ڪتاب جو نالو: سنڌ جا املهه هيرا (مضمون)
مصنف: مير نادر علي ابڙو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1727 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 619 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

فھرست

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • ٻه اکر
  • ليکڪ پاران:
  • شخصيتون ۽ خاڪا

  • الله بخش انيس انصاري سنڌ جو ناليوارو افسانا نويس
  • آصف علي زرداري جو صدارتي حلف ۽ سنڌ ۾ قائم اميدون
  • ابراهيم منشي قومي ۽ عوامي شاعر
  • احمد فرا ز
  • ارباب امير حسن جي لاڏاڻي تي هر اک آلي
  • انور پيرزادو ڀٽائي جي لاڏلي جو وڇوڙو
  • ايم ايڇ پنهور سنڌ جي تحقيقدان جو وڇوڙو!
  • برڪت علي بلوچ نامور قانوندان
  • تاج صحرائي ڪتابن، ڀترن ۽ ٺڪرن جو مالڪ!
  • پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري قوم جو محسن
  • پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جو ناليوارو تعليمدان، اديب ۽ محقق
  • پير صبغت الله شاهه راشدي اٺون پير پاڳارو ـــ اميدن جو ڪرڻو
  • جيجي زرينا بلوچ سنڌ مٽيءَ جي عاشقِ
  • جمال ابڙو سنڌي ادب جي يونيورسٽي
  • جگديش ملاڻي جڳ جو جگديش
  • ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار
  • ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي انسان جي روپ ۾ فرشتو
  • ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر منهنجو استاد
  • ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
  • رزاق مهر : هڪ سج جيڪو الهي ويو!
  • رشيد ڀٽي : سنڌ جو وساريل عظيم ڪردار
  • رحيم بخش سومرو : سنڌ جو ناميارو سياستدان
  • راڻا چندر سنگهه : سنڌ جو ڪلاسيڪل سياستدان
  • راڻو همير سنگهه : ڍاٽ جو راڻُو
  • رسول بخش رحيمداڻي سان انصاف ڪير ڪندو؟
  • زيب عاقلي : هڪڙو هو ...
  • سرويچ سجاولي جا خواب ساڀيان ٿي سگھندا؟
  • سيد بچل شاهه : رتوديرو جي هر دل عزيز شخصيت
  • سيدصالح محمد شاهه : ڪچهري جي ڪوڏيئي جو لاڏاڻو
  • سهراب فقير : رهجي ويل يادون
  • سيد ڏاڏا شاهه : غريبن جو همدرد
  • شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: يارن جو يار
  • شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون يادگيريون
  • شاهه مردان شاهه پير پاڳارو
  • شيخ اياز: سنڌ جو مهان ڪوي
  • شهيد ملڪ آگاڻي : ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ
  • شاهنواز جوڻيجو : سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
  • شاهنواز حيدري : بيباڪ ۽ ارڏو صحافي
  • شهيد ڊي آءِ جي عبدالعزيز بلو معروف ايماندار پوليس آفيسر
  • ظفر ڪاظمي: رنگن جي شهنشاهه جو لاڏاڻو
  • عبدالحميد خان جتوئي : سنڌ جو ارڏو قومپرست
  • علي احمد بروهي : اسان جو بزرگ
  • علي شير ڪُٻر : سنڌ جو ارڏو صحافي
  • غلام مصطفيٰ جتوئي : بزرگ سياستدان
  • قاضي فضل الله : سنڌ جو نامور سياستدان
  • قائد اعظم محمد علي جناح : دُکي انسانيت جو درد رکندڙ
  • ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي : هڪ سرويچ ۽ کاهوڙي ڪردار
  • ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي : اڙانگي راهه جو راهي
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون
  • مخدوم طالب الموليٰ : جيڪو سنڌ سان نينهن نڀائي ويو!
  • مولانا جان محمد عباسي : سنڌ جي مشهور مذهبي شخصيت
  • مسڪين جهان خان کوسو : ٿر جو امر ڪردار
  • مخدوم جميل الزمان ۽ اميدون
  • نواب نبي بخش خان ڀٽو : هڪ اعليٰ شخصيت
  • هدايت منگي : صحافي، اديب ۽ نقاد
  • نوان شامل ڪيل مضمون

  • مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي بعد پيل ٿيل خلا
  • محمد ابراهيم جويو: سنڌي ادب جو پارس
  • ڀڳت ڪنور رام ڪير سڏائي
  • الهبچايو کوسو : صدارتي ايوارڊ يافته الغوزي نواز
  • رائيچند راٺوڙ : ٿر جي تاريخ ساز شخصيت
  • آسو ٻائي : سنڌ جي تعليم لاءِ روشن ڪرڻو
  • سنڌ جي استاد گلزار علي خان جي موڪلاڻي
  • آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو
  • ارد شير ڪائوسجي : برک ڪالم نويس
  • شاهن باڊاهي : ناليواري ليکڪ جو وڇوڙو
  • چاچو نواز علي کوسو : ٿر جي پارکو جو وڇوڙو
  • زاهده تاج ابڙو : جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي

  • فھرست

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٻٽيهون (32) ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي اهم شخصيتن تي لکيل ڪالمن يا تاثرات تي شامل آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم مير نادر علي ابڙو صاحب جن آهن. پاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
    اسين ٿورائتا آهيون مير نادر علي ابڙو جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    ارپنا

    سنڌ جي نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ ارڏي صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي والده ماجده ۽ منهنجي ڏاڏي پنهنجي دؤر جي عربيءَ فارسيءَ جي ڄاڻو، نيڪ نمازڻ، تهجد گذار،
    عزيز خاتون جي نالي
    جنهن وڏي پوٽي جي حيثيت ۾ منهنجي ننڍپڻ ۾ پالنا ۽ پرورش ڪئي ۽ پيار منجهان مون تي ’مير‘ نالو رکندي پنهنجي مٺڙي مادري سرائڪي ٻولي ۾ مونکي لولي ڏيندي (ميڏا مير کاسي کنڊون کير) چئي دعائون ڏيندي ڏيندي هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.
    اڄ جيڪي ڪجهه آهيان، انهيءَ جي دعائن بدولت آهيان.
    مير نادر علي ابڙو


    مهاڳ

    يادگيرين کي تازگي مهيا ڪندڙ ڪتاب

    منهنجو دلبند، دلبر ۽ دل گُهري دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ دوست نواز، انسان نواز، سنڌ جو مشهور شخص هيو. ڪامريڊ تاج محمد حيدرآباد جڏهن به ايندو هيو ته مون وٽ مون مٿان احسان ڪري منهنجي گهر اچي ڪچهري ڪندو هو ۽ مون کي ساڻ ڪري ادبيات حيدرآباد توڙي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو گڏ وٺي ويندو هيو. جتي گڏجي ڪتاب ڏسي نوان ڇپجندڙ ڪتاب خريد ڪبا هئا. اهو سلسلو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي وفات تائين يعني ڪافي سالن تائين جاري ساري رهيو.
    مون کي اڄ به چڱي طرح ياد ٿو اچيم ته تاج محمد ابڙو سان گڏ سندس وڏو فرزند مير نادر علي هميشه گڏ ئي گڏ رهندو هيو. ٽيهه سال کن اڳ جڏهن ڪامريڊ تاج محمد ڊسٽرڪٽ سيشن جج خيرپور ميرس هيو ته اتان پٽ مير نادر علي سان گڏ منهنجي گهر آيو. ان وقت ٻئي دوست مير نادر علي کي ساڻ ڪري سنڌي ادبي بورڊ وياسين. اهو ڏينهن فقط مير نادر علي صاحب جي لاءِ ڪتابن وٺڻ جو ڏينهن هيو ۽ جيڪي به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ڇپجي چڪا هئا، سي سڀ جا سڀ مير نادر علي کي سندس والد پرائمري سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ تي تحفي طور وٺي ڏنا. ڪتاب ڪيترا هئا، سڄي جي سڄي گاڏيءَ جي ڊگي ڀرجي وئي. پڻ ڪجهه بنڊل شهزادي نادر علي پنهنجي هٿن ۾ رکيا. همراهه خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو.
    اڄ اهو نادر علي وڏو ٿي جوان مڙس ٿيو آهي ۽ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن جهڙي اهم کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميرپورخاص ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. مون کي هن جي بدلي ٿيڻ جي خبر اخبارون پڙهندي ائين پئجي ويندي آهي جو سندس جنهن ضلعي ۾ مقرري ٿيندي، اتي وڃي ادبي ميلا مچائيندو آهي. اڪثر پيو اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جون ورسيون ۽ سالگراهون ملهائيندو ۽ پيو انهن جي زندگيءَ تي ڪنهن هڪ نه بلڪه سنڌ مان شايع ٿيندڙ سڀني سنڌي اخبارن ۾ مضمون ڇپرائيندو وتندو. مطلب ته هن پوليس آفيسر کي چپ ڪري ويهڻ اچي ئي ڪونه، يا پيو ڪتاب پڙهندو يا پيو لکندو يا پيو ادبي پروگرام ڪندو وتندو. اهو سڄو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تربيت جو اثر آهي، نه ته ڪٿي پوليس ۽ ڪٿي ادب، کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي پر هي نوجوان پوليس ۾ به وڏو نالو ڪمايو ويٺو آهي.
    اڄ سچ پچ ته آءٌ وڏي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته منهنجي جگري جهوني دوست جي فرزند ارجمند مير نادر علي ابڙي پنهنجي والد صاحب جي دوستن ۽ واقفڪارن بابت پنهنجون يادگيريون پنهنجي محترم امر والد جي حوالي سان ساري سنڀالي گڏ ڪيون آهن ۽ خوب لکيون آهن.
    هي ڪتاب سنڌ جا املهه هيرا جي عنوان سان پڙهندڙ حضرات لاءِ سنڌ جي شخصيات جي حوالي سان هڪ تاريخي ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ واقعي املهه تحفي طور يادگار رهندو.
    هن کان اڳ مير صاحب، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ بابت سنڌ جو املهه هيرو نالي سان ڪتاب پڻ شايع ڪرائي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ هي ڪتاب پڙهندڙن جي يادگيرين کي تازگي مهيا ڪندو. گذريل وقت جا هي احوال گڏ ڪري منهنجي پياري دل گُهري دوست جي فرزند، مير صاحب نادر علي ابڙي پوري محنت ۽ حوصلي سان هن تصنيف کي پڌرو ڪيو آهي. جنهن لاءِ هو اسان جون مبارڪون لهڻي.
    سچ پچ ته سنڌ جون هيڏيون هستيون هڪ جاءِ تي گڏ ڪري، هن جوانَ هڪ اهڙو ته گلدستو جوڙيو آهي، جو نئين ٽهيءَ جي اديبن ۾ ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. اڄ اگر اسان جو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو زندهه هجي ها ته هن ڪتاب کي پڙهي، پنهنجي فرزند کي خوشيءَ منجهان چمي ڏئي ها. هن پنهنجي والد جيان ادب جي ننڍڙي عمر هوندي خوب خدمت ڪئي آهي. سندس اهڙو جذبو واقعي وڏي قدر لائق آهي.
    اسان جي دعا آهي شال وڏي حياتي ماڻي ۽ اڃان اهڙا وڌيڪ ڪتاب پيو لکي ۽ پنهنجي والد جي نالي روشن ڪرڻ سان گڏ پنهنجو نالو به روشن ڪندو رهي.
    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد سنڌ
    25 مارچ2012


    ٻه اکر

    محبتن جو هڪ جھان

    مير صاحب نادر علي ابڙو هڪ ته نوجوان، ٻيو پوليس آفيسر ـــ پوءِ به ادب ۽ اديبن تي ايترو لکي، اِها ڳالهه جھڙوڪر اڻ ٿيڻي هئي پر هتي وري حسب نسب ڪم آيو. مير صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو لائق فرزند آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سينئر اديبن، اديبن کي منظم ڪري سنڌي ادبي سنگت هلائيندڙ، هارين جي هلچل ۾ حصو وٺي، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي منظم ڪري جاکوڙيندڙ رهيو آهي.
    آدرشي انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو لائق پٽ هجڻ ڪم آيو ۽ مير صاحب ادب جي ميدان ۾ لهي پيو. سندن ٻولي تمام سٺي ۽ سلوڻي آهي، پيا پڙهو، بور نه ٿيندوُ!
    مير صاحب ڀلو صاحب قلم به آهي، پوءِ ڀلي نوڪري سانگي جتي به رهيو آهي، اتي ادبي تنظيمون ٺاهڻ، تاج اڪيڊميون ٺاهڻ يا لائبريريون منظم ڪرڻ ۾ اڳ اڳرو رهيو آهي. اسين سڀ ادبي لڏي جا ماڻهو دعاگو آهيون ته مير صاحب صحت مند رهي ۽ ادبي ميدان ۾ نوان نوان ليک لکندو رهي. پاڻ ادبي ميگزينن ۽ روزاني اخبارن ۾ پڻ ادبي مضمون لکندو رهيو آهي.
    مون کي بجا طور خوشي آهي ته مير نادر سنڌ جي بيحد اهم ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن تي تفصيلن تحقيق ڪري هن ڪتاب جي صورت ۾ کين هميشه لاءِ تاريخ جي سونن ورقن ۾ سهيڙي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب جي قيمتي مضمونن جي اهميت ۽ افاديت کي علمي حلقو يقينن سمجھي سگھي ٿو، اتي مان نادر کي مبارڪباد پيش ڪندس، جنهن اها ڪاوش سر انجام ڏني ۽ مون کي بلاشڪ هڪ سرهائي محسوس ٿي رهي آهي.
    مير نادر حقيقت ۾ نوجوان هوندي پنهنجي بزرگن سان ڪيتري محبت ۽ لڳاءُ رکي ٿو، ان جو اندازو سندس هنن مضمونن مان لڳائي سگھجي ٿو. سندس لکڻ جو اسلوب برجستو، سونهن ۽ سوڀيا وارو آهي. مضمونن ۾ مختلف هستين بابت سندس تحقيق ۽ کوجنا جي ڪيتري قدر و قيمت آهي، سا لڪيل ڍڪيل نه آهي. مان سندس محنت، محبت کي خراجِ عقيدت ۽ خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو ۽ مون کي خوشي ٿي ٿيئي ته اسان جا نوجوان پنهنجي تاريخ ۽ بزرگن کي زنده جاويد رکڻ چاهين ٿا.
    مير نادر جو والد صاحب ۽ منهنجو بيحد پيارو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ به هڪ علمي ادبي، سياسي، سماجي شخصيت هيو، نادر به پاڻ ملهايو آهي. پنهنجي والد جي نالي تي ’بزمِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪاميٽي‘ جو بنياد وڌائين. هفته روزه اخبار ’تاج‘ جي نالي سان به ڪڍي رهيو آهي. ان کان علاوه اهم شخصيتن جي ورسين ۽ سالگراهن تي نادر مضمون لکڻ ڪڏهن به نه وساريندو آهي. هُو پنهنجي ادب سان رشتو جوڙيندو ٿو اچي.
    هن ڪتاب ۾ اهڙن مڻيادار ماڻهن ۽ تاريخ ساز هستين کي هڪ هنڌ ميڙي سچ پچ ته نادر محبتن جو هڪ جھان ميڙيو آهي.
    مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب شخصيات جي اهميت جي بنياد تي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ پيدا ڪندو.
    ڪامريڊ ڄام ساقي
    اڳوڻو صلاحڪار- وزيراعليٰ سنڌ


    ليکڪ پاران:

    تاريخ جو هڪ باب

    منهنجو هي ڪتاب ’’سنڌ جا املهه هيرا‘‘ جڏهن پڙهندڙ پڙهڻ شروع ڪندا ته يقينن اهو ضرور سوچيندا ته ليکڪ سنڌ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن يعني هڪ ٻئي سان زمين آسمان جيڏا شديد نظرياتي اختلاف رکندڙ هڪ تسبحي ۾ پوئيا آهن. مون گھڻو ڪري ڪتاب ۾ انهن شخصيات تي قلم کنيو آهي، جيڪي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا دوست ساٿي آهن يا سندس واسطيدار آهن. حقيقت ۾ منهنجو ننڍپڻ ملڪ جي تمام وڏين شخصيتن جي ملاقاتن سان ٽمٽار رهيو آهي. انهيءَ جو وڏو سبب منهنجي والد مرحوم جي اوطاق ئي آهي، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجھان سياستدان، اديب، شاعر، ليکڪ، ليڊر، صحافي، سردار ۽ ڪامريڊ ايندڙ ويندڙ هئا ۽ مون کي بابا سائين مرحوم هميشه پنهنجي ڀرسان ويهاريندڙ هيو. اهڙي طرح انهن ڪچهرين ۾ مان به ملڪ جي بيشمار چوٽيءَ جي نامور هستين سان ننڍپڻ ۾ شامل رهيس. هتي سندن نالا لکندس ته پنا کُٽي ويندا پوءِ به انصاف ڪري ڪونه سگھندس. جيڪي به اتي ڪچهري ۾ اديب شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، اُهي اڪثر پنهنجا ڇپيل ڪتاب ضرور بابا سائين کي تحفي طور ڏيندا هئا. پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد شاهه راشدي جڏهن بابا سائين وٽ ايندا هئا يا وري بابا سائين به انهن وٽ ويندو هو، انهن ٻنهي ڀائرن جا لکيل ڪتاب ’’اُهي ڏينهن اُهي شينهن،‘‘ ’’هُو ڏوٿي، هو ڏينهن‘‘ مون ننڍپڻ ۾ پڙهيا ۽ ڪچي ذهن تي مون کي شخصيتن تي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات ته مون 1981ع ڌاران شروع ڪري ڇڏي هئي، ان وقت اسان وٽ سرڪاري طرح سنڌي اخبارون چار اينديون هيون، جن ۾ روزانه آفتاب، مهراڻ، عبرت ۽ هلال پاڪستان. مان انهن چئني اخبارن ۾ ٻارن جي صفحن ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهي کان علاوه گل ڦل توڙي اردو ٻارن جا رسالا نونهال وغيره ايندا هئا. شروع ۾ مون مذهب تي لکيو، بعد ۾ نفسيات تي لکيم. آخرڪار منهنجو قلم وڃي شخصيتن تي راضي ٿيو. انهيءَ جو وڏو سبب اهو هيو ته 10 مارچ 1986ع تي بابا سائين وفات ڪئي. جيڪو منهنجو زندگيءَ جو ڪارو ڏينهن هيو. بابا سائين جي وفات کان پوءِ منهنجو ڪو به دنيا ۾ وڏو ڪونه هيو، نه چاچا نه ماما. اتي بابا سائين جا دوست ئي هيا، جيڪي منهنجا ڇپر ڇانوَ هئا. انهن ۾ پٽيوالي کان وزيراعظم، چيف جسٽس، چيف منسٽر، ميمبر صوبائي/ قومي اسيمبلي، سفير، وزير مطلب ته انهن ۾ هر طبقي جون شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شاعر، اديب، صحافي، وڪيل، واپاري، زميندار، سردار، هاري ۽ ناري. جڏهن بابا سائين جي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ انهن جو به آهسته آهسته هي فاني جھان ڇڏڻ جو سلسلوشروع ٿيو ته مون انهن محسنن، منهنجي وڏڙن جا احسان لاهڻ لاءِ، سندن زندگيءَ ۾ مون کي ڏنل پيار جو قرض لاهڻ لاءِ مٿن قلم کنيو. ڇو ته انهن شخصيات جون اهي شامون جيڪي والد مرحوم جي اوطاق تي گذريون هيون، مون تي انهن جي ڪچهرين ۽ ڳالهين ڪافي گھرو اثر ڇڏيو هيو. سندن هي جھان ڇڏڻ بعد سندن چهرا منهنجا سامهون ڦرندا رهندا هئا، سندن قول ۽ ڪلام منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جو هڪ اڻ وسرندڙ حصو رهيا، ڇو ته ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جا تصور احساس ۽ عمل وسارڻ جوڳا نه هوندا آهن. اهو ئي سبب هيو جو مون والد مرحوم جي انهن دوستن کي هميشه لاءِ تاريخ جو هڪ باب بڻائي ڇڏيو. ۽ سندن زندگيءَ تي مضمون لکي اخبارن ۾ شايع ڪرايم ۽ پڻ ڪوشش ڪري سندن ورسيون به انهي ڏينهن ملهائڻ لڳس ته ڄڻ روح کي سڪون ملڻ لڳو.
    هتي مان هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته جڏهن مون پهريون مضمون هڪ شخصيت تي لکيو هيو ته اهو پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ کي وڃي پڙهايم. ڪامريڊ پڙهي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ هڪ خط اخبار جي ايڊيٽر کي لکي ڏنو ته هي مضمون اخبار ۾ ضرور شايع ڪندا ۽ پوءِ انهي مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ ئي مون باقاعده اخبارن ۾ شخصيات جي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ مون کي سڄي سنڌ مان شاباسي ملي ته ويتر روح کي اتساهه مليو.
    اڳتي هلي ڪافي دوستن چيو ته هاڻي تمام گھڻا مضمون شايع ٿي چڪا آهن، هاڻي انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻيو ته ڏاڍو چڱو ٿي پوي. دوستن جي بيحد اصرار تي آخرڪار هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. جئين ته ڪتاب سهيڙڻ وقت اصل مضمونن جي نه لڀجڻ جي ڪري، هي سڀ مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن تان کنيا ويا آهن، اخبارن ۾ هميشه گھڻو ڪري ليکڪن جا مضمون گھٽائي ڇاپيا ويندا آهن ۽ سندن ڪاٽ ڪوٽ ڪئي ويندي آهي. ان لاءِ اگر ڪنهن به مضمون ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڳالهه رهجي ويل آهي ته اها منهنجي پاران نه بلڪه اخبارن جي غلطي سمجھي وڃي. پوءِ به انهيءَ ڪمي پيشي لاءِ مان معذرت خواه آهيان.
    مون بغير ڪنهن مذهبي، سياسي ۽ قومي تفريق جي، دل جي گھراين سان هي مضمون لکيا اٿم. فهرست ۾ نالا به الفابيٽيڪلي يعني الف، ب موجب رکيا اٿم، جو مون لاءِ هن ڪتاب ۾ ڏنل سڀ شخصيات محترم ۽ قابل احترام آهن، تنهن ڪري مون آڏو ڪنهن کي مٿي، ڪنهن کي هيٺ رکڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. بهرحال شخصيات جي حوالي سان مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب سنڌ ۾ اڳ شايع ٿيل ڪتابن کان منفرد ۽ خاص حيثيت رکندو. انشاءالله.

    مير نادر علي ابڙو
    Cell: 0333-26-18748


    شخصيتون ۽ خاڪا

    الله بخش انيس انصاري سنڌ جو ناليوارو افسانا نويس

    سائين انيس انصاري سان منهنجي پهرين ملاقات 1986ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪرائي. ڊاڪٽر صاحب منهنجو تعارف ڪرائيندي چيس ته هي مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جو فرزند آهي. اهو ٻڌندي ئي سائين انيس مون سان وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڀاڪر پائيندي مليو ۽ چيائين ته ’تون ته منهنجو ڀائيٽو آهين. تنهنجو والد ۽ مان ٻئي پرائمري اسڪول کان هڪٻئي جا پراڻا دوست آهيون.‘ انهي پهرين ملاقات ۾ ئي سائين انيس منهنجي ايترو ته ويجهو ٿي ويو ڄڻ ته ڪو منهنجا ساڻس سالن کان پراڻا واسطا هجن، انهي کان پوءِ سائين انيس سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ۾ مگن هوندا هئاسون. سائين انيس مون کي پنهنجي سروس دوران آيل تجربن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. سائين انيس 1982ع ڌاران اي ڊي ايم طور رٽائر ڪيو هيو. هو پنهنجي سروس ۾ هڪ ايماندار ۽ روب تاب وارو ڪامورو مشهور رهيو. مون کي تڏهن حيرت لڳي جڏهن سائين انيس مون کي ٻڌايو ته هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ باوجود وڏو آفيسر هوندي به پنهنجي رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ٺاهي آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ دوست جي جاءِ ۾ ڪرائي تي رهان پيو. حالانڪه ڪامورا ته وڏا وڏا بنگلا ٺهرائي رهندا آهن. جڏهن به سائين انيس کي ٻاهر ڏسبو هئو ته هو هميشه پنڌ نظر ايندو هو. ٻين ڪامورن کان بلڪل ابتڙ بغير گاڏي جي، ڪپڙو لٽو بنهه سادو، ڳالهائڻ ۾ محبت. مون کي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن مان بيروزگار هئس ۽ سائين انيس مون کي منهنجو هٿ ڏسي اڪثر منهنجي قسمت جو حال ٻڌائيندو هو ته تون عنقريب معتبر آفيسر ٿيڻ وارو آهين ۽ واقعي به ائين ئي مان جڏهن اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته مون کي سائين انيس واري ڳالهه بلڪل سچي لڳي ۽ مان کيس يڪدم مٺائي وٺي پهچايم. مٺائي ڏسي مون کي چيائين ته منهنجي ڳالهه آخر سچي ثابت ٿي. پر هاڻي ياد رک تو تي الله جي ذات وڏا بار رکيا آهن. هميشه خدا جو خوف دل ۾ رکجانءِ، مسڪينن ۽ يتيمن جي دل سان مدد ڪجاءِ. سائين انيس اديب ۽ ڪاموري هجڻ سان گڏ سٺو دستِ شناس به هئو. جنهن جي عام ماڻهن کي گهٽ خبر آهي، هُن جن به دوستن کي قسمت جو حال ٻڌايو، اهو سچو ثابت ٿيندو هئو. سائين انيس ۾ وڏائي ۽ مغروريت بنهه ڪونه هئي، دوست ۽ يار اڪثر پاڻ ملڻ گهر ايندا هئس. سواءِ غمي ۽ خوشي جي سائين انيس دوستن وٽ ڪو نه ويندو هئو. بلڪه اهو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏيندو هو. مون سان هن جي انتها درجي جي محبت هوندي هئي. مان 1993ع ڌاران لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. انهي دوران ڊاڪٽر قمر الدين بوهرا، لاڙڪاڻي ۾ سيشن جج ٿي آيو. جنهن کي ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جنهن مون کي گهرائي چيو ته نادر تون سنڌ جي ادبي گهراڻي جو فرد آهين، تنهن ڪري تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو. مان جنهن مون ضلعي ۾ به جج رهيو آهيان انهي ضلعي تي ڪتاب لکندو آهيان ۽ هاڻي مان لاڙڪاڻي ضلعي تي به ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري اگر تون مون کي لاڙڪاڻي جي اديبن سان ملاقات ڪرائين ته مان کانئن لاڙڪاڻي تي مواد وٺان. انهي سلسلي ۾ مون ڪافي اديبن کي چيو مگر سڀني جج صاحب ڏانهن هلڻ کان معذرت ڏيکاري، هڪ سائين انيس انصاري ئي هئو، جنهن چيو ته مان جج ڏانهن هلندس. جج ڏانهن هلڻ ۾ مان لهي ته ڪونه ويندس ۽ پوءِ مون سان گڏجي هليو ۽ ڊاڪٽر قمرالدين بوهرا کي لاڙڪاڻي متعلق مواد ڏنائين پر جج صاحب جي جلدي بدلي ٿيڻ ڪري سندس لاڙڪاڻي تي ڪتاب لکڻ واري خواهش اڌوري رهجي وئي.
    سائين انيس منهنجي والد جو پراڻو ۽ ننڍپڻ جو دوست هو، تنهن ڪري هن منهنجي والد جي وفات تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو هو، جيڪو هڪ مڪمل، شاهڪار ۽ يادگار مضمون آهي.
    لاڙڪاڻي ۾ سي ايس ايس سينٽر کليو جنهن ۾ سائين انيس اچي ليڪچر وغيره ڏيندو هو. هن کي ڏاڍو چاهه هئو ته مان به سي ايس ايس ڪيان ۽ ڪنهن چڱي پوسٽ تي پهچان. مان سندس اسرار تي سي ايس ايس سينٽر وڃڻ لڳس پر ڪجهه وقت وڃڻ کان پوءِ گهريلو مصروفيت ڪري سلسلو منقطع ٿي ويو.
    سائين انيس کي ادب ۽ تعليم سان ڏاڍو چاهه هوندو هئو. جڏهن سندس ڪتاب ’انيس جا افسانا‘ شايع ٿيو ۽ مشهور ٿيو ته سائين انيس ڏاڍو خوش هئو ۽ تحفي ۾ مون کي انهي جي هڪ ڪاپي به ڏنائين. هو چوندو هو ته نادر مان اي ڊي ايم جي پوسٽ تي علم سان شوق ۽ محنت ڪري پهتو آهيان. مون پنهنجي اولاد کي به سٺي تعليم ڏياري آهي، اهو ئي سبب آهي جو منهنجا فرزند ۽ نياڻيون سڀئي آفيسر آهن، اهي به تعليم سان شوق ۽ محنت سبب پنهنجي قابليت تي ئي انهن عهدن تي رسيا آهن.
    سائين انيس کي لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳن سان دلچسپي رکڻ تي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر کيس لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري مقر ڪيو ۽ کيس ڊي سي آفيس سان لڳ آفيس به فراهم ڪيائون، جتي سائين انيس ويهي تاريخي ماڳن تي تحقيقات ڪندو هئو. مان انهن ڏينهن ۾ بيروزگاري سبب واندو هئس. سائين انيس مون کي فون ڪري گهرائي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هئو، ساڻس ويجهڙائي ڪري منهنجا ادبي لڏي سان تعلقات به وڌيا ۽ وري منهنجي ادبي پرورش به ٿئي.
    سائين انيس کي زندگي جي آخري دؤر ۾ صحت وفا نه ڪئي ۽ هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو، ٻيو ته سندس ڄنگهه جو هڏو وهنجڻ دوران ترڪي پوڻ سبب ٽٽي پيو، جنهن ڪري به هو ڪافي ڏينهن تڪليف ۾ رهيو. سندس آخري ڏينهن ۾ هڪ وڏو صدمو به رسيس، سو هو سندس گهرواريءَ جي وفات جو، جنهن لاءِ سائين انيس اڪثر چوندو هئو ته ڪامياب مرد جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي. منهنجي ڪاميابي پٺيان منهنجي گهر واريءَ جو هٿ رهيو آهي، جنهن مون سان زندگي جي لاهن چاڙهن، خوشي ۽ غمي ۾ مڙس ماڻهو ٿي ساٿ ڏنو.
    آخرڪار سنڌ جي هن نامور شخصيت اديب، مارچ 2000ع تي هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي، وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو. خدا شال جنت ۾ جايون ڏيس.
    ______________________________________________________
    عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، سچ، سنڌو، شام


    آصف علي زرداري جو صدارتي حلف ۽ سنڌ ۾ قائم اميدون

    اڄ آصف علي زرداري ملڪ جي چوڏهين صدر طور قسم کڻي رهيو آهي ته ٻئي طرف صدارتي اليڪشن ۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي تي سموري ملڪ ۾ جشن ملهايا پيا وڃن. ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏئي ڏئي نه پيا ڊاپن. ڀنگڙا ڊانس پئي ڪئي وڃي. فضا ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي” جا نعرا پيا گونجن. ماڻهن ۾ عيد کان وڌيڪ خوشي ڏسجڻ ۾ ملي پئي. لاڙڪاڻي کان نوابشاهه، ڪارونجهر کان ڪشمور تائين رقص ڪيو پيو وڃي. ماڻهن جي خوشين جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي. گهڻي وقت بعد ماڻهن ۾ هڪ ئي امنگ جنم ورتو آهي. هيل تائين محترم آصف علي زرداري جي زندگي تي مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کوڙ سارا تجزيا ڏيکاريا. پڙهيا شايع ڪيا آهن. پر انهن منجهه ڪافي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جو ذڪر ناهي ٿي سگهيو. جن جو ذڪر هن موقعي تي ٿيڻ کپي، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ چاچا حاڪم علي زرداري جا تمام ويجهائي وارا ناتا هئا ۽ ٻئي ڪامريڊي لڏي جا قائل ۽ نظرياتي طور تي ڪامريڊ رهيا. ٻنهي ڄڻن نيشنل عوامي پارٽي ۾ گڏجي ڪم ڪيو.
    هن دؤر ۾ جڏهن سياست ڪرڻ ڪو سولو عمل نه هو. بابا جڏهن نوابشاهه جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو ته هن دؤر ۾ سندن بنگلي تي روز شام جي پهر ۾ ڪچهريون سجنديون هيون. جن ۾ چاچا حاڪم علي زرداري، رسول بخش پليجو، امداد محمد شاهه ۽ ٻيا گڏبا هئا. وڏا سياسي بحث مباحثا سياست کان ادب تاريخ تائين ڪيا ويندا هئا. اهي تاريخي ڪچهريون اڄ به نوابشاهه جا چڱا خاصا جهونا ياد ڪن پيا ۽ سارين ٿا. سن 1983ع ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي بدلي نوابشاهه کان حيدرآباد ٿي ته سندن گهاٽي دوست حاجي سائينداد خان زرداري اسان جي سموري ڪٽنب جي دعوت پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي. جتي وٽس آصف علي زرداري آيو ۽ منهنجي پهرين ملاقات آصف علي زرداري سان اتي ٿي. هن دؤر ۾ آصف علي زردي مون کي هڪ باڪردار، جاکوڙي، پرڪشش شخصيت نظر آيو.
    ڪجهه وقت لاءِ ساڻس ڪچهري ٿي پر بعد ۾ زماني جي مصروفيتن ٻيهر ملاقات جو موقعو نه ڏنو. نوابشاهه واسي لاڙڪاڻي جي تاج محمد ابڙو خاندان ۽ نوابشاهه جي زرداري خاندان کي هڪ نگاهه سان ڏسن ٿا. 1987ع واري دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جو پاڻ ۾ واسطو شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي شادي جي صورت ۾ ٿيو ۽ اتان کان ئي آصف علي زرداري ملڪي سطح جو سياسي اڳواڻ ٿي اڀريو. هن کان اڳ ئي آصف علي زرداري پنهنجي سياسي ڄمار جي شروعات ضلعي ڪائونسل نوابشاهه کان شروع ڪئي ۽ هن کي ڪئين سياسي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون. هاڻوڪي صدارتي چونڊ ۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي پويان حاڪم علي زرداري جا پراڻا تعلقات به نظر ٿا اچن. جيڪي هن صدارتي مهم ۾ ڪم آيا آهن. ولي خان سان حاڪم علي زرداري جا گهريلو تعلقات به هتي ڪم آيا ۽ تاريخ ۾ ڪڏهن به زرداري فيملي نوابشاهه جي سياسي ميدان کي خالي نه ڇڏيو ۽ هميشه سيد ۽ جتوئي گروپ جو مقابلو ڪيو پر جڏهن آصف علي زرداري جي شهيد بينظير ڀٽو سان شادي ٿي ته هن خلاف سازشون شروع ٿي ويون ۽ ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.
    مختلف موقعن تي سندن خلاف قياس آرايون ڪيون ويون پر هي ڪنهن موقعي تي نه منجهيو، نه جهڪيو. جيستائين آصف علي زرداري جي بهادري جو سوال آهي ته پاڻ شهيد بينظير ڀٽو سان شادي کان اڳ ئي تمام گهڻو بهادر رهيو. جڏهن نواب شاهه ۾ غنڊه گردي عروج تي هئي ته پاڻ بلوچستان جي سردار جي پٽ کي تنبيهه ڪئي ته هو پاسو ڪري ۽ کيس سزا طور ٿنڀي ۾ ٻڌي ڇڏيو. هن وقت آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سنجيدگي سان ملڪي معاملا سمجهي جاکوڙي رهيا آهن. انهن جي انهيءَ جاکوڙ تي کين قوم سٺن لفظن سان پڪاري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن آصف علي زرداري صدارتي حلف کڻي رهيو آهي ته سڀ کان وڏا جشن ۽ خوشيون سنڌ ۾ ملهايا پيا وڃن ۽ سنڌ اسيمبلي پنهنجي محبوب ليڊر کي سمورا ووٽ سڀ ويڇا وساري سوکڙي طور گفٽ ڪيا آهن ۽ محبتون آڇيون آهن.
    حرن جي روحاني پيشوا حضرت پير صاحب پاڳاري کان ويندي ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين تائين جنهن ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. سو تاريخ لائق آهي، جنهن لاءِ انهيءَ جي جيتري به تعريف ڳائجي سا اڻپوري هوندي. هتي جي عوام کي ڀروسو آهي ته، آصف علي زرداري جي صدر ٿيڻ کان پوءِ شهيد راڻي محترمه بينظير جا ڏٺل سمورا خواب پنهنجي منزل ماڻيندا ۽ سندن نعرو روٽي، ڪپڙا اور مڪان وارو عملي جامو پائي وٺندو، اڄ سنڌ جو هر ماڻهو آصف علي زرداري جي ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي ٿو ۽ فخر ٿو ڪري ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ور ملڪ جو صدر چونڊاڻو آهي.
    ______________________________________________________________________________
    خبرون، تعمير سنڌ، فيصلو، عبرت ، سنڌو، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، عوامي آواز، هلچل، سنڌو ڊائجسٽ


    ابراهيم منشي قومي ۽ عوامي شاعر

    اڄ اهڙي شخصيت تي لکي رهيو آهيان، جيڪا ڪنهن به طرح سان تعارف جي محتاج نه آهي. ابراهيم منشي تي لکڻ ڪٿان کان شروع ڪجي. ڪٿي ختم ڪجي. آئون منجهي پيو آهيان، هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظ به ڪو نه ٿا ملن ته منشي جهڙي سنڌ جي وڏي قدآور شاعر تي ڪيئن شروعات ڪريان.
    منشي سان منهنجي پهرين ملاقات 1988ع ڌاران ٿي، جڏهن هو لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ سندس وائيٽ هائوس بنگلي تي آيو ۽ مان به ان ڏينهن تي ممتاز علي ڀٽو سان ملڻ آيو هئس. اتفاق سان رش هئڻ سبب منشي ڀرسان جاءِ خالي هئڻ ڪري ساڻس ڀرسان ويهي رهيس. ڀرسان ويهڻ شرط پڇيائين ته ’ابا ڪير مڙس آهين؟‘ ٻڌايو مانس ته ’ابڙو آهيان‘ چيائين ’ڪهڙن ابڙن منجهان آهين؟‘ مون چيو ته ’اوهان ڪهڙن کي ٿا سڃاڻو؟‘ چيائين ته ’جمال ابڙو‘، مون چيو ته ’مان تاج محمد ابڙي جو فرزند آهيان.‘ انهي تي يڪدم اٿي بيهي چيائين ته ’ڀاڪر پاءِ‘ مان اٿي ساڻس مليس. چيائين ته ’تون ته اسان جي محسن جو شهزادو آهين.‘ پوءِ هڪ پنهنجو واقعو ٻڌايائين ته ’’مون تي مارشلا جي دؤر ۾ هڪ ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو هو. تنهنجو والد تڏهن ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو هو. جڏهن مون کي سندس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندس روبرو آيس ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي رڙ ڪري چيو ته منشي توهان! ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پوليس کي چيو ته هن کي منهنجي چيمبر ۾ وٺي اچو. جڏهن مان سندس چيمبر ۾ جوابدار جي حيثيت ۾ ويس ته ڀاڪر پائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي آڌر ڀاءُ ڪندي چيائين ته ’’منشي! هاڻي ڀلا ڪو ماڻهو ضامن، ٿورن پيسن ۾ هاڻي جو هاڻي هٿ ڪري سگهندين.‘‘ چيم ’’ها سائين ٿي ويندو.‘‘ چيائين ته ’’پوءِ وارو ڪر ته هاڻي ٿو ضمانت ڏيان.‘‘ مون چيو ته ’’ڪامريڊ! تون ٻچڙيوال آهين، خبر اٿئي ته مون تي مارشلا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.‘‘ ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته ’’توکي هاڻي جو هاڻي ضمانت تي آزاد ڪندس. باقي منهنجي نوڪري چڙهي آڱوٺي تي.‘‘ سو مان انهي ڏينهن ضمانت تي آزاد ٿيس.“ اهي لفظ چئي منشي وڏو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو.
    ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع ۾ ٽنڊو محمد خان ويجهو ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ اک کولي. هن جي والد محمد اسحاق، منشي ابراهيم کي ملان مڪتب ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. منشي چوٿين درجي ۾ هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. جنهن ڪري هو اڳتي پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. 1949ع ڌاران هن رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس والد به مولود لکندو هو. 1970ع ڌاران اليڪشن ۾ جلسن اندر شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. تنهن ڪري ئي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪافي ويجهو رهيو. جيئن ته منشي غريب طبقي سان واسطو رکندڙ هو، 1960ع ڌاران هڪ ٺيڪيدار وٽ بطور منشي ٿي بيٺو، تنهن ڪري ئي هن تي منشي نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو. منشي ابراهيم جي 1965ع کان باقاعده شاعري منظر عام ٿي ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. سندس شاعري جا 5 مجموعا پڻ ڇپيا. منشي قومپرست پارٽين ۾ شاعري جي حوالي سان جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام ئي گهڻو سياسي طرح سان مشهور ٿيو. شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي. جنهن ڪري 1970ع کان 1975ع تائين جيل جي ياترا به ڪرڻي پيس ۽ پوءِ به 3 دفعا جيل ۾ رهي آيو. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سندس واسطو ممتاز علي ڀٽو سان رهيو. ڪافي وقت ان سان گڏ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ ڪم ڪيائين. جنهن بعد متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان ويجهو رهيو. جيڪو سلسلو زندگي جي آخر تائين جاري رهيو. توڙي سندس سياسي وابستگي ڪافي سياسي پارٽين سان رهي پر سندس شاعريءَ جو محور فقط ۽ فقط سنڌ ڌرتي ئي رهيو. ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن سان بغير ڪنهن لالچ جي رهيو. جيڪي هن جي دلي طرح عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو، ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان سندس محبت ۾ جڙيل رهيا.

    مان 1993ع ۾ بيروزگار هئس اوچتو ابراهيم منشي سان حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي وئي. پڇيائين ته نادر لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ڇو آيو آهين. مون چيو ته روزگار جي ڳولا پيو ڪريان. اهو ٻڌندي ئي چيائين ته مير منور علي ٽالپر ايڪسائيز جو وزير منهنجو دوست آهي. جنهن مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ کي ايڪسائيز جو انسپيڪٽر ڪندو. سو تون منهنجي مرحوم دوست ۽ محسن جو پٽ آهين. اها نوڪري مان توکي ٿو وٺرائي ڏيان. منهنجي پٽ جو ڀاڳ منهنجي پٽ سان. اهو ٻڌي مون الاهي ته ڪيئن منٿون ايلازون ڪري ابراهيم منشي کان معافي وٺي جند ڇڏائي. ته توهان جي پٽ جي نصيب تي مان قبضو ڪونه ڪندس. اها هئي هن جي مرحوم دوست جي اولاد سان سچائي ۽ مرحوم دوست جي قبر کي عزت ڏيڻ .
    هو زندگيءَ جي آخر ۾ دل جگر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ ڪافي ڀيرا اسپتال ۾ به داخل ٿيو. 2001ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي ۽ هو ديوان مشتاق وارڊ ۾ داخل ٿيو. جتي مان ساڻس مزاج پرسي لاءِ عيادت ڪرڻ ويس ۽ مونکي ڏسي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ خوشي مان ڀاڪر پائي وڏي گرم جوشي ۽ محبت منجهان مليو ۽ چيائين ته نادر بابا ٻن ٽن ڏينهن کان اسپتال ۾ بستر مرگ آهيان پر ڪوئي به لڙي پڇڻ به ڪونه آيو آهي. اها ڳالهه ڪري اکيون آليون ڪري ويٺو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذريا، سندس دل جا ٽي وال بند هئا، ڪافي دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿيو، مالي وسيلا نه هجڻ سبب سندس دل جو آپريشن نه ٿي سگهيو. بار بار اپيلن باوجود سرڪار کيس لنڊن نه اماڻيو. آخرڪار هي موتين جهڙو سنڌ جو عظيم ڀلوڙ شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    ابراهيم منشي سومرو ڪير سڏائي. منشي جهڙا شاعر ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندن خال واقعي به ڀرڻ مشڪل آهي.
    ___________________________________________________________________________________
    خبرون، تعمير سنڌ، فيصلو، عبرت، سڪار، سنڌو، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، عوامي آواز، هلچل، سنڌو ڊائجسٽ


    احمد فرا ز

    احمد فرا ز : به اسان کان وڇڙي ويو!
    نالي وارو انقلابي ۽ رومانوي شاعر احمد فراز نيٺ زندگي کان ويڙهاند واري جنگ هارائي ويٺو ۽ قوم هڪ اهڙي عظيم شاعر کان محروم ٿي وئي، جيڪو هر پل پنهنجي قوم لاءِ سوچيندو هو. احمد فراز هند ۽ پاڪ جو عظيم ۽ اردو جو بي مثال شاعر ٿي اڀريو هو. هن جي شاعري وڏي عمر کان ويندي نوجوانن تائين وڏي چاهه سان پڙهي ۽ ٻڌي ويندي هئي. احمد فراز 14 جنوري 1931ع ۾ نوشهره شهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سيد احمد شاهه ۽ تخلص فراز هو. احمد فراز جي مادري ٻولي پشتو هئي. هن پشاور مان اردو ۽ فارسي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ هن پشاور جي مشهور ايڊورس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. احمد شاهه فراز ترقي پسند ۽ انقلابي شاعرن فيض احمد فيض ۽ سردار علي جعفري کان گهڻو متاثر هو. سندس خاندان ڪوهاٽ جي مشهور بزرگ حاجي بهادر سان تعلق رکندڙ هو. سندس والد بعد ۾ لڏي پشاور ۾ رهائش اختيار ڪئي. سيد احمد شاهه فراز هڪ اخبار کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته هو هاڻ ايڏو جهور ٿي چڪو آهي جو شاعري پڙهڻ دوران کيس ڏکيائي پيش اچي ٿي. رياضي ۽ جاگرافي ۾ هو پاڻ کي انتهائي ڪمزور سمجهندو هو. ايستائين جو کيس نقشا به ياد نه رهندا هئا. احمد فراز ننڍپڻ ۾ هڪ عيد تي والد پاران آندل ڪپڙا وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهي ڪپڙا کيس نه وڻيا، بعد ۾ ڪپڙن جو جوڙو پنهنجي وڏي ڀاءُ حوالي ڪيائين ۽ انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي زندگيءَ جو پهريون شعر لکيو ته
    “ليڱ هيڻ سڀ ڪڱ لئڱ ڪپڙي سيل سڱ
    لئڱ هيڻ هماري لئڱ ڪمبل جيل سڱ”
    احمد فراز کي گرمين جي موڪلن دوران پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري وٽ رياضي پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، پر هو اتي رياضي پڙهڻ بدران بيت بازي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ۽ اڪثر فراز پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري کان بيت بازي جي مقابلي ۾ هارائي ويندو هئو پر پاڻ جڏهن شعر لکڻ شروع ڪيائين، تڏهن هن پنهنجي ڪلاس فيلو ڇوڪري کي بيت بازي ۾ شڪست ڏني. نالي واري شاعر احمد فراز پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ريڊيو پاڪستان تان اسڪرپٽ ليکڪ سان ڪئي. هن پشاور يونيورسٽي ۾ اردو پڙهائي. 1976ع ۾ اڪيڊمي آف ليٽرز جو باني ڊائريڪٽر بڻيو، بعد ۾ اتان کان ئي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. احمد فراز ڪيترن ئي سالن تائين نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو چيئرمين رهيو.
    نالي وارو رومانوي ۽ انقلابي شاعر احمد فراز حڪومت ۾ فوج جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو. هن 2004ع ۾ مليل هلال امتياز ايوارڊ 2006ع ۾ حڪومتي پاليسين خلاف احتجاج ڪندي واپس ڪيو. ضياءَ جي مارشل لا واري دؤر ۾ هن فوجي مداخلت خلاف ڪيترائي نظم لکيا، ضياءَ دؤر ۾ ئي هن حڪومت خلاف هڪ نظم پڙهي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو پر بعد ۾ هو پاڻ مرادو ئي جلاوطن ٿي ويو. ٽن سالن جي جلاوطني دوران پاڻ برطانيه، ڪينيڊا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پاڻ سوين انقلابي رومانوي نظم تخليق ڪيائين. احمد فراز ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ کيس بيشمار قومي توڙي عالمي ايوارڊ پڻ مليا. احمد فراز جي مشهور ڪتابن ۾ دردِ آشوب، تنها تنها جانان جانان، ناياب، سب آوازين ميري هين، بي آواز گلي ڪوچون ۾، آئينون ڪي شهر ۾ نابينا، غزل بهانا ڪرون، خواب، گل پريشان هي، سخن آراسته هي، اي عشقِ جنون ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جڏهن ته احمد فراز ڪيترائي نظم لکيا. ان مان انقلابي نظم محاصره سڀ کان وڌيڪ مشهور ٿيو. جيڪو هن جلاوطني جي جيون گهارڻ دوران لکيو هو. احمد فراز جي لاڏاڻي بعد ملڪ هڪ عظيم ۽ وڏي شاعر کان محروم ٿي ويو آهي ۽ ادبي دنيا مڪمل طور تي سوڳوار بڻيل ٿي نظر اچي.
    دعا آهي ته شل رب ڪريم هن عظيم انقلابي انسان کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
    خود به زبان فراز اس تنوع ڪا ذڪر، سنتي چلي
    ڪون اپني طرح ڪه جس،
    ني غم جهان ڪي ستم بهي
    جهلي هون، عاشقي بهي ڪمال ڪي هو
    _______________________________________________________________________________
    شام ، مهراڻ، عبرت مئگزين، هلچل، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار، فيصلو، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ


    ارباب امير حسن جي لاڏاڻي تي هر اک آلي

    ٿر جو هڪ مهان تاريخ ساز انسان، جنهن جي جيءَ ۾ ٿري ماروئڙن جي دردن ۽ تاريخ جا بيشمار باغ سمايل هئا. اهو چهرو ڪلهه يادن جا اڻميا باب ڇڏي جيري جي ڪينسر وگهي، ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان ويڙهاند ڪندي هن ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ارباب امير حسن جي لاڏاڻي تي سموري ٿر جي سياست سانت ٿي چڪي آهي. هن کي سياسي حوالن سان فيصلن ڪرڻ جو تمام وڏو ڏانءُ حاصل هو. سندس بهادري کي ڏسندي هتي جي رهواسين کيس ٿر جي بي تاج بادشاهه جي نانءُ سان نوازيو. پاڻ بزرگ سياستدان هجڻ سان گڏ، نهڙيا برادري جو سردار هو. کيس ٿر جي سياست تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. ڪڏهن ڪنهن آڏو ڪونه جهڪيو، مختلف وقتن ۾ ايم اين اي به رهيو. سندس شمار سياسي ماڻهن ۾ مٿانهين ڪيٽيگري ۾ ڪيو ويندو هو. ٿر جي راڄن ڀاڳن جا فيصلا پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪندو هو. ٿر جي ارباب سياست ۾ کيس تمام وڏي اهميت حاصل هئي. سندس لاڏاڻي جي خبر بعد سموري ٿر ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل نظر ٿو اچي. مون کي اهو ٿو محسوس ٿئي ته ٿر سياسي حوالي سان اڄ محروم بڻجي چڪو آهي، پاڻ انتهائي اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو. ماڻهو کيس دلين ۾ جايون ڏيندا هئا، سندن قرب سان 1960ع کان 1970ع تائين 10 سال ڪلوئي يونين ڪائونسل جو چيئرمين رهيو. تنهن بعد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ مان صرف ٻن ايم پي ايز طور چونڊ کٽندڙ ۾ سندس شمار ڪيو ويو. انهيءَ کان علاوه پاڻ پراڻي ٿر پارڪر مان ايم پي اي چونڊاڻو. 1980ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو. تنهن بعد 1985ع ۽ 1988ع ۾ ٿر جي واحد قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 176 تان ٻه ڀيرا آزاد ايم اين اي بڻيو. سندس لاڏاڻي بعد اولاد ۾ پنج پٽ ارباب نعمت الله، ارباب امان الله، ارباب لطف الله، ارباب محمد عالم، ارباب انعام الله ۽ ٻه بيواهون آهن. سندس ٽي ڀائر آهن، جن ۾ اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، ايم پي اي ارباب حاجي عبدالله، يوسي ڪلوئي جو ناظم ارباب عبدالخالق ۽ ٻيا شامل آهن. سندس ٿر جي حوالي سان خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن. آئون جڏهن ٿرپارڪر ضلعي جو سرڪل آفيسر هئس ته مون کي دلين ۾ جايون ڏيندي چوندو هو ته تون منهنجي ڀاءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو فرزند آهين ۽ هن سان اسان جا گهرا ناتا هئا. پاڻ بابا جي شخصيت کان تمام گهڻا متاثر هوندا هئا ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ سندن مثال ڏيندا هئا ۽ مون کي به جيڪا محبت هن وٽان ملي تنهن کي آئون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اسان جو پاڻ ۾ روحاني رشتو سمايل هو. مون سان جڏهن ۽ جتي به مليو انتهائي پرجوش نموني ڀاڪر ڀائي کلندي مليو. ڳالهائڻ لاءِ ويهندو هو ته لفظ هن جا محتاج ٿي ويندا هئا ۽ هو ڳالهائيندو ئي رهندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحثن ۾ کٽي ويندا هئا. مون کي اڪثر اها ڳالهه چوندو هو ته نادر پٽ تو لاءِ کيتلاري جا دروازا هميشه لاءِ کليل آهن. سندس وٽان جيڪا محبت ملي، اها آئون جيون ڀر وساري نٿو سگهان. سندن لاڏاڻي بعد ٿر جي سياسي ميدان ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي ۽ وري اهڙو انسان جيڪو قرب ۽ محبتون ورهائي اهو شايد ٿرين کي نه ملندو. سندن جيءَ ۾ ٿرين جا مسئلا ۽ ان جا دردِ داستان سمايل هوندا هئا، ان جو خواب هو ته ٿر جديد ٿر بڻجي ۽ هتي جي ماروئڙن کي جيون جي هر سهولت ميسر هجي.
    اڄ سندن تڏو ڳوٺ کيتلاري ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس يادون تازه پيون ڪيون وڃن پر ٿر جا دڙا ۽ ڀٽون سوڳوار آهن، ڇو جو انهن جي رکوالي ڪندڙ انهن کان الڳ ٿي چڪو آهي. سمورا شهر سوڳ ۾ بند، هر اک آلي، آب هاري ارباب امير حسن کي ٿي ساري، ته هو انهن کي اڪيلو ڇو ڪري ويو پر موت برحق آهي، سو اچڻو آهي سو ايندو.
    ارباب امير حسن پنهنجي حصي جو ڪم ٿرين لاءِ ڪري ويو، انهيءَ جي ڪاڄ کي اڳتي وڌائڻ اسان سڀني تي فرض ٿو ٿئي.
    _____________________________________________________________________________________
    سنڌو، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، خبرون، مهراڻ، سوڀ، هلچل، فيصلو، سنڌ


    انور پيرزادو ڀٽائي جي لاڏلي جو وڇوڙو

    سياري جي سرد هوائن ۾ مٺي شهر جي ڀٽن وچ ۾ انور پيرزادي جي لاڏاڻي واري خبر پڙهي سرير مان سياٽيون نڪري ويون. سنڌ کان هڪ مهان ڪردار، هن لاءِ سپنا سانڍيندڙ، ڀٽائي جو پارکو، سچو انسان جدا ٿي ويو، جنهن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي جهڪڻ نه سکيو، هميشه حق ۽ سچ جو علم هٿ ۾ کڻي انسانيت جو پرچار ڪندي بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي بلند رکيو.
    انور پيرزادي جي وڇوڙي بعد سنڌ جي صحافتي ۽ ادبي دنيا ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته ساڻس منهنجي پهرين ملاقات 1986ع ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ ٿي هئي. تڏهن هن سنڌ جي پياري انسان انور پيرزادي مون کي اڻ ميو پيار ڏيندي پڇيو هو ’ابا ڪنهن جو پٽ آهين؟‘ مون وراڻيو ’ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو‘، ته پاڻ وري اٿي اچي ڀاڪر پائي ٻيهر مليو هو. ان کانپوءِ ڪڏهن ٻيهر انور پيرزادي سان ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، وقت جي گهٽتائي ۽ زماني جي مسئلن سبب لک ڪوششن باوجود وري ڪڏهن ملڻ جو موقعو نه مليو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته هو سنڌ جو انتهائي وڏو ذهن، پارکو انسان هو. جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ويهندو هو، ته لفظ گهٽجي ويندا هئا، وقت ختم ٿي ويندو هو پر هو ڳالهائيندو رهندو هو، جيڪو اڄ هميشه لاءِ ماٺ ڪري، منهن موڙي اسان کان هليو ويو. اڄ سموري سنڌ هن جي لاڏاڻي تي سوڳوار آهي. ادبي لڏي کان ويندي صحافتي لڏي تائين سمورا حلقه انور پيرزادي جي لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ اڻ ميو نقصان قرار پيا ڏين. شايد وري ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙو ڪردار جنم وٺي سگهي. هڪ ته اسان وٽ اڳيئي اهڙن ماڻهن جي کوٽ هئي ته ٻئي طرف انهن جي لاڏاڻن سموري ادبي کيتر جي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاش اهڙن مهان انسان جي قدر داني سندن زندگي ۾ ٿئي؟!
    انور پيرزادو ڪيترو وقت موت سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهندو رهيو ۽ هن وچ ۾ هن جي دل تان ڇا ڇا گذري هوندي ۽ اسان جا هن لمحي جيڪي رويا هن سان رهيا، يقينن، انهن به هن کي ڪجهه گهڙين لاءِ احساس جي دنيا۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪيو هوندو. منهنجو بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته پنهنجي علم دوست ڄاڻن جي قدر ڪرڻ جو فن سکو، اها ئي قوم ترقي ڪري سگهندي، جيڪا انهن جي سار لهندي پر اسان اهو سڀ فن وساري ويٺا آهيون. اهو ئي ڪارڻ آهي. جو اسان مان وقت سان گڏ قدرداني وارو فن پنهنجي موت پاڻ مرندو ٿو وڃي، اسان انهن مهان انسانن لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، سواءِ انهن جي لاڏاڻن تي لڙڪ هارڻ جي.
    هاڻ اسان کي اها لڙڪ هارڻ واري رسم پوري ڪرڻي پوندي، انهن جي جيون ۾ ئي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪرڻي پوندي، انور پيرزادي جيڪي سنڌ لاءِ خدمتون سر انجام ڏنيون، هن جي موٽ ۾ هن لاءِ ڪهڙا مسئلا پيدا ٿيا، هن کي ڪيترو ڪجهه ڀوڳڻو پيو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هميشه هڪ وڏو حصو رهندو. اسان ماڻهن کي انهن مهان ڪردارن مان ڪجهه حاصل ڪرڻ کپي ۽ انهن ڪردارن کان هاڻ فراريت اختيار ڪرڻ جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته انور پيرزادي جيڪي رٿائون جوڙيون اسان تن تي عمل ڪريون۔ هن جا سنڌ لاءِ ڏٺل خواب پورا ڪيون. انهي عمل سان جتي انور جي روح کي سڪون ملندو ته اتي وري انهن جا سپنا پنهنجي منزل ماڻي سگهندا.
    ڌڻي در دعا آهي ته شل الله پاڪ کيس سنڌ جي لاڏلي لطيف گهوٽ جي پارکو هن امر انسان انور پيرزادي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
    __________________________________________________________________________________
    هلا ل پاڪستان، عوامي آواز، سنڌ، عبرت، هلچل، سنڌو، مقدمو ، سڪار، خبرون، فيصلو، تعمير سنڌ، سوڀ


    ايم ايڇ پنهور سنڌ جي تحقيقدان جو وڇوڙو!

    اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيو، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري سگهون.
    ايم ايڇ پنهور جي لاڏاڻي تي هر دل دکي آهي، هڪ اهڙو انمول هيرو سنڌ کان وڇڙي چڪو، جنهن هر وقت علم جي واڌاري خاطر پنهنجو نور نچوڙيو. اڄ جڏهن هو ناهي رهيو ته هڪ وڏو خال پيدا ٿي چڪو آهي. زرعي شعبي کان ويندي هر ڏس ۾ هن تحقيق ڪئي ۽ پنهنجي ڏاهپ وسيلي پاڻ مڃرايو. سنڌ جي ناليواري محقق آرڪيالاجسٽ، زرعي سائنسدان ۽ برک ڏاهي ايم ايڇ پنهور جو پورو نالو محمد حسين پنهور هو . هن 25 ڊسمبر 1925ع تي دادو ضلعي ۾ ڦلجي ويجهو ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ جنم ورتو. 1949ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي ڪئي. جنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿيو. جتي هن آمريڪن يونيورسٽي مان ايم ايس سي ڪئي. جنهن بعد زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪافي عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ 1952ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. جنهن بعد کيس ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ مقرر ڪيو ويو. جنهن عهدي تان هو رٽائرڊ ٿيو. ايم ايڇ پنهور 1945ع ۾ مسلم عورت جي نالي تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب تحرير ڪيو. انهيءَ کان علاوه هن ڪيتريون ئي نيون زرعي جنسون متعارف ڪرايون. جن ۾ صوف، ڪيلا، انب، انگور، زيتون، ليمان، مالٽا ۽ چانورن جون مختلف جنسون پڻ شامل آهن، تنهن کان علاوه پاڻ سنڌ ۾ زير زمين پاڻي، آبهوا ۽ زرعي جنسن تي 30 کان مٿي ڪتاب لکيا.
    ايم ايڇ پنهور ’’سومرا دؤر - سنڌ جي تاريخ ۾‘‘ هڪ ڪتاب پڻ لکيو ۽ پاڻ سنڌ جي آرڪيالاجي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو ۽ هڪ ماهر طور سموري دنيا ۾ مڃتا ماڻي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيائين. هن ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جي زير زمينن تي پڻ ڪتاب لکيو. ايم ايڇ پنهور زرعي سائنسدان سان گڏ هڪ وڏو محقق، تاريخدان ۽ برک ڏاهو هو. هن دنيا جي تبديل ٿيندڙ آبهوا ۽ ڏڪار واري صورتحال تي پڻ تحقيق ڪئي. ايم ايڇ پنهور کي سندن خدمتن جي مڃتا عيوض ستارا امتياز سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ڏنا ويا. هن دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪيترن ئي قيمتي پٿرن ۽ نوادرات کي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي گهر جي زينت بڻايو ۽ سوين ڪتابن سان گڏ ڪيتريون ئي ناياب شيون پڻ سندن گهر ۾ محفوظ پيل آهن. سندن لطيف آباد يونٽ 2 وارو گهر ميوزم جي حيثيت رکي ٿو.
    ايم ايڇ پنهور سان بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا دلي رشتا هئا، هو هڪ ٻئي تي ساهه ڏيندا هئا. ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو دوران ايم ايڇ پنهور بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تذڪرو ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو روح هو ۽ اهڙن ڪردارن کي اسان ماڻهو فراموش نه ٿا ڪري سگهون. ڏکي دؤر مان نڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن ماڻهن جي راهه تي هلڻو پوندو.
    هاڻي ضرورت ان شيءَ جي آهي ته ايم ايڇ پنهور جي ڇڏيل تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائجي ۽ هن جي نالي پويان سنڌ ۾ هڪ وڏو تحقيقي ادارو قائم ڪري اتي تحقيق جي حوالي سان ايندڙ نسل کي تعليم ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ اهو ڪم ۽ تحقيقي سلسلو اتي ئي دم ٽوڙي ويهندو. اڄ سموري سنڌ سوڳوار آهي. هر نيڻ آلو آهي، ڇو جو هڪ مهان تحقيقدان سنڌ ڌرتي کان الڳ ٿيو آهي، پر تنهن باوجود به جيسين هي دنيا آهي اوستائين ايم ايڇ پنهور جو نالو هن ڌرتي تي قائم ۽ دائم رهندو ۽ سنڌي ماڻهو هن کي تا دم ياد ڪندا رهندا. منهنجي اها دعا آهي ته شل رب ڪريم سنڌ جي هن مهان ڏاهي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن ونيءَ ۽ خاندان کي صبر عطا فرمائي.


    برڪت علي بلوچ نامور قانوندان

    مان پاڻ کي دنيا جو تمام وڏو خوشنصيب سمجھندو آهيان ڇو جو مون کي منهنجي والد جي مشهور اوطاق تي ملڪ جي چوٽيءَ جي سياستدانن، اديبن، ججن، سردارن، سماج سڌارڪن ۽ نامور دانشورن ۽ ڏاهن شخصيتن سان ڪچهرين ۾ گڏ ويهڻ جو ننڍپڻ کان ئي موقعو مليو. اهڙين ئي شخصيتن منجھان هڪ بابا سائين جو پراڻو دوست برڪت علي بلوچ به هئو. برڪت علي بلوچ جو والد غلام رسول جاگيراڻي قبيلي جا ڪيس بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو اصيل هئو ۽ پنهنجي ڳوٺ توڙي جاگيراڻي قبيلي جا ڪيس بابا سائين کي ئي ڏياريندو هئو. تنهن ڪري چاچي برڪت علي سان منهنجو ناتو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو. 1978ع ڌاران بابا سائين جڏهن سيشن جج جيڪب آباد مقرر ٿيو ته مان شام جو روز سندس گھر سندس ننڍي ۽ دادلي فرزند سرفراز علي سان راند کيڏڻ ويندو هئس. چاچي برڪت علي کان جيترو پيار سندس دادلي فرزند سرفراز کي ٿي مليو، اوترو ئي مون کي به ۽ وري خرچي ۾ به ڳالهه ساڳي ئي هوندي هئي. چاچي برڪت علي جو رب پاڪ اهڙو ته نوراني چهرو بڻايو جو پري کان پئي بزرگي ظاهر ٿيندي هئي، مٿان وري هلڪي ڏاڙهي اڃان به سندس شخصيت کي معتبر ٿي بڻايو. مون کيس جڏهن به ڏٺو تسبي جا مڻيا رب پاڪ جو ذڪر ڪندي اڳتي پوئتي ڪندي ڏٺا. سندس طبعيت اهڙي جو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو. مهمانوازيءَ ۾ سندس دسترخوان شيراز هيو.
    جڏهن مان ڪجهه سال اڳ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جيڪب آباد مقرر ٿيس ته کيس سلام ڪرڻ ملاقات لاءِ سندس گھر ويس. مون کان پڇائين ڪٿي رهيل آهيان. يڪدم موٽ ۾ چوڻ لڳو، ’هي پنهنجو گھر هوندي سرڪاري بنگلي ۾ رهڻ جو مقصد ڪهڙو؟ هاڻي ئي سامان هتي کڻي اچ ۽ اچي هتي رهه. هي تنهنجو پنهنجو گھر آهي. نوڪرن جي هٿن جي ماني ٽڪي ۽ گھر جي ماني ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. بحرحال هو پنهنجي ڳالهه اڳتي ڪندو رهيو ۽ مان ٽال مٽول ڪندو رهيس. پاڻ جڏهن فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر ٿيو ته انهي دوران مختلف وفاقي کاتن سون جي تعداد ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو. اهڙي موقعي تي ملڪ جي بي روزگار ٿيل نوجوانن جو آخري ڪرڻو برڪت علي بلوچ ئي ثابت ٿيو. جنهن پنهنجي نوڪري داءُ تي لڳائي انهن سوين خاندانن جو وساميل چلهو ملازم بحال ڪري وري ٻاريو ۽ ڪنهن به طرح پٺتي پير ڪو نه ڪيو. هن جا واسطا سنڌ ۽ خاص ڪري بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ قانوني شخصيتن سان تمام گھڻا هئا. جن ۾ خاص ڪري مير ظفر الله جمالي، چوڌري افتخار، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جسٽس هزار خان کوسو، جسٽس عبدالرزاق ٿهيم توڙي اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه وغيره سان هئا. اهو ئي سبب آهي جو کيس رٽائرمينٽ کان پوءِ به سنڌ توڙي بلوچستان جي اهم ۽ معتبر عهدن تي مقرر ڪيو ويو. پاڻ سنڌي توڙي انگلش ادب کي خوب پڙهيو. لکائين هڪ اکر به ڪونه پر پڙهيو به گھڻو ته ڪڙهيو به گھڻو. سندس گھر ۾ تمام سٺي قانون جي ڪتابن کان علاوه جنرل بڪس به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. جڏهن به ساڻس ڪچهري ٿيون، مان کائنس تمام گھڻو پرايو. پاڻ جڏهن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ڪوئٽه ٿيو ته مون کي ٿيو ته مون کي ڏاڍو زور ڀريائين ته گرميون مون وٽ ڪوئٽه گذاري وڃ. پر مان ڪوئٽه وڃي ڪونه سگھيس البت منهنجو ننڍو ڀاءُ حيدر علي ابڙو جيڪو پڻ مون جيان چاچي برڪت علي جو دادلو ۽ پيارو هئو سو اهو ڪوئٽه ويو. چاچي برڪت علي کيس پنهنجي ننڍي فرزند سرفراز سان گڏ بلوچستان جي مشهور ماڳن ۽ تفريح جون جڳهيون گھمايون. پاڻ جڏهن جڊيشل اڪيڊمي (هاءِ ڪورٽ)جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته سندس هٿ هيٺ صوبي بلوچستان جا بي شمار جج ٽريننگ ڪرڻ لڳا. جيڪي هاڻي ترقيون ماڻي عدليه ۾ وڏن عهدن تي فائز ٿي چڪا آهن. مان بي. اي، ايم. اي توڙي ايل ايل .بي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪيم، جڏهن مون کي ڊگري وٺڻ جي سلسلي ۾ خيرپور ميرس وڃڻو پيو ته انهن ڏينهن ۾ چاچي برڪت علي جي بطور STA ڪورٽ جي جج جي مقرري ٿي هئي. مان ساڻس ڪورٽ ۾ ملڻ ويس جتي ڪافي دير ڪچهري رهي ۽ مون کي صلاح ڏيندو رهيو ته ايل ايل.بي ڪري، جلد وڪالت لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪر، وڪالت ۾ تون تمام ئي گھڻو ڪامياب ويندين. پوءِ مون ڪئي به وڪالت ئي پر باوجود ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي توڙي اڳوڻي سفارتڪار عبدالرزاق سومري جو جونيئر وڪيل رهندي به منهنجي وڪالت ۾ دل ڪونه لڳي سگھي ۽ سرڪاري نوڪري جي تلاش شروع ڪيم.
    پر چاچي برڪت علي جا لفظ اڃان به دل ۽ دماغ ۾ گونجندا آهن ته ’نوڪري نيچ، اتم کيتي وڌندڙ واپار‘ پر مان پوءِ به سرڪاري نوڪري ورتي ۽ جڏهن مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص ڊويزن مقرر ٿيس ته انهن ڏينهن ۾ چاچو برڪت علي محتسب اعليٰ بدين مقرر ٿيو ۽ اهي سندس زندگي جا آخري ڏينهن هئا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي. کيس شروع کان ئي منهنجي نوڪري ڪرڻ واري ڳالهه ڪونه ٿي وڻي پر چوڻ لڳو ته اگر وڪالت ڇڏي نوڪري ئي ڪئي اٿئي ته مان به تو وانگر پوليس آفيسر ٿيو هيس پر دل نه لڳي، سو نوڪري ڪونه ڪيم. پر تون دل و جان ۽ شوق سان غريبن ۽ مسڪينن جي نوڪري ۾ رهي مدد ڪندو رهجانءِ، ڇو جو تنهنجو والد سنڌ جو عظيم شخص هو. تاج محمد ابڙي صاحب سڄي حياتي سنڌ جي پيڙهيل هاري طبقي ۽ بي پهچ مسڪين ماڻهن جي هڙان توڙي وڙان خدمت ڪندي زندگي گذاري ڇڏي، انهي جي اصولن کي مشعل راهه رکندي نوڪري ڪندو رهه ته انشاءالله تون پوليس جھڙي کاتي ۾ به ڀرپور ڪاميابي ماڻيندين.
    چاچي برڪت علي جھڙي وڏي شخصيت لاءِ هي منهنجا ڪجهه جملا انهي جي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪين آهن پر پوءِ به سندس ياد ته تازي ڪن ٿا.


    تاج صحرائي ڪتابن، ڀترن ۽ ٺڪرن جو مالڪ!

    تاج صحرائي سان منهنجي واقفيت انهي وقت کان هئي. جڏهن منهنجي هٿ ۾ سليٽ ۽ پٽي هئي. 1976ع ڌاران منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج حيدرآباد هو ۽ اسان جو بنگلو سول لائينز ۾ هو. جتي پوري سنڌ جا اديب ۽ شاعر بابا سان ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا. تاج صحرائي به اڪثر استاد بخاري سان گڏ ايندو هو. جتي ٻيا ڪافي اديب، ڪامريڊ، ڄام ساقي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، عبدالحئي پليجو، قاضي اڪبر مرحوم، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ روچيرام ۽ ٻيا کوڙ سارا بابا جا دوست اچي گڏ ٿيندا هئا. تاج صحرائي جي صورت مون کي ننڍپڻ ۾ واقعي به اديبن جهڙي لڳندي هئي. وڏا وار، قلمَ وڏا ڪَنن کان هيٺ، ڪلين شيوَ ڪڙڪيدار آواز، منهن گول، ڳالهائڻ ۾ پيار۽ محبت. مون کان اڪثر درسي تعليم متعلق سوال پڇندو هو ۽ پوءِ پاڻ به مون کي سمجهائيندو هو. هڪ دفعي سوال ڪيائين ته ڀلا ٻڌاءِ ته ڪهڙا جانور آنا ڏيندا آهن ۽ ڪهڙا جانور ٻچا ڏيندا آهن؟ مون هڪ هڪ ڪري پنجن ڏهن منٽن ۾ ٻڌايا. چيائين ته بابا هيڏي دير لڳائي ڇڏيئي. ڀلا ايئن ڇو نه ٿو چئين ته جن جانورن جا ڪن ٻاهر نڪتل هجن اهي ٻچا ڏيندا ۽ جن جا ڪن اندر هجن اهي آنا ڏيندا آهن.
    بابا جي وفات کانپوءِ اسين لڏي وڃي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي پهتاسون. تاج صحرائي اڪثر لاڙڪاڻي ايندو هو. شايد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ويجهو مائٽ هو. انهي وٽ رهندو هو. پوءِ شام جو اديب دوستن سان ملڻ نڪرندو هو، پهرين ته ويندو هو انيس انصاري وٽ، پوءِ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي وٽ ۽ پوءِ ٻين اديبن شاعرن وٽ، هو مون وٽ به ايندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته تنهنجو بابا منهنجو پراڻو يار هو. انهيءَ جو سڪون تو مان پيو لاهيان. هونئن ته تنهنجو بابا منهنجو نالي ڀائي هو. چوندو هو ته سنڌي ادب ۾ اسان تاج محمد نالي وارا باقاعده حاوي آهيون. تاج صحرائي، تاج ابڙو، تاجل بيوس، تاج جويو، تاج بلوچ، ۽ ٻيا نالا ٻڌائي خوشي محسوس ڪندو هو. حقيقت ۾ صحرائي سان منهنجون باقاعده تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون 1997ع ۾ ٿيڻ شروع ٿيون. جڏهن مان دادو ۾ ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿيس. هن ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي ته پاڻ کان ننڍن سان به ايئن ئي ڪچهري ڪندو هو، جو محسوس پيو ٿيندو هو ته ڄڻ اسان به صحرائي صاحب جا گهاٽا دوست ۽ همعصر هجون. دادو پهچڻ تي مون سڀ کان پهريائين فون صحرائي صاحب کي ڪئي. چيائين ته بابا پوءِ جلدي مون وٽ اچ نه، ته ڪچهري به ڪريون ته گڏ ويهي دال روٽي به کائون. سندس گهر وچ شهر جڳت آباد محلي ۾ هو. سندس گهر به ڄڻ سڄي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو محور هو. سندس ڪمري ۾ رڳو ٺڪر ۽ ڀتر رکيل هئا. جيڪي هن سنڌ جي پراڻن ماڳن مڪانن مان تحقيق ۽ گهمڻ دوران هٿ ڪيا هئا. مون کي ڏيکاريندي سندس چهرو ايڏو پئي ٻهڪيو ۽ خوش ايڏو پئي ٿيو جو آئون بيان به نٿو ڪري سگهان. چيائين بابا مون سڄي حياتي سنڌ جي ماڳن مڪانن جي تحقيق ۾ گذاري ڇڏي آهي. سنڌ ڌرتي جو ذرو ذرو جاچي ڏٺو اٿم. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪو نه ڇڏي اٿم جو حسرت رهجي وڃيم. مون کي سنڌ جي انچ انچ سان پيار آهي. پوءِ وري پنهنجي ڀريل ڪتابن واري ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ ڪتاب پڻ ڏيکاريائين ۽ چيائين ته اسان جي ملڪيت اٿئي اهي ڪتاب ۽ سنڌ جا هي ٺڪر ۽ ڀتر، پوءِ ڪنهن کي وڻن يا نه وڻن. پر مون کي جان کان به وڌيڪ پيارا آهن. صحرائي صاحب کي واقعي به سنڌ ڌرتي سان پيار هو. شايد ئي اهڙو ڪو ٻيو سنڌ جو اديب هجي، جو 80 سالن جي عمر ۾ به پيو سنڌ جي تحقيق ڪري. ادا بدر ابڙو به تاج صحرائي سان اڪثر انهن ماڳن مڪانن تي ويندو هو. جيڪڏهن وري ادب ۽ ماڳن مڪانن کان هٽي ڪري کيس ڏسبو ته تعليمدان به چوٽيءَ جو هو. نوڪري دوران سخت اصول پرستي ۽ تعليم کاتي سان اها سچائي ۽ ايمانداري جو پنهنجي پٽ کي به ريسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيائين. هن تاريخ ۽ ادب تي ڪيترائي ناياب ڪتاب پڻ لکيا. قلندر لال شهباز ميلا ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهندو آيو هو. هر سال وڏي شوق ۽ محبت منجهان قلندر لال شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس جو بندوبست ڪرائيندو هو. صحرائي صاحب کي صدارتي ايوارڊ کان به نوازيو ويو هو. آخرڪار هي سنڌ جو مشهور اديب، دانشور، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ 82 سالن جي عمر ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ جيڪو سنڌ ۾ خال پئدا ٿيو آهي، اهو شايد ڪو ٻيو ڀري سگهي. صحرائي صاحب جهڙا سپوت ڌرتي روز روز ڪونه پيدا ڪندي آهي. هن جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو.
    _________________________________________________________________________________
    شام ، عبرت، هلال پاڪستان، سچ، مهراڻ، عوامي آواز، سنڌو، تعمير سنڌ، هلچل، عبرت مئگزين


    پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري قوم جو محسن

    اياز قادري منهنجي والد صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي ويجهو دوست هو. ٻئي يار پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين گڏ پڙهيا هئا، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، ته مون گهر ۾ چاچا اياز قادري جو نالو ٻڌو آهي، اياز قادري اسان جي گهر جو فرد نه هو پر پوءِ به ڄڻ ته هو اسان مان هئو. بابا سائين جي وفات کان پوءِ اياز قادري سان منهنجون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون هيون، مون کيس انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هونئن به قادري صاحب جو گهراڻو اوليا الله وارن جو گهراڻو آهي، لاڙڪاڻي شهر ۾ سندن وڏن جون درگاهون آهن. جتي سندن مريد زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا. اهڙي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سندس گهر ۾ ننڍپڻ ۾ ئي درويشاڻي طرز تي تربيت ٿي هئي. بابا سائين جي وفات کان پوءِ پهرين عيد تي جڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڄ منهنجو ڪو وڏو نه آهي. اهو احساس عين انهيءَ لمحي ختم ٿيو، جڏهن ڏٺم ته قادري صاحب عيد نماز جي فورن بعد منهنجي در تي موجود هو ۽ وڏڙن جيان شفقت جو هٿ منهنجي چهري تي گهمائي عيد مبارڪ ڏنائين ۽ پوءِ اوطاق تي ويهي اسان ڀائرن کي عيد جي خرچي ڏنائين. اهو سلسلو آخري عيد تائين جاري رهيو، جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڪم سانگي لاءِ عيد ڪرڻ اچي ڪونه ٿي سگهيو ته پوءِ سندس هر عيد جيان عيد مبارڪ ڪارڊ ۾ ضرور ايندي هئي. بابا سائين سان هن جو انتها درجي جو پيار هو، اهو ئي سبب آهي جو اياز قادري ئي بابا سائين تي تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي ٺاهي. جنهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت منگي ۽ خود پاڻ نه فقط شامل هئو پر ڪوشش ڪري يادگار ڪميٽي جي ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو هو. کيس تمام گهڻو شوق هئو ته تاج محمد تي ڪتاب ڇپرايون ۽ لاڙڪاڻي شهر جي ڪنهن اهم روڊ جو نالو تاج محمد جي نالي سان منسوب ڪرايون.

    جڏهن بابا سائين جو ذڪر ڪندو هو ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون، هن ۾ محبت انسانيت، پيار، خلوص، مروت ۽ سچائي موجود هئي. سندس طبيعت حساس هئي. جيڪا قدرتي طرح هر شاعر ۾ هجڻ به گهرجي. هڪڙي دفعي چيائين نادر اسان جي سنڌ جي هڪ روايت آهي ته جيئرن سان جهيڙو ۽ مئلن تي ميلو ملهائيندا آهيون، اها روايت تاج محمد سان بنهه ابتڙ ٿي لاڳو ٿئي. ڇو جو هن جي حياتي ۾ سندس اوطاق تي وزيراعظم، صدر، وڏا وزير، گورنر، ڪامورا ۽ ملڪ جون وڏيون وڏيون شخصيتون حاضري ڀرينديون هيون، هاڻي سندس لاءِ ڪو لاڙڪاڻي ۾ روڊ نالي منسوب ڪرائڻ ته ٺهيو، مورڳو سندس قبرستان واري ڀت به حڪومت ڀڃرائڻ کان پوءِ ڪانه ٺهرائي آهي. جنهن سان سندس قبر جي بي حرمتي پئي ٿئي، اها ڳالهه چئي تمام وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ته سنڌي قوم پنهنجي محسنن کي مرڻ کان پوءِ وساريو ڇڏي، حالانڪه ٻاهرين ملڪ ۾ ائين نه آهي.

    هن ۾ پيراڻي گهر جو هوندي به مذهبي ڪٽرپڻو ڪونه هئو، هو نماز به ان طريقي سان پڙهندو هو. هڪ دفعي سندس ڪراچي واري فليٽ تي ڪچهري پئي ڪئي سون ته مغرب جي نماز جو وقت ٿيو، مون کي حيرت لڳي ته نماز قادري صاحب سني طريقي سان ادا ڪيائين، منهنجي پڇڻ تي چيائين ته مقصد ته سجدي سان آهي، شيعي ۽ سني جي بحث ۾ اسان لکيا پڙهيا ماڻهو ڇو پئون. هڪ ٻئي دفعي مون کي جمال ابڙي جي فرزند جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي وڃڻو پيو ته مون کي اياز قادري زوري پاڻ وٽ رهايو. آرام باغ روڊ تي سندس هيٺ مٿي ٻه فليٽ آهن، مٿين فليٽن ۾ مون کي رهايائين، صبح جو ڏسان ته قادري صاحب هٿ ۾ ناشتو، ڏاڪڻ چڙهڻ کان هلاک پر زوري پاڻ کي مٿي پئي ڇڪيائين، مون کيس چيو ته ’’چاچا اوهان ڇو تڪليف ڪئي، اوهان ڪراڙا ماڻهو آهيو. مون کي سڏ ڪيو ها‘‘ چيائين، ’’بابا تون منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جو پٽ آهين. توکي ڪهڙي خبر ته مون کي تنهنجي اچڻ تي ڪيڏي خوشي ۽ آسيس ٿي اچي.‘‘

    بابا سائين 1970ع ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ 1985ع ۾ رٽائر ڪيائين، انهي وچ ۾ ڪڏهن به اياز قادري بابا سائين وٽ غمي خوشي جي موقعي کان علاوه نه آيو، انهيءَ جو سبب پڇڻ تي مون کي ٻڌايائين ته ’’آفيسر ٿيڻ کان پوءِ خوشامدڙيا دوست اڳيان پويان هوندا آهن پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهي غائب ٿي ويندا آهن.‘‘ مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ’’ڀلا هاڻي تون ئي ٻڌاءِ جيڪي تاج محمد جا گهاٽا دوست نوڪري دوران سندس اڳيان پويان گهمندا هئس، اهي هاڻي ڪاڏي ويا؟‘‘
    اياز قادري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ منهنجا هي ڪجهه جملا سندس جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو تمام ننڍڙا آهن پر پوءِ به هن جي ياد تازي ڪن ٿا.
    _____________________________________________________________________________________
    خبرون، جاڳو، برسات، عوامي آواز، سوڀ، تعمير سنڌ، سنڌ، مهراڻ، عوامي فورم، فيصلو، سُڪار، عبرت، سنڌو


    پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي سنڌ جو ناليوارو تعليمدان، اديب ۽ محقق

    1986ع ڌاران مون جڏهن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ورتي ته وڏي حيرت لڳي ته هي سنڌ جو واحد ڪاليج آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ايترا سارا مشهور اديب ۽ شاعر پروفيسرآهن، جن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ، بشير احمد شاد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽ ٻيا کوڙ سارا استاد ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن جو کڻجي. هونئن به لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ليڊرن، اديبن، شاعرن، مذهبي عالمن ۽ دانشورن جي ڌرتي طور مشهور آهي. مون کي شاگردي دوران جن استادن تمام گهڻو متاثر ڪيو انهن ۾ سر فهرست پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي هو. سندس جسماني بيهڪ، ڳالهائڻ جو انداز وري مٿان سندس اکرن جي صورتخطي سندس شاگردن سان اولاد جيان چاهت، سندس ڪهڙي تعريف ڪري ڪهڙي ڪجي. سندس اکرن جي تعريف اڪثر محمد ابراهيم جويو ڪندو رهندو هو ۽ مون کي چوندو هو ته خوش نصيب آهين جو تون ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو شاگرد آهين.
    مو ن کي ياد آهي ته اهو ڏينهن، جڏهن مان سائين عبدالغفور کي چيو ته آئون پري ميڊيڪل مان مطمئن ناهيان ۽ مان شعبو تبديل ڪرائي آرٽس ۾ وڃڻ چاهيان ٿو، ته ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته انهي جي معنيٰ ته تون پڙهائيءَ ۾ جڏو آهين. مون چيو سائين ائين ئي سمجهو. جنهن تي مون کي چيائين ته ڀلا 100 مان 34 مارڪون به نه کڻي سگهندين؟ جنهن تي مون ڪنڌ جهڪايو ۽ سائين عبدالغفور جي ڳالهه کي اڳتي ڪندي پري ميڊيڪل ۾ پڙهيس. خوش ٿيو انهيءَ ڏينهن جڏهن منهنجي ڀيڻ جي شادي سندس مائٽ سان ٿي، ان ڏينهن مون کي چيائين نادر اڳ تون فقط منهنجو شاگرد هئين، پرهاڻي تون منهنجو مائٽ به ٿي ويو آهين.
    پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پهرين سيپٽمبر 1939ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ابتدائي تعليم پنهنجي محلي جي اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ، بي اي، ايم اي ۽ ايل ايل بي جو امتحان لاڙڪاڻي ۾ ڏنائين. 1985ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم فل ڪيائين جو اهو ڪنهن سنڌيءَ کي پهريون اعزاز هيو. پاڻ اڻويهه صديءَ جي نثر تي مقالو لکي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. سنڌي ادب ۽ مذهب سان وڏو لڳاءُ هيس ۽ بيشمار ادبي، مذهبي ۽ درسي ڪتاب لکيائين، هو سنڌ جو وڏو محقق به هو. مون کين ڪاليج ۾ هميشه ٽيبل تي لکندي ڏٺو. اهڙو ڪو لمحو مون پنهنجي شاگرديءَ دوران نه ڏٺو جنهن ۾ اڄ ڪلهه جي نئين ٽهيءَ جي استادن جيان اسٽاف روم ۾ ويهي ڪچهريون ڪري پنهنجو ٽائيم ضايع ڪري.
    هن کي پنهنجي ذاتي لائبريري هئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب هيا. جنهن جي لاءِ چوندو هيو ته مون پنهنجي زندگيءَ جي ڪمائي ڪتابن وٺڻ تي خرچ ڪئي آهي ۽ اها ئي منهنجي وڏي ملڪيت آهي.
    هو هڪ ئي وقت استاد، اديب، شاعر هئو. ته وري اسان شاگردن جي ڇپر ڇانو به هو. کيس اولاد ڪونه هيو سو اهو اولاد کي ڏيڻ وارو پيار به اسان شاگردن کي پنهنجو ٻچو سمجهي ڏيندو هيو. هن جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، سان بغير ڏيکاءُ جي ڪئي. هو بنهه سادو ماڻهو هيو. دنيا جي چالاڪ بازين ۽ اٽڪل بازين کان بنهه پاڪ هو. واقعي به فرشتو صفت انسان هو ۽ اسلامي خيالن ۽ نظريي سان ڀرپور هڪ سچو مسلمان هو، پاڻ انتهائي سادگي، گهٽ ڳالهائڻ، اڪيلائي پسند، شهرت ۽ نمائش کان وئون ويندو هيو . هن ۾ قدرت سچائي، محبت، مخلصي ڪُٽي ڪُٽي ڀري هئي.
    جيئن ته هو اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سنڌي ادب ۽ تعليم کاتي ۾ سندس جُتيءَ ۾ پير وجهڻ وارو مون کي نظر نٿو اچي.
    ____________________________________________________________________________________
    هلچل، تعمير سنڌ، مهراڻ، سنڌ، عوامي آواز، سوڀ، سنڌو


    پير صبغت الله شاهه راشدي اٺون پير پاڳارو ـــ اميدن جو ڪرڻو

    حر جماعت جي روح روان حضرت اعليٰ ستين پير سائين پاڳارا جن جي لاڏاڻي بعد جيڪو سنڌ ۾ سياسي ۽ روحاني طرح سان خال پيدا ٿيو آهي، سو شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگھي. پير پاڳارا جي لاڏاڻي بعد نئين مقرر ڪيل پير پاڳاري سائين صبغت الله شاهه راشدي راجا سائين ۾ هاڻ سنڌ واسين ۽ حر جماعت جون اڻ ڳڻيون اميدون وابسته آهن. راجا سائين کي جنهن وقت پڳ ٻڌائي پئي ويئي ته سندن نيڻ وسڪاري جي بادلن وانگر زارو قطار لڙڪ لاڙي رهيا هئا. هن جا نيڻ جتي پنهنجي والد مرحوم شاهه مردان شاهه ثاني اعليٰ حضرت ستين پير سائين پاڳاري جي لاڏاڻي تي آلا هئا ته اتي سندن حر جماعت جي ايڏي سڄي محبت ۽ مليل ذميواري به هن جي اڳيان تمام گھڻي اهميت ڀريل هئي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن بادشاهن وارو تاج پائي ڪري پهريون ڀيرو حر جماعت جي هجوم کي هن خطاب ڪيو ته هن جا لفظ اڳوڻي پير پاڳاري وارا ساڳيا ئي هئا ۽ هن جماعت کي دعا ڪرڻ لاءِ به چيو ته اها سندس لاءِ دعا ڪري ته هو اهو مليل منصب بهتر نموني هلائي سگهي ۽ حر جماعت جي اميدن تي پورو لهي.

    پير صبغت الله شاهه راشدي نئين پير پاڳاري جي چونڊجڻ بعد حر جماعت کي هڪ نئون پير پاڳارو مليو آهي، پير پاڳارو حر جماعت خاطر هينئر کان ئي وٺي گهڻو ڪجهه سوچي ٿو.

    مون کي ياد آهي ته جڏهن بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسترڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور هوندا هئا ته ان زماني ۾ آئون اٺين ڪلاس جو شاگرد هئس ۽ بابا سائين سان گڏ پير جو ڳوٺ گهمڻ لاءِ ۽ درگاهن جي زيارتون ڪرڻ لاءِ پڻ ويو هئس ته اتي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مون کي حر جماعت ۽ پير پاڳاري جي فيملي جي حوالي سان تمام گهڻو ڪجهه ڄاڻ ڏني هئي، جيڪا ڄاڻ اڄ به منهنجي ذهن ۾ ڪالهه وانگر نقش ٿيل آهي ۽ هونئن به حقيقت آهي ته حر جماعت جو هن ملڪ ۾ هميشه وڏو رول رهيو آهي، جيڪو رول ٻي ڪنهن جماعت ۾ ورلي ئي ڪٿي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، ملڪ کي اندروني توڙي بيروني مسئلا هجن يا پاڪ ڀارت جنگ، هر صورت ۾ هن جماعت ملڪ جي عوام سان ڀرپور وفا ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ملڪ جا چوٽي جا سياستدان، وزيراعظم، صدر ۽ ٻيا به ستين پير پاڳاري جي ڪيل خدمتن تي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪندي نظر اچن ٿا.

    وزيراعظم ته هنن حالتن ۾ اهو به چيو آهي ته هن حالتن منجهه ملڪ کي ستين پير پاڳاري جي تمام وڏي ضرورت هئي. شاهه مردان شاهه جو لاڏاڻو ملڪ لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. نئين پير پاڳاري سائين صبغت الله شاهه راشدي جي به طبعيت اڳوڻي پير پاڳاري جھڙي ٻڌائي وڃي ٿي. هن ۾ به اڳوڻي پاڳاري واريون خوبيون موجود آهن، پاڻ ملڪي سياست تي وڏي نگاهه رکن ٿا ۽ سنڌ حڪومت ۾ چار ڀيرا وزير به رهي چڪا آهن ۽ سندن سياسي حوالي سان هميشه ڳاٽ اوچو رهيو آهي. هاڻ جڏهن پاڻ پير پاڳاري طور چونڊيا ويا آهن ته سندن شخصيت کي ملڪي سطح تي اڃان به وڏي پذيرائي ملي رهي آهي. هاڻ ان ۾ نه صرف حر جماعت جون پر سموري عوام جون نظرون کتل آهن.جيڪي مٿن ساهه ڇڏين ٿيون ۽ هاڻ انهن اڳيان هن جي اهميت تمام اوچي بڻجي چڪي آهي.

    پير جو ڳوٺ جتي اڳوڻي پير پاڳاري جي لاڏاڻي بعد سوڳ واري فضا ۾ ورتل ٿو نظر اچي ته اتي حر جماعت پنهنجي نئين چونڊيل پير پاڳاري تي به فخر ڪري ٿي. پير پاڳاري جي چونڊ وقت جيڪو عالم فضا ۾ ڏسڻ ۾ مليو تنهن کي بيان ڪرڻ جيترا به لفظ مون وٽ ناهن ته انهيءَ عالم کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي. هر طرف ماڻهن جون اوڇنگارون، لڙڪ ، نعرا هئا. پير ڳوٺ ۾ جتي ستين پير پاڳاري جي لاڏاڻي جو غم آهي ته اتي نئين چونڊيل پير پاڳاري جي شفقت ۽ محبتن ڀريو هٿ نه صرف حر جماعت پر پوري ملڪ جي عوام تي آهي. اڄ سنڌ جو هر ٻچو اها دعا پيو گھري ته سائين صبغت الله شاهه راشدي راجا سائين عرف پير پاڳارو چونڊجڻ بعد اڳوڻي پير پاڳاري وانگي سنڌي عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪندو ۽ انهن جي هر ڏک ۽ غم ۾ شريڪ رهندو ۽ ساڳي طرح نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ نماز، روزه رکڻ، پاڙي وارن جو خيال رکڻ ۽ پر امن رهڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو.

    اها دعا ڪنهن هڪ جي نه پوري سنڌ ۽ ملڪ جي عوام جي آهي. هر ڪو اها خواهش ٿو ڏيکاري ته نئون پير پاڳارو ڪنگري هائوس جون ائين رونقون بحال رکندو ۽ ملڪ جا سياستدان وٽس ائين دعائون وٺڻ لاءِ ايندا رهندا، جئين اڳئين پير پاڳاري وٽ ايندا هئا.
    ____________________________________________________________________________________
    (روزانه سوڀ، مهراڻ، هلال پاڪستان، مقدمو، سنڌ)


    جيجي زرينا بلوچ سنڌ مٽيءَ جي عاشقِ

    حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الهداد ۾ 1934ع ۾ جنم وٺندڙ جيجي زرينا بلوچ جنهن جو مائٽاڻو نالو آمنا جلالاڻي هيو. شايد ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته هوءَ اڳتي هلي سنڌي لوڪ گيتن جي راڻي بڻبي ۽ ماڻهو هن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ترسندا ۽ تڙپندا. اڄ هن مهان لوڪ فنڪاره جيجي زرينه بلوچ جي ٽين ورسي سموريءَ سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ سندس شخصيت کي ڀيٽا ڏني پئي وڃي. جيجي زرينا بلوچ اُن ڏهاڪي ۾ سنڌي موسيقي کي سهارو ڏنو، جڏهن اسان وٽ عورت کي ايڏي آزادي نه هئي ۽ ان تي معاشرتي پابنديون ڪجهه وڌيڪ هيون. هن اهڙي دؤر ۾ رهندي هر شيءِ کان بغاوت ڪئي، بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي سنڌي لوڪ گيتن جي دنيا کي آباد ڪيو ته سموري سنڌ ۾ سندس آواز جا چرچا ٿيڻ لڳا.
    پاڻ پنهنجي فني زندگيءَ جو باقاعدي آغاز 1962ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪيو ۽ سندس آواز ريڊيو وسيلي ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ کيرٿر کان ڪارونجهر تائين سنڌي ماروئڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي وقت آئون ڪراچيءَ ۾ سروس ڪري رهيو هوس ۽ ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي واري خبر مون تي باهه جي شعلن جيان برسي، هن لمحي مونکي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ڪو سنڌ جي جيجي اسان کي اڪيلو ڪري منهن ڦيري هلي وئي آهي. ڪجهه گهڙين لاءِ جيون تمام تنگ نظر آيو. سمورو ماحول سوڳوار محسوس ٿيو. دل بي چين ٿي وئي ۽ بيچينيءَ مان ڪئين آهون اندر مان نڪرنديون رهيون ته سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ جيجي اڄ اسان ۾ ناهي رهي ۽ هاڻ هن کي ناهي ورڻو. اهڙي ڪيفيت ۾ دل کي جهلي ڏيڻ لاءِ جيجي جي ڳايل گيتن جو سهارو ورتم ته:
    ٻــي خبر ناهه پـــر مرڻ کان پوءِ
    توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.
    جيجي زرينا بلوچ هڪ خيال خواب ۽ آواز جي روپ ۾ هرپل اسان سان گڏ هوندي. مون کي ياد آهي ته بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ٺٽو طور مقرر هئا ته ان وقت پاڻ جيجي زرينا جي آواز ۽ ان ۾ سمايل درد جا مداح هئا ۽ مونکي اڪثر اهو چوندا هئا ته سنڌ جي دردن جو حقيقي آواز مونکي جيجي زرينه جي آواز ۾ محسوس ٿيندو آهي پر اڄ نه بابا حيات رهيو ۽ نه جيجي زرينا.
    جيجي زرينا بلوچ جون يادون، هن جون اسان کي ارپيل بي پناهه محبتون ۽ هن جو اسان لاءِ ڇڏيل پيغام نصيحتون اڄ مونکي تمام گهڻيون ويجهيون، اثرائتيون محسوس ٿين ٿيون. هوءَ زندگيءَ سان ويڙهاند دوران آخري گهڙين تائين سنڌ جي پارت ڪندي رهي. لاڏاڻي بعد سنڌ جي اندر لوڪ گيتن جي دنيا ويرانن حوالي ٿيل آهي. هاڻ پوءِ لوليون ڏيڻ وارو ناهي بچيو، سموريون دليون جيجي زرينا جي لاڏاڻي تي اڄ ڏينهن تائين دکيل ۽ بي قرار آهن. هر چهرو اداس آهي ۽ نيڻ لڙڪن هاڻا آهن.
    اڄ جيجي کي هن ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو آهي. جنهن مٽيءَ جي هو ازل کان عاشق رهي آهي ۽ ڌرتي لاءِ هن پنهنجو سمورو جيون ارپي ڇڏيو. ڪڏهن اهو پلٽي ڦيري نه ڏٺائين، ته ان جي بدلي ۾ کيس ڇا مليو. جيجي زرينا جو سنڌ سان عشق انتهائي رهيو ۽ هوءَ انهيءَ خاطر ڳائيندي، جهونگاريندي ۽ ماڻهن کي پارتون ڪندي رهي. جيجي نه صرف لوڪ فنڪاره هئي پر سنڌ جي قلمي پورهئي ۾ به هوءَ هڪ وڏو نانءُ آهي.
    سندس تحريرون اڄ به زنده آهن. پاڻ ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪنهن قرباني ڏيڻ کان پٺتي نه رهي. جيجي زرينا بلوچ فن جي سکيا استاد محمد جمن، ماسٽر ابراهيم ۽ ٻين کان ورتي هئي. کيس شاهه عبداللطيف، سچل، قلندر ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو سولين ايوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ پڻ مليو. شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، مجيدي، تنوير عباسي ۽ ٻين جي شاعري جيجي زرينا بلوچ پنهنجي مٺڙي آواز ۾ انتهائي سهڻي نموني ڳائي پر اڄ اسان جي وچ ۾ جيجي ناهي رهي.
    سموري سنڌ اڄ ڏينهن تائين هن جي وڇوڙي جو غم وساري ناهي سگهي ته اتي وري اهو سوال پنهنجي جاءِ والاري ٿو ته ڇا وري ٻيهر ڪا جيجي سنڌ ۾ جنم وٺندي ۽ جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي بعد لوڪ گيتن جو فن اڳتي ترقي ڪري سگهندو. اهي سڀ سوال آهن، جن جا جواب هر ذهن تراشي ٿو. هيل تائين جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي بعد لوڪ گيتن جي دنيا مڪمل طور تي ختم ٿيل نظر ٿي اچي ته ٻئي طرف ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻا سنڌي ٽي وي چئنل، ايف ايم ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي چڪا آهن. جن تي سنڌي نشريات هلي ٿي پر جي اهي سمورا چئنل گڏجي به پون ته به جيجي زرينا بلوچ جو آواز پيدا نٿا ڪري سگهن.
    هاڻ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته جيجي زرينا بلوچ جي لاڏاڻي کان پوءِ هن جي فن کي زنده رکڻ لاءِ سندن ڳايل گيتن جو جديد البم تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندو وڃي. سندن يادگار لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ آندو وڃي ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل سندس پورهئي مان فيضياب ٿي سگهن ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ لوڪ گيتن جي فن کي بچائڻ لاءِ سندن نانءُ تي لوڪ گيتن جي سکيا جو مرڪز قائم ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جيڪا عزت ۽ مرتبو جيجي زرينا بلوچ کي هن جي حياتي ۾ نه ڏئي سگهياسين اهو مرڻ کانپوءِ ڏيڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين. گڏوگڏ جيجي زرينا بلوچ جي روح کي به سڪون ملندو. دل کي آنند ملندي ته هن جي ٻاريل شمع اڃا روشن آهي ۽ اڃا سندس فن جا ڪيترائي عاشق موجود آهن، جيڪي سندن ٻاريل شمع وسامڻ ڪين ڏيندا.
    _____________________________________________________________________________________
    سوڀ، خبرون، عبرت، تعمير سنڌ، فيصلو، مهراڻ، سنڌ، سنڌو ، هلچل عوامي آواز، سڪار، سنڌو ڊائجسٽ، جيجي ڪتاب سهڙيندڙ: نصير مرزا


