ڪتاب جو نالو: سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
مصنف: سهيڙيندڙ : محمد ابراهيم جويو
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1902 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 311 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.
اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

فهرست

  • سنڌ سلامت پاران
  • شاھ جو بیت
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: ڊاڪٽر اياز قادري
  • لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ تاج محمد ابڙو تحرير: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
  • هڪ عظيم انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: انيس انصاري
  • روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: تنوير عباسي
  • منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو
  • منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: جمال ابڙو
  • سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: رسول بخش پليجو
  • صاف گو ۽ صاف دل انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: شيخ اياز
  • سنڌ جو املهه ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : حميد سنڌي
  • هڪ آدرشي انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : ڊاڪٽر غلام علي الانا
  • سنڌ جو سجيلو سپوت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : يوسف لغاري
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي منزل – انقلاب جي منزل : ڄام ساقي
  • سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: عبدالغفور ڀرڳڙي
  • سنڌ جو خاموش خادم تاج محمد ابڙو تحرير: امان شيخ
  • هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي تحرير: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
  • لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو : ولي رام ولڀ
  • آئيڊيل شخص – ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (86-1924ع) : تاج بلوچ
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ياد ۾ : شوڪت حسين شورو
  • تاريخ جي روشن راهه ــ تاج محمد ابڙو : عبدالقادر جوڻيجو
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان : منظور ڪوهيار
  • سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: محمد علي پٺاڻ
  • سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: محمد علي پٺاڻ
  • قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: هدايت منگي
  • سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: ستار ڀٽي
  • ناميارو وڪيل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: عبدالرزاق سومرو
  • ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو : عبدالغفار تبسم
  • آزاديءَ جي شمع جو پروانو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: برڪت علي آزاد
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ـ هڪ مها منش / امبرين هيسباڻي
  • جاڳر جوڳيئڙن جو / تحرير: زيب نظاماڻي
  • تاج محمد ابڙو مرحوم ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري: منير چانڊيو
  • سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: غلام قادر بروهي
  • لاڙڪاڻي جو مور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: ڊاڪٽر غلام علي سانگي
  • سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: مونس بخاري
  • پنهنجي دؤر جو هڪ يادگار ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: جمن جيساڻي
  • سنڌ جي امر شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: علي اڪبر راهمون
  • وڏو ليڊر ۽ ننڍڙو مداح : پروفيسر ڀائي خان ”هالار“ سولنگي
  • هي ڏيئو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو! : آڪاش سنتورائي
  • تاج محمد ابڙو کي سنڌ ساري ٿي : دولت رام کتري
  • هڪ ابڙي وڏ وڙي جي سار : عديل مهر
  • سنڌ جي گهڻي رُخي شخصيت: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : نور سنڌي
  • دنيا گول آهي : امجد علي قاضي
  • لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آخري اوطاق : سيد آفتاب حسين شاهه گرهوڙي
  • ڪامريڊ تاج انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت : امداد علي اوڍو
  • سنڌ جي تاريخ جو اڻ کٽ باب مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : غلام محمد ڪنڀر
  • تاج محمد ابڙو (سوانح عمري)
  • (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدآباد پاران ’اِنسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ـ جلد پهريون تان ورتل)
  • Taj Mohammad Abro
  • جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے مرحوم تاج محمد ابڑو / تحریر: سوبھو گیانچندانی
  • سندھ کی سیاسی اور سماجی شخصیت تاج محمد ابڑو / تحریر: سید عنایت وارث

  • فهرست

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اٺٽيهون (38) ڪتاب سنڌ جو املهه هيرو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    شاھ جو بیت

    ابــڙو وڏ وڙو ســوڙو سـمـو، سـونـهـن سـڀـن،
    تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي.
    (شاهه)


    ارپنا

    سنڌ ۽ سنڌي قوم جي انهن جاکوڙين جي نالي
    جيڪي سنڌي قوم جي عوام دوست
    قومي انقلاب لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ چاهين ٿا.


    پنهنجي پاران

    سنڌ جو سُجاکو سڄڻُ
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو


    هن ڪتاب جو هيرو، ڪتاب جي لکندڙن جو ساهُه سُڌيرُ، دوست ۽ دلبندَ ساٿي، ميان تاج محمد ابڙو، پنهنجي ماءُ پيءُ جو هيڪلو سڪيلڌو پُٽ 2 آگسٽ، 1924ع تي ڄائو ۽ 10 مارچ، 1986ع تي وفات ڪيائين. پنهنجي عمر عزيز جا 62 سال گذاري، پنهنجي وطن پاڪ سنڌ کي خيرباد چئي، جا ڪجهه ڪمائي ڪيائين پوئتي ڇڏي، ڪجهه نه کڻي، زمانَ ۽ مڪانَ جو اهڙو اڻ ڄاتو ”عالَم“ وڃي وسايائين، جنهن جو ڪنهن کي ڪو پَرو پاندُ ڪونهي. حساس ۽ باشعور زندگيءَ جي هن حيرت ڀَـرئي مَنظر جي سبق آموز ۽ درديلي اِها ”تقدير“، ٿوري گهڻي فرق سان، نوع انسانَ جي هر فرد لاءِ اٽل آهي.

