي. عاملن جي سنڌ ۾ وڏي لئه هئي. تعليم ۽ سرڪاري عهدن سبب هو ڪنهن تي فلڪ به نه آڻيندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ نه سندن رتبو رهيو نه روزگار. هندستان پهتا ته پاڻ کي رفيوجي ڪئمپن ۾ ڏٺائون. پئسو ڏوڪڙ ته هو اڳ ئي سنڌ ۾ ڇڏي آيا هئا. ويچارن وٽ سواءِ تعليم ۽ تجربي جي ٻيو ڪو سرمايو نه رهيو. ان حوالي سان ڀائيبندن کي ڪجهه سرسي حاصل هئي، ڇو ته هنن پنهنجن واپاري ناتن سبب سنڌ کان ٻاهر پئسو ڏوڪڙ ڪاروبار ۾ اڳواٽ ئي سيڙايو هو. هاڻي اها سيڙپ هن ڏکئي وقت ۾ سندن ڪم آئي ۽ هنن ان سهاري تي هندستان توڙي ٻاهرينءَ دنيا ۾ نئين زندگي جي شروعات ڪئي. شرنار ٿي ڪئمپن جي زندگي سڀني آيلن جي لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ تجربو هئي. اهڙي تڪليف واري حياتيءَ ۾ عاملن ۽ ڀائيبندن جي وچ وارو سَنڌو مٽجي ويو. موقعي جو فائدي وٺي ڪيترن ماڻهن پاڻ کي عامل سڏائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ پنهنجي سماجي حيثيت مٿانهين ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذات منجهان سندس خاندان ۽ بُڻ بنياد جو پتو هڪدم پئجي ويندو هو، پر هتي ته قصو ئي ٽيون ٿي پيو.
    ڪئمپن جي ڏکي زندگي، نئون ملڪ، پئسي پنجڙ جي تنگي، سڀ اهنج اچي هڪ ئي وقت جهوليءَ ۾ ڪريا، پر سنڌين همت نه هاري. توڪل جو ترهو ٻڌي گهيڙ ۾ گهڙي پيا. آزمائش کي مڙس ٿي مُنهن ڏنائون. ڏکن کي سکن جو سڏ سمجهي اڳي کان اڳرا ٿي بيٺا. سندن ثابت قدميءَ کين آهستي آهستي پير کوڙڻ جي قابل بنايو. تاريخ کولي ڏسو، توهان کي هر دور ۾ سنڌين جا اهي ڪارناما نظر ايندا جن ۾ هنن پنهنجي همٿ، جرئت، جوان مردي ۽ هنر ذريعي پاڻ کي ماري مڃايو آهي. مرد ته مرد آهن، سنڌي عورتن به اڻانگن وقتن ۾ پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مردن کان گهٽ ويڙهاند ڪانه ڪئي آهي. 1800ع سن کان پوءِ جا انڊين قانوني دستاويز سنڌي عورت جي اٽل ارادي ۽ اجهل جذبي تي ڪافي روشني وجهن ٿا. ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون هيون، جن کي اڪيلي سر حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڇو ته سندن ڪٽنب جا گهر ڀاڱي مرد پرديس ۾ روزگار سانگي هليا ويندا هئا. نوجوان ڇوڪريون ڀائرن جي جدائي ان ڪري برداشت ڪنديون هيون، جو اهي ڀيڻ جي ڏاج لاءِ پرڏيهه وڃي قسمت آزمائيندا هئا.
    اهي نوجوان عورتون، جن ۾ ڪيتريون بي اولاد هونديون هيون، اڪيليون رهنديون هيون، ڇاڪاڻ ته سندن مرد ملڪ کان ٻاهر هوندا هئا. هنن جو گذر سفر انهن پئسن تي ٿيندو هو، جيڪي پرڏيهه مان سندن مرد کين موڪليندا رهندا هئا. اهي پئسا ڪڏهن وقت سر نه ملندا هئا. جي ملندا هئا ته ايترا نه جو گهرجو خرچ پورو ٿي سگهي. ان زماني ۾ اڄ جيان تڪڙا ذريعا به ڪونه هئا جو پئسا جلد ملي سگهن. پر پوءِ به ويچاريون جيئن تيئن ڪري گذران ڪنديون هيون.
    بد نصيبيءَ سان جيڪڏهن ڪو ڪمائڻ وارو ملڪ کان ٻاهر لاڏاڻو ڪري ويندو هو ته سندس گهر واري بي سهاري رهجي ويندي هئي. وٽس ڪجهه به باقي نه رهندو هو، جنهن جي آڌار تي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاري سگهي. مٿان وري مصيبت اها جو کين پنهنجن گهروارن جي پرڏيهه ۾ ڪيل سيڙپ ۽ ماڻهن ڏانهن رهيل قرض پکا موٽائي وٺڻ ۾ ڏاڍيون دشواريون سهڻيون پونديون هيون.
    اڳئين زماني جي ته ڳالهه ڇڏيو، اڄ به اهڙي رقم ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ڳالهين کان سواءِ ڪيترن ئي پيچيدن قانوني مرحلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون سامهون رکي سوچيو ته اڳ جڏهن قانوني روايتون ايتريون مضبوط نه هيون ۽ لکپڙهه، ٽپال توڙي ٽيليفون وغيره جو سرشتو ايڏو ڪارگر نه هو، تڏهن ويچارين انهن زائفائن کي ڪيترا نه ڏک ۽ ڏوجهرا ڏسڻا پوندا هوندا.
    بهرحال، سنڌي عورتون ايتريون ڪمزور نه هيون. ظالم تقدير جي آڏو هنن جهڪڻ سکيو ئي نه هو ۽ نه ئي وري آساني سان هار مڃڻ سکي هئائون. هو پنهنجن حقن لاءِ وڙهي ڄاڻنديون هيون، پوءِ کڻي اڳيان ڪير به هجي. هڪ سؤ سال اڳ سنڌي عورتن پنهنجا حق ۽ ورهاست ۾ حصو گهرڻ لاءِ جيڪي سرڪاري ڪامورن ۽ ٻين اختيار اورن کي خط لکيا هئا، سي پڙهڻ کان پوءِ پروڙ ٿي پوي ته سنڌي عورتون ڪيتريون نه خود مختار، ڪيتريون بي ڊپيون ۽ ڪيتريون قانوني ويڙهاڪ هيون.
    شريمتي ايسر ٻائيءَ جو ڪيس مثال طور ئي کڻي وٺو. عمر هيس 38 سال ۽ وڌوا هئي. سندس گهروارو، نندومل، وچ ايشيا ۾ بخارا جي ڪنهن ننڍي شهر ۾ يارهن سالن کان ڪم ڪندو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو ويچارو نندو مل اوچتو ئي اوچتو پرديس ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن نندومل وطن ڇڏي بخارا پئي ويو، تڏهن پويان ٻه ننڍڙيون نياڻيون ۽ پنهنجي پتني ان آس تي ڇڏي ويو ته هو کين پنهنجي ڪمائي مان رقم موڪلي پيو ڏيندو ته جيئن هو آرام سان گذر بسر ڪري سگهن. شريمتي ايسر ٻائي جي آمدنيءَ جو اُن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه هو. ان ڪري جڏهن کيس نندومل جي موت جي خبر پئي تڏهن هن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. نه گهر ۾ پئسو نه ڏوڪڙ ۽ نه وري آئندي جي آمدني جو آسرو ئي رهيس. جيڪڏهن ڪا اميد نظر آيس ته اها ته مڙس جي ڇڏيل جيڪا به رقم هجي، اها ڪنهن به ريت گهرائي وٺان. اهو خود سندس توڙي ٻنهي ٻارڙين جي زندگي جو سوال هو.
    ايسر ٻائي ٽي سال سانده انتظار ڪيو ته جيئن سندس گهرواري جي ڪمپنيءَ جا مالڪ ڪو جواب ڏين. آخرڪار جڏهن سندن جواب آيو ته ويچاري وڌوا جي اميدن تي پالي ڦري ويو. مالڪن رهت جا سمورا 3550 روپيا پورا ڪونه موڪليا هئا. ايسرٻائي سڀ ڪاغذ پٽ گڏ ڪري شڪارپور جي ڪليڪٽر ڏانهن موڪليا ۽ درخواست پڻ ڪئي ته منهنجو حق ڏيارڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه 1899ع جي آهي.
    مائيءَ جيڪا درخواست لکي هئي، سا پڙهڻ وٽان آهي. مقابلي جو جذبو ۽ حالتن هٿان هار نه مڃڻ جو پڪو پهه سندس درخواست جا جملا هن ريت آهن، “توهان چڱي طرح سمجهي سگهو ٿا ته هن واقعي مون کي ڪيڏو نه صدمو پهچايو هوندو. منهنجي گهُر 3550 روپين جي هئي، پر مون کي ان جي ويهين پتي مس ڏني وئي آهي. اهڙي طرح منهنجو حق کسيو ويو آهي. جنهن ڏک ۽ پيڙا مان مان گذري آهيان، ان جو لفظن ۾ بيان ممڪن ناهي. جيڪڏهن توهان مون کي پنهنجي ملڪيت جو رهيل حصو موٽائي وٺي ڏيڻ ۾ مدد نه ڪندا ته منهنجي دل ٽٽي پوندي ۽ منهنجي توڙي منهنجي يتيم ٻارن لاءِ جيئڻ محال ٿي پوندو.”
    ايسر ٻائي نيٺ پنهنجي حقي رقم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ٻيو مثال به هڪ وڌوا ڀاڳي ٻائيءَ جو آهي.
    هوءَ به پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ وڏين تڪليفن ۾ اچي وئي. 1909ع ۾ هن سکر جي ڪليڪٽر کي درخواست ڏني جنهن ۾ عرض ڪيائين ته سندس گهرواري جي ڇڏيل رقم کيس ڏيارڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي. لکيائين، “پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ مان وڏي مالي مشڪل ۾ اچي وئي آهيان. ٻه ڌيئر ساڻ اٿم. انهن جو بار به منهنجن ڪلهن تي آهي. ڏڪر ۽ بک مون کي پاههُ ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي سهائتا ڪئي وڃي.” 1898ع جي هڪ ٻئي خط ۾ هڪ وڌوا ماءُ، سينٽ پيٽرسبرگ ۾ برٽش ڪونسل کي لکيو ته سندس سرڳواسي پٽ جي رهيل رقم کيس ڏياري وڃي ته جيئن هوءَ سندس آخري رسمون پوريون ڪري سگهي. لکيائين، مان هڪ ڪراڙي، لاچار، رن زال آهيان. مون پنهنجي پٽ جي هندو ڌرم موجب آخري رسمن تي چڱو موچارو خرچ ڪيوآهي. پئسو پنجڙ مون وٽ ڪونهي. قرض کڻي پورائو ڪيو اٿم. اڃا به ڪي رسمون رهيل آهن جيڪي ڪرڻ تمام ضروري آهن. منهنجي پٽ جي ملڪيت ۽ موڙي مون کي ڏياري وڃي ته جيئن مان پنهنجي پٽ ۽ خود پنهنجي آتما کي شانتي ڏياري سگهان.”
    مٿي ڏنل چند مثال صاف ظاهر ڪن ٿا ته اڄ کان سؤ سال اڳ جي غريب وچولي درجي جي سنڌي عورت ڪيتري نه پاڻ ڀري، همٿ واري ۽ بي باڪ هئي. اهي عورتون جن جا حوالا مون مٿي ڏنا آهن ۽ انهن جهڙيون ٻيون ڪئين عورتون جيڪي اهڙين حالتن مان گذريو هونديون، تن پنهنجي شان مان کي نيچو نوائڻ کان سواءِ وڏي واڪ پنهنجا حق گهري ورتا هئا. سندن مالي توڙي گهرو حالتون کڻي ڪيڏيون به خراب ڇو نه هجن، هنن حقن تي سودي بازي هرگز ڪانه ڪئي.
    هڪڙو تازو مثال دل تي تري آيو اٿم. ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، هڪڙي سنڌي عورت جو گهروارو چين ۾ گذاري ويو. مرڻ وقت سندس ڪٽنب به ساڻس گڏ چين ۾ ئي هو. وڌوا ستن ٻين گهر ڀاتين سميت هانگ ڪانگ کان ٿيندي هندستان لاءِ رواني ٿي. پر ويچاريءَ وٽ ايترو پئسو ڪونه هو جو ايترن ماڻهن جو بندوبست ڪري سگهي، ان ڪري هانگ ڪانگ ۾ انڊين ائسوسيئيشن جي وڏي ڪاڪي ڪرمچند، جيڪو مشهور ڪمپني اوڪي گدومل واٽومل سان لاڳاپيل هو، تنهن کي مدد جي اپيل ڪندي چيائين ته منهنجي واهرڪر جيئن مان ٽڪيٽون وٺي سگهان.
    ڪاڪي ڪرمچند چيس ته دلجاءِ ڪر. مان ائسوسيئيشن جي ٻين ميمبرن سان صلاح ڪري تنهنجو ڪونه ڪو بلو ضرور ڪندس. باقي اڪيلي سر ايڏو ڏوڪڙ ڪڍڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. مائي کي اها ڳالهه بنهه ڪونه وڻي ته سندس تڪليف جي خبر هر ڪنهن جي ڪَن تي پوي، ان ڪري فيصلو ڪيائين ته اسان سڀ هانگ ڪانگ ۾ ئي رهي ٿا پئون. گذر بسر لاءِ گهر ۾ کاڌو رڌي وڪڻڻ لڳي. اڄ اهو ڪٽنب هانگ ڪانگ جي امير ترين کاڌي خوراڪ پهچائڻ واري ڪمپني جو مالڪ آهي. ان ميدان ۾ اها ڪمپني هڪ قسم جي سلطنت جي حيثيت رکي ٿي، ۽ اها سلطنت هڪ بي واهيءَ، لاچار پر همٿ واريءَ عورت جي پڪي ارادي ۽ لڳاتار محنت سبب بڻي. اڄ اهو هانگ ڪانگ جو مشهور جوهري لال ڪٽنب آهي.
    مينيو (Manu)جا وسيع لاڳاپا هئا. هن جي لاڏاڻي بعد جڏهن ايثال ثواب خاطر هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي ته ان ۾ خود دبئي جي حڪمران هز هائنيس شيخ محمد بن راشد به شرڪت ڪئي هئي. مان نه ٿو سمجهان ته دبئي ۾ ڪنهن جي لاڏاڻي جي موقعي ته ان ۾ دبئي جي حڪمران خاندان جي ڪنهن فرد شرڪت ڪئي هجي. اهو دراصل، حڪمران خاندان جي فرد طرفان، مينيو جي قابليت ۽ ڏاهپ جي قبوليت جو هڪ اشارو هو. جيڪا هن دبئي جي ڪاروباري برادري ۾ رهي حاصل ڪئي هئي.
    اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن جن ۾ وڌوائن پنهنجي گهرواري جو ڪاروبار پنهنجي سنڀال هيٺ وڏي ڪاميابي سان هلايو. گهڻو ڪري حيدرآبادي عورتن اهي ڪم اڪيلي سر ۽ آزاديءَ سان سر انجام ڏنا. شايد مردن جي وڏي ۽ ڊگهي عرصي تائين کانئن پري رهڻ سبب اهي عورتون پڪيون، پختيون ۽ وڌيڪ خود مختيار ٿي وينديون هيون. جڏهن منهنجي ماءُ ننڍي ڄمار ۾ وڌوا بڻجي پئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ کيس لاچار هندستان ڏانهن لڏي اچڻو پيو ۽ پاڻ سان گڏ پنجن ٻارن جو بوجهه به سر تي سهائڻو پيو، تڏهن هن به ساڳي طرح وڏي همٿ سان حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ عزت آبروءَ سان وقت گذاري پنهنجن ٻچن کي پالي نپائي وڏو ڪيو.
    منو ڇاٻڙيا دبئي ۾ آباد، ڊالرن ۾ ڪروڙ پتي واپاري هو. هن جي ڪمپني “جمبو اليڪٽرانڪس” جي نالي سان تمام گهڻو مشهور هئي. ڪمپني ڇا هئي، اليڪٽرانڪ سامان جي ڄڻ ته تمام وڏي سلطنت هئي. منوڇاٻڙيا 2002ع سن ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو. پٺيان ڪو اهڙو مرد ماڻهو ڪونه هئس، جو سندس ايڏو وڏو ڪاروبار سنڀالي سگهي. ان ڪري اچي سوال اُٿيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ سنئون سڌو وارث موجود ڪونه هو. يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ئي ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته سرڳواسيءَ جو ڪو حقيقي وارث ڪونه هو. جن ماڻهن منوڇاٻڙيا جي آخري رسمن ۾ بمبئي ۾ حصو ورتو، تن ان ڳالهه جي ساک ڏني ته منوءَ جي ڪٽنب جي عورتن تمام گهڻي صبر ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتو. منوءَ کي ٽي ڌيئر هيون، جن مان ٻه پرڻيل هيون. سنڌي يا هندو رواج موجب، جيڪڏهن مري ويل ماڻهوءَ کي پُٽ جو اولاد نه هوندو آهي ته پوءِ ڪو ويجهي ۾ ويجهو رشتيدار فوتيءَ جون آخري رسمون پنهنجي هٿن سان ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو ويجهو مائٽ نه هوندو آهي، تڏهن به ڪنهن ڌيءَ يا ٻي عورت کي اهي رسمون ڪرڻيون نه هونديون آهن.
    منوءَ کي پٽ ته هو ئي ڪونه، ان ڪري ڪٽنب جي ڪنهن ٻئي مرد کي رسمن جي اڳواڻي ڪرڻي هئي. پر ڏسندڙن جي اچرج جي انتها نه رهي جڏهن هنن ڏٺو ته منوءَ جي ڪنواري ڌيءَ ڪرن پنهنجي پيءُ جي ارٿيءَ کي ڪلهو ڏئي شمشان گهاٽ پهتي ۽ آخري رسمون پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪرڻ بيهي رهي. مان ان ڇوڪريءَ جي جرئت تي حيران آهيان. هن صديون پراڻيءَ روايت کي ٽوڙي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. هن هڪ نئين تبديلي جو بنياد وڌو هو. هن اهو ٻڌائڻ پئي گهريو ته ڌيءَ ٿيڻ ڪو ڏوهه ته ناهي؟ هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪا ڌيءَ پيءُ جو ڪريا ڪرم ڪري ڀي ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي. مئل ماڻهوءَ جي آتما کي شانتي ڌيءَ هٿان به ملي سگهي ٿي.
    منوءَ جون سموريون ڪاروباري ذميداريون سندس گهرواريءَ وديا ڇاٻڙياخود سنڀالي ورتيون. جنهن عقل، سمجهه ۽ بهادريءَ سان وديا ڪاروبار هلائي رهي آهي، مونکي پڪ آهي ته هوءَ ان کي صحيح رُخ ۾ هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
    هڪ ٻيو واقعو به ياد ٿو اچيم. منهنجي دوست سرڳواسي ڪنهيي ڏاتواڻي دبئي ۾ ڪافي عرصو بزنيس ڪيو ۽ آخر سٺ جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري هندستان موٽي ويو. اتي هن دهليءَ ۾ هڪ بي حد ڪامياب گارمينٽ فئڪٽري قائم ڪئي. جڏهن ڪجهه سال اڳ مون اها فئڪٽري وڃي ڏٺي، تڏهن سندس وڌوا وملا ڏاتواڻي پنهنجي مڙس جو ڪاروبار هلائي رهي هئي. مڙس جي ويهڻ واري ٽيبل جي ڀرسان صوفا سيٽن تي پنهنجي آفيس ٺاهي هئائين، جتان ويهي فئڪٽري جي ڪم ڪار جو اُڪلاءُ پئي ڪيائين. ڀرسان ديوار تي ڏاتواڻي جو هڪ وڏو ڦوٽو ٽنگيل هو. وملا کان پڇيم ته مڙس جي ٽيبل ڪرسي ڇو نٿي استعمال ڪرين؟ ڏاڍي نهٺائي سان جواب ڏنائين، مان ته پرائي امانت جي رکوالي ڪري رهي آهيان. مون کي شوڀا نٿو ڏئي ته مان اُن ڪرسيءَ تي ويهان، جيڪا منهنجي گهرواري خالي ڪئي آهي. جڏهن به ڪا ڏکيائي يا ڪو مسئلو درپيش ايندو اٿم، تڏهن سندس تصوير کي ڏسندي آهيان، کانئس صلاح پُڇندي آهيان. سوال ڪندي آهيان، جواب ملندو اٿم. بس جيئن حڪم ملندو آهي، ائين ڪندي آهيان. وملا پنهنجي گهرواري جي لاڏاڻي کان پوءِ ايڏي وڏي فئڪٽري کي هلائڻ جون جوابداريون وڏي ذميداري سان نڀائي رهي آهي. اڄ هوءَ ڪامياب آهي ته فقط ان ڪري جو هن پنهنجي سوچ کي روحانيت جي فلسفي جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي.
    اسان ڏٺو ته سنڌين جي هڪ اهم خاصيت اها آهي ته هنن هندن جي ذات پات جي متڀيد جهڙي صديون پراڻي رسم کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. سنڌين جي ٻي خاصيت اها آهي ته هو ٻين جي ڌرمي اعتقادن، نظرين ۽ سوچ کي ڏاڍيءَ آسانيءَ سان نه صرف قبولي وٺندا آهن، بلڪ سندن عزت پڻ ڪندا آهن. هو ٻاهرين ڌرمي اثرن کي کليءَ دل سان پنهنجي سماج ۾ جڳهه ڏيڻ لاءِ هردم تيار هوندا آهن، جڏهن ته هندو سماج جا ٻيا طبقا ان معاملي ۾ ايترا ڪشاده دل ناهن.
    سنڌي هندن جي گهڻائي نانڪ پنٿ يا سهجداري سکن جي آهي، پر هو شيوزم ۽ وئشنازم سوچ وارن سان به ڪا ڏکيائي محسوس ڪونه ڪندا آهن. سنڌ ۾ شيوزم جا پوئلڳ گهڻي تعداد ۾ هوندا هئا. جڏهن پنجاب ۾ هندن ۽ سکن جي وچ ۾ ناراضگيون وڌي ويون، تڏهن سنڌين ٻنهي ڌرين سان پنهنجا پيار ۽ صلح جا رستا برقرار رکيا، اهو به ان ڪري جو سندن سوچ ۾ ڪٽرپڻو ڪڏهن به ڪونه آيو. ساڳي طرح اسلام سان پڻ سندن تعلقات ۽ واسطا سِڪ ۽ سانت جا رهيا. هندو ۽ سک ڌرم اختيار ڪرڻ جي باوجود، سنڌي تصوف جي روحاني رمزن ڀرئي رستي تي هلندي، سنڌي اسلام جي ويجهو پڻ پهچي ويا. سنڌ جا هندو گهڻي ڀاڱي صوفي پيرن فقيرن ۽ بزرگن جا مريد هئا. هو اڳ توڙي هاڻي شاهه عبداللطيف جهڙي صوفي شاعر کي بي انتها مان ڏيندا آهن ۽ کيس سِرَ جو سائين مڃيندا آهن. هو ساڳي عزت داتا دستگير (عبدالقادر جيلاني) کي به ڏيندا آهن، جنهن کي ‘پيران پير’ پڻ سڏيو ويندو آهي ۽ جنهن جي مزار بغداد ۾ آهي. سنڌي هندو سنڌ ۾ محرم جي موقعي تي شيعا مسلمانن سان گڏجي امامن جي ياد ۾ ماتم به ڪندا هئا ۽ پاڻيءَ جو سبيلون پڻ لڳائيندا آهن.
    *


    6. باب ڇهون : عربن سان تعلق

    ڪلچر پاڻ کي مخصوص ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري ته اهو ڪڏهن زنده رهي نه ٿو سگهي.
    مهاتما گانڌي

    منهنجي وطن جو عربن سان ويجهڙو سنٻنڌ آهي.
    سنڌ جا لاڳاپا صدين کان وٺي ٻاهرينءَ دنيا سان قائم آهن. خاص ڪري واپاري ناتا عرب دنيا توڙي گلف جي علائقن سان تمام پڪا ۽ پختا جڙيل آهن. هندستان جو ٻيو علائقو جنهن جا عرب دنيا سان قديمي رشتا تاريخي حيثيت رکن ٿا، سو آهي ملبار، جيڪو ڏکڻ هندستان ۾ آهي. پر ملبار ۽ سنڌ جي عرب سٻنڌ ۾ ڪافي فرق آهي. عرب فاتحن جي حيثيت ۾ ملبار ڪونه ويا هئا. اُتي هو واپارين جي صورت ۾ مصالحا ۽ ڪاٺ خريدڻ ويندا هئا، جيڪو پوءِ يورپ ڏانهن وڪري واسطي کڻي ويندا هئا. ملباري عربن لاءِ جهاز ۽ ٻيڙا پڻ ٺاهيندا هئا. ملبار جي حاڪمن هميشه عربن کي مهمان سمجهيو ۽ کين آباد ٿيڻ لاءِ زمين پڻ ڏني. کين اها به اجازت مليل هئي ته هو پنهنجي مذهب موجب رهن ۽ جيڪڏهن چاهين ته ڀلي پنهنجي دين جو پرچار به ڪن. ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد مَلِڪ بن دينار جي نالي سان ڪوڊنگلور (ڪيرالا اسٽيٽ) ۾ آهي. اها مسجد حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي زماني جي آهي، جڏهن ملبار ۾ اسلام جي پاڙ پختي ٿي.
    سنڌ ڇاڪاڻ ته عربي کاڙي (Arabian Gulf) جي ويجهي ۾ ويجهي سامونڊي پٽيءَ تي هئي، ان ڪري عرب اتي فاتحن جي شڪل ۾ پهتا. سندن مقصد، ٻين ڳالهين کان سواءِ ڪجهه قدر ڪاروباري به هو، جنهن ۾ سنڌ جي دولت حاصل ڪرڻ به شامل هو، ان ڪري هنن سوچيو ته سنڌ کي فتح ڪرڻ سان اسان هندستان جي ٻين بندرگاهن تائين به رسائي حاصل ڪري سگهنداسين. عربن جو پهريون سامونڊي ٻيڙو سنڌ ۾ 632ع سن ۾ پهتو. ان کان پوءِ لڳاتار ڪيترائي حملا ٿيندا رهيا. آخرڪار 711ع سن ۾ محمد بن قاسم جي ڪمان هيٺ وڏو حملو ٿيو، جنهن ۾ عربن جي جيت ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو تمام اهم واقعو هو. هندي سمنڊ ذريعي واپار جي اهم ڪڙي مسلم دنيا جو حصو بنجي وئي. اهڙي طرح سنڌ نار ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ واپاري ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا. ديبل جو بندر، جيڪو عربي سمنڊ جي ڪناري هو، تنهن کي هن دور ۾ ڏاڍي اهميت ملي، جيڪا 12 صدي عيسوي تائين قائم رهي. ديبل ان کان پوءِ پنهنجي اهميت قائم رکي نه سگهيو، ڇو ته ان ئي علائقي ۾ ٻه ٻيا بندر ٺٽو بندر ۽ لاهري بندر زور شور سان اُڀريا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گوءِ کڻي ويا. جيتوڻيڪ هندو واپاري به پٺتي ڪونه پيا، پر عرب واپارين وڏي زور شور سان هن علائقي ۾ پنهنجيون واپاري ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. 150 صدي عيسوي جي آخر ڌاري، هندو واپاري (ڀاٽيا) مسقط سان وڏيءَ واپاري لهه وچڙ ۾ اچي ويا ۽ ٺٽو ان واپار ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ٺٽي جي هندو واپارين پورچوگيز کان جهاز ڀاڙي تي ورتا ته جيئن سندن وکر کڻي مسقط وڃن، جتي هنن پنهنجا گودام ۽ ڪوٺيون قائم ڪرڻ ٿي چاهيون. ان واپار جو مکيه اسم هو ڪپڙو. ان زماني ۾ ٺٽو عمدي قسم جي ڪپهه اُپائڻ سبب ڏاڍو مشهور هو. ٺٽي جي ڇيٽ، ململ، بافتو ۽ سلڪ هٿو هٿ کڄي ويندو هو.
    سچ چيو اٿن ته دنيا ۾ هر شيءِ هميشه هڪ جهڙي رهڻي ناهي. جلد ئي هوا جو رخ بدلجي ويو. جڏهن لاڙ وارو حصو مغل سلطنت جو حصو بنيو، ٺٽو پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳو، ڇو ته هندستان جو ٻاهرين ملڪن سان واپار مغلن جي دور ۾ ٻين بندرگاهن ۽ سرحدي چوڪين وسيلي وڏي پيماني تي اڳ ئي جاري هو. هونءَ به سنڌو ندي جي پيٽ ۾ لٽ ڀرجڻ سبب ٺٽو توڙي لاهري بندر 17عيسوي صدي ۾ ان قابل نه رهيا ته منجهن ڳريون ٻيڙيون ۽ جهاز لنگر هڻي سگهن.
    ٺٽي واپاري لحاظ کان پنهنجي بندرگاهي حيثيت برابر وڃائي ڇڏي، پر اتان جي واپارين ۽ سوداگرن وڏي همٿ ۽ بلند ارادي سان پنهنجي ڌنڌي جي ساک برقرار رکي. هنن جي جاکوڙ ۽جدوجهد جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن پورچوگيز جي جهازن تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجا جهاز هٿ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. مسقط ۾ سندن واپار ٻيهر پير کوڙيا، سندن ساک وڌي، ايتري قدر جو هنن اتان جي حاڪم کان اجازت وٺي اتي هڪ مندر پڻ جوڙائي ورتو. مسقط کان پوءِ ٺٽي جي واپارين پنهنجو ڌنڌو گلف جي ٻين ملڪن تائين وڌائي ڇڏيو. پهرين بحرين ڏانهن رخ ڪيائون ۽ پوءِ جڏهن موتي ڪڍڻ فائدي وارو ڪاروبار ٿيو، تڏهن بحرين جي ڀاٽين موتين جي واپار جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو ۽ موتين جي واپارين کي وياج تي قرض ڏيڻ لڳا.
    ضروري آهي ته هن صورتحال کي چڱيءَ طرح سمجهجي، ڇو ته ا ئين ڪرڻ سان سنڌين جي سوچ ۽ گلف ۾ سندن واپاري ڪارگذارين توڙي سندن وچ واري ماڻهوءَ جي حيثيت چٽي طرح ظاهر ٿيندي. ان مان سنڌين جي جاکوڙي روايتن، منجهن لڪل دائمي واپاري رڳ، سندن تهذيب، تمدن، سڀيتا ۽ سڀاءُ ۽ سڀ کان وڌ سندن جڙن ۽ بنيادن جي ڀليءَ ڀت خبر پوندي، ڇو ته اهي ئي ماپا ۽ ماڻ، وٽَ ۽ تارازيون آهن، جن جي آڌار تي اڄ جي دؤر ۾ سنڌين ايڏو اوج ماڻيو آهي. ماڻهن ۾ اجايو خيال ويٺل آهي ته سنڌين کي هر شيءِ گهر ويٺي ملي آهي ۽ ڪاميابي سندن جهوليءَ ۾ پڪل ميوي جيان اچي ڪري آهي. اها سوچ حقيقت کان سوين ڪوهه ڏور آهي، ائين سوچڻ به سنڌين سان ڏاڍائي جي برابر ٿيندو. سنڌين پنهنجي سخت محنت، سچائي ۽ روايتن سان محبت جو ثبوت ڏيندي جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اهو هنن جو حق آهي. اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي سندن وجود جي بچاءَ ۽ بقا جو ڪارڻ بنيون آهن.
    جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته ڪنهن به قوم، نسل، قبيلي، يا عقيدي يا اڪيلي انسان لاءِ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، جيستائين کيس اها ڄاڻ ناهي ته هو ڪٿان آيو آهي. جيڪڏهن اڄ آمريڪا توڙي ٻين اهڙين قومن ۾، جيڪي اڳ غلام ڪيل ماڻهن جي ملڪن ۾ قائم ڪيون ويون آهن ۽ اهو احساس سختي سان پکڙجي رهيو آهي ته هو ڪير آهن. سندن اصل بنياد ڪهڙو آهي ۽ غلام ٿيڻ کان اڳ هو ڪهڙي ملڪ جا رهاڪو هئا ۽ پوءِ کين ڪهڙي ريت ٻين ملڪن ۾ آندو ويو آهي. ته اها قدرتي ڳالهه آهي ته هو انهن سڀني سوالن جا جواب حاصل ڪن ۽ جيستائين هو پنهنجي پاڻ کي پوريءَ ريت اطمينان نه ڏياريندا، تيسين کين سُک نصيب نه ٿيندو. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ريسرچ هڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي ۽ ان ۾ گهڙڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي اصل مقصد کان هٽي ٿو وڃي، پر منهنجي لاءِ ريسرچ تصوير ۾ وڻندڙ رنگ ڀري ٿي ۽ جيڪڏهن توهان صحيح نموني، مرحلي وار تحقيق ڪندا ته بيزار ٿيڻ بجاءِ توهان ۾ نوان اُمنگ جنم وٺندا.
    نيٺ ان سوال کان وڌيڪ ضروري ڪهڙو سوال ٿي سگهي ٿو ته مان ڪير آهيان؟ مٿي جنهن زماني جو احوال ڪيو ويو آهي، ٺٽي جي ڀاٽين کانسواءِ وچولي سنڌ جا سنڌي پڻ واپار وڙي ۾ گهڻي ڀاڱي حصو وٺندا هئا. انهن مان هڪ هو ڀوڄومل، جيڪو وچوليءَ سنڌ جي سيوهڻ پاسي جو هو. هن 1720ع ۾ هڪ تمام وڏي ڪوٺيءَ جو بنياد وڌو ۽ مسقط ۾ پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪيائين. هن ڪراچيءَ کي سمونڊي بندرگاهه بنائڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو.
    ڪلهوڙا دراصل سيد هئا، جيڪي عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ عربستان کان لڏي سنڌ ۾ آيا هئا. کين زمينداريءَ جا اختيار مليل هئا. سنڌ ۾ ان وقت زميندار زمين جو مالڪ به هوندو هو ۽ گڏوگڏ حڪمرانن لاءِ ڍل وغيره به وصول ڪندو هو ۽ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ حڪومت جي گماشتي طور ڪم ڪندو هو. اهي زميندار سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقي ۾ بولان ۽ ان جهڙن ٻين لڪن جي نگهباني به ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته هڪ حساب سان اهي حقيقي حڪمران هئا. جڏهن اورنگزيب جي مُئي کان پوءِ مغلن جي سلطنت ڀڄي ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي وئي، تڏهن ڪلهوڙا خاندان جي وڏي، ميان يار محمد خان، سنڌ صوبي تي پنهنجي حڪمراني جي دعويٰ ڪئي. هن جي لشڪر مغلن جي سپهه سالار کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ گورنر کي تڙي سنڌ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ڪلهوڙن پهريون ڪم ته اهو ڪيو جو جيڪي سردار ۽ جاگيردار خودمختيار ٿي ويٺا هئا ۽ پاڻ ۾ جنگيون جوٽي سنڌ جو امن امان تباهه ڪري ڇڏيو هئائون، تن کي وڏي هوشياريءَ سان پاڻ سان گڏي صلح سانت جو ماحول قائم ڪيائون. ان کان پوءِ انتظامي سڌارا آڻي، سٺي حڪمرانيءَ جو بنياد وڌائون. جيتوڻيڪ ڌارين جي ڪاهن کين سک سُمهڻ نه ڏنو، ڪڏهن ايران جي نادر شاهه ٿي حملو ڪيو ته ڪڏهن افغان جنگجو احمد شاهه ابداليءَ ۽ مددخان پٺاڻ ٿي يلغار ڪئي ۽ خون جون نديون وهايون، پر ان هوندي به هنن چڱا سڌارا آندا. نوان ڪئنال ٺاهيا ويا، جن جي ڪري زرعي زمينون آباد ٿيون ۽ فصل ڀلا ٿيڻ لڳا. ڍلون گهٽايون ويون، جن مان ماڻهن کي آسودگي ملي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي آدمشماري وڌي ٽيهه لک ٿي وئي، جيڪو هڪ رڪارڊ هو.
    هونءَ ته ٺٽي جا واپاري صدين کان عربي گلف واري علائقي ۾ پيا ڪاروبار ڪندا هئا، پر ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽي کي اوڀر جي شاهوڪار ترين شهر جو لقب مليو، ۽ اهڙي طرح سنڌ جو ناماچار هنڌين ماڳين ڦهلجي ويو. فقط ٺٽي شهر ۾ پنجاهه هزار پٿر ۽ ڳچ سان جڙيل گهر هئا، جن ۾ آسائشي ورانڊا پڻ هئا. انهن منجهان ڪيترا گهر ته ٽي ۽ چار ماڙ اوچا هئا. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني چواڻي، ٺٽو هڪ عظيم شهر هو ۽ ايڏو وڏو هو جيڏو لنڊن. منجهس چار سؤ اسڪول ۽ چار هزار ٻيڙيون هيون ۽ رنگارنگ تهذيب هئي. “برٽش تاريخدان ايڇ ٽي سورلي جي لفظن ۾، “ٺٽي شهر جي گهر گهر منجهان تانپوري ۽ ڍولڪيءَ جو آواز گونجندو هو.”
    سنڌ کي ڪلهوڙن جي طرفان ٻي سوکڙي جيڪا ملي، سا هئي حيدرآباد جو شهر. هنن 1769ع سن ۾، نيرون ڪوٽ نالي هڪ ڳوٺڙي جي ڀرسان ڦليلي ڪئنال جي ڪپ تي حيدرآباد جو شهر جوڙايو. ڦليلي ڪئنال سنڌو ندي جي پوروڇوٽيءَ تي وهندو هو ۽ اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. حيدرآباد جو نالو ڪلهوڙن ان ڪري پسند ڪيو جو هنن حيدرآباد دکن جي نظام کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو، ڇو ته ڪلهوڙن سياسي مقصدن خاطر نظام سان خوشگوار تعلقات رکڻ ٿي گهريا. واپاري ڪئنال جي ڪڙ تي ٺهيل پنهنجين ڪوٺين تي وڏيون وڏيون دعوتون ڏيندا هئا، جن ۾ نالي واريون نچڻيون پري پري کان گهرائي مُجرا ڪرائيندا هئا. اهڙين نچڻين کي ڪل ڪڃريون سڏيو ويندو هو. واپارين پاڻ ۾ چندو ڪري حيدرآباد جو مشهور قعلو پڻ جوڙايو، جيڪو فقط ٻن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ٺهي راس ٿيو. ڪلهوڙن جو خواب هو ته هو حيدرآباد کي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻائن، پر افسوس جو سندن اهو خواب ساڀيا ٿي نه سگهيو. اهو ڪم ٽالپرن جي حصي ۾ آيو. ٽالپرن ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ آخرڪار حيدرآباد کي پنهنجي حڪومت جي گادي جو هنڌ بنايائون. نئون گاديءَ جو هنڌ، حيدرآباد، سپاهه توڙي سياست جو ڳڙهه، کاٻي هٿ تي سنڌو ندي، ساڄي پاسي ڦليلي ڪئنال، اڳتي هلي هڪ خوبصورت ۽ اهم شهر ٿيو. بئنڪر، واپاري، سوداگر، هنرمند، مطلب ته هر قسم جا ماڻهو نه رڳو سنڌ منجهان، بلڪ ڪڇ، ڀُڄ ۽ هندستان جي دور دراز علائقن مان ڇڪجي حيدرآباد ۾ اچي وسيا. اها ڪشش ان ڪري به هئي جو هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ خاص اهميت واري هئي. حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ اتر هندستان وچ ۾ ويندڙ روايتي قافلي واري رستي تي هو.
    ٻيو قديم شهر، جنهن کي ڪلهوڙن جي دور ۾ نئين زندگي ملي. سو هو شڪارپور. هن شهرڪيترائي ناميارا بئنڪر پيدا ڪيا. جن اڳتي هلي، آزاد هندستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بئنڪون ۽ ڪاروباري مرڪز کوليا. شڪارپور ڪلهوڙن جي هڪ شاخ دائود پوٽن1671ع سن ۾ شڪارگاه طور آباد ڪئي. 18 صدي جي آخر تائين هيءُ شهر اتر سنڌ ۾ ناڻي، واپار ۽ بئنڪن جو مرڪز بڻجي پيو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو شڪارپور ناڻي جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهه ۾ پهچ جي سلسلي ۾ افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيائي ملڪن تي حاوي رهيو. تاريخي سببن ڪري، هن شهر ڪاروباري ميدان ۾ پڻ وڏو نالو ڪمايو. 15 کان 18 صدي عيسوي جي وچ تائين اُتر هندستان ۽ وچ ايشيا وچ ۾ هلندڙ قافلن جو رستو لاڙ مان لنگهندو هو، جنهن جو واپاري مرڪز ٺٽي ۾ هوندو هو. جڏهن لاڙ جي شهرن جو زوال آيو، تڏهن شڪارپور جو شهرڪاروان رُوٽ تي اچي ويو. ان کان پوءِ شڪارپور جو عروج شروع ٿيو. دراني سلطنت ۾ هيءُ شهر ناڻي جو اهم مرڪز رهيو. شهرت ملندي ئي شڪارپور ۾ واڻين ۽ وياج خورن اچي ديرو ڄمايو. منهنجانئن ڪي ته ملتان کان ڪهي اچي شڪارپور ۾ آباد ٿيا. جيئن جيئن ٻاهريان ماڻهو ايندا ويا، تيئن تيئن ناڻي ۾ به واڌارو ٿيندو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هندستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن درميان لنگهندڙ قافلي واريءَ سڙڪ تي شڪارپور جو واپاري قبضو قائم ٿي ويو. شڪارپور جي واپاري بئنڪرن پنهنجي نئين ايجاد ڪيل هُنڊي سسٽم وسيلي نه رڳو پنهنجي ملڪ اندر، پر روس ۽ وچ ايشيائي ملڪن تي جهڙوڪر واپاري راڄ ڪيو. جيڪڏهن شڪارپوري واپار ۾ اڳرا هئا ته ڀاٽيا ۽ ٻيا سنڌي هندو وري نار جي شهرن ۾ اُڀرندڙ ۽ اسرندڙ مارڪيٽن مٿان غلبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هيءَ اڻيهين صدي عيسوي جي پڇاڙيءَ جي ڳالهه آهي.
    *


    7. باب ستون : موتين جي ڳولها لاءِ غوطا

    هڪ ميڻ بتيءَ مان هزارين بتيون ٻارجن ته به پهرينءَ ميڻ بتيءَ جي زندگي گهٽائي نه سگهبي. اهڙيءَ طرح خوشي به ورهائڻ سان ڪڏهن کٽندي ناهي.
    گوتم ٻڌ

    ايراني نار ملاحن جو ڏيهه هو، سِپن جو ملڪ هو ۽ موتي ميڙيندڙ ٽوٻن ۽ ڏندڪٿائي مڇيءَ “حمور” جو ماڳ هو. سخت جان ماڻهو سخت پورهئي جا هيراڪ هئا. سمنڊ مان حاصل ٿيندڙ نعمتون سندن گذران هيون ۽ اهي ئي سندن واپار وڙي جو مکيه وسيلو هيون.
    موتين جي مند سال جي گرم ترين مهينن ۾ ايندي هئي. اهو عرصو هر تندرست شخص سمنڊ تي موتين جي تلاش ۾ گذاريندو هو. هندستان جا واپاري ان انوکيءَ مند جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ٻيو وکر وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندا هئا. سپون ميڙڻ جي مند، اتان جي رهاڪن کي ايترو پئسو ڏيندي هئي جو هو پنهنجي روزمرهه جي واپرائڻ جون شيون، جهڙوڪ چانور، ڪافي، چانهه، کنڊ، ڪپڙو لٽو ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون خريدي سگهن. ظاهر آهي اهو سمورو سامان يا ته هندستان منجهان ايندو هو يا وري ڪنهن ٻئي ملڪ مان.
    تجارتي هوائون، وڪڻندڙ توڙي خريدار لاءِ هڪ جهڙيون سڻايون هونديون هيون. زندگيءَ جو معيار وڌائڻ يا ٻئي ڪنهن ڌنڌي ڌاڙي جو سوچڻ به ممڪن نه هو، ڇو ته موتي ميڙڻ اُتان جي ماڻهن جي ذهن ۾ گهر ڪري ويو هو. هو نه ته ان ۾ ڪو سڌارو آڻڻ لاءِ تيار هئا ۽ نه وري ان ڪم جو دائرو وڌائڻ لاءِ راضي هئا. هنن جي زندگي ۾ جيڪا سادگي سمايل هئي، هو ان ۾ ايترو ته مگن ۽ مست هئا، جو اهڙي اطمينان ۽ سڪون بابت اڄ جي زماني ۾ سوچي به نٿو سگهجي. ڪاروبار، وڻج واپار ۽ پئسي جي راند ان سڪون کي ڪيترا گهاءَ ٿي رسائي، سا ڳالهه اسان کي ڏاڍي دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي. وقت گذري ٿو وڃي، پر جنهن ذهني آسودگيءَ لاءِ دل سٽون ٿي کائي، سا هڪ دفعو هٿن مان وئي ته ٻيهر ڪٿي ٿي نصيب ٿئي؟
    هن علائقي ۾ موتين جي تلاش جي تاريخ ڪئين هزار سال پراڻي آهي. پر ان مان آرٿڪ لاڀ حاصل ڪرڻ جي تاريخ ايتري قديم ناهي. توهان کي موتين جي ڪاروبار جي اهميت جو ڪاٿو تڏهن ٿيندو جڏهن هن علائقي ۾ هلندڙ انهن ٻيڙين جي انگن اکرن تي نظر وجهبي جيڪي موتين جي لاءِ سمنڊ ۾ وينديون هيون. گذريل صدي جي پهرينءَ چوٿائيءَ تائين اٽڪل پنج هزار ٻيڙيون موتين جي واپار واسطي ڪتب آنديون وينديون هيون. ٻيڙين جي مکيه کيپ Trucial States، ڪويت، بحرين ۽ قطر مان ايندي هئي. پراڻي رڪارڊ موجب، دبئي جون 335 ٻيڙيون موتين جي شڪار لاءِ صديءَ جي شروعات ۾، شارجا جون 360 ٻيڙيون، ام ال قوين جون 70، راس الخيمه جون 50 ۽ عجمان جون 40 ٻيڙيون ان مهم ۾ حصو وٺنديون هيون. پر انهن سڀني کان وڌيڪ چار سوَ ڏهه ٻيڙيون اينديون هيون ابوڌابيءَ منجهان.
    انهن ڏينهن ۾ ابوڌابي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺڙو هوندو هو، جنهن ۾ موتين جي موسم ۾ ڄڻ جان اچي ويندي هئي. هتان ٻيڙائتن جي گهرج جو سامان، راشن، رَڇَ وغيره به ملندا هئا ۽ جڏهن موتي ميڙجي ايندا هئا ته هيءَجڳهه خريدارن لاءِ مارڪيٽ طور به استعمال ٿيندي هئي. بهرحال، سڄي گلف لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم مرڪز هو بحرين، جتي زور شور سان موتين جو واپار ٿيندو هو. ان زماني ۾ نار جي ايراني ڪناري تي لنگيهه نالي هڪ بندر هو جيڪو موتين جي سلسلي ۾ وڌيڪ شهرت رکندو هو، پر ان بندر جي زوال کان پوءِ دبئي پڻ موتين جي مرڪزن مان هڪ ڳڻجڻ لڳو. اهو واپار جدا جدا سطحن تي ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪئپٽن، ٿوڪ واپاري، وچيان ماڻهو يا دلال، وياج خور ۽ ايڪسپورٽر شامل هوندا هئا.
    گلف مان خريد ڪيل موتي هندستان ۽ يورپ تائين ويندا هئا. يورپ جون شاهوڪار ۽ فئشنبل عورتون موتين جي هارن جون بي انتها شوقين هونديون هيون ۽ انهن کي خريدڻ لاءِ وڏي رقم خرچ ڪرڻ لاءِ تيار هونديون هيون. اهڙيءَ ريت هن وارياسي علائقي جي غريب ماڻهن کي موتين جي واپار مان چڱي چوکي آمدني ٿي ويندي هئي. ويهين عيسوي صدي جي پڄاڻي تي، گلف منجهان ساليانو ڏيڍ ملين پائونڊن جي قيمت جا موتي انڊيا ۽ يورپ کي وڪيا ويندا هئا. سِپن جي اندرئين حصي کي Mother of pearl چوندا آهن. اهو حصو هڪ سخت ۽ لسي تهه وانگر هوندو آهي ۽ ان جي اندر ئي موتي پيدا ٿيندا آهن. Mother of pearl جي به مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي گهُر آهي، خاص طور يورپ ۾. گذريل صدي تائين مدر آف پرل منجهان اٽڪل ٽيهه هزار پائونڊ آمدني ٿيندي هئي. هن منجهان بٽڻ، واچن جا ڊائل ۽ ٻيو ڪيترو ئي سينگار جو سامان تيار ڪيو ويندو هو.
    گلابي رنگ جا موتي، جن کي Rose Pink Pearl جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، سي سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان سٺا ۽ قيمتي سمجهيا ويندا آهن. اهي موتي گلف ۾ جام ملندا آهن، ان ڪري موتين جي مشهور واپارين جو ڌيان گلف ڏانهن ڇڪجي ويو. سڀ کان پهرين پورچوگيز ۽ هندستاني آيا. پورچوگيز 16 عيسوي صدي ۾ آيا ۽ هندستاني، جيڪي گهڻي ڀاڱي واپاري ۽ سرمائيڪار هئا، سي لڳ ڀڳ هڪ سؤ سال پوءِ آيا. انهن ۾ وياج خور اوڌر ڏيندڙ واڻين جو طبقو به هو، جيڪي 1865ع ۾ بمبئي جي برٽش ۽ هندستاني ڪمپنين جي طرفان آيا. سرڪاري طور انهن جي اچڻ جي تاريخ رڪارڊ تي موجود آهي.1991ع ۾ ريزيڊنسي ايجنٽ جيڪا رپورٽ برٽش پوليٽيڪل ريزيڊنٽ کي پيش ڪئي، ان موجب 52 واڻيا دبئي ۾، 86 شارجا ۾، 139 ابوڌابيءَ ۾، 9 راس الخيمه ۾، 14 عجمان ۾ ۽ 3 ام القوين ۾ پهچي چڪا هئا. ڪيترن هندستانين ته ٻارن ٻچن سميت گلف جي رياستن ۾ رهائش اختيار ڪري ڇڏي هئي. انهن ۾ گهڻو ڪري سڀ يا ته واپاري هئا ياسوداگر. جڏهن موتين ڪڍڻ جي موسم ايندي هئي تڏهن انهن جو تعداد ٻيڻو ٿي ويندو هو. جن مان اڪثر بمبئي مان ايندا هئا. بمبئي موتين جي واپار جو مرڪز سمجهيو ويندو هو، ان ڪري موتين جي مُند کان پوءِ گلف رياستن جا عرب واپاري سڀ جا سڀ اچي بمبئي ۾ گڏ ٿيندا هئا. انهن مان گهڻن جون ته بمبئي ۾ پنهنجون پيڊيون پڻ هونديون هيون. آهستي آهستي عرب واپارين جي هڪ ننڍڙي پر شاهوڪار قوم، جن ۾ ڪي مشهور خاندان به شامل هئا، پاڻ کي بمبئي ۾ آباد ڪري ڇڏيو. 1900ع ڌاري محمد علي زينل نالي هڪ امير عرب پنهنجي ڪميونٽي جي سهڪار سان بمبئي ۾ هڪ عرب اسڪول جو بنياد پڻ وڌو.
    موتين جو واپار برابر نفعي بخش ڪاروبار هو ۽ ان جي ڪري ماڻهن جي حالت به چڱي سڌري، روزگار به وڌيو، پر اهو ڪم آسان هرگز ڪونه هو. اهو ڪم جدا جدا جڳهين تي الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل هو. مٿينءَ سطح تي هئا واپاري، سرمايو ڏيندڙ ۽ سوداگر. ان کان پوءِ هو ٻيڙي جو ڪپتان جنهن کي ناخدا سڏيندا هئا. سڀ کان هيٺينءَ سطح تي هئا مزور. مزورن ۾ وري شامل هئا ٽوٻا، هاڪاري (بار ڇڪڻ وارا)، ٻيلي يا مددگار ۽ سيکڙاٽ پورهيت. اهي سمورا مزور ڏاڍي ڏکي زندگي گذاريندا هئا. سندن حياتي ايتري ته ڏکوئيندڙ، پيڙا واري ۽ رحم جوڳي هئي، جو اڄ جي زماني ۾ ان جي باري ۾ سوچي به نٿو سگهجي. شايد دنيا ۾ ان کان وڌيڪ سخت محنت جهڙو ڪو به ٻيو پورهيو ڳوليو نه لڀي. اونهاري جي سخت گرمي ۾ سمنڊ اندر غوطا هڻي سپون ميڙي اچڻ قيامت کان گهٽ عذاب ناهي. ويچارا ٽوٻا (غوطا خور)، هاڪاري (ٽوٻن کي ڇڪي ٻاهرڪڍڻ وارا) ۽ ٻيڙين جا ملاح، هڪ مسلسل پيڙا ۾ رهندا هئا. موسمي روزگار هو، ان ڪري سندن ڪمائيءَ جا ڪُل پنج مهينا سال ۾ ايندا هئا. غريبن جي قسمت ۾ موسم کان پهريون به بک ۽ پوءِ به بک لکيل هوندي هئي. سرڪاري طور اها مند 15 مئي کان 15 سيپٽمبر تائين جاري رهندي هئي. ڪي ويچارا اهڙا به هئا جي لنگهڻ کان بچڻ لاءِ مهينو اڳ ڪم شروع ڪندا هئا ۽ مهينو پوءِ به جاري رکندا هئا. ان سڄي هڻ هڻان ۽ هاڄاري جو مزورن کي اجورو تمام ٿورو ملندو هو. ٽوٻن ۽ هاڪارن کي پگهار ڪونه ملندي هئي، کين ڪمائيءَ مان حصو ڏنو ويندو هو. اهو حصو ٿڏي تي ڪونه ملندو هو، پر کين اهي ڏوڪڙ مند ختم ٿيڻ کان پوءِ تڏهن ملندا هئا، جڏهن موتي واپارين يا سوداگرن کي وڪڻي ڏبا هئا ۽ اهي وري کين هندستان ايڪسپورٽ ڪندا هئا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏياري موڪليندا هئا. آڻين ۽ چاڙهين واري حالت هوندي هئي. ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ به هنن جي لاءِ وڏي عياشيءَ جهڙي ڳالهه هئي. سيزن کان اڳ قرض کڻندا هئا ۽ سيزن کان پوءِ قرض لاهيندا هئا. فقير جي جهولي هميشه خالي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو مُند مزو ڪونه ڪندي هئي، موتي گهڻاڪونه ميڙبا هئا، ڪانه ڪا قدرتي آفت اچي مُنهن ڪڍندي هئي، تڏهن ويچارن مزورن جا منهن لهي ويندا هئا ۽ بک جي راڪاس اڳيان بي وس ٿي ڪنڌ جهڪائي بيهي رهندا هئا. ٻيو ڪو روزگار جو ذريعو هوندو ئي ڪونه هو. لاچار ماٺ ميٺ ۾ پيٽ کي پٿر ٻڌي، ايندڙ سال جو انتظار ڪندا هئا. قرض جي مرض ۾ اڪثرورتل رهندا هئا، جنهن ۾ جيڪو هڪ دفعو ڦاٿو ته پوءِ يا عمر ڇوٽڪارو پائي نه سگهندو. سڄا سارا پنج ڇهه مهينا موتين جي مند هلندي هئي ۽ اهو سمورو وقت مزور، پنهنجن ٻچن کان پري، سمنڊ تي رهندا هئا. ان ڪري گهر وارن ڏانهن کاڌخوراڪ توڙي خرچ پکي جا پئسا ڪپتان کان قرض کڻي موڪليندا هئا. حاڪم قرض جي اها رقم پاڻ مقرر ڪندو هو، جيڪا ٽوٻو پنهنجي ناخودي کان هر سال گهري سگهندو هو. غوطاخور کي سندس ڪمائي جي ٻي قسط تڏهن ملندي هئي، جڏهن هو موتين ميڙڻ جي مند پوري ڪري واپس موٽندو هو. اهو قانون ان ڪري لاڳو ڪيو ويو هو ته جيئن غوطا خور ۽ سندس ڪٽنب جي ضرورتن جو پورائو ٿي سگهي ۽ سندن حقن جو بچاءُ به ڪري سگهجي. ناکئي کي به هڪ قسم جي خاطري هوندي هئي ته جنهن ماڻهوءَ کي هو ائڊوانس رقم ڏئي رهيو آهي، اهو ايندڙ مند ۾ به ساڻس ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندو. چالاڪ ناخودا ته اهو ئي چاهيندا هئا ته ٽوٻا هميشه سندن قرض ۾ جڪڙيل رهن ته جيئن هو کين پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪندا رهندا.
    موتين جي مند ڪناري وارن علائقن ۾ وڏي اهميت رکندي هئي. ماڻهو آسائتين اکين سان هن موسم جو انتظار ڪندا هئا. ويچارا غريب غربا ان اميد تي ڏينهن ڳڻيندا هئا ته هن مند ۾ چار ڏوڪڙ ملندا جن مان لهڻيدارن جو قرض به لاهبو، ڪپڙو لٽو به وٺبو ۽ ايندڙ ڏکئي وقت لاءِ ڪو سيڌو سامان خريدي پاسيرو ڪري رکبو ته جيئن پوءِ جي تڪليف کان بچي پئجي. جي موتي ٺيڪ ٺاڪ نڪتا ۽ آمدني مناسب ٿي ته پوءِ ٻيڙا پار ٿي ويندا، پر جي سيزن نه لڳي ته پوءِ ته اڳيون سوجهرو به چٽ. سندن ڏوهه به پيا ڏڪندا هئا. پيا دعائون گهرندا هئا ته شل واءُ سڻائو لڳي ۽ روزي سٺي ٿئي. موسم ويجهي ايندي هئي ته تياريون به زور وٺنديون هيون. ناخدا پنهنجا پنهنجا ماڻهو گڏ ڪندا هئا. مزور سڀ هڪ ئي ڳوٺ جا هوندا هئا ۽ ساڳئي ناخد اسان رهڻ پسند ڪندا هئا ڇو ته قرضي به ان جا هونداهئا.
    سمنڊ ۾ وڏي عرصي تائين رهڻ جون تياريون شروع ٿي وينديون هيون، مهاڻا شارڪ مڇيءَ جي تيل سان ٻيڙين جي مٿئين حصي کي مکُ ڏيندا هئا ۽ هيٺئين حصي کي رڍ جي چرٻي ۽ ليمي کي ملائي، ريڳاڙو ٺاهي رنگيندا هئا ته جيئن سپون يا ڪوڏ يا ڪي اهڙيون ٻيون شيون ساڻس چنبڙي نه سگهن. اهي سڀ احتياتي انتظام تمام ضروري هوندا هئا، ڇو ته ٻيڙين کي گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا ته واهه جا سمنڊ ۾ رهڻو هوندو هو.
    موتين ميڙڻ وارين ٻيڙين جون سائيزون هڪ جيتريون نه هونديون هيون. ڪي ننڍيون هيون، جن ۾ مشڪل سان ڏهه ماڻهو سمائجي سگهن، ڪي وري ايڏيون وڏيون جو پنجاهه ماڻهو خلاصا ويهي سگهن. بهرحال، ننڍيون يا وڏيون، سڀ ٻيڙيون سمنڊ ۾ لهڻ وقت ٽمٽار ڀريل هونديون هيون. انهن ۾ سامان سڙو ۽ کاڌو پيتو ئي ايترو هوندو هو جو ماڻهن جي تعداد کان ٽيڻو حصو ته اهو ئي والاري ويندو هو. ٽوٻن جو سامان، پاڻي جو ذخيرو، ٻيڙي جي پنهنجي گهرج جو سامان، مطلب ته سُئي سڳي سوڌو هر شيءِ سنڀالي کڻندا هئا ته جيئن ايترو وقت هلي سگهي، جيستائين ڪجهه هفتن کان پوءِ ڪا ٻي ٻيڙي کٽل سامان جي پورائيءَ لاءِ وري ٻيو سامان کڻي پهچي.
    ٻيڙيون ڪناري کان اٽڪل ٽيهارو کن ميل پري ڪنهن اهڙي مناسب جاءِ تي وڃي بيهنديون هيون جتي پاڻي وڌيڪ گهرو نه هجي. ان جاءِ تي سوين ٻيڙيون مُچو ٺاهي اچي جمع ٿينديون هيون ۽ سمنڊ جي تري مان سپون ڪڍڻ جا سانباها شروع ٿي ويندا هئا. انهن حشام ماڻهن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو تمام اهم هوندا هئا، هڪڙا ٽوٻا، جيڪي سمنڊ ۾ هيٺ لهي وڃي سپون ميڙيندا هئا، ۽ ٻيا هاڪارا، جيڪي انهن ٽوٻن کي مناسب وقت تي اشارو ملڻ سان رسن وسيلي ڇڪي پاڻي مان ٻاهر ڪڍندا هئا. ٻاهر نڪري ٽوٻا شڪار ڪيل سپون ته ناکئن جي حوالي ڪندا ئي هئا، پر کين ساهي پٽڻ جو وقت به ملي ويندو هو. ٽوٻن کي سمنڊ ۾ لاهڻ جو طريقو به ڏاڍو دلچسپ هوندو هو. ٽوٻي جي چيلهه ۾ رسو ۽ پيرن سان ڳرو پٿر ٻڌي ڇڏيندا هئا. پوءِ هو پٿر تي بيهي پاڻ کي ڇڏي ڏيندو هو. پٿر جي بار سبب هو بنا هٿ پير هڻڻ جي، سڌو وڃي ترو وٺندو هو.
    پاڻي ۾ غوطو هڻڻ ڏاڍو ڏکيوڪم هوندو هو. غوطاخور صبح جو سويل ڪم تي چڙهندا هئا ۽ سج لٿي تائين سمنڊ مان پيا سپون ميڙيندا هئا. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ساهه کڻڻ لاءِ کين ڇڪي ٻاهر آندو ويندو هو، نه ته ائين سمجهبو ته ڏينهن جا ٻارهن ڪلاڪ کين سمنڊ ۾ گذارڻا پوندا هئا. ان وچ ۾ هو ٿوري ڪافي يا پاڻيءَ چڪو پي وٺندا هئا ۽ چانور يا کجور جون ٻه ٽي ڳڙيون کائي سگهندا هئا. پيٽ ڀري کائڻ سان کين ڪم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. نڪ تي ٻڪريءَ جو سڱ يا لڪڙي جو چپٽو چاڙهي ڇڏيندا هئا ته جيئن پاڻي نڪ ۾ هليو نه وڃي. ڪنن ۾ ميڻ ڀري ڇڏيندا هئا ۽ مٿي تي چمڙي جي ٽوپي ۽ آڱرين تي به چمڙي جون ننڍيون ڍڪڻيون چاڙهي ڇڏيندا هئا. ڳچيءَيا چيلهه ۾. هڪڙي ڇلي ٻڌل هوندي هئن، جنهن ۾ سپون وجهنداويندا هئا ۽ هٿ ۾ وڏو تيز چاقو کڻندا هئا، جنهن سان سپن کي سمنڊ جي تري مان ڪپي ڌار ڪندا هئا.
    ويچارن ٽوٻن جي لاءِ سوين مسئلا هوندا هئا. پاڻي جي هيٺيان وهڪرا، شارڪ مڇين جا حملا، جيلي مڇي ۽ ڏنگيندڙ جيت،، مطلب ته کين هر مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو هو. جيلي فش جو ڏنگ سخت تڪليف ڏيندڙ آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪنهن تتل شيخ سان ڏنڀ ڏنو هجي. چار پنج ڪلاڪ ته اها جاءِ پئي ڪُرندي آهي، جتي ڏنگ لڳندو آهي.
    هڪ ماهر ٽوٻو وڌ ۾ وڌ ٻه منٽ سمنڊ جي تري ۾ رهي سگهندو هو ۽ ان وچ ۾ جيڪڏهن هن ڊزن کن سپون ميڙي ورتيون ته سمجهبو هو ته ڪم ٺاهوڪو ٿي ويو. جڏهن ٽوٻو محسوس ڪندو ته هاڻي وڌيڪ دير ساهه منجهائي نٿو سگهي، تڏهن هو چيلهه سان ٻڌل رسي کي سٽ ڏئي مٿئين همراهه کي هوشيار ڪندو هو ۽ سندس ساٿي هڪدم ڇڪي کيس ٻاهر ڪڍندا هئا. ان خيال کان رسي ڇڪيندڙ همراهه (هاڪرا) تمام اهم ڪم تي ويٺل هوندا هئا. سندن ٿوري به ڪوتاهي، ويسلائي يا دير مدار ٽوٻي جي زندگيءَ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهندي هئي. جي تمام تڪڙو ڇڪيندا هئا ته ٽوٻي جي ڪنن جا پردا ڦاٽڻ جو خطرو هوندو هو. پاڻي جي دٻاءَ مان هڪدم نڪري هوا جي دٻاءَ ۾ اچڻ سبب ڪنن جي پردن تي اوچتو فرق پوڻ سبب ڪوبه حادثو ٿي سگهيو ٿي ۽ جيڪڏهن تمام آهستي ڇڪيندا هئا ته ٽوٻي جي ٻڏڻ جو انديشو هوندو هو.
    پاڻي مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ ٽوٻو آرام ڪندو هو. ان وچ ۾ سندس ساٿي سِپون ڪڍي ٻيڙيءَ ۾ سٿا ڪندا ويندا هئا. منٽ ڏيڍ کان پوءِ ٽوٻو وري پاڻي ۾ لهندو هو. ساڳيو ئي پٿر سندس جسم سان ٻڌل هوندو هو جيڪو کيس هڪدم وڃي تري تائين پُڄائيندو هو. ڏهن ٻارهن ٽٻين کان پوءِ ويچاري غوطاخور کي چند منٽ سچ پچ آرام جا ملندا هئا. چئن مهينن تائين لڳاتار اهي ٽوٻا هرروز اٽڪل ٻارهن ڪلاڪ پاڻي ۾ رهندا هئا. توهان پاڻ ئي حساب لڳايو ته هڪ ڏينهن ۾ سٺ دفعا سمنڊ ۾ لهي، هفتي جاست ڏينهن اهو ساڳيو ڪم ڪرڻ ۽ ساندهه چار مهينا سخت گرميءَ ۾ پنهنجي جان سان کيڏڻ، چڱي ڀلي صحتمند ماڻهوءَ کي جهورڻ لاءِ ڪافي ناهي؟
    اسان وٽ ته غوطا خورن وٽ پنهنجي بچاءَ يا آساني لاءِ ڪو ساز سامان ڪونه هوندو هو، پر جپان وارا پنهنجي ڪم کي تڪڙو ۽ سولو بنائڻ واسطي نيون نيون ايجاد ٿيل شيون استعمال ڪندا هئا. هڪ دفعي مون کي جپان ۾ ‘مِڪي موتو پرل آئلينڊ’ ڏسڻ جو موقعو مليو. مڪي موتو “موتين جي پالنا” ڪندڙ مرڪزن ۾ سڀ کان اڳرو هو. ٽوٻن جو ڪم گهڻو ڪري عورتن پئي ڪيو، جن کي سفيد رنگ جي ڊريس پهريل هئي. گهڻي ڀاڱي انهن ۾ رواج هو ته زال ۽ مڙس جي ٽيم گڏجي موتين جي شڪار تي نڪرندي هئي. مڙس ٻيڙيءَ ۾ ويٺو رهندو هو ۽ زال سمنڊ ۾ ٽٻي ڏئي موتي ميڙڻ لاءِ سمنڊ جي تري ڏانهن هلي ويندي هئي. ضرورت وقت مڙس رسي کي ڇڪي پنهنجيءَ زال کي ٻاهر ڪڍي وٺندو هو. سِپن کي سُئيءَ رستي سنهڙا ريتي جا داڻا سندن جسم وچ ۾ داخل ڪيا ويندا آهن. پاڻيءَ اندر ئي اهڙين سپن کي هٿيڪو رکڻ لاءِ لوهي پڃرا فٽ ڪيا ويندا آهن، جن ۾ اهي سپون اٽڪل ٽي سال کن بند رهنديون آهن. ٽن سالن کان پوءِ جڏهن پاليل سپن کي ڪڍي کوليندا آهن ته منجهانئن وڻندڙ رنگن جا موتي جرڪندا نڪري ايندا آهن. گلف ۾ ٽوٻن جو ڪم سج لٿي کان پوءِ به ختم نه ٿيندو هو. رات پيٽ ۾ سپن کي کولي منجهانئن موتي ڪڍڻ به ضروري هوندو هو. اهو ڪم سج لٿي رات جي کاڌي واري وچ ۾ ڪيو ويندو هو ۽ ٽوٻا ان ڪم ۾ به هٿ ونڊائيندا هئا. وڏيءَ ٻيڙيءَ ۾ اڌ ڊزن کن ٽوٻا ۽ اوترائي يا ان کان وڌيڪ ٻيا مزور هوندا هئا. اڪثر ڏهن سالن جا ڇوڪرا به ٽوٻن سان اچي شامل ٿيندا هئا ۽ پنهنجي ڪٽنب کي سهارو ڏيڻ لاءِ ههڙو مشڪل ڪم پنهنجي سر تي کڻندا هئا. اهي ٻارڙا جن جي عمر اڃا کيڏڻ ڪُڏڻ جي مس هوندي هئي، اهي جڏهن اهڙو جبل جيڏو ڪم ڪندا هئا، تڏهن ظاهر آهي ته سندن صحت تي بُرو اثر پوندو هو. ڪيترن جي ته واڌ به رڪجي ويندي هئي.
    پنهنجي ۽ ساٿين جي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ، مڇيون مارڻ، انهن کي رڌڻ، ٻيڙيءَ کي ڌوئڻ ۽ صاف رکڻ، اهي ۽ ان قسم جا ٻيا ڪم ڪچن ۽ سيکڙاٽ ٻيلين جي حوالي هوندا هئا. ڪن ٻيڙين ۾ ته نماز پڙهائڻ لاءِ پيش امام به ساڻ کڻندا هئا.
    موتين جي شڪار ۾ موسم جو وڏو دخل هوندو هو. جنهن ڏينهن تيز هوائون هلنديون هيون، ان ڏينهن ٽوٻا ڪم نه ڪري سگهندا هئا. اهڙي ريت هڪ ڏهاڙو اجايو ويندو هو. جيڪڏهن طوفان ايندو هو ته به ٻيڙائتا ٻيڙيون ڪاهي، سُڪيءَ ويجهو وڃي پناهه وٺندا هئا. اهڙي ريت هڪ ڏهاڙو اجايو ويندو هو. هوا صفا بند هوندي هئي ته ٽوٻا پنهنجن ٻين همراهن سان گڏجي، ٻيڙيون ڪاهي، ڪنهن ٻيءَ سڻائي جڳهه تي وڃي ديرو دمائيندا هئا، جتي کين وڌيڪ سپون ملي سگهن.
    ٻين ٻيڙين جي موجودگيءَ سبب سڀني ٻيڙين وارن کي هڪ ته سنگت ساٿ وارو وايو منڊل ملي ويندو هو ۽ ٻيو وري کين اطمينان ٿي ويندو هو ته اوکي سوکي ۾ هڪ ٻئي جي مدد لاءِ واهرو موجود آهن. ٻيڙين جي اندر ته حالت هونءَ به خراب هئي. جڳهه تنگ، ماڻهو گهڻا، نه سمهي سگهن، نه ويهي سگهن ۽ نه وري سولائي سان چري پري سگهن، هاڻي جيڪڏهن اها حالت مهينن جا مهينا هجي ته سمجهي سگهو ٿا ته ويچارن جو ڇا حال هوندو؟ مٿان وري کاڌي پيتي جو اهو حال ته ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائڻ لاءِ ملي، سو به ٿورا چانور ۽ مڇي، ڪجهه ڪافي ۽ کارڪون، ته پوءِ ماڻهوءَ ۾ اها طاقت ۽ ڦڙتي ڪٿان ايندي، جيڪا ههڙي ڏکي ڪم لاءِ ضروري هئي؟ نه ڀاڄي، نه ميوو، نه کير. وٽئمن “سي” نه ملڻ سبب ڪمزوري جي عام شڪايت هوندي هئي. مزورن ۽ ملاحن جي مهارن مان رت جو وهڻ ۽ جسماني ڪمزوري جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويندي هئي.
    لوڻياٺو پاڻي پيئڻ ۽ هر وقت اُس ۾ رهڻ سبب ٽوٻن کي چمڙيءَ جون بيماريون وڪوڙي وينديون هيون. ٻيڙين تي ضرورت آهر پيئڻ لاءِ تازو پاڻي کڻبو هو، ان سان وهنجڻ يا جسماني صفائي جو به ڪو سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو. ان ڪري ملاحن ۽ ٻين ڪارندن کي صاف پاڻي سان سنان ڪئي مهينا گذري ويندا هئا. جڏهن مند پوري ٿيندي هئي ۽ هو موٽي پنهنجي گهر ايندا هئا ته سندن چمڙي چيرجي چڪي هوندي هئي ۽ جسم تي هر هنڌ ڦٽ ظاهر هوندا هئن. لوڻياٺي پاڻي سبب سندن حالت ويتر خراب ٿي ويندي هئي. سالن جو پورهيو کين اپاهج بڻائي ڇڏيندو هو. ڏند ڀڄي پوندا هئن ۽ چمڙيءَ جي بيماري ڇٽڻ جو نالو نه وٺندي هئي. ڪنن جا ته پردا ڦاٽي پوندا هئا ۽ هو باقي حياتي بلڪل ٻڌي ڪونه سگهندا هئا.
    موتي وڪڻڻ ناخدا جي ذميواري هوندي هئي. هو هر ٽوٻي جي روزاني شڪار جو حساب رکندو هو. ائين به ٿيندو هو ته اڪثر واپاري ٻيڙين تي چڙهي ايندا هئا ۽ وچ سمنڊ ۾ خريداري ڪري هليا ويندا هئا. ڪي ناخدا ان نموني واپار نه ڪندا هئا. هو مال گڏ ڪندا ويندا هئا ۽ ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ جڏهن شڪار جي مند ختم ٿيندي هئي، تڏهن مال کپائيندا هئا. موتين کي پنجن درجن ۾ ورهايو ويندو هو ۽ قيمت جو ڪاٿو سائيز، وزن ۽ رنگ جي مناسبت سان لڳايو ويندو هو. عام طور وڏا موتي ڳريءَ قيمت تي وڪامندا هئا.
    ڪل آمدني جو ڏهه سيڪڙو ٻيڙيءَ جي مالڪ کي ملندو هو. ۽ ويهه سيڪڙو سپلائر کڻندو هو. باقي رهيل ستر سيڪڙو ڪپتان، ٽوٻا ۽ حڪمران پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا.ڪپتان سڀ کان وڏو حصو وٺندو هو، ڇو ته حساب ڪتاب ۾ کيس ٻه يا ٽي پتيون ملنديون هيون. ٽوٻن ۽ مزورن کي هڪ هڪ حصو ملندو هو. حصا ڏيڻ کان اڳ کين اڳواٽ ڏنل ائڊوانس ڪٽيو ويندو هو ۽ ان سان گڏ سڙهن، رسين، کاڌي پيتي، پاڻيءَ ۽ ٻين شين تي آيل خرچ پڻ ڪٽي، پوءِ جيڪا پتي جنهن جي باقي بچندي هئي، سا کيس ڏني ويندي هئي. حڪمران کي هر ان ٻيڙي تي، جيڪا سندس بندر تان رواني ٿيندي هئي، هڪ ٽوٻي جي حصي برابر ڏوڪڙ ملندا هئا.
    انهن سڀني مشڪلاتن جي باوجود جنهن جوش خروش سان ماڻهو موتين جي مُند ۽ شڪار ۾ حصو وٺندا هئا، اهو سچ پچ ته اچرچ جهڙو هوندو هو. نامور ٽوٻن جي بهادريءَ جون ڪهاڻيون نسل در نسل بيان ڪيون وينديون هيون. لوڪ داستانن ۾ اهو ٻڌايو ويندو هو ته بارش جي موسم ۾ سپون سمنڊ جي تهه مان اُڀري، وات ڦاڙي، مينهن جو ڦڙو جهٽڻ لاءِ انتظار ڪنديون آهن ۽ جنهن به سپ جي مُنهن ۾ مينهن جي ڪڻي پئي، اها اڳتي هلي موتي بڻجي ويندي هئي. هتان جي رهاڪن لاءِ موتي ميڙڻ جي مهم، ٻيڙيون هاڪارڻ، سپون ڪڍڻ ۽ مهينن جا مهينا سمنڊ ۾ گهارڻ، هڪ روايتي جشن به هو ته ان سان گڏ جيئڻ خاطر جتن به هو.
    هتان جون مائر پنهنجن ٻارن کي اڪثر هڪڙي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائينديون رهنديون هيون.
    هڪ لڱا بغداد ۾ هڪ حسين ۽ جميل شهزادي رهندي هئي، کيس سندس بادشاهه پيءُ سوکڙيءَ طور هڪ ڪارو موتي ڏنو هو، جيڪو پنهنجي چمڪ ۽ وڏيءَ سائيز سبب ڏاڍو قيمتي سمجهيو ويندو هو. شهزاديءَ جي من ۾ اچي اُڻ تُڻ ٿي ته جيڪر هن موتيءَ جهڙو هوبهو ٻيو به موتي ڪٿان مليم ته ڪيڏو نه چڱو.
    اهو سوچي هوءَ موتين جي مشهور سوداگرن وٽ هلي وئي ۽ کين پنهنجي خواهش کان آگاهه ڪيائين. شهزادي جيتوڻيڪ ويس بدلائي سخت پردي ۾ وٽن وئي، پر پوءِ به سوداگرن کيس سڃاڻي ورتو. مدد ته هنن ڪرڻ گهري ٿي پر مجبور هئا جو ڪارو موتي ملڻ محال نه ته مشڪل ضرور هو. شهزاديءَ همٿ نه هاري ۽ سوداگرن وٽ چڪر ڪاٽيندي رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن سندس ڀاڳين کي متان به ڪنهن وٽان اهڙو ڪارو موتي ملي پوي.
    هڪ ڏينهن شهزادي جيئن ئي هميشه جيان سوداگرن وٽان مايوس ٿي موٽي رهي هئي ته هڪ دوڪاندار دروازي وٽ ويٺل هڪ نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو ته اهو هيءُ نوجوان ئي آهي، ڇوته هو بحرين جي نامياري ٽوٻي جو پُٽ آهي.
    نوجوان کي سڏايو ويو ۽ شهزاديءَ سان سندس واقفيت ڪرائي وئي. جيتوڻيڪ ڇوڪرو غريب هو، پر شڪل صورت جو سهڻو ۽ جسم ۾ سگهارو پئي لڳو. شهزاديءَ کيس پنهنجو ڪارو موتي ڏيکاريو ۽ پنهنجي خواهش کان کيس آگاهه ڪيائين. ڇوڪري موتي ڏسندي ئي سڃاڻي ورتوته اهو ساڳيو موتي سندس پيءُ سمنڊ جي تري ۾ ڪنهن غار مان ڪڍي آيو هو. سندس پيءُ اهو غار وڏي جاکوڙ کان پوءِ ڳولي لڌو هو، جنهن ۾ دنيا جون وڏي ۾ وڏيون سپون هيون، جن مان وڏا ۽ ڪارا موتي نڪرندا هئا. ان غار جي ويجهو وڃڻ به خطري کان خالي ڪونه هو، ڇو ته اتي وڏا ۽ خطرناڪ ڪوريئڙا ۽ گهڻن هٿن وارا آڪٽوپس جانور هر وقت پهرو ڏيندا رهندا هئا. بهادر کان بهادر ٽوٻا به ان جاءِ تي وڃڻ کان ڪنُ هڻندا هئا. بهرحال، نوجوان جي پيءُ پڪو پهه ڪيو هو ته هو ڪيئن به ڪري هڪڙو ڪارو موتي بادشاهه سلامت کي تحفي ۾ ضرور ڏيندو. ان وقت بغداد موتين جي واپار جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. اهو سوچي، نوجوان جي پيءُ سمنڊ ۾ لهي سامونڊي بلائن سان مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار غار تائين پهچي ويو. پر جڏهن رسي ڇڪڻ وارن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ته ڏٺائون ته هو مري چڪو هو، پر سندس هٿن ۾ هڪڙي تمام وڏي سپي هئي، جنهن کي کوليائون ته اندران هڪڙو وڏو ڪارو سهڻو موتي جرڪندو نظر آيو. اهو موتي هڪدم بغداد جي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو.
    جڏهن نوجوان اها ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ته شهزادي ويتر وڌيڪ جذباتي ٿي وئي ۽ ٻئي ڪاري موتي هٿ ڪرڻ لاءِ سندس دل شدت سان تڙپڻ لڳي. نوجوان شهزاديءَ جي اها حالت ڏسي کيس ضد تان لاهڻ لاءِ چيو ته شهزاديءَ، پهرين ته اها غار ڳولي لهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، پر جي مان ڪنهن طرح ان غار کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي به ويس، ته به تو واري موتي جو هوبهو جوڙ ملڻ ممڪن ناهي. شهزاديءَ تي ديوانگي سوار هئي، سو چيائين ته اي نوجوان، جي تون مون کي هن جهڙو موتي آڻي ڏيندين ته مان پنهنجي پيءُ جي راڄ ڀاڳ جو اڌ توکي آڻي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جي اڃا به ڪجهه گهرندين ته اهو به ملندءِ
    شهزاديءَ جون آزيون نيازيون ٻڌي نوجوان جي دل نرم ٿي وئي. ان ڪري هو ڪجهه ساٿي ساڻ ڪري غار جي ڳولا ۾ نڪري پيو. گهڻي ڪوشش کان پوءِ آخرڪار هو اها جاءِ ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جتان سندس پيءُ کي اهو موتي هٿ لڳو هو. شهزاديءَ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڌڻيءَ جو نالو وٺي نوجوان پاڻي ۾ لهي ويو. غار جي منهن تي بيٺل ڀيانڪ جانورن سندس رستو روڪيو، پر نوجوان وڏي ويڙهاند کان پوءِ انهن کي ماري مڃائي غار ۾ اندر هليو ويو ۽ اتان هڪ وڏي سپ ڳولي کنيائين.
    نوجوان جڏهن اک کولي ته پاڻ کي ٻيڙيءَ ۾ پيل ڏٺائين. سندس ساٿين کيس وقت سر مٿي ڇڪي ورتو ۽ اهڙي طرح سندس جان بچائي هئي. جڏهن سپ کي کوليائون ته سڀني جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺائون ته سپ جي پيٽ ۾ هڪ چمڪندڙ ۽ خوبصورت ڪارو موتي پيو هو، جو هرطرح شهزادي جي موتي جهڙو هو.
    نوجوان موتي ساڻ کڻي بغداد پهتو ۽ وڃي شهزاديءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيو.
    شهزاديءَ بيتابيءَ وچان پڇيو، “منهنجي لاءِ موتي آندو اٿئي؟”
    نوجوان گوڏن ڀر جهڪي بيٺو ۽ چيائين، “جي ها.”
    شهزادي بي حد متاثر ٿي ۽ پنهنجو پردو هٽائي نوجوان جا تمام گهڻا ٿورا مڃيائين.
    شهزاديءَ جي مک تي نظر پوندي ئي نوجوان جا اوسان خطا ٿي ويا. هن اهڙي موهڻي مورت اڳ ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي.
    شهزاديءَ چيس، “هي موتي جيڪو تو آندو آهي، سو هوبهو تو جهڙو آهي ڪارو، قيمتي، انوکو ۽ لاجواب.” هاڻي انعام ڏيڻ جو وقت اچي پهتو هو.
    شهزاديءَ چيو، “گهر، جيڪي گهرڻو اٿئي. جو مڱيندين، سو ملندءِ.”
    تڏهن نوجوان آهستي چيو، “شهزادي، تون هڪ بي بها ۽ بي مثل موتي آهين. ڪو ٻيو تو جهڙو ٿي نه سگهندو. منهنجي دلي خواهش آهي ته توسان شادي ڪريان. تو مون کي قيمتي ۽ لاجواب ڪارو موتي ڪوٺيو، پر تو جهڙي سهڻي ۽ سفيد موتيءَ جو مون جهڙي مسڪين، ڪاري ۽ معمولي موتيءَ سان جوڙو ڪيئن ٺهندو؟”
    ائين چئي، چيلهه سان ٻڌل مياڻ مان خنجر ڪڍيائين، جنهن سان غار جا نگهبان خطرناڪ جانور ڪٺا هئائين، ۽ پوري زور سان اهو خنجر پنهنجيءَ دل ۾ کُپائي ڇڏيائين.