    جمال ابڙو سنڌي ادب جي يونيورسٽي

    پنهنجي گهر جي ڀاتين تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اڃا تائين پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي به ڪو مفصل مضمون ڪونه لکي سگهيو آهيان. چاچا جمال تي ڪيئن لکان! ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي . چاچا جمال جي ٽيجهي تي سندس پٽ بدر چيو ته مضمون لکجانءِ، سندس چوڻ ته مڃيم، پر ڪٿان کان شروع ڪيان ۽ ڪٿي ختم ڪيان؟ چاچا جمال جيتوڻيڪ اسان جو سڳو چاچو ڪونه هو، پر سنڌ اندر اهوئي مشهور آهي ته جمال ابڙو ۽ تاج محمد ابڙو ٻئي ڀائر آهن. انهي جا الاهي سارا سبب آهن جن مان خاص هي آهن ته چاچا جمال ۽ بابا سائين ٻئي ذات جا ابڙا، ٻئي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج رهيا، ٻئي لاڙڪاڻي جا هيا، ٻئي هڪڙي ئي استاد چاچي شمس الدين ابڙي وٽ وڪالت ۾ شاگرد رهيا، ٻئي اديب، ٻئي سياسي شخصيتون، ادب، عدليا، سياست توڙي ذاتي زندگي ۾ اگر ڪوبه قدم کڻبو ته ٻئي هم صلاح ۽ قدم به قدم ملائي گڏ هليا.
    مان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته چاچا جمال جو نالو گهر ۾ ڪنن تي ٻڌندو اچان ٿو. ياد اٿم ننڍپڻ جا ڏينهن جڏهن بابا سائين ڪراچي هلندو هو ۽ اتي چاچا جمال مون کي آڱر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائيندو هو ۽ وري اهو ڏينهن به ياد اٿم، جڏهن چاچا جمال مون کي ڪراچيءَ ۾ زندگي جي پهرين واچ ننڍپڻ ۾ وٺي ڏني هئي جا مان پائي وڏي فخرمنجهان پنهنجن دوستن کي پيو ڏيکاريندو هئس. اهو ڏينهن به اڃا ڪونه وسريو اٿم، جڏهن هالي ڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ چاچا جمال جي نياڻيءَ جي شادي هئي. سڄي سنڌ مان مخصوص سئو کن معتبر شخصيتون شادي ۾ شريڪ هيون. ان وقت جو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه جڏهن هوٽل ۾ پهتو ته، چاچا جمال بجاءِ پنهنجن پٽن جي پهرين منهنجو تعارف ڪرائيندي غوث علي شاهه کي چيو ته هيءُ ادي تاج محمد مرحوم جو شهزادو آهي. غوث علي شاهه هلي اچي مون وٽ چار پنج منٽ بيهي حال احوال وٺڻ لڳو. شادي ۾ شريڪ سڀ ماڻهو حيرت ۾ هئا ته هيءُ پندرهن سالن جو ٻار ڪير آهي، جنهن سان سنڌ جو حاڪم بيهي رهيو آهي. اها حقيقت ۾ چاچا جمال جي بابا سائين سان محبت هئي. جنهن جو هن اظهار اهڙي نموني ڪرائي سڄي پنڊال ۾ ماڻهن آڏو منهنجي عزت ڪرائي. چاچا جمال جون اهي محبت ڀريون ڳالهيون هن مهل ياد ٿيون اچن ته ڄڻ نٽهڻ اُس ۾ وڏي بڙ جي ڇانوَ کسجي وڃڻ محسوس ڪري رهيو آهيان.
    چاچا جمال ته پنهنجي سر پاڻ سنڌ جي عدليه، ادب ۽ سياست جو وڏو نانءُ ته هيو ئي پر انهيءَ کان علاوه هو سنڌ جي هڪ وڏي نامور هستي علامه علي خان ابڙي جو به سپوت هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي مسلمان ايم اي پاس ڪيل هو. جيڪو پنهنجي دؤر ۾ وڏو عالم دين، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي ۾ اَفيسر هو. جنهن چاچا جمال جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي هن نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ادب جي حوالي سان نالو پيدا ڪيو ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيا. هو رڳو جج يا اديب نه هيو پر هن جي سياست سان به وڏي دلچسپي هئي. هڪ دفعي چاچا جمال پنهنجي حياتي جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو ته ’’تنهنجي والد تاج محمد سان ياراڻي پڪي هيم. مان لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪيل ٿيس ته تاج محمد به لاڙڪاڻي ۾ وڪيل ٿي آيو. اهو سڀ تاج محمد جو ڪرشمو هو جو مان کاٻي ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽي ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستي جي انجمن کولي، اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو، همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لائبريري به اتي ئي قائم ڪئي. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو جو ڪميونسٽ پارٽي جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون، اهو به ڪرشمو تاج محمد جو هيو. مير علي احمد خان ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب نه ڏيندا هئا.
    تاج محمد ذوالفقار علي ڀٽو کي تمام گهڻو ويجهو هيو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هيو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀُٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀُٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان ڳالهه جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري آيو. ذوالفقار علي ڀُٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽي تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀُٽي صاحب ايئن ڪري ڏيکاريو پر پارٽي وارا ٻاهر ڪونه نڪتا.
    سو ذوالفقار علي ڀُٽي تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئو نه پنهنجي دوست ڪامريڊ سوڀي کي ته هو ڪميونسٽ پارٽي کي بي ڌڙڪ منظم ڪري.“
    هڪ ٻيو واقعو چاچا جمال ٻڌايو ته”هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. پويان پاڻ هرتڙن پارٽي اندر ڏنڊا انقلاب (ڪو) ذريعي اٿل پٿل آڻي، قبضو ڪري صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊجي بالم ٿي ويهي رهيا. انهي ڪم جي مون کي ۽ تاج محمد کي ذميواري سونپي وئي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي مدد ڪيو. انهن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا هئا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هيو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽي جي ميٽنگ ۽ ڪارروائي جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون، انهي جڙتو ميٽنگ جي ڪارروائي بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون جو اهو سڀ ڪجهه سچ ٿي لڳو. سو وڏي حڪمت عملي سان هاري حقدار اخبار جنهن تي پابندي هجڻ باوجود ڪنهن طرح سان وڏي محنت ۽ ڪوشش ڪري اسان ٻئي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهچي اخبار محمد عثمان ڏيپلائي جي مدد سان ڇپرائي سون ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسي تي ويهاريائونس.‘‘
    هر انسان پنهنجو وارو وڄائي ويندو، هن ڌرتي تي ڪوبه هميشه لاءِ رهي ڪونه سگهيو آهي پر چاچا جمال جي وفات تي افسوس اهو اٿم ته اسان جا سينيئر اديب آهستي آهستي اکيون ٻوٽيندا پيا وڃن پر اسان نوجوان ٽهي انهن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪونه ٿي سگهيا آهيون، جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ ڪونهي. چاچا جمال واقعي به هڪ بزرگ، الله لوڪ ۽ درويش صفت انسان هيو. هن جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن عيوض سندس نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن جي خوشبو جهڙين لکڻين منجهان اسان جو ايندڙ نسل صدين تائين فيضياب ٿيندو رهندو.
    _________________________________________________________________________________
    خبرون، شام، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ، هلچل


    جگديش ملاڻي جڳ جو جگديش

    سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر جو جڏهن به ذڪر ڪٿي ٿيندو آهي ته مونکي هڪڙو پيارو ماڻهو مٺي ڄايو امر جگديش ملاڻي ياد ايندو آهي. اڄ هن جي وڇوڙي کي 17 سال گذري چڪا آهن پر تنهن باوجود ائين لڳندو آهي ته هو اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هن جا ٽهڪ ۽ تقريرون اڄ به مون کي پڙاڏو بنجي مٺي گڊي واري ڀٽ کان ٽڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. هو ڇا ته انسان هو جنهن وٽ ماڻهپو ۽ انسانيت ئي سڀ کان اتم ذات هئي. هن پنهنجي سموري ڄمار جا پل ٿر جي محروم ماڻهن جي خوشحالي تي گهوري ڇڏيا. هن جا نيڻ ڪڏهن به ستا ڪونه، هو ٿر جي خوشحالي جي آس لڳائي ميلا مچائيندو رهيو. ڪراچي جي ايوانن کان ويندي اسلام آباد تائين ۽ هر نگري ۾ ٿرين جي خوشحالي جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پنهنجو جيون هنن مٿان گهوري ويو پر سندس يادون اڄ به ٿر جي گهر گهٽي ۽ وستي ۾ ماڻهن جي اندر جهاتي پائن ٿيون.
    منهنجو ذاتي طور تي ٿر سان ۽ روحاني قسم جو عشق رهيو آهي ۽ ٿر جي اندر هر وقت سڪ پلجندي نظر آئي آهي. هتي ملندڙ محبتن کي شايد ئي ڪو انسان هجي جيڪو فراموش ڪري سگهي، انهن محبتن جو ٿر جي لوئي ۽ لڄ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ امر جگديش ملاڻي، جنهن جو جنم مٺي برهمڻ گهراڻي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پنهنجي ٻاراتڻ کان ويندي ٺيٺ جوڀن تائين ڀٽو ازم جو ديوانو رهيو. سندن تعلق ڪو وڏي فيملي سان نه هو سندن گهراڻو وچين طبقي سان لاڳاپو رکندو هو. پاڻ محدود وسائل هجڻ سبب انٽر تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ بعد ۾ حيدرآباد جي علائقي شيخ ڀرڪيو ۾ وڃي ميڊيڪل اسٽور کوليو، جتي صبح کان شام تائين ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرڻ بعد پنهنجي سياسي استادن ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ مولابخش چانڊيو وٽ وڃي ڪچهريون رچائيندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد پاڻ اسٽور ڇڏي مڪمل طور سياسي رستو ورتو ۽ سندس سياسي جذبا بم ۽ گولين جيان گجگوڙ ڪري نروار ٿيا ۽ پاڻ سرگرم ڪارڪن طور سامهون آيو، کيس مٺي شهر لاءِ صدر ۽ بعد ۾ ضلعي لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
    سندس شمار انهن جان نثارن ۾ ٿيندو هو جيڪي ڀٽي جي نالي پويان جان ارپي ڇڏيندا هئا، کيس شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سڳن ڀائرن وانگر ڀائيندي هئي ۽ مذهبي تهوار رکشا ٻنڌڻ تي کيس راکي ٻڌندي هئي، هندو ڌرم ۾ رکشا ٻنڌڻ جي ڏينهن هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي سلامتي ۽ وڏي ڄمار لاءِ ڌاڳي جي صورت ۾ راکي ٻڌندي آهي. محترمه نصرت ڀٽو به جگديش ملاڻي کي شاهنواز ڪري سڏيندي هئي. هو واحد ڪارڪن هو جيڪو 70 ڪلفٽن تي رهندو هو. سندس پارٽي سان محبت کي ڏسندي 1988ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني ويئي، جيڪا سيٽ هن اڪثريت سان کٽي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. جتي پهچڻ بعد پاڻ ٿر جي ماڻهن جو آواز بڻجي انهن جي حقن جي حاصلات ۽ مسئلن جي حل خاطر سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڀرپور انداز سان آواز بلند ڪيو. هن جي سياسي بصيرت کان متاثر ٿي سندس مخالف به ديوانا هوندا هئا.
    جگديش ملاڻي سان منهنجي لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۽ سالگرهه جي موقعي تي اڪثر ڪچهري ٿيندي رهندي هئي ۽ انهن ڪچهرين ۾ پاڻ اڪثر طور تي اها ڳالهه ڪندو هو، ته محبتن ۽ مسڪراهٽن جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو ۽ هن ۾ واقعي به اهڙي خوبي سمايل هئي. هن پنهنجي سموري جيون جي اندر ڪڏهن به ذات، نسل، مذهب، متڀيد اونچ نيچ کي اهميت نه ڏني، انهن سمورين شين کان بالاتر بڻجي انسانيت جي خدمت ڪئي. سموري جيون ۾ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ڪٿي ٿڪل نظر نه آيو. هن محلن کي ڇڏي جهوپڙين جي ڳالهه ڪئي ۽ اهي جهوپڙا لانڍيون هن جي سياست جو محور هيون. هو انهن چوئرن ۾ ويهي ٿرين کي سجاڳي جا گيت ٻڌائيندو هو، هن جي اندر ۾ ٿر جي ماڻهن لاءِ انتها جو درد سمايل هيو، هو غريب ٿرين جي نالي ٿيل هو. پ پ سان عشق هئڻ سبب جگديش ملاڻي کي ڪيئي سختيون ڀوڳڻيون پيون. جيلن ۾ وڃڻو پيو پر پاڻ پنهنجي ازم تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. هر سختي برداشت ڪئي پر پنهنجي پارٽي سان ڪيل عشق جو ڀرم رکيو، هن ٿر جي اندر نفرتن جو خاتمو آندو، ٿري ماڻهن کي سندن ووٽ جي اهميت محسوس ڪرائي ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، هن ٿري ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻ ۽ پنهنجا حق ڪيئن وٺجن جو سبق ڏنو. هو ٿر جي سڃاڻپ هيو ۽ ٿر جي شهر مٺي جو اهو ستارو هيو، جيڪو سدائين آسمان تي جگمگائيندو رهندو، هو ٿرين کان اهڙي نموني وڇڙي ويندو جنهن جو تصور ۽ خيال به نه هو ته ڪو هو اوچتو منهن موڙي ويندو. اڄ سندن وڇوڙي کي 17 سال پورا ٿي چڪا آهن، پر ٿر جا ماڻهو اڄ به هن کي پنهنجي وچ ۾ ٿا ڀائين ۽ ملاڻي خاندان جو اهو ساڳيو ئي عشق ڀُٽي خاندان سان هلندو ٿو اچي. هزارين مشڪلاتن باوجود به هر حال ۾ هن خاندان ڀُٽي خاندان سان وفا ڪئي آهي. اڄ جگديش ملاڻي جي ورسي جي موقعي تي جتي ڀُٽي خاندان جا گيت پيا جهونگاريا وڃن ته اتي هزارين ماڻهو جگديش ملاڻي کي به پڪارون پيا ڪن. هي هن جو عشق ۽ محبت هئي جيڪا اڄ آواز بڻجي، ٿر جي هر واهڻ وستي جي اندر گونجي رهي آهي. امر جگديش ملاڻي ۽ سندس دوست ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ سينيئر صحافي فقير محمد لاشاري جڏهن لانگ مارچ لاءِ پارٽي سربراهه محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڏنل سڏ تي اسلام آباد طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ڪار هڪ ٽيلر سان ٽڪرائجي ويئي ۽ اهي مهراڻ جا موتي، سنڌ جا بي مثال ڪردار، موت کي ڀاڪرن ۾ ڀري، جدائي جا جام اوتي اسان کان هميشه لاءِ منهن موڙي ويا.
    جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي جي خبر تي سمورو ٿر رنو هو ۽ هر طرف سوڳوار ماحول جا پاڇا ٿي نظر آيا. سمورو ٿر ۽ انهي جا شهر جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي تي بند ٿي ويا. جگديش جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس مشن جاري رکندي سندس ڀاءُ موتي رام ملاڻي عوامي خدمت جي جذبي کان سياست ۾ پير ڊگهيريا ۽ 1993ع ۾ موتي رام ملاڻي کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اقليتن واري خاص سيٽ تي ايم اين اي جي سيٽ جي ٽڪيٽ ڏني، جيڪا سيٽ هن اڪثريت راءِ سان کٽي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نقشي قدم تي هلندي ٿر واسين جي هر واٽ ۽ وک تي هر سڏ ۾ گڏ رهندي خدمت ڪئي پر وقت جي رفتار ۽ موت جي ديوي موتي رام ملاڻي کي به اسان کان کسي ورتو. تنهن بعد اڄ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ساڳئي واٽ تي هلي رهيو آهي ۽ جگديش ملاڻي جون سڪون لاهي پيو، ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جگديش ملاڻي وانگي انتهائي بيقرار ٿو نظر اچي.
    خدا در دعا آهي ته شل مهيش ملاڻي جگديش ملاڻي جي ڇڏيل مشن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿئي ۽ ٿر دنيا اڳيان دبئي بڻجي وڃي.
    هلال پاڪستان، مقدمو، هلچل، برسات، خبرون، سنڌ، سوڀ، سنڌو، مهراڻ


    ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار

    آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت.
    ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي.
    پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته ’’مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.‘‘
    پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن.

    عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ, هلچل، سوڀ


    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي انسان جي روپ ۾ فرشتو

    ’’نادر بابا! گُل نه پٽ‘‘ اهي جملا هئا، سنڌ جي مهان اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا، جيڪي هن مون کي ننڍپڻ ۾ چيا. جڏهن هو اسان وٽ 1972ع ۾ سکر ۾ ايندو هيو. جتي منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج سکر هيو. انهيءَ وقت ڊاڪٽر صاحب وري اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر هئو. ڊاڪٽر صاحب به لاڙڪاڻي جو هئو ته منهنجو والد به لاڙڪاڻي جو هئو. تنهن ڪري هو اڪثر اچي منهنجي والد وٽ ڪچهري ڪندو هو. انهي ڪچهري ۾ سکر جا اديب به اڪثر شرڪت ڪندا هئا. جن ۾ شيخ اياز، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي، برڪت آزاد، رڪن الدين قاسمي ۽ فتح الله عثماني وغيره، انهي کان پوءِ سکر کان والد جي بدلي ٿيڻ ڪري ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتن جو سلسلو ٽٽو، جيڪو وري 1986ع ۾ ڳنڍيو. جڏهن بابا سائين جي وفات تي اسان به ٿانيڪا ٿي اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
    ڊاڪٽر صاحب جي منهنجي والد سان ڏاڍي محبت هئي. حالانڪه ڊاڪٽر صاحب جو لاڙو مذهب طرف هئو ته وري بابا سائين آزاد خيال هئو. پر ڊاڪٽر صاحب سندس سان دوستي آخري وقت تائين نڀائي.
    ڊاڪٽر صاحب سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون اڪثر انيس انصاري وٽ ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صاحب مون کي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت اڪثر پنهنجا تجربا ٻڌائيندو رهندو هئو. ڊاڪٽر صاحب کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هر گناهه کان دور، بي ضرر انسان، منهن تي مڻيا، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم، سندس چهرو هميشه گلاب جي گل جيان ٽڙندو هيو. وڏڙن لاءِ عزت ۽ ننڍن لاءِ هميشه پيار هيس.
    1991ع ۾ مون جڏهن بي اي پاس ڪئي ته اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هيو، جنهن مون کي چيو ته نادر ايم اي ضرور ڪجانءِ. مون کيس چيو ته هاڻي مون کان محنت ڪرڻ ڪونه ٿي پڄي، هاڻي ڪوشش ڪري نوڪري وٺبي. ڊاڪٽر صاحب مون کي آماده ڪيو ته ايم اي ضرور ڪرڻي اٿئي، مان تنهنجي هر لحاظ کان رهنمائي ڪندس. مون ننڍي جي حيثيت ۾ حڪم جي بجا آوري ڪئي، اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هئو جنهن مون کي پنهنجا ڪتاب وغيره ڏنا ۽ منهنجي اخلاقي مدد ڪئي.
    ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد مرحوم سان دوستي نڀائيندي سندس زندگي تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو، جيڪو هڪ يادگار تاريخي مضمون آهي. انهي کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ئي شوق سان بابا سائين جي حوالي سان تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت الله منگي ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻ انهي يادگار ڪميٽي جا ميمبر هئا. جڏهن به يادگار ڪميٽي جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر صاحب انهي ۾ ضرور شرڪت ڪندو هيو.
    ڊاڪٽر صاحب جو ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جڏهن به سندس اوطاق تي وڃبو هئو ته ڪتابن جي دنيا ۾ مگن هوندو هئو. سندس ادب سان چاهه سبب ئي هن سنڌ کي ڪافي تحقيقي ڪتاب لکي ڏنا، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهن. انهيءَ مڃتا ۾ صدر پاڪستان کيس ايوارڊ سان به نوازيو هئو.
    ڊاڪٽر صاحب جي انتهائي حساس طبيعت هوندي هئي. مون کي ياد ڪو نه ٿو اچي ته مون کيس ڪو ڪاوڙ ۾ ڏٺو هجي. هميشه برف جيان ٿڌو، ڳالهائيندو ته اهڙو فهميدو جو محفل ويهي خاموشيءَ سان ٻڌندي هئس. گهٽ ڳالهائڻو، لهجو بنهه نرم، سندس زبان تي هميشه الله رسول جون ڳالهيون، انسانيت سان پيار، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت انتها درجي جي هئس.
    مون وٽ هڪ ڪتابي سيريز هئي جا روس کان پاڪستان ۾ تمام ٿورين اهم شخصيتن کي ڏني وئي هئي جيڪا 48 جلدن تي مشتمل هئي. انهي متعلق چيائين ته نادر پٽ تنهنجو بابا اسان جو ڀائرن جهڙو پيارو دوست هئو ۽ مون کي ڏاڍو پيارو هئو. اسان سندس سان ڪڏهن به مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ڪئي. هو مذهبي ڪٽرپڻي کان بلڪل پاڪ هئو. انهي جو انسان ذات سان ايڏو ته پيار هئو جو مان اهڙا انسان پنهنجي زندگي ۾ تمام ئي گهٽ ڏٺا آهن. مون کي الله پاڪ جي ذات ۾ پوري اميد آهي ته هو جنت ۾ هوندو. پر توکي مان اهائي صلاح ڏيندس ته تون اها سيريز تحفي ۾ پنهنجي والد جي دوست ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ڏئي ڇڏ ته بهتر آهي. ڇو جو اهي ڪتاب تنهنجي عمر کان وزن ۾ مٿانهان آهن. مون سندس ڳالهه کي اڳتي ڪندي، اها سيريز جيڪا 48 جلدن تي مشتمل هئي، جيڪا پوري هڪ ڪار ۾ به ڪونه پئي ماپي، سا ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي تحفي ۾ ڏنم، انهي سان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به خوش ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب به خوش ٿيو.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جهڙا انسان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن، سندن ۾ سنڌ جون سڀئي روايتون، مهمان نوازي، محبت، پيار، ڀائپي، برادري موجود هيون، افسوس اهو آهي ته اهڙن ماڻهن جي سنڌ ۾ تيزي سان کوٽ ٿيندي پئي وڃي، بزرگ شخصيتن جي جتي ۾ پير وجهڻ لاءِ نوجوان نسل ۾ شوق گهٽ ٿيندو پيو وڃي.
    شال اسان جو ايندڙ نسل انهن بزرگن کي ياد رکي انهن جي نقش قدم تي هلي. ڇو جو اهي جهونا بزرگ ئي سنڌ جي روايتن جا امين هئا.

    خبرون، عوامي آواز، تعمير سنڌ، مهراڻ، سوڀ، عبرت، سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل، سڪار


    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر منهنجو استاد

    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت 1988ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.
    1993ع ۾ مون جڏهن وڪالت شروع ڪئي ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي ڪاري ڪوٽ ۽ ٽائي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مهرباني ڪري هاڻي پنهنجي الڳ وڪالت جي آفيس کولي ۽ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وانگر غريب ۽ مسڪينن ماڻهن جي دل سان مدد ڪر. مون سندس چوڻ تي پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اجازت سان آفيس کولي، منهنجي آفيس (چيمبر) جو افتتاح ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، هدايت منگي، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڻ ڊاڪٽر سوڍر ۽ ڪجهه ٻين وڪيل دوستن ڪيو. بعد ۾ مان جڏهن وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون ادبي گهراڻي جو فرد آهين، هاڻي جي اگر تون پوليس کاتي ۾ ويو آهين ته مهرباني ڪري قلم نه ڇڏجانءِ، پنهنجي خانداني ادبي روايت آڏو پوليس کاتو رڪاوٽ نه بڻائجانءِ. مون ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ لکڻ جاري رکيو. جڏهن به منهنجا مضمون وغيره اخبارن ۾ ايندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون سروس ڪري تعليم کي نه ڇڏ، بلڪه هڪ ايم اي ٻي به ڪر! مون اڳ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب جي اسرار تي مون ٻي ايم اي انٽر نيشنل رليشنس ۾ به ڪئي.
    ڊاڪٽر سوڍر بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار هئو، شروع ۾ هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون تنهن ڪري ئي هن ٽي وي لاءِ ڊراما ’نصيب‘ ۽ ’ڏاڏاڻي ڏيهه لکيا، جيڪي انهي دؤر ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيا. لطيف سرڪار جو هو شروع کان ئي شيدائي هو. اهو ئي سبب هئو جو هن پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لاءِ به سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف جي موضوع تي مقالو لکيو ۽ 1988ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهي ٿيسز کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي 1991ع ۾ ڇپايو. ڊاڪٽر سوڍر لطيف سرڪار جو پڪو شيدائي هجڻ ڪري هن شاهه صاحب تي ڪافي مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. نه فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي پر هو سچل سرمست سان به وڏي عقيدت رکندڙ هو. هن سچل سائين تي به ڪافي تحقيقي جاکوڙ ڪئي. هر سال سچل سائين ۽ لطيف سرڪار جي ميلن تي هو ادبي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. سنڌ جي ماڳ مڪانن سان پڻ هن جي خاص دلچسپي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هو ڪافي دفعا ٿر جي ياترا ڪري آيو ۽ ٿر تي ڪافي معلومات حاصل هجڻ ڪري هن مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر سوڍر جهڙا استاد ۽ اديب سنڌ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهن. سندس بي وقتي موت سنڌ کان هڪ عظيم استاد ۽ هڪ مهان محقق کسي ورتو آهي. ڪاش هن موت تي شل موت اچي جو اهڙن عظيم ڌرتيءَ جي سپوتن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري.
    عوامي آواز، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، عبرت، سچ


    ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو

    ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجو تعلق منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو، تنوير عباسي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي پيارو ۽ پراڻو دوست هو، 1978ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور ميرس ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سڪ ۽ محبت منجهان تقريبن هر روز بابا سائين سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. هو خيرپور ۾ اسان جو فيملي ڊاڪٽر به هو، ڄڻ گهر جو ڀاتي به هو. مون ننڍپڻ کان وٺي ڊاڪٽر صاحب کي هميشه کلندي ملندي ڏٺو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو هو.
    مون کي چڱي طرح ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن کيس تمام گهڻي خوشي ۾ ڏٺو هيم، اهو موقعو هو سندس پٽ سرمد جو آمريڪا وڃڻ جو اجازت نامو خيرپور پاڪستان پهچڻ. مون هن ۾ هڪ خاص ڳالهه ڏٺي، سا هئي سندس طبيعت ۾ حساسيت جيڪا هڪ شاعر ۾ هجڻ به کپي، ڊاڪٽر صاحب انتهائي محبت مان غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي تپاسيندو هو. ڪڏهن به مريض کان في وغيره جي لالچ نه ڪيائين هو فرشتو صفت انسان هو.
    مان بي اي کان وٺي ڊبل ايم اي ۽ ايل ايل بي تائين لطيف يونيورسٽي مان پڙهيس جيڪڏهن ڪڏهن به مون کي ڪو يونيورسٽي مان سرٽيفڪيٽ کپندو هو ته هو فقط منهنجي لاڙڪاڻي مان فون ڪرڻ تي ڪڍرائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندو هو.
    هن نفسانفسي واري دؤر ۾ تمام ٿورا انسان وڃي بچيا آهن، جيڪي پنهنجن دوستن سان نڀائين. مگر ڊاڪٽر تنوير ته اهو انسان هو جيڪو پنهنجي دوست جي وفات کان پوءِ به اسان سان نڀائيندو آيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو، 1980ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب ٺٽي ضلعي جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ اسان وٽ پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي فرزند سرمد سان گڏ آيو. ڪچهري ۾ ڊاڪٽر صاحب چيس ته بابا گرم چانهه مٿان ٿڌو پاڻي نه پي پر سرمد ضد ڪري مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ لڳو. انهيءَ ڳالهه تي بابا سائين کي به ڪاوڙ لڳي ته پيءَ جي ڳالهه پٽ آخر ڇو ڪونه ٿو مڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ٿڌائي مان انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪري ويو ۽ مسڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون پنهنجي ڪار تي وٺي وڃي قديم آثار ڏيکاريا، گهمي جڏهن بس ڪيو سون ته ڊاڪٽر صاحب بار بار مهرباني مهرباني چئي رهيو هو.
    بابا سائين جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد صاحب سان دوستي نڀائيندي سندس ياد ۾ هڪ مضمون لکي سنڌ جي تقريبن سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو. هڪڙي دفعي منهنجو يونيورسٽي وڃڻ ٿيو ته اتي حميد سنڌي سان ڪافي اديب موجود هئا، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل ۽ غلام رباني آگرو به موجود هئا. جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مونکي ڏٺو ته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان مليو. سڀني سان منهنجو تعارف ڪرايائين، زوري منجهند رهائي پاڻ سان گڏ ماني پڻ کارايائين. سنڌي اخبارن ۾ جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد وڃڻ جون خبرون پڙهيم ته کيس خط لکيم ته ٻن ٽن ڏينهن کان مسلسل اوهان جي خيرپور ڇڏڻ جا بيان وغيره اچي رهيا آهن ته ’’خيرپور ميرس ڇڏي رهيا آهيون. مري ته ڪو نه رهيو آهيان‘‘ توهان جي زبان مان ته شايد آساني سان نڪري آيا هوندا پر توهان جي چاهيندڙن تي يقين ڪيو پهاڙ وانگر ڪريا هوندا. شاعر رڳو پنهنجي اولاد جي ملڪيت ڪونه هوندا آهن. اهي ته عوام جو اثاثو هوندا آهن، هاڻي خيرپور ميرس اٻاڻڪو محسوس ٿيندو ڇو جو هاڻ تنوير عباسي خيرپور ميرس جي پهچان ۽ خيرپور ميرس تنوير عباسي جي پهچان ڪونه هوندو.
    منهنجي انهيءَ خط جي جواب ۾ پاڻ به خط لکيائين ته پيارا ايترو مايوس نه ٿيو آخر مون کي به اولاد جو سهارو گهرجي. جنهن لاءِ 11 سال سڪيو آهيان. اوهان ۽ سنڌ سان ساڳيو لاڳاپو رهندو. سنڌ لاءِ ته ڪم هر هنڌ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪندو به رهندس.
    سندس انهي خط پهچڻ کان پوءِ ڄڻ ڊاڪٽر صاحب جي مجبوري سمجهي اسان قبول ڪيو ته هو ڀلي پنهنجي اولاد سان اسلام آباد رهي. جيڪڏهن هو فقط اسلام آباد وڃي رهي ها ته، اهو ته کڻي سنڌي برداشت ڪري وڃن ها پر هي هميشه واري جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. سندس تازي گلاب جيان هميشه کلندڙ ٽڙندڙ چهرو اکين آڏو ڦري رهيو آهي.
    هو سنڌ جو شاعر ته هو ئي پر هو سنڌ جو مهان ۽ منفرد ڊاڪٽر به هو. جنهن مرڻ کان پوءِ به ڪنهن بيمار کي ڊاڪٽر ۽ مريضن وارو رشتو تاريخ ۾ امر ڪندي ساهه نڪرڻ کان پوءِ به اکيون دان طور ڏيندي نڀايو. سندس وصيت هئي، ته شاگرد ۽ ڊاڪٽر ڀلي منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي جسم تي تجربا ڪن ته جيئن انهن تجربن جي آڌار تي مريضن جا مرض ۽ تڪليفون دور ٿين. اهي ڳالهيون ۽ عملي ڪم ڪنهن مسيحا کان گهٽ ڪونه آهن. منهنجا هي ڪجهه جملا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ناهن پر اڄ هو ايترو ياد اچي رهيو آهي جو لکڻ کان به رهي نه ٿو سگهان.

    خبرون، جاڳو، برسات، تعمير سنڌ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، سچ، سڪار سنڌو، فيصلو ،
    عوامي آواز


    رزاق مهر : هڪ سج جيڪو الهي ويو!

    1987ع ڌاري مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، خبر پئي ته پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتن ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ، ڪچهري ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس مٺڙي ڪچهري پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي پهتو ۽ چيائين ته ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن، تنهن ڪري مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته مون کي پاليسيون ڏين. انهي سلسلي ۾ مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي. مطلب ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ 20 جولاءِ 1954ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا. پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا، انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو. هن پهرين ڪهاڻي 1974ع ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق مهر پهرين ڪهاڻي ’’ڪرشن هاٿي جي اڳيان‘‘ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’’سڪون ڪٿي آهي‘‘ 1983ع ۾ ڇپيو. هن کي ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به ڪيترائي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن 1984ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ’’جياپو‘‘ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو. سندس ٻي ڊراما سيريل ’’وڇوٽيون‘‘ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما سيريل ’’پاتال‘‘ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ’’نبيرو‘‘ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن 50 جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ 35 جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ’’ڏسي ڏکوئين کي‘‘ جي عنوان تحت ڪالم لکيا. سندس هڪ ناول ’’ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن‘‘ اڻ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ’’آڙاهه‘‘ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ’’جياپي‘‘ تي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما ’’زندگي ڏانهن ڦيرو، ڇوٽڪارو، راهه جو پٿر‘‘ به تمام گهڻا مقبول ٿيا.
    هن ئي سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن ئي وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ’’فاصلو‘‘ ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي. اردو ڊرامو سيريل ’’تاريڪ راهون ڪي مسافر‘‘ به رڪارڊ ٿيو آهي جيڪو پڻ جلد پيش ٿيندو.
    رزاق مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ته اوهان جي والد تي مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس مگر حياتي وفا نه ڪيس ۽ هي سنڌ جو نوجوان اديب شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾ به ڪو نه ٿو اچي. اڄ رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده رهندو.
    ’’موت شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.‘‘

    سچ، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ


    رشيد ڀٽي : سنڌ جو وساريل عظيم ڪردار

    رشيد ڀٽي صاحب منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تمام ويجهو ۽ پيارو دوست هو. 1975ع ڌاران بابا سائين اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو ته رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز ٻئي گڏجي اسان جي بنگلي تي آيا ۽ بابا سائين کي چيائون ته اسان تنهنجي سڄي فيملي جي دعوت ٿا ڪريون. بابا سائين پهرين رشيد ڀٽي ۽ پوءِ شيخ اياز جي دعوت قبولي رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز ٻئي سکر جا چوٽي جا وڪيل ۽ چوٽي جا اديب ۽ شاعر هئا مونکي منهنجي زندگي ۾ ننڍپڻ ۾ پهريان ادبي ٻاراڻا ڪتاب رشيد ڀٽي ڏنا، جيڪي هن پاڻ لکيا هئا، انهي وقت مان ٻار هئس شايد اڄ مان ڪجهه به لکي نه سگهان ها اگر رشيد ڀٽي مون کي اهي ڪتاب نه ڏي ها. اهڙي طرح مون ادبي ڪتاب پڙهڻ جي شروعات ڪئي. رشيد ڀٽي حالانڪه آزاد خيال ماڻهو هو پر پنهنجي اولاد کي اهڙي ڪڏهن به تربيت ڪونه ڏنائين، سندس گهر جي بلڪل ئي لڳ مسجد هئي، جتي سندس اولاد نماز وغيره پڙهندي هئي.
    سکر ۾ جڏهن به مان ۽ منهنجو والد ويندا هئاسون ته هميشه رشيد ڀٽي وٽ اسان لاءِ ماني تيار ملندي هئي، رشيد ڀٽي درياءِ دل انسان هو، هميشه کلڻو ملڻو جڏهن ملبو هئس، پيو ٽهڪ ڏيندو دوست کي ڏسي خوش ٿيندو هو. هن جي بابا سائين سان پراڻي ياري هئي. ياد اٿم مون کي 10 مارچ 1986ع تي بابا سائين جي وفات تي چاچا جمال ابڙو تڏهن چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ هو. تنهن سنڌ جي سڀني اديبن شاعرن، ليکڪن، ججن ۽ سياستدانن ڏانهن فونون ڪري ڇڏيون ته تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. سندس جنازه نماز ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي وڃو. رشيد ڀٽي کي اهڙو اطلاع دير سان مليو سو بابا سائين جي دفنائڻ کان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ لاڙڪاڻي اچي پهتو جڏهن خبر پيس ته کيس کي دفنائي ڇڏيوسين، ته تڏي تي ويٺل رشيد ڀٽي روئي ويٺو ۽ چيائين ته اسان جو دوست اڄ اسان جي وچ ۾ ڪونه آهي، مون سان ته وڏو ظلم ڪيو جو هن جو آخري ديدار به ڪرڻ ڪونه ڏنو، رشيد ڀٽي اديب ته پنهنجي جاءِ تي تمام وڏو هو پر هو اديب کان وڏو سنڌ جو خادم هو، جواني کان ئي وٺي جا به تحريڪ سنڌ جي جياپي لاءِ شروع ٿي تنهن ۾ رشيد ڀٽي اڳيان اڳيان رهيو. پٺتي پير ڪرڻ واري هن کي ابي امان ستي ئي ڪونه ڏني هئي. ڳالهه ڪرڻ جو بنهه کرو، جا ڳالهه دل ۾ هوندس سا چئي ڏيندڙ. دل ۾ منافقن وانگر ڪونه رکندو هو. اهڙا ماڻهو هاڻي ڪٿي آهن،سندس ها ته معنيٰ ها نه ته معنيٰ نه.
    مونکي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ حيدر علي کي بابا سائين سکر ۾ انگلش ميڊم اسڪول ۾ داخل پئي ڪيو پر رشيد ڀٽي انهيءَ جي سختي سان مخالفت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ٻئي ڀائر سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهياسين. رشيد ڀٽي جو چوڻ هو ته ٻار پرائمري تعليم پنهنجي ٻولي ۾ پڙهي پوءِ ڀلي انگريزي ۾ پڙهي ته پڙهي. اڄ منهنجو ڀاءُ حيدر علي حيدرآباد ۾ وڪيل آهي ۽ مان اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهيان. اسان ٻئي ڀائر پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب آهيون. رشيد ڀٽي جا پاڪستان جي سڀني سياستدانن ليڊرن توڙي اديبن سان وڏا واسطا هئا پر کاٻي ڌر سان هن جا خاص واسطا هئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي اهڙي عظيم سپوت کي اڄ اسان جي سنڌ بنهه وساري ڇڏيو آهي. نه ته ڪو اخبار ۾ ئي سندس جي زندگي تي مضمون ٿو اچي نه ئي وري ڪا سندس ورسي وغيره ملهائي ٿي وڃي، آخر اسان ڪيڏانهن پيا وڃون؟ پنهنجن هيرن ۽ محسنن کي ايئن پيا وساري ڇڏيون ڄڻ اهي هن ڌرتي تي ڄاوا ئي ڪونه هئا ڄڻ انهن هن ڌرتي تي قوم جي ڪا خدمت ڪئي ئي ڪونه هئي. آخر اسان ايڏا بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟! ان جي سنڌي قوم جي روايت ته جيئرن سان جهيڙو مئلن تي ميلو رهي آهي پر رشيد ڀٽي سان ته اها به روايت الائي ڇو ڪونه ٿي لڳي هاڻي ڪم هي ڪرڻو آهي ته خصوصن سکر جي اديبن اياز گل ۽ ادل سومرو کي کپي ته رشيد ڀٽي جي يادگار ڪميٽي ٺاهين ۽ رشيد ڀٽي صاحب جون هر سال ورسيون ملهائن. سندس جي زندگي کي نوجوان ٽهي کي روشناس ڪرائين جيئن نئين ٽهي جي رهنمائي ٿي سگهي، نه ته اسان جي نوجوان ٽهي لاءِ ڪا راهه نه بچندي سواءِ سنڌ جون سرحدون ٽپي (وي سي آر، وي سي ڊي، ٽي وي، ڪيبل) ۽ ٻيون شيون ڏسي جن کي ڏسي ڌاري قوم جون روايتون اپنائڻ. مان انهن سڀني جي مخالفت ڪو نه ٿو ڪريان ڇو جو هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ ٻين قومن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلجي پر اسان جون پراڻيون روايتون جيڪي سنڌ ۾ صدين کان هلنديون پيون اچن، تن کي به ڪونه وسارجي. اگر اڄ اسان رشيد ڀٽي کي ياد ڪونه ڪيو ته رشيد ڀٽي مرحوم سان نا انصافي ٿيندي ۽ جهڙوڪ سنڌ سان نا انصافي ٿيندي ڇو جو رشيد ڀٽي سنڌ جي روايتن جو امين هو.
    منهنجا ڪجهه جملا رشيد ڀٽي جي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه ڪين آهن پر پوءِ به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.

    سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل، عبرت، عوامي آواز، تعمير سنڌ


    رحيم بخش سومرو : سنڌ جو ناميارو سياستدان

    1999ع ڌاران منهنجي پوسٽنگ پهريون دفعو بطور ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شڪارپور ٿي. اتان جي سينيئر وڪيل عطا محمد سومرو جن سان جڏهن ڪچهري ڪرڻ ويس ته مون کي چيائين، هلو ته هلون رحيم بخش سومري سان ملاقات ڪرڻ. منهنجي چاچي رحيم بخش سومرو سان اها پهرين ملاقات هئي، عطا محمد سومري منهنجو چاچي رحيم بخش سومري سان تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي ۽ هتي پوسٽنگ ٿي اٿس. چاچو رحيم بخش سومرو انتهائي ضعيف هو ۽ ان ڏينهن ته اتفاق سان طبيعت به صحيح ڪونه هئس پر تنهن هوندي به وڏي محبت ۽ گرم جوشيءَ منجهان مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته تون ته منهنجو ڀائيٽيو آهين. تنهنجو بابا منهنجو پراڻو سنگتي هو. پهرين ملاقات ۾ ئي چاچي رحيم بخش مون کي پنهنجو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مان جيترا ڏينهن به شڪارپور ۾ رهيس چاچي رحيم بخش سان شام جو ڪچهري ڪرڻ سندس اوطاق تي ويندو هوس. هو ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو، مطلب ته هر عمر واري سان رلي ملي ويندو هو. قدرت واري هن کي محبت ۽ پيار واري زبان ڏني هئي، انهيءَ ڪري هر عمر، هر طبقي ۽ مختلف سوچن جا ماڻهو هن وٽ محبت ۾ ڇڪجي ايندا هئا. هو پراڻي دؤر جي سياست جي لاهن چاڙهن جي تاريخ اهڙي نموني ٻڌائيندو هو جو کيس ڇڏڻ تي دل ئي ڪانه چوندي هئي. پر مان جلدي ٿورن ڏينهن ۾ ئي شڪارپور کان بدلي ٿي لاڙڪاڻي هليو ويس ۽ اهو مختصر ملاقاتن وارو سلسلو به بند ٿي ويو، سنڌ صوبي تي نظر ڦيرائبي ته سياست جي حوالي سان ڪجهه خاندانن جون تمام گهڻيون ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ خدمتون رهيون آهن. انهن منجهان ئي هڪ شڪارپور جو سومرو خاندان به آهي ۽ انهيءَ خاندان جو هڪ فرد رحيم بخش سومرو به آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ننڍا توڙي وڏا چاچو رحيم بخش ڪري سڏين ٿا. چاچو رحيم بخش سومرو 1918ع ۾ ڄائو، علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪيائين. سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت دوران پهريون ڀيرو وزير بڻيو. جنهن بعد عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ پڻ وزير ٿيو. گورنر يوسف هارون ۽ گورنر جنرل رحيم الدين جي دؤر ۾ پڻ وزير رهيو. اختر علي جي قاضي وزير اعليٰ سنڌ جي حڪومت ۾ پڻ وزير رهيو. چاچي رحيم بخش سومري سياست جي شروعات لوڪل بورڊ جيڪب آباد مان ڪئي. 1945ع ۾شهيد الله بخش سومرو جي شهادت کان پوءِ مڪمل طرح سياست جو آغاز ڪيائين. رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان جو ويجهو دوست هو. تنهن ڪري تحريڪ استقلال ۾ پڻ رهيو. اڪثر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون آزاد اميدوار طور لڙيو. آخري اليڪشن وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي جي دؤر ۾ ٽنڊوباگو ضلعي بدين مان صوبائي اليڪشن ۾ حصو ورتو، مرحوم جيڪب آباد مان درياهه خان کوسو شڪارپور مان ميجر عطا محمد پٺاڻ سان پڻ اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو. چاچو رحيم بخش سومرو وفاقي وزير حفيظ شيخ ۽ سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جو مامو هو. جڏهن ته اڳوڻي دفاعي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جو سالو هو ۽ اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو، احمد ميان، افتخار احمد سومرو جو سئوٽ ۽ جنيد احمد سومرو جو وڏو چاچو هو. چاچو رحيم بخش سومرو سومرا برادري جو سردار پڻ هو. چاچي رحيم بخش جي تربيت جيئن ته سياسي گهراڻي ۾ ٿيڻ ڪري هو غريب، مسڪين بي پهچ ۽ سنڌ جي پيرين اگهاڙي ماڻهن جي ويجهو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو مسڪين طبقي جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ سبب کيس ڪافي دفعا وزير ڪيو ويو. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور نه هو ۽ هن کي خدا جي طرفان سياست جي ڏات مليل هئي. سنڌ ۾ سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان به هو مشهور رهيو. هو نه فقط راڄوڻن فيصلن جو ماهر هو پر سومرو خاندان جي ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرائڻ ۾ پڻ وڏي رهنمائي ڪئي. شال سندس اولاد به چاچي رحيم بخش جي ڏنل راهه تي هلي پنهنجي امر والد جو سياسي ۽ سماجي حوالي سان نالو روشن رکندي اچي.

    تعمير سنڌ، سڪار، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مهراڻ، هلچل،


    راڻا چندر سنگهه : سنڌ جو ڪلاسيڪل سياستدان

    پهرين آگسٽ سياسي تاريخ جو اهم ڏينهن بڻجي ويو آهي جنهن ڏينهن تي امراڻو ڄايو سنڌ جي سياسي تاريخ جو راڻو، راڻو چندر سنگهه هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندن وڇوڙي واري خبر ملڪي سياسي تاريخ تي وڄ بڻجي ڪڙڪي، هڪ پل لاءِ سوڳ جا بادل ڇانئيل نظر آيا. سندن جنم ڀومي وارو شهر عمرڪوٽ ته سندن لاڏاڻي جي سوڳ ۾ ٻن ڏينهن تائين بند رهيو پر ٿر جا ڪيترائي شهر راڻا چندر سنگهه جي لاڏاڻي واري غم ۾ ٻڏل نظر آيا. هر طرف هڪ ڏک ٿي پسجڻ لاءِ مليو. صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پير صاحب پاڳاري، مخدوم امين فهيم کان ويندي سمورن سياسي اڳواڻن سندن لاڏاڻي تي غم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته راڻو چندر سنگهه ملڪي سياسي تاريخي جو تمام وڏو نالو هو. سندن خال ڪڏهن به پُــر نٿو ٿي سگهي. راڻي چندر سنگهه جي سياسي ڪهاڻي به عجيب نظر ٿي اچي، پاڻ هڪ مخصوص اسٽائل هجڻ سبب علائقي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. هي سنڌ جو اهو واحد ليڊر هو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سياسي شڪست نه ڏٺي ۽ هر دفعي واري اسيمبلي ۾ پهتو. جڏهن آئون 2001ع سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ۾ اسٽيبلشمينٽ عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيس ته مون کي منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ياد آيو. هو جڏهن به عمرڪوٽ جو ذڪر ڪرڻ ويهندو هو ته راڻا چندر سنگهه جو ذڪر ضرور ڪندو هو. سندن واسطا ويجهائي وارا رهيا هئا. تنهن جو سبب 1977ع ۾ بابا جو ميرپورخاص ضلعي جو سيشن جج هجڻ هو. جڏهن مان چارج سنڀالي ته مونکي ڇڪ ٿي ته راڻا چندر سنگهه سان ملان. انهي ڇڪ تي هڪ دوست ساڻ عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير ساڻن ملاقات لاءِ پهتس ته واٽ تي هن دوست چيو ته تون ننڍڙي عمر جو ۽ راڻا صاحب هيڏو وڏو ماڻهو ڪٿان توسان ڪچهري ڪري. بهرحال جيئن مان راڻا جاگير پهتس ته نوڪر کي هڪ پني تي پنهنجو نالو ولديت سميت لکي ڏنم، ته راڻا صاحب کي ڏي ته ڪجهه لمحن بعد حويلي مان سندن ڀاڻيجو اڳوڻو ايم پي اي راجوير سنگهه ٻاهر نڪتو، جنهن چيو ته راڻا صاحب تيار ٿي اچي رهيو آهي تيستائين اوهان سان ڪچهري لاءِ مون کي موڪليو اٿائين. ٿوري دير بعد راڻا صاحب جاهه و جلال سان منهنجي سامهون اچي رهيو هو. اهو منظر ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو پراڻي زماني جو بادشاهه قدم کڻي اچي رهيو آهي ڪجهه لمحن لاءِ محسوس ڪيم ته شايد مان بادشاهي دؤر ۾ وڃي پهتو آهيان. ايڏي روب تاب منجهان ايندي ڏسي مون وري به ڪجهه لمحن لاءِ محسوس ڪيو ته شايد هي منهنجي ڪچهري واري سڪ لاهي سگهي. پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن هن بادشاهه ٻنهي ٻانهن ۾ مونکي گرم جوشي سان ڀاڪر پائي پٺي تي ٿپٿپي ڏني ۽ منهنجي پيشاني تي چمي ڏيندي چيو ته ويهه چاچا. پهرئين ملاقات ۾ راڻا صاحب مون سان رلي ملي ويو ۽ سندس ڀاڻيجو راجوير سنگهه ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هو صوفي جي کاٻي پاسي کان هو ۽ ساڄي پاسي کان مان ويٺو رهيس ته راڻا صاحب مون کي پنهنجي پراڻن راڻن جي تصويرن ڏانهن متوجه ڪندي چيو ته اسين به راجپوت آهيون ۽ اوهان ابڙا به راجپوت آهيو ، تون منهنجو مائٽ آهين. پوءِ پهرين ڪچهري وڏن بحثن تي مشتمل رهي، راڻو صاحب ڪيڏي مهل سياست، تاريخ، مذهب تي مختلف ٻولين انگريزي، سنڌي، اردو ، پارڪري، مارواڙي، ڍاٽڪي ڳالهائيندي ٿي رهيو. مون سان ڪچهري ڪندي شايد کيس هن لاءِ مزو پئي آيو جو مان سندن دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو پٽ هئس. موڪلاڻي واري سمي راڻا صاحب ٻيهر ڀاڪر پائي پيشاني تي چمي ڏئي ٻاهر اچي مون سان موڪلائي مون کي پنهنجو مريد بنائي ورتو. ٻاهر نڪرڻ تي دوست چيو راڻا صاحب اوهان ۾ آخر ڇا ڏٺو جو ٽهڪن جو سلسلو ختم ئي نٿي ٿيو. بهرحال اها ڪچهري راڻا چندر سنگهه سان منهنجي يادگار ڪچهري هئي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ فون ڪري چيو هو ته پيءُ وانگر مڙس ماڻهو آهين يا...... مون چيو چاچا آزمائي ڏسو ۽ حڪم ڪيو ته راڻا صاحب موٽ ۾ چيو پهريون سرڪل آفيسر آهين، جنهن کي فون ڪيو اٿم. ڪيسرو ۽ ڪچرو ڀيل تو ڏانهن موڪليان ٿو انهن جو جائز ڪم ضرور ڪجان.
    راڻو چندر سنگهه پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو. سندس سياست جا گر پيچ سڄي ننڍي کنڊ ۾ مشهور رهيا آهن. راڻا چندر سنگهه سياست ۾ ڪڏهن به مصلحت پرستي کان ڪم نه ورتو ۽ ڪڏهن به ٻين جي آڏو پاڻ کي سياسي طور هيڻو ۽ ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. سندس مزاحمتي انداز پڻ مشهور رهيو. اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ، وڏيرو شاهنواز جوڻيجو، بلخ شير مزاري، نواب اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان ويجها دوست رهيس. جڏهن ته حرن جو روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارو، سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم، غوثيه جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم شاهه محمد قريشي، پير نور محمد شاهه جيلاني، سيد مظفر حسين شاهه، ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي، صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه، فقير جادم منڱريو، ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو ۽ ٻيا سياستدان به ويجها ساٿي رهيس ۽ سندن تمام وڏي عزت ڪندا هئا. راڻو چندر سنگهه 1977ع وارين عام چونڊن ۾ ننگر پارڪر واري تڪ تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. هن ضياءِ جي مارشلا دوران راڻا جاگير ۾ نظر بندي جا ڏينهن ڪاٽيا ۽ 88ع ۾ ان وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوري تحريڪ ۾ شريڪ رهيو ۽ اقليتن واري مخصوص سيٽ تان سڄي پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ اقليتي اڳواڻ ثابت ٿيو ۽ ميمبر قومي اسيمبلي منتخب ٿيو. بعد ۾ راڻو چندر سنگهه 90، 93 ۽ 97 جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو پر 97 ۾ پ پ پ سان اختلافن سبب نواز ليگ ۾ شموليت ڪئي ۽ نارڪو ٽيڪس جو وفاقي وزير بڻيو. هن پنهنجي پاڪستان هندو پارٽي به ٺاهي ۽ هن وسيلي سياسي سفر جاري رکيو. ميرپورخاص ڊويزن مرحوم پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ سندس پٽ آفتاب حسين شاهه جيلاني، موجوده وفاقي وزير پير سيد قربان علي شاهه، مرحوم عبدالڪريم پلي، مرحوم ارباب امير حسن سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ٻيا سياستدان سٺا دوست رهيس ۽ اڪثر سياستدانن سان گڏ سياست پڻ ڪئي.
    راڻو چندر سنگهه هميشه گڏيل چونڊ سرشتي جي حمايت ۽ پارلياماني فورمن تي پاڪستان جي اقليتن جي حقن لاءِ خصوصي طور آواز اٿاريو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. راڻا چندر سنگهه جو برطانوي طرز جي انگريزي ڳالهائڻ ۾ مهارت رکندڙ اهم سياستدانن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس انگريزي ۾ ڪيل تقريرون پارليامينٽ هائوس جي رڪارڊ تي اڄ به موجود آهن. راڻا چندر سنگهه پنهنجي تعليم پرڏيهه ۾ پڻ حاصل ڪئي. سندس اسٽائلش انگلش ٻولي سبب کيس نو جوانن ۾ وڏي مڃتا ملي ۽ کيس اينگري پوليٽيشن طور خطاب پڻ مليو. هن پرڏيهي زبان ۾ سنڌ جي اقليتن جو ڪيس ڀرپور انداز سان رکيو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون ۽ کيس انگريزي ادب ۾ وڏي ڄاڻ پڻ حاصل هئي. کانئن 85 سالن جي ڄمار تائين ڪو به نالي وارو صحافي انٽرويو ڪري نه سگهيو، ست نامور ليکڪن اها ڪوشش ڪئي هئي پر راڻي کي ريجهائي نه سگهيا. اهڙي صورتحال سبب هو پنهنجي ديهانت سان سياست جا ڪيترائي تاريخي حوالا پڻ پاڻ سان گڏ کڻي روانو ٿي ويو ۽ صحافي ڏسندي رهجي ويا. جيڪر سندن زندگي ۾ ڪو صحافي انٽرويو ڪري ها ته اهو يقينن تاريخي ثابت ٿئي ها.
    راڻو چندر سنگهه ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم وي پي سنگهه جو سنڍو پڻ هو، هن جو عالمي سياست ۾ هميشه اهم رول رهيو ۽ هن پاڪ ڀارت تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو، هن کي پرڏيهي معاملن تي مهارت حاصل هئي.
    راڻا چندر سنگهه جي ديهانت جي اطلاح تي علائقي جا ڪيترائي شهر بند ٿي ويا، هر زبان تي اهي ٻول ٻڌڻ آيا ته هاڻي ٻيو ڪو راڻو چندر سنگهه نه ٿي سگهندو. هن چئن پٽن جو اولاد ڇڏيو آهي. جن ۾ موڀي ڪنور همير سنگهه، جيڪو ضلع نائب ناظم عمرڪوٽ آهي، ٻيو پٽ ڪنجي عرف ڊاڪٽر پتيپال سنگهه سميت چار پٽ ڇڏيا آهن. جڏهن ته سندن کي ڀائيٽي راجوير سنگهه سان به انتهائي جي محبت هئي.