    مرحوم تاج محمد ننڍي کان ئي پيءُ جي سهاري کان محروم رهيو. ڄمڻ کان ترت ئي پوءِ سندس نيڪنام، پنهنجيءَ هوند سوند وارو پيءُ، ميان قادر بخش خان ابڙو گذاري ويو. هن پنهنجو سڄو ننڍپڻ پوءِ پنهنجي پڙهيل ڪڙهيل ڀيڻ، مائيءَ فاطمه جي گهر گذاريو، جنهن کي (قدرت جي اها ڪارِ هئي!) پنهنجو اولاد ڪونه هو. ننڍڙو ”تاج“ ان طرح پنهنجي راڄائتي، بامُروّت ڀيڻوئي ميان حاجي محمد عثمان خان، جيڪو پنهنجي ڏينهنِ جو هڪ منصف مزاج، صلح پسند، عوام دوست پوليس آفيسر هو، تنهن جي زيرِ تربيت رهيو. پيارَ ۽ پنهنجائپ واري اهڙي گهر جي ڇانوَ ۾ رهندي، زندگيءَ جي ٿڌي ڪوسي سهندي، ڏسندي ٻڌندي، هن پنهنجي ابتدائي ۽ اعليٰ تعليم جا ڏاڪا پار ڪيا. ننڍن وڏن تجربن مان گذرندي، مشاهدا ماڻيندي، سمجهندي ويچاريندي، نوجوانُ تاج محمد ڪچَ مان ڪُندن بڻجي نڪتو. صاف ۽ سالم سکيا ۽ صحيح سوچ جي املهه زيورن سان سينگارجي هن پوري اعتماد سان زندگيءَ جي ننڍين ۽ وڏين ذميدارين جا ڳرا بار کنيا ۽ پوري هيج ۽ همت سان نباهيا. نيڪ طبع، پورهيت ۽ دعاگو گهر ڌياڻيءَ، بيگم حاڪم زاديءَ مان پنج پٽ ٿيس: مير نادر علي، حيدر علي، گوهر علي، مظهر علي ۽ ذوالفقار علي ۽ چار سُلڇڻيون ۽ سُوڙيون ڌيئرون: خالده، عابده، شاهده ۽ زاهده، جن مان تقريبن سڀ ڌيئرون ۽ صالح ۽ سياڻا پٽَ اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. مير نادر علي ابڙو ۽ نياڻيون چارئي پنهنجي پنهنجي گهر تَڙ ۽ اولاد عيال سان خوش ۽ خرم آهن. سندن ننڍا چار ڀائرَ به روزگار سان واڳيل آهن ۽ زندگيءَ جي پنهنجن پنهنجن نيڪ ارادن جي ڪامياب کاهوڙپ ۾ دل ۽ جان سان مصروف آهن. سندن سَدگڻي ماءُ، جيڪا ساهَه سيباڻيندڙ سندن پيءُ ۽ مٿن پاڻ گهوريندي رهي، پنهنجي صالح اولاد جي دعائن لاءِ حال حيات آهي.

    سنڌ جو هيءُ سچو هيرو، تاج محمد ابڙو، جنهن جي سنگتين ۽ ساٿين، باوفا دوستن، سندس ارڙهين ٻارهئي تي پنهنجين محبتن ۽ پيارين يادگيرين جا ٻه ٻه اکر ۽ عقيدت جا گُل ميڙي چونڊي هن ڪتاب ۾ آندا آهن (تن سان شامل راقم جو دلي نذرانو به اندرين صفحن تي اوهين موجود ڏسندا)
    تاج محمد ابڙو جيئن هو ۽ جيڪو هو، اسان سڀني جو دلبر يار هو. هُو سنڌ جو سُجاکو سڄڻ هو، جيئن هن ڪتاب ۾ آيل احوالن مان اوهين ڏسي سگهندا. هن ازل ۽ ابد جي ڪائناتي دنيا ۾ هن کي جو وارو مليو، سو پنهنجو وارو هُو خوب وڄائي ويو. شاهه لطيف جي امر لفظن ۾ پاڻ سڀني مان ۽ اسان کان پوءِ جيڪي پنهنجي واري سان ايندا، تن سڀني مان هڪ هڪ لاءِ ”هوڪار“ به اها ئي آهي: ”کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ!“ وري فهمائش به اها ئي آهي: ”دلبر، هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!“

    تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا سندس جهڙا ڀلمانس، جي کانئس اڳ پنهنجا وارا وڄائي ويا ۽ پڻ اسين سڀئي جي پنهنجو پنهنجو وارو وٺيو بيٺا آهيون، وقت جي ڊهندڙ واريءَ تي پنهنجن پنهنجن عملن جا نقشِ قدم ڇڏيون ضرور ٿا. اهي پونئيرن لاءِ نقل ڪرڻ جهڙا آهن يا نه، اهميت ان ڳالهه جي آهي، تاج محمد ابڙي جي يارن، دوستن ۽ واقفڪارن هُن جي اِن ڪردار جي نشاندهيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي. تاريخ، يعني اسين ۽ ٻيا انهن نشانن کي پڙهڻ ۽ تورتڪ ڪرڻ وارا، اُنهن مان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا پِرايون، انساني معاشري جو ماضي پنهنجي حال ۽ مستقبل جي تعمير ۾ حصيدار فقط ان انداز سان ۽ ان حد تائين ٿئي ٿو.

    منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو: ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽمِنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ محڪمتا سان واڳيل رهيو.