    8. باب اٺون : انگريزي ڇاپ

    پکي انهيءَ ڄار جي باري ئي سوچيندا آهن. جيڪا کين ڦاسائي وجهندي آهي ۽ ماڻهو وري هميشه انهن جي باري ۾ سوچيندا آهن. جيڪي مٿن حڪمراني ڪندا آهن.
    چيني پهاڪو

    انگريز گلف ۾ پنهنجا اڻ مِٽ نشان ڇڏي ويا. انگريزن جو دور حاڪماڻو هو ۽ منجهانئس هميشه چڱائي به ڪانه ٿي، پر هڪ ڳالهه جا گلف جي فائدي ۾ وئي سا هيءَ ته انگريز هِت آئيندي لاءِ واپار جي پيڙهه پڪي وجهي ويا.
    انگريزن جو گلف ۾ اچڻ هندو واپارين جي لاءِ ان علائقي ۾ پيرن کوڙڻ جو سبب بڻيو. انگريزن گلف ۾ ان ڪري اچي ديروڄمايو جو 1622ع سن ۾ ايران جي باشاهه شاهه عباس ايسٽ انڊيا ڪمپني کي نينڊ ڏئي گهرايو ته جيئن هو اچي حرمز منجهان پورچوگيزن جا پير ڊاهين. انگريزن جي ته ڄڻ الله کڻي ٻُڌي. هو ته گهڻي وقت کان آتا هئا ته ڪو موقعو ملي ته وڃي گلف جي اوسي پاسي واپاري ٺڪاڻا ٺاهيون. دير ئي ڪانه ڪيائون. هڪ سال جي اندر اندر بندر عباس وٽ، ايراني سامونڊي ڪناري سان هڪڙو واپاري بندرگاهه جوڙي ورتائون. جلد ئي هنن پنهنجون واپاري ڪارروايون وڌائي ايران ۾ اصفهان ۽ شيراز تائين ۽ عراق ۾ بصري تائين ڦهلائي ڇڏيون. اها سندن هن علائقي مٿان پنهنجي اثر رسوخ ۽ داٻي جي شروعات هئي. ان کان پوءِ هو 350 سالن تائين پنهنجو تسلط قائم رکيو آيا.
    هيءُ علائقو گهڻو تڻو 18 صدي عيسوي جي وچ تائين ٺاپر ۾ رهيو. ان کان پوءِ بئٺڪي دشمنيون شروع ٿي ويون. انگلنڊ ۽ فرانس هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۽ پنهنجي سرسي ڏيکارڻ لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيا. فرينچن ۽ پورچوگيزن جون بئٺڪون ننڍي کنڊ ۽ ڏور اوڀر ۾ هيون. ايسٽ انڊيا ڪمپني به ننڍي کنڊ ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ خوب دولت ڪمائي هئي. ان ڪري انگريز پنهنجي واپار کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ٻين مفادن جي حفاظت لاءِ ڏاڍا اتاولا هئا. هنن اهو پڻ چاهيو ٿي ته سندن جهازن کي هندوستان ۽ انگلنڊ وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. ظاهر آهي ته اهڙن ارادن سبب بئٺڪي طاقتن جي وچ ۾ مفادن جي ويڙهه اڻ ٽر ٿي پئي ۽ ان ڏڦيڙ سبب گلف جي سمنڊ ۾ کلي جنگ جاري ٿي وئي. فرينچن جي سامونڊي ٻيڙن انگريزن جي واپاري بئٺڪ کي 1759ع سن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو. لاچار انگريزن کي اها جوءِ ڇڏي بُشائر ڏانهن هٽڻو پيو. چئن سالن کان پوءِ انگريزن ان علائقي جي سياسي حيثيت ۽ اهميت کي مڃيندي، اتي هڪ پوليٽيڪل ايجنسي قائم ڪري ڇڏي. اهي سياسي لاها چاڙها ايندا رهيا، پر اسان واپاري انهن ڏکن ڏولاون کي سهندا ماٺ ميٺ ۾، نيٺ وڃي پار پُڳاسين. اسان جي اها همٿ تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اسان جي زنده رهڻ ۽ حالتن پٽاندر پاڻ کي موڙڻ جي صلاحيت جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو امتحان ٿي سگهي ٿو؟ اسان کي سنڌين جي ان ڳُڻ کي نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي. اهڙي لچڪ تي ٺٺولي ڪرڻ سولو ڪم آهي. ڪي ماڻهو ته ان کي موقعي پرستي يا شڪست به چوندا، پر ان جي ابتڙ اهائي لچڪ اسان جي طاقت جو وسيلو آهي. اوهان ٻيڙيءَ کي ڪڏهن وچ سمنڊ ۾ ترندو ڏٺو آهي؟ لهرن سان گڏ ڪڏهن اڀرندي آهي ۽ ڪڏهن هيٺاهين وٺندي آهي. جيڪڏهن هوءَ پاڻ کي لهرن مطابق ڇڏي نه ڏئي ته هوند ٻُڏي وڃي.
    انگريزن جي لاءِ هندستان کان انگلنڊ وڃڻ جو آسان ۽ ننڍڙو واپاري رستو اهو هو، جيڪو بصري جي گلف وٽان لنگهندو هو. اهو رستو ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سلامتيءَ وارو هو، ڇو ته ان رستي تي جيڪي به ملڪ هئا سي سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح انگريزن جي قبضي هيٺ هئا. ٻئي پاسي جيڪو روايتي رستو ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان پئي لنگهيو، سو نه صرف ڊگهو هو، بلڪ خطرناڪ به هو ۽ ان رستي تي ڪنهن به طرف کان دشمن طرفان مٿن حملو به ٿي پئي سگهيو.
    بصري کان سامان خشڪي رستي شام يا حيفا ڏانهن موڪلي پئي سگهيا، جيڪو پوءِ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ٿيندو انگلنڊ پهچي پئي سگهيو. ان ڪري اهو رستو انگريزن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو هو، ان ڪري هو پڪو پهه ڪري بيٺا ته ڪنهن به طرح ان راهه تي دشمنن جي طاقت کي گهٽائڻ ضروري آهي.
    مقامي حاڪم آهستي آهستي ڌارين جي طاقت واري ان ويڙهه ۾ ويا ڪمزور ٿيندا. ان وقت ايراني ڪناري تي عرب آباد هئا، جن جا حاڪم القاسمي شيخ، راس الخيما ۾ مقيم هئا. اڄڪلهه جنهن علائقي کي اتر امارات سڏن ٿا، سو القاسمي شيخن جي قبضي ۾ هو. اهو علائقو واپار جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو ۽ سندس آسودگيءَ جو مدار ڀر وارن ملڪن جي ڪاروبار تي هوندو هو ڇو، ته ان سموري واپار جي آمدني توڙي روانگي ٽروشل اسٽيٽ جي جهازن رستي ٿيندي هئي. اٽڪل 63 واپاري جهاز انهن بندرن تي مال پهچائيندا هئا يا اتان کڻي ٻئي هنڌ نيندا هئا. انهن منجهان 20 جهاز دبئي جا هئا، 18 شارجا جا، 15 راس الخيما جا، ۽ 10 ابوڌابي جا هئا. انهن مان ڪي جهاز ته ايڏا وڏا هئا جو 300 ٽن مال کڻي سگهندا هئا ۽ منجهن اٽڪل 50 ماڻهو به سمائجي سگهندا هئا، پر گهڻي ڀاڱي جهاز ننڍا هوندا هئا، جن ۾ ويهارو کن خلاصي ڪم ڪري سگهندا هئا.
    انگريزن ته سڄو گرهه پاڻ کائڻ تي چاهيو، انڪري هنن کان مقامي ماڻهن جو اثر رسوخ برداشت نه ٿيو. ان ڪري جلد ئي هنن جو القاسمين سان ناراضپو شروع ٿي ويو. ان ڪاوڙ آخرڪار هڻي وڃي هنڌ ڪيو. 1819ع ۾ رائل نيوي راس الخيما تي حملو ڪري ڏنو. حملو اوچتو هو ۽ ڪنهن کي به اڳواٽ ان جو اطلاع نه ڏنو ويو هو. رائل جهازن راس الخيما جي بندر تي بيٺل 300 جهاز تباهه ڪري ڇڏيا. واپس موٽندي انگريزي ٻيڙي عجمان ۽ ام القوين جي بندرگاهن تي پڻ حملو ڪيو ۽ کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اها عجيب ڳالهه آهي ته ان حملي کان دبئي ۽ ابوڌابي بچي ويا.
    ان واقعي جو گلف جي سياست تي تمام گهرو اثر ٿيو. ان وقت تائين ته ائين سمجهيو پئي ويو ته انگريزن جي علائقي ۾ موجودگي رڳو سندن واپاري مفادن جي بچاءَ خاطر هئي، پر هاڻي ته سياسي ۽ فوجي مقصد به ظاهر ٿي پيا.
    هندستاني واپارين لاءِ اهي سخت امتحان وارا ڏينهن ثابت ٿيا، پر هو پنهنجي جاءِ تي ڄميا رهيا. عجمان ۽ ام القوين جا شيخ راس الخيما جي واليءَ جي حفاظت ۾ هوندا هئا. انگريزن وڏي چالاڪي کان ڪم وٺندي 1820ع ۾ انهن ٻنهي سان الڳ الڳ ٺاهه ڪري ورتو. اهڙي ويساهه گهاتي تي راس الخيما جي حاڪم کي سخت چِڙ لڳي.
    جيتوڻيڪ انهن ٻنهي شيخن سان ڪيل ٺاهه کي ٻاهرينءَ طرح ته امن جو نالو ڏنو ويو هو ته جيئن انگريزن جا هندستان مان ايندڙ مال بردار جهاز سلامتي سان گلف مان لنگهي وڃن، پر انگريزن جي دل ۾ ڪا سِٽاءُ ئي ٻي هئي، جيڪا جلد ئي سڄي گلف جي علائقي تي انگريزن جي قبضي جي صورت ۾ ظاهر ٿي.
    مٿي بيان ڪيل ٺاهه موجب انگريزن کي ان علائقي جي واپار تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ٿي ويو، جيڪو ميڊٽيرينين سمنڊ تائين سندن هٿ هيٺ رهيو. 1826ع سن ۾ هنن بشائر ۾ پنهنجي پوليٽيڪل ريزيڊنٽ جي طرفان شارجا ۾ پوليٽيڪل ايجنسي قائم ڪئي، جنهن جو ڪم هو سمنڊ ۾ انگريزن جي جهاز جي نظرداري ڪرڻ.
    آگبوٽن ۽ تار ۽ ٽپال جي سرشتي اچڻ کان پوءِ ته ويتر هندستان ۽ يورپ جي وچ ۾ واپاري ناتا وڌي ويا. ان ڪري هن علائقي ۾ امن امان جي سخت ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي ته جيئن انهن جهازن جي اچ وڃ ۾ ڪو رخنو نه پوي ۽ واپاري رستا هر قسم جي بدامنيءَ کان آجا هجن. انگريزن جڏهن واپار ۽ ملٽري طاقت جي زور تي هن علائقي ۾ پنهنجي اهميت ڏيکاري ڇڏي، تڏهن هنن 1835ع سن ۾ هتان جي والين سان وڌيڪ جنگ نه ڪرڻ جو هڪ عهدنامو ڪيو. اهو عهدنامو هر سال نئين سر بحال ڪيو ويندو هو، پر 18 سالن کان پوءِ 1853ع سن ۾ ان کي پڪو ڪري هميشه لاءِ لاڳو ڪيو ويو. ان کانپوءِ ابوڌابي، دبئي ۽ اتر امارات جا علائقا ٽروشل اسٽيٽس سڏجڻ لڳا.
    18 ۽ 19 عيسوي جي دوران هندستاني جهاز انهن ٽروشل اسٽيٽس منجهان لنگهندا هئا. پر رستي ۾ کين ايراني بندرگاهه “لنگهي” وٽان گذرڻو پوندو هو، جيڪو راس الخيما جي القاسمي شيخن جي هٿ هيٺ هو. جيتوڻيڪ “لنگهي” عربي گلف جي ايراني ڪناري تي هو، پر ان جا گهڻي ڀاڱي رهاڪو گلف جي عربي پاسي جا هئا. اهو بندر ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ سڌريل هو، ان ڪري جيڪي جهاز بمبئي ۽ بصري جي وچ ۾ سفر ڪندا هئا، سي ان بندر تي ترسندا هئا. ظاهر آهي ته جهازن جي ايتري اچ وڃ سبب بندرگاهه جو واپار وڌي ويو. هڪ ٻيو سبب به هو. اهو هيءُ ته ان بندر تي آمدني ۽ روانگي واپار تي ٽئڪس ڪونه اوڳاڙيندا هئا. ٻين لفظن ۾ اهو فري پورٽ (Free port) هو، ان ڪري به واپاري گهڻو ڪري “لنگهي” بندر کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. بندر ته عربن جي هٿ هيٺ هو، پر ايراني حڪومت سندس معاملن ۾ دخل ڪونه ڏيندي هئي. بهرحال، راس الخيما جي تباهي کان پوءِ اتان جي شيخن جو لنگهي بندر تان قبضو آهستي آهستي ختم ٿي ويو. اهو حال ڏسي ايراني حڪومت کي خيال ويٺو ته جيڪڏهن اسان جي ڪناري جا بندر ايڏا ڪمائتا آهن ته پوءِ ڇو نه انهن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻجي. ان ڪري 20 عيسوي صدي ڌاري ايراني حڪومت عرب گورنر جو عهدو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايراني امپيريل ڪسٽم وارن، جهازن کان ٽئڪس وصول ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. واپارين کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، ان ڪري هنن ايراني حڪومت جي انهن قدمن جي مخالفت ڪئي ۽ ٽئڪس جي معاملي ۾ پڻ پنهنجي راءِ جو کلي ريت اظهار ڪيائون. نه رڳو ايترو، بلڪ حالتن کان نااميد ٿي واپاري آهستي آهستي پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي گلف جي سامهون واري بندرگاهن دبئي، راس الخيما ۽ ابوڌابي ڏانهن کڻي وڃڻ لڳا. گهڻا ڪٽنب وري ان ڪري به لڏي ويا جو کين ايران جي شاهي گهراڻي طرفان ٿيندڙ اسلامي سڌارا پسند ڪونه هئا.
    “لنگهي” ۾ آباد گهڻا هندستاني واپاري موتين جي ڪاروبار ۾ سرمايو لڳائيندڙ هئا ۽ کاڌي جو سامان ٻاهران امپورٽ ڪندا هئا. جڏهن اهڙن واپارين لنگهي مان لڏڻ شروع ڪيو ته مٿن دارومدار رکندڙ ٻين ماڻهن به سندن ساٿ ڏنو. انهن ۾ ملاح ۽ هاري ناري به شامل هئا.
    اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته دبئي ۾ منگهه يا بادگير به انهن لڏي آيل ايرانين اچي ٺهرايا.
    لنگهي جلد ئي ويران ٿي ويو ۽ آهستي آهستي ماڻهن جي دلين تان ميسارجي ويو. لنگهي جي بربادي دبئي جي آباديءَ ۾ بدلجي وئي. هندستان سان هلندڙ واپار وسيلي واپارين تجربو ۽ مهارت حاصل ڪئي هئي، سي سڀ هاڻي لڏي اچي دبئي ۾ ويٺا. بس، جادوءَ جو کيل ٿي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي دبئي ٽروشل ڪناري تي سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم بندر بنجي ويو. ڪي ٻيون به ڳالهيون هيون جن دبئي جو شان وڌائڻ ۾ مدد ڏني. سڀ کان پهرين ۽ ضروري ڳالهه هئي دبئي جي حڪمران جي کلي ۽ سلجهيل سوچ ۽ دورانديشي. جنهن وقت ‘لنگهي’ نون قاعدن ۽ سخت قانون سبب پويان پساهه کڻي رهيو هو، دبئي جي حاڪم نون ايندڙن کي مفت زمين، ٽئڪسن کان ڇوٽڪارو ۽ جان مال جي حفاظت جهڙيون سهوليتون آڇي سندن من موهي وڌو. هو ايراني بندرگاهه ڇڏي دبئي لڏڻ لڳا. اها سڀ انهن سهوليتن جي آڇ جو نتيجو هو، جيڪي کين دبئي جي حاڪمن ڏنيون هيون.
    “لنگهي” جي تباهي کان صرف ٽي سال پوءِ، 1905/6ع سن ۾، بامبي اينڊ پرشن اسٽيم نيويگيشن ڪمپني (Bombay and Persian Steam Navigation Company) جي دبئي وٽان لنگهندڙ جهازن جو عدد وڌي 34 ٿي ويو ۽ مٿن رکيل مال جو وزن 70132 ٽنن تائين پهچي ويو. هن کان اڳ انگريزن جا آگبوٽ بمبئي ۽ بصري واري رستي تي سال ۾ ٽن کان پنجن ڦيرن کان اڳ وڌيڪ ڪڏهن به دبئي ۾ نه ترسيا هئا. جيڪڏهن مٿين انگن جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته زمين ۽ آسمان جيتروتفاوت نظر ايندو.
    ان کان پوءِ دبئي ڪڏهن به مُڙي نه ڏٺو، وئي اڳتي وڌندي. پنجاهه جي ڏهاڪي تائين آمدني واپار يا ٻيهر روانگي واپار وچٿرو رهيو. ان کانپوءِ هيءُ علائقو تيل جو هڪ مکيه ذريعو ٿي پيو ۽ ان سبب دبئي جي واپار ۾ جا واڌ آئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. 1958ع سن ۾ آمدني واپار جو انگ هو ٽي ملين پائونڊ. صرف ٻن سالن کان پوءِ 1960ع سن ۾ اهو انگ ٻيڻي کان به وڌي 106 ملين پائونڊ ٿي ويو. ۽ اڃا ٽن سالن کان پوءِ 8 ملين پائونڊن تي وڃي پهتو. 1967ع ۾ 70 ملين پائونڊ کي وڃي ڌڪ هنيائين.
    انڊيا مان هندستاني واپاري گهڻو ڪري اناج ۽ داليون ٽروشل اسٽيٽس جي بندرگاهن وسيلي آڻيندا هئا، جن جو ڪاٿو 205 ملين روپيا ساليانو هوندو هو. اهي جهاز جيڪي هيءُ مال کڻي ايندا هئا، سي هندستان ۽ ٽروشل ڪناري جي بندرن تائين محدود نه رهندا هئا، بلڪ ڀرپاسي وارن ملڪن ڏانهن به ويندا هئا. اهڙي ريت دبئي ۾ لاٿل مال ٻيهر دبئي کان ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندو هو. اتان جا مارڪيٽ جهڙوڪر دبئي جامارڪيٽ بنجي پيا.
    پر سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ ويا موتين جا واپاري، سندن ماڻهو ۽ ٽروشل اسٽيٽس جا ٻيا رهاڪو. شارجا، دبئي ۽ ابوڌابي مان ڪافي، کنڊ، ڪپڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ان قسم جون شيون، ڪنارن کان دور رهندڙ بدُو توڙي ٻين قومن جي ماڻهن ڏانهن موڪلجڻ لڳيون، جتي ڳوٺن جي دڪانن تي ان قسم جو سامان عام جام وڪامڻ لڳو. اهڙي طرح ننڍڙا ننڍڙا دڪان کلي پيا. ماڻهو پئسو ڪمائڻ لڳا ۽ واپار کي هٿي ملي. جتي اهو سڀڪجهه ٿئي، اتي خوشي ۽ خوشحالي به ضرور ايندي. صدي جي پُڄاڻيءَ تي شارجا جو ساليانو محصول هو 8000 روپيا ۽ راس الخيما جو 800 روپيا، جيڪو ڪسٽم ڊيوٽيءَ جي صورت ۾ ٻاهران ايندڙ مال تي ورتو ويندو هو.
    هندستاني واپاري جيڪي ٽروشل اسٽيٽس ۾ ڏيڍ سؤ سال کن اڳ آيا هئا ۽ جن ۾ وڏو تعداد ٺٽي کان آيل ماڻهن جو هو، تن موتين جي ڪاروبار ۾ چڱو پاڻ موکيو. اهي سڀ هندو هئا، جيڪي هن علائقي ۾ آباد ٿيڻ لاءِ نه آيا هئا، بلڪ هو موتين جي مُند ۾ هرسال لڳاتار ايندا رهندا هئا. شروع شروع ۾ ته هو صرف موتين جي ايڪسپورٽ ۾ دلچسپي وٺندا هئا. آهستي آهستي هو ٻين وکرن تي به ڌيان ڏيڻ لڳا، جهڙوڪ چانور، ڪافي، کنڊ، ڪپڙو وغيره جيڪو هو اتان جي ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مهيا ڪرڻ لڳا. هندستاني واڻيا وياج خور ۽ ڪي ايراني واپاري دبئي ۾ آباد ٿي ويا. انهن دبئي جي ڏيتي ليتي واري مارڪيٽ ۾ ڪافي اثر رسوخ پيدا ڪري ورتو ۽ وڏي وياج تي اوڌر ڏيڻ لڳا.
    دبئي جا ڪجهه مکيه موتين جا واپاري هئا: آسڪرن داس آسن مل واڀي، ڌمن مل لاچند واڀي، ڌمن مل ايسرداس، ڄيٺانند لالچند، ڪيشو داس تاراچند، خوشحالداس ڪنبنداس ڀاٽيا، ڪشنداس ناٿامل ڪيساڻي، لکميداس تلسيداس ۽ سندس ڀائر، شمبي مل ڀاٽيا، تلسيداس فتحچند ۽ اتمچند تلسيداس.
    20 صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ اٽڪل 7000 ماڻهو سڌيءَ طرح موتين جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هئا ۽ سي به فقط دبئي ۾. انهن ويچارن کي پنهنجي سخت پورهئي جي بدلي ۾ تمام معمولي اجورو ملندو هو، پر تنهن هوندي به موتين جو واپار زورن تي هوندو هو. ان جو سبب صرف اهو هو ته ماڻهن جي گهڻائي کي ان کانسواءِ آمدني جو ڪو ٻيو وسيلو موجود ئي ڪونه هو. موتين منجهان ڪمائي ته بيشڪ گهٽ هئي، پر ٻئي وسيلي نه هئڻ سبب ان ڪاروبار جي ڪري مقامي واپار کي وڏي هٿي ملي پئي پر افسوس جو موتين جو اهو ڪاروبار گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ان زوال جا ٻه ڪارڻ هئا. هڪ اهو ته جپان موتي پالڻ جو طريقو ڳولي لڌو. هنن ڇا ڪيو جو سپن ۾ واري ۽ سنهڙي پٿري نقلي نموني سان وجهي، کين سمنڊ اندر پڃرن ۾ پالي وڏو ڪندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي وقت تي سپون ڪڍي انهن کي کولي منجهانئن موتي حاصل ڪندا هئا. جپان جي ان ڏاهپ دبئي جي مارڪيٽ جا ترا ڪڍي ڇڏيا، ٻيو ڪارڻ هو پهرين مهاڀاري لڙائي جو يورپ جي سياسي سوچ تي اثر.دراصل موتين جي ڪاروبار جي مند 1920ع جي وچ ڌاري شروع ٿي چڪي هئي. 1929ع ڌاري دبئي جون 60 موتين جي شڪار واريون ٻيڙيون فقط ان ڪري بيڪار ٿي ڪناري ڀيڙيون بيهي رهيون جو هو ٽوٻن توڙي مزورن ۽ ملاحن کي ائڊوانس ڏئي نٿي سگهيون. يورپ جي مارڪيٽ ۾، خاص ڪري پئرس ۾، موتين جي نه پهچڻ سبب سرمائي جي ڪمي ٿي پئي. واپاري اچي پريشان ٿيا ته آخر ايترو پئسو ڪٿان آڻجي جو موتين جي ڪاروبار کي ٻيهر صحيح نموني جاري ڪري سگهجي. انهن منجهان وڏي پيماني تي ڪيترا ئي شاهوڪار موتين جاواپاري، جن جو مکيه ڪم ئي هوندو هو وڏي پيماني تي پئسو سيڙائڻ، سي قرضن ۾ وٺجي ويا.
    موتين جا واپاري عام طور ڳرن اگهن تي قرض وٺندا هئا. اها اوڌر 36 سيڪڙو وياج تائين به ورتي ويندي هئي. اوڌر ڏيڻ وارا هوندا هئا بمبئي يا ٽروشل اسٽيٽس جا واڻيا توڙي وياج خور، جيڪي موتين جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ ان ڌنڌي ۾ اوڌر ڏيندا هئا. جڏهن سيزن پوري ٿيندي هئي ته اهي واپاري هندستان مان واپس موٽي پنهنجي ڪمائي مان اوڌر ورتل رقم وياج سميت موٽائي، حساب ڪتاب برابرڪري ڇڏيندا هئا. ان زماني ۾ اهو ئي رواج هوندو هو.
    جڏهن مارڪيٽ ڪرندو هو ته ان جو اثر هڪ اعليٰ ماڻهوءَ تي نه، بلڪ انهن سڀني تي پوندو هو، جيڪي ان سموري ڪاروبار سان ڪنهن نه ڪنهن طرح لاڳاپيل هوندا هئا. جي واپاري مارڪيٽ ۾ موتي وڪڻي نه سگهندا هئا ته ظاهر آهي ته اهي اوڌر ڪيئن لاهي سگهندا؟ ان ڪري ويچارا اوڌر ڏيڻ وارا سيڙپڪار به آزار ۾ اچي ويندا هئا.
    موتين جو هڪ مشهور واپاري محمد بن بياط هو، جنهن تي ڇهه لک روپيا قرض چڙهي ويو ۽ کيس ڏيوالو ڪڍڻو پيو. ڇهه لک روپيا ان زماني ۾ تمام وڏي رقم ليکي ويندي هئي. هڪ ٻئي واپاري محمد بن احمد بندلمڪ کي، ٻه لک روپيا هڪ واڻئي وياج خور کان اوڌر وٺي، محمد علي زنيل نالي بمبئي جي هڪ مشهور واپاري جو قرض لاهڻو پيو.
    مارڪيٽ جي حالت وئي ڏينهون ڏينهن بگڙجندي. آخرڪار دبئي ۽ شارجا جي ڪيترن اوڌر ڏيندڙ سيڙپڪارن، جيڪي انگريزن جا رعايا هئا، تن وڃي برٽش پوليٽيڪل ايجنسي جو در کٽڪايو ته اسان کي موتين جي واپارين کان پنهنجا پئسا اوڳڙ ڪرائي ڏيو. آخرڪار حڪومت کي وچ ۾ پئي ڪيترا اهڙا ڪيس نبيرڻا پيا. ڌرين کي ٺاهه ڪرڻا پيا ۽ قرض جون قسطون ڪري ڊگهي عرصي تائين ٿورو ٿورو ڪري بار لاٿو ويو. ڪم گهٽجڻ ڪري سوين مزور بي روزگار ٿي پيا. اها صورتحال جڏهن ڊيگهه پڪڙي وئي ۽ سڌاري جي ڪا اميد نه رهي، ته وياج خور واڻيا به ٽپڙ ويڙهي ٽروشل اسٽيٽس ڇڏي هليا ويا.
    ان وقت موتين جي واپار جي جيڪا دکدائڪ حالت هئي، ان جو اندازو توهان هن رپورٽ مان لڳائي سگهو ٿا، جيڪا 1934ع سن ۾ بشائر ۾ برٽش ريزيڊنسيءَ لنڊن جي ڊپارٽمنيٽ آف اوور سيز ٽريڊ (Department of Overseas Trade in London) کي موڪلي هئي.
    “ڪيترن سببن جي ڪري هيءَ انڊسٽري، ڪجهه سالن کان وڃي ٿي پوئتي پوندي. هاڻي ته سندس حالت بد کان بدتر ٿي وئي آهي ۽ سڌاري جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. هڪ ته آمريڪا ۽ يورپ جي مالي حالت خراب آهي، ان ڪري انهن ملڪن ۾ موتين جي گهر ڪافي گهٽجي وئي آهي ۽ يورپي خريدار هاڻي اڳي جيان هرسال بحرين ڪونه ٿا وڃن. ٻيو ته جپانين جيڪي پاليل نقلي موتي مارڪيٽ ۾ آندا آهن، انهن جي ڪري به اصلي موتين جي وڪري تي خراب اثر پيو آهي. ٽيون ته مقامي موتين جي ڪوالٽي به هاڻي اها ساڳي نه رهي آهي، ڇو ته جن ماڳن تان موتي ملن ٿا، تن تي سالن کان پيو ٿو شڪار ٿئي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته سپن جو نسل گهڻو گهٽجي ويو آهي.”
    موتين جي واپارين پراڻا مارڪيٽ وساري، نون مارڪيٽن کي آزمائڻ شروع ڪيو، خاص ڪري آمريڪا ۾ گهڻي ڪوشش ڪيائون، پر جپاني نقلي موتي سستا هئڻ سبب هر هنڌ مارڪيٽ تي ڇائنبا ويا. اها به ڪوشش ڪئي وئي ته ڀلا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کڻي موتين کي صاف ڪري پالش وغيره ڪجي، پر اتي به ڪاميابي نه ٿي، ڇو ته هندستان ۾ موتين جي ڄاڻ رکندڙ ڪاريگرن جو تعداد گهڻو هو ۽ هو هنر توڙي صفائي ۾ اڳي ئي ماهر هئا. گلف جا نڪتل موتي سڀ هندستان موڪليا ويندا هئا، جتي انهن کي سڌاري، صاف ڪري، پالش ڪري، زيورن ۾ جڙي، اولهه جي ملڪن يا ڏور اوڀر جي ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ موڪليو ويندو هو. هندستاني ڪاريگرن کي پنهنجي ملڪ مان ڀرتي ڪري وچان ڪنهن ٽئين ملڪ ڏانهن موڪلڻ مان فائدو ڪونه هو، ڇو ته هندستان ۾ اهو ساڳيو ڪم سستي اگهه ۾ ٿي ويندو هو. ڌارئي ملڪ ۾ اجورو وڌي وڃي ها.
    1940ع سن ڌاري اهو چٽيءَ طرح معلوم ٿي ويو ته هاڻي موتين جو ڪاروبار ٻيهر اهو اوج ماڻي نه سگهندو، جيڪو اڳ ماڻيو هئائين. گلف کي هاڻي ڪو ٻيو ذريعو تلاش ڪرڻو پوندو، جيڪو سندس رهواسين کي روزگار ڏئي سگهي. هن موقعي تي وري به دبئي ڪم آئي. دبئيءَ هن وقت تائين پنهنجين ٻين ويجهين رياستن کان وڌيڪ تجربو حاصل ڪري ورتو هو. خاص طور آمدني مال کي ٻيهر پرڏيهه ۾ وڪڻڻ (Re export) جي ڪم ۾ دبئي واسي هاڻي ڀڙ ٿي چڪا هئا، ان ڪري هنن ان ڪم جو بنياد وڌو، جيڪو اڄڪلهه دبئي جي واپار جي سُڃاڻ آهي.
    *


    9. باب نائون : نئين دور ۾ پهريون قدم

    زندگي سنگيت سمان آهي، جنهن کي ڪَنَ، آتما ۽ امنگ جوڙي راس ڪندا آهن ۽ نه قاعدا ۽ قانون. پر اُن هوندي به قاعدن قانونن جي ڄاڻ ضروري آهي، ڇو ته ڀُل چُڪ ۾ اهي صحيح رستو ڏيکاريندا آهن، پر هميشه نه.
    سموئيل بٽلر

    دبئي هاڻي ڀانت ڀانت جي ماڻهن جو شهر آهي. سندس تاريخ ۽ جاگرافيءَ کيس اڄوڪو انوکو روپ ڏنو آهي.
    ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي دبئي جا واپاري ۽ ملاح دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان واقف رهيا آهن. دبئي جون ٻيڙيون سدائين ڀر پاسي وارن بندرن ڏانهن وينديون پئي رهيون آهن. ايران، مڪران، مسقط ۽ باتينا جا سامونڊي ڪنارا هنن لاءِ نوان ناهن. اهڙي ريت بحرين، بصري، بمبئي، ڳاڙهي سمنڊ، زنزيبار ۽ آفريڪا جا ڪنارا هنن جا ڏٺل وائٺل آهن. دنيا جي چئني دشائن کان ماڻهو دبئي ۾ واپار جي خيال کان ايندا هئا. خاص ڪري هڪ هنڌان خريديل مال کي ٻئي ملڪ وڪڻڻ (Re-export) جي لاءِ دبئي هڪ مثالي جڳهه هئي. ان ڪري ٻين ڀروارين رياستن جي مقابلي ۾ دبئي وڌيڪ ترقي ڪئي.
    مان دبئي ۾ رهندو آهيان. مون ۽ منهنجي ڪٽنب دبئي ۾ خوشي ۽ خوشحالي ماڻي. هن شهر جا اسان مٿان تمام گهڻا ٿورا آهن. هتي اسان کي پنهنجي سڀيتا کي زنده رکڻ جو موقعو مليو ۽ اُڌاري ورتل ورثي سان پنهنجي حياتي کي سُکي رکڻ ۽ ڦلڻ ڦولڻ جا رستا به هٿ آيا. هتي رهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي دبئي کي سمجهڻو پوندو. هن اڀرندڙ شهر جي اوسر اچرج ۾ وجهندڙ آهي. ترقي جي رفتار ته تيز آهي ئي، پر واپار جا نوان نوان رخ ۽ رنگ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪي ماڻهو دبئي کي “اوچتو اُڀريل” شهر سڏيندا آهن. هو غلط ناهن. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته هن”اوچتو اُڀريل” شهر جون پاڙون پراڻيون ۽ پاتال ۾ پختيون کُتل آهن ۽ هتان جي ماڻهن جي محنت، بهادري ۽ اورچائي جي تواريخ قديمي آهي.
    دبئيءَ ايندڙ هر مسافر هر بار تپرس جهڙي تبديلي ڏسندو. ڪنهن به ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کان پُڇي ڏسو، جواب اهو ئي ملندو، “مار! دبئي ته بلڪل بدلجي ويو آهي.”
    ويهه سال اڳ ماڻهن ۾ دبئي هڪ گرم، مونجهه وارو وارياسو رڻ پٽ هو. بلڪل ائين، جيئن ڊيوڊ لين جي فلم “لارينس آف عريبيا” ۾ ڏيکاريل آهي. دبئي اڄ به گرم آهي. اڄ به وارياسو آهي. پر ان کان اڳ جو توهان صحرا جي واريءَ وارين ڀٽن تائين پهچو، دبئي هڪ جادوءَ جي نگري بنجي چڪو آهي. شهر کي ڏسي توهان جي سوچ توهان جو ساٿ ڇڏي ويندي. اعتبار نه اچيوَ ته اچي پنهنجين اکين سان پاڻ ڏسو، محسوس ڪريو، بازاريون ۽ سپر مارڪيٽ گهمي ڏسو، روڊن ۽ رستن تي سئر ڪريو، ڏينهن جي گهما گهمي ڏسو، رات جون رنگينيون پَسو. هيءُ اهو شهر آهي جتي رونقون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون آهن، روشنيون ڪڏهن به مرجهائبيون ناهن، زندگي ڪڏهن به ٿڪبي ناهي.
    دبئي پکيڙ جي خيال کان يونائيٽيڊ عرب امارات ۾ ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. ڏهن لکن کان ٿورا وڌيڪ انسان هن شهر ۾ ساهه کڻندا آهن. هڪ سؤ کان وڌيڪ قومون وڏي قرب، پيار، پنهنجائپ ۽ ڀائيچاري واري ماحول ۾ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي گڏجي رهنديون آهن. هن حقيقي اسلامي روايتن ۽ تهذيب واري سماج ۾ هر شخص ٻئي ماڻهوءَ جي ڌرم، ويچار ۽ سڀيتا کي نه رڳو برداشت ڪندو آهي، پر ان جي دل سان عزت ڪندو آهي.
    قديم ۽ جديد جو عجيب سنگم آهي دبئي. دنيا ۾ شايد ڪي ٿورا اهڙا ٻيا ملڪ ملندا جن ۾ مختلف مذهبن، روايتن، ريتن، رسمن، سڀيتائي ورثن، تاريخي سچاين کي ايڏيءَ سهپ، ايڏيءَ بردباريءَ ۽ ايڏيءَ دورانديشي سان پريت جي نازڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ مالا جي صورت ڏئي، سڀ ڪجهه ڀلائي، ايندڙ وقت جي للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط اوچي درجي جي سائنسي ٽيڪنالاجيءَ جي آڌار تي اڏول ۽ اٽل ڪري، دنيا جي نقشي تي اُڀاريو ويو آهي. دبئي جا اعليٰ رهائشي معيار، ماپا ۽ ماڻ، اڄ به روايتن جا محتاج آهن. نتيجي طور شهر جو جڙيل وايومنڊل نه رڳو حقيقتي ۽ اصلي ٿو لڳي، بلڪ اُن ۾ هڪ انوکوپڻ پڻ آهي، جيڪو ڪٿي ٻئي هنڌ نه ملندو. ڌار ڌار قومن، ذاتين، رنگن ۽ نسلن جي ماڻهن جو هيءُ عجيب سنگم، جنهن ۾ ڪو ڪنهن کان ڌار ناهي، ڌاريو ناهي، رهائش لاءِ روزگار لاءِ توڙي وڌڻ ويجهڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ مثالي ماڳ آهي.
    جيڪڏهن دبئي کي سمجهڻ يا سمجهائڻ لاءِ ڪنهن هڪ مناسب جذبي جو اظهار ڪرڻو پوي ته اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته دبئي فقط ۽ فقط هڪ ڳولا جي وچن سان واڳيل آهي: خوب کان خوبتر جي ڳولا.
    دبئي جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسندؤ ته اوهان کي هن شهر جي ترقي ۽ عروج پويان هتان جي حڪمرانن جو وڏو هٿ نظر ايندو. امارت جي اوسر جي تاريخ 1833ع سن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ‘بني ياس’ قبيلي جا ڪجهه ماڻهو ڇاڙ (Greek) جي ڪناري تي اچي آباد ٿيا. شيخ عبيد بن سعيد ۽ شيخ مڪتوم بن بب جي اڳواڻي ۾ هنن دبئي ۾ مڪتوم خاندان جي حاڪميت جو پايو وڌو.
    دبئي جي حيرت ۾ وجهندڙ ترقي ۽ تازه ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ حاصل ڪيل مهارت مڪتوم خاندان جي محنت ۽ ڊگهي سوچ جو ئي نتيجو آهي. شيخ مڪتوم بن حشر، جنهن جو شمار 20 عيسوي صدي جي سڀ کان وڌيڪ ڏاهن ۽ کليل دل وارن حڪمرانن ۾ ٿئي ٿو، سو پنهنجي آزاد خيالي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. سندس پٽ شيخ سعيد بن مڪتوم المڪتوم 1912ع سن ۾ پنهنجي پيءُ جي جاءِ والاري. هن دبئي جي مالي حالت سُڌارڻ ۽ ملڪ ۾ سلامتي ۽ سک آڻڻ لاءِ جيڪي چڱا ڪم ڪيا، تن کي دبئي کي هاڻوڪيءَ ڀر تائين پهچائڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر چئي سگهجي ٿو.
    سندن پٽ شيخ راشد بن سعيد المڪتوم 1958ع سن ۾ دبئي جي واڳ سنڀالي. کيس جديد دبئي جو معمار چيو وڃي ٿو. هن جي انسان دوستيءَ دورانديشيءَ سبب اڄ دبئي ان جاءِ تي آهي، جتي پهچڻ جي هامَ ڪيترا سڌريل ملڪ به هڻي نٿا سگهن. دبئي انهن ٿورين جڳهين مان هڪ آهي، جتي مسجد ۽ مندر هڪ ٻئي کان چند قدمن جي مفاصلي تي جڙيل نظر ايندا. حاڪم جي سهپ ۽ ڪشاده دليءَ جو اُن کان وڌيڪ سٺو مثال ٻيو ڪهڙو ملندو ته مندر جوڙڻ لاءِ زمين خود واليءَ پاڻ دان ڪئي هئي.
    دبئي ۾ واپار جي ريل پيل ۽ موٽ روانگي (Re-export) جي بي انتها ڪاميابي ڏسي، شيخ راشد دبئي ڇاڙ (Dubai Greek) کي اونهو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ جلد ئي پوءِ ‘پورٽ راشد’ ٺاهڻ لاءِ به هدايتون ڏنيون. ان کان سواءِ ٻيا جيڪي ڪارناما هن جي دور ۾ ٿيا، تن مان ڪي آهن: جبل علي پورٽ، جبل علي فري زون، دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ دبئي اليومينيم ڪمپني.
    هن جو وڏو پُٽُ ۽ سندس جانشين (Successor) شيخ مڪتوم بن راشد المڪتوم، جيڪو هاڻي دبئي جو حڪمران ۽ يو اي اِي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ وزيراعظم آهي، وڏي قابليت سان پنهنجي پيءُ جي دبئي کي هڪ جديد شهر بنائڻ واري خواب کي پورو ڪندي، پنهنجي حڪمران خاندان جي ٻين مڙني ماڻهن جي سڀ طرفي مدد ڪندو رهي ٿو.
    انهي روايت کي يو اي اِي جي وائيس پريذيڊنٽ ۽ دبئي جي انهي حڪمران هزهائينيس شيخ محمد بن راشد جي اصل سوچ ۽ تصور سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. جيڪو دراصل پنهنجي نوجواني واري ڏهاڙن ۾ ئي، پنهنجي متحرڪ ڪردار ۽ شاندار تجربي سان گڏ اڪيچار ذميواريون کڻندي ۽ انهن کي وڏي قابليت ۽ مهارت سان توڙ تائين نڀائيندي ظاهر ٿيو. مونز آفيسرز ڪيڊٽ اسڪول جو گريجوئيٽ ۽ رائل ملٽري اڪيڊمي سينڍهرسٽ (Sandhurst)جو حصو بڻيل شيخ محمد برطانيا جي وڃڻ کانپوءِ دبئي جي دفاع واري قوت کي وڌائڻ توڙي قائم ڪرڻ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. يو اي اِي جي دفاع واري وزير جي حيثيت سان شيخ محمد ان جي فوجي سگهه ۽ طاقت کي پڻ سگهارو ۽ جديد بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو. هن جو وڏن منظم ادارن جهڙوڪ: دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، امارات ايئر لائين، دبئي پيٽروليم ڪمپني وغيره کي قائم ڪرڻ وارين ڪوششن مان، سندس دورانديشاڻي ڪردار ۽ سوچ جي چڱي طرح سان ساک ملي ٿي. دبئي جي مستقبل کي شاندار بنائڻ واري سوچ ۽ حڪمت عملي دراصل، هن جي پنهنجي ئي شاندار تجربي مان ظاهر ٿي. جيڪو تجربو، هن پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي عظيم پيءُ شيخ راشد جي رهنمائي ۾ حاصل ڪري ورتو هو.
    هزهائينيس شيخ همدن بن راشد المڪتوم يو اي اِي جي اڏجڻ کان وٺي صنعت ۽ فنانس واري وزير طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. 1995ع ۾ دبئي جي نائب حڪمران(Deputy Ruler) ٿيندي، شيخ همدن اڪيچار ذميواريون کنيون. جن جو هتي جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.
    دبئي جي دراصل، زندگي جي هرهڪ شيءَ لاءِ پڻ جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پکڙيل دبئي جو نالو، شاپنگ ۽ خريدار وغيره لاءِ به هڪ متبادل شهر آهي. جتي دنيا ۽ زندگي جي هرهڪ شيءَ سولائي سان مليو سگهي ٿي ۽ هي شهر ئي انهن ڪجهه اهڙن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. جتي اوهان کي خريداري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪار کي لاڪ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
    سندس وڏو پٽ ۽ جانشين، هزهانيس شيخ مڪتوم بن راشدالمڪتوم. جيڪو يو . اَي . اِي جو وائيس پريذيڊنٽ ۽ پرائم منسٽر هئڻ سان گڏ دبئي جو حاڪم به آهي، تنهن پنهنجي روشن خيال پيءُ جي خوابن کي ساڀيان بڻائڻ ۽ دبئي کي جديد ترين شهر ٺاهڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. ان ڪم ۾ سندس شاهي خاندان پڻ ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو آهي.
    هزهاءِ نيس شيخ حمدان بن راشدالمڪتوم، يو اي اي جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، فائنانس منسٽر ۽ انڊسٽريز منسٽر طور ڪم ڪندو پئي رهيو آهي. 1995ع سن ۾ کيس ڊپٽي رولر طور مقرر ڪيو ويو هو ۽ پاڻ دبئي ميونسپالٽي جو چيئرمن پڻ آهي.
    هزهاءِ نيس جنرل شيخ محمد بن راشدالمڪتوم 1971ع سن کان وٺي يو اَي اِي جي بچاءَ واري وزيرطورڪم ڪري رهيو آهي. کيس دبئي جو ڪرائون پرنس (جانشين شهزادو) 1995ع سن ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته شيخ راشد سڀ کان ننڍي پٽ هز هاءِ نيس ميجر جنرل شيخ احمد بن راشدالمڪتوم کي ڊپٽي چيئرمن آف دبئي پوليس اينڊ پبلڪ سڪيورٽي جو عهدو مليو آهي.
    دبئي جي ٻي مشهوري اها به آهي ته هت زندگي جي ضرورت جون سڀ سٺيون شيون ملي سگهنديون آهن. ٽوئرزم (سير تفريح) ته هتان جي مشهور آهي ئي، پر ان سان گڏ ٻاهران ايندڙن کي ملندي آهي هتان جي لاجواب روايتي مهمان نوازي، عزت ۽ پيار. انگريزي ۾ دبئي کي “Seven Esses” جو شهر سڏيندا آهن: سمنڊ (Sea)، سج (Sun)، رانديون (Sport)، سلامتي (Safety)، حفاظت (Security)، اسٽائيل (Style) ۽ شاپنگ (Shopping). انهن ستن ئي خوبين جي ڪري دنيا ڀر جا ماڻهو ايندي ويندي دبئي ۾ ٿورو گهڻو ضرور ترسندا آهن.
    سڄي دنيا ۾ لفظ “دبئي” کي شاپنگ سان لاڳاپيو ويندو آهي. سون کان وٺي اليڪٽرانڪ ۽ ٽيڪسٽائيل تائين، ۽ گهرج جي هر اها شي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ملندي هجي، سا هن شهر ۾ مناسب اگهه تي ۽ ڪنهن به ملاوت کان سواءِ ملي سگهي ٿي. هيءُ دنيا جي انهن چند ملڪن مان هڪ آهي، جتي توهان پنهنجيءَ موٽرڪار کي چاٻي هڻي بند نه ڪريو ته ته به ڀؤ ناهي.
    جيڪڏهن دبئي ۾ ڪا ڏکيائي آهي ته صرف هڪ ڳالهه جي، هتي من پسند شي جي چوند ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. هڪ کان وڌيڪ هڪ شي موجود آهي. دل ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن پئي سرڪي. ڇا وٺي ڇا وٺجي؟ ماڻهو صبح کان سانجهيءَ تائين ويٺو ڳڻتين ۾ ڳري ته به فيصلو ڪري نه سگهي. ڀلا فيصلو به ڪيئن ٿئي؟ دنيا جي هر ملڪ مان بهترين ۽ چونڊ وکر اچي ٿو هت پهچي. سپر مارڪيٽ کاڌي پيتي جي موهيندڙ قسمين قسمين کاڌن سان ڀريا پيا آهن. جيڪو وڻيو سو پسند ڪري کڻو. هر ديس جو سواد، هر ڏيهه جي خوشبو، آمريڪا کان ويندي يورپ، آفريڪا، هندستان، ڏور اولهه، مطلب ته جنهن ملڪ جو نالو کڻو، اتان جا کاڌا موجود ملندا. آسٽريليا جي دنبن کان وٺي فرانس جي چيز (پنير)، بيلجم جي چاڪليٽ کان ويندي هندستاني چانور، انهن جا قسم ۽ جنسون هر هنڌ سامهون رکيل آهن. گهرڻ جي دير آهي، ڪو ورلي اوهان کي چوندو ته فلاڻي شيءِ ناهي.
    دبئي جو فري مارڪيٽ اگهن جي چٽاڀيٽي سبب ڪفائتي آهي، پر ڪنهن به قسم جي ملاوت خلاف قانون ڏاڍا سخت آهن. ٺڳي، بي ايماني ۽ ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن کي هڪدم سزا ڏني ويندي آهي ته جيئن ٻيا سبق سکن ۽ شين جو معيار برقرار رکن. ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به رعايت ڪانه ڪئي ويندي آهي. هر هڪ سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪرڻ سبب دبئي جي هڪ ساک ٺهي وئي آهي. ماڻهن کي پڪ آهي ته هو جيڪو ڪجهه خريد ڪن ٿا، ان ۾ ڪابه ٺڳي، واپاري چالاڪي، ملاوت يا ڪا ٻي خرابي ڪانه هوندي. مُدي خارج شيون، جن جي تاريخ گذري وئي آهي. سي هڪدم دڪانن مان هٽايون وينديون آهن. انهن سڀني اپائن سبب ريزڪي مارڪيٽ ۾ خريدارن کي ڪوبه ڊپ ڊاءُ يا شڪ شبهو ڪونه ٿيندو آهي. چٽا ڀيٽيءَ سبب قيمتون مناسب حد وڌي نه سگهنديون آهن. “Fly buy Dubai” (دبئي مان لنگندي خريداري ڪريو) جو اصول خريدارن لاءِ خوشيءَ ۽ خاطريءَ جو اهڃاڻ بنجي ويو آهي. اُتان جا رهاڪو توڙي مهمان مسافر ان اصول مان لاڀ حاصل ڪن ٿا.
    اڄ جي مارڪيٽ ۾ ڪنهن به شيءِ جو فقط سٺو هئڻ ان جي ڪاميابي جي نشاني ناهي، ان ۾ لڳاتار سڌارو آڻڻ به تمام ضروري آهي. دبئي جا پاليسي ٺاهيندڙ سدائين ان ڪوشش ۾ رُڌل رهندا آهن ته ڪهڙي طرح نوان نوان طريقا سوچي پنهنجي مارڪيٽ کي پهرئين نمبر کان هيٺ ڪرڻ نه ڏيون. سندن اها سوچ انهن ماهرن جي واپاري تجربي ۽ سوچ جي شاهدي ڏئي ٿي.
    اهي سوچون، اهي تجربا، اهي محنتون، هر سال “دبئي شاپنگ فيسٽيول” جي شڪل ۾ ظاهر ٿينديون آهن، جڏهن سڄي دنيا جو سڀ کان انوکو خريداريءَ جو ميلو دبئي ۾ لڳندو آهي. هاڻي ته اهو جشن هڪ سهڻي روايت بنجي چڪو آهي، جنهن ۾ هر ملڪ ۽ هر قوم جا ماڻهو لکن جي انگ ۾ اچي شريڪ ٿيندا آهن.
    ان ساڳئي جذبي هيٺ راندين رونديون کي به همٿايو پيو وڃي. راندين جا شوقين دبئي ۾ ٿيندڙ مقابلن کي نه رڳو ڏسندا آهن، پر هر ايندڙ پروگرام جو بي چئني سان انتظار به ڪندا آهن. هيءَ قوم راندين جي باري ۾ ڏاڍي سنجيده آهي. وٽس جوش به آهي، موسم به مناسب آهي ۽ وڏي ليول تي راندين ۾ حصو وٺڻ جون سهولتون به آهن. دبئي انٽرنيشنل سطح تي پاڻ وٽ مکيه راندين جو انتظام به ڪري ڄاڻي. سرڪار هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ هردم تيار آهي. ضروري گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ هتان جا حڪمران پنهنجي سر وسان ڪين گهٽائيندا آهن. ان ڪري دبئي راندين جو اهڙو وڏو مرڪز بنجي پيو آهي، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به وڏي سينٽر سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    رڳو ٿورو ويچار ڪري ڏسو ته دبئي ۾ توهان انهن جڳهين تي کيڏي سگهو ٿا، جتي ايويئيشن ڪلب ڪامپليڪس(Aviation Club Complex) ۾ ATP جون جڳ مشهور ٽورنامينٽون ڪوٺايون وينديون آهن. هتي دنيا جا پهرئين جوڙ جا کيڏاڙي هر سال مقابلاڪرڻ ايندا آهن. ٽائيگر ووڊس ۽ ارنجي الس جا نالا ڪنهن نه ٻُڌا هوندا؟ امارات جي گولف ڪلب ۽ ڪريڪ ڪلب جي چهچ ساون ميدانن تي اهڙن ڪيترن ئي نامور رانديگرن پنهنجي ڏات جو ڏيکاءُ ڪيو آهي. راند جا ميدان هاڻي PGA جا حصا آهن ۽ مٿن هتان جا رهاڪو توڙي ٻاهريان مهمان گولف کيڏي سگهن ٿا. اسڪواش راند کيڏڻ سان ماڻهوءَ جي صحت سڌري ٿي. دبئي ۾ 150 شيشي جي ديوارن وارين اسڪواش ڪورٽون موجود آهن.
    پاڻي جي راندين منجهان چونڊ ڪريو. گهري سمنڊ ۾ مڇي مارڻ ۽ ٻيڙيءَ جي ڊوڙ کان سواءِ (Windsurfing, Kiteboarding, Parasailing) جهڙيون مزيدار توڙي لڱ ڪانڊارڻ جهڙيون رانديون توهان جو انتظارڪري رهيون آهن. دبئي موٽر ٻيڙين جيڊوڙ جو گهر سمجهيو ويندو آهي. هتان جي کاٽائو ٽيمن دنيا ۾ رڪارڊ قائم ڪيا آهن. ڪار ريلي ريس ڪريو يا پنهنجا سامان سڙا ساڻ کڻي جبلن تي چڙهي وڃو. سڀ ڪجهه توهان جي وس ۾ آهي. جي زمين تي راندين جي ڳالهه پسند نه اچي ته سامهون صحرا موجود آهي. واريءَ ۾ 4x4 گاڏين جو مقابلو ته اڃا به وڌيڪ دلچسپ آهي.
    گهوڙي سواري آهي، سائيڪل سواري آهي ۽ انٽرنيشنل سالياني رسيونز ٽورنامينٽ آهي. گاڏڙن جي ڊوڙ (Go-Karting) آهي، بيس بال آهي، سنوڪر، بليئرڊ به آهي ته برف تي ڦيٿن سان ترڪڻ (Roller skating) جا صاف، شفاف ۽ شيشي جهڙا چمڪندڙ سڌا ميدان به آهن. ڪرڪيٽ جو چئني پاسي کان ڍڪيل ميدان هر موسم ۾ رانديگرن کي برسات، طوفان، اُس ۽ مٽيءَ کان بچائي ٿو. Bowling لاءِ گهڻيون Alleys موجود آهن. ڪا به هڪ چونڊيو ۽ پنهنجي نشاني جو امتحان وٺو.
    صحت ۽ تندرستي لاءِ دبئي جي هوٽلن ۽ ڪلبن گڏجي وڏو ڪم ڪيو آهي. منجهن ڪسرت ۽ راندين جون سڀ سهولتيون موجود ڪري ڏنيون وينديون آهن. انهن جي ڪري شهر ۾ تندرستيءَ جو عجيب وايومنڊل پيدا ٿي ويو آهي. هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ تندرست رهڻ لاءِ ۽ پنهنجي جسم کي ٺيڪ رکڻ لاءِ ائروبڪس (Aerobics) کان وٺي يوگا ۽ چست رهڻ جا ڪورس مهيا ڪيا ٿا وڃن. مالش ۽ ٻين طريقن سان تن کي درست رکڻ جا ٻيا به ڪيترا ئي سلسلا اوهان کي نظر ايندا.
    ڪرائون پرنس شيخ محمد سچ چيو آهي ته ‘جيڪي ماڻهو پنهنجو خيال رکن ٿا، سي پنهنجي شهر جو به خيال رکندا ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي وايومنڊل جو به خيال رکندا’.
    چيو وڃي ٿو، دبئي انهن ٿورن شهرن مان هڪ آهي، جنهن جا گهڻا ماڻهو راندين سان لاڳاپيل آهن. شام ٿيندي ئي راندين جا ميدان ماڻهن سان ڀرجي ويندا آهن. ڪسرت گاهن تي ايتري رش هوندي آهي جو ٻاهر انتظار ۾ بيٺل ماڻهو پنهنجي واري لاءِ لسٽ ۾ نالو لکائي ڇڏيندا آهن. اها ساڳي حالت ٽينس ڪورٽن ۽ گولف ڪلبن ۾ به هوندي آهي. پاڻي جي راندين واريون جايون شوقينن سان سٿيون پيون هونديون آهن. انهن سڀني راندين جي سيکارڻ توڙي سار سنڀال لهڻ لاءِ تجربيڪار ۽ تربيت ورتل ماهر هر وقت موجود ۽ تيار ملندا.
    عربن جو گهوڙن سان پيار ته صدين کان مشهور آهي. نئين دور جي گهُرجن ان پيار کي نئين شڪل ڏني آهي. دبئي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ گهوڙن تي پولو جي راند هاڻي دائمي رنگ اختيار ڪري وئي آهي. پر انهن سڀني راندين کان وڌيڪ آهي اهو عشق جنهن جو دنيا ۾ ڪو ٻيو ثاني نه ملندو. امارات جو جنون آهي اُٺن جي ڊوڙ ۽ بازن وسيلي شڪار ڪرڻ
    سياري جي مند آئي ته هفتي ۾ ٻه دفعا اُٺن جي ريس شروع ٿي ويندي. اهڙن موقعن تي رنگ روپ ۽ رسمن جي کوٽ نه هوندي آهي. دبئي جا والي هن راند کي جيئرو رکڻ توڙي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڳرا خرچ ڪندا آهن ۽ هر ريس کي چڱي طرح گهريءَ نظر سان ڏسندا آهن ۽ خوب مزا وٺندا آهن. دراصل هيءَ ريس انهن ماڻهن کي وڌيڪ وڻندي، جيڪي راند جي باريڪين کان ذري پُرزي واقف هوندا ۽ داءَ پيچ چڱي طرح ڄاڻندا هوندا. اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ لاءِ هيءَ راند ڍَري ۽ سست آهي. خاص ڪري ٽي وي تي ته بلڪل سلو ۽ ٿڪائيندڙ لڳندي آهي. سياح مسافر يا ٻاهريان ماڻهو هن راند مان ايترو مزو ماڻي نه سگهندا، ڇو ته اها لوڪل (مقامي) ماڻهن جي مزاج جي راند آهي. ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت سوار پنهنجين وهٽن کي ڊوڙائين ٿا، ڪهڙي طرح کين ڪنٽرول ٿا ڪن يا کين موڙي ٻين کان اڳتي ٿا وڌن، اهو سڀ ڪجهه وڏي ڏانءَ جو ڪم آهي ۽ اهي ئي سمجهي سگهندا، جن کي ايتري ڄاڻ هوندي.
    ان تماشي کي اڃا به وڌيڪ مزيدار بنائڻ لاءِ 4x4 جيپون ۽ ٻاهريان اُٺ سوار، ريس وارن جي پويان گوڙ ڪندا، کلندا، تاڙيون وڄائيندا، هوڪرا ڪندا، ائين ويندا جو لڳندو ته ڄڻ هڪ وڏو انبوهه آهي، جيڪو خوب مزا وٺندو، ڊوڙندو ٿو وڃي. اهڙي موقعن تي 4x4 جيپون اڪثر واريءَ ۾ ڦاسي پونديون آهن. مٿن سوار، هيٺ لهي، ڌڪي، گاڏين کي واريءَ مان ڪڍڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ هوڏانهن اُٺ سوار هڪلون ڪندا کانئن اڳ نڪري ويندا آهن. اهڙو مزو ڪو ٻيو؟ زور آور مشين کي بي زبان جانور مات ڏئي وڃي!
    اٺ ته هونءَ به بدوئن جي زندگيءَ جو هڪ ضروري حصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن دور ۾ اٺ جي اها اهميت ڪانه رهي آهي، نه ئي وري کيس هاڻي “سُڪيءَ جو جهاز” ئي سڏين ٿا، پر رڻ پٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ اٺ اڄ به وڏي اهميت رکي ٿو.
    ڄاڻو ماڻهوءَ لاءِ اٺن جي ڊوڙ ڳنڀير ۽ سنجيده ڳالهه آهي. سٺي نسل جي ريس واري اٺ جي قيمت ٻن کان چئن ملين درمن تائين هوندي آهي. چئمپين اُٺ ته ستن ملين درهمن ۾ به مهانگو ناهي. ها، جهڙي تهڙي چيمپئن تي برابر ايتري رقم ڪانه ملندي، پر خفتي سٺي سودي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. هلندي هلندي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هت چئن لينن وارن هاءِ ويزن تي اُٺن جو به حق آهي ۽ اٺن جي رستي ٽپڻ لاءِ خاص جڳهه تي خاص نشانين وارا سنگل لڳايل آهن.
    باز پالڻ به اوترو ئي پراڻو شوق آهي، جيترو صحرا ۾ رهندڙ لاڏائو ماڻهو پاڻ آهي. دبئي ايندڙ مسافرن کي يا ريسٽوران ۾ ويٺل ماڻهن کي اڪثر ڪي ماڻهو اهو پکي پنهنجي هٿ تي ويهاري بيٺل يا ويندي ضرور نظر ايندا آهن. باز ڏسڻ ۾ ته ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن، پر کين تمام گهڻي تربيت مليل هوندي آهي. هيءُ شاهي پکي ڪنهن زماني ۾ شڪار جي فن ۾ تيار ڪري سيهڙ يا ڪنهن ٻئي جهنگلي پکيءَ جي پويان ڇڏيو ويندو هو، جنهن کي جهٽي هو پنهنجي مالڪن لاءِ کاڌي جو انتظام ڪندو هو.
    اڄ ڪلهه باز صرف شڪار جي لاءِ پاليو ويندو آهي، پر سندس سکيا جو طريقو تمام اوکو آهي ۽ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. شڪاري باز تمام گهڻو پسند ڪيا ويندا آهن. سياري جي مند ۾، ننڍڙن بازن کي جهلي وٺندا آهن ۽ پوءِ کين شڪار جي سکيا ڏني ويندي آهي. ان ڪم ۾ سکيا ڏيندڙ جي قابليت تمام گهڻي اهميت رکندي آهي. هڪ قابل سکيا ڏيندڙ جي عزت ڪئي ويندي آهي ۽ سندس اجورو به تمام گهڻو هوندو آهي. اڄ جي عرب جو باز ڌارڻ سندس ذهني سوچ ۽ دلي لاڙي جي ڄڻ ته کلي کلائي تصوير آهي. جيئن باز هوائن ۾ اڏرندو، شڪار ڪندو، گوهيون ۽ گهتون هڻندو، وري به پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندو آهي، بلڪل تيئن ماڊرن عرب پڻ سڄي دنيا گهمي ڦري، وري به موٽي پنهنجي صحرا ۾ ايندو آهي. باز پالڻ عربن لاءِ هڪ ٻي معنيٰ پڻ رکي ٿو، هو ان پکيءَ وسيلي قدرت کي ويجهو رهن ٿا. ماڻهن ۽ مشنين جي هن گوڙ ۽ شور ۽ هل هنگامي واريءَ دنيا مان، ڪجهه دير لاءِ سهي، هو چند گهڙيون بچائي پنهنجي پاڻ سان گهاري سگهن ٿا.
    جيڪڏهن اوهان هن ملڪ جي راندين وارين سرگرمين کي ڏسندؤ ته اسان اهو چڱي طرح سان پروڙي وٺنداسين ته اهي راند واريون سرگرميون هن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ حصو ئي آهن. اهي سرگرميون دراصل انهن کي هڪ نال (Umbilical cord)جي ذريعي کين ماضي سان ڳنڊيون ڇڏين ٿيون. جتان کين وڏو اُتساهه ملندو رهي ٿو. اهڙي ساڳئي ڳالهه مڇي جي واپار تي به لاڳو ٿئي ٿي. جيڪو واپار ، دراصل، هن ملڪ جي سامونڊي علائقي جي معيشت جو اهم بنياد آهي. هتي جا ڪيترائي ماڻهو سمنڊ کان ڏور ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ سيزن ڪمائي پنجن مهينن کانپوءِ واپس ايندا آهن ته سڄي علائقي جا ماڻهو سمنڊ ڪناري پهچي، کين ڀليڪار ڪندا آهن. اهي همراهه وري خوشيءَ وچان جمهريون هڻندا، پنهنجي ٻيڙن سان قطارن جي صورت ۾ هليا ئي ايندا آهن.
    بهرحال، اهڙي قسم جون رونقون مڇي جي ڪاروبار ۾ لاٿ اچڻ سببان غائب ٿي ويون ۽ اهڙي صورتحال ان علائقي جي سموري آباديءَ کي ئي مورڳو متاثر ڪيو ٿي. بهرحال، اها ڳالهه جڏهن واضع ٿي وئي ته مڇي جو اها ڪاروباري سرگرميون وري ٻيهر اڳ واري سگهه حاصل نه ڪري سگهندو ته تڏهن آمدني جي ٻي ذريعي جي سنجيدگي سان ڳولها ڪئي وئي. ان هوندي به، دبئي لاءِ ڪا گهڻي پريشاني نه ٿي. ڇو ته ان کي واپار توڙي ڪاروبار جو سالن کان وٺي وڏو تجربو ئي رهيو آهي.
    ڪاروبار کي ٻيهر برآمد (Re_Export)ڪرڻ کي لڳ ڀڳ ٽيهه سال لڳي ٿي ويا. مان سمجهان ٿو ته دبئي جو ٻاهرين دنيا سان سندس متحرڪ لاڳاپو ئي آهي ۽ هتي جي ماڻهن جي گهڻ_رنگارنگينيت آهي. جنهن سندس بين الاقوامي اميج ۽ ان جي تڪثيريت کي اُڀارڻ جي هرطرح سان مدد ڪئي آهي. تاريخي رڪارڊ به ٻڌائي ٿو ته ويهين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ دبئي جي آبادي، شارجا جي آبادي کان وڌيڪ رنگا رنگينيت (Diversified)۾ ورتل وڏي آبادي ئي هئي.
    جڏهن اهو ڀليءَ ڀت محسوس ڪيو ويو ته هاڻي موتين جي انڊسٽري ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان کي ٻيهر جيئارڻ جو ڪوبه وسيلو نه رهيو آهي، تڏهن دبئي ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن روزگار جا ٻيا ذريعا ڳولڻ جو پڪو پهه ڪيو. دبئي اُن معاملي ۾ ڪجهه وکون اڳتي هئي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن کي واپار جو پهرين کان ئي ڪافي تجربو هو.
    موٽ روانگي واپار (Re export) 30 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ويو. منهنجي راءِ ۾ دنيا جي ملڪن سان هن طرح جي ڏيٺ ويٺ جو ئي نتيجو آهي جو دبئي کي نئون هر ملڪي رنگ مليو. تاريخي دستاويزن مان ثابت ٿئي ٿو ته 20 صدي عيسوي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ئي دبئي ۾ هر رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته سندس پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ، شارجا، ابو ڌابي يا ان پوري علائقي ۾ اهڙي صورتحال ڪانه هئي.
    سامان هڪ ملڪ کان گهرائي ٻئي ملڪ ڏانهن وڪرو ڪري روانو ڪيو ويندو هو. واپاري بصري مان کجور ۽ گهوڙا خريدي ايندا هئا. تماڪ، غاليچا، کنڊ ۽ گيهه ايران ۽ مڪران کان ايندو هو. ڪپڙو، ڪپهه، ڌاتوءَ جو سامان، اناج، چانور ۽ هلڪيون مشينون بمبئي کان اينديون هيون. ڪافي يمن مان گهرائي ويندي هئي. هن قسم جي واپاري هلچل غير روايتي (non-traditional) روزگار جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل جاري ٿي وئي. آمدني واپار تي ڏهه سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي، جنهن مان ملڪ کي فائدو پهتو.
    آگبوٽن جي اچڻ کان اڳ ملاح چوماسي جي هوائن تي دارومدار رکندا هئا. جڏهن اها مند ايندي هئي ۽ تيز هوائون گهلنديون هيون، تڏهن ٻيڙيائتا وکر کڻي دور دراز بندرن ڏانهن راهي ٿيندا هئا. اتر-اوڀر جو چوماسو ڊسمبر کان مارچ تائين هلندو هو ۽ کين ممباسا، زنزيبار ۽ دار السلام ڏانهن آفريڪي ڪناري طرف کڻي ويندو هو، جتي هو کجور ۽ ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا. هتان وري هو لونگ، دالچيني ۽ ٻيا مصالحا کڻي، ڏکڻ-اولهه جي هوا جو سڻائو رخ ڏسي، اپريل کان سيپٽمبر واري چوماسي ۾ دبئي موٽي ايندا هئا.
    سيپٽمبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ ڪوبه ڪاروبار ڪونه ٿيندو هو. واپاري هوائون نه لڳڻ ڪري چپ چپات رهندي هئي. ناکئا ۽ ملاح گهرن ۾ آرام ڪندا هئا. ڇاڙ ۾ بندر جي ڪناري سوين ٻيڙا ۽ ٻيڙيون بيڪار بيٺيون رهنديون هيون. ماڻهو گذران لاءِ يا ته مڇي ماريندا هئا يا وري موتين جي تلاش ۾ نڪري پوندا هئا.
    موٽ روانگي واپار سبب ٻيڙين ٺاهڻ جي ڪاروبار کي وڏي هٿي ملي. ڪم ايترو ته وڌي ويو جو هڪ ننڍي انڊسٽريءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. انهن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪويت ۽ بحرين ۾ چڱيون چوکيون ٻيڙيون ٺاهڻ جون گوديون هونديون هيون. پر دبئي جي واپاري مرڪز هئڻ سبب ٻيڙين ٺاهڻ جا ڪاريگر لڏي اچي هتي ويٺا. ڏسندي ئي ڏسندي، دبئي جي ٻيڙين جوڙڻ واري هاڪَ هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي ۽ ڪريڪ جي ڪناري تي ڪيترا ئي ڪارخانا اُڀري آيا، جيڪي گراهڪن کي سندن مرضي ۽ پسند جون ٻيڙيون ٺاهي ڏيڻ لڳا. هڪ وڏي واپاري مرڪز جي حيثيت ۾ دبئي جيڪي سهوليتون ڏئي پئي سگهي، سي ته هن ڏنيون پئي، پر جنهن شيءِ ٻيڙين جوڙيندڙن کي دبئي ڏانهن گهڻو ڇڪيو، سا هئي هتان جي موسم، جيڪا هن ڪاروبار جي لاءِ بلڪل مناسب هئي. ٻيڙين ٺاهڻ وارو ڪاٺ خشڪ موسم ۾ جلدي سُڪندو آهي.
    دبئي ۾ ٽن قسمن جون ٻيڙيون ٺهنديون هيون: بئوم، بغلا ۽ سمبڪ.
    بئوم ٻيڙيون هلڻ ۾ تيز هيون، ٻه سڙهه هوندا هئن ۽ سامان رکڻ لاءِ خلاصي جڳهه هوندي هين. ننڍين وڏين ڪيترين ئي سائيزن ۾ تيار ڪيون وينديون هيون. ڪن ۾ ته 300 ٽن سامان رکڻ جيتري جاءِ به هوندي هئي.
    بغلا سنهڙي جسم وارين ڊگهين ٻيڙين کي چئبو آهي. هن قسم جون ٻيڙيون تمام گهڻو پسند ڪيون وينديون هيون، تن مان گهڻي ڀاڱي دبئي جون جوڙيل هونديون هيون. هنن جو پويون حصو چورس شڪل جو هوندو هو ۽ پويان دريون هونديون هئن. هن قسم جي ٻيڙين کي پري کان سڃاڻي سگهبو هو. سمبڪ خاص موتين جي شڪار جون ٻيڙيون هيون. سندن پويون حصو پڻ چورس شڪل جو هوندو هو ۽ سندن ترو تراکڙو هوندو هو، ان ڪري کين سمنڊ ۾ هلندي وقت طرف مٽائڻ ۾ سولائي ٿيندي هئي ۽ پڻ ننڍي پاڻي ۾ آسانيءَ سان تري سگهنديون هيون. ان ڪري موتين جا شڪاري هنن ٻيڙين کي وڌيڪ استعمال ڪندا هئا. ڪي ماڻهو کين مڇي مارڻ لاءِ پڻ پسند ڪندا هئا. هي ٻيڙيون به دبئي ۾ ٺهنديون هيون.
    ٻيڙين ٺاهڻ جي گودين جا مالڪ هتان جا رهاڪو هئا ۽ اڃا به آهن، پر ڊکڻ ۽ ٻيا ڪاريگر انڊيا مان ايندا هئا، خاص طور ڪيرالا جي بيپور شهر منجهان. هي ڪاريگر قديم زماني کان ٻيڙيون ٺاهڻ جي هنر سبب ڏاڍا مشهور هوندا هئا. ٽيڪ جي لڪڙي پنهنجي مضبوطيءَ ڪري ڄاتي ويندي آهي. ٻي خاصيت اها اٿس ته هي ڪاٺ سُسندو ناهي، نه وري منجهس ڏار پوندا آهن يا چُٻو ڏنگو ٿيندو آهي. ان ڪري مضبوط ٻيڙيون هن ڪاٺ مان ئي ٺهنديون آهن. هيءُ ڪاٺ پڻ ملبار جي سامونڊي ڪناري تان گهرايو ويندو هو.
    گلف جا ٻيڙي ٺاهيندڙ ڪاريگر اڄڪلهه جي انجينرن وانگر نقشا ڪونه ٺاهيندا هئا. هنن کي اهو هنر پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو هو. البت هاڻي ڪي ڊکڻ ڊزائن ٺاهڻ جا نوان طريقا استعمال ڪن ٿا.
    جڏهن انڊيا پنهنجن جهنگلن کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ وڻن ڪپڻ تي پابندي وڌي، تڏهن دبئي ڏانهن ڪاٺ وڃڻ بند ٿي ويو. هاڻي جيڪي ٻيڙيون ٺهن ٿيون، تن ۾ ٽيڪ جي ڪاٺ جو استعمال ڏاڍيءَ ڪفايت سان ڪيو وڃي ٿو ۽ فقط انهن حصن ۾ اهو ڪاٺ وڌو وڃي ٿو، جتي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي.
    هڪ ٻيڙي کي ٺاهي تيار ڪرڻ ۾ چئن کان اٺن مهينن جو عرصو درڪار آهي. جيڏي ٻيڙي وڏي هوندي، اوترو ٽائيم وڌيڪ لڳندو. ننڍي ۾ ننڍي ٻيڙي، جنهن کي ‘شوتائي’ چون ٿا، سا چار مهينا کائي ويندي آهي. مٿن خرچ جو ڪاٿو 80,000 درهمن کان وٺي 120,000 درهمن تائين آهي. جيڪڏهن ٻيڙين جي چڱي طرح سار سنڀال لڌي وڃي ته ويهه سال خوشي سان ڪڍي وينديون. انهن کان وڏيون ٻيڙيون جيڪي وزن ۾ 100 ٽن يا ان کان به مٿي هجن، تن جي قيمت ملين درهم ۾ ٿئي ٿي ۽ سندن ڄمار به وڌيڪ هوندي آهي. ٻيو ڪارڻ، جنهن روزگار جي نون ذريعن ڳولڻ لاءِ همٿايو، سو هو هن علائقي ۾ هوائي سفر جي شروعات. هوائي سفر جي ڪري هڪ ته وقت جي وڏي بچت ٿي پئي، جيڪو سفر هفتا ۽ مهينا وٺندو هو، سو هاڻي ڪلاڪن ۾ طي ٿيڻ لڳو. ٻيو فائدو هي ٿيو ته ڏورانهان ملڪ، جن تائين پهچڻ جي باري ۾ ماڻهو سوچي به نه سگهندو هو، سي هاڻي دبئي سان سنوان سڌا ڳنڍجي پيا.
    گلف ۾ هوائي سفر جي شروعات ‘رائل ايئرفورس’ ڪئي. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ RAF مصر ۽ ميسوپوٽيما (عراق) ۾ پنهنجا اڏا ٺاهي ورتا هئا. جڏهن جنگ بند ٿي ته اڏا انگلنڊ لاءِ اڏامن ۾ ڪم اچڻ لڳا. 1918ع ۾ هڪ اهڙي ئي اڏام دهلي ڏانهن ٿي، جنهن جو مکيه سبب هو اتي وڃي جاچ جوچ ڪرڻ ته ڪهڙي طرح انگلنڊ کان دهلي تائين شاهي هوائي جهازن رستي باقاعدي اُڏامون شروع ڪجن. اها اڏام جمعي جي ڏينهن، 13 ڊسمبر 1918ع تي انگلنڊ جي مارٿليشم هيٿ (Martlesham Heath) هوائي اڏي کان شروع ٿي ۽ آرتوار تي ڪراچي پهتي (15 ڊسمبر 1918ع). جهاز 5560 ميلن جو سفر 72 ڪلاڪن ۽ 41 منٽن ۾ طئي ڪيو. کيس رستي تي به ڪيترن هنڌن تي بنا اطلاع جي لهڻو پيو. ايراني ڪناري کان رستي ۾ احواز، بشائر ۽ بندر عباس جا شهر پڻ آيس. RAF ان کان پوءِ ان ئي رستي سان بغداد کان بمبئي جون باقاعدي اڏامون شروع ڪيون.
    1920ع ڌاري شارجا جهازن جي لهڻ لاءِ پنهنجيءَ لوڻياٺي زمين تي هڪ نالي ماتر هوائي اڏو ٺهرايو. 1930ع جي شروعات تائين ان اڏي کي ڪابه وڏي اهميت ڪانه ملي. ان ئي زماني ۾ برٽش امپيريل ايئرويز (British Imperial Airways) سياسي سببن ڪري پنهنجون اڏامون ايران مٿان بند ڪري ڇڏيون ۽ ڏکڻ وارو رستو اختيار ڪيو، جيڪو گلف وٽان لنگهندو هو، جنهن ۾ ڪويت، بحرين ۽ شارجا به شامل هئا. اهڙي طرح هن علائقي جي هوابازيءَ جي تاريخ ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو. 1936ع ۾ انگريز سرڪار شارجا جي حاڪم شيخ سلطان الصقر القاسميءَ سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن موجب کين شارجا جو هوائي اڏو استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته انگريز سرڪار ان اڏي کي استعمال ڪرڻ جو ماهوار ڪرايو 800 روپيا روڪ ڏيندي ۽ هر جهاز جي لهڻ جي عيوض پنج روپيا ٻيا به ڀري ڏيندي. ٻين خدمتن لاءِ ڪجهه ڌيڪ پئسا پڻ ڏنا ويندا.
    ان معاهدي کان پوءِ ڪيتري وقت تائين انگريز ڀاڙي جي رقم چانديءَ جي سِڪن ۾ ڏيندي رهي، ڇو ته شارجا جا والي نوٽن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. اهو هوائي اڏو، جيڪو هن علائقي جو سڀ کان پهريون اڏو هو، تنهن کي هاڻي الماهتا ميوزيم ۾ تبديل ڪري سنڀال هيٺ رکيو آهي. شارجا جي هاڻي اهميت ان ڪري وڌي وئي جو هڪ ته هوائي جهازن جي ساهي پٽڻ جي جڳهه بنجي وئي ۽ ٻيو ته انگريزن جا اهي جهاز جيڪي سندن فوجي کڻي ڏور ڏکڻ طرف سينگاپور يا اهڙن ٻين ملڪن ڏانهن ويندا هئا، سي به هتي لهڻ لڳا. اهڙيون ٻيون جڳهيون جيڪي ان ساڳئي ڪم لاءِ ڪتب آنديون وينديون هيون، تن ۾ ماسيرا ۽ سالالا پڻ شامل هئا. RAF جي ڪئمپ ۽ نيوي آرمي ۽ ايئرفورس جي اداري (NAAFI) هتان جي ماڻهن کي يورپي اسٽائيل جي رهڻي ڪهڻي جي پهرين جهلڪ ڏيکاري. الماهتا جي ميوزيم ۾ رکيل ڪجهه رپورٽون ان ڪئمپ جي زندگي تي روشني وجهن ٿيون. انهن رپورٽن منجهان شارجا ۽ ڀرپاسي جي ملڪن جي ماڻهن، سندن رسمن رواجن ۽ حياتي جي جهلڪ پڻ ملي ٿي. انهن ڪاغذن ۾ پيٽرهيڊ نالي هڪ شخص جا ڪجهه نوٽس به موجود آهن. پيٽرهيڊ اسڪاٽلنڊ جي شهر ايبرڊين شائر جو رهاڪو هو ۽ 1960 ۾ شارجا ۾ تيرهن مهينن تائين رائل ائير فورس جي نوڪري ۾ رهيو. هو چوي ٿو: “اسان هفتي ۾ ڇهه ڏينهن لاڳيتو ڪم ڪندا هئاسين، ڇو ته هت واندڪائي جي وقت ۾ ٻيو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ئي ڪونه. گهٽ ۾ گهٽ انهن ڇهن ڏينهن جي مشغولي سبب اسان کي بور ٿيڻ لاءِ تمام گهٽ وقت بچندو هو. برٽش ٻارن جي تعليم لاءِ ڪنهن به قسم جو بندوبست ڪونه هو، ان ڪري سڀني جا ڪٽنب پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندا هئا.
    ڪئمپ کان ٻاهر هڪ سئمنگ پول ۽ هڪ سئنيما هئي، جيڪا سڄو هفتو هر رات هڪ نئين فلم ڏيکاريندي هئي. ان کان سواءِ هڪ ڪلب به هو، جنهن کي NAAFI سڏيندا هئا. ان ڪلب ۾ اسان کي شراب پيئڻ جي اجازت هوندي هئي. ڪلب کان ٻاهر دارون واپرائڻ تي بندش هوندي هئي، ڇو ته مسلمانن جي مذهب ۾ شراب پيئڻ حرام سمجهيو ويندو آهي.
    ڪئمپ ۾ ڪافي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويندو هو، جتي هو فوجين سان گڏجي ڪم ڪندا هئا. موڪل جي ڏينهن اسان کي ڪئمپ ڇڏي شارجا جي ڳوٺ يا دبئي تائين وڃڻ جي اجازت هوندي هئي. ڪئمپ جي ٻاهرئين گيٽ تي هر وقت ٽئڪسيون بيٺيون هونديون هيون (لئنڊ روورءَ چئن وِيلن واريون گاڏيون، جيڪي فوجي نيلاميءَ رستي وڪڻندا هئا.) اسان جيڏانهن به وڃڻ چاهيندا هئاسين، ٽئڪسي وارا تمام ٿوري اجوري تي اسان کي اتي پهچائي ايندا هئا. ڪئمپ جي گيٽ کان وٺي شارجا شهر جي ٻاهرئين حصي تائين پڪو رستو ٺهيل هو، پر ان کان پوءِ شهر ۾ ويندڙ سڀ رستا ڪچا هئا. وري شارجا کان ٻاهر نڪري دبئي ڏانهن ويندڙ روڊ پڪو ٺهيل هو. مان پنهنجي تيرهن مهينن جي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو ان روڊ رستي دبئي ويو هوس.
    شارجا جو ڳوٺ تمام وڏو ڪونه هو. منجهس صرف هڪ رستو هو جيڪو شهر جي وچ مان ٿيندو وڃي ڇاڙ (ڪريڪ) تي ختم ٿيندو هو. اتي پوءِ هڪ هوٽل ٺهي، جنهن ۾ ٻاهران آيل هوائي عملو رهندو هو. ان هوٽل ۾ ايئر ڪنڊيشنر لڳل هو، جنهن جي ڪري عملو رات جو آرام جي ننڊ سمهي، ڏينهن جو ٻيهر پنهنجو جهاز اڏائي اڳتي هليو ويندو هو. شهر جون باقي عمارتون يا ته ڪاٺ جون ٺهيل جايون هيون يا وري سِرن جا معمولي گهر هئا. اهي سڀ گهر هڪ ماڙ هئا. رڳو هڪ سرڪاري بلڊنگ پنج-ماڙ هئي.
    ها، هڪڙو مارڪيٽ به هو جيڪو اٽڪل 100 ميٽر ڊگهو هو. موڪل وارن ڏينهن تي اسان ان مارڪيٽ ۾ وڃي وقت گذاريندا هئاسين. دڪاندارن کان سامان جي بدلي ٻيو سامان وٺندا هئاسين ۽ کانئن اگهه گهٽ ڪرائڻ لاءِ مٿا ڪُٽ ڪندا هئاسين. اها جدا ڳالهه آهي ته اسان کانئن ڪڏهن به کٽي ڪونه سگهياسين. واپار ۾ هو ڏاڍا تيز هئا. مارڪيٽ ۾ ڪپڙا، زيور، چمڙي جو سامان ۽ ٻيو سڀڪجهه هو، جيڪو هنن جي خيال ۾ اسان جي گهرج هو. 1960ع ڌاري شارجا جي جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ مشهور هئي، سا هئي اتان جو تيزابي سون، جيڪو بي حد سستو ملندو هو ۽ ماڻهو ان منجهان ڪجهه به ٺهرائي سگهندو هو، جهڙوڪ ڪنگڻ، هار، منڊيون، چوڙيون، ڪف لنڪ وغيرهه. مون کي ياد ناهي ته مون ڪنهن دڪان تي موتي وڪامندي ڏٺا هجن. هڪ ٻي شي جيڪا سون جي تعداد ۾ وڪامندي هئي ۽ انگلنڊ کان تمام گهڻي سستي ملندي هئي، سا هئي “سِيڪو واچ”.
    1940ع ۽ 1950ع ۾ به اتان جي حالت ڪا وڌيڪ مختلف ڪانه هئي. هڪ ٻيو رنگروٽ اوڪهيم انگلنڊ مان آيو هو ۽ 1940ع جي اوائل ۾ ڪئمپ ۾ رهيو هو، تنهن پنهنجا تجربا هن ريت بيان ڪيا آهن.
    “اسان جي سمهڻ وارو پلنگ ڪاٺ جي هڪ گهوڙي تي ٽي سڌا تختا رکي ٺاهيو ويندو هو. منگهڻ ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. مڇرداني ۾ سمهندا هئاسين. گرمي اڳ ئي گهڻي، مٿان مڇردانيءَ جو ٻوسٽ. ننڊ ڪٿان اچي؟ رڌپچاءُ ٻاهر کلي ميدان تي ڪندا هئاسين ۽ ان جي لاءِ تيل جا اسٽور هوندا هئا، جن کي هاڻي قديم زماني جا چئي سگهجي ٿو. ڊسمبر ۾ موسم هفتي ٻن جي لاءِ سخت مينهوڳيءَ جهڙي ٿي ويندي هئي. ويچارن بورچين لاءِ گرم کاڌو تيار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو. مينهن ڇت مان ٽمي ڀتين تان وهندو اسان جي سمهڻ وارن ڪرن کي آلو ڪري ڇڏيندو هو ۽ هر شي بارش ۾ پُسي ويندي هئي.”
    RAF سان ڪيل ٺاهه، جنهن موجب انگريز شارجا جو هوائي اڏو استعمال ڪري سگهيا ٿي، نه صرف هتان جي مالي حالت سڌارڻ جو ڪارڻ بنيو، بلڪ سچ پُڇو ته هتان جي ماڻهن کي بک وگهي مرڻ کان بچائڻ جو به وسيلو بنيو. مهاڀاري لڙائي جي انهن ڏينهن ۾ کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون صفا اڻلڀ ٿي چڪيون هيون. چڱا ڀلا سکيا ستابا ملڪ گوڏن ڀر وڃي ڪريا هئا. جڏهن ٻين جو اهڙو حال هجي ته پوءِ ويچاري شارجا ڪهڙيءَ قطار ۾ هئي؟
    شيخ سلطان بن سقر ان معاهدي ۾ هڪ ٻيو به شرط وڌو هو ته جيڪڏهن انگلنڊ اسان جو هوائي اڏو پنهنجي ڪم ۾ آڻيندو ته پوءِ برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني (British India Navigation Company) جا جهاز به شارجا ۽ دبئي جي بندرگاهن تي ضرور بيهندا. RAF جي هوائي جهازن لاءِ تيل جا گدام ٺهي ويا. تيل ڀرڻ لاءِ هندستان ويندڙ جهاز دبئي ۾ ترسڻ لڳا. آسودگيءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪنارن تي آس ۽ اُميد جي چانديءَ جهڙي چمڪ جاڳي اُٿي. جڏهن ساري دنيا مالي مسئلن ۾ منجهيل هئي، تڏهن هي غريب ملڪ سک جي سيڙهيءَ تي پهريون پير رکي رهيا هئا.
    رائل ايئرفورس جنگ جي دوران شارجا بيس کي وڌائي وڏو ڪيو. ان سان ٽروشل اسٽيٽس کي اڃا به وڌيڪ فائدو مليو. انگريزن پنهنجن زيردست ۽ زير اثر ملڪن تي کاڌي پيتي توڙي زندگيءَ جي ٻين ضروري شين مٿان ڪنٽرول جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لڙائي ۾ هونءَ به ضرورت جي شين جي تنگي ٿيندي آهي، هي ته مهاڀاري لڙائي هئي. سڄي دنيا مهانگائي ۽ اڻاٺ جي لپيٽ ۾ اچي چڪي هئي. ان ڪري انگريزن جو هيءُ فيصلو وقتائتو ۽ مناسب هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ٽروشل اسٽيٽس کي به ڪوٽا جو حصو ملڻ لڳو. ضروري وکر سان ڀريل جهاز دبئي پهچڻ لڳا. شارجا جو بندر لَٽ سبب وڏا جهاز پاڻ وٽ بيهاري نٿي سگهيو. اهري ريت دبئي آهستي آهستي ورهاست جو مرڪز بنجي پيو ۽ شارجا پنهنجي سَرسي وڃائي ويٺو. جهازن جو رخ شارجا مان موڙي دبئي ڏانهن ڪرائڻ ۾ دبئي جي مرحوم حاڪم شيخ راشد بن سعيد المڪتوم جو وڏو هٿ هو. سندس ڪوششن سبب دبئي هوريان هوريان انگريزن جو انتظامي مرڪز بنجي پيو.
    انگريزن ته دبئي کي انساني ضرورتن جي مکيه شين جي ورهاست جو مرڪز بنايو، پر ان سهوليت مان هڪ وڏو فائدو اهو ٿيو ته دبئي ماڻهن جي ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ موٽ روانگي واپار (Re export) ۾ چڱو موچارو واڌارو ٿي ويو. واپاري بچيل يا واڌو سامان کي ڳرن اگهن ۾ وڪڻڻ لڳا. کنڊ جي هڪ ٻوري جيڪا دبئي ۾ 100 درهمن ۾ آساني سان ملي سگهندي هئي، سا ڀروارن ملڪن، جهڙوڪ ايران ۾ 1200 درهمن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي. نفعي ۾ ايڏو گهڻو اضافو ٿئي ته پوءِ ڇو نه واپاري به سونا ٿيندا ۽ ملڪ جي حالت به سڌرندي؟
    ساڳي ئي وقت هڪ ٻيو تاريخي قدم پڻ کنيو ويو. اهو هو تيل جي ڳولا. جيڪڏهن 20 صدي جي پهرين اڌ ۾ دبئي جو سهارو موتين جو واپار هو، ته پوءِ ٻئي اڌ ۾ تيل ۽ ان سان لاڳاپيل. ٻيو ڪم ڪار دبئي جي سکئي ستابي ٿيڻ جو ڪارڻ بنيو. 1937 ۽ 1939 جي وچ ۾ ڪيترين تي جڳ مشهور تيل جي ڪمپنين علائقي جي حڪمرانن سان تيل جي تلاش واسطي ڳالهيون هلايون. اهڙين ڪمپنين کي تمام گهڻيون سهوليتون ڏنيون ويون، پر ڇاڪاڻ ته اهو مرحلو اڃا جاچ جوچ جو هو ۽ تيل نڪرڻ يا نه نڪرڻ جي ڪنهن کي به پڪ ڪانه هئي، ان ڪري ان کان پوءِ ايندڙ حالتن جو ڪنهن کي خواب خيال ئي ڪونه هو. بهرحال، تيل جي نڪرڻ ڪري هن علائقي جي مالي حالت ۾ انقلاب اچي ويو. ٽروشل اسٽيٽس جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ سونهري دور جي شروعات ٿي وئي.
    دبئي ۽ شارجا تيل جي ڳولائو ڪمپنيءَ کي اجازتنامو 1937ع ۾ ۽ ابوڌابي ٻه سال پوءِ 1039ع ۾ صحيح ڪري ڏنو. 1950ع ۾ پهرين کوٽائي ابوڌابيءَ کان ڪجهه پرڀرو ‘راس الصدر’ نالي جاءِ تي شروع ٿي ۽ ساڳي ئي وقت باب وَن، جبل علي ۾ 1953ع ۾ شروع ٿي، پر وڏي محنت ۽ سالن جي سروي ۽ ڌار ڌار هنڌن تي کوٽائي کان پوءِ، اٽڪل ڏهن سالن بعد وڃي ڪناري وارن هنڌن تان تيل نڪرڻ شروع ٿيو. 50,000 بيرل ڪروڊ آئل جي پهرين کيپ ابوڌابي کان 160 ڪلوميٽر پري، داس آئلينڊ تي بيٺل هڪ برٽش ٽئنڪر جي وسيلي موڪلي وئي. دبئي کي پنهنجي فتح آف شو فيلڊ مان تيل ڪڍڻ ۾ اڃا به چار سال وڌيڪ لڳي ويا. شارجا جي مبارڪ فيلڊ مان ڇهه سال پوءِ 1972ع ۾ تيل نڪتو.
    ٻين جاين تي تيل جي تلاش واري ڪم ڪو خاص ٻوٽو ڪونه ٻاريو، پر 1984ع ۾ راس الخيما جي ڪناري واري فيلڊ صالح مان گئس وڏي مقدار ۾ ضرور نڪتي. 1981ع ڌاري يو.اَي.اِي. 73 ملين ٽن ڪروڊ آئل ساليانو ٻاهر موڪلڻ جي قابل ٿي ويو. اهو تيل گهڻي ڀاڱي جپان، يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن موڪليو ويندو هو. 1991ع ۾ تيل جي پيدائش مان 203 بلين آمريڪي ڊالر (4780 بلين درهم) سالياني آمدني ٿيڻ لڳي.
    1930ع ڌاري جڏهن تيل ڪڍڻ جي پهرين اجازت ڏني وئي هئي، تڏهن ڪنهن جي ڌيان ۾ به اها ڳالهه ڪانه هئي ته هن ملڪ جون حالتون ايترو جلدي بدلجي وينديون. ها، البت اهو ضرور خيال ڪيو ويندو هو ته پرڏيهي تيل جي ڪمپنين جي دلچسپيءَ سبب ٻاهرين سيڙپ وڌندي، ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ ٻاهرين ماڻهن جي اچ وڃ وڌي ويندي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خاطري ڪنهن کي ڪانه هئي. تيل ڪمپنين کي کوٽائي توڙي ٻئي ڪم جي لاءِ ڳريون مشينون ۽ پاور پلانٽ اولهه جي ملڪن مان گهرائڻا پيا. هنن کي پنهنجن ملازمن جي لاءِ کاڌي خوراڪ ۽ سندن استعمال جون ٻيون شيون سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهرائڻيون پيون. دبئي جي حاڪم شيخ سعيد بن مڪتوم ۽ پوءِ سندس جانشين پٽ شيخ راشد سعيد المڪتوم جي دورانديشي کي داد ڏجي، جن جي گهري سوچ اهي سڀ ايندڙ موقعا اڳواٽ تاڙي ڇڏيا ۽ جن جي ڪري اڳتي هلي دبئي ڪاروبار جو مرڪز بنجي پيو. حڪمرانن کي خبر هئي ته ترقي جي لاءِ اندروني ڍانچو تيار هئڻ ضروري آهي. جيستائين اهي سهولتون موجود نه هونديون، اڳتي وڌي نه سگهبو. ان ڪري هنن دبئي ۾ اهي سڀ سهوليتون مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هنن کي شارجا جي بندر ۾ مٽي ڀرجڻ جو واقعو چڱي طرح ياد هو. کين خبر هئي ته جيڪڏهن ڪاهليءَ کان ڪم وٺبو ته سندن به اهڙو ئي حال ٿي سگهي ٿو. شيخ راشد چاهيو ٿي ته دبئي ۾ تاريخ پاڻ کي ٻيهر دهرائي. ان ڪري هن سر وليم هالڪرو ۽ سندس ساٿين کي مقرر ڪيو ته هو ڪريڪ کي اونهو ڪرڻ لاءِ پروجيڪٽ تيار ڪن. ان زماني ۾ ڪريڪ ۾ فقط ننڍيون ٻيڙيون اندر اچي سگهنديون هيون، سو به تڏهن جڏهن وير چڙهيل هوندي هئي ۽ پاڻي جي ليول مٿي هوندي هئي. ڪريڪ جي منهن وٽ واريءَ جي دڙن سبب وڏا جهاز اندر اچي ڪونه سگهندا هئا. کوٽائي جو ڪم 59-1958ع ۾ هڪ آسٽرين فرم Overseas Ast Co. Ltd هٿ ۾ کنيو.
    جڏهن کوٽائي پوري ٿي ۽ واريءَ کي هٽايو ويو، تڏهن ڪريڪ ۾ 800 ٽنن تائين وزني جهازن جي اچڻ جي سهوليت پيدا ٿي پئي. ان کان وڌيڪ وزني جهاز اڃا به ٽي ڪلوميٽر پري لنگر هڻڻ تي مجبور هئا. انهن مان سامان لاهي ٻيڙين ۽ بار ڍوئيندڙ بارجن (Barges) تي رکي، پوءِ اندر آندو ويندو هو. ڪيئن به هجي، ڪريڪ جي صفائيءَ ڪري جهازن جي آمدرفت ڪافي حد تائين وڌي وئي. موٽ روانگي واپار (Re export) ايران، آفريڪا ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. دبئي هڪ ڀيرو وري به واپاري لحاظ کان شارجا کان گوءِ کڻي وئي. توهان کي ياد هوندو ته 1950ع ڌاري شارجا ۾ RAF جي هوائي بيٺڪ قائم ٿيڻ ڪري ۽ ٽروشل عمان اسڪائوٽس (هٿياربند چوڪيدارن) جي موجودگي سبب شارجا ۾ واپاري وٺ سٺ وڌي وئي هئي.
    جڏهن شيخ راشد 1958ع ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون، ته هن هڪدم ميونسپل ڪائونسل جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان ڪائونسل جي گهڻي وقت کان ضرورت محسوس ڪئي پئي ويئي. مرحوم علي بستاني دبئي ميونسپالٽي جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ٽن سالن اندر ميونسپالٽي جي بجيٽ ٽن لکن روپين تائين پهچي وئي، جنهن مان 260،000 روپيا ڪسٽم ڊيوٽين ۽ ٽئڪسن مان وصول ڪيا ويا. 1973ع سن تائين ڊيوٽي جو سراسري ريٽ چار ۽ 8/5 سيڪڙو رهيو، جيڪو پوءِ گهٽائي ٽي سيڪڙو ڪيو ويو.
    جان هارس نالي هڪ انگريزي فرم دبئي جي آئندي واڌاري کي نظر ۾ رکندي، شهر جو هڪ نقشو تيار ڪيو. هڪ ٻي رٿا به تيار ڪرائي وئي جنهن ۾ ال-آوير نالي شهر کان دبئي پاڻي پهچائڻ جو نقشو ٺاهيو ويو هو. هيءُ شهر دبئي کان 25 ڪلوميٽر پري آهي ۽ رٿا ۾ اتان کان پائيپن وسيلي پاڻي ڇڪي دبئي جي ٽئنڪن ۾ جمع ڪرڻو هو ۽ پوءِ پمپن ذريعي گهرن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻو هو. انهن سڀني منصوبن ۾ زور ان ڳالهه تي هو ته آئيندي جو اڳواٽ انتظام ڪجي ڇو ته شهر کي نيٺ ته وڌڻو هو. هميشه هڪ جيترو ته رهڻو نه هو. اها دورانديشي اڄ جي دبئي کي ڏاڍو ڪم آئي آهي.
    دبئي جي ڪريڪ ۽ بندرگاهن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ دبئي پورٽ ڪميٽي ٺاهي وئي، ڇو ته اهي بندرگاهه ئي هئا جن تي دبئي جي آئندي جو دارومدار هو. ان ڪميٽي جي سفارش هيٺ بندرن کي وڌائڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هتي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون لڳيون.
    ان سموري اندروني ڍانچي جي تياري دوران جيڪا ڳالهه خاص طور سان پسند ڪئي وئي سا هيءَ ته پرائيويٽ ڪمپنين دبئي جي سماجي ڪمن ۾ وڏو ساٿ ڏنو. ماڻهن جي گهرج جي سمورين رٿائن ۾ سندن سهڪار سبب دبئي ۾ هڪ وڻندڙ تبديلي اچي وئي. دبئي جي حڪمرانن پڻ اُن ڪم تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. جنهن ڪري دبئي کي ٻين تي سرسي حاصل ٿي وئي. هڪ پرائيويٽ ڪمپني، انٽرنيشنل ايراڊيو لميٽيڊ (International Aeradio Ltd.) هوائي اڏي جو انتظام سنڀاليو. اها ڪمپني دبئي اسٽيٽ ٽيليفون ڪمپني جي ڀائيوار پڻ هئي. ڪن مقامي واپارين گڏجي، 1958ع ۾، دبئي اليڪٽرسٽي ڪمپني ٺاهي ورتي، جنهن جو چيئرمن حاڪم پاڻ هو. هو اهڙين ٻين ڪيترين ئي ڪمپنين جو چيئرمين پڻ هو.
    اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ دبئي وٽ ايترو پئسو ڪونه هو جو پنهنجي ترقي ۽ واڌاري جي ڪمن تي هڙان خرچ ڪري سگهي. ان ڪري کيس قرض تي رقم وٺي اهي پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻا پيا، جهڙوڪ ڪريڪ جو سڌارو، ڪريڪ مٿان المڪتوم پل جوڙائڻ، بندرگاهن کي وڌائڻ وغيرهه. ڪويت کان 400,000 پائونڊ قرض وٺي ڪريڪ جي صفائي ڪرائي وئي ۽ 190,000 پائونڊ قطر کان اوڌر وٺي المڪتوم پل ٺهرائي وئي. ماڻهن ان ڳالهه تي اعتراض به واريا ته اجايا خرچ ڪري ملڪ تي بار وڌو پيو وڃي، پر جلد ئي سندن ڊپ ڊاءَ غلط ثابت ٿيا.
    اهي منصوبا اڃا اڌ پنڌ ۾ ئي هئا يا اڃا پورا مس ٿيندا هئا ته دبئي جي وسيلن تي بوجهه وڌي ويندو هو ۽ حالتون هٿن مان نڪري وينديون هيون. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيندو هو جو پرڏيهي ڪمپنين جو انگ جيئن پوءِ تيئن ويندو هو وڌندو، سرمايو به ان حساب سان ملڪ ۾ ايندو ويندو هو، پر ظاهر آهي ته انهن ڪمپنين جا پرڏيهي ملازم به هزارن جي تعداد ۾ ڪاهيندا ايندا هئا. ايترن ماڻهن جي لاءِ بجلي، پاڻي، ٽيليفون، رستا، آمدرفت جا ذريعا وغيرهه مُهيا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. هڪڙن جي پورت مَسَ ڪر ته ٻيا مٿان بيٺا آهن. انتظامي ڍانچو ناڪافي ثابت ٿيو. هوائي اڏو تيار ٿي راس ٿيو ته هڪدم ان کي وڌائڻو پيو. ڏهن سالن اندر المڪتوم پل ٽرئفڪ لاءِ سوڙهي ٿي پئي ۽ ٻيون پلون ٺاهڻيون پيون.
    1972ع ۾ 8 ميلن پائونڊ جي خرچ سان شنداغا سرنگهه ٺاهڻ جي شروعات ٿي، جيڪا سامونڊي سطح کان 60 فٽ هيٺ، ڪريڪ جي تري کان ٻه فٽ هيٺانهين هئي. ان سرنگهه مان ٻه هڪ طرفيون لينون (رستا) ۽ پيدل هلندڙن لاءِ 12 فٽن جي ٽيوب جو بندوبست هو. پورٽ رشيد مقرر وقت کان 18 فٽن جي ٽيوب جو بندوبست هو. پورٽ رشيد مقرر وقت کان 18 مهينا اڳ تيار ٿي ويو. 1971ع ۾ مڪمل ٿيندڙ هن بندر تي 26 ميلن پائونڊ خرچ آيو. 1973ع ۾، 100 ملين پائونڊ جي خرچ سان پوري مڊل ايسٽ جي سڀ کان وڏي خشڪ گودي (Dry dock) تيار ڪئي وئي. دبئي شهر جي اوچي ۾ اوچي بلڊنگ، “دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر” تي 56 ملين پائونڊ خرچ آيو. تازو آيل تعميراتي تيزي دبئي ۾ اڏاوتن جي هڪ نئين لهر آڻي ڇڏي آهي. لڳي ٿو ته “دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر” جي عروج جا ڏينهن هاڻي پورا ٿيڻ وارا آهن. کانئس وڌيڪ ڊگهيون بلڊنگون ڄاڻ آيون ڪي آيون.
    *


    10. باب ڏهون جيڪو ڏاڍو، سو گابو

    مان نه ٿو سمجهان ته مصيبتون ڪجهه سيکارين ٿيون. جيڪڏهن صرف مصيبتون ئي سيکاريندڙ هجن ها ته پوءِ سڄي دنيا سڃاڻپ ۽ ڏاهپ سان ڀريل هجي ها. مصيبتن سان خوشي، سمجهه، صبر، پيار، ڪشاده دلي ۽ خواهشمندي کي به ضرور گڏائڻ گهرجي.
    ايني مورو لنڊٿبرگ