    فيصلو، عوامي فورم، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سُڪار، تعمير سنڌ


    راڻو همير سنگهه : ڍاٽ جو راڻُو

    سنڌ جي وارياسي صحرا ۽ بحرا جي سنگم واري شهر عمرڪوٽ جي پنهنجي هڪ الڳ ئي سڃاڻپ رهي آهي. هن شهر سان منهنجو روحاني ۽ جسماني ناتو ان وقت جڙيو آهي، جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيس، جتي آمراڻي جي رهواسين جيڪي محبتون مون کي ارپيون، تن کي ڀلا آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان ته اتي راڻا خاندان جي جيڪا مون کي محبت نصيب ٿي، پيار مليو تنهن کي به ڀلا ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهجي. عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير جتي جي ڇا ڳالهه ڪجي اتي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هتي ڪير ڪنهن کان رسي ئي نٿو. راڻي وڏي چندر سنگهه سان تمام گهڻي نيازمندي رهي ڊگهيون ڪچهريون رهيون، سندن سان ڪيل ڪچهريون اڄ به مون لاءِ جيون دان بڻيل آهن. تن کي آئون ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان. راڻا جاگير ۾ راجوير سنگهه سان جتي ڪچهري رهي ته اتي موجوده راڻي همير سنگهه سان به تمام ڊگهيون ۽ نه وسارڻ جهڙيون ڪچهريون رهيون آهن. راڻي چندر سنگهه جي لاڏاڻي بعد ڍاٽ جو 26هون راڻو ٿيڻ بعد راڻا همير سنگهه جي گذريل ڏينهن تاج پوشي ٿر جي ٻئي نمبر وڏي شهر مٺي ۾ ٿي آهي. هن موقعي تي ٿر ۾ چوطرف خاص ماحول ۽ خوشي آهي ۽ هر طرف راڻا همير سنگهه جا نعرا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا.
    راڻا همير سنگهه جو ڪردار ۽ قد ٿر جي سياست ۾ تمام گهڻو مٿڀرو آهي ته اتي سندن سياست جو طريقي ڪار ٻين سياستدانن کان تمام گهڻو مختلف رهيو آهي. پاڻ وزير رهڻ سان گڏ عمرڪوٽ ضلعي جا نائب ناظم به رهيا آهن ۽ تمام گهڻيون خدمتون عمرڪوٽ ۽ ٿر جي عوام لاءِ سرانجام ڏنيون آهن. جن جا چرچا گيت اڄ به ٿرواسي وڏي واڪي وڏي فخر سان جهونگاريندي ۽ ڳائيندي نظر ٿا اچن ۽ راڻي جي جاگير تي اڄ به غريب ماڻهن جا صبح ويلي ميلا متل هوندا آهن. جيڪي پنهنجا مسئلا راڻا همير سنگهه وٽ کڻي ٿا اچن ۽ حل ٿيڻ تي راڻا همير سنگهه کي دعائون ڏيندي ٿا وڃن. عمرڪوٽ جي راڻن جي سياست ٻين گهڻن سياستدانن کان تمام گهڻي مختلف ۽ نرالي رهي آهي ۽ پاڻ سياسي ميدان ۾ سگهارا رهيا آهن انهن جو سياسي طريقيڪار به نرالو رهيو آهي. نرالي اسٽائيل ۽ مخصوص تقريرون اڄ به ٿر جا واسي ياد ڪن ٿا. راڻا همير سنگهه به وڏي راڻي چندر سنگهه جيان تمام گهڻيون خوبيون پاڻ ۾ رکي ٿو. راڻا همير سنگهه سنڌي ٻولي کان ويندي راجستاني ڍاٽڪي، گجراتي، انگريزي ۽ اردو زبانن تي تمام گهڻو عبور رکي ٿو ۽ اڪثر طور تي پاڻ سياسي جلسن ۾ سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ تقريرون ڪندي نظر آيا آهن.
    اها ئي سندن سڀ کان وڏي خوبي آهي ته اتي وري پاڻ ٿر جي سياسي نفسيات جا پارکو آهن، جڏهن تقرير ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ لفظ سندن محتاج هجن، سندن لفظي جادو سياسي جلسن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. ماڻهو پنهنجو پاڻ کان بيخبر بڻجي جئه راڻا همير سنگهه جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهو چاهيندا آهن ته راڻو صاحب تقرير ڪندو رهي ۽ اهي ٻڌندا رهن. راڻا همير سنگهه جي ڪهڙين ڳالهين ۽ خوبين تي ڳالهائجي پاڻ هر شيءَ ۾ نرالا ٿا نظر اچن سندن سياست ۾ عبادت ۽ عشق جتي شامل آهي ته اتي سندن روحاني درد به شامل آهي. هو سياست کي عام ماڻهن جي خدمت سمجهي ڪن ٿا ۽ سندن اندر ۾ غريب عوام لاءِ تمام وڏو درد سمايل آهي. اڪثر طور تي وڏا وڏا سياستدان به فيصلا ڪرڻ مهل سندن راءِ کي اهميت ڏيندا آهن. راڻا همير سنگهه جو ٿر جي سياست ۾ خاص طور تي اقليتي برادري ۾ تمام وڏو رول آهي ۽ اقليتي برادري مٿس ساهه ٿي ڇڏي. اڄ ڍاٽ جي هن 26 هين راڻي راڻا همير سنگهه جي مٺي ۾ آمد ٿي رهي آهي ۽ اقليتي برادري پاران تمام وڏي جلسي جو انعقاد ڪيو ويو آهي ۽ هن ئي جلسي ۾ سندن تاج پوشي پڻ ڪئي پئي وڃي.
    هن يادگار ۽ سانڍڻ جهڙي تاج پوشي جي تقريب ۾ سنڌ جي ڏوراهين علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ اقليتي برادري جا ماڻهون ڀٽون اورانگهي مٺي پهچن پيا ته اتي مٺي شهر کي ڍاٽ جي ڇويهين راڻي جي آمد جي خوشي ۾ ڪنوار وانگي سجايو ويو آهي ۽ ٿر جون وارياسي ڀٽون هن گُهٽ اُٻس ۽ شديد گرمين واري حالتن هوندي به مهڪارجي پيون آهن، ڇو جو انهن جي اوٽ ۾ اڄ راڻي جو گذر ٿي رهيو آهي. ٿر جا ماڻهو راڻا همير سنگهه جو ديدار پسڻ لاءِ اٺن جي قافلن ۾ ته ڪي گاڏين تي وري ڪي عشق جا پانڌيئڙا پيرين پنڌ اچي پهتا آهن. ڪيڏو نه خوشنصيب آهي امراڻو، جنهن کي راڻا همير سنگهه جهڙا ڏاها پڙهيا لکيا ۽ اڪابر انسان نصيب ٿيا آهن، جن جي درشن لاءِ سمورو ٿر تڙپي ٿو.

    خبرون، سنڌو، هفتيوار امراڻو، تعمير سنڌ


    رسول بخش رحيمداڻي سان انصاف ڪير ڪندو؟

    اسان جي سماج ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا ڪردار موجود آهن، جيڪي معاشي حالتن جي ويڙهاند ۾ جيون بسر پيا ڪن ۽ موجوده سماج کان لاتعلق رهندي جهنگ جو رخ ڪري رهيا آهن ته ڪي شهرن جي مصروف زندگين ۾ جيون جا پل پيار، محبت ورهائيندي ۽ زندگي جا ليڪچر ڏيندي گهارين پيا. اهڙن ماڻهن سان ملڻ ۽ ڪچهرين ۾ لاتعداد مواد پسجڻ لاءِ ملي ٿو. مون پنهنجي سروس دوران قمبر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، دادو، حيدرآباد، سکر، شهدادڪوٽ، ٺري ميرواهه، مٺي ۽ عمرڪوٽ شهرن ۾ اهڙا لاتعداد ڪردار گهمندي ڦرندي ڏٺا، جيڪي زندگي جي نعمتن جو درس ڏيندي مايوس سماج ۾ ڪجهه پل جي خوشي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
    اهڙن ڪردارن مان عمرڪوٽ جو هڪ ڪردار رسول بخش رحميداڻي به پنهنجي جاءِ تي هڪ اهميت رکندڙ آهي. جيڪو اڄ امراڻي جي نگري ۾ انصاف لاءِ پڪاري پيو ٿو. اخباري خبرن موجب عمرڪوٽ پوليس کيس هڪ ڪوڙي ڪيس منجهه چالان ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه سمجهه کان مٿڀري نظر اچي ٿي. اڄ اهو شخص جيڪي پکي کي پٿر هڻڻ کي به عيب سمجهي ٿو، سو اهڙو ڪم ڪري سا ڳالهه سمجهه ۽ عقل کان بالاتر آهي. عمرڪوٽ ۾ سروس دوران صدارتي ايوارڊ يافته مشهور سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان جتي ويجهڙائي رهي ته اتي رسول بخش رحيمداڻي سان يادگار ڪچهريون رهيون. پاڻ مون کي هر وقت ٽپ ٽاپ، قربيلو نظر آيو. سندس نيڻن ۾ ڪئين خواب پنهنجي سماج لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي سگهه گردش ڪندي مون ڏٺي. پهرين ڪچهري ۾ هن چيو هو ته هن هڪ تنظيم همت سوشل ويلفيئر ٺاهي آهي. جنهن وسيلي سماجي ڪم ڪري ٿو، جڏهن بدين ۽ ٺٽي ۾ طوفان تباهي آندي ته هو اتي امدادي سامان جو ٽرڪون ڀرائي پهتو. زلزلي جي آفتن دوران به هي شخص اڳتي نظر آيو. پاڻ چوي ٿو ته هاڻوڪي پريس ڪلب جي بلڊنگ هن اڪيلي سر ورتي ۽ تعمير ڪرائي آهي. تنهن کان علاوه راندين جي ميدان ۾ قائداعظم گرڊ ٽو ٽرافي جو ڪوچ پڻ رهيو. ٿر ۾ ڏڪار وقت امدادي ڪئمپون لڳائڻ کان ويندي رمضان شريف ۾ سستي ريٽ جي فروٽ جي وڪرو، عيد تي غريبن ۾ ڪپڙن جي تقسيم، غريب شاگردن کي ڪتاب وٺي ڏيڻ کان ويندي سندن ڪهڙي واکاڻ ڪري ڪهڙي ڪجي. جيلن جي سختين کان ويندي وڏيرن کان ويڙهاند تائين هي شخص امراڻي واسين لاءِ لازوال مثال بڻيل آهي. سندس اندر ۾ انتها جو درد ٿو پلجي. پاڻ قرآن شريف جي تلاوت، جتي درد ڀري آواز ۾ ڪري ٿو ته اتي مولود ۽ نعت اوڏي ئي بهتر انداز سان جهونگاري ماڻهن کي جهومائڻ تي مجبور ٿو ڪري ويهي.
    ايترين سڄين خوبين مان سندن ۾ اها وڏي خوبي چئبي ته پاڻ عمرڪوٽ ۾ ادبي، سماجي پروگرامن کان ويندي امر شخصيتن جون ورسيون، ڏهاڙا ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ کان ويندي نوجوانن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي همٿ افزائي لاءِ انهن کي سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ڏيندو رهيو آهي. جيتري قدر مون هن کي ڏٺو آهي سو مون کي تمام احساس ماڻهو نظر آيو. اهو جنهن جي جاءِ ۾ امراڻي واسين جو درد پلجي ٿو ۽ هي شخص اڄ به هتي جي مارو ماڻهن جي خوشحالي جا خواب نيڻن ۾ سجائي پنهنجا غم لڪائي مسڪرائيندي شهر جي چوواٽن تي اهو ليڪچر روز ڏيندو رهي، ته خدارا انسانيت سان پيار ڪريو. وڻن ٻوٽن جانورن سان پيار ڪريو جيون تمام ٿورڙو آهي. هن شخص جا اهي ليڪچر ۽ ڳالهيون امراڻي واسين منجهه زير بحث رهنديون آيون آهن ۽ چڱا خاصا ماڻهو هن کان لهرائيندا آهن ته ڪٿي هو هنن جا راز نه فاش ڪري. سندس جي اندر ۾ امراڻي جا انيڪ راز دفن ٿيل آهن. جي کولي ته وڏو طوفان برپا ٿي سگهي ٿو. پر هي سڀ شيون وساري پيار ۽ محبتي راهن جو مسافر شخص هر ڪنهن ماڻهو کي اهو درس ٿو ڏئي. صوفي شاهه عنايت، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي قلندر لال شهباز تائين جا واسطا به ماڻهن کي پلاند ٿو وجهي. خدارا نفرتون ڇڏيو. محبتون ورهايو، جنگ ڇڏيو ، هٿيار ڀڃو، انهن شين ڪري رسول بخش رحميداڻي جو ڪردار امراڻي واسين لاءِ يادگار، تاريخي ۽ بيمثال بڻيل آهي. اهڙي ماڻهو خلاف پوليس پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ چالان واري عمل جي جتي سماجي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن مذمت ڪئي آهي، ته اتي سموري ضلعي جا صحافي مظاهرا ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جا مطالبا پيا ڪن، پر هيل تائين انتظاميا هن سلسلي ۾ ڪو تحرڪ ناهي ورتو. آئون پنهنجي هن ڪالم وسيلي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم، يوسف رضا گيلاني، وزير اعليٰ سنڌ، گورنر، گهرو وزير سميت اعليٰ عملدارن کي اها وينتي ٿو ڪريان ته امراڻي جي هن تاريخي ماڻهو کي وڌيڪ اذيت جو شڪار ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڪوڙو ڪيس ختم ڪري هن سان فوري ۽ تڪڙو انصاف ڪيو وڃي، ته جيئن هي امراڻي جو رحيمداڻي ڀري بزم ۾ اها ڳالهه ڪري سگهي ته جمهوري حڪومت اچڻ بعد مظلومن سان انصاف ٿئي پيو.

    تعمير سنڌ، سوڀ، فيصلو، مقدمو، سڪار، هلال پاڪستان، سنڌو


    زيب عاقلي : هڪڙو هو ...

    هر دؤر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي سدا بهار شخصيتن جنم ورتو آهي، جن مختلف حوالن سان پاڻ ملهايو. جڏهن ۽ جتي به سنڌ جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ ڳالهه ڪندڙن جو ذڪر ٿيندو ته اتي مرحوم زيب عاقلي جو نانءُ به ورتو ويندو. زيب عاقلي سنڌ جو تمام وڏو نالو، نامور شاعر، اديب، ڊراما نويس، قطع نگار صحافي هو. سندس اصل نالو عبدالحق سومرو هو. هن پهرين آڪٽوبر 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو. زيب عاقلي مرحوم کي شاعري، علم، ادب پنهنجي والد مرحوم کان ورثي ۾ مليو. شروعاتي تعليم بعد ڪجهه انگريزي جي تعليم حاصل ڪندي شاعري ۽ صحافت جو پيشو اپنايو.
    ڪنهن زماني ۾ پاڻ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشن کي محبتن ۾ بدلائڻ لاءِ اسٽيج ڊراما، ناچ گانا ۽ مفت تفريح لاءِ ناٽڪ لکيا. کيس 1963ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪانٽريڪٽ تي اسڪرپٽ رائيٽر طور مقرر ڪيو ويو، جتي هن گيت، غزل، ڪهاڻيون لکڻ کان علاوه ڳائيندڙن جي اچارن جي اصلاح ڪئي. زيب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن پهرين منظم ڊرامو ’’ستارا‘‘ پيش ڪيو. جيڪو تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. پاڻ سنڌي ۾ هڪ مزاحيه فيچر لکندو هو. ريڊيو تي رهڻ دوران هن ڪيترائي شاندار مشاعرا به ڪرايا. جيڪو سنڌ جي ادبي تاريخ جو وڏو حصو آهي. ريڊيو پاڪستان تي پيش ڪيل سندس ڊراما، فيچر، گيت، غزل اڄ به مقبول آهن.
    پ پ جي حڪومت جي دؤر ۾ سندس ڏاهپ کي ڏسندي تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ صلاحڪار مقرر ڪندي سندن پگهار ۾ اضافو ڪيو. سندس ريڊيو تي ڪيل ڪم کي اڄ به ڪلهه جيان ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ صحافتي ميدان ۾ حيدرآباد جي سنڌي اخبار عبرت سان ڪيترائي سال لاڳاپيل رهيو ۽ سنڌي ۾ قطعي لکڻ جو امام طور مشهور ٿيو. ڇو جو اهو فن ڪو سنڌي ۾ سولو نه هو. کين ان سلسلي ۾ وڏو ڪمال هو. روزاني هلال پاڪستان سکر ۽ حيدرآباد مان جاري ڪئي وئي ته کين حيدرآباد ايڊيشن جو ايڊوائيزر وارو ڪم سونپيو ويو. پاڻ لفظن جو جادوگر هو. هن جي تقرير ۽ بيان جا اثر ماڻهن تي سالن تائين قائم ٿيندا رهيا. جنهن به سياسي جلسي ۾ آجياڻو زيب عاقلي ڏيندو هو ته تاڙين جا واڄٽ پئجي ويندا هئا. جنهن جو اعتراف هڪ ڀيري صدر جنرل محمد ايوب خان پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو ته ’’زيب جي تقرير کان پوءِ آئون ڪهڙي تقرير ڪريان.‘‘
    زيب انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيل تقريرن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو ماهر هو ۽ کين ذوالفقار علي ڀُٽي جون گهڻي کان گهڻيون تقريرون پڙهڻ جو اعزاز حاصل هو. سندس جو آواز ڪشش ڀريو هو. سندس شاعري ۽ لفظ ڪنهن گجگوڙ کان گهٽ نه هوندا هئا. جڏهن هو ڪنهن مشاعري ۾ شاعري پڙهڻ ويندو هو ته هر پاسي تاڙين جو هل هنگامو ٿي پوندو هو ۽ کين سنڌي شاعري جو حبيب جالب سڏيو ويو.
    زيب عاقلي جون سياسي همدرديون پ پ سان رهيون. هن جي شاعري کي ريڊيو تي روبينا قريشي، ثريا، زرينه بلوچ، جميلا ناز، محمد حسن، زيب النساءِ، عبدالله پنهور ۽ عابده پروين ڳايو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلامن کي شهرت حاصل ٿي. سال 1985ع ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن دوران زيب عاقلي لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي واري سيٽ تي مسعود احمد کهڙو جي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري، ان دؤر ۾ تقريرن جو انقلاب آڻي ڇڏيو. وڏا جلوس ڪري هن جا استقبال ڪيا ويا پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ چونڊ هارائي ويو. زيب عاقلي غربت قبولي پر ڪنهن جي آڏو جهڪيو نه ۽ نه ئي ڪي وري هن جي سوچن ۾ تبديلي آئي.
    زيب عاقلي کي جڏهن دل جي بيماري ٿي ته ان وقت جي وزير اعليٰ ڄام صادق علي کيس علاج لاءِ لنڊن موڪليو. سنڌ جو هي مهان ڪوي ۽ ڏاهو تاريخ 12 مئي 1991ع تي انيڪ يادون ڇڏي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۾ اسان لاءِ هميشه يادن جو هڪ اڻميو باب ڇڏي موڪلائي ويو.

    هلال پاڪستان، خبرون، تعمير سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، هلچل، سنڌ، فيصلو، سڪار، سنڌو، عبرت مئگزين، سوڀ، شام


    سرويچ سجاولي جا خواب ساڀيان ٿي سگھندا؟

    اڄ سنڌ ڌرتي جي مهان ڪوي سرويچ سجاولي جي ٻي ورسي ملهائجي رهي آهي. سرويچ سجاولي ڪينسر سان ويڙهاند ۾ نيٺ جيون جي جنگ هارائي. سندن لاڏاڻي انقلابي شاعري جي ميدان ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ڪيو. سنڌ جي هن عظيم انقلابي شاعر محمد صديق عرف سرويچ سجاولي پنهنجي ڳوٺ سرويچ نگر ۾ زندگي سان کيڏيل راند نيڻن ۾ ڪيترائي سپنا سمائي هارائي. پاڻ 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول ڀرسان ڳوٺ تارڙا ۾ جنم ورتائين ۽ شاعري جي شروعات 1955ع کان ڪيائين ۽ سندس ڪتاب ’’آليون اڻڀا وار‘‘ 1972ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته سندن شاعري جا چار ڪتاب ’’سراسر انقلاب آهيان‘‘ ’’ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون‘‘، ’’دل ۾ نه ڪج‘‘ ۽ ’’سا دل مستو مست مدام‘‘ اڻ ڇپيل آهن. سندن هڪ ڪتاب ’’آليون اکيون ۽ اڻڀا وار‘‘ کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن پريم جي شادي 1955ع ۾ رچائي. کين 5 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي. سندن زندگي جون اهي گهڙيون عذاب بڻجي ويون جڏهن سندن 23 ورهين جو پٽ محمد خان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سندن ڇاتيءَ تي پٽ جي وڇوڙي جا زخم تازا هئا ته ٻيو پٽ شاعر حبيب الله عرف سانگي سجاولي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. هن وقت سندن اولاد ۾ حال حيات ڌيئر ۽ نوجوان شاعر پٽ سورج سجاولي آهن. سندن شاعري منجهه اهڙي مٺاس هئس جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ، مير علي محمد ٽالپر، رسول بخش پليجو، ڄام صادق علي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ روچي رام، استاد بخاري ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مٿس ساهه ڏيندا هئا. 1973ع واري ڏهاڪي ۾ ٻولي تڪرار واري مامري تي سنڌ اسيمبلي ۾ سندن شاعري کي محمد خان پڙهيو ۽ انهي ڏهاڪي جي اندر وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي کيس گرفتار ڪرائي ڪيٽي بندر ٿاڻي تي قيد ڪرايو. هو وڏيرا ڪلچر خلاف شاعري ڪرڻ تي 1974ع ۾ به ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو ۽ 1983ع ۽ 1986ع واري ايم آر ڊي تحريڪ دوران ٻه ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ 1986ع ۾ طالب الموليٰ جي زور ڀرڻ تي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ 2002ع جي عام چونڊن ۾ شيرازي گروپ ۾ شامل ٿيو. پاڻ 1973ع ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جو ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو. سندن لاڏاڻي تي پوري سنڌ سوڳ ۾ ٻڏل ۽ ادبي ماحول شانت نظر آيو، ڇو جو اهڙو شخص اسان کان پردو ڪري هليو ويو، جنهن هميشه وڏيرا شاهي خلاف ويڙهاند ڪئي ۽ پنهنجن لفظن جي مالها پروئي غريبن جا ڏک، سور شاعري جي زبان ۾ ايوانن تائين پهچائيندو رهيو. شايد وري ڪڏهن اهڙو انسان پيدا ٿئي، جيڪو بغير ڪنهن ڊپ ڊاهه، شاعري جي زبان ۾ اهڙو نعرو هڻي، نه ته اسان وٽ شاعرن جا ٽولا لٿل آهن پر انهن جو قلمي پورهيو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن حد مان پار ناهي ٿي سگهيو. اهي ڪيتري حد تائين شاعري جي زبان ۾ عوام جي ڏکن سورن جي ڳالهه ڪرڻ ۾ سوڀارا رهيا آهن. اهو به اسان ڏسي چڪا آهيون پر مسئلو وري به انهن مهان انسانن جي ادبي پورهئي جو آهي، جن هر حال ۾ غريب عوام جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي. مون کي ڪالهه وانگر اڄ به اها ڳالهه تازي لڳندي آهي، جڏهن منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو هو ته وٽس سرويچ سجاولي ايندو رهندو هو ۽ بابا سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي دکي عوام جا سور شيئر ڪندو هو. پاڻ هميشه پنهنجا سور لڪائي مرڪون ورهائيندو رهيو. ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪندو هو ته هن جي اندر ۾ ڪيڏي پيڙا آهي. هن جي هڪ ئي ٻولي هئي، پيار، محبت، امن، ڀائيچارو ۽ هن جا سورن جا ساٿي دکي ڏتڙيل ماڻهو هوندا هئا جيڪي غربت جي حالتن منجهه جيئڻ جا گس ڳوليندا هئا. سندن وڇوڙو دکي خبرن منجهان هڪ آهي، سنڌي ادبي سنگت 3 ڏينهن تائين سوڳ جو جتي اعلان ڪيو ته اتي وري ضلعي حڪومت سموري ضلعي ٺٽي ۾ عام موڪل جو پڻ اعلان ڪيو. اڄ سجاول جي هر اک آلي آهي پر اسان ماڻهن سرويچ سجاولي کي ڇا زندگي ۾ اها عزت ۽ اهميت ڏني، جنهنجو هو حقيقي لائق هو، اڄ اخباري خبرن تائين ته هر ڪو سندن خاندان کي همدرديون ۽ مٺا ٻول ۽ آٿتون ڏئي ٿو پر مرڻ بعد ڪهڙي ڪم جون؟ ڇو جو سرويچ جو وڇوڙو هن ٻن لفظن کان گهڻو مٿانهون آهي. اڄ سرويچ لاڏاڻو ناهي ڪيو پر انقلابي شاعري سنڌ مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي. وري ڪڏهن شايد اهڙو انسان پيدا ٿئي، جيڪو بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي امن محبت جا گيت جهونگاري، آئون سنڌ حڪومت کي اها اپيل ٿو ڪريان ته هيڏي وڏي نالي پويان ضلعي ٺٽي ۾ لائبريريون ۽ ادارا قائم ڪيا وڃن. انهي سان گڏ سرويچ جا ڪتاب، جن کي هو حالتن جي تنگي سبب ڇپرائي ناهي سگهيو، انهن کي ڇپرائي سندن پيغام سموري سنڌ ۾ ڦهلايو وڃي. ائين ڪرڻ سان جتي سرويچ جا خواب مرڻ بعد به نسري پوندا ته اتي سندس روح کي ضرور سڪون ملندو.

    هلال پاڪستان، خبرون، مقدمو، هلچل، عوامي آواز، سڪار، سنڌو، عبرت، فيصلو، سوڀ، مهراڻ


    سيد بچل شاهه : رتوديرو جي هر دل عزيز شخصيت

    جڏهن به رتوديرو جو تذڪرو ٿيندو اتي لازم ملزوم آهي ته سيد بچل شاهه جو ذڪر به ضرور ٿيندو. سيد بچل شاهه رتيديري جي مشهور ۽ معروف سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي شخصيت سيد وريل شاهه جو فرزند هيو. هن تي پيار منجهان سندس ڏاڏي سيد بچل شاهه جو نالو رکيو ويو.
    سندس والد سيد وريل شاهه نه صرف لاڙڪاڻي بلڪه هو پوري سنڌ ۾ تحريڪ پاڪستان جي حوالي توڙي پاڪستان مسلم ليگ جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس پٽ سيد بچل شاهه به پنهنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي هلندي ۽ انهي جي تربيت هئڻ ڪري ساڳيو ئي رتيديري جي خدمت ڪندڙن منجهان رهيو. سيد بچل شاهه جيتوڻيڪ ڪو اسيمبلي وغيره جو ميمبر ته ڪونه ٿيو پر تنهن هوندي به رتيديري جي رهواسين جا مسئلا جلسن جلوسن معرفت جوشيلين تقريرن ذريعي اسيبملي تائين پهچائڻ جون ڪوششون ضرور ڪندو رهيو.
    سندس سئوٽ سابق چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد ديدار حسين شاهه جيڪو هاڻي سپريم ڪورٽ جو جسٽس آهي. تنهن جي سياست کي خيرباد ڪرڻ کان پوءِ اهو سيد بچل شاهه ئي هيو. جنهن رتيديري جي رهواسين جي هر مسئلي ۽ ڏکي مهل ۾ ساٿ ڏنو. هو خوش گفتار، رلڻو ملڻو ۽ غريب نواز سيد هيو. وڏو علم پاڪ رتيديري ۾ مشهور آهي جتي روز سيد بچل شاهه اچي ويهندو هيو ۽ رتيديري جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو سندس وٽ ميلو متل رهندو هيو. وٽس ڪو غريب پهتو ڪونه آهي هو يڪدم ڪم ڪرائڻ لاءِ ان سان گڏ نڪتو نه آهي. اهو هو سندس غريبن سان پيار.
    منهنجون ساڻس گهڻيون ته ملاقاتون ڪونه ٿيون هيون پر مان جڏهن به جسٽس ديدار حسين شاهه سان ملڻ رتيديري ويس ته پينٽ شرٽ پهريل سيد بچل شاهه کي وڏي علم پاڪ وٽ ضرور ماڻهن جي هجوم جي وچ ۾ موجود ڏٺو هيم. ڇو جو سندس والد سيد وريل شاهه منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تمام ئي سٺو ۽ گهاٽو دوست هيو. هن ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي ته پنهنجي والد مرحوم جي دوستن ۽ انهن جي اولاد سان ڏاڍي سڪ منجهان ميل جول رکندو هيو.
    سيد بچل شاهه پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اليڪشن دوران ورڪ ۾ ساڻن هميشه گڏ رهيو. سندس تقريرون عوام کي جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون رهيون. هو زندگي جي آخري وقت تائين پ پ ۾ ئي رهيو. هو رتيديري جي تمام وڏي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکندي به هميشه پنهنجو پاڻ کي سماجي ڪارڪن سمجهندي غريبن، يتيمن، بيواهن جي مدد ڪندو رهيو. اهڙا ماڻهو ئي عظيم قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن.
    هن مهل سيد بچل شاهه اسان جي وچ ۾ ڪونه رهيو آهي. پر هن جي خدمتن عيوض رتيديري جو عوام هن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو ۽ رتيديري جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته سيد بچل شاهه انهن ۾ سڀ کان مٿانهون ۽ سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.


    سيدصالح محمد شاهه : ڪچهري جي ڪوڏيئي جو لاڏاڻو

    گذريل ڏينهن سنڌ جو مشهور ڏاهو براڊ ڪاسٽر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو سيد صالح محمدشاهه المعروف ڏاڏو فتح خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کين ڪافي وقت کان وٺي دل جو آرزو هو ۽ حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ زير علاج رهيو. لاڏاڻي بعد سنڌ جي ڏات ڏڻين ۾ سوڳ وارو سماءُ ڇانيل نظر اچي ٿو، هر ڪا اک آلي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ريڊيو اسٽوڊيو ويران پيل آهي.
    هن جو نالو سنڌ جي ڏات ڌڻين واري لسٽ ۾ چوٽي جي ڏاهن ۾ ڳڻيو ويندو هو، خاص طور تي پاڻ پي ٽي وي جي پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مشهور ماڻي، کين لطيف سرڪار جا بيت برزبان ياد هئا. شخصي حوالي سان منجهن بي تحاشا خوبيون سمايل هيون، اندرين طور تي نرم دل ۽ ڪشادو انسان هو. لاڏاڻي بعد تمام وڏي ڏک جي لهر سنڌ جي سلجهيل حلقن ۾ ڇانيل نظر اچي ٿي. پاڻ پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي سينيئر اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ مصطفيٰ قريشي، محمد علي، عنايت بلوچ ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. هن سان گڏ پاڻ پي ٽي وي تي هلندڙ ڊرامن ۽ فلمن ۾ هيرو ۽ جنگجو جا ڪردار به ادا ڪيا. کين ميزباني سبب پي ٽي وي تي هلندڙ پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مقبوليت ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سون ورني ڌرتي پروگرام وسيلي ڏاڏي فتح جي نالي سان تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اها به منجهن خوبي سمايل هئي ته پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن کي تحت لفظ سان پڙهندو هو. اولاد ۾ چار پٽ ۽ نياڻيون شامل آهن، جن مان چيو پيو وڃي ته سندس لاڏاڻي واري ڏينهن گهر ۾ هڪ نياڻيءَ جي مڱڻي واري رسم هلندڙ هئي. سندس وڇوڙي واري خبر سموري سنڌ ۾ باهه وانگي پکڙجي وئي ۽ سنڌ جي ڏات ڌڻين سندس لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ تمام وڏو نقصان قرار ڏنو آهي جنهن زماني ۾ پاڻ پي ٽي وي تي پروگرام ڪچهري ڪندا هئا ته ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ڏسندا هئا. پروگرام جي پڄاڻي بعد ڪچهري ۾ سندس چيل، لفظن تي بحثن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. پاڻ جنهن رنگ ۽ ادائگي سان ڀٽ ڌڻي جي شاعري ۽ سندن بيت پڙهندو هو انهن منجهه درد جو رشتو سمايل نظر ايندو هو، جيڪو سندس اندر ۾ سمايل محسوس ٿيندو هو.
    اڄ پاڻ ناهي ته سندس يادون ڪالهه جيان تازيون آهن ۽ هن جا لفظ اڄ به گونجن ٿا ۽ پڪارون ٿا ڏين هن جي گلي جو جادو اڄ به ڪلهه جيان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هن انسان پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ عوام جي تمام وڏي خدمت ڪئي پر موٽ ۾ کيس اها مڃتا نه ملي سگهي، جنهن جو هو حقيقي لائق هو. اها ڪيڏي نه وڏي بدقسمتي چئجي جو اسان پنهنجي ڏات ڌڻين کي اڄ تائين اها موٽ ناهيون ڏئي سگهيا جنهن جا هو حقيقي لائق آهن. بس مرڻ بعد مڃتا ڏيڻ ۽ تعزيتن جو سلسلو تيزي سان شروع ٿو ٿي پوي، اهو سلسلو ڪهڙي ڪم جو جنهن انسان کي زندگي ۾ مڃتا نه ملي سگهي، مرڻ بعد اها ڪهڙي ڪم جي! اسان جي ماڻهن جي اها قدرتي فطرت رهي آهي ته جيسين ڪو زنده هوندو ته هن سان جهيڙا جهٽا ڪندا ۽ مرڻ بعد انهي مٿان واهه واهه جا وسڪارا، مٿن ميلا لڳائيندا پر بعد اهي ميلا ۽ مڃتائون ڪهڙي لفظن سان ياد ڪجن!
    سيد صالح محمد شاهه سان منهنجي ڪا ايڏي وڏي حجت ته نه رهي پر حيدرآباد جي گهميل هوائن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيل ڪچهريون ۽ انهي ۾ سمايل درد لفظن جو سرور لطف ۽ خمار اڄ به مون کي ياد پوي ٿو. پاڻ ڳالهائيندو ته دل اهو چاهيندي هئي ته هي شخص ڳالهائيندو رهي ۽ اسان کين ٻڌندا رهون سندن چهري تي سمايل مرڪ اڄ به ڪلهه وانگي ويجهي ٿو ڀانيان. منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪچهرين ۾ اڪثر اها ڳالهه ورجائي چوندو هو ته اسان جا ڏاها اسان جو ورثو آهن، انهن ڏاهن جي ڪري اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو حصو پلجي ٿو، انهن مان ڪجهه علم پرائي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر افسوس سان اها ڳالهه ڪرڻي ٿي پوي ته اسان هن ڏس ۾ تما م گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو وڏن ۽ ڏاهن جي لاڏاڻي بعد سندن علم به انهن سان گڏ دفن ٿي ٿو پوي ۽ اسان ماڻهو انهن جي تجربي مان ڪو به فائدو ناهيون وٺي سگهيا، جيئن ته اڄ سيد صالح محمد شاهه جي لاڏاڻي بعد سندس ڇڏيل درس به اڌ ۾ رهجي چڪو آهي اهو خال جيون ۾ شايد ڪڏهن نه پورو ٿي سگهي. وري اهڙو شخص ڪٿان ايندو جو اهڙي روانگي سان ڀٽائي جا بيت پڙهي ۽ ڪچهريون مچائي هن جيڪو ڪچهري وسيلي سنڌ ۾ امن ڀائيچاري واريون مرڪون تقسيم ڪيون، اهي تا حيات ياد رهنديون. اڄ جڏهن هو اباڻي قبرستان درياءِ بيگ ۾ سنڌ ماتا جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي پر سندس آواز ۽ ٻول هن ڌرتي تي تادم زندهه رهندا.

    سوڀ، شام، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار سنڌو، عبرت، فيصلو، خبرون، تعمير سنڌ


    سهراب فقير : رهجي ويل يادون

    سن 2003ع ڌاري منهنجي بدلي عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿي، جڏهن ٺري ميرواهه ۾ پهتس ته سخت پريشان ٿي ويس ته هاڻي هن ٻهراڙي جي علائقي ۾ وقت ڪيئن گذرندو پر منهنجي اها پريشاني ڪجهه ڏينهن ۾ ئي جلد ختم ٿي ويئي. جڏهن مان خيرپور ميرس ضلعي جي تقريبن سڀني پريس ڪلبن ۾ صحافي دوستن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مان پريس ڪلبن ۾ سنڌ جي عظيم شخصيتن جون ورسيون ملهائڻ لڳس ته منهنجي آهستي آهستي ٺري ميرواهه جهڙي پٺتي پيل ٻهراڙي جي علائقي ۾ دل لڳي ويئي. انهيءَ دوران مان ٽالپر وڏا ۾ سهراب فقير سان ڪچهري پڻ ڪيم پوءِ مان جڏهن به ڪٿي ڪنهن به پريس ڪلب ۾ ڪو پروگرام ڪندو هئس ته صحافي دوستن کي منهنجو بيحد اسرار هوندو هو ته مهرباني ڪري منهنجي غريب يار سهراب فقير کي ضرور دعوت ڏجو ته کيس کان ڪجهه ٻڌون. انهن ڏينهن ۾ ئي سهراب فقير تي اڌ رنگ جو وڏو اثر ٿيل هو. منهنجي اسرار تي هو پروگرام ۾ ايندو ته هو مگر ڳائي نه سگهندو هو ۽ فقط آلاپ ڏيندو هو. باقي سندس شاگرد سندس شاگردي ۾ اهڙا ته تيار ٿيل هوندا هئا جو ڪنهن به قسم جي باقي ڪسر نه ڇڏيندا هئا ۽ محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا ۽ ماڻهو موهجي مستي ۾ اچي جهومڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا. سهراب فقير جڏهن به مون سان مليو ته منهنجي ٻنهي هٿن کي چميون ڏيئي پنهنجي اکين تي رکندو هو، کيس مان چوندو هئس ته اوهان بزرگ ۽ تمام وڏي شخصيت آهيو ۽ مان نوجوان آهيان مهرباني ڪري منهنجا هٿ نه چمندا ڪريو. تنهن تي چوندو هو ته اگر مان وڏي شخصيت آهيان، ته تون به تمام وڏي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو فرزند آهين، مان انهيءَ نسبت سان تنهنجا هٿ چمان ٿو. اهڙي طرح سهراب جو مون سان ٺري ميرواهه ۾ ڏيڍ سال پروگرامن ۾ ساٿ رهيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. مان جڏهن اوطاق تي ويس ته پاڻ مون کي دنيا جي مختلف سربراهن ۽ مشهور شخصيتن سان سهراب فقير پنهنجا فوٽو ڏيکاريا ۽ ماضي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو ته سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ وڏو ٿڌو ساهه ڀري ٿي چيائين ته ابڙا صاحب اهي به منهنجا ڏينهن هئا ۽ هاڻ ڏس منهنجو حال ڇا مان ڇا آهي. مون کي دعا ڪندو ڪر ۽ انهيءَ دوران ئي سنڌ جو ناليوارو هي صوفي راڳي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ ڪئين انيڪ يادون ڇڏي اسان کان پردو ڪري هليو ويو. هو ڪراچي جي جناح اسپتال مان مايوسين جون جهوليون ڀري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا پهتو جتي هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو. جناح اسپتال داخل هجڻ دوران سندس اکيون آخر تائين موسيقي سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي آمد جي آس ۾ کليل رهيون پر ڪو به لڙي نه آيو ۽ هو مايوس ٿي پنهنجي پٽ سان ڳوٺ موٽيو هو. سهراب فقير 1934ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ تڏهوڪي مشهور طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس چاچو مرحوم فقير زوار پير بخش فقير سنگ جا فقير هئا. سهراب فقير 10 کان 12 سالن جي ڄمار ۾ يڪتارو کڻي باجو وڄائي پنهنجي روح کي هن دؤر ۾ ريجهائڻ شروع ڪيو هو. سڀ کان پهرين ڪلاسيڪل راڳي عاشق علي کان ۽ پوءِ کيتو خان کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ فقير عنايت علي سان به ڪي پل گهاريا سهراب فقير شروعات ۾ ٽالپر وڏا جي درگاهه درمحمد فقير جو طالب بڻيو ۽ اڳتي هلي محرابپور ۾ محفلون مچائڻ لڳو، جتي سندس ملاقات مشهور ڪلاسيڪل راڳي خورشيد علي خان سان ٿي، جنهن جي ساٿ ۾ هن ڇهن سالن تائين طبلو وڄايو ۽ پاڻ منظور علي خان سان به ڪيئن سال وجت ڪندو رهيو. سهراب فقير کي درگاهه درمحمد فقير تي ڳائيندي ڏسي سنڌ جي سرموڙ شاعر تنوير عباسي ٻڌو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر الاهي بخش بخاري سان 1985ع ۾ ملايو ۽ پهريون ڀيرو پروڊيوسر نصير سومري سندس آواز ۾ خوش خير محمد فقير جي ڪلام پرين الله آڻي رڪارڊ ڪرائي نشر ڪيو. تنهن بعد ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان ڳائي شهرت ماڻي. گهنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ ڪلام پڻ شهرت جو سبب بڻيو. سهراب فقير سچل سائين جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ان برطانيه، ڪينيڊا سميت دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ محفلون سجائي سر وکيريا. سهراب فقير کي پنهنجي ڳايل ڪلامن ميڏا روح منگدا محبوب آوي گهڻو پسند هو. جڏهن ته غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان سندن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. پاڻ 50 کان وڌيڪ صوفياڻا ڪلام ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪيسٽن ۾ ڳايا جن ۾ سچل سائين جا ڪلام ’’جنهن دل پيتا عشق دا جام‘‘، ’’گهنڊ کول ديدار وکائون‘‘ ۽ تنوير عباسي جو ’’توسان عشق الستي يار‘‘ ڪرم ٽالپر جو ’’عشق اڄ آيو اڱڻ‘‘ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سندن کي ننڍي کنڊ جي ڀلوڙ راڳي جو اعزاز حاصل هو. ملڪي سطح تي اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا ۽ ٻه ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان ايڪسيلينس ايوارڊ ان کانسواءِ صدارتي ايوارڊ هن دؤر جي صدر رفيق تارڙ پڻ صدارتي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي سندن کي ايوارڊ مليا ۽ هڪ جرمن عورت سهراب فقير جي صوفياڻي ڪلامن تي موهجي ويئي ۽ هن کي شادي جي آفر ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ گڏ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر سهراب فقير کيس چيو ته هو سنڌ کان ڪٿي ٿو پري رهي سگهي. سهراب فقير ٻه شاديون ڪيون جن مان پهرين گهر واري سندن حياتي دوران ئي فوت ٿي جڏهن ته ٻي گهر واري اڃان حيات آهي. هن سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ڇهه نياڻيون، پنج پٽ رجب فقير، نياز احمد، عبدالحميد، اعجاز احمد ۽ سلامت علي ۽ ٻيا ڇڏيا، سندن وڏو پٽ رجب فقير راڳ کان ناتو جوڙيو پيو اچي، جڏهن ته سهراب فقير جي شاگردن مان باقر شاهه سندس ئي انگ ۽ انداز ۾ هن وقت به ڳائيندي نظر ٿو اچي. جڏهن ته سهراب فقير سچل سائين جي 188 ورسي تي آخري ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ سنگ پيش ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير کيس ڪيش ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ۽ هن کان خصوصي رهاڻ جيڪا سندس آخري رهاڻ هئي سا لوڪ ورثا پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مظهر السلام پاران کيس خصوصي طور مڃتا ڏيڻ لاءِ سکر ۾ شانائتي انداز سان رچائي ويئي، جتي مهمان خاص جي حيثيت ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ٽي لک ۽ لوڪ ورثا پاڪستان پاران 2 لک روپين جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريڊيو پاڪستان آرٽس ويلفيئر فنڊ مان 40 هزار روپين جي مالي امداد پڻ تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر فخر بلوچ ڪئي، جيڪا رقم مختيار ملڪ سندن ڳوٺ وڃي پهچائي. سهراب فقير جي پذيرائي ۾ ثقافت کاتي جا اڳوڻا ڪامورا حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا پڻ اڳ کان اڳرا نظر آيا. سهراب فقير جي وڇوڙي بعد صوفياڻي ڪلام جو هڪ باب پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. موجوده حڪومت کي صوفياڻي راڳ کي بچائڻ لاءِ ۽ سهراب فقير جهڙي راڳي جي ڪلامن کي زنده رکڻ لاءِ هن سلسلي ۾ فوري ادارا قائم ڪرڻ کپن ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائيندڙن جي حوصلا افزائي لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.

    مهراڻ، خبرون، هلچل، هلال پاڪستان، سُڪار، تعمير سنڌ، عبرت، فيصلو، عوامي فورم، شام سنڌو ڊائجسٽ


    سيد ڏاڏا شاهه : غريبن جو همدرد

    دنيا جي ڪنهن به خطي جي تاريخ سمجهڻ لاءِ اتان جي ماضي جي اهم شخصيتن جو مطالعو ضروري سمجهيو ويندو آهي. دنيا ۾ آيل هر ماڻهو کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي ماڻهو جن جون زندگيون پنهنجي دؤر جي حالتن جو شڪار ٿي ويون ۽ ٻيا اهي جيڪي پنهنجي توڙي ايندڙ وقت جي حالتن تي اثر انداز ٿيا، دنيا ۾ اڪثريت پهرين قسم جي انسانن جي آهي. جن جون زندگيون رڳو حالات سان سمجهوتو ڪرڻ ۾ گذري وينديون آهن. ماڻهن جو ٻيو قسم جيڪو نسبتن گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، سو آهي انهن شخصيتن جي اڳواڻي ۾ انساني حقيقتون، نوان مثبت رخ اختيار ڪنديون آهن. خيرپور جو رهندڙ سيد ڏاڏا شاهه پڻ سنڌ جي اهڙين شخصيتن مان هڪ هو.
    هو ملڪيتون رکندڙ ڪو جاگيردار نه هو. ڇاڪاڻ جو وڏن جون ملڪيتون هو پنهنجي ننڍپڻ سان گڏ سکر ۾ ڇڏي خيرپور اچي رهيو هو. هو پاڻ ڪو وزير يا سياستدان نه هو پر ان وزير ۽ سياستدان ٺاهيا ۽ پيدا ڪيا. هو عوام جي مسئلن ۽ احساسن جو بهترين نمائندو هو. سندس شخصيت سياسي مصلحتن جي تابع نه هئي ۽ هو حق ۽ سچ جو علمبردار، خوددار، سخي ۽ غريب ترس انسان هو. ڏاڏا شاهه هڪ سماجي شخصيت هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو تخليق ڪار هو. هو ابتدا ڪندڙ ۽ نوان بنياد وجهندڙن مان هو. سندس زندگي جا وڏا ڪارناما جاويد اخبار ۽ فلم مومل راڻو جي شروعات سندس تخليقي صلاحيتن جو زندهه مثال آهن. ڏاڏا شاهه جو ادب، صحافت ۽ فن سان خاص لڳاءُ هو. سنڌ جي ڪچهري واري روايت به ڏاڏا شاهه جي زندگي جو لازمي پهلو هئي، سندس سنڌي ادب ۽ صحافت سان ويجهو تعلق رهيو. جاويد اخبار ڏاڏا شاهه جي انهي شوق جو واضح مثال آهي. سنڌ جي مشهور اديب علي احمد بروهي جي چواڻي ته ڏاڏا شاهه هيو ته مسڪين ماڻهو پر سندس ڏيک اهڙو هوندو هو، جو لڳندو هو ته وٽس لکين رپيا آهن. ماڻهن جي اچ وڃ ۽ پيهه پيهان ڏاڍي هوندي هئس. سندس لنگر سدائين جاري رهندو هو، وڏي دل وارو ماڻهو هو، مهمان نوازي ۾ پنهنجي وس آهر حد ڪري ڇڏيندو هو. سنڌ جي سڄي سياست رڳو سنگت تي آهي ۽ سنگت جو دارومدار دسترخوان تي آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ماني کارائي، ته سمجهو ته توهان وڏي ۾ وڏا ماڻهو آهيو، توهان کي ووٽ وٺڻ لاءِ ڪا گهڻي تڪليف نه ڏسڻي پوندي. خيرپور جا مير صاحب عوام کان پري رهندا هئا، ماڻهن سان ڳالهائيندا ٻولائيندا ئي گهٽ هئا. عوام جي لاءِ ڏک، سک ۾ پوليس ۽ ٻين مصيبتن ۾ مدد لاءِ ڏاڏا شاهه هر وقت موجود رهندو هو ۽ ماڻهو وٽس عام جام ايندا هئا، هو غريبن جي مدد لاءِ جنهن وٽ به لنگهي ويندو هو، ساڻس انڪار نه ڪيو ويندو هو. ڇو ته هڪڙي خبر سڀني کي هئي ته هو غريبن جي مدد لاءِ ئي ايندو آهي. هن جي ڪنهن ۾ به ڪا لالچ ڪانه هئي. وڏي مڃتا ۽ مقبوليت هوندي به هو ڄاڻي واڻي سياست ۾ ڪونه آيو. سياست ۾ ماڻهن کي ڪونه ڪو پاور کپي، اهو ته هن وٽ اڳ ئي هو. هن جي حيثيت، شخصيت ۽ ماڻهن ۾ ساڃاهه ته اڳ ئي هئي، ماڻهو سلام ڪن. ڪم ڪار لاءِ اچن. اهڙي ته سندس حيثيت اڳ ئي هئي.
    سنڌ جي نالي واري اديب ۽ دانشور جمال ابڙي لکيو آهي ته، ’’ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته هوندا آهن جو پهرين ملاقات ۾ ئي سمجهبو آهي ته ڪو ورهين جا واقف يا ڪي وڇڙيل مٽ مائٽ هجن.‘‘ اسان وٽ هزارين اهڙا ماڻهو اڄ به موجود آهن جن تي ڏاڏا شاهه جا اڻ مندائتا ٿورا ٿيل هوندا، وڏو گڙدو، شاهه خرچ ۽ سخي اهڙو جو هڙ ۾ پائي به نه هجي ۽ وٽس ويهارو کن مهمان هر وقت ويٺا کائين. ڏاڏو شاهه پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ گهڻ پاسائين شخصيت هو، سندس خاص خوبيون هونديون هيون، خلق ۽ پيار محبت، غريب غربي جو وٽس ڀيد ڀائو ڪو نه، ياري دوستي جو پڪو، سر ڏيڻ وارو، سخي ۽ مهمان نواز اهڙو هو جو گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ وارو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو هو ته، ’’1964ع ۾ خيرپور پهچڻ سان ٻن شين جي مشهوري ٻڌم، هڪ هتان جو اصل کارڪون ۽ ٻيو ڏاڏا شاهه، سوچيم ته انهي همراهه سان ملجي، آخرڪار ملاقات ٿي، ايڏو ته قرب وارو ڀاڪر پاتائين جو ساڻس ملڻ لاءِ دل بار بار چاهيندي هئي.‘‘ ڊاڪٽر نواز علي شوق ڏاڏا شاهه کي ياد ڪندي لکيو آهي ته ’’مون پنهنجي زندگي ۾ فقط ٻه اهڙا شخص ڏٺا، جن جي مون ڪنهن کان به گلا يا شڪايت نه ٻڌي. اهي هئا سائين ڏاڏا شاهه ۽ استاد حامي.‘‘ سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر سان کيس تمام گهڻو پيار هو. ڪچهرين سان کيس تمام گهڻو پيار هو. هو ڪچهري جو ڪوڏيو هو. ڏاڏا شاهه جي منهن تي مون سدائين مرڪ ڏٺي. ڏاڏا شاهه جهڙو باصلاحيت کڻي اڄ جسماني لحاظ کان اسان جي وچ ۾ ته نه آهي پر سندس ڳالهيون ۽ آدرشي اصول اڄ به خيرپورميرس جي غريب، مسڪين ۽ پيرين اگهاڙن سان گڏ آهن.
    خبرون، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، عوامي آواز، سنڌ، سچ


    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: يارن جو يار

    شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جي 29 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستاني سياست جو محور هو سندن گيت جمهوريت جو راڳ اڄ به ڪلهه وانگي ڳائجي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جيون جا سمورا ڏينهن دکي انسانيت جا راڳ آلاپيندي انهن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاريا. عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏنو. هن جو جمهوريت جي تاج کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ۽ نه وسارڻ جهڙو يادگار ڪردار رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن نالو عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو نه ته هن ڌرتي تي ڪيئي انسان آيا هليا به ويا پر چند ماڻهو ئي سماجي رشتا نڀائيندي امر رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جو ابو هو. جنهن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
    ٻين لاءِ جيئڻ جو فن سيکاريو اقوام متحده جي پليٽ فارم کان ويندي اسلام آباد جي ايوانن تائين هن جو هڪ آواز هو. جيڪو هن ملڪ جي غريب طبقي جو هو، هو پاڻ جنگي قيدين جي آزادي کان ويندي زندگي جي هر پل ۾ عوام خاطر انتهائي بيقرار نظر آيا. هن جو رشتو عوام سان هڪ زنجير وانگي جڙيل هو. جنهن کي عوام جي دلين تان ميسارجي نٿو سگهجي. پاڻ شهادت جو جام اوتي ڇڏيو پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي نڪو سر جهڪايو، هر هنڌ تي پنهنجي اصولن مٿي اٽل نظر آيو، ڦاهي تي مرڪي چڙهيو ۽ مرڪون ۽ لازوال رونقون ڇڏي قوم کي ويڳاڻو ڪري هليو ويو. سندس اصول پرستي سبب اڄ ملڪ جو ٻچو ٻچو جيئي ڀٽو جو نعرو ٿو هڻي سندن جو پيغام اڄ پوري ملڪ ۾ جمهوريت جو راڳ بنجي گونجي رهيو آهي ۽ نا سمجهه ٻار به جيئي ڀٽو جو نعرو ٿا هڻن. لاڙڪاڻي ۾ اڄ به اهي ڳالهيون راڄن ۾ ڳائجن ٿيون ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو محبتي رشتو منهنجي والد محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان هو، انهيءَ ڪري هو اوطاق ۽ چيمبر تي ضرور ايندا هئا جتي هند ۽ سنڌ جي اديبن جا ميلا متل رهندا ۽ رات جي پهرن ۾ ڪچهريون رچنديون هيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهيءَ اوطاق تي ايندو هو جتي وڏا سياسي بحث ڇڙندا هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صلاح مشورن لاءِ المرتضيٰ هائوس ۽ اسلام آباد گهرائيندو رهندو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي اسرار تي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪرايو. جنهن دوران ڊائريڪٽ ڀرتيون نه ڪيون وينديون هيون. امڙ ڳالهه ڪندي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ دفعي جڏهن چيمبر تي آيو ته بابا مرحوم کي چيائين ته پنهنجو پٽ ڏيکار. گهڻي اسرار تي بابا تجڻن ۾ هوندي به مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏيکاريو، جنهن مون کي ڳلن تي چمي ڏيندي پيار ڪيو آئون ڪيڏو نه خوشنصيب انسان آهيان جو هڪ اهڙي امر شخص جي چپن جي چميءَ منهنجي ڳلن واس ڏنو، جيڪو جمهوريت جو بابا ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. سندن انهيءَ طبيعت ۽ عوام جي هر پل محبتن جو ذڪر ڪندي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جي هن ڌرتي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنم نه وٺي ها ته نه ڄاڻ ڌرتي واسين جو ڪهڙو حال ٿئي ها! اڄ به هيڏو سڄو عرصو گذرڻ باوجود به سموري ملڪ جو عوام ڀٽي جي نالي تي جان نثار ڪرڻ لاءِ آتو آهي. هينئر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي پوري پاڪستان مان هزارين ڀٽي جا ديوانا ڪي پيرين پنڌ ته ڪي گاڏين جي قافلن ۾ لاڙڪاڻي پهچن پيا. پر انهن قافلن ۾ هڪ سوڳ وارو ماحول هن لاءِ آهي جو انهن جي قائد شهيد بينظير ڀٽو اڄ زندهه نه آهي جي هو زندهه هجي ها ته اڄ لاڙڪاڻي جون رونقون ئي ٻيون هجن ها. هن جي شهادت بعد غمن جا سايا اڃان تائين ڪارڪن لڏي تي برقرار آهن. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جيڪو پنهنجو والد جو پيغام کڻي ملڪ آئي هئي ۽ جمهوريت جي ٻيڙي کي اڳتي تارڻ پئي چاهيائين پر هن کي به ڀائرن ۽ پيءُ وانگر شهيد ڪيو ويو. جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ملڪ وَري ته سندن آجيان لاءِ آئون به ڪراچي ۾ هيس، جتي جشن جون خوشيون بعد ۾ لوهه جي لالاڻ ۾ رڱجي ويون ۽ سمورو ماحول سوڳوار بڻجي ويو. اڄ جتي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون يادون سندن پيءُ جي سالگرهه ۾ ساريون وينديون ته اتي وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام ورجايو ويندو. آئون پنهنجي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي رب ڪريم کان دعاگو آهيان ته شل شهيد ڀُٽي جي شيدائي سندن ڇڏيل جمهوريت جي واڳ کي اڳتي لاءِ انهيءَ جوش ۽ جذبي سان کڻي اڳتي وڌن جتي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڇڏي وئي هئي.

    سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سُڪار، سنڌو، فيصلو، خبرون، عبرت


    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون يادگيريون

    اڄ هر اک آلي آهي، ماحول ۾ سوڳ جا بادل جتي ڳوڙها ٿا هارين ته اتي سڏڪا ۽ هوڪارا هر دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري ڇڏين. اڄ اهو 27 ڊسمبر جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن جي ڀيانڪ شام ، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو ۽ هڪ وقت لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو هتي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي سمجهيو ته انهن جي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا ته اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. ان لمحي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هيس، جتي هر اک آلي هئي، هر ماڻهو قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو ٿي رهيو.
    ان وقت مون کي پراڻي دؤر جون يادگيريون ستائڻ لڳيون ۽ مون کي اهي ڏينهن ياد پيا، جڏهن آئون 10 سالن جي ڄمار جو هيس ته شهدادڪوٽ مان عورتن جي وين ۾ سوار ٿي انهن ساڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان مليو هيس ته اتي موجود عورتن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چيو هو ته هي اوهان جي بابي مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهاٽي دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو موڀي پٽ آهي. ان کان بعد 1993ع ۾ جڏهن آئون وڪيل هيس ته ان وقت لاڙڪاڻي بار جي اندر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آئي ته اتي ساڻن باقاعده ملاقات ۽ حال احوال اورڻ جو موقعو مليو. اهو موقعو اڳوڻي سفير عبدالرزاق سومرو جي مهربانين سان ميسر ٿيو، جنهن جو مان وڪالت ۾ شاگرد هئس، اتي عبدالغفور ڀرڳڙي اڳوڻي روينيو وزير ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ رٽائرڊ جسٽس اختر علي جي قاضي ۽ هاڻوڪو لا منسٽر اياز سومرو به موجود هئا. جڏهن مان اچانڪ ايجنسين جي دائري هوندي وڪالت جي ڪاري ڪوٽ ۾ سرڪي سرڪي شهيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو صاحبه جي چيئر پويان وڃي بيٺس. ساڻس ڳالهائڻ لڳس ته ايس پي اسپيشل برانچ اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو ته اوستائين مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌائي چڪو هئس ته مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پٽ آهيان، ان تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ايس پي اسپيشل برانچ کي حڪم ڏنو ته نادر صاحب ڪو ميري سامني لائو. انهي کان علاوه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فيملي جا مثال ۽ چرچا اڄ به لاڙڪاڻي جي هر گهٽي واهڻ رستي ۾ مشهور آهن.
    1954ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جن ٻاهرين ملڪ کان ڏيهه وريا ته کيس ملڪي سياست جي اڃا ڪا ڄاڻ نه هئي ته ان زماني ۾ سندس وڏو ڀاءُ سڪندر علي خان ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اسان جي اوطاق تي وٺي آيو هو، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آڱر بابي مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته هاڻ آئون اوهان ڏي نه ايندس، پر ذوالفقار علي ڀٽو ايندو. ان وقت ۾ اسان جي اوطاق پاڪستان ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور ٿي چڪي هئي، جتي نواب اڪبر بگٽي، عطاءُالله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، مرحوم خير بخش مري، ولي خان، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ٽالپر، مخدوم طالب الموليٰ، سوڀو گيانچنداڻي، مير علي احمد ٽالپر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي ۽ ٻيا ايندا رهندا هئا. هن کان بعد ۾ حالتن جي تبديلي سان گڏ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم پاڪستان ٿيو ته ان وقت ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طفيل علي عبدالرحمان کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو ته منهنجي يار تاجل ابڙو کي سيشن جج ڪر، تنهن تي طفيل علي عبدالرحمان جواب ڏنو ته اسان ڊائريڪٽ سيشن جج عدليه ۾ مقرر ناهيون ڪندا، تنهن تي شهيد ڀٽو وراڻيو هو ته جڏهن اوهان ڊائريڪٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿي سگهو ٿا ته پوءِ منهنجو مسڪين ڀاءُ تاجل به ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ٿي سگهي ٿو، اهڙي طرح عدليه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڪيل کي ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ڪيو ويو.
    سياري جي سرد راتين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو باهه جي مچ تي اسان جي اوطاق ۾ ويهي بي بي سي ريڊيو تي خبرون گڏجي ٻڌندا هئا ۽ گرمين ۾ وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوطاق ٻاهران موڙن تي ويهي خبرون ٻڌندو هو. چار ڀيڻن مٿان جڏهن آئون بابا سائين کي پيدا ٿيس ته ان وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو. هن کي خبر پئي ته تاجل کي پٽ ڄايو آهي ته بحيثيت وزيراعظم مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو. ان وقت مان تنجڻن ۾ ٻڌل ماءُ جي هنج ۾ ستل هئس، ان لمحي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي خاص بورچي نوڪر ميوو کي حڪم ڏنو ته تاجل جي پٽ کي کڻي اچ نوڪر امان کان هنج مان تنجڻ ۾ مون کي کڻي آيو ۽ اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هٿن ۾ ڏنو، جنهن مون کي پيار مان چمي ڏيندي بابا کي چيو ته تاجل مبارڪ هجي تنهنجي پيڙهي هلي ويئي.
    پر اڄ وقت جي ستم ظريفي آهي جو شهيد ۽ هن جي لاڏلي ڌيءُ پنڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪو اسان جي قوم جو آواز ۽ سهارو هئي. سا به وقت جي بي رحم هوائن ۽ سازشن جي ور چڙهي، عوام جي حقن واري ويڙهاند ۾ شهادت جو جام اوتي چڪي آهي، جنهن جو غم اسان جي قوم صدين تائين به شايد وساري نه سگهي ۽ نه وري ڪو اهڙو ليڊر ورهين تائين پيدا ٿيڻ جي ڪا اميد نظر ٿي اچي.
    اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ اسان جي قوم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪري زاروزار روئي رهي آهي ۽ پاڻ کي اڄوڪي حالتن ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪري. هاڻ انهن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته ڪوبه اهڙو ليڊر ناهي رهيو جيڪو انهن جي ڳالهه ڪري، انهن خاطر خطرن سان کيڏي، موت کي ڇاتي سان لاهي، اها هڪ ئي بينظير هئي، جيڪا بينظير ٿي ويئي ۽ ماڻهو هن جي غم ۾ بيحال بڻجي ڪلهه وانگي اڄ به اهو ٿا نعرو هڻن ته
    آج ڀي ڀٽو زندهه هي، ڪل ڀي ڀٽو زندهه ٿا.

    عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، خبرون، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عوامي آواز، هلچل، تعمير سنڌ، عبرت مئگزين


    شاهه مردان شاهه پير پاڳارو

    آئون وڏو خوشنصيب آهيان جو جنهن ضلعي ۾ به منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پوسٽنگ ٿي، اتي پاڻ سان مون کي به گڏ وٺي ويندو هو ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان، درگاهون سندس جي چيچ جهلي گهمڻ جو موقعو مليو. جڏهن 1978ع ۾ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي بدلي بطور ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي ته اتي مون کي ڪوٽ ڏيجي جو قلعو سچل سائين جي درگاهه ۽ پير ڳوٺ ۾ سوني ڪلنگي پير صاحب جي درگاهه گهمڻ لاءِ پير ڳوٺ وٺي هليو ۽ مون کي پير صاحبن ۽ سورهيه بادشاهه جي تاريخ ٻڌائڻ لڳو ۽ موجوده پير صاحب پاڳاري جي باري ۾ معلومات ڏني. هن کان پوءِ جڏهن مان سورهيه بادشاهه جون ٻه ورسيون، هڪ ٺري ميرواهه ۽ بوزدار وڏا ۾ ملهائي، جتي جنهن محبت جو اديبن ۽ ليکڪن پير صاحب پاڳاري سان اظهار ڪيو تنهن کي ڀلا ڪهڙن لفظن سان ياد ڪري ڪهڙي معنيٰ ڏجي. اڄ موجوده پير صاحب پاڳارو خيرن سان پنهنجي ڄمار جا 81 سال پورا ڪري چڪو آهي ۽ سموري ملڪ ۾ سندن 81 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. مختلف ماڳن تي سندس عقيدتمند ۽ مريد ڪيڪ ڪاٽي سالگرهه جون خوشيون پيا ميڙن ۽ پنهنجي محبت جو اظهار پير صاحب پاڳاري سان پيا ڪن. پير صاحب پاڳاري جي شخصيت جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون مخلتف وقتن تي بحث هيٺ رهيون آهن. پاڻ هڪ روحاني رهبر کان ويندي سياسي ميدان تائين هر هنڌ ۽ جاءِ ڇانيل نظر ٿو اچي، سندن مريد سندن حڪم تي هر وقت لبيڪ ڪري ڦاهي تي به چڙهڻ لاءِ هر وقت تيار ٿا رهن، سندن ڪوششن سان حر مجاهد، حر فورس اڄ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۾ لڳل آهي. پير پاڳاري جي شخصيت کي جيڪر ڏٺو وڃي ته پاڻ هر وقت چاڪ چوبند نظر اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي پاڻ حالتن سان سمجهوتو ڪندي ناهن ڏٺا ويا، هر دؤر جي حاڪمن اڳيان ڳالهيون صاف ۽ چٽيون رکيون آهن. تنهن کي هر ڪو سمجهي ۽ مڃي ٿو. پير صاحب پاڳاري پاران ڪيل پيشنگويون اڪثر هن ملڪ ۾ هڪ ڪڙو سچ ثابت ٿيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي ڪيل پيشن گوين کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندا آهن ۽ هنن اڳڪٿين جي پويان هو اهو سمجهن ٿا ته هاڻ ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي. پير صاحب پاڳاري ۾ جتي روحاني رهبر جون خاصيتون آهن ته اتي پاڻ سياسي بصيرت جا به مالڪ آهن. سندس سياسي قد ڪاٺ تمام اونچو رهيو آهي. ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان سندن محتاج رهيا آهن ۽ ڪنگري هائوس جا چڪر ڪاٽيندي ڏٺا ٿا وڃن. ملڪي توڙي غير ملڪي اڳواڻ پير صاحب پاڳاري کان ملڪي سياست تي ڳالهيون ڪرڻ اهم سمجهندا رهيا آهن.
    پاڻ واحد روحاني پيشوا آهن، جيڪي هر دفعي ديدار ڪرائڻ وقت پنهنجي حر جماعت کي اهو چوندا رهيا آهن ته پاڻ ۾ اتحاد رکو پاڙي وارن جو خاص خيال ڪريو، نماز پڙهو، روزا رکو، خيرات ڪريو. مقصد ته پير صاحب پاڳارو پنهنجي جماعت کي صبر جي نصيحت ڪندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيراڻين گادين ۾ سندن گادي وڌيڪ سگهاري سمجهي ٿي وڃي.
    هر سال جڏهن عيد ايندي آهي ته پير صاحب پاڳارو پير ڳوٺ تشريف فرما ٿيندا آهن. جتي پنهنجي مريدن کي ديدار ڪرائيندا آهن جيڪي وڏيون منزلون مسافريءَ ڪري ٻارئين ٻچين اتي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ هو پير صاحب پاڳاري جي ديدار ۾ عيد جون خوشيون پير ڳوٺ ۾ هڪ ٻئي سان ڀيڄ پاڳاري جي نعرن سان ملي سموريون غميون وساري چهرن تي مرڪون سجائي محبت وچان ڀاڪر پائي هڪ ٻئي سان عيد ملندي خوشي محسوس ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي پاڻ کي وڏا خوشنصيب سمجهندا آهن جو انهن جي عيد پير ڳوٺ ۾ پير صاحب پاڳاري جي ديدار سان ٿي آهي. اها خوشي ۽ اتي پاتل ڀاڪر انهن لاءِ امر بڻجي ويندا آهن جن ڀاڪرن ۾ مرشد پير صاحب پاڳاري جي ديدار جون خوشيون سمايل هونديون آهن ۽ فضا ڀيڄ پارڳاري جي نعرن سان گونجي اٿندي آهي ۽ سمورا مريد پنهنجي مرشد حضرت پير صاحب پاڳاري جي وڏي ڄمار لاءِ ڌڻي در دعائون گهرندا آهن.
    اڄ به جڏهن برسات پوندي آهي ۽ سانوڻ جون مستيون عروج تي هونديون آهن ته هر طرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا گونجي اٿندا آهن ۽ هڪ پل لاءِ نه وسرڻ جوڳيون يادون ذهن جي چائنٺ تي چٽجي وينديون آهن.
    هن روحاني رهبر ۽ لازوال انسان پير صاحب پاڳاري جن پنهنجي جيون جا 81 سال پورا ڪيا آهن. انهيءَ زندگي جي سفر ۾ هن ڪڏهن لاها چاڙها ڏٺا هوندا پر پاڻ ڪڏهن مايوس ناهي ٿيو. هزارين چئلينجن کي منهن ڏيڻ باوجود هر وقت مطمئن ۽ پرسڪون نظر ايندڙ شخصيت آهي.
    پير صاحب پاڳارو سنڌ جي انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي جنهن تي اسان جي سنڌ ناز ٿي ڪري، پير صاحب پاڳارو جي حوالي سان اڪثر طور اها به ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته پاڻ سياست تي پي ايڇ ڊي ڪري ويٺو آهي.
    اڄ سنڌ ڄائي هن امر انسان جي 81 هين سالگره سموري سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي تقريبون ۽ پروگرام پيا ٿين ۽ سندن وڏي ڄمار لاءِ دعائون پيون گهريون وڃن اسان جي به خدا در اها دعا آهي ته الله پاڪ شل هن سنڌ ڄائي پير صاحب پاڳارو کي وڏي عمر عطا فرمائي ته جيئن هو اسان سنڌ واسين ۽ سموري ملڪ جي خدمت ڪندو رهي.

    سُڪار، مهراڻ، خبرون، سنڌ، سوڀ، تعمير سنڌ، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مقدمو، هلچل


    شيخ اياز: سنڌ جو مهان ڪوي

    ’پٽ! نانءُ ڇا ٿي؟‘
    ’منهنجو نالو نادر علي آهي.‘
    ’نالو ته بادشاهي آهي، انشاءَالله زندگي ۾ به بادشاهي ماڻيندين.‘
    اهي لفظ هئا سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جا جنهن پنهنجي گهر ۾ اسان سڀني گهر ڀاتين جي وڏي محبت ۽ پيار منجهان دعوت ڪئي هئي. ٿيو هيئن هئو ته منهنجو والد صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سکر ۾ سيشن جج طور بدلي ٿي آيو، جنهن جا شيخ اياز سان تمام پراڻا ۽ ويجها دوستانه تعلقات هئا. شيخ اياز اسان جي ڳوٺ لاڙڪاڻي جڏهن به ايندو هئو ته رهندو اڪثر اسان جي اوطاق تي ئي هئو. جتي بابا سائين ۽ شيخ اياز ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ۾ مگن رهندا هئا. نوڪر هڪڙا سگريٽ آڻي بس ڪندا هئا ته وري ٻيا پيا سگريٽ ايندا هئا مگر نه ته سگريٽ کٽندا هئا ۽ نه وري ئي شيخ اياز جي شاعري. البت رات جي جواني ضرور ختم ٿي ويندو هئي.
    سکر کان بابا سائين جي بدلي تقريبن 1973ع ۾ ٿي وئي ته شيخ اياز وري الوداعي دعوت ڪئي. ڪجهه سالن کان پوءِ وري ٻيهر بابا سائين اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ٿي آيو. ٻيهر پوسٽنگ دوران شيخ اياز، فتاح ملڪ، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، برڪت آزاد، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪافي اديب شاعر اسان جي اوطاق تي اچي ڪچهريون مچائيندا هئا.
    شيخ اياز کي مون انتها درجي جو سادو محب وطن ۽ سچو انسان ڄاتو. هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان انتها درجي جي محبت هئي، جيڪا هر وڏي شاعر کي هجڻ به کپي. منهنجي خيال ۾ اها شيخ اياز جي سنڌ ڌرتي ۽ هتان جي رهواسين سان محبت ئي هئي. جنهن سندس کي هن پرڳڻي ۾ لطيف سرڪار کان پوءِ شاعرن ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر بڻايو. هن جو جيئن ته واسطو شڪارپور ضلعي سان هئو ۽ شڪارپور جي ٻولي سنڌ جي انتهائي مٺڙي ٻوليءَ طور پوري هند سنڌ ۾ مشهور آهي. منهنجي شيخ اياز سان آخري ملاقات ڪراچي ۾ جمال ابڙي جي فرزند جي شادي جي موقعي تي ٿي هئي. جتي شيخ اياز سان ڪافي دير ڪچهري رهي. هو مون کان گهرَ جي سڀني ڀاتين متعلق پڇندو رهيو، منهنجي ۽ منهنجي ننڍن ڀائرن جي مستقبل لاءِ صلاحون ڏيندو رهيو.
    هن وقت جڏهن ته شيخ اياز اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس هن ڌرتي سان لاڳاپيل شاعري هميشه اسان توڙي اسان جي ايندڙ نسل ۾ زندهه رکندي. شيخ اياز جهڙا عظيم شاعر ئي عظيم قومن جو سرمايو هوندا آهن.
    منهنجا هي ڪجهه جملا شيخ اياز جهڙي وڏي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪونه آهن پر سندس ياد ته تازي ڪن ٿا.

    سنڌ، شام، تعمير سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان، عوامي آواز


    شهيد ملڪ آگاڻي : ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ

    سونهاري سنڌ انيڪ موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن مختلف شعبن ۾ نمايان ڪم سرانجام ڏيئي سنڌ ماتا جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي ته سمورو سُون آهي پر جي رڳو فقط لاڙڪاڻي تي ئي هڪ نظر وجهبي ته لاڙڪاڻو ڪنهن به طرح سان سنڌ جي ٻين ضلعن کان شخصيات جي حوالي کان پٺتي نظر ڪونه ايندو پوءِ ڀلي سياست هجي، ادب هجي، مذهب هجي يا سماجي ڪمن جو سلسلو هجي. لاڙڪاڻي جي قدرت ڪا مٽي ئي اونچي ٺاهي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ نظير حسين جتوئي. مولانا جان محمد عباسي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ رئيس جان محمد جوڻيجو ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا انسان جن پنهنجون سڄي جون سڄيون ئي حياتيون عوام جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.
    اهڙن ئي ڀلارن انسانن منجهان هڪ ڀلارو انسان هو ملڪ آگاڻي. هاري جو پٽ هو. هن لاڙڪاڻي جي مشهور ادبي ڳوٺ آگاڻي ۾ هڪ غريب هاري جي ڪکائين گهر ۾ پهرين جنوري 1949ع ۾ اک کولي. جيئن ته هي غريب گهراڻي جو فرد هو، تنهن ڪري ئي هن اسان جي معاشري کي ۽ زندگيءَ کي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو. پرائمري تعليم ته پنهنجي ڳوٺڙي مان ئي حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد پيغمبري پيشو ماستري اختيار ڪيائين ۽ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. جيئن ته آگاڻي کي قدرت طرفان ئي شاعري جي ڏات پڻ مليل هئي تنهن ڪري ئي 1972ع ڌاري کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس لکڻ جو انداز ڏاڍو ئي پيارو هو سندس لکڻ ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جو نقش چٽو ۽ نمايان هوندو هو.
    آگاڻي سنڌ جي وڏيرن جاگيردارن ۽ سردارن جي خلاف هو. جيڪو هڪ شاعر ۽ اديب کي هجڻ به گهرجي. آگاڻي سنڌ جي معاشي خصوصن ڳوٺن جو ترجمان هو. سندس شاعري ۾ ’سر ڪيڏارو‘ مشهوري ماڻي.
    ملڪ آگاڻي سان توڙي جو منهنجو ڪو گهاٽو دوستاڻو رشتو نه به هو، تڏهن به هو جڏهن به ملندو هوته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڪچهري ڪندو هو. اها منهنجي بدقسمتي هئي جو منهنجون ساڻس گهڻيون ڪچهريون وغيره ڪونه ٿي سگهيون پر سنڌ جي وڏي ادبي درگاهه ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اوطاق تي هو ايندو هو جتي هن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. سندس گهرو دوست ڪيهر شوڪت جيڪو سندس ڳوٺائي به هو. سو به اڪثر ساڻس گڏ هوندو هو.
    آگاڻي جو هڪ ناول ’’نيروليءَ جو ڪن‘‘ لکيو، جيڪو پڻ ڪافي مشهور ٿيو. ويجھڙ ۾ سندس ٻيو ناول ’’سج جا پاڇا‘‘ پڻ شايع ٿيئي، مقبوليت ماڻي رهيو آهي، هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون ۽ کوڙ سارا ڊراما پڻ لکيا، جيڪي پاڪستان ٽيليويزن تان ڏيکاريا ويا.
    آگاڻي سياست ۾ به ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪيو. شهيد فاضل راهو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي سان تمام گهڻو ويجهو رهيو. سياست جي شوق ڪافي دفعا جيل ۾ به اماڻيس. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن ڳوٺ ۾ ئي فلاحي تنظيم ڳوٺ سڌار ڪاميٽي پڻ ٺاهي. هو غريب، مسڪين، اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماروئڙن جي انهي تنظيم ذريعي مدد ڪرڻ جو حامي ٿي رهيو. شايد اهو عملي ڪم علائقي جي روايتي وڏيرن کي ڪو نه پئي وڻيو جو سندس پٽ تنوير ۽ کيس اهڙي نموني سان شهيد ڪيو ويو جو اهو سوچيندي اسان جا لڱ ڪانڊار جي وڃن ٿا.
    اڄ ملڪ آگاڻي اسان جي وچ ۾ ڪونه رهيو آهي پر هن جي شهادت هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندي. هن جون لکڻيون ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار وارو عملي ڪم هن کي سنڌ جي تاريخ ۾ سانڍيندا رهندا.

    عوامي آواز، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سچ، هلچل، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ


    شاهنواز جوڻيجو : سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو

    سنڌ اوليائن ۽ بزرگن جي سرزمين طور ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙن ڪردارن پاڻ ملهايو، جن کي وسارڻ باوجود به اهي چهرا سنڌي عوام جي ذهنن تان پردو ناهي ڪري سگهندا. انهن چهرن مان سنڌ جو مهان چهرو چاچا مرحوم شاهنواز جوڻيجو به هڪ آهي. هن جا عڪس اڄ به سنڌ جي هر طبقي جي نيڻن ۾ سمايل نظر ايندا آهن. هن سنڌ جي وڏيرڪي طبقي ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. منجهن بي پناهه خوبيون ۽ صلاحيتون سمايل هيون. انتهائي محبتي ۽ بي پناهه پيار ڪندڙ انسان هو. هو شروع کان آخر تائين انسانيت جي بقا لاءِ جهاد جاري رکندو آيو. هن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ساهي نه پٽي. هن جي اندر ۾ محبت جو جذبو ۽ بي پناهه قوت هر وقت ڪنهن حاصلات ۾ پتوڙيندي نظر ايندي هئي. چاچا شاهنواز سان منهنجي پهرين ملاقات سن 2003ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ هئس ۽ صوبائي صلاحڪار فقير محمد جادم منڱريو جي والده ماجده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويو هئس ته اتي کائنس ڪجهه پلن لاءِ ڪچهري ٿي. بعد ۾ پاڻ مونکي ڳوٺ اچڻ جي دعوت به ڏنائون. ساڻس اها منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. تنهن بعد زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن اهڙو موقعو نصيب نه ٿيو. سياسي ميدان ۾ پاڻ ڪنهن کان پوئتي نظر نه آيو. پاڻ سنڌ جي غريب عوام جي حقن حاصلات لاءِ سياست ۾ ڀرپور سياسي قوت سان لٿو ۽ مختلف پارٽين ۾ رهيو. سياسي ميدان ۾ ساڻس وڏا وڏا ليڊر به بحث ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. پاڻ، سچو، کرو ۽ کير کان به وڌيڪ صاف شفاف انسان هو. جيڪا ڳالهه سامهون ايندي هئي سا چئي ڏيندو هو. هن جي انهيءَ عادت ڪارڻ ڪافي دوست رسندا به هيا پر پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف ۽ اصولن تي سودو نه ڪندو هو ۽ نه ئي همت هاري. هو هر مامري کي هر وقت مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سنبريو بيٺو هوندو هو.
    چاچا شاهنواز خان جوڻيجي جي زندگي ۾ شروع کان آخر تائين عجيب رنگ رهيا. پاڻ گهوڙن جي ريس کان ويندي ڪڪڙن جي ميل ۽ ڪتن جي شڪار جا به تمام وڏا شوقين هئا. غريب غربي جي مدد ڪرڻ، کيس انصاف وٺرائي ڏيڻ، حق تي فيصلا ڪرائڻ، هر سڏ ۾ گڏ انهن ساڻ هجڻ هن جي وڏي خوبي چئي ويندي هئي. هن جي اوطاق ڪچهري جي ڪوڏين لاءِ انتهائي راحت ڀري ثابت ٿيندي هئي. هن ماڻهو ۾ فيصلا ڪرڻ جي جرئت ۽ ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جو بي پناهه فن هو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري سندس شخصيت سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کيس سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب ڏنو. اهو لقب هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. پر اڄ سنڌ جو اهو ڪلاسيڪل وڏيرو اسان کان وڇڙي چڪو آهي، تنهن بعد وري ڪو اهڙو وڏيرو اسان کي نظر نه آيو. جيڪو اهڙي پروقار شخصيت جو مالڪ هجي. اڄ اسان وٽ وڏيري لفظ کان ماڻهو خوف کائين ٿا، ڇو جو ان لفظ کي زيادتين جي حوالي سان تمام گهڻو ياد ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪارڻ هن لفظ جي اسان وٽ اهميت به ڪري پئي آهي.
    بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان چاچا شاهنواز جوڻيجو جو انتهائي ويجهو لاڳاپو رهيو ۽ اڪثر پاڻ سندن ذڪر ڪندا هئا. هو اڄوڪي سنڌ جو اڪيلو ڪلاسيڪل وڏيرو هو. مونکي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اسان ماڻهو خوشنصيب ۽ سنڌ ڌرتي مهان آهي جنهن جي پيٽ مان انهن ديوتا نما انسانن جنم ورتو، جن جا نغما اڄ پوري سنڌ ۾ جهونگاريا وڃن ٿا، اهي ماڻهو اسان وٽ ناهن رهيا پر انهن جون يادون، خيال ۽ سپنا اسان جي چوگرد گهمن ٿا ۽ اسان کي سندن هر هر يادگيريون اچن ٿيون ته اوهان آهيو ڪٿي ۽ هي ڇا پيا ڪيو؟ اسان جو ڏنل درس ڇا اوهان کان وسري ويو آهي؟ اهي ڳالهيون زندگي جي حسين لمحن ۾ سدائين يادن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏينديون آهن.
    اڄ چاچا شاهنواز خان جوڻيجو جي ٻي ورسي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن تي منهنجي سنڌ جي سمورن سڄاڻ سلجهيل طبقن، اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن، قلمڪارن ۽ سماجي اڳواڻن کي اها وينتي آهي ته پنهنجي مهان ماڻهن کي سڃاڻو ۽ انهن جي پرگهور لهو، ڇو جو اهي چهرا سنڌ جو لازوال خزانو آهن.

    تعمير سنڌ، خبرون، هلال پاڪستان، سڪار، سنڌو، فيصلو، مقدمو ، هلچل، عبرت، ڪاوش


    شاهنواز حيدري : بيباڪ ۽ ارڏو صحافي

    سونهاري سنڌ انيڪ موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ ڌرتي جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. اهڙين ئي سنڌ جي ڀلوڙ شخصيتن منجهان خيرپور ميرس ضلعي جو نامور ۽ جهونو صحافي حاجي زوار شاهنواز حيدري به هڪ هو. بنيادي طرح هو هڪ غريب خاندان مان هو. سندس والد فقير ڪوڙل مڱڻهار خيرپور ميرس ۾ شادين ۽ طهرن ۾ شرنايون ۽ دهل وڄائي ماڻهن کي خوشيون ڏئي لطف اندوز ڪندو رهيو. هن جي گهر ۾ جڏهن پٽ شاهنواز حيدري ڄائو ته مڱڻهار برادري وڏيون خوشيون ملهائيون، کيس سندس والد غريبي حالت ۾ ست جماعتون پاس ڪرايون، جيئن ته بنيادي طرح هي غريب گهراڻي جو هو ۽ سنڌ ۾ سردارن، پيرن ميرن ۽ وڏيرن طرفان سنڌ جي غريب پيڙهيل طبقي مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر ڏسي کيس جذبو پيدا ٿيو ته غريب ۽ مسڪين لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪجي سندس ان اندر جي پيڙا رنگ لاٿو.
    ڪنهن ڏاهي جي چواڻي ته رياست جا اهم شعبا عدليا، پارليامينٽ، بيورو ڪريسي ۽ پريس آهن. جن جو رياست ۾ اهم ڪردار آهي. حاجي زوار شاهنواز پريس جهڙي مقدس ۽ پيغمبري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو ۽ ان وقت جي سنڌ جي هڪ وڏي سنڌي اخبار جو ضلعي رپورٽر ٿيو. حاجي زوار شاهنواز حيدري کي سياست سان به تمام گهڻي دلچسپي هئي اهو ئي سبب آهي جو مشهور سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، هادي بخش لاڙڪ وڪيل، سيد اميد علي شاهه، ۽ سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه جن جي ٿيندڙ سياسي جلسن ۾ ضرور شرڪت ڪندو هيو. تنهن ڪري ئي سنڌ جي ڪافي سياستدانن جي ويجهو رهيو. صحافت ۾ سندس محنت ۽ شوق جي بدولت ضلعي خيرپور ميرس جي صحافين کيس صدر پريس ڪلب خيرپور ميرس بڻايو ۽ ڪجهه عرصو صدر جي حيثيت ۾ صحافين ۽ پريس ڪلب جي خدمت ڪيائين. هن جو سنڌ جي غريب طبقي سان وڏو لڳاءُ هيو. اهو ئي سبب آهي جو علائقي جي مسئلن تڪليفن ۽ بي زبان مسڪينن جي آواز کي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ڪري علائقي جي ڪافي ڏتڙيل ڳوٺن کي روڊ، رستا، اسڪول ۽ اسپتالون مليون. هونئن به صحافي اگر نيڪ نيتي ۽ سچائي سان صحافت جهڙي مقدس ۽ پيغمبري پيشي کي ۽ پنهنجي قلم کي حقيقي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي غريب بي پهچ ۽ مسڪين طبقي جي قسمت ئي ڦري وڃي.
    حاجي زوار شاهنواز حيدري جي سڀني دوستن جو دائرو به وسيع هيو. سندس گهاٽن يارن منجهان ڊاڪٽر تنوير عباسي، پروفيسر عطا محمد حامي، تاجل بيوس، استاد بخاري ۽ پروانو ڀٽي سر فهرست آهن. سيد اميد علي شاهه عرف ڏاڏا شاهه جيلاني جي مالي مدد ڏيڻ تي سندس پٽ جي نالي سان منسوب ’’جاويد‘‘ اخبار خيرپور ميرس مان ڇپي. ان اخبار ۾ ڏينهن رات محنت ڪري جاويد اخبار جي سرڪيوليشن وڌايائين. حاجي زوار شاهنواز حيدري سچل سرمست جو پانڌيئڙو به هيو. هو هر سال ميلي تي وڃي اخبارن ۾ ميلي جو احوال لکڻ ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ جي حوالي سان پڻ مشهور رهيو.
    انهي شوق ڪري سنڌ جي مشهور صوفي فنڪارن وغيره سان پڻ سنگت ٿيس. جن ۾ سهراب فقير، محمد يوسف ۽ ٻيا کوڙ سارا فنڪار سندس دوست رهيا.
    اڄ سندس ستين ورسي آهي. جيتوڻيڪ جسماني طرح حاجي زوار شاهنواز حيدري اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس سنڌ جي اخبار ۾ لکيل مضمون کيس سنڌ جي تاريخ ۾ زندهه رکندا ۽ سنڌ جي صحافين لاءِ مشعل راهه وارو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

    سنڌ، عبرت، سنڌو ڊائجسٽ، تعمير سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان


    شهيد ڊي آءِ جي عبدالعزيز بلو معروف ايماندار پوليس آفيسر

    اڄ مان پهريون دفعو ڪنهن پوليس آفيسر جي ياد ۾ تعريفي مضمون لکي رهيو آهيان. پوليس ته آهي ئي پوليس، انهي جي مان تعريف ڪرڻ گناهه مثل ٿو سمجهان پر وڏڙن جو چوڻ ته پنج ئي آڱريون برابر ڪونه ٿين. پوليس جي کاتي ۾ واقعي ڪجهه پوليس آفيسر جن ۾ اي ڊي خواجا، غلام قادر ٿيٻو، بشير احمد ميمڻ، ثناءَالله عباسي، ڊاڪٽر ولي الله دل، سلطان خواجا ۽ فتح علي خواجا اهڙا پوليس آفيسر آهن، جن جي تعريف ڪرڻ هنن جو حق به ٿئي ٿو. اهڙن ئي ايماندار پوليس آفيسرن منجهان، هڪ پوليس آفيسر عبدالعزيز بلو به هيو. منهنجا سندس گهراڻي سان ويجها تعلقات رهيا، شهيد بلو منهنجي وڏي ڀيڻيوي جو ويجهو دوست رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ علم دين وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ٻئي ڀيڻيوي ۽ ڀيڻ سان گڏ پڙهيو. جڏهن مان سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ هوس، ته سندن ٽيون ڀاءُ حافظ عبدالهادي منهنجو ايس پي اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو رهيو. ڪوٽ بلو تعلقي پنو عاقل جي قابل احترام استاد عمرالدين بلو جي گهر ۾ اک کوليندڙ شهيد عزيز بلو پنهنجي ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ڀاءُ هو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ڪوٽ بلا ۾ حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول پنو عاقل مان ۽ انٽر ۽ بي اي لاءِ کيس سکر جي ياترا ڪرڻي پئي. شهيد عبدالعزيز بلو جو واسطو جيئن ته تعليمي گهراڻي سان هيو. سندس والد پرائمري ماستر هو. سندس والد پنهنجي هن پٽ جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي بلو قبيلو هن سپوت ۽ گهراڻي تي فخر منجهان ڳاٽ اونچو ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي ڪيريئر جو آغاز آبپاشي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي ڪيو. تعليمي گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب هن قلم ۽ ڪاغذ کي ڪونه ڇڏيو ۽ 1970ع ۾ ليڪچرار طور پنهنجي والد وارو پيغمبري پيشو اختيار ڪيو. پر محنت وري به پنهنجي هٿان ڪونه ڇڏي ۽ مسلسل محنت جي نتيجي ۾ ئي شهيد عبدالعزيز بلو 1977 ۾ سي ايس ايس پاس ڪري اي ايس پي ٿيو ۽ ترقيون ماڻيندو آخرڪار ڊي آءِ جي جي عهدي تي رسيو. هي طبيعتن گهٽ ڳالهائڻو، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار، ايماندار نيڪ نمازي ۽ انصاف ڪندڙ پوليس آفيسر طور عوام ۾ مشهور رهيو. سندس ياري باشي ۽ دوستي جو دائرو تمام گهڻو وسيع هو، جنهن ۾ پنهنجي پنهنجي وقت جا وزيراعظم، صدر، گورنر، وزير اعليٰ، اسپيڪر، سياستدان ۽ عالم دين وغيره شامل آهن. جيئن ته شهيد عزيز بلو بنيادي طرح غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هو. تنهن ڪري ئي مون هن ۾ غريب ماڻهن کي بي حد عزت ۽ مان ڏيندي ڏٺو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ڪراچيءَ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ جي شادي، جنهن ۾ مون کي به دعوت هئڻ سبب شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، اتي غلام مصطفيٰ جتوئي، الاهي بخش سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان ۽ معزز ماڻهو شريڪ هئا. پر شهيد بلو جيتري انهن وڏن سياستدانن کي عزت ڏئي رهيو هو، اوتري ئي اسان جهڙن مسڪين آيل مهمانن کي به پئي ڏنائين، وري ٻيهر سندس گهراڻي جي شادي جي دعوت ۾ مون کي سکر شرڪت لاءِ وڃڻو پيو، جتي به مون اها ڳالهه چڱي طرح ٻيهر به پئي محسوس ڪئي، ته شهيد عزيز بلو غريبن سان دل جي گهراين سان پئي مليو ۽ اهڙو ڪوبه فرق محسوس نه پئي ٿيو ته هن شخص وٽ غريب ۽ امير لاءِ ڪو فرق آهي. تازو ئي شهيد عزيز بلو کي وزيراعظم پاڪستان مير ظفرالله جمالي جنهن سان شهيد عزيز بلو جا ذاتي دوستاڻه واسطا پڻ هئا، تنهن سندس ايماندارانه روين ۽ عوامي خدمتن جي حوالي سان هن کي پنهنجي صوبي بلوچستان جي سبي ۽ نصيرآباد ريجن جو ڊي آءِ جي طور رکرايو ته جيئن شهيد عزيز بلو جا سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري مشهوري ماڻي سا بلوچستان جي ماڻهن جي به ڪري سگهي. هن ۾ ڊي آءِ جي جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ به ڪنهن به قسم جي وڏائي يا مغروريت، جا اڪثر پوليس آفيسرن ۾ ٿيندي آهي سا ڪو نه آئي. سندس ماتحت عملي لاءِ پنهنجي اولاد جيان ڇپر ۽ ڇانو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شهادت کان ڪجهه گهڙيون اڳ رات جو ايس ايڇ او ڀاڳ ناڙي جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع مليس، جنهن تي هو سندس طبيعت پڇڻ لاءِ گهران نڪتو ته نوتال وٽ هٿياربندن ڦر لٽ دوران خوف منجهان پوليس موبائيل ڏسي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ عبدالعزيز بلو موقعي تي جام شهادت پيتو، هن مهل شهيد عزيز بلو اسان جي وچ ۾ ته ڪونه رهيو آهي پر هو سنڌ توڙي بلوچستان جي عوام جي دلين ۾ سندس ڪيل خدمتن جي حوالي سان هميشه زندهه رهندو. شهيد عزيز بلو واقعي به پوليس جي کاتي جو مان، شان ۽ عظيم سرمايو هو. هو پوليس جي نوجوان آفيسرن لاءِ پڻ مشعل راهه آهي.

    هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، تعمير سنڌ، سچ، هلچل


    ظفر ڪاظمي: رنگن جي شهنشاهه جو لاڏاڻو

    ظفر ڪاظمي جي لاڏاڻي بعد مصوري جي جهان ۾ شانت ڇانيل آهي. پنهنجي مصوري وسيلي پوري جڳ ۾ پاڻ ملهايو ته اتي وري کين لاتعداد ايوارڊ مليا، هن سنڌ جي انتهائي حسين منظرن کي ڪينواس تي چٽيو. هو مسلسل ٽن سالن کان بيماري سان ويڙهاند ڪندي آخرڪار 73 ورهين جي ڄمار ۾ اڻ ميون يادون ڇڏي اسان کان وڇڙي ويو. هن جو شمار سنڌ جي اهم شخصيت ۾ ڪيو ٿي ويو. اڄ سندن لاڏاڻي بعد جيڪي هن سنڌ جا منظر چٽيا هئا اهي سمورا اسان کان اهو سوال ٿا ڪن ته ڇا اوهان ظفر کي اهو مانُ مرتبو ڏنو ، جنهن جي هو لائق هو.
    ظفر ڪاظمي سيد مير محمد شاهه جي گهر ۾ 25 ڊسمبر 1933ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ آمري ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم آمري ۽ نيل داس ڪالوني اسڪول پاڪستان چوڪ ڪراچي مان حاصل ڪئي. انگريزي جو ٻيو درجو سنڌ مدرسه السلام ڪراچي مان حاصل ڪيو. 1945ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو، جتي هن انٽرميڊيٽ ڊزائين گرڊ ٽاپ پوزيشن سان حاصل ڪيو. 1950ع ۾ جي جي وي ڪراچي مان پاس ڪيائين. 1954ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان سنڌ ٽيچر سرٽيفڪيٽ امتحان ٽاپ پوزيشن مان پاس ڪيو. 1979ع ۾ ميوزالائجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ برطانيا مان ڪيائين. ظفر ڪاظمي 1948ع انٽر ڪلاس دؤران پينٽنگ ۽ ماڊلنگ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. 1951ع ۾ ڪراچي جي اين جي وي اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو، جتي هو 9 سال استاد رهيو. 1954ع ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين ۽ 1976 ۾ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ آل گورنمينٽ ٽيچر ڪانفرنس ۾ پهريون انعام ڏنو ويو. ظفر ڪاظمي جي پهرين نمائش 1958ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿي، تنهن جو افتتاح تڏهوڪي صدر ايوب خان ڪيو. 1959ع ۾ آل پاڪستان ٽوئرز ۾ پوسٽر مقابلي ۾ قومي سطح تي کيس پهريون انعام ڏنو ويو. 1960ع ۽ 1961ع ۾ ڪاظمي کي سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس دؤران آرٽ ٽيچر پينٽنگ نمائش ۾ پهريون انعام مليو . ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش 1979ع ۾ انگلينڊ جي برمنگهم ميوزم ۽ آرٽ گيلري ۾ ٿي ۽ 1982ع ۾ سگا طرفان حاجي جمن ابراهيم گولڊ ايوراڊ مليو 1970ع ۽ 1980ع ۾ کيس پاڪستان ۽ فرانس حڪومتن پاران آرڪيالاجي جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. 1985ع ۾ ٿرپارڪر ميلي ۾ کيس سنڌ ايوارڊ ڏنو ويو. هلال احمر حيدرآباد طرفان کيس آزادي واري ڏهاڙي تي 1985ع ۾ بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ۽ آمريڪي اداري طرفان ليڊر شپ ايوارڊ ڏنا ويا. 1997ع ۾ کيس ٻاراڻي رسالي نٽ کٽ طرفان لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. 1998ع ۾ ظفر ڪاظمي اي ڪي پي شيخ ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌ ثقافت کيس 1999ع ۾ لطيف ايوارڊ سان نوازيو. 2006ع ۾ يوم مادرن وطن تقريب ۾ ظفر ڪاظمي ثقافت ايوارڊ ڏنو ويو. سيد ظفر ڪاظمي پنهنجي ڪيريئر دؤران ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هو اين جي وي اسڪول ڪراچي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اولڊ ڪئمپس ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڊرائنگ ٽيچر رهي چڪو آهي. سنڌ جي صوبائي ميوزم حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل آفيس جي عهدي تي رهيو، سنڌ ميوزم ۾ پهرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهي چڪو. هن سنڌ ميوزم حيدرآباد، ٿرپارڪر ميوزم ميرپورخاص، ڀٽ شاهه، ميوزم، سيوهڻ ميوزم، لاڙ ميوزم، ۽ بدين ميوزم ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن شمس العلماءَ علامه بن دائود پوٽا لائبريري حيدرآباد ڀٽ شاهه ۾ شاهه جو باغ ۽ سنڌ مدرسي ميوزم جي اندروني ڊزائين ۽ گيلري جي ڊزائين پڻ ڪئي.
    ظفر انتهائي ڀلو ماڻهو هيو ۽ سنڌي عوام کي آخري پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته اول امان، آخر امان جي پيٽ ۾ انسان ڪيڏو نه خوش هيو هاڻ وري امان جي دنيا ۾ خوش رهندو، مٽيءَ کي مانُ ڏيو، امان جو گهر آباد ڪيو. لطيف اوسر ڏني. خود غرضيءَ سنڌ جي عظمت وڃائي. سمجهو، سکو ۽ پڙهو.
    ظفر ڪاظمي جي آخري پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بابا سائين مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو، ته اهي ئي ماڻهو آخرت ۽ دنياوي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا جيڪي پنهجي وڏڙن جي پيغام تي هلن ٿا. سو ظفر ڪاظمي به سنڌ جو لازوال انسان هو جيڪو بي مثال بڻجي اڄ اسان کان وڇڙي چڪو آهي.

    سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار، فيصلو، عبرت، تعمير سنڌ، خبرون


    عبدالحميد خان جتوئي : سنڌ جو ارڏو قومپرست

    عبدالحميد خان جتوئي سان منهنجي پهرين ملاقات 1997ع ڌاري ٿي، جڏهن منهنجي پوسٽنگ بحيثيت ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن دادو ٿي ته مان عبدالحميد خان جتوئي سان ملڻ سندس ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ويندو هئس، حالانڪه ساڻس منهنجون ملاقاتون بلڪل مختصر رهيون پر حياتي ۾ جن سنڌ جي وڏين وڏين شخصيتن مونکي ڪچهرين ۾ متاثر ڪيو، جتوئي صاحب به انهن مان هڪ شخصيت هئو، سندس ڪچهري ۾ وڏو مزو ۽ لطف ايندو هيو، عبدالحميد خان جتوئي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو دوست هئو.
    عبدالحميد خان جتوئي پنهنجي ڪچهرين ۾ مونکي بابا سائين جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هو، حقيقت ۾ هو پنهنجي سر پاڻ هڪ انجمن ۽ ادارو هيو، سنڌ جي هن ارڏي قومپرست، سنڌ پرست سياستدان سياست جي باقاعده شروعات 1940ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڪئي، هو پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ جواهر لعل نهرو جي ميهڙ اچڻ تي سندس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، 53_1952ع دوران پاڪستان جي پهرين قانون سازي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪري سڄي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي، هو 1954ع ۾ مسلم ليگ مان ڌار ٿي ويو ۽ 1956ع ۾ دادو ضلعي مان 6 جي پينل تان اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ويو جڏهن ته ايوب خان جي مارشل لا بعد 1962ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ايم اين اي چونڊيو، 1965ع وارين چونڊن ۾ جڏهن دادو ضلعو هڪ تڪ هو ته ان وقت جي ايم سيد جي پٽ سيد امداد محمد شاهه جي مقابلي ۾ بيٺو، جنهن کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي خالي ڪيل سيٽ تي، لاڙڪاڻي واري تڪ تي سردار پير بخش ڀٽو جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ هارائي ويو.
    1967ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ ٺاهي ته پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان ڪامياب ٿيو، ان وقت هن جو ذوالفقار علي ڀُٽي جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو، ذوالفقار علي ڀُٽي کيس اولهه پاڪستان ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو چيئرمين به مقرر ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪن ڳالهين تان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس اختلاف ٿي پيا، 1973ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي آئين ٺاهيو ته صوبن کي خودمختياري نه ملڻ ۽ قومن کي نه مڃڻ ڪري هن 1973ع واري آئين تي صحيح نه ڪئي، هو سنڌ جو پهريون اهڙو اڳواڻ هو، جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙي شخصيت جي به مخالفت ڪئي، 1973ع واري سال ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو، 1976ع واري اليڪشن ۾ پ پ سندس وڏي پٽ لياقت علي جتوئي کي ايم اين اي جي سيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني، سندس ڪاميابي کان پوءِ عبدالحميد خان جتوئي سياست تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو پر بعد ۾ دوستن ۽ عوام جي اسرار تي اهڙو فيصلو واپس ورتائين، ضياءَ جي مارشل لا دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ ضياءَ جي پاليسين جي مخالفت سبب 1989ع ۾ جيل به ويو.
    1985ع ۾ جڏهن غير جماعتي چونڊون ٿيون ته هو وري ايم اين اي چونڊيو ويو ۽ مخالف ڌر ۾ ويٺو، اسيمبلي ۾ هن ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي ۽ ڪالاباغ ڊيم معاملي تي ڀرپور آواز اٿاريو. 1988ع ۾ عبدالحميد خان جتوئي سنڌ قومي اتحاد جي پيلٽ فارم تان پ پ جي رفيق مهيسر جي مقابلي ۾ بيٺو، جڏهن 1997ع ۾ پ پ جي رفيق مهيسر کان چونڊ کٽيائين، ان وقت پٽ جي وڏي وزير ٿيڻ تي نوازشريف کان ڪابه وزارت نه ورتائين پر ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي نواز شريف جي ڀرپور مخالفت ڪيائين ۽ پٽ لياقت علي جتوئي کي به وڏ وزارت ڇڏڻ جي هدايت ڪيائين، هن شريعت بل سميت اسيمبلي ۾ پيش ٿيل نواز شريف جي ڪنهن به بل تي به صحيح نه ڪئي، آخر ۾ کيس سندس پٽ اعجاز جتوئي جي وڇوڙي جهوري وڌو ۽ هن سياست ڇڏي ڏني، پٽ جي لاڏاڻي کانپوءِ آخر تائين هن ڪنهن به سياسي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي، گوڏن جي بيماري سبب ويل چيئر تي هلندو هو ۽ گاڏي تي چڙهي باغن جو سير پڻ ڪندو هو، غريب غربي، هارين ۽ ڪمدارن سان بغير ڪنهن وڏائي جي ڪچهريون ڪرڻ سندس عادت ۾ شامل هو. سنڌ ۾ منصفاڻن فيصلن ڪري به عبدالحميد جتوئي جو وڏو نالو هو، ۽ هو فيصلن جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه هڪ بهتر عادل طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڪيترائي فيصلا ڪيا، سندس اهم خاصيت اها هئي ته هو قرآن شريف تي فيصلا نه ڪندو هو، عبدالحميد خان جتوئي جهڙا سياستدان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن ۽ سنڌ جي سياسي نوجوان ٽهي لاءِ مشعل راهه به آهن.