    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد، سنڌ
    8 جولاءِ 2004ع


    جج، اديب، وڪيل، سياستدان ۽ سماجي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: ڊاڪٽر اياز قادري

    هڪ پارسي زبان جي شاعر چيو آهي:
    ”تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.“
    تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي ڏينهن، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سالَ ٿي ويا آهن، پر هُو اسان کان جدا نه ٿيو آهي. هن جون يادگيريون، هن جون ڳالهيون، ائين تازيون آهن، جيئن بهار ۾ ٽڙندڙ تازا گل.
    تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. ڏک سک جا ساٿي، حال ڀائي ۽ همدرد، اسان ۾ ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪاوڙ پيدا نه ٿي، نه جهيڙو ئي ٿيو. هڪ ڀيري مون کي هن جي ڪنهن ڳالهه جو ڏُک ٿيو ۽ مان ٽي چار ڏينهن ناراض رهيس. تڏهن مون ڏانهن چٺي لکيائين:
    Make new friends but keep the old ones; for one is silver another is gold.
    ناراضپو ختم ٿي ويو ۽ اسين کير کنڊ ٿي وياسين.
    تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. اسين جڏهن مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته ڪڏهن ڪڏهن سياست تي به ڳالهائيندا هئاسين. اهو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو دؤر هو، هندو مسلم ڇڪتاڻ جا ڏينهن هئا. هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن ۽ مسلمانن جو مسلم ليگ ڏانهن هو. ڪٽر هندو جماعت ”هندو مهاسڀا“ سنڌ جي صوفي ماحول کي بگاڙي، هندو مسلمانن ۾ وڏا ويڇا وجهي رهي هئي. هندن ۾ مسلمانن خلاف ان جماعت نفرت جو وڌيڪ زهر وڌو. مسلمان شاگردن جو لاڙو مسلم ليگ ڏانهن هو. اهو زمانو 1942ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. ننڍپڻ ۾ سندس گهرو تربيت اعليٰ نموني ٿي هئي. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته سندس گهر جي ماحول جو هن تي گهرو اثر هو.
    انهن ڏينهن ۾ سنڌ جون مکيه روزانه اخبارون هيون : (1) ”هندو“ جنهن جو پوءِ نالو مٽائي ”هندستان“ رکيو ويو. هيءَ ڪانگريس جي اخبار هئي. (2) ”سنسار سماچار“ هيءَ مهاسڀاين (ڪٽر هندن) جي اخبار هئي ۽ (3) ”الوحيد“ هيءَ مسلم ليگ جي خيالن جي اخبار هئي. انهن کان سواءِ ڪيتريون هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون. تاج محمد ابڙو ۽ مان اخبارون وڏي چاهه سان پڙهندا هئاسين. پوءِ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
    1943ع ۾ مئٽرڪ ۾ پاس ٿياسين. ان وقت مسلمانن جي تعليم جو هي حال هو، جو مان لاڙڪاڻي شهر جو واحد مسلمان شاگرد هوس، جو مئٽرڪ ۾ پاس ٿيو هوس. اسين گهڻو ڪري سڀ سنگتي پاس ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ 1943ع ۾ پير الاهي بخش سنڌ جي تعليم جي وزير جي ڪوشش سان سنڌ مسلم ڪاليج کليو هو. مسلمان شاگردن لاءِ ان ڪاليج ۾ في، هاسٽل جي رهائش، کاڌي ۽ اسڪالرشپ جون وڏيون سهوليتون هيون. انهيءَ ڪري تاج محمد ابڙو ۽ مون به ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ گڏ هاسٽل جي روم ۾ رهڻ لڳاسين.
    تاج محمد ابڙي کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو. لائيٽ هائوس سئنيما سامهون (جا هينئر ڊهي وئي آهي) ڪچهري روڊ جي شروعات تي ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي آفيس هئي. تاج محمد ابڙي باقاعده اُتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، پوهو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻيا هندو مسلمان جوشيلا جوان هئا. ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم کي سمجهڻ لاءِ ڪلاس ٿيندا هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو. قادر بخش نظاماڻيءَ پهريان سنڌين ۾، پوءِ بلوچن ۾ نئشنلزم ۽ سوشلزم جي تربيت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه سالن کان هاڻي هو لنڊن ۾ مقيم آهي.
    اسين جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ پهتاسين ته ورلڊ وار سيڪنڊ (Scond World war) جي خاتمي جا ڏينهن هئا. ته به انگريز سپاهي ڪارين ڪرسچن ڇوڪرين کي ڀاڪر پايو صدر جي بازارين ۾ عام جام گهمندا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
    ايس.ايم ڪاليج، سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول جي احاطي اندر قائم ڪيو ويو هو. مدرسه هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جو هڪ حصو ڪلاسن لاءِ، باقي حصو ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. ڪاليج ڇا هو؟ ان وقت ته ڪنهن ننڍي هاءِ اسڪول جي ئي برابر هو.
    مدرسه هاءِ اسڪول جي ٻاهرئين وڏي دروازي جي مٿان، جيڪو ڪاليج جو به دروازو هو، وڏن اکرن ۾ لکيل هو:
    Enter to learn, go forth to serve!
    تڏهن شاگرد نوڪريون به ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا. ان زماني ۾ نوڪريون جام هيون. مسلمان ڇوڪرا تمام گهٽ پڙهيل هئا. سنڌ سرڪار نوڪرين ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ڪوٽا مقرر ڪئي هئي: 60 سيڪڙو مسلمان ۽ چاليهه سيڪڙو هندو. مسلمان ڇوڪرا هڪ نوڪري ڇڏي ٻي نوڪري ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو.
    ڪاليج لائيف ۾ هن اسٽوڊنٽ تحريڪن ۾ پس پرده وڏو ۽ اهم حصو ورتو. محمود هارون (پوءِ جو اڳواڻ سنڌ جو گورنر)، سندس ڀاءُ سعيد هارون، قاضي عبدالمنان (پوءِ جو سنڌ جو روينيو منسٽر) علي گوهر کهڙو، سڀ مسلم ليگي ۽ مسلم شاگردن ۾ پنهنجي ليڊري قائم ڪرڻ گهرندا هئا.
    تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. ان بابت مون سان صلاح ڪندو هو. مان هميشه چوندو هومانس: ”تيل کان سواءِ ڏيئو نه ٻرندو.“ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل ٿا پاليون، پوءِ اخبار جي عياشي ڪيئن ڪري سگهنداسين؟ ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مون کي مقرر ڪيائين. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي.
    تاج محمد ابڙو 48-1947ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. ان وقت قاضي فضل الله، حنيف صديقي، خانبهادر يار محمد جوڻيجو، شمس الدين ابڙو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالفتاح ميمڻ ۽ ٻيا لاڙڪاڻي جا برک وڪيل هئا. هن پهريان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي، پر طبيعت جي فرق سبب ان کي ڇڏي شمس الدين ابڙي جي چوڻ تي ان جو پارٽنر ٿي وڪالت ڪيائين.
    مان هر روز شام جو چانهه تاج محمد وٽ سندس اوطاق ۾ وڃي پيئندو هوس. شام جو تاج محمد ابڙو پنهنجي اوطاق تي ڪچهريءَ ۾ مست رهندو هو. مون هن کي بلڪل ويجهائيءَ کان ڏٺو. هن جو دامن دنيا جي آلودگين کان بلڪل صاف ۽ شفاف رهيو.
    لاڙڪاڻي جون ڪچهريون ايامن کان مشهور هيون. لاڙڪاڻو وڏيرن، وزيرن ۽ وڪيلن جو شهر هو. شهر ۾ ڪيتريون ڪچهريون قائم هيون:
    لاهورين ۾ نواب حاجي امير عليءَ جي ڪچهري، پوسٽ آفيس سامهون عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي ڪچهري، اسٽيشن جي ڦاٽڪ لڳ قاضي فضل الله جي ڪچهري، ٿورو هيٺ عبدالفتاح ميمڻ جي ڪچهري، ٽائون ٿاڻي (اڳيون) لڳ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري، مارڪيٽ لڳ ميان غلام عباس قادري جي ڪچهري، قافله سراءِ ۾ خان صاحب فقير محمد انڙ جي ڪچهري، اهي ڪچهريون سڀ بلي بلي هيون.