    دبئيءَ کي شروعات ۾ گهڻين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو. شروع ۾ وٽس عالمي سطح جي ڪاروبار ۽ سيڙپ واسطي بنهه گهٽ سهولتون هيون. پر اها به حقيقت آهي ته دبئي هميشه متحرڪ ۽ قابليت سان سرشار ئي رهيو آهي. دبئي وارو خليج ئي دبئي جو تمام وڏو اثاثو هو. اهو دراصل، شيخ راشد ئي هو. جنهن کي سڀ کان پهرين انهي ڳالهه جي اهميت جو احساس ٿيو. ان لاءِ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ هن انهي خليج مان پاڻي جي هڪ اهڙي رستي تيار ڪرائڻ لاءِ وڏي رسڪ کنئي. جيڪا ڪهڙي به وقت ۽ ڪهڙي به هنڌ استعمال ٿي پئي سگهيو. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته شيخ راشد جو اهو فيصلو بلڪل ئي درست هو.
    ڇاڙ دبئيءَ جي دل آهي. اها ئي سندس آتما آهي. گذريل دور جيان اڄ به اها سندس شهه رڳ آهي.
    جيڪڏهن توهان مون کان پُڇندو ته دبئي ۾ سڀ کان انوکي شئي ڪهڙي آهي، ته مان بنا هٻڪ چوندس: ڪريڪ، نانگ جيان ور وڪڙ کائيندڙ چانديءَ جهڙي اُجلي رنگ جي اها نهر، عربي گلف کان نڪري جڏهن سُڪي ۾ اچي سهڙي ٿي، تڏهن ان جي سونهن ڏسڻ وٽان آهي. هڪ وڻندڙ، ڇُهندڙ، ڇرڪائيندڙ سُونهن. مون ڪيترن ماڻهن کي ڪناري تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان نيري سائي پاڻيءَ کي بيخودي وچان گهوريندي ڏٺو آهي. ڪيترا ته سامونڊي پکين کي چوڳو ڪرائڻ لاءِ لڳاتار ايندا رهندا آهن، ۽ ٻيا لهندڙ سج جي لام هيٺان ترندڙ ٻيڙين ۾ سوار مسافرن کي ڏسڻ ايندا آهن.
    ڪريڪ جا صبح کان سانجهيءَ تائين ڪيترا ئي رنگ، ڪيترا ئي روپ، ڪيترا ئي ونگ، ڪيترائي ڏنگ آهن. جهونا جوڳي چوندا آهن ته ڪريڪ کي پنهنجي هڪڙي جدا خوشبو آهي، هڪ انوکي سڳنڌ آهي سندس پاڻي ۾ ڪئين ساروڻيون آهن سندس ساهه ۾. سالن کان، صدين کان ائين ئي وهندي، ڊهندي، ٺهندي، هن جو هڪ جدا وجود اُڀري آيو آهي هن صحرا جي سناٽي ۾.
    سڄڻ اوري آءُ، سُري منهنجي ساههَ ۾،
    رهندو سائر ڪنڌيين، سدا تنهنجو ساءُ،
    ماڻهو ڇاهي؟ واءُ! سڀ ڪجهه آهه سُڳنڌ ۾.
    جيڪڏهن ڪالهه هتي بادگير هئا، مهاڻن جون بستيون هيون ۽ پاڻي مٿان جهڪيل هيٺانهان براستي گهر هئا، جن ڪريڪ کي هڪ عجيب رومانوي ڪشش ٿي بخشي، ته اڄ ان جي جاءِ تي شيشي جي چمڪندڙ بلڊنگن جون قطارون آهن، هڪ سڙهيون ٻيڙيون آهن ۽ پاڻي ۾ ترندڙ آسائشي ننڍڙا جهاز آهن، جيڪي ڏينهن جو پوپٽ ۽ رات ۾ جگنو ڀاسندا آهن. پاڻي جي ڇَر تي ڇلڪندڙ اهي ڊونڊيون، ٻيڙيون، بتيلا ۽ دنگيون، اڄ جي موٽر وارين لانچن ۽ اسٽيمرن سان ملي هڪ نئون ماحول، هڪ نئون ڪلچر، هڪ نئون وايومنڊل پيدا ڪن ٿيون، جيڪو انٽرنئشنل آهي، ڪاسموپوليٽن آهي، عالمي آهي، جنهن ۾ انسانذات جا سڀ رنگ، عقيدا، ٻوليون ۽ سنگيت سمائجي هڪ ٿي ٿا وڃن: جنهن ۾ نئين ۽ پراڻي جو ڪو فرق باقي نٿو رهي، نه گوري ۽ ڪاري جو ۽ نه وري سنت ۽ صوفي جو. اها آهي دبئي. منهنجي دبئي، سڀ جي دبئي.
    ڪِريڪ جي نيڻن هن شهر جي ميرانجهڙي ماضيءَ کي به ڏٺو آهي ۽ اُجلي اڄ جي عروج جا به ساکي آهن. هنن وقت جي هر لهندڙ ۽ چڙهندڙ وير کي گهوري ڏٺو آهي. ڪنهن زماني ۾ دبئي جو دنگ ڇاڙ جي وارياسن ڪنارن تي ئي ٿيندو هو، جنهن کان اڳتي ڇا هو، سو ڪنهن نٿي ڄاتو. پر سندس پاڻي بي ڊپن، بي خوف جوڌن، جُنگ جوانن لاءِ للڪار جي حيثيت به رکندو هو، جيڪي اڻ ڄاتي ۾ اوهري نيون دنيائون دريافت ڪندا آهن.
    1950ع واري ڪريڪ جي کوٽائيءَ ۽ صفائيءَ تائين، ڇاڙ جو پاڻي پنهنجي وارياسي ۽ چڪائين ڪناري سان لهوارو وهندو رهندو هو. جڏهن وير لهندي هئي ۽ پاڻي هٽي ويندو هو، تڏهن ماڻهو گپ ۽ چڪ ۽ پاڻي ۾ ڇاٻڙ ڇاٻڙ ڪندا وڃي ابري (ٻيڙي) ۾ چڙهندا هئا ته جيئن ٻئي پار پهچي سگهن. مرد توڙي عورتون پنهنجا جوتا هٿن ۾ جهلي، هوريان هوريان هلندا، ڦينگن کان پاڻ بچائيندا، وڃي پريان بيٺل ابري ڀيڙا ٿيندا هئا ته اهو کين ڪريڪ پار اُڪاري پنهنجي دڪان يا شاديءَ مراديءَ تائين پهچائي.
    ڪناري لڳ سڃاڻ خاطر ورهاست جون ڪي خاص نشانيون ڪونه هونديون هيون. بس، ڪي ڪاٺ جا تختا رکي لهڻ لاءِ ٿلها جڙيل هوندا هئا، جن تي ابرا، ٻيڙيون، بتيلا ۽ ڊونڊيون اچي مسافرن کي لاهينديون هيون. پتڻ نالي ڪا به شي ڪانه هوندي هئي. پر ڪريڪ شهر لاءِ محصول ڪمائيندو هو. ننڍي توڙي وڏي بنڊل جي آمد تي ٻه آنا ڊيوٽي جا سنئين سڌي حساب سان ڏيڻا پوندا هئا. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ اها ڊيوٽي وڌائي سامان جي مُلهه جو ساڍا ٽي سيڪڙو ڪئي وئي.
    ڪريڪ جي مهڙ وٽ چيڪ پوائنٽون ۽ گارڊ هائوس ٺهيل هئا، جيڪي ايندڙ توڙي ويندڙ جهازن تي نظر رکندا هئا. اڪثر پرڏيهه مان ايندڙ جهاز چوٽيءَ تائين سامان سان ٽٻ هوندا هئا. جڏهن رات جو ڪا ٻيڙي يا جهاز ڪريڪ ۾ داخل ٿيندو هو ته جهاز جو ڪپتان رڙ ڪري گارڊن کي پنهنجي واقفيت ڪرائيندو هو. ڳالهه ٻولهه جو ڪو ٻيو ذريعو ڪونه هوندو هو. بئٽريءَ تي هلندڙ لائٽن جي ايجاد کان اڳ گاسليٽ جون بتيون ٻاري لنگرن تي رکي ڇڏيندا هئا ته جيئن اندر ايندڙ جهاز کي رستو نظر اچي سگهي.
    ڪريڪ ته برابر دبئي جي ساهه جي نالي هئي، پر قدرتي نظام ڪڏهن ڪڏهن کيس ڊانواڊول به ڪري ڇڏيندو هو. سمنڊ جي اندر وهندڙ وهڪرا پاڻ سان گڏ واري به کنيو ايندا هئا ۽ اها واري ڪريڪ جي منهن وٽ گڏ ٿيندي ويندي هئي. ان ئي واريءَ ۽ مٽي تي هن علائقي ۾ پهريون انساني بستيون آباد ٿيون. انهن ۾ سڀني کان آڳاٽي بستي هئي شنداغا. لٽ مان نقصان اهو هو ته جڏهن ڪريڪ جو منهن واريءَ سان لَٽجي ويندو هو، تڏهن وڏا ٻيڙا يا جهاز اندر اچي نه سگهندا هئا. ان سان واپار گهٽجي ويندو هو. واپار جي ڪري ئي ته دبئي ٻين ٽروشل اسٽيٽس جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهم هئي. جي وٽس اهو به نه رهي ته پوءِ باقي ڇا بچيو؟
    انهن حالتن کان بچڻ لاءِ دبئي جي مرحوم حڪمران هزهائنيس شيخ راشد بن سعيد المڪتوم ڏاهپ جو ثبوت ڏيندي ڪريڪ بانڊ (Creek Bond) جاري ڪيا ته جيئن گڏ ڪيل رقم مان ڪريڪ جي صفائي ڪرائي سگهجي. ان مان ٻٽو فائدو ٿيو. هڪ طرف ته ڪريڪ جي لٽ ڪڍائي کيس اونهو ڪيو ويو، جنهن دبئي جي قسمت بدلي ڇڏي. ٻئي طرف بانڊن جي پئسن مان ملڪ جي اندروني انتظامي معاملن کي سڌاريو ويو. اهڙيءَ ريت ماڻهن کي احساس ڏياريو ويو ته جيڪڏهن هو ملڪ ۾ ڪي سڌارا آڻڻ چاهن ٿا ته پوءِ کين هڙان ۽ وڙان اهڙن ڪمن ۾ حصو وٺڻو پوندو.
    هندستانين “ڪريڪ بانڊ” جي کليءَ دل سان آجيان ڪئي. پر بانڊ وقت کان اڳ، اٽڪل ڏيڍ سال کان پوءِ ختم ڪيو ويو، ڇو ته ڪويتي حڪومت پنهنجي تيل جي جهجي آمدنيءَ جي زور تي دبئي جي مدد لاءِ اڳتي وڌي آئي ۽ بانڊن جي خريدارن کي سندن رقم موٽائي ڏني.
    ڪريڪ جي اونهي ٿيڻ سبب دبئي ۾ واپاري جهازن تي مال چاڙهڻ ۽ لاهڻ سولو ٿي پيو. ان کانسواءِ ماڻهن توڙي مال جي چرپر به سستي ٿي پئي. جيئن جيئن واپار وڌنڌو ويو، تيئن تيئن ٽريفڪ ۾ به اضافو ٿيندو ويو. واپارين ۽ ڌنڌوڙين کي هاڻي دبئي ۾ هڪ ايئرپورٽ جي سخت ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي.
    دبئي ۾ هوائي اڏو ٺاهڻ جو خيال سڀ کان پهرين 1937ع ۾ پيدا ٿيو، جڏهن انگريز سرڪار جي طرفان اجازت ملي ته ڪريڪ ۾ هوائي ٻيڙيون لاٿيون وڃن. برطانيا سرڪار ‘امپيريل ايئرويز’ جي هوائي جهازن لاءِ اڳ ئي اهڙي قسم جي اُڏامن لاءِ حق وٺي ڇڏيا هئا. انهن حقن موجب انگلنڊ-انڊيا- آسٽريليا جي روٽ تي هلندڙ جهاز ڪريڪ ۾ لهي پئي سگهيا، پر هوائي ڪمپنين ڪريڪ کي جنگ کان پوءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ان وچ ۾ رائل ايئرفورس شارجا ۾ ايئرپورٽ ۽ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان جو احوال گذريل باب ۾ ڏنل آهي. اهو قصو 1939ع جو آهي ۽ اهو اڏو امپيريل ايئرويز به استعمال ڪندي هئي ڇو ته کيس ڪراڊن Croudon (انگلنڊ) کان هندستان ۽ اڳتي ويندي، رستي ۾ تيل ڀرڻ جي ضرورت پوندي هئي. اهو به ٻُڌائيندو هلان ته امپيريل ايئرويز، جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي، جنهن کي توڙن ۾ اکرن ۾ BOAC چوندا هئا، برٽش ايئرويز کان آڳاٽي برطانيا جي ڪمپني هئي. شارجا جو والي هوائي اڏي جو ڪرايو وٺندو هو ۽ هر اهو جهاز جيڪو ان اڏي تي لهندو هو، سو پنهنجي في جدا ڀريندو هو، جيڪا ٻين ڪمن جي عيوض پڻ ورتي ويندي هئي. جهڙوڪ تيل يا پاڻي پهچائڻ وغيره. هوائي جهازن ۾ تيل چئن گئلن وارن دٻن وسيلي وڌو ويندو هو. اهو تيل گلف جي سري واري ايراني بندر اَبدان جي ريفائزي مان ايندو هو.
    امپيريل ايئرويز انهن ڏينهن ۾ هينڊ لي پيج Handley (HP42) Page42 نالي جهاز استعمال ڪندي هئي، جن جي پرن جي ماپ 130 فٽ ۽ ڊيگهه 85 فٽ 8 انچ (26 meters) هئي. جهازن جي رفتار 130 ميل في ڪلاڪ (152 Kph) هئي ۽ منجهس ويهه مسافر ۽ چار عملي جا ماڻهو ويهي سگهندا هئا. امپريل ايئرويز کي اهڙا اٺ HP42 جهاز پنهنجي هوائي اڏي ۾ شامل هئا ۽ هر هڪ جهاز جو جدا نالو رکيو ويو هو، جيڪو انگريز اکر ايڇ سان شروع ٿيندو هو مثلاً Heracles, Hengist, Helena, Hanno, Hannibal, Hadrian, Horsa & Horatium. انهن مان Hanno پهريون جهاز هو جيڪو شارجا جي هوائي اڏي تي لٿو. جڏهن هوائي ٻيڙيون دبئي ۾ لهڻ شروع ٿيون، تڏهن انهن کي رستو ڏيکارڻ لاءِ لنگرن جو سهارو ورتو ويندو هو، جيڪي لهڻ واري جاءِ کان وٺي قطار ۾ سڌا رکيا ويندا هئا. جهازن جي لهڻ جي جاءِ تي اڄ ڪلهه مڪتوم پل ٺهيل آهي. مسافرن کي ٻيڙين ۾ چاڙهي ڪناري تائين پُڄايو ويندو هو ۽ اتان پوءِ کين حفاظت سان شارجا فورٽ هوٽل وٺي ويندا هئا، جيڪا شارجا ايئرپورٽ جي ڀرسان هئي. رات هوٽل ۾ گذارڻ کان پوءِ هو وري پنهنجي راهه وٺندا هئا. دبئي ۾ انهن ڏينهن ۾ نالي ڪاڻ به ڪا هوٽل ڪانه هئي. شارجا هوٽل امپيريل ائيرويز ٺهرائي هئي ۽ سندس سنڀال انٽرنيشنل ايراڊيو لميٽيڊ (IAL) جي حوالي هئي.
    هوائي ٻيڙين 1947ع ۾ دبئي ڪريڪ جو استعمال بند ڪري ڇڏيو. نتيجي طور شارجا ايئرپورٽ جي اهميت وڌي وئي. گلف ايويئيشن جيڪا گلف ايئر کان پهرين ٺهي، سا ستن سيٽن وارا آورو اينسنس (Avro Ansons) ۽ پندرهن سيٽن وارا ڊي هاوي لينڊ ڊووز (De Havilland Doves) جهاز، هفتي ۾ ٽي گهمرا ڪويت، بحرين ۽ شارجا کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ هلائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ويهن سيٽن وارا ڊگلس ڊي سي ٿري ڊڪوٽا ۽ وڪرز واءِ ڪائونٽ (Vickers Vicounts) جهاز پڻ استعمال ڪيا ويندا هئا. ٽپال انهن جهازن جي وسيلي بحرين کان دبئي آندي ويندي هئي. جنهن ڏينهن جهاز اچڻو هوندو هو ان ڏينهن کي پرڏيهي سفارتخانن ۾ ٽپال جو ڏينهن سڏيو ويندو هو. دبئي ۾ 1958ع تائين ڪا هڪ به پوسٽ آفيس ڪانه هئي. ٽپال جا ٿيلها بردبئي پاسي شهر جي مرڪز ۾ آندا ويندا هئا ۽ پوءِ جن جي ٽپال ايندي هئي، تن جا نالا ۽ ائڊريسون زور سان پڪاريون وينديون هيون. جيڪڏهن خط جو مالڪ اُتي موجود هوندو هو ته پنهنجو خط کيس اتي جو اتي ملي ويندو هو، پر جي غير حاضر هوندو هو ته سندس ٽپال موٽائي کڻي ويندا هئا ۽ ٻئي ڀيري وري ساڻ کڻي ايندا هئا.
    جڏهن دبئي ۾ پهرين پوسٽ آفيس کلي، تڏهن ٽپال گهرن ۾ پهچائڻ بجاءِ پوسٽ آفيس باڪس جي ذريعي وصول ڪئي ويندي هئي. اهو طريقو اڄ تائين جاري آهي. پوسٽ باڪس سرڪار طرفان ڏنا ويندا هئا ۽ سڀ کان پهريون دٻو الغرير کي مليو، جنهن جو نمبر به پهريون هو. پر ڏيهين ۾ ITL کي سڀ کان پهريون باڪس الاٽ ٿيو، جنهن جو نمبر هو ڇهه سرڪار پاڻ کي وڏو نمبر ڏنو ته جيئن ماڻهن کي احساس ٿئي ته حڪومت بزنيس وارن جي دوست آهي ۽ کين پاڻ کان به وڌيڪ مان ٿي ڏئي.
    جهازن ۾ جلد ئي رش وڌي وئي. جهازن ۾ جڳهه ٿوري ۽ مسافر گهڻا. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي آخرڪار تيل ڪمپنين ۽ شيخن جي رياستن لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي. 1950ع تائين گلف جا جهاز هر وقت اڳواٽ بڪ ملندا هئا. ان جو مکيه سبب اهو هو ته واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو وقت بچائڻ لاءِ هوائي سفر کي اوليت ڏيڻ لڳا هئا.
    1959ع ۾ برٽش پوليٽيڪل ايجنسيءَ لنڊن ۾ برٽش فارين آفيس کي هڪڙو خط لکيو، جنهن مان ان وقت جي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. لکيائين، “شيخ راشد تي واپاري ڌر جو سخت دٻاءُ آهي ته هتي هڪ ايئرپورٽ ٺهرائڻ گهرجي. پوءِ ڀلي ته ان جو خرچ ونڊي ورڇي واپارين تي رکيو وڃي. شيخ راشد هڪ ڀيري خود مونکي ٻڌايو ته جڏهن هو ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر تي ويندو آهي ۽ ماڻهو کانئس پڇندا آهن ته ڇا دبئي کي پنهنجو ڪوئي هوائي اڏو به آهي، تڏهن کيس ڏاڍي پشيماني ٿيندي آهي. هن جو خيال آهي ته دبئي کي ضرور هڪ هوائي اڏو هئڻ گهرجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان دبئي جو مان وڌندو.”
    شيخ راشد ڏاڍي هوشياريءَ سان انگريز حڪومت جي نمائندي کان دبئي ۾ ايئرپورٽ ٺاهڻ جي اجازت ورتي. سچ ته دبئي کي ان سهوليت جي ڏاڍي سخت گهرج هئي.
    1959ع جي فيبروري مهيني ۾ لنڊن برٽش ايئر منسٽريءَ پنهنجو هڪ آفيسر دبئي روانو ڪيو ته جيئن هو اتي وڃي هوائي اڏي جي رٿ تيار ڪري. الفسيس جو علائقو ان ڪم لاءِ چونڊيو ويو ۽ شروعاتي ڪم ڪجهه مهينن اندر هٿ ۾ کنيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ايترو جلد ٿيو جو ماڻهو حيران ٿي ويا.
    مزور هندستان ۽ پاڪستان مان گهرائي ڀرتي ڪيا ويا. مقامي ماڻهو ته اڳ ئي ان ڪم ۾ رُڌل هئا. پروجيڪٽ وڏو هو، پر شيخ راشد پنهنجي سر بيهي ان سموري ڪم جي نظرداري ڪئي. 19 مئي تي ڊي هائيوي لينڊ ڊو (De Havilland Dove) قسم جو پهريون جهاز، 6000 فٽن تي ٺهيل، ڳتيل واريءَ جي هوائي اڏي تي لٿو. دبئي جي ترقي واري تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو.
    دبئي انٽرنيشنل ايئر پورٽ جو سرڪاري مهورت 30 سيپٽمبر 1980ع تي ٿيو. ان هوائي اڏي ۾ هڪ ننڍڙي ٽرمينل ۽ هڪڙو ڪنٽرول ٽاور شامل هئا.
    هوائي اڏي جي سڀ کان وڌيڪ موهيندڙ ڳالهه هئي سندس ڊيوٽي فري شاپ. حاڪم جي اها هڪ وڌيڪ سياڻپ جي سوچ هئي. سندس دورانديشيءَ جو اهو بهترين مثال هو. ان کان سواءِ هُن ڪار پارڪ جي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جو پڻ سندس ڏاهپ جي ساکي آهي. ڪار پارڪ ۾ 500 گاڏيون هڪ ئي وقت بيهي سگهيون ٿي. پوري دبئي ۾ ان وقت ايتريون گاڏيون ڪونه هيون. رستن جي حالت جي ته ڳالهه ئي نه ڪريو، پر ڪجهه سالن اندر جيئن ئي هوائي ٽرئفڪ وڌي ته خبر پئي ته اها ڪار پارڪ تمام ننڍي آهي ۽ ان کي وڌائڻ تمام ضروري ٿي پيو. دراصل ٽرئفڪ ايتري ته وڌي وئي جو اڳوڻو سمورو بندوبست ناڪافي ٿي پيو.
    توهان کي ياد هوندو ته انهن ڏينهن ۾ گهٽيون ۽ انهن کان به ننڍڙيون گليون ائين ته ور وڪڙ کائي وچ شهر مان لنگهنديون هيون، جو انهن مان ڪنهن گاڏيءَ جو لنگهه ممڪن ئي نه هو. ماڻهو گاڏيون وٺي ڇا ڪن ها؟ مثال طور، ابرا اسٽريٽ نالي بردبئي ۾ صرف هڪ ئي گهٽي هئي ۽ سندس ڊيگهه وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلوميٽر هئي. هاڻي اتي موٽر جو ڪهڙو ڪم؟ اهڙي ساڳي حالت ڪريڪ جي پرينءَ ڀر ديرا ۾ پڻ هئي.
    جڏهن مناسب رستا ئي ڪونه هئا ته پوءِ موٽرن جو به ڪو فائدو ڪونه هو. ٽئڪسيون گهڻو ڪري ٽرڪن، پڪ اپ ۽ جيپن جون هونديون هيون. فوجين جون بيڪار سمجهيل نيلام ڪيل اهي گاڏيون وري به چڱيءَ حالت ۾ ملي وينديون هيون. انهن ٽئڪسين ۾ ماڻهو ته چڙهندا هئا، پر اهي سامان ڍوئڻ جي ڪم به اينديون هيون. اهي گاڏيون شارجا، ابوڌابي توڙي ٻين دور دراز شهرن ڏانهن ڀاڙو کڻي وينديون هيون. 4x4 فقط لينڊ روور گاڏيون هونديون هيون.
    گاڏيون ايڏيون ته مهانگيون هيون جو سواءِ حڪمران ڪٽنب جي ۽ تمام گهڻي دولت وارن چند ماڻهن جي، ٻئي ڪنهن وٽ به گاڏيون ڪونه هونديون هيون. ٿورين گاڏين هئڻ ڪري سڀني کي خبر هوندي هئي ته ڪهڙي گاڏي ڪنهن جي آهي. نه رجسٽري ٿيندي هئي ۽ نه وري نمبر پليٽون لڳائڻيون پونديون هيون. اڳتي هلي پوليس ڊپارٽمينٽ ليسن ته جاري ڪرڻ شروع ڪيا، پر ڊرائيونگ ليسن جي پوءِ به ضرورت محسوس ڪونه ڪيائون.
    مون کي ياد آهي ته منهنجو ننڍو ڀاءُ، روچي، هانگ ڪانگ ۾ ڊرائيونگ ٽيسٽ پاس ڪري ڪونه سگهيو هو، ان ڪري هو مون وٽ دبئي آيو ته کيس هتان جو ڊرائيونگ ليسن وٺائي ڏيان. هانگ ڪانگ ۽ دبئي جيئن ته ٻئي انگريزن جو بيٺڪون هيون، ان ڪري هڪ ٻئي جا جاري ڪيل ليسن قبول ڪنديون هيون. مون کيس ٽيسٽ ڏيڻ بنا ئي ليسن ته ٺهرائي ڏنو، پر پوءِ اچي ڊپ ورتم ته جيڪو هانگ ڪانگ جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي چڪو آهي، اهو هاڻي ساڳئي شهر ۾ گاڏي سنڀالي هلائي سگهندو به يا نه. پوءِ ته منهنجو پرارٿنا تي زور ته ڌڻي منهنجا، روچيءَ جي پارت اٿئي.
    ڊرائيور يا ته بدو هئا يا هتان جا اصلوڪا رهاڪو. هتان جي صحرائي رستن ۽ ملڪي حالتن کان هو چڱي طرح واقف هئا، ان ڪري کين ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. گاڏيون انهن ئي نشانن جي پويان هلنديون هيون، جيڪي فوجين جي گاڏين جي لنگهڻ ڪري ٺهي پيا هئا. هونءَ ته جي موسم سٺي رهندي هئي ته اهي نشان به صاف ۽ چٽا پيا ڏيکاربا هئا، پر جي واريءَ جو طوفان ايندو هو ته پوءِ هر شئي ڊهي ويندي هئي. بدو رڻ پٽ جي نس نس کان واقف هئا. ڀلا ڪيئن نه هجن؟ ڄاوا نپنا ئي صحرا ۾ هئا. هنن جي لاءِ ڪنهن به ماڳ تي پهچڻ ڏاڍو سولو ڪم هو. ها، پر جڏهن واريءَ جون ڀٽون واچوڙن ۾ پنهنجي جاءِ ڇڏي وينديون هيون ۽ صحرا جو نقشو راتورات بدلجي ويندو هو، تڏهن ويچارا بدو به مُنجهي پوندا هئا.
    شارجا لاءِ ڪوبه رستو ڪونه هو، ان ڪري رڻ پٽ مان لنگهي شارجا پهچڻو پوندو هو. مسافرن کي دبئي کان شارجا پهچڻ ۾ چڱي ڏکيائي ٿيندي هئي. شارجا جو ڀاڙو ڏهه روپيا هوندو هو. گهڻو ڪري ٽئڪسي اوٽ موٽ ڀاڙي تي ڪئي ويندي هئي، جنهن تي لڳندا هئا ويهه روپيا. جيسين مسافر پنهنجا ڪم ڪاريون پورا ڪري واپس موٽي، تيسين ٽئڪسي وارو اوسيئڙي ۾ بيٺو هوندو هو. ٻيو ڪجهه ڪري به ڪونه سگهندو هو. مسافر هوند ائي نه هئا ته موٽندو وري ڪنهن سان؟
    شارجا وڃڻ لاءِ بر، دبئي توڙي ديرا کان رستا ويندا هئا. پُل اڃان ڪونه ٺهي هئي، ان ڪري ڪريڪ جي مٿان ڦرڻو پوندو هو. رستو هاڻوڪي دبئي ايئرپورٽ ۽ ڪارگوليج جي وچان لنگهندو هو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن وير چڙهندي هئي ته هي علائقو اڪثر پاڻيءَ هيٺ هوندو هو.
    جيڪڏهن ڪنهن به سببان مٿئين رستي تي لنگهڻ ڏکيو هوندو هو ته پوءِ ٻيءَ صورت ۾ ڪريڪ کي آبري رستي پار ڪري، ديرا کان شارجا لاءِ وڃي ٽئڪسي وٺبي هئي، جنهن جي باري ۾ مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ڏهه روپيا هڪ پاسي جا ۽ ويهه روپيا اوٽ موٽ جا وٺندي هئي.
    ابوڌابيءَ لاءِ ٽرئفڪ صفا گهٽ هئي. مان اڪثر ابوڌابي ويندو رهندو هوس. ڇو، ته منهنجيءَ ڪمپنيءَ (آئي.ٽي.ايل) هڪ دڪان، تارف ۾، ابوڌابي کان اٽڪل 100 ڪلوميٽر پري، “خانصاحب ڪئنٽن” جي نالي سان کوليو هو. حسين خانصاحب، جيڪو اُتان جو باشندو هو، سو تيل جي هڪ ڪمپني جي ملازمن جي ديک ڀال واسطي ڪئمپ هلائيندو هو. اسان وري اُن ئي ڪئمپ ۾ سيڌي سامان ۽ ٻين ضروري شين جو دڪان کوليو هو. مان ان دڪان کي ڏسڻ وائسڻ ڪاڻ ابوڌابي ويندو هوس.
    ان زماني ۾ ابوڌابي پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. ڊرائيور گهڻو ڪري ڪناري وارو رستو وٺندا هئا ته جيئن ڪٿي رستو ڀلجي ڀٽڪي نه وڃن. واريءَ جو پنڌ اڻانگو هوندو هو. صحرا ۾ گاڏي هلائڻ لاءِ خاص قسم جا ٽائر لڳايا ويندا هئا. جيڪڏهن اسان ڪڏهن رستو ڀُلجي رڻ ۾ رلي ويندا هئاسين ته اتان جا بدو وڏي خوشيءَ سان اسان کي صحيح رستو ڏيکارڻ ۾ مدد ڪندا هئا. جي وچ واٽ تي گاڏي خراب ٿي پوندي هئي ته لانگهائو گاڏيون بهي رهنديون هيون ۽ اسان جو هٿ ونڊائينديون هيون.
    هر گاڏيءَ ۾ ٻه شيون ضرور کڻندا هئا: هڪ بيلچو ۽ ٻيو لوهي تختو. بيلچي سان واري هٽائبي هئي ۽ لوهي تختو ٽائرن جي هيٺان ڏئي گاڏي هلائبي هئي ته ڦاٿل ٽائر ان مٿان لنگهي واريءَ مان نڪري ايندا هئا. گاڏيون اڪثر رستي ۾ خراب ٿي پونديون هيون. اسپيئر پارٽ گهٽ ملندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته بنهه ڪونه ملندا هئا. ورڪشاپ ته صفا ڪونه هوندا هئا. ان ڪري گاڏين کي ٺيڪ حالت ۾ رکڻ مشڪل ٿي پوندو هو.
    ايئرڪنڊيشننگ به ڪونه هوندي هئي، ان ڪري گاڏين جون دريون يا ڇت کلي رکبي هئي. هڪ واريءَ جو پنڌ، ٻيو دريون يا ڇت کليل. واري وات ۽ ناسن ۾ اهڙي هلي ويندي هئي جو ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. صحرا ۾ رستو ڀلجڻ جو خوف ته هر وقت رهندو هو، پر وڌيڪ ڀئُه ٿيندو هو جسم جو پاڻي سُڪي وڃڻ جو. گرمي، اُس، پگهر ۽ گهٽ پاڻي پيئڻ سبب سُڪو يا Dehydration عام هوندو هو.
    ڏينهن جو سفر ڪرڻ تڪليف وارو ضرور هو، پر ان کي ٽاري ڪونه سگهبو هو. رات جو سفر ڪرڻ مناسب نه هو. هڪ ته رات جو اوندهه انڌوڪار لڳو پيو هوندو هو، ٻيو وري رستا ٺهيل ڪونه هوندا هئا.
    پيٽرول به سولائي سان ڪونه ملندو هو. بحرين، ابادان يا سينگاپور مان گهرايو ويندو هو. دبئي ۾ پيٽرول کي ٽئنڪن ۾ رکڻ جي سهوليت موجود هئي، ان ڪري پئٽرول امارات کان ٽروشل اسٽيٽس جي ٻين علائقن ۾ پهچايو ويندو هو.
    انهن ڏينهن ۾ پيٽرول پمپ اڃا ڪونه آيا هئا. دڪان ۾ پيٽرول وڏن بئرلن ۾ رکيو ويندو هو ۽ گاڏين ۾ وجهڻ لاءِ هٿ سان هلندڙ پمپ استعمال ڪيا ويندا هئا. برٽش پيٽرول ۾ “بي.پي.” وارا، پئٽرول سپلاءِ ڪرڻ جي مکيه ڪمپني هوندا هئا ۽ دڪاندار معمولي ڪميشن عيوض سندن پئٽرول وڪڻندا هئا.
    اُٺ صحرا جو ڏاج آهن، سونهن آهن ۽ ضرورت پڻ آهن. 1950ع جي ڏهاڪي جي آخر تائين ڳوٺن توڙي ملڪ جي اندرين حصن ۾ اٺن تي سواري ٿيندي هئي. ابوڌابي کان اٺن جا قافلا هلندا هئا، جي ٽن کان چئن ڏينهن ۾ دبئي پهچندا هئا. هڪ هفتو يا ڪڏهن ڪڏهن ته ان کان به وڌيڪ عرصو العين ۽ ٻين ڀرپاسي وارين جڳهين تي پهچڻ ۾ لڳندو هو. ابوڌابي ۽ اترين علائقن ۾ ٻيڙين وسيلي سفر ڪيو ويندو هو. نوجوان نسل کي ته شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه اچي سگهندي ته اڳ سفر ۾ ڪيتريون تڪليفون، ڪيترا خطرا، ڪيڏا انديشا هوندا هئا. واري، جي ڀٽن جو سفر کٽڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. انهن ڏينهن ۾ صحرا جو سفر ڪرڻ وڏي همت ۽ دليريءَ جو ڪم هوندو هو. محمد الفهيم هڪ وڏو ڪاروباري ماڻهو هو. هو ابوڌابي چيمبر آف ڪامرس جو پهريون وائيس پريزيڊنٽ پڻ ٿيو. هن پنهنجي ڪتاب From Rags to Riches (غربت کان اميريءَ تائين) ۾ هڪ نهايت ئي دکدائڪ واقعو بيان ڪيو آهي. هن واقعي جو تعلق صحرا جي خطرناڪ سفر سان آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن بيابانن ۾ دير ٿيڻ سان جيڪي ڏکوئيندڙ نتيجا نڪرندا هئا، تن سان پڻ آهي. الفهيم جي ڀيڻ راند ڪندي سڙي پئي هئي ۽ سندس گهروارن فيصلو ڪيو ته نينگر کي ڪنهن ويجهي اسپتال تائين پهچايو وڃي. ويجهي ۾ ويجهي اسپتال بيابان مان لنگهندڙ رستي وسيلي ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هئي.
    هو لکي ٿو: “بدقسمتيءَ سان موائجي ۾ نه ڊاڪٽر هئا، نه نرسون ۽ نه ڪا ٻي دوا هئي. سڙڻ جو علاج ته پري رهيو، هتي ته ڪنهن به بيماري جو علاج به ٿي نٿي سگهيو. ڀرسان العين جو شهر هو ۽ ان جي ڀر ۾ بريمي نالي ٻيو شهر هو. پر انهن مان ڪنهن به شهر ۾ نه دوائون نه ڊاڪٽر ۽ نه ڪا اسپتال. سڀ کان ويجهي اسپتال شارجا ۾ هئي ۽ ان تائين پُڄڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏينهن جو سفر ڪرڻو پئي پيو. منهنجي ننڍي ڀيڻ سخت تڪليف ۾ هئي. گهر جا سڀ ڀاتي بي حد پريشان هئا، پر لاچار هئاسين. ڪجهه ڪري نٿي سگهياسين. شيخ زايد کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته کيس ڏاڍي ڳڻتي ٿي. منهنجي پيءُ کي پنهنجي لينڊ روور گاڏي ۽ ڊرائيور ڏنائين ته جيئن اسان بيمار کي شارجا وٺي وڃون. رائل ايئر فورس شارجا جو هوائي اڏو استعمال ڪندي هئي. ان ڪري هنن پنهنجن ماڻهن جي لاءِ هڪ ننڍڙي اسپتال جو بندوبست ڪيو هو. بس، ان سڄي علائقي ۾ صرف اها ئي هڪڙي اسپتال هئي. منهنجو پيءُ، ماءُ، مان ۽ ٻيا ٻار سڀ لينڊ روور ۾ چڙهياسين. زخمي ڀيڻ کي به ساڻ کنيوسين ۽ العين کان وچ بيابان مان ٿيندا شارجا ڏانهن روانا ٿياسين. انهن ڏينهن ۾ پڪو ته ڇڏيو، ڪچو رستو به ڪونه هوندو هو. لنگهندڙ قافلن جي نشانن پويان ماڻهو هلندا هئا. اسان به ساڳي طرح پنهنجو سفر جاري رکيو. رستي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا گاڏي واريءَ ۾ ڦاسي پئي ۽ هر دفعي اسان سڀني گڏجي ڌڪا ڏئي گاڏيءَ کي واريءَ مان ٻاهر ڪڍيو.
    جيڪو مفاصلو اڄ ڪلهه ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿي ويندو آهي، اهو اسان ٻن ڏينهن ۾ وڏي مشڪل سان اُڪلائي سگهياسين. ان وچ ۾ ڏاڍي دير ٿي چڪي هئي. منهنجي ڀيڻ زخمن جا سور سهي نه سگهي ۽ رستي ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي.”
    نه تڪڙي سواري هئي ۽ نه چڱا رستا. ماڻهن جي ذاتي آزاديءَ جي راهه ۾ سوين رڪاوٽون هيون. ڏاڍا لاچار ۽ مجبور هئا ان دور جا ماڻهو. پاڻ کي بي حد اڪيلو ۽ اُٻاڻڪو ڀانئيندا هئا ان اڻ هوند ۾. قدرت جا قانون انساني حياتيءَ کي هلائيندا هئا. جن وٽ زر هو، تن وٽ زور به هو. هٿن خالي اُڀ ڏي هٿ کڻي ٻاڏائيندا رهندا هئا. سچ چيو اٿن ته جيڪو “ڏاڍو، سو گابو”.
    *


    11. باب يارهون : جڏهن وهنوار ساک ۽ ڪارپت تي هلندو هو

    اعتماد ڪرڻ کان وڌيڪ پيار ڪرڻ وارو بنجڻ وڌيڪ ساراهه جو حقدار آهي.
    جارج ميڪڊونالڊ

    دبئيءَ جو مارڪيٽ منهنجي يونيورسٽي هو.
    مون ننڍيءَ ڄمار ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي ڪاروبار جو سبق اُتان ئي پرايم. ماڻهوءَ جا ماڻهوءَ سان لاڳاپا ۽ ورتاءَ ۽ انساني بدلجندڙ حالتن ۾ ان جي الڳ الڳ موٽ، ڪڏهن روح راڳن ۾ ڪڏهن بُت کان بيزار، ڪڏهن درياءُ ٽپيو وڃي ڪڏهن واهڙ تي بيهي رهي، انهن سڀني ڳالهين جو اُڀياس مون مارڪيٽ ۾ ويهي ڪيو. دبئي جو مارڪيٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کليل دل وارو ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ڀريل آهي. دبئي واپار جي ڳڙهه هئڻ ڪري دنيا ڀر سان ناتا نڀائي ٿي. هر قوم، هر رنگ، هر نسل جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ريت دبئي جي مارڪيٽ سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اهي سڀ رنگ گڏجي دبئي جي سونهن وڌائين ٿا ۽ نئين سُڃاڻ ڏين ٿا.
    1960ع وارا سال نئين دبئي جي واڌ ۽ ويجهه ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. تيل نڪرڻ کان گهڻو اڳ دبئي پنهنجي بنيادي جوڙجڪ کي نئون روپ ڏيڻ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو. سندس گهڻو زور ان ڳالهه تي هو ته خدمتون ۽ سهولتون هڪيون تڪيون حاضر ڪري ڏجن ۽ انهن کي انڊسٽريءَ جو درجو ڏيئي ناڻو ڪمائجي. جڏهن تيل نڪتو ته وارا نيارا ٿي ويا. ٻُڏل ٻيڙو تري پيو. مونجهارا مِٽجي ويا. سڄو ملڪ جهڙوڪر سون ٿي پيو.
    تيل ڇا نڪتو، پرڏيهي ڄاڻو ڪم وارن جا ڪٽڪ اچي سهڙيا. جوڙجڪ جو نئين سر اڀياس ٿيو. مدايون دور ڪري چڱاين کي اوليت ڏيئي منجهن واڌارو ڪيو ويو. هوائي اڏو ٺاهيو ويو. ڪريڪ جي سڌاري لاءِ پروجيڪٽ جوڙيو ويو. عام ڀلائي ۽ سهوليت جا ڪيترا ٻيا ڪم هٿ ۾ کنيا ويا. انهن سڀني ڳالهين لاءِ ماهر ۽ ڄاڻو ڪاريگر توڙي گهٽ تجربيڪار مزور گهربل هئا. بس، ڪُڇڻ جي دير هئي، پرڏيهي ڪمين جي اٿل اچي وئي. کين رهڻ لاءِ گهر گهربا هئا. اڏاوت جي ڪم جي ڄڻ ٻنڌ ٽٽي پئي. جيڏانهن نهار تيڏانهن گهر پيا جڙن. امارات جي وک وک تي ڪنسٽرڪشن جو ڪم جاري ٿي ويو.
    ننڍي کنڊ جا ماڻهو هونءَ ئي مزوريءَ جا مڙس ماڻهو آهن. اجورو به گهٽ وٺن. ان ڪري سندن گهرج گهڻي هئي. هونءَ به ويجهڙائيءَ سبب توڙي سماجي ۽ سڀيتائي هڪ جهڙائيءَ ڪري اهي وڌيڪ پسند ڪيا ٿي ويا. گهڻا مقامي شهري اردو ۽ هندي ٻولي سمجهندا به هئا ته ڳالهائي به ويندا هئا. کين ننڍي کنڊ جي ماڻهن سان گهلي ملي وڃڻ ۾ ڪا به دشواري نه هئي.
    ان ڪري هنن گهڻا مزور ان ئي علائقي منجهان ڀرتي ڪيا. ويزا سولائيءَ سان ملي ويندي هئي. ماڻهن کي پهچڻ ۾ ڪا ڏکيائي درپيش نه ايندي هئي. هڪ ٻئي کي چيو، ٻئي ٽئين کي ٻڌايو، ائين ميلو مچندو ويو. ڪمي ڪاسبي ايندا ويا. دبئي هر روز نئون وڳو پهرڻ لڳي. جيڪي ڪالهه هو، سو گذري ويو. جيڪي اڄ آهي، سو سڀاڻي نه هوندو. دبئي وئي وڌندي. مالي حالت ويس ڏينهون پوءِ سڌرندي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ٿي جو دبئي جي نئين سروپ مان ماڊرن دنيا جي جهلڪ پسجڻ لڳي. ان سڄي ردوبدل ۾ ڪاروباري ماڻهن وڏو ناماچار ڪمايو.
    ان وقت جو واپاري ويڙهو اڄ کان تمام گهڻو مختلف هو. اهو تفاوت سمجهائڻ لاءِ جڏهن لفظن جي چونڊ تي سوچيان ٿو ته مهاتما گانڌي جا شبد ٿا ياد اچنم. انهن ڏينهن ۾ جي ڊي برلا (گهنشيام داس برلا)، جنهن هندستان ۾ انڊسٽريءَ جي سلطنت قائم ڪئي ۽ انگريزن جي آخري ڏينهن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي هندستان کي هڪ سگهارو بنياد مهيا ڪيو، سو گانڌي جيءَ جو ويجهو دوست هو ۽ ڪانگريس جي هڙان وڙان سهائتا ڪندو رهندو هو. ان تي ڪيترن ئي ماڻهن، خاص ڪري کاٻيءَ ڌر جي دانشورن مُنهن گُهنجايو، ڪاوڙ ڪئي، اعتراض واريا، پر گانڌي پنهنجي جاءِ تي اڏول رهيو. هن کي برلا کان ڏوڪڙ وٺڻ ۾ ڪا به برائي نظر نه آئي، ڇو ته هن جو اهو پڪو ويساهه هو ته اها دولت سماج جي امانت آهي.
    گانڌيءَ جيءَ جي ويچارن پويان هلندي، دبئي جي واپاري ويڙهي، 1950ع ۽ 1960ع سن جي اوائل ۾، قوم جي ترقي ۾ وڌي وڌي هٿ ونڊايو. سماج بزنيس تي ڀاڙيندو هو ۽ بزنيس مين سماج جي سيوا لاءِ پاڻ ارپڻ جي حد تائين دل ۽ جان سان ميدان ۾ لهي پيا. کين خبر هئي ته اسان جي اصل طاقت وري به سماج ئي آهي.
    بزنيس ۾ لالچ جو ڪو دخل ڪونه هو. سچائي ۽ خلوص جهڙوڪر اڻ لکيل قانون هئا. واپاري پنهنجي آمدني تي خوش ۽ راضي هئا. گهرج کان وڌيڪ ڌنڌو ڪرڻ سندن ڪتاب ۾ لکيل ئي نه هو. پنهنجي سوڙ آهر پير ڊگهيريندا هئا. حيثيت موجب مال گهرائيندا هئا. اهو به ڌيان ۾ رکندا هئا ته جيڪو مال وٽن موجود آهي ۽ جيڪو واٽ تي آهي، انهن جي سيڙپ لاءِ اوتري رقم به موجود آهي يا نه؟ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته مال جي گهرج وڌي ويندي هئي ۽ مال اچڻ ۾ دير پئجي ويندي هئي. گدام خالي ٿي ويندا هئا ۽ مهينن جا مهينا واپاري واندا ويٺا انتظار ڪندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به واپارين ڪڏهن به مال ذخيرو نه ڪيو. بس، ايترو ئي رکندا هئا، جيترو سنڀالي سگهن.
    اڄ جو حال سڀني کي ساريو پيو آهي. دنيا بدلجي وئي آهي. اهي گُڻ ئي نه رهيا آهن. امپورٽر ماڻهن جي گهرج کي نظر ۾ رکندي، هٻڇ ڪري، گهڻو مال گهرائي، گدام سَٿي ويهي ٿا رهن. جي اوچتو گهرج گهٽجي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ مَندي اچي وئي ته يارن جا ٽپڙ ئي ٽيشڻ تي. گهڻن جا ته جهڳائي جهڻ ٿي ويا. چڱن ڀلن کي ڏينهن جو ڏيئو ٻاريندي ڏٺوسين.
    اڳوڻي زماني ۾ واپاري وڙا پنهنجي پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب گهڻي سوچ ۽ ويچار سان ڪندا هئا. ان مان کين ئي فائدو رسندو هو. خاص ڪري جڏهن مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي ايندي هئي، تڏهن هو پنهنجو اسٽاڪ تيستائين پاڻ وٽ رکي سگهندا هئا، جيستائين وري مارڪيٽ پاڻ ڀرو نه ٿئي. کين نقصان ۾ مال وڪڻڻ جي ضرورت ڪانه پوندي هئي. اڄ ائين ناهي. جيڪڏهن اڄڪلهه مارڪيٽ ويهي ٿي وڃي ته واپاري ٽوٽ ۾ مال نيڪال ڪرڻ لاءِ لاچار ٿي ٿا پون، ڇو ته هو بئنڪن جو دٻاءُ ۽ وڌندڙ وياج جو ڌڪ سهي نٿا سگهن.
    شروعاتي ڏينهن ۾ دبئي ۾ حالتون ٻيون هيون.
    1950ع سن واري ڏهاڪي ۾ ۽ 1960ع جي ڳچ عرصي دوران واپاري پنهنجي پئسي تي ڌنڌو ڪندا هئا. هو ورلي بئنڪن کان قرض وٺي ڪاروبار ۾ لڳائيندا هئا. جيڪڏهن هو چاهيندا به هئا ته قرض کڻجي، ته به بئنڪن جا قانون ايڏا ته سخت هئا، جو کين مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو هو. ان وقت دبئي ۾ فقط هڪ بئنڪ هئي، جنهن جو نالو هو ‘برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ.’ هيءَ ڪمزور بئنڪ صرف تڏهن ليٽر آف ڪريڊٽ (Letter of Credit) کوليندي هئي، جڏهن ان جي عيوض منجهس مناسب پئسا جمع ڪرايا ويندا هئا. اهو بلڪل ائين هو، ڄڻ ماڻهو پنهنجي ئي پئسن سان پيو واپار ڪري. ڪيترائي ڪاروباري ته مورڳو بئنڪ ۾ کاتو کولائڻ کان به پيا لهرائيندا هئا. چوندا هئا، “آخر بئنڪ ۾ پئسا رکڻ مان ڪهڙو؟ جيڪڏهن اسان پنهنجو ڌنڌو پاڻ هلائي ٿا سگهون ته پوءِ اهو مٿي جو سور ڇو کڻجي؟”
    ڪيترا مقامي واپاري ته پنهنجا پئسا هندستاني بزنيس مين وٽ ڌراوت رکڻ وڌيڪ چڱو سمجهندا هئا. هو چوندا هئا ته بئنڪ ته ڏينهن ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ کلي ٿي، جڏهن ته هندستاني ڌنڌوڙي چوويهه ئي ڪلاڪ سڏ ۾ سڏ ڏيڻ لاءِ سولائي سان ملي سگهن ٿا. مقامي ماڻهو پنهنجي رکيل رقم تي وياج وٺڻ سٺو نه سمجهندا هئا، ان ڪري هنن لاءِ بئنڪ ۾ پئسا رکڻ جي ڪا گهڻي اهميت ڪانه هئي. هنن جي راءِ وري به ساڳي هئي ته هندستاني شاهوڪار سٺا بئنڪر آهن. مارڪيٽ ۾ گهڻي ڀاڱي لين دين ساک تي ٿيندي هئي. پئسن جو حساب ڪتاب ڇنڇر ڏينهن چُڪتو ڪندا هئا. ان ڏينهن کي واپاري ٻولي ۾ “شمبيدي” چئبو هو، جنهن جو مطلب هو پگهار جو ڏينهن. جيڪي ماڻهو مال خريد ڪندا هئا، سي ڇنڇر جي ڏهاڙي پاڻ اچي مال جي ملهه جي ڏهين پتي ڏئي ويندا هئا. اوڌر ڏهن هفتن يا ستر ڏينهن لاءِ هوندي هئي. اهو قانون سڀني سان لاڳو هوندو هو ۽ سڀ جا سڀ ان اڻ لکيل قانون جي پوئواري ڪندا هئا. ڪي تمام ٿورا هوندا هئا جي وقت تي رقم پهچائي نه سگهندا هئا. جڏهن اوڌر ڏئي پوري ڪبي هئي، تڏهن گهڻا ماڻهو ته رسيد وٺڻ به ضروري نه سمجهندا هئا.
    ساک ۽ ڪارپت، اهي هئا ٻه ٿنڀا، جن تي ڪاروبار جي ڇت بيٺل هئي. واپاري، خاص ڪري ايراني، پنهنجو ليکو چوکو دماغ جي اسٽور ۾ سنڀالي رکندا هئا. مجال آهي جو ڪڏهن به سندن يادگيريءَ ۽ وهي کاتي ۾ ڪا ٽڪي پئسي جي گهٽ وڌائي ٿئي. جڏهن کان سخت مقابلي وارو واپار شروع ٿيو آهي، تڏهن کان اهو پراڻو، وڻندڙ ۽ صحتمند وايومنڊل ڳوليو نٿو لڀي.
    ساک ۽ ڪارپت، جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪدم “حوالي” جو نالو دل تي تري ٿو اچي، جيتوڻيڪ اهو ڪاروبار انڊيا ۾ غير قانوني هو، پر هت ان تي ڪا به پابندي ڪانه هئي، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪرنسيءَ جي ڪاروبار تي ڪابه جهل پل نه هئي.
    دبئي ۾ آيل ڪاروبار ۽ پئسي ڏوڪڙ جي طوفان جو فائدو وٺندي، “حوالو” هلائيندڙ هندستان جي سخت قانون ۽ سرڪاري ڊيگهه پٽاڙ ۽ اجائي دير کان تنگ آيل وهنواري لڏي کي سولائي سان ڪرنسي جي مٽاسٽا جي سهوليت آڇيندي، خوب ڪمايون ڪيون. ٻاهران آيل ماڻهن کي گهر ڏانهن پئسا موڪلڻ لاءِ هنن حوالي جي صورت ۾ تڪڙو ۽ ڀروسي جهڙو طريقو ڏنو. بئنڪن جي ڀيٽ ۾ “حوالو” وڌيڪ ڪفايت وارو به هو. ماڻهن کي هيءُ ذريعو ان ڪري به وڌيڪ وڻيو جو “حوالي” وارن جون شاخون هر شهر تائين ڦهليل هيون ۽ “حوالو” هلائيندي پنهنجي محنت ڦڙتيءَ ۽ گهٽ اجوري سبب بئنڪن مٿان ڇانئجي ويا. ڪن حالتن ۾ ته “حوالي” جو خرچ بئنڪن جي فيءَ کان اڌواڌ گهٽ ٿي ٿيو. ايتري ساري بچت ڀلا ڪنهن کي نه وڻندي؟ گورنمينٽ جي غلط مالي پاليسين پڻ “حوالي” کي وڏي هٿي ڏني. حوالي جو اگهه حالتن موجب گهٽبو ۽ وڌندو ٿي رهيو، پر بئنڪن جا اگهه هميشه لاءِ هڪ جهڙا مقرر ٿيل هوندا هئا. ها، ڪرنسيءَ جي ريٽ تي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪنٽرول هو ته اهو هو آمريڪي ڊالر جو. منجهس لاهه چاڙهه ماڻهن جي موڪليل رقم تي اثر انداز ٿيندو هو ۽ بدقسمتيءَ سان دبئي جي ڪرنسي آمريڪي ڊالر سان لاڳاپيل هئي.
    دبئيءَ مان هندستان يا ٻين ويجهڙن ملڪن ڏانهن اڪثر سامان موٽ روانگي (Re export) سمجهي، ٻيڙين رستي يا مسافرن جي هٿان موڪليو ويندو هو، پر آمدنيءَ وارن ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ ان کي “سمگلنگ” چيو ويندو هو. اهو به سمجهيو ويندو هو ته اهو مال Under invoicing or Over invoicing (گهٽ يا وڌ مُلهه ڄاڻائڻ) جي قلم هيٺ ٿي آيو، جيڪا هندستان روانگي واپار (Export) جي قانون جي ڀڃڪڙي هئي. اهي سڀ ڳالهيون “حوالي” جا ريٽ مقرر ڪرڻ ۾ سوچيون وينديون هيون. جيڪڏهن انڊيا ۾ رقم جام گڏ ٿي ويندي هئي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهرموڪلڻ جي ضرورت هوندي هئي ته “حوالي” جو اگهه هڪدم چڙهي ويندو هو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن رقم موڪلڻ ۾ وڏو فائدو نظر ايندو هو. “حوالي” جا اگهه ننڍي کنڊ جي سياسي حالتن سبب پڻ تيزيءَ سان گهٽبا ۽ وڌندا رهندا هئا. جيڪڏهن هندستان ۾ ڪا سياسي هلچل يا ڪو هنگامو هوندو هو ته اهي اگهه چوٽ چڙهي ويندا هئا. مان هميشه سوچيندو هوس ته جيڪڏهن انڊيا ڇڪَ ڏني ته نزلو زڪام دبئي کي ٿيندو هو. ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي سان ايتري قدر ويجهڙائي هئي ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي ايترو ڀاڙيندا هئا.
    جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي هئي ته سڀ کان پهرين شڪار موٽ روانگي (Re-exports) واپار ٿيندو هو. ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي چوڪسي وڌي ويندي هئي ۽ دبئيءَ کان ايندڙ ٻيڙين کي هميشه اهو ڀؤ رهندو هو ته رستي ۾ ڪٿي ڪا ڌر روڪي پڪڙي نه وجهي. هتان جا واپاري انهن ڏينهن جو انتظار ڪندا هئا، جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ صلح سانت هجي ته جيئن هو پنهنجو واپار بنا خوف خطري جاري رکي سگهن.
    يو.اي.اي. عام طور ۽ دبئي خاص طور، گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ پنهنجي ڪرنسي جا ايڪا (Units) بدلائيندي رهي آهي. شروعات ۾ هتي هندستاني نوٽ (الڳ رنگ سان) ملندا هئا، ان کان پوءِ آيو قطر-دبئي دينار. اهو دينار فقط دبئي ۾ هلندو هو، جڏهن ته امارات جا ٻيا ملڪ بحرين جو دينار پنهنجي ڪرنسي طور هلائيندا هئا. اڄ ڪلهه درهم هلي رهيو آهي. مارڪيٽ ۾ اهي تبديليون بنا ڪنهن هٻڪ جي قبول ڪيون ويون، ڇو ته ماڻهن جو پنهنجي ملڪ جي مالي حالت تي ڪو شڪ شبهو ڪونه هو. جڏهن يو . اي . اي پنهنجي ڪرنسي آمريڪا جي مالي سرشتي سان جوڙي ڇڏي، تڏهن ته ويتر ماڻهن ۾ سلامتيءَ ۽ ويساهه جو احساس وڌيو.
    دبئي ۾ سڀ کان پهرين اسان جي ڪمپنيءَ، آءِ.ٽي.ايل، پئسن پيارڻ جي عيوض رسيد ڏيڻ جو رواج وڌو. اڳتي هلي جيئن واپار وڌيو ۽ گراهڪن جو تعداد به گهڻو ٿيو، ته ٻين ڪمپنين به اسان وانگر رسيدون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪم وڌي وڃڻ سبب پراڻو سرشتو هاڻي ڏکيرڙو ٿي پيو هو ۽ رسيد ڏيڻ تمام ضروري هئي. آءِ.ٽي.ايل. جو اهو قدم نه رڳو ساراهيو ويو، پر هن دور کي ٿا ڏسون ته لڳي ٿو ته ائين ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو.
    آءِ.ٽي.ايل. دبئي ۾ 1953ع ۾ ٺهي ۽ پنهنجي ساڳئي نالي واريءَ ڪمپنيءَ، انٽرنيشنل ٽريڊرز (ايسٽ آفريڪا لميٽيڊ)، جيڪا ڪينيا ۾ هئي، تنهن جي برانچ طور ڪم ڪرڻ لڳي. ان وقت دبئي برانچ کولڻ جو مقصد فقط اهو هو ته ڪمپني جو جيڪو مال سينگاپور ۾ واڌو پيو هو، ان جو نيڪال ڪجي. دبئي ۾ پڪي آفيس کولڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ڪمپني وٽ ٽيڪسٽائيل جو تمام گهڻو بچيل اسٽاڪ پيو هو، جنهن کي وڪڻڻ لاءِ ڪمپني ڏاڍي پريشان هئي. کيس دبئي ان ڪم لاءِ مناسب جڳهه لڳي، ان ڪري هڪ ننڍڙي برانچ هتي کولي وئي.
    هن ڪمپني جي شروعات 1875ع ۾ ٿي، جڏهن انڊونيشيا ۾ ڪي.اي.جي. چوٽرمل اينڊ ڪمپني (KAJ Chotirmall and Company) قائم ڪئي وئي، جنهن گهڻي ڀاڱي ٽيڪسٽائيل ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انڊونيشيا جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي جو سنڌ ورڪين اتي اڳ ئي ٽيڪسٽائيل جي ڪاروبار لاءِ هڪ مارڪيٽ ٺاهي ورتو هو.
    جنهن ماڻهوءَ کي دبئي ۾ ڪمپني جو اسٽاڪ وڪڻڻ لاءِ موڪليو ويو هو، تنهن جو نالو هو سترا مداس ڀاڳيا. جڏهن مال وڪامي ويو، تڏهن ڀاڳيا کي اوڳڙ ڪرڻ لاءِ هڪ ڀروسي جهڙي شخص جي ضرورت پئي. سندس ملاقات مورج منگهناڻي سان ٿي، جيڪو ليکراج سنز جو اڳ ئي ملازم هو ۽ ٿوري وقت لاءِ اوڳڙ تي دبئي پهتو هو. ليکراج سنز جو ڪاروبار هندستان ۾ ڪَسو پئي هليو. جڏهن ڀاڳيا ۽ منگهناڻي پاڻ ۾ مليا، تڏهن ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. ڀاڳيا کي هڪ ايماندار ۽ تجربيڪار ڪارندي جي گهرج هئي ۽ منگهناڻي کي نوڪري جي تلاش هئي. ٻنهي کي ڳالهه وڻي ۽ اهڙي طرح منگهناڻي آءِ.ٽي.ايل لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو.
    جڏهن آئي . ٽي . ايل جا اسٽاڪ نيڪال ٿي چڪا ۽ رقم جي اوڳڙ پوري ٿي، تڏهن انٽراچوٽرمل ڪمبائينڊ گروپ (Intra Chotimall Combined Group) جو ڊائريڪٽر خوبچند ڏاسواڻي دبئيءَ آيو ۽ حڪم ڏنائين ته هتي ڪمپني جو ڪم هاڻي بند ڪيو وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ريت منگهناڻيءَ ڏاسواڻيءَ کي راضي ڪري ورتو ته آفيس کي هڪدم بند ڪرڻ بدران سال کن جو ٽائيم وڌيڪ ڏنو وڃي.
    ڏاسواڻي انڪار ڪري ڪونه سگهيو،ڇو ته منگهناڻي جيڪي شرط رکيا هئا، سي ڪافي وزندار هئا. مثال طور، جيڪڏهن آفيس پنهنجو خرچ پکو لاهڻ جيترو ڪمائي ٿي ته پوءِ کيس ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پوءِ ڀلي آفيس کي بند ڪيو وڃي. اهو به فيصلو ٿيو ته جيڪڏهن آفيس پنهنجو خرچ ڪڍي نه سگهي ته پوءِ منگهناڻي پنهنجي پگهار تان هٿ کڻندو. ان وچ ۾ ڪمپنيءَ جو ڪاروبار هلي پيو ۽ کيس بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو. ان ڪري، 1958ع ۾، اهو طئي ٿيو ته دبئي جو ڪم جاري رکيو ويندو، پر هاڻي اها آفيس برانچ جي بجاءِ خود مختيار ٿي ڪم ڪندي. ان قسم جي رٿ مقامي انتظاميا وٽ آئي ته آفيس خود مختيار رهندي،پر محدود ذميداري (Limited Liability) سان هوندي.
    وڏيون توڙي گهڻ قوميون ڪمپنيون پنهنجي بچاءَ واسطي گهٽ ذميواري جي راهه وٺنديون آهن. ان سان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو آهي ته مقامي انتظاميا کي سٽي بازي ۽ اجايا اسٽاڪ گڏ ڪرڻ کان باز رکجي ته جيئن گهاٽي جو ڪو امڪان نه رهي.
    دبئي ۾ ڌنڌو ڪرڻ تمام سولو هو. اتي توهان کي ڪنهن تجارتي لائسنس وٺڻ جي به گهرج ڪونه هئي. بس، ڪو دڪان مسواڙ تي وٺي، پنهنجيءَ پسند جو ڪو نالو چونڊي، نالي وارو بورڊ دڪان تي هڻو ۽ ڪاروبار شروع ڪري ڏيو. اتي ڪنهن “محدود ذميواري” واري ڪمپني جي خواهش ڪرڻ ڪيترن ماڻهن کي ڀوڳ جهڙي لڳي.
    مورج منگهناڻي، جيڪو هاڻي آءِ.ٽي.ايل. دبئي جي ڪم جو وڏو هو، تنهن ڪمپنيءَ جي مرضي پٽاندر عيسيٰ صالح الفرغ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. عيسيٰ صالح ان وقت ‘برٽش بئنڪ آف دي مڊل ايسٽ’ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ سندس عهدو ڪمرشل مئنيجر جو هو. الفرغ کي اها صلاح وڻي ۽ منگهناڻي مرحوم شيخ راشد سعيد المڪتوم وٽ ويو. شيخ راشد لاءِ مشهور هو ته هو ترقي لاءِ ڏنل نين رٿن کي ڏاڍي ڌيان سان ٻُڌندو هو. شيخ راشد هڪدم اسان جي ڪمپني لاءِ حڪم جاري ڪيو. ڪمپني جا مول ۽ متا (The Memorandum and Arcticles of Association) هڪ انگريز وڪيل بحرين ۾ تيار ڪيا ۽ اهڙي ريت انٽرنيشنل ٽريڊرز (مڊل ايسٽ) لميٽيڊ سڀ کان پهرين اجازت مليل ڪمپني ٿي، جنهن دبئي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. دستاويزن تي شيخ راشد پاڻ صحيح ڪئي.
    ان کان پوءِ دبئي اليڪٽرسٽي ڪمپني لميٽيڊ، نيشنل بئنڪ آف دبئي لميٽيڊ ۽ دبئي ٽيليفون ڪمپني لميٽيڊ پڻ ساڳيءَ طرح شاهي فرمان وسيلي قائم ٿيون ۽ ڪاغذن تيار ڪرڻ وقت منجهن اسان جي ڪمپني جي مول متن The Memorandum and Articles of Association جو حوالو ڏنو ويو. هڪ طرح سان “فرمان” واري ڪلچر جو سهرو عيسيٰ صالح الفرغ جي سر تي سونهين ٿو، جيڪو پوءِ انگلنڊ ۾ ايلچي مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏ دبئي جي وڏن ڪاروباري ماڻهن ۾ پڻ ڳڻجڻ لڳو.
    شروع ۾ اسان جي محدود ذميواري واري ڪمپني ٺهڻ تي ماڻهن جي راءِ گڏيل سڏيل هئي. ٻاهران آيل بزنيس مين ته ٽوڪ ۾ اسان جي ڪيل وڏن فيصلن کي محدود ذميواري وارو فيصلو چئي اسان تي کلندا هئا.
    اسان جي ڪمپني ۾، هڪ سسٽم هيٺ، جڏهن مئنيجر موڪل تي ويندو هو ته سندس جاءِ تي هڪ عارضي مئنيجر مقرر ڪيو ويندو هو. انڪري جڏهن منگهناڻي وئڪيشن تي ويو ته سندس جاءِ تي لڇمڻداس پنجابي اچي سهڙيو. پنجابي ان کان اڳ جپان ۾ڪافي تجربو حاصل ڪري چڪو هو، جتي گوئا جي ڪنهن ڪمپني طرفان هو پرچيز آفيسر طور ڪم ڪري چڪو هو. جپاني ٻولي ڏاڍي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو ۽ ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. مونکي هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ مزو ته آيو، پر گڏوگڏ کانئس گهڻوڪجهه پرائڻ جو به موقعو مليم. هن پنهنجا اختيار مونکي ورهائي ڏنا ۽ مونکي واپاري رازن ۽ رمزن سکڻ ۽ سمجهڻ جا پڻ موقعا ڏنائين. هن مونکي پيئڻ پڻ سيکاريو. بيئر پيئڻ جو آرٽ مون کانئس ئي سکيو. الڪوهل جي اها پهرين سرڪي هئي جا مون زندگي ۾ ان کان اڳ ڪڏهن ڪونه ڀري هئي.
    منگهن مل اُڌارام، جنهن کي عام طور ايم اُڌارام سڏيندا هئا، سوانٽرا-چوٽرمل گڏيل گروپ جو چيئرمن هو. هو اُونهي سوچ رکندڙ انسان هو ۽ هن جا مون تي ذاتي طور وڏا وڙ ڪيل آهن. مون ٿوري گهڻي جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان ۾ سندس ڏنل سکيا جو وڏو هٿ آهي. انٽرا (Intra) جي ٺهڻ کان اڳ، هو چوٽرمل گروپ جو سربراهه هو. اهو هڪ خالص پرائيويٽ گروپ هو، جنهن جو ٺڪاڻو انڊيا ۾ هو ۽ فئملي آرگنائيزيشن جي حيثيت رکندو هو. 1951ع ڌاري، سنڌورڪي سسٽم ۾ هڪ نئين باب جو واڌارو ٿيو، جڏهن چوٽرمل گروپ جي مالڪن کي سندن انتظامي ٽيم ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته کين ڪجهه وڌيڪ مالي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن هو گروپ کي وڌيڪ ڪاروباري بنائي سگهن ۽ سندس ڪم جي دائري کي پرڏيهه تائين ڦهلائي وڃن. پنجاهه سال اڳ ان قسم جو قدم ۽ سو به ڪنهن سنڌي ڪمپنيءَ جي طرفان،ان کان اڳ نه ڪنهن ٻڌو هو نه سڻيو هو.
    اها ڪوشش ڪامياب وئي ۽ نتيجي ۾ انٽرا چوٽرمل جوانئٽ وينچر وجود ۾ آيو. اڌارام گڏيل ڪمپني جو چيف بنيو. اڌارام کي پڪ هئي ته ائين ڪرڻ سان ڊائريڪٽرن ۾ سلامتي جو احساس پختو ٿيندو ۽ ان کان سواءِ ايماندار ملازمن کي سندن ڪم جي عيوض انعام پڻ ملندو. اهو خاص طور تي ٻڌايو ويو ته آئندي انٽرا (Intra) پنهنجا نوان دڪان صرف اولهه ۾ ئي کوليندو.
    نئين ڪمپنيِءَ جي کلڻ سان سنڌي فرمن ۾ ڄڻ ته هڪ نئون مثال قائم ٿي ويو.مالڪن ۽ ڊائريڪٽرن جي وچ ۾ برابري ۽هڪ جهڙائيءَ جو احساس جاڳي اُٿيو. جڏهن ڊائريڪٽرن اهو محسوس ڪيو ته هاڻي سندن ڀاڳ ڪمپني جي ڪاميابي سان واڳيل آهي، تڏهن هنن پڻ پنهنجيءَ پر ۾ڪمپني جي ڀلي خاطر هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا. ايم اڌارام ۽ ڪي ايل ڏاسواڻيءَ کان سواءِ گوپال داس بي محبوباڻي، هاسارام بالاڻي، رام چند ايل ڏاسواڻي ۽ ٻيا ڊائريڪٽر هئا. هو نئين ڪمپني جا شيئر هولڊر پڻ هئا.
    منهنجا ڀلا ڀاڳ جو مونکي اُڌارام جي ويجهو رهڻ جو موقعو مليو ۽ مون کانئس ڪي قيمتي سبق پڻ سکيا. مون کي ساڻس ٿيل 1960ع واري پهرين ملاقات اڃا تائين چٽي طرح ياد آهي. مونکي چيو هئائين ته پگهار وڌائڻ بدران نفعي ۾ ڀائيوار ٿيڻ قبول ڪريان. پهرين ته مان ٿورو گهٻرايس. هن جي صلاح ۾ وڏو جوکو کڻڻو پئي پيم. پگهار ۾ ته هر مهيني مقرر ٿيل رقم ملندي هئي، پر نفعي ۾ ڀائيواري رڃ کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ڇا به هجي، اها هڪ للڪار هئي. جيڪڏهن ڪمپني کي فائدو پئي ٿيو ته مونکي به ان مان لاڀ ٿي ٿيو. وڏي ڳالهه اها ته اهو نفعو مون کي ڪنهن به سيڙپ کان سواءِ ٿي ٿيو. مونکي ڄاڻ هئي ته ان ڪم ۾ سخت محنت درڪار هئي ۽ منهنجي پورهئي سان ڪمايل منافعي ۾ ڪمپني سان گڏ منهنجا ساٿي به شريڪ ٿيندا. اهوته ٿيو ڪهاڻيءَ جو هڪ پاسو. ٻئي طرف مان سڄيءَ دنيا ۾ ڦهليل هڪ نالي واريءَ ڪمپني ۾ ڀائيوار پئي ٿيس.
    مون ان صلاح تي چڱو ويچار ڪيو، فائدا ۽ نقصان جاچي ڏٺم ۽ پوءِ آخرڪار اڌارام جي ڏنل رٿ منظور ڪري ڇڏيم. هاڻي جڏهن ان ڳالهه تي سوچيان ٿو ته لڳيم ٿو ته اڌارام نفعي ۾ ڀائيوار بنائڻ جي صلاح ڏيئي پنهنجي بهترين انتظامي قابليت ۽ ڏاهپ جي ثابتي ڏني هئي. ٿورڙي پگهار سان گڏ منافعي ۾ حصو ڏيڻ سان هن مقرر ٿيل خرچ هيٺينءَ حد تائين گهٽ پئي رکيا ۽ گڏوگڏ پنهنجي ڪمپني کي اجائي نقصان کان پڻ بچائڻ ٿي چاهيو.
    اُڌارام اهو فيصلو به ڪيوته مکيه ڊائريڪٽر جي ڪرسي، سندس لاڏاڻي کانپوءِ يا رٽائر ٿيڻ بعد، سندس ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتيءَ يا ٻارن مان ڪنهن کي به ورثي ۾ نه ملندي. صرف هڪ مرد ڀاتيءَ کي ڪمپني ۾ ملازم رکيو ويندو. ان لاءِ به اهوشرط هو ته هو ننڍي پوزيشن کان ڪم شروع ڪندو ۽ آهستي آهستي مٿي چڙهندو ويندو. ائين ڪرڻ سان ڊائريڪٽرن جي ٻارن وچ ۾ ٿيندڙ ڄونڊا پٽ کي ٻنجو ڏنو ويو.
    اڌارام جي چوڻ تي مٿين خرچن کي حد اندر رکڻ لاءِ سنها سنها تفصيل گڏ ڪيا ويا. مثال طور، ڪنهن جو به ذاتي خط ڪمپني جي خرچ تي نٿي موڪلي سگهيا.
    هڪ دفعي اڌارام گشت تي آيل هو. مونکي هڪ خط ڏنائين ته وڃي پوسٽ آفيس ۾ ڏئي اچان. خط ته مان پوسٽ ڪري آيس، پر مون کانئس ٽڪلين جا پئسا وٺڻ مناسب نه سمجهيو. هن کي جڏهن ڳالهه ياد آئي ته مونکي زوريءَ پئسا ڏنائين ۽ چيائين ته توکي پئسن ڏيڻ جا ٻه سبب آهن: هڪ ته اهو منهنجو ذاتي خط هو، ان ڪري ڪمپني کي پئسا ڀرڻ نه گهرجن، ۽ ٻيو ته مان کانئس عمر ۾ ننڍو هوس، انڪري هن مونکي پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيڻ نه ڏنا.
    هڪ ڀيري اسان ٻئي جپان ۾ گڏ هئاسين. ٻئي ڄڻا وار ڪٽائڻ لاءِ سئلون ۾ وياسين. مان پهرين واندو ٿيس ۽ پنهنجا توڙي اڌارام جا پئسا ڏئي ڇڏيم. جڏهن کيس ان ڳالهه جي خبر پئي تڏهن سخت ڪاوڙيو ۽ مونکي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين ۽ چيائين ته هڪ بار وري ٿو چوانءِ ته جڏهن پاڻ ۾ گڏ هجون ته تون پئسا نه ڏيندو ڪر. عهدي جي لحاظ کان هو مون کان تمام گهڻو مٿي هو، پر انساني ناتي سان هو منهنجي بلڪل ويجهو هو.
    1984ع ۾ آءِ. ٽي.ايل. دبئي کي هڪ انٽرنيشنل ايوارڊ مليو، جنهن کي وٺڻ لاءِ مان سينگاپور ويس. اُڌارام به اتي پهتل هو. مون عرض ڪيو ته اهو ايوارڊ توهان ڪمپنيءَ جي طرفان وصول ڪريو. پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ڇو ته آءِ.ٽي.ايل دبئي اهو ايوارڊ کٽيو آهي ۽ مان ايڏو دور کان ان کي وٺڻ لاءِ سينگاپور آيو آهيان، انڪري مونکي ئي ايوارڊ وٺڻ گهرجي. ڳالهه ته چڱي ڪيائين، پر منهنجي دل مڃي ئي نه پئي. ان ڪري ماٺڙي ڪري وڃي ايوارڊ ڏيندڙن کي چيم ته جڏهن اسانجو وارو اچي ته اڌارام جو نالو وٺي کيس نينڍ ڏجو ته اچي ايوارڊ وٺي.
    مهيني کن کانپوءِ هو گذاري ويو. اها ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي ته ايوارڊ وٺڻ وقت سندس جيڪو فوٽو ڪڍيو ويو هو، سو ئي سندس آلبم ۾ سڀني کان سٺو سمجهي، اخبارن ۾ سندس موت جي خبر سان گڏ ڇاپيو ويو. هو ان سال گذاري ويو، جڏهن منهنجي ماءُ لاڏاڻو ڪيو. منهنجي لاءِ اهو ٻيڻو ڏک هو. اُڌارام جيڪي اصول پنهنجي جيئري جوڙيا، سي اڄ به ڪمپني ۾ رائج آهن. مٿين خرچن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڀائيواري سرشتي کي همٿائڻ وارا قانون ايترا ته فائدي وارا ثابت ٿيا جو 25 کان مٿي ملازم هاڻي به آءِ.ٽي.ايل. دبئيءَ ۾ منافعي ۾ ڀائيواري واري شرط تي ڪم ڪن ٿا.
    1950ع ۽ 1960ع وارن ڏهاڪن ۾ سڀني کان وڌيڪ ايران جي مالي حالت سٺي هئي. ان ڪري دبئي مارڪيٽ جي لاءِ اها فطري ڳالهه هئي ته هو پنهنجي بنيادي سکيا ايران کان وٺي، جيڪو گلف جي ٻئي ڪناري تي هو. ڪي تاريخي سبب به هئا، جن جي ڪري ايراني واپارين جي دبئي مارڪيٽ مٿان سرسي هئي. 1900ع ڌاري ايراني واپارين جي هڪ وڏي تعداد کي ‘لنگهي’ مان زوريءَ ڪڍيو ويو هو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن لنگهي بندر جي واپاري ڪارگذاري پٺتي پئجي وئي هئي ۽ سندس جهاز رانيءَ توڙي سوداگريءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو هو.
    ايران ڏانهن وکر ٻيڙين وسيلي نيو ويندو هو. ان ۾ کاڌ خوراڪ، ڪپڙو لٽو ۽ ٻيون ضروري شيون شامل هيون. اليڪٽرانڪ شيون اڃا مارڪيٽ ۾ نه آيون هيون. ڪپڙي جو ڪاروبار زور تي هو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيڪسٽائيل گهڻو ڪري انڊيا يا جپان مان ايندو هو. هندستان جي ڪاٽن وائل جي تمام گهڻي گهُر هئي، خاص طور مشهور برانڊ جي ڪپڙن جي، جن ۾ کٽائو، سريرام ملز ۽ سري نواس ملزم جا نالا مشهور هئا. ايران جي سخت گرمي واريءَ موسم ۾ ڪاٽن وائل جو ڪپڙو ڏاڍو فرحت ڏيندڙ هو ۽ماڻهو وڏي شوق سان پائيندا هئا. ڪاٽن مل (Cotton Mill) نمبر8181، جيڪو جپان جي نچيبو (Nichibo) ڪمپني ٺاهيندي هئي ۽ عام ماڻهو کيس ساسوني سڏيندا هئا، سو پڻ ڏاڍو گهڻو وڪامندو هو.
    ڪاٽن لٺو وري حج جي سيزن ۾ تمام گهڻو وڪامندو هو. انهن ڏينهن ۾ حاجين ۾ اهو رواج هو ته هو پاڻ سان گڏ ڪپڙي ٽڪر ساڻ کڻي ويندا هئا، جنهن کي زم زم جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي موٽائي کڻي ايندا هئا. جڏهن به ڪو ڪٽنب ۾ گذاري ويندو هو ته ان ڪپڙي جو کيس ڪفن پارائيندا هئا. ڪفن جي لاءِ جيڪو ڪپڙو وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو، سو جپان جي ڄاتل سڃاتل مشهور ملن ۾ تيار ٿيندو هو. انهن مان هڪ مل جيڪا وڌيڪ نالي واري هئي، تنهنجو نالو هو نشينبو (Nishinbo)، ٿري پيچز نمبر 10000 ۽ ٽويوبو فلائنگ ڊريگن نمبر 16000. لٺي کي پردن وغيره جي لاءِ لائيننگ طور به ڪم آندو ويندو هو.
    ريان پڻ ڪپڙي توڙي ڌاڳي جي صورت ۾ ايران گهڻي ويندي هئي. چوندا هئا ته اهو ڪپڙو ڏاڍو نرم ٿئي ٿو، ان ڪري ماڻهن کي وڻي ٿو. مونکي ياد آهي ته ٽوري (Toray) ڪمپني جي ايگل بيل ململ نمبر 9 ۽ ڪانيبو (Kanebo) ڪمپني جي چيري بيل ململ نمبر 9 ڏاڍيون مقبول هيون.
    ايران سان ٽئڪسٽائيل جو واپار دلال جي ذريعي ٿيندو هو، جن ۾ گهڻائي ايرانين ۽ هندستانين جي هئي. اهي ئي مارڪيٽ جي سُڌ ٻُڌ رکندا هئا ۽ اگهه پار ٻڌائيندا هئا. ان زماني ۾ حال احوال ۽ خبر چار جا تڪڙا وسيلا اڃا ايجاد ڪونه ٿيا هئا. نه فون هئي، نه روزاني اخبار ۽ نه وري ٽيليويزن. وڌ ۾ وڌ تار وسيلي هڪ ٻئي سان لههَ وچڙ ۾ اچي سگهبو هو.
    ٽئڪسٽائيل جي قيمت هڪ ڪري ڪانه هوندي هئي. پئي لهندي چڙهندي هئي. اگهه جو دارومدار هوندو هو فصل جي صورتحال تي. فصل ڀلو ٿيو يا ڍلو، مارڪيٽ تيز آهي يا مندو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ئي اهڙا سوال ۽ انهن جا جواب ٽيڪسٽائيل جي اگهه جو فيصلو ڪندا هئا. ان ڪري هن مارڪيٽ تي رقم لڳائڻ سٽي کيڏڻ جي برابر سمجهي ويندي هئي. خاص طور تي، جڏهن هِتان جي خبر هُتي وقت سِرِ نه پهچي ته پوءِ ڍينگو ئي ڍيري.
    اسان کي جپان کان هر روز تار رستي اگهه ملندا هئا. هڪ برطانيا جي ڪمپني ڪيبل ائنڊ وائرليس (Cable and Wireless) جي نالي سان هوندي هئي. جيڪا تار پهچائڻ جو ڪم ڪندي هئي.ان ڪمپني جون ٻه آفيسون هيون. هڪ ديرا ۾ ۽ ٻي دبئي ۾. جيئن ئي ڪنهن جي ڪا تار يا ڪيبل ايندي هئي ته ڪمپني جا ماڻهو اها جلد کان جلد اچي پهتي ڪري ڏئي ويندا هئا. صبح جو 8 بجي پهريون ڦيرو ڪندا هئا ۽ شام جو 5 بجي آخري.
    جپان جا اگهه دلالن کي ٻڌايا ويندا هئا ۽ اهي وري مارڪيٽ ۾ وڃي انهن اگهن جا آرڊر بُڪ ڪندا هئا.ڪي دلال ڪنهن خاص ڀلاوڻي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ٻيا وري سڀني جي لاءِ بزنيس هٿ ڪندا هئا. ظاهر آهي ته جيڪا ڪمپني سٺا اگهه آڇيندي هئي، سا ئي بزنيس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي هئي. دلچسپ ڳالهه اها هئي ته مقابلو ڪندڙ ڪمپنين جي اگهن ۾ڪو خاص تفاوت ڪونه هوندو هو. انهن جااگهه 0.01 سيڪڙو کان 0.1 سيڪڙو جي وچ ۾ ئي رهندا هئا.
    دلال آرڊر بڪ ڪرڻ سان گڏ سيلسمئن جيان مال وڪڻڻ ۾ مدد به ڪندا هئا. ڀلاوڻا دلاليءَ جي لاءِ 100 روپين تي پنج آنا ڏيندا هئا، جيڪو وڃي 0.3125 سيڪڙو بيهندو هو. مقامي مارڪيٽ ۾ مال وڪڻڻ جي دلالي به ساڳئي ئي هوندي هئي. پر ان ۾ مال وڪڻندڙ ۽ خرچ ڪندڙ برابر جا حصيدار هوندا هئا. ان وقت جا مشهور دلال هئا؛ بوني مل، گورڌن ادناڻي، هاسانند لکياڻي، هوندل داس ادناڻي، خوشال گانڌي، محمد احمد ڪئپيٽل، نارائڻداس لکياڻي، رئيس احمد خان، روچي رام چمناڻي، سڳنومل منواڻي، تولارام ليلوا، واشديو ڀاٽيا ۽ واڌورام نڀينداس. چيلارام سجناڻي به رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وڃي دلال ٿيو.
    سڄو ڏينهن مارڪيٽ ۾ آرڊر وٺڻ کان پوءِ دلال وڃي ڪمپني کي شام جو سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيندا هئا. سڀني جو آرڊر ملائي جوڙ ڪري، جپان جي سپلائر کي اماڻيو ويندو هو ۽ کيس چئبو هو ته مليل آرڊر جي جوابي پڪ ڏئي. مال جي پهچڻ ۾ پنجن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو هو، ڇو ته جپان کان دبئي تائين ڪابه جهازران ڪمپني سڌا جهاز نه هلائيندي هئي. مال روانو ڪندڙ ڪمپني سامان بمبئي موڪليندي هئي، جتي ان کي لاهي گدام ۾ رکي ڇڏيندا هئا.جيسين وري گلف واري رستي تي هلندڙ ڪو جهاز ملي يا ان جهاز ۾ ايتري جڳهه هجي، اهو مال مهينن جا مهينا نه ته به هفتا ضرور پيو هوندو هو. اڳتي هلي جپان کان سڌا جهاز دبئي ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. اهڙي طرح وقت جو گهڻو بچاءُ ٿي پيو.
    هتي ڀلاوڻن (Indentors) جي ڪم جي باري ۾ ٿورو تفصيل ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. انهن ڏينهن ۾ سندن ڪم ڏاڍو اهم هوندو هو، ڇو ته هو خريدار ۽ وڪروڪندڙ جي وچ ۾ پُل جو ڪم ڪندا هئا. هو خريدار جي طرفان سپلائر کي مال جو آرڊر ڏيندا هئا. تمام ٿورا خريدار سپلائر سان سنئون سڌو لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، نه ته ان قسم جو سمورو ڪم انڊينٽر ئي ڪندا هئا. ان جا ٻه سبب هئا. هڪ ته خريدار يا امپورٽر وٽ اهي سهولتون ڪونه هونديون هيون، جيڪي اُن ڪم لاءِ ضروري هيون، ٻيو ته خود سپلائر پڻ چاهيندا هئا ته وچ ۾ ڪو ٽيون ماڻهو ضرور هجي. سندن خيال ۾ ائين ڪرڻ سان بچت ٿيندي هئي.
    ٽيليفون ڪونه هوندا هئا ۽ جيئن مون اڳ چيو آهي، هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو فقط هڪ ئي ذريعو هو. اهو هو ٽيليگرام يا تار. لکاپڙهي يا ٽائيپ ڪرڻ جا ماهر به هروڀرو ايترا ڪونه هئا.
    ڪي واپاري جيڪي بزنيس جي دنيا ۾ اڄ ڪلهه وڏيون هستيون ليکيا ٿا وڃن، سي ٻين وٽ ڪم ڪندڙ ٽائپيپسٽن کان پاڻ وٽ پارٽ ٽائيم ڪم ڪرائيندا هئا. ڪن بئنڪن جا سينئر آفيسر، جن کي چڱي موچاري پگهار ملندي هئي، سي به شام جو واندا ويهڻ بجاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڪمپني ۾ پارٽ ٽائيم ٽائيپسٽ جو ڪم ڪندا هئا. اهو ڪم کين 40 روپيا کن ماهوار آمدني ڏياريندو هو. انهن ڏينهن ۾ 40 روپيا ڪا گهٽ رقم ڪانه هوندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن امپورٽر انڊينٽر تي ايل سي (Letter of Credit) جو فارم ڀرڻ لاءِ به ڀاڙيندا هئا. ڪن حالتن ۾ ته خريدار پاڻ انڊينٽنگ شيٽ کڻي بئنڪ وارن ڏانهن ويندا هئا ۽ کين وينتي ڪندا هئا ته هو کين ايل سي (Letter of Credit) ٽائيپ ڪري ڏين. امپورٽر ڇڙو فارم تي صحيح ڪري ڇڏيندا هئا، باقي ڪم وچ وارا ماڻهو ڪندا هئا.
    انڊينٽر جي ڪمائي ڪميشن منجهان ٿيندي هئي. اها ڪميشن کين مال ٺاهيندڙ ڪمپنيون يا سپلائر ڏيندا هئا. شروع ۾ ڪميشن هڪ سيڪڙو هئي، جنهن مان 0.3125 سيڪڙو دلال کي ملندي هئي، ڇو ته دلال ئي مارڪيٽ ۾ رُلي، واپارين کي مڃائي، آرڊر وٺندا هئا.اهڙي طرح انڊينٽنگ هائوس کي 0.6875 سيڪڙو بچت ٿيندي هئي. ايندڙ سالن ۾ ڪميشن هڪ سيڪڙو مان وڌي ٽي سيڪڙو ٿي. هاڻي جيڪڏهن انڊينٽنگ هائوس تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندوته کين نه گهڻي پئسي سيڙائڻ جي ضرورت هئي ۽ نه وري گهڻي عملي جي. کين کپندي هئي هڪ ٽيبل ۽ ڪرسي ۽ هڪڙو اهڙو ماڻهو جيڪو چڱي طرح ٽائيپ ڪري سگهي. ان لحاظ کان سندن ڪمائي انهن ڏينهن جي حوالي سان چڱي موچاري چئبي. ڪي انڊينٽنگ هائوس ته ان ڪمائي مان وڌي وڏيون واپاري ڪمپنيون بنجي پيا.
    خريدارن کي انڊينٽرن جي معرفت ڪم ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو به فائدو هو. هو پنهنجي بزنس تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندا هئا ۽ هر شي سندن پوري ڪنٽرول ۾ به رهندي هئي، ڇو ته سپلائر ته پرڏيهي هئا، پر انڊينٽر ته سندن پنهنجي مارڪيٽ جا ماڻهو هئا.
    ڀڄ ٽٽ يا نقصان ته واپار جو حصو آهي. ان حالت ۾ خريدار پنهنجو ڪليم انڊينٽر وٽ داخل ڪندو هو ته جيئن هو کوٽ جو پورائو ڪرائي ڏين. گهڻن موقعن تي ته انڊينٽر نقصان جي رقم پنهنجي کيسي مان ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ پيا سپلائر کان ڪليم وصول ڪندا هئا. مونکي اهڙو هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي، جنهن جو واسطو اسان جي ڪمپني سان هو. ڪجهه واپارين گڏجي جپاني رومالن جو آرڊر اسان جي ڪمپني جي معرفت بڪ ڪرايو. جڏهن مال پهتو، تڏهن امپورٽر اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته رومالن جي جاءِ تي سپلائر ڪپڙي جا ٽڪڙا موڪليا هئا. نه انهن جون ڪناريون سبيل هيون ۽ نه انهن جي حاشين تي ڪي لائينون يا ڊزائينون ٺهيل هيون. اسان هڪدم مال موٽائي ورتو ۽ خريدار کي سندن رقم موٽائي ڏني.
    جيئن مون اڳ چيو آهي، انهن ڏينهن ۾ واپار سڄو ساک ۽ ڀروسي تي هلندو هو. ماڻهن ۾ شرم ۽ حياءُ هو، اخلاق هو، ذميداري هئي. جيڪڏهن ڪنهن واپاريءَ واعدو ڪيو ته ڇا به ٿي پوي، هو پنهنجي چئي تان ڪڏهن به نه ڦرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آرڊر ڏيڻ کان پوءِ قيمتون تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون يا صفا گهٽجي وينديون هيون، پر ٻئي ڌريون پنهنجي ويساهه کي ڇيهو نه پهچائينديون هيون. ڀل ته کين ائين ڪرڻ سان ڪيڏو به گهاٽو پوي. اسان پارا ڀلاوڻا به اها ڪوشش ڪندا هئا ته مارڪيٽ لهي يا چڙهي، پر مال ڌڻين کي وقت سِر ضرور پهچي.
    هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي.اها هيءُ ته انهن ڏينهن ۾ ماڻهو نفعو گهڻو ڪونه ڪندا هئا. بس، رڳو پنجن کان ڏهه سيڪڙو جي وچ ۾ منافعو رکندا هئا. واپار جو مطلب گهر گهاٽ هلائڻ هوندو هو، راتو رات لکاپتي ٿيڻ نه هوندو هو. ان کان سواءِ بزنيس کي عام ماڻهن جي شيوا به سمجهيو ويندو هو.
    1960ع ڌاري،جڏهن دبئي جي مالي سُکيائيءَ جا ڏينهن آيا ۽ هندستان توڙي پاڪستان کان ماڻهو دبئي ڏانهن ڪاهيندا پهتا، تڏهن ٽيڪسٽائيل جي ڌنڌي کي ڄڻ ته نئين زندگي ملي وئي. هيءُ اهو وقت هو جڏهن مارڪيٽ ۾ پوليسٽر ڪپڙو نئون نئون اچڻ لڳو هو.پوليسٽر سوٽن جي ڪپڙي کي آمريڪا ۾ ڊيڪران (Dacron)، انگلنڊ ۽انڊيا ۾ ٽيريلين (Terylene)، جپان ۾ ٽيٽران (Tetoron) ۽ جرمني ۾ ٽرگال (Tegral) چونداهئا. اهو ڪپڙو دبئي ۾ ڌڙا ڌڙ اچڻ لڳو. جيئن جيئن مارڪيٽ وڌيو، ته مارڪيٽ جو نقشو به بدلجڻ لڳو. مقابلو سخت ٿيندو ويو. چٽاڀيٽي زور وٺندي وئي ۽ جيئن چٽاڀيٽيءَ زور ورتو، تيئن دبئي پڻ بدلجڻ لڳي.
    ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾ تبديلي آئي، سا گهڻو ڪري، مقامي زائفن جي ڪري آئي. هنن ٻاهران ايندڙ ڪپڙن مان نوان فئشن ڪڍيا. ڪا خاص ڊزائين يا ڪو خاص ڪپڙو کين وڻيو ٿي ته ٻين به انهن جو نقل ڪندي ساڳين ڪپڙن جو آرڊر ٿي ڏنو. ائين وئي ڳالهه وڌندي.
    آزاديءَ کان پوءِ هندستان جون انڊسٽريل پاليسيون تڙتڪڙ ۾ ٺاهيون ويون هيون. اهي آڏيون اُبتيون پاليسيون ۽ ڪنٽرولڊ ايڪانامي اڳتي هلي خود هندستان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيون. ان وچ ۾ هندستان ۾ مڊل ڪلاس ماڻهن جو انگ وڌندو رهيو. سندس گهرجون به ان حساب سان وڌڻ لڳيون. خاص ڪري ڪپڙي ۽ ٻين ضروري شين جي گهرج ۾ ڏاڍو واڌارو ٿيو. دبئي ان کوٽ جو پورو پورو فائدو ورتو.
    هندوستان ۾ ٺهيل شين جي ڪريل معيار ۽ غلط انڊسٽريل پاليسين سبب منع ڪيل سامان لڪ چوري انڊيا ۾ سمگل ٿيڻ لڳو يا پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين جي هٿان ملڪ ۾ اچڻ لڳو. دبئي جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي هئي جو ڪٿان جو به مال دبئي منجهان ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ موڪلڻ ڏاڍو سولو هو. اُن ڪري دبئي ننڍي کنڊ ۾ مال موڪلڻ جو ڳڙهه بنجي پيو. خاص ڪري ڪپڙي جي واپارين ته وڻ وڄائي ڇڏيا. ٽيڪسٽائيل جون ڪيتريون ئي شيون يا ته سمگل ٿيڻ لڳيون يا دبئي ۾ رهندڙ هندستانين توڙي پاڪستانين جي هٿان انهن ملڪن ۾ پهچڻ لڳيون.
    آمريڪا ۾ ٺهندڙ بمبوشارڪ اسڪن (Bamboo Sharkskin) جو ڪپڙو ڏاڍو مقبول ٿيو. هيءُ ڪپڙو ريان فيبرڪ مان ٺهندو هو. پري کان سلڪ جهڙي ڏِک ڏيندو هو. ماڻهو شادين مرادين تي گهوٽ کي شارڪ اسڪن جو سوٽ پارائيندا هئا. چين جي فيو جي سلڪ، جنهن کي عام طور ڊبل گهوڙا بوسڪي سڏيندا هئا، سا به ڪڙتن لاءِ ڏاڍي پسند ڪئي ويندي هئي. هيءُ ڪپڙو سؤ سيڪڙو سلڪ مان ٺهيل هوندو هو ۽ مهانگو هئڻ ڪري صرف شاهوڪار ماڻهو خريدي سگهندا هئا.
    اها مڃيل ڳالهه آهي ته جنهن به ملڪ پنهنجي انڊسٽري جي بچاءُ لاءِ ٻاهريون مال ملڪ ۾ اچڻ کان روڪيو ته جيئن مقابلي جو امڪان ختم ٿئي ۽ جهڙو تهڙو پنهنجو مال وڪامي، ان ملڪ اندر نقلي مال ٺهڻ ضرور شروع ٿيندو ۽ ماڻهن کي سندن پئسن جي بدلي ۾ هلڪو مال ملندو. سرڪار جي ان پاليسي سبب ملڪ جي انڊسٽري ڪو ٻوٽو ٻاري سو ته ٺهيو، مورڳو پرڏيهي مال جي سمگلنگ کي هٿي ملي ويندي. ظاهر آهي ته هندستاني ماڻهن کي گهربو هو سٺو مال، جيڪو ملڪ ۾ ٺهي ئي ڪونه، پوءِ ٻاهريون مال ڪچوريءَ نه ايندو ته ڇا ٿيندو؟
    انهن ڏينهن ۾ “فارين” لفظ لاءِ ماڻهو ايترا ته ديوانا هئا جو “فارين” جو نالو ٻڌندي ئي، پئسن جي پرواهه ڪئي بغير، کڻي جهول ڀريندا هئا. ٻيون شيون ته ڇڏيو، معمولي چمپل جيڪي پلاسٽڪ جا چمڪڻا ۽ نرم هوندا هئا ۽ وِنائل (Vinyl) جهڙي سستي مٽيريل مان ٺهيل هوندا هئا، سي فقط ان ڪري هٿو هٿ کڄي ويندا هئا جو اهي جپان مان ايندا هئا. ماڻهو مٽن مائٽن کي سوکڙي طور اهي چمپل ۽ سليپر ڏياري موڪليندا هئا. ڪي ته وري دبئي مان ايندڙن کي خريداريءَ جون جيڪي لسٽون ڏياري موڪليندا هئا،تن ۾ سڀ کان پهرين انهن سليپرن ۽ چمپلن جو نالو هوندو هو. هندستان اهڙيون سٺيون ۽ سستيون شيون ڪهڙي سبب جي ڪري نه پيو ٺاهي سگهي، اُن تي اڄ به دل کولي ڳالهائي سگهجي ٿو.
    هڪ بزنيس مئن جي حيثيت ۾ مون هندستان جي مالي پاليسين کي تمام گهريءَ نظر سان ڏٺو آهي، ڇو ته ان ۾ ڪا به ڦير گهير دبئي جي مارڪيٽ تي اثر ڪري سگهي ٿي. جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته هندستاني پنهنجي مارڪيٽ کي بچائڻ جي پاليسيءَ (Protect Market Policy) دبئي جي مارڪيٽ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان دبئي ۾ رهندڙ هندستانين به ان پاليسيءَ مان فائدو ورتو، پر اسان کي اها به خبر هئي ته هندستان پنهنجو وقت ۽ وقت سان گڏ سٺا موقعا پڻ وڃائي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان وڌيڪ سٺي نموني سان حالتن کي ڏسي سگهياسين ٿي، ڇو ته اسان دبئي ۾ رهي دنيا جي وڏن ملڪن جي راند کي سمجهي سگهياسين ٿي. اسان اهو به ڏٺو پئي ته ڪي ننڍڙا ملڪ پنهنجين درست پاليسين سبب ڪيئن نه ڪاميابيون ماڻي رهيا هئا. نهروءَ جنهن جمهوري سوشلزم (Democratic Socialism) جي زوردار وڪالت پئي ڪئي، تنهن هندستاني بزنيس مئن مان سرمائيڪاري جي آتماءَ ئي ختم ڪري ڇڏي. هن دراصل سوويٽ آرٿڪتا جهڙو چمتڪار، انڊيا ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. سوويٽ نموني جي رٿابندي ۾، پيداوار جا مکيه ذريعا سرڪار جي هٿ هيٺ هئا. نهرو روس جي ان پاليسي کي دنيا جي گڏيل نگاهه سان ڏسي جذبات جي ڌارا ۾ وهي ويو. ان ڪري نهروءَ روس جي انهن اُتانهين سوچن جي پٺڀرائي ڪئي، جن جي ڪري اهو ملڪ ڪامياب ويو هو. هن جي رٿابندي ڪندڙن به ائين ئي سوچيو. پر هنن کان اها ڳالهه وسري وئي ته هن ملڪ ۾ لکين ڪروڙين عام ماڻهو رهن ٿا، جن جي جيوت سڌارڻ لاءِ ڪي ننڍڙا عملي ڪم ڪرڻ سان وڏو فرق پوندو. آزادي کان پوءِ انڊيا جيڪو ڊيموڪريٽڪ سوشلزم جو نعرو ڏنو، تنهن ۾ سادين سودين، معمولي ۽ ننڍڙين انساني گهرجن جي پورائي لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه هئي.
    نهروءَ جو خيال هو ته هندستان جي گهڻن مسئلن جو ٽوڙ پبلڪ سيڪٽر وٽ هو. انهن ۾ بي روزگاري به شامل هئي. پرائيويٽ سيڪٽر کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. پر اڳتي هلي پبلڪ (سرڪاري) سيڪٽر سفيد هاٿي ثابت ٿيو، جنهن جو گذارو وري به جنتا جي خزاني تي هو.
    ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ ائين هرگز ڪونه هو. 1960ع ڌاري ڪوريا جي حڪومت پرائيويٽ سيڪٽر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي سستا قرض جاري ڪيا. هانگ ڪانگ جهڙي ننڍڙي ملڪ جي رانديڪن ۽ ٻين معمولي روزمره جي استعمال وارين شين جي ايڪسپورٽ مان آمدني هندستان جي سموري روانگي واپار کان وڌيڪ هئي.
    ان جي مقابلي ۾ هندستان جو پرائيويٽ سيڪٽر جيڪو اڳ ئي گهڻن قائدن ۽ قانونن هيٺ دٻيل هو، تنهن کي ڪڏهن به وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نه مليو. هر طرح سان کيس نيست ۽ نابود ڪرڻ جا اٺسٺا ڪيا ويا. مثال طور، The Industiral Licensing Act of 1951 ۽ Industrial Policy Resolution of 1956، جيڪي هندستان ۾ انڊسٽري کي وڌائڻ ۽ همٿائڻ لاءِ جاري ڪيا ويا، سي نه رڳو الٽو انڊسٽري لاءِ هاڃيڪار بنيا، پر پرجا جي حياتيءَ کي پورا 35 سال عذاب ۾ مبتلا ڪندا رهيا. آخرڪار 1991ع ۾ ماڻهن تڏهن سک جو ساهه کنيو جڏهن مارڪيٽ کي کليل ڇڏيو ويو.
    ريگيوليٽري سسٽم، جنهن کي “لائسنس راج” سڏيندا هئا، تنهن هندستان مان چٽاڀيٽي، سرمائيڪاري ۽ واڌاري کي پاڙئون پٽي ڪڍيو. ان مان رشوت خوري ايتري ته وڌي جو ملڪي سياست جي جسم ۾ ڪئنسر جيان ڦهلجي وئي. انهن ڏينهن ۾ سرڪاري ڪامورا نه رڳو پيداوار جي مقدار جو فيصلو پڻ ڪندا هئا، بلڪ شين جا اگهه به پاڻ ئي مقرر ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪارخانيدار پنهنجي لائسنس ۾ ڏنل انگ کان وڌيڪ اُپت ڪندو هو ته کيس سزا ملندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ڌنڌي وڌائڻ جي گهرج پوندي هئي، ته به کيس سرڪاري ڪامورن کان اجازت وٺڻي پوندي هئي. ان کان وڌيڪ ڪرپشن کي وڌائڻ لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟ برلا جهڙو ماڻهو، جنهن کي پُٺ به هئي۽ پهچ به هئي، سو به مايوس ٿي پيو ۽ هندستان کان ٻاهر پنهنجو ڪاروبار لڳائڻ تي لاچار ٿيو. جڏهن هن جي پنهنجي ملڪ کيس بزنيس وڌائڻ جي موڪل نه ڏني، تڏهن ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپائين جهڙن دورانديش ملڪن کيس ٻئي ٻانهون کولي پنهنجن ملڪن ۾ پئسو لڳائڻ لاءِ ڀليڪار چئي. سنئين سڌي ڳالهه آهي ته سندن فائدو ۽ هندستان جو نقصان هو.
    نهروءَ ڀاري انڊسٽريءَ تي زور ڏنو، پر اهو نه سوچيائين ته ٿوري موڙي ۽ ننڍي جوکم واريءَ ڪنهن عام ضرورت جي انڊسٽري کي همٿائجي. اهڙيءَ انڊسٽريءَ ۾ رانديڪا، ڪپڙو ۽ ريڊيو وغيره ٺهي سگهيا ٿي ۽ چڱو ناڻو پڻ ملي سگهيو ٿي. ان سان گڏ هزارين بي روزگارن کي روزگار سان پڻ لڳائي پيو سگهجي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته جپان يا ايشين ٽائيگرز پنهنجي ڪامياب سفر جي شروعات هاءِ-ٽيڪ شين سان نه بلڪ سادين سودين ۽ سستين عام رواجي استعمال جي شين سان ڪئي هئي.
    نهروءَ اها به ڀل ڪئي جو هن ايڪسپورٽ کي وڌائڻ بجاءِ امپورٽ جي بدلي ۾ ملڪ ۾ اهي سامان تيار ڪرڻ جي پاليسي جوڙي.
    هندستان ۾ هر ڳالهه جي لاءِ اجازت وٺڻ ۽ قاعدن قانونن جي پنجوڙن ۾ ماڻهن کي ڦاسائڻ سبب ڪرپشن وڌي وئي ۽ ڪن ڌرين جي هڪ هٽي ٿي وئي. ڪن سرمائيڪارن جي لاءِ ته اهي سڀ رڪاوٽون لاڀائيتون به ثابت ٿيون. هيءُ اهي ماڻهو هئا، جن تي سرڪار يا سرڪاري ڪامورا مهربان هئا. انهن پنهنجي لاءِ سرڪار ۾ جڳهه ٺاهي ورتي هئي، ڇو ته هو سرڪاري پارٽين کي دل کولي رقم ڏيندا هئا. هنن جي طاقت ايتري ته وڌي وئي جو هو حڪومت جون پاليسيون پنهنجي مرضي موجب بدلائي سگهندا هئا. سندن اثر رسوخ کين پنهنجي ڪم جي ميدان ۾ کلي ڇٽي ڏئي ڇڏي ۽ هو بي تاج بادشاهه بنجي ويهي رهيا.
    جپان کي ئي کڻي ڏسو. هندستان کان فقط ٻه سال اڳ، 1945ع ۾ کيس آزادي ملي. جپان جي مقابلي ۾ هندستان جتي بيٺو آهي، ان مان ئي حساب لڳايو ته اسان جي شروعاتي نيتائن (اڳواڻن) پنهنجن غلط پاليسين سبب کيس ڪيڏو نه وڏو هاڃو رسايو آهي.
    15 آگسٽ 1945ع تي، جڏهن جپان جنگ هارائي ۽ آڻ مڃي، تڏهن ماڻهن سُک جو ساهه کنيو، ڇو ته جنگ جي بار سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي ۽ سندن مالي حالت تباهه ۽ برباد ٿي چڪي هئي. انڊسٽريءَ جي اُپت ٻڙي هئي. بي روزگاري جو ڀوت هر گهر ۾ واسو ڪري چڪو هو. ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي ٿيا. جنگ ڇا هارايائون، ماڻهن جو پاڻ مان ويساهه ئي نڪري ويو.
    پر جپانين پنهنجيءَ هار کي جيت ۾ بدلائي ڇڏيو. هنن ويچار ڪيو ته هاڻي اسان کي پنهنجو ملڪ ٻيهر اڏڻو آهي. ملڪ ۾ جنتاراڄ ۽ پنهنجي ديس واسين جي عزت بحال ڪرڻي آهي. قبضو ڪندڙ آمريڪين سان گڏجي، جپانين پنهنجي مدي خارج سماجي ڍانچي کي ٻيهر جوڙيو. پنهنجن اسڪولن جي سسٽم کي سڌاريائون ته جيئن نئين پيڙهي سماج ۾ اڳتي وڌي ۽ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري. انڊيا جي ابتڙ، جپان جي بيوروڪريسي هاڪاري انداز اختيار ڪيو ۽ ماڻهن کي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ صحيح رستو ڏيکاريو. هنن ماڻهن جو اعتبار هٿ ڪرڻ لاءِ ڪين گهٽايو. جهڙي ريت جرمنيءَ ۾ ٿيو هو، اهڙي طرح جپان پڻ پنهنجي آرٿڪتا کي دنيا آڏو مڃائي ڏيکاريو.
    اهڙا سماجي سڌارا هندستان ۾ آيا ئي ڪونه. ان جي ابتڙ، جي سچي ڳالهه پُڇو ته انڊيا ۾ سڌارن آڻڻ لاءِ ڪا ڪوشش ئي ڪانه ڪئي وئي. انڊيا پنهنجي مٿان لڳل بيٺڪي راڄ جي ڇاپ لاهي ئي نه سگهيو. اڳتي ڪٿان وڌندو؟ جنهن زماني ۾ ڏور اوڀر جا ملڪ پاڻ کي “ٽائيگر” پيا سڏائين، انڊيا هاٿيءَ جو هاٿي ئي رهيو. ڀاري ڀرڪم هاٿي، جيڪو ڊٺُ هڻي پٽ تي ليٽيو ئي رهيو. اُٿڻ کان صفا نابري واري بيهي رهيو.
    دکدائڪ ڳالهه وري اها هئي ته نئين انڊيا جا ڪارخانيدار پڻ پنهنجي اهميت کان اڻ واقف هئا. کين موقعا ته گهڻا مليا، پر هنن انهن ڏي اک کڻي نهاريو به ڪونه. هاڻي اهڙن ماڻهن کي ڇا چئجي جن جي پنهنجي اڱڻ ۾ گنگا وهي ۽ کين سُڌ ئي نه هجي؟ ڳالهه اها هئي ته هندستان جي آزادي کان اڳ ئي هنن پنهنجي من ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته اسان کي جيسين حڪومت جي طرفان پڪ پڪاڻي نه ٿيندي ته توهان جي رقم توڙي ڌنڌي کي سرڪاري سرکشا نه ملندي، تيسين اسان ڪجهه به ڪو نه ڪنداسين.
    هندستان جي وڏن ڪارخانيدارن جي بمبئي ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هو اُن ڪري گڏ ٿيا ته انڊيا جي انڊسٽري لاءِ آئندي ڪهڙا قدم کڻجن جو دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي. اها گڏجاڻي 1944ع ۾ ٿي، جنهن ۾ ويچار ڪيو ويو ته آزادي کان پوءِ انڊيا جي انڊسٽري جي باري ۾ ڪهڙي پاليسي هئڻ گهرجي. ان ميٽنگ ۾ جيڪو وهيو واپريو، سوقصو ڏاڍو دلچسپ آهي.
    هندستان جي تمام وڏن ڪارخانيدارن، جن ۾ جي آر.ڊي. ٽاٽا، جي.ڊي.برلا، لالاشري رام، ڪستور ڀائي لال ڀائي، پرشوتمداس ٺاڪرداس ۽ اي.ڊي. شرف شامل هئا، تن گڏجي “بمبئي پلان” ٺاهيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هندستان ۾ تڪڙي ۽ پاڻ ڀري انڊسٽرئلائيزيشن ٿيڻ تمام ضروري آهي. هنن اهو به چيو ته پرڏيهي قرض کڻي ۽ ٻاهرين ٽيڪنالاجي وٺي ان ڪم کي هر قيمت تي توڙ پُڄائجي. پر گڏوگڏ هنن جي راءِ هئي ته ان سموري معاملي ۾ کين سرڪار جي سهمتي ۽ سرکشا به گهرجي ۽ سا به سخت نظرداريءَ هيٺ، هنن گهر ڪئي ته ڪن ميدانن ۾ پرڏيهين کي ناڻي جي سيڙپ ڪرڻ کان بنهه روڪيو وڃي، جهڙوڪ انشوئرنس، بئنڪنگ، پاور ۽ هوائي سفر وغيره. هنن اها به گهر ڪئي ته هلندڙ پرائيويٽ سرمائيڪاري کي ختم ڪري سرڪاري هٿ هيٺ ڏيڻ گهرجي.
    مٿيان مطالبا مڃائڻ واسطي هو خود پنهنجي آزادي کي گهٽائڻ لاءِ به تيار ٿي بيٺا. جن ڳالهين تان هو هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿيا، تن ۾ کليل امپورٽ ۽ پرائيويٽ سرمائيڪاريءَ جي آزادي به شامل هيون. هنن اسٽيٽ ڪنٽرول هيٺ اهم ميدانن ۾ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ته سهي، پر اهو ڪونه ويچاريائون ته اڳتي هلي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. اهي ڳالهيون جيڪي پوءِ سندن ڳچيءَ ۾ پيون، تن ۾ اگهه مقرر ڪرڻ، نفعي کي گهٽائڻ، پرڏيهي واپار تي ڪنٽرول ڪرڻ، پرڏيهي ڪرنسيءَ تي سختي ڪرڻ، لائنسنس وٺڻ ۾ سرڪار جو دخل ۽ عام واهپي جي شين جي ورهاست شامل هيون، هنن اهڙو وايومنڊل جوڙيو جنهن ۾ سرڪاري ڪامورن جا اختيار چئن ئي ڏسائن ۾ ڦهلجي ويا. ان جي ابتڙ، ڏور اوڀر جي ملڪن آئيندي جي باري ۾ وڏي سوچ ويچار کان پوءِ درست فيصلا ڪيا. اهي ئي فيصلا سندن ڪم آيا ۽ کين زمين تان کڻي آسمان تائين پهچائي آيا.
    اها آهي دبئي جي ڪهاڻي. انڊيا جي پاليسين جنتا کي هر طرح سِڪائي ڇڏيو ۽ انهن ئي پاليسين دبئي کي دبئي بنائي ڇڏيو. دبئي کي اڄ گهڻا ئي رستا موجود آهن، پر 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ دبئي کي ٺاهڻ ۾ انڊيا ۽ ايران وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. مائي ڀاڳي جي مشهور گيت “دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري” جي سُر تي عام ماڻهو جهونگارڻ لڳا، “دل دبئي دبئي پئي ڪري!” دبئي کي ٻيو ڇا گهرجي؟
    *