    سچ، عوامي آواز، سنڌ، مهراڻ، تعمير سنڌ


    علي احمد بروهي : اسان جو بزرگ

    علي احمد بروهي سان منهنجو واسطو ننڍپڻ کان وٺي هئو جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مون کي آڱر کان وٺي علي احمد بروهي وٽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ويندو هئو. علي احمد بروهي منهنجي والد جي پراڻن دوستن منجهان هڪ هو. بروهي صاحب سان منهنجي گهڻي ڀاڱي ٽيليفون تي ئي ڪچهري ٿيندي هئي، جڏهن به زندگي ۾ مون کي ڪا تڪليف پهتي ته مان کيس ٽيليفون تي ياد ڪندو هوس ۽ هو يڪدم منهنجي داد رسي ڪندي چوندو هو ته ’’من فڪر نه ڪريو اسان جو اوهان جا بزرگ ويٺا آهيون‘‘
    سندس اهو هڪڙو جملو هانوَ تي ڇنڊو وجهندو هو ۽ احساس ٿيندو هو ته والد جي وفات کانپوءِ به مان ننڌڻڪو ڪو نه آهيان ۽ وڏي وڻ جي ڇانو اڃا برقرار آهي. قدرتي طور هن جي مزاج ۾ ننڍن کان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو واري ڳالهه سمايل هئي. ڀلي کڻي بيمار هجي يا مصروف پر ٽيليفون تي ضرور ڳالهائيندو هو.
    سنڌ جي هن جهوني ڏاهي 1920ع تي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جي تعلقي اوٻاڙي جي ننڍڙي ڳوٺ کنڀرا ۾ اک کولي، شروع کان ئي محنت ۽ علم سان شوق رکيائين. پرائمري تعليم ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. 1940ع ڌاران سنڌ جي وڏي درسگاهه سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿي نڪتو. 1941ع ڌاران بحري فوج ۾ ڀرتي ٿيو. 1946ع ڌاران ممبئي رائل انڊس نيوي ۾ ڪم ڪرڻ دوران سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ۽ ڀرپاسي جي اڏن تي برطانيا حڪومت سان بغاوت جي الزام ۾ کيس چار سال سزا پڻ ملي ۽ ملڪ جي آزادي کان پوءِ 1947ع ۾ ان جي سرڪار خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ بغاوت جي ڪيس مان جان آجي ٿيس.
    1950ع تائين ڪافي اخبارن ۾ لکندو رهيو جنهن دوران 1950ع ۾ هڪ مضمون لکڻ عيوض سندس خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، انهي کانپوءِ وري مختلف کاتن ۾ سرڪاري نوڪريون ڪندو رهيو. شيخ سلطان ٽرسٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. جتان آخر ۾ رٽائر ڪيائين.
    سنڌ جي هن ڏاهي ڪافي مشهور ۽ معياري قسم جا سنڌ جي عوام کي ڪتاب پڻ لکي ڏنا ۽ ان کان علاوه هزارن جي تعداد ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو. مختلف سرڪاري عهدن دوران سرڪاري طرح دنيا جي ڪافي ملڪن جا دورا ڪيائين، جن ۾ آمريڪا، چين، ملائيشيا، اٽلي، فرانس، انگلينڊ ۽ ٻيا شامل آهن. 1946ع کان 1947ع دوران نيوي ۾ بغاوت ڪيس ۾ هندوستان جي مختلف جيلن جي ياترا پڻ ڪيائين.
    1947ع ۾ سنڌي اخبار قربانيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. پير علي محمد راشدي ۽ جي ايم سيد سندس ويجها دوست هئا، تن ئي کيس صحافت جي دنيا ۾ آندو. 1952ع ۾ جوشيلا مضمون ۽ ڪالم لکڻ جي ڪري سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيا، جنهن ڪري سکر مان فرار ٿي خيرپور رياست ۾ روپوش ٿي ويو، جتي خيرپور اسٽيٽ جو وزيراعظم قزلباش هو، جنهن هن سنڌ جي ڏاهي کي مڃتا ڏيندي پنهنجو اطلاعات جو آفيسر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ دوران علي احمد بروهي جون خدمتون خيرپور رياست مان حڪومت حوالي ڪيون ويون ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اطلاعات رهيو. 1957ع ۾ ڪميشن پاس ڪري لاهور ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ ملڪ اندر سياحت کاتي جي پهرين ڊائريڪٽر طور تعيناتي ٿيس. جنهن دوران سياحت کاتي ۾ بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت کيس تربيت هيٺ لنڊن موڪليو . بروهي صاحب کي مختلف وزيرن جي پي آر او، رهڻ دوران انهن سان اختلاف ٿي وڃڻ سبب سردين ۾ ڪوئيٽا ۽ گرمين ۾ ملتان موڪليو ويندو هو.
    علي احمد بروهي کي 1970ع ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن سنڌ بڻايو ويو. 1972ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو سان اختلاف ٿيڻ ڪري بروهي صاحب کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. 1978ع ۾ علي احمد بروهي کي مارشلا حڪومت ۾ وري سڏايو ويو ۽ کيس ڊائريڪٽر جنرل ريفرنس اينڊ ريسرچ ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جلد ئي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ مقرر ڪيو ويو، پر پنهنجي ارڏي طبيعت اصولن تي سوديبازي نه ڪندي، وري هميشه جيان چيف سيڪريٽري سنڌ سان اختلافات چوٽ چڙهڻ ڪري رٽائرمينٽ حاصل ڪئي ۽ رٽائرمينٽ بعد 1980ع کا ن 2001ع تائين شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو آيو.
    عمر جي آخري حصي ۾ الطاف حسين کان متاثر ٿي سن 2001ع ۾ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ متحده جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر ٿيڻ کان پوءِ کيس ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو، آخري گهڙي تائين متحده سان واڳيل رهيو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هڪ پل وارو دوستاڻو اهم ڪردار ادا ڪيو.
    علي احمد بروهي جهڙا انسان ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندس اکين ٻوٽڻ کان پوءِ پيدا ٿيل خال ڀرڻ پري پري تائين ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. سنڌ جي هن سپوت جون ڪيل خدمتون سنڌ جي تاريخ سنهري لفظن ۾ صدين تائين سانڍيندي ايندي. اهڙا شخص ئي سنڌ جي روايتن جا امين آهن ۽ اسان جي نوجوان ٽهي لاءِ مشعل راهه آهن.

    سنڌ، خبرون، مهراڻ، سچ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل


    علي شير ڪُٻر : سنڌ جو ارڏو صحافي

    سنڌ پنهنجي پيٽ مان هزارين سپوت پيدا ڪيا آهن جن مختلف شعبن ۾ محنتون ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور شهر خيرپور ميرس ۾ به مشهور شخصيتون پيدا ٿيون جن سنڌ جو ملڪي سطح تي نالو روشن رکيو. جڏهن اسان خيرپور جي فقط صحافي برادريءَ تي ئي رڳو نظر وجهون ٿا، ته مرحوم علي شير ڪُٻر جو نالو سنڌ جي صحافتي دنيا ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هن مرد مجاهد ضلعي خيرپور جي ڳوٺ محمد صادق ڪُٻر ۾ هڪ زميندار گهراڻي ۾ 1940ع ۾ جنم ورتو. علي شير ڪُٻر جو والد مرحوم صادق ڪُٻر ان وقت جي رياست خيرپور جو وڏو زميندار ۽ معزز شخصيتن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. علي شير ڪُٻر زمينداراڻي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍپڻ کان ئي سلڇڻو، سٻاجهڙو ۽ خوش اخلاق انسان هو. سندس باري ۾ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته سندس والد کيس چيو ته بابا تون بنگلي ۾ ويهه ته آئون ڪو ڪم ڪري اچان ٿو. جنهن تي ننڍڙي علي شير سڄو ڏينهن والد جي حڪم موجب بنگلي ۾ انتظار ڪندي گذاريو ۽ جڏهن سندس والد واپس رات جو آيو ته هن کي ساڳئي هنڌ انتظار ڪندي ڏسي شفقت منجهان چمندي چيائين ته پٽ اڄ تون پيءُ جو حڪم تي هلندي ثابت ڪيو آهي ته تون زندگيءَ ۾ هڪ وڏو انسان ۽ ڪامياب شخص ثابت ٿيندي. اڳتي هلي سندس والد جا واقعي به چيل لفظ سچا ثابت ٿيا.
    هن ابتدائي تعليم ته پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ کيس خيرپور ميرس شهر جي ياترا ڪرڻي پيس، جتان فائينل پاس ڪيائين.
    شروعاتي دؤر ۾ پيغمبري پيشي ماستريءَ يعني روشني ڏيندڙ پڙهائڻ واري شعبي سان منسلڪ ٿي ويو، جيئن ته هو هڪ حساس ماڻهو هو ۽ سنڌ ۾ غريب، مسڪين، پيرن اگهاڙن ۽ اٻوجهه طبقي تي وڏيرن، ميرن، پيرن، سردارن ۽ طاقتور ڌرين جو ڏاڍ ۽ ظلم ڏسي سنڌ جي بي زبان غريب طبقي جي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ماستريءَ تان استعيفيٰ ڏئي صحافتي دنيا ۾ پير رکيو ۽ ان وقت جي سنڌ جي مشهور اخبار هلال پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف وڏين اخبارن عبرت، سنڌ بليٽن، روزانو سنڌو، سنڌ سجاڳ، هلچل، جاڳو سميت ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائين.
    مرحوم علي شير ڪٻر غريب غربي جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هيو. جنهن جو زندهه مثال اهو آهي ته مرحوم ڪيترن ئي غريب مسڪين نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. جيڪي اڄ به نوڪريون ڪري رهيا آهن. خاص طور تي ڪنهن به غريب جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس جو چوڻ هو ته غريبن جي مدد ڪرڻ سان مون کي سڪون ملي ٿو. هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم، صحت، رستن، روڊن ۽ ٻين سهولتن ڏيارڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايو ۽ علائقي جي تڪليفن ۽ اهنجن کي اسيمبلين تائين اخبارن ذريعي پهچايو. جنهن سان علائقي ۾ خوشحالي آئي ۽ غريبن جي داد رسي ٿي. علي شير ڪٻر پنهنجي صحافتي دنيا ۾ اچڻ سان ايڏي ته محنت ڪئي جو کيس پنهنجي صحت جو خيال ئي نه رهيو ۽ کيس موذي مرض بلڊ پريشر سان منهن ڏيڻو پيس. آخرڪار 10 مئي 1997ع تي بلڊ پريشر جي مرض پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ سنڌ جو هي جوڌو جوان دنيا جي تڪليفن ۽ مسئلن سان وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيو. صبح جو سوير اٿي نماز پڙهي بس ڪيائين سندس والده نماز لاءِ وضو ڪري رهي هئي، جنهن کي مخاطب ٿيندي چيائين امان اڄ آئون تنهنجي بستري تي سمهي ڏسان؟ جنهن تي والده چيس ته بابا ڀلي. سمهڻ شرط ئي سندس دم ڌڻيءَ حوالي ٿي ويو. سندس والده جيڪا خدا جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ وضو ڪري جڏهن پنهنجي پٽ جي مٿان آئي ۽ ڏٺائين ته سندس سپوت سندس ئي بستري تي دنيا جهان جي تڪليفن سان ته منهن ڏيڻ جو شير هيو پر موت سان مقابلو ڪندي کلندي کلندي ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿي ويو. اهڙي طرح هي سنڌ جو سپوت جنهن جي گجگوڙ جو آواز سنڌي اخبارن ۾ پڙهيو ويندو هو سو هميشه لاءِ بند ٿي ويو ۽ اهڙي طرح سنڌ هڪ بيباڪ ۽ ارڏي صحافي کان محروم ٿي وئي.

    عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، سنڌ، سڪار تعميرسنڌ، سنڌو، سنڌو ڊائجسٽ، عبرت مئگزين


    غلام مصطفيٰ جتوئي : بزرگ سياستدان

    شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي به ڪجهه ڏينهن جي علالت بعد لنڊن جي اسپتال۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام مصطفيٰ جتوئي جي لاڏاڻي تي ملڪي سياست ۾ ٿيل خال کي پُر ڪرڻ ۾ زمانا لڳندا. غلام مصطفيٰ جتوئي ملڪ جو وزير اعظم ۽ سنڌ جو وڏو وزير رهيو ۽ آخري دم تائين پاڻ نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه هو.
    پاڻ زندگي جي 78 سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو پاڻ آڪٽوبر مهيني ۾ لنڊن ويو هو علاج لاءِ جتي مٿس نومبر ۾ فاليج جو حملو ٿيو ۽ سندن دماغ جو کاٻو پاسو متاثر ٿيو هو ۽ پاڻ علاج خاطر لنڊن ايندو ويندو رهندو هو.
    غلام مصطفيٰ جتوئي 14 آگسٽ 1931ع ۾ نوشهرو فيروز ضلعي جي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ جنم ورتو هو. چئن ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هو. سندس ڏاڏو خان بهادر امام بخش خان جتوئي 1923/ 1927 ۽ 1931 ۾ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ان دؤر ۾ سنڌ جي علائقي مان صرف 4 ميمبر بمبئي ۾ موجود هئا. غلام مصطفيٰ جتوئي پرائمري تعليم نوان جتوئي ۽ بعد ۾ ميٽرڪ گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ پاڻ روزاني 25 ڪلوميٽر سفر سائيڪل طي ڪري نوان جتوئي کان نوشهروفيروز هائي اسڪول ايندو هو. جنهن کان پوءِ پاڻ ڪراچي گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي. جتي پاڻ سينيئر ڪيمبريج پاس ڪئي.
    1952ع ۾ هو بار ايٽ لا ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو انهيءَ دوران سندس والد جي علالت سبب هڪ سال اڳ ملڪ موٽڻو پيو. هو 1952ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ بورڊ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو چيئرمين بڻيو ۽ 1969ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت عظميٰ دوران هو مواصلات سياسي معاملا ۽ قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير رهيو ۽ 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. کيس پاڪستان جي ان وقت تائين جي سڀ کان وڏي عرصي تائين وڏ وزارت سنڀالڻ جو اعزاز حاصل رهيو. پاڻ ضياءِ الحق جي مارشلا لاڳو ٿيڻ بعد ايم آر ڊي ۾ شامل ٿي مارشلا خلاف جدو جهد ڪئي ۽ اڳڀرو رهيو 1983ع ۽ 1985ع ۾ ٻه ڀيرا جيل پڻ ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ جي عروج وقت مون کي ياد آهي ته 1983ع ڌاري منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پوسٽنگ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نواب شاهه ٿي هئي.
    هن دؤر ۾ بابا سان گڏ لڪي ڇپي غلام مصطفيٰ جتوئي ساڻ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ پاڻ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کان ملڪي سياست تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. غلام مصطفيٰ جتوئي پيپلز پارٽي سان اختلاف ٿيڻ بعد 1986ع ۾ ملڪ جي ناليوارن سياستدانن سان گڏجي نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، جنهن۾ غلام مصطفيٰ کر، حنيف رامي، ايس ايم ظفر، حامد رضا گيلاني، ملڪ حامد سرفراز، غوث بخش رئيساڻي، ڪمال اظفر، ميان ساجد پرويز، نفيس صديقي، آفتاب شاهه جيلاني ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. 1988ع ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار حاجي رحمت الله بهڻ کان قومي اسيمبلي جي چونڊ هارائڻ بعد 1989ع ۾ کيس ڪوٽ ادو جي ضمني چونڊ ذريعي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو. هن ٻين پارٽين سان گڏجي اسلامي جهموري اتحاد جوڙيو، غلام مصطفيٰ جتوئي سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداري واري اصول جو علمبردار هو. پيپلز پارٽي کان ڌار ٿيڻ باوجود به هن ڪڏهن پيپلز پارٽي جي خلاف نه ڳالهايو.
    1958ع ۾ اولهه پاڪستان جو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي 1990ع ۾ تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان طرفان وزير اعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت بر طرف ڪرڻ بعد غلام مصطفيٰ جتوئي کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ 6 آگسٽ 1990ع کان 6 نومبر 1990ع تائين نگران وزير اعظم رهيو. غلام مصطفيٰ جتوئي 1962ع کان 1965ع تائين ٻه ڀيرا گڏيل قومن ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پاڻ 1952ع ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ نواب شاهه جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ کيس اهو اعزاز حاصل ٿيو ته هو ننڍي کنڊ ۾ سڀني کان ننڍي عمر ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو.
    غلام مصطفيٰ جتوئي هر سال ڪيٽي جتوئي ۾ پنهنجي ساٿين غلام مصطفيٰ کر، مجيب پيرزادو، قانوندان عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻين سان گڏ شڪار ڪندو هو. هن ڀيري به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ دوستن کي شڪار لاءِ دعوتون ڏنيون هيائين پر طبيعت جي ناچاڪي سبب هو شڪار تي نه وڃي سگهيو.
    غلام مصطفيٰ جتوئي ٻه شاديون ڪيون جن مان هڪ ڏاڏي پوٽي مان ۽ ٻي شادي پيار جي پرڻي وسيلي ڪئي. هو نوجوان پٽ طارق جتوئي، جيڪو 2001ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿيو هو، تنهن جو صدمو ڪڏهن وساري نه سگهيو. غلام مصطفيٰ جتوئي، ايم اين اي غلام مرتضيٰ جتوئي، ايم پي اي مسرور جتوئي ۽ ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي سميت چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
    غلام مصطفيٰ جتوئي جي لاڏاڻي بعد سياسي ميدان ۾ پيدا ٿيل خال شايد ڪڏهن پُر ٿي سگهي.

    سنڌو ڊائجسٽ، خبرون، مقدمو، فيصلو، عوامي فورم، تعمير سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سُڪار، هلچل، هلال پاڪستان


    قاضي فضل الله : سنڌ جو نامور سياستدان

    قاضي صاحب منهنجي والد صاحب جو پراڻو ۽ ويجهو دوست هئو. قاضي صاحب جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي جو ڪونه هئو پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ لاڙڪاڻي واسي ئي مشهور هئو. حقيقت ۾ هو نوشهروفيروز جو هو ۽ هو هڪ عالماڻه گهر ۾ پيدا ٿيو. جيئن ته هن جو گهراڻو عالم گهراڻو هئو، تنهن ڪري سندس تربيت به ننڍپڻ ۾ ئي اعليٰ درجي جي ٿي هئيس. قاضي صاحب ابتدائي تعليم شهدادپور مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم مٺياڻي ضلع نوشهروفيروز ۾ ورتائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي جي ياترا ڪيائين ۽ اتي سنڌ مدرسته الاسلام ۾ داخلا ورتائين. جتان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو. سندس سرگرميون سياست ۾ وڌڻ لڳيون، جيڪي نوابشاهه جي ڪليڪٽر جي ڪنن تائين پهتيون، جنهن قاضي صاحب ۽ سندس والد کي گهرائي سمجهايو ته بابا ڪاليج ۾ داخلا وٺي وڌيڪ تعليم لاءِ بمبئي ۾ پڙهه، پر قاضي صاحب چيو ته آئون داخلا علي ڳڙهه ۾ وٺندس ۽ اهڙي طرح قاضي صاحب علي ڳڙهه ۾ داخلا ورتي. ان بعد قاضي صاحب وري علي ڳڙهه ڪاليج کي ڇڏي جامع مليه ۾ داخلا ورتي، جنهن جو شيخ الجامع مولانا محمد علي جوهر هئو. هن شاگردن کي حڪم ڏنو ته پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڃو ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪريو. سندس حڪم تي قاضي صاحب ٺٽي ويو ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور ڪم ڪيائين. تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ سبب سندس تعليم جا ٽي سال ضايع ٿيا.
    آخرڪار سندس وڏو ڀاءُ شمس الدين جيڪو حيدرآباد توڙي سڄي سنڌ جو مشهور حڪيم هو، اهو کيس حيدرآباد وٺي آيو. قاضي صاحب حيدرآباد ۾ ڊي جي ڪاليج مان انٽر آرٽس پاس ڪئي، بعد ۾ وري ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان بي اي پاس ڪيائين. آخرڪار 1929ع ۾ لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي سند حاصل ڪيائين.
    جيئن ته سنڌ صوبي ۾ لاڙڪاڻو ضلعو سياست جو مرڪز هئو ۽ قاضي صاحب کي به ننڍپڻ کان ئي سياست ۾ دلچسپي هئي، تنهن شوق ڪري ئي هو لاڙڪاڻي ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
    هڪ ڀيري مون قاضي صاحب کان پڇيو ته اوهان نوشهروفيروز جا رهواسي هن ڌاري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آخرسياست ۽ وڪالت ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيا، ته هو اهو ٻڌي کلي ويٺو ۽ مسڪرائيندي چيائين، ته ’’نادر بابا منهنجو پنهنجو منفرد طريقو هئو. مون وٽ ڪوبه غريب پيرين اگهاڙو ايندو هئو ته مان نه فقط ملندو هئس پر انهن کي پنهجي ڀرسان ڪرسي تي به ويهاريندو هئس ۽ مٿان وري چانهه جو ڪوپ به پياريندو هئس. جيڪو مون کان اڳ هندو وڪيل اهڙو ورتاءُ ڪونه ڪندا هئا.‘‘ مونکي قاضي صاحب پنهنجي شروعاتي وڪالت وارن ڏينهن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اسان آڱرين جيترا مسلمان وڪيل هئاسيون. جڏهن به ڪو مسلمان وڪيل نئين وڪالت شروع ڪندو هئو ۽ ڪنهن به جج آڏو ڳالهائيندو هئو ته اڳيان جج به هندو هوندا هئا، ته پويان ڪورٽ ۾ ويٺل وڪيل به هندو هوندا هئا جيڪي مسلمانن وڪيلن خلاف هڪٻئي جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪندا هئا. يا وري هو ساڙ واري انداز ۾ ڳالهائيندا هئا. جيئن مسلمان وڪالت وارو پيشو ڇڏي ڀڄي وڃن. پر خدا جو چرخو ڦريو ۽ پاڪستان ٺهيو. اهي هندو وڪيل جيڪي پاڻ کي اسان مسلمانن کان معتبر سمجهندا هئا، سي ائين لڏي ويا ڄڻ هئا ئي ڪين. پر اهڙي ڏکي صورتحال ۾ به مون وڪالت ۾ چڱي خاصي مقبوليت حاصل ڪئي.
    قاضي صاحب 1934ع ۾ لاڙڪاڻو ميونسپالٽي جي اليڪشن ۾ بهرو ورتو ۽ لاڙڪاڻي ۾ فقط ٽي سال رهڻ کانپوءِ پنهنجو ايترو ته عوام ۾ اثر رسوخ پيدا ڪيو جو هو اليڪشن کٽي ويو ۽ ضلع جي سردارن، نوابن، جاگيردارن ۽ خانبهادرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. سال 1936ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي قاضي صاحب ئي آماده ڪيو ته لاڙڪاڻو تڪ مان سنڌ اسيمبلي جي چونڊ ۾ بيهه.
    شيخ عبدالمجيد سنڌي ٽي شرط وڌا، پهريون ته نامينيشن پيپر ڀرڻ لاءِ پاڻ نه ايندو. ٻيون ته پئسو خرچ نه ڪندو. ٽيون ورڪ به نه ڪندو. جيڪي ٽئي شرط قاضي صاحب قبول ڪيا ۽ اهڙي طرح شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر شاهنواز خان ڀٽو کان کٽي ويو. اها حقيقت ۾ ڪاميابي شيخ عبدالمجيد سنڌي جي نه بلڪه قاضي صاحب جي هئي. 1945ع ۾ قاضي صاحب ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ ساڳي سال پڻ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊجيو ۽ اهڙي طرح نواب نبي بخش خان ڀٽو کي شڪست ڏنائين. سال 1946ع ۾ ڏوڪري، وارهه تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ منتخب ٿيو. سال 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو ۽ قاضي صاحب روينيو منسٽر ٿيو. ان بعد قاضي صاحب کي هوم منسٽر به ڪيو ويو. هي وزارت ايستائين هلي جيستائين يوسف هارون استعيفا ڏئي هاءِ ڪمشنر ٿي آسٽريليا هليو ويو. ان کان پوءِ قاضي صاحب کي ئي بنا مقابلي وزير اعليٰ سنڌ ڪيو ويو. سال 1956ع ۾ قاضي صاحب ئي واحد شخص هو جو ٻن ضلعن يعني لاڙڪاڻو ۽ ٺٽي مان ون يونٽ جو ميمبر ٿيو. سال 1970ع ۾ قاضي صاحب اکين جو آپريشن ڪرايو جنهن دوران سندس ڪنن کي نقصان رسيو جنهن ڪري سياست ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ کان مجبور ٿي پيو.
    قاضي صاحب سڄي زندگي مجرد ٿي رهيو ۽ شادي ڪونه ڪيائين، جنهن جو سبب سياست سان شوق هئس. منهنجي پڇڻ تي مون کي چيائين ته نادر بابا سياست ۾ ايڏو ته مصروف رهيس، جو جواني گذرڻ جو احساس ئي ڪونه رهيو. پر جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته هاڻي چوان ٿو ته ڪاش شادي ڪريان ها، ته هاڻي پنهنجي خدمت چاڪري لاءِ پنهنجو اولاد ته هجي ها. ڇو جو منهنجا سڀ هم عمر دوست به دنيا ڇڏي وڃي الله کي پيارا ٿيا آهن. هن عمر ۾ ڄڻ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو ٿو محسوس ڪريان.
    هتي مان اهو به واضح ڪندو هلان ته قاضي صاحب سنڌ جو شايد واحد وزير اعليٰ هئو، جنهن پنهنجي دؤر ۾ غريب، مسڪين ۽ پيرين اگهاڙن جا ڪم بغير ڪنهن لالچ جي ڪيا. سندس هٿ بلڪل صاف هئا هن ڪنهن به قسم جي ڪا ملڪيت ڪونه ٺاهي.

    عوامي آواز، جاڳو، برسات، مهراڻ، هلچل، سنڌ، سچ


    قائد اعظم محمد علي جناح : دُکي انسانيت جو درد رکندڙ

    اڄوڪو ڏينهن تاريخ جي انهي امر انسان جي جنم ڏينهن جو آهي جنهن جي خدمتن ۽ جدوجهد عيوض اسان جي قوم کي آزادي جهڙي نعمت نصيب ٿي. اڄ سموري پاڪستاني قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت انتهائي عقيدت ۽ پاٻوهه وچان ملهائي پئي، سندس ولادت25 ڊسمبر ڪراچي ۾ ٿي. ملڪ جي گادي واري شهر اسلا آباد کان ويندي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون ٿي رهيون آهن، جن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته هي گلن کان به وڌيڪ پيارو ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان اسان ڪيڏي وڏين قربانين بعد حاصل ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جو عظيم اڳواڻ ۽ دکي انسانيت جو درد رکندڙ اعليٰ انسان هو. جنهن ڪڏهن ڪنهن آڏو جهڪڻ نه سکيو، اوستائين سک سان نه ويهندو هو جيسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿئي. هن هميشه پنهجي ملڪ ۽ قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهه ڪئي، پاڪستان جي خوشحالي لاءِ خواب سرجيندو رهيو، اهوئي ڪارڻ آهي، جو سندس ڪيل خدمتن جي صلي ۾ سندس تي سموري قوم ساهه ٿي ڏي. قائد اعظم محمد علي جناح انگريزن سان ويڙهه ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ، ته اڃان به ڪي آهن جيڪي پنهنجي حقن جي ويڙهه ڪري ڄاڻن ٿا. پاڻ انتهائي جرت مندانه فيصله ڪندڙ اڳواڻ رهيا. حق ۽ سچ جو علم هٿن ۾ کڻي ماڻهن کي حق ۽ سچ جي راهه تي مسافر ٿيڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا سندس نظر ۾ فرقا ۽ مذهب، قومون ڪڏهن به ڪنهن ڪم ۾ حائل نه رهيون ، پاڻ هميشه هر ڪنهن کي حق ۽ سچ تي هلڻ جي تاڪيد ڪندا رهيا.
    اڄ سندس قوم 130 جنم ڏينهن ملهائي کيس لفظن جي ڀيٽا پئي ڏي اها تاريخي حقيقت آهي، ته قائدِ اعظم محمد علي جناح اسان جي ملڪ ۽ قوم جو اهو روح خيال هو، جنهن اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي جا، جيڪي خواب ڏٺا تن کي منزل ۽ مقصد تائين پهچايو.
    منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جن اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا، ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جيڪي قدم کنيا تن جو احسان هي قوم شايد ئي ڪڏهن لاهي سگهي. حالانڪه قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهڻ جي به آڇ ڪئي جنهن کان هن ڪن سياسي مصلحتن ڪارڻ انڪار ڪيو هو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تاريخي حقيقت آهي، ته هن ملڪ جي عوام کي آزادي جو سنهري سورج ڏيکارڻ ۾ جيڪو ڪردار قائدِاعظم محمد علي جنا ح ادا ڪيو اهو هيل تائين ڪوبه ادا نه ڪري سگهيو آهي.
    اسا ن چاهيون ٿا، ته اڄوڪي عظيم ڏينهن تي پاڻ ۾ ويهي اهو وچن ڪيون، ته اسان هن پياري پاڪستان قائد ملت قائد اعظم محمد علي جناح جي ڇڏيل خوابن جي تڪميل لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ويهنداسين ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ پنهنجي پنهنجي واٽ جو پورو پورو حق ادا ڪنداسين ۽ سموري دنيا کي اهو سنديسو ڏينداسين، ته قائدِاعظم محمد علي جناح جو ملڪ اڄ به اڳئين کان به خوشحال آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي 130 جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان کي اها به تاريخي حقيقت سامهون رکڻ گهرجي ته ڪيترن مائرن ڀينرن ۽ وڏڙن جي قربانين بعد هي ملڪ حاصل ٿيو هو اچو ته اهو عهد وفا ڪيون، ته اسان هن پياري ملڪ پاڪستان جي خوشحالي جو آواز سموري جڳ ۾ خوشحالي جو نياپو کڻي گونجندو رهندو.

    مهراڻ، خبرون، سنڌ، سڪار، فيصلو، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، هلچل


    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي : هڪ سرويچ ۽ کاهوڙي ڪردار

    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انتهائي پراڻن دوستن منجهان هڪ دوست آهي، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو ته ڪامريڊ سوڀي جو ذڪر گهر ڀاتين جي زباني ٻُڌو اٿم . منهنجي والد جو هي واحد دوست آهي. جيڪو اسان جي گهر ڀاتين جيان ڄڻ ته فيملي جو هڪ فرد آهي. مان به ڪامريڊ جي گهر ۾ جيڪي به پروگرام ٿيندا آهن، خصوصن سندس سالگرهه، گهر جي ڀاتين سان گڏ موجود هوندو آهيان. بابا سائين جي وفات کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي جي اسان جي فيملي سان هر ڏکي وقت ۾ اخلاقي مدد رهي، پر مان ڪامريڊ سان اڃا وڌيڪ ويجهو تڏهن ٿيس، جڏهن مون 1993 ۾ لاڙڪاڻي ۾ عبدالرزاق سومرو سان گڏ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي پر جلد ئي عبدالرزاق سومرو سفير ٿي دبئي هليو ويو. تڏهن ئي ڪامريڊ سوڀي مونکي چيو ته مان وڪالت ۾ ادا تاج محمد جو شاگرد هئس، مونکي وڏي خوشي ٿيندي اگر تون منهنجو وڪالت ۾ شاگرد ٿئين. مان راضپو ڏيکاريو ۽ پوءِ اصل ۾ اهو ڪامريڊ سوڀو ئي هيو، جيڪو مونکي هر ادبي گڏجاڻي ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هئو. اهڙي نموني منهنجي ادبي تربيت ٿي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي اصرار تي ئي مون ادبي دنيا ۾ قدم رکيو . ڪامريڊ سوڀي کي مون سان ايترو ئي پيار هيو، جيترو سندس وڏي پٽ ڊاڪٽر ڪنعي سان وڪالت ۾ به بحيثيت جونيئر جي مون لاڙڪاڻي ۾ هي واحد وڪيل ڏٺو، جيڪو هٿ جو ڏاڍو ڪشادو هو، مونکي هر ڪيس جي في ملڻ تي ڪجهه نه ڪجهه في منجهان پئسا بطور خرچي ڏيندو هئو ۽ ايئن هن منهنجو کيسو هميشه گرم رکيو. مون ڪافي اهڙن موقعن تي غريب اصيلن کي ڪامريڊ جي هٿان بجاءِ في وٺڻ جي پنهنجي هڙان وڙان ڪاغذن پٽن جو خرچ برداشت ڪندي ڏٺو پر مرڳو اصيل اگر ڪامريڊ کي چئي ويٺو، ته ڪامريڊ ڳوٺ وڃڻ جيترو ڪرايو به ڪونه اٿم . ته يڪدم ڪامريڊ کيسي ۾ هٿ وجهي ڪرائي جا پئسا به ڏيندو هئو. نه فقط ايترو پر ڪيس به انهن جا کڻندي ڏٺو مانس جيڪي ناحقي جيل ۾ هجن، اڳ ۾ هنن کان پڪ وٺندو هئو، ته واقعي پوليس جا ستايل آهن، پوءِ جي سمجهندو هئو، ته واقعي اصيل بي ڏوهي ڦاٿو آهي، ته ڪيس کڻندو ورنه ٿڏي تي ئي جواب ڏيندو هئو، پر هڪ موقعي تي ته مونکي تعجب لڳو، جڏهن ڪامريڊ ڪيس وٺي هلائي رهيو هئو ۽ خبر پيس ته هي ماڻهو واقعي به ڏوهي آهي، ته هن کان ورتل سموري في واپس ڪندي چيائين ته مان ڪنهن ڏوهي کي بچائڻ لاءِ وڪالت ڪو نه ٿو ڪريان.
    ڪامريڊ جو وڏو شوق ۽ اصرار هئو، ته تون وڪالت کي ئي جاري رک پر مونکي سرڪاري نوڪري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئو ۽ آخرڪار اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ۽ ڪامريڊ کي ٻڌايم ته ڪامريڊ منهنجي پيشاني تي چمي ڏئي چيو ته نادر هاڻي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پارت اٿئي. هي تنهنجو عهدو MNA ۽ MPA کان وڌيڪ اٿئي. ممڪن آهي ته MNA ۽ MPA کي آفيسر جواب ڏين پر توکي ڪونه ڏيندا. تون انهي عهدي تي رهي سنڌ جي ڏتڙيل پيرين اگهاڙين جي پنهنجي والد وانگر خدمت ڪجانءِ ۽ انهي جو نالو روشن رکجانءِ. ڪامريڊ سوڀي کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي زندگي ۾ اهڙو غريب نواز شخص سنڌ ۾ اڃان ڪونه مليو آهي. ڪوئي به در تي آيو، ته ڪامريڊ پنهنجي وس کان ٻاهر سندس اخلاقي توڙي مالي مدد ڪري هن جي تڪليف ضرور دور ڪندو ۽ پوءِ ئي ساهه پٽيندو. ڪامريڊ سوڀو جيڪو جيلن ۽ سختين سان ته کلندي کلندي منهن ڏئي آيو، پر مون سندس اکيون آليون ٿيندي ڏٺو، ته فقط ۽ فقط سندس پٽ ڊاڪٽر ڪنعي جي وفات تي ڏٺو، جنهن لاءِ مون کي چوندو آهي، ته نادر بابا ڪنعيو پٽ ته منهنجو هيو پر تنهنجي والد ادا تاج محمد هن کي اڄ کان 20 سال اڳ ۾ ئي سمجهي ويو هيو ۽ مونکي هوشيار ڪندي اڳڪٿي ڪئي هئائين ته ڪنعيو پٽڙي تان لهڻ وارو اٿئي، ڪنٽرول ڪرينس، پر انهيءَ وقت مون سندس انهيءَ ڳالهه تي بنهه غور ڪونه ڪيو. ڇو جو مونکي وهم گمان به ڪونه هئو، ته ڪنعيو هيڏو شاعر ۽ اديب آهي، مون هن جي وڏي محنت سان تربيت ڪئي آهي، هو غلط صحبت ۾ ته اچي ئي نه ٿو سگهي، مگر ٿيو اهو ئي، جيڪو ادا تاج محمد 20 سال اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي. پر ڪامريڊ ايڏي وڏي صدمي سهڻ کان پوءِ به هماليه جبل وانگر مضبوط ۽ ارڏو پنهنجي مشن سان لڳل نظر اچي ٿو.
    شال ڪامريڊ چنڊ ۽ ستارن جيڏي ڄمار ماڻي ۽ تازي گلاب جي گل وانگر ٽڙندڙ رهي، سندس خوشبو جي سڳند سان سنڌ واسيل رهي.

    عبرت، عوامي آواز، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌ، سنڌو


    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي : اڙانگي راهه جو راهي

    اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي مهان انسان جي ورسيءَ جو ڏهاڙو آهي، جنهن کي ڌار ٿئي اڄ 38 سال مڪمل ٿي چڪا آهن مگر هن جو نظريو اڄ به ڪالهه وانگي سنڌ جي نوجوانن جي سرير ۾ پلجي ٿو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت تي لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ نه ڪي وري ئي مون وٽ ايڏا سارا لفظ آهن، جنهن سان سندن کي ڀيٽا ڏيان. هو هڪ وڏو ادارو هو، جنهن پنهنجو رت جو آخري ڦڙو به مظلوم طبقي جي حقن جي حاصلات لاءِ وهائي ڇڏيو. ڪڏهن ڪنهن موڙ تي همت نه هاري ۽ سدائين وڙهندو رهيو. جيستائين سندس سيني ۾ دل ڌڙڪندي رهي. ڪامريڊ لفظ جي هونئن ته معنيٰ تمام وڏي آهي. جنهن کي ڪي سمجهو ئي سمجهي سگهن ٿا پر ڪامريڊن جو به هڪ دؤر هو. جڏهن حيدر بخش جتوئي جهڙا جوڌا جوان انساني بهبود ۽ ترقي لاءِ زندگي جي اڙانگي راهن تي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي دنيا کان بي خبر بڻجي نڪتا هئا. اهي ئي حقيقي غريبن جا همدرد هئا.
    حيدر بخش جتوئي وڏيرا شاهي خلاف جنگ جوٽي اهڙو ته انقلاب مظلوم طبقي ۾ آندو، جنهن جو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو. سنڌ ۾ مزدورن ۽ هارين جي جياپي لاءِ هلايل تحريڪ سنڌ جي تحريڪ جو اڻ کٽ باب بڻيل آهي. ڪڏهن به پاڻ سک ساڻ نه ستو ۽ هر لمحي ٻين جي ڀلائي لاءِ ئي سوچيندو رهيو. هن هر وقت پيڙهيل طبقي لاءِ آواز بلند رکيو. سندس جي هن ڪاڄ ۾ ايڏي ته وسيع محنت ۽ سچائي هئي، جنهن جو مثال شايد ئي مشڪل سان ملي سگهي. نه ته هاڻوڪي دؤر ۾ ٻاهرين ملڪن مان غربت جي نالي تي ڊالر ميڙيندڙ اين جي اوز به اهو ڪم ناهن ڪري سگهيون، جيڪو هن ڪيو. حيدر بخش جتوئي ۽ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وچ ۾ انتهائي ويجهڙائي وارا تعلقات هئا. هر مسئلي تي پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪندا هئا. ڪامريڊ بابا جي ڏاهپ تي ناز ڪندو هو ته اتي وري بابا، چاچا ڪامريڊ جي حوالي سان اڪثر اها ڳالهه چوندو هو ته هو سنڌ جي مظلوم طبقي جو ساٿاري آهي.
    خير انهن ڳالهين کي زمانا گذري چڪا، اهي ماضي جون يادون بڻجي رهجي ويون آهن پر اها به حقيقت آهي، ته اسان جي ماڻهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت کي هيل تائين اها موٽ ناهي ڏني، جيڪا کين ڏيڻ گهرجي ها. جيڪا اسان جي سڀ کان وڏي خامي آهي، ته اسان پنهنجي هيروز کي وساريندا پيا وڃون. اڄ هن شخص کي وڇڙي 38 سال گذري چڪا آهن پر اسان سندس پورهئي کي ڪهڙي موٽ ڏني؟ سندس نالي پويان نه ڪو ادارو قائم ڪيوسين ۽ نه ئي ڪا ٽرسٽ جوڙي سگهيا آهيون. اڄ به حيدرآباد جي شهر جو مک چوسول ’’حيدر چوڪ‘‘ اسان جي ذهن کي جهنجهوڙي هر ايندڙ ويندڙ کان ڪئي سوال ڪندو ٿو وتي. هن چوڪ تي هن جون ڪئي يادون دفن ٿيل آهن. هن شهر ۾ هن شخص پويان ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي ها. جنهن شهر ۾ گهٽين ۽ چوراهن تي ويهي ڪري هن مظلوم طبقي جي نمائندگي لاءِ پلان جوڙيا. هن شهر ۾ ئي هن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. آخر ڇو..........؟!! جيڪا ڳالهه انتهائي حيران ڪندڙ ٿي لڳي. ايڏي سچي انسان جي نالي سان ٿيل ويڌن تي ڪير هجي، جيڪو ڪجهه چوڻ جي جرئت ته ڪري. اڄ هن جي 38 هين ورسي آهي پر ڪنهن به اداري وڏي پيماني تي سندس جي ورسي ملهائڻ جو اهتمام ناهي ڪيو. سواءِ چند تنظيمن ۽ دوستن جي. اهي ڳالهيون ايندڙ وقت ۾ اسان لاءِ چئلينج بڻبيون.
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مست فقير، ملنگ صفت انسان دوست ۽ انسانيت جو جهر جهنگ تبليغ ڪندڙ سنڌ جو مهان انسان هو. اڄ ورسيءَ جي موقعي تي آئون سموري سنڌ جي وس وارن کي اهو عرض ڪندس ته هو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جي ڏهاڙي تي سندن ياد ۾ ڏهاڙا ملهائين ته جيئن ان جي شخصيت کي ۽ سندن ڇڏيل نياپي کي عام ماڻهو تائين پهچائي سگهجي. ان سان گڏ خاص طور تي سنڌ جي مظلوم ۽ هاري طبقي کي اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان پراڻين يادن کي تازو ڪندي امن، پريت ۽ محبتن جو سنديسو کڻي، امن ريليون ڪڍڻ کپن غريب ۽ مظلوم، ڏکويل انسانن سان همدردي جتائڻ کپي. اها ئي اڄوڪي دؤر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ماڻهو جو نظريو هجڻ گهرجي. اهي ئي ماڻهو امر ٿي ويندا آهن. جيڪي ٻين لاءِ جيئڻ جو فن ڄاڻن ٿا.

    سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، خبرون، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار، عبرت، تعمير سنڌ، فيصلو، سنڌو، شام


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ مچ ڪچهريون

    لطيف سائين جي ڌرتي سنڌ جيڪا مختلف روايتن ڪهاوتن ڪارڻ هر وقت ڪنهن لاءِ ڪنهن حد تائين پر ڪشش رهي آهي. ان سر زمين تي هميشه محبت جا ميلا متل رهيا آهن، اهي ميلا مختلف روين ۾ سجندا رهندا آيا. ميلن ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ جون پراڻيون روايتون ۽ هڪ ٻئي جا سور سٽڻ جو جتي مرڪز بڻيل رهيون آهن ته اتي وري سياري جي سرد هوائن ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ مچ ڪچهريون مشهور آهن. توڙي جو اتي اڄوڪي دؤر ۾ اهو رواج گهٽ ٿيندو وڃي پر تنهن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين مچ ڪچهريون ٿيندو اچن. انهن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کان ويندي دوستن تائين باهه جي چوطرف محبتن جا ميلا مچايا ويندا آهن. هڪ ٻئي سان جتي گلائو ۽ شڪوائون هجتن جا پل پسڻ لاءِ ملن ٿا. لاڙڪاڻو ضلعو انهيءَ حوالي سان تمام گهڻو زرخيز رهيو آهي. اتي مچ ڪچهرين جي روايت ۽ سلسلو تمام آڳاٽي زماني کان هلندو اچي ۽ اڃا تائين اهوئي مچ ڪچهرين جو جوڀن جاري آهي.
    هتي جڏهن به مچ ڪچهرين جو تذڪرو ٿيندو ته اتي ڀلا ڪيئن مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري اوطاق کي وساري ٿو سگهجي، جتي سموري سنڌ جا ڏاها اچي مچ تي محبتن جا ميلا مچائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کان ويندي سوڀي گيانچنداڻي تائين هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي مچ ڪچهريءَ جو روح روان هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ جتي باهه جي شعلن تي عظيم اراده سرجيا ويندا هئا ته هتي وري ايندڙ صبح جي ڀليڪار جا جتن ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهي کين آٿت ڏني ويندي هئي. انهيءَ مچ ڪچهري ۾ جيڪو شرڪت ڪندو هو تنهن جي اٿڻ لاءِ دل نه ڪندي هئي. اهي مچ ڪچهريون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سجائي انهن وسيلن علم ادب جو درس ڏيندو هو ۽ سموري سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جا سلجهيل اديب ۽ سماج سڌارڪ انهن مچ ڪچهرين ۾ اچي ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اتي تمام وڏو سياسي سماجي ۽ادبي بحث ٿيندا هئا، پر اڄ سيٽلائيٽ دؤر جا ڪجهه آثار ضرور هن مچ ڪچهرين تي اثر انداز ٿيا آهن ۽ ماڻهن ۾ انهيءَ حوالي سان اڳيون چاهه ناهي رهيو ۽ سماجي قيد خاني ۾ بند ٿي رهجي ويا آهن پر تنهن پڄاڻا به ڪي آهن جيڪي انهن مچ ڪچهرين کي آباد رکيو اچن ۽ هر ڪنهن کي سڏي گڏ ڪري مچ مچائيندا اچن.
    انهن مچ ڪچهرين کي لاڙڪاڻي ۾ آباد رکڻ ۾ جتي ٻيا طبقا سرگرم آهن، اتي وري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مچ ڪچهرين جو رواج وجهندڙ مرحوم تاج محمد ابڙو جو فرزند ايڊووڪيٽ مظهرعلي تاج ابڙو به ڪنهن کان پٺتي ڪونهي ساڳيو علم هٿ ۾ کڻي لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو درس ڏيندو ۽ ادبي سماجي ميلا مچائيندو اچي. اهوئي ڪارڻ آهي جو اڄ لاڙڪاڻي جي عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس جي سڪ مظهر علي تاج ابڙو مان لاهي ٿي جيڪو انهن مچ ڪچهرين ۾ پاڻ ملهائيندو اچي، جيڪا ڳالهه انتهائي ڀلوڙ آهي.
    سنڌ جي سمورن نوجوانن کي اهي مچ ڪچهريون ۽ پراڻن جي ڇڏيل روايتن کي پاڻي ڏئي اڳتي وڌائڻ گهرجي، ڇو جو پراڻن جون ڇڏيل انهن روايتن ۾ اسان جي سماج لاءِ هڪ محبتن جو سنديسو سمايل آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جن به قومن پنهنجن وڏن جو ڏنل درس ڇڏيو ته اهي تباهه برباد ۽ نقصان ۾ ويون آهن. انهي لاءِ اسان ماڻهن کي هن وقت تائين انهن مامرن کي ويجهائي کان وٺي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين متحرڪ ٿيڻ جي قوت پيدا ڪرڻ کپي ته جيئن اسان وڏن جي ڇڏيل روايتن کي قائم ۽ دائم رکي سگهون.
    اڪثر طور تي وقت نه هجڻ واري عام ۽ غيرذميواري ڪارڻ انهي جا اثرات اسان تي ڀاري نموني اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سياري جا پڇاڙڪا پل ماضي بڻجي گذري رهيا آهن، ته مچ ڪچهريون به پڄاڻي تي پهچي چڪيون آهن.

    خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، نوائي وقت، خبرين، وکٽوريه


    مخدوم طالب الموليٰ : جيڪو سنڌ سان نينهن نڀائي ويو!