    پر انهن سڀني مان تاج محمد ابڙي جي ڪچهريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي. هن جي ڪچهريءَ جو رنگ ئي پنهنجو هو. هن ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، سياسي پارٽين، ادبي گروهن، زميندارن ۽ هارين سان واسطو رکندڙ ۽ مذهبي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي (بيگم اشرف عباسي جو وڏو ڀاءُ)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جمال ابڙو، مان ۽ ٻيا ڪيترا حباب شريڪ ٿيندا هئا. هر ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ چانهه سان ٿيندو هو. چانهه جي ديڳڙي هميشه گرم رهندي هئي.
    تاج محمد ابڙي جو دسترخانو نهايت ئي ڪشادو هوندو هو. سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف حصن مان مختلف قسمن جا ماڻهو وٽس اچي مهمان ٿيندا هئا، جن ۾ وڏو تعداد سياسي ماڻهن جو هوندو هو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي.
    سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هُو سوشلزم ۽ ڪميونزم سان ڪميٽڊ (Committed) هو. جيئن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوبه ڪارخانو ۽ فيڪٽري ڪانه هئي، تنهنڪري هتي مزدور طبقو ڪونه هو. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين جي بيداريءَ جي ڪم جي شروعات ڪجهه سال اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪو هو.
    تاج محمد ابڙو، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالواحد سومرو (رتيديري وارو)، ڪامريڊ علي محمد عباسي، عبدالخالق آزاد (نوابشاهه)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل (سکر)، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو (ڌامراه) ۽ ٻين ڪيترن دوستن ”هاري پارٽيءَ“ جي نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ هارين جي بهبود لاءِ ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي ان ڏس ۾ پاڻ چڱو موکيو.
    هڪ ڀيري مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ناصر زيدي، تاج محمد ابڙي وٽ لاڙڪاڻي اچي نڪتو. ايوب جو آمر شاهي دؤر هو. هن جي پٺيان سي.آءِ.ڊيءَ وارا لڳل هئا. تاج محمد ابڙي جي اوطاق عام ماڻهن لاءِ کليل هوندي هئي. خطرو اهو هو ته سي.آءِ.ڊيءَ وارن کي سندس لاڙڪاڻي ۾ آمد جو پتو نه پوي ۽ کيس گرفتار نه ڪري وڃن، ان ڪري هن کي تاج محمد ابڙي منهنجي اوطاق ۾ رهايو، جتي هڪ اڌ ڏينهن رهي، هو خير سلامتيءَ سان روانو ٿي ويو.
    ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري لاهور جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿس گهڻيون سختيون ڪيون ويون ۽ هُو مري ويو.
    تاج محمد ابڙي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو بي انتها گهڻو چاهه هو. هو زياده تر سياسي، بايوگرافي (سوانح حيات) ۽ تاريخي ڪتاب پڙهندو هو. سواءِ ڪنهن اعتماد واري دوست جي، ٻئي کي ڪتاب نه ڏيندو هو. مون کانئس جو ڪتاب گهريو، سو ڏيندو هو. مون ”ڪنفيشنس آف روسو“، ”تاريخ بلوچستان (هوتورام)“، ”ٿنڪ اينڊ گرو رچ“، ٻيا ڪيترائي ڪتاب سندس لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا.
    هن کي هفتيوار ”ٽائيم“ ۽ رسالي پڙهڻ جو نه صرف شوق هو، پر هو باقاعدگيءَ سان انهن کي سنڀالي رکندو هو ۽ جلدَ چاڙهائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪو پرچو پوسٽ وارا گُم ڪري ڇڏيندا هئا ته پوءِ مان اهو پرچو کيس ڪراچيءَ جي اسٽالن يا فوٽ پاٿن تان هٿ ڪري ڏيندو هوس.
    تاج محمد ابڙي کي انگريزيءَ ۾ هڪ هفتيوار اخبار View and Review نالي ڪڍڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو چوندو هو: ”جيستائين سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي حالتن تي تنقيدي جائزي وارو مواد نه پهچندو، انهن ۾ سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سمجهه نه پيدا ٿيندي.“
    تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا، جن سان هن جون شخصي ۽ سياسي ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي.ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا.
    لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت هن کان هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ ضلعي جي ماڻهن ۽ ضلعي جي وڏيرن بابت جن جو ماڻهن تي اثر هوندو هو، هن سان صلاح مصلحت ڪندو هو.
    ڀٽو صاحب تاج محمد ابڙي تي ايترو ته مهربان هو، جو هن کي بقا پور واري تڪ مان نه صرف بي.ڊي ميمبر چونڊرايائين، پر اتي جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيائين.
    تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان سان پيش پيش رهيو. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۾ پيش ٿيندڙ نئين روشنيءَ واري ادب کان ايترو متاثر ٿيو، جو هن پاڻ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي. سنگت جو سيڪريٽري پاڻ هو. سنگت جي ميڙن ۾ لاڙڪاڻي جا پراڻا ۽ نوان اديب سڀ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، جمال ابڙو ۽ مان گهري دلچسپي وٺندا هئاسين.
    تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان سال 1956ع ۾ لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي شاندار ورسي ملهائي وئي. ان وقت عبدالله چنو لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هو. هن کي شاهه جي ڪلام سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري صدارت ان کان ڪرائي وئي. ورسيءَ جي خرچ جو بار سڄو تاج محمد ابڙي برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ ورسيءَ جو سمورو بندوبست هُن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيو، پر جيڪي دعوت ناما جاري ڪيا ويا، اهي منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. ورسي نهايت ڪامياب رهي. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي.
    تاج محمد ابڙي کي 1970ع ڌاران نوڪري ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. سڀني دوستن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، مگر هُو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زور ۽ اسرار تي هو 1972ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري زماني ۾ به هو ساڳيو يار ويس ۽ مهمان نواز رهيو ۽ سندس اهي ئي ڪچهريون رهيون. سال 1985ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي لاڙڪاڻي آيو، ته بلڪل کيسين خالي آيو. اهڙي سادي، ايماندار ۽ هيري جهڙي ماڻهوءَ وٽ پئسي جو ڪٺو ٿيڻ ڏکيو هو. هُو جڏهن لاڙڪاڻي واپس آيو ته پاڻ سان دل جو مرض به کڻي آيو. 10 مارچ 1986ع تي ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال ڪراچيءَ ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ اسان کان هميشه هميشه لاءِ دور ٿي ويو ۽ اڪيلو ڪري ويو. هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو.
    **