    12. باب ٻارهون : زمانو ڪيترو به بدلجي حالتون ساڳيون ٿيون رهن

    سموري خريداري عدم اطمينان جي ئي پيداوار هجي ٿي. نهايت غور ۽ فڪر جي باوجود به، ڪنهن به وکر جي خريداري نه ٿي ڪري سگهجي. جيستائين پهرين نظر ۾ خريدار ان کان عدم اطمينان جو شڪار نه ٿيو هجي.
    وليم ايم. برين گيلسن

    منهنجي هميشه کان اهاآس هئي ته مان جيڪر بزنيس مئن ٿيان.
    مون کي پنهنجي پتا کان بزنيس ورثي ۾ نه مليو. ڪو ٻيو سولو رستو به نه هئم، جنهن سان بزنيس ڄمائي سگهان. ان هوندي به مان بزنيس جا خواب ڏسندو رهندو هوس. انهن شروعاتي ڏينهن ۾ مونکي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي ته ان خواب کي ساڀيا ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي. بزنيس جو سوداءُ ان ڪري هئم جو بزنيس منهنجي خون ۾ شامل هو. منهنجي نس نس، رڳ رڳ، ساهه پساهه ۾ بزنيس رچيل هو.
    منهنجو سرڳواسي پتا، جيوترام بخشاڻيءَ جو واسطو بزنيس سان هو. اهڙي طرح منهنجي ڪٽنب جا ٻيا مرد پڻ بزنيس سان واڳيل هئا. منهنجي پتا ڪيترا سال جبرالٽر ۽ موراڪو ۾ ايم ڏيئلداس سان ڪم ڪيو. اها ڪمپني جڳ مشهور ڀائي پرتاب جي هئي، جنهن گجرات ۾ گانڌي ڌام جو ننڍڙو شهر اڏيو. گانڌي ڌام انهن بي گهر ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو، جيڪي ورهاڱي وقت سرحد جي هُن پار کان آيا هئا.
    انهن شروعاتي ڏينهن ۾ مونکي ائين لڳندو هو، ڄڻ دبئي جي وايومنڊل ۾ منهنجا گونگا خواب دٻجي مري ويندا. ان هوندي به اميد جو ڪو ڪرڻو مونکي هر هر ياد ڏياريندو رهندو هو ته مارڪيٽ ۾ همٿ ڀرين سڄاڻ ماڻهن جي لاءِ موقعي جي کوٽ ناهي.
    جيئن مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان، مارڪيٽ تي وچئين ماڻهوءَ (Middleman)، جن کي دلال چيو ويندو هو، جو راڄ هو. آرڊر بڪ ڪرڻ ۽ سامان وڪرو ڪرڻ ۾ هنن جو وڏو هٿ هو. واپاريءَ جو مال وڪرو ڪرڻ سان تمام معمولي واسطو هو. سندن ملازم گهڻو ڪري ڪلارڪ هوندا هئا يا آفيس جو ٻيو ڪم ڪار ڪندا هئا. مونکي ان قسم جي ڪم ڪندي ڪڏهن به خوشي نه ٿي. مونکي هميشه ائين لڳندو هو ته منهنجي آفيس ۾ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو ڪيو نٿو وڃي. جيڪڏهن ڪوتاهي هئي ته رڳو دلچسپي وٺڻ جي، پهريون قدم کڻڻ جي، اڳتي وڌي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي. دل سٽون کائيندي هيم ته جيڪر مارڪيٽ وڃان، ماڻهن سان ملان، مال وڪرو ڪريان. ڪجهه ڪريان. ڪجهه ڪري ڏيکاريان.
    منهنجو ساٿي، چيلارام سجناڻي، جيڪو اڪائونٽنٽ هو، سو منهنجي اُڌمن سان سهمت نه هو. هن مونکي ڪڏهن ڀلجي به مارڪيٽنگ لاءِ نه همٿايو. شايد هن جو خيال هو ته مون کي اجايون سجايون ڳالهيون ڇڏي سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيڻ گهرجي. پر منهنجي اندر ۾ ويٺل جاکوڙي واپاري ڪڏهن به سک جي ننڊ نه سمهيو.
    ڪمپنيءَ ڏانهن ڪيتريون ئي نين شين جا سئمپل ايندا رهندا هئا، جيڪي سجناڻيءَ جي سنڀال هيٺ رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو اهي سئمپل آفيس ۾ ايندڙ گراهڪن کي ڏيکاريندو هو، يا وري جڏهن کيس ٽائيم ملندو هو ته پاڻ سان کڻي وڃي ٻين کي ڏيکاريندو هو. مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ هو رڳو ميار پيو لاهي. هن ۾ اهو جوش ڪونه هو، جيڪو اهڙين ڳالهين لاءِ هئڻ کپي. ان ڪري مون پنهنجيءَ دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ڀل ته مونکي آفيس بند ٿيڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوي، پر مان ضرور انهن شين کي مارڪيٽ ۾ مڃائڻ جي ڪوشش ڪندس سوچي مون آفيس مان وقت ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڃي واپارين وڙن سان ملڻ شروع ڪيو ۽ کين سئمپل ڏيکاري کانئن آرڊر وٺڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳس. ان ڀڄ ڊڪ ۾ آفيس جو جيڪو ٽائيم کوٽي ٿيندو هو، ان جي پورائي لاءِ يا ته صبح جو سوير ٻين کان اڳ اچي پورو ڪندو هوس، يا وري آفيس ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻه چار ڪلاڪ ترسي پوندو هوس. مونکي ياد آهي ته رات جو دير تائين گئس بتي (گولي) جي روشني ۾ اڪثر پنهنجو ڪم ڪندو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ اڌ رات کان پوءِ به ويٺو رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ بجلي ڪانه هوندي هئي ۽ جنريٽر صرف آفيس ٽائيم تائين هلندو هو.
    ان کي منهنجا ڀاڳ چئو جو مون پهرينءَ ئي ڪوشش ۾ آرڊر بڪ ڪري ورتو. مان سئمپل کڻي ‘موسيٰ جي ڪريم’ جي نالي هڪ سنڌي ميمڻ وٽ ويس، جيڪو ديري ۾ دڪان هلائيندو هو. چينيءَ جو هڪڙو سگريٽ سيٽ هو، جنهن ۾ ايش ٽري به هئي، سگريٽ ڪيس به هو ۽ لائيٽر به هو، سو ڏيکاريو مانس، سمجهايو مانس ۽ آخر ۾ پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ دليلن وسيلي خريد ڪرڻ تي راضي ڪيومانس. هن هڪدم 125 ڊالرن جو آرڊر بڪ ڪرايو. اهو منهنجي زندگي جو پهريون واپار هو، جيڪو مون پنهنجي سِر پاڻ ڪيو. ان کان پوءِ مون ڪڏهن به واپس مُڙي نه نهاريو. منهنجي دل ايتري ته وڏي ٿي وئي جو مون اڪثر مارڪيٽ جا چڪر هڻڻ شروع ڪري ڏنا. منهنجي همٿ افزائي ٿي ته مون سينئر بزنيس مئنن سان ملاقاتون وڌائي ڇڏيون. منهنجو وڏو قدبت مونکي ڏاڍو ڪم آيو. عمر ته منهنجي اڃا ويهن سالن کان به گهٽ هئي، پر پنهنجي وڏي ۽ ويڪري جسم سببان ايترو ننڍو ڪونه لڳندو هوس. سچ ته اهو آهي ته مان وقت کان اڳ ئي بالغ ٿي ويو هئس.
    جهونن ۽ آزمودگار واپارين سان اُٿ ويهه سبب مون ۾ ڌنڌوڙين وارا سڀ گُڻ ايندا ويا. مون غير روايتي (Non Traditional) ۽ نين شين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ان ڪري ته مارڪيٽ ۾ هر وقت هر قسم جا دلال پيا ڦرندا هئا، پر هنن جو ڌيان هوندو هو ٽيڪسٽائيل ۽ عام واهپي جي شين تي. انهن کان نه اڳتي چُرندا هئا ۽ نه پٺتي هٽندا هئا. هو به پنهنجيءَ پر ۾ درست هئا، ڇو ته انهن شين ۾ وڏي ڪمائي هئي. کين ڪهڙو لاچار پيو هو جو ٺهيو ٺڪيو مارڪيٽ ڇڏي اڻ آزمايل وکر تي ويهي نئين سر محنت ڪن؟
    انهن پهرين ڏينهن ۾ ئي مون هڪ سٺو سبق پرايو، جيڪو اڄ تائين منهنجي ڪم آيو آهي. اهو هيءُ هو ته گراهڪ آڏو ڪڏهن به پاڻ کي وڪرو ڪندڙ ظاهر نه ڪجي. مٿس اهو اثر وهارجي ته مان تنهنجو صلاحڪار آهيان. هن کي اها پڪ ڪرائجي ته مان تنهنجو سڄڻ آهيان. ائين ڪرڻ سان هو توهان تي ڀروسو ڪرڻ لڳندو. ڪو به سيلسمئن جيڪڏهن گراهڪ کي سندس خيرخواهه مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ اها به خاطري ڪري ڇڏيو ته گراهڪ پنهنجا سڀ اُلڪا وساري مٿس پورو ڀروسو ڪرڻ لڳندو.
    70 واري ڏهاڪي جي دبئي مارڪيٽ ۾ اليڪٽرانڪ شين جو شوق وڌڻ لڳو هو. اليڪٽرانڪ جي اهميت ايتري ته گهڻي ٿي وئي جو ٽيڪسٽائيل جي اوج جو زمانو ياد اچي ويو. جهڙيءَ ريت 50 ۽ 60 وارن ڏهاڪن ۾ هندستانين، خاص ڪري سنڌي ڀاٽين ٽيڪسٽائيل جو واپار پنهنجي هٿن ۾ رکيو، ٺيڪ اهڙي طرح هاڻي وري هنن اليڪٽرانڪ شين ڏانهن لاڙو ڪيو.
    ان وقت تائين اڃا ٽيليويزن سيٽ ڪونه آيا هئا. والو ريڊيا ۽ چڪريءَ وارا ٽيپ رڪارڊر ميدان ماريو بيٺا هئا. انهن ۾ به فلپس ڪمپني جو مال زور تي وڪامندو هو. دبئي ۾ اهو ڪاروبار “ڀاٽيا ريڊيو” وارن جي هٿ ۾ هو. ان کان سواءِ فلپس جي جوڙ جو سيرا (Sierra) نالي هڪڙو ٻيو برانڊ هو، جيڪو فلپس جيترو ئي مقبول هو. وي وي سنز وارا اڪيلي سر ان جا ايجنٽ هئا. هو 78 ۽ 33 آر پي ايم جا رڪارڊ پڻ وڪڻندا هئا. سنڌ ۾ انهن کي لاک جا رڪارڊ يا ٿالهيون سڏيندا هئا.
    جرمني جو گرنڊگ (Grundig) پنهنجي ڪوالٽيءَ جي ڪري مشهور هو ۽ مارڪيٽ ۾ اُن جي به ڏاڍي گهُر هئي. ان جا ڊيلر ديوان برادرس هئا، جيڪي پڻ ڀاٽيا هئا. انهن سڀني کان الڳ ٿلڳ هو مير محمد صالح اميري، جيڪو ايراني واپاري هو ۽ جرمني جي ٻي مشهور ڪمپني ٽيليفنڪن (Tleefunken) جو ڊيلر هو.
    انهن ڏينهن ۾ جپاني مال جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. سڄو مارڪيٽ يورپي سامان سان سٿيو پيو هوندو هو. يورپي مال جا گراهڪ نه رڳو دبئي ۾ هڪيا تڪيا حاضر هئا، پر ٻين ملڪن ۾ به جام ملندا هئا.
    ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ بجلي ڪانه هئي ۽ پائيپن رستي پاڻي به ڪونه ايندو هو، تنهنڪري ريفريجريٽر، واشنگ مشين ۽ ٻين گهريلو ڪم ڪار وارين مشينن جو ڪو مارڪيٽ ڪونه هوندو هو. جڏهن پاور آيو ۽ حالتون بدليون ۽ پاڻي توڙي بجلي شهرن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو، تڏهن مارڪيٽ جو نقشو ئي اور ٿي ويو. آمريڪا جو اڪيلو ملڪ “اڇين مشينن” موڪلڻ وارو پهريون ملڪ هو. آمريڪا مان ايندڙ مشهور ريفريجريٽرن ۾ نورگي (Norge)، يارڪ (York)، جي.اي.، (GE) فرجيڊيئر (Frigidaire)، ويسٽنگ هائوس (Westinghouse) ۽ ايڊمرل (Admiral) شامل هئا. ايئرڪنڊيشنرن ۾ ڄاتل سڃاتل نالا هئا، ڪئريئر (Carrier)، نورگي، (Norge) يارڪ (York)، ويسٽنگ هائوس (Westinghouse) ۽ ويسٽ پوائنٽ (Westpoint).
    انهن سڀني سامانن دبئي ۾ ته چڱو پاڻ ملهايو، پر دبئي رستي ننڍي کنڊ ۾ پڻ پهچي ويا. يا ته مال سمگل ٿيندو هو، يا وري پرڏيهه ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جا ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا. جلد ئي آمريڪي ۽ يورپي مال جي جاءِ تي جپان ڇانئجڻ لڳو. هيءَ 1960ع جي ڳالهه آهي، جڏهن جپان جي مال اچڻ جي شروعات ٿي.
    جپانين جو مارڪيٽ ۾ اچڻ ڪو اوچتو ٽپو ڪونه هو. هوائي توائي به نه هئا. ٺيڪ ٺاڪ رٿابنديءَ سان ميدان ۾ لٿا هئا. کين چڱي طرح ڄاڻ هئي ته کين ڇا ڪرڻو آهي، ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ ڪڏهن ڪرڻو آهي. هڪ هڪ وک سوچي سمجهي کنيائون. مارڪيٽ کي چڱي طرح ٺوڪي وڄائي، جاچي جوچي ڏٺائون. پتو پين ته هندستان ۾ چڱي طرح چنبا کوڙي سگهبا. ان پڪ پڪاڻيءَ کان پوءِ هو هئا ۽ هندستاني مارڪيٽ هو. ان ڪم ۾ سندن سهائتا ڪئي هندستاني بابُن جي بي پرواهيءَ واري هلت ۽ سرڪار جي پاڳلپڻي، جنهن هر شي تي ڪنٽرول مڙهي ڇڏيو هو ۽ سوشلزم جي وڏن وڏن نعرن ۽ نظرين پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا هئا. انهن سببن ڪري هندستان پنهنجيءَ ئي مارڪيٽ جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو. نئين دور جي ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ پهچي نه سگهي. عام واهپي جي شين جي کوٽ ماڻهن کي لاچار ڪري ڇڏيو ته هو پرڏيهي مال جي پويان ڊوڙن. ان ڊوڙ کي وري اڃا به تکو ڪيو اخبارن، رسالن، ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ، جتان هر پل جي پئي خبر پوي ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪهڙيون نيون شيون مارڪيٽ ۾ پهتيون، ڪهڙا نوان ماڊل آيا، پراڻن ۾ ڪهڙيون خاميون هيون ۽ نون ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن، وغيره.
    جپانين، دبئي ۾ پنهنجي مارڪيٽ جي ساٿين سان گڏجي صلاح ڪئي ته عام واهپي جو ايترو ته مال آڻي لاهجي جو هندستانين جي پرڏيهي مال واريءَ بُک کي منهن ڏئي سگهجي. ان ڪم ۾ ڪٺنائي اها هئي جو هڪ ته هندستاني سرڪار آمدني واپار تي ڪي رنڊڪون وڌيون هيون، ڪسٽم جا قانون سخت ڪيا هئا ۽ واپار تي به ڪرڙي نظر رکي هئي. ان ڪري قانوني ۽ جائز طريقي سان جپاني مال سرحد ٽپي ڪونه ٿي سگهيو. ان ڪري ماڻهن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ٻيا رستا وٺڻا پيا. ڏسندي ئي ڏسندي سمگلنگ جي بازار گرم ٿي وئي.
    جڏهن جپان هٿراڌو ڪپڙي کي دبئي تائين پهچايو، ته هڪدم اهو مال لڪ چوريءَ هندستان جي چور بازار ۾ سمگل ٿي وڪامڻ لڳو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته جپان دنيا جي مارڪيٽ ۾ آيو ئي ان سنٿيٽڪ ڪپڙي جي وسيلي. هُن انڊيا جي ٽيڪسٽائيل واپار جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏي. هندستان اڃا ڪپهه جي ڪپڙي واري دور ۾ ساهه کڻي رهيو هو. جو جپان سنٿيٽڪ ڪپڙي سان هڪ نئون انقلاب آڻي ڇڏيو. جپانين سياڻپ اها ڪئي جو هندستاني ڊزائينون کڻي وڏي پيماني تي ساڙهيون ٺاهڻ لڳا. اهي ساڙهيون پوءِ هندستاني جنتا ۾ وڪامجڻ لڳيون. جتي هٿون هٿ کڄي وينديون هيون. جپاني ڪارخانن، جن ۾ اين آر سي (NRC)، ٽوري (Toray) ۽ ٽائيجن (Teijin) شامل هئا، ماڻهن جو من موهي وڌو. هر هندستاني ڳوٺ وڃڻ مهل پاڻ سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه ساڙهيون ضرور کڻي ويندو هو. ان قسم جا مسافر ٿورا ڪونه هئا. هيءُ اهو وقت هو، جڏهن اڇي توڙي بلو ڪالر وارا ماڻهو، سفيد پوش توڙي مزور، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، هندستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن کان جهجهي تعداد ۾ دبئي پهچڻ لڳا هئا. هوائي ڪمپنيون ماڻهن جي رش کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٽي اڏامون رڳو بمبئي کان هلائينديون هيون، جن جي ذريعي 1000 ماڻهو روز جي حساب سان دبئي پهچندا هئا. جيڪڏهن هر مسافر سراسري ٽي ساڙهيون سوکڙي ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هجي، ته به 20000 وال ساڙهين جا رڳو هڪ شهر ڏانهن روانا ڪيا ويندا هئا. ياد رهي ته هڪ ساڙهيءَ ۾ ڇهن والن کان ڪجهه وڌيڪ ڪپڙو ڪم ايندو آهي. ان جو مطلب ٿيو ته رڳو بمبئيءَ ڏانهن هر مهيني 600000 وال ساڙهين جو ڪپڙو دبئي کان ايندو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه سڌي سنئين رستي کان، ڪنهن به قانوني ڀڃڪڙي کان سواءِ ٿيندو هو.
    مٿيون ته هو قانوني طريقو، پر گڏوگڏ ٻيا طريقا به استعمال ڪيا پئي ويا. دبئي فري مارڪيٽ هو، جنهن ڪري ڪيترا ئي ملين وال ڪپڙو بليڪ مارڪيٽ ۾ هر سال بمبئي پهچي ويندو هو. ساڙهين جي گُهر ايتري ته وڌي وئي جو ڪارخانيدار اچي آزار ۾ پيا. گهڻا ئي زور لڳايائون، پر ايڏيءَ وڏيءَ گهرج کي پورو ڪرڻ سندن وس ۾ ئي نه هو.
    ٽيڪسٽائيل مارڪيٽ ۾ ٻئي جنهن ڪپڙي رڻ ٻاري ڏنو، سو هو پوليسٽر سوٽنگ جو ڪپڙو. اهو ڪپڙو نه رڳو بمبئي جي بازارن ۾ ئي کتو، پر ڪراچيءَ ۽ ڍاڪا جي دڪانن تي پڻ وڪامڻ لڳو. جيئن جيئن ننڍي کنڊ جي دلچسپي وڌندي وئي، تيئن تيئن ايران جي اهميت گهٽجندي وئي. ايران ان وقت تائين ٽيڪسٽائيل جي موٽ-روانگي واپار سبب ڏاڍو اهم هو. جپان ۽ دبئي جي گڏيل سهڪار سبب کين جيڪو نفعو ٿيو، تنهن جپان جا ته پير پختا ڪري ڇڏيا، پر دبئي کي به دبئي بنائي ڇڏيو. هندستاني ڏاڍا عجيب آهن. هنن جهڙو ڪو ٻيو ٿئي، سا اڻ ٿيڻي آهي. رهندا پرڏيهه ۾ پر ڌنڌو ڪندا ڪنهن ٽئين ملڪ جي مال جو. دبئي ۾ پهرين چيني هوٽل کولي هئي ڪي ايم ڀاٽيا. ڏسو ته سهي، هڪ انڊين، رهي عرب ملڪ ۾ ۽ کولي چيني ريسٽوران! ان جي ڀيٽ ۾ هڪ جپاني جتي به ويندو، پنهنجي ملڪ جي شئي واپرائيندو.
    هندوستان اڃا ڇپ جيڏن وڏن ريڊين مان ئي جان نه ڇڏائي هئي ته جپان مان ننڍڙا، وڻندڙ، صاف آواز وارا ٽرانزسٽر ريڊيا، جيڪي بيرڪ (Berec) يا ايوريڊي (Eveready) سيلن تي هلندا هئا، دبئيءَ جي مارڪيٽ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان ڪاهي پيا. ٽيليويزن اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ۽ کيس مارڪيٽ ۾ پهچڻ لاءِ وقت گهربو هو. اهڙي وقت ۾ عام ماڻهوءَ جي تفريح جو اڪيلو ذريعو ريڊيو ئي هو. سرڪاري ريڊيو سروس ووڌيارتيءَ تان خبرون ۽ سنگيت ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ريڊيو جو پاسو ئي ڪونه ڇڏيندا هئا. ڪرسين کي چهٽيا پيا هوندا هئا. ان کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندي هئي ريڊيو سلون جي “بناڪا گيت مالا”، جنهن ۾ نون هندي گيتن جو وڪري جي آڌار تي مقابلو ٿيندو هو ۽ جنهن کي مشهور ڪمپيئر امين سياني هر هفتي پيش ڪندو هو. ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي اهو پروگرام ٻڌندا هئا. ان ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ هرگز نه ٿيندو ته ننڍي کنڊ جي ٿڪل ٽٽل ۽ منورجن لاءِ اڃايل ماڻهن جي تفريح جو وسيلو فقط ۽ فقط ريڊيو هو. ان ڪري ٽرانزسٽرن جي گهرج ڪا جهڙي تهڙي ڪانه هئي، تمام گهڻي هئي.
    هندوستان ان وقت چڱا ريڊيا ڪونه پئي ٺاهي سگهيو، ان ڪري ان کوٽ جو پورائو وري به دبئيءَ ڪيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ٻين گهڻين شين جيان ريديا به انڊيا ۾ هزارن جي انگ ۾ غير قانوني رستي کان پهچندا هئا.
    جپان ۽ سندس ٺاهيل ريڊيا دبئيءَ جي مارڪيٽ ۾ وڏي ڌماڪي سان آيا، جن جو پهريون آرڊر هو هٽاچي جا ٻن بينڊن وارا 100 ٽرانزسٽر ريڊيا. دراصل اها انهن ٿورين ڪمپنين مان هڪ هئي، جنهن ٽيڪسٽائيل جي ڪاروبار مان هٽي ڪري اليڪٽرانڪ ۾ گهري دلچسپي ورتي. اهو ڪم ڪمپني پنهنجي ريزڪي دڪان ڪاسموس جي حوالي ڪيو. ٻيا جيڪي اليڪٽرانڪ جي ڌنڌي ۾ گهڙيا، انهن مان گهڻا ٽيڪسٽائيل جي ميدان ۾ ڪڏهن به ڪونه لٿا هئا.
    الفتيم، جيڪي کاڌي جي شين جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ پوءِ موٽرڪارن جي واپار ۾ لڳي ويا، انهن پڻ عمان نيشنل اليڪٽرانڪس جي ذريعي اليڪٽرانڪ جو ڌنڌو شروع ڪيو. گورڌن ڀاٽيا “سونيءَ” سان واقفيت ڪرائي. سونيءَ جو نالو ايترو ته مشهور ٿيو جو گورڌن ڀاٽيا سونيءَ جي نالي سان سڃا پجڻ لڳو. ماڻهو چوندا ئي هئس گورڌن “سوني”. بحرين جا اشرف برادرس به سوني جا ڊيلر هئا، پر پوءِ اها ڊيلرشپ 1970ع ڌاري منو ڇاٻڙيا جي “جمبو” کي ملي. فلپس يورپين برانڊ هئي، پر گهڻي عرصي کان ماٺ هئي. سندس سرير ۾ ساهه ٻيهر تڏهن پيو، جڏهن ڪمپني وارن پنهنجي بيٺڪ وڃي چين ۾ ڪئي. اها برابر هاڻي الفاندي وٽ آهي. گاجريا برادرس، جن ڪڏهن به ٽيڪسٽائيل جو ڌنڌو ڪونه ڪيو، سي پهريون نيشنل ۽ پوءِ جي وي سي کڻي دبئي جي مارڪيٽ ۾ پهتا. نيشنل هاڻي عمان نيشنل وٽ آهي ۽ جي وي سي آخرڪار وڃي الشراوي وٽ پهتو. “سانيو” عاقل ارجمند ۽ اين “اي.سي.” محمد شريف بوخاش وارن وٽ آهي.
    عقيل ارجائومند (Akil Arjoumand) جي طرفان سانيو (Sanyo)جي تمام گهڻي مارڪيٽ ٿي ۽ هاڻ ان جي الفتين(Al Futtain)طرفان به مارڪيٽ ٿي آهي. توڙي جو اين اِي سي(N.E.C) هڪ مشهور وکر/برانڊ آهي. پر اهو مارڪيٽ ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه ٺاهي نه سگهيو.
    برٽش مال جي دبئي ۾ موجودگي پاءِ ريڊيو (Pye Radio) جي ڪري هئي، جنهن جي ايجنسي جشن مل وٽ هئي ۽ ان کانسواءِ بُش (Bush U.K.) پڻ مارڪيٽ ۾ مليو پئي. پر جپان سڄي مارڪيٽ تي ڇانئجي ويو. تازو هاڻي يورپين مال ٻيهر اچڻ شروع ٿيو آهي، پر ان جو سبب وچان ڪو ٻيو آهي، ٿيو هيئن آهي ته يورپين ڪمپنين پنهنجو ٺڪاڻو وڃي بنايو آهي ڏور-اوڀر جي ملڪن کي، جتي مزوري سستي آهي ۽ ڪم وارا ماڻهو به جام ملي ٿا وڃن. ان ڪري هاڻي سندن اگهه مقابلي جهڙو ٿي ويو آهي. ڇا به هجي، دبئي ۾ اليڪٽرانڪ مال جي ڀرمار تڏهن ٿي. جڏهن جپانين ريڊيو ڪئسيٽ پليئر مارڪيٽ ۾ آندو. نيون شيون هيون. خريدارن جا انبوهه لڳي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي کوڙ ماڊل اچي پهتا. ڪي هليا، ڪي پنهنجو موت مري ويا. جيڪڏهن منهنجي ياداشت صحيح آهي ته “نئشنل” جو هڪ ماڊل 543 آر.ڪيو. انڊيا جي ڪيرالا اسٽيٽ جي مليالي ماڻهن ۾ ايڏو ته پسند ڪيو ويو جو ان جو نالو ئي ملباري (ملبار-ڪيرالا جا رهاڪو) پئجي ويو. هرڪو مليالي وطن واپس ويندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ته پاڻ سان ضرور کڻيو ويندو. رڳو دبئي جي مارڪيٽ ۾ ان ماڊل جا پليئر ويهن لکن کان به وڌيڪ وڪاڻا. RXM 50 جا گذريل ڏهن سالن ۾ پندرهن لک داڻا وڪامي چڪا آهن.
    روايتي ڏاهپ اهو ٿي ٻڌائي ته مارڪيٽ ۾ اوهان مال نٿا وڪڻو، خريدارن کي راءِ يا صلاح ٿا وڪڻو. کين پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پهرين کين ڳوليو، ڦولهيو، کوٽيو، ڄاڻو ۽ سڃاڻو. سندن سوچ کي پرکيو. توهان جي ٻڌايل شي لاءِ سندن رايو ڪهڙو آهي، ڇا ٿا چون، اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ هڪ سيلز مين لاءِ تمام ضروري آهي. مارڪيٽ رڳو ڪنهن شي وڪڻڻ جو نالو ناهي. مارڪيٽنگ ۾ گراهڪ کي سهوليتون، فائدا ۽ سندن پئسي جو مُلهه وڪڻبو آهي. مٿيون ڳالهيون يورپ ۾ ته ڪارگر ٿي سگهن ٿيون، ڇو ته گراهڪ سڀ پڙهيل لکيل آهن، پر دبئي جهڙيءَ روائتي مارڪيٽ ۾ انهن جو هلڻ مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي ڏينهن ۾ اهو ممڪن نه هو. منهنجي خيال ۾ مارڪيٽ جي چال جي خيال کان دبئي ۾ ڪا گهڻي ڦيرڦار نه آئي آهي. اها ڳالهه مان عام ماڻهوءَ جي باري ۾ ڪري رهيو آهيان. پهرين ڏينهن ۾ گراهڪن جي گهڻائي مزور پيشي ۽ اڻ پڙهيلن جي هوندي هئي. انهن کي وکر جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏئي کين ان جون خوبيون ٻڌائڻ بيسود هو. وڪرو ڪندڙ کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو ڪونه پوندو هو. ڇو ته گراهڪ دڪان تي چڙهڻ کان اڳ ئي فيصلو ڪري ايندو هو، ته کيس ڇا وٺڻو آهي. ان ڪري دبئي جي ڪاروباري مارڪيٽ ۾ سمورو زور هوندو هو گراهڪ جي مرضي ڄاڻڻ تي ته کيس ڇا گهرجي. ڪمپني جي يا وکر جي واکاڻ ڪرڻ يا سامان جا گُڻ ٻڌائڻ يا گراهڪ کي اهو چوڻ ته تون هي نه وٺ هو وٺ، سڀ اجايو ۽ وقت جو زيان هو. جيڪڏهن گراهڪ کي مٿي ۾ اهو خيال ويهي ويو ته فلاڻي يا فلاڻي شيءِ منهنجي دوستن يا مائٽن کي ڪونه وڻندي، ته توهان ڀلي ته مٿو ڦاڙي بيهو، هو اها شي ڪنهن به قيمت تي ڪونه وٺندو. ان ڪري اهڙي موقعي تي ماٺڙي ڪري گراهڪ جي ڳالهه ٻڌبي هئي، ڇو ته هن به اها ڳالهه ٻين کان ٻُڌي هوندي. هو توهان جي ڳالهه کي وزن ئي ڪونه ڏيندو.
    پر هنن اڻ پڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن کي ڏوهه ڇو ڏجي؟ ريسرچ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا جهڙي سڌريل ملڪ ۾ به سراسري 40 سيڪڙو ماڻهو ڪا به خريداري ڪرڻ کان اڳ دوستن ۽ ڪٽنب جي ڀاتين کان راءِ ضرور وٺندا آهن. سو، جهڙي طرح ڪپڙي لٽي وٺڻ وقت گراهڪ ماڻهن کان ٻڌيءَ سُڌيءَ تي خريداري ڪندا هئا، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾ به هوبهو ائين ٿيو. دبئي کان ننڍي کنڊ ڏانهن خريداري ڪري ويندڙ گهڻو ڪري سڀ ماڻهو هڪ ٻئي جي ٻُڌل ڳالهين تي لڳي مال وٺندا هئا. دبئي جي هوائي اڏي جي واڌ، هوائي اڏامن ۾ اضافو ۽ مزور طبقي جي گهڻي اچ وڃ، انهن سڀني ڳالهين گڏجي سڏجي دبئي جي تڪڙي ترقي ۾ حصو ورتو. جيئن اڳ دبئي کان ويندڙ مزور پاڻ سان گهروارن جي لاءِ ڪپڙو ضرور کڻي ويندا هئا، اهڙيءَ ريت هاڻي وري ڪانه ڪا اليڪٽرانڪ جي شيءِ وٺڻ لڳا.
    دبئي جي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ کي 1986ع ۾ ٿيندڙ ايشين گيمز به وڏي مدد ڏني. هندستان ۾ ٽي وي چئنلن رنگين پروگرامن ذريعي اهي رانديون سڌيون سَنيون ٽيليڪاسٽ ڪيون. شهرن ۾ ته ٺهيو، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ رهندڙ ماڻهن به اهي پروگرام ڏٺا. ان موقعي تي هزارين ٽيليويزن سيٽ وڪامي ويا. ڏکيائي رڳو اها ئي ٿي ته ٽي وي ٺاهيندڙ ڪمپنيون هيون ٻه يا ٽي، ۽ گهر هئي تمام گهڻي. ڪمپنين پنهنجي پاران ڪين گهٽايو، پر پوءِ به ان اوچتيءَ گهرج کي منهن ڏئي نه سگهيون. سپلاءِ ٿوري، وٺ وٺان گهڻي. جن کي ٽي وي سيٽ مليا، سي ڀاڳن وارا ليکيا ويا، ٻين چڱن ڀلن معتبر ماڻهن پنهنجا نالا انتظار ڪندڙن جي لسٽ ۾ لکائي ڇڏيا. ننڍيءَ وڏيءَ سفارش ڪم نه ڪيو ته وزيرن پاران چٺيون چپاٽيون اچڻ لڳيون. ماڻهو اصل هٿن کان پئي نڪتا. اها حالت ڏسي، ان وقت جي پرائيم منسٽر اندرا گانڌيءَ ڪلر ٽيليويزن سيٽن امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهڙي طرح “سوني” هندستاني مارڪيٽ ۾ وڏي زور شور سان داخل ٿي ۽ ٿوري ئي وقت اندر هر گهر ۾ سوني نظر اچڻ لڳو. “جمبو” جي ته سائينءَ کڻي سڻائي ڪئي. اڳي ڇڙو نالو “جمبو” هوس، هاڻي ته سچ پچ دبئي جو جمبو ٿي پيو.
    اليڪٽرانڪ مارڪيٽ کڻي ڪيڏو به وڌيو، پر ٽيڪسٽائيل تي اثر ڪونه پيو. ٽيڪسٽائيل پنهنجي جاءِ تي ڄمي رهي. اليڪٽرانڪ ۽ ٽيڪسٽائيل هڪ ٻئي سان گڏجي مارڪيٽ ونڊيندا رهيا. ٻنهي جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڪافي جڳهه موجود هئي. اليڪٽرانڪ جي سرسي 1990ع تائين قائم رهي، پر اڄ به توهان کي ڪيترا مسافر دبئي ايئرپورٽ تي اهڙا ملندا، جن جي هٿن ۾ ڪا نه ڪا اليڪٽرانڪ شئي ضرور هوندي.
    جڏهن هندستاني سرڪار ارٿ ويسٿا کي آزادي ڏيڻ شروع ڪئي ۽ آمدني واپاري لڳل بندشون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ان جو اثر هڪدم دبئيءَ ۾ محسوس ڪيو ويو. مشهور ڪمپني جو اڇو سامان، جهڙوڪ ريفريجريٽر، مائڪرو ويو اوون، واشنگ مشينون، وي سي آر ۽ ميوزڪ سسٽم آسانيءَ سان هندستان جي وستيءَ واهڻ ۾ ملڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾ اهڙين شين جو دبئي ۾ وڪرو پنجاهه سيڪڙو ڪري پيو.
    کڻي ڇا به ٿئي، منهنجي خيال ۾ دبئي جي اهميت گهٽبي ڪانه، ڇو ته دبئي جو مارڪيٽ نئين سوچ رکندڙ مارڪيٽ آهي. ڀلي ته هندوستان ٻاهران ايندڙ مال تان سموريون پابنديون لاهي ڇڏي، تڏهن به دبئي روزمره جي واهپي جي شين جو مرڪز رهندو ۽ پنهنجو ڪردار پنهنجي قدبت آهر ادا ڪندو رهندو. ڪنهن به پروڊڪٽ کي وڏي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ لاءِ وقت درڪار آهي. گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ اوتري سپلاءِ جي به ضرورت پوندي آهي. اها ڏاڍي ڏکي صورتحال هوندي آهي، جڏهن ڪا نئين چيز مارڪيٽ ۾ اچي ۽ توهان کي ڄاڻ نه هجي ته هن جي آئو ڀڳت ڪيئن ٿيندي. ماڻهو پسند ڪندا، ناپسند ڪندا يا وچٿرا رهندا. اهڙي حالت ۾ ڪوبه ڊيلر وڏو آرڊر ڏيڻ جو جوکو سر تي کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جيتوڻيڪ گهُر تمام گهڻي هوندي، پر نئين شي جي سپلاءِ هميشه گهٽ ٿيندي. ان ڪري هميشه وچ ۾ خال رهڻ جو ڊپ رهندو آهي. دبئي ڇاڪاڻ ته هندستان کي ويجهي آهي، ان ڪري هوءَ اهڙي ڪنهن به خال کي ڀرڻ لاءِ ڪنهن به اوچي اليڪٽرانڪ مال جي گدام طور ڪم اچي سگهي ٿي. کوٽ ٿي ناهي، دبئيءَ منجهان مال پهتو ناهي.
    ننڍي کنڊ جي هاڻوڪيءَ مارڪيٽ جي صورتحال کي جاچيندي، دبئي مارڪيٽ هاڻي هر ڏٺل وائٺل شي جي بجاءِ گهٽ روايتي ۽ نين شين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ان تبديليءَ پاڻ سان گڏ ڪي چئلينج پڻ آندا آهن. آءِ.ٽي. سان واهپو رکندڙ مال اڄ ڪلهه جي ضرورت به آهي ته فيشن پڻ. آءِ.ٽي. ۾ جيڪا نواڻ اچي ٿي تنهن جو واسطو سڌو سنئون رفتار سان آهي ۽ رفتار تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون هر روز ڪا نه ڪا نئين شي مارڪيٽ ۾ آڻين ٿيون. جهڙي ريت گرم گرم ڪيڪ بيڪريءَ تي تڪڙا تڪڙا وڪامندا آهن، اهڙي طرح آءِ. ٽي. جو سامان به هر روز هٿون هٿ کڄي ٿو وڃي. اڄوڪو مال سڀاڻي تائين پراڻو ٿي ويندو ۽ سڀاڻي جو مال شايد پرينهن تائين ڪم جو نه رهي. واپارين کي ان تيز رفتاريءَ سان نباهه ڪرڻو آهي. اهي ڏينهن ويا، جڏهن مال اڄ وڪاميو ته سڀاڻي نه، ته پرينهنءَ ته ضرور وڪامبو.
    ها، اهو زمانو به هو. هاڻي انهن ڏينهن کي صرف ياد ئي ڪري سگهجي ٿو، موٽائي نٿو سگهي. 50 ۽ 60 ۽ 70 وارا ڏهاڪا هاڻي ماضي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪا. انهن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ڏاڍو سولو، فرحت وارو ۽ دوستاڻو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه هئي واپارين جو پاڻ ۾ ڀائپيءَ، پيار ۽ پنهنجائپ وارو رشتو.
    ڌنڌي جو ٽائيم پورو ٿيندي ئي، جهونا واپاري ڪنهن مقرر جاءِ تي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ گڏجي رات جي ماني تيار ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مارڪيٽ هاڻي جيان دير تائين ڪونه کليل ڪونه رهندو هو. سج لٿي ئي هرڪو دڪان کي تالو هڻي وڃي گهر ڀيڙو ٿيندو هو.
    ڳالهه پئي ڪيم سينيئر واپارين جي، جيڪي ڪم ڪار کان واندا ٿي رات جو سڀئي گڏجي کاڌو ٺاهيندا هئا. هر ڪم پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. ڪنهن کي به ڪو اڻ وڻندڙ ڪم ڪندي عار ڪونه ٿيندو هو. جن ۾ بورچيگيري جا ڪي گُڻ هئا، سي بيهندا هئا چُلهه جي مٿان ۽ ٻيا وري سندن مدد ۾ لڳي ويندا هئا. هڪڙا ڀاڄيون وڍيندا هئا، ٻيا برتن ڌوئيندا هئا. مطلب ته جنهن کي جيڪو هنر ايندو هو، سو بنا شرم حجاب ڪري ڏيکاريندا هئا. گهر ڀاتين کان پري رهڻ ڪري ڪي بزنيس مين ته ٺاهوڪا بورچي بنجي پيا هئا. ايترو ڪجهه سکڻ لاءِ هنن جيڪي ٻين تي وئل وهايا هوندا، سا خبر ته ڪو ئي کانئن پُڇي. ڪڏهن لوڻ وڌيڪ ته ڪڏهن مرچ جياستي. يارن جو پاڻيءَ تي زور!
    شامون هونديون هيون ڪچهريءَ ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ جي حوالي. ڌنڌي جون ڳالهيون رهيون دڪان تي. مارڪيٽ جا مقابلا مارڪيٽ ۾ کاڌي تي اگهه پار، ڪاروبار يا ڌنڌي ڌاڙي جي ڳالهه نه هلندي هئي.
    هفتي جي پڄاڻيءَ تي موڪل ٿيندي هئي ۽ اسان کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو هو. ڪي فئملين وارا ۽ سندن ويجها دوست گڏجي ڪڏهن خوانيج (دبئي) ۾ يا ظائد يا راس الخيما يا ڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڏينهن گذاري ايندا هئا.
    راس الخيما ڏانهن مڙئي سرس ماڻهو ويندا هئا، ڇو ته اتي پاڻي جام هوندو هو. دبئي ۾ پاڻيءَ جي چويهه ئي ڪلاڪ کوٽ رهندي هئي. ڪن مقامي شهرين کي فارم هائوس هوندا هئا، جي اسان پارن پرڏيهين کي ڏينهن اڌ لاءِ ڏيندي ڪونه ڪيٻائيندا هئا، بلڪ دوستيءَ جو حق سمجهي خوشي سان ڏيندا هئا. فارم هائوس جا نوڪر چاڪر ۽ ٻيو عملو به مهمانن جي خدمت لاءِ سندن حوالي رهندو هو.
    موڪل جا ڏينهن ڏاڍي مزي سان گذرندا هئا. آرام ڪندا هئاسين. فون ڪونه هو، ان ڪري دنيا کان ڪٽيل هوندا هئاسين. اڪثر اسان جا اهي دوست جيڪي اُتان جا اصل رهاڪو هئا، اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. ساڻن گڏ سمنڊ ۾ مڇيون ماريندا هئاسين. فارم هائوس جو بورچي اهي مڇيون رڌي اسان کي کارائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مڇيون پڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ئي پچائيندا هئاسين. گاني بجاني ۾ هرڪو ساٿ ڏيندو هو. مستيءَ ۾ اچي جهمر به هڻندا هئاسين. هڪڙو يار جيڪو اهڙن موقعن تي سدائين اسان سان گڏ هوندو هو ۽ پنهنجين ڳالهين، چرچن ۽ راڳ سان وندرائيندو هو، تنهن جو نالو هو سُرور. ٻيا جيڪي ههڙن موڪل جي ڏينهن کي يادگار بنائيندا هئا، تن ۾ عمران شمسي، جاسم ال مدفا، احمد ال مدفا ۽ جاسم ال ادي شامل هئا.
    انهن ڏينهن ۾ واپاري طبقو گهڻو ڪونه هو. سندن گهرجون به پوريون ساريون هيون ۽ زندگي سک چين واري هئي. مارڪيٽ جي ماڻهن ۾ به انسانيت ۽ خلوص هو. جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته هڪدم دڪان بند ٿي ويندا هئا. نه رڳو سوڳ ۾، پر ان لاءِ به ته هر ڪو وڃي ڪريا ڪرم يا ڪفن دفن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي. جي سرڳواسي هندو هوندو هو ته ڪميونٽيءَ جا ماڻهو انساني زنجير بنائي سمنڊ ڪناري ٿي بيهندا هئا ته جيئن سمنڊ جي پاڻي جو باسڻ وڌائي، هڪ ٻئي کي ڏيندا، شمشان تائين پهچائي سگهن. لاچاري هئي، دبئي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري ائين ڪرڻو پوندو هو.
    اليڪٽرانڪ جي ميدان ۾ جپان پنهنجين شين کي گهڻي قدر سڌاري ويو. ائين ڪرڻ لاءِ هن کي “ابتي انجنيئرنگ” (Reverse, Engineering) جي ترڪيب استعمال ڪرڻي پئي. هنن ڇا ڪيو جو يورپ مان ايندڙ لوڪ پريه مال کي کولي، چڱي طرح ان جي ٽيڪنيڪ کي جاچي، ٻيهر جوڙڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح کين خبر پئجي وئي ته اهو مال ڪهڙي ريت ٺاهيو ويو هو ۽ اهو ڪهڙي طرح ڪم ڪندو هو. جپاني ڏاڍا محنتي ۽ هوشيار ڪاريگر آهن. يورپي سامان جي ترڪيب هڪ دفعو سمجهي ورتائون ته پوءِ کين ان کان به سٺي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان جهڙي شي ٺاهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿيندي هئي. کين ڪو جهلڻ پلڻ وارو به ڪونه هو. ڪو غلط ڪم به ڪونه پئي ڪيائون. انڊسٽري ۾ “ابتي انجنيئرنگ” جي منع ناهي. نئين سر ڪا ترڪيب ٺاهڻ يا ڪا نئين ايجاد ڪرڻ کان ته چڱو آهي ته ٻين جي ايجاد کي نظر ۾ رکي ان جهڙي يا ان کان وڌيڪ سُڌريل شي ٺاهي ڇڏجي.
    جپانين هڪ ٻيو به واڌارو ڪيو. ڪوالٽيءَ کي سڌارڻ جو بلڪل نئون طريقو ٺاهيائون. هر ڪارخانيدار پنهنجي ڪل ڪمائيءَ جو اٽڪل ست سيڪڙو پاسي ڪري رکندو هو ته جيئن ان سموريءَ رقم کي ملائي پنهنجي انڊسٽري ۾ ٺهندڙ مال جي جاچ جوچ ۽ واڌاري (Research and Development) تي لڳائي سگهجي. جيڪڏهن مثال طور ڪا شي گراهڪ کي 1000 درهمن ۾ ڏبي هئي ته ان منجهان 70 درهم پنهنجو پاڻ آر ۽ ڊي جي کاتي ۾ جمع ٿي ويندا هئا.
    هڪ دفعو ڪا پروڊڪٽ ٺيڪ نموني جڙي وئي ته پوءِ ان کي آر ۽ ڊي جي وڌيڪ گهرج نه پوندي هئي. اها رقم پوءِ آر ۽ ڊي مان ڪڍي، پروڊڪٽ جي قيمت مان ڪٽي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت ان شي جو اگهه گهٽجي ويندو هو.
    جپان ۾ هر ڪمپني کي هڪ ماهرن جي ڪميٽي ۽ هڪ آر ۽ ڊي کاتو ضرور هوندو آهي. ڪڏهن پاڻ کان پُڇيو اٿئون ته ان قسم جا بندوبست هندستان يا هن علائقي جي ٻين ڪهڙين ڪمپنين وٽ آهن؟ آهي ڪا هڪ به اهڙي وڏي يا ننڍي ڪمپني جيڪا ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر مال موڪليندي هجي ۽ وٽس اهڙا فنڊ موجود هجن؟
    ان سڄي واڌاري واري سلسلي ۾ جپاني سرڪار جو تمام وڏو هٿ هو. سرڪار پنهنجي ڪارخانيدارن کي ڪڏهن به سهائتا طور گهٽ اگهه وصول ڪرڻ کي ڪونه همٿايو. مورڳو سامان جي معيار تي سخت چوڪسي رکي ۽ هر هڪ ڪارخانيدار لاءِ لازمي ٺهرايو ته هو پنهنجي ٺاهيل مال جو گهٽ ۾ گهٽ ويهه سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪري. ڪارخانيدار ته ٺهيو، هارين نارين کي به پئسي ڏوڪڙ جي رعايت نه ملندي هئي ۽ نه وري کين ٽئڪس ۾ ڪا ڇوٽ ڏني ويندي هئي. ها، سرڪار ايترو ضرور ڪندي هئي جو هارين کان سندن اُپايل يا ٺاهيل شين کي مناسب اگهه تي خريدي وٺندي هئي ته جيئن سندن همٿ افزائي ٿيندي رهي. جڏهن ڪارخانيدار کي ڪا سرڪاري رعايت نه ملندي هئي ته هو پنهنجو مال انٽرنيشنل اگهه تي نيڪال ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندو هو. ائين ڪرڻ لاءِ مال جو معيار به انٽرنيشنل سطح جو هئڻ ضروري هو. اهو ڪارخانيدار جو ڪم هو ته هو پنهنجي مال جي ڪوالٽي ڪِرڻ نه ڏئي، بلڪ ان ۾ سڌارو آڻيندو رهي. وچيون ڪوئي رستو ڪونه هو.
    جيڪڏهن ڪو ڪارخانيدار انٽرنيشنل معيار ۽ اگهه برقرار رکي نه سگهندو هو ته هن لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه بچندو هو، سواءِ ان جي ته پنهنجي کوٽ ٽوٽ جو بار پنهنجي ملڪ جي خريدارن تي وجهي. ڪوبه ڪارخانيدار ان قسم جو قدم کڻڻ لاءِ ڏهه ڀيرا سوچيندو هو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي ئي ملڪ ۾ بدنام ٿي وڃي ها.
    ان ڪري ڪمپنيون پنهنجي پيداوار جو معيار سڌارڻ لاءِ مجبور هيون. سچ پچ جپاني سرڪار جي اها ڏاڍي هوشياريءَ جهڙي پاليسي هئي جنهن وسيلي هو پنهنجي انڊسٽريءَ کي صاف سٿرو رکي ٿي سگهي. جپاني ڪارخانيدار پنهنجي پيداوار جي قيمت وڌائي ڄاڻائڻ جي اٽڪل به ڄاڻندا هئا. مثال طور، هو سرڪاري طور ڪنهن شي جي قيمت 200 ڊالر ٻڌائيندا هئا، پران جي سچي پچي وڪري جي قيمت 170 ڊالر هوندي هئي. انهن واڌو 30 ڊالرن جو حساب هو ڌار رکندا هئا. پر اهو هڪ الڳ داستان آهي. هاڻي مٿئين ڳالهه کي اچو ته هندستاني مثال سان ڀيٽيون. انڊيا کي به پنهنجي هڪ ايڪسپورٽ پاليسي هئي، پر هندستاني سرڪار ڪارخانيدارن کي مالي مدد ڏئي سندن خرچ جو پورائو ڪندي هئي ته جيئن اهو مال مناسب اگهه تي پرڏيهه روانو ڪري سگهجي. هت اها ڳالهه ڳنڍ سان ٻڌڻ جهڙي آهي ته جتي سرڪاري امداد ملندي، اتي سڌارو اچڻ مشڪل آهي. اهڙيون امدادون سرڪار کي ٺڳڻ جو سٺو بهانو بنجي وينديون آهن. ڪارخانيدار پنهنجين بنايل شين جي لاڳت ڄاڻي ٻجهي وڌيڪ ڄاڻائي، ايڪسپورٽ جي بهاني امداد وٺي، پنهنجو مال سمنڊ ۾ ٻوڙي، ٻانهن سيراندي ڪري وڃي سمهي رهندا هئا. ٻاهرينءَ چٽاڀيٽيءَ واري مارڪيٽ ۾ مال وڪڻڻ کان سواءِ، مفت ۾ انعام وٺڻ انهيءَ کي چئبو آهي. حقيقت اها آهي ته سخت مقابلي ۽ لاهن چاڙهن واري مارڪيٽ ۾ جپان جي سرسي گهڻا ڏينهن جٽاءُ ڪري نه سگهي. اڄ جپان هوبهو ساڳيءَ صورتحال ۾ آهي، جهڙيءَ پوزيشن ۾ ان وقت آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنيون هيون، جڏهن جپان مارڪيٽ ۾ قدم رکڻ لاءِ پنهنجون راهون پئي جوڙيون. مقامي مزورن جا خرچ ايترا ته وڌي ويا جو جپاني پيداوار وڌيڪ مهانگي ٿي وئي هئي. پر جپاني نه ڊنا، نه گهٻرايا، نه ميدان ڇڏي ويا. هنن پنهنجو دماغ ٿڌو رکيو. جڏهن ڏٺائون ته مارڪيٽ سندن فائدي ۾ نه رهيو آهي، تڏهن پنهنجي پيداواري ڪارخانن کي پاسن وارن ملڪن تائين ڦهلائي ڇڏيائون. اُتي کين ڄاڻو مزور وڏي تعداد ۾ ۽ سستا ملي ويا. اهڙي ريت سندن بنايل مال جي قيمت گهٽجي وئي. شروعات ۾ هنن ڪوريا ۽ تائيوان ۾ ڪارخانا لڳايا ۽ پوءِ ملائيشيا تائين به پُڄي ويا. هنن پنهنجي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو. يورپين ڪارخانيدارن ائين ڪونه ڪيو هو، ان ڪري جپان هٿان ڌڪ کائي ويا. جپان وڏي ڏاهپ کان ڪم وٺي، سستي مزوريءَ وارن ملڪن ۾ پيداوار شروع ڪري، اگهن کي حد اندر رکيو ۽ مارڪيٽ کي هٿان وڃڻ نه ڏنو.
    ٻي دلچسپ ڳالهه جيڪا ڌيان لهڻي، سا هيءَ هئي ته جن ملڪن کي جپان پنهنجيءَ اُپت لاءِ چونڊيو، انهن ملڪن ٻيو ته ٺهيو رڳو روزگار ملڻ جي حد تائين ڪيترو فائدو ورتو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايترا سارا ماڻهو جيڪي اڳ بي روزگاريءَ جو شڪار هئا ۽ ملڪ مٿان بار هئا، سي ڪم ڪار سان لڳي ويا. سندن ملڪن جي مالي حالت سڌري وئي ۽ ٿوري وقت لاءِ ئي سهي، منجهن خوشحالي اچي وئي. پر هاڻي انهن مان گهڻا ملڪ جپاني ڪارخانيدارن لاءِ رڳو روزگار ڏيڻ جا مرڪز وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اُن ڳالهه تي ٿورو ويچار ڪبو ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته انهن ملڪن جي مالي حالت توڙي سموري آرٿ ويسٿا وڃي جپانين جي هٿ ۾ رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به گهڙيءَ جپاني ڪارخانيدارن اهو فيصلو ڪيو ته فلاڻي يا فلاڻي ملڪ ۾ مزوري وڌيڪ سستي آهي، ته هو دير ئي نه ڪندا، ٽپڙ ويڙهي اوڏانهن هليا ويندا. پوءِ هِنن ويچارن ملڪن جو ڇا ٿيندو؟ سندن ته الهه تلهه ناس ٿي ويندو ۽ سندن اَرٿ ويسٿا ۾ اهڙو ابتو ڦيرو ايندو جو دنيا ڏندين آڱريون ڏيندي.
    مٿين ڄاڻايل ملڪن مان رڳو ڪوريا هئي، جنهن جپاني مال پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ڪندي، سندن ٽلون ۽ اٽڪلون سکي ورتيون ۽ پنهنجي نالي سان انهن جهڙو مال به ٺاهڻ لڳا. دراصل جڏهن جپان جي عرض تي ڪوريا جي سرڪار جپاني ڪارخانيدارن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪارخانا لڳائڻ جي اجازت ڏني، تڏهن ڪيترين ئي ڪورين ان فيصلي جي نندا ڪئي هئي. ان جو هڪڙو سبب اهو به هو ته ڪوريا ۾ جپانين کي پسند ڪونه ڪيو ويندو هو، ڇو ته جنگ ۾ جپانين ڪوريا سان سٺو سلوڪ ڪونه ڪيو هو. پر سياسي طور اهو فيصلو درست هو ۽ مالي طور به منجهس چڱائي نظر آئي. وڏي ڳالهه اها ته جپانين جي اچڻ ڪري ڪوريا واسين کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي تمام گهڻي ڄاڻ ملي، جيڪا شايد ٻيءَ صورت ۾ کين بنهه ڪانه ملي ها.
    ڪوريا جلد ئي پنهنجا برانڊ تيار ڪري ورتا، جهڙوڪ سامسنگ، گولڊ اسٽار (ايل جي)، ڊائيوو، هنڊائي وغيره. پئسو ايندي ئي ملڪ سرهو ٿي پيو. سماجي طور به ڏوڪڙن ملڻ کان پوءِ ماڻهن جي رهڻ سهڻ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. ان ڪري سندن مزوري به مهانگي ٿي وئي. پر ڪوريا وارا به جپانين جا سيکاريل پڙهايل هئا. هنن به پنهنجن استادن وانگر دير ئي نه ڪئي. هڪدم اهڙا ملڪ ڳولي لڌائون، جتي جو مزور کانئن گهٽ اجوري تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجي. جتي جتي پير ڦٻين، بسترو ويڙهي وڃي اتي پهتا. اڄ دنيا ۾ ڪوريا جي ڀل ڀلان آهي. سندن نالو ٿو وڪامي. هندستان ۾ به ڪوريا پنهنجا پيداواري يونٽ لڳايا آهن. هتي به سندن وڏو مارڪيٽ پيدا ٿي چڪو آهي.
    ڪنهن به پيداواري ڪمپني لاءِ پنهنجي اُپت جي “برانڊ” کي مشهور ڪرڻ سڀ کان ضروري ڳالهه آهي. برانڊ جي ساک جو ڌاڪو وڳو ته سمجهو ته ٻيڙا ئي پار ٿيا. گهڻيون ڪمپنيون پنهنجي برانڊ کي عام ماڻهن جي ذهن ۾ پڪو پختو اڪوري ڇڏڻ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙينديون آهن. کين خبر آهي ته عام جنتا نالي مٿان مرندي آهي. مثال طور، ٿورو اڳ مون ٻڌايو هوته نئشنل ڪمپني فقط دبئي جي مارڪيٽ ۾ 345 ملين (پنجٽيهه لک) ريڊيو ڪئسيٽ وڪرو ڪيا هئا. اڻ پڙهيل پرڏيهي مزورن جي لاءِ ريڊيو ڪئسيٽ جو نالو ئي “نئشنل” ٿي پيو. دوڪاندار کي ريڊيو ڪئسيٽ ڏيکارڻ بجاءِ چوندا ئي هئا ته اسان کي نئشنل ڏيکار. ائين ناهي ته ان وقت نئشنل کان وڌيڪ سٺيون ڪا ريڊيو ڪئسيٽ مارڪيٽ ۾ ڪانه هئي. هيون، گهڻيون هيون ۽ اڌو اڌ قيمت جيتري سستيون به هيون، پر ماڻهن جي مٿي ۾ جنهن برانڊ جو نالو ويٺو سو ويٺو.
    اڄ به اها ئي حالت آهي. مارڪيٽ جو وايومنڊل ڪافي سڌري ويو آهي، پر برانڊ سان لڳاءُ اڄ به ساڳيو ئي آهي. خريدارن جي ذهن ۾ ڪنهن ڪنهن پراڊڪٽ جو برانڊ نالو سندس اصلي نالي جي بدران هميشه لاءِ ويهي ويندو آهي. ماڻهو اڄ به فوٽوڪاپي ڪرائڻ ويندا آهن ته چوندا آهن ته زيراڪس ڪري ڏيو. “زيراڪس” (Zerox) فوٽو ڪاپيئر ڪمپني جو برانڊ نالو آهي. اهڙيون يا ان کان به سٺيون ڪمپنيون ٻيون به ڪيتريون ئي مارڪيٽ ۾ موجود آهن، پر زيراڪس ماڻهن جي زبان تي چڙهي ويو آهي. اهڙي طرح “فلاسڪ” کي ماڻهو اڄ به “ٿرماس” چوندا آهن، جيڪو برانڊ نالو آهي.
    ڌار ڌار شيون جدا جدا ملڪن ۾ مشهوري ماڻينديون آهن. ڪمپنيون وري انهيءَ مشهوري جو فائدو وٺندي، پنهنجي مارڪيٽ جي رٿابندي ڪنديون آهن. مثال طور، سونيءَ ۽ هٽاچيءَ جي ٺاهيندڙن ڪجهه سالن کان انٽرنيشنل گارنٽيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ته جيئن پرڏيهه مان پنهنجي ملڪ موٽندڙ ماڻهن کي ويساهه ڏيکاري سگهجي ته سندن ٺاهيل سامان ۾ ڪا به خرابي ٿي ته هو ڪٿي به ان کي ٺهرائي يا بدلائي سگهن ٿا. هٽاچي جي گارنٽي ڪيرالا جي هندستاني مارڪيٽ لاءِ جاري ڪئي وئي، جتي گراهڪ وڪري کان پوءِ سروس جي سهوليت آساني سان حاصل ڪري سگهندا. “برانڊ” ڪنهن به پيداوار کي ٻين ڪمپنين جي ساڳئي قسم جي ٺاهيل مال کان ڌار سڃاڻپ جو ڏنل نالو آهي. اهڙي طرح ڪي ڪمپنيون وري ڪا علامت (Symbol) پڻ استعمال ڪنديون آهن. علامت نشاني (Symbol)، ڪوچتر (Logo)، ٽريڊ مارڪ يا انوکي بئنڪنگ جي شڪل ۾ به ٿي سگهي ٿي. برانڊ جي آئيڊيا آهي هڪ انوکو تعلق يا واسطو پيدا ڪرڻ. اهي واسطا ۽ ويجهڙايون پيدا ڪرڻ لاءِ پراڊڪٽ جون خوبيون وڌائي چڙهائي بيان ڪيون وينديون آهن، جهڙوڪ ڪوالٽي، نالو ۽ ٻيون ڳالهيون.
    برانڊ جو تصور پيدا ڪرڻ جو مکيه سبب آهي قيمت جي اهميت کي گهٽائڻ. برانڊ خريدار جو ڌيان اگهه تان هٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. خريدار جڏهن ڪنهن مشهور برانڊ کي ڏسي ٿو ته قيمت ۾ ٿوري گهڻي گهٽ وڌائيءَ جي ڳڻتي نٿو ڪري. جيڪي ماڻهو ڪنهن خاص برانڊ جا عادي ٿي ويندا آهن، اهي هر قيمت تي اها ئي برانڊ خريد ڪندا رهندا.
    سو جپان جيان ڪوريان به اهڙو مثال آهي، جنهن کي هندستان يا ان جهڙا ٻيا ملڪ نظر ۾ رکن ته چڱو. جيڪڏهن ڪوريا پنهنجا برانڊ ٺاهي سگهي ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ وڪڻي سگهي ٿي، ته پوءِ هندستان کي ائين ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ انڊيا وٽ ته ويتر وڌيڪ تربيت ورتل، تجربيڪار ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهو موجود آهن. جيڪڏهن انڊيا هن وقت پنهنجا برانڊ نٿي ٺاهي سگهي، ته پوءِ کيس به ٻين ڏور-ايشيائي ملڪن وانگر سستي روزگار جي پڙي ٿي رهڻو پوندو.
    ائين به ناهي ته ڪو هندستاني سرمائيڪارن جپان وانگر ٻين جي پيداوار جو هوبهو نقل نه ڪيو آهي. سچ ته اهو آهي ته ٻين ملڪن جي پراڊڪٽس جي نقل سان سڄو هندستاني مارڪيٽ سٿيو پيو آهي. پر وڏو تفاوت اهو آهي ته هندستاني سامان لڳاتار گهٽ معياري ۽ اڻ وڻندڙ پئي رهيو آهي، ڇو ته اُتي سچي پچي آر ۽ ڊي جي کوٽ آهي، ان ڪري منجهس سڌاري جي کوٽ آهي. جپانين جنهن نموني محنت ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، اها ڪمي انڊيا ۾ محسوس ٿيندي پئي رهي آهي. ڪا پبلڪ پاليسي اهڙي ٺهڻ گهرجي ها جيڪا ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جي سهائتا ڪري کين همٿائي ها ته جيڪر اڄ نقشو ئي بدليل هجي ها. روزمره جي شين کي کڻي ڇڏيو، انڊيا رڳو پنهنجي کاڌي جي انڊسٽري کڻي ائين سڌاري ها، جيئن آمريڪن سڌاري آهي. پيزا-هٽ ۽ ميڪڊانلڊ وانگر هت به ديسي طرز جا فاسٽ فوڊ ڏاڍا پسند ڪيا وڃن ها. هندستاني ديسي کاڌن، جهڙوڪ “اڊلي” ۽ “ڊوسا” کي سڄي دنيا ۾ ايتري ئي شهرت ملي ها، جيتري ميڪڊانلڊ ۽ ڪي ايف سي کي ملي آهي. ملڪ ۾ ترتيب ورتل ۽ تجربيڪار ماڻهو موجود آهن، انهن کي اڳيان ڪري دنيا ۾ اهي هنڌ ڳولي سگهجن ٿا. جتي اسان پنهجي پير کوڙي سگهون.
    ان سلسلي ۾ ياد رکڻ گهرجي ته جپان جڏهن پنهنجي ترقي جي راهه تي پهرين وک رکي، تڏهن سندس حال اسان کان به خراب هو. وٽس قدرتي وسيلا ته هئا ئي ڪونه. هنن جي جيڪڏهن ڪا دولت هئي ته اهي هئا سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو ماڻهو. هندستان ۾ انڊسٽري توڙي انساني ترقيءَ کي سياستدانن پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو آهي. مقامي سياسي نيتائن (اڳواڻن) کي ايتري سمجهه ناهي جو پنهنجي نڪ کان اڳتي ڏسي سگهن. سندن اکين تي نفرت ۽ تعصب جا کوپا چڙهيل آهن. هو ڏسن ٿا ته صرف ۽صرف پنهنجو فائدو، ان کان وڌيڪ نه کين گهرج آهي، نه ڳڻتي. هن ملڪ سان اها ئي ويڌن آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊسٽري اهڙيءَ جڳهه تي لڳائي پئي وڃي، جيڪا پري هئڻ سان گڏ مهانگي به آهي ۽ اتان کان مارڪيٽنگ ڪرڻ ڏکيو ڪم به آهي.
    فيڪٽري لڳائڻ لاءِ جڳهه جي چونڊ، ٽيڪنالاجي توڙي ڪارخاني جي سائيز وغيرهه جو فيصلو خود فيڪٽري لڳائيندڙ جي هٿن ۾ هئڻ گهرجي. هت ته اهي سڀ بنيادي فيصلا، ويندي پيداوار جو اگهه مقرر ڪرڻ به اهي سياستدانن ۽ سرڪاري ڪامورا ٿا ڪن، جن کي ڪارخانا ته ڇڏيو، معمولي ڌنڌو هلائڻ جي به خبر ناهي. اُن قسم جي سوچ مان اهي ئي نتيجا ٿا نڪرن، جيڪي نڪرڻ گهرجن. نڪمائي، ڳاٽي ڀڳا اگهه، مهانگي لاڳت، سرڪاري ڪامورن جي لعل ڦيٿي واري دير، مُدي خارج ٽيڪنالاجي جو استعمال، هڪ طرفا فيصلا ۽ سڀ کان وڌيڪ رشوت خوري. نوڪريون نه قابليت تي ٿيون ملن ۽ نه ڄاڻ يا تجربي تي، بلڪ سياسي سفارش تي. مقامي سياسي وڏيرا پنهنجي مرضي سان ڳنڍي ڇوڙيءَ ۾ لڳا پيا آهن.
    ڪنهن ڪارائتي ۽ لاڀ واريءَ فئڪٽري کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو بدترين مثال آهي سرڪاري ملڪيت ۾ هلندڙ ڪليٽران (Keltron) نالي هڪ پراجيڪٽ، جيڪو ڪيرالا ۾ اليڪٽرانڪ جي پيداوار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ 70 واري ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو ويو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن سڀني پئي چيو ته ڪليٽران ملڪ جي اليڪٽرانڪ سامان ٺاهڻ ۾ سڀن کان گوءِ کڻي ويندي. منجهس اليڪٽرانڪ شين ٺاهڻ جا ڪيترا ئي جدا جدا کاتا هئا. هنن دهلي ۽ بئنگلور جهڙن وڏن شهرن ۾ ٽرئفڪ سنگل وڏي ڪاميابيءَ سان لڳايا هئا. سندن ٺاهيل ٻيون اليڪٽرانڪ شيون، خاص ڪري ٽيليويزن، تمام سٺيون ۽ اوچي معيار جون هيون. جڏهن 1986ع ۾ دهلي اندر ايشين گيمز ٿيون، تڏهن هن ڪمپني جا ٽيليويزن سيٽ وٺڻ لاءِ ماڻهو ڇتا ٿي پيا هئا. گهرج تمام گهڻي هئي ۽ پيداوار گهٽ. نتيجو اهو نڪتو جو هزارين ماڻهن جا نالا انتظار ڪندڙن جي لسٽ ۾ لکيا ويا.
    پر اڄ ڪليٽران ڪنهن کي به ياد ناهي. هنن ٽيليويزن سيٽ ٺاهڻ ئي ڇڏي ڏنا، ڇو ته هو انڊيا توڙي ٻاهرين ٽيليويزن سيٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين سان مقابلو ڪري نه سگهيا. هر سال جي گهاٽي سندن چيلهه ڀڃي ڇڏي. اُپت گهٽ ۽ اسٽاف وڌيڪ، مڙس ڏئي وٺي بيهي رهيا. نوڪريون ملنديون هيون سياسي سفارشين کي جن کي نه ملڪ جي پرواهه ۽ نه سٺيءَ شي جو قدر. هنن کي ته بس پنهنجن ووٽرن جي تڪن کي راضي رکڻو هو. ٻيڙي تري يا ٻُڏي، تنهن سان هنن جو ڇا؟
    سڀني ڳالهين جو تت هيءُ آهي ته انڊسٽريل انقلاب، جيڪو رٿابندي ڪندڙن ملڪ ۾ آڻڻ ٿي گهريو، سو ڄمندي ئي مري ويو. ان رٿابندي وسيلي جيڪي سماجي سڌارا سوچيا ويا هئا، سي ساڀيان ٿي نه سگهيا. نه ماڻهن کي روزگار مليو، نه غريب ۽ شاهوڪار جي وچ واري وٿي گهٽ ٿي ۽ نه وري هندستاني جنتا کي آرٿڪ محرومي ۽ غربت جي گهاڻي کان ڇوٽڪارو مليو.
    مون جپاني ۽ ڪورين قومن جي اورچائي، سچائي ۽ محنت تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ هندستاني سرڪار جي لاپرواهيءَ ۽ بي فڪريءَ جهڙي رويي سان سندن ڀيٽ به ڪئي آهي، پر مونکي جپاني توڙي ڪورين سماج جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ فڪر وڪوڙي ويو آهي. انهن قومن محنت به ڪئي، همت به ڪئي، ترقي به ڪئي، سڀ ڪجهه ڪيائون، آسودا به ٿيا. پر هاڻي، جڏهن هو سکيا ستابا ٿي ويا آهن، تڏهن سندن سماجي لاڙن ۾ وڏو ڦيرو ايندو ٿو وڃي. منهنجي لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها تبديلي آهي.
    جپاني ڪمپنين سان منهنجا واپاري لاڳاپا تمام پراڻا آهن، ان ڪري مان جپاني سماج جو چڱي ريت اڀياس ڪندو رهندو آهيان. هاڻي سندن نئين پيڙهيءَ ۾ جيڪا سماجي تبديلي آئي آهي، ان مون کي ڪافي پريشان ڪري وڌو آهي. انڊيا، جنهن جو مڊل ڪلاس طبقو سکي به آهي ۽ يورپ جي آدمشماريءَ جيڏو وڏو به آهي، تنهن کي جپان ۾ ايندڙ سماجي ڦيرڦار ڏانهن وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي.
    جپان اميري، خوشحالي ۽ ماڊرن سوسائٽي جي ڀوڳنا ڀوڳڻ شروع ڪري ڏني آهي. سندس دولت کيس سماجي پيڙا ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سندس نئين پيڙهي پنهنجي شڪتي وڃائڻ لڳي آهي. سکين ماڻهن جا اهي ٻار، جن جي وڏن ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏي مدد ڪئي، سي پڙهيل ته گهڻو ئي آهن، پر منجهن پنهنجن وڏن جهڙي گنڀيرتا ڪانهي.
    پراڻي پيڙهيءَ جيڪا ڪشمڪش ۽ هڻ هڻان ڪئي، سا فقط ان لاءِ ته هو جپان جي ڪنهن مشهور ڪمپني ۾ روزگار سان لڳي وڃن ته جيئن کين زندگي ڀر جي روزگار جي پڪ ملي وڃي. ان زماني ۾ ائين ئي ٿيندو هو. يونيورسٽيءَ مان نڪتل گرئجويٽس ڪا ڪمپني پسند ڪندا هئا ۽ رٽائر ٿيڻ تائين ان ۾ ئي ڪم ڪندا رهندا هئا. بدقسمتيءَ سان سندن سنتان ان راهه تان ڀٽڪندو پيو وڃي. مڊل ڪلاس جپاني زندگي جو اهو نمونو، جيڪو سندن وڏن اختيار ڪيو، سو هو ڪنهن سٺي ڪمپنيءَ ۾ سلامتي وارو روزگار، شهر کان ٻاهر هڪ سهڻو گهر، هڪ پڙهيل ڳڙهيل گهرواري ۽ وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار. ان جي ابتڙ، اڄ جا جپاني نوجوان ڳولين ٿا معمولي قسم جا عارضي ڪم، جيڪي وڻيا ته واهه نه ته ٻيو در واجهائبو. انهن مان به گهڻا ته پارٽ ٽائيم جاب ڳوليندي نظر ايندا. هو چون ٿا ته اڄ ته سکيو گذاريون، سڀاڻي جو ننگ سائينءَ تي. ڇا جي محنت، ڇا جي ڳڻتي؟ جتي پڪي اتي کاڌي. ڪنهن کي پئي آهي جو آئندي لاءِ اڄ جي قرباني ڏئي؟
    هڪ سروي موجب، پنجن مان ٻن نوجوان جپانين کي ڪنهن وڏي ڪمپني ۾ پگهار تي نوڪري ڪرڻ جو شوق ناهي. سروي مان اهو به ظاهر ٿيو ته نوجوان گريجوئيٽن جي ٽين پتي پنهنجي پهرين نوڪري ٽن سالن اندر ڇڏي ٿي وڃي. اڄ کان ڏهه سال اڳ اهي ڳالهيون ڪنهن جي سوچ ۾ به نه اينديون هيون.
    اڄ جي جپاني سماج جي حالت تي ڪو سماجي سائنسدان ڳوڙهواڀياس ڪري ته ڪافي دلچسپ معلومات حاصل ٿيندي. پر رڳو جپان تي ڏوهه ڏيڻ اجايو آهي. دنيا جي گهڻي ڀاڱي انهن ملڪن جي ساڳي حالت آهي، جن هاڻي ته سکيا ڏينهن ڏٺا آهن، پر انڊسٽرئلائيزيشن کان اڳ هنن ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ۽ محنت ڪئي هئي.
    *


    13. باب تيرهون : پنهنجي پسند جو سوال

    جيستائين اوهان اڳواٽ ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ نه ٿا رکو. تيستائين ان کي اوهان سمجهڻ جي به سگهه نه ٿا رکي سگهون ۽ نه ڪو وري ان کي پنهنجي وس ۾ آڻي ٿا سگهون. جيڪي ماڻهو وقت کان اڳ سوچيندا آهن. اهي آخرڪار ٻين لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندا آهن.
    ميورس سوٽزر