    سنڌ ۾ چند اهڙيون هستيون آهن، جيڪي ڌرتي جي سڃاڻپ بڻيل رهيون آهن. اهڙين هستين ۾ سنڌ جي روحاني جماعت سروري جي روح روان سنڌ جي لافاني شاعر، بي شمار خوبين جو حامل، قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جو به شمار ٿئي ٿو. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اڄ ارڙهين ورسي سموري سنڌ ۾ ملهائجي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اباڻي شهر هالا ۾ مک تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جتي سندس هزارين چاهيندڙ ۽ موجوده گادي نشين درگاهه حضرت نوح قبلا سائين مخدوم امين فهيم، مخدوم سيد الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم جميل الزمان، مخدوم خليق الزمان سميت هزارين سندن چاهيندڙ مزار تي پڙ چاڙهي جتي خصوصي دعائون گهرندا ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي تي روشني پڻ وجهندا.
    قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي مون وٽ ڪي ايڏا وڏا لفظ نه آهن جيڪي سندس شخصيت سان ڀيٽيان. هو ته هڪ اسان لاءِ خواب بنجي ويو، اهو خواب جنهن کي اسان اڄ ايڏو سارو وقت گذرڻ باوجود به وساري ناهيون سگهيا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ به حيثيت هڪ شاعر جي جيڪر ڏسجي ته سنڌ جو اهو لافاني شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪندي سندن محتاج ٿا نظر اچن. چوٽي جا گائڪ سندن شاعري ڳائڻ لاءِ هر دؤر ۾ پياسا نظر آيا. سندن شاعري ملڪي توڙي غير ملڪي فضا ۾ جيڪا هلچل مچائي، دليون پگهاريون تنهن جو ذڪر اڄ به گهڻن ذهنن تي ڪلهه جيان تازو آهي. سندن شاعريءَ ۾ لفظن جي ادائيگي اهڙي ته مهارت سان ٿيل هوندي هئي، جيڪر ڪو هڪ ڀيرو سندن شاعري ٻڌندو هو ته هو ٻيهر هر هر سندس شاعري ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هو. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي دؤر ۾ هالا ۾ ادبي ميلا متل نظر ايندا هئا، سندن اوتارن تي سنڌ جا وڏا وڏا اديب اچي ادبي اڃ اجهائيندا هئا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي سموري ڄمار ادبي خدمتن تي نڇاور ڪئي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کان پاڻ به ادبي دنيا لاءِ نه وسارڻ جوڳيون جتي خدمتون سرانجام ڏنيون اتي پاڻ مڃايو ۽ ادبي بورڊ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هنگامي بنيادن تي جيڪي قدم کنيا، سي اڄ به تاريخ جو حصو آهن.
    اڄ تمام گھڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته جنهن بورڊ جا چيئرمين قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جن هئا، اڄ انهي بورڊ جا چيئرمين سندن ئي فرزند مخدوم امين فهيم جا پٽ مخدوم جميل الزمان آهن، جيڪي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي سنڌي ادبي بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي نظر ٿا اچن سندن ڪيل ڪمن کي سنڌي ماڻهو انتهائي ساراهه ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جتي ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويا ته اتي به حيثيت سروري جماعت جي روحاني پيشوا هئڻ جي ناتي کان به پاڻ مڃايو ۽ هن وقت تائين سندن شخصيت جا ڪيترائي عاشق سموري سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سندن شخصيت تي ساهه ڇڏين ٿا پاڻ روحاني جماعت سروري جا جنهن وقت روح روان هئا، تنهن وقت ۾ امن، ڀائيچاري جي فضا کي جنم ڏيڻ محبت جو پيغام گهر گهر پهچائڻ جو پنهنجي جماعت وسيلي درس ڏيندا رهيا ۽ هرحال ۾ پنهنجي سروري جماعت سان زندگي جي آخري ساهه تائين وفا ڪئي، پنهنجي مريدن کان پنهنجو حقيقي عشق موت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ تائين نڀايو. سندن شخصيت جي اهڙي بيشمار خوبين کي ڏسندي گهڻا ماڻهو مٿس ساهه ڇڏيندا هئا ۽ سندن واکاڻ ڪرڻ بغير رهي نه سگهندا هئا.
    قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن جيڪو ڪردار رهيو، اهو تاريخ جو هڪ نه وسارڻ جوڳو باب بڻجي رهجي ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ورهين تائين ڳائيندا رهندا. مون کي ياد آهي ته جڏهن لاڙڪاڻي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ ايندا هئا ته جماعت الشعرا سنڌ جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هائوس تي ٿيندڙ گڏجاڻي جي صدارت ڪندا هئا، ادبي ميلا مچائيندا هئا جتي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جون نه وسارڻ جهڙيون يادگار ادبي ڪچهريون رچنديون هيون، انهن ڪچهرين ۾ ڪنهن حد تائين مان به شامل رهيس ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري چيمبر ۾ چيل لفظ ۽ ادبي ڪچهريون اڄ تائين آئون وساري ناهيان سگهيو. مون کي ائين لڳندو آهي ته اڄ به قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ حيات آهن ۽ بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان سندس لاڙڪاڻي واري چيمبر تي ڪچهري پيا ڪن. اڄ ايڏو سڄو وقت گذي وڃڻ باوجود به هن جي موت جي خبر برداشت ڪرڻ جي سگهه سرير ۾ ناهي ، اهو هن لاءِ جو اسان کي سندن شخصيت سان عشق رهيو آهي، اهو عشق جو موت ٽوڙي ئي سگهي!
    سندن لاڏاڻي کان پوءِ ادبي حوالي سان تمام وڏو خال پيدا ٿيو ته اتي سروري جماعت کان انهن جو روح روان الڳ ٿيو پر سندن لاڏاڻي بعد قبلا مخدوم امين فهيم هالا جون رونقون بحال پيا ڪيو اچن ۽ پنهنجي سروري جماعت ۽ پنهنجي مريدن جو پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ خيال ٿا رکن اتي ادبي سرگرميون به والد مرحوم قبلا مخدوم طالب الموليٰ وانگي شروع ڪيون آهن ۽ بزم مخدوم طالب الموليٰ سموري سنڌ ۾ ادبي حوالي کان سرگرم آهي ۽ قبلا سائين طالب الموليٰ جو اڌ ۾ ڇڏيل ادبي سفر هن تنظيم وسيلي سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي، جيڪا اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي مخدوم جميل الزمان سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئندان ڏياري نوان لاڙا متعارف پيا ڪرائين، سا ڳالهه سموري سنڌ لاءِ باعث فخر آهي جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته قبلا سائين مخدوم امين فهيم پاڻ ملهايو. واهن جا ڪپ ٻڌڻ کان ويندي ڀاڻوٺ جي مقام تي پنهنجي مريدن جون ڊيوٽيون لڳايون ۽ پاڻ هن ڪم جي نگراني ڪندي حيدرآباد، مٽياري ۽ هالا سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو. سندن اهڙي جرئت ۽ همٿ کي ڏسندي گهڻا ماڻهو سندن شخصيت جا عاشق بنجي ويا. قبلا مخدوم امين فهيم هر موڙ تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي جماعت جو پنهنجي اولاد وانگي خيال ڪيو آهي ۽ انهن سان هر حال ۾ وفا ڪئي آهي ۽ اڄ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي به قبلا مخدوم امين فهيم اهو ازم پيا دهرائن ته
    طالب تو اپني دل ڪو تو ديوانا نه بنادي،
    يون نقش غم بار سيبتخا نه بنادي.
    دشمن ڪي زبان پر تيرا ذڪر هو هر دم،
    اي يار! ميري زيست ڪو افسانه نه بنادي.
    ساقي تيري ان مست نگاهون ڪي مين صدقي،
    اورون ڪي طرح مجهه ڪو بهي ديوانا نه بنادي.
    اي پردا نشين آه تيرا ناز حقيقت،
    باز آڪر ڪهين مجهه ڪو تماشا نه بنادي.
    اس زلف پريشان ڪي لئي اي ميري دلبر،
    الله ميري هاتهون ڪو توشا نه بنا دي.


    خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، مقدمو، فيصلو، عبرت، سڪار، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، سنڌو


    مولانا جان محمد عباسي : سنڌ جي مشهور مذهبي شخصيت

    مولانا جان محمد عباسي جو شمار سنڌ جي اعليٰ مذهبي سياستدانن ۾ ڪيو وڃي ٿو. هن لاڙڪاڻي ضلعي جي معزز شخصيت مولانا غلام رسول عباسي جي گهر ۾ تاريخ پهرين جنوري 1925ع ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ اک کولي ۽ هن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. مولانا جان محمد عباسي جو گهراڻو ۽ سندس والد مولانا غلام رسول عباسي سنڌ، بلوچستان ويندي افغانستان ۽ ايران تائين علم ۽ طب جي حوالي سان مشهور رهيو آهي. جيئن ته مولانا جان محمد عباسي جو مذهبي گهراڻي سان واسطو هو، ان ڪري سندس ننڍپڻ کان ئي تربيت مذهبي طرز تي ٿيڻ لڳي. شروعات ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو منجهان ئي پرائمري پاس ڪيائين ۽ پوءِ به اڳتي تعليم جي جستجو ۾ سنڌ يونيورسٽي مان عربي جو امتحان صوبي ليول تي پوزيشن ۾ پاس ڪري نڪتو ۽ پوءِ ڪوئٽه مان مولانا عبدالعزيز کان درس حاصل ڪيائين.
    مولانا جان محمد عباسي کي مذهب سان گڏوگڏ سياست جو به شوق هيو ۽ حقيقت ۾ مولانا جان محمد عباسي سياست جو آغاز 1940ع کان قاضي فضل الله ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي طبيعت مطابق ملڪ جي تمام وڏي مذهبي ۽ مشهور پارٽي جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي. کيس پارٽي طرفان سندس محنت جي ڪري جماعت اسلامي جو 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو امير مقرر ڪيو ويو.
    مولانا جان محمد عباسي جا ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر ڪافي مذهبي توڙي سياسي شخصيتن سان سُٺا ناتا رهيا، انهن ئي منجهان سيد ابو الاعليٰ مودودي به هڪ آهي. جيئن ته مولانا جان محمد عباسي جو ڳوٺ لاڙڪاڻو هيو جو پوري دنيا ۾ سياست جي حوالي سان سياستدانن جي ڌرتي طور مشهور آهي. جتي وڏيرا شاهي شروع کان ئي سياست تي قابض رهندي آئي آهي. لاڙڪاڻو جتي سر شاهنواز خان ڀُٽو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله جن جو سياست تي باقاعده ڌاڪو ڄميل هيو. اتي جماعت اسلامي جو ٻج ڇٽڻ لاءِ به وڏي گردي جي ڳالهه هئي. اهڙي ڏکي سياسي علائقي ۾ پٺتي پير نه ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ڪو مولانا جان محمد عباسي کان سکي ها.
    مولانا جان محمد عباسي سان منهنجي ملاقات 1985ع ۾ٿي. منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن ججيءَ تان رٽائر ٿي ڪري اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ قيام پذير ٿيو. بابا سائين جي اوطاق هند سنڌ ۾ ڪچهرين جي حوالي سان مشهور رهي آهي. جنهن ۾ 1970ع تائين سنڌ جا سڀئي سياستدان، اديب ۽ شاعر اچي ڪچهريون ڪندا هئا. اتي ئي مولانا جان محمد عباسي به ڪچهريون ڪندو هيو. مگر ڪچهري لاءِ جڳهه ڪونه هجڻ ڪري منهنجي والد صاحب اڱڻ ۾ ڪرسيون رکي ڪچهري واري پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکي، اها جاءِ مولانا جان محمد عباسي کي پسند نه آئي ۽ منهنجي والد صاحب کي چيائين ته گهر اڳيان هڪ ڪمرو سرڪاري پلاٽ تي ٺهرايو ته اتي گهٽ ۾ گهٽ ڇت جي هيٺيان ته اچي ڪچهري ڪريون. مولانا جان محمد عباسي جي صلاح کانپوءِ اسان هڪ ڪمرو سندس فرزند قربان علي عباسي جو ان وقت لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو چيئرمين هئو تنهن جي اجازت سان ٺهرايو، جتي مولانا جان محمد عباسي به ڪڏهن ڪڏهن ايندو هئو. مولانا جان محمد عباسي جي صابرين، بااخلاق ۽ بي ضرر طبيعت ۽ غريب مسڪين ماڻهن سان غمي خوشي ۾ ميل جول ۽ سندن داد رسي جي سبب ڪري ماڻهن جون دليون کٽيون. پاڻ 1960ع کان 1971ع تائين يونين ڪاميٽي جو مسلسل چيئرمين ۽ بعد ۾ لوڪل بورڊ جو ميمبر پڻ چونڊيو. صدر ايوب خان جماعت اسلامي تي 1964ع ۾ پابندي وڌي ته ٻين سان گڏ مولانا جان محمد عباسي کي به گرفتار ڪيو ويو. ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو.
    1970ع ۾ هن ممتاز علي ڀٽو ۽ مسلم ليگ جي قاضي فضل الله سان مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جو فارم ڀرايو، 1977ع ۾ تنهن وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي مقابلي ۾ پي اين اي جي پليٽ فارم تان واحد اميدوار طور سامهون آيو انهي اليڪيشن ۾ مولانا جان محمد عباسي جي ذوالفقار علي ڀٽو سان سخت سياسي اڻبڻت شروع ٿي، جنهن بعد ئي پي اين اي جي پليٽ فارم تان ذوالفقار علي ڀٽو خلاف تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ پڻ مولانا جان محمد عباسي کي گرفتار ڪيو ويو. انهي سياسي جهيڙي مولانا جان محمد عباسي کي پوري دنيا ۾ مشهور ڪرايو.
    مولانا جان محمد عباسي جو لکڻ پڙهڻ سان چاهه پڻ هئو. انهي سبب ڪري ئي هو هفتيوار پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهيو. مولانا جان محمد عباسي جون مختلف ملڪن جي سياستدانن سان روبرو ڪچهريون به ٿيون. جن مان خاص امام انقلاب آيت الله خميني جن به آهن.
    مولانا جان محمد عباسي وفات تائين جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير هيو ۽ هو جماعت اسلامي جي حوالي سان ذهين ڏاهو ۽ جماعت اسلامي کي پاڪستان ۾ مضبوط ڪندڙ رهنما تصور ڪيو وڃي ٿو. خدا تعاليٰ سندس کي جنت الفردوس عطا فرمائي (آمين)

    عوامي آواز، مهراڻ، سنڌ، هلچل، سچ، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ


    مسڪين جهان خان کوسو : ٿر جو امر ڪردار

    ٿر جو نالو وٺڻ سان ذهن جي آغوش تي پراڻي يادن جي ڊائري جا ورق ڪنهن ماضي وانگي اچي بيهي رهندا آهن ۽ مون کي اياز جون اهي سٽون ياد پونديون آهن ته:
    جت لڪ لڳي جتي اڪ پچن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي!

    اڄ 23 جولاءِ انهي ٿر ڄائي ڪارونجهر جي رکوالي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن آهي پر اسان سڀ معاشرتي تنگ نظري سبب کيس وساري ويٺا آهيون، ڪنهن کي ياد ڪونهي، ته ڪو اڄ 23 جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي آهي ۽ نه وري منهنجي ناليج تائين اهڙو ڪو سنڌ ۾ ڪٿي پروگرام رکيو ويو آهي، اها اسان جي ڪيڏي بدنصيبي آهي، جو اسان پنهنجي محسن کي وساريندي پراڻيون روايتون ڇڏيندي رڳو مفادن جي جنگ پويان پيل آهيون.
    مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن منهنجو والد ڪامريد تاج محمد ابڙو ميرپورخاص ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو، ته انهي وقت مٺي ۽ عمرڪوٽ ضلعا ميرپورخاص سان سلهاڙيل هئا. ميرپورخاص ۾ رهندي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو واتان خبر پيم، ته هن علائقي جو هڪ وڏو سماج سڌارڪ آهي جيڪو پاڻ کي مسڪين ٿو سڏائي. منهنجي والد مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌايون جنهن کي ٻڌڻ بعد دل ۾ خيال آيو ته مسڪين جهان خان کوسي سان ضرور ملبو.
    انهي نيت هيٺ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن لڳ موجود عثمانيه مسافر خانو جتي ٻڌو هيم ته مسڪين جهان خان کوسو رهندو آهي اتي وڃڻ ٿيو، بعد ۾ خبر پئي ته پاڻ ننگر پارڪر ڏي ويل آهن. هوٽل تي ويٺل هڪ پيرسن سان مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان حال احوال اورياسين ته هن هڪ کٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها کٽ مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي ٿيل آهي. پاڻ سڄو ڏينهن اتي آرام ڪندا آهن ۽ وٽن ٿر مان لا تعداد ٿريا ڪم لاءِ ايندا آهن. پاڻ بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي آفيسن ۾ وڃي انهن جا ڪم ڪرائي ڏيندو آهي. هن پيرسن ٻڌايو ته سندس سماجي خدمتن جي سبب هوٽل مالڪ مسواڙ به ناهي وٺندو.
    تنهن بعد بابا سائين جي ميرپورخاص مان بدلي ٿيڻ ڪارڻ مسڪين جهان خان کوسي ساڻ ملاقات جو خواب اڌورو رهيو پر سندس شخصيت جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن کي ٻڌڻ بعد ذهن چڪرائجي ويو، دل ۾ اهو خيال آيو ته ڪو ٿر جهڙي پٺتي پيل وارياسي علائقي مان سنڌ جي ايڏي سڄي تاريخ ساز شخصيت به جنم وٺي سگهي ٿي.
    جيڪر ٿر مان مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ۽ ڪارونجهر جو پرچار ڪٽجي ته ٿر ۾ باقي ڇا وڃي رهندو. مسڪين جهان خان کوسو بنيادي طور فقير صفت انسان هو، هن ٿرين جي هر قسم جي سار لڌي انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٿر جي اندر پٽيل راڄ جو داٻو هو، مسڪين جهان خان کوسي کان غريبن جي حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي هو انهن جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ٿر ۾ ڀيانڪ ڏڪار آيو ۽ ٿريا ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئا، ته انهي وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي پنهنجا سمورا غم وساري پنهنجي سموري ملڪيت کپائي سمورو پئسو غريب ٿرين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي جو شمار ٿر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن ۽ انسان دوست رويي سبب کيس آمريڪا جي هڪ تنظيم آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهڙو اطلاع مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ مسڪين بجر خان کوسي کي تنظيم جي اختيارن هڪ ليٽر ذريعي ڏنو پر هو غربت سبب آمريڪا نه وڃي سگهيو نه ئي ايوارڊ وصول ڪري سگهيو پر ان وقت جي عمرڪوٽ جي ايس پي سيد احسان شاهه راشدي پوليس جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ مسڪين بجر خان کوسي کي ڏوڪڙ ڏنا، ته هو آمريڪا وڃي پنهنجي والد جو مڃتا ايوارڊ وٺي اچي، پر اهي به ڏوڪڙ آمريڪا وڃڻ لاءِ ناڪافي هئا. جڏهن ته انهي آڙ ۾ عمرڪوٽ جي چند سفيد پوش ماڻهن چندا پڻ ڪيا، جيڪي ڏوڪڙ مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ بجر خان کي نه مليا. بعد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي اندر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مسڪين بجر خان کوسي چيو ته هاڻ هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلائيندو، پوليس واري ڊيوٽي کان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد انهن پئسن مان آمريڪا وڃي مسڪين جهان خان کوسي کي مليل مڃتا ايوارڊ وٺي ايندو پر سپنو هن جو ساڀيان نه ٿي سگهيو. هو پوليس واري ڊيوٽي تان ته رٽائرڊ به ٿيو ته وري به ڏوڪڙن جي کوٽ ان لاءِ مسئلو بڻيل هئي.
    اڄ انهي ٿرين جي هڏ ڏوکي انسان مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن 23 جولاءِ آهي، پر وري به ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان هن مهان انسان لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، هن جا خواب اڌورا رهجي ويا اڄ ٿر ۾ ٿرين جي نالي تي کوڙ اين جي اوز ڪم ڪن پيون پر اهي اهڙو ڪوبه انقلاب نه آڻي سگهيون، نڪو وري انهن اهڙو ڪو ٿرين کي شعور ڏنو آهي، جيڪو مسڪين جهان خان کوسي ڏنو هو. منهنجي سنڌ حڪومت کي اها وينتي آهي، ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر 23 جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي واري ورسي واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سرڪاري طرح سان ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر يا ننگر پارڪر ۾ ورسي ملهائي وڃي، مختلف شخصيتن جن پنهنجي فيلڊ ۾ نانءُ ڪمايو آهي، تن کي مسڪين جهان خان کوسو ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي تي ٿر ۾ ڪاليج، يونيورسٽي، اسٽيڊيم ۽ ميوزيم وغيره قائم ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان اسان دنيا جي اڳيان اهو چورائڻ جي لائق ٿي وينداسين ته اسان پنهنجن محسنن جي تهه دل سان عزت ڪيون ٿا.

    خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عبرت، فيصلو، تعمير سنڌ


    مخدوم جميل الزمان ۽ اميدون

    سنڌ ۾ روحانيت جي پرچار تمام آڳاٽي دؤر کان ٿيندي رهي آهي. روحانيت جي سفر پويان صوفي ازم جا پيروڪار هر دؤر ۾ مايوسين جي در چڙهيل سماج ۾ خوشيون ڦهلائيندا رهيا آهن، سنڌ ۾ گادين ۽ انهن جي مريدن جو سلسلو تما م آڳاٽو آهي ۽ مريد پنهنجن مرشدن کي دلين اندر جاءِ ڏيندي انهن جي هر حڪم تي لبيڪ چوندا رهيا آهن. سنڌ جي تاريخي شهر هالا جنهن جي سماجي توڙي سياسي ۽ ادبي حساب سان هڪ الڳ حيثيت رهي آهي، ان شهر جي فضائن ۾ محبتن جي پرچار ملي ٿي، هن شهر ۾ سروري جماعت جيڪا سوا نوَ لک گودڙي جي جماعت ليکي وڃي ٿي، تنهن جي گادي به هن ئي شهر ۾ آهي ۽ هن جماعت جو سلسلو تمام پراڻو رهيو آهي ۽ سروري جماعت جا مريد پاڪ ۽ هند ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهن. سروري جماعت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جڏهن قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ گادي نشين هئا ته پاڻ تمام اثرائتي نموني گادي کي سنڀاليندي سروري جماعت ۽ انسانيت جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي دؤر ۾ پاڻ جتي ادبي ميلا رچايا ته اتي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرا نظر آيا ته سياسي حوالي سان به پاڻ مڪمل طور تي راڄ ڪيو ۽ هن دؤر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جي شهر هالا جي چونڊ ڪئي هئي ۽ پاڻ لاڙڪاڻي کان هالا اچي پارٽي جو بنياد رکيو.
    مخدوم طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد موجوده گادي نشين قبله سائين مخدوم امين فهيم به ساڳئي راهه تي هلندي نظر ٿا اچن ۽ سندس شخصيت کي ملڪي توڙي بين القوامي طور تي وڏي حيثيت حاصل آهي، انهي خاندان جو چشم و چراغ ۽ قبله مخدوم امين فهيم جي فرزند قبله مخدوم جميل الزمان کي وزير اعليٰ سنڌ ، سيد قائم شاهه پاران سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا تمام گهڻي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ۽ سنڌ جي تمام حلقن وزير اعليٰ جي ان قدم کي ساراهيو آهي، مخدوم جميل الزمان جي چيئرمين مقرر ٿيڻ بعد بورڊ ۾ جتي انقلابي تبديليون اچڻ شروع ٿيون آهن ته اتي سنڌي ادبي بورڊ جي فلاح و بهبود لاءِ هينئر کان ئي تڪڙن بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.
    بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر ڪچهرين ۾ قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ سان ڪيل ڪچهرين جو قصو ٻڌائيندا رهندا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي ابڙا خاندان ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ هالا جي مخدومن جي وچ ۾ انتهائي ويجهڙائي وارو رشتو رهيو آهي ۽ منهنجو پنهنجو به ذاتي طور تي هن گادي سان انتها جو عشق رهيو آهي ۽ مخدوم قبله سائين جميل الزمان سان ڪڏهن ڪچهري ڪراچي ۾ ته ڪڏهن وري هالا ۾ ٿيندي رهي آهي، سندن ڪچهرين ۾ جيڪو قرب محبت سنڌي عوام لاءِ پسجڻ لاءِ ملي ٿو اهو شايد ئي ٻئي ڪنهن جي ڪچهري ۾ سرور پسجڻ لاءِ ملي ٿو. اهڙي ادب دوست ۽ انسانيت دوست انسان کي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ سان جتي ادبي بورڊ کي نوان رنگ نصيب ٿيندا ته اتي ان جي ترقي به ٿيندي ۽ پاڻ جيڪي شروعاتي قدم کنيا آهن اهي انتهائي تعريف لائق آهن ۽ انهن قدم کڻڻ جي سنڌي قوم منتظر هئي.
    دعا آهي ته شل قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگر قبله سائين مخدوم جميل الزمان هن ادبي بورڊ کي هن جو وڃايل جوڀن موٽائي ڏين. جنهن جي لاءِ سموري سنڌ جي عوام منتظر آهي ۽ انهن جون نگاهون قبله سائين مخدوم جميل الزمان ۾ آهن.

    سوڀ، سنڌو ڊائجسٽ، مقدمو، سنڌو، سڪار، عوامي آواز،
    هفتيوار سدابهار، هلچل


    نواب نبي بخش خان ڀٽو : هڪ اعليٰ شخصيت

    نواب نبي بخش خان ڀٽو سان منهنجو واسطو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هو. هو منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي انتهائي پراڻن دوستن منجهان هڪ دوست هو. 1985ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو، ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ اچي، رهائش پذير ٿيو. 1985ع ۾ نواب صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات بابا سائين ڪرائيندي چيس ته هي اوهان جو ڀائيٽيو نادر علي آهي. نواب صاحب حالانڪه انهيءَ وقت به انتهائي ضعيف هو پر وڏي زور، گرم جوشي ۽ محبت منجهان ڀاڪر پائي، پيشاني تي چمي ڏيئي مليو ۽ مونکي پنهنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريائين ۽ هڪ ملازم کي سڏ ڪري چيائين ته بابا شهزادي کي منهنجي اوطاق گهمايو ۽ سندس اوطاق ڇا هئي ڪو بادشاهي محل هو. اوطاق ڏسي اچي نواب صاحب جي ڀرسان ويٺس. ڪافي دير ڪچهري هلي بعد ۾ منجهند جي ماني پڻ زوري نواب صاحب کارائي. ڪجهه مهينن ئي بعد بابا سائين وفات ڪري ويو. نواب صاحب ضعيفي جي حالت ۾ اچي اسان وٽ تڏي تي تعزيتي دعا گهري ۽ تعزيتي بڪ ۾ لکندي چيو ته ’’اڄ منهنجو هڪ بازو ڪٽجي ويو آهي. تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائرن جهڙو دوست مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. مونکي هو هر وقت ياد هوندو آهي.‘‘ نواب صاحب جي بابا سائين سان انتهائي گهرائپ هئي، اهو ئي سبب هو جو مان هن وٽ تقريبن هر سال سندس ڳوٺ ميرپور ڀٽو وڏي سڪ منجهان ويندو هئس. موٽ ۾ نواب صاحب به مونکي جيڪا محبت ۽ پيار ڏيندو هو سا وسارڻ جوڳي ناهي. هو خاموش طبع انسان هو. گهٽ ڳالهائڻو، هميشه الله جو ذڪر زبان تي ڪندڙ ۽ قرآن پاڪ جون ڪيسٽون ٻڌندڙ، جانورن سان پيار ڪندڙ، انسان ذات جي دل سان خدمت ڪندڙ، مسجدن ۽ مدرسن تي تمام گهڻو خرچ ڪندڙ غريب مسڪين ماڻهن کي خيرات ججهي ڏيندڙ، مسڪين نياڻين جي لاءِ ڏاج وغيره جو خرچ خوشيءَ سان برداشت ڪندڙ هو. سندس ننگر جواني کان آخري وقت تائين جاري رهيو.
    مون کي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن مان ساڻس ڪچهري ڪرڻ ويس. اتي ڳالهين ڳالهين ۾ مونکان پڇيائين ته ’’ڀائيٽيا اوهان جي ٺٽي واري زمين جو ڇا حال آهي.‘‘ منهنجي ٻڌائڻ تي ته اها پئسا نه هجڻ ڪري غير آباد آهي. اهو ٻڌندي ئي هڪدم ذاتي سيڪريٽري کي چيائين ته ’’اها سڄي زمين اڄ کان آباد ٿيڻ کپي، خرچ جا سمورا پئسا مان پاڻ ڏيندس.‘‘ هن دؤر ۾ اهي لفظ مون کي ڪنهن انسان جا نه بلڪه ڪنهن فرشتي جا پئي محسوس ٿيا. ڄڻ ته مون ڪو خواب پئي ڏٺو پر نه اها حقيقت هئي. هٿ ٻڌي مهرباني چيم ۽ چيو مانس ته چاچا اوهان جا ٿورا ٿيا پر مونکي اها زمين جلد ئي وڪڻڻي آهي، سو جلد ئي چند ڏينهن ۾ وڪامجي ويندي. نواب صاحب کي سياست سان تمام گهڻي دلچسپي هئي تنهن ڪري ڪافي وقت سنڌ هند جي سياست ۾ رهيو. نواب صاحب سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن اليڪشن ۾ بيٺو هميشه ڪاميابي ماڻيائين.
    سنڌ جي هن بزرگ سياستدان 1904ع ۾ نواب الاهي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. نواب صاحب جو گهراڻو سنڌ جو معتبر گهراڻو هو. پڙهيل، سلڇڻو، تدبر، فهم ۽ فراست سندس طبيعت ۾ رب پاڪ ڪٽي ڪٽي ڀري هئي. نواب صاحب جو سئوٽ سر شاهنواز خان ڀٽو جڏهن بمبئي سرڪار ۾ مرڪزي لوڪل سيلف گورنمنيٽ جو وزير مقرر ٿيو ته انهيءَ دؤر ۾ نواب صاحب وري 1934ع دوران ضلع لوڪل بورڊ جو صدر چونڊيو ويو. 11 سال صدر رهيو. قائداعظم محمد علي جناح نواب صاحب سان ڪافي ويجهو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو 1938ع تي قائد اعظم لاڙڪاڻي آيو ته نواب صاحب سان گڏ سندس ڀرپور ميزباني سرانجام ڏني. نواب صاحب پاڪستان واري آزادي واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي ڪنهن به سياسي ڌر سان وابسته نه رهيو، هو هميشه آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندو هو. هن 1945ع ۾ قاضي فضل الله (جيڪو سنڌ جو وزير اعليٰ پڻ رهيو پر انهيءَ وقت مسلم ليگ جي طرفان وزير هيو.) پڻ شڪست ڏني، اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هي واحد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين هو. جيڪو بجيٽ ۾ خساري هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي گهران پئسو خرچ ڪري پورت ڪندو هو. نواب صاحب بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو ۽ بمبئي کان سنڌ جي علحيدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1952ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو. پوءِ سندس ڀائٽي شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو جي سياست ۾ اچڻ تي چونڊ تڪ سندس حوالي ڪيو ۽ پاڻ سياست کي خير آباد چيو. نواب صاحب جون ڪيترين ئي نوابن، مهراجن سان دوستيون هيون، جن ۾ هندوستان جي پٽيالا، ۽ نابا جا مهراج سندس ويجها دوست هئا. نواب صاحب سنڌ جي سياستدانن ۾ هڪ منفرد سياستدان رهيو. پاڻ سرڪاري دٻاءَ هيٺ وفاداريون مٽائڻ ۽ پنهنجي ووٽ جو ذاتي مفادن خاطر سودو ڪرڻ پنهنجي سياسي قد ڪاٺ مطابق پاڻ کي سياسي بازار ۾ نيلام ڪرڻ جهڙي عام سنڌ جي سياستدانن جهڙي موذي بيماري کان هميشه پنهنجو پاڻ کي پاڪ رکيو. سنڌ جا اهڙا سياستدان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي نوجوان سياسي ٽهيءَ لاءِ مشعل راهه آهن.
    شال سنڌ جا هاڻوڪا سياستدان به نواب نبي بخش خان ڀٽو جي ڏنل راهه تي هلن ته اسان جي سنڌ جو مسڪين ۽ غريب طبقو پاڻ کي نڌڻڪو محسوس نه ڪري.
    منهنجا هي ڪجهه جملا نواب صاحب جي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪين آهن پر تنهن هوندي به هن جي ياد تازي ڪن ٿا. موت شل موت پوئي جو ههڙيون عظيم هستيون اسان جي سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.

    عوامي آواز، مهراڻ، سنڌ، عبرت، هلچل، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان


    هدايت منگي : صحافي، اديب ۽ نقاد

    هدايت منگي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ ٿي. منهنجو ڪامريڊ سوڀي تعارف ڪرائيندي چيس ته هي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو فرزند اٿئي. هدايت منگي پهرين ملاقات ۾ ئي ايترو ته ويجهو ٿي ويو، ڄڻ ڪو پراڻو دوست هجي. پوءِ انهيءَ محبت ملڻ جي ڪري ئي هدايت منگي سان منهنجين تڪڙين ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. اسان تقريبن هر ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ هوندا هئاسين. ڳالهائڻ جو چٽو اکر ڳالهائيندو ته زير زبر سان ڳالهه واضح ۽ چٽي ڪري ڳالهائڻ جو ڏانءُ قدرتي طور مليل هئس، غريب هوندي به دل جو درياءُ هو. هو يارن جو يار هو. هر دوست جي غميءَ خوشيءَ ۾ اٿڻ ويهڻ وارو سندس ياري باشي سڄي سنڌ جي اديبن، سياستدانن ۽ صحافين ۾ هئي. لاڙڪاڻي جو ته هي سينيئر صحافي هو ئي پر سنڌ جي سڄي صحافي برادري ۾ هو تمام گهڻو مقبول ۽ يارويس هو.
    مون کي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن فقير محمد لاشاري جي وفات جو ٻڌئين ته انهي کي ياد ڪندي اکيون پاڻي سان ڀرجي آيس. صحافت به اهڙي صاف سٿري ڪيائين جو نوجوان صحافين لاءِ مثال هو. غريب مسڪين ماڻهن جا مسئلا پريس ۾ آڻي سندن داد رسي ڪرڻ ڪو هن کان سکي ها. هن جو سنڌ ڌرتي سان ڏاڍو پيار هو ۽ سنڌ ڌرتي جي هر ذات سان محبت هئي. مون کي هڪ دفعي ٻڌايائين ته نادر هڪڙي دفعي سماٽ قوم جي سڀني سردارن ۽ چڱن مڙسن جو هڪ ميڙاڪو ٿيو. جتي مون کي ڳالهائڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو. سڀني پئي سماٽ جي حق ۾ ڳالهايو، آخر ۾ جڏهن مون کي موقعو ڏنو ويو ته مون فقط ٻن ٽن منٽن ۾ سڄي ميڙاڪي کي چپ ڪرائيندي چيو ته هي سنڌ ۾ ڪهڙيون نفرتون ۽ ويڇا پيا وجهو. اسان جو باباءِ سنڌ ئي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٻروچ هو. جڏهن سنڌ جو بابو ئي ٻروچ آهي ته پوءِ سماٽ ۽ ٻروچ واري ويڇي نه پئو، ٻروچ ته سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو آهي. منهنجا اهي لفظ ٻڌي سڀ ڏاڍا شرمسار ٿيا ۽ اهو ميڙاڪو جو شايد اڳتي هلي چڻنگ منجهان ڪو وڏو ممڻ مچائي ها. انهيءَ کان سنڌ کي آجو ڪيائين. سندس اهڙين سنڌ ڌرتي سان پيار وارين ڳالهين کي ڪڏهن به تاريخ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي.
    هن درويش صفت صحافي جو گذر سفر آخري ڏينهن ۾ مالي طرح سان ڏاڍو ڏکيو هيو. انهيءَ ڪري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪتابن جو دوڪان کوليائين، پر ڪن سببن ڪري اهو هلي نه سگهيو. پوءِ هن گذر سفر لاءِ ڪافي پرائيويٽ نوڪريون به لاڙڪاڻي ۾ ڪيون. ڏينهن رات نوڪرين ۾ محنت هن کي جهوري به وڌو پر پورهيو ڪرڻ آخري وقت تائين ڪونه ڇڏيائين.
    هن مون کي هڪ دفعي چيو ته نادر تنهنجو والد وڏو عظيم انسان هو، پر هن جي وفات کان پوءِ کيس ياد ڪرڻ وارو ڪوئي به ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي. آخر ٻئي ڄڻا گڏجي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ پهتاسين. جن کان هن صلاح ورتي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڇا ڪجي، آخر ڪامريڊ سوڀي جي صلاح تي تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيوسين. اها يادگار ڪميٽي ئي هئي، جنهن جي اجلاس ۾ سنڌ جي مشهور اديبن بابا سائين تي مضمون لکي اخبارن ۾ شايع ڪرايا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنهن شخص جون ايڏيون صحافت ۽ ادب ۾ خدمتون هيون. ان ادبي ۽ صحافتي شخصيت تي ڪوبه قلم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ ادارا ڪونه بچيا آهن جو هاڻي اسان کي عظيم انسان پيدا ڪري ڏين ۽ آهستي آهستي سنڌ منجهان عظيم انسان به موڪلائي رهيا آهن. جڏهن اهڙا حالات هجن پوءِ به اسان پنهنجن محسنن کي وساري ويهون ته پوءِ اهڙن حالاتن ۾ نوجوان ٽهيءَ جو آخر ڇا ٿيندو؟
    نوجوان ٽهي کي سنڌ جي اهڙن سپوتن جي خدمتن بابت ته گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻ ڏيڻ کپي، جو هو انهن شخصيتن کي مشعل راهه ڪري هلن. هدايت منگي هن مهل اسان جي وچ ۾ ڪونه آهي، پر هو پنهنجن خدمتن جي حوالي سان سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ زندهه رهندو.
    منهنجا ڪجهه جملا هن جي تمام وڏي شخصيت لاءِ ڪجهه به ناهن پر پوءِ به اڄ هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.

    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    نوان شامل ڪيل مضمون

    مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي بعد پيل ٿيل خلا

    مخدوم امين فهيم جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي ته اتي سندن علمي، ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ۽ هن کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو، سندن ۾ الله پاڪ جيڪي خاصيتون پيدا ڪيون هيون، سي خاصيتون تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي، مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوح جي گادي کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بنايو هو ۽ پاڻ هر ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو، پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو ته اتي سندن منجهه روحاني خاصيتون به بيمثال هيون، جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو ته اتي پاڻ لاءِ به دعا گهرائيندو هو، پاڻ پيپلزپارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين هو. مخدوم امين فهيم جي ولادت چار آگسٽ 1939ع تي هالا ۾ ٿي. سندن نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين فهيم ثالث پکن ڌڻي جي نسبت سان ڏاڏا سائين به سڏيو هو، اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب الموليٰ ٻي شادي خاندان کان ٻاهر ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا. جن ۾ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ايم پي اي مخدوم سيد الزمان آهن. مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي اي پاس ڪيائين، سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين، قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب الموليٰ سنڌ جو صدر به رهيو تعليمي خدمتن جي سلسلي ۾ سروي اسلامي ڪاليج ۽ سروريه اورينٽل ڪاليج هالا جو نائب صدر رهيو ۽ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو، مخدوم محمد الزمان طالب جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ 18 گادي نشين هو. بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي 300 سال اڳ 9 لک گودڙي جو لقب مليل آهي، سندن مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن 22 خليفا هنڌ ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا. مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي ’’پيغام‘‘ کي تمام وڏي پذيرائي ملي، هن شعر ۽ شاعريءَ 1953ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مرحوم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان سکيو. پهرين پنهنجو تخلص ’امين‘ رکيائين ان کان پوءِ ’فهيم‘ جو تخلص سندن والد مخدوم طالب المولي ڏنو. جنهن کي هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان ’’پيغام‘‘ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن غزل جي تمام وڏي خوبصورت شاعري ڪئي ۽ اردو ٻولي ۾ به تمام وڏا ڪلام چيائين، هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين سندن ڪلام ’’پيغام‘‘ کي سنڌ ادبي بورڊ ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪيو. سندن جواني جي دؤر ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون رهيو ، کين موسيقي سان به دلچسپي رهندي هئي، پاڻ فارسي، عربي، انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيا. پاڻ يارويس ۽ طبعيتن سادو هوندو هو، هڪ بردبار، صابر وڏي دل رکندڙ سياستدان هو ۽ پاڻ هميشه دانشوراڻي سوچ رکي، شاعر کي پڻ اجاگر ڪيو. سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هن ۾ برداشت انتهائي گهڻي هوندي هئي جنهن ڪري کين ’صابرين‘ چيو ويندو هو. هو ناراص ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي پهريون ڀيرو 1970ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ 1977ع کان 1988، 1990، 1997، 2002 ۽ 2008 جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊاڻو، ضياءُ جي آمريت دؤر ۾ پارٽي فيصلي تحت هو 1985 عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. هن سياسي سفر جو آغاز 1970 ڌاري پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو جيڪو ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ وزيرمملڪيت تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران پ پ سنڌ جو صدر رهيو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر رهيو. 1990 ۽ 1993، 1997 واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو مرحوم پ پ جو صدر ۽ پيپلزپارتي جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد سياستدان هو جنهن کي فهم، فراست، شائستگي،ٿڌي مزاج ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياالحق جي دؤر کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي پر هو پارٽي سان وفادار رهيو. سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندن ياري ڪنهن کان لڪل نه هئي، پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. 1969ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوافلقار علي ڀٽو سان ٿي جنهن بعد هن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب الموليٰ پڻ پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين رهيو. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ 1988ع کان آگسٽ 1990ع تائين اطلاعات وارو وزير به رهيو ۽ 2008ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين سياحت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي. سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلزپارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلزپارٽي جو هالا ۾ ٿيو. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو تمام وڏو ڀروسو ڪندي هئي.
    امين فهيم کي ضياءَ جي دؤر ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي پر هن پارٽي جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڀٽي خاندان کان آخري وقت تائين وفا ڪئي. جنهن ڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو. سندن علائقي ۾ تمام وڏي زمينداري ۽ جاگير پڻ آهي. سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پاڻ زندگي جي آخري وقت تائين پ پ سان نڀاءُ رکيو. مخدوم امين فهيم پنهنجي زندگيءَ ۾ 4 شاديون ڪيائين. پهرين شادي 21 جون 1957ع ۾ 19 سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي، ٻي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ ايئر هوسٽ دينا ليلا سان ڪئي، جيڪا مشهور فنڪاره رونا ليلا جي ڀيڻ هئي ۽ سٺي ڳائڻي هئي جيڪا شادي بعد جلد فوت ٿي وئي. ٽئين شادي ڪراچي جي اردو فيملي مان ڪيائين ۽ چوٿين شادي پنجاب مان ڪيائين. کين ست پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شادي مان مخدوم جميل الزمان، ٻي شادي مان چار پٽ مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن جو وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي. ٻيو پٽ شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ڊي سي ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي ۽ مخدوم نجيب الزمان مان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندن چوٿون پٽ ابو محمد سنڌيار آهي. دينا ليلا مان ڄاول نياڻي برمنگهم يونيورسٽي لنڊن ۾ تعليم پرائي رهي آهي. مخدوم طالب الموليٰ ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا تمام ڀائرن وارا رشتا هئا ۽ پاڻ جڏهن لاڙڪاڻي ايندا هئا ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان ڪچهريون رهنديون هيون. پر اڄ جڏهن مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته سروري جماعت جي پڳ مخدوم جميل امزان کي ٻڌرائي وئي آهي ۽ سموري سنڌ مخدوم جميل الزمان مان به مخدوم امين فهيم واريون اميدون رکي ٿي، اميد ته پاڻ به مخدوم امين فهيم وانگي اهو رشتو سنڌ کان وفا ڪندا رهندا.

    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    محمد ابراهيم جويو: سنڌي ادب جو پارس

    پنهنجي ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت گذاريندا هئا.
    مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس.
    منهنجا لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون ڳالهيون رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته هو سنڌ جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو آهي.
    سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’’آباد‘‘ سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ 13 آگسٽ 1915ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري ’’آخوند‘‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هيو.
    محترم محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ 1927ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو،ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني، جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي.
    ويهين صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائميز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمرانن طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دور انديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو.
    سنڌي ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ ۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽ گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو، اهڙي ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن وڏن ناليواري شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
    محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو رهيو آهي.
    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    ڀڳت ڪنور رام ڪير سڏائي

    سنڌ صدين کان صوفين ولين ۽ اوليائن ڪرام جي ڌرتي رهي آهي، جتان هميشه صوفي ازم جو پرچار پوري دنيا ۾ ڦهليو آهي. سنڌ ۾ وقت به وقت صوفين ازم جا عاشق ۽ پرچار ڪندڙ پيدا ٿيا آهن، جن جو درس رڳو انسانيت ئي رهيو آهي انهن انسانن جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته اتي ڀڳت ڪنور رام جو تذڪرو وڏي واقعي ڪيو ويندو .
    ڪنور رام ڀڳت غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، سندن پتا جو نالو تارا رام ۽ ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو، جنهن کي وڏي سڪ ۽ چاهت کان ڪنور رام پٽ ڀڳوان ادا ڪيو. ڪنور ڀڳت جو جنم 13 اپريل 1885ع ۾ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان 8 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ ’’جروان واهڻ‘‘ ۾ ٿيو، جنم بعد سندن ماتا دعا ڏيارڻ لاءِ مرشد جي درٻار رهڙڪي وٺي ويئي، جتي سائين سترامداس کيس خوشي مان کڻي دعا ڪئي. 5 سالن جي عمر ۾ پاڻ تعليم پرائڻ شروع ڪئي، هي ننڍپڻ کان ئي الله لوڪ انسان دوست، فقير قسم جو ماڻهو هو. هي زماني جي ريتن رسمن، متڀيد کان تمام گهڻو اونچو سوچيندو هو. پاڻ سموري ڄمار الله جي خلق سان پيار ڪندي گذاري ۽ انهن جي کلي دل سان واهر لهندو هو. سندن آواز ۾ اهڙو سرور هو جو ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سندن گلي ۾ ڀڳوان وسي ٿو. پاڻ ڳائڻ جي سکيا مختلف جاين تي ورتي. سندن ڳائڻ وقت ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ماڻهو ٻي جهان ۾ پهچي چڪو هجي. هو هر وقت الله جي عشق ۾ زماني جي خوشين ۽ غمن کان بيخبر رهندو هو ۽ اڪثر زماني جي خفن ۽ جهيڙن کان ڪناراڪشي ڪري پنهنجي رب کي ريجهائڻ جي رمز ۾ گم رهندو هو. جڏهن پاڻ 18 سال جو ٿيو ته سندن امڙ سندس چهري تي سهرو سجائڻ جو سوچيو ۽ 1860ع ۾ سندس شادي ڪرائي پر ڪنور ڀڳت پنهنجي ڌرم پتني جي وفات بعد پنهنجي دل گهرين دوستن ۽ عزيزن جي زور ڀرڻ باوجود به ٻي شادي نه ڪئي، کيس هڪ پٽ پيسورام ۽ ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس جي اولاد هئي، سندن وٽ زندگي ۾ ڪڏهن به ذات، پات، نسل، مذهب رنگ جو ڪو فرق نه رهيو، هن سڄي عمر پنهنجي رب جي عشق ۾ گذاري ڇڏي ۽ جيون ڀر ڪنهن کي ڏک نه ڏنو. هو انسانيت جو علمبردار هو. هن جي حوالي سان اتمچند پيسو مل شاستري پنهنجي ڪتاب ڪنور رام ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته جڏهن ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو ته ڪنور ڀڳت جيڪب آباد ۾ ترسيل هو ۽ روزانو پنهنجي ساٿين ۽ پنچائت سان گڏ ايندو هو ۽ جڏهن زخمين جون ٽرينون اينديون هيون ته انهن کي دوا درمل ڏيڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان ڏيندو هو،
    آڌي مانڌي جنهن وقت به ڪو سوالي هن جي گهر ويندو هو ته هو پنهنجا غم وساري بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي هن کي گلي لائي نيڻن جا ڳوڙها اگهي هن جي مدد ڪندو هو، هو معذورن ۽ بيواهن جو تمام وڏو ڀرجهلو هو، جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهادت جو جام پيتو ته ان ئي شهر مان گذرندڙ ماڻهن جا ڪٽڪ ڪولين جي ميڙ جيان مڙي آيا، جنهن ۾ ماڻهن جا مٿا اگهاڙا اکين ۾ لڙڪ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا هئا، سندن جي ڏولي ڏسڻ لاءَ ماڻهن جي ايڏي رش هئي جو تر جيتري به جاءِ نه بچي هئي. ڪافي ماڻهو ڏولي ڏسڻ گهرن جي ڇتين تي ۽ ڪوٺن تي چڙهي انتظار ڪندا رهيا ۽ جنهن مهل سندن گهرن اڳيان ڏولي جو گذر ٿيو ته ان مٿان اجرڪ، رومال، لنگيون ۽ گل اڇلائي زارو قطار روئيندا رهيا. پاڻ جيڪا انسانيت جي خدمت ڪئي، سا ڀڳتي جي تاريخ ۾ سدائين سدا بهار رهندي. سندن ڪيترائي واقعا آهن جيڪي اڄ به سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ٻڌايا وڃن ٿا ۽ جيڪي هاڻ تاريخ بڻجي چڪا آهن. منجھس ڪيتريون ئي خوبيون هيون، پاڻ سنڌ جي درويش ولين سان انتهاءَ جي محبت ڪندو هو. پاڻ جتي ڪنهن درويش صفت ماڻهو جي آمد جو ٻڌندا هئا ته اتي پهچي ويندا هئا. پاڻ وٽ جيڪو وقت بچندو هو، انهي ۾ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي پنهنجي ڀاءُ جاڙا رام سان گڏ سودي سامان جو هٽڙو هلائي ڪري گهر جو گذارو ڪندو هو، گيهه جي واپار جي حوالي سان ۽ کجين جا ٺيڪا ٻولي کڻندا هئا، سندن جي آواز کي سنڌ ۽ هند سان گڏ بلوچستان، ملتان، بهاول پور تائين وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. جڏهن پاڻ ڳائڻ شروع ڪندا هئا ته هر طرف شانت ڇائنجي ويندي هئي. هڪ ڀيري سکر ۾ مهاتما گانڌي جي ملاقات ڪرڻ وقت اهڙو ماحول جڙي ويو جو ڪيترن ئي اڳواڻن جي اپيلن ڪرڻ باوجود به ماٺ نه ٿي ۽ ڀڳت ڀڄن چوڻ شروع ڪيو ته هر پاسي ماٺ ڇائنجي ويئي، گوڙ الائي ڪاڏي ويو.
    سنڌ جي هن امر انسانيت جي عاشق سفير کي 2 آڪٽوبر 1939 جي نڀاڳي ڏينهن تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي سکر ايندي بي گناه گولين جو کاڄ بڻايو ويو ۽ سنڌ ڌرتي هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي ويئي ۽ هر پاسي ماحول ۾ لڙڪن، آهُن ۽ ڪوڪن جي هوڪار رهجي ويئي.

    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    الهبچايو کوسو : صدارتي ايوارڊ يافته الغوزي نواز

    سُر ۽ سنگيت جو ميلاپ به ڇا آهي. فن جي دنيا جا ماڻهو به واقعي عجيب ٿيندا آهن. انهن جا غم ۽ خوشيون به نراليون هونديون آهن. اهي هميشه پاڻ کان بي خبر ٿي، هن جهان ۾ ميلا مچائي، ماڻهو گڏائي، مُرڪون وکيري، هميشه لاءِ امر ۽ تاريخ بڻجي ويندا آهن. جيئن سنڌي موسيقي جي ساز الغوزي ذريعي، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻيندڙ، الغوزي نواز الهبچايو کوسو، گهڻي وقت تائين بيماريءَ سان ويڙهاند ڪندي ڪندي، هميشه لاءِ اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي. الهبچائي الغوزي وسيلي سُريلي آواز ۾، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾، تمام گهڻي مڃتا ماڻي هئي. پاڻ زندگيءَ جي 85 بهارن ۾، ڪيئي دنياوي رنگ ڏٺائين ۽ اوچتو گردن ٽوڙ بخار ۾ مبتلا ٿي، ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن تائين زندگيءَ ۽ موت واري ڪشمڪش ۾ رهڻ بعد، هميشه لاءِ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. سندس بيماريءَ دوران ڪنهن به سار نه لڌي. ثقافت کاتي کان ويندي سمورا چونڊيل نمائندا، رڳو اعلان ئي ڪندا رهيا. جنهن ڪري هو پنهنجو علاج، ڪراچيءَ مان به نه ڪرائي سگهيو.
    سندس لاڏاڻي بعد، موسيقيءَ جي دنيا ۽ خاص ڪري الغوزي جي دنيا ۾، هڪ تمام وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي. کيس صدارتي ايوارڊ کانسواءِ لطيف سرڪار، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي ميلي سميت، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ۾ سوَ ۱۰۰ کان مٿي ايوارڊ ملي چڪا آهن. پاڻ، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾، سنڌي موسيقي جي ساز الغوزي جي سڃاڻپ رهيو ۽ کيس تمام وڏي پذيرائي ملي. سندس شاگردن جو جھجهو انگ، اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود آهي. کيس اها به هڪ وڏي ڏات ۽ ذهانت هئي جو پاڻ الغوزي وسيلي شاهه لطيف جي سمورن بيتن کي ڳاتائين. کيس، انهيءَ نرالي حيثيت سبب، سنڌ جا ماڻهو صدين تائين شايد ئي وساري سگهن. الهبچائي جي لاڏاڻي تي، جتي الغوزي جي دنيا اڄ ڪوما واري حالت ۾ آهي ته اتي سندس لاڏاڻي سبب، فن جي دنيا کي تمام وڏو ۽ پُر نه ٿيڻ جيڏو، نقصان پهتو آهي. اسان ماڻهو نه ڄاڻ ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهون. جيسين ڪو زندهه هوندو آهي ته سندس جيون کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهندا ۽ مرڻ بعد وڏا وڏا اعلان ۽ سهائتا جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. جيئن اڄ، سنڌ جو ثقافت کاتو به وڏيون ڳالهيون ٿو ڪري. جيڪر بيماري جي بستري تي، سنڌ جا گهڻگهرا ۽ ثقافت کاتي جا ڪامورا، سندس حقيقي مدد ڪن ها ته شايد اڄ هو ائين اسان کان نه وڇڙي وڃي ها. سندس وڇوڙي تي، جتي لطيف جا پارکو ۽ عاشق ڏکارا آهن، اتي سنڌ جي هر باشعور ماڻهو کي اوترو ئي ڏک پهتو آهي، جيترو سندس گهر ڀاتين کي پهتو آهي. سندس مرتئي تي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڏک ڪجي؟ ڇو جو هيءَ دنيا عارضي آهي ۽ هتي هر ماڻهو اچي ۽ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليو ٿو وڃي. جيڪي ماڻهو، پنهنجو حقيقي ڪردار ۽ عوام جا ڏک سور محسوس ڪندي، انهن لاءِ جاکوڙين ٿا، تن جو نانءُ دنيا مان پردو ڪري وڃڻ باوجود به، گونجندو رهي ٿو. ٻيا ماڻهو، اهڙن انسانن کي پنهنجي اندر ۾ جايون ڏئي، انهن تي ساهه نڇاور ڪندا ٿا رهن.اسان جي اها بدقسمتي آهي جو ماڻهو جڏهن حيات هجي ٿو ته کيس اهو مانُ مرتبو ناهي ڏنو ويندو، جيڪو مرڻ بعد ڏنو ٿو وڃي ۽ هن جون ورسيون سالگراهون ملهائي، ماڻهو کيس الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ٿا ڏئي ويهي رهن، جي اهي لقب انهن کي حياتي ۾ ملن ۽ انهن سان اهي شامون ملهائجن ته شايد هو اڃا به وڌيڪ زندگيءَ جي هن رنگينين ۾ جيئي سگهن. پر اسان وٽ ائين ناهي ۽ اها پراڻي روايت رهي آهي ته؛ جيئرن سان جهيڙا ۽ مئلن تي ميلا. هاڻ اها روايت ختم ٿيڻ کپي. الهبچائي جي لاڏاڻي تي، هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن، پر آئون اهو ٿو سمجهان ته؛ اڄ الغوزي جي دنيا مڪمل طور ويران ٿي چڪي آهي. شايد ئي وري ڪا ماءُ اهڙو الغوزي نواز ڄڻي، جيڪو جهر جهنگ، ڏيهه پرڏيهه وڃي، سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي، جيئن الهبچايو کوسو بڻيو.