    (هلال پاڪستان، بختاور، برسات، عوامي آواز، عبرت، سنڌو، جاڳو، آفتاب، پُڪار، مهراڻ ۽ الوحيد)


    لاڙڪاڻي ۾ جديد ادب جي سجاڳي آڻيندڙ تاج محمد ابڙو تحرير: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    ادب جي اوسر ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪي پاڻ ته نه لکندڙ هونديون آهن، پر لکندڙ پيدا ڪنديون رهنديون آهن. هو ادب جي آبياري ڪنديون آهن ۽ اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ لاءِ ميدان مهيا ڪري ڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح هو پسمنظر ۾ رهي اديبن جي صلاحيتن کي نکيرڻ ۽ اڀارڻ ۾ بنيادي خدمت سرانجام ڏينديون آهن. ادبي تنظيمون انهن جي ئي دم سان قائم هونديون آهن ۽ انهن جي ئي ڪوشش جو نتيجو هونديون آهن. اهڙين شخصيتن مان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ وسيع مطالعي جو مالڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي سان جنهن زماني ۾ منهنجي واقفيت ٿي، ان زماني ۾ هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪيل هو ۽ سندس اوطاق شام جي وقت ۾ اديبن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جو خاص مرڪز هوندي هئي.
    ابڙو صاحب وڏي مطالعي جو مالڪ هو ۽ سندس لئبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن سان گڏ هر علم جي شاخ تي ڪتاب موجود هوندا هئا. هُو سياست، فلسفي، ادب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ علمن تي ڪتاب پڙهندو رهندو هو. خاص طرح سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هميشه پڙهندو رهندو هو. لاڙڪاڻي جا شاعر ۽ اديب، خاص طرح سان اهي اديب جيڪي جديد لاڙن موجب ادب تخليق ڪري رهيا هئا، انهن سان سندس دوستي هئي. منهنجو اشارو جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ ڏانهن آهي. هن پاڻ ته سنڌي ادب جي سلسلي ۾ قلم کان ڪم ڪونه ورتو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي جديد سنڌي ادب جي لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪيائين. مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم سنڌي ادب جي خدمت هڪ تحريڪ جي ذريعي ڪئي. اها تحريڪ آهي سنڌي ادبي سنگت، جنهن اڳتي هلي سنڌي زبان ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. يعني سنڌي جديد ادب جي آبياري تاج محمد مرحوم ڪئي، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ هينئر سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي.
    تاج محمد مرحوم سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ اياز قادريءَ ۽ خادم حسين شاهه مرحوم جي ذريعي ٿي. محترم ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي تمام گهري دوستي تاج محمد ابڙي مرحوم سان هئي. ساڻس گڏجي آءٌ ڪيترا ڀيرا تاج محمد ابڙي مرحوم سان ملڻ ويس ۽ انهن ڪچهرين کي ٻڌندو رهيس، جيڪي تاج محمد مرحوم جي اوطاق تي ٿينديون هيون.
    انهن ڏينهن ۾ يعني 1950ع جي ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن جو مرڪز هئي. لاڙڪاڻي ضلعي جون شخصيتون جهڙوڪ مولوي نذير حسين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيون ڪيتريون شخصيتون اتي اوطاق تي اينديون هيون ۽ وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. سياسي بحث ٿيندا هئا، ملڪ جي حالتن تي ويچار ٿيندو هو ۽ علمي ادبي مجلسون منعقد ٿينديون هيون. جمال ابڙي صاحب سان به اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به ابڙي صاحب جي اوطاق تي ئي گفتگو ڪندي مون ٻڌو. حيدر بخش جتوئي مرحوم مون کي ڏاڍو سچو، مخلص ۽ پنهنجي نظريي سان وفادار انسان نظر آيو. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ اتي ويندو هيس ۽ انهن شخصيتن کي ٻڌندو هيس. اهڙيءَ طرح منهنجي ذهني اوسر ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب جي لاڙن کان واقف ٿيس. جيئن ته محفل ۾ شرڪت ڪندڙ گهڻا دوست اشتراڪي فلسفي جي سياسي، تاريخي ۽ ادبي لاڙن تي گفتگو ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مون کي به سياسي ڳالهين جي واقفيت حاصل ٿي ۽ ادب جي جديد لاڙن کان متعارف ٿيس.
    بهرحال، تاج محمد ابڙي مرحوم جي اوطاق هڪ اهم مرڪز هو، جنهن سياستدانن، اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن کي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. مون ڏٺو ته هُو پاڻ جيتوڻيڪ اشتراڪي نظريي جو قائل هو، پر هن ڪڏهن به بحث ۾ سخت رويو اختيار نه ڪيو، بلڪه گهڻي قدر بحث ۾ الجهندو ئي نه هو. ذاتي شرافت، خلوص ۽ هر انسان لاءِ محبت جو جذبو سندس طبيعت مان نمايان هوندو هو. سندس ملڻ جي انداز ۽ ٻهڪندڙ چهري مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ چاهيندو هئس ته ابڙي صاحب جي محفل ۾ وڃجي ۽ ان سان ڪجهه گهڙيون گذارجن.