    هڪ پرڏيهيءَجي زندگي جذباتي لاهن چاڙهن سان ڀرپور هوندي آهي. جوانيءَ جا جولان ٿورا ٿڌا ٿيندا آهن ته شادي جي گنڀير ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي تمنا ٿيندي آهي. گهر سجائڻ ۽ ڪٽنب وڌائڻ جي چاهنا جاڳندي آهي. هر انسان جي زندگي جو اهو ئي نيم آهي. پر هڪ پرڏيهيءَ جي زندگي ۾ اها چاهنا حالتن جي اگر مگر تي آڌار رکندي آهي. جدائي جا ڊگها عرصا پرديسيءَ جي جذبن، جولانن، اڌمن ۽ اُمنگن تي پنهنجا اڻ-مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن.
    مان به ٻين کان الڳ ڪونه هوس. مون کي اڃا نار ۾ آئي ڪجهه سال مس ٿيا هئا جو هوتوءَ کي اچي هورا کورا لڳي ته هاڻي مون کي ڪو جيون ساٿي ڳولڻ گهرجي. هن جو خيال هو ته جيڪڏهن مون جلد شادي ڪري ورتي ته پوءِ مان وڌيڪ ذميدار ٿيندس ۽ هڪ منو ٿي پنهنجي ڪم ڪار تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندس. ائين ڪو نه هو ته هو منهنجي قابليت ۽ محنت تي شڪ ڪري رهيو هو، پر هن جو خيال هو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن ساٿيءَ جو سهڪار ملي ويندو ته مان وڌيڪ لگن سان پنهنجو بزنيس ڪئريئر ٺاهي سگهندس. هن جو اهو به خيال هو ته جيستائين ماڻهو شادي نٿو ڪري، تيسين هو اڌورو آهي. عورت ئي مرد جي زندگي ۾ پختائي، اعتماد آڻي ٿي. جيئن رائنر ماريا رلڪي (Rainer Maria Rike) چيو آهي ته، “سٺي شادي اها آهي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي پنهنجي اڪيلائي جو رکوالو بڻائين ٿيون ۽ اعتماد ڏين ٿيون. اها ئي سندن هٿ ۾ وڏي ۾ وڏي شڪتي آهي، جا هو هڪ ٻئي کي ڏئي سگهن ٿا.”
    گهروارن ڳولا شروع ڪري ڏني ۽ نيٺ پوني جي هڪ ڇوڪري پسند ڪيائون. پونو مهاراشترا جو هڪ سکيو ستابو انڊسٽريز جو شهر آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترا ئي سنڌي ڪٽنب پوني لڏي ويا هئا. ڪي بزنيس ڪارڻ ۽ ڪي وري هميشه جي لاءِ اُتان جا ٿي ويا. ان ڪري پوني شهر مان منهنجي لاءِ ڇوڪري ڳولي لهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. منهنجي چاچيءَ، پري سبناڻيءَ، منهنجي شادي لاءِ جوڙي ڳولڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو هو.
    مون ڇوڪريءَ کي ڏٺو ۽ پنهنجي رضامندي ڏيئي ڇڏي. پر ڇوڪريءَ جي والدين کي، سندن ڪيل فيصلي کان ڪنفرم ڪرڻو هو. ان ڪري، مان جپان واري سفر تي هليو ويس. بڙودا (Baroda) ۾ به مان ان حوالي سان ڪا ڪوشش نه ڪئي. البت ڪجهه ڇوڪرن ۽ انهن جي والدين مون کي ڪجهه گهڻو ئي ٿلهو محسوس ڪيو. ان ڪري مون به انڪار ڪرڻ وارو حق پاڻ وٽ محفوظ ئي رکيو.
    ايئن ناهي ته بڙودا ۾ ڪنوار ڳولڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي وئي. ڳولا ته وڏي ٿي، پر ڪن ڇوڪرين يا سندن مائٽن منهنجي تمام ٿلهي هجڻ ڪري صاف انڪار ڪيو ۽ ڪن کي وري مون پنهنجا حق استعمال ڪندي پسند ڪونه ڪيو. منگهن مل اڌارام ان منظر کي بيان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري شاديءَ جي سلسلي ۾ پاڻ ۾ ملندا آهن، تڏهن ڇوڪري جو سڄو ڌيان ڇوڪريءَ جي ٻاهرئين حسن تي هوندو آهي، پر ڇوڪري ڇوڪري کي ان نظر سان ڏسندي آهي ته هيءُ آهي اهو ماڻهو، جنهن سان مون کي باقي سموري زندگي گذارڻي آهي. ان ڪري عورت ۾ گنڀيرتا ۽ سوچ ويچار وڌيڪ هوندو آهي.
    وهانوَ جا سارا بندوبست منهنجي غير موجودگي ۾ ڪيا ويا. اسان جهڙي تمام گهڻيءَ ويجهڙائيءَ وارن ڪٽنبن ۾ مٽ مائٽ پاڻ ۾ گڏجي شادي جون تياريون ڪندا آهن. ان ڪري جيڪڏهن مان هندستان ۾ کڻي هجان به ها، يا چاهيان به ها، ته به ايترو ڪجهه ڪري نه سگهان ها. هونءَ به مان ته پرديس ۾ پنهنجي نوڪري تي هئس. مان جپان ويل هوس جو اتي مونکي وڏي ڀاءُ جي تار ملي. لکيل هو، “تنهنجو مڱڻو ٿي ويو. واڌايون هجنئي.”
    مائٽن طرفان طئه ڪيل شادي جو خيال ئي ڪجهه عجيب لڳندو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪن کي بي وقوفي جو به لڳي. خاص ڪري انهن ماڻهن کي جن جي سماج ۾ شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو ملڻ، هڪ ٻئي کي پرکڻ۽ پسند ڪرڻ عام ڳالهه ليکي ويندي آهي. اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته ٿوري تڪليف ڪري هن رواج کي سماجي توڙي سڀيتائي نظر سان به ڏسن. کين ارينجڊ مئريج هروڀرو ايترا خراب نه لڳندا. مان ان پراڻيءَ رسم جي طرفداري نٿو ڪريان. پر ان قديم رواج ۾ ڏاهپ ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
    هندستان ننڍي کنڊ بجاءِ پنهنجي سر هڪ کنڊ آهي. منجهس ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، هزارين لهجا آهن، کوڙ سارا ڌرم ۽ ڌرمن جا حصا آهن، ذاتيون آهن، ذاتين ۾ وري گهراڻا آهن. هر ڌڙي جي زندي گذارڻ جو طريقو علحدو آهي، عادتون جدا جدا آهي، رسمون ۽ رواج ڀانت ڀانت جا آهن. انهن جا رنگ، قدڪاٺ، جسم هڪ جهڙا ناهن، نسل ڌار ڌار آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ هندستان هڪ ملڪ ناهي، سوين ملڪن جو هڪ ميڙ آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته آخر هنن هيترن سارن مختلف ماڻهن ۾ اها ڪهڙي هڪ جهڙائي آهي جيڪا کين هڪ قوم جي مالا ۾ پوئي ٿي.
    اهڙن ڇڙوڇڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انبوهه ۾ مائٽن طرفان بندوبست ڪيل شادي جي ڏاهپ سمجهه ۾ اچي ٿي. اهي شاديون قومي سڃاڻپ جي سلسلي کي جيئرو رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. ڪنهن خاص سماجي ۽ سڀيتائي ماڻهن جي گروهه ۾ پراڻن رشتن کي قائم رکڻ ۽ نوان واسطا جوڙڻ جو وسيلو بنجن ٿيون. شاديءَ جو سمورو زور هوندو آهي ڪٽنب تي، ان ڪري شاديءَ کي به هڪ فرض سمجهي نباهڻو پوندو آهي. هندستاني روايت ۾ شادي جي ڳنڍ ٻڌڻ فقط هڪ علامتي رسم آهي. پيار ان ٻنڌڻ مان پوءِ پاڻ ئي ڦٽي نڪرندو آهي.
    فرد ته اهم آهي ئي، پر جيون ساٿي جي چونڊ ۾ ٻيون به گهڻيون ڳالهيون ڏسڻيون ٿيون پون، جهڙوڪ سماجي، سياسي ۽ مالي برابريون، ڇو ته زور وري به ڪٽنب تي ئي آهي. ان موقعي تي وڏڙن جي سياڻپ ۽ ڀروسو ڏاڍو ڪم ايندو آهي.
    هن سسٽم ۾ ڪي بچاءَ جا ڳڙکا (Safety Valves) به هوندا آهن. وڏو ڪٽنب پتي پتنيءَ جي ناراضگيءَ واري صورت ۾ سرچاءَ جو ڪم ڏيندو آهي. ٻار وڏي گهر ۾ رهي ٻين گهرڀاتين جي گهُرجن ۽ ضرورتن جو پورائو ڪرڻ سکندا آهن. کين پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. گهر جي وڏڙن جي سمجهاڻين، نصيحتن ۽ سياڻپ وارين ڳالهين وسيلي منجهن ڪٽنب جي پيار ۽ پاٻوهه جهڙين روايتن جي عادت پوندي آهي. اهي ڪجهه هاڪاري پاسا آهن ان سماجي روايت جا، جيڪا هندستان ۾ قديم زماني کان هلندي اچي.
    مان ائين هرگز ڪونه چوندس ته هيءَ رسم اختيار ڪرڻ سان سرڳ جا دروازا کلي پوندا. ان جي ابتڙ، ريت رسم، رواج ۽ روايت جي نالي ۾ ڪيل ڪيتريون ئي ڳالهيون غير واجبي ۽ نامناسب پڻ آهن. ڪيترائي مثال موجود آهن جن ۾ زوريءَ ڪرايل شاديون توڙي ننڍيءَ عمر ۾ رچايل وهانوَ وڏيءَ تڪليف، پيڙا ۽ ڀوڳنا جو سبب بنيا آهن.
    پر وري سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيار جو پرڻو يا شادي کان اڳ ڇوڪري ڇوڪريءَ جو آزادي سان ميل ميلاپ وڌيڪ سٺو حل آهي؟ يورپ ۾ جيڪو ڪجهه شادي جي پوتر ٻنڌڻ سان ٿي رهيو آهي ۽ ڪٽنب جي جيڪا درگت بڻي آهي، ان تي سوچ ويچار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. اهي سماجي خانداني روايتن تي زور ڏيڻ بجاءِ شخصي آزادي جي وڌيڪ حمايت ٿا ڪن. پر عام طور ائين سمجهيو ٿو وڃي ته پيار جي شادي هجي يا شادي کان اڳ ميل ميلاپ، انهن مان ڪا به ڳالهه ڪامياب ۽ سکي زندگي جي ضمانت نٿي ڏئي. بلڪ ان جي ابتڙ، جڏهن شادي کان پوءِ پيار جو ڀوت سر تان لهي ويندو آهي ۽ زندگي جون سچايون سامهون اينديون آهن، تڏهن ڪيتريون ئي شاديون واريءَ جي محل جيان ڀُرنديون نظر اينديون آهن. اهڙين شادين کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ وچ ۾ خاندان يا ڪٽنب ڪونه هوندو آهي، جيڪو سندن سرچاءَ جو بار پنهنجي سِر تي کڻي. ان سموري گفتگو جو آخري نتيجو اهو ٿيو ته شادي چاهي ارينجڊ هجي يا پيار جي، ٻنهي حالتن ۾ ٻنهي ڌرين کي وڏيءَ محنت ۽ قربانيءَ کان ڪم وٺي پنهنجيءَ شادي کي ڪامياب بنائڻو پوي ٿو. همدردي، سوچ-لوچ ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. جيڪا ڳالهه يورپ وارن لاءِ چڱي آهي، سا ضروري ناهي ته اسان لاءِ به چڱي هجي. اوڀر ۽ اولهه اڄ به ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪ ٻئي کان هزارين ڪوهه پري آهن.
    انهن سببن ڪري انڊيا جي شهري علائقن ۾، پڙهيل لکيل ماڻهو اڄ به مائٽن يا ٻين هٿان بندوبست ڪيل شادي کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا. نئين پيڙهي البت شادي جي معاملي ۾ وڌيڪ آزادي گهري ٿي. هو چاهين ٿا ته پنهنجو جيون ساٿي پنهجي مرضيءَ سان چونڊين. مائٽ به کين مڱڻي کان پوءِ وڌيڪ وقت ڏين ٿا ته جيئن هو پاڻ ۾ گهلي ملي، هڪ ٻئي کي چڱي ريت جاچي ۽ پرکي ڏسن. گلف ۾ رهندڙ پرڏيهين جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي ته وطن ۾ سندن مٽ مائٽ سندن جيون ساٿيءَ جي چونڊ ڪن. ڪنوارپ ۾ ته کين پنهنجي ڪميونٽي سان گهڻو واهپو نٿو رهي ۽ پرڏيهه ۾ نوڪري جي دوران کين ايترو وقت ڪٿي جو ڪنهن ڇوڪريءَ ساڻ روح رهاڻ ڪن؟ هونءَ به زندگي جي ساٿي ڳولڻ ۾ ته دير لڳندي ئي آهي. ان ڪري جڏهن به پرديس ۾ ڪمائڻ وارو ڪوبه ڪنوارو وئڪيشن تي وطن موٽندو آهي ته موڪلن جي ٿورن ڏينهن ۾ اهو ڏکيرڙو ڪم ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. تڙ تڪڙ ۾ ڇوڪري پسند ڪرڻ، ساڻس اڪيليون ملاقاتون ڪرڻ، پسند ناپسند جو فيصلو ڪرڻ ۽ پوءِ مائٽن کي سڱ گهرڻ تي راضي ڪرڻ جهڙا اوکا ۽ وقت گهرندڙ ڪم ايتريءَ ٿوريءَ مدت ۾، ايترو جلدي اُڪلائڻ ممڪن ئي ناهي. آخرڪار ته سندس زندگي ڀر جي ساٿ جو سوال آهي.
    ان ڪري اهو سڄو بار وري به مائٽن جي ڪلهن تي آهي. پرڏيهي پکيئڙي کي سندن ئي پسند تي ڪنڌ ڌوڻڻو آهي.
    اڄ ڪلهه وڌ ۾ وڌ ماڻهو شادي وهانوَ لاءِ اخباري اشتهارن تي ڀاڙڻ لڳا آهن. هندستاني اخبارون شادي جي لاءِ الڳ ڪالم ڇاپينديون آهن، جن ۾ پرڏيهين جي لاءِ ڪنوار ڳولڻ جا به چڱا موچارا اشتهار هوندا آهن. شادي جو اميدوار موڪل تي ڳوٺ موٽڻ کان مهينو کن اڳ اخبار ۾ اشتهار ڇپائي ڇڏيندو آهي ته جيئن کيس گهڻي جنجال کان ڇوٽڪارو ملي ۽ چئن پنجن چونڊ ڇوڪرين مان ڪا به هڪ پسند ڪري وڃي مٿس هٿ رکي. هفتي کن اندر شادي جي بکيڙن مان واندو ٿي، مهينو کن نئين ڪنوار سان گڏ گذاري، موڪل ختم ٿيڻ تي گهوٽ پنهنجي نوڪري تي چڙهندو.
    ان سموري ڪاڄ ۾ ائين ڄڻ گهوٽ ويچاري جي ته ڪا هلندي ئي ناهي. هر ڪم ٻين جي هٿن ۾. ڪرتا ڌرتا ٻيا، رڳو وني پڙ پوندي گهوٽ جي. پر وٽس ٻيو ڪو چارو به ته ناهي. هو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ اسان جو سماج ته زنده ئي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي سهاري تي آهي. ڪٽنب جا ڪي فرض آهن ته وري ان جا ڪي حق به آهن. انهن فرضن ۽ حقن جي اڻ-ڏٺل ڌاڳي ۾ ٻڌل آهي سنڌي سماج جو هر فرد.
    جڏهن منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون پڪيون ٿي رهيون هيون، تڏهن مان ڪم ڪار سانگي ٻاهر ويل هوس. مونکي ڏور-اوڀر ۾ بزنيس جو ڪم ڪار هو. پر مون صلاح بيهاري ته موٽندي انڊيا مان ٿيندو ويندس. ان ڪري پندرهن ڏينهن موڪل لاءِ درخواست ڏئي ڇڏيم. بمبئي پهچي، پنهنجي شهر بڙودا ڏانهن راهي ٿيس. اسان سنڌين ۾ رواج آهي ته شادي هميشه گهوٽ جي شهر ۾ ٿيندي آهي. مان جيئن ته بڙودا جو رهواسي هوس. ان ڪري وهانءُ به اُتي ئي ٿيڻو هو. پر مون پنهنجي طرفان اهو راضپو ڏيکاريو ته پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار وينا جي شهر پوني ۾ وڃي شادي ڪندس. اهو صرف سولائيءَ خاطر ڪيم. منهنجي هڪڙي چاچي پوني ۾ رهندي هئي. اسان شاديءَ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن سندس گهر رهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهياسين ٿي. وينا جو پتا ڀاڳچند کياڻي اتي مئنوفيڪچرنگ جي ڌنڌي ۾ هو. سندن واسطو مشهور ڄاتل-سڃاتل سنڌي خاندان نولراءِ لوهيءَ سان هو. ورهاڱي ٽاڻي هو سنڌ مان لڏي آيا هئا. اسان جي شاديءَ وقت وينا جا ٽي ڀائر ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪندا هئا.
    جيئن ته پوني ڏانهن وڏي ڄڃ وٺي وڃڻ ڏکيو ڪم هو، ان ڪري اسان فيصلو ڪيو ته ڪن ٿورن ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي شاديءَ جو سڏ ڏجي. انهن مان به ڪجهه مائٽ ڪن سببن ڪري شادي تي پهچي نه سگهيا. ڀائرن ۽ ڀينرن مان منهنجي وڏي ڀيڻ، ستي، جيڪا لاگوس ۾ رهندي هئي، سا اچي نه سگهي. منهنجو ڀاءُ روچي به هانگ ڪانگ ۾ هو، اهو به شريڪ ٿي نه سگهيو. ٻي ڀيڻ راڌا انهن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر واري ڏانهن هانگ ڪانگ پئي وئي، تنهن پوني ۾ ترسي، خاندان سان گڏجي، شادي ۾ حصو ورتو. اسانجي شادي هڪ اسڪول جي هال ۾ ٿي. اٽڪل 100 کن مهمان آيا هئا، جن شادي جون واڌايون ۽ آئيندي لاءِ آسيسون ڏنيون. انهن مهمانن ۾ جي.بي. محبوباڻي به هو، جيڪو آءِ.ٽي.ايل. گروپ جو اڳوڻو چيئرمين رهي چڪو هو. شاديءَ جو بندوبست اڳ ۾ ئي رٿيل هو، ان ڪري اسان ٻنهي کي ايترو وقت ئي ڪونه مليو جو هڪ ٻئي سان شادي کان اڳ کلي ملون يا حال احوال ڪريون. دراصل اسان جو مڱڻو شادي کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيو. مڱڻي جي رسمن کان پوءِ بس ايترو وقت مليم جو وينا کي ٿوري دير لاءِ پاڻ سان ٻاهر وٺي ويس. ان ننڍڙيءَ ملاقات ۾ به سندس ڀيڻ اسان جو پيڇو نه ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين کي پنهنجي ٿيندڙ گهوٽ سان ٻاهر وڃڻ جي موڪل بنهه ڪانه هوندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن اسان پارو ڪو جوڙو ٿوري دير لاءِ به گڏبو هو ته ماڻهو کين “ماڊرن” هجڻ جو مهڻو ڏيندا هئا.
    شادي کان هڪ رات اڳ “گهڙي” جي رسم ٿيندي آهي، جنهن ۾ صرف تمام ويجها مائٽ شريڪ ٿيندا آهن. هڪڙي قسم جي Mother’s Day (مائرن جو ڏينهن) جهڙي رسم هوندي آهي، جنهن ۾ گهوٽ ماءُ ۽ ڪنوار ماءُ تي سڀني جو ڌيان هوندو آهي. ٻنهي کي هار ۽ ڪنڊيون پارايون وينديون آهن ۽ کين سوکڙيون پاکڙيون پڻ ڏنيون وينديون آهن.
    گهڻن هندستاني شادين ۾ رواج آهي ته شادي واري ڏينهن آيل مهمانن کي کاڌي جي دعوت ڏني ويندي آهي، پر اسان حيدرآبادين ۾ ائين ناهي. حيدرآبادي سنڌي، شاديءَ واري ڏينهن هلڪي ڦلڪي کائڻ جي ڪا شي ۽ پيئڻ لاءِ شربت يا بوتل وغيره ورهائيندا آهن. شادي جي دعوت، جنهن کي “ستاوڙو” چئبو آهي، سا ٻئي ڏهاڙي تي رکي ويندي آهي.
    ستاوڙي کان پوءِ اسان ٽرين رستي بمبئي کان ٿيندا بڙودا پهتاسين. مون کي دبئي جلدي پهچڻو هو، ان ڪري تمام ٿورو وقت وڃي بچيو هئم. ڏاڍو عجيب پئي لڳو. وينا ۽ مان هاڻي گهوٽ ڪنوار هئاسين، پر پيار ۾ اجنبي پئي لڳاسين. هڪ ٻئي جي باري ۾ تمام گهٽ خبر هئي سين ۽ وڏي ڳالهه ته مان پرڏيهه پئي اُسهيس، پاڻ سان صرف شاديءَ رات گهاريل ڪجهه موهڻين گهڙين جي ياد کڻي.
    ڪجهه نويڪلائي مختصر هني مون تي ملي. ان تنهائي لاءِ دل پئي ماندي ٿي. پران ٿورڙي وقت ۾ اسان ڪيئن پئي هڪ ٻئي جي دل جو احوال ڏئي سگهياسين. ڌاريائپ جو ٿورو پردو کڄيو، ڪجهه ويجهڙائي ٿي، ۽ بس. هني مون لاءِ اسان اوٽيءَ وياسين. اوٽي سائوٿ انڊيا ۾، تامل ناڊو جي هڪ خوبصورت پهاڙي جڳهه آهي، جتي انگريزن پنهنجا موهيندڙ اهڃاڻ ڇڏيا آهن. اسان ٽرين رستي بمبئي، پوني، بئنگلور ۽ مئسور کان ٿيندا، وڏو سفر سٽي اچي اوٽيءَ پهتاسين. نئين نئين شادي ٿي هئي، ان ڪري لکائي ڪانه پئي. وقت ڄڻ هڪ هنڌ بيهي رهيو هو. ٻن هزار روپين ۾ وڏي ٺٺ ٺانگر سان هني مون ملهائي اچي گهر پهتاسين. ان زماني ۾ ٻه هزار به وڏي وٿ هئي. هاڻي ته ان رقم کي ڪو چخي نٿو ڪري.
    بئنگلور ۾ اسان هڪ ڪاٽيج ڪرائي تي ورتي، جيڪا ووڊلينڊ هوٽل ۾ هئي. اها هوٽل تن ڏينهن ۾ فلمي ستارن ۽ سنگيتڪارن جي من پسند جڳهه هوندي هئي. مئسور ۾ به اسان اهڙيءَ ئي سٺي هوٽل ۾ ترسياسين. گهمڻ ڦرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ٻي ڪا تفريح هئي ته اها هئي سئنيما. مئسور ۾ اسان تازي رليز ٿيل فلم “ميرا سايا” ڏٺي، جنهن ۾ ساڌنا هيروئن هئي. فلم ۾ گانا ڏاڍا سٺا هئا. هڪڙو گانو جيڪو وينا کي ڏاڍو وڻيو سو هو. تو جهان جهان رهيگا، ميرا سايا ساٿ هوگا. تون جتي جتي به ويندين، منهنجو پاڇو تو سان گڏ رهندو. وينا ڀڄن ڏاڍا سٺا ڳائيندي آهي. آواز به مٺڙو اٿس. اهو گانو زبان تي اهڙو چڙهيس جو هر هر پئي جهونگاري. ڄڻ مونکي ور ور ڪري ياد پئي ڏياري ته مان سگهو ئي پرڏيهه وڃڻ وارو آهيان.
    اڃا اسان هڪ ٻئي جي ويجهو مس ٿيا هئاسين ۽ پيار جي پهرئين ڏاڪي تي پير مس ڌريو سين جو وڃڻ جي ويل اچي واسو ڪيو. جدائي جي ويچار ئي وڍ ٿي وڌا، مٿان وري اها اڻ تڻ ته هاڻي وري الائي ڪڏهن مُکا ميلو ٿيندو. رواج موجب وينا کي مون کان پوءِ مميءَ سان رهڻو هو. بمبئي تائين مون سان گڏ هلي. وڇوڙي جي گهڙي آئي ته ڀانيم، وڏيءَ مشڪل سان لڙڪ لڪائي رهي هئي.
    انهن ڏينهن ۾ بمبئي جي ايئرپورٽ تي ايڏي ڀيڙ ڪونه هوندي هئي. هر شئي پئي ڏيکاربي هئي. توهان جهاز جي ڏاڪڻ تان مڙي پنهنجن دوستن يا مائٽن کي هٿ لوڏي خدا حافظ چئي سگهيا ٿي. جهاز جي در تي بيهي آخري ڀيرو هڪ نظر کين ڏسي سگهيا ٿي. هاڻي ته توهان ٽرمينل ۾ گهڙڻ کان پوءِ اکين کان اوجهل ٿي ويندو.
    جهاز ۾ مونکي سيٽ ڀڳوان بابلاڻيءَ جي ڀر ۾ ملي. بابلاڻي جشن مل وٽ سينئر مئنيجر هو. هن شرارت وچان منهنجي قميص تي لڳل لپ اسٽڪ جي نشان ڏانهن اشارو ڪيو، پر مونکي ڪابه ڦڪائي ڪانه ٿي. پنهنجي من ۾ سوچيندو رهيس، “هائو، مان پاڻ سان گڏ دبئيءَ وينا سان گهاريل ڪجهه يادگار ڏينهن جي نشاني کڻي وڃي رهيو آهيان.”
    ٽيليفون ته هئا ڪونه، سو هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ جو هڪ ئي ذريعو هو، اهو هو، خط لکڻ. وينا هڪ خاص قسم جي ڪاغذ تي خوشبو ڇٽي، مون ڏانهن خط لکندي هئي. هفتي ۾ ٻه خط کانئس ايندا هئا. خط ڇا هئا، پيار جي اُڌمن جو هڪ ساگر هو، جو ڪاغذ مان ڇلڪي پوندو هو. مان ور ور ڪري پيو اهي ساڳيا خط پڙهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو دير دير تائين سندس لفظ لفظ کي پيو گهوريندو هوس. اکيون ٿڪجي پونديون هيون، دل نه ڀربي هئي. ايڏو سنيهه هو سندس لکڻين ۾. خبر ئي ڪانه هيم ته آخر ڪڏهن وينا کي وٺي دبئي اچي پاڻ سان گڏ رهائيندس. ڪمپني جي قاعدن موجب هر ٻئي سال پگهار ۽ خرچ پکي سميت ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ملندي هئي. منهنجي وينتيءَ تي ڪمپني وارن قرب اهو ڪيو جو هر ٻئي سال ٻه مهينا موڪل ڏيڻ بدران هر سال هڪ مهينو موڪل ڏيڻ منظور ڪيائون. ان کان سواءِ مون ڇا ڪيو جو جڏهن به بزنيس سانگي ڏوراوڀر ملڪن ڏانهن وڃڻ ٿيندو هوم، تڏهن ٿورڙو وقت ڪڍي وينا سان ملڻ لاءِ بڙودا مان به چڪر هنيون ايندو هوس. اهڙي طرح مان گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي ڪٽنب سان ملي ايندو هوس.
    وينا به سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا دبئي جو چڪر هڻي ويندي هئي، ان ڪري سنگت ساٿ ۾ اسان جي وڏي لئه هوندي هئي، ڇو ته ٻيا ويچارا پنهنجي گهروارن کي پاڻ وٽ گهرائي نه سگهندا هئا ۽ پاڻ هر ٻن سالن کان پوءِ وڃي مس مس گهران ٿي ايندا هئا. ڪمپني جا قانون سخت هئا ۽ گهڻي ڀاڱي ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ٻن سالن کان پوءِ ئي موڪل ڏينديون هيون. ڪي ويچارا ته اها موڪل به ڪونه وٺندا هئا ته جيئن اهي چار ڏوڪڙ به بچائي سگهن.
    اهڙين حالتن ۾ نئين شادي ڪيل جوڙي سان ڪهڙي جُٺ هوندي، سا ته توهان ڀلي ڀت سمجهي سگهو ٿا. ٻن هفتن ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي؟ زال سان پوري ڏيٺ ويٺ به نٿي ٿي سگهي. اڃا مُرڪڻ جهڙا مس ٿيندا هئاسين جو ٽائيم اچي پورو ٿيندو هو. پتي وئي کان پوءِ ڪنوار وري به سسُ سان گڏ گذاري. سَسُ به ڌاري. اهڙين ڇوڪرين جي من جي ماجرا اهي ئي سمجهي سگهندا، جيڪي ان عذاب مان گذريا هوندا. پتيءَ سان ٻه ٽي هفتا گڏ گذارڻ کان پوءِ وڇوڙو، ۽ وڇوڙي کان پوءِ ساهراڻي گهر ۾ اجنبي ٿي گذارڻ. نه ڪو پُڇڻ وارو، نه ڳاڇڻ وارو. گهر جا ٻُڍا ۽ ٻڍيون همدردي جو اکر به نه اُڪلن، سي ڇا ڄاڻندا ويچاري نئين نويل ونيءَ جي جيءَ جا جهير؟ اهڙين دکي نارين جي درد کي هاڻي انڊيا توڙي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ مٿن ڪهل ڪئي ٿي وڃي. اهڙيءَ حالت کي “گلف جو اهڃاڻ” (Gulf Syndrome) چوندا آهن.
    شادي کان هڪدم پوءِ گهوٽ جي جدائيءَ ڪيترين ئي نوجوان ڇوڪرين کي ذهني مريض بنائي ڇڏيو آهي. اونداهي، اڻ ڄاتي آئندي جي اُن تڻ ۽ ساهرن سان گڏجي سڏجي رهڻ جون ڏکيائون ۽ نئين وايو منڊل جون ڪٺنايون، ڪنهن به ناريءَ جو جيون نرڳ بنائڻ لاءِ ڪافي آهن. 1970 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ ان وشيه تي گهڻا ڪاڳر ڪارا ڪيا ويا، ودوانن ريسرچ ڪئي ۽ هٿ ڪيل معلومات کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپايو ويو. اِهو اُهو وقت هو جڏهن گلف مان تيل هٿ آيو هو ۽ ماڻهن جا انبوهه گهر گهاٽ ڇڏي ننڍي کنڊ کان نار جي طرف روزگار خاطر لڏڻ لڳا هئا.
    ڪهاوت موجب، انڊلٺ جي پرينءَ ڀر سونو ڪٽورو حاصل ڪرڻ لاءِ، پرڏيهي، زندگي جون ڪيتريون ئي خوشيون ماڻڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. پر اُن ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي. پنهنجي پسند ماڻڻ لاءِ کين ڪا ته قرباني ڏيڻي آهي ۽ سندن پسند آهي دبئي پهچڻ، ته جيئن حياتي بي اُلڪي گذاري سگهن.
    پر، ڇا اها قيمت تمام وڏي آهي؟ پنهنجي پهرئين شوق ۽ امنگ ۾ جڏهن هو جهاز تي چڙهي وطن جا وڻ ڇڏين ٿا، تڏهن شايد کين اهو احساس ئي ڪونه ٿيندو آهي ته هو پوئتي ڇا ڇا ڇڏي ٿا وڃن. پوءِ جڏهن ڪجهه سال گذرڻ بعد هو وهي کاتو کولي حساب ڪتاب ڪن ٿا ته کين پتو پوي ٿو ته هو حياتيءَ جا اهي حسين پل پٺيان ڇڏي آيا آهن، جيڪي کين ٻيهر ڪڏهن به ملڻا ناهن.
    برسات جو ئي سوچيو. ويچار ڪريو ته توهان دري جي اوٽ ۾ بيٺا آهيو ۽ ٻاهر بارش جو سنگيت سُرَ وکيري رهيو آهي. ڪاٺين مان ڀنڀٽ ڪري ٻرندڙ اُن باهه جي باري ۾ سوچيو، جيڪا ڪنهن سياري جي صبح جو اوهان کي ان وقت گرمائش پهچائي ٿي جڏهن سرد هوا جا جهوٽا ڪڻڪ جي سون جهڙن سنگن سان ڇيڙڇاڙ ڪندا آهن. ڳوٺ ٻاهران دور تائين ڦهليل تلاءَ متعلق سوچيو، چهچ ساين پهاڙين ۽ ماٿرين ۽ بازارن کي ياد ڪريو. موسمون، ميلا ملاکڙا، مٽن مائٽن جون گڏجاڻيون، شاديون مراديون، جنم ۽ موت، هڪ هڪ ڪري سڀن کي ساريو. ڇا، اسان مان هر هڪ، جيڪو ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ۾ آيو آهي، خاص ڪري گلف جي صحرائي ملڪن ۾، ڪڏهن ڪڏهن انهن ننڍين خوشين کي ياد ڪري وياڪل نه ٿيندو هوندو؟
    اهو سڀ ڪجهه ڇڏي اسان اهي وٿاڻ وسايا آهن، جتي پاڳل به پير ڌرڻ پسند نه ڪن. نوڪريءَ جا زنجير پرديسين کي پيار ته پري رهيو، هني مون جون چند گهڙيون به سُک سان گذارڻ نٿا ڏين. نئين نويلي ڪنوار کي چڱيءَ ريت ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ ئي اڪيلو ڇڏڻ تي مجبور ٿا ڪن. سال ٻن جي جدائيءَ کان پوءِ ٻيهر موٽڻ به ڪهڙو موٽڻ چئبو؟ جنهن عورت کي توهان گهونگهٽ ۾ ڇڏي ويا هئا، سا هاڻي وڌيڪ اوپري ٿي چڪي هوندي.
    يا جڏهن ڪو ٻار ڄمي ٿو، تڏهن توهان سندس ٻالڪپڻي جون معصوم مُرڪون ڏسي ٿا سگهو؟ سندس ٽهڪ، هونگارون، ٻاتڙي ٻولي ۽ پهريون پنڌ، سڀڪجهه ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ کان محروم رهجي ٿا وڃو.
    جڏهن هو انهن گهڙين کي ياد ڪن ٿا، جڏهن پنهنجي پتڪڙي ٻار جو پنکڙين جهرو ڪومل هٿ جهلي کيس پنڌ ڪرڻ سيکاريو هئائون، تڏهن سندن دل ۾ ڄڻ ڪا ڇيت چڀي ويندي آهي. کين اڃا به پنهنجي ننڍڙي جي بدن جي خوشبو ايندي آهي، توڙي جو هو کانئن سوين ڪوهه پري هوندا آهن. کين اهي پل رکي رکي ستائيندا آهن، جيڪي هنن پنهنجن پيارن سان گذاريا هوندا.
    هيءَ به ڪهڙي زندگي آهي؟ ياد گيرين جي سهاري جيئڻ به ڪو جيئڻ چئبو؟ اهي کن، جي سندن زندگي جي سونهن آهن ۽ جي ٻيهر موٽي نه ايندا ۽ اهي کن ڄڻ ڪو ڌاڙيل ڌاڙو هڻي کانئن هميشه جي لاءِ کسي رمندو رهيو.
    ڪيئي سال اڳ راجڪپور هڪ انٽرويو لنڊن ۾ ڏنو هو. اهو دل تي تري آيو اٿم. هندستاني فلمن جي ديومالائي هيرو چيو: “حياتي گذارڻ لاءِ اسان سخت پورهيو ڪريون ٿا، پئسي جي پويان ديوانن جيان ڊوڙندي زندگي فقط ان آسري تي ڳاري ٿا ڇڏيون ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان ان ئي پئسي جي سهاري سُکي جيوت گهاري سگهنداسين. پر جڏهن دولت اچي ٿي ۽ اسان جا خواب ساڀيان ٿيڻ جي ويجهو پهچن ٿا، تڏهن اوچتو پتو پوي ٿو ته هاڻي زندگي ۾ بچيو ئي ڇا آهي؟”
    ڪيتري نه سچي ڳالهه ڪئي هئي راجڪپور! اهي ساڳيا ويچار پنڪج اُڌاس پنهنجي گيت “چٺي” ۾ ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ چيا آهن: “توني پيسا خوب ڪمايا، اس پيسي ني ديس ڇڙايا. پنڇي پنجرا توڙ ڪي آجا، ديس پرايا ڇوڙ ڪي آجا. آجا، عمر بهت ئي هئه ڇوٽي، اپني گهر ۾ ڀي هي روٽي.”
    مون به پنهنجي جيون جون ڪيئي سونهري گهڙيون گنوائي ڇڏيون. اهڙا موقعا به آيا، جڏهن منهنجي اتي موجودگي شايد اسان جي زندگي جو رخ ئي موڙي ڇڏي ها. منهنجي پهرئين ٻار جو ئي کڻي مثال وٺو. ڪڪو جنم کان پوءِ ڪجهه هفتا مس جالي سگهيو. مان ان وقت بڙودا ۾ هوس، جڏهن هو ڄائو هو. اسان جون خوشيون اڌوريون رهجي ويون، جڏهن ڪَلَ پئي ته ننڍڙو ٺيڪ ناهي. کيس زنده رکڻ لاءِ خاص دوائن ۽ پرگهور جي ضرورت هئي. اهڙي موقعي تي وينا کي منهنجي ويجهڙائي ۽ ساٿ ۽ سهاري جي سخت ضرورت هئي. پر مون کي ڪنهن به حالت ۾ جپان وڃڻو هو. مان چاهيندي به ترسي نٿي سگهيس. مان ڊيوٽي کي پٺي ڏئي نٿي سگهيس، لاچار هوس!
    دل کي اهو آٿت هئم ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ منهنجا گهروارا ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندا. جپان پهچي خبر پيم ته منهنجو پٽڙو گذاري ويو. منهنجي هانوَ تي ڪات وهي ويا. روح رتوڇاڻ ٿي ويم. هر ساههُ سڏڪو بنجي ويو. چيم، ڪاش! مان اتي هجان ها! شايد مان ڀڄ ڊوڙ ڪري کيس بچائي وٺان ها. شايد ڪو چمتڪار ٿي پوي ها. پر پوءِ دل کي اهو چئي آٿت ڏنم ته شايد ڌڻي جي اها ئي مرضي هئي. شايد مان به ڪجهه نه ڪري سگهان ها. شايد ڪوبه ڪجهه نه ڪري سگهي ها. دل تي پٿر رکي چپ رهيس، ڪڇيم نه پڇيم. پنهنجو فرض پورو ڪندو رهيس.
    واپسي تي وينا کي دلاسو ڏيڻ لاءِ هندستان مان ٿيندو ويس. دک، درد ۽ پيڙا جي پولارن ۾ ڀٽڪي رهي هئي وينا. شادي جي ڇهن سالن کان پوءِ اهو اسان جو پهريون ٻار هو. سندس ڏک ڏهوڻو پئي لڳو. موت ويلي جي ان ساڻس گڏ هجان ها ته شايد ڪجهه همت ساري سگهي ها. پر هن ڪڏهن به اندر جي آهه مون تائين پهچڻ نه ڏني. نه وري نااميديءَ جو اظهار ڪيائين. منهنجي دل رکڻ خاطر هوءَ دل ئي دل ۾ روئندي رهي، ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين.
    مون موت کي جوت بنايو آ،
    ڇا تک هُجي يا تاءُ، ميان!
    جڏهن وينا ٻيهر ڳورهاري ٿي، تڏهن پنهنجي کاڌي پيتي جو ڏاڍو خيال رکيائين. هلڻ چلڻ ۾ به حد کان وڌيڪ سنڀال رکڻ لڳي. مون به ڏاڍي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هڪ سٺي اسپتال جي چونڊ ڪئي. وينا پاڻ کي بڙودا جي مشهور اسپتال مهاراڻي شانتا ديوي نرسنگ هوم ۾ رجسٽر ڪرايو. ڊاڪٽر وياس مٿس وڏا وڙ ڪيا ۽ هر طرح سندس دلجوئي ڪئي. وينا زور ڀريو ته ويم آپريشن وسيلي (Caesarean) ٿئي، ڇو ته هن نه پئي چاهيو ته قدرتي ويم سان ڪٿي ٻار جي حياتي خطري ۾ نه پئجي وڃي.
    اڄ جون عورتون آپريشن (Caesarean Section) کان پوءِ ٻن ڏينهن جي اندر موٽي وينديون آهن، پر انهن ڏينهن ۾ اهو تمام وڏو آپريشن ليکيو ويندو هو. خاص ڪري بڙودا جهڙي ننڍڙي شهر ۾ هروڀرو ايڏيون گهڻيون سهولتون به ڪونه هيون. ماءُ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه ڏينهن بستري داخل رهڻو پوندو هو. ٻه هفتا ته غلسخاني تائين وڃڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. گيهه يا تيل جو سڻڀ وارو کاڌو کائڻ جي سخت منع هوندي هئي. مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ اسپتال پڇڻ ايندڙ مائٽن توڙي دوستن کي وڏيءَ گنڀيرتا سان چوندي هئي، “وڏيءَ آپريشن سان ٻار ڄائو آهي.”
    اسان جو ايندڙ ٻار، گؤري، اسان جي حساب سان اسان جي شادي جي سالگرهه جي لڳ ڀڳ ڄمڻ واري هئي. سندس جنم جي تاريخ جو فيصلو اسان جي هٿن ۾ هو، ڇو ته هوءَ آپريشن وسيلي ڄمڻ واري هئي. نئين ٻار جي اچڻ تي اسان ڏاڍا اُتاولا هئاسين، خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن اسان جو پهريون ٻار ڄمندي ئي اسان کان وڇڙي ويو هو. ڇوڪريءَ جي ڄمڻ تي مان ارهو ڪونه ٿيس. منهنجي لاءِ ان سان ڪو فرق ڪونه پئي پيو ته نئون ٻار ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري. پر اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته انڊيا ۾ پٽ جي ڄمڻ تي گهڻيون خوشيون ڪيون وينديون آهن. هر ڪنهن جي دلي خواهش به اها هوندي آهي ته جيڪر پُٽ ڄمي. انڊيا جي سماج ۾ شروع کان ئي ائين ٿيندو آيو آهي ۽ ماڻهن جي سوچ مٽائڻ سولو ڪم ناهي. اها سوچ سماجي، سڀيتائي ۽ مالي مجبورين سبب پيدا ٿي آهي.
    جيئن ته منهنجو انڊيا وڃڻ جو ڪو خاص ٽائيم مقرر ڪونه هوندو هو، جڏهن موقعو ملندو هئم، ڪجهه ڏهاڙا بڙودا ۾ گذاري ايندو هوس، ان ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رٿابندي ڪري نه سگهيس. آپريشن کان پوءِ ڊاڪٽر جهلي ڇڏيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن تائين ٻئي ٻار کان پرهيز ڪجو. ان ڪري خيال رکندا هئاسين. پر هر طرح جي خيال رکڻ جي باوجود، گؤريءَ جي ڄمڻ کان اٽڪل هڪ سال پوءِ وينا وري اميد سان ٿي. انهن ڏينهن ۾ چوندا هئاته جيڪڏهن پهريون ٻار آپريشن سان ٿئي ته پوءِ ٻيو ٻار به هر حال ۾ آپريشن ذريعي ئي ٿيڻ گهرجي. اهو به چوندا هئا ته آپريشن مٿان جلد ٻيو آپريشن خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اسان فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿئي، اسان کي ٻيو ٻار گهرجي.
    ڊاڪٽر وياس جو چوڻ هو ته گرڀ هئڻ سبب وينا کي ٻار ڄمڻ تائين بڙودا ۾ ئي رهڻ گهرجي ته جيئن ڊاڪٽرياڻي سندس نظرداري ڪندي رهي. دراصل ڊاڪٽرياڻيءَ ٻيهر آپريشن ڪرڻ کان ڪيٻايو پئي. ان ٽاڻي منهنجو وڏو ڀاءُ به بڙودا ۾ موجود هو. هڪ ڌيءَ کان پوءِ هن جي دلي مراد هئي ته جيڪر هن ڀيري پُٽ ڄمي ته جيئن پيڙهي قائم رهي. حساب لڳايوسين ته ٻار جو جنم ڏينهن جنم اشٽمي تي ٿي بيٺو، جيڪو ڪرشن مهراج جو پڻ جنم ڏينهن آهي.
    هوتوءَ کي ڀلا هجي هوراکورا، سو وڃي پنڊت کان پڇيائين. موٽيو ته سرهو پئي لڳو. چيائين، پنڊت ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ويم جنم اشٽمي تي ٿيندو ته ٻار پڪ ئي پڪ ڇوڪرو هوندو. منهنجو ٻيو ٻار جنم اشتمي جي ڏڻ تي ئي ڄائو ۽ جنم به بنا آپريشن جي ٿيو، پر چيتنا ڇوڪري نڪتي! مان ائين ته ڪونه چوندس ته جوتش وديا غلط آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن حساب ڪتاب ۾ ڀُل به ٿي ويندي آهي.
    هاڻي ته ويتر ڏکيو ٿي پيو ته منهنجا ٻار اچي مون سان دبئي ۾ گڏ ٿين. آئيندي جي لاءِ به ڪي اهڙا آثار نظر نٿي آيا. ٻه ٻار ساڻ کڻي وينا دبئي جو سفر سٽي، سو به اوکو پئي لڳو. ان ڪري وينا جڏهن به دبئي ايندي هئي ته ننڍڙي ڪڪيءَ کي ڪڏهن منهنجي ماءُ يا پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ يا پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ ڇڏي ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻئي ٻار هندستان ۾ ڇڏي اڪيلي سر هلي ايندي هئي. گهڻو ڪري ٻه مهينا کن رهي واپس موٽي ويندي هئي.
    منهنجي آمدني هاڻي ايتري ٿي وئي هئي جو مان پنهنجي ڪٽنب کي دبئي ۾ ته گهرائي پئي سگهيس، پر سندن اچڻ ڪري منهنجي بچت گهڻي گهٽجي وڃي ها. ان ڪري مون کين پاڻ وٽ گهرائڻ جي باري ۾ ڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچيو ئي ڪونه. وينا به اچڻ لاءِ زور بار ڪونه ڪيو. ان جي ابتڙ، هن انڊيا ۾ رهڻ وڌيڪ پسند پئي ڪيو. کيس خبر هئي ته مون کي ڪم کان واندڪائي ملڻي ناهي. ڄڻ ڪم ڪرڻ جي بيماري اٿم. کيس يا ٻارن کي وقت ڪيئن ڏئي سگهندس؟ ان ڪري هن جي لاءِ جهڙي دبئي، تهڙي بڙودا.
    وينا کي منهنجي ڪاروباري مشغولين جي ته اڳ ئي خبر هئي. کيس اها به ڄاڻ هئي ته مان پنهنجي ڪم ۾ هر وقت غلطان رهندو آهيان. مٿي کنهڻ جيتري به فرصت ڪونه ملندي اٿم. مونکي سپلائرن ۽ گراهڪن جو خيال رکڻو پوندو آهي. ساڻن ملڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو آهي. هن کي اهو به معلوم هو ته منهنجي سوشل لائيف منهنجون گهڻي قدر راتيون ڳاري ڇڏيندي آهي. ٻه ٻار ساڻ کڻي، بنا نوڪر چاڪر جي، دبئي اچي رهڻ جو هوءَ به ساهس ساري نه پئي سگهي. انڪري هن انڊيا ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ اوليءَ سوليءَ ۾ ڪم اچڻ لاءِ مٽ مائٽ ته هئس. بس ان ۾ ئي راضي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ دبئي هلي ايندي هئي.
    اسان اهڙيءَ ريت 18 سال ساندهه گهاريندا رهياسين. هاڻي جڏهن پٺتي مڙي ڏسان ٿو ته وينا جي قربانين جي واکاڻ ڪرڻ بنا رهي نٿو سگهان. هن کي جس آهي ته ڪٽنب جي ڀلائيءَ ڪارڻ هن ايڏا اهنج ڏٺا. منهنجا گهر ڀاتي بڙودا مان پوني لڏي ويا هئا، جتي وينا، ٻار، منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀاءُ جو ڪٽنب گڏ رهندا هئا. جڏهن اسان پوني ۾ گهر ورتو، منهنجي ڀاڀي پنهنجن ٻارن سميت گهرواري سان گڏرهڻ لاءِ هانگ ڪانگ هلي وئي. ممي اسان سان گڏ رهڻ لڳي.
    ٻن ڌيئن کان پوءِ هاڻي مون کي پُٽ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. چيتنا جو جنم بنا آپريشن جي ٿيو هو، ان ڪري ٽئين ٻار جي اچڻ تي ڪا چنتا ڪانه هيم. وينا کي ٽيون ٻار تڏهن پيٽ ۾ ٿيو، جڏهن اندرا گانڌيءَ انڊيا ۾ ايمرجنسي لڳائي هئي. جڏهن ٽين ڌيءَ جنم ورتو، تڏهن به مان هندستان ۾ ڪونه هوس. ايمرجنسيءَ ۾ شهرين جا بنيادي حق روڪيا ويندا آهن. منهنجو انڊيا اچڻ ۽ واپس وڃڻ جو حق مون کان کسيو ويو. ان ڪري ڏکيائيءَ جي ان گهڙيءَ ۾ مان پنهنجي پتني جي ويجهو رهي نه سگهيس. مون کي پنهنجي ٻار جي ڄمڻ جي خبر چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ پئي. هن ڀيري به مون کي ڌيءُ ڄائي هئي. اسان سندس نالورکيو ريکا.
    منهنجي شادي ٿي هئي 1966ع ۾ ۽ وينا ۽ اسان جا ٻار انڊيا ۾ رهيا 1985ع تائين. اها جدا ڳالهه آهي ته هو سڀ گڏجي يا الڳ الڳ دبئي ايندا رهندا هئا. منهنجي وڏي ڌيءَ گؤري، جيڪا هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، تنهن مون کي مڃايو ته مون کي پنهنجي گهر ڀاتين کي دبئي گهرائڻ گهرجي. وينا جي انڊيا ۾ رهڻ جي ڪارڻن مان هڪ اهو به هو ته هن منهنجي ماءُ جي سيوا ڪرڻ پئي چاهي. ممي پوني ۾ رهندي هئي.
    هوتو اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀين رن جي باري ۾ ڏاڍو جذباتي هو. دادا جي لاڏاڻي وقت هوتوءَ جي عمر 13 سال هئي. ان کان پوءِ هن سڄي گهر جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ هر طرح جون قربانيون ڏنيون. ان ڪچيءَ ڄمار کان وٺي هوتوءَ جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون سٺيون، تنهن کيس گهر جي هر ٻار ٻچي سان ايڏو پيار ۾ جڪڙي ڇڏيو، جو هو نه چاهيندو هو ته اسان مان ڪوبه هڪ ڪڏهن به ڪو غلط فيصلو ڪري پاڻ کي هاڃو پهچائي. هن کي اسان جي ننڍي ڀاءُ روچيءَ جي وڌيڪ اڻ تڻ رهندي هئي. هڪ ته هو ننڍو هو، ٻيو اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيل هو. شڪل صورت ۾ به ٺاهوڪو هو ۽ هميشه ٽپ ٽاپ رهندو هو. جڏهن ڦوهه جواني کي پهتو، تڏهن گهر جي مالي حالت به ڪجهه سڌري وئي هئي، اِن ڪري انجي شاديءَ لاءِ چڱن ڀلن گهرن مان سجهاوَ اچڻ لڳا.
    هوتوءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته روچيءَ جي شادي ڪنهن نالي واري وڏي خاندان مان ڪرائيندس؛ پر روچيءَ اڳي ئي پنهنجي جيون ساٿي جي باري ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو. روچي هانگ ڪانگ جي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. ساڻس گڏ ورجينيا نالي هڪ ڪرسچن ڇوڪري ڪم ڪندي هئي. هو ان سان نينهن جو ناتو ڳنڍي ويٺو ۽ ڳالهه وڃي شاديءَ تائين پهتي. هوتوءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته ويچاري جا ڇهه ئي ڇڄي پيا. ڏک به ڏکن جهڙو ٿيس. جيڪي آشائون ۽ اميدون سالن کان دل ۾ سانڍي رکيون هئائين، سي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيون. مميءَ ٻاهران ته ڪجهه ڪونه چيو، اندر ۾ ضرور دکي ٿي هوندي. ويچاريءَ سڄي ڄمار ايترا ڏک ڏنا هئا جو هاڻي جهڙي تهڙي پريشاني مٿس اثر ئي ڪونه ڪندي هئي.
    هوتوءَ روچيءَ کي گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو جو چوندا آهن ته “لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي” سو ڪنهن جي ڪانه هلي. شادي ٿيڻي هئي، سا ٿي گذري. 1968ع ۾ روچيءَ ورجينيا سان بئنڪاڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي. اسان منجهان شاديءَ ۾ ڪوبه ڪونه ويو. ٿيو هيئن جو اسان کي ٿورن لفظن واري تار تڏهن ملي، جڏهن هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ اڳ ئي ٻڌجي چڪا هئا. ورجينيا پنهنجو نالو بدلائي ڀارتي رکيو ۽ هاڻي کين رميش نالي هڪ پُٽ آهي.
    منهنجيءَ ماءُ 9 ڊسمبر، 1985ع تي لاڏاڻو ڪيو. ان وقت سندس عمر 72 سال هئي. سندن ديهانت کان ڪجهه ڏيهاڙا اڳ مان پوني ۾ هوس. ممي منهنجي ڀيڻ ستيءَ وٽ بڙودا ۾ هئي. ستي بڙودا ۾ رهندي هئي. مان ڏور اوڀر کان ڪم ڪار پورا ڪري دبئي ڏانهن ويندي رستي ۾ پوني ۾ ترسي پيو هوس. مميءَ کي جو منهنجي اچڻ جي خبر پئي، سو مونکي فون ڪيائين. چيائين ته مون کي اچي بمبئي مان پوني نه وٺي ويندين؟ بڙودا مان ته پاڻهي ٽرين تي بمبئي پهچي وينديس، پر بمبئي ۾ ٽرينون بدلائڻ ڏکيو ٿو لڳيم. ايندين ته ڏاڍي سولائي ٿي پوندم.”
    مون وٽ وقت صفا ڪونه هو. چيئرمن محبوباڻي مون کان اڳ ئي دبئي پهچي چڪو هو. “مون کي تڙ تڪڙ لڳي پئي هئي. دبئي پهچڻ ضرور هو. 9 تاريخ تي پارٽي رکيل هئي ۽ منهنجي لاءِ پارٽي گُسائڻ ممڪن نه هو. ان ڪري ساري ماجرا بيان ڪري ٻڌائيم مانس. چيومانس، “امڙ، سوَ دفعا پرمون وٽ وقت ڪونهي جو بمبئي اچي توکي وٺي پوني پهچايان.” ساڻس ملڻ کان سواءِ ئي دبئي هليو آيس.
    ان ئي ڏينهن ستيءَ جي گهرواري پهلاج راءِ ڇتواڻيءَ جي فون آئي ته منهنجي پياري ماءُ هن دنيا ۾ نه رهي هئي. ڏاڍي ڏک منجهان آهستي سرٻاٽ ڪندي، مونکي منهنجي ماءُ جي موت جي خبر ٻڌايائين. چيائين، “ڪا به تڪليف ڪانه ٿيس. نه ئي وري بيمار ٿي. چپ چاپ، ماٺ ميٺ ۾ سنسار ڇڏي هلي وئي.”
    منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. ان گهڙيءَ کي پئي پٽيم جڏهن کيس ملڻ کانسواءِ دبئي اچڻ جو فيصلو ڪيو هيم. جنهن پارٽيءَ لاءِ دبئي آيو هوس، تنهن کي ڇڏي هڪدم مميءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هندستان موٽي آيس. اتفاق سان 9 ڊسمبر، 1985ع تي ئي آءِ.ٽي.ايل. بورڊ مون کي پروموشن ڏئي ڊائريڪٽر بنائڻ جو فيصلو ڪيو. ماءُ جي دل ڏسو، جنهن وقت سندس چتا جلي رهي هئي، ان ويل به سندس آسيس مون سان گڏ هئي!
    مميءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ وينا نيٺ دبئي اچڻ باسيو. تنهن هوندي به لڳي پيو ته دليون پئي هنيائين. سندس چوڻ هو ته مان آهيان سمورو وقت بزنيس جي سفر ۾، هوءَ اچي ڇا ڪندي؟ جي کڻي دبئي آئي به، ته به منهنجي ٻاهر هئڻ ڪري ٻارن سوڌو اڪيلي ويٺي هوندي. پر ائين نه ٿيو. وينا جڏهن دبئي پهتي ته اڻ کي حالتن آڌار هيرائي ڇڏيائين. جڏهن مان ٻاهر هوندو هوس ته هوءَ ٻارن جي سار سنڀال ۾ رڌل رهندي هئي. آواز ته سٺو هوس، سو پنهنجو گهڻو وقت ڌرمي ڪمن ڪارين ۽ ڀڄن ڳائڻ ۾ گذارڻ لڳي.
    هندستان جو سماج مردن جي ڏاڍ-مڙسيءَ وارو سماج آهي. اهڙي وايومنڊل ۾ ڪنهن به عورت لاءِ اڪيلي سر گهر هلائڻ سولو ڪم ناهي، ان هوندي به لکين عورتون لاچار ٿي گهر به هلائين ٿيون ۽ ٻار به نپائين ٿيون، ڇو ته سندن مرد روزگار سانگي کانئن گهڻو پري اهڙي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ رهندا آهن. مان نٿو سمجهان ته ڪو يورپي يا آمريڪي ڪڏهن اهڙيءَ زندگيءَ جي باري ۾ سوچي به سگهي ٿو، جتي زال ۽ مڙس پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا ئي سهاڻا سال هڪ ٻئي کان فقط انڪري پري گهارين، ته سندن جدائي جو ڦل هڪ سکي آئيندي جي صورت ۾ ملندو.
    مون کان ڪيترا ماڻهو ڏاڍا مُنجهائيندڙ سوال پڇندا آهن، “ڇا تنهنجي گهريلو زندگي اڃا تائين ساڳي طرح برقرار آهي؟ تنهنجي پري رهڻ ڪري تنهنجي گهر ٻار تي ڪو اثر ڪونه پيو آهي؟ تنهنجي گهر واري ۽ ٻار اڃا به توکي چڱو سمجهن ٿا؟ ڇا، ٻار پيءُ جي ايتري وقت دور رهڻ کان پوءِ به سماج ۾ اُٿن ويهن ٿا؟ ڇا، ڪٽنب جي مالي خوشحالي سماجي ۽ جذباتي سڪون کان وڌيڪ اهم آهي؟”
    هڪ ٻئي کان پري رهڻ، خاص ڪري جواني جي سالن ۾، ذهني ۽ جذباتي دٻاوَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. زندگيءَ ۾ اهڙا به موقعا ايندا آهن، جڏهن عورت کي مرد جي ساٿ جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اهڙيون حالتون به پيدا ٿينديون آهن، جڏهن مرد جي غير موجودگيءَ سبب گهراڻي جي آئيندي لاءِ رٿابندي تي خراب اثر پئجي ويندا آهن. پر اها قيمت ته هر حال ۾ چڪائڻي آهي، ڇو ته ٻيءَ حالت ۾ مالي آسودگي ڪيئن حاصل ٿيندي؟ اهي سمجهو تا ته ڪرڻا ئي پون ٿا.
    پر تپرس جهڙي ڳالهه آهي ته عام سوچ جي ابتڙ، ڌار رهڻ ڪري سِڪ وڌي ٿي ۽ رشتا مضبوط ٿين ٿا. خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ ته ائين ئي ڏٺو ويو آهي. ڀَل ته گهر جو وڏو ڪيترو به ڌار رهي يا دور رهي، هو پوءِ به پريوار جو حصو ئي رهي ٿو. هن جي صلاح کان سواءِ ڪوبه فيصلو نه ٿيندو آهي. سڀ گهر ڀاتي اهو ئي چاهيندا آهن ته شل سندن آئيندو اُجرو ٿئي. کين گڏ رکڻ ۽ گڏ رهڻ ۽ گڏ سهڻ ۾ اها ئي سوچ سڀ کان اڳ ۽ سڀ کان اُتم هوندي آهي. ان ڪري، “جيڪي چُلهه تي، سي دل تي” واري چوڻي هنن پرڏيهين سان لاڳو نه ٿيندي آهي.
    مون ٿورو اڳ پنڪج اُڌاس جي غزل جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پرڏيهه ۾ رهندڙن کي چيو آهي ته پنهجي ماڳ موٽي اچو، ڇو ته اوهان کي روٽي ٽڪر هِت به ملي ويندو. مون پڻ ڪيترا ئي ڀيرا هوبهو ائين سوچيو. چيم ته هي سمورا جهنجهٽ ڦٽا ڪري پنهنجي گهر واريءَ ۽ پنهنجن ٻارن ڏانهن موٽي وڃان. پر پوءِ پنهنجي ڪٽنب جي ذميواري منهنجي پيرن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا. قدم رڪجي ويا. ارادا بدلجي ويا. جي هڪ ماڻهوءَ جي قرباني، ٻين کي سٺي زندگي ڏئي سگهي ٿي ته پوءِ ان کان وڌيڪ خوشي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي؟
    مونکي هڪ اهڙي پرڏيهي جي حيثيت ۾ اڪيلي رهڻ جو تجربو آهي، جيڪو حالتن هٿان لاچار هجي. مونکي پنهنجي پريوار سان گڏ رهڻ جو به تجربو آهي. مان سمجهان ٿو ته دبئي ۾ رهندڙ مون جهڙا سوين هزارين پرڏيهي، انهن ٻنهي قسمن جي تجربن مان ضرور گذريا هوندا، جن جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو تفاوت آهي: خوشي ۽ غم، ويجهڙائي ۽ دوري، ميلاپ ۽ جدائي. اها ئي ڪهاڻي آهي اسان پرڏيهه واسين جي، ٿورن لفظن ۾: مرڪ ۽ لڙڪ، ٽهڪ ۽ چهڪ، آشا ۽ نراشا!
    *


    14. باب چوڏهون : ڇا، سنڌيت کي ڪو خطرو آهي يا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي؟

    اوهان پنهنجي زندگي ۾ ايترو ئي اڳتي وڃي سگهون ٿا. جيترو اوهان جي جواني ۾ تحرڪ هوندو. ائين جذبات، همدردي، صبر ۽ رحم وغيره سڀ اوهان جي زندگي جو حصو بڻيل ئي رهندا.
    جارج واشنگٽن ڪارور

    سنڌي ڪنهن کي ٿا چئون؟
    آهي ئي کل جهڙو سوال. دبئيءَ جي سنڌي ڪميونٽي ۽ انڊيا جي ممبئي، بڙودا ۽ پوني واسين کي ته چرچو ئي لڳندو. پر سنڌين جي پنهنجي ڌرتي کان ڌار ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ سبب، سنڌي سڀيتا وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن ڪمزور پوندي. جيتوڻيڪ اسان جي سڀيتا پوريءَ ريت ختم نه ٿي آهي، پر هيڏي ساري گجگاهه ملڪ ۾ اسان ڪڻو ڪڻو ٿي ڦهلجي ويا آهيون، ان ڪري نٻل ۽ نستي ضرور ٿي وئي آهي. اهو اهڙو خطرو آهي، جنهن کان اسان ڪن لاٽار ڪري نٿا سگهون. ڪرڻ به نه گهرجي. لنوائڻ سان مسئلا نبرندا ناهن، وڌيڪ گنڀير ٿيندا آهن. جيڪڏهن سنڌين پنهنجي پورهئي سان زندگي سُکي ڪري ورتي آهي ته اها سندن اورچائي چئبي. ذاتي طور ڀلي ڪوبه ماڻهو ڪيترو به ڌنوان ڇو نه ٿي وڃي، سڀيتائي ڪنگالپڻو ڪٿي ڪميونٽيءَ کي ئي ميساري نه ڇڏي: ان ڳالهه کي وسارڻو ناهي، بچاءَ جا اُپاءَ ڳولڻا آهن.
    سنڌيت جو هڪ حصو آهي اسان جي بزنيس واري روايت. ان کي ته ڪو ڀؤ ڀولو ناهي، پر بزنيس جي وهڪري ۾ وهي ڪٿي اسان پنهنجي تهذيب ۽ لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ سنگيت جو املهه ورثو نه وڃائي ويهون. اهو ڊپ هر وقت جيءَ کي جهوريندو ٿو رهي.
    منهنجي هڪڙي دوست، جيڪو سنڌي ناهي، تنهن هڪ لڱا چيو، “توکي خبر آهي ته توهان سنڌي ايترو ڌن ڪيئن ٿا ڪمايو؟”
    وري پاڻ ئي وراڻيائين، “ان ڪري جو توهان کي ڪامياب ٿيڻ جو ڏانءُ آهي.”
    ٿي سگهي ٿو ته منهنجو دوست ڀوڳ ڪندو هجي، پر غلط ڳالهه هن به ڪانه ڪئي. سنڌي برابر بزنيس ڪري ڄاڻن. هنن ۾ حالتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي وڏي شڪتي آهي. هنن ۾ هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته هو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا آهن. نفعي ۽ نقصان جو ڪاٿو ڪري، هڪدم درست فيصلو ڪرڻ جي ساڃهه رکندا آهن. منجهن حيرت جهڙي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته ڪِرڻ کان پوءِ همٿ ڪري هڪدم اُٿي نئين سر وري اڳتي وڌڻ جي ڪندا آهن. مٿي کي هٿ ڏئي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي ۾ وقت نه وڃائيندا آهن. تنهن هوندي به سنڌين جي باري ۾ ڌارين جي عام راءِ ۽ عام سنڌي ماڻهوءَ جي حقيقي خوشحاليءَ جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو فرق آهي.
    دبئي ۾ انڊين ڪونسل جنرل، ڊاڪٽر جارج جوزف جي گهرواري، رانيءَ، هڪ ڀيري مون کان پڇيو ته ‘ڪو اهڙو سنڌي سُجهيئي، جيڪو غريب هجي؟’
    چيومانس ته جيڪڏهن بمبئي جي ٻاهران الهاسنگر وڃڻ ٿئيئي، يا اجمير، جئپور يا جوڌپور وڃي ڏسندينءَ ته توکي سنڌين جي حالت ڏسي حيرت ٿيندي. اهي ماڻهو ورهاڱي کان وٺي جيئري رهڻ لاءِ جاکوڙيندا پئي رهيا آهن. منجهانئن ڪي ته دان تي گذارو ڪن ٿا، پر سنڌي پنندا ناهن. گهڻو ڪري اُن قسم جون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ نه اينديون آهن، ڇو ته اڪثر دولتمند سنڌي پنهنجن غريب ڀائرن جي هڙان ۽ وڙان مدد ڪندا آهن. ڪميونٽي به پنهنجي طرفان ڪونه ڪو رستو ڳولي سندن سار سنڀال لهندي آهي. مان به ڪيترن ئي اهڙين ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ پنهنجي ليکي حصو وٺندو رهندو آهيان. جڏهن به ڪنهن غريب ڏانهن مدد جو هٿ وڌائيندو آهيان، تڏهن مون کي منهنجي ماءُ ياد ايندي آهي، جنهن تمام ڏکيا ڏينهن ڏسي، سخت جاکوڙ ڪري اسان کي پاليو.
    مونکي ياد آهي ته هڪ موقعي تي هوءَ پنهنجي شاهوڪار سوٽ وٽ ٻه هزار روپيا اوڌر وٺڻ لاءِ لنگهي وئي، ڇو ته کيس منهنجيءَ وڏي ڀيڻ ستيءَ جي شادي لاءِ پئسن جي ضرورت هئي. سوٽ سندس مدد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. اُن کان پوءِ منهنجي ماءُ جڏهن به اها ڳالهه دهرائيندي هئي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. مميءَ جي ان تجربي جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو. جڏهن به ڪو شريف ماڻهو مون کان مدد گهرندو آهي، تڏهن مون کي ماءُ جي ياد ايندي آهي ۽ احساس ٿيندو اٿم ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ وقت اڳلي جي دل تي ڇا ڇا نه گذرندو هوندو.
    پهرين جڏهن ڪو مدد گهرندو هو، تڏهن مان هن جي باري ۾ پهرين تفصيل سان جاچ ڪندو هوس. پوءِ مون محسوس ڪيو ته ائين ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڪيترن موقعن تي ته ڳالهين مان ئي پتو پئجي ويندو آهي ته سوالي سچو آهي يا ڪوڙو. ساڌو واسواڻي سخاوت ۾ ڏاڍو مشهور هوندو هو. سندس در تان ڪوبه سوالي خالي نه موٽندو هو.
    هڪ ڀيري ڪنهن پڇيس، “ماڻهن کي ڏوڪڙ ڏيڻ کان اڳ سندن جاچ ڇو نه ڪندو آهين؟” چيائين، “ڀڳوان جڏهن مون سان ايڏيون ڀلايون ڪيون، تڏهن منهنجي ڪهڙي جاچ ڪيائين؟”
    سنڌين جي وڏي تعداد ۾ ڪاميابين جون ڪهاڻيون اُتساهه ڏياريندڙ آهن. Lonis D Brandies جا چيل لفظ ياد ٿا اچنم. چوي ٿو، “بزنيس ۾ نفعو ڪمائڻ ڪاميابي جي اتفاقي ماڳ کان به ڪا اڳڀري شي آهي. اهو (نفعو ڪمائڻ) ڪاميابي جي شرطن مان هڪ اهم شرط آهي، ڇو ته لڳاتار گهاٽي ۾ رهڻ پنهنجي سر ناڪامي جو اهڃاڻ آهي. پر جڏهن نقصان ناڪامي ظاهر ڪري ٿو، تڏهن ضروري ناهي ته فائدي ۾ رهڻ کي هر وقت ڪاميابي سمجهيو وڃي. بزنيس ۾ ڪاميابي لاءِ ڪوشش ته هر دم ڪندو رهڻ گهرجي، پر ان سان گڏ بهترين نتيجن تي به زور ڏجي.”
    بزنيس ۾ بهترين ڪار ڪردگي پنهنجو پاڻ مڃائيندي آهي. ان لاءِ هيٺين ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي: ڪم ڪرڻ جا سڌريل طريقا ۽ ذريعا؛ پيداوار ۾ بهترين؛ سٺي ڪمپني ۾، اجائي زيان ۽ نااتفاقي کان پاسو؛ ملازمن جي حالت سڌارڻ، سندن قابليت ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ سندن خوشين ۾ اضافو ڪرڻ؛ ۽ گراهڪن توڙي ڪميونٽي سان سٺا واسطا ۽ تعلقات ۽ لاڳاپا رکڻ.”
    سنڌ ورڪين جي سڄي دنيا ۾ ڪاروباري سوڀَ جا سبب مٿي ڄاڻايل ڳالهيون آهن. نفعو ڪمائڻ ڪاميابيءَ جو سڀ کان اهم مول ۽ متو هوندو آهي، پر سنڌين منافعي ڪمائڻ جا پنهنجا مول ۽ متا جوڙيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ماڻهو لاچاريءَ کان گهٽين ۾ گهورڙيا ٿي مال وڪڻندا هئا، تڏهن هنن سختيءَ سان پنهنجن ٺاهيل اصولن تي عمل ڪيو: گهٽ فائدو ۽ گهڻو وڪرو.
    جيڪڏهن سنڌي ڪمپنين تي نظر وجهندؤ ته اوهان ڏسندو ته هو پنهنجن گراهڪن توڙي ڪميونٽي سان سٺا لاڳاپا رکڻ ۾ مشهور آهن. پنهنجين سنڌي روايتن کان ته هنن ڪڏهن به منهن نه موڙيو آهي. مٿن سختي سان قائم آهن. اها انتهائي خوشي جهري ڳالهه آهي ته سنڌين ڀل ته ڪاميابيون ماڻيون هجن يا ڌن ۽ دولت جا انبار ڪمايا هجن، پر هنن ڪڏهن به سنڌين جي روايتن کي پٺي ناهي ڏني. هو پنهنجن وڏن جو مانُ رکن ٿا، جيئن مئٿيو ائڊمس (Mathew Adams) چيو آهي، “ڪو چوي ته مون پنهنجي زندگي پاڻ جوڙي آهي، ته اهو صحيح ناهي. اسان هزارين ماڻهن جي زندگين مان جڙيل آهيون. ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ، جنهن ڪڏهن اسان سان پيار وچان ڳالهايو هجي، يا اسان سان ڪو ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو هجي يا ڪڏهن همٿايو هجي ته اهو به اسان جي ڪاميابي، اسان جي چرتر، اسان جي سوچ يا اسان جي زندگي کي ٺاهڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.”
    سنڌين وڏا ڪشالا ڪڍي پنهنجي خاندان ۽ سندن عقيدن جي حفاظت ڪئي آهي. سڀ کان وڌي ڳالهه ته ساري دنيا ۾ ڦهليل هئڻ جي باوجود ۽ آزاد سوچ رکڻ کان پوءِ به هنن پنهنجن وڏڙن جي ڇڏيل پراڻين ريتن ۽ رسمن کي زنده رکيو آهي. انهن سڀني ڳالهين سنڌي ڪميونٽيءَ کي مضبوط ڪيو آهي. اسان جي ڪميونٽي بهادري، همٿ ۽ اٽل ارادي تي ٻڌل آهي.
    ۽ جيئن مون اڳ چيو آهي، ان لاءِ وڏي شاباس سنڌي عورتن کي ملڻ گهرجي، جن پنهنجن مردن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ سندن صلاحڪار، اڳواڻ، رهنما، مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون بنجي ڪم ڪيو. مان هاڻي پاڻ کي عمر ۾ ڪجهه وڏڙو ٿو سمجهان، ان ڪري سنڌي ٻارن جي ڪميونٽي لاءِ ڪيل شيوا کي پڻ کليءَ دل سان مڃڻ ٿو چاهيان. اسان جي ٻارن به مشڪل حالتن سان مقابلا ڪندي، پنهنجي وڏن جي ڪاميابين کي اڳتي هلائڻ، وڌائڻ، جاري رکڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. هنن ان سموري پيار ۽ ڀروسي جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اسان مٿن نڇاور ڪيو. اسان جي ٻارن ٽيڪنيڪل انقلاب مان پورو فائدو ورتو آهي. ان سلسلي ۾ هو پٺتي مور ناهن. هن تيز رفتار زماني ۾ ۽ بدلجندڙ وايومنڊل ۾ به هنن پنهنجي وڏن جي سڀيتا کي سيني سان لڳائي رکيو آهي. هاڻي جڏهن اسان جي پيڙهي ٻرندڙ مشعل سندن هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي، تڏهن اهو آٿت اٿئون ته هنن پنهنجو سبق چڱي طرح ياد ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي ڪميونٽيءَ جو ڌن دولت، مان شان اڃا به وڌائيندا.
    ڪي ڳالهيون سنڌي ڪميونٽي جي آئيندي جي باري ۾ بهرحال ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. اسان جي ڪميونٽي جي ايندڙ شڪل شبيهه ڪهڙي ٿيندي؟ ڇا اسان جي ڪميونٽي تمام گهڻو، تمام جلد ۽ تمام پري تائين ڦهلجندي ۽ نتيجي طور گهٽبي ۽ نٻل ٿيندي ٿي وڃي؟ ڇا اسان جا ٻار لاچار يا حالتن جو شڪار ٿي، ايندڙ گلوبلائيزيشن ۾ پنهنجو ايڪو وڃائي، سنڌيت تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا سندن اولاد اڃا به گڏيل ڪٽنب جون خوشيون پنهنجن چاچن، چاچين، نانن، ڏاڏن ۽ سؤٽن سان رلي ملي اسان جيان ماڻي سگهندا؟
    ٻولي پڻ سنڌين کي پاڻ ۾ ويجهو آڻڻ جو هڪ وسيلو هئي. سنڌي ٻولي پراڻي ٽهيءَ کي سڀيتائي سڃاڻپ ڏني. اها ٻولي ئي هئي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. پري هئڻ جي باوجود اسان پري نه هئاسين. ٻولي اسان جي طاقت هئي، زور هئي، ڀرم هئي، ڀرجهلو هئي، اسان جي وجود جو هڪ اهم حصو هئي. پر هاڻي اسان جي ٻوليءَ سان جيڪي ڪلور ٿي رهيا آهن، سي سڀني جي اکين اڳيان آهن. ڇا،اسان جا ٻار پنهنجي ٻولي سولائي سان ڳالهائي سگهن ٿا؟ ڇا، اولهه جون طاقتون ۽ اثر انهن سڀني جُزن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا، جن جي آڌار تي اسان پنهنجيءَ ڌار سڃاڻپ زنده رکي هئي؟
    اها جدا ڳالهه آهي ته اسان جو نئون نسل پنهنجي پيڙهه ۽ بنيادن (Roots) ۾ هاڻي گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳو آهي، پر مون کي ڊپ آهي ته اسان هڪ ڪميونٽي جي حيثيت سان پنهنجي ٻولي جي بچاءَ ۽ ان جي اصلي روپ کي بچائڻ لاءِ ايترو ڪجهه نه ڪري رهيا آهيون، جيترو اسان کي ڪرڻ جُڳائي. اها مڃڻ جهري ڳالهه آهي ته ڪا به ٻولي اڪيلي سر ۽ پاڻ مرادو زنده رهي نٿي سگهي. ٻولي کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نواڻ جي ضرورت هوندي آهي. ان واسطي نئين زماني جي نون لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ شامل ڪرڻو پوندو، ڪي بنيادي اصول ٻيهر جوڙڻا پوندا. زماني سان گڏ هلڻو پوندو. جيڪي رُڪيا، سي رهجي ويندا.
    هندستان جي ڪجهه ٻولين جي صورتخطيءَ (Script) کي فقط ان ڪري سُڌاريو ويو ته جيئن اهي ڪمپيوٽر جي Key Board تي آسانيءَ سان اکر ڇاپي سگهن. ڪن ٻولين ۾ ايتري ته ردوبدل ڪئي وئي جو پراڻي پيڙهي لاءِ انهن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ مشڪل ٿي پيو. ساڳي طرح سنڌي ٻوليءَ کي پڻ اهڙي قسم جي تبديليءَ مان گذرڻو پوندو.
    پر منهنجو سوال اڃا به ٻيو آهي. منهنجو سوال آهي ته ڇا سنڌي ٻولي، سنڌي ڪميونٽي جي بدلجندڙ طريقي زندگي (Life Style) واري سخت حملي جو مقابلو ڪري سگهندي؟
    سنڌي هاڻي رڳو سنڌ يا هند ۾ نٿا رهن. اڳ به سنڌي پرڏيهه ڪمائڻ لاءِ سنڌ وَرڪي ٿي ٻاهر رهندا هئا، پر ورهاڱي کان پوءِ هڪ ته هو ڀارت جهڙي وڏي ملڪ ۾ ٻين گهڻين قومن سان رلي ملي ويا آهن ۽ ٻيو ته سندن انگ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به وڌي ويو آهي، جنهن ڪري هو جهڙوڪر سمورن ملڪن ۽ سمورين قومن جو حصو بنجي پيا آهن. اهڙي طرح خود سنڌين ۾ به ٻيون قومون، ٻيا مذهب، ٻيون ٻوليون، ٻيون سڀيتائون شامل ٿي ويون آهن. ڪي اهڙا ڪٽنب به آهن، جن ۾ وڻ وڻ ڪاٺي اچي گڏ ٿي آهي. اهڙن خاندانن ۾ سنڌي جي نئين پيڙهي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ انگريزي ٻولي کي وڌيڪ سولو ٿي سمجهي. انڊيا ۾ نوجوان يا ته هندي يا وري جنهن رياست ۾ هو رهن ٿا، اتان جي مقامي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڏکيائي محسوس نٿا ڪن. سنڌي ڪميونٽي جتي به رهي ٿي، اتان جي سڀيتا ۽ ٻولي کي جلد ئي پنهنجائي ٿي ڇڏي. اها چڱي ڳالهه به آهي، پر سنڌي ٻولي جي آئيندي لاءِ خطري جي گهنٽي به ٿي سگهي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته سنڌي ٻولي ڪميونٽي جي حد تائين ۽ اڃا به ٻين حالتن ۾ گهرجي چانئٺ تائين نظربند ٿي رهجي وئي آهي. ٻاهرين ملڪن ۾، خاص ڪري يورپ ۾ جيڪا سنڌيءَ اسان جو نوجوان نسل ڳالهائي ٿو، سا نج سنڌي ته پري رهي، نالي ماتر سنڌي به نه رهي آهي. اها مقامي ٻولين، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جي کچڻي بنجي وئي آهي.
    ٻي اُلڪي جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان وٽ مضبوط، ٺوس ۽ جاندار ادب توڙي ميڊيا جي اڻهوند آهي. اهي ٻئي ڳالهيون ٻولي جي واڌاري ۾ ڏاڍيون مددگار ٿينديون آهن. سنڌي ميڊيا، جنهن ۾ فلم، ٽي.وي. ۽ ڇاپو اچي وڃن ٿا، سا پڻ ڪمزور آهي، ڇو ته اسان سنڌين جي ڪميونٽي ٿوري آهي. هندستان جي سرڪاري ٻولي هندي آهي، پر ان کي به سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. وري به ٿورا مڃجن هندي فلمن ۽ هندي ٽي.وي. چئنلن جا، جن کيس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه رڳو پهچايو پر لوڪ-پريه پڻ بنايو. ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو اسٽيٽ سڀ کان اڳتي وڌي هندي ٻولي جو وروڌ ڪيو ۽ کلم کلا چيو ته هندي کي سرڪاري ٻولي نه بنايو وڃي، تنهن پڻ هندي فلمون ٺاهي هندي ٻولي کي لوڪ-پسند بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سڀني کي خبر آهي ته هندستان ۾ فلم تمام وڏي انڊسٽري آهي. هاڻي تامل ناڊو ۾ هندي چڱي طرح ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي.
    سنڌي فلمن توڙي ٽي.وي. جي کوٽ ان ڪري به آهي جو اسان جو مارڪيٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي، ان ڪري اهي جڙ پڪڙي نٿيون سگهن. هاڻي وري مان پنهنجو ساڳيو سوال دهرايان ٿو: جڏهن اسان جي سڃاڻپ، ورهاڱي سبب يا سنڌي ڪميونٽي جي دنيا ڀر ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ ڪارڻ، وڃي ٿي جهڪي پوندي، ۽ ان ۾ شامل ڪريو سنڌين جو ٻين قومن ۽ ڪميونٽين ۾ ملي جلي سمائجي وڃڻ، تڏهن ڇا اسان جي ٻولي اڪيلي سر زنده رهي سگهندي؟ مون وٽ پنهنجي پُڇيل سوال جو ڪوبه جواب ناهي. پر اهي سڀ ڳالهيون گڏجي سنڌين جي جهونن جوڳيئڙن لاءِ ڳڻتي جو سبب بنجڻ گهرجن، ڇو ته هنن جو سمورو ٻل، طاقت ۽ وشواس پنهنجي ڪميونٽي جي سڃاڻپ مان ئي نسريو، اُسريو ۽ اُڀريو هو. مونکي اها به پروڙ ناهي ته ڇا پراڻي پيڙهي سچ پچ پنهنجيءَ نئين ٽهيءَ کي اهي روايتون ۽ قدر ورثي ۾ ورهائي ڏنا آهن، جن جي ڪري اسان جي ڪميونٽي ۾ شڪتي ۽ وروڌ جنم ورتو هو. اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌي ڪميونٽي بي شمار طوفانن جو آمهون سامهون ٿي مقابلو فقط ان ڪري ڪيو هو، جو ان وقت اسان ۾ مضبوط ڪٽنبي سنٻنڌ هئا، وڏڙن جي لاءِ شرڌا هئي، ڌرم ۾ ڀروسو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي گُڻ موجود هئا.
    سنڌي ماڻهن ڌنڌي روزگار توڙي ڌن دولت ۽ دنيا جي آسائشن حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ ڪڏهن به پنهنجي شڪتيءَ جي اصل وسيلي کي نه وساريو آهي. اهو آهي پرماتما ۾ سندن پورن وشواس. اهو ضروري آهي ته نئينءَ پيڙهي کي روحانيت جي راهه ڏيکارجي، ڇو ته رڳو دنيا ئي شيون سڀڪجهه ناهن. ٻاهريون ٺٺ ٺانگر، آرام ۽ آسائش به برابر گهرجي، پر اصل خوشي ڪن ٻين ڳالهين سان ملندي آهي.
    اسان جو نئون نسل جڏهن سنڌين جي سڀيتا کي سڃاڻندو ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي روايتن کان واقف ٿيندو ۽ سنڌيت جي روح کي پرکيندو، تڏهن کيس خبر پوندي ته سنڌ سهپ، برداشت، پيار ۽ پنهنجائپ جو ڀنڊار آهي. هر متڀيد کان دور آهي. سنڌي ڪلچر ۾ نهٺائي، نماڻائي، عاجزي، ڏاهپ ۽ گڏجي گهارڻ ۽ پيار ونڊڻ ۽ هر ماڻهوءَ کي پرينءَ جو پاڇو سمجهڻ جو سبق ماءُ لوليءَ ۾ ڏيندي آهي. سنڌين وٽ اڄ جو ڪجهه آهي، اهو انهن اڻ لکيل اصولن جي ڪارڻ ئي آهي. اهي واٽون، اهي ويساهه، اهي وشواس اسان کي پنهنجن صوفين، ساڌن ۽ سنتن ۽ درويشن کان ورثي ۾ مليا آهن. انهن کان سواءِ اوهان ڪک به نه آهيو. لکپتي ٿيئو ته ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻچن کي پرڏيهه پڙهڻ لاءِ يا ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ موڪليون ٿا، ته ڇا اتان جون ريتون رسمون ۽ رواج کين پنهنجي مارڳ کان مُنهن مٽارائي سگهنديون؟ ڇا، هو پنهنجي ڪميونٽي کان ڌار ٿي ويندا؟ ڇا، هو سنڌيت جي راهه تان هٽي ويندا؟ ۽ ڇا، ڌارين قومن ۾ شادي ڪرڻ ۽ پرڏيهي جيون ساٿي آڻڻ کان پوءِ هو پنهنجي سنڌي سڃاڻپ تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا، اهو سپنو، جيڪو سنڌ ڇڏڻ وقت سيني ۾ سانڍي نڪتا هئاسين، ۽ جنهن کي ساهه پساهه کان وڌيڪ املهه ڄاڻي اڌ صدي تائين ابهم ٻار جيان تاتيوسين، نپايوسين، وڏو ڪيوسين، تنهن کي وساري ويهنداسين يا جهڪو ٿيڻ ڏينداسين، يا مورڳو اُجهائي ڇڏينداسين؟ ڇا، نئين دور جون نيون گهرجون ڌاڙو هڻي اسان کان سنڌيت جو جذبو کسي وٺنديون؟ اسان جو جيئڻ مرڻ، اسانجي ڄاڻ سڃاڻ، اسان جو واهپو ۽ ونهوار ته سنڌيت سان آهي. اها وئي ته پوءِ اسان وٽ ڇا بچندو؟ اسان جا ٻار يا انهن جا ٻار پنهنجي ڪميونٽي کان هٽي پري ٿي ويا، ته پوءِ ڪميونٽي ڪنهن جي سهاري جالي سگهندي؟ مان نٿو چاهيان ته ماڻهو مونکي پراڻن خيالن جو سڏين، پر اهي سوال منهنجي ذهن کي ولوڙيندا رهندا آهن.
    پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب، Sindhis: The Scattered Treasure ۾ نئين نسل جي بدلجندڙ روين بابت لکيو آهي، “مون ڪناري آئلينڊس ۾ سنڌي ٻارن کي اسپيني ٻولي پڙهندي ڏٺو آهي. گهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندي، هنديءَ ۾ ڀڄن ڳائيندي ۽ پارٽين ۾ اردو غزلن جا مقابلا ڪندي ڏٺو آهي. مون ماڻهن جا عجيب نالا به ٻڌا آهن، جهڙوڪ هانگ ڪانگ ۾ مس گريس واسواڻي ۽ پيٽر ٻيڙيچنداڻي، اسپين ۾ مس ماريا ٿڌاڻي، البرٽو ڀڏواڻي ۽ واشنگٽن ۾ مس سياتي ڏاسواڻي.”
    اها قدرتي ڳالهه آهي ته ٻار جنهن ڪلچر ۾ رهن ٿا، ان ۾ ئي سمائجي وڃن ٿا. اها به درست ڳالهه آهي ته اسان جيڪڏهن چاهيون ته اهي ٻار پنهنجن پيئرن ۽ چاچن واري هلت هلن، ته اها اسان جي ٻاراڻي چئبي. پر اهو به صحيح آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو خيال نه رکيو ته پوءَ اسان جي لاپرواهي چئبي. منهنجي راءِ ۾ سنڌي پنهنجي سڃاڻپ ڏاڍي تيزيءَ سان وڃائي رهيا آهن. مثال طور پنهنجا نالا.
    توهان پُڇندا ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ منهنجو جواب آهي ته نالي ۾ گهڻو ڪجهه آهي. اسان جا نالا تاريخ ۾ سنڌي سڃاڻپ جو اهم اهڃاڻ پئي رهيا آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته نئين پيڙهيءَ کي انهن جي اهميت جو گهٽ احساس آهي ڪميونٽي ۾ ايندڙ تبديلي ضرور اسان تي به اثر وجهندي ۽ اسان کي هاڻي کان ئي ان تبديلي جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. شل Lewis Mumfordجي هي چوڻي اسان لاءِ به سچ ثابت ٿئي: “هر پيڙهي پنهنجي پيءُ جي پيڙهيءَ خلاف انقلاب آڻيندي آهي ۽ پنهنجي ڏاڏنگ سان سرچاءُ ڪندي آهي.”
    ان ڪري اسان جي ڪميونٽي جو وڏو مسئلو اهو آهي ته پنهنجي جدا سڃاڻپ ڪيئن بچايون؟ منهنجي راءِ آهي ته سنڌي ڪميونٽي ان مامري ڏانهن سنجيدگي سان ڪونه ٿي سوچي. اسان پنهنجي مالي ۽ آرٿڪ خوشحالي لاءِ محنت ۾ ايترا ته مگن آهيون، جو اسان پنهنجي ادبي ۽ سڀيتائي ورثي کي ڄڻ ته وساري ويٺا آهيون.
    مالي ۽ آرٿڪ آسودگي ته هڪ فطري ڳالهه آهي. پنهنجي وطن کان وڇڙڻ بعد اسان جي مکيه ڳڻتي اها ئي رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻيهر ڪٿي پير کوڙيون. ڌارين ملڪن ۾ رهڻ ڪري ٻيو سڀ ڪجهه نه، ته به مالي آسودگي ته تمام ضروري آهي. وطن به نه هجي، پئسو به نه جُڙي، ته پوءِ بچاءُ ڪير ڪندو؟
    ورهاڱي کان پوءِ، ۽ خود هندستان ۾ رهندي، اسان پنهنجي وجود جي بچاءَ واريءَ جنگ ۾ تمام گهڻو جاکوڙيندا پئي رهيا آهيون. اسان جو سمورو زور اُن ڳالهه تي رهيو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح انڊيا ۾ ٻين سان گڏ رلي ملي هڪ ٿي وڃون. اسان کي وقت ئي نه مليو ته پنهنجي ورثي جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ ڪا سوچ ويچار به ڪريون. جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪجهه ڪيوسين به، ته اهو صرف ساروڻين جي ڪري، تاريخي اڻ تڻ سبب نه.
    سنڌين پنهنجون روايتون ايتريون ته ڀلائي ڇڏيون آهن جو غير سنڌين کي سندن لوڪ-ورثي جي رتيءَ برابر به ڄاڻ ناهي. غير سنڌي اسان سنڌين کي فقط هڪ ڪاروباري ڪميونٽي طور سڃاڻن ۽ ان کان وڌيڪ کين اسان جي ڪا به خبر ناهي. اهو ساڳيو حال اسان جي نوجوان ٽهيءَ جو آهي، جيڪا ملڪ کان ٻاهر رهي ٿي. اسان وٽ تمام ٿورا ڪلاڪار وڃي بچيا آهن، جيڪي نوجوانن کي لوڪ-ڪلا ۾ تربيت ڏئي سگهن. اسان جون خاميون، ڪوتاهيون۽ لاپرواهيون ايتريون ته گهڻيون، ايتريون ته وڏيون ۽ ايتريون ته کليل ۽ ظاهر آهن جو لڪائي به لڪي نٿيون سگهن. جڏهن انڊيا جي قومي ڏينهن تي ٿيندڙ ڪلچر پروگرام ڏسندا آهيون، تڏهن سنڌيءَ جي ڪمي بري طرح محسوس ٿيندي آهي. ڇو سنڌي فلوٽ (float) يا ٽيبلو (Tableau) يا راڳ يا ناچ نظر نٿو اچي؟ سڄي قوم اهي پروگرام ڏسي ٿي، سڀ حصو وٺن ٿا، فقط سنڌين جو ڪلچر نظر نٿو اچي. ڇا، اسان ڌاريا آهيون؟
    گذريل ڪجهه سالن ۾ مشڪل سان ڪا اهڙي سنڌي فلم ٺهي هوندي، جنهن جي ٿوري گهڻي واکاڻ ڪري سگهجي. اسان جو ٿيئٽر، جو ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي عام ڪرڻ جو ذريعو آهي، سو غائب ٿي ويو آهي. اسان دان ڪرڻ ۾ ته سخي آهيون، پر پنهنجي سڀيتا ۽ ڪلا ۽ ادب جي لاءِ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
    روايتي سنڌي لباس ۾ گذريل پنجاهه سالن دوران تبديليون آيون آهن ته جيئن ان کي ماڊرن فئشن سان جوڙي سگهجي. ڪنهن به غير سنڌي کان پُڇو ته تو ڪڏهن روايتي سنڌي ڊريس ڏٺي آهي ته جواب گهڻو ڪري نهڪر ۾ ملندو. ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اصلي سنڌي لباس نظر ايندو آهي، پر اسان جا سنڌي پنهنجي قومي لباس کي عام ماڻهن اڳيان يا شادي مرادي ۾ يا ڪنهن سڀيتائي موقعي تي پائڻ کان لهرائيندا آهن.
    ڇا، اسان کي پنهنجو قومي لباس پائيندي لڄ ٿي اچي؟ جيڪڏهن گجراتي گربا ڊريس تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ان ۾ تمام گهڻي ردوبدل ٿي آهي، پر ان جي باوجود اهو لباس نه فقط گجراتيءَ ۾، بلڪ غير گجراتيءَ ۾ پڻ بي حد پسند ڪيو ٿو وڃي. پنجابي ڊريس ۾ پڻ انقلابي تبديليون آيون آهن. بدقسمتي وري اها آهي ته وڏن وڏن فئشن ڊزائينرن به سنڌي پوشاڪ کي صفا نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. سون تي سهاڳو وري اهو آهي ته منجهانئن گهڻائي وري به سنڌين جي آهي. جيڪڏهن ڪو ڊزائينر همٿ ڪري سنڌي ڪپڙن ۾ به نواڻ آڻي ها ته اسان جو ڪڙتو ۽ سٿڻ ايترو ته مشهور ٿئي ها جو فئشنبل گهراڻن جي هر وارڊروب ۾ اوهان کي ضرور ملي ها.
    مان سمجهان ٿو ته اسان پنهنجن ٻارن کي ڌرم بابت به ڪا مناسب سکيا ڪونه ٿا ڏيون. وٺ وٺان جي هن دور ۾، جڏهن ماڻهو ڪمائي جي پويان ڇتا ٿي پيا آهن، تڏهن مائرن توڙي پيئرن کي ايترو ٽائيم ڪٿي جو ويهي پنهنجن ٻارن سان اهڙين ڳالهين تي مٿي ماري ڪن؟ سچ پُڇو ته هو تمام وڏي ڀُل ڪري رهيا آهن. وشواس کان سواءِ ڪوبه انسان همٿ ڀريو ۽ دلير ٿي نه سگهندو. پنهنجي پاڻ ۾ ۽ جيون ۾ وشواس جي کوٽ اوهان کي دنيا جي سچاين کان دور ڪري ڇڏيندي.
    اوهان کي اهو ئي پلئه پوندو،جيڪو توهان گهرو ٿا. وڌيڪ ڪجهه نه ملندو. اهو ڏاڍو سادو سودو، پر سچو، کرو ۽ اونهو قانون آهي قدرت جو. بزنيس مئن جي لاءِ بهادري ۽ وشواس، دنيائي توڙي روحاني خوشيون ۽ انعام آڻيندا آهن. اڄڪلهه جي نئين سوچ وارن مائٽن کي اها سچائي مڃڻ گهرجي. ان هوندي به غمگين ۽ اُداس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. اڃا سڀ ڪجهه هٿان نه ويو آهي. شام ضرور ٿي آهي، پر اوندهه اڃا پري آهي. يو.اي.اي. ۾، خاص ڪري دبئي ۾، اسان جي ڪميونٽيءَ ڏوڪڙن ڪمائڻ ۾ مشغول رهڻ جي باوجود ڪي چڱا ڪم به ڪيا آهن. هنن پنهنجي ڌرم، وشواس ۽ سڀيتا سان ڳانڍاپو قائم رکڻ تي ڪافي زور ڏنو آهي. ان ڪم ۾ سنڌي عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هر سال هزارين سنڌي، پري پري کان ڪهي، يو.اي.اي. ۾ گڏجي “چيٽي چنڊ” (سنڌي نئون سال) ملهائيندا آهن. ان موقعي تي ڪلاڪار خاص طور سان انڊيا مان گهرايا ويندا آهن.
    “سُکي سميلن” نالي سنڌي عورتن جي جماعت 1970ع ۽ 1980ع ڌاري ڪيترائي ڪميونٽي فنڪشن ڪرايا. پهرئين سنڌي اسٽيج ڊرامي، “ڏس پئسي جا رنگ”، ڪرائڻ جون کيرون پڻ ان ئي همٿ ڀرئي گروپ لهڻيون.
    “سُکي سميلن” کان اڳ، ناميارن سنڌين، جهڙوڪ مورج منگهناڻي، گورڌن ادناڻي، لاکو لولا ۽ رامچند ساولاتي سنڌي ڪلاڪارن کي دبئيءَ گهرايو ته جيئن اسان جي ڪميونٽي پنهنجي ڪلچر کان واقف ٿئي. انهن ڪلاڪارن ۾ سترام روهڙا، ڀڳونتي ناواڻي، وشنو ناواڻي، ڪملا ڪيسواڻي ۽ سرڳواسي دادا رام پنجواڻي شامل هئا. ڪجهه سالن کان، دادا رام پنجواڻي کان متاثر ٿي، مون سنڌي سڀيتا جي هلچل پنهنجن هٿن ۾ کنئي آهي. مون کي پاڻ جهڙن ٻين سڄڻن جو به سهڪار حاصل آهي. انهن ۾ نارائڻ ساولاڻي ۽ موهن گيهاڻي جهڙا والنٽيئر موجود آهن. اڄ تائين اٽڪل ٽيهه سنڌي ناٽڪ اسٽيج تي ڪيا ويا آهن. اڳواڻي ايس پي مينگهناڻيءَ ۽ رميش ڄاڃاڻيءَ جي هوندي آهي. مونکي خوشي آهي ته ان “ڊنر ٿيئٽر” کي ڪميونٽي طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي ناٽڪ واري ڏينهن کان ڪيترائي ڏينهن اڳ “هائوس فل” جو بورڊ لڳائڻ مان اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته دبئي جا سنڌي ڪيتري نه سڪ ۽ پيار سان پنهنجي ٻولي جي ناٽڪن جو سواگت ڪندا آهن.
    سنڌي ڪلچر کي دبئيءَ ۾ زنده رکڻ لاءِ جنهن ٻئي جانب وڏي جاکوڙ ڪئي آهي سو آهي ڊاڪٽر موتي پرڪاش. پاڻ ڄاتل سڃاتل ڊراماٽسٽ آهن ۽ انڊين هاءِ اسڪول دبئيءَ جا اڳوڻا ڊائريڪٽر پڻ آهن. انيلا سندر پڻ تمام مشهور ڪلاڪار آهي، جنهن پنهنجيءَ ڪلا جو جادو جاڳائي دبئي جي سنڌين ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي. انڊيا جي آزادي جي گولڊن جُبلي ملهائڻ لاءِ هندستان جي دبئي ۾ ڪانسليٽ جنرل، انيلا سندر جو مشهور ناچ “سنڌ منهنجي امان” ڪرايو هو. ڇا ته لاجواب پروگرام ٿيو هو! سنڌين کان سواءِ ٻين ڪميونٽين جي ماڻهن به انيلا جي فن کي ڏٺو ۽ ساراهيو.
    ٻاهران ايندڙ ڪلاڪارن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ۽ لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري دبئي ۾ رهندڙ سنڌي فنڪارن جي پڻ همت افزائي ٿي آهي. انهن ۾ ايشور ادناڻي ۽ ڪوشي لالواڻي به شامل آهن، جن پري پري تائين وڃي سنڌي سڀيتا جو ڌاڪو ڄمايو آهي. دبئيءَ ٻيا به سٺا ڪلاڪار پيدا ڪيا آهن، جهڙوڪ ورشا کٽواڻي، ورشا پاڳراڻي، وشنوگر، رميش ڀاٽيا ۽ مسز چوڌري. انهن سڀني گڏجي سنڌي ٿيئٽر کي سينگاريو آهي. ڪن ڪن موقعن تي مون به اسٽيج تي ننڍڙا ننڍڙا رول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسٽيج پويان بيهي جن ساٿين محنت ڪئي آهي، انهن ۾ موهن گيهاڻي جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. هن کي انتظام سنڀالڻ جي وڏي ڏات مليل آهي.
    توهان کي راندين جي ميدان تي گهڻا سنڌي ڪونه ملندا، پر ڪميونٽي کي راندين روندين جون سهوليتون پيدا ڪري ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي سنڌين پاڻ ملهايو آهي. اڳوڻي انڊين اسپورٽس ڪلب، جنهن کي هاڻي انڊيا ڪلب چوندا آهن، تنهن ۾ راندين توڙي واند ڪائي جي وندر جو وڏو بندوبست آهي. ان ڪلب کي ماڻهو “فائيواسٽار لگزري” به سڏيندا آهن ۽ هڪ ‘بورڊ آف ٽرسٽيز’ ان کي هلائيندو آهي، جنهن ۾ وڏو انگ سنڌين جو آهي. سنڌين ئي ان ڪلب جو پايو وڌو ۽ هڙئون ۽ وڙئون مدد ڪري، وقت سيڙائي، تمام سٺي نموني ان کي هلائيندا اچن.
    دان پڃ جي ڪمن ۾ به سنڌي سڀ کان اڳرا آهن. دبئي انڊين هاءِ اسڪول هڪ بنا نفعي جي هلندر بهترين تعليمي ادارو آهي، جنهن کي هڪ گروپ آف ٽرسٽيز هلائيندو آهي. ان گروپ ۾ گهڻو ڪري سڀ سنڌي آهن. هن اسڪول ۾ 13000 شاگرد بنا ڪنهن ڀيد ڀاؤ جي پڙهندا آهن. هن اسڪول جي لاءِ اها عزت جهڙي ڳالهه آهي ته ان جو پهريون چيئرمين منگهن مل پنچوليا هو. کانئس پوءِ مورج منگهناڻي، کيمچند اين کيارا، ڀڳوان ڄيٺواڻي، واسو شروف ۽ نول ويد به چيئرمين بنيا. اڄڪلهه مون لاءِ اهو اعزاز آهي ته مان ان جو چيئرمين آهيان. ڊاڪٽر موتي پرڪاش عرصي تائين هن اسڪول جي سر براهي ڪئي. موتي يو.اي.اي. ۾ سڀ کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل سنڌين مان هڪ آهي. هونءَ به هڪ ليکڪ جي ناتي سندس توڙي سندس پتني ڪلاپرڪاش جي هاڪ هندستان ۾ ڦهليل آهي.
    سڀيتائي طور سنڌي ڪميونٽي اڄ ڪلهه ڏاڍي مشڪل مرحلي مان گذري رهي آهي. اسان سڀ هڪ هوندي به هڪ ناهيون. سنڌي ڪميونٽي ۾ ڪيترا اهڙا ٽولا پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي پنهنجي مطلب ڪاڻ سنڌيت جي نالي ۾ پنهنجي ڏانءَ جي “سنڌيت” جي پرچار ڪندا ٿا وتن. اسان جي اصلي ۽ سچي ڪميونٽي ته ڪافي سرگرم آهي، پر “سنڌيت” جو نالو نشان ڳوليو نٿو لڀي. سنڌيت ته سنڌي زندگي جو هڪ حصو آهي، پوءِ ان کي پنهنجي زندگي کان ٻاهر ڪيئن ٿا ڳوليون؟ ڪنهن کي سنڌي سڏجي؟ ڪير آهي سنڌي؟ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهي سوال ور ور ڪري پُڇيا ويندا. مون کي مشهور سنڌي شاعر ڪرشن راهيءَ جو هڪ بيت هنيانءَ تي ٿو هُري:
    جيڪي هتي ڄمندا، سي ڀي سنڌي سڏبا،
    سنڌي ٿي به، سنڌ کي، ڏسڻ کئون سڪندا،
    ڌارين وانگر جڏهن، سنڌ وڃي ڏسندا،
    ماڻهون ائين چوندا، سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ.
    جيتوڻيڪ اهو هڪ وڏو الميو ئي آهي. پر پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت به آهي. جڏهن مان ان جي باري ۾ سوچ ويچار ڪريان ٿو ته مان بنهه حيران ٿيان ٿو ته اسان جي جاتي کي هي ڇا ٿي ويو آهي، جو اسان جااڪيچار اڳواڻ ورهاڱي وارن ڏينهن ۾ پنهنجي سياست چمڪائي رهيا هئا. جيڪڏهن اهي پنهنجي جاتي جي ڀلائي لاءِ فڪر مند هجن ها ته اهي سنڌي جي زمين جي ٽڪري لاءِ ضررو ڪجهه ڪن ها. جنهن ٽڪري کي سنڌين جي پنهنجي ڌرتي ڪوٺي سگهجي پيو.
    *


    15. باب پندرهون : تبديليءَ جي ڪا منزل ناهي

    شيون تبديل ٿين ٿيون. سوال اهو آهي ته جڏهن شيون ايترو جلدي سان مٽجنديون رهن ٿيون ته پوءِ سماج ۽ ماڻهن جون عادتون ايترو جلدي تبديل ڇو نه ٿيون ٿين؟
    آئزڪ ايسيموف