    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    رائيچند راٺوڙ : ٿر جي تاريخ ساز شخصيت

    زمانو اهڙن ماڻهن جون يادگيريون اندر ۾ سانڍي تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيندو آهي، جيڪي ماڻهو انهن خاطر جيئن ۽ مرن ٿا ۽ پنهنجي تمام عمر انهن جي نانءُ ارپن ڪري ٿا ڇڏين، اهڙا ماڻهو هميشه تاريخ جو حصو بنجي ٿا وڃن ۽ ماڻهو انهن جا گيت ورهين تائين ڳائيندي نٿا ڍاپن. سنڌ ڌرتي به اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي، جن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سنڌ خاطر سرانجام ڏنو. انهن ڪردارن کي اڄ به سنڌ واسي ياد ڪندا ٿا وتن ۽ انهن کي مانُ ڏين ٿا. اهڙن ڪردارن ۾ سنڌ ڌرتي جي وارياسي علائقي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر چيلهار ۾ جنم وٺندڙ رائچند راٺوڙ جو به شمار ٿئي ٿو. جڏهن جتي به ٿر جي تاريخ جو ذڪر هلندو ته اتي اتي رائيچند راٺوڙ جو ذڪر ٿيندو. سندس خدمتون ۽ ڪاڄ اڄ به ٿر سميت سمورا سنڌ واسي انتهائي مانائتي نموني سان ڳائين ٿا. ٿر جيڪو سنڌ جو تمام پوئتي پيل علائقو آهي جتي ڪائنات جي رنگينن جا رنگ ڏس لائق آهن ته اتي محروميون به پنهنجي جاءِ تي واڪا ڪندي ٿيون نظر اچن. ڪڏهن ڏڪار ته ڪڏهن سڪار ٿر واسين جي جيون جو حصو رهيا آهن. اهڙي ڌرتي سان نڀاءُ ڪندڙ رائچند راٺوڙ جي من اندر ۾ ٿرين جا درد ۽ سور هميشه سمايل نظر آيا آهن ته اتي پاڻ پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪڏهن به ٿر کي ناهي وساريو. کيس پنهنجي ديس جي ماڻهن سان انتها جو عشق رهيو ۽ هر دؤر ۾ پاڻ ٿر واسين جي جيون جي بقا خاطر قلمي پورهيو ڪري، ٿر جا مسئلا، اتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون مقصد ته شاهد ئي اهڙي ڪا شي هجي جيڪا اتفاق سان رهجي وئي هجي. جنهن تي رائچند راٺوڙ قلم نه کنيو هجي ۽ عوام تائين نه پڳي هجي. پاڻ ٿر جي تاريخ کي گڏ ’’تاريخِ ريگستان‘‘ جهڙو ڀلوڙ ڪتاب تحرير ڪيائين. جنهن کي ٿورڙي وقت ۾ ادبي دنيا ۾ تمام گهڻي ڪاميابي ملي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ سموري ٿر کي هڪ لڙيِ وانگي پروئي ايئن پيش ڪيو آهي جيئن ڪنهن لڙ جا مڻيا هوندا آهن. سندس لکڻين ۾ لفظن جي جوڙجڪ انتهائي خوبصورت انداز سان ٿيل آهي جو ماڻهو جي دل بار بار سندس لکڻي کي پڙهڻ لاءِ چوندي آهي. رائچند راٺوڙ جي شخصيت ٿر واسين لاءِ هميشه اهميت ڀري رهي آهي ڇو جو پاڻ انهن خاطر هر ليول تي جاکوڙيو. ادبي ميدان ۾ تحقيقي مواد کان ويندي تاريخ تائين، هر ميدان ۾ اڳڀرا نظر آيا آهن. مون کي هميشه انهي ڳالهه جو اوسيئڙو رهندو آهي ته رائچند راٺوڙ ايڏيون سڄيون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اسان کان پردو ڪري ويو پر پويان انهي جي نانءُ تي ڪٿي به ڪو وڏو ادارو نظر نه ٿو اچي. منهنجي جڏهن بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ٿرپارڪر مٺي ۾ مقرري ٿي ته اتي مون پنهنجي ليکي، ادبي خدمتون پنهنجي حال ساريون جاري رکيون پر مون کي انهي ڳالهه جو احساس اتي به هر دم رهندو هو ته ٿر ۾ خاص طور تي مٺي جي اندر ڪاليج، يونيورسٽي، تاريخي ادارو، يا ڪا تفريح پارڪ رائچند راٺوڙ جي نانءُ تي تعمير ٿيڻ کپي ها، جنهن لاءِ مون اتي رهڻ دوران پنهنجي حصي جو ڪم سمجهي اهو ڪاڄ سرانجام ڏنو پر ڪو ساٿاري نه هجڻ ڪري بهرحال عملي جامو نه پهرائي سگهيس. انهي واٽ ۾ جدوجهد جي ضروت آهي پر ڪو ڌيان نٿو ڏي. ٿر جي تاريخ اسان تائين پهچائيندڙ ۽ سموري ٿر جي وک وک جي ڄاڻ رکندڙ رائچند راٺوڙ، جنهن ٿر جي ديس جي ماڻهن جا مسئلا ۽ اتان جي تاريخ زماني آڏو آندي، انهي کي ٿر واسين طرفان جيڪو مانُ مرتبو ملڻ کپي ها، سو بهرحال اڄ ڏينهن تائين نه ملي سگهيو آهي. تنهن ڳالهه کي گهٽ ۾ گهٽ آئون فراموش نٿو ڪري سگهان. بدقسمتي سان اسان ماڻهو نه ڄاڻ ڪهڙي جهان ۾ ڦاٿل آهيون. جيڪي پنهنجي هيروز کي سندس زندگيءَ ۾ جيڪو مانُ مرتبو لهن ٿا، اهو نٿا ڏئي سگهون پر هن دنيا مان لاڏاڻي بعد نه گهٽ ۾گهٽ مان مرتبوڏيون. جيڪا ڳالهه جيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۽ ڏسڻ جوڳي آهي. هن سال به رائچند راٺوڙ جي ورسي گذري وئي مون کي به سندس فرزند نقاش صاحب دعوت ڏني. ورسي جو پروگرام سندس جنم ڀومي وارن شهر چيلهار ۾ رکيو ويو. جنهن ۾ ڪنهن ضروري ڪم سبب آئون شرڪت نه ڪري سگهيس. جنهن جو مون کي افسوس رهندو پر مون اها ڳالهه هن وقت به محسوس ڪئي ته رائچند راٺوڙ جي ورسي جو رڳو هڪ پروگرام چيلهار ۾ ٿيو، جيڪا به تمام سٺي ڪاوش هئي پر رائچند راٺوڙ جي ورسي سموري سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجي، ڇو جو اهو اسان جو گڏيل ورثو آهي. پنهنجي هن ڪالم وسيلي گهڻ گهرن اڳيان اهو به عرض ٿو رکان ته رائچند راٺوڙ جي نانءُ تي ٿر ۾ يونيورسٽي، تحقيقي ادارا، لائبريريون، تفريحي پارڪ يا اڃا به ڪي ٻيا ادارا سندس نانءُ پويان تعمير ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته ٿر واسي زنده دل آهن ۽ پنهنجي هيروز کي دلين ۾ جايون ڏين ٿا. هن وقت تائين جيستائين مون کي ياد ٿو پوي ته سندس نالي تي رڳو چيلهار شهر ۾ لائبريري آهي، سا به رڳو نالي جي حد تائين. منهنجا اها گذارش آهي ته رائچند راٺوڙ جي قلمي پورهئي کي زنده رکڻ ۽ هن جي ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن وانگي ٿر واسين جي خدمت جو عزم جاري ۽ ساري رکندي جاکوڙيو وڃي، تنهن ۾ جتي ٿر واسين جو ڀلو بهتري آهي، اتي رائچند راٺوڙ جو اڌ ۾ رهجي ويل ٿر جي ترقي وارو خواب پڻ ساڀيان ماڻي سگهندو.


    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    آسو ٻائي : سنڌ جي تعليم لاءِ روشن ڪرڻو

    سنڌ ۾ گوسڙو ماسترن جي خلاف هلندڙ سوشل ميڊيا تي تحريڪ ۽ آسو ڪولهڻ جون ڳالهيون اڄ هر زبان تي پيون ڳائجن. هن جي ڀيٽ ملالا يوسف زئي سان ڪئي پئي وڃي ته هوءَ سنڌ جي ملالا آهي. سنڌ ڌرتي الله جي ولين اوليائن جي آهي، جتان هر وقت ۽ هر دور ۾ علم جو پيغام دنيا ۾ پکڙيو. سنڌ آسو جهڙن هزارن ڪردارن سان سهيڙيل آهي، هتي اڄ به انساني جذبو پلجي ٿو ۽ ڪئين اهڙا ڪردار آهن، جيڪي بنا ڪنهن ليبل لڳائڻ جي انسانيت جي جيت ۽ جياپي لاءِ هر هنڌ ويڙهاند ڪندا ٿا نظر اچن. جي اڄ ميڊيا نه هجي ها ته آسو جي ڪهاڻي تان پردو ڪئين کڄي سگهي ها ۽ ڪنهن کي خبر پوي ها ته آسو ڇا آهي؟ اسان هميشه انهي دنيا جي رنگن منجهه گهڻو ڪجهه وساري ۽ فراموش ڪري ويهي رهندا آهيون جيڪي ڪردار احترام لائق هوندا آهن، تن ڏي ڪڏهن مڙي نه ڏسندا ۽ نه ڪو وري انهن جي ڪنهن طرح سان همٿ افزائي ڪرڻ جي پاڻ منجهه سگهه رکندا آهيون ، جنهن جو نتيجو اهو سامهون ايندو آهي جو اهڙا نه وسارڻ جهڙا ڪردار همٿ هاري معاشرتي تنگ نظري جو شڪار ٿي ڪري ماٺ ڪري ويهي رهندا آهن. اها ته وري به ميڊيا جي مهرباني جنهن هڪ ڪکائن گهر ۾ رهندڙ معصوم معزور نياڻي جي ڪهاڻي کڻي هن کي پزيرائي ڏني آهي ته عمرڪوٽ ۾ اهڙو به هڪ ڪردار موجود آهي، جيڪو آسو جي نالي سان علم جي لاٽ کي غريبن جي جهوپڙين ۾ روشن رکيو پيو اچي.
    آسو سنڌ جي خوش قسمت نياڻي آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخي ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکي ٿي، جتي هميشه بيمثال ڪردارن جنم ورتو آهي مونکي اڄ به ڪلهه وانگي ياد آهي ته جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هئس ته ان وقت به مون کي هتي اهڙا کوڙ بهترين ڪردار پنهنجي اوسي پاسي نظر آيا، جن کي همٿ افزائي جي گُهرج هئي، جيڪا انهن کي نصيب نه پئي ٿي. بهرحال ان کي تاريخي بيواجبي چئبي ته به برو نه ٿيندو پر تنهن باوجود آسو جهڙي ڪردار کي هٿي وٺرائڻ انتهائي ڀلو عمل آهي، اها ڳالهه واقعي به سوچڻ جهڙي آهي ته آسو اهو تاريخي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو تعليم جي نالي تي ڊالر ڪمائيندڙ ۽ تصويرن جا شوق رکندڙ اين جي اوز اڳواڻ به ناهن ڪري سگهيا. جيڪو خالي هٿين قلم هٿ ۾ کڻي ڪکائين گهر ۾ رهندڙ آسو ڪولهڻ ڪيو آهي، جيڪو ڪم هن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيو حالانڪ اڄوڪي دور ۾ غريب ماڻهن جي جيڪا پهچ رهي آهي سا هر ڪنهن کي خبر آهي ۽ خاص طور تي وري سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ جيڪي اسڪول آهن ۽ اتي جيڪو تعليمي سلسلو هلي ٿو پيو، سو به اسان جي آڏو آهي. مختلف ٽي وي چينل هر هر اهي خبرون نشر ڪندا ٿا رهن ته سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ڪيترائي اسڪول يا ته بند پيل آهي يا وري علائقي جي وڏيرن جون اوطاقون، ڀانڊا، گودام بڻيل آهن ۽ اتي چوپايو مال به ٻڌل نظر آيو آهي يا اهي وري کنڊر بڻجي چڪيون آهن، اسان جا استاد ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پنهنجا پنهنجا ذاتي ڪاروبار هلائي رهيا آهن ۽ انهن کي اها به خبر ڪونهي ته انهن جي ڊيوٽي ڪهڙي اسڪول ۾ آهي! اهڙن گوسڙو ماسترن خلاف سوشل ميڊيا ۾ به ڪجهه وقت کان وٺي مهم هلي پئي ۽ حڪومت به پنهنجي حساب کان ضرور بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءَ جاکوڙيو ۽ والدين کي سهوليتون ڏيڻ سان گڏ ٻارڙن کي سم وسيلي وظيفا به ڏيئي رهي آهي پر ڳالهه وري به سچائي تي ختم ٿي وڃي ٿي، سا اسان کي ورلي ڪٿي نظر ٿي اچي ۽ اها سچائي نه هجڻ ڪري ۽ نيڪ نيتي سان ڪم نه ڪرڻ ڪري تعليم جو معيار رڳو ڳالهين جي حد تائين رهجي ويو آهي. سرڪاري ماستر پنهنجا پرائيويٽ اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر مختلف نالن تي کولي اتي زورن سان پڙهائن ٿا پر سرڪاري اسڪولن ۾ هزارين روپيا پگهار کڻڻ باوجود پڙهائڻ جي تڪليف نٿا ڪن ۽ اهڙن ماسترن تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ سماج ۾ آسو جهڙو ڪردار سامهون اچڻ ڪنهن زنده تاريخ يا معجزي کان گهٽ ناهي جيڪو ويچاري هڪ پير تي بيهي غريب ٻارڙن کي تعليم ڏئي ٿي ته اتي غريب جي جهوپڙين ۾ تعليم جو ڏيئو روشن رکڻ سان گڏ پاڻ به تعليم حاصل ڪري پئي ۽ اڄ هوءَ خوش آهي ته هوءَ روپلي ڪولهي جي مائيٽياڻي ۽ نک ڀائي ۽ ننگر پارڪر جي رهندڙ آهي، اڄ هن کي جڏهن ايڏي سڄي عزت نصيب ٿي آهي ته هن کي معذوري وارو احساس وسري چڪو آهي ۽ هن جي روح ۾ نئين خوشين جنم ورتو آهي
    بلاول ڀٽو زرداري به هُن جو درد محسوس ڪندي سنڌ حڪومت کي هدايت ڏني آهي ته آسو جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ميڊم فريال ٽالپر به آسو کي مدد جي خاطري ڪرائي آهي ۽ سندس حوصلا افزائي به ڪئي آهي. انهي سموري عمل جي جيتري واکاڻ ڪجي، اها گهٽ ٿيندي.
    آسو جون خوشيون ۽ خواب اڄ انجام تي پهچڻ وارا آهن ۽ ايوان جي ديوارن سان هن جا خواب ٽڪرائجڻ بعد عملي جامو پائڻ لاءِ بيقرار آهن. هن جي هر ڪنهن جي اڳيان اها ئي وينتي آهي ته هن کي سندن پتا جي نالي تي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪري ڏيئي ماستري جي ڊيوٽي ڏني وڃي ته جئين هو پنهنجي ڳوٺ جي مسڪين ٻارڙن کي تعليم ڏيئي سگهي ۽ هوءَ اهو به چوي پئي ته هوءَ سنڌ جي گوسڙو استادن ڏانهن نياڻي جي صورت ۾ وڃي ميڙ منٿ ڪندي ته اسڪول وڃو، ٻارن کي پڙهايو.
    هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آسو لاءِ ٿيل اعلان پنهنجي انجام تي پهچندا، آسو جي آس به پوري ٿي سگهندي يا..؟

    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    سنڌ جي استاد گلزار علي خان جي موڪلاڻي

    مهان ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان زندگيءَ ۽ موت جي راند ۾ موت هٿان شڪست کائي، يادن جو هڪ اڻکٽ سلسلو ڇڏي، اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. زندگيءَ ۽ موت جي هن راند دوران ڪيئن ئي لاها چاڙها سندن آڏو رهيا. ڊاڪٽرن پاران کيس لاعلاج قرار ڏنو ويو ۽ هو درد جو هڪ وڏو صحرا ڇڏي سنڌ واسين کي هميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليو ويو. ڪيتري ئي وقت تائين دل، ڪامڻ ۽ لو بلڊپريشر جهڙن موذي مرضن جو شڪار رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ کيس نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس ڪينسر جي بيماري ڄاڻائي لاعلاج قرار ڏئي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس ئي ميخاني ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ اسان اڳيان ايڏو وڏو فنڪار ڏسندي ئي ڏسندي هڪ خواب جيئان غائب ٿي ويو.
    افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته استاد جي جنازي نماز ۾ ڪلاسيڪل راڳي استاد شفيع فقير ته شريڪ ٿئي ٿو پر سياسي حوالي سان ڪا به وڏي شخصيت جنازي نماز ۾ نظر نٿي اچي ۽ نه وري ثقافت کاتي جو ڪو ڪامورو شريڪ ٿو ٿئي. استاد گلزار علي خان جو تعلق هندوستان جي آگرا خاندان سان هو، هن ڪلاسيڪل راڳ جي باقاعدي سکيا خان صاحب استاد بنده علي خان (بهاولپور) واري کان حاصل ڪئي. سندس خاندان پاڪستان ٺهڻ کان 4 سال اڳ بهاولپور ۾ اچي آباد ٿيو، جنهن کان پوءِ هو سنڌ ۾ ٽنڊوڄام ۽ بعد ۾ کپرو ۾ لڏي آيا. جتان وري سانگهڙ ۾ اچي آباد ٿيا. سندن استاد مرحوم الاهي بخش خان سارنگي راڳ جو وڏو ماهر، وڏو ڀاءُ رحيم بخش خان وڏو راڳي هو. استاد گلزار علي خان راڳ ۾ استاد منظور علي خان، فتح علي خان، استاد محمد جمن ۽ استاد محمد يوسف جي جوڙ جو راڳي هو ۽ انهن سان گڏ به ڳايو، سندن ڳايل مشهور ڪلامن ۾ ’’وڄائي تار ٻيجل، ڏيل منهنجو ڏاريو.‘‘ ’’ميلي ۾ تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو.‘‘ ’’واڳ ڌڻي تنهنجي وس آئون، ڪا پاڻ وهيڻي‘‘ ٻاروچل ٻانهي ۽ غضب ڪيا تيري واعدي پي اعتبار ڪيا جهڙا ڪامياب ڪلام شامل آهن. ان کان سواءِ به هن سوين ڪلام ڳايا. استاد شفيع فقير به استاد گلزار علي خان کان ڪيتري عرصي تائين راڳ جي سکيا ورتي، جڏهن ته سندس سوين ڳايل ڪلام شامل آهن. شاگردن ۾ سيد وزيراعليٰ شاهه، حافظ محمد اسماعيل محرابپور، اختيار خشڪ، نظر محمد مسريو ۽ 3 پٽ ولايت علي خان، رجب گلزار ۽ عنايت علي خان آهن، جيڪي سندس شاگرد به هن 3 نياڻيون به سوڳوار ڇڏيون آهن.
    استاد گلزار علي خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تمام وڏو پارکو هو سندن شاعري تمام گهڻي ڳائي. هن سچل سرمست، سيد رکيل شاهه، چيزل شاهه، بلي شاهه ۽ شيخ اياز سميت ڪيترن ئي عظيم بزرگن جي شاعري به ڳائي. استاد گلزار علي خان کي لطيف ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ ۽ مادر وطن ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. استاد گلزار علي خان جي لاڏاڻي بعد ڪلاسيڪل راڳ جي دنيا کي تمام وڏو نقصان پهتو آهي، جيڪو ورهين تائين به ڀرجي نه سگهندو.

    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو

    سنڌ جي اندر تعليمي ميدان ۾ خدمتون ارپيندڙ ۽ سموري ڄمار تعليم تان گهوري ڇڏيندڙ آپا مريم نوحاڻي زندگيءَ سان ويڙهاند ڪندي 82 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. مريم نوحاڻي جي ادبي وڇوڙي کان پوءِ به سندس تعليمي خدمتون هميشه سنڌ واسين لاءِ مثال بڻيل رهنديون. مون کي ياد آهي ته آپا مريم نوحاڻي ۽ اسان جي گهر جي ديوار هڪ هوندي هئي ۽ پاڻ هميشه منهنجي همٿ افزائي ڪندي هئي. ريڊيو پاڪستان تي جيڪي نعت شريف جي حوالي سان پروگرام ٿيندا هئا، تن ۾ پاڻ انتهائي سرگرم جتي نظر ايندي هئي ته اتي پاڻ نعمتون پڙهندي هئي، هن سموري عمر علم جي لاٽ کي روشن رکيو ۽ تعليمي ميدان ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ڪري تعليم جي ميدان ۾ سندن ڪردار انهي حوالي سان هميشه اهم رهيو.
    آپا مريم نوحاڻي ڊائريڪٽر واري زماني ۾ پوري سنڌ تي ڊائريڪٽر تعليم طور پڻ ڪم ڪندي خدمتون سرانجام ڏنيون. پروفيسر مريم سلطان نوحاڻي جو جنم 1932ع ڌاري کوکر پاڙي ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري کان انٽر تائين جي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سموري ڄمار تعليم لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. ان کان پوءِ زبيده ڪاليج ۾ به بطور پرنسپل خدمتن جي ادائگي ڪئي ۽ ذاتي طور تي ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون.
    تعليمي خدمتن ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي آپا کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ سان گڏ ، ڪارڪردگي جي بنياد تي ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هن پنهنجي همسفر عبدالرحمان بلوچ جي لاڏاڻي کان پوءِ به همٿ نه هاري ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ڊاڪٽر، هڪ پٽ کي انجنيئرنگ جي تعليم ڏياري پاڻ زندگي ۾ اهم عهدن تي فائز رهي، آپا مريم جا ڪيترائي استاد شاگرد رهيا.
    اڄ جڏهن هوءَ اسان جي وچ ۾ ناهي رهي ته هن جون ساروڻيون ۽ تعليم جي لاءِ ڪيل خدمتون ٻيهر ذهن جي آغوش تي ڪنهن گمنام مسافر وانگي ڇانئجي ويون آهن. هاڻ شايد وري اهڙو ڪو ڪردار پيدا ٿئي جيڪو سندن سڪ لاهي سگهي. اهڙي تاريخ ۾ ڪردار تمام ٿورڙا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ علمن ڪري سڃاتا وڃن ٿا ۽ هي سماج اهڙن ڪردارن کي هميشه ياد رکندو آهي. جيڪي هن سماج خاطر ڪجهه ڪرڻ جي آس رکن ٿا.
    آپا مريم نوحاڻي به انهن ڪردارن ۾ هئي جيڪي هر وقت سنڌ ۽ سنڌ جي مستقبل جي حوالي سان سوچيندا هئا. آپا مريم نوحاڻي تعليم جي ميدان ۾ واقعي به وڏو ڪردار هئي ۽ پاڻ ملهائي وئي. مون کي افسوس هن ڳالهه جو آهي جو هن کي جيڪو مانُ مرتبو سندن زندگي ۾ ملڻ کپي ها، سو ناهي ملي سگهيو. جنهن جو مون کي سڄي ڄمار تائين ڏک رهندو.
    ٿيڻ ائين کپي ها ته اسان جا علمي ادبي ادارا کيس زندگيءَ ۾ ئي مان مرتبو ڏين ها، ساڻس شامون ملهائجن ها ۽ سندن علمي خدمتن تي روشني وجهن ها ۽ کين ايوارڊن ۽ اعزازن سان نوازين ها ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها. پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو ۽ هوءَ واري جي ذرڙن وانگي اسان جي هٿان نڪري وئي ۽ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. سواءِ لڙڪ هارڻ جي جيڪي به ڪجهه لمحن بعد، ڪَئي سوال ڇڏي اسان جي چهري تان گم ٿي ويا. ڏک رهجي ويو ته اڄ آپا مريم نوحاڻي اسان کان وڇڙي وئي.
    اها تعليم ئي آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ماڻهپو سيکاري ٿي ۽ وري تعليم جي اهميت به ڪي ڪي ماڻهو ئي ڄاڻيندا آهن. جن جي هن سماج کي تمام گهڻي ضرورت آهي. خاص ڪري تڏهن ته اها اڃا به وڌي وڃي ٿي جڏهن اسان وٽ تعليم هڪ تمام وڏو اشو ٿي اسان جي سامهون آيو هجي ۽ ان ۾ سڌارن کي ڏسندي لوڪ وٽ تعليم متعلق ڳڻتي عام جام ڏني وڃي پر تنهن هوندي به تعليم سان لاڳاپيل ماڻهو ئي پنهنجي ذميوارين ۾ ڪوتاهيون ڪندي ڏسجندا هجن. اهڙين حالتن ۾ يقينن اهڙن ڪردارن جي معاشري کي ضرورت محسوس ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. پر موت نيٺ ته اچڻو آهي. جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.
    آپا مريم نوحاڻي جي وڇوڙي جو غم هڪ ڏينهن جو نه پر تمام عمر جو آهي ڇو جو اهڙا خوابن جهڙا ماڻهو مرڻا ناهن پر اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس ورڻا آهن، هاڻ جڏهن اسان سندن کي زندگي ۾ مان مرتبو ناهيون ڏئي سگهيا ته هاڻ گهٽ ۾ گهٽ اسان هن جي نانءُ تي ڪو تعليمي ادارو قائم ڪرڻ سان گڏ سندن نالي تي تعليمي سال، مهينا يا هفتا ملهائي سندن روح کي ايثال ثواب پهچائي سندن اولاد کي به اهو احساس ڏيارڻ لاءِ اهو ڪري سگهون ٿا ته اسان سنڌي علم دوست ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏيندڙن جا قدردان آهيون ۽ انهن کي ڪڏهن به وساريندا ناهيون.


    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    ارد شير ڪائوسجي : برک ڪالم نويس

    ادبي ۽ سماجي کيتر جو جو وڏو نالو ارد شير ڪائوسجي موت سان جنگ جهيڙيندي نيٺ زندگي جي جنگ هارائي اسان کان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي پويان بيشمار يادون ڇڏي هليو ويو. پاڻ باڪمال صحافي، لاجواب ڪالم نويس ۽ بيمثال سماج سڌارڪ جي روپ ۾ اسان جي اڳيان ڇانيل رهيو. سندس صحافتي روپ هاڻوڪي صحافتي کيتر کان گهڻو هٽيل هو، هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي ڪنهن سان مصلحت نه ڪئي. هميشه قلم جي داد دليري سان بي پرواهه ٿي عوام جي ڀلي لاءِ رات ڏينهن اوجاڳا ڪاٽي لکندو رهيو ۽ اهو سلسلو سن 2011ع تائين جاري رهيو، بعد ۾ کيس بيماري اڳتي لکڻ جي اجازت نه ڏني، هو انتهائي درد ڀري دل رکندڙ ٻين لاءِ سوچيندڙ پنهنجا سور لڪائي غريبن ۾ خوشيون تقسيم ڪندڙ سماج سڌارڪ هو، هو غرين جي خاطر روڊن تي به احتجاج ڪندي نظر آيو. سندس لاڏاڻي تي جتي سموري انسانيت ڏکويل آهي ته اتي اسان هڪ وڏي سماجي ۽ صحافي کان هميشه لاءِ الڳ ٿي چڪا آهيون، تنهن جو درد شايد ڪڏهن اسان کان وسري سگهي، سندس صحافتي ۽ سماجي ميدان ۾ جيڪو رول رهيو، سو سڀني جي آڏو آهي، سندس لاڏاڻي بعد پيدا ٿيل خال شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگهي. پاڻ ملڪ جو نالي وارو ڪالم نگار هئڻ سان گڏ ڪراچي جو تمام وڏو سماجي اڳواڻ ۽ شهر جي قديمي پارسي برادري جو سرموڙ هو، تمام گهڻي وقت تائين بيماري سان ويڙهاند ڪندي عمر گذاري هن کي پڪ هئي ته هو بيماري کي مات ڏيندڙ پر اها بيماري هئي. جيڪا هن جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ۽ هن کي موت جي هندوري ۾ سمهاري، پاڻ ساڻ وٺي اسان کان الڳ ڪري ويئي، ارد شير ڪائوسجي پهرين اپريل 1936ع ۾ ڪراچي صدر جي علائقي ڊاڪٽر ڪينگز اسپتال ۾ ڄائو، سندس والد رستم فقير وقت جو وڏو واپاري هو ۽ سندس امڙ موڪا ڪائوسجي پڻ سماجي نالي واري اڳواڻ هئي، پاڻ هميشه ڪراچي جي خوبصورتي ۽ اتي جي ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙيو ۽ ڪيترن ئي غير قانوني عمارتن ۽ تاريخي ماڳن تي قبضن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ قانوني جنگيون پڻ وڙهيون. بطور ڪالم نويس کوڙ سارن اشوز تي ڀرپور ڪالم تحرير ڪيا، جن کي تمام وڏي پذيرائي ملي، پاڻ شروعاتي تعليم ويرٻائي سپاري والا پارسي هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ ديارام جيٺ مل ڊي جي سائنس ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي والد جو ڪاروبار سنڀاليو، 1953ع ۾ هن نينسي ڊنشا سان شادي ڪئي. جنهن مان ٻه ٻار پيدا ٿيا. جنهن مان هڪ نياڻي ايوا ۽ هڪ پٽ رستم آهي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هن کي پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جو چيئرمين مقرر ڪيو. بعد ۾ 1973ع ۾ 72 ڏينهن جيل ڪاٽي. جنهن جي سزا جي اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته اهو سندس ڪهڙي جرم جي سزا ڏني ويئي. چوڻ وارا چون ٿا ته هن ذوالفقار علي ڀٽي تي تنقيد ڪئي، جنهن جي ڪري کيس اها سزا ڀوڳڻي پئي ۽ سندس شپنگ ڪارپوريشن پڻ قومي ملڪيت ۾ ورتي ويئي. بعد ۾ ان انگريزي اخبار ڊان جي ايڊيٽر ڏانهن خط لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي هو هن اخبار جو ريگيولر ڪالم ليکڪ بڻجي ويو، اردشير ڪائوسجي شهر جي عوامي ملڪيت وسيلي ڪيترن ئي نوجوانن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ تحت قرض ڏنو. جنهن مان سندن کي اڪثر قرض واپس نه ملندو هو، پر تنهن باوجود هو شاگردن جي هر ممڪن مدد جاري رکندو هو. پاڻ 20 سالن تائين ڊان اخبار ۾ ڪالم لکندو رهيو، سندس شخصيت جا ڪيئين روپ رهيا. پاڻ جتي ڦڙتيلو صحافي نظر آيو ته اتي عوام جي درد جو جذباتي حد تائين رکوالو هو. سندس انهن خوبين ڪاڻ جيڪا عزت شان ۽ مان مرتبو مليو سو تمام ٿورن ماڻهن جي نصيب ۾ ايندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو سماج جي زنده تاريخ هوندا آهن ۽ عوام جي ذهنن تي خيال بسيرا ٺاهي هميشه زنده ٿا رهن ۽ سندن يادون اسان جي سماج کي جيارين ٿيون. اهڙن ماڻحن جي لاڏاڻي تي دل پريشان ٿي پوندي آهي ڇو جو اهو پاڻ ته هن جهان مان پردو ڪري هليا ٿيا وڃن، انهن جي پويان جيڪو خال رهجي ٿو وڃي، سو ورهين تائين پُر ناهي ٿي سگهندو. هونئن ته هر ماڻهو هن جهان ۾ اچي پنهنجي حصي جو ڪم ڪار ڪري هليو ٿو وڃي، پر پويان جيڪو ڪاز ڇڏي ٿو وڃي. تنهن جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اردشير ڪائوسجي جي لاڏاڻي تي غم ڪرڻ بجاءِ جيڪو مشن هو ڇڏي ويو آهي تنهن کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ هن جي ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.


    شاهن باڊاهي : ناليواري ليکڪ جو وڇوڙو

    دنيا ۾ هر ماڻهو اچي ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هليو ٿو وڃي پر اهي ماڻهو ياد رکيا ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خوشين لاءِ جاکوڙين ٿا. انهن جو مان مرتبو به ٻين ماڻهن کان تمام مختلف هوندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪندي قوم اڳيان سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ هي زمانو اهڙن ڪردارن کي وساري ناهي سگهندو. سنڌي ادب جو اهڙو ئي هڪ لازوال ڪردار شاهن باڊاهي به اسان کان وڇڙي ويو، سندس ادبي خدمتون تمام عمر ياد رهنديون سندس شاعري ۾ لفظ رقص ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان ڪنهن سان ڪچهري ڪري رهيا آهيون. منجهس تمام وڏيون خوبيون هيون، پاڻ مثالي ڪردار جا مالڪ هئا. شاهن باڊاهي شاعري سان گڏ ٻين به کوڙ اشوز تي پنهنجو قلم هلايو. شاهه محمد ميمڻ عرف شاهن باڊاهي ڪيترو ئي وقت بيمار رهيو ۽ 63 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ 1999ع کان وٺي دماغي بيماري ۾ ورتل هيو، جنهن ڪري کيس ٻيون به بيماريون وڪوڙي ويون، سندس پونئرن ۾ ٻه پٽ هڪ نياڻي ۽ بيواهه سوڳوار ڇڏيون آهن. شاهن باڊاهي زندگيءَ جا 26 سال ريڊيو کي ڏنا، 1950ع ۾ جنم ورتائين شروعاتي تعليم پرائمري کان مئٽرڪ تائين باڊهه مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته انٽر ۽ سي ٽي ڪورس لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين پاڻ شاعري جي شروعات 17 سالن جي ڄمار ۾ ڪئي ۽ باڊهه جي مشهور شاعر ارباب غمزده جي صحت ۾ رهي ڪري ڪئي. ادبي سرگرمين جي شروعات سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه کان شروع ڪيائين. هن ڪيترائي گيت، غزل، وايون، بيت، نثري نظم لکيا 10 سالن تائين بطور سنڌي ٽيچر جي پنهنجون خدمتون ڪراچي ۾ سرانجام ڏنيون.
    هن ريڊيو پاڪستان تي بطور ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز طور 26 سال خدمتون سرانجام ڏنيون جيڪي ريڊيو حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين مختلف اسٽيشنن تي نڀايون، سندن شاعري فوزيه سومرو، سينگار علي سليم، غلام شبير سمون ۽ ٻين ناليوارن راڳين ڳائي. سندس شاعري جا ٻه مجموعا ’’جيون سارو ڳوڙها‘‘ ۽ ’’کل ته سهي‘‘ شايع ٿيا. زندگي ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو تمام گهٽ نظر ايندا آهن جيڪي سماج جي غمن کي ويجهائي کان وٺي لفطن جي مالها ۾ پروئي عوام تائين پهچائيندا آهن. شاهن باڊاهي جو ادبي دنيا ۾ تمام وڏو نالو هو پاڻ سنڌي ادب لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪا محنت ڪئي سا لاجواب رهي ڪنهن موڙ تي به ٿڪ نه مڃين. هر وقت تيار ۽ چست نظر آيو هن جديد تقاضا موجب ادب کي تخليق ڪيو، سندس اندر ۾ ادب سان لڳاءُ ۽ لکڻ جي چاهت هئي جڏهن لکڻ لاءِ ويهندو هو ته تمام لاجواب تحريرون گهڙي پل ۾ لکي وٺندو هو، پاڻ لکڻ جو سلسلو زندگي جي آخري ساهه تائين جاري رکيو ۽ پنهنجو ادب جي دنيا ۾ الڳ مقام بڻايو، سنڌي شاعري ۾ نواڻ کي متعارف ڪرايو. سندن ادبي ڪاڄ کان وڏا وڏا اديب متاثر هئا ۽ سندس تمام وڏو احترام ڪندا ۽ دلين ۾ جايون ڏيندا هئا. سندس لاڏاڻي بعد سنڌي ادب ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي. سندس لاڏاڻي تي تعزيتن جا ميڙاڪا ڪيا پيا وڃن ۽ سندن شخصيت کي لفظي ڀيٽا ڏني پئي وڃي جيڪر اها ڀيٽا کيس زندگي ۾ ملي ها ته ڪيڏو نه ڀلو ٿي ها پر بدقسمتي سان اسان وٽ جيئري ماڻهو جو قدر ناهي هوندو، مرڻ بعد هرڪو هن جا گيت جهونگاريندو آهي. شاهن باڊاهي به پنهنجو وارو وڄائي ويو. هي جهان هونءَ به فاني آهي هتي هر ڪو مهمان آهي هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليو ويندو.


    خبرون، هلال پاڪستان، سنڌ، فيصلو، سڪار، عبرت، مهراڻ، هلچل، سنڌو، سنڌ عوامي آواز، تعمير سنڌ


    چاچو نواز علي کوسو : ٿر جي پارکو جو وڇوڙو

    ننگرپارڪر جي سڃاڻپ بڻيل چاچو نواز علي کوسو به 87 سالن جي ڄمار ۾ ٿرواسين کي سوڳوار ڇڏي لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ ٿر جي علائقي جو پارکو ۽ تمام وڏو انسان هو. سندس لاڏاڻي بعد تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ ۾ ورهين لڳندا، هن سڄي عمر ٿر وارن جي خدمت ڪندي گذاري، هر وقت ٿر جي سٺي مستقبل جا خواب ڏسندڙ چاچي نواز علي کوسي جي لاڏاڻي تي، جتي سمورو ٿر ڳوڙها ٿو ڳاڙي اتي ڪئين چهرا سندن لاڏاڻي تي اداس آهن. چاچي علي نواز کوسي کي ٿر جي تاريخ جي حوالي سان تمام وڏي معلومات هئي پاڻ ٿر جا نالي وارا سگهڙ به هئا ۽ زندگي جون 87 بهارون ڏسڻ بعد ڪارونجهر جي ڀاڪرن ۾ هميشه لاءِ ابدي ننڊ ستا.
    تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ هن سگهڙ 1926 ع ۾ ٿر جي تاريخي شهر ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪٻڙي جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، ننڍپڻ جا ڏينهن تمام سادا گذاريا ۽ پاڻ سنڌي اسڪول جا ٻه درجا تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ 1942ع ۾ کيس ايڪسائيز کاتي ۾ پوليس جي نوڪري ملي جيڪا هن انتهائي ايمانداري سان ڪئي ۽ هن نوڪري تان پاڻ 1984ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ دوران نوڪري به علائقي وارن جي خدمت ڪندو رهيو. سندس انهن سماجي خدمت کي ڏسندي آرگنائزيشن ڪاميٽي فار انٽرنيشنل والينٽيئرس طرفان بين القوامي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ان سان گڏ سنڌ جي اڳوڻي گورنر معين الدين حيدر به کيس ايوارڊ سان نوازيو.
    هو زندگي جي آخري پساهه تائين ڪارونجهر جي ڪهاڻي ٿر جي تاريخ مارئي جي داستانن کي وساري نه سگهيو. سنڌ مان توڙي ٻين علائقن مان ايندڙ ليکڪ ۽ سياح جڏهن به ننگرپارڪر ايندا هئا ته پهريان چاچي نواز علي سان ملندا هئا ۽ سندن کان ٿر جي حوالي سان معلومات ۽ ڄاڻ وٺندا هئا. جڏهن مان بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبليشمينٽ ٿر پارڪر مٺي ۾ مقرر ٿيس ته منهنجو جڏهن به ننگرپارڪر وڃڻ ٿيندو هو ته ساڻس اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ننگرپارڪر ماڻهو وڃي ۽ ساڻس نه ملي اڻ ٿيڻو هو، سو منهنجون به ملاقاتون ساڻس ڪئي ڀيرا ٿينديون رهيون هيون، جن ۾ اڪثر هو مونکي ٿر جي تاريخ ڪلچر جي حوالي سان ڄاڻ ڏيندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته پاڻ سموري ٿر کي پيرن مان ڪڍي ويٺو آهي. انتهائي قرب ۽ پيار ڏيندڙ، مهمان نواز، سچو ۽ کرو ماڻهو هو، هر ڪنهن کي سچ منهن تي چئي ڇڏيندو هو پوءِ اهو سچ ڪنهن کي وڻي نه وڻي. پاڻ هر حال ۾ خوش رهندڙ، ٻين جي حقن خاطر جهاد ڪندڙ ماڻهو هو، سندس حوصلو ڪارونجهر کان به مٿانهون هو، ڪارونجهر جي ڪور تي ويهي خوبصورت ٿر لاءِ خواب سرجندو هو.
    اڪثر ٿر جي بکايل ماڻهن جا حال هيڻا ڏسي پريشان ٿي ويندو هو ۽ انهن لاءِ سوچيندي نظر ايندو هو. اڪثر ڪمن ڪارين ۾ رڌل نظر ايندو هو. جڏهن مٺي ۾ سروس هئڻ دوران مون ننگرپارڪر شهر ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي تي لائبريري جو بنياد رکيو ته پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيو. مونکي ڳولي هٿ ڪري اچي چيائين ته پٽ نادر تون پنهنجي والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وانگي عظيم ماڻهو آهين جو ننگرپارڪر جهڙِي شهر ۾ پهرين لائيبريري قائم ڪئي آهي. سندس هي لفظ مونکان وسارجي نٿا وسارجن. پاڻ ننگرپارڪر واسين کي تعليم جي سهوليت ، صحت جي سهوليت، روڊن جي سهوليت سميت بنيادي مسئلن لاءِ جتي ڪٿي آواز بلند ڪندي نظر آيو. سندس خواب هو ته ٿر ۾ ڪارخانا قائم ٿين، غريب ٿرين کي روزگار ملي، انقلابي ترقي ٿئي کيس زندگيءَ ۾ ڪنهن ساڻ ڪابه شڪايت نه رهي.
    هر ڪنهن جو ڀلو چاهيندڙ هي انسان ٿرپارڪر ضلعي جي عوام جو سگهارو ڪردار هو ته اتي هڪ اهڙو آواز هو جيڪو هر وقت ٿرين جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ گونجندو هو. هو ٿر جي سياست جي حوالي سان به وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. ٿر جي برادرين جي به کيس وڏي معلومات هئي هو اڪثر ٿر جي مسئلن جو ذميوار علائقي جي روينيو علمدارن کي سمجهندو هو جيڪي برسات بعد ٻني جي مالڪي تان جهيڙن جهٽن جو ڪارڻ بڻبا هئا. کيس ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪئي شڪايتون آخر تائين رهيون ۽ سندن سڄي ڄمار اصولن جي پوئواري ڪندي گذري. هو مثالي هيرن جهڙو ماڻهو هوجيڪو هاڻ هميشه لاءِ ٿر واسين کان جدا ٿي چڪو آهي. سندن خدمتن کي ورهين پڄاڻان به ٿر جا رهندڙ وساري نه سگهندا. سندس نانءُ ٿر جي تاريخ ۾ هميشه ڪارونجهر جيئان مٿانهون رهندو، جڏهن به جتي به ٿر جو ذڪر ٿيو ته اتي چاچي نواز علي کوسي جو ضرور ذڪر ٿيندو.


    زاهده تاج ابڙو : جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي

    مان پنهنجو پاڻ کي تمام وڏو خوشنصيب سمجهندو آهيان ته خدا پاڪ مون کي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ۾ پيدا ڪيو. اسان جو والد سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليمدان ۽ بي باڪ صحافي هيو. ان جو اسان سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن تي وڏو اثر رهيو آهي. مون کي چار ڀيڻون ۽ چار ڀائر آهن. ڀائر چارئي ئي مون کان ننڍا ۽ ڀيڻون چارئي مون کان وڏيون آهن. ننڍي ڀاءَ جي حيثيت ۾ چئن ڀينرن جي ڄمڻ کان مان چئني وڏين ڀيڻن جو ڏاڍو دادلو ڀاءُ به آهيان ته ڏاڍو پيارو به آهيان. والد مرحوم کي اولاد ته سموري پياري هئي پر اسان پنجن ئي ڀائرن کان وڌيڪ نياڻين کي پيار ڪجهه وڌيڪ ئي ڪندو هو. ۽ اسان پٽن کان وڌيڪ سندن ڌيان به نياڻين جي پڙهائي تي هوندو هئين. جيڪي هاڻي ماشاءَ الله سڀئي پڙهيل لکيل آهن. سٺن ۽ اهم سرڪاري عهدن تي فائز آهن. اسين پنج ئي ڀائر به سٺن عهدن ۽ رتبن تي آهيون ڀيڻن ڀائرن مان منهنجي وري گهڻي ادي زاهده سان لڳندي هئي.
    بابا سائين مرحوم سنڌ جي مختلف ضلعن جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿي رهيو ۽ اسين مختلف اسڪولن ۾ پڙهياسين. زاهده سان گڏ مان اسڪول ويندو هيس. مان ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ويڙهاڪ ۽ انتها درجي جو شرارتي ٻار هيس، اڪثر ٻارن کي اسڪول ۽ پاڙي ۾ پيو ڪٽيندو هيس، اڪثر ٻارن کي ماريندو به مان هيس ته وري مٿان دانهون، رڙيون به روئيندي مان ڪندو هيس تنهن ڪري ئي اڪثر ٻار مون کي راند ۾ شامل ڪو نه ڪندا هئا. تڏهن ئي ادي زاهده وچ ۾ پئي صلح ڪرائيندي هئي.
    بابا سائين جي ڪچهري سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي، جتي پاڪستان جا مشهور اديب، شاعر، دانشور، ليکڪ، صحافي، جج، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ مختلف پارٽين جا ليڊر شرڪت ڪندا هئا. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ اڪثر بابا سائين پنهنجي ڀرسان ڪرسيون رکرائي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ کي به ڪچهري ۾ شامل رکندو هيو. جيڪي شخصيتون عام پاڪستاني اخبارن يا ٽيليوزن تي ڏسندا هئا، انهن شخصيتن سان اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ ڪچهريون ڪيون. در حقيقت انهن ڪچهرين ۾ ئي اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جي صحيح معنيٰ ۾ تربيت ٿي.
    مان 1980ع کان سنڌي اخبارن، عبرت، مهراڻ، هلال پاڪستان ۽ آفتاب ۾ ٻارن جي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو پر حقيقت ۾ ادي زاهده مون کان اڳ ئي سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ لکڻ جي شروعات ڪري چڪي هئي. اسان ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جو سخت مقابلو هوندو هو ته وڌيڪ اخبارن ۾ ڪير ٿو لکي.
    اسان بادشاهي ٻار هئاسين ۽ خرچي جيتري به گهربي هئي، سا امان سانئڻ ڏيندي هئي پر فضول خرچ ڪو نه هئاسين، جيڪا خرچي ملي ٿي انهن مان /80 سيڪڙو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٻارن جا سنڌي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪندا هئاسين. اشتياق احمد جا جاسوسي ناول، حڪيم سعيد جو نونهال، گل ڦل ته باقاعده هر مهيني ايندا هئا پر انهي کان علاوه به اسان سوَن جي تعداد ۾ هر مهيني ڪتاب پيا وٺندا هئاسين.
    ’’وقت چوي مان بادشاهه...‘‘ واقعي به وقت گذرندي دير ئي ڪونه ٿي. آهستي آهستي پهرين، ٻئي، ٽئين ۽ آخر ادي زاهده جي به شادي ٿي وئي. ماشاءَ الله کيس سلڇڻي ۽ صالح اولاد به ٿيئي. ٻارڙن تي به خوب محنت ڪيائين. محنت ڦل لاٿو ۽ ادي زاهده جي سموري اولاد به پڙهي پيئي. سندس وڏو فرزند ته پاڪ آرمي ۾ وڏو آفيسر ٿيو. نياڻيون به ڊاڪٽر ٿيس. ٻارڙن جي تربيت ۾ ادي زاهده ايترو ته مصروف ٿي وئي جو سندس ادب تان ڌيان ئي هٽي ويو. آخرڪار هڪ ڏينهن سندس گهر وڃي سمجهايومانس ته هاڻي اولاد جوان ٿي چڪي اٿئي، ڪوشش ڪري لکڻ جو سلسلو شروع ڪر. منهنجي رڳو چوڻ جي دير هئي. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ (پنهنجي ورَ) سان وڃي حيدرآباد شهر ۾ ڪتابن جي دڪان تان ادبي ڪتابن جي بنڊلن جا بنڊل خريدي، ڪار جي ڊڪي ۽ سيٽون ڇت تائين ڀرائي اچي ٿي مائي شروع ٿي اخبارن ۾ لکڻ. شاعري ڪاوش اخبار ۾ ته وري سندس ئي مضمون عبرت، سوڀ ۽ ٻين اخبارن رسالن ۾ ، هڻي هنڌ ڪري ڇڏيائين. ڳالهه رُڪي اتي به نه.... ’’جئين ٿڌ تئين وڌ‘‘ وڃي، ٽي وي چينلز جي آفر تي ٽي وي اينڪر به ٿي. مهراڻ ٽي وي تي پنهنجو ٽاڪ شو ’’بنتِ حُوا‘‘ ڪيترن سالن کان ڪاميابيءَ سان هلائي رهي آهي.
    مان بطور ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جي ويس مصروف ٿيندو ۽ مصروفيت ڪري ڪڏهن ڪڏهن لکڻ لڳس پر ادي زاهده ته هاڻي مون کي بنهه ماري وئي اڃان به ٻه قدم اڳتي.
    جڏهن ٻڌائين ته منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب عنقريب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته واقعي به خوشي ٿيم. جڏهن ڪتاب نظر مان گذريو ته اڃان به وڌيڪ خوشي ٿي ته سندس شاعري هر موضوع تي ڪيل آهي. مان سمجهان ٿو ته هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب جديد شاعري ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندو. ’’سوني تي سهاڳو‘‘ ته وري ديباچو چاچا محمد ابراهيم جويو ۽ ٻه اکر چاچا ڪامريڊ ڄام ساقي لکي ته ڪتاب کي چار چنڊ لڳيون وڃن.
    ادي زاهده کي مون زندگيءَ ۾ ٻه دفعا وڌيڪ خوش ٿيندي ڏٺو. هڪ دفعو جڏهن سندس وڏو فرزند آفيسر طور پاڪستان آرمي جوائن ڪئي ۽ ٻيو دفعو جڏهن هي ڪتاب لکي بس ڪيو اٿس. پر مون کي پوري پوري اميد آهي ته ادي زاهده جي هن پهرين ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي ڪڍَ سندس ڪتابن پويان ڪتاب ڇپجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ڇو جو مون کي خبر آهي ته ادي کي رات جو تيسين ننڊ ڪونه ايندي آهي، جيسين پنهنجي ڊائري کولي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي شاعري نه لکي يا ڪنهن موضوع تي ڪو مضمون ضرور لکندي آهي. کيس ايترو ته مواد موجود آهي جو سندس هر سال گھٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ضرور اچي سگهي ٿو.
    منهنجي ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي جاکوڙي ۽ کاهوڙي ادي زاهده گهڻي کان گهڻو لکي ۽ کيس الله پاڪ چنڊ ستارن جيتري زندگي ڏي. (آمين)

    زاهده تاج ابڙو جي شعري مجموعي ’’دنيا آکيرو‘‘ ۾ شايع ٿيل.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259591
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