    لاڙڪاڻو علم، ادب جو مرڪز رهيو آهي. هتان ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ شاعرن جي ابتدا ٿي. هتان ئي ”اديبِ سنڌ“ رسالو نڪرندو هو، جنهن سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تحريڪ جو باني ۽ جمعيت الشعراءَ جو هلائيندڙ حاجي محمود خادم هن ئي شهر ۾ رهندو هو. ان سان به منهنجيون ادبي ڪچهريون ٿيون.
    البت جنهن دؤر جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، يعني 50ع جو ڏهاڪو، انهن ڏنهن ۾ حاجي محمود مرحوم وٽ ٿيندڙ ڪچهريون ماٺيون ٿي ويون هيون. اهو خال تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي ٿيندڙ محفلن ڀري ورتو. انهيءَ ئي دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. انهيءَ لحاظ کان صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو باني تاج محمد ابڙو هو. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به تاج محمد ابڙو ئي هو. هُو جيتوڻيڪ پاڻ اهلِ قلم يا سنڌي زبان جو ليکڪ نه هو، پر سنڌي ادب جو پرستار ۽ سٺو ادبي ذوق رکندڙ هو. هو ادب جي ترقي پسندانه لاڙن جو قائل هو ۽ انهن کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي ذريعي اهم خدمت سرانجام ڏنائين. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته صحيح ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان سنڌي جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.
    انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي هر هفتي شام جو مدرسه هاءِ اسڪول واريءَ بلڊنگ ۾ ٿيندي هئي، جتي هينئر گورنمينٽ گرلس ڪاليج آهي. انهن گڏجاڻين ۾ آءٌ به شريڪ ٿيندو هيس. تاج محمد صاحب مرحوم باقاعدگيءَ سان انتظام ڪندو هو. سندس ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري ئي لاڙڪاڻي جا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آءٌ ملازمت ڪري لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوندو هئس، پر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ايندو هئس. مون انهن ئي گڏجاڻين ۾ جمال ابڙي جا سنڌي افسانا زباني ٻڌا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا. بعد ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ ”پشو پاشا“ جي نالي سان ڇپيا. ٿيو ائين جو انهن ڏينهن ۾ جمال ابڙو موڪل تي هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. مون به پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا انهن گڏجاڻين کان ڪئي. مون پنهنجا ڪجهه تحقيقي مقالا انهن گڏجاڻين ۾ پڙهيا، جيڪي پوءِ سه ماهي ”مهراڻ“ مان ڇپيا. خاص طرح سان سنڌ ۽ بلوچستان مقالو انهن محفلن ۾ پڙهيو هيم. سڀني دوستن جو انهيءَ ڪري به هن مقالي توجه ڇڪرايو، ڇاڪاڻ جو ان مقالي ۾ بلوچستان جي مشهور اهلِ قلم گُل خان نصير جي تاريخ کي بحث هيٺ آندو ويو هو.
    مطلب ته تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار جيتوڻيڪ سنڌي اديبن ۾ نٿو ٿئي، پر سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.
    تاج محمد ابڙو مرحوم هڪ مخلص انسان هو ۽ انسانيت جو عملي نمونو هو. هن کي ڪنهن سان نفرت ڪندي نه ڏٺم، پر هرهڪ سان خلوص ۽ محبت سان ملندي ڏٺم. منهنجا عزيز ۽ دوست سندس دوست هئا، جيڪي سندس محبت، اخلاص ۽ شرافت جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ سندس بي داغ ڪردار جي تعريف ڪندا هئا.
    گهڻي وقت کان پوءِ ساڻس ملاقاتون 1972ع ۾ سکر ۾ ٿيون، جڏهن هو سکر ۾ سيشن جج هو. سندس بنگلو اسلامڪ ڪاليج جي استادن جي گهرن جي لڳ هوندو هو. مان به انهن گهرن مان هڪ گهر ۾ رهندو هئس. شام جو وٽس ويندو هئس ۽ ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسون، پر اهي ڪچهريون به گهڻو وقت نه هليون، ڇاڪاڻ جو 1972ع جي آخر ۾ منهنجي سکر مان بدلي ٿي وئي.
    دنيا ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي ماڻهن سان انسان جو ملڻ ٿئي ٿو، پر انهن مان تمام ٿوريون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ٻين کي متاثر ڪنديون آهن ۽ ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. انهن جي گفتگو ۾ اهڙو ته تاثير ٿئي ٿو، جو ماڻهو ان ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، انهن مان تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. جيتوڻيڪ ساڻس ملاقاتون وقفي کان پوءِ ٿينديون رهيون، تڏهن به کيس وساري نه سگهيو آهيان. شاهه صاحب جي لفظن ۾:
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
    جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