    تبديلي اٽل آهي،
    تبديلي اڻ ٽر آهي،
    تبديلي ڪائنات جو قانون آهي،
    زندگي ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ دائمي آهي ته اها آهي تبديلي.ان کان سواءِ اسان هوند سينوارجي وڃون. تبديلي جا گهڻا رنگ، گهڻا روپ آهن. ويس بدلائي ايندي آهي. ڪڏهن اوچتو، اُڇل ڏئي ايندي آهي ۽ ڪڏهن پير پير ۾ پائي، چپ چاپ اڱڻ اورانگهي هلي ايندي آهي. ڪڏهن ڪڙو کڙڪائي، ڪڏهن اڻ ڪوٺيو مهمان ٿي، ڪڏهن ظاهري، ڪڏهن باطني. ڪڏهن ٻاهرين، ڪڏهن اندروني، پر ايندي ضرور آهي. عمر سان گڏ طبيعت ۾ جا نرمي، ٺهر ۽ پختائي انسان ۾ اچي ٿي، سا نوجوانيءَ ۾ نٿي اچي. زندگيءَ جي جام مان توهان مختلف قسمن جي رس جيڪا فقط هڪ دفعو پيئو ٿا، ان مان ئي اڳتي هلي توهان کي اصلي ۽ نقلي، سچي ۽ ڪوڙي، کري ۽ کوٽي جي وچ ۾ فرق ٻڌائڻو آهي. جيڪڏهن اسان صرف اڄ لاءِ جيئون ٿا ۽ اهڙي ريت جيئون ٿا ڄڻ سڀاڻي ٿيڻي ئي ناهي، ۽ سؤ سيڪڙو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيون ٿا ۽ لوڻو ڦيري نه ساڄي نه کاٻي، نه اڳيان نه پٺيان، نه مٿي نه هيٺ نهاريون ٿا، ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته توهان جو جيون ئي توهان جي ماڳ ۽ ڀاڳ جي رکوالي ڪندو. ان مان ڀلائي ڪري اهو مطلب نه ڪڍجو ته جيڪي ٿيڻو آهي سو اوس ٿيندو ۽ اسان کي آئيندي جي ڪا به رٿابندي ڪرڻي ناهي. Yogi Berra چيو هو، “جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، ته پوءِ ساوڌان ٿيو، ڇو ته پوءِ توهان اُتي رسي نه سگهندو.”
    منزل ۽ ماڳ ضرور آهن، پر ان کان وڌيڪ اهم آهن اهي ننڍڙا ڏاڪا، جيڪي اوستائين پهچائين ٿا.
    مان جڏهن به پنهنجي ماضي جي جهونجهڪڙي ۾ جُوهه وجهي ڏسندو آهيان، تڏهن پنهنجي پالڻهار جا اپار احسان مڃيندو آهيان. هن مونکي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ان کان به گهڻو، جنهن جو مان حقدار آهيان.مون پينار جو پانڌ هن اڻ مين خوشين سان ڀري ڇڏيو آهي. ڏک سُک ته حياتيءَ ۾ ايندا ئي رهندا آهن، پر سڀڪجهه ڳڻڻ کان پوءِ به هن جيڪي ڀال ڀلايا آهن، تن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڪا حد، ڪو حساب ناهي.
    تون سپڙ آئون سيڪڙو،تون ڏاتر آئون ڏوهه،
    تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان!
    جيئن جيئن ڏينهن لنگهندا ٿا وڃن، تيئن تيئن آنند جو احساس وڌندو ٿو وڃي. مان پاڻ کي حقيقي “سچ” جي ويجهو پوندو محسوس ٿو ڪريان. جڏهن انسان ٻاهرين خوشين جي لاءِ وٺ سٺ ڇڏي ٿو ڏئي، تڏهن هڪ نئينءَ سچائيءَ جو سورج سندس اندر ۾ اُڀري ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي زندگي کي ۽ زندگي جي چوڌاري مڙيل ماڻهن کي هڪ نئين ۽ انوکيءَ سوچ سان ڏسي ٿو. کيس حياتي جي اصل مُلهه جي ڄاڻ پوي ٿي. مان دبئي جو ٿورائتو آهيان، جنهن مونکي اڻ-ميا موقعا ڏنا. رڳو پنهنجي حياتي سنوارڻ ۽ ڌن ميڙڻ جا نه، پر روحاني رازن ۽ رمزن کي پروڙڻ ۽ پائڻ جا پڻ. مون سان اها به ڀلائي ٿي، جو مون کي دبئي ۾، انڊيا توڙي ٻين ملڪن جي نيتائن ۽ ناميارن ڪاروباري ماڻهن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ سندن ساٿ جو سڳنڌ ماڻڻ جا به موقعا مليا. مان انڊيا جي مهان روحاني پيشوائن سان به مليس. مهاگُرن جا پير پڻ ڇهيم. انهن ۾ سوامي چنميانندا، سوامي سچيدانندا، دادا جي پي واسواڻي، پوجيه نارائڻ بابا، دادي هري ديوي واسواڻي ۽ دادا رتن چند ڇتلاڻي جهڙا مهاپرش به شامل آهن، جن سان رتيءَ جي رهاڻ منهنجي ڪايا پلٽي ڇڏي.
    ڪوڙين ڪنوٽن جا، ڀينر ڀانئيان ڀال
    سامين جيءَ سنڀال، منهنجو چِت چڱو ڪيو.
    سوامي سچيدانندا جو ڪتاب The Golden Present مون ساهه سان سانڍي رکيو آهي ۽ بار بار پڙهيو آهي. 7-سيپٽمبر مان هيءُ ٽڪرو پڙهي ڏسو؛
    “وڏو ملهه ڏيڻ وارا ٿورا ماڻهو، تمام ٿورا ماڻهو آهن، جي دليئون ڪنهن اوچائيءَ تي پهچڻ جي آس رکندا هوندا، ۽ ان جو مُلهه ڏيڻ لاءِ به تيار هوندا. اهو مهانگو مُلهه آهي جيون ۾ ڊسيپلين ڌارڻ.”
    هڪ ماڻهوءَ کي چنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين درڪار آهي؟ اولمپڪ چئمپئن ٿيڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين گهرجي؟ رانديگرن کي سگريٽ پيئڻ جي جهل آهي. مٿن کاڌي پيتي جون ڪي شيون واپرائڻ تي به سختي آهي. جلدي سمهڻ جو به قانون آهي. کين هر روز پرئڪٽس به ڪرڻي آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿا ڪن ته جيئن سون جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪر کٽي سگهن.
    هڪ ننڍڙي جبل تي چڙهڻ لاءِ ڪيترو ڊسيپلين گهرجي؟ ڀلا ايوريسٽ جي چوٽي تي پهچڻ لاءِ ڪيترو وڏو ڊسيپلين کپي؟ ياد رهي ته هت اسان دنيا جي سڀ کان وڏي جبل Everest (دائمي آرام) جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون. مڙني ساڌن ۽ سنتن چيو، “ڊسيپلين تمام ضروري آهي. پاڻ تي ڊسيپلين رکو. پنهنجن حواسن تي ڪنٽرول ڪيو.” هو نادان نه هئا. گياني هئا.
    اسان کي اهي جايون گهرجن، جتي ڊسيپلين سکي سگهون. پنهنجي ٻل ۽ شڪتي کي لغام ڏينداسين ته خود اسان جو ئي فائدو ٿيندو. مثال طور، هائبرواليڪٽرڪ انرجيءَ کي ئي کڻي ڏسو. ڪٿان ملندي آهي؟ ڪيئن ملندي آهي؟ هڪ آزاد، ڇيڪ ۽ ڇڙواڳ درياءَ تي پهريون بندُ ٻڌبو آهي. پوءِ پاڻي کي هڪ وڏي ۽ ويڪري پائيپ مان لنگهائڻو پوندو آهي. پاڻي پکن لڳل مشين (turbine) مان گذرندو آهي. اهڙي طرح جڏهن بجلي پيدا ٿيندي آهي، تڏهن ان کي ننڍن ٽرانسفارمرن جي وسيلي توهان جي گهر تائين پُڄائبو آهي. جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ ڪا هڪ تار به ڇڳل آهي يا کليل آهي ته اها اوهان کي جهٽڪو ڏئي سگهي ٿي يا گهر کي باهه ڏئي ساڙي سگهي ٿي.
    جيڪڏهن توهان ڪو جانور ڌاريو آهي ۽ ان کي چئو ٿا “ويهه” ۽ هو ويهي ٿو رهي، ته توهان کي خوشي به ٿئي ٿي ۽ فخر به ٿئي ٿو. ياد ڪريو، توهان کي ڪيترا اهڙا مالڪ سُجهن جيڪي جڳ کي ڏيکاريندا وتندا آهن ته ڏسو، اسان جو پالتو جانور ڪيڏو نه چئيوان آهي. سرڪس ۾ اوهان ڇا ڏسندا آهيو؟ سڀ شينهن، چيتا، هاٿي ۽ گهوڙا ڊسيپلين ۾ هوندا آهن. ان ڪري ڪڏهن به نه ڀُلايو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا هڙ حاصل ٿي اَٿَوَ ته اها ضرور ڊسيپلين جي ڪري ئي ٿي هوندي.”
    هن قسم جي ڪتابن مان تمام وڏي سکيا ملي ٿي. دادا جي پي واسواڻي ۽ نارائڻ بابا جا اهڙائي ڪجهه ٻيا ڪتاب منهنجي پوڄا جي ڪمري ۾ موجود رهندا آهن ۽ جڏهن به من مُنجهيل هوندو آهي، تڏهن دل کي ڏاڍو ڏڍ ڏيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته انسان جي زندگي ۾ گرو ان وقت ايندو آهي، جڏهن هو سندس آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. اُن تياري جو مطلب آهي انسان جو روحانيت ڏانهن لاڙو. اهڙو لاڙو ماڻهوءَ کي آلي اٽي وانگر ڳوهي، نئين شڪل نئين شبيهه ڏيندو آهي ۽ ان سموريءَ تبديلي جي پويان ايشور جي اِڇا ۽ آسيس هوندي آهي. گروءَ جي شڪشا جو پالن ڪرڻ سان هو هردم توهان سان ساڻ رهندو ۽ سندس ٻڌايل ڳالهين کي دل سان هنڊائڻ کان پوءِ هو اوهان جي من ۾ ديرو دمائي ويهندو.
    دبئي ۾ رهندڙ هندستانين (NRI) جي آرگنائيزيشنن سان ويجهڙائيءَ سبب مونکي سياسي ليڊرن سان ملڻ جا به موقعا مليا. انهن ۾ اندرا گانڌي، راجيوگانڌي، نرسمها رائو، چندر شيکر، وي.پي. سنگهه، اٽل بهاري واجپائي ۽ ايل.ڪي. آڏواڻي شامل آهن.
    هڪ ڳالهه جنهن منهنجو ڌيان ڇڪايو، سا هئي سندن روزمره جي سرڪاري معاملن کي مُنهن ڏيڻ جي قابليت. مان سمجهانٿو ته هو هڪ پل کان ٻيو پل ڌار ڪري ٿا جيئن. هنن لاءِ هر گهڙي نئين للڪاريندو کڻي ايندي آهي، ۽ هو وڏي همٿ ۽ صبر سان پنهنجي خوشي توڙي غم، ڪاوڙ توڙي ڪروڌ کي منهن ڏين ٿا، پر ٻاهر ذري برابر به ان جي ڏِک نٿا ڏين. هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ ۽ سندن کٽيون مٺيون ڳالهيون ٻڌڻ ڪري هو پاڻ تي ضبط ڪرڻ سکي ويا آهن. ظاهر آهي ته هو سياسي ليڊر آهن ۽ ان ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي ناراض ڪرڻ يا ڏکوئڻ جو ته هو سوچيندا به نه هوندا.
    سياست جي ڳالهه ڪندي هڪڙو خيال اوچتو منهنجي ذهن ۾ آيو آهي ۽ اهو هي ته سنڌين جي سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سواءِ ڪن ٿورن جي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سياسي سوچ سان سلهاڙيل آهن، باقي سنڌي سياست جي نالي کان به ونءُ ٿا وڃن. مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن اسان جي اها حالت رهي ته پوءِ سنڌين جي سياسي ميدان ۾ ڪهڙي حيثيت رهندي؟
    جيڪڏهن اسان وٽ ڪي قابل قدر اڳواڻ هجن ها، جيڪي پنهنجي جاتيءَ جي چڱڀلائي ۾ دلچسپي رکن ها ته اڄ ورهاڱي واري ڪهاڻي ڪجهه مختلف ئي هجي ها.
    سنڌي بزنيس ليڊرن ۾، منهنجي راءِ ۾، سريچند هندوجا سڀن کان مٿانهون آهي. هر ڀيري جڏهن به مان ساڻس ڳالهائيندو آهيان، کانئس ڪجهه نه ڪجهه نئون سکندو آهيان. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مون کيس صلح ۽ امن جي دعا ڏني هئي. هن وراڻيءَ ۾ چيو هو، “مونکي جدوجهد جي دعا ڏئي. امن ته تڏهن ملندو جڏهن ڏينهن پورا ٿيندا.”
    کيس ويجهو کان ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو موقعو مليو اٿم. 1992ع يا 1993ع جي ڳالهه آهي. پنهنجي جُميراهه واري ولا جي لان تي ويٺو صبح جي چانهه مان مزا وٺي رهيو هوس جو سندس فون آيو. هن مون سان ڪا بئنڪ قائم ڪرڻ جي باري ۾ صلاح ڪرڻ ٿي گهري. ڏاڍي نماڻي سان ٿي ڳالهايائين، پر سندس گفتگو ۾ تمام گهڻا جذبا، جوش ۽ اميد پئي جهلڪي. ڪلاڪ کان به وڌيڪ دير تائين ڳالهائيندو رهيو.
    مون کي خبر هئي ته ٿورو ئي وقت اڳ هن جو پٽ دکدائڪ حالتن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر مون سندس آواز ۾ دک جو ڪو به اهڃاڻ نه ڏٺو. هن پنهنجي بدنصيبيءَ کي قبول ڪري ورتو هو. “کيل هلندو رهي” جي چواڻي، هن پڻ ڪٿي رڪجي بيهي رهڻ نٿي چاهيو.
    هڪ دفعي مونکي چيائين، “جيڪڏهن مون کي دک ڀوڳڻو آهي،جيڪڏهن اهو ئي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي، ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت ان کي ٽاري نه سگهندي. ڏور ڪنهن زبريءَ، زورآور ۽ اَبدي طاقت جي هٿ ۾ آهي. هو منهنجي لاءِ جو سوچيندو، مون کي ڪنڌ جهڪائي مڃڻو پوندو.”
    پهرينءَ ئي گفتگوءَ ۾ مونکي ڄاڻ پئجي وئي ته سنڌين جي ڇڙوڇڙ ڪميونٽي کي جنهن ڪپتان يا ناکئي جي گهرج هئي،سو هندوجا جي صورت ۾ موجود آهي. ان باري ۾ مون هڪ سنڌي گڏجاڻي ۾ چيو هو:
    ڪشتي سڀ ڪي ڪناري لگ جاتي هي
    جس ڪا ناخودا نهين هوتا
    اس ڪا خدا هوتا هئي.
    هندوجا سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ وڏي ڪامياب جاکوڙ ڪئي. هن نيشنلائيزيشن کان پوءِ واري دور جي پهرين پرائيويٽ بئنڪ ٺاهڻ ٿي چاهي. ان سلسلي ۾ هن سڄيءَ دنيا جي سنڌين جا وڏا وڏا نالا کڻي هڪ هنڌ ڪٺا ڪيا. هئري ليلا ۽ ڪي. سيتل هانگ ڪانگ مان، واشي پرسواڻي بيئنڪاڪ مان، ٽيڪمداس مولاڻي سينگاپور مان، ناري پوهاڻي آمريڪا مان، لال تولاڻي، داسي ٻڌراڻي ۽ سندر ڊالامل انگلنڊ مان ۽ مان دبئيءَ مان. انڊيا مان نرنجن هيراننداڻي، نانڪ روپاڻي، امر دولتاڻي، ناري گرسهاڻي ۽ ڊي ايم هريش پڻ سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. فقط 67 ڏينهن اندر هندوجا پنهنجو 100 ڪروڙ (هڪ بلين) روپين جو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. بئنڪ ٺهي وئي.
    مٿي ڄاڻايل ميمبرن مان ڪيترا انڊيا آيا. جدا جدا سياسي پارٽين جي نيتائن سان مليا. بئنڪ جي باري ۾ کين آگاهي ڏنائون. چيائون پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانيءَ جي طرفان هي پنهنجي ملڪ لاءِ سوکڙي آهي. ٿوريون گهڻيون اهنجايون ٿيون، پر جلد ئي دور ڪيون ويون. اهڙيءَ ريت انڊس انڊ بئنڪ لميٽيڊ (IndusInd. Bank Ltd.) جو جنم ٿيو. اهو نالو اصل ۾ انڊس ويلي سولائيزيشن اينڊ انڊيا) (Indus Valley Civilization and Inia) کي ڇوٽو ڪري بنايو ويو هو. ان بئنڪ پنهنجن حصيدارن کي پهرئين سال کان ئي منافعو ڏيڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين ڏيندي پئي اچي. ٽن سالن تائين لاڳيتو اها بئنڪ سڀني بئنڪن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر رهي. هڪ بلين روپين جو مُور ذاتي طور تي گڏ ڪيو ويو.ان تي رواجي طرح 15 سيڪڙو واڌو خرچ ايندو آهي، جيڪو بچايو ويو. سڀئي ميمبر توڙي رقم جمع ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ، پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، دهليءَ توڙي ٻين شهرن ۾ پهتا. بئنڪ جي اڳواٽ خرچن واري مَدَ مان پائي ڪونه ورتائون. ايس پي هندوجا جي اڳواڻي جو جادو انهيءَ کي چوندا آهن.
    سنڌي ڪميونٽي هيل تائين بنا ڪپتان ڪم پئي ٽپايو. هاڻي کين هندوجا جي روپ ۾ سچ پچ هڪ ڄاڻو ڪپتان ملي ويو آهي.
    دبئي ۾ منهنجا ڪيترا ئي دوست آهن، پر ٻه نالا سڀني کان مٿانهان آهن. منو ڇاٻڙيا ۽ هيرو جشن مل. ٻئي ڄڻا هاڻ اسان ۾ نه رهيا آهن. منوءَ جمبو اليڪٽرانڪس جي وسيلي ڄڻ ته سلطنت جوڙي ورتي. وڏو دلير شخص هو. اٽل،اجهل ۽ آڻ نه مڃڻ وارو. اهڙا ماڻهو روز روز نه ڄمندا آهن. مونکي چڱي طرح ياد آهي جڏهن مون هن جي ڪوٽ جي ڪالر تي “لائنس ڪلب” جو ٻلو هنيو هو. اها 1970ع جي شروعات جي ڳالهه آهي ۽ ان وقت مان دبئي ۾ ڪلب جو پريزيڊنٽ هئس. هو ڇاتي تاڻي منهنجي سامهون بيٺو هو ۽ مات ڏيندڙ مرڪ سندس چپن کي چمي رهي هئي. اُن کان پوءِ اسان تمام ويجها دوست بنجي وياسين ۽ اڪثر لنچ تي گڏجي ويهي هڪ ٻئي جا ذاتي مسئلا ٻڌندا هئاسين.
    هيري جشن مل جهڙا املهه موتي به ڪن قسمت وارن کي ملندا آهن. ڏاڍو چرچائي ۽ بي حد ذهين هو. 1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسٽيج تي به وڏا ڪم ڏيکاريائين. انڊيا جي ريپبلڪ ڊي واري جشن توڙي اهڙين موقعن تي به سدائين بهرو وٺندو هو. نه ته پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو ماٺيڻو هوندو هو. جڏهن مان انڊيا اسپورٽس ڪلب (هاڻي انڊيا ڪلب) جو چيئرمن هوندو هئس، تڏهن هو مئنيجنگ ڪميٽي جو ميمبر هو. جيتوڻيڪ ميٽنگن ۽ فنڪشنن ۾، ميمبر هئڻ جي ناتي، اڳين سيٽن تي ويهڻ هن جو حق هوندو هو، پر هو ڄاڻي واڻي پوين سيٽن تي وڃي ويهندو هو.
    1960ع جي اوائل ۾ جشن مل جو دڪان ڊيرا شهر جي آخري ڇيڙي تي هوندو هو. ڊيرا وڃڻ لاءِ بر دبئي کان ابريءَ تي چڙهڻو پوندو هو، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ڪريڪ جي مٿان اڃا پل ڪونه ٺهي هئي، جيڪا ڇاڙ جي ٻنهي ڪنارن کي ملائي. هڪ ڀيري مون کي سيٽن جو سئمپل ڪٿان ٻاهران کان مليو، سو سوچيم ته هيري کي وڃي ڏيکاريان، ڇو ته جشن مل کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪوبه ڪونه ٿي سمجهيم جيڪو اهڙين شين ۾ دلچسپي وٺي. ڪريڪ ٽپي، سخت گرمي ۾ پنڌ ئي پنڌ، سئمپلن سميت وڃي جشن مل جي دڪان تي پهتس. منهنجي عمر ان وقت ويهه سال مس هئي. نئون نئون بزنيس ۾ پير پاتو هئم. ڀوءَ به پيو ٿئيم. ڊڄندي ڊڄندي وڃي سئمپل سندس سامهون رکيم. ڳالهه وڻيس يا نه، سا ته مونکي ڪل ڪانه پئي، باقي اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو ته کيس منهنجي اهڙيءَ نٽهڻ اُس ۾ ايڏو پري کان پيدل اچي سئمپل ڏيکارڻ تي ڏاڍو اچرج ٿيو آهي. هن هڪدم مونکي آرڊر بڪ ڪرايو. ان کان پوءِ هن جو ساٿ ۽ سهارو هميشه مون سان گڏ رهيو ۽ منهنجي ترقي ۽ واڌاري ۾ مدد ڪندو رهيو. مون کي اها به خوشي آهي ته هو مونکي ڏاڍو پسند ڪندو هو. منهنجي وڏي ڪڪيءَ گؤريءَ کي به ڏاڍو چاهيندو هو.
    جشن مل وارن جي فئملي شايد سڄي مڊل ايسٽ ۾ اڪيلي سنڌي فئملي آهي، جنهن جون پاڙون عراق ۾ کتل آهن. اهو ڪٽنب ورهاڱي کان اڳ، گذريل صدي ۾ لڏي وڃي بصري ۾ آباد ٿيو. اتي ئي هنن پنهنجو بزنيس شروع ڪيو. ان کان پوءِ هنن پنهنجو ڪاروبار وڌائي ڪويت، بحرين ۽ ٻين جي سي سي ملڪن تائين ڦهلائي ڇڏيو. هنن جلد ئي پنهنجو نانءُ سٺي وکر رکڻ وارن طور مشهور ڪري ورتو ۽ اهڙو سامان رکندا هئا، جيڪو ٻين وٽان ڪونه ملندو هو. ان ڪري هنن جي گراهڪن جو هڪ خاص ڪلاس پيدا ٿي پيو. مون کي ياد آهي ته Gray Mackenzie وارن جي هڪ بالا عملدار Mr. Padiyath سان هڪ ڀيري منهنجي ملاقات ٿي. ڳالهين مان ڳالهيون نڪتيون ته جشن ۾ جو ذڪر ٿيو. هن چيو ته هو هميشه جشن مل تان خريداري ڪندو آهي ۽ چيائين ته هڪ جوڙي جورابن جي ڏهه سال اڳ جشن مل تان ورتي هيم، جيڪا اڄ به صفا نئين ٿي لڳي.
    1960ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ منهنجي ملاقات نارائڻ جشن مل سان ٿي. هو ڪويت ۾ ڪمپني جو ڪم ڪار سنڀاليندو هو. هن مون کي هڪ ڏاڍو سٺو سبق ڏنو. چيائين، “هڪ ريزڪي دڪان ۾ ضروري آهي ته جڏهن صبح جو در کلي ته دڪان جو مالڪ موجود هجي ۽ وري جڏهن شام جو دڪان بند ٿئي، تڏهن به مالڪ موجود هجي.”
    گنگو بترا، جيڪو اڄڪلهه جشن مل جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، سو ان وقت ڪويت ۾ هوندو هو ۽ مان کين جپاني ساڙهين جو ڪپڙو وڪڻندو هوس. ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪار پورو ٿيڻ کان پوءِ شام جو هيري جي گهر وڃي گڏ ٿيندا هئا. هيرو ۽ سنس گهرواري، گل، وڏي خوشي سان سندن آءُ ڀڳت ڪندا هئا. هو اتي ئي رهندا هئا، جنهن بلڊنگ ۾ جشن مل جو دڪان هوندو هو. کيس پنهنجو جنريٽر ۽ پنهنجي بجلي هوندي هئي. هيري جي گهر ڀرسان دبئي جي اڪيلي سئنيما هوندي هئي. جنهن کي ڇت ڪانه هوندي هئي. هيري ۽ سئنيما جي وچ ۾ هڪ ننڍي ڀت هئي، انڪري جيڪي به دوست هيري سان ملڻ ويندا هئا، سي سندس گهر جي مٿئين حصي تي ويهي مفت ۾ فلم به ڏسي سگهندا هئا. انهن گرمي جي راتين ۾، جڏهن سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ ٿڪجي هيري جي گهر ۾ ٿڌو بيئر جو گلاس هٿ ۾ جهلي فلم ڏسندا هئاسين، ته آنند اچي ويندا هئا. سئنيما ۾ رڳو لوهي ڪرسيون هونديون هيون، ان ڪري جنهن کي وڌيڪ آرام گهربو هو، سو پنهنجي گهران فولڊنگ ڪرسيون پاڻ سان گڏ کڻائي ايندو هو.
    ٻي سئنيما جميره ۾ هئي، جنهن جو مالڪ ڪڇ جو سنڌي حاجي هارون هوندو هو. ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. هر ڪنهن جي مدد لاءِ آتو هوندو هو، ان ڪري عام ماڻهن ۾ ڏاڍو مقبول هو. ڌنڌو به تمام سٺو هلندو هوس. گهڻو ڪري ننڍي کنڊ سان واپاري لاڳاپا هئس. هڪ دفعي برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ جي ڊنر تي حاجي هارون جي واقفيت هن طرح ڪرائي وئي: “دبئي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي هيءُ شخص آهي.”
    سڀني سئنيما گهرن ۾ هندي فلمون هلنديون هيون. حاجي هارون ڪجهه عرصي کان پوءِ ڊيرا ۾ هڪ کليل ڇت واري سئنيما کولي، جيڪا اڄ به موجود آهي. فرق صرف ايترو آهي جو اڄ ڪلهه ان سئنيما ۾ نئين زماني جون سڀ سهوليتون موجود آهن.
    ان کان پوءِ ڪڇ جي هڪ ٻئي سنڌي حاجي مامو “دبئي سئنيما” کولي، جيڪا پڻ کليل ڇت واري هئي.
    تلسيداس تلريجا، جنهن امر ٽريڊرس جو پايو وڌو، سو دبئي جو ڄاتل سڃاتل فلم ڊسٽريبيوٽر هو. امر ٽريڊرس، هندوجا گروپ جي هڪ شاخ هئي، جنهن دبئي ۾ ڪم شروع ڪيو. تلريجا ٻين ڪمن سان گڏ ٽيڪسٽائيل جو واپاري پڻ هو. ان زماني ۾ ڊسٽريبيوٽر پنهنجي في فلم جي ڏهاڙي ڪمائيءَ جي حساب سان وٺندا هئا. تلريجا پاڻ هر سئنيما ۾ وڃي حساب ڪتاب ڏسندو هو ۽ پنهنجي في اُڳاڙيندو هو. منهنجي ۽ تلريجا جي عمر ۾ وڏو فرق هو، ان هوندي به اسان جي ڏاڍي پڪي ياري ٿي وئي. ان کان سواءِ هو اسان جي ڪمپني جو سٺو گراهڪ پڻ هو. جڏهن مون کي واندڪائي هوندي هئي، تڏهن مان ساڻس گڏجي سئنيمائن جي چڪر تي ويندو هوس. فلم شروع ٿيندي هئي نائين بجي، ان ڪري اسان کي ايترو ٽائيم ملي ويندو هو جو روٽي ۽ دال سان گڏ هڪ ٻه گلاس بيئر جا پي ٺاهوڪي ڊنر ڪري وٺندا هئاسين. اسان ٻنهي جو اهو سلسلو سالن تائين جاري رهيو. تلريجا کي ٽي پٽ هئا: پرڪاش، گرڌاري ۽ سريش. هاڻي تلريجا توڙي سندس گهرواري هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. گرڌاري جو موت اوچتو ۽ ڪُمهلو ٿيو. پرڪاش اڃا دبئي ۾ رهندو آهي ۽ سريش انڊيا هليو ويو.
    جڏهن به مان انڊيا اسپورٽس ڪلب جي چونڊ لڙندو هوس، تڏهن مون کي پڪ هوندي هئي ته هيرو بنا چوڻ جي منهنجي مدد ضرور ڪندو. اهي اليڪشنون ٿينديون ته صاف سٿريون هيون، پر مقابلا ايڏا سخت ٿيندا هئا ڄڻ انڊيا جي چونڊ پئي لڙجي. وڏي ورڪ هلندي هئي، ماڻهو ميڙڻا پوندا هئا ۽ رُٺن کي پرچائڻو پوندو هو. مان 1991ع ۾ ڪلب جو چيئرمين چونڊجي ويو هئس.
    انهن ڏينهن ۾ ڪلب هڪ اڻ وڻندڙ جڳهه ۾ هوندي هئي. جيتوڻيڪ ڪلب جا بئنڪ ۾ سٺ لک درهم رکيا هئا، پوءِ به ڪلب جو ههڙو هيڻو حال ڏسي حيرت ٿيندي هئي. ڪو به ماڻهو اها رقم خرچ ڪري ڪو چڱو ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هو. اسان جي ڪمپنيءَ ڪجهه پئسا ڪڍي هڪ نئينءَ بلڊنگ ۾ سيڙپ ڪرڻ چاهي، پر اهو گلف واريءَ جنگ جو زمانو هو ۽ اهڙي ڪا به سيڙپ فائدي بدران مورڳو نقصان ڏئي ها. ماڻهن ۾ ڊپ ۽ خوف ۽ حراس ڦهليل هو. هو ملڪ ڇڏي ڀڄي رهيا هئا. ماڻهن آڱريون کڻڻ شروع ڪيون.
    ڪن الزام هنيا، ڪن ته مورڳو دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون ڪيون، پر اسان پنهنجي فيصلي تي قائم رهياسين. منهنجو چوڻ هو ته پئسو ڪميونٽي جو آهي ۽ خرچ به ڪميونٽي تي ٿيڻ گهرجي. جنگ سبب مارڪيٽ ڪريل آهي ۽ ڪريڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپ ڪرڻ سان اڳتي هلي ضرور فائدو ٿيندو. منهنجي راءِ هئي ته هڪ وڏي بلڊنگ ٺهرائجي ۽ ڪلب کي وڏو ڪجي ته جيئن اسان هن شهر جا ٿورا لاهي سگهون، جنهن اسان کي ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ ۽ سک ڏنو آهي. اها بلڊنگ دبئي وارن کي هميشه ياد ڏياريندي رهندي ته اسان سندس ڪيترا نه شڪر گذار هئاسين. جنگ سبب ڪنسٽرڪشن جو ڪم به گهڻي قدر گهٽجي ويو هو، ان ڪري اسانکي سولائي اها ٿي جو اسان ٺيڪيدارن کي گهٽ ڏوڪڙن تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. هر ماڻهوءَ ساٿ ڏنو. نقشن ٺاهڻ وارن کان ويندي ميمبرن تائين، هر شخص هڙان وڙان مدد ڪئي ۽ اهڙي طرح سڄي امارات ۾ سڀ کان سٺي ڪلب ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. جيڪڏهن شاهجهان پٺيان خزانو ڇڏي وڃي ها ته ڪوبه سندس واکاڻ ڪونه ڪري ها، پر جڏهن ان ئي خزاني مان هن تاج محل ٺهرايو ته اڄ به دنيا ڏندين آڱريون ٿي ڏئي ۽ شاهجهان کي سهڻن لفظن ۾ ياد ٿو ڪري.
    مونکي ياد آهي ته ڪلب جو جنرل سيڪريٽري، ڪي ڪمار رات جو دير سان مون وٽ ايندو هو. ويچارو سڄي ڏينهن جي پورٽ آفيس ۾ هڻ هڻان کانپوءِ ٿڪو ٽٽو اڃا مون وٽ پهچندو مس هو ته مان کيس وٺي دبئي کان ٻاهر سنگ مرمر جي فئڪٽريءَ ويندو هوس، جتي اسان ڪلب جي لاءِ سامان جي چونڊ ڪندا هئاسين ۽ ڪم جي رفتار جو جائزو وٺندا هئاسين. ڪي ايم ڀاٽيا منهنجي چيئرمنيءَ واري زماني ۾ وائيس چيئرمين هو. هن پڻ ڪلب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. بهرام ڪپايا ڪلب کي هڪ بهترين بورچيخانو ٺاهي ڏنو، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به بورچيخاني (Kitchen) سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    What’s On نالي مئگزين ته ان حد تائين وئي جو ڪلب لاءِ لکيائين ته هيءَ ڪلب ته ناهي، فائيو اسٽار عياشي آهي. ڪلب جي بلڊنگ ۽ منجهس پيل سامان کي ISO سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن موهن ولراڻي چيئرمين ٿيو.
    مون اڳيان ڪٿي لکيو آهي ته دبئي مارڪيٽ منهنجي لاءِ يونيورسٽيءَ جو درجو رکي ٿو. دبئي مارڪيٽ ۾ بزنيس جي ڳوڙهين ڳالهين، رازن ۽ رمزن ۽ انساني روين، واٽن، واسطن ۽ رشتن کان مونکي جيڪا واقفيت ملي، سا نه ته ڪنهن درسي ڪتاب ۾ لکيل آهي ۽ نه وري ڪنهن اسڪول جي ڪلاس ۾ پڙهائي وڃي ٿي. جيڪي واقعا اکين سان ڏٺم ۽ جن ماڻهن سان مليس، انهن مونکي ماڻهوءَ ۾ لڪل ڪيترن ئي ڪُنڊن پاسن، انساني ڪلچر ۽ بدلجندڙ حالتن هيٺ ماڻهن جي بدلجندڙ سوچ جا عجيب سبق سيکاريا. ان سڀ ڪجهه هوندي به هڪ ڳالهه اڃا به وڌيڪ پلئه پيم، اها هئي انسانذات جي هڪ جهڙائي. رنگ، نسل، ڌرم، قوم، ٻولي ڪهڙي به هجي، ماڻهو آخرڪار ماڻهو آهي. ڳالهه نڪتي آهي. ته يادن جو ڄڻ بند ڀڄي پيو آهي. انهن مان هڪ آهي موت جي باري ۾ ۽ ڪنهن ڏکوئيندڙ واقعي تي انساني موت جي باري ۾.
    ڪيئي سال اڳ جي ڳالهه آهي جو مسٽر منابي اسان وٽ مهمان ٿي آيو. منابي جپاني هو ۽ Chori Co Ltd. جو سينيئر عملدار هو. انهن ڏينهن ۾ دبئي ۾ مهمانن جي آءُ ڀڳت ڪرڻ ۽ کين تفريح ڪرائڻ جي ڪا جاءِ ڪانه هئي. رڳو راس الخيما ۾ هڪ ڪاسينو هوندو هو، سو اسان کيس اتي وٺي وياسين. جيئن دنيا ۾ ٻين هنڌن تي ڪاسينو هوندو آهي، هيءُ به اهڙو ئي هڪ تفريح جو ماڳ هو، جنهن ۾ رانديون ۽ ٻيا تماشا ٿيندا هئا. اسان عام طور مهمانن کي دبئي ۾ يا شارجا ۾ ڊنر ڪرائيندا هئاسين. کاڌي ۾ احمد علي ڪبابيءَ جو دڪان مشهور هو، ان ڪري گهڻي ڀاڱي اتي ئي ويندا هئاسين، ۽ پوءِ کين گاڏين ۾ چاڙهي راس الخيما وٺي ويندا هئاسين. ڪاسينو ته سڄي رات کليل هوندو هو. اسر ڌاري بند ڪندا هئا، ان ڪري اسان ڏاڍي مزي سان ڊنر ڪري، ڪچهريون ڪندا، دير ڀرو وڃي ڪاسينو ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ڀل ته مهمان باقي رات موج مستيون ڪن.
    بدبختي اها ٿي ته جنهن گاڏيءَ ۾ منابي سفر ڪري رهيو هو، تنهن جو رستي تي حادثو ٿي پيو ۽ منابي سخت گهايل ٿيو. ويچارو ڌڪن جا سور نه سهي سگهيو ۽ گذاري ويو. اسان سندس مڙهه جپان موڪلڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي.
    مهينو کن گذريو مس ته اسان کي جپاني ڪمپني طرفان خط مليو ته منابي جو پيءُ پنهنجي پوٽي سان گڏجي دبئي اچڻ ٿو گهري، ڇو ته هو اسان جي مهرباني مڃڻ ٿو چاهي، جو اسان سندس پٽ جي اسپتال ۾ سار سنڀال لڌي هئي ۽ مرڻ کان پوءِ سندس لاش جپان ڏياري موڪليو هئوسين. مونکي تپرس وٺي ويو. جيڪڏهن ان جاءِ تي ڪو هندستاني هجي ها ته لک گار ڳڻي ان جاءِ کي ڏئي ها. مٿان وري ڏهه الزام انهن ماڻهن تي به ڌري ها، جيڪي ان وقت ساڻس گڏ هئا، پر جپاني پيءُ جي دل ڏسو. ايڏو پري کان دبئي فقط ان ڪري پئي آيو ته اسان کي شڪر گذاري جا ڪجهه لفظ روبرو اچي چئي، جو اسان سندس پٽ جو مرڻ کان اڳ توڙي مرڻ کان پوءِ خيال رکيو هو.
    جڏهن اهو ڪراڙو آيو ۽ اسان سان مليو ته وايومنڊل ڏاڍو جذباتي ٿي ويو. اڪيلو آيو هو. پوٽي کي ان ڪري نه وٺي آيو جو ننڍڙو بار ايڏي وڏي مسافريءَ جو ٿڪ سهي نه سگهي ها. پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي ڪٽنب جي طرفان اسان جا ٿورا مڃڻ کان پوءِ چيائين ته مونکي هلي اهو هنڌ ڏيکاريو، جتي حادثو ٿيو هو. اسان کيس در گهٽنا واريءَ جاءِ تي وٺي وياسين. هو ڪجهه دير چپ چاپ بيٺو رهيو ۽ پوءِ زمين تان مُٺ واريءَ جي ڀري کنيائين ۽ چيائين، “مان هيءَ واري گهر کنيو ٿو وڃان ۽ اتي ان کي سنڀالي رکندس. جڏهن منهنجو پوٽو وڏو ٿيندو، تڏهن کيس ڏيندس ته پنهنجي پتا جي يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکي.”
    سڀني جون اکيون آليون ٿي ويون. ڪجهه مهينا پوءِ، جڏهن مان جپان ويس ته منابي جي ڪٽنب مون سان ملڻ لاءِ ٽائيم رکيو. مونکي ساڻس ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. اسان سنڌي ماڻهو اڳ ئي دل جا ڪچا، مٿان وري هيءَ ڏکويل فئملي. سچ پڇيو ته مان سندن ڏک ڏسڻ جي سگهه ساري نٿي سگهيس، پر جڏهن هو مون سان ملڻ آيا، تڏهن منهنجيءَ گهرواريءَ لاءِ هڪ قيمتي ڪِمونو (جپاني عورتن جو ڊگهو لباس) سوکڙيءَ طور وٺي آيا. اهو هنن جي احسانمندي جي اظهار جو طريقو هو. هنن جنهن نموني زندگي جي سچاين جو مقابلو پئي ڪيو، ان مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙيون خوبيون مون ٻين جپانين ۾ به ڏٺيون آهن.
    جپانين جي چال چلت، عادتون، روايتون، رواج ۽ رَوَيا پنهنجي جاگيرداراڻي ماضيءَ سان اڄ به مضبوط جڙيل آهن. ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳري اڄوڪي جپان ۾ پڻ اوهان کي اڳوڻي زمينداري ۽ سرداري جپان جا اهڃاڻ نظر ايندا.هو اڄ به پنهنجي شهنشاهه تي ساهه ڏيندا آهن. ماڻهن سان ڏي وٺ وڏي خبرداريءَ سان ڪندا آهن. پرڏيهين سان ته وڌيڪ چڱو سلوڪ ڪندا آهن. ٻئي جي دل رکڻ ڪاڻ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندا، جيڪا اڳلي کي ڏک رسائي. ماڻهن جي دل آزاري ڪرڻ سکيا ئي ناهن. جيڪڏهن سمجهندا ته سچ چوڻ ڪنهن کي ڪڙو لڳندو ته ڏاڍي نماڻائي سان ڳالهه بدلائي ويندا. ڪڏهن ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه چوڻي به هوندن ته وڏيءَ بردباريءَ سان، عزت واري نموني سان چوندا. ڳالهه ڪندا ته شروعات هميشه سٺي انداز ۾ ڪندا. اهي ئي ڳالهيون ڪندا جيڪي وڻندڙ ۽ مناسب هونديون. جيئن جيئن گفتگو اڳتي وڌندي ته ڪنهن چڱي گهڙيءَ جو انتظار ڪندا ته جيئن صحيح موقعي تي سخت سچ چئي سگهن. هو هندستانين جيان هٿن، اکين ۽ جسم جي اشارن سان سٺي نموني پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يورپي قومون، جيڪي ان قسم جي ڳالهين تي هريل ناهن، سي، جپانين توڙي اوڀر وارن ملڪن جي ڪلچر کان ناواقف هئڻ ڪري، اهڙين ڳالهين کي يا ته چالاڪي ۽ مڪاري سمجهنديون آهن، يا وري ٻه چاپڙائي ۽ ٻهروپيائي چونديون آهن. منهنجي خيال ۾ اها انهن جي ڏاڍائي آهي، جيڪا اوڀر جي سڀيتا کان اڻ ڄاڻائيءَ ڪري هنن جي دماغ ۾ ويٺي آهي. هو جپانين کي ڳجها ۽ اندر جا اونها به ان ڪري ئي سمجهندا آهن.
    جپاني ڪنهن کي به عام راوجي ماڻهو نه سمجهندا آهن. خاص ڪري بزنيس جي معاملي ۾ پرڏيهين سان ڳالهائڻ وقت اکيون، ڪن ۽ دماغ بلڪل کليل رکندا آهن. هو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو يا ٻئي کي اياڻو ڪونه سمجهندا آهن. هنن سان واپار ڪرڻ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ٻه سومو (Sumo) پهلوان ميدان ۾ لٿل هجن. سومو ملهه جپان ۾ بي حد پسند ڪئي ويندي آهي. اوهان به فلم ۾ يا ٽي وي تي ضرور ڏٺي هوندي. ٻه وڏا پهاڙ جيڏا پهلوان ميدان ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيندا آهن. وزن گهٽ ۾ گهٽ 300 کن پائونڊ هوندن. جسم جي هر حصي مان گوشت جا چڪا پيا لڙڪندن. جسم اگهاڙو، چيلهه وٽ هڪ معمولي چوٽو ٻڌل. هڪ ٻئي کي ٻکين پئي ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل، پيا داءَ پيچ هڻندا. کٽندو اهو، جيڪو پنهنجي مقابلي واري جي بچاءَ وارين ڪوشش کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ائين ڪرڻ لاءِ هڪ ته هن کي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو آهي، ۽ ٻيو ته کيس هر گهڙيءَ هوشيار رهڻو پوندو آهي. بس، جنهن پل اڳلو ٿورو به ويسلو ٿيو، ان دم هو ميدان مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس.
    ان سڄي رٿابنديءَ جو تت آهي هر دم هوشيار رهڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ: موقعو ملندي ئي دشمن تي وار ڪري ڏيو.
    جپاني بزنيس ٽيمون جڏهن ڪاروباري ڳالهيون هلائڻ اينديون آهن، تڏهن مون منجهن اهو ساڳيو سُومو وارو گُڻ ڏٺو آهي. ملاقات ۾ سلام دعا کان پوءِ هو چپ ڪري انتظار ڪندا آهن ته ڀل ته ٻي ڌر پنهنجا رايا ڏئي. ماٺ ڪيو ويٺا چانهه پيئندا، پر ڌيان سمورو ڳالهائيندڙ ۾ هوندن. اها اٽڪل کين سامهون واري پارٽي جي پاڻيءَ ڪڇڻ ۾ ڏاڍي مدد ڏيندي آهي. جڏهن اڳلن جي اندر جو اوڳر ڪڍي بيهندا، تڏهن وڏي هوشياري سان هر هڪ سوال جو جواب ڏيندا. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ دليل ڏيندا ۽ جتي مناسب سمجهندا، اتي ڪَسُ ڪسر کائڻ کان به نه ڪيٻائيندا. ائين ڪرڻ سان به پنهنجو نقصان ٿيڻ هر گز نه ڏيندا.
    جپانين جي روايت آهي ته اڪيلو ماڻهو نه، بلڪ سڄي ٽيم ڳالهين ۾ حصو وٺندي آهي. جوابداري به سڀني جي گڏيل هوندي آهي، اڪيلي سر جي نه. اهو مثال ائين کڻي ڏجي ته جيئن هڪ ڏوهاريءَ کي بندوق باز گڏجي گوليون هڻي ماريندا آهن. هڪ ڄڻو گولي هڻندو ته پاڻ کي ڏوهاري ڀانئيندو. ان ڪري جي سڀ هڪ ئي وقت فائر ڪندا ته ڪو به ائين نه چوندو ته جوابدار کي ڪنهن جي گوليءَ ماريو. گڏيل جوابداري هڪ طرف ته اڪيلي سر ڏوهه پاڻ تي کڻڻ کان بچائي ٿي، ٻئي طرف ڪاميابي جي صورت ۾ ڪو به ماڻهو پنهنجيءَ سورهيائي جي ٻٽاڪ هڻي نه سگهندو.
    جپاني پنهنجي رُتبي، درجي يا ڪلاس جي باري ۾ به ڏاڍا ڏکڻا ٿيندا آهن. سندن اها روش بلڪل هندستانين جهڙي آهي، جن کي پڻ پنهنجي ذميداري، سرداري يا چوڌراهٽ تي وڏو ناز هوندو آهي. جپاني ته هندستانين کان به ٻه هٿ اڳتي آهن. هنن کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته هو ملڪي نظام ۾ ڪهڙو درجو رکن ٿا. کانئن مٿي ڪير آهن ۽ هيٺ ڪير. هنن کي ڪچيءَ کان ئي تربيت مليل هوندي آهي ته پنهنجي سماجي پوزيشن ڪهڙي نموني برقرار رکجي. اها ئي تربيت کين پنهنجا ادارا، ڪاروبار ۽ ڪمپنيون هلائڻ لاءِ گهربل ڊسيپلين هڪيو تڪيو حاضر ڪري ڏيندي آهي. مٿئين ماڻهوءَ جو حڪم هڪدم مڃڻو آهي، بنا چون چرا جي مڃڻو آهي ۽ وڏيءَ قابليت ۽ هوشياريءَ سان ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻي آهي. اهو جپانين جو اصول آهي.
    جپانين جي اها عادت مونکي هميشه تڏهن ياد ايندي آهي، جڏهن مان ڪا انڊين فلم ڏسندو آهيان يا ڪنهن هندستاني جو لکيل ناول پڙهندو آهيان، جنهن ۾ هيرو سماج جي خلاف بغاوت ڪندو آهي ۽ رسمن رواجن کي للڪاريندو آهي ته ڏسندڙ يا پڙهندڙ واهه واهه ڪري اٿندا آهن. اولهه جا ملڪ ته ويتر اهڙن ڪردارن کي وڌيڪ مانُ ڏيندا آهن. اتان جي ماڻهن کي پنهنجن سماجي حقن جو ايترو ته فڪر هوندو اهي جو هو ننڍ- وڏائيءَ کي ڏسندا آهن.ان ڪري اولهه جي ملڪن ۾ ڪو حڪم ڏنو ويندو آهي ته ان جي پوئواري تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي. ان جي ابتڙ، جپان ۾ حڪم عام رواجي سادي سودي نموني ڏنو ويندو آهي، ڇو ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته ان جي پوئواري هر حال ۾ ٿيندي. جپانين جي گفتگو مان به توهان سندن سماجي رتبي جو پتو لڳائي سگهو ٿا. ڪنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ پنهنجي سائينءَ سان يا پاڻ کان وڌيڪ درجي وارن سان جنهن انداز، لهجي يا لفظن ۾ ڳالهائيندو، اهڙي طرح پنهنجن زيردستن سان بلڪل ڪونه ڳالهائيندو. هن جي گفتگو ٻڌڻ سان ئي توهان کي پتو پئجي ويندو ته هو هڪ جهڙن سان ٿو ڳالهائي يا پاڻ کان وڏن سان يا ننڍن سان. ننڍي کنڊ ۾ به ساڳي حالت آهي. جپاني پنهنجن اصولن يا نيمن کان ڪونه ڦرندا آهن. مون کي ٽوڪيو جي هڪ هوٽل جو واقعو ٿو ياد اچي جپان ۾ هوٽلن وارا جيڪو کاڌو گراهڪن کي آڇيندا آهن، اهو شيشي جي شوڪيسن ۾ عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ پڻ رکي ڇڏيندا آهن. دراصل اهو اصلي کاڌو ڪونه هوندو آهي، پر پلاسٽڪ منجهان ٺهيل ماڊل هوندا آهن، جيڪي هوبهو اصل جهڙا ڏيکاربا آهن. انهن تي وزن توڙي قيمت به لکيل هوندي آهي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن کاني ۾ ٽماٽو ساس به شامل آهي ته ماڊل ۾ رکيل پليٽ جي ان پاسي ٽماٽو ساس رکيل نظر ايندو، جيئن اوهان کي سچو پچو هوٽل ۾ اندر ملندو.
    انهن ڏينهن ۾ جپان اندر انگريزي ٻولي ايڏي عام ڪونه هئي. ماڻهو تمام گهٽ انگريزي سمجهندا توڙي ڳالهائي سگهندا هئا. ان ڪري ماڊل ٺاهي رکڻ وارو رواج ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي لاءِ سهوليت هئي. هو ڏسي سگهندا هئا ته فلاڻيءَ ڊش ۾ ڇا ڇا ملندو ۽ ڪيتري ۾ ملندو. وڌيڪ ڊيگهه پٽاڙ جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي هئي.
    مون کي سلاد جي پليٽ گهرائڻي هئي، پر ماڊل ۾ ڏيکاريل سلاد جي مٿان ٽماٽا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇٽيل هئا.مونکي منهنجي ڊاڪٽر ٽماٽا کائڻ کان جهليو هو، ان ڪري مون چاهيو پئي ته ٻيو ته سڀ ڪجهه ساڳيو هجي، رڳو ٽماٽا نه هجن. ويٽر ڇوڪري کي سڏ ڪري چيم ته “او هوءَ پليٽ جيڪا سامهون شوڪيس ۾ پئي آهي، سا کپيم. ٽماٽا نه کپن.”
    هن کي ڏاڍو عجب لڳو. چيائين، “Ah! Sodiska? Chutmate kudasai يعني، “اڇا، اها ڳالهه آهي؟ ٿورو ترسو.”
    هوءَ بورچيخاني ڏانهن ويئي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ مرڪندي آئي، چيائين، “هائو، چون ٿا اهو ممڪن آهي.”
    مون سلاد کاڌي، پر سوچيندو رهيس ته آخر هوءَ بورچيخاني ڏانهن ڇو وئي هئي؟ جڏهن بل آيو، تڏهن وڃي ڳالهه سمجهه ۾ آيم. ڏٺم ته جيڪو اگهه شوڪيس ۾ پيل ماڊل تي هو، تنهن کان بل ۾ وڌيڪ هو. پڇيم، “ايڏو بل ڇا جي لاءِ؟”
    هن آرام سان جواب ڏنو، “توهان جي خاص آرڊر تي ڊش تيار ڪرائي وئي هئي.”
    مون ٻئي هٿ کڻي پنهنجن ڪرمن تي هنيا. دل ۾ چيم ته جي اهڙو ئي اڇو مُنهن ڪرڻو هئم ته کڻي هٿ سان ٽماٽا ڪڍي پري ڪري رکان ها! پر ويٽر ڇوڪريءَ جو ڏوهه ڪونه هو. هوءَ ويچاري ته پنهنجي سسٽم جي هٿان لاچار هئي.کيس پنهنجي سماج توڙي قانون جا اصول مڃڻا هئا. مون کي هڪ سچائيءَ جي ته گهٽ ۾ گهٽ خبر پئجي وئي.اها هيءَ ته جيڪڏهن جپاني ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندا آهن، پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سچ ڳالهائڻ کان پاسو ضرور ڪندا آهن.
    ٻيو ميدان، جنهن ۾ انديا جهڙا گهٽ ترقي ڪيل ملڪ جپان کان سبق سکي سگهن ٿا، سو آهي تعليم. جنگ کان پوءِ جيڪي سڌارا جپان تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي ملڪ ۾ آندا آهن، انهن کي ڏسي اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڪوبه ملڪ هن قسم جي رٿابندي ڪري، ٿوري ۾ ٿوري وقت اندر پنهنجي ماڻهن جي قسمت بدلائي سگهي ٿو. اهي اهڙا سڌارا آهن، جن جي وسيلي جپاني ماڻهن جا حوصلا وڌيا ۽ سندن لڙائيءَ ۾ کاڌل هار جا گهاءَ ڀرجي پيا.جنگ کان پوءِ جپان هڪدم تاڙي ورتو ته تعليم ئي اڪيلو رستو آهي، جنهن وسيلي هو ٻين قومن سان برابري به ڪري سگهندا ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا به حاصل ڪري سگهندا. هنن اهو پڻ محسوس ڪيو ته تعليم ئي سماجي ترقي لاءِ ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندي. تعليم جي ئي آڌار تي هو جپان کي سرداري ۽ زمينداري ڄار مان ڪڍي، هر ماڻهوءَ جو مانُ مٿانهون ڪري سگهندا.
    اهي سڀ ڳالهيون سوچي، جپانين پنهنجي وڏي سيڙپ ڪئي تعليم ۽ صحت ۾. ائين ڪرڻ سان هنن ننڍ-وڏائيءَ جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا. گڏوگڏ هنن انڊسٽري ۾ پڻ گهڻو بهرو وٺڻ شروع ڪيو. ائين ڪرڻ سان هنن دنيا آڏو ثابت ڪري ڏيکاريو ته تعليمي سڌارا نه رڳو تڪڙي ترقي جي راهه هموار ٿا ڪن، پر غربت کي پڻ ٻُنجو ٿا ڏين. هنن دنيا کي اهو به ڪري ڏيکاريو ته پرائمري تعليم ۽ پرائمري صحت عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ايترو ته گهڻو ڪم ڪري ٿيون سگهن، جيترو شايد گهٽ اگهه تي ملندڙ سرڪاري کاڌو ۽ غريبن کي ملندڙ خيرات يا دان به نه ڪري سگهي.
    اها ڳالهه سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. جيڪڏهن غريب پڙهيل لکيل آهي ته پوءِ هو انڊسٽري توڙي مالي ترقيءَ مان ڀرپور فائدو وٺندي، سٺو روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو.جپانين غريبن کي تعليم ڏياري کين ترقي ڪرڻ ۽ سُکي زندگي گذارڻ جا دروازا کولي ڏنا. هنن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سڀ کان سٺي سيڙپ اها آهي، جيڪا انسان جي چڱاين کي اُڀارڻ ۾ مدد ڪري.اها ئي اڪيلي سيڙپ آهي، جيڪا مهانگائيءَ جي هن زماني ۾ عام ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار اوچو ڪري سگهي ٿي ۽ هر شخص خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿو.
    هندستان ۾ به سماجي انقلاب آڻڻ ۾ تعليم جو وڏو هٿ آهي. ٻين سڀني ڳالهين کي پاسيرو رکو، رڳو تعليم کي ئي ڏسو ته گهٽ ذات وارن کي ٻين جي برابر آڻڻ ۽ زندگيءَ ۾ اُڀرڻ ۽ اُسرڻ ۾ تعليم سندن ڪيڏي نه سهائتا ڪئي آهي. پر پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته انڊيا تعليم کي سڄي ملڪ ۾ هڪ آدرشي ڀاوَ سان ڦهلائڻ ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. اها انڊيا جي وڏي هار آهي. خاص طور پرائمري تعليم کي هندي ٻوليءَ جي ڳڙهه ۾ بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏڻ.
    جپان جي تعليمي تاريخ جنگ کان گهڻو پراڻي آهي. 1868ع واري Meiji Restoratic کان به اڳ واري جاگيرداراڻي دور ۾، ان جي شروعات ٿي چڪي هئي.
    انهن اوائلي ڏينهن ۾ به اسڪول هوندا هئا، جيڪي سماج جي جدا جدا طبقن کي تعليم ڏيندا هئا. سمورائي، جيڪي جنگجو ۽ ويڙهاڪ هوندا هئا،تن جا پنهنجي اسڪول هئا.اهڙيءَ طرح واپارين توڙي ٻنيون ٻارو ڪندڙن جا الڳ الڳ اسڪول هئا. عام ماڻهن جي اسڪولن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ کان سواءِ حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو پڻ سيکاريوويندو هو.
    نئين دور جي تعليم جپان ۾ 1876ع کان رائج ٿي. ان سال سرڪار سڄي ملڪ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول کوليا. هر ٻار جي لاءِ ضروري هو ته هو پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول ضرور وڃي. نئين صدي جي شروعات کان پرائمري تعليم مفت ڪئي وئي ۽ 1908ع کان ڇهين درجي تائين مفت تعليم جو دائرو وڌايو ويو.
    لڙائيءَ کان اڳ جپان ۾ تعليم جو طريقو يورپي سسٽم تي ٻڌل هو. لڙائي ختم ٿيڻ شرط، آمريڪي تعليمي ماهرن جي مدد سان،ان سسٽم کي بدليو ويو ۽ آمريڪي سسٽم جو رواج وڌو ويو. ان طريقي موجب پرائمري تعليم جا ڇهه سال۽ جونيئر هاءِ اسڪول جا ٽي سال هر ٻار لاءِ ضروري ۽ مفت ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح، نوَ سال پرائمري ۽ جونيئر هاءِ اسڪول جا پورا ڪرڻ کان پوءِ، ڪو به شاگرد ٽي سال سينيئر هاءِ اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ جا پڙهڻ لاءِ وڃي سگهي ٿو، جنهن تي گهڻو ڪري چار سال لڳي ويندا آهن.
    جپان ۾ اڄ به ٻن قانونن تي ٻڌل اصولي ۽ بنيادي تعليمي عمارت بيٺل آهي: پهريون آهي تعليم جو بنيادي قانون، (The Fundamental Law of Education) ۽ ٻيو آهي اسڪولي تعليم جو قانون (The School Education Law) اهي ٻئي قانون 1947ع ۾ لاڳو ڪيا ويا. بنيادي قانون ۾ هر ٻار کي هڪ جهڙي تعليمي سهوليت جي خاطري ڪرايل آهي. ان قانون ۾ نسل، خاندان، جنس، سماجي رتبي، اميري-غريبي يا ڪنهن اهڙي ٻئي متڀيد کي سختيءَ سان رد ڪيو ويو آهي. تعليم جو خاص زور آهي سياسي ڄاڻ ۽ ڌرمي سهپ تي.پر اُن هوندي به، ڪنهن به سياسي لاڳاپي يا ڌرمي ڪٽرپڻي تي بندش پيل آهي.
    شروع ۾ هر ماڻهوءَ يا اداري (Institution) جي مرضي تي ڇڏيل هوندو هو ته هو ڪوبه تعليمي اسڪول کولي سگهندا هئا، پر کين تعليم کاتي جي وزارت کان موڪل وٺڻي پوندي هئي ۽ اهو به ڄاڻائڻو پوندو هو ته هو مقرر ڪيل قانون جي هر حال ۾ پوئواري ضرور ڪندا. سرڪار پنهنجي طرفان هر علائقي ۾ هڪ يونيورسٽي کولڻ لاءِ ٻڌل هوندي هئي. لڙائي ۾ شرمناڪ شڪست کان پوءِ، ٽن سالن اندر جپان ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو انگ 19 مان وڏي 70 تائين وڃي پهتو.انهن ئي ساڳين ٽن سالن ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون 25 مان وڌي 105 ٿي ويون.
    جيئن جيئن جپان جي مالي حالت سڌرندي وئي، تعليمي ادارا پڻ وڌندا ويا. ان کان ايندڙ 30 سالن ۾ يونيورسٽين جو ڪل تعداد 553 ٿي ويو، جن مان 92 سرڪاري خرچ تي هلندڙ هيون. هتي هڪ ضروري ڳالهه اها ٻُڌائڻي آهي ته جپان ۾ هائر تعليم ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ورتي ويندي آهي. ماسٽرس ڊگري لاءِ ڪاليج گريجوئيٽن جا فقط پنج سيڪڙو شاگرد ويندا آهن ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ رڳو 1.5 سيڪڙو. ان هوندي به نوڪريءَ جي لاءِ اپر سيڪنڊري تعليم (Upper Secondary Education) تمام ضروري آهي.
    هنري اسڪول به ڏاڍا پسند ڪيا ويندا آهن. سبب اهو آهي ته ڇڙي ڊگري روزگار جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. ڊگري وارن کي ڪو هٿ جو پورهيو، سيلسمئن جو ڪم يا ڪنهن خدمت جي انڊسٽري ۾ ورڪر جو روزگار ئي ملي سگهي ٿو. ها، البت نامور ڪمپنيون تازيون ڊگريون ورتل نوجوانن کي روزگار ڏين ٿيون، پر شرط اهو آهي ته اهي ڊگريون ڪنهن مڃيل يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيل هجن.مڃيل يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ وري ڪنهن تمام سٺي اسڪول يا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري فقط اهي وديارٿي (شاگرد) ڪاليجن ۾ داخلا وٺندا آهن، جن کي تمام وڏيون نوڪريون گهرجن يا وري جن کي وڌيڪ پڙهڻ جو شوق هجي. مڃيل يونيورسٽيءَ ۾ داخلاوٺڻ لاءِ وري ڪنهن تمام سٺي اسڪول يا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ان ڪري مٿين تعليمي ادارن، جهڙوڪ ڪاليج يا يونيورسٽيءَ تي بار ڪافي گهٽجي ٿو وڃي.
    اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي ته يو اي اِي هاڻي تعليم جي ميدان ۾ به وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هاڻ هتي سرڪار سطح جي تعليمي ادارن جهڙوڪ: يو اي اِي يونيورسٽي ال زين زيد يونيورسٽي ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل هاير ڪاليجن جي ڀيٽ ۾ ٻين خانگي ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جو جهجهو انگ پيدا ٿيندو پيو وڃي.انهن اعلى تعلمي ادران ۾ سڄي قوم جي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو شاگردن کي 2020ع واري قومي پروگرام مطابق داخل ڪرڻ جا انومان آهن.
    ان سلسلي ۾ جيڪڏهن يو اَي اِي. تي نظر وجهي ته خوشي ٿيندي ته هت پڻ تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي. يو.اي.اي. ۾ هن وقت 33 پرائيويٽ ڪاليج ۽يونيورسٽيون آهن. سرڪاري يونيورسٽيون ۽ ڪاليج انهن کان سواءِ آهن، جن ۾ يو.اي.اي. يونيورسٽي، العين‏ زايد يونيورسٽي فار وومين۽ هائر ڪاليج آف ٽيڪنالاجي شامل آهن. هر سال 30000 کان مٿي شاگرد جدا جدا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا وٺندا آهن.
    نيشنل ايڊميشنس اينڊ پليسمينٽ آفيس (National Admission and Placement Office) جيڪا منسٽري آف ايڊوڪيشن اينڊ سائينٽفڪ ريسرچ (Ministry of Higher Education and Scientific Research) جو هڪ کاتو آهي، تنهن تازو هڪ رپورٽ ڇپائي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مٿانهينءَ تعليم لاءِ شاگردن جي رجسٽريشن ۾ واڌارو ٿي ويو آهي، جن مان 65 سيڪڙو اميدوار ڇوڪريون آهن.
    ان ساڳيءَ منسٽري آف هائر ايڊيوڪيشن (Ministry of Higher Education) قائم ڪئي آهي، جنهن جو ڪم آهي پرائيويٽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪم ڪار تي نظر رکڻ ۽ کين قاعدي قانون موجب هلائڻ. مطلب وري به اهو ئي آهي ته تعليم جو معيار قائم رکجي ۽ سٺي تعليم تي ڌيان ڏجي. يو.اي.اي. دنيا ڀر جي مشهور سروسز پرووائيڊ ڪمپنين جي نگاهن جو مرڪز بنجي چڪي آهي.اهي ڪمپنيون دبئيءَ ڏانهن ڇڪجي اچي رهيون آهن.انهن ڪمپنين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ دبئي ٻاهرينءَ جوڙجڪ جو جوڳو بندوبست ڪيو آهي، خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾.
    مون کي پڪ آهي ته دبئي پنهنجن شهرين توڙي پرڏيهين جي لاءِ بهترين تعليم جو انتظام ڪرڻ ۾ وس آهر سڀ ڪجهه ڪندي. هن ملڪ جي نيتائن، (اڳواڻن) فيڊريشن جي ٺهڻ کان پوءِ، تعليم جي اهميت کي سڃاتو آهي ۽ کين ان ڳالهه تي وشواس آهي ته تعليم انسان جي اندر ۾ لڪل خوبين کي ٻاهر آڻي کين سماجي تبديليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنائي ٿي.
    هندستان جهڙن ملڪن کي به گهرجي ته هو هاڻي ان ڳالهه کي چڱي ريت سمجهن ته مٿاهين تعليم هاڻي ضرورت آهر سڄيءَ دنيا ۾ بدلجي رهي آهي. هي زمانو سڄي دنيا کي ويجهو آڻڻ، آزادي ڏيارڻ ۽ پرائيويٽ سيڙپڪاريءَ جو زمانو آهي. ان دور ۾ تعليم جي عيبن ثوابن تي پردو رکڻ يا کيس ايندڙ وڏي تبديلي کان بچائڻ هاڃيڪار ٿيندو.اهو اصول دنيا جي هر ملڪ سان لاڳو آهي. سرڪار جو ڪم آهي هر ٻچي ٻار کي پڙهائڻ، پر بهتر، سٺي ۽ ڪم جهڙي تعليم ڏيڻ لاءِ اسان کي دنيا جي مڃيل ۽ مشهور تعليمي ماهرن کان مدد وٺڻي پوندي.
    اهو سچ آهي ته انڊيا جي گهڻي ڀاڱي يونيورسٽين وٽ ڪم ڪا هلائڻ لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ آهي. پورائي ڪرڻ لاءِ هو وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏين ٿا، پر انهن جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ سندن وس ۾ ناهي. بلڊنگون ڪونهن. جي آهن ته ڏسڻ ۾ موچاريون ڪونهن. سڌريل ملڪن ۾ اسڪولن، ڪاليجن يا يونيورسٽين جي اندرئين توڙي ٻارهينءَ ڏيکاءَ، سونهن ۽ شان تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي.اهو به سٺي تعليم ڏيڻ جو هڪ اهم حصو آهي. اُستادن کي پگهارون به سٺيون ملڻ گهرجن. لائق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجيءَ پسند جو ڪورس يا ڪاليج چونڊي کڻن. هندستان ۾ ريسرچ، ڪتابن ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ آهي. اسٽيٽ گورنمينٽ توڙي فيڊرل سرڪار تعليمي ادارن کي سندن روزمره جو خرچ ڏئي نٿي سگهي.
    اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هندستان ۾ تعليم عام ڪرڻ واري رٿ هاڻي ڪافي ڪامياب ٿي چڪي آهي. ان هوندي به، اسان کي تعليم جي لاءِ هڪ مثالي وايومنڊل ۽ سازوسامان گهرجي، جيڪو دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪلهو هڻي سگهي.
    ان ڪم ۾ اين.آر.آءِ. (پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني) گهڻي سهائتا ڪري سگهن ٿا. هندستاني سرڪار کي جڳائي ته هو اين.آر.آئي کي همٿائي ته جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ اوچي تعليم جي لاءِ چڱي موچاري سيڙپ ڪن.اهڙن ماڻهن جي ڳولا ڪجي، جيڪي اڳ ئي اُن ميدان ۾ لٿل آهن.مثال طور سني ورڪر کي ئي کڻي ڏسو. سني ورڪي “ورڪي”، گروپ جو چيئرمين آهي ۽ يو.اي.اي. توڙي گلف جي ٻين ملڪن ۾ هن جون تعليم لاءِ ڪيل خدمتون جسَ لهڻن. اهو گروپ 21 اسڪولن جو يا ته مالڪ آهي يا انهن مان ڪن جي سار سنڀال لهندو آهي ۽ انتظام سنڀاليندو آهي. انهن مان گهڻا اسڪول يو.اي.اي. ۾ آهن. هن گروپ جي مکيه ڳالهه اها آهي ته هو سماج جي الڳ الڳ طبقن لاءِ ۽ سندن گهرجن آهر، جدا جدا قسم جي تعليم جو بندوبست ڪندو آهي. پرڏيهي سندس خاص ڌيان لهڻندا آهن. انڊيا اهڙن ماڻهن کي ملڪ ۾ گهرائي، کانئن تعليمي ضرورتن جي سروي ڪرائي ته پتو پئجي ويندو ته ملڪ ۾ تعليمي مارڪيٽ ڪيترو نه وڏو آهي.
    جپانين ۾ هڪ ٻي خوبي به آهي، جيڪا مونکي وڻندي آهي. هو ڳالهيون ڪرڻ کان وڌيڪ سچي پچي ڪم ڪري ڏيکاريندا آهن ۽ منجهن نين شين ٺاهڻ جو وڏو ڏانءَ آهي. سندن موٽر ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپنين جو ئي کڻي مثال وٺو. دنيا جي وڏين ڪمپنين سان ڪلهي گس ٿا ڪن. هنن موقعي جو فائدو وٺندي اڌوراڻين (Second-hand) گاڏين جو مارڪيٽ پوريءَ دنيا اندر پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اڄ اسان جپان کان بهترين ٻيهر جوڙيل (Re-conditioned) موٽر ڪارون نه رڳو دبئي ۾، بلڪ پوري دنيا جي رستن تي ڊوڙنديون ڏسون ٿا. دبئي ۽ ٻين امارات ۾ اڌوراڻين گاڏين جو هڪ تمام وڏو، ڪمائتو ۽ رٿابنديءَ وارو مارڪيٽ اُڀري رهيو آهي. پر بدنصيبي سان اها ساڳي حالت نه ٽيڪسٽائيل ۾ نظر ٿي اچي، نه اليڪٽرانڪ شين ۾ ۽ نه وري روز مره جي ٻين ڪيترن ئي وکرن ۾. سيڪنڊ هئنڊ سامان جو مارڪيٽ ڪنهن به ملڪ جي مالي حالت سڌارڻ لاءِ بي حد ضروري آهي، ڇو ته ان منجهان ئي نئينءَ شيءِ جي گهرج پيدا ٿئي ٿي. اڻ سڌي طرح اهو مارڪيٽ عام ماڻهن جي رهڻيءَ ڪرڻي کي سڌارڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.
    اڄ ڪلهه يورپ جا سڌريل ملڪ به پراڻين شين کي ٻيهر سڌاري (Recycle) استعمال ڪري رهيا آهن. هو ته ايترو اڳتي وڌي ويا آهن جو انساني ڪرفتيءَ کي به Recycle ڪري منجهانئس ڀاڻ ٺاهي پيا وڪڻن. پر هنن کي به هندستاني ڪمند جي رس وڪڻندڙن کان سبق سکڻو پوندو. توهان ڏٺو هوندو ته هندستان جي بازارن ۾ ڳني منجهان رس ڪڍندڙ ڪيئن نه چيچڙي ۾ ڪمند کي تيستائين پيا نپوڙيندا آهن، جيستائين منجهانئس آخري ڦڙو به ڪڍي نه وٺندا. اتي به سُک نه ايندن. نپوڙيل ڪمند وري جانورن جي چاري لاءِ به استعمال ڪندا. ذري به زيان ٿيڻ نه ڏيندا. سچ پُڇو ته هندستانين بار بار شين کي واپرائڻ جا گُر سکي ورتا آهن ۽ ان ڪم ۾ ڪلاڪاريءَ جي حد تائين ڪمال ڪري ڏيکاريندا آهن. گهر جا پراڻا ڪپڙا ۽ جوتا ڏئي انهن جي بدران نوان باسڻ وٺڻ کي توهان ڀلا ٻيو ڪهڙو نالو ڏيندا؟ پراڻين شين کي وري وري ڪم ۾ آڻڻ سان وايومنڊل صاف سٿرو رهي ٿو، ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته گندگي گهٽجي ٿي.
    بدقسمتيءَ سان،سڌريل ملڪن Re-cycling تي گنڀيرتا سان ڌيان ڪونه ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو اڌوراڻين شين جي لاءِ ڪو مناسب مارڪيٽ ٺاهي نه سگهيا آهن. ان جو ڪارڻ سندن خوشحالي آهي. هو سُکيا آهن، پئسو جام اٿن، ان ڪري هنن جو ڌيان ٻئي طرف وڃي ئي نٿو. ڪنهن به سماج ۾ عام طور ٽي طبقا ٿيندا آهن. شاهوڪار، وچولو ۽ غريب طبقو. يو.اي.اي.۾ ڏسبو ته عملي طرح غريب ڪلاس آهي ئي ڪونه. جن جي آمدني گهٽ آهي، سي به ٻين کان وڌيڪ سکيا آهن. انهن ملڪن ۾ ماڻهو پراڻي سراڻي ڪپڙي لٽي يا اهڙي ٻيءَ ڪنهن شي کي اڇلائي ڇڏيندا آهن. اسان وانگر ان کي ٻيهر ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڪارج ۾ ڪونه آڻيندا آهن.
    اسان جهڙن پرڏيهين ۾ اوهان کي اهي ٽئي ڪلاس نظر ايندا. آخري يعني غريب ڪلاس ته سڀني کان وڏو ڏيکاربو. انهن جي لاءِ جيڪڏهن ڪو پراڻين يا اڌوراڻين شين جو مارڪيٽ ٺاهجي ته جيڪر کين ان مان وڏو فائدو رسي. اهڙي ئي قسم جو ڪو باقاعدي جوڙيل مارڪيٽ اليڪٽرانڪ يا ٻين شين جو هجي ته هوند اسان جا پرڏيهي ڀائر چڱي موچاري رقم بچائي سگهن. سيڪنڊ هئنڊ سامان ۾ کين نئين ماڊل جهڙو سامان ملي سگهندو ۽ قيمت به گهٽ ڏيڻي پوندي. اهڙي طرح سندن لاڙو نون ماڊلن جي سامان خريد ڪرڻ طرف وڌيڪ ٿيندو. ملڪي مالي حالت به سڌري پوندي، ڇو ته هر ڪلاس جي ماڻهن کي سندن آمدنيءَ موجب جڏهن گهرج جون شيون ملڻ لڳنديون ته هو به خرچ ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا.
    واپار جو هڪڙو اصول، جيڪو مونکي ڏاڍو ڪم آيو آهي، اهو اوهانکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان، پراڻي زماني ۾ سماج ۾ اڻ-برابري هوندي هئي. ننڍ-وڏائي هئي. اڃان به آهي، پر ايتري گهڻي نه، جيتري اڳ هئي.ان اڻ-برابريءَ ۾ سماجي ننڍ وڏائيءَ جي سبب ئي واپاري وايومنڊل ۾ تيزي ۽ هلچل هوندي هئي، جيڪا اسان اڄ به ڏسي سگهون ٿا. اهو سسٽم، جنهن جي مان ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو، سو هن طرح ڪم ڪندو آهي: مٿئين ۽ وچولي ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي استعمال جو سامان ٿورو پراڻو ٿيڻ تي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪڏهن کين اها پڪ ٿي وڃي ته اهو سامان چڱي اگهه تي وڪامي ويندو. جيڪڏهن کين مناسب ڏوڪڙ ملي ويا ته هو ٻيهر ساڳيو ئي سامان نئين ماڊل جو خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، ڇو ته هو هاڻي مٿان ٿورڙا پئسا وجهي نئين شي جا مالڪ ٿي ويندا. اهڙيءَ ريت، هو ٿوري ٿوري عرصي کان پوءِ پراڻي شيءِ وڪڻي، نئينءَ جو شوق پيا پورو ڪندا. نئين ماڊل جي موٽر ڪارن جي شوقينن کي اوهان گهڻو ڪري ائين ڪندي ڏٺو هوندو.
    ڪوبه ماڻهو، ڀلي کڻي هو ڪيترو به ڌنوان ڇو نه هجي، گهٽ مُلهه تي پنهنجي نئين شيءِ ڪونه وڪڻندو. مثال طور، مون وٽ هڪ ٽي.وي. سيٽ آهي، جيڪو پنج سال پراڻو آهي. ان ٽي.وي. سيٽ کان مونکي ڪا به شڪايت ناهي. آواز به صاف، تصوير به چٽي. ڪڏهن خراب ڪونه ٿيو. انهن پنجن سالن وچ ۾ ٽي.ويءَ جا ڪيترائي نوان، سهڻا ۽ سٺا ماڊل مارڪيٽ ۾ آيا، پر مان پنهنجي ٽي.وي. سيٽ کي ان ڪري وڪڻڻ نٿو گهران جو منجهس ڪا به خرابي ناهي. جيتوڻيڪ نوان ماڊل ڏسي گهڻا ڀيرا دل به سرڪندي اٿم، وات ۾ پاڻي به ايندو آهي، پر ڇا ڪريان ٽي.وي ۾ ڪا ڏنگائي هجي ته وڪڻانس، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي منهنجي ٽي.ويءَ جي سٺي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ته مان جيڪر ان کي وڪڻي ٿورو گهڻو مٿيون خرچ ڪري وڃي نئون ٽي.وي سيٽ وٺي اچان.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته دبئي ۾ جتي ڪيترائي پرڏيهي ڪم ڪن ٿا، اتي اهڙين اڌوراڻين شين جو مارڪيٽ ڇو نٿو کلي؟ هڪ سبب ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته دبئي جا واپاري اهڙي مارڪيٽ ۾ پئسو سيڙائڻ نٿا چاهين، جنهن مان کين گهٽ آمدني جو ڀئُه هجي. ان ڪم لاءِ پهرين ته ميدان ٺاهجي، پوءِ ڏوڪڙ سيڙائجن.وڏو خرچ ته انهن ٻن اسمن تي ئي اچي ويندو. مزور ۽ ريئل اسٽيٽ.
    سيڪنڊ هئنڊڪار مارڪيٽ وارن کي اهو فائدو آهي ته جيڪي نين گاڏين جا ڊسٽريبيوٽر آهن،اهي ئي پراڻين گاڏين جو نيڪال ڪن ٿا. کين نه ته ڪا نين جڳهه کپي، نه ان مٿان ڪو مزور مَڙي جو خرچ اچي ۽ نه وري ڪا نئين سيڙپ ڪرڻي پوي. هر شيءِ وٽن اڳ ئي موجود آهي. نيون گاڏيون به اُتي ئي وڪڻندا، جتي پراڻيون وڪڻندا. بغير محنت ۽ گهٽ سيڙپ سان هو آرام سان نين توڙي پراڻين گاڏين جو ويٺا واپار ڪن. اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جو پراڻين گاڏين جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندي.
    پراڻين گاڏين جي گهڻي کپت جي ڪري فالتو پرزن (Spare Parts_ جو ڌنڌو پڻ وڌي ٿو. جيئن ته ڊسٽريبيوٽر اهي پرزا وڪڻندا آهن، انڪري اهو نفعو پڻ هو پاڻ ڪمائيندا آهن. گاڏين کي ٻيهر جوڙڻ (Re-conditioned) جو ڪم به هو ئي ڪندا آهن. اڃا به اڳتي، اهي نئين سر جوڙيل (Re-conditioned) گاڏيون هو ڀروارن ملڪن ۾ وڪڻندا آهن، جتي وڏي انگ ۾ پرڏيهي رهندا آهن. جڏهن اهو سڀ ڪجهه هڪ ئي ڌر ڪندي هجي، ته پوءِ ڪهڙي اچرج جي ڳالهه ٿي. العوير جو شهر هر روز وڃي ٿو ڦهلجندو،ڇو ته اتي ئي سيڪنڊ هئنڊ موٽرن جو وڏو مارڪيٽ آهي.
    جهڙيءَ طرح موٽرن جو مارڪيٽ آهي، اهڙي نموني سيڪنڊ اليڪٽرانڪ سامان جو پڻ مارڪيٽ هئڻ گهرجي. پر ان ڪم لاءِ وڏي تياري ۽ ٻين ضروري ڳالهين جي گهرج پوندي، جيڪي هن وقت موجود ناهن. ٿي سگهي ٿوته ڪو خاص علائقو، جيڪو شهر کان ٻاهر هجي ۽ جتي زمين توڙي جائداد جي قيمت گهٽ هجي، اتي نئون بنيادي ڍانچو ٺاهي، اهڙي قسم جو مارڪيٽ قائم ڪري سگهجي. ان سڄي مامري جو مطلب رڳو اڌوراڻو سامان وڪڻڻ ناهي، پر اهڙو مارڪيٽ ٺاهڻو آهي، جتي سيڪنڊ هئنڊ شين کي کپائي سگهجي ۽ نين شين جي لاءِ راهه جوڙي سگهجي.
    ان ڳالهه تي ياد آيوته پراڻن ڪپڙن جي لاءِ پڻ مارڪيٽ موجود آهي. سيڙپ ڪندڙن کي هن واپار ڏانهن آڻي سگهجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته کين سستا پورهيت هٿ ڪري ڏجن. اهو ڪم اخبار وڪڻندڙ هاڪرن واري نموني تي ٿي سگهي ٿو. اخبارون وڪڻندڙن کي نوڪري ته مالڪ ڏيندا آهن، پر هو پنهنجي ڪمائي ڪميشن مان ڪندا آهن. جيتريون گهڻيون اخبارون وڪڻندا، اوتري گهڻي ڪميشن ڪمائيندا. اهڙي طرح هڪ مارڪيٽ ڊکڻن جو ۽ درزين جو به ٺهي سگهي ٿو، جن جو اجورو ڪميشن جي شڪل ۾ کين ڏئي سگهجي ٿو.
    جيڪڏهن ڪنهن کي به اڌوراڻين شين جي مارڪيٽ جي باري ۾ ڪو شڪ شبهو آهي ته اهي مهرباني ڪري اخبارن ۾ اشتهار جا پنا پڙهن. خاص ڪري انگريزي اخبارون ته اهڙن اشتهارن سان ڀريون پيون آهن، ڇو ته انهن کي گهڻو ڪري پرڏيهي پڙهندا آهن.
    زندگيءَ ۾ تبديلي اڻ-ٽر آهي. ساڳيءَ طرح بزنيس ۾ به تبديلي اڻ-ٽر آهي. دبئي ۾ هاڻي تمام گهڻا نوان چئلينج آهن. دبئي جي ڪيترن ئي مارڪيٽن کي هاڻي پنهنجيون پيداواري فئڪٽريون آهن، ان ڪري بزنيس مين جو ڪم تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. فري زون جي اچڻ ڪري واپارين کي اڃا به وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڇو ته هاڻي ڪارخانيدار ٻاهران اچي خود دبئي جي اندر شين کي تيار ٿا ڪن. ڊسٽريبيوٽر جو حال ويتر خراب آهي. هو هاڻي وچيان ماڻهو يا دلال ٿي ويا آهن.
    اسانکي هاڻي اڳين روش ڇڏي ايندڙ وقتن جي للڪارن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻي پوندي. منهنجي خيال ۾ سنڌي جاتيءَ کي جلد ئي روايتي بزنيس جي راهه ڇڏي، پاڻ کي نون لاڙن ۽ نين راهن لاءِ واجهائڻ گهرجي. اسان جي نوجوان نسل بي انتها دولت جي ماحول ۾ اکيون کوليون آهن ۽ سندن پالنا به پئسي ڏوڪڙ جي ريل ڇيل ۾ ٿي آهي. ان کانسواءِ هنن کي هميشه وڏڙن جي طرفان سُک، پيار، سلامتيءَ ۽ ڇانوَ واري زندگي ملي آهي. ڪوسو واءُ ڪونه لڳو اٿن. دولت ۾ دادلا ٿي پليا آهن. پر هاڻي جڏهن حالتون بدلجي رهيون آهن، تڏهن هنن کي هڪ دفعو ٻيهر انهن واچوڙن سان وڙهڻو پوندو، جن سان سندن ابن ڏاڏن مهاڏو اٽڪايو هو ۽ طوفانن مان ٻيڙي پار اُڪاري ڪناري ڀيڙي ڪئي هئي.
    منهنجي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته شل سنڌين جي ايندڙ نسل کي ٻيهر ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون. اسان جيڪي ڀوڳيو سو ڀوڳيو. اسان جي ٻارڙن تي ڪَکُ به نه ڪِري. منهنجي اها به ڪوشش رهي آهي ته بزنيس هجي يا سماجي ڪارج، شل پت سان رهجي اچي. بزنيس ۾ ماڻهو نفعو ڪمائڻ لاءِ ئي ته رت ولوڙي ٿو. پر ڏسڻو اهو اهي ته اهو نفعو ڪهڙي ريت ٿو ڪمائجي. مون هميشه اهو ئي چاهيو آهي ته پنهنجو حساب ڪتاب صاف رکان. ڪنهن کي به واپاري لين دين ۾ شڪايت جو موقعو نه ڏيان. ظاهر آهي، ڌنڌي ۾ جيڪڏهن مون ڪنهن تي سرسي حاصل ڪئي هوندي ته ڪنهن وري مونکي به مات ڏني هوندي. ڏسڻو اهو آهي ته کٽڻ توڙي هارائڻ وارا مونکي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسن. دل ۾ اها ئي آس اٿم ته شل مون کي عزت سان ياد ڪيو وڃي ۽ مون پُڄاڻان منهنجي ساک زنده رهي.
    اڄڪلهه “عزت” جي لفظ کي به ماڻهو پنهنجي مطلب ڪڍڻ لاءِ ڪم ٿا آڻين. ڪن کي مهلت گهرجي يا ڪن کي ايترو وقت کپي جو هو ڪو جوڳو بندوبست ڪري وٺن. اهڙن موقعن تي هو اڪثر پنهنجي نام ناموس ۽ عزت ۽ مان کي وچ ۾ آڻيندا آهن. اسانجي وقت ۾ جي واعدو ڪبو هو ته پاڙبو ضرور هو. کڻي جان ڇو نه هلي وڃي، پر ڏنل زبان تان ڦرڻ جو مهڻو سهڻ لاءِ ڪو به تيار نه ٿيندو هو. اڄ جا نوجوان انهن ڳالهين کي اسانجي چريائپ سمجهندا هوندا. ڪي ته کلندا به هوندا. دولتمند گهراڻن جا شاهوڪار ڇوڪرا، جيڪي نوان نوان بزنيس ۾ پير پائن ٿا، سي اسان جي ڳالهين کي يا ته اسان جي ڪمزوري سمجهندا يا وري چوندا ته ان کان ته آپگهاتي ڀاونا وڌيڪ چڱي چئبي. گهٽ ۾ گهٽ مان ڪنهن به اهڙي آپگهاتي ڀاونا جي حق ۾ ناهيان.
    اسان جا اهي ئي نيم اسان کي ان وحشي پڻي کان پري رکن ٿا، جيڪو ايڪيهينءَ صدي جي هن دور ۾ به تهذيب جي سنهيءَ کل هيٺان لڪل آهي. اسان جي روايتن لاءِ اهو ئي سڀ کان وڏو خطرو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي عزت ۽ مان جي حفاظت نه ڪئي، ته پوءِ اسان جو ڪو آئيندو به نه هوندو.
    *


    16. باب سورهون : لاوارث پرواسي

    گهر هڪ اهڙي جاءِ آهي. جتي جڏهن اوهان وڃو ٿا ته اهو سڀ ڪجهه اوهان کي آڇي ڇڏي ٿو.
    رابرٽ فراسٽ

    مون جڏهن هندستان ڇڏيو، تڏهن مان هندستاني هوس. ان کان پوءِ مون کي نئون لقب، نئون نالو ڏنو ويو. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني (NRI). جڏهن مونکي هندستان ۾ NRI سڏيندا آهن، تڏهن مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي. لڳندو اٿم، مان پنهنجي ئي ديس ۾ ڪو اجنبي، ڪو ڌاريو، ڪو پرڏيهي آهيان.اهي NRI ڪير آهي؟
    ڌار ڌار ماڻهن لاءِ سندن جدا جدا حيثيت آهي. سرڪار لاءِ هو پرڏيهي ناڻي ڪمائڻ جو سٺو وسيلو آهن. ڪسٽم وارن جي لاءِ هو سمگلر آهن. مائٽن جي لاءِ حسد ۽ ساڙ جو سبب آهن. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. هر ماڻهو پنهنجيءَ سوچ آهر کين معنيٰ ۽ مطلب ڏئي ٿو.
    منهنجي خيال ۾، جيڪي ماڻهو هندستان مان لڏي ڪنهن ڌارئي ديس ۾ هميشه جي لاءِ وڃي ٿا اتان جا وڻ وسائين ۽ ٻيا اهي، جيڪي روزگار جي ڳولا ۾ پرڏيهه ٿا اُسهن، تن جي باري ۾ عام ماڻهن جي ذهن ۾ تمام گهڻيون غلط فهميون ويٺل آهن.اهو ته سچ آهي ته ٻئي چڱي آئيندي جي تلاش ۾ وطن ڇڏين ٿا، پر روزگار لاءِ ماڻهو آخرڪار پنهنجو مدو پورو ڪري ٻيهر موٽي ماڳن تي ايندا آهن. اڄ، سڀان يا پرينهن، نيٺ انهن کي موٽڻو آهي. انهن جي ڪمايل موڙي وري به پنهنجي ملڪ ۾ ايندي ۽ ڪٿي نه ڪٿي اها رقم سيڙپ طور ڪم ايندي. اهو پئسو ملڪي دولت جو حصو ٿي ويندو.
    منهنجي خيال ۾ مٿين ٻنهي لاڏائو ڌارائن کي ٻن الڳ الڳ سوچن سان چڱيءَ طرح جاچي جوچي ۽ پرکي ڏسجي.
    ويجهي تاريخ ۾ هندستانين جي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪاهه انگريزن جي راڄ ۾ شروع ٿي. انگريزن ٺيڪي تي مزورن کي چراگاهن، ٻنين ۽ باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سيلون (سري لنڪا)، برما (ميانمار)، ملايا (ملائيشيا)، ڏکڻ آفريڪا، اوڀر آفريڪا، ڪئريبين ٻيٽن ۽ ٻين اهڙن ملڪن ڏانهن موڪليو، جيڪي سندن اثر هيٺ هئا. ان کان پوءِ واپارين جي لڏپلاڻ شروع ٿي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڏکڻ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، ڏور اوڀر، آفريڪا، اولهه ايشيا ۽ مغربي ملڪن ڏانهن هئي. انهن لڏي ويندڙماڻهن جا پونيئر هاڻي اُنهن ملڪن جا شهري بنجي چڪا آهن، پر انهن مان گهڻن جو هندستان سان اڃا به روح جو رشتو ۽ من جو ڳانڍاپو جڙيل آهي. منجهانئن ڪي ته پنهنجي وطن سان عملي طور اڄ به لاڳاپيل آهن. هندستاني نسل جي ان ٽولي جو انگ 17 ملين کان به مٿي ٿيندو.
    ٻيو گروپ اهو آهي، جيڪو هندستان کان ٻاهر مزوري ڪمائي، سکيو ستابو ٿيڻ ويو. اهي ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ نڪتا هئا، پر هنن جو پرڏيهه ۾ آباد ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه هو. بهرحال، هر ملڪ جا قانون هڪ جهڙا ناهن. گهڻن ملڪن، پنهنجن قانونن پٽاندر کين پنهنجيءَ زمين تي هميشه لاءِ آباد ٿيڻ جو حق نه ڏنو.
    پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري، گلف ۽ مڊل ايسٽ جي ڪجهه ٻين ملڪن مزورن جي لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا ۽ روزگار سانگي انهن ملڪن ۾ ايندڙ ماڻهن جي پيهه اڃا به وڌي وئي، جڏهن 70 واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري تيل جو روانگي واپار شروع ٿيو. اڄ هن پوري علائقي ۾ اٽڪل ساڍا ٽي ملين هندستاني رهن ٿا.
    گذريل صديءَ ٻه مهاڀاري لڙايون ڏٺيون. انگريزن جي سلطنت انهن جنگين جي مالي بار سبب ڀڄڻ ۽ ڀُرڻ لڳي. برٽش ڪالونين جا ماڻهو لاچار ٿي روزگار ڪمائڻ لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لڳا. اهو پهريون ڀيرو هو جو هندستان جي ماڻهن، ايڏي وڏي تعداد ۾ ملڪ ڇڏي، سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ٺيڪي تي مزوري ڪندڙ هندستاني هڪ طرف ته ويسٽ انڊيز تائين وڃي پهتا ۽ ٻئي طرف آفريڪا جي ڏاکڻي ڪناري تي وڃي ساهي پٽيائون. واپارين کي به واءُ سڻائو لڳو، ملبار جي ڪناري کان گلف جي ملڪن تائين ڦهلجي ويا. اهڙيءَ ريت، هندستاني مزورن توڙي واپارين، گڏجي سڏجي، پوري دنيا ۾ پاڻ کي آباد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    اڳتي هلي، ويهين صديءَ ۾ هندستاني ماڻهو دنيا جي وڏي ۾ وڏي لاڏائو قوم بنجي پيا. چين جي باري ۾ عام طور چيو ويندو هو ته چيني ماڻهو دنيا جي هر ملڪ ۾ ڦهليل آهن۽ ٻي ڪا به اهڙي قوم ناهي جيڪا پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ايڏي وڏي تعداد ۾ آباد هجي، پر هندستانين ان سلسلي ۾ چينين کي به مات ڏئي ڇڏي. هو نه رڳو دور دراز ملڪن تائين پهتا، پر پنهنجي هُنر، محنت۽ سچائيءَ ڪارڻ وڏو نالوبه ڪمايائون.
    خود انگلنڊ ۾، جنهن کي سلطنت جو پايو وجهندڙ سڏيو ويندو هو، هندستاني ٻين سڀني قومن کان تعداد ۾ گوءِ کڻي ويا، پر مٿن پرڏيهي هندستانين (NRI) جو لقب اڃا به نه مڙهيو ويو هو. ان جي ابتڙ، انهن شروعاتي ڏينهن ۾، سندن خلاف ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ته پري رهيو، سندن همٿ کي چڱي نظر سان ڏٺو ويندو هو.
    تاريخ ۾ هندستانين جي سفر يا ياترا جي باري ۾ رويو هميشه مختلف رهيو آهي. هو يا ته روزگار جي تلاش ۾ سفر ڪندا آهن، يا وري ڪٽنب ۾ ڪنهن خاص واقعي ڪارڻ ٻاهر نڪرندا آهن، جهڙوڪ ٻار جو جنم، شادي وهانءُ يا موت وغيره، يا وري ڪنهن ڌرمي فرض جي پورائي لاءِ.
    ڏکيءَ، اڻانگيءَ ۽ اڻ وڻندڙ مسافريءَ ۾ خوشي جي جهلڪ به نه هوندي هئي ۽ هندستاني مسافر کي ته مورڳو جدائي ۽ موڪلاڻيءَ جون گهڙيون موت سمان لڳنديون هيون. اڪثر ماڻهن جي لاءِ ته اهي سفر هڪ طرفا ثابت ٿيندا هئا، سامونڊي سيلانين۽ واپارين ۽ سوداگرن، سڄيءَ دنيا ۾ سفر جو سوداءُ اهڙو ته ڦهلائي ڇڏيو هو، جنهن جهڙو لقاءُ شايد وري ڪڏهن به نظر نه اچي، جو لڳندو هو ته اهي ماڻهو ڪنهن جوکي جهڙي مسافري بجاءِ ڪن ڌرمي فرضن نباهڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍندا هئا. هندي ٻولي (۽ سنڌي ۾ پڻ) ان لاءِ هڪڙو تمام مناسب لفظ آهي، جنهن جو انگريزي ۾ هوبهو معنيٰ ڏيندڙ لفظ مونکي نٿو سُجهي.
    اڄ به وطن جي ياد کي جيئن جو تيئن تازو رکڻ جي چاهنا دلين ۾ موجود آهي. سفر جون اهنجايون۽ اوکائيون هميشه کان ئي اسان جي روايتن جو حصو رهيون آهن. هندستان جي لوڪ-ڪهاڻين ۾ اوهان کي تمام گهڻا قصا ملندا، جن ۾ مسافرن جو مال۽ مڏي کسڻ لاءِ هر موڙ تي چور، ڌاڙيل، ٺڳ ۽ ڦورو، تاڙ ۾ ويٺل نظر ايندا.
    هندستانين جي سوچ ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو خيال ئي وڏي شرم جي ڳالهه ليکي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پرديس وڃڻ جا سانباها ڪندوته ٺٺوليون ڪندڙ کيس ملڪ ۾ ناڪاميءَ جا طعنا ڏيندا. اسان جي سماج ۾ ان بهادر جي لاءِ به ڪو مانُ ڪونهي، جيڪو ملڪ مٿان ملڪ فتح ڪندو، وڏي شان سان پنهنجيءَ جيت جا جهنڊا کوڙيندو ويندو آهي. اسانوٽ مارڪوپولو جهڙا سيلاني به ڪونهن ۽ نه ئي وري آئندي جي لاءِ ڪا اهڙي اميد ئي ٿي نظر اچي. ان جي ابتڙ، اسان جي ڪهاڻين ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي پرڏيهي راڪاس جي آڏو ٻليدان ڪيو ويو، ته اُن کي ئي ڏوهاري ڄاڻائيندي چوندا ته منجهس ضرور ڪا وِڏ هوندي يا سندس جسم يا آتما جي پوترتا ۾ ڪو شڪ هوندو.
    هندستانين جي سوچ ۾ ڇپيل سفر خلاف اهڙن شڪن، شبهن، ڀؤ ۽ گهٻراهٽ جي باوجود، هنن هر هنڌ وڃي ماڻهن کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو آهي.
    هندستانين جي دلين ۾ پرڏيهين لاءِ روايتي شڪ ۽ شبها اڄ به اهڙي طرح قائم آهي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني اڄ به ان جي قيمت چڪائي رهيا آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين (NRI) جي حالت پادريءَ جي بيدي جهڙي آهي- اڌ سٺو، اڌ خراب.
    اها حالت ان ڪري ٿي آهي جو هنن جي پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ سندن ملڪ جي ضرورتن ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت آهي. اها وڇوٽي وڃي ٿي هر روز وڌندي. هنن جون پنهنجو گهرجون ته جي آهن سي آهن، البت سندن وطن جون ضرورتون ۽ اوليتون ملڪي حالتن موجب بدلجنديون رهن ٿيون. گهران ايندڙ فرمائشون پڻ نت نوان مسئلا کڙا ڪنديون رهن ٿيون.
    ميڊيا (پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن) پڻ NRI کي خود غرض، لاچار، ڪنجوس ۽ وطن دشمن وغيره ثابت ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو آهي. سندن تصوير اهڙي طرح چٽي پئي وڃي، جنهن مان عام ماڻهن کي اهو ٿو لڳي، ڄڻ NRI ڇڙو پنهنجي جهول ڀرڻ واريءَ هٻڇ ۾ پورا آهن ۽ ملڪي ڀلائي جو کين ٽڪي جو به خيال ناهي.
    هندستان ۾ وري ويچارن NRI کي هر نموني پرڏيهي سمجهيو وڃي ٿو. انڊيا جا ڪيترا ڪاليج توڙي يونيورسٽيون NRI جي ٻارن کي جدا کاتي ۾ وجهن ٿا ۽ عام رواجي هندستاني ٻارن جي ڀيٽ ۾ کانئن وڏيون فيون گهرن ٿا. ڪن ٽيڪنيڪل۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ ته NRI جي ٻارن کان اهي فيون ورتيون ٿيون وڃن، جيڪي هوند هو يورپ جي ڪاليجن ۾ ڀرين. ٻيو ته ٺهيو، هاسٽلن ۾ رهڻ جي في به کين وڌيڪ ڏيڻي پوندي آهي. هوڏانهن وري آمريڪا ۾ يونيورسٽيون اسان پارن پرڏيهين جي ڌار کل لاهينديون آهن. خير، اها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڏيهي ماڻهو پرڏيهين کان هر هنڌ وڌيڪ رقم گهرندا آهن، پر مونکي پڪ آهي ته آمريڪي پنهنجن شهرين کان فقط ان ڪري وڌيڪ ڏوڪڙ نه گهرندا هوندا ته سندن گهر وارا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري چاڪري يا ڌنڌو ڌاڙي نه ڪندا آهن. هندستاني يونيورسٽين کي اها وڏي غلط فهمي آهي ته NRI شاهوڪار آهن، تنهنڪري ڳريون فيون ڀري سگهن ٿا. سچ اهو اهي ته گلف ۾ ڪم ڪندڙ هندستاني پرڏيهين جي گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي ڏکيائي سان پنهنجو گذران ڪري سگهن ٿا. مزورن جي مارڪيٽ ۾ ايتري ته چٽاڀيٽي آهي جو هندستانين کي انهن ماڻهن سان مقابلوڪرڻو پوي ٿو، جيڪي انهن ملڪن مان اچن ٿا، جن جو ڪم ئي آهي مزورن کي ڪمائڻ لاءِ پرڏيهه موڪلڻ. ظاهر آهي، اهڙا ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ اجوري تي به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ان ڪري، پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن گهٽ ڪمائي وارن ماڻهن کي شاهوڪار سمجهي، کانئن وڌيڪ پئسي جي گهر ڪرڻ سچ پچ ته ڏاڍائي چئبي. ان سلسلي ۾ سرڪاري ڪارندن جي ارهه زورائي به ڏسڻ وٽان آهي. کين اهو وهم ويٺل آهي ته جيڪي ماڻهو ٻاهر رهن ٿا، سي سون ۽ روپي ۾ ٿا تُرن. هو اهو به سمجهن ٿا ته پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙ پنهنجي ديس واسين کان وڌيڪ آمدنيءَ وارا آهن. انهن مڙني ڳالهين NRI جي حياتي حرام ڪري ڇڏي آهي.
    ساڙ ۽ حسد واري جذبي وري، سرڪاري ڪارندن جي ملي ڀڳت سان، وک وک تي NRI جي لاءِ نوا نوان مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي ديس ۾ قدم رکندي ئي جڏهن کين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، تڏهن سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ويتر ڳالهه مان ڳالهوڙو پيدا ڪريو ڇڏي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو جيڪو ڪم ڏينهڪ ٿئي، تنهن کي هفتا لڳيو وڃن. ماڻهو ته اڳ ئي حسد ۾ پيا ٻَرن،سي وڃيو لڪن “پاليسي” جي اوٽ ۾. چون ٿا ته پاليسي ئي اهڙي آهي، اسان ڇا ڪريون؟ جڏهن مٿان کان پاليسي ۾ ڦير ڦار ٿيندي، تڏهن توهان جو ڪم چپٽي وڄائيندي ٿي ويندو.
    جيڪڏهن سڀ ڳالهيون ٿيون ڳڻجن ته هروڀرو سڄو ڏوهه لوڪل ماڻهن جو به ناهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين ڪڏهن به ايڪو ڪري، مڙي مُٺ ٿي، پنهنجي ملڪ جي سرڪار آڏو پنهنجي صحيح صورتحال سامهون ڪانه رکي آهي. ان جي بلڪل ابتڙ، هنن پنهنجي غفلت، سبب يا ائين کڻي چئجي ته گڏيل ڪارج نه هئڻ ڪارڻ، ماڻهن ۾ اڳئي موجود ويساهه کي وڌيڪ پڪو ڪري ڇڏيو آهي ته NRI رڳوانڪري ٿا اچن ته جيئن موٽندي وقت پاڻ سان آچار، چٽڻي، پاپڙ، مصالحا ۽ جي موقعو ملي ته هڪ جوءِ به ساڻ کنيو وڃن. هي اهي ماڻهو آهن، جن تي وطن ۾ ٽوڪون ٿين ٿيون، پر پرديس ۾ رهي هو پنهنجين روايتن کي قائم رکن ٿا. ان ڳالهه تي مٿن نڪتي چيني به ٿئي ٿي ته هي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پرديس ۾ رهي به اتان جي ماڻهن سان ميل جول رکڻ پسند نٿا ڪن، بلڪ ان جي ابتڙ پنهنجو اڪيلو ڪُنو الڳ چاڙهي ويٺا آهن. ٽوڪون به صحيح، نڪتي چيني به اکين تي، پر ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو ته ديس کان دور، پنهنجن کان پري، وطن کان وڇڙيل هي ماڻهو پنهنجي رسمن ۽ رواجن کي به نٿا ڏسن، ڏکيا سُکيا ڏينهن گذارين ٿا، پر پوءِ به سوڀارا ٿين ٿا ۽ ڪاميابيون ماڻين ٿا.
    بدقسمتيءَ سان غيررهائشي هندستانين (NRIs) جيڪي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن، وٽ بارگينگ پاور نه هجڻ سببان اهي پاڻ کي هڪ منظم گروپ ۾ آڻي نه سگهيا آهن. اهي نه ڪو هندستاني سياستدانن جي نظر ۾ ڪا وڏي قوت رکن ٿا ۽ نه ڪو وري اهي ڪا هڪ طاقت بڻجي سگهن ٿا. سبب اهو آهي ته اهي غيرمنظم ۽ ٽڙيل پکڙيل ئي آهن. هو اتي جيڪا زندگي گذارين ٿا. اها اتي جي نموني واري آهي. خليج ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀائرن واري زندگي به گذاري سگهن ٿا. وطن جي حُب خليج ۾ رهندڙ هندستانين لاءِ وڏو فائدو آهي. جيڪڏهن اهي چاهين ته هڪ سال جي اندر هندستان ڏانهن ڪيترائي ڀيرا اچي ۽ وڃي سگهن ٿا. جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۽ حصن ۾ رهندڙ غيررهائشي هندستاني، مالي ڏکيائي يا وري جغرافيائي وٿيءَ جي ڪري، ائين پنهنجي ملڪ ڏانهن اچي يا وڃي نه ٿا سگهن. جيڪي هندستاني آمريڪا يا وري يورپ ۾ رهن ٿا. اهي ان ڳالهه کي وڏي ناسٽيلجيا سان قبول ڪن ٿا. البت ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ، اهي پنهنجي عقيدي، قدرن ۽ رواج توڙي ڪلچر کي برقرار رکڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا. بهرحال، وقت سان گڏ، اهي ڪمزور ئي ٿيو پون ٿا. مادر وطن ئي، تارڪ وطن جي هندستانيت کي محفوظ ڪري سگهي ٿي.
    60 ۽ 70 جي ڏهاڪن ۾ جڏهن هندستان مان پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ٻڌي اگهه سان ملڪ ڇڏي ٻاهرين ملڪن ڏانهن سٺن اجورن تي هليا ويا ۽ هڪ طاقتور وچولو ڪلاس ٺهي پيو، تڏهن ٻن يا ٽن پيڙهين کان پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني، جن وٽ اڃا به پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ هو، تن محسوس ڪيو ته نهروءَ ۽ گانڌيءَ جي ديسي انڊسٽري کي بچائڻ ۽ کيس سهارو ڏيڻ واري پاليسيءَ سبب، هنن جي هندستان ۾ واپسيءَ کي مناسب آڌر ڀاءُ نه ملندو. هنن اهو به محسوس ڪيو ته سندن خلاف مخالفت هٿ سان پيدا ڪئي ويئي آهي. ان هوندي به پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستانين انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪئي. هنن پنهنجي وطن لاءِ نه پيار ۾ ڪمي آندي ۽ نه شرڌا ۾. انڊيا لاءِ سندن محنت سياسي سمجهوتن کان بلڪل مٿانهين هئي. پر وقت سان گڏوگڏ سندن وڍن ۾ وِهه ڀرجندو رهيو ۽ آخرڪار رشتن ۾ ڏار پئجي ويا. NRI جو اصلي مطلب وساري، ماڻهن NRI کي هڪ نئين معنيٰ ڏني. هاڻي هو Not Required Indians ٿي پيا، ڳالهه ته کل جهڙي هئي، پر منجهس ڏکوئيندڙ سچ به شامل هو، جنهن غلط فهمين جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيا.
    ٻنهي طرفن کان ڪي سمجهو ۽ سياڻا ماڻهو به هئا، جن عقل کان ڪم وٺي انهن دورين کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو، پر افسوس جو سندن ڳالهه تي ڪنهن به ڌيان نه ڌريو ۽ سندن آواز انبوهه جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو. ميڊيا جي ته موج ٿي پئي. پريس پرڏيهه ۾ رهندڙن کي ڏوهاري ٺهرايو. قاعدا، قانون ۽ سسٽم وچ ۾ ڪاهي پيا ۽ ائين لڳو، ڄڻ ملڪ سان ڪا وڏي ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي. انڊيا اندر، لاڏ جي ڇٽيءَ هيٺان پلجندڙ واپار ۽ انڊسٽريءَ، هڪ اڻ لکيل ٺهراءَ هيٺ، نيتائن ۽ ڪامورن سان ملي، NRI کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ساڳئي وقت، هندستان ۾ جاري ڪيل اسڪيمن، جهڙوڪ Sons of the Soil ۽ Be Indian, Buy Indian پاڻ ماڻهن جون دليون وڌيڪ کٽيون ڪيون. اهڙين حالتن ۾ ديس موٽڻ وڌيڪ تڪليف ۽ جوکم جو ڪم ٿي پيو.
    اسان، جن تي NRI جو ٺپو لڳي ويو هو، سي ان نالي کان پريشان ته ٿيندا هئاسين،پر پوءِ جي حالتن اسان کي مُنجهائي وڌو. جي دکي نه ٿياسين، ته به حيران ضرور ٿياسين. اسان جي سيڙپ وارين ڪوششن کي رد ڪيو ويو. ڪاغذي ڪاررواين ۽ سرڪاري ڪامورن جي ڊيگهه ويتر رشتن ۾ گهاري وجهي ڇڏي. ڳالهيون ويون تيزيءَ سان خراب ٿينديون۽ نوبت اتي اچي پهتي جو پاڻ کي ڏوهاري سمجهڻ لڳا ۽ معاملو وڃي معافي تلافي تائين پهتو.
    70 واري ڏهاڪي ۾ به حالتون ڪونه بدليون. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه. اهي ڏهه ئي سال نمائندن پويان نمائندا انڊيا ويندا رهيا. ڳالهيون ٿينديون رهيون. نتيجو اهو ئي ٻُڙي. جيڪڏهن ڪو NRI هو ته هو ڌڪار جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو. کيس قطار ۾ بيهڻ جو به حق ڪونه هوندو هو. تاريخ ۾ اهو 60 ۽ 90 جي ڏهاڪن جو وچ واروعرصو ڪيئن گذريو، ڇو گذريو، تنهنجو جواب ڪنهن وٽ ناهي.
    نيتا چوندا هئا، “پنهنجا ڊالر کڻي اچو، پر جواب ۾ اسان کان شڪر گذاريءَ جي اُميد نه رکجو. ديس ۾ توهان جو سواگت نه ٿيندو. توهان اسان منجهان ناهيو. ڌاريا آهيو. اسان کي توهان جي ڪا گهرج ناهي.”
    جيڪو چوندا هئا، تنهن جو مطلب پاڻ به نه سمجهندا هئا. بس، دل ڏکوئڻ خاطر زباني همدردي ڪري ڇڏيندا هئا.
    پرڏيهه ۾ وسندڙ ڏيهين جي نمائندن سان ملندا هئا. رسمي فوٽو ڪڍائيندا هئا.ان کان وڌيڪ ڪو به عملي ڪم ڪونه ڪندا هئا. هوريان هوريان، ذري گهٽ بي ڌيانيءَ ۾ NRI ڏک جي ڇيت چڀندي محسوس ڪرڻ لڳا.
    “هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” هو پاڻ کان پڇندا هئا.
    نيوڪليئر خاندان جي نڪتي چيني کان دوستن جي نڪتي چينيءَ تائين، ۽ ڪامورن جي نڪتي چيني کان نيتائن جي نڪتي چينيءَ تائين، ائين لڳندو هو ڄڻ هندستانين ديس جا وڻ ڇڏي ڪو وڏو گناهه ڪيو هو. پرڏيهه ۾ وسندڙ ٻه هزار هندستاني سيڙپڪارن ان عرصي ۾ انڊيا ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون. موٽ ۾ ڇا ملين؟ هن در کان هُن در تائين، هن دفتر کان هُن دفتر تائين، هن آفيسر کان هُن آفيسر تائين، ڌڪا ۽ ٿاٻا. ڪڏهن لائيسن لاءِ منٿون، ڪڏهن نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ لاءِ ايلاز. 1980ع کان 2000ع تائين 46 سيمينار سرڪار ۽ انجي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان ٿي گذريا، جن ۾ پرڏيهه ۾ وسندڙ هندستانين جي سيوا ۽ خدمتن کي ساراهيو ويو.پر انهن مان هر هڪ ڪوڙ، ڪپت ۽ ٻهروپ تي ٻڌل هو.
    “اسان هندستاني آهيون. اسان مانُ گهرون ٿا.” اهو هو 23 ملين هندستانين جو آواز، جيڪي دنيا ڀر ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا.
    “نه، توهان هندستاني ناهيون،” دهليءَ رڙ ڪري وراڻيو، “توهان NRI آهيو. توهان اسان مان ناهيو.”
    ان موقعي تي NRIs حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ۽ برابري جو حق گهرڻ لاءِ، خود پنهنجي پاڻ سان ڪا ڀلائي نه ڪئي. هنن پنهنجن لاءِ سرڪار کان ڪي وڌيڪ سهوليتون گهري ورتيون. اهڙيءَ گهر مان ائين پئي لڳو، ڄڻ هو پاڻ کي ٻين کان الڳ ۽ اوچو سمجهندا هجن. بس، سندن ان ڀُل ماڻهو مڇرائي ڇڏيا. پنهنجي پاڻ کي چڱو مڙس سمجهڻ وارن NRI ليڊرن اهڙي ته ڏک ڏني، جو لڳي پيو ته مار، هي ته ڪي پرڏيهي هندستانين جا چونڊيل نمائندا آهن. مٿان جو هنن پريس جي آڏو ويهي پنهنجي لئه ڏيکاري، تنهن ته هڻي ڪم خراب ڪري وڌو. اهي اچي رڙيون، واڪا ۽ ٻوڪڙ ڪيائون ۽ اهڙي ته زوردار نموني پنهنجيون گهرجون بيان ڪيائون، جو سڄي ديس کي پڪ ٿي وئي ته هي همراهه پئسي وارا ته ضرور آهن، پر پئسي جي زور تي کري خراب ٿيل به آهن ۽ ان ڪري ڪنهن به قسم جي همدرديءَ جي لائق ناهن.
    اهي گهرجون، جيڪي NRI ليڊرن وڏي زور شور سان اُچاريون، تن کي جنتا توڙي سرڪار غلط رنگ ۾ ڏٺو ۽ سمجهيائون ته هي پرڏيهه ۾ ڪمائيندڙ شاهوڪار هاڻي اسان کان اجايا سجايا فائدا به ٿا گهرن. انهن ڳالهين سبب NRI کي وڏو هاڃو پهتو. سچائي ته اها آهي ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ حالتون ايتريون ته بگڙي ويون جو لڳي پيو، ڄڻ ٻنهي ڌرين ۾ ڇتي لڙائي ڇڙي پئي آهي. عام ماڻهن کي NRI کان چڙ وٺي وئي. سندس نيتن تي شڪ ٿيڻ لڳا.
    مون کي ياد ٿو اچي ته ان وقت هندستان ۾ جائداد تي ظالماڻي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي، جيڪا 80 واري ڏهاڪي جي اڌ تائين جاري رهي. اهو پرڏيهي هندستانين، خاص ڪري دبئي وارن جو ڪارنامو هو جو ان ڊيوٽي کي بلڪل ختم ڪرايو ويو، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي ٽئڪس دنيا جي سڌريل ملڪن، جهڙوڪ آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ به ورتي ويندي آهي.
    ان ٽئڪس کي عام طور رشوت-ٽئڪس سڏيو ويندو هو. جن سڄاڻن ان کي بند ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏنو، جاکوڙ ڪئي ۽ هر ايندڙ فنانس منسٽر سان ملاقاتون ڪيون، تن جي سٿ ۾ مان به شامل هوس. ٻيا دوست هئا: روسي پٽيل، جي وي ايشور، پرافل پٽيل، هسمک شاه ۽ نشت ڊيسائي. جن وزيرن سان ملياسين، تن ۾ شامل هئا پر تاب ڪمار مڪرجي ۽ وي.پي. سنگهه. اسان وڏيءَ محنت سان کين دليل ڏئي سمجهايو ۽ آخر ۾ مڃايو ته هيءَ زور آوري ٽئڪس ختم ٿيڻ گهرجي.
    اها ڊيوٽي هن ريت هئي: جيڪڏهن ڪو ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويندو هو ته سرڪار ان جي جائداد تي 95 سيڪڙو تائين ٽئڪس لڳائيندي هئي، جيڪا سندس وارثن کي ڀرڻي پوندي هئي. ان ٽئڪس جو تخمينو جائداد جي ان وقت واريءَ مارڪيٽ جي قيمت تي ڪٿيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي وراثت ۾ 2 لکن جي ملڪيت ملي، پر ان وقت مارڪيٽ ۾ ان جو ملهه 20 لک روپيا هو، ته پوءِ سرڪاري ڊيوٽي ويهن لکن تي لڳائي ويندي هئي ۽ آمدني جي رقم ان اسٽيٽ جي خزاني ۾ جمع ٿي ويندي هئي، جنهن اسٽيٽ جو مرڻ وارو شخص رهاڪو هوندو هو.
    هندستان ۾ جائداد ٽئڪس کان جان ڇڏائڻ لاءِ يا ته ماڻهو حساب ڪتاب سان هٿ چراند ڪندا هئا يا وري جائداد جو ملهه گهٽائي لکڻ لاءِ سرڪاري عملدارن جي مُٺ گرم ڪندا هئا. اسان حساب لڳايو ته هندستان سرڪار کي ان قسم جي ٽئڪس مان ساليانو 200 ملين جي لڳ ڀڳ آمدني ٿيندي هئي، پر ان رقم کي جمع ڪرڻ لاءِ جيڪو خرچ ٿيندو هو، سو ان کان به وڌيڪ هوندو هو.
    پرڏيهي هندستاني، ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ ڪري، سڌن سادن ۽ شفاف ٽئڪس جي قانونن ۾ وشواس رکندا هئا. هو پنهنجي موڙي هندستاني بئنڪن ۾ رکندا هئا ۽ جيئن ئي ڪو منجهانئن گذري ويندو هو ته ناٽڪ هڪدم شروع ٿي ويندو هو. NRI جي صورت ۾ هندستاني ائمبيسي تيستائين نه ڪنهن دستاويز تي صحيح ڪندي هئي ۽ نه وري ڪنهن سرٽيفڪيٽ کي سچو ڄاڻائيندي هئي، جيستائين اڳواٽ ٽئڪس نه پياري وڃي ۽ ان جي ثابتي نه ڏيکاري وڃي.
    اڇا به ٻه هٿ اڳتي، هڪ ٻيو مونجهارو پيدا ٿي پيو.اهو ته جيڪي هندستاني ملڪ کان ٻاهر لاڏاڻو ڪري ويا، اُنهن جي جائداد جي ٽئڪس ڪهڙي کاتي ۾ وڃي؟ قانون اهو هو ته پئسا ان اسٽيٽ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيندا، جتان جو مرڻ وارو رهواسي هوندو، پر ٿيو ايئن ته پرڏيهه ۾ گذاري ويندڙ جي رقم سينٽرل گورنمينٽ جي خزاني ۾ پئي جمع ٿي، جنهن جي اڪائونٽ جي ڪنهن کي به ڄاڻ ڪانه هئي. شڪر آهي جو اها هچا ٽري وئي ۽ اها زوريءَ جي ٽئڪس بند ٿي وئي. هاڻي ڪو به هندستاني سُک سان لاڏاڻو ڪري سگهي ٿو! سندس آتما کي هاڻي اها چنتا ڪانه ٿيندي ته مُئي کان پوءِ سندس مال ملهالا کائي ويندا!
    1987ع ۾ ابوڌابي جي انڊين انويسٽمينٽ سينٽر (جيڪو انڊين سرڪار طرفان کوليو ويو هو) جي بالا عملدار هڪ رٿ ڏني ته هند سرڪار ۽ NRI جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيڻ گهرجن. ان لاءِ هڪ اوورسيز انڊين اڪانامڪ فورم او.آءِ.اي. (Overseas Indians Economic Forum-UAE) جوڙيو وڃي. مان ان فورم جو پهريون چيئرمين ٿيس ۽ ان وقت جو هندستاني ائمبيسيڊر، اندر جيت سنگهه راٺوڙ سرپرست (Patron) بڻيو. دبئي ۾ انڊين ڪانسل جنرل ارون ڪمار آبزرورن مان هڪ هو. ارون، روسي پٽيل ۽ جي ڀنڊاريءَ ان آرگنائيزيشن ٺاهڻ لاءِ ڏاڍي محنت ڪئي.
    جان مئٿيو (John Mathew) جيڪو ان وقت شارجا جي انڊين ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو، سو فورم جو وائس چيئرمين ٿيو، مهيندر اشر سيڪريٽري ۽ ايس آر ڪرشنامورتي خزانچي بنيو. ميمبرن ۾ هئا ڀرت ڀائي شاهه، مهابير سنگهل، لڇو ڀاٽيا ۽ سرڳواسي ٽي.ايم نائر ۽ کيمچند کيارا (چاچا).
    1985ع ۾ مون هندستاني سرڪار کي صلاح ڏني ته جيئن هانگ ڪانگ هڪ فري پورٽ آهي ۽ چين جي لاءِ مارڪيٽنگ جي شوڪيس جو ڪم ڏئي ٿو، اهڙي طرح انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن کي به فري پورٽ بنايو وڃي. اها رٿ سرڪار توڙي جنتا کي ڏاڍي وڻي. نتيجي ۾، جڏهن سبرامنيم سوامي وزير هو، تڏهن ڪامرس منسٽريءَ، رونق سنگهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ان ڪم جي لاءِ ٺاهي. مون کان سواءِ، ان ڪميٽي ۾ ڪي رويندران، ڪي.آر موتي لال، وي ايس ونڪٽ رامن، ڊاڪٽر جيني راءِ گيري، اين هري ليلا، گيان ٽي وڇاڻي، جان مئٿيو، ايم جي ڦيرواڻي، شيامل گپتا ۽ جي ايس گل ميمبر هئا. ڪافي سفر سَٽڻ ۽ محنت کان پوءِ ڪميٽي اُن نتيجي تي پهتي ته اهي ٻيٽ ان ڪم لاءِ مناسب نه هئا. سبب اهو هو ته مکيه شهرن کان ڏاڍا پري هئا. ڪي ٻيا شهر به ويچار هيٺ آيا، جن ۾ ڪڇ (گجرات)، پانڊيچري، گوئا، ٽوٽي ڪورين (تامل ناڊو) به شامل هئا،پر ڪميٽيءَ آخرڪار فيصلو ڪيو ته گوئا ۽ ٻئي نمبر تي ٽوٽي ڪورين کي زون بنايووڃي.
    گوئا، جيڪا هندستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پورچوگيزن جي هٿ هيٺ رهي هئي، سا هر طرح کان بهترين چونڊ ثابت ٿي. سيلانين جي لاءِ هت هر قسم جي سهوليت آهي، ڇڪ آهي، موهه آهي. هتان جا رهاڪو رلڻا ملڻا آهن. زمين به گهڻي آهي، جنهن تي ٻاهران ايندڙ سيڙپڪار پنهنجا ڪارخانا لڳائي سگهن ۽ پنهنجو مال ٻاهر موڪلي سگهن. ملائيشيا ۾ به ائين ئي ٿيو هو. گوئا فري زون ٿيڻ ڪري ڀر پاسي وارين رياستن کي پڻ روزگار ڏيئي پئي سگهيو. مهاراشٽرا ۽ ڪرناٽڪ جا ماڻهو نه رڳو ڌنڌي سان لڳي پئي سگهيا، بلڪ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي ٿي سگهيا. فري زون سامان سڙو رکڻ لاءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي به ڪم اچي سگهيو ٿي ۽ هندستانين جي لاءِ شاپنگ جو سرڳ به ثابت ٿي ٿي سگهيو. رونق سنگهه جي موڪليل سفارش تي، ڪئبينيٽ ۾ بحث مباحثو ٿيو، پر حڪومتون بدليون ته سمورا معاملا ٺپ ٿي ويا. سموري ڪئي ڪرتي تي پاڻي ڦري ويو. پرڏيهه ۾ رهندڙ هندستاني پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ به پريشان آهن. تپرس جهڙي ڳالهه آهي ته انڊيا ۾ هونءَ تمام گهڻن ميدانن ۾ آزادي ڏني وئي آهي، پر تعليم جي معاملي ۾ ايتري سخاوت ڪانه ڏيکاري وئي آهي. مون، چيئرمين اورسيز انڊين اڪانامڪ فورم جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجيءَ ذاتي حيثيت ۾ پڻ، ڪيترا ئي ڀيرا سرڪار کي لکيو آهي ته تعليم کي آزاد ڪريو ۽ پڙهائيءَ کي انڊسٽري ڪري مڃو. ائين ڪرڻ سان سُکيا ماڻهو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پئسو سيڙائيندي ڪونه گهٻرائيندا ۽ ٻئي پاسي ديسواسين توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙن جي سيوا پڻ ڪري سگهندا.
    هندستاني شاگرد پڙهائي جي سلسلي ۾ فقط آمريڪا ۾ ڪيئي بلين ڊالر خرچ ڪن ٿا. اُتي فيڪلٽي (پڙهائيندڙ) به هندستاني آهي. پئسو به هندستان جو، پڙهندڙ به هندستاني ۽ پڙهائيندڙ به هندستاني. فقط ديس ڌاريو آهي. هندستان پنهنجي زمين ڏئي. اهي سڀ آسانيون پنهنجن ديس واسين کي ڇو نٿو ڏئي، سا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.
    ڪجهه سال اڳ، جڏهن گلف مان NRIs جو هڪ ٽولو هندستان جي ان وقت جي پرائيم منسٽر، نرسمها راؤ سان ملڻ ويو، تڏهن عام خيال اهو هو ته NRIs کي ضرور ڪانه ڪا نمائندگي ضرور ملندي، جنهن کي NRI سيل جو نالو ڏنو اٿن ۽ جيڪو ڪنهن ڪم ڪار جو ڪونهي، تنهن کي مانائتو ڪرڻ ۽ ڪنهن ڪار جوڳو بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. اڃا به اهو چيو پئي ويو ته جيڪر هڪ جدا منسٽري ٺاهي وڃي، جيڪا 20 ملين هندستانين پرڏيهين جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ۽ وقت پئي ته سندن سهائتا ڪري. هي اهي ماڻهو آهن، جن جي ديش ڀڳتي مڃيل آهي ۽ سندن پنهنجي وطن سان پيار بي مثال آهي ۽ جيڪي هر سال 50 بلين ڊالرن کان وڌيڪ رقم پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪلين ٿا. پر ائين نه ٿيو.
    اهو سڀ معتبر هندستاني ماڻهن جي اڻ_کٽ (Relentless) ڪوشش جي ڪري ئي ٿيو، جو هندستان جي حڪومت سمنڊ پار رهندڙ اڻ_گهربل هندستانين جي مسئلن جي حل واسطي هڪ ڌار وزارت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.سمنڊ پار هندستانين جو اها وزارت 2004ع ۾ سمنڊ پار هندستانين جي سهائتا ڪرڻ واسطي سرگرم ٿي. ان جو بنيادي مقصد هو، تارڪ وطن ماڻهن جو پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان ڳانڍاپو جوڙڻ ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ واسطي گهربل مدد فراهم ڪرڻ ۽ اهو ڪم انهن تارڪ وطن ماڻهن کي ٻن واضع گروپن ۾ هڪ “هندستان جا اصلي ماڻهو “(Persons of Indian orgin) ۽ هندستان جا غير رهائشي ماڻهو (Non_Resident Indians)ورهائندي ڪرڻو هو.
    جڏهن ته اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هندستان جي پارليامينٽ ۾ اڃا تائين غيررهائشي هندستانين (NRIs)جي ڪا به نمائندگي ڪانهي. جيتوڻيڪ حڪومت وٽ ڪجهه مقرر ڪيل ميمبر ته آهن. پربهرحال، سمنڊ پار هندستانين جي ڀيٽ ۾ نمائندگي جو تعداد بنهه گهٽ ئي آهي ۽ اها ڳالهه انهن سان روا رکيل تعصب کي ئي ظاهر ڪري ٿي.
    هاڻي غيررهائشي هندستانين کي به ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل آهي. جيتوڻيڪ اهو سندن آئيني حق آهي. پر بهرحال، اهو حق صرف انڊيا وڃي ئي ادا ڪري سگهجي ٿو. (ميزبان ملڪ ۾ ويهي اهو حق ادا نه ٿو ڪري سگهجي. )جنهن مطابق هڪ سمنڊ پار غيررهائشي هندستاني کي ووٽ ڏيڻ لاءِ انڊيا اچڻو پوي ٿو. پنهنجو نالو ۽ ووٽ داخل ڪرائڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه بهتر ۽ آئيني طريقي واري آهي. پر سوال آهي ته ائين ووٽ ڏيڻ لاءِ هڪ ئي وقت ڪيترن هندستاني ماڻهن جو اچڻ ممڪن ٿيندو؟ صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جيترن ماڻهن جو ووٽ خاطر هتي اچڻ ممڪن ٿيندو.
    هندستان جي اليڪشن ڪميشن کي سمنڊ پار رهندڙ غيررهائشي، هندستانين کي سندن ميزبان ملڪ ۾ ويٺي پنهنجي ووٽ جي حق ادائي جي باري ۾ ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. آمريڪا، روس ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ ائين سولائي سان ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۽ قومن جي ابتڙ، سمنڊ پار رهندڙ هندستانين جو وڏو تعداد آهي. انهن جي انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. پر بهرحال، مسئلي کي گهربل سطح تي حل ڪرڻ جوارادو هجي ته پوءِ گهڻو ڪجهه ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. انٽرنيٽ واري سهولت جي ذريعي اهو مسئلو پڻ حل ڪري سگهجي ٿو. البت، حقيقيت اها آهي ته اسان وٽ مسئلي کي حل ڪرڻ جو ڪو به سنجيده ارادو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
    اسان جي سياسي ليڊرشپ انڊيا کان ٻاهر رهندڙ هندستانين کي ٻٽي شهريت(Dual Citizenship) واري رعايت ڏيئي سگهي پئي. پر جڏهن به، ٻٽي شهريت وارو اهو سوال اٿندو آهي ته اهي هندستاني شهريت واري قانون جي ڳالهه ڪريو ڇڏيندا آهن. جيڪو ٻٽي شهريت جي ڪنهن به طرح سان اجازت نه ٿو ڏئي.جيتوڻيڪ اسان جي حڪومت مختلف وقت تي اڪيچار ڀيرا آئين ۾ ترميمون آنديون آهن ۽ گڏوگڏ سمنڊ پار هندستانين جي ڪيترن مسئلن جي حل واسطي ڪافي قدم کڻي پئي سگهي. پر ائين ڪرڻ بدران، حڪومت جي فنانس وار ي وزارت سمنڊ پار هندستانين کان ٽيڪس ۽ ٻيا ضروري ڏوڪڙ آساني سان وصول ڪرڻ واري مقصد خاطر مٿن “اڻ_گهربل هندستانين” (Non_Required Indian) جو ٺپو هڻيو ڇڏي. ايئن اهي سمنڊ پار هندستاني پنهنجي قوم ۽ پنهنجي عملي مقصدن خاطر اڻ_گهربل هندستاني بڻجي ٿي ويا. هاڻي هن ملڪ جي پُٽن کي پنهنجي ملڪ اچڻ ۽گهمڻ لاءِ ويزا ئي وٺڻي پوي ٿي. هو پاڻ کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ اجنبي محسوس ڪن ٿا. جڏهن جيل ۾ پيل قيدي، بارڊر تي رهندڙ سپاهي ۽ سمنڊ پار رهندڙ سفارتڪار به ملڪ ڏانهن اچي ووٽ ڏئي سگهن ٿا ته پوءِ اسان لاءِ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اڻ_گهربل هندستانين ووٽ ڏيڻ لاءِ ملندڙ سهولت ۾ اوڻائي ڇو ٿي ڳولهي وڃي.
    بهرحال، اهو بي دليءَ سان ئي، اڻ_گهربل هندستانين کي ووٽ ڏيڻ واري حق وارو اهو قانون پاس ڪيو ويو. پر ان هوندي به، ان کي ملڪ جي مخصوص تڪ (جتي جا هو رهندڙ هجن ٿا) ڏانهن اچي ووٽ ڏيڻ واري مقصد لاءِ ئي ويزا ڏني وڃي ٿي.ڇا اها ڳالهه عملي هجي ٿي؟ آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ روس وغيره جا شهري پنهنجي ميزبان ملڪ ۾ رهندي ئي ووٽ ڏيڻ وارو حق ادا ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هندستان پي آءِ او ۽ او سي آءِ (Oversease citizenship of India)واري حيثيت کي متعارف ڪرائيندي، سمنڊ پار هندستان کي واپس ملڪ ورڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر بهرحال، اهڙا قدم ٻين ملڪن جي رواج ۾ آيل ٻٽي شهريت واري سسٽم کان گهڻو ئي پري آهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هندستان پنهنجي اولاد کي اڪيلو ۽ يتيم ئي ڪري ڇڏيو آهي.
    20 ملين NRI جي، گڏيل حيثيت ۾، هندستاني پارليامينٽ اندر ڪا به نمائندگي ناهي. جيتوڻيڪ ان مٿئين انگ کان گهڻو گهٽ انگ وارن مئنارٽي گروپن لاءِ به ميمبر ٿاڦيا ويندا آهن. هڪ طرف اهي آهن جيڪي ٻاهر رهي ديس جي لاءِ ايترو گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائي گهر موڪلين ٿا، پر پوءِ به پارليامينٽ ۾ سندن ڪو آواز ناهي، ۽ ٻي پاسي اهڙا ننڍا ننڍا ٽولا به آهن جن جو ديس جي ڀلائي ۾ ايترو ته ڇا، ان جي ڪنهن پتيءَ جيترو به حصو ناهي، پر پوءِ به هنن منجهان پارليامينٽ ۾ ميمبر مقرر ڪيا وڃن ٿا. اڄ تائين ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته جيستائين NRIs کي ووٽ جو حق نه ڏنو ويندو، تيستائين سندن ووٽ بئنڪ نه ٺهندي ۽ جيستائين سياستدانن کي سندن ووٽ بئنڪ جي اهميت جي ڄاڻ نه پوندي، تيستائين ڪوبه نيتا منجهن دلچسپي نه وٺندو. اها ڳالهه درست به ٿي سگهي ٿي، پر هن وقت تائين ان سلسلي ۾ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آهن، تن ڪوبه ڦل ڪونه ڏنو آهي. هاڻي جڏهن ڪمپيوٽر جو زمانو آهي ۽ خبرن توڙي اطلاعن کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچڻ ۾ ويرم ئي نٿي لڳي، ۽ هندستان ته هونءَ به ان ميدان ۾ اڳين کان اڳرو آهي، تڏهن اهو بهانو بنائڻ ته هندستانين جا ووٽ ٻاهرين ملڪن مان ڪٺا ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي، دل سان نٿو لڳي. انٽرنيٽ وسيلي ووٽ وٺڻ ڪو اهڙو مشڪل ڪم به ناهي. رڳو ٿوري گهڻي خبرداريءَ جي ضرورت پوندي. پر ڇا ڪجي، نيت کوٽي، عذر گهڻا. NRI به پنهنجي طرفان سالن کان وٺي ڪو اهڙو خاص زور نه ڀريو آهي ته کين به ووٽ جو حق ڏنو وڃي، نه ته ديس جي قانون موجود کين ايترائي حق آهن، جيترا ٻين کي. هنن وٽ انڊيا جو پاسپورٽ آهي ۽ هو هر طرح هندستان جي قاعدن جي پيروي ڪرڻ جا پابند آهن. ان ڪم جي لاءِ هندستان جون ائمبيسيون ۽ ڪانسليٽس موجود آهن. جڏهن اهو سڀ ڪجهه آهي ته پوءِ کين فقط ووٽ کان پري رکڻ ساڻن ڏاڍائي ناهي ته ڇاهي؟
    ٻيو بهانو جيڪو هر ايندڙ سرڪار ڏيندي آهي، سو هيءُ ته جيڪڏهن پرڏيهه ۾ رهندڙ ٻن نمائندن جي چونڊ ڪرڻي پوي ته 20 ملين NRIs، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، تن مان ڪيئن ڪجي؟ ايتريون ته ڌريون اميدوار يا اميدوارن جون حمايتي ٿي بيهنديون جو ڳالهيون سلجهڻ بجاءِ ويتر اُلجهي وينديون. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ به ڪٺي ڪئي وئي آهي، پر پوءِ به مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. دنيا کي ڀلي ته ڪيتريون ئي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ هر حصي کي پنهنجو پنهنجو نمائندو چونڊڻ ڏيو جيڪو اڳتي هلي NRI جي آخري ٻن نمائندن جي چونڊ لاءِ هڪ پرڏيهي Electoral College جو ميمبر ٿيندو. اهو Electoral College وري هر پنجن سالن کان پوءِ، هڪ ڪنوينشن جي شڪل ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي، پاڻ مان ٻه ڄڻا چونڊي لوڪ سڀا ۾ موڪلي ڏيندو. اهي ٻه نمائندا پنهنجن پرڏيهي ڀائرن جا مسئلا پارليامينٽ ۾ کڻي ويندا ۽ سندن ۽ ملڪي نيتائن جي وچ ۾ جيڪو وڏو خال نظر پيو اچي، ان کي به ڀري ڇڏيندا. ملڪي قانون جي پوئواري ڪندي، انهن ٻن ڄڻن کي سرڪاري طور ٿاڦڻ جي رسمي ڪارروائي به ضرور ٿيڻ گهرجي ته جيئن وڌان (آئين) (Constitution) جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
    مٿينءَ رٿ ۾ گهڻو وزن آهي، ڇو ته هن وقت جڳهه جڳهه تي NRIs جي نالي ۾ ٽولا ٺهي ويا آهن، جيڪي پنهنجون پنهنجون ڪانفرنسون ۽ ڪنوينشون ڌار ڌار هنڌن تي ڪندا ٿا وتن ۽ پاڻ کي هروڀرو NRIs جو نمائندو ٻڌائيندا وتن ٿا پنهنجا ڪم سولا ڪندا. ماڻهن ۾ ورهائڻ لاءِ هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ ڇپائي، ٽرافيون ۽ اوارڊ ٺهرائي، ڪن مُدي خارج نيتائن کي گهرائي، هڪ اڌ ڀاشڻ ڏياري، پاڻ چڱا مڙس ٿي، منچ تي ويهي ويٺا مُڇون مروٽين، اهي سڀ پئسن ڪمائڻ جا ناٽ آهن. جن کي ٽرافي ملندي، يا سرٽيفڪيٽ ملندو، سي ضرور چار پئسا به خرچ ڪندا. آخرڪار هيڏي وڏي مانَ جي ڪا قيمت به ته چڪائڻي پوندي يا نه؟
    NRIs کي بدنام ڪرڻ ۾ اهڙين گهٽيا بازيگرن جو وڏو هٿ آهي. ٻئي طرف ڪي سنجيده ۽ گنڀير ڪانفرنسون سرڪار جي طرفان به ڪوٺايون ويون آهن. اهي ڪانفرنسون ننڍيءَ توڙي وڏيءَ ليول تي صرف ان لاءِ ڪوٺايون ويون ته جيئن سرڪار ۽ NRIs هڪ ٻئي جي دل جو حال چڱي طرح سمجهي سگهن.
    جيڪڏهن سرڪار ۽ NRIs جي رشتن وچ ۾ ڪا سچي پچي گهٽتائي يا ڪمي به آهي ته ان جو ذميوار خود پرڏيهي هندستاني آهي. هن پنهنجي نمائندگيءَ جا حق، پنهنجن پرڏيهي اڳواڻن جي ذريعي، وڏي ڪمزوريءَ ۽ ڪم همتيءَ سان، ماٺ ميٺ ۾، بنا ڪڇڻ پڇڻ جي، ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ناميارن ۽ زورآور ماڻهن جي ته ڄڻ ٻيگهي مچي وئي آهي. هنن کي ميدان کليو ملي ويو آهي. ڪنهن سان مقابلو ڪونه ٿو ڪرڻو پوين. اڪيلي سر پيا ٿا فائدا حاصل ڪن. NRI به سندن محتاج ٿي پيا آهن. گهڻين حالتن ۾ ته NRI پنهنجو ڪم ٽپائڻ لاءِ انهن ناميارن ۽ طاقتور ماڻهن جي اڳيان پنهنجن ئي ساٿين جي گلا ۽ غيبت ڪندا آهن. بجاءِ ان جي ته هو پنهنجا حق گهُرن، هو مورڳو پاڻ ۾ کٽا مٺا ٿيو پون. هاڻي جتي اهڙي حالت هوندي، اُتي ڪٿي ٿي پاڻ ۾ ٻڌي ٿئي؟
    انهن افعالن جي ڪري گرو گنجو NRI تي آڪڙيو بيٺو آهي. مٿان وري ميڊيا جي باهه پئي ٻري ۽ ساڙ ۽ حسد جا ڀنڀٽ جدا پيا ڀڙڪن.ماڻهن جي نظرن ۾ پرڏيهي هندستاني ديس دروهي، بکيا، لالچي ۽ هٻڇي وڃي رهيا آهن. هرڪو کين ويجهو وڃڻ بجاءِ پيو کانئن ٽهي ۽ پري ڀڄي. اها ڀيانڪ شڪل انهن ماڻهن جي چٽي وئي آهي، جيڪي ديس جي لاءِ دلداري جو ڪارڻ آهن، ملڪ جو مانُ آهن، رشتن جو شانُ آهن.
    واجپائي جي سرڪار به رشتن کي جوڙڻ لاءِ ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. جيتوڻيڪ بي جي پي جي ساٿارين گهڻائي ڀيرا وات ٽڪاڻي ڪندي ورجايو آهي ته پرڏيهي هندستانين ۽ ڏيهين جي وچ ۾ پيار جا پيچ پوڻ گهرجن ته جيئن ديس جي چڱيءَ پر شيوا ٿي سگهي، پر چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون! پرڏيهي هندستانين کان جيڪڏهن ديس ۾ سيڙپ ڪرائڻي آهي ته کين ڪوٺ ڏيڻ کان اڳ تمام ضروري سهوليتن جو بندوبست لازمي آهي. خالي پوٺي تي ته ڪوئي اچي پنهنجي پونجي ڪونه لُٽائيندو؟ پر اهو سڀ ڪجهه تيسين ڪونه ٿيندو، جيسين ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪيل گمان دور نه ڪيا ويندا ۽ اهو نه ٻڌايو ويندو ته NRIs به ديس سان وفادار ۽ سچا آهن ۽ هو به اسان جا آهن ۽ اسان منجهان آهن.
    نئين صدي شروع ٿيڻ کان پوءِ نيٺ سائينءَ در عرض اگهاڻو. اسان جو نٻل ۽ نماڻو آواز آخرڪار وڃي دهليءَ وارن جي ڪن تي پيو. سالن جي هڻ هڻان، وٺ پڪڙ ۽ آزي نيزاريءَ کان پوءِ ۽ ايندڙ سرڪار آڏو عرض گذارشون ڪرڻ بعد واجپائي سرڪار کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ٻيلي هنن فقيرن کي ٻٽي شهريت ملڻ کپي. هاڻي ٻئي ڪنهن ملڪ جو پاسپورٽ وٺڻ جو مطلب اهو ناهي رهيو ته ڪو اسان گهٽ درجي جا هندستاني آهيون يا وري مورڳو NRI هندستاني هجڻ تان ئي هٿ کڻي ويا آهيون.
    هاڻي جيڪا رٿ سامهون آهي، ان جي معنيٰ فقط اها هئي ته NRI کي پنهنجي هندستاني هجڻ جي سڃاڻپ ملي. کين سياست ۾ حصو وٺڻ جو پوءِ به ڪو حق ڪونه هوندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي پسند جي ديس جي شهريت به رکڻ چاهيندا ۽ ان سان گڏ انڊيا جا به شهري چوائيندا، سي نه ته اليڪشن لڙي سگهندا ۽ نه وري انهن اليڪشنن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا.
    ٻٽي شهريت انهن کي آڇي وئي آهي، جيڪي آمريڪا، انگلنڊ، ڪئناڊا، يورپي ملڪن، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ سينگاپور ۾ آباد آهن. اهو ان ڪري آهي جو اهي ملڪ ٻٽي شهريت ڏين ٿا ۽ سندن اهو سسٽم اڳ ئي هلندڙ آهي. جيڪي هندستاني سري لنڪا، ماريش ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن NRI ۾ رهن ٿا، انهن کي صرف اهو سرٽيفڪيٽ ملندو جنهن ۾ لکيل هوندو ته هي ماڻهو اصل هندستاني نسل جو آهي. انگريزي ۾ انکي “Person of Indian Origin” يعني PIO چوندا آهن.
    سيپٽمبر 2000ع ۾ جيڪا پنجن ميمبرن جي ڪميٽي منسٽري آف ايڪسٽرنل افيئرس ٺاهي هئي، تنهن سفارش ڪئي هئي ته ٻٽي شهريت جو قانون تڏهن لاڳو ٿيندو، جڏهن سٽيزن شپ ائڪٽ 1955ع ۾ تبديلي آندي ويندي. ٻٽي شهريت جو مرتبو ملڻ کان پوءِ پرڏيهي هندستانين ۾ ساههُ پوندو ۽ هو هندستان جي مالي معاملن ۾ پاڻ کي به ڀائيوار سمجهندا ۽ سيڙپ پڻ ڪري سگهندا.
    ٻٽي شهريت مان هڪ ٻيو فائدو به ٿيندو. هندستانين کي جذباتي آٿت پڻ ملندو. هو پاڻ کي هندستان جي صديون پراڻي سڀيتا سان کلي طرح پاڻ کي لاڳاپي سگهندا. پر ان قدم سان پنجٽيهه لکن (365 ملين) NRIs جيڪي مدل ايسٽ ۽ گلف ۾ رهن ٿا، تن کي ڪو به فائدو ڪونه پهچندو، ڇو ته انهن ملڪن ۾ ٻٽي شهريت نالي ڪا به شي ڪانهي.
    1990ع ڌاري جڏهن راءُ سنگهه جو جوڙو سرڪار ۾ آيو، تڏهن بدلاءَ جا وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا. نيتا NRIs کي پڪ ڏياريندي ٿڪبا ئي ڪونه هئا ته اجهو هاڻي ٿو توهان سان انصاف ٿئي. توهان کي پيار ملندو، پنهنجائپ ملندي، توهان جي سار سنڀال لڌي ويندي. اهي ڳالهيون ٻڌي ڪجهه آٿت مليو. اوچتو ظالماڻا قانون به ختم ٿيا. مدي خارج ڍال به هٽي وئي. NRIs ڪميونٽيءَ جا ڀوَ به ڪجهه ڍرا ٿيا. پر ڇا، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به پرڏيهي هندستاني ويندا؟ اهو تمام اهم سوال آهي.
    ڪجهه وقت اڳ تائين ماڻهو چوندا هئا ته رقم هندستان ان ڪري ڪونه ٿا موڪليون جو اتي سرڪار ڪامورن رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ ڪم ڪار ۾ به سَوَ رخنا وڌا ٿيا وڃن. اهي ڏوهه ثواب ڳڻائي، NRIs ڪمايل ناڻو پنهنجي ديس موڪلڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي حفاظت واري ملڪ ۾ رکي ڇڏيندا هئا. مزيدار ڳالهه اها هئي ته هڪ طرف ته اسان جا پنهنجا پرڏيهه ۾ رهندڙ ساٿي پنهنجي ڪمائي ڌارين ديسن ۾ پاڇي ڪري رکندا وتندا هئا ۽ ٻئي پاسي هندستاني سرڪار وڏي وياج تي رقمون اولهه جي ملڪن کان وٺي پئي ملڪ جو ڪم ڪار هلائيندي هئي.
    هاڻي جڏهن هندستان وٽ پرڏيهي ناڻو جام اچي ڪٺو ٿيو آهي، مارڪيٽ کلي ويا آهن ۽ انڊسٽري توڙي سيڙپ جي سرڪاري ڍال واري پاليسي پڻ نه رهي آهي، تڏهن NRIs کي محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته هو به هندستان جا شهري آهن. پر جڏهن کان BJP سرڪار ۾ آئي آهي، تڏهن کان اوليتون بدلجي ويون آهن. سرڪار ضرور ڪمين پيشين ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. جيڪي ڳالهيون اڳ ممڪن نظر نه اينديون هيون، سي ٿيڻ لڳيون آهن. جادوءَ جو کيل ته نه ٿيو آهي، پر چمتڪار جون جهلڪيون ضرور پيا ڏسون. هاڻي سوال رڳو اهو آهي ته هن کان پوءِ گڏجي سڏجي، پنهنجا ذاتي فائدا ڀُلائي، ديس جي ڀَلائي لاءِ سرڪار جي وڌايل سهڪاري هٿ کي ساڳي موٽ ڏيندا يا نه؟
    ڀلائي، نيڪي ۽ سخاوت هاڻي ماڻهن مان موڪلائيندي ٿي وڃي. اڳ، هندستاني پرڏيهي اسڪولن، اسپتالن، يتيم خانن ۽ ٻين اهڙن چڱائي جي ڪمن ۾ دل کولي چندو ڏيندا هئا. ڌرمي ڪاريه ۾ پڻ ڏوڪڙ پئسو ڏيندي سندن هٿ نه ٿڪبو هو. هاڻي اسان جا يار زمين خريدي، مٿس گهر ٺهرائي، اگهه ڦٽائي، پاڻ کي اڻ وڻندڙ پاڙيسري ثابت ڪرڻ ۾ پورا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ٻنهي ڳالهين تان هٿ نه کڻجي. دنيا کي به منهن ڏجي، ڌرم کي به نه وسارجي.
    NRIs جي مسئلن لاءِ مٿينءَ ليول تي هڪ وزارت جو هجڻ هاڻي حق بجانب آهي. اها ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي جنتا جو NRIs ڏانهن رويو اڃا به ڍرو آهي، پر ٻئي پاسي گجرات، آنڌرا ۽ مهاراشٽرا جهڙين رياستن NRIs ڏانهن هاڻي پنهنجيءَ سوچ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ ساڻن گڏجي وڏا وڏا پراجيڪٽ هٿ ۾ کنيا آهن. منهنجي خيال ۾ ائين ٿيڻ گهرجي.
    25 ملين هندستان پاسپورٽ رکندڙن کي هاڻي هڪ وڏي “ووٽ بئنڪ” مڃڻ گهرجي ۽ کين نمائندگي ڏيڻ گهرجي. اصولي طور، گهٽ ۾ گهٽ سندن ٻه NRIs پارليامينٽ ۾ ضرور هئڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ NRIs جي سَچن ۽ مکيه اڳواڻن ۽ سرڪاري ڪارندن ۽ انڊسٽري ڪپتانن جي وچ ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين کي هاڻي تيز ٿيڻ گهرجي. ميڊيا هن وقت تائين ڪو چڱو ڪردار ڪونه پئي ادا ڪيو آهي. هاڻي ان کي تيار ڪجي ته ديس جي ڀلائيءَ خاطر، ماضيءَ کي وساري، هاڪاري رويو اختيار ڪري. ان مان منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي ته ميڊيا NRIs جي ڪن ناميارن ماڻهن تي ڌيان ڏئي ۽ کين پڏائي آسمان تائين پهچائي، پر 120 ملڪن ۾ رهندڙ 25 ملين پرڏيهي هندستانين کي هڪ ايڪائي سمجهي، سندن گڻن ۽ ڀڳتي جو صحيح چتر چٽي ۽ کين هندستان جا شهري هئڻ ناتي، ديس جي مالا ۾ پويل موتين منجهان هڪ اهم موتي ڄاڻائي.
    وطن دوستي ۽ واپار ٻه جدا شيون آهن. انهن کي ڌار ئي رهڻ ڏنو وڃي ته چڱو. منجهانئن هڪ کي ٻئي جي خاطر ڇڏڻ لاءِ زور ڀرڻ ناانصافي ٿيندي. جيڪڏهن انڊيا سرڪار چٽاڀيٽي وارو وايومنڊل اگهه توڙي معيار (Quality) جي لحاظ کان ٻين جي ڀيٽ ۾ چڱو آهي، ته پوءِ ماضيءَ جا اڻ وڻندڙ تجربا وساري، هڪ لاڳيتي پاليسي جوڙي، اجائي دفتري ڊيگهه پٽاڙ ختم ڪري، NOC جي چڪر مان نڪري، گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
    اسان اهو ڇو وساري ٿا ويهون ته NRIs ڏاڍا جذباتي ماڻهو ٿيندا آهن. هو اڪثر هندستان ۾ وسندڙ هندستانين کان وڌيڪ هندستاني هوندا آهن. اڄ ڪلهه جي بدلجندڙ دنيا ۾ اسان کي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي ورثي جي وڌيڪ ويجهو رهڻ جي ضرورت آهي. اهو به ضروري آهي ته اسان جي ٻارن کي پنهنجي بُڻ بنياد جي ڄاڻ ڏني وڃي. اسان کڻي پنهنجي ڏيهه کان هزارين ميل دور هجون، پر هاڻي اها ڏوري گهڻي دوري نه رهي آهي، دُنيا سُسندي، ننڍڙي ٿيندي ٿي وڃي. ويجهڙائي هر پل وڌيڪ ويجهي ٿيندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ ڏيهين توڙي پرڏيهين جي لاڳاپن کي نظرانداز ڪرڻ ڏاڍي شرم جي ڳالهه ٿيندي. ان جي ابتڙ اهو سمجهه ۽ سياڻپ وارو قدم ٿيندو، جيڪڏهن اسان ايڪتا تي وڌيڪ زور ڏيون ۽ NRIs کي ملڪ ۽ ماڻهن جي لاءِ سرمايو سمجهون.
    جڏهن ٻيو سڀ ڪجهه وسري ويندو، تڏهن هميشه اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن انڊيا جي نيڻن نير هوندو، تڏهن اسان جي اک به آلي هوندي.
    *


    17. باب سترهون : نئين پيڙهي، نئين اميد

    هرهڪ ماڻهو پنهنجي پيءُ کان اڳتي نڪرڻ لاءِ سوچيندو آهي. هر هڪ ماڻهو پاڻ کي پنهنجي پيدا ٿيڻ کانپوءِ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هرهڪ نسل پنهنجو اثر رکڻ لاءِ ماضي واري نسل کان اڳتي وڌي وڃي ٿو.
    وليم ايلين وائيٽ

    ڪڏهن ڪڏهن صبح جي ماٺار ۾ من ڏاڍو مونجهو ٿيندو آهي. اها مونجهه هارَ جو اهڃاڻ ناهي. احساس آهي ان ڳالهه جو ته وقت ٿورو وڃي رهيو آهي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو آهي. شاعر رابرٽ فراسٽ جي حوالي سان جواهر لال نهروءَ چيو هو، “مون کي سمهڻ کان اڳ اڃا ڪوهين پنڌ هلڻو آهي.” منهنجي به ساڳي حالت آهي.
    حال سارو ڏنل وچن سڀ پاڙيا اٿم، پر پوءِ به اڪيچار اُلڪا اندر ۾ آنڌ مانڌ لايو بيٺا آهن. گهڻو ڪم رهيل آهي، ڪرڻ چاهيان ٿو، شل ايتري مُهلت مليم!
    ڪڏهن ڪڏهن صبح جو ماڪَ کي گاهه تي سُڪندو ڏسندو آهيان ته ڀانئيندو آهيان، شايد سورج سان سينو ساهڻ جي سزا ڀوڳي رهي آهي. اسان جو جيون به ائين ئي آهي. جوانيءَ جي هستي، مستي ۽ تازگي پل کن ۾ ائين ويندي رهي جو ڪَل ئي ڪانه پئي.
    سورج کي اُڀرندو ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان، پوئين لاءِ ڪهڙو ورثو ڇڏيو پيو وڃان؟ ڇا، مون کين هن دورنگي دنيا ۾ عزت سان رهڻ جو ڍنگ سيکاريو آهي؟ ائين ته ناهي ته منهنجي لاڏ ۽ پيار ۽ پناهه کين ايترو لڪائي، ڇُپائي ۽ ڍڪي رکيو آهي جو مون پُڄاڻان هو سور جي سٽ به سهي نه سگهندا.
    تڏهن مون کي وينا جو خيال ايندو آهي. هن ۽ مون گڏجي ٽن ٻارن کي سٺي تربيت ڏئي، گهڙي، ٺاهي، سٺو شهري بنايو آهي. اهي ٻار، جيڪي بدلجندڙ سڀيتائن ۾،اڻ ڏٺل ۽ اڻ ڄاتل ماڳن تي اٿاهه، عميق، اونهي ساگر ۾ ڇُلندا رهيا آهن، جو کين اسان جي آگيا جو پالن ڪرڻو هو ۽ پوءِ هنن ان اڻ کٽ سمونڊ ۾ ننڍڙا ۽ نٻل هٿڙا هڻي ترڻ ۽ تڙڳڻ سکيو. ڪجهه ڀئه، ڪي کٽڪا، ڪا آشا، ڪا نراشا پر پوءِ، اوچتو ئي اوچتو، هو دنيا جي ٻارن سان ملي هڪ ٿي ويا. ڌرتيءَ ڄايا، ڌرتيءَ نپايا، هن ساري سموريءَ وشال ڌرتي جا پنهنجا، هزارين لکين، ڪروڙين، گورن، ڪارن ۽ پيلن ٻارن جهڙا ٻار. زمين جي هر ڪنڊ، هر ڪڙڇ، هرگهٽي، هر گهيڙ، هر وستي، هر واهڻ سندن وطن هو.
    ڇا هو به اهو ئي سوچين ٿا، جيڪو مان سوچيان ٿو؟ اهو ئي سمجهن ٿا، جيڪو مان سمجهان ٿو؟ اهو ئي ڄاڻن ٿا، جيڪو مان ڄاڻان ٿو؟ مون ۾ ايتري همٿ ڪٿي جو مان کانئن پُڇي سگهان؟ هو مونکي رستي تي لڳل دشائن جا نشان ڏيکاري سگهن ٿا، جيڪي مون کي گهڻو اڳ ڏسڻ گهرجن ها، پر مون نه ڏٺا. اهي ٽرئفڪ سنگل، جتان مونکي ساڄي پاسي ڦرڻو هو، پر مان ڦري نه سگهيس، ۽ هاڻي واپس ورڻ جي ڪا واهه نه رهي اٿم.
    ڇا، مان پاڻ تي ٿيل ڌڻيءَ جون ڀلايون ياد رکندو آهيان؟
    ها، مون هڪ هڪ چڱائي، هڪ هڪ ڀلائي، هڪ هڪ قرب سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. ڇا، مان هر صبح جو اک کولڻ سان سندس ديا، سندس دان سندس درياهه دلي ساراهيندو آهيان؟ ها، مان سندس اپار احسان ڳائيندو آهيان، ورجائيندو آهيان، ور ور ڪري پاڻ کي، پنهنجن پريوار وارن کي ۽ هر آئي وئي کي ٻڌائيندو آهيان.
    ڇا، مان نوڙت، نياز ۽ نماڻائيءَ سان سندس آڏو سيس نوائيندو آهيان؟
    ها، مان عاجزي ۽ نيازيءَ سان، جيڪي ڪجهه هن مونکي ڏنو آهي، تنهن جو ورنن ڪندو آهيان ته هو ڪٿي مون ڪميڻي تان پنهنجيءَ پناهه جو پاند نه لاهي.
    ڇا مان ڪٽر ڌرمي آهيان يا تعصبي آهيان؟ ڇا، مان ماڻهن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيندو آهيان؟ ڇا، مان انهن پراڻن خيالن جو پانڌيئڙو آهيان، جن موجب ڀانت ڀانت جا ڪلچر ملن ته سهي، پر هڪ ٻئي سان ملي جُلي هڪ نه ٿي وڃن؟
    اسان جيئن آهيون، جتي آهيون، جهڙا آهيون، اهڙائي رهنداسين. بدلجي نه سگهنداسين. دوستي، ويجهڙائپ ۽ ڀائپي حياتي لاءِ ضروري آهي. پر اسان جي سڀيتا، اسان جو ورثو، اسان جو بُڻ بڻياد اسانکي ٻين کان الڳ الڳ ۽ ڌار ڪري ٿا بيهارين. جي ائين نه هجي ته پوءِ مامرو ئي ڪهڙو؟ جيڪڏهن اسان سڀ، يا اسان مان ڪو به هڪ، پنهنجي الڳ رنگ ۾ رنگيل نه هجي ها ته پوءِ زندگي جو ڪهڙي قدر، ڪهڙي قيمت، ڪهڙو ماپو، ڪهڙو ماڻ هجي ها؟ ۽ اسان پنهنجي اها الڳ حيثيت ۽ هستي هٿ وٺي وڃائي رهيا آهيون، فقط ان لاءِ ته اڄ ڪلهه جي فئشن موجب پاڻ کي دنيا جي انبوهه ۾ شامل ڪري، ڪوڙي ايڪتا جي مالا جپيون ۽ اباڻن جي جوڙيل سرحدن جا ليڪا مِٽايون ۽ اهو وساري ويهون ته اسان ڪير آهيون، ڪٿان آيا آهيون ۽ اسان جو خمير ڪهڙيءَ مٽيءَ منجهان جُڙيل آهي؟
    هي ايڪيهين صدي آهي ۽ منهنجون ڳالهيون ٻڌي شايد ڪو ائين به چئي ڏئي ته مان ماضي جي اونهن تهن ۾ اُترندو ٿو وڃان ۽ قديم ۽ صوبائي سڀيتا جي موهه ۾ نئين دور جي، تقاضائن کان اکيون ڦيري، گهڻو اڳ گذريل گهڙين جا ڳُڻ ڳائڻ لڳو آهيان.
    دولت ميڙڻ جي جا ڊوڙ اڄ ڪلهه جاري آهي، اها هاڻي سڀ حدون اورانگهي، کل جهڙي کاهين طرف وڌي رهي آهي. اجهو ڄاڻ اهو وقت آيو، جڏهن ان ڊوڙ جي نتيجي ۾ هڪ ڀوائتي هڪ جهڙائي جنم وٺندي. ڊوڙ ختم ٿي ويندي. دولت جا ميڙي وئي آهي، ڌن جو ڇپايو ويو آهي، موتي ۽ مڻيا، جن جي تجلن کي قيد ڪيو ويو آهي، تن جي ڪا به حيثيت، ڪا به حقيقت، ڪو به قدر، ڪو به مُلهه باقي نه رهندو ۽ ماڻهو چاٻيءَ تي هلندڙ روباٽ بنجي ويندا.
    اها ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته منهنجي سمجهه سچائي ۽ ڀرپور آواز گوڙ ۽ شور ۽ هنگامي ۾ اهڙي ريت دٻجي، گم ٿي ٿو وڃي جو منجهس ڪو به مطلب، ڪا به معنيٰ باقي نٿي رهي. ان لاءِ نه ته اهو گوڙ ۽ شور ڄاڻي واڻي ائين ڪرڻ ٿو گهري، پر ان لاءِ جو اسان جيڪي سرحدون جوڙيون آهن، سي ڪوڙيون ۽ ڪچيون آهن. صاف ۽ شفاف ۽ اڻ ڇُهيل، خالص سڀيتا، جنهن جي مان ڳالهه ڪيان ٿو، سا هٽلر جي برتريءَ واريءَ سوچ جيان ناهي. اها نسل جي تعصب تي به ٻڌل ناهي، جنهن ۾ اسان گڏ کائي نه سگهون يا سماجي برابري نه ڪري سگهون. اها آفريڪا ۾ جاري اڳوڻي ڀيد ڀاءَ واري Apartheid به ناهي يا هندستان جي اڇوت يا سائوٿ آمريڪا جي بيڪار گدلائي يا قبائلي مذهبي دشمني يا وري اهڙي نفرت ۽ ڪراهت جيڪا ٻئي کي پاڻ جهڙو نه سمجهي.
    اسان، تو ۽ مون، اهڙا سَنڌا ۽ سرحدون ٺاهي ڇڏيون آهن، جن جو سڀيتا جي ميلاپ سان ڪو به واسطو ناهي. جڏهن آرٿر هيلي (Arther Hailey) پنهنجا بنياد (Roots) پئي ڳوليا، تڏهن هن ڄڻ پنهنجي اندر ۾ لڪل اُڌمن جو اظهار ٿي ڪيو ته آخر اسين ڪير آهيون.
    اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجن رسمن، رواجن ۽ روايتن جو بچاءُ ڪريون. نئون نسل اهڙين ڳالهين کي لاپرواهيءَ سان نظر انداز ٿو ڪري ڇڏي. منهنجي لاءِ اها وڏي چنتا جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي نئين پيڙهي ڪيچ اپ ۽ چپس جي ڪلچر ۾ اهڙي اُلجهي وئي آهي جو کين پٺ ورائي اباڻي ورثي ڏانهن هڪ نظر ڏسڻ لاءِ به وقت ناهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي پنهنجا پُور به پراوا لڳندا آهن. اُداس ٿي ويندو آهيان. پاڻ کي اوپرو لڳندو آهيان. مان ته فقط اهو ٿو چاهيان ته اهم ڳالهين کي اوليت ڏيو. منهنجي لاءِ سنڌي سڀيتا کان وڌيڪ اهم ٻي ڪا به شي ناهي. ماڻهو مونکي غلط سمجهن ته به دکي مان ئي ٿيندس. ڀلا ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي ورثي جي رکوالي به ڪريون ۽ ٻين کي پيار به ڏيون، ساڻن نيازمندي به ڪريون ۽ سندن عزت ڪرڻ ۾ به ڪا ڪمي نه آڻيون؟ ڏکيو ڪم ضرور آهي. پنهنجيءَ سڀيتا کي ايڏو مانُ ڏيڻ، جو ٻين سڀيتائن وارا ان کي تهذيبي ميل جول جي ورڌ سمجهڻ لڳن، سچ پچ ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. مون کي ٻئي ڪنهن کان نه، پنهنجي ڀئه کان ڀئه ٿو ٿئي. مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي ته منهنجن ٻارن جا ٻار جڏهن سمجهه ڀريا ٿيندا، تڏهن کين اها ڄاڻ نه هوندي ته هو ڪير آهن ۽ سنڌ سان سندن ناتو ڪهڙو آهي؟ اڄ جي زماني ۾ ڪلچر وڃي ڪافيءَ جي ڪوپ تي دنگ ڪيو آهي. اسان جي روزاني زندگي ۾ سندس اهميت ڪا خاص نه رهي آهي.
    اسان منجهان اهي، جيڪي سڀيتا جون سرحدي ليڪون پار ڪرڻ ۾ ڪو عارُ محسوس نٿا ڪن، سي واقعي وڏيءَ دل جا ڌڻي چئبا. پر هنن جي ٻين سڀيتائن سان ايڪي لاءِ اُٻهرائي، پنهنجي ڪلچر جو گلو گهٽڻ جي برابر آهي. اهو ڪلچر ئي آهي جيڪو هن دنيا کي رنگين بنائي ٿو. وڻندڙ، موهيندڙ ۽ پيارو ڪري ٿو.
    اولهه اولهه آهي، اوڀر اوڀر آهي. گڏجي سڏجي رهن ٿا، پر پوءِ به پنهنجي الڳ سڃاڻ قائم رکن ٿا. دنيا جي هر سٺي شيءِ اسانجي تهوارن ۽ روايتن مان جنم وٺي ٿي. اسانکي گهرجي ته کين اوجهل ٿيڻ نه ڏيون. اسان کي پنهنجي ڌار سڃاڻپ وڌيڪ مانوارو بنائي ٿي. اسان ٻين کان نرالا آهيون. الڳ ٿلڳ آهيون. اسان جهڙو ٻيو ڪو ئي ناهي. مون پنهنجن ٽن ڌيئن کي دنياداريءَ جي سکيا ڏني آهي. کين هر قسم جي ڪلچر ۾ جذب ٿيڻ جي تربيت ڏني آهي. پر آهستي آهستي، ڏاڍي پريم ۽ پاٻوهه سان. پنهنجي سڀيتا جي سُڃاڻ به ڏني آهي. بيشڪ مونکي پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ روايتن سان ڏاڍو پيار آهي. جڏهن مان کين پنهنجي اندر جو احوال ٻڌائيندو آهيان، تڏهن لڳندو اٿم ته هو بيزاري وچان چوندا هجن، “هي ته ڪراڙن ماڻهن جهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، جيڪي اڄ ڪلهه جي زماني ۾ وقت جو زيان آهي.”
    شايد- شايد- شايد- هو صحيح سوچيندا هجن، پر منهنجي راءِ ڀلي غلط ئي ڇو نه هجي، مون کي پنهنجي اندر جي اُڌمن جو کلي طرح اظهار ڪرڻ ته ڏيو. منهنجو چوڻ فقط ايترو آهي ته توهان ڀلي هر ڪنهن سان گهلي ملي وڃو، کلو ڳالهايو، هر انسان کي قيمتي انسان سمجهي، سندن مانُ ڪيو، ساڻس پيار سان پيش اچو، سندس دل نه دکايو، پر پنهنجي الڳ سڃاڻپ به قائم رکو، اُن کي نه وڃايو.
    مان رهان نه رهان، پر پڪ اٿم ته وقت ضرور ايندو ۽ جلدي ايندو، جڏهن اسان جون جڙون سايون ٿينديون، ماضيءَ جي طاقت موٽي ايندي ۽ اسان پنهنجي ڪلچر جي چهچ ساون ٻيلن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ هڪ دفعو وري سک جو ساههُ کڻي سگهنداسين. جيئن جانور ۽ گل هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن ۽ سندن گهُرجون به ڌار ڌار آهن، اسان به ائين ئي آهيون. اسان جي ذهني توڙي روحاني خوشحالي اسان جي جاتيءَ جي جيون سان لاڳاپيل آهي. جاتي زنده آهي ته اسان سُکي آهيون. ٻين سان ملي ٻين جهڙو ٿي وڃڻ، منهنجي نظر ۾ ڦرُ ۽ ڌاڙي جي برابر آهي. ڪڏهن نويڪلائي ۾ ٿانئيڪا ويهي، منهنجيءَ ان ڳالهه تي ويچار ضرور ڪجو.
    ان پسمنظر ۾، مان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي باري ۾ سوچيندو آهيان ته مون ڇا ڪيو؟ ڪهڙي ريت مون اهي ڪم ڪيا، جيڪي منهنجي ويچارن جي ورڌ هئا. جو چيم، سو نه ڪيم. پر ائين ڪرڻ ۾ به منهنجي ڪا بد نيتي ڪانه هئي. جو ڪيم سٺن ارادن سان ڪيم.
    اسان سنڌي آهيون. فطري طور بزنيس مين آهيون. ڪن جو ته چوڻ آهي ته بزنيس اسان جي رت ۾ شامل آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سنڌي جاتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي ۽ اهڙي طرح اسان هڪ سُکي ڪميونٽي آهيون. اسان کي ان ڳالهه تي ناز آهي ۽ اهو به ناز اٿئون ته ماڻهو اسانکي “قاتل ڇهين حُس جا مالڪ” سڏيندا آهن. اسان مٿان اهو ليبل هو ڪو سِڪ وچان ڪو نه لڳائيندا آهن، پر تڏهن به هو غلط ڪونه چوندا آهن.
    جيڪڏهن توهان بزنيس ۾ آهيو، ته آهيو. بزنيس ۾ ماڻهو نفعو ڪمائڻ لاءِ ويندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان اهو نفعو قانون جي اندر رهي، چڱي نموني سان ڪمايو ٿا ته اها توهان جي بنيادي “ڇهين حس” آهي، “قاتل ڇهين حس” ناهي.
    مونکي هت ٿورو جوکو کڻي ڪجهه چوڻ ڏيو. جيڪڏهن اسان صدين جي تجربي مان بزنيس جو آرٽ سکيو آهي ۽ نسل در نسل هڪ کان ٻئي تائين پهچايو آهي ته ان ڪري جو واپار اسان جي روايت بنجي چڪو آهي. جيڪڏهن اسان جي اها “خوبي”، دنيا جي ٻين قومن ۽ جاتين سان ملڻ جلڻ سبب ختم ٿي وڃي ها، ته پوءِ اسان جي اها “مهارت” به سُڪي، سڙي، رک ٿي وڃي ها. مان بار بار اها ئي ڳالهه ثابت ڪرڻ ٿو چاهيان ته اسان جيڪي ڪجهه به آهيون، سو پنهنجي ماحول جي ڪري ۽ پنهنجيءَ اڍَ (Genetic Mak-up) جي ڪري آهيون. اسان کي گهرجي ته انهن ٻنهي ڳالهين کي سنڀالي رکون. ان ٻيلي مان ڪهڙو لاڀ، جنهن ۾ رهندڙ سڀ جانور زيبرا هجن؟ توهان مونکي اُن سوال جو جواب ڏيو.
    مون کي وڏي اٿل پٿل پئي نظر اچي. دنيا تپرس ۾ وجهندڙ رفتار سان ڊوڙندي پئي وڃي.جيڪا مسافري اڳ ڏينهن وٺندي هئي، سا هاڻي چند ڪلاڪن ۾ پوري ٿي ٿي وڃي. جيڪڏهن انسان آواز جي اسپيڊ سان سفر ڪندو ته ان لاءِ ٻيلو ٻه ٻرانگون. موڪلاڻيون هاڻي ڊگهيون ٿين ئي ڪونه. اسان جي زماني ۾ شاديءَ وهانءَ تي هفتن جا هفتا خوشيون ملهائبيون هيون. هاڻي خاندان وارا شاديءَ تي هڪ رات لاءِ مليا ته به وڏي ڳالهه ليکبي. واندڪائي نالي لاءِ ڪانهي. جيڪڏهن ڪنهن کي سچ پچ فرصت آهي ته هن کان وڌيڪ ڀاڳوان ڀلا ٻيو ڪير هوندو؟ وڏن ڪٽنبن جي جاءِ تي ننڍا ننڍا خاندان وڃي رهيا آهن. تڏهن ته چون ٿا ته وڏن خاندانن کي نيوڪليئر خاندان ماري مات ڪيو آهي.
    ان هوندي به اسان پنهنجي پاڻ کي ڀٽڪائي وڌو آهي. شاديون ائين ٿيون ٽٽن، جيئن سُڪل پن واءَ ۾ ڇڻندا آهن. شادي جي پهرئين چشڪي کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ اها ويجهڙائي ڪا نه ٿي رهي، جيڪا کين ان پوتر ٻنڌڻ ۾ سوگهو ٻڌي رکي. منهنجيون اهي ڳالهيون گهڻن کي پراڻن خيالن جهڙيون لڳنديون، پر ائين به نه ٿئي ته اسان تُهن سان گڏ ساريون به ٻهاري ڇڏيون. ترقي پسند آزاد خيال ٿيڻ جو اهو مطلب ته ناهي ته اوهان جي اندر ۾ جو ٻل آهي، ان کان ڀَڄي پاسو ڪريون ۽ ٿوري خوشيءَ يا عياشي خاطر ڪمزورين جي هنج ۾ وڃي ڪريو. اڄ جا نوجوان پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ ۾ رُڌل آهن. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته هو وڃائجي ويا آهن. اها ڳالهه مان نٿو چوان. هو پاڻ چون ٿا ۽ چوندي نٿا ٿڪجن. سندن مايوسي وڃي ٿي ڏينهان پوءِ وڌندي. سج ٻڏندو ٿو وڃي. رات پنهنجا ڪارا پر ڦهلائيندي پئي اچي ۽ اها مايوسي، جنهن جي مون ڳالهه پئي ڪئي، سا ڪڙڪاٽ ڪندي ڪاهيندي پئي اچي.
    مان هميشه چوندو آهيان ته درياءَ جي مڇي سمنڊ ۾ گهاري نه سگهندي. ساڳيءَ طرح سامونڊي مڇي نديءَ ۾ به جالي نه سگهندي. قدرت جي سونهن ۾ واڌارو اهي ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ڌارائون ڪن ٿيون.
    پتا پنهنجي ٻارن کي ڪيئن ويهي سبق پڙهائيندو آهي ۽ هو ڪيئن ماٺڙي ڪري کيس ٻڌندا رهندا آهن؟ ماءُ ڪيئن پنهنجن ٻچن تي پرن جي ڇانوَ ڪري بيهندي آهي، جڏهن ساري دنيا کين کانئس ڌار ڪرڻ لاءِ حيلا هلائيندي آهي؟ ڪڏهن انهن مامرن تي به ڌيان ڌريو اٿوَ؟ اسان چئو دڳيءَ تي ڪونه بيٺا آهيون. ائين سوچڻ جو مطلب ٿيندو ته اسان هاڻي هيڻا ٿي ٿڪجي پيا آهيون. مون کي لڳندو آهي ته دنيا هڪ نديءَ مثال آهي، جيڪا نهايت تيز رفتار سان سمنڊ ۾ ڪرڻ لاءِ وڌي رهي آهي ۽ جڏهن ندي سمنڊ سان ٽڪرائبي تڏهن وڏو ڌوڏو ايندو، ڌماڪو ٿيندو، پاڻي چاڏيءَ ۾ پيل ڏڌ وانگر ولوڙبو ۽ لهرون اُٿنديون. اهو سڀ ڪجهه جلد ٿيڻ وارو آهي ۽ ان گهڙيءَ اسان مان گهڻا گهائبا. اهو سوچي، منهنجو روح ٿو ڪنبي، ڇو ته انهيءَ اوچتي وارَ لاءِ اسان جي پيڙهي هرگز تيار ناهي.
    هن عمر ۾ اسان ڪٿي وڃي آٿت ڳوليون؟ ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئون؟ ڪنهن کي من جي ماجرا ٻڌائون؟ بس، اها ڪل اٿئون ته اسان وڏي جاکوڙ ڪئي، ويڙهاند ڪئي۽ ڪوشش ڪري صحيح رخ ۾ وک وڌائي.
    جڏهن منهنجيءَ ماءُ جو ديهانت ٿيو، تڏهن اسان پنهنجين ٽنهي ڪڪين کي دبئي وٺي آياسين. وطن کان سندن اها پهرين جدائي هئي. ننڍيون هيون، ايڏي سمجهه ڪا نه هُين، ان ڪري گهڻي ڏکيائي ڪانه ٿي. جلد ئي هري مري ويون.
    هو جيئن جيئن وڏيون ٿيون، پنهنجي هم عمر ٻارن کي اولهه طرف تڪيندي ڏٺائون. ۽ جتي جتي مان ويس، اتي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي باري ۾ ماڻهن کي چوندو ٻڌم ته اولهه مان پڙهي ڳڙهي، وڏي شان مانَ ۽ اعتماد سان ڀرپور ٿي موٽيا آهن. جڏهن کين جاچي ڏٺم ته منجهن داڻا ڪونه هئا. رڳو رستن جا راجا. ڪپڙو لٽو، ٺاهه ٺوهه ۽ ٻاهريون ڏيکاءُ. وڏو ماڻهو سڏائڻ جو نسخو يا منتر پئي لڳو اولهه جي تعليم. مان سوچيندو هوس ته ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ته اسان اوڀر جا ماڻهو، جن جي قديم تهذيب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، سي هاڻي اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ اولهه جا محتاج ٿيا آهيون ۽ اسان ۾ ايتري اهليت ناهي جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ورثي کان آگاهه ڪري سگهون. ڇا، مان سودائي ٿيندو ٿو وڃان؟ ڇا، مان ننڍڙين ڳالهين کي وڏو سمجهڻ لڳو آهيان؟ ڇا، مان وڌيڪ ڏکڻو ٿيندو وڃان؟ ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي. پر ان جو ته ڪو ئي جواب ڏئي ته اسان پنهنجي دنيا کي ٻين جي ڀيٽ ۾ ايترو گهٽ ڇو ٿا سمجهون؟
    ان جو مون کي ڪو به مناسب جواب نه مليو آهي. هڪ اهڙي قوم، جنهن والميڪيءَ ۽ تانسين، تلسيداس ۽ ٽئگور، چاڻڪيه ۽ دادا واسواڻيءَ جهڙا اوچا ۽ اڏول ٻڌيمان ۽ مهان پرش پيدا ڪيا، جن پنهنجي وديا، جي جوت سان ڪروڙين انسانن جي جيوت سنواري، سا قوم ۽ سي ماڻهو خود اعتماديءَ ۾ ٻين کان گهٽ ڇا ۾ آهن؟
    وقت گذرندو ويو. منهنجين نظرن کان نظرون بچائي، لڪي ڇپي، پاڇي جيان وقت گذرندو ويو. تڏهن اوچتو پنهنجي ڏاڏيءَ جي لاڏلي، منهنجي پياري ڌيءَ گؤري، ڪاليج تائين پهچي وئي. منجهس ننڍي وهي، کان وٺي ئي اڳواڻي ڪرڻ جا گُڻ موجود هئا. هوءَ ڪنهن به ڪاريه لاءِ سڀ کان اڳ اُٿي کڙي ٿيندي هئي ۽ منجهس ٻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ کانئن ڪم وٺڻ جون خوبيون سوايون هيون. چيتنا ۽ ريکا جي راءِ کي درست رکڻ ۾ به سندس وڏو هٿ هو ۽ اهي ٻئي ڄڻيون سندس ڳالهه ٻڌنديون ۽ مڃينديون هيون. منهنجي پتني کيس سڏيندي ئي هئي ٻي ماءُ.
    دراصل اسان جي گهر ۾ انگريزي ٻوليءَ جو واهپو شروع ئي گؤريءَ جي ڪوشش سان ٿيو. ان کان اڳ اها ٻولي گهر جي ڪنڊ پاسي ۾ پاسيري پئي پنهنجو وقت گذاريندي هئي. سندس ڪو خاص ڪارج گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ ڪونه هوندو هو. گؤري پنهنجن خيالن ۾ گم سم رهندي هئي. گهٽ ڳالهائيندي هئي ۽ پاڻ کان وڏيءَ ڄمار وارن جي ساٿ ۾ وڌيڪ خوش نظر ايندي هئي. ان ڳالهه تي جيئن ٻين پيئرن کي ڳڻتي ٿيڻ گهرجي، مونکي پڻ فڪر ٿيڻ لڳو.
    سندس آواز ۾ ماکيءَ کان وڌ ميٺاج هو. هوءَ پاڻ کان وڏن مٽن مائٽن کي ويهي پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ هو پڻ خوشي سان سندس مٺڙي آواز مان آنند ماڻيندا هئا. سُر ۽ سنگيت جي اها ڏات کيس ماءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. گهر ۾ سڀ ڀاتي گڏ هئاسين. زندگي مثالي هئي.سڀني کي ويجهو ۽ گڏ ڏسي منهنجي من ۾ پڻ پيار جون ڀاونائون جاڳنديون هيون. ان هوندي به، بدلاؤ جون هوائون ڪنهن نه ڪنهن ڳليءَ مان اندر پهچي وينديون هيون. چوندا آهن ته تبديليءَ جهڙي دائمي شيءِ ٻي آهي ئي ڪانه.
    هڪ ڏينهن، جڏهن صبح جو ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڪرت ڏانهن وڃي رهيا هئا، 92 ايف.ايم ريڊيو تي رچرڊ ڪورام جو آواز سڄي گهر ۾ گونجي ويو. آواز ڇا هو، ڄڻ ڪا ڪٽار هئي جا منهنجي دل ۾ لهي وئي. خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته گؤريءَ جو ڪاليج کلڻ وارو آهي.
    اسان جي شانت زندگي ۾ ڄڻ ڪو ڀونچال اچي ويو، جيڪڏهن گؤري پڙهائيءَ لاءِ انڊيا پئي وئي ته سندس ماءُ کي به ساڻس گڏ وڃڻو ٿي پيو ۽ پويان ٻن ڌيئرن جي سار سنڀال مون جهڙي نالائق پيءُ کي ڪرڻي ٿي پئي.
    پاڻ کان پڇيم، “مونکي؟”
    پاڻ جواب ڏنم، “هرگز نه.”
    مان انڪار ڪري بيهي رهيس.
    ڪو ته اُپاءُ ڪرڻو هو. ان زماني ۾ NRIs ايڏو گهڻو پسند به ڪونه ڪيا ويندا هئا. سندن ٻارن کي ڪاليج ۾ سيٽ ملڻ ڏاڍي مشڪل هوندي هئي. اسان ٻن باهين جي وچ ۾ اچي ڦاٿاسين. وڏي هڻ هڻان کان پوءِ مس وڃي ڪا صلاح بيٺي. منهنجي وڏي ساليءَ ايشوري پنهنجي طرفان بمبئي ۾ منهنجي سالي نردوش جي گهر ۾ رهڻ جي هام هنئي. نردوش هانگ ڪانگ ۾ رهندو هو، ان ڪري سندس گهر خالي پيو هو. سڀ ڪجهه ٿيو، پر دل ۾ ڪنڊو چڀيل ئي رهيو. گؤري بمبئيءَ هلي وئي ۽ وڃي لکا پڙهيءَ وسيلي بيچلر آف ڪامرس جي ڊگري ورتائين، جنهن سهڻي نموني سان هن پنهنجي پڙهائي ڪئي ۽ پاس ٿي، ان مان سندس همٿ ۽ ارادي جي پڪائيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. مونکي پنهنجي ڌيءَ سان پيار ته اڳ ئي هو، هاڻ ته مٿس ناز به ٿيڻ لڳم.
    منهنجي هڪ ٻن ويجهن دوست ۽ تعليم ماهر ماديو بلواڻي ۽ بمبئي يونيورسٽي جي اڳواڻي وائيس چانسلر ايس. ڊي ڪارنڪ منهنجي ڌيءُ گوري جي سندس پڙهائي ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ سندس تمام گهي مدد ڪئي. انهن ٻنهي همراهن ان وقت گوري جي اسٽوڊنٽ لائيف ۾ سندس تعليم ۽ پڙهائي ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ وڌي سهائتا ۽ مددد ڪئي. جڏهن گوري اوپري ماحول ۾ وٺجي وئي هئي.
    مون کي چوڻ ڏيو ته هندستان تعليم جي سڌاري لاءِ اهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي. انڊيا اڪاناميءَ کي ته آزاد ڪرڻ جا ارادا رکي ٿو، پر تعليم کي آزادي ڏيڻ جو وٽس ڪو به پروگرام ناهي. اسان اهو ڇو ٿا وساريون ته هڪ مضبوط اڪانامي جو سمورو دارومدار تعليم تي آهي. اسان کي اهڙي تعليم جي گهرج ناهي، جيڪا اڌ ڪچي اڌ پڪي هجي. ان مان ڪاوڙ، ڪروڌ، مايوسيون ۽ حسد پيدا ٿو ٿئي ۽ شاگرد سمجهن ٿا ته ساڻن ٺڳي ٿي وئي آهي. هونئن تعليم ته دان آهي، خيرات آهي. جيڪو مليو، تنهن تي راضي رهو، وڌيڪ نه گهرو. نه منجهس گهرائي آهي، نه اڳتي جي سوچ. فقط جاگرافي جي حدن ۾ قيد. ڪتابي پڙهائيءَ سان شروع ٿئي ٿي، ڪتابن تي ئي پوري ٿئي ٿي. ميڪاوليءَ جي نظرئي موجب پئي هلي. مدي خارج ۽ ڪاغذي ڊوڙ ۾ ئي پوري، پرگؤري جي گريجوئيٽ ٿيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ هڪ گريجوئيٽ ته آيو، ۽ ظاهر آهي، پيءُ جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو ڪونه هو. اها خوشي، اهو ناز ان ڪري به وڌيڪ پئي ٿيو، جو منهنجي پنهنجي تعليم تمام ٿوري هئي ۽ جيڪي ڪجهه مون سکيو، سو دنيا جا ڌڪا ٿاٻا کائي سکيو. جتي مليو، جيڪي مليو، سو ميڙي سهيڙي پئي پانڌ ۾ وڌم.
    انهن ڏينهن ۾ هڪڙي صلاح جُڙي آيم. هونءَ ته منهنجي هر سوچ هر لوچ هندستاني آهي، پر خيال آيم ته گؤريءَ کي ڇو نه جنيوا ۾ داخلا ڏياريان. اها رٿ اوچتي هئي. مون جهڙي ماڻهوءَ جي مزاج جي بلڪل ابتڙ هئي، پر پوءِ به مون سوچيو ته گؤريءَ جي زندگي کي هڪ نئين موڙ جي ضرورت آهي. ان ڪري، اسان هن کي مانٽريوڪس ۾ واقع اسڪول انسٽيويٽ ويلا پئاريفيو(Institue Villa Pierrefeu) ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. اسڪول جي پرنسپال ميڊم وائيواني نيري (Madam Viviane Neri) سٺي ساک رکندڙ آهي ۽ گوري اتان ئي سکيا وٺي ٻاهر نڪتي. توهان جيڪڏهن مون کان پُڇندؤ ته آخر اها ڪهڙي لاچاري هئي ته ايتري ساري رقم خرچ ڪري، رڳو ان لاءِ ٻار کي ٻاهر موڪلجي ته هوءَ اتي وڃي ڪيلا ڇلڻ، ۽ هٿ ۾ ڪانٽو ۽ ڇُري جهلڻ جا هنر سکي، ته مان جواب ڏئي نه سگهندس. پر گؤري جي شخصيت ٺاهڻ ۾ ان اسڪول چڱي مدد ڏني. اوڀر ۽ اولهه جي ڪلچر جي ميلاپ ۽ انهن ٻنهي مان لاڀ پائي گؤريءَ گهڻو ڪجهه پرايو. اسان جا دوست ڪمل ۽ پرڪاش هندوجا جنيوا ۾ رهندا آهن ۽ انهن واعدو ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت پئي ته هو ضرور ڪندا.
    سئٽزرلينڊ ۾ ٻيا سنڌي به رهندا هئا. سينٽ مارٽين جون ٻه جاڙيون ڀينر، شانو ۽ شالني ته سندس پڪيون ساهيڙيون ٿي ويون، ۽ اڳتي هلي صلاح بيهاريائون ته گؤري سندن ڀاءُ اجئه جي لاءِ مثالي جيون ساٿي ٿيندي.
    وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. ڳالهه منجهان ڳالهه ٺهندي رهي، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وينا ۽ مان جهاز ۾ چڙهي ڪئريبين ڏانهن راهي ٿي وياسين.
    اجئه ۽ گؤريءَ جي شادي ٿي وئي آهي. گؤريءَ جو نئون نالو آهي هنيشا. ٽي پٽ اٿس: نيليش، امر ۽ هريتڪ. شاديءَ جي هر ڳالهه ڏاڍي آرام سان ائين ٿي گذري جو پتو ئي نه پيو. لکيا ائين ئي ٿيندا آهن.
    منهنجيءَ هن ڌيءَ ۾ مريادا ۽ مڻيا جي کوٽ ناهي. هڪ ڀيري منهنجي جهوني دوست، سرڳواسي منوڇاٻڙيا، مونکي ٻڌايو ته جڏهن هو ۽ سندس گهرواري وديا سينٽ مارٽين گهمڻ ويا ته گوريءَ ۾ بزنيس ڪرڻ جا گُڻ ڏسي دنگ رهجي ويا. منجهس ماڻهوءَ کي موهڻ جي جيڪا ڏات مليل آهي، سا ورلي ڪنهن ٻئي ۾ هوندي. منوءَ سٺ هزارن ڊالرن جا زيور خريد ڪيا ۽ جڏهن بل ڏيڻ جي لاءِ کيسي مان ڪريڊٽ ڪارڊ ڪڍيائين ته گؤريءَ چيس” “پرواهه ناهي توهان جويلري گهر کڻي وڃو. جيڪا توهان کي وڻي سا رکو ۽ باقي رقم سميت موٽائي ڏجو.”
    منوءَ چيس، “مون تي ايترو ويساهه اٿئي؟”
    “جيڪڏهن مان توهان تي ڀروسو نه ڪنديس، انڪل،” گؤريءَ وراڻيو، “ته پوءِ ٻيو ڪنهن تي ڪنديس؟” جڏهن هو موٽي دبئي آيو، تڏهن مون کي چيائين، “رام، توتي سچ پچ ايشور جي وڏي ڪرپا آهي؟” مون وراڻيو، “مون کي ڄاڻ آهي.” اهي ڳالهيون مونکي پاڻ تي ناز ڪرڻ سان گڏوگڏ نماڻو پڻ ڪنديون آهن. هتي مون کي هڪ ننڍڙو واقعو ٿو ياد اچي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن گؤري سينٽ مارٽين ۾ وڃي گهر وسايو هو. هيءَ اها ڇوڪري هئي، جنهن ڪڏهن به پنهنجي تن تي هڪ زيور به نه پاتو هو، پر هاڻي هوءَ جويلريءَ جي ننڍڙي سلطنت جي مالڪ هئي. هن کي ته تور ماپ جي به خبر ڪانه هئي. رتيون، تولا، ماسا، گرام سندس سمجهه کان ٻاهر هئا. پر هاڻي اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي هيرن جي سمنڊ ۾ ترندي ڏٺائين. ايتري ساري دولت، موتي، مڻيا، هيرا ۽ جواهر ڏسي به هن جي طبيعت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. ها، ايترو سو ٿيو جو کيس قيمتي پٿر وڻڻ لڳا. جيتوڻيڪ هوءَ آهستي آهستي بزنيس جا گُر سکندي وئي، پر ان هوندي به هوءَ سنڌي ڏڻن وارن ملهائڻ ۾ سڀ کان اڳري رهڻ لڳي هئي. خاص طور سنڌي سال جو پهريون ڏينهن “چيٽي چنڊ” هن جي ئي ڪوشش سان پهريون ڀيرو ڪئريبين ٻيٽن تي ملهايو ويو. ٻيٽ تي سڀ کان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري هئڻ ڪري، ايڏو وڏو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر پنهنجي گهرواري، اجئه ۽ سس ۽ سهري، ورکا ۽ ديالداس، جي پوري پوري سهائتا سان هن اهي ڪمال ڪري ڏيکاريا جو گهڻن جو من موهي وڌائين. اڄ ڪئريبين ۾ ڪو به فنڪشن گؤريءَ جي صلاح کان سواءِ اڻ پورو ليکيو ويندو آهي. ڀلي ته اهو ڪنهن جو جنم ڏينهن هجي يا سالگرهه يا وري جاتيءَ جو ڪو فنڪشن سمورو ڪم گوريءَ جي حوالي ڪيو ويندو آهي.
    مون کي هڪ ڀيري ڏاڍي خوشي گاڏڙ حيرت ٿي، جڏهن گؤري کي رام بخشاڻيءَ جي ڌيءَ بدران مونکي هنيشا جي پتا طور سڃاڻپ ڪرائي وئي. ان ڏينهن مونکي پڪ ٿي وئي ته اسان جا لايا سجايا ٿيا آهن. جنهن سمجهداري سان هوءَ ماڻهن جي خطن يا فون جا موٽائي جواب ڏئي ٿي يا ڪنهن کي سندس معمولي چڱائي جي بدلي مهرباني چوي ٿي، يا ٻين سان همدرد ۽ هڏ ڏوکي ٿئي ٿي، ته انهن سڀني ڳالهين جي ڪري کيس ڏاڍو پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪو به تهوار، ڏڻ، موقعو يا فنڪشن گؤريءَ کان سواءِ ٿئي، سو سوچي به نٿو سگهجي. ڪنهن به پيءُ جو جيڪڏهن هڪ ٻار سُکي آهي، پنهنجي گهر ۾ آسودو آهي، ته پيءُ پاڻ کي ڀاڳوان سمجهندو آهي. جن جا ٻه ٻار خوش هجن، سي پاڻ تي ايشور جي ديا سمجهن. پر جڏهن ٽن جا ٽيئي ٻار هر فڪر کان آجا، هر چنتا کان دور ۽ سکيا سهنجا هجن، ته پوءِ سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي ته آسمان ڏانهن منهن ڦيري، آهستي سان چئجي، “ڌنيواد!”
    چوندا آهن ته تاريخ پاڻ کي دهرائيندي آهي. اوچتو چيتنا به پاڻ کي پنهنجيءَ وڏي ڀيڻ واريءَ جاءِ تي بيٺل ڏٺو. چيتنا ڏاڍي شرميلي، خاموش، اڪيلي ڇوڪري هئي. تمام گهٽ گهرندي هئي، ان ڪري اڪثر کيس نظر انداز ڪيو ويندو هو. پر پوءِ جڏهن وقت اچي پهتو، تڏهن سندس اندر ۾ ويٺل هڪ بهادر ناري جاڳي اُٿي.
    مان هميشه ان خيال جو رهيو آهيان ته مائٽ پنهنجي اولاد کي تعليم کان وڌ ٻي ڪا سوکڙي ڏئي نٿا سگهن. مائٽ امير هجن يا غريب، پر پنهنجي حال ۽ حيثيت آهر کين ٻارن کي تعليم ضرور ڏيڻ گهرجي. لفظ تعليم رڳو پڙهڻ کي چوڻ وڏي ڀُل ٿيندي. ان جي معنيٰ ۽ مطلب کي اوچي ۽ اونهي انداز ۾ وٺڻ گهرجي. عورتون پڻ تمام وڏيون دانشور ٿي سگهن ٿيون. کين پنهنجي مقرر ڪيل ماڳ کان هٽائڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو عورتون اُن سماج ۾ وڌيڪ ڪامياب آهن، جتي کليءَ دل سان کين تعليم ڏني ويندي آهي. يو.اي.اي. جو مثال ئي کڻي وٺو. هت عورتن جي نه رڳو اهميت آهي، بلڪ ان اهميت کي ذهن ۾ رکندي هو نه رڳو نتيجا ٿيون ڏين، بلڪ سٺا نتيجا ٿيون ڏين. يو.اي.اي. اهو ملڪ آهي، جنهن عورتن کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت کان گهڻو اڳتي وڃي کين اها تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سهوليتون پڻ حاضر ڪري ڏنيون آهن. ان ڪري شاديءَ ۽ تعليم جي اڻ-برابريءَ واري مقابلي ۾ اڪثر شاديءَ جي ڀيٽ ۾ تعليم گوءِ کڻي ويندي آهي.
    هن ڀيري پڻ اسان ممبئيءَ جي باري ۾ سوچيو، پر لڳو ته هاڻي حالتون ساڳيون نه رهيون آهن، پهريون ته ايشوري پنهنجين مجبورين جي ڪري ايڏو گهڻو وقت ممبئي ۾ رهڻ کان لاچاري ڏيکاري. ڪٽنب کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۽ وينا کي ممبئي موڪلڻ جي ڳالهه مونکي بنهه نه وڻي. اين.آر.آءِ جو پراڻو معاملو ٻيهر جاڳي اُٿيو هو ۽ هنن جي حقن لاءِ اسان هڪ دفعو وري پهاڙ سان مٿو ٽڪرائي رهيا هئاسين. اڳيان ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه هو. 25 ملين هندستاني ملڪ کان ٻاهر رهي هاءِ گهوڙا ڪري رهيا هئا، پر اڳيان به رڍن اڳيان رباب وڄائڻا هئا. ڪا به شنوائي ڪانه ٿي ٿي. حاسد ۽ ساڙولا ماڻهو کين ڪا به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نٿي ٿيا.
    ڪرڻي اها ٿي جو هڪ رات منهنجي ملاقات پنهنجي دوست ڪشن ڄيٺواڻيءَ سان ڪنهن ڊنر تي ٿي وئي. هن سان گڏ سندس ڌيءَ پريا به هئي، جنهن اڃا تازو رچمنڊ (لنڊن) ۾ ڪاليج جي تعليم پوري ڪئي هئي. مونکي پريا جي هوشياري، سمجهه ۽ ڄاڻ موهي وڌو. ڪشن چيو ته هو پريا جي پڙهائيءَ کان ڏاڍو خوش آهي. هن ان ڪاليج جي کلي دل سان نه رڳو واکاڻ ڪئي، پر زوردار سفارش به ڪئي. بس، مونکي جيڪڏهن ڪا چنتا هئي ته اها ته منهنجي ڌي ايڪانت پسند هئي ۽ اسان کي ڇڏي لنڊن پڙهائڻ لاءِ وڃڻ تي شايد راضي نه ٿئي. اهو منهنجو خيال هو. مون ساڻس ڳالهه چوري مس ته هوءَ هڪدم تيار ٿي وئي. پيئر ويچارا پنهنجن ٻارن جي اندر جي اونهائيءَ کان هميشه اڻ ڄاڻ رهندا آهن. منهنجي خيال ۾ اسان پنهنجن ٻارن جي معاملي ۾ پاڻ ايترا ته فڪرمند هوندا آهيون، جو کين سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهيون.
    جلد ئي هوءَ تيار ٿي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ لنڊن رواني ٿي وئي. جيئن چارلس لئمب چيو آهي ته “علم جي گهارين” مان گذرڻ لاءِ تياري گهرجي، تيئن سندس محنتي طبيعت به کيس علم جي گهارين مان پار اُڪاري وئي. هوءَ جڏهن موٽي آئي، تڏهن وڏي شان سان “آنرز” ڪري موٽي. اسان کي لڳو ته اسان سندس نالو “چيتنا” هروڀرو ڪونه رکيو هو. هوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکي آئي. وينا جي سوٽ وشي ڀارواڻي ۽ سندس گهر واريءَ پريا سندس لنڊن ۾ ڏاڍي مدد ڪئي.
    جڏهن واپس آئي، تڏهن مون ڏٺو ته هاڻي هوءَ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو فيصلو ڪري آئي آهي ۽ اهو فيصلو هو پنهنجي جاتيءَ جي سيوا ڪرڻ جو. مون ته ائين پئي سمجهيو ته منهنجي ڌيءَ ۾ ٿوري ٿوري بغاوت جي جهلڪ به پئي نظر آئي، پر اها بغاوت نه، سندس اعتماد ۽ پڪو پهه هو. هن کي پنهنجين جڙن ۽ بنياد ۽ سڃاڻپ جي احساس پهاڙ جيان پختو ۽ اڏول بنائي ڇڏيو هو. هوءَ هاڻي ته پنهنجي آدرشن لاءِ بحث ڪرڻ کان به ڪونه پئي ڪيٻائي.
    مون کي سندس اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هوءَ ٻين کان مختلف ضرور هئي، پر هئي ساڳئي خيال رکڻ واري، پرگهور لهڻ واري ۽ پاڻ تي ڀرسو ڪرڻ واري. منهنجي سينيئر ساٿيءَ، دادا رام پنجواڻيءَ، جيڪو سنڌي جاتيءَ جو سڀيتائي سفير سڏيو ويندو هو، تنهن هڪ لڱا چيو هو ته اسان سنڌين جي جسم جي به هڪ ٻولي ٿيندي آهي، جيڪا ڳالهائڻ کان سواءِ سڀ ڪجهه ٻُڌائي ڇڏيندي آهي. اسان جي اها جسماني ٻولي (Body Language) ئي اسان کي هڪ ڌار حيثيت ڏئي ٿي. اسان جي ڳالهائڻ واري لهجي ۽ اشارن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه سمايل آهي، جيڪا فقط ٻيو سنڌي ئي سمجهي سگهي ٿو. پنهنجائپ جو اهو احساس، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجون، اسان کي آڻي هڪ ٻئي جي ويجهو بيهاريندو.
    چيتنا کي هميشه ٻارن سان پيار هوندو هو. هر عمر جا ٻار کيس چاهيندا هئا ۽ هوءَ به مٿن اول گهول پئي ويندي هئي. ان ڪري هن وڏي شوق سان مانٽيسوري ڪورس کنيو. ڪورس پورو ڪرڻ کان پوءِ وڃي هڪ مانٽيسوري اسڪول ۾ نوڪري ڪيائين. پئسن ڪاڻ نه، پر رڳو پنهنجي دلي لڳاءَ ۽ سڪون خاطر. ننڍڙن ٻارڙن سان پنهنجي تجربي کي ونڊڻ جو ان کان وڌيڪ سٺو موقعو کيس ٻيو نه ملي ها. جواب ۾ کيس مليو صبر، همٿ ۽ ٻارن کي سمجهڻ ۽ سندن گهرجن جي پرائي ڪرڻ وارو ڏانءُ. مان بي خوف ٿي چئي سگهان ٿو ته هن نه رڳو ٻارن سان پنهنجي ٽريننگ دوران پيار ۽ هڪ جهڙائيءَ جو ناتو جوڙي ورتو، پر پاڻ کي به هڪ ماءُ ٿيڻ لاءِ تربيت ڏئي ڇڏيائين.
    اڄ چيتنا، بنٽيءَ جي جيون ساٿي آهي. بنٽي دبئي ۾ لوهه جو ڪاروبار ڪندو آهي. کين هڪ ڏاڍي پياري ڌيءَ جانوي آهي. جنهن نموني سان سندس پالنا ٿي رهي آهي، ان کي ڏسي ڪو به چئي سگهندو ته هوءَ سمجهو ۽ سلڇڻي ٿيندي. مون کي پنهنجي ڌيءَ چيتنا کي ڏسي بي انتها خوشي ٿي. اُن ڪري جو هن پنهنجي ننڍپڻ جي خاموشي ۽ شرميلي پڻ کي ٽوڙي، پاڻ کي بلڪل هڪ نئون انسان بنائي ڇڏيو آهي. مون ٻه دفعا حالتن کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن کيس وڻي تيئن منهنجي تقدير لکي ۽ قسمت ٻئي دفعا مون تي مهربان ٿي آهي.
    مون گهڻا ئي حيلا هلايا ته منهنجا ٻار هندستان جي وايومنڊل ۾ ئي رهن ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻي، ريت رسم کان پاسو نه ڪن، پر وري به قسمت منهنجي غلط فهمي کي دور ڪرڻ لاءِ مون کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي. ڀل ته تازي هوا گهلي. ڇو ته جي ٻار اٽل ارادي وارا هوندا، سگهارا هوندا ۽ سندن پالنا سٺي ماحول ۾ ٿي آهي، ته پوءِ هو سَرَ جي ان ڪاني جيان ٿيندا، جيڪو تيز هوائن ۾ جهڪي ته ويندو، پر ٽٽي نه سگهندو آهي. ڀل ته طوفان اچن، هن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيندو. منهنجي لاءِ اهي ويچار ڀلائي جو ڪارڻ بنيا آهن ته منهنجو تاريخ، سڀيتا ۽ ورثي ۾ پڪو ڀروسو آهي. منهنجون ڪڪيون منهنجي ويچارن جي پاڇي ۾ پليون آهن. جيئن جيئن وڏيون ٿيون آهن، تيئن تيئن هنن ڪجهه ڪجهه پنهنجيءَ گلوبل شخصيت جو رنگ به منهنجي ڏنل تربيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو گهڻ-پاسائين شخصيت جون مالڪ آهن.
    ناني جو ڪردار نباهيندي، مونکي ڏاڍو مزو ايندو آهي. لڳندو به سچو پچو نانو آهيان. مون وٽ ايندي ٻارڙي ڏاڍيون ريهون ڪندي آهي، پر کيس ٿورو سمجهه ڀريو ٿيڻ ڏيو. مون کان سواءِ کيس ٻيو ڪو ئي ڪونه وڻندو.
    هاڻي اچون ٿا ريکا تي. منهنجي سڀ کان ننڍي ڌيءَ، سڀن جي لاڏلي. ٿوري کيچلي. ٿوري چلولي، ننڍڙي هجڻ جو واهه جو فائدو ورتائين. شروع کان ئي پنهنجي هر ڳالهه مڃائڻ جو هنر سکي وئي. وڻندڙ هئي. موهيندڙ ادائن سان دل جيتڻ ته ڪو کانئس سکي. اسان مان ڪنهن کي به کيس انڪار ڪرڻ جي مجال ئي نه ٿيندي هئي. توهان سمجهندا هوندؤ ته اهڙين حالتن ۾ هوءَ هڪ اڻانگو ٻار ئي ٿي هوندي. ائين ناهي. بلڪل ان جي ابتڙ، هوءَ هڪ پيارو ٻار ثابت ٿي. ڏاڍي هوشيار هئي. ننڍي هوندي کان هڪ ئي ڌُن سندس سر تي سوار هوندي هئي: وڪيل ٿيڻ جي. جهڙو تهڙو وڪيل به نه، فوجداري وڪيل (Criminal Lawyer) ۽ هن ۾ اهي سڀ گُڻ موجود هئا.
    اسان پڇندا هئاسونس، “وڪيل ٿيڻ ڇو ٿي چاهين؟”
    ڏاڍي آرام سان وراڻيندي هئي، “انسانن جي سيوا ڪرڻ ٿي چاهيان.”
    ٻيو ڪو اهو جواب ڏئي ها ته جيڪر ٻاراڻي يا بيوقوفي جي ڳالهه سمجهي لنوائي ڇڏجي ها. پر هوءَ ايتريءَ ته ٺهر ۽ اعتماد ۽ ڀروسي سان جواب ڏيندي هئي جو اسان جا ڪيترائي دوست سندس ايمانداري ۽ سچائي ڏسي چپ ٿي ويندا هئا.
    اها ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي جو ٽيون دفعو مون کي ساڳئي تجربي مان گذرڻو ٿي پيو، ۽ اها ڳالهه مون کي ڪانه ٿي وڻي. ممبئي وڃڻ هڪ دفعو وري پهاڙ جيڏو مشڪل ڪم ٿي پيو. وڌ ۾ وڌ اسان پوني تائين وڃي سگهياسين، پر ان مان ڪم نه ٺهيو.
    منهنجي حالت جو اندازو اُهي مائٽ چڱيءَ طرح لڳائي سگهندا، جن کي خبر هوندي ته سندن ٻار هوشيار ۽ لائق آهي ۽ کيس اهو ڪجهه ملڻ گهرجي، جنهن جي هو چاهنا ڪري ٿو. پر هو اهو پائي ان ڪري نٿو سگهي جو سندس اميد ۽ ماڳ جي وچ ۾ سسٽم جي ديوار اُڀي آهي. جيڪا هر آس تي نراشا جو پاڻي ڦيري ڇڏيندي آهي. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڇا ڇا نه ڪيم، پر پاڻ کي دکي ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهيس.
    خوشقسمتيءَ سان هاڻي دبئي ۽ شارجا ۾ به ڪافي ڪاليج کلي ويا هئا. تعليم حاصل ڪرڻ هاڻي ڪو وڏو مسئلو ڪونه رهيو هو، پر جنهن ڳالهه ماريو ٿي، سا هيءَ ته قانون پڙهائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هو. هندستان ۾ ته ڪو ڪلياڻ ڪونه ٿيو، البت دبئي جي بدليل حالتن وري به ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو.
    سو ريکا ‘امريڪن يونيورسٽي آف دبئي’ ۾ داخلا ورتي ۽ بزنيس ائڊمنسٽريشن پڙهڻ لڳي. پيسي ڏوڪڙ جي ته گهرج ڪانه هئس، پر اندر ۾ اُمنگ هيس ته ڪنهن نموني جنتا جي ڀلائيءَ جو ڪو ڪم ڪريان. پنهنجا ڪافي ڪريڊٽ ٽرانسفر ڪرائي ڪنيڪٽيڪٽ اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ موڪليائين ۽ سندن ٻن سالن جو ڪورس چائلڊ سائڪالاجيءَ ۾ ڪيائين. سڄي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آئي. وڏي شان مان سان گرئجوئيشن ڪيائين ۽ پوءِ سفوڪ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ وئي.
    روائئي تعليم سان سرشار، هن شاندر ٻار وري ٻيهر دبئي ڏانهن قدم رکيا. جڏهن دنيا هن لاءِ صرف لفظي طاقت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ان کانپوءِ هوءَ پنهنجي ڪم ۾ غلطان (Immersed) ٿي وئي ۽ پنهنجي زندگي جي روز مره جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪيائين. هوءِ پنهنجي زندگي ڏانهن موٽي آئي ۽ حوصلا افزائي سان اهڙو ڪم ڪيائين، اهو ڪو وڏو ڏکيو ڪم ته نه هو. هن دبئي واري شارجا شهر جي هڪ خانگي اسڪول جي ڪائونسلر واري نوڪري حاصل ڪري ورتي.
    ان کانپوءِ هوءِ آمريڪا ۽برطانيا جهڙن ملڪن سميت وڏين تعليم فرمن سان ڪم ڪندڙ دبئي جي هڪ ٻي تعليمي اداري جيمز گروپ(Gems Group) جي ڪائونسلر بڻي. تنهن کانسواءِ هڪ اڪيچار ڀيرا ريڊيو ۽ ٽي وي شوز ۾ مختلف موضوعن خاص طور تي والدين جي موضوع تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ به مدعو ڪئي وئي. جتي هن بهترانداز م پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
    هن هاڻي، هڪ آمريڪي معاشي ماهر ، رميش ميرپوري سان شادي ڪري ورتي آهي. جنهن جو خانداني ڪاروبار ورهين کان آمريڪا جي گرينڊ ڪيمن جزيري جي پاسي کان هلندڙ آهي.
    اهو 2006ع وارو سال ئي هو. جڏهن اسان رميش سان مليا هئاسين. وينا ۽ مان ، گوري ۽ ريکا رائل ڪيريبين جي سفر تي نڪتا هئاسين. اسڪيج وي ڪال جو هڪ بندرگاهه آهي. جتي اسان جو رميش سان ملڻ جو اتفاق ٿيو. جيڪو تن ڏينهن پنهنجي خاندان جي ڪاروبار ۾ مصروف هو. ريکا ۽ هن سال جي پڇاڙي ۾ شادي ڪري ورتي. گوري ۽ اجي وري، هندستاني روايت مطابق، ريکا جي ماءُ ۽ پيءُ جو ڪردار ادا ڪندي، ڪنيادان (Kanyadan)ڪيو.
    ريکا، بطور هڪ گهريلو گهرواري ءَ جي ، پنهنجي خوبصورت ننڍڙي گڏي ڌيءُ دِويا (Divyanas) ۽ پُٽُ دهر(Dhir) سان گڏ خوش گذاري رهي آهي. جڏهن ته هن پنهنجي ڊاڪٽوريل واري تعليم کي جاري رکڻ جو پڻ پروگرام جوڙي ورتو آهي. اسان کي اميد آهي ته هن جو مڙس هن جي زال، ماءُ ۽ نوڪري ڪندڙ عورت واري ڪردار کي مثبت انداز سان قبول ڪندو. اسان ڀلي ڀاڳ وارا ئي آهيون، جو رميش منهنجي ڌيءُ جي هر ڪم جي هرطرح سان حمايت ئي ڪري ٿو.
    وينا ۽ مان ائين به محسوس ڪريون ٿا ته اسان ٻنهي والدين طور پنهنجون سموريون ذميواريون سُٺي طريقي سان سرانجام ڏنيون آهن. منهنجون ٽي ڌيئرون پنهنجي اصل زندگي جون مالڪ بڻجي ويون آهن ۽ اسان خدا جو شڪر گذار آهيون، سندس اهڙي مهرباني جا. هڪڙو ماڻهو ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهري سگهي ٿو ته هن کي هڪ پيءُ ۽ مڙس طور ثواب جو اجورو ملي ٿي سگهي.
    آخر ۾ مان ڀانيان ٿو ته مون کي هاڻي هن باب کي ختم ڪرڻ کي گهرجي. مان چانهه پيان ٿو ۽ ان جي ڀرپور مزو وٺي رهيو آهيان. سج جا ڪرڻا به ائين تڪي رهيا آهن. ڄڻڪ اهي منهنجي خيالن ۾ مون سان شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن.
    *