    تاج محمد مرحوم اهڙو ئي شخص هو، جيڪو وسري نه سگهندو آهي. اهو فقط منهنجو رايو نه آهي، پر انهن سڀني ماڻهن جو رايو آهي، جن جا تعلقات تاج محمد مرحوم سان هئا. تاج محمد ابڙي مرحوم جا تعلقات نه فقط آزاد خيال ۽ اشتراڪي نظريو رکندڙ ماڻهن سان هئا، پر هُو ڪن ٺيٺ مذهبي ماڻهن جو دوست به هو. انهن مان هڪ منهنجو عزيز، دوست، شاگرد ۽ سيڻ حاجي قادر بخش مرحوم به هو. هُو ٺيٺ مذهبي ماڻهو هو، پر تاج محمد مرحوم سان هن جي بي انتها محبت هئي. هو جڏهن به مون سان ملندو هو ته تاج محمد مرحوم جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ ان جو ذڪر ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪندو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تاج محمد مرحوم کي انسان ذات سان محبت هئي ۽ دوستن سان تمام گهڻو خلوص ۽ محبت جو رستو هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو فراخ دل انسان هو ۽ وسيع قلب جو مالڪ هو. هُو انهن آزاد خيال ماڻهن مان نه هو، جيڪي مذهبي ڳالهيون ڇيڙي، مذهبي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهن. مطلب ته هو هڪ سچو، کرو ۽ شريف النفس انسان هو، جنهن کي پنهنجي وطن سان، پنهنجي زبان ۽ ادب سان ، پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ پيڙيل طبقي سان محبت هئي، جنهن جي پنهنجي دوستن سان بي انتها محبت هئي ۽ جنهن کي پنهنجي ٻارڙن سان مشفقانه پيار هو. هُو بحيثيت هڪ انسان جي به هڪ عظيم انسان هو ته وفادار دوست به هو. پنهنجي نظريي سان به سچو هو ته پنهنجي ثقافت ۽ قديم روايتن سان به مخلص هو. بحيثيت جج جي به ڏاڍو سخت قسم جو منصف هو. جڏهن هُو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته ان وقت ڪنهن جو به رياءُ نه رکندو هو. حق ۽ سچ جو فيصلو ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪوبه دوست يا وڪيل کانئس ناجائز فائدي حاصل ڪرڻ جي سڌ به نه ڪري سگهندو هو. عدل جي سلسلي ۾ هُو نه ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، نه ڪنهن لالچ ۾ اچي سگهندو هو. انهيءَ لحاظ کان به هو صحيح معنيٰ ۾ انصاف ڪندڙ منصف هو.
    اهڙيون شخصيتون سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ مثالي نمونو آهن.

    (هلال پاڪستان، ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، پڪار)