    18. باب ارڙهون : ڪراڙو ۽ وڌيڪ ڏاهو

    ماڻهو جي زندگي کي سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري ناهي ته هو ڪري ڇا ٿو، پر ضروري اهو آهي ته هو ڪهڙو ڪم ارادتن اڻ_ڪيل حالت ۾ ڇڏي ويو.
    جان هال گلڊاسٽون

    ڪجهه سال اڳ، جڏهن مون ويشنو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن منهنجي دوستن کي ڏاڍو عجب لڳو.
    کين خبر هئي ته دبئي اهو شهر آهي، جتي دنيا جي هر ملڪ جو کاڌو ملي سگهندو آهي. منهنجي جواب کين وڌيڪ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هوندو.
    چيم، “ڪو خاص سبب ڪونهي. بس، ائين ئي. فقط سولائيءَ خاطر.”
    پنهنجي روحاني گهرجن جي پورائي لاءِ مون ڪڏهن به پنهنجون کائڻ جون عادتون نه مٽايون. مونکي ڪڏهن ان قسم جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي. گوشت واپرائڻ سان روحانيت جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿيندي، اهو ته مون ڪڏهن سوچيو به نه هو. مونکي ته اها به خبر ناهي ته ڌرمي ڪتابن ۾ گوشت واپرائڻ جي خلاف ڪجهه لکيل به آهي يا نه. پر اها پڪ اٿم ته اسان جيڪو ڪجهه کائون ٿا، ان جو اسان جي چال چلت ۽ چرتر تي وڏو اثر پوي ٿو. کاڌي جي عادتن کي پختو ڪرڻ ۾ ماحول ۽ وايومنڊل جو به وڏو دخل ٿئي ٿو. مثال طور، ايسڪيمو تندرا ۾ ۽ بدو صحرا ۾ گوشت کائڻ کان سواءِ جالي نه سگهندا.
    منهنجي ويشنو ٿيڻ ۾ نه ڌرم جو دخل هو ۽ نه وري ڊاڪٽرن جي صلاح شامل هئي. منهنجي کائڻ جي عادتن ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۽ ٻه واقعا اهڙا ٿي گذريا، جن منهنجي دنيا ئي بدلي ڇڏي. پهريون واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن مان بزنيس سانگي تائيوان ويس. منهنجي ميزبان منهنجي مان ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو. هن اهڙي سوپ جو آرڊر ڏنو، جيڪو اتي جي کاڌن ۾ خاص اهميت رکندو هو ۽ ان کي تيار ڪرڻ ۾ وڏي مهارت کپندي هئي. انگريز اهڙي کاڌي کي Delicacy چوندا آهن. جڏهن اهو سوپ منهنجي ٽيبل تي آندائون، تڏهن منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. اهو نانگ جو سوپ هو. منهنجي دل ايڏي ته خراب ٿي جو هٿ پير ٺري ويم. مون ڏاڍي عاجزيءَ سان اهو سوپ پيئڻ کان لاچاري ڏيکاري. منهنجو ميزبان ته صفا وائڙو ٿي ويو. هن ويچاري ته مونکي خوش ڪرڻ لاءِ ڳري اگهه تي اهو سوپ آرڊر ڪيو هو. اڄ به جڏهن اها ڳالهه ياد ايندي اٿم ته بدن مان ڌرڙيون نڪري وينديون اٿم.
    ٻيو واقعو به تائيوان ۾ ئي ٿيو. مان پنهنجي هڪ دوست جي ننڍي ڌيءُ جي برٿ ڊي پارٽي ۾ ويل هوس. جڏهن مان هال ۾ اندر ويس ته ڏٺم هڪڙو باندر زنجيرن سان هڪ ڪرسي سان ٻڌو پيو هو. باندر کي اهڙو ته سوگهو ٻڌو هئائون جو ويچارو جسم جو ڪوبه حصو چوري نٿي سگهيو. جڏهن سڀ مهمان گڏ ٿي ويا، تڏهن باندر جي مٿي جو مٿيون حصو ڪات سان ڪپي، ان مان ميڄالو ڪڍي ٻاهر ڪيائون. باندر جو ميڄالو Delicacy سمجهيو ويندو آهي! منهنجا ته ماشا ئي گم ٿي ويا. اهو ڏيک اڄ به جڏهن ياد ايندو اٿم ته منهنجا وار کڙا ٿي ويندا آهن.
    اهي ٻئي واقعا مونکي ننڊ ۾ به رڙيون ڪرائيندا آهن. مون سوچيو ته جيڪڏهن مان دنيا کي بدلائي نٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ته بدلائي سگهان ٿو. پنهنجي کاڌي پيتي جي عادتن کي بدلائي سگهان ٿو. اهي ته منهنجي پنهنجي وس ۾ آهن. اهڙيءَ طرح، مون ماس کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويشنو ٿي پيس.
    اڃا به هڪ ٻيو واقعو اهڙو ٿيو، جنهن مونکي پنهنجي کاڌي جي باري ۾ نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اها 70 جي ڏهاڪي جي آخر جي ڳالهه آهي. مان جپان کان دبئي پئي آيس. رستي ۾ جهاز ٿوري دير لاءِ سينگاپور ۾ ترسڻو هو. اتفاق سان مان سينگاپور ۾ بيمار ٿي پيس. ان ڪري اڳتي جي مسافريءَ ۾ ٻن ڏينهن جي دير ٿي وئي. سينگاپور ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي ۽ مون وٽ گرم موسم جا لٽا ڪونه هئا. جپان لاءِ جيڪي اوني ڪپڙا کڻي ويو هوس، سي ئي ساڻ هئم. ان ڪري چيم ته ڇو نه وڃي بازار مان هڪ ٽي شرٽ ۽ هڪ پتلون وٺي اچان. هاڻي انهن ڏينهن ۾ منهنجو وزن هو 130 ڪلوگرام ۽ ڪالر جي سائيز هوندي هيم ساڍا سترهن انچ. سون تي سهاڳو اهو جو منهنجي چيلهه جي ماپ هئي 46 انچ. اهڙن ماڻهن جي سائيز کي عام طور XXL سائيز (ايڪسٽرا ايڪسٽرا لارج) سائيز چوندا آهن. هڪ دڪان کان ٻئي تي، ٻئي کان ٽئين تي، وتان ڳوليندو، پر منهنجي ماپ جا ڪپڙا اچن ڪٿان؟ سينگاپور جا ماڻهو جسم ۾ هلڪا آهن، سو وٽن وڏي ۾ وڏي سائيز به هئي لارج سائيز. مان هئس ڊبل لارج. هاڻي ڇا ڪريان؟ اچي آزار ۾ پيس. لاچار کان اهي ئي اوني ڪپڙا جيڪي ساڻ هئا سي ئي کڻي پاتم. جهاز ۾ ويٺس ته ويتر پنهنجيءَ ٿولهه جي احساس ماري وڌم. منهنجو پيٽ پيو اڳينءَ سيٽ سان رهڙجي ۽ ڀر ۾ ويٺل همراهن جي هنج ۾ ڪري. ڏاڍو شرم آيم. دبئيءَ اچي ڊاڪٽر سان صلاح ڪيم. هن چيو ته وزن گهٽائي 90 ڪلوگرام تائين آڻ. وزن گهٽائڻ لاءِ گهڻي پروٽين وارا کاڌا بند ڪرڻا پيا. پنجن ڇهن مهينن ۾ مون 40 ڪلوگرام وزن گهٽائي آڻي 90 ڪلوگرام تي پُڄايو.
    منهنجي ٿولهه گهٽجڻ جو ماڻهن تي ڏاڍو سٺو اثر ٿيو. مون کي ياد آهي ته هڪڙي پارٽيءَ ۾ ويس. اتي دبئي جو مشهور بزنيسمين الفردان به آيل هو. مون کي ڏسي خالص اردوءَ ۾ چيائين، “تمهارا باب ڪيسا هي؟”
    گهڻيءَ دير کان پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آيم ته الفردان منهنجي پيءَ جي لاءِ نه، خود منهنجي باري ۾ پُڇي رهيو هو. جڏهن ٻڌايو مانس ته تون رام بخشاڻي سان ٿو ڳالهائين، سندس پٽ سان نه، تڏهن ڏاڍو کليو.
    منهنجي وزن گهٽائڻ تي ‘معروف خواجا’ گلف نيوز جي اڳوڻي هفتيوار مئگزين “الجمع” جنوري 1981ع ۾ هڪ رپورٽ ڇاپي هئي، جيڪا هن ريت هئي:
    “ڪاسموس ۽ آءِ ٽي ايل جي جنرل مئنيجر رام بخشاڻيءَ پنهنجي 90 ڏينهن واري “ٻاهر نڪتل پيٽ واري لڙائي” کان پوءِ پنهنجون ٽوٿ برش جهڙيون مڇيون ڪوڙائي ڇڏيون آهن. دوستن ۽ مخالفن، جن جو خيال آهي ته مُڇن کي چٽ ڪرائڻ پڻ بخشاڻي جي ان سخت پرهيز جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ گول مٽول رام هاڻي سوڀارو ٿيو آهي، ۽ سنهڙو سيڪڙو ماڻهو ٿي پيو آهي. تن جو چوڻ آهي ته جڏهن رام جي چرٻي ختم ٿي وئي آهي، تڏهن هن پنهنجو سڄو ڌيان پنهنجي مٿئين چپ تي ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن منجهان پڻ گهاٽن ڪارن وارن جي هڪ گرام جي ڏهينءَ پتي جيتري وزن جون مڇون ڇڻي اچي پٽ پيون آهن. رام جي گم ٿيل مُڇن جو هڪ تڪڙو نتيجو ته اهو نڪتو جو بخشاڻي جهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي 44 انچن جي پيٽ واري چرٻيءَ، ڏيڍ ڳچيءَ ۽ ٽيڻين ڇاتين جي ڪري پري کان سڃاتو ويندو هو، هاڻي دبئيءَ جي رات وارين محفلن ۾ بلڪل اجنبي ٿو لڳي. مشهور چوڻيءَ جيان اُٺ جي مٿان آخري ڪک تڏهن پيو، جڏهن رام جهڙو ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ وسرندڙ ماڻهو، جيڪو پنهنجو سنهڙو هٿ ورائي، وڏن ڏندن جو نماءُ ڪندي، مرڪي ماڻهن سان ملندو هو، تنهن کي پنهنجن دوستن، يارن ۽ واقفڪارن به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪن ته چيو ته هيءُ اهو بخشاڻي آهي ئي ڪونه، جنهن کي گذريل سال مان سنگهه پهلوان سان گڏ رنگ ۾ ڏسي ماڻهن سمجهيو هو ته اجهو ٿي ٻنهي جي وچ ۾ ڪشتي ٿئي.
    مڇون ته ٻن هفتن ۾ ٻيهر اُڀري پنهنجي جوڀن تي پهچي ويون. پر انهن جي ڪري سندس عمر وري به ڏهه سال وڌيڪ ڏيکارجڻ لڳي. ويچاري وڏيءَ محنت سان مڇون ڪوڙائي، پيٽ گهٽائي، پنهنجي عمر به ڏهه سال پوئتي ڪري ڇڏي هئي. ها، اهو ياد رکجو ته مڇن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه وڌايو اٿس.
    رام بخشاڻي جي وزن گهٽائڻ ۾ نه ته ڪسرت جو هٿ آهي، نه ڏنڊ ڪڍڻ، نه پڃري کڻڻ، نه سنهي ٿيڻ جي گورين جو ڪمال. بس، فقط هڪ هٿيار اٿس، جيڪو پڻ اکين کان اوجهل آهي. توهان ۽ اسان ان کي سندس پڪو ارادو (Will power) سڏينداسين، پر ڊاڪٽر ڊينگ، جنهن اهو سڄو تماشو پري کان بيٺي ڏسو، سو ان کي نالو ئي ٻيو ٿو ڏئي. هو چوي ٿو ته رام جي سنهي ٿيڻ پويان “جيئري رهڻ جي تمنا” وارو راز آهي. ماڻهو اهو نسخو تڏهن واپرائيندا آهن، جڏهن کين هاءِ بلڊپريشر، شگر ۽ دل جون بيماريون وڪوڙي وينديون آهن.
    رام چواڻيءَ، اهو مسئلو وات بند ڪري بکون ڪاٽڻ يا رنڌڻي کي تالو لڳائڻ، يا جوڳي ٿي ڌوڻي دمائڻ جو ناهي. مون وٽ جيڪا فارمولا آهي، ان ۾ سماجي ڀکشو ٿيڻ جو نالو نشان به ڪونهي. کائو جيترو اوهان جي دل چاهي، پر اهو نه جيڪو اوهان جي دل چاهي.
    نتيجو اهو آهي ته اوهين اهي شيون نه کائو، جنهن ۾ نشاستو، کنڊ ۽ چرٻي هجي، ڇو ته چرٻي اڳ ئي اوهان جي پيٽ ۽ ڌڏن وٽ جام ڀريل آهي.
    نشاستو نه هجڻ جو مطلب آهي ته نه پٽاٽو کائو، نه روٽي، نه چانور يا اناج يا اناج مان ٺهيل کاڌا. ڪن دالين ۾ به نشاستو ٿيندو آهي، مثال طور اڙد جي دال. ان دال ۾ ايترو ته ڪلف هوندو آهي جو رام چواڻيءَ، ڪنهن زماني ۾ ماڻهو گهرن ٺهرائڻ وقت پٿرن کي جوڙڻ لاءِ سيمينٽ جي جاءِ تي اُڙد جي دال استعمال ڪندا هئا. توهان کي اها خبر آهي ته قطب مناري جا گرينائيٽ پٿر اڙد جي دال مان ٺهيل، سيمينٽ کان به پڪيءَ لئيءَ سان ڳنڍيل آهن؟ جيتوڻيڪ سڀني اناجن ۾ نشاستو ڪونه ٿيندو آهي، پر رام جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت لاءِ سڀني اناجن کان پاسو ڪجي ته چڱو. ڪڻڪ تي پيل بندش، جنهن اسان کي جنت مان نيڪالي ڏياري، سا ان مان ڪڍيل عرق تي پڻ پيل آهي. ان ڪري ان بوتل کي به ڇڏڻ گهرجي جيڪا ڪڻڪ مان ڪڍيل عرق سان ڀريل هجي، جيڪو پهريون ته پاڻياٺ آهي، پر اڳتي هلي سخت چرٻيءَ جي شڪل ۾ بدلجي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان مٺاڻ کائڻ جا شوقين آهيو، ته انگريزي ۾ چئبو ته اوهان کي مٺو ڏند آهي (Sweet Tooth).ان ڪري چڱو ته ائين ٿيندو ته اوهان اهو ڏند ئي ڪڍرائي ڇڏيو يا وري ڪنهن به مٺيءَ شيءِ جي ويجهو نه وڃو، چاهي اها پاڻياٺ هجي يا سخت. ها، محبوب جي چپن لاءِ هيءُ نسخو ڪارگر ناهي! چانهه جي ڪوپ پٺيان ڪوپ پيئڻ وارا ڏينهن هاڻي گذري ويا. ڊاڪٽر ڊينگ ته نقلي مٺاڻ کان به جهليو آهي. چانهه ۾ وجهي پيئڻ واريون اهي گوريون هونديون ته برابر مٺيون آهن، پر سندن پڇاڙي ڏاڍي ڪوڙي ٿيندي آهي. صبح جو پهريون چانهه جو ڪوپ چرٻي گهٽائڻ لاءِ فائدي وارو آهي. پر رام چواڻيءَ، منجهس ليمون نپوڙي وجهڻ سان پيٽ جي اندرين ڀتين جي چرٻي به ڳري ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾، هر شيءِ کائو ۽ خوب کائو ۽ کائيندا رهو، جيستائين اها تيل يا ڀاڄين يا جانورن جي چرٻي مان تيار ٿيل ناهي. ڪنهن جي به ان ڳالهه تي اعتبار نه ڪريو ته ڪي تيل اهڙا به آهن جن ۾ چرٻي نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو اهڙو تيل آهي جيڪو ٿلهو نٿو ڪري. ته اهو آهي موبل آئل ۽ موبل آئل پيٽ بجاءِ گاڏيءَ ۾ وڌو ويندو آهي. ان ڪري هر شيءِ کائو. ڪچي هجي، اڌ پڪي هجي، پڪي هجي، ٻاڦيل هجي يا اڱرن تي سيڪيل هجي يا ساڙيل هجي.
    رام 90 ڏينهن بک ۽ ڏک ۾ ڪاٽيا. صبر ۽ شڪر ڪيائين. نتيجو هيءُ نڪتو: وزن 107 ڪلو کان ڪري اچي 70 ڪلو تي بيٺو، چيلهه 44 انچن مان گهٽجي 33 انچ ٿي وئي، ڇاتي 40 مان 38 ۽ ڪالر جي سائيز ساڍي سترهن مان اسڪولي ٻار جي ساڍي چوڏهن سائيز ٿي وئي. ٻين انگن اَکرن ۾ وري گهٽتائي جي جاءِ تي واڌارو نظر ٿو اچي. ننڊ چئن ڪلاڪن جي پاسا بدلائڻ، ڦٿڪڻ ۽ تڙپڻ مان وڌي اٺن ڪلاڪن جي بي خوف ۽ گهري. ڪم ڪرڻ جي سگهه 6 ڪلاڪن مان وڌي 16 ڪلاڪ، (بئٽري ٻيهر به چارج ڪري سگهجي ٿي.)
    ڪن ڳالهين جي نئين معلومات به ٿي: بنا ڪِرڻ جي ٽنگ مٿان ٽنگ رکڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي. ٻار کي جهوليءَ ۾ ويهارڻ جي خوشي ڇا ٿيندي آهي. ياد رهي ته جهولي ٽنگن ۽ پيٽ جي وچ واري حصي کي چئبو آهي. ڇهه مهينا اڳ رام جي ٻارن کي پتو ئي نه پوندو هو ته هيءُ دادا جي گود آهي يا پُٺي آهي. هڪ چتاءُ به ڏيندو هلان. هن نسخي آزمائڻ سان ڪي گهاٽا اهڙا به پئجي سگهن ٿا، جن جي چنهنڊي اهڙي جاءِ تي لڳندي آهي، جتي گهڻي ۾ گهڻو سور ٿئي. منهنجو مطلب مطلب ٻٽونءَ سان آهي، ٻيءَ ڪنهن جاءِ سان نه.مثال طور، سنهي ٿيڻ کان پوءِ رام بخشاڻي کي پنهنجي سڀني پراڻن ڪپڙن تان هٿ کڻڻو پيو. ڊزن کان مٿي سوٽ ته ٻارهن ڊزن قميصون ۽ پتلونون. بزنيس ۾ڪامياب ٿيڻ به ڊائٽنگ ۾ سوڀارو ٿيڻ جي برابر آهي.
    تازا چرٻي کان آجا ٿيل ماڻهو هميشه محاوري واري ڊيموڪليس جي تلوار هيٺان جيئندا آهن. کين هميشه اهو خطرو هوندو آهي ته ٿولهه ٻيهر نه اُٿلي پوي. ان ڪري جن ماڻهن تازو وزن گهٽايو آهي، سي پنهنجي ڪاميابي تي گهڻو ناز نه ڪن. رام کي هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن چپاتي يا اڌ پليٽ چانورن جي کائي ويندو ته کيس ڪجهه نه ٿيندو. هن ڪجهه ڏينهن اڳ “ٽوسٽ” به پيتو. کاڌي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي عادت، کائڻ جي شين ۾ خودبخود برابري پيدا ڪري ٿي. رام کي ڄاڻ آهي ته ڪٿي ۽ ڪڏهن بس ڪجي- مُڇون هئڻ يا نه هئڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي. سوال رڳو اهو آهي ته ڇا توهان کي اها ڄاڻ آهي ته ڪڏهن شروع ڪجي؟”
    کائڻ کان پوءِ منهنجي پيئڻ جو به ساڳيو حال ٿيو. مان ڪڏهن به عادي پياڪ ناهيان رهيو، پر مون 20 سالن جي عمر جي لڳ ڀڳ پيئڻ شروع ڪيو. شروع شروع ۾ مان دوستن جي ڪچهريءَ ۾ پيئندو هوس. سڄي هفتي جي محنت کان پوءِ ظاهر آهي ته هفتي جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجن دوستن سان ويهي پيئڻ تي دل ٿيندي آهي. ائين ڪرڻ سان خوشي به ٿيندي هئي ۽ اڪيلائيءَ، اٻاڻڪائيءَ، ڳڻتين ۽ واپاري چٽاڀيٽي کان به نجات ملندي هئي. پراڻي چوڻي آهي ته “جڏهن ڪڪڙ نشي ۾ هوندو آهي ته باز جي ڳڻتي لهي ويندي اٿس.”
    هڪ سٺي ويڪ اينڊ (Weekend) ايندڙ هفتي جي مارڪيٽ جي مقابلن کي مُنهن ڏيڻ جي طاقت ڏيندي آهي. اڳتي هلي شراب پيئڻ منهنجي بزنيس جو حصو بنجي پيو. سماجي گڏجاڻين ۾ به پيئڻو پوندو هو. پر مون هميشه پيئڻ کي هڪ حد اندر رکيو. جيئن ونسٽن چرچل چيو هو ته “الڪوهل جيترو مون کان ورتو آهي، مون الڪوهل کان ان کان به وڌيڪ ورتو آهي.”
    پر جيئن جيئن پارٽيون وڌنديون ويون، منهنجي صبح جي ٿڪاوٽ وڌندي وئي. منهنجي خيال ۾ ان جو ڪارڻ هو مختلف شراب جو گڏيل واهپو.ان معاملي ۾ توهان جو ڪو به وس نه هلندو، ڇو ته توهان کي هڪ پارٽي مان اُٿي وري ٻي ۾ به وڃڻو لازمي آهي. هڪ ئي رات اهڙيون ڪيئي پارٽيون به ٿي سگهن ٿيون.
    ان ڪري نوَ سال کن ٿيندا جو مون شراب پيئڻ بند ڪري ڇڏيو. نه صحت جي ڪري ۽ نه وري ڌرم جي ڪري مون اهو قدم کنيو. بس، مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي گهڻو ٿيو. هاڻي بس ڪرڻ گهرجي.
    منهنجي دوستن کي اعتبار ئي نه آيو. مون پنهنجيءَ ڄمار جو وڏو حصو شراب پيئڻ ۾ گذاريو هو. ان ڪري هنن کي پڪ ئي نه پئي بيهي ته ڪو مان شراب ڇڏي ڏيندس ۽ منهنجي تندرستيءَ تي ڪو برو اثر نه پوندو. ڪن ته ائين به چيو ته سماج ۾ اڪيلو رهجي ويندين. يار دوستار ڇڏي ويندءِ. چيائون، “سماجي توڙي واپاري گڏجاڻين ۾ سافٽ ڊرنڪ تي ڪيتري دير هلي سگهندين؟”
    پر مون کي پاڻ تي ڀروسو هو، هنيانءَ جو ڏڍ هئم. پنهنجي ڪيل فيصلي تان نه هٽيس. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي خبر هئي ته مان پنهنجن دوستن يا گراهڪن سان پاڻيءَ جي گلاس تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪري پئي سگهيس.
    مون دوستن کي اهو به چئي ڇڏيو ته جي منهنجيءَ دل ٻيهر پيئڻ لاءِ چيو ته پوءِ مونکي پيئڻ کان ڪو به روڪي نه سگهندو. ان ڳالهه تي هڪ تازو واقعو دل تي تري آيو اٿم. ٽوڪيو ۾ هوس. شارپ ڪارپوريشن جي پريزيڊنٽ ڪي مچيڊا منهنجي مانَ ۾ ڊنر ڪئي هئي. هن مون کان پڇيو ته مان شراب صحت جي خيال کان پيئندو آهيان يا ڪا ڌرمي جهل اٿم. جڏهن ٻنهي ڳالهين جو جواب نڪار ۾ ڏنم، تڏهن چيائين، “ته پوءِ Kampai (چيئرس) لاءِ ئي کڻي هڪ سُرڪ ڀر.”
    مون سندس ڳالهه مڃي ورتي. ٻيهر به ائين ڪندي مونکي ڪا هٻڪ ڪانه ٿيندي.
    هڪڙو پراڻو پر ڏاڍو وڻندڙ گيت آهي، “اسان ڪراڙا ٿياسين ۽ ڏاها ٿياسين، پر اسان جا خواب اهي ئي ساڳيا رهيا.”
    انهن مان ڪي خواب ڀڄي ڀري، پرزا پرزا ٿي پوندا آهن، ڇو ته اسان انهن خوابن کي مذهب، ڌرم، اصول يا نظرين جي نالي ۾ پنهنجي لاءِ رُڃ بنائي ڇڏيندا آهيون ۽ زندگي ڀر اُن رُڃ جي پاڇي پويان ڀٽڪندا رهندا آهيون ۽ پوءِ جڏهن اسان جا پنهنجا پيارا خواب اسان جي اکين آڏو ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي، دم ڏيندا آهن، تڏهن اسان کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اسان ڪٿي ڀُل ڪئي؟ ڪٿي ڀٽڪياسين؟ ڪٿي مات کاڌيسين؟ ضرور اسان ڪا غلط چونڊ ڪئي هوندي. ڪنهن ماڻهوءَ جي، ڪنهن رشتي جي، ڪنهن دوستيءَ جي، ڪنهن پاڙي جي، ڪنهن ساٿيءَ جي، ڪنهن دشمن جي يا ڪنهن اداري جي.
    اُتي اسان جي انا ۽ غرور ۽ اعتماد کي چوٽ ٿي پهچي ۽ پوءِ اسان ڪنهن نه ڪنهن تي ڏوهه مڙهڻ لاءِ اتاولا ٿا ٿيون.
    ڏوهه ٻئي ڪنهن جو ناهي، خود اسان جو ئي آهي. اسان پنهنجا اصول ۽ مول ۽ متا غلط بنياد تي جوڙيا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀُل مڃي وٺون ۽ پاڻ کي ذميوار ۽ ڏوهاري سمجهون ته پوءِ هڪ قسم جو سڪون، شانتي، آرام اچي ويندو من کي. اسان جي ساڌن، سنتن ۽ گروئن ٻين تي ڏوهه نه ڏيڻ جو آرٽ سکي ورتو هو. ان مان هنن کي سچي شڪتي ملي هئي،جيڪا اصل شيءِ آهي.
    سو، حالتون ڪڏهن به ساڳيون نه رهنديون آهن. ڪا به شيءِ جهڙي جا تهڙي نه رهندي آهي. ان هوندي به جيتريون شيون بدلبيون، اوترو ساڳيون رهنديون. اها ئي زندگيءَجي ڳجهارت آهي. اها ئي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي پرولي آهي. چُرندڙ جي ورڌ بيٺل. هڪ ازلي شطرنج جي راند آهي، جنهن جي هڪ ئي پڄاڻي آهي- نرواڻ.
    اسان جي زندگي جي حالت، سٺي يا خراب، وقت سان گڏ هلندي رهي ٿي. اسان ته فقط منچ تي آيل ڪلاڪار آهيون. جيڪي پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، پر اسان جي ڪهاڻيءَ هن دنيا کان ٻاهر، ڪنهن ٻي هستيءَ لکي آهي. ها، اسان پنهنجي ڪلا، ڪرتويه ۽ ڪوشش سان ان ڪهاڻي ۾ سهڻا رنگ ۽ موهيندڙ چٽ چٽي سگهون ٿا. پر ان لاءِ ساڌوءَ جو سنياس، ڪويءَ جي ڪوڪ ۽ آدرشي انسان جي گهرج پوندي. اسان جو جيون تڏهن سڦل ٿيندو، جڏهن اسان جي ڄاڻ ڄرڪندي ۽ اندر ۾ اُهاءُ ٿيندو.
    اسان جي حياتي اڃا به آسان ٿيندي، جڏهن اسان پاڻ تي ٿيل ڌڻي جون ڀلايون ياد ڪنداسين. سُور کان ڪوئي بچي نه سگهيو آهي. پيڙا کان بچي سگهجي ٿو. دکي ٿيڻ يا نه ٿيڻ اسان جي پنهنجي وس ۾ آهي. فيصلو به اسان کي ئي ڪرڻو آهي. پر انسان پنهنجي بدنصيبي تي ماتم ڪندو آهي. اها هُن جي فطرت آهي. پنهنجي بدنصيبي تي ماتم ڪندو آهي. اها هُن جي فطرت آهي. پنهنجي بدنصيبي تي ويڻ ڏيڻ کان اڳ اسان کي گهرجي ته ڪجهه دير انهن خوشنصيبين کي به ياد ڪريون، اهي گهڙيون به ساريون، جن ۾ اسان خوشيون ڏٺيون، آنند ماڻيا ۽ کلياسين، ملياسين ۽ گڏجي ٽلياسين. اُتي هڪ سٺي چوڻي ذهن ۾ آئي اٿم جيڪا هن گفتگو سان ٺهڪي اچي ٿي، “جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته توهان ننڍا آهيو، ته پوءِ ياد رکو ته پکي اُڏامي سگهندا آهن، هاٿي اڏري نه سگهندا آهن.”
    جيئن روڊ جي پاسي سان ميلن جا پٿر لڳل هوندا آهن، ٺيڪ اهڙي ريت اسان جي زندگي جي راهه تي به ڪي ميلن جا پٿر لڳل هوندا آهن، جيڪي ٻڌائيندا رهندا آهن ته اسان پنهنجي آخري منزل کي ڪيترو ويجهو پهچندا ٿا وڃون. پر اسان انهن پٿرن تي لکيل انگن پڙهڻ کان سواءِ وڏي تيزيءَ سان انهن جي ڀر مان لنگهندا ٿا وڃون. اسان مان ڪي ٿورا هوندا جن کي انهن پٿرن جي اهميت جي ڄاڻ هوندي ۽ سمجهندا هوندا ته سندن نجي زندگي سان انهن جو ڪهڙو سنٻنڌ آهي. فقط ايترو ئي نه، بلڪ اهو به ته اسان جيڪي فيصلا ڪريون ٿا، انهن فيصلن تي انهن پٿرن جو ڪيترو اثر آهي. ڇا، اهي وقتائتا فيصلا آهن؟ ڇا، جنهن گهڙيءَ اسان ڪنهن خاص جڳهه تان لنگهي رهيا هئاسين، ان وقت اسان کي ائين ئي ڪرڻ گهربو هو، جيئن اسان ڪيو؟ ڇا، ڪي فيصلا جيڪي اسان کي سفر شروع ڪرڻ وقت گهربا هئا، سي ڪٿي سفر جي پُڄاڻيءَ وقت ته نه ڪيا اٿئون؟
    ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪتاب پڙهڻ سان، يا ڪا فلم ڏسڻ سان، يا ڪو واقعو ٿيڻ سان، يا ڪو تجربو ڪرڻ سان، يا انهن سڀني يا انهن مان ڪن ٻن ٽن ڳالهين جي گڏجي ٿيڻ سان، اسان ڪنهن نتيجي تي پهچون ۽ ڪا نئين راهه وٺون. ڪڏهن ڪڏهن ته روڊ پري پري تائين صاف نظر ايندو آهي، ڪڏهن ڌنڌلو ۽ اڻ چٽو هوندو آهي. ان حالت ۾ اسان مُنجهي پوندا آهيون ته اڳتي وڌڻ جو جيڪو فيصلو اسان ڪيو آهي، اهو الائي درست به هو يا نه؟ ان مونجهاري ۽ اُڻ تُڻ هوندي به اسان ڪا گهڙي بيهي ٻيهر ويچار نه ڪندا آهيون. ڌوڪيندا اڳتي وڌندا ويندا آهيون.
    جيڪڏهن اهي ڏاهپ جا اکر هنئين سان هنڊايون ۽ انهن منجهان روشني حاصل ڪريون ۽ ان روشني ۾ پنهنجا روزمره جا معاملا نبيريون ته پوءِ خبر پوندي ته هاڻي اسان جيڪي به ڪو ڪم ڪريون ٿا، اهي ان سياڻپ جي سوجهري ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ڌار ناهن. ڇڙوڇڙ، وائڙا ۽ ويسلا ناهن. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا ڪاما، ڪو اڌ دم ته اچي سگهي ٿو، پر ڪٿي به دَم (Ful Stop) ڪونه ايندو. دير مدار يا هلڪي ساهي ته ممڪن آهي، پر هٿ ڇنڊي، آس لاهي، مايوس ٿي ويهي رهڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. اسان کي گهر ۾ توڙي پنهنجي روزگار ۾ اها راهه اختيار ڪرڻ گهرجي. پنهنجا در، دريون ۽ روشندان بند نه ڪريو. هميشه هڪ دري کليل رکو ۽ اهو به خيال رکو ته پنهنجن خيالن توڙي ڪم ڪار ۾ سدائين تسلسل (Continuity) قائم رکو.
    توهان کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪنهن کي توهان جي ضرورت پوندي يا ڪنهن جي توهان کي گهرج پوندي يا توهان جي زندگي جي سفر ۾ ڪير، ڪٿي، ڪهڙين حالتن ۾ توهان سان همسفر ٿيندو. ان ڪري اهو دروازو ڪڏهن به بند نه ڪريو، جيڪو توهان ٻيهر کولي نه سگهو.
    توهان کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪنهن کي توهان جي ضرورت پوندي يا ڪنهن جي توهان کي گهرج پوندي يا توهان جي زندگي جي سفر ۾ ڪير، ڪٿي، ڪهڙين حالتن ۾ توهان سان همسفر ٿيندو. ان ڪري اهو دروازو ڪڏهن به بند نه ڪريو، جيڪو توهان ٻيهر کولي نه سگهيو.
    جڏهن مان پنهنجي گذريل حياتيءَ تي نظر وجهندو آهيان ۽ ماضيءَ جي اونداهين مزارن ۾ جهاتي پائيندو آهيان، تڏهن مونکي بي انتها حيرت ٿيندي آهي ته مٿي چيل ڳالهين منهنجي زندگي کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪيڏي نه مدد ڪئي! بزنيس جي آرٽ ۽ سائنس ۾ منهنجي ٿوري گهڻي جيڪا به ڪاميابي ٿي آهي، ان جو راز فقط اهو آهي ته مون ڪڏهن به رشتن، واسطن، تعلقن يا گفتگو جا دروازا بند نه ڪيا. کين هميشه کليل ڇڏيم. پسند يا ناپسند ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ ته ٿي، پر فيصلن ڪرڻ وقت مون ڪڏهن به، ڪٿي به فل اسٽاپ نه ڏنو آهي.
    منهنجا ٻار پڃري مان آزاد ٿي اُڏامي ويا آهن. هاڻي وڃي پنهنجا جدا آکيرا جوڙيا اٿن. ماءُ پيءُ جي روزمرهه جي واهپي ۾ ضرورت گهٽبي ٿي وڃي. اها قدرتي ڳالهه آهي. پر هڪ ٻئي لاءِ سڪ، پريت ۽ پيار ته گهٽ ٿيڻو ناهي. اسان هڪ ٻئي جا آهيون، هڪ ٻئي لاءِ آهيون، ان ڪري سندن جدائي کي وڌيڪ محسوس ٿا ڪريون، جدائي جي ان ڏکوئيندڙ دور کان پوءِ وري هڪڙو ٻيو دور شروع ٿيندو آهي: ماضي ۾ نهارڻ جو دور، گذرئي وقت کي ياد ڪرڻ جو دور، هڪ هڪ ڳالهه، هڪ هڪ واقعي، هڪ هڪ مُرڪ، هڪ هڪ ٽهڪ جي ياد ڳولي ڦولي، ڇنڊي ڦوڪي، ٺاهي جوڙي رکڻ جو دور. اهي يادون جيئريون جاڳنديون لڳنديون آهن، ائين جيئن اجهو اجهو ڪو هاڻي ئي هتان اُٿي ويو هجي ۽ سندس جسم جي گرمي اڃا سرد ٿي نه هجي ۽ ٽهڪن جي گونجار اڃا باقي هجي ۽ ساهن جي سڳنڌ ڪمري ۾ ڦهليل هجي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته بي خيالي ۾ اوچتو ٽيبل تي سندن جاءِ خالي ڏسي کين سڏ ڪرڻ لاءِ چپ چورجن ئي مس ته ياد چي وڃي ته هو هتي ناهن. اهي يادون مفاصلا وڌائڻ بجاءِ گهٽتائي ڇڏينديون آهن ۽ هو دور هوندي به دور نه هوندا آهن. دل ۾ وسندا آهن، دل ئي ۾ رهندا آهن: کلندا آهن، ڳالهائيندا آهن، سرٻاٽ ڪندا آهن، آٿت ڏيندا آهن.
    اڪيلائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جي چاهنا زور وٺندي آهي. سڄو ڏينهن هجڻ جي بجاءِ دل ٿيندي آهي ته ڪٿي کن پل بيهي گل جو واس وٺجي. عمر سان گڏ ڄاڻ جي جاڳرتا تيز ٿي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به ڳالهه کي جيئن جو تيئن مڃڻ کان منُ انڪار ڪري ٿو. زندگي آنند جو مارڳ ماڻي ٿي. وقت وڌيڪ پيارو لڳي ٿو ۽ ڪوبه اُن کي اجايو وڃائڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي.
    ڪي ڳالهيون جي زندگي جو حصو بنجي چڪيون هيون، هاڻي انهن کان لنوائڻ لڳو آهيان. ڪي ماڻهو، جن کي ڏسڻ بنا رهي نه سگهبو هو، تن کان به ڇڊو ٿيندو ٿو وڃان. گوڙ ۽ شور ۽ ماڻهن جي پيهه کان دل گهٻرائي ٿي ۽ تنهائي وڻڻ لڳي آهي، اڪيلائي نه. مان ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو آهيان. تنهائيءَ ۾ مان پنهنجي وجود کي يادن جي وادين ۾ ڇڏي ڏيندو آهيان. ماضي جون يادون، ننڍپڻ جون يادون، گهر جون يادون، ڪٽنب جون يادون، ڪاميابين ۽ ناڪامين جون يادون.
    اهو سڀ ڪجهه رات جي پيٽ ۾ نه ٿيو آهي. ائين ناهي ته مون ڪنهن جوڳيءَ يا سنت يا ڀڳت جو چولو پائي پهاڙن ۾ وڃي مُڪتي پراپت ڪئي آهي يا وئراڳي ٿي سنسار تياڳي ڇڏيو آهي. مان ته اڃا چانئنٺ تي بيهي اندر جهاتي پائي رهيو آهيان. ائين ڪرڻ سان مون کي آنند ملي ٿو. منهنجي آس آهي ته جن نوجوانن جي زندگي کي مون ڪنهن پَرَ ڇهيو آهي، اهي پڻ ساڳيءَ راهه تي هلي پون. منهنجو تجربو مون کي ٻُڌائي ٿو ته منجهن گهڻا گُڻ آهن.
    اسان مان گهڻا، جوانيءَ جي هوڏ ۽ هستي ۽ مستي ۾ سوچيندا آهن ته هو لاڳاپا لاهي لاتعلق ٿي وڃن. اهو سندن حق آهي، پر منهنجي صلاح اٿن ته مفاصلو ضرور رکو، پر لاڳاپي جي سنهڙيءَ تند کي نه ٽوڙيو. توهان ڌنڌوڙي هجو يا بزنيس مين، توهان مان ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي ته ايندڙ وقت جي جهوليءَ ۾ اوهان لاءِ ڇا پيل آهي.
    ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حياتي جي گذريل واقعن کي پنهنجي هاڻوڪين حالتن سان ضرور ڀيٽجو. ماضي به توهان جي ئي وجود جو هڪ حصو آهي.
    ان کان اڳ جو مان قلم رکي ڇڏيان، دل ٿي چوي ته پڇاڙي ۾ پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ ٻه اکر چوان. منهنجو هڪ سنڌي شعر ۾ آهي:
    زندگي ۾ سڀن کي ايترو پرچايم
    جو سڀ
    رسڻ جا عادي بڻجي پيا
    ۽ مون کي ته رُسڻ جو
    ڄڻ حق ئي ڪونه هو.
    ڳجها ڳوڙها ڳاڙيم
    ايترا جو
    روئي روئي اکڙين جي آلاڻ
    گم ٿي وئي!
    فقط تڏهن
    جڏهن جاڳين ٿو
    ڄاڻين ٿو
    ته تون ننڊ ۾ هئين.


    • پڇاڙي

    جڏهن مان هي ڪتاب پهريون ڀيرو لکي رهيو هوس. تڏهن دراصل دبئي پنهنجي ترقيءَ جي واري رستي تي گامزن هو. ان کانپوءِ واري دبئي جي ترقي توڙي خوشحالي جا اسان سڀ شاهد آهيون. البت اها خوشحالي ۽ عروج (Ecastasy) ڊگهي وقت تائين نه هلي سگهيو. دبئي جي معاملي ۾ ته اهو صرف ڇهن سالن تي عرصي تائين ئي رهيو.
    عالمي ڪساد بازاريءَ دبئي کي ناهي ڇڏيو. گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته دبئي انهيءَ عالمي ڪساد بازاريءَ کان محفوظ رهجي ويندو. هو چون ٿا ته دبئي، جنهن وڏي سخت محنت سان دنيا جي معاشي ميدان ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهي آهي.ان کي هن خطي ۾ موجود ٻين ملڪن سان ڀيٽڻ هرگز نه گهرجي.
    بهرحال، مون کي اڃا تائين ورلڊ بئنڪ جي اڳوڻي صدر جيمس وولف جو اهو رد عمل ياد آهي. جيڪو هن هڪ مقامي انگريزي ۾ هڪ اسٽوري پڙهي ڪيو هو. جنهن ۾ عالمي ڪساد بازاريءَ جي دور ۾ دبئي جي گلابي قسم جي تصوير چٽي وئي هئي. تن ڏينهن وولف سن دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ وڏي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيل هو. جيڪا ان وقت جي عالمي معاشي صورتحال تي گهربل غور ويچار لاءِ رٿي وئي هئي. بهرحال، ڪانفرنس ۾ هن جيڪا تقرير ڪئي. ان ۾ هن جو چوڻ هو ته مان ڏاڍو خوش آهيان، جو هتي جا ماڻهو اُميد پرست آهن. البت منهنجو عالمي مالياتي ادارن توڙي مارڪيٽ وارو تجربو ڪجهه ٻي ڪهاڻي ئي ٻڌائي ٿو. دراصل دنيا جو ڪو به ملڪ هاڻي اڪيلو ۽ ٻين ملڪن کان ڪٽجي ڌار ٿي رهي نه ٿو سگهي.۽ نه ڪو وري دنيا ۾ عالمي سطح، خاص طور ان جي معاشي ميدان ۾ ايندڙ اوڀارين لهوارين کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي ٿو سگهي. سبب اهو آهي ته دنيا جا ملڪ هاڻي اڻ لکي طريقي سان پاڻ ۾ اهڙا ڳنڍجي ويا آهن.جو اڳ ۾ هو ايئن هيو ئي نه، ايئن دبئي به ٻين ملڪن کان ڌار ۽ اڪيلو ناهي. ۽ ائين چوڻ ۾ بلڪل حق بجانب به هو.
    دراصل دبئي سڀني لاءِ هڪ کليل ملڪ آهي. تيل جون قيمتون جنهن ڊرامائي انداز ۾ ڪري پيون. ان ڳالهه تيل برآمد ڪندڙ ملڪن جي پيداوار کي وڏي خساري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ دبئي لاءِ ته تيل سيڙپ جو هڪ موثر ذريعو رهيو آهي. جيڪو خساري جي ور چڙهي ويو. اهو ئي سبب هو، جو ڪيترن ئي هلندڙ توڙي اعلانيل مشهور پروجيڪٽس کي يا ته بند ڪيو ويو يا وري اڌ ۾ ڇڏيو ويو. جنهن سببان اڪيچار ساک وارين ڪمپنين جو زوال شروع ٿي ويو. ڪيترا ئي ورڪر فارغ ٿيا ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن راهي ٿيا. نقادن به پنهنجي آڱريون ۽ ٻانهون اُڀيون ڪيون ۽ جيڪي ڪجهه دبئي حاصل ڪيو، ان ۾ نقص ڳولهڻ ٿي لڳا.
    مان حيران نه هوس. مان هن ملڪ ۾ لڳ ڀڳ پنجن ڏهاڪن کان مٿي وقت گذاريو آهي. ۽ اُن جون ڪيتريون ئي اوڀاريون لهواريون پنهنجي اکين سان ڏٺيون آهن. مون هميشه اهو به ڏٺو آهي ته دبئي هميشه ڏکين گهڙين ۾ به اُڀرندڙ طاقت وانگر رهيو آهي. دبئيءَ جا حڪمران به هميشه مشڪل مان نڪرڻ ۾ سرگردان رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته دبئي جا حڪمران هميشه پنهنجي وقت کان اڳتي ئي رهيا آهن. اچرج آهي، جو نقاد ان ڳالهه کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ کان قاصر ئي آهن.
    دبئي جي هڪ اڳوڻي حڪمران مرحوم شيخ راشد بن سيد المڪتوم جڏهن دبئي ۾ شهر کان ٿورو پري هڪ وڏو واپاري مرڪز جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪو مرڪز ۽ ان جي عمارت هن خطي ۾ سڀني کان وڏي ۾ وڏي عمارت سمجهي ويندي آهي.تڏهن ڪيترن ئي ماڻهن اها تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ته اها عمارت شهر جي مرڪز کان بنهه پري هجڻ ڪري صرف فضوليات ۽ پئسي وڃائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. بهرحال اها عمارت جڏهن ٺهي جڙي راس ٿي ته اها هن ملڪ جي هڪ وڏي شاندار تاريخي ڳالهه بڻجي وئي. بهرحال، هاڻ اهو شيخ زيد روڊ جو حصو بڻيل واپاري مرڪز وار ي عمارت دنيا جي سڀ کان وڏي عمارت برج خليفا سميت وڏي عمارت هجڻ جو اعزاز رکي ٿي ۽ انهي علائقي کي دبئي جو مين هٽن(Dubai Manhattan) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    ائين ئي ٻيهر جڏهن شيخ راشد جبل علي ۾ هڪ ٻيو ڪنٽينر ٽرمينل جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو ته وري ساڳئي طرح سان انهي فيصلي تي تنقيد ٿيڻ شروع ٿي. اڄ جبل علي، جيڪو خلا ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، دنيا ۾ سڀ کان وڏو واپاري پورٽ بڻجي ويو آهي. هتي مان جنهن ڳالهه تي زور ڏيڻ چاهيان ٿو. اها هيءَ آهي ته دبئي ۾ جيڪي به وڏا فيصلا يا ڪم ٿيا آهن ته انهن جي شروعات توڙي عمل درآمد واري وقت ۾ ناقدين، پوءِ اها ميڊيا هجي يا ڪي ٻيا ادارا هجن، طرفان بيڪار ۽ فضوليات وارو رويو ظاهر ٿيو آهي. جيئن وولف سن چيو ته دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، دبئي به ان کان ڪنهن طرح سان محفوظ يا غيرمتاثر ملڪ طور رهي نه ٿو سگهي. کڻي جو اها ڳالهه درست آهي. پر مان سمجهان ٿوته دبئي ۾ ڪنهن به امڪاني ڏکي وقت ۾ به پاڻ کي بچائي وڃڻ جي تمام گهڻي سگهه ۽ قوت موجود آهي.
    جڏهن اولهائين دنيا ويهين صديءَ ڏانهن روان دوان هئي. تڏهن دبئي دراصل، اڻويهين صدي ۾ داخل ٿيڻ جون ڪوششون پئي ڪيون. پر ان کانپوءِ ٿوري وقت اندر اسان سڀني ڏًٺوسين ته دبئي ڪيئن هڪ وڏو ڇلانگ ڀري مضبوطي سان ويهين صدي جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن کان اڳتي نڪري ويو. هاڻ دبئي، نه رڳو پنهنجي بنيادي معاشي ڍانچي ۽ نالي واري جديد سهولتن جي لحاظ کان، ڪيترن ئي نام نهاد (So_called)ترقي يافتا ملڪن ۽ قومن سان ڪلهو ڪلهي سان ملايو بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر هن خطي جي اڪيچار ملڪن ۽ قومن لاءِ گهربل ترقيءَ واسطي ترقي جو هڪ ماڊل واري حيثيت به ماڻي ورتي آهي.
    مون پنهنجي ڪتاب ۾ دراصل دبئي ملڪ جي لڪل اندروني سگهه ۽ طاقت کي ڏيکارڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته دبئي ۾ اهي ڪهڙيون اندروني قابليت، سگهه ۽ صلاحيتون لڪل رهيون آهن. جن جي ڪري، اڄ دبئي سڀني کان اڳتي آهي. اهڙي سمجهه دراصل مون ۾ پنهنجي ذاتي عملي تجربي (جيڪو اعتمادن ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ذريعي پروان چڙهيو ۽ وڌيو هو)سببان پيدا ٿي ۽ اهو عملي تجربو وري دبئي جي مارڪيٽ سان سڌي ڪاروباري لهه وچڙ ۾ اچڻ سببان پيدا ٿيو ۽ اهو دور دبئي جي اُڀار جو هڪ انتهائي اهم دور هو. اُن ڪري مان اهو چئي سگهان ٿو ته جيئن ته مان پاڻ دبئي سان گڏ اُڀريو آهيان، ان ڪري مان دبئي جي انهي اُڀار واري دور جي ڏکيائين کي به ان جي اصل پسمنظر ۾ سمجهي سگهان ٿو.
    اِها دراصل اُها سمجهه هئي. جنهن مون کي اهو حوصلو ڏنو ته مان دبئي جي انتظامي نظام ۽ ان جي طريقي ڪار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان. سوال آهي ته دبئي جو فيصلا سازي وارو عمل ڇو ايترو اثرائتو ۽ منظم آهي؟ ڇو دبئي جي بيوروڪريسي ايتري عمدگي سان ڪم پئي ڪري؟ ڪهڙي ڳالهه دبئي کي ايتري ترقي، جدت ۽ خوشحالي بخشي آهي؟دراصل انهن سمورن سوالن ۽ ڳالهين ۽ اُن سڄي معاملي کي اصل بنيادن کان سمجهڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو.
    انهيءَ بصيرت مون کي اهو تحرڪ ڏنو ته ان موضوع تي مان هڪ تقابلي مطالعو ڪريان. ائين مان واشنگٽن انٽرنيشنل يونيورسٽي جي چونڊ ڪئي. جنهن مون کي پنهنجي چاليهن سالن جي عملي تجربي جي بنياد تي اسي ڪريڊٽ(Eighty credits) ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو. مون رهيل چاليهه ڪريڊٽ لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
    ائين ڪرڻ واسطي مان هن ملڪ ۽ ان جي ڪاروباري طريقن جي تاريخ جي حوالي سان موجود سمورو رڪارڊ ۽ ٻيو ضروري مواد هٿ ڪري ورتو. جيتوڻيڪ وقت وڏو محرڪ هجي ٿو. جنهن کي واپس ورائڻ لاءِ وڏو وقت کپي ٿو.پر تنهن هوندي به، دبئي جي نالي واري ايوارڊ يافتا سينيئر صحافي اين. وجي موهن (N. Vijay Mohan) جي صلاحن وڏو فائدو ڏنو. خاص “دبئي جي طرز حڪمراني” ۽ “قبائلي روايتن جي اثر” جهڙن موضوعن تي لکڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. دراصل انهيءَ پس منظر کان مان دبئي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي کي ظاهر ڪرڻ پئي چاهيو. مون کي پنهنجي انهي ٿيسز تي ڪم ڪرڻ ۾ هڪ پورو سال لڳي ويو. اها منهنجي سيڪريٽري جوز ميٿيو هئي. جنهن فون ڪري ٻڌايو، جڏهن مان ماريس (Mauritius) هوس، ۽ يونيورسٽي طرفان منهنجي ڊاڪٽريٽ جي ڪم کي قبول ڪرڻ واري فيصلي جي خبر مون کي ٻُڌائي. هن پنهنجي خاص انداز سان اها خبر هيئن ٻڌائي ته “ سائين هاڻي مان ڊاڪٽر بخشاڻي کي فون ڪريان ٿي.”
    اها گهڙي سچ پچ مون لاءِ خوشيءَ جي گهڙي هئي. جنهن مون کي مڪملتا جو احساس ڏياريو. مان وڏي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، دراصل پنهنجي معاشي ۽ گهرو صورتحال جي ڪري، ڪا گهڻي ڪوشش نه ڪري سگهيو هوس. جنهن جو مان اڳواٽ ئي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪري آيو آهيان. مان دبئي ۾ هڪ ڪمپني جي ملازم طورارڙهن سالن جي عمر ۾ آيو هوس. جنهن جو هاڻ مان خود مالڪ بڻجي ويو آهيان. اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي باوجود ، منهنجي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ واري خواهش اڻپوري ئي رهي. دبئي مون کي پنهنجي انهي خواهش کي پوري ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو. مون کي ائين چوڻ گهرجي ته دبئي ۾ مان وڃايل موقعو ٻيهر حاصل ڪيو.
    دبئي هاڻ وڏي حد تائين تبديل ٿي ويو آهي.جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه اڻٽر هو. پر پراڻا ماڻهو دبئيءَ کي اڃا به پراڻين يادن جي نظر سان ڏسن ٿا. جيتوڻيڪ رفتار سست آهن. پر زندگي سان ڀرپور آهن. هر ماڻهو هرهڪ جي باري ۾ چڱي طرح سان ڄاڻي ٿو. هي روح پرور شهر آهي. هرڪو هتان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. هاڻي اهو ممڪن ناهي رهيو. ڇاڪاڻ ته دبئي هاڻي وڏي گهماگهمي ۽ هلچل وارو شهر بڻجي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان محسوس ڪريان ٿوته هن شهر ۾ اجنبي بڻجي ويو آهيان. جتي مون پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو گذاري ڇڏيو آهي. بهرحال، جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هن شهر جي اها ترقي ۽ اڀار اڻٽر ئي آهي.
    دبئي شهر لاءِ ته ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو شهر هڪ متحرڪ حياتي (Living Organism)مثل ئي آهي. اهو به پنهنجي زندگي جي اڪيچار دورن مان گذريو آهي. جڏهن مان هتي پنهنجي جوانيءَ وارن ڏهاڙن ۾ آيو هوس. تڏهن دبئي پنهنجي ٻاروتڻي ۾ هو. هاڻ هو پنهنجي زندگي جي جواني ۽ جوڀن واري دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. مهان ڪوي ‘پبلو پڪاسو’ چيو آهي ته “جوان بنجڻ ۾ ڊگهو وقت کپي ٿو.” جيئن دبئي جو مثال اسان کي ڏيکاري ٿو ته اهو ڊگهو وقت يا انتظار قابل قدر ئي هجي ٿو. دراصل جواني ڏاهپ ۽ تخلقيت سان ڀريل چشمي وانگر ئي هجي ٿي.
    مان ائين محسوس ڪريان ٿو ته مان هڪ اهڙي پائلٽ وانگر آهيان. جيڪو وڏي اُوچائي تي اڏام ڪندو هجي. جتي وڌيڪ مٿي وڃڻ جي ڪوشش تباهي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي. مون لاءِ ۽ مون سان گڏ موجود ماڻهن مڙني ماڻهن لاءِ به_ان ڪري، ڄڻ ته مان آٽو پائلٽ ٿي سمندري سفر پيو ڪريان. مان پنهنجي چوُطرف اڏامندڙ ٻين جهازن کي به، مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهان ٿو. ڪيترا مون کان به وڌيڪ مٿي اُڏامي ويا آهن. ڪيترا وري منهنجي اڏام کان ٿورو هيٺ به آهن، جو ڪجهه به ٿئي پيو، مان ڪو به مقابلو نه پيو ڏسان. مان صرف اهو ڏسان پيو ته ماڻهو صرف اُڏامي رهيا آهن. منهنجو سڄو ڌيان انهي اڏام واري سفر مان مزو وٺڻ ڏانهن ئي آهي.
    هڪ ڳالهه جي ڪري مان ائين به چوان ٿو ته جڏهن مان هتي نوجواني واري عمر ۾ آيو هوس. تڏهن مان هڪ متلاشي ذهنيت وارو هوس. وقت جي وڇوٽيءَ هاڻي تلاش۽ دريافت واري فرق کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. اهو فطرتي عمل هجي ٿو. بهرحال، سمجهه ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس قوت ۽ حدن جي چڱي طرح سان پروڙ به بخشي ڇڏي ٿي. مان سڄي حياتي هن جڳهه کي ڳولهيندو ئي رهيس ۽ نيٺ مون اُن کي ڳولهي ئي ورتو. جيڪا بلڪل ئي هڪ درست ۽ مانائتي جاءِ ئي آهي. سچ پچ دبئي مون کي زندگيءَ جو هڪ نئون رستو ڏيکاريو ۽ ان لاءِ مان دبئي جو ٿورائتو آهيان.


    • شڪرگذاري جا لفظ

    هن ڪتاب لکڻ جو خيال تڏهن آيو هو. جڏهن منهنجي زندگي سادي ۽ دبئي ڪجهه ننڍڙو ئي هو. هي انهن ئي مضمونن تي مبني آهي. جيڪي خاص طور تي هڪ اخبار ‘گلف ٽو ڊي’ جي هڪ خاص پروجيڪٽ تحت لکيا ويا هئا. جن جو مقصد دبئي شهر جي ترقي ۽ اڀار جي پسمنظر ۾ هڪ باقائده سيريز وار آرٽيڪل لکڻا هئا. مضمون ڇپيا ۽ گهڻي موٽ حاصل ڪئي ۽ دراصل انهيءَ موٽ وڌيڪ مضمون لکڻ لاءِ تحرڪ ڏنو.
    ننڍڙيون ڳالهيون وڏين منصوبن کي اُڀارينديون آهن. ائين ئي مون سان به ٿيو. جنهن جو اوهان سوچي نه ٿا سگهون. هڪ ڏينهن هڪ پارٽي ۾ منهنجي پنڪي ڊنئل (Pinky Daniel)سان ملاقات ٿي. جيڪا منهنجي وڏي وقت کان دوست هجڻ سان گڏ هڪ سٺي پاٺڪ به رهي آهي. هن ئي دراصل، مون کي صلاح ڏني ته مان انهن مضمونن کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ڪريان. هن، پنهنجي هڪ پراڻي دوست پبلشر موٽيويٽ پبلشنگ هائوس جي مالڪ کي ڇپرائڻ لاءِ به چيو. ائين آئين فيئرسروس (Ian Fairservice) جنهن ترت ئي حامي ڀري ورتي. ان ڪري، مان انهن ٻنهي ماڻهن پنڪي ڊيئنل ۽ آئين فيئرسروس جو شڪرگذار آهيان جن جي گهربل ساٿ ۽ سهڪار سان مان هي هيڏو ڪم ڪري سگهيس.
    مان پنهنجي هڪ ٻي دوست عبدالرحمان جي. المتاوي (Abdul Rahman G. Al Mtaiwee)جو به خاص طور تي ٿورائتو آهيان. جيڪو دبئي جي ڪامرس چيمبرس ۽ انڊسٽري جو ڊائريڪٽر جنرل آهي.
    بهرحال، جڏهن مان هن ڪتاب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته مون کي اهو پتو ئي نه هو ته اهو سڄو ڪيترو ڪٺن ٿي پئي سگهيو. مضمون هڪ الڳ ڳالهه هجن ٿا ۽ وري انهن کي هڪ مربوط ڪتاب جي صورت ڏيڻ وارو پنهنجي جاءِ تي اوکو ڊيڄاريندڙ به هجي ٿو. بهرحال، هن ڪتاب لاءِ مون کي ٻين ڪيترن ئي ڪتاب کي پڻ پڙهڻو پيو ته جيئن تاريخي ڳالهين ۽ واقعن بابت صحيح انگ اکر پيش ڪري سگهان. ان لاءِ مون کي پنهنجي ڪيترن ئي پراڻن دوستن کان به مدد وٺڻي ٿي پئي.
    اها به حقيقت آهي ته هڪ ڪتاب لکڻ ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو ڪردار هجي ٿو. مان پنهنجي گهرواري وينا جو ٿورائتو آهيان. جنهن جو اهو ويساهه هو ته مان اهو ڪم ڪري ويندس ۽ ان ڪم دوران اهو وقت به ڪتاب تي صرف ڪري ويس. جيڪو حقيقت ۾ مون کي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي ڏيڻ کپندو هو. منهنجون ٽي ڌيئرون گائري، چتنا ۽ ريکا منهنجو اُتساهه آهن. هي ڪتاب انهن کي ئي ارپيان ٿو.
    ايم. ميٿوز ، جيڪو آءِ ٽي ايل وارن سان گذريل ٽيهن سالن کان واڳيل آهي ۽ منهنجي ڪاروباري زندگي ۾ آيل سمورن اوڀارين لهوارين جو اکين ڏٺو شاهدآهي، تنهن جي هن ڪتاب جي انگ اکرن جي حوالي سان ڪيل مدد هميشه ياد رهندي. جڏهن ته مان جوز ميٿيو جو به مدد جو به ٿورائتو آهيان. جيڪو مون سان گذريل ويهين سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گڏوگڏ ٻين مڙني ماڻهن جو به ٿورائتو آهيان. جن سڌي توڙي اڻ سڌي طرح هن ڪم ۾ منهنجي گهربل سهائتا ڪئي.
    هن ڪم کي انجام تي پهچائڻ واسطي مون کي پنهنجي آفيس مان وقت ڪڍي پاڻ کي ڪنڊائتو ڪرڻون پيو ته جيئن پنهنجي خيالن کي لفظن جو روپ ڏئي سگهان. ان حوالي سان، مان اين. وجي موهن ۽ بڪرم ووهرا (جيڪي انگريزي صحافت جا ٻه وڏا نالا آهن)جي اخلاقي صلاحن توڙي مدد جو اعتراف ٿو ڪريان ۽ پڻ ڊوائيڊ اسٽيل جو. هنن ٽنهي همراهن جي مدد کانسواءِ شايد هي ڪتاب ڪڏهن منظرعام اچي نه سگهي ها.
    مان موٽيويٽ (Motivate Publishing) پبلشر ڪمپني وارن جي سڄي ٽيم جو به ٿورائتو آهيان. جن پنهنجي پروفيشنل مهارت ۽ قابليت سان هن ڪتاب کي هرطرح سان بهترين بنائڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو.
    آخر ۾ مان پنهنجي سمورن دوستن ۽ خيرخواهن لاءِ ائين ئي چوندس ته جيڪڏهن اوهان ڪتاب لکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اهو ڪم اوهان جي پنهنجي زندگي تخليق ڪرڻ وارو ئي ڪم آهي.


    • مختلف رايا

    دبئي جو ڄاتي سڃاتل هندستاني واپاري سٺ ورهين جو رام بخشاڻي پنهنجي سوانح حيات Taking the High road ۾ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جا زبردست تجربا ونڊيا آهن. جيتوڻيڪ انهن تجربن کي ونڊڻ جي حوالي سان ڪتاب هڪ ننڍڙي شئي آهي. پر ڪاميابي کي ڪيئن مادي معيار سان ماپ ڪجي. ان جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ئي آهي. ڪتاب جو گرم جوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ٿيو آهي، دبئي ۾ به ته وري دبئي کان ٻاهر به. جنهن ۾ سندس زندگي جي سٺ ورهين جو خاڪو توڙي اهو ماحول چڱي طرح سان بيان ڪيو ويو . جنهن هن جي اُڀار ۾ بنيادي ڪردرا ادا ڪيو .
    سچيترا باجپائي

    Not the end of the road
    Friday, Gulf News,2004
    سوانح حيات لکڻ وارو عمل دراصل پاڻ کي هرطرح سان ظاهر ڪري ڇڏڻ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهوءَ جي زندگي جا اڪيچار ڳجها پاسا به منظرعام تي اچي ويندا آهن. پر ان سان گڏ سوانح حيات لکڻ سان اهو به فائدو رسي ٿو، جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏي حد تائين نئين سردريافت به ڪري وٺي ٿو ۽ پنهنجي نئين سمجهاڻي به پيش ڪرڻ جو کيس وجهه مليو پوي ٿو. جيتوڻيڪ هن پنهنجو تجزيو ڪرڻ لاءِ هن سوانح حيات جي ذريعي ڊگهو رستو ورتو آهي. پر ان ڊگهي رستي ۾ هن جهڙي نموني پاڻ کي ۽ پنهنجي ماضيءَ جي تشريح ڪئي آهي ۽ جيڪا سڄي پنهنجي جاتي جي تاريخ بيان ڪئي آهي. جيڪا سنڌو تهذيب جي سنڌي جاتي جي تاريخ رهي آهي. ان سڄي وارتا کي بيان ڪرڻ لاءِ ليکڪ جيڪو رستو ورتو .اهو واکاڻ جوڳو آهي.

    پراتيڀا اوما شنڪر
    “A road less travelled on”
    Weekend, Khaleej Times, 2003
    رام بخشاڻي جي سوانح حيات Taking the High road اسان سڀني کي زندگيءَ جي ڏکي ۽ ڪامياب رستي کان روشناس ڪرايو آهي.جيتوڻيڪ هن سوانح حيات ۾ رام بخشاڻي پنهنجي زندگي کي مڪمل طور تي ظاهر ناهي ڪيو. پر ان هوندي به، پڙهندڙن کي مختلف آزمائشن ۽ تڪليفن مان اُڀري آيل هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي باري ۾ چڱي ڄاڻ ملي ٿي. جنهن سچ پچ وڏي خواب ڏسڻ جي جرئت ڪئي هجي ۽ ان لاءِ وري هن وڏي سخت محنت، پورهئي ۽ گهربل قابليت سان جدوجهد ڪئي هجي.

    نينا شرما
    “On his own terms”,
    Panorama, The Gulf Today, 2003
    رام بخشاڻي جي ڪهاڻي ٽن مختلف ثقافتن هندستاني، عرب ۽ جپاني ثقافتن جي شروعات توڙي ترقي، اُڀار ۽ معاشي خوشحاليءَ جي باري ۾ ڄاڻ آڇيندڙ آهي. منهنجو خيال آهي ته هن سوانح حيات Taking the High road کي دبئي جي اسڪولن جي انگريزي نصاب جي ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
    _Patronizing the Fraterning Along the High road”
    People of India Origin, 2005


    • پڙهندڙن جا خط

    * رام بخشاڻي مان سمجهان ٿوته جيتوڻيڪ دبئي تنهنجي ڪرم ڀومي ٿي وئي آهي. پر تون هندستان جي باري ۾ هميشه جنم ڀومي وانگر ئي سوچين ٿو. مان تنهنجي هندستان ۽ دبئي جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪريان ٿو. اوهان سچ پچ پنهنجي جيون ڪٿا جي ذريعي سنڌين جي قابليت ۽ مهم جوئي جي روح کي متعارف ڪرايو آهي.
    سري چند پي. هندوجا

    * هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي زندگي جو متاثر ڪندڙ خاڪو پيش ٿيو آهي. جيڪو پنهنجي جاتي توري جڳ جهان جي ڀلائي واري مقصد ڏانهن وقف ٿيل آهي. هي سوانح حيات ادب جي ميدان ۾ هڪ اهم ڪنٽريبيوشن آهي. جنهن تي اسان جي نسل کي فخر ئي ٿيندو.
    ڪي. سيتل. هانگ ڪانگ

    * رام بخشاڻي جي هن ڪهاڻي ۾ صرف رام بخشاڻي جي ڪهاڻي ناهي. پر ان سان گڏ ان ۾ دبئي توڙي جپان جي معاشي اُڀار جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ سنڌي جاتي کي پيش آيل شروعاتي ڏکيائين توڙي ان جي تجارتي ڪاميابين جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي.
    هيري. اين. هيرلال_هانگ ڪانگ

    * مان هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته هيءَ ڪتاب انهن ماڻهن ۽ اسڪالرن لاءِ رستو ڳولهي ڏيندڙ ڪتاب آهي. جيڪي خليج ۾ هندستاني جي اچڻ واري لقاءَ کي سمجهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي انهن ماڻهن لاءِ هڪ ڪارائتي گائيڊ لائين پڻ آهي. جيڪي متحده عرب امارات ۾، خاص طور تي دبئي ۾ ڪاروباري ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.
    اي. پي. سري واستو، نئين دهلي

    * اوهان جي ڪتاب سنڌي جاتيءَ جي باري ۾ منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو آندو آهي. مان ايترن سارن ملڪن جي ڊگهي تاريخ ۽ انهن جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ کان اڻ واقف ئي هوس. منهنجي خواهش آهي ته ڪاش سنڌي ليکڪ سنڌي ادب ۽ شاعري جي هيرن جي اڏاوت لاءِ به اسان جهڙن ماڻهن جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪن.
    واءِ. يونس، ابو دبئي


    • جستجو جو روح ۽ روايتن کي فتح ڪندڙ رام بخشاڻي : ايلين جيڪوب

    رام بخشاڻيءَ جي جيڪا خاص ڳالهه آهي. اها هيءَ ته هو نه ڪو روايتي سطح جي معاملن جي پابندي ڪندو آهي ۽ نه ڪو وري اسٽيٽسڪو کي قبول ڪري ٿو. هتي هي ساراهه يا تعريف جي به ڳالهه ڪانهي. البت بخشاڻي جي سوانح حيات واري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڙهي، هڪ اهڙي هندستاني واپاري جي پراڻي دنيا ڏانهن ڌيان ڇڪجيو وڃي ٿو. جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي شاهراهه جو وڏو رستو وٺندي، بلندي ڏانهن سفر ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    ليکڪ پنهنجي هن ڪٿا ۾ اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون آهن. جن مان ايئن محسوس نه ٿو ٿئي ته ڪو هن ڊاڙ وغيره هنئي آهي. البت اهي ڳالهيون اهڙيون ضرور آهن. جيڪي سندس دوست توڙي دشمن کي حسد جو شڪار بڻائي سگهن ٿيون. ان هوندي به، هن ۾ واپار واري زندگي جي اعتماد ۽ اخلاقي قدر گڏوچڙ ٿيو وڃن ۽ اُن سان سلهاڙيل اڪيچار ڳالهين کي ايترو ته سادگي سان بيان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ڪٿي ڪٿي بيزار به ٿي پيا هوندا.
    رام بخشاڻي پنهنجي جاءِ تي هڪ قابل فخر ماڻهو آهي ۽ هجڻ به گهرجي، جو ڪاروبار ۽ جستجو جي بنجر ڌرتي هن ئي ماڻهو، پنهنجي اڻٿڪ انفرادي ڪوششن سان، سيراب ڪرڻ ۾ گهربل فتح ۽ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. دبئي وارو سندس خواب هاڻ ساڀيان ٿي چڪو آهي. اها دراصل، هن جي جواني واري عمر ئي هئي. جنهن ۾ ڪا به ڳالهه، شيءَ يا معاملو ناممڪن نه هو. بخشاڻي پنهنجي زندگي جو ڊگهو سفر طئي ڪندي، پنهنجي لازوال محنت ۽ ڪردار سببان عرب امارات ۾ هڪ وڏي ڪمپني آءِ ٽي ايل ڪوسموس گروپ (I T L Cosmos Group) جي نالي سان قائم ڪري ورتي آهي. جڏهن هاڻي هو مڪمل طور ان جي بنيادن کي مضبوطيءَ سان اڏي به چڪو آهي ۽ ان جو گڏيل مالڪ بنجڻ ۾ گهربل ڪاميابي به حاصل ڪري ورتي آهي.
    هڪ هندستان جي بڙودا شهر جو رهواسي نوجوان (Lad)پنهنجي محنت سببان اميرائپ کي پوئتي ڇڏي، تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي ۽ ايئن گهٽ ماڻهن ئي ڪيو آهي. هو اڪثر انهن ڏينهن جي باري ۾ اعتماد سان ئي ڳالهائي ٿو. جڏهن ڪاروبار ذاتي لاڳاپن جي ذريعي پروان چڙهي رهيو هو. جڏهن ماڻهن سنگت ۾ يقين رکيو ٿي. بلڪل ائين ئي، جيئن هن پنهنجي زندگي جي پنجاهه سالن ۾ سنگت تي يقين رکيو ٿي.
    رام بخشاڻي جڏهن ارڙهين ورهين جي عمر ۾ پهريون ڀيرو دبئي، پنج ڏينهن سامونڊي سفر جا طئي ڪري پهتو هو ته هن کي ٿانيڪو ٿيڻ لاءِ سخت محنت، پورهيو ۽ صبر ڪرڻو پيو. دراصل هي ماڻهو ڄائو ئي ڪاروبار لاءِ هو. جيئن عام سنڌي چون ٿا، پنهنجي جاتي مان هي ماڻهو اڳتي آيو ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي سمجهه اختيار ڪئي. اها هن جي روايتي تعريف ئي آهي. پر ان ڳالهه کي ان ڪري به نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي واپارين جي برادري سڄي دنيا ۾ پنهنجي اثر رسوخ سميت پکڙي پئي آهي.
    بخشاڻي دبئي آيو، ڏٺائين ۽ ترت ڪيترائي ذاتي توڙي ڪاروباري دوست به ٺاهڻ وارو هنر حاصل ڪري ورتائين. خاص طور تي هن پنهنجي انهن واسطن ۽ تعلقاتن کي فروغ ڏنو. جيڪا ڳالهه ٻين ڪيترن ئي هندستانين لاءِ ڪارگر ثابت ٿي. سواءِ سڄي برادري جي. هي پنهنجي ادارن Jashanmals ۽ Honchos جي باري ۾ وڏي شوق سان ڳالهائي ٿو. جن هاڻي يو اي اِي کي پنهنجو مرڪز بنائي ورتو آهي. دبئي جو شهر هن جي يونيورسٽي آهي. اها ڳالهه هڪ اهڙو ماڻهو ڪري ٿو. جيڪو ڪڏهن به ڪاليج ناهي ويو. البت ان جي دبئي، هندستان جي هاءِ اسڪول توڙي هندستاني ڪلب وغيره سان ڊگهو واسطو ضرور رهيو آهي. بخشاڻي جو هي ڪتاب پنهنجي جاءِ تي تحقيق جي زمري ۾ پڻ اچي ٿو. جنهن ۾ دبئي جي ڪاروباري ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن لاءِ بنهه دلچسپ بڻائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي. بخشاڻي تڏهن پنهنجي جوهر ۾ اچي وڃي ٿو. جڏهن هو دبئي جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ۽ اهو ته ڪيئن ان مان گهربل فائدو حاصل ڪجي. هي سڄو احوال دراصل هن جي جواني ۽ ڪاروبار جو احوال ئي آهي. زندگي خليج (Creek) سان گڏ سفر ڪري ٿي. جيڪو بعد ۾ گهرو ٿيندو، ان ڳالهه جي موڪل ڏيو ڇڏي ٿو ته زندگي جي سفر جو جهاز وڃي ڪناري سان ڳنڍجي. زندگي جي ان ئي سفر ۾ دبئي جو اڳوڻو حڪمران مرحوم شيخ راشد خليج جي اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ پُل اڏڻ واسطي امارات ۾ وڏي سگهه ۽ قوت ڏسي ٿو. اهو ئي سبب آهي،جو ان جي مستقبل جي ترقي ۽ اُڀار واسطي سڄو فريم ورڪ به تيار ڪرائي وٺي ٿو.
    دبئي جو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ وڏو اُڀار آيو ۽ اهو ساڳيو ئي دور هو. جڏهن بخشاڻي عرب امارات کي پنهنجي ٻيو گهر بڻايو. تن ڏينهن راس الخيمه هڪ واپاري مرڪز طور پوئتي وڃي رهيو هو. جڏهن ته دبئي هڪ وڏي واپاري قوت بنجڻ واري موقعي مان ڀرپور طور لاڀ حاصل پئي ڪيو. تيل جي پيداوار ۾ اُڀار آيو. جنهن ڳالهه بعد ۾ حڪومت توڙي ملڪ جي سماجي، معاشي ڍانچي کي وڏي سگهه بخشي. ائين دبئي تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو ۽ پوئتي نهار به نه ڪيائين. ايستائين جو 1990ع ۽ 2008ع واري معاشي لاٿ به ان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهي.
    ليکڪ هن ڪتاب ۾ پنهنجي ملڪ جي طرفان 1991ع ڌاري ڪيل مارڪيٽ پاليسي جي سڌاري واري فيصلي تي به تنقيد جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿو. جڏهن هن اها ڳالهه به واضع ڪئي آهي ته هو نهروءَ واري سوشلزم جي پاليسيءَ کي ڪنهن به طرح سان بهتر نه ٿو سمجهي. جنهن پاليسي کي آزادي کانپوءِ هن جي ملڪ ڪجهه وقت تائين هلايو. جنهن سان لکين ماڻهن کي نقصان ئي پهتو.
    جڏهن ته معاشي سڌارن ۽ پنهنجي معيشت کي مارڪيٽ ۾ کولي ڇڏڻ واري ڳالهه وڏي حد تائين انڊيا کي ٻي سڄي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. البت بخشاڻي اهو به واضع طرح سان ٻڌائي ٿو ته انڊيا جي تارڪ وطن ماڻهن جي هندستان جي سياست توڙي پاليسي معاملن ۾ نه هجڻ جي برابر ئي ڪردار آهي. ان حوالي سان هي صلاح ڏئي ٿو ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن جي موڪليل ناڻي واري لقاءُ کي هرطرح سان اهميت ڏيڻ گهرجي.
    ان جي باوجود هي ڪتاب رڳو انڊيا جي اڻپوري ڪهاڻي ناهي. پر ڪتاب جي سڄي ڪهاڻي دبئي / عرب امارات جي جستجو جي باري ۾ ئي آهي. جيڪا هن ملڪ جي دور انديش حڪمرانن پنهنجي حڪومتي دور دوران ڪئي ٿي. ان ڪري، ائين چئي سگهجي ٿو ته زندگي جو ڊگهو رستو وٺڻ واري رام بخشاڻيءَ جي هيءَ ڪهاڻي جستجو جو روح ، روايتن جي فتح ۽ ڪاروبار جي قدرن جي ڪهاڻي آهي. جيڪي قدر اڄ به وڏي ساک رکن ٿا.

    allan@khaleejtimes.com


    • هڪ ڪامياب سنڌيءَ جي ڪٿا : يوسف سنڌي

    لي آيوڪوڪا (Lea Iacoca) آمريڪي واپاري دنيا ۾ هڪ افسانوي شخصيت (Legend) جي حيثيت رکي ٿو. هو 15 آڪٽوبر 1924ع تي آمريڪا ۾ ڄائو. هن واپاري ميدان ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جيڪا ساڍن ٽن سئو صفحن تي مشتمل آهي ۽ نيويارڪ مان ڇپي آهي، انهيءَ جو نالو آهي.
    IACOCA: AN AUTO BIOGRAPHY: 1984
    هن لکيو آهي ته ‘مون پنهنجي زندگيءَ مان اهو سکيو آهي ته ماڻهو هلندو رهي، ايتريقدر، جو خراب حالتن ۾ به هلندو رهي ۽ مايوس نه ٿئي،ايستائين جو سندس دنيا ڊهندي هجي. مون سخت محنت جي اهميت کي ڄاتو آهي ته آخرڪار اوهان کي مفيد بنجڻ کپي’. پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ هو لکي ٿو، ‘ماڻهو مون کان پُڇن ٿا ته زبردست ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي آهي، اوهين هن مقام تي ڪيئن پهتا آهيو، آئون اهو ئي جواب ڏيان ٿو، جيڪو منهنجي والدين مون کي ٻڌايو هو، ‘پنهنجو پاڻ کي استعمال ڪريو’.
    آتم ڪهاڻيون هونئن به زندگي جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ هونديون آهن ۽ پنهنجي جيوني لکندڙ جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس ملڪ، جاتي ۽ ٻيا ماڻهو سندس حياتي جي ڪاميابين مان سبق پرائين ۽ ناڪامين تي سوچين ۽ ائين هو جيڪڏهن پنهنجي لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهن ته هنن ڄڻ هڪ وڌيڪ ڪاميابي ماڻي، اسان ‘لي آيو ڪوڪا’ جي جيوني جي مٿئين سبق جي آڌار تي، سنڌ ڄائي، هاڻ دبئي ۾ رهائش رکندڙ سنڌي واپاري، سماجي ڪارڪن ۽ ادب دوست شخصيت شري رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي “آکيرا آڪاس ۾” پڙهنداسين ته ان ۾ اسان جي لاءِ ڪيترائي ئي سبق سمايل آهن. شري رام بخشاڻي اڄ کان لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ ممبئي جي هڪ سنڌي اخبار ۾ دبئي ۾ نوڪري لاءِ خالي جڳهه جي خبر پڙهي قسمت آزمائڻ لاءِ درخواست فارم ڀري موڪلي ڏنائين. ان وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي. جنهن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “منهنجي عمر اُن نوڪري جي لاءِ مناسب هئي. ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ مان بزنس جي مقابلي واري دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ بلڪل مناسب هوس.” سندس ان پاڻ ڀروسي ۽ مقابلي واري لگن، مستقل ۾ کيس پنهنجي کيتر ۾ ڪاميابين مٿان ڪاميابيون عطا ڪيون ۽ کيس نه رڳو دبئي، پر هندستان ۾ پڻ عزت ڀريو مقام عطا ڪيو. هن وري ڪڏهن به پوئتي مُڙي نه ڏٺو، پر هن دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو.
    شري رام بخشاڻي جڏهن پرڏيهه اُسيو ته دبئي هڪ ننڍو شهر هو، جيڪو ماضيءَ ۾ موتين جي موسم ۾ ڄڻ جيءَ اٿندو هو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان دبئي نه رڳو گلف جو اهم بندرگاهه بنجي ويو، پر حڪمرانن جي پاليسين سبب اڄ دبئي دنيا ۾ نهايت اهم ۽ پرڪشش هنڌ آهي. دبئي اها ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي، رام بخشاڻي لکي ٿو، “دبئي جي حاڪمن نون ايندڙ کي مفت زمين، ٽئڪس کان ڇوٽڪارو ۽ جان ۽ مال جي حفاظت جهڙيون سهولتون آڇي سندن من موهي وڌو. هو ايراني بندرگاهه ڇڏي دبئي لڏڻ لڳا. اها سڀ انهن سهوليتن جي آڇ جو نتيجو هو، جيڪي کين دبئي جي حاڪمن ڏنيون هيون.” دبئي جي ان ترقي جو سڄو نقشو ۽ احوال شري رام بخشاڻي هن ڪتاب ۾ اهڙي ته سهڻي ۽ پيرائتي نموني چٽيو آهي، جو ان مان نه رڳو ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي ٿو، پر اُتساهه پڻ ملي ٿو ته جيڪڏهن امن امان ۽ گڊ گورننس هجي ته پوءِ ڪابه شيءِ اوهان جي ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهي نٿي سگهي. دبئي قديم ۽ جديد جو عجيب سنگم آهي. رام بخشاڻي چواڻي “دبئي پکيڙ جي لحاظ کان يونائيٽيڊ عرب امارات ۾ ٻئي نمبرتي وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ قومون وڏي قرب، پيار، پنهنجائپ ۽ ڀائيچاري واري ماحول ۾ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي گڏجي رهنديون آهن. هن حقيقي اسلامي روايتن ۽ تهذيبن واري سماج ۾ هر شخص ٻئي ماڻهو جي ڌرم ويچار ۽ سڀيتا کي نه رڳو برداشت ڪندو آهي، پر اُن جي دل سان عزت ڪندو آهي. دبئي جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسندؤ ته اوهان کي هن شهر جي ترقي ۽ عروج جي پويان هتان جي حڪمرانن جو وڏو هٿ نظر ايندو. انهن جي دورانديشي ۽ انسان دوستيءَ سبب اڄ دبئي ان جاءِ تي آهي، جتي پهچڻ جي هامَ ڪيترا سڌريل ملڪ به هڻي نٿا سگهن. دبئي انهن ٿورين جڳهين مان هڪ آهي، جتي مسجد ۽ مندر هڪٻئي کان چند قدمن جي مفاصلي تي جڙيل نظر ايندا.”
    رام بخشاڻي پنهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي روايتي انداز کان هٽي ڪري لکي آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي جي واقعن کي ٻڌائڻ بدران پنهنجي تجربن بيان ڪرڻ تي وڌيڪ زور ڏنو آهي ۽ انهن تجربن ٻڌائڻ جي پويان اها نيڪ نيتي شامل آهي ته پڙهندڙ سندن تجربن جي آڌار تي پنهنجي مستقبل جي رٿا بندي ڪن. ائين ‘آکيرا آڪاس ۾’ هڪ گائيڊ بوڪ طور رهبري ڪندو به نظر اچي ٿو.
    شري رام بخشاڻي هن ڪتاب ۾ سندس جن قومن سان واپاري لڳ لاڳاپو ۽ واسطو پيو، انهن جي طور طريقن ۽ عادتن بابت پڻ جامع ڄاڻ ڏني آهي ۽ هنن جي واپاري احوالن تي راءِ ڏيئي ساڻن پنهنجا تجربا بيان ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ هن جپانين جي محنت، مارڪيٽ جانچڻ جي انداز ۽ اُٿي ويٺي بابت نهايت اهم ڳالهيون بيان ڪيون آهن. هو ٻڌائي ٿو ته جپاني ڪڏهن به اڪيلي سر ڪنهن ڪم ۾ هٿ نه وجهندا آهن، هو نهايت سخت ڊسيپلين ۾ رهندڙ، تيز ذهن رکندڙ ۽ اڳلي ڌر جي پچَ تي وڃي کيڏڻ وارا آهن. هو هر شيءِ ڪاميابي توڙي ناڪامي جي جوابداري گڏيل طور تي کڻندا آهن. ٻي جنگ عظيم ۾ تباهي کانپوءِ جپان پنهنجون نيون پاليسيون جوڙيون ۽ انهن پاليسين تي عمل ڪري، ٿوري ئي عرصي ۾ اها تباهه حال قوم اهڙي ته اُڀري آئي، جو اڄ ساڻس ڪلهو هڻڻ به ڏکيو بنجي ويو آهي. رام بخشاڻي پنهنجي تجربي جي آڌار تي ٻڌائي ٿو ته جپانين جي ترقي جو راز تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپ ۾ آهي. ليکڪ جپانين کان ايترو ته متاثر آهي جو لکي ٿو، ‘جپان ۽ جپانين منهنجي زندگي تي اونهون اثر ڇڏيو آهي’.
    ‘آکيرا آڪاس ۾’ ارڙهن بابن تي ٻڌل 394 صفحن تي ٻڌل ڪتاب آهي، ‘بابن جا عنوان ڏاڍا دلچسپ، معنيٰ خيز ۽ با مقصد آهن، جهڙوڪ ‘نئون ڏينهن، نئين شروعات’، ‘موتين جي ڳولها لاءِ غوطا’، ‘جيڪو ڏاڍو سو گابو’، ‘زمانو ڪيترو به بدلجي، حالتون ساڳيون ٿيون رهن، ‘پنهنجي پسند جو سوال’، ‘تبديلي جي ڪا منزل ناهي’، ‘نئين پيڙهي نئين اميد’، ‘ڪراڙو ۽ وڌيڪ ڏاهو’.
    رام بخشاڻي رڳو روايتي واپاري ڪونهي، پر هو پنهنجي جاتي ۽ پنهنجي قوم ڏانهن به پنهنجي پاڻ کي ٻَڌل ٿو سمجهي. ڪتاب جي چوڏهين باب ‘ڇا سنڌيت کي ڪو خطرو آهي يا سڀ ٺيڪ آهي؟’ ۾ پاڻ سنڌين جي محنت ۽ سندن اڳتي وڌڻ جي جستجو تي ڳالهائي ٿو. هن پاڻ به سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچر کي زنده رکڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، پر سنڌي ٿيئٽر ۽ ناٽڪ جي حوالي سان پڻ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ناٽڪن ۾ ڪن موقعن تي پاڻ ڪردار پڻ ڪيا اٿائين، جيڪو خود عملي طور تي هڪ اُتساهيندڙ عمل آهي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو آئيندو ڪو سٺو نظر نٿو اچي، پر پوءِ به اُميد جو دامن هٿان ڇڏڻ نه گهرجي، ٻولي جي زنده رهڻ جي حوالي سان پاڻ لکي ٿو، “ڪا به ٻولي اڪيلي سر پاڻ مرادو زنده رهي نٿي سگهي، ٻوليءَ جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نواڻ جي گهرج هوندي آهي. ان واسطي نئين زماني جي نون لفظن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻو پوندو. ڪي بنيادي اصول ٻيهر جوڙڻا پوندا. زماني سان گڏ هلڻو پوندو، جيڪي رُڪيا سي رهجي ويندا.”
    ڪتاب جو آخري باب ليکڪ جي ڪٽنب، ٻارن جي پالنا ۽ انهن کي پنهنجي دڳ لڳائڻ جي باري ۾ آهي. جنهن مان پتو پوي ٿو ته جيئن ليکڪ واپاري دنيا ۾ ڪاميابي ماڻي، تيئن سندس تربيت ۽ پالنا، سندس ٽنهي نياڻين کي پنهنجي پنهنجي منزل جي چونڊ ۾ بااختيار ڇڏڻ ۽ سندن گهربل رهنمائي ڪري، مٿن پنهنجي مرضي نه مڙهڻ سان کين اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا، ان حوالي سان به رام بخشاڻي هڪ ڪامياب انسان چئبو.
    زندگيءَ ۾ تبديلي تمام ضروري آهي، جن قومن، ملڪن يا فردن پاڻ کي تبديل نه ڪيو، سي وقت گذرڻ سان گڏ فنا ٿي ويا. تنهنڪري تبديل ٿيڻ وقت جي گهرج هوندي آهي، رام بخشاڻي چواڻي، “تبديلي ڪائنات جو قانون آهي، زندگي ۾ ڪا هڪ شيءِ دائمي آهي ته اها آهي تبديلي”. پر اسان تبديلي جي ڳالهه ته ڪندا آهيون، پر چاهيندا آهيون ته ٻيا تبديل ٿين، پر رام بخشاڻي چوي ٿو، “جيڪڏهن مان دنيا کي بدلائي نٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ته بدلائي سگهان ٿو”. هنن لفظن جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته جيڪڏهن ٻين کي تبديل ڪرڻ جي خواهش رکڻ بدران هر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري ته سڀ ڪجهه بدلجي وڃي. رام بخشاڻي جو هي ڪتاب ‘آکيرا آڪاس ۾’ پڙهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ هڪ اُتساهه ٿو محسوس ڪري.دل ۾ هڪ نئين امنگ، جذبو ۽ ولولو ٿو پيدا ٿئي ته اسان سنڌين کي ڪاميابي لاءِ هر ميدان ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي. ‘لي آيو ڪوڪا’ جي لفظن ۾، هلندو رهجي. هلندو رهجي. پوءِ ڀلي وقتي ناڪاميابيون به پلئه پون، پر رام بخشاڻي جي لفظن ۾ ‘سنڌين ۾ حالتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي وڏي شڪتي آهي. هنن ۾ هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته ڪِرڻ کانپوءِ همت ڪري، هڪدم اُٿي نئين سر وري اڳتي وڌڻ جي ڪندا آهن. مٿي تي هٿ ڏئي ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ وقت نه وڃائيندا آهن.’
    جيئن مون مٿي ‘لي آيو ڪوڪا’ جو مثال ڏنو ته هن پنهنجو پاڻ کي يعني پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري ڪاميابي ماڻي، تيئن شري رام بخشاڻيءَ به پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪيو ۽ اعليٰ پد تي پهچي نه رڳو اسان سنڌين لاءِ، پر دنيا لاءِ مثالي شخصيت بنجي ويو آهي.
    رام بخشاڻي جي هيءَ آتم ڪهاڻي پهريون ڀيرو انگريزي ۾ Taking the High Road جي نالي سان ڇپي. جيڪا پوءِ 2004ع ۾ محترم قمر شهباز سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي ۽ سنڌي اڪادمي دهلي پاران 2005ع ۾ ڇپي. ڪتاب جو مهاڳ دادا جي پي واسواڻي لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ‘رام بخشاڻي جي آتم ڪٿا سنڌي جاتيءَ جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ اورچائي جو انوکو داستان آهي.’
    (روزاني سنڌ ايڪسپريس. 30 ڊسمبر 2013ع)
    *


    • سهڪاري ڪتاب

    هن ڪتاب- جي لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان قيمتي حوالا ورتا ويا آهن:

    Sindhis through the aes- vol. 1 and 2 by Prakash Bharadwaj the Sindh story by K.R. Malkani, a saga of trials and triumphs of Sindhis by Mira Govind Advani, Sindhi ain Sindhyat by Ram Panjwani, Sindhis the scattered treasure by Popati Hiranandani.
    Stories about partition of India edited by alok Bhalla Mapping memories edited by Sukrita Paul, The other side of silence, voices from the partition of India by Urvashi Butalia, Father of Dubai: Sheikh Rashid bin Saeed al Maktoum by Graeme Wilson, The Japnese Conspiracy, a strunning analysis of the international trade war by Marvin J Wolf, the development of Japanese Business by Hirschmeir and T Yui.
    From trucial state to united Arab Emirates by Frauke Heardbey, from rages to riches, a story of Abu Dhabi by Muhammad Al Fahim Oil and Politics in the Gulf: Rules and Merchants in Kuwait and Qatar by jill grystal, A short History of Arab peoples by Sir John Gulf. Arabian Sands by Wilfred Thesiger, International Migration and Development in the Arab Region by JS Birks and CA Sinclair, The Global World of Indian Merchats (1750-1747) by Claude Markovits, India Unbound by Gurcharan Das, the times guide to the middle east edited by Peter Sluglett and Marion Farouk- Sluglett, the wells of memory by Easa Saleh al Gurg and the Arab world by Alan M Findlay.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259785
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386716
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