    هڪ عظيم انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: انيس انصاري

    منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين 1939ع ۾ ٿي. مان مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي والي بال ٽيم سان قمبر ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ ويو هيس. راند ڏسڻ لاءِ قمبر جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايندا رهيا، جن جي ويهڻ لاءِ گرائونڊ تي ڪرسيون ۽ بينچون رکيون ويون هيون. راند جي پوري ٿيڻ بعد هڪ شرميلي مسڪرائيندڙ ڇوڪري اچي سڀني کي هٿ ڏنو ۽ پڇيائين: ”ٽيم سان محمد مقيم ڪونه آيو آهي ڇا؟“ ۽ جواب مليو ته پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب هو اچي نه سگهيو! ان شرميلي ڇوڪري اکيون زمين ۾ کپائيندي اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن کي چيو: ”اوهين محمد مقيم جي اسڪول ۾ پڙهندا آهيو. هو منهنجو دوست آهي، ان ڪري اوهان به منهنجا دوست آهيو. هلو ته گڏجي چانهه پيئون.“
    پهرئين ڏينهن ئي واقفيت دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اهو لڄاڙو، دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ ڇوڪرو تاج محمد ابڙو هو، جنهن اسڪول جي هاسٽل ۾ مٺائي سان گڏ پنهنجي ڳالهائڻ جي مٺاڻ سان دل کي موهي ڇڏيو.
    تاج محمد جا وڏا شهدادڪوٽ جا ويٺل هئا. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد قادر بخش خان گذاري ويو. باوجود پنهنجي زمين هوندي به کيس مهر ۽ شفقت جي ضرورت هئي، جا سندس وڏي ڀيڻويي محمد عثمان ميمڻ پوري ڪئي، جو پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر هو. محمد عثمان کي پنهنجي اولاد ڪانه هئي، ان ڪري سندس محبت ۽ توجه جو مرڪز تاج محمد ئي رهيو.
    تاج محمد پنهنجي تعليم جي ابتدا اهڙي مڪتب ۾ ڪئي، جتي ٻار جي صحيح يا غلط تربيت ڪري سندس ايندڙ زندگي اثر وٺندي آهي. اهو مڪتب هو سندس گهر، جتي سندس تعليم ۽ تربيت سندس عالم فاضل همشيره ڪئي، جا نه رڳو پڙهيل هئي، پر فارسيءَ تي به سٺو عبور هيس. گهرو مڪتب بعد پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين، جتي باوجود ميان محمد عثمان جي بدلين جي، هاسٽل ۾ رهي يڪسوئيءَ سان تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهيو. ان بعد هو ڪراچي ويو، جتي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم وٺڻ لڳو.
    اهو ٻڌڻ تي ته ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي مقرريءَ لاءِ آڊيشن ٿي رهي آهي، هو ويو ۽ شامل ٿيو. سندس صاف ۽ گونجدار آواز جي ڪري هو چونڊيو ويو ۽ ڪافي وقت ڪراچي ريڊيو تي نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس خبرن پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت سان آواز ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دلين تي خبر جي اهميت جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو. باوجود ٻاهرين سرگرمين جي، هو پنهنجي پڙهڻ سان سچو رهيو.
    ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران سندس واقفيت هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي، جنهن وٽ هو اچڻ وڃڻ لڳو. ان گهر جي هڪ ڇوڪريءَ تاج محمد سان محبت جو اظهار ڪيو، پر خانداني شرافت، گهرو تربيت ۽ وڏيءَ ڀيڻ جي مشورن هن کي سنڀالي ورتو ۽ هن باوجود ان گهراڻي سان ڪافي وقت تعلقات هوندي به پنهنجي قدم کي ٿڙڪڻ ڪونه ڏنو. تاج محمد جي اها خصوصيت هئي، جو باوجود موقعن ملڻ جي ۽ سٺين نوڪرين تي رهڻ جي، براين جي ويجهو ڪونه ويو. نه ڪڏهن سگريٽ پيتائين ۽ نه شراب، دڳ سير ڪنهن ڌاريءَ عورت کي ڏسندو هو ته اکيون زمين ۾ کُپائي ڇڏيندو هو.
    ايل.ايل.بي ڪرڻ بعد تاج محمد ڪراچيءَ کي خيرباد ڪيو. ڪجهه وقت اچي قمبر ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ٿيو، پر سندس طبيعت کي اهو ميدان راس نه آيو. ايل.ايل.بي ڪري وڃي شمس الدين ابڙي وڪيل سان جونيئر پليڊر جي حيثيت سان ڪم سکڻ لڳو، جو ٿورڙي وقت ۾ حاصل ڪري ورتائين. ٻنهي جي هڪٻئي سان محبت ۽ لاڳاپي کي ڏسي ماڻهو کين ڀائر سمجهندا هيا. شمس الدين سان گڏ وڪالت جي دوران ئي سندس دوستي جمال ابڙي سان ٿي. ان وقت تائين هلندي رهي، جيسين تاج محمد جي ساهه جو سڳو پئي سُريو.
    تاج محمد جهڙو ڪرمنل ڪيسن (Criminal Cases) جي ڪاميابين ۾ مشهور هو، اهڙي ئي سول لا (Civil Law) جي کيس ڄاڻ هئي. گهڻو ڪري هو ڪرمنل ڪيسن کي ترجيح ڏيندو رهيو ۽ جرح ۾ شاهدن جون متيون منجهائي ڇڏيندو هو. ڪرمنل ۽ سول لا جي ڄاڻ ڪري کيس پهريائين اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر بنايو ويو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسڪيوٽر. ان نوڪريءَ دوران سنڌ جي اڪثر ۽ بلوچستان جي ڪن شهرن ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به مقرر ڪيو ويو، اتي پنهنجي قانون جي ڄاڻ جي ڌاڪ ڇڏيائين. ان قاعدي ۽ قانون جي ڄاڻ سبب قدر ڪري کيس سڌو سنئون ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج بڻايو ويو ۽ بعد ۾ سيشن جج. سال 1972ع ۾ کيس سکر ۾ پهريون دفعو ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد وغيره ۾ به ان پوسٽ تي رهيو. سال 1978ع ڌاري کيس ڊسٽرڪٽ سيشن جج بنايو ويو.
    ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي نوڪريءَ دوران ابڙو صاحب خيرپور، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي جي آبهوا ۽ ماحول کان هو ايترو ته متاثر ٿيو، جو خواهش ڏيکاريائين ته پينشن تي وڃڻ بعد هو مستقل طور اتي رهندو.
    شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا. ابڙي صاحب کي پنهنجن نوڪرن ۽ پٽيوالن جي گهرجن ۽ ضرورتن تي هميشه نظر هوندي هئي. ان ڪري هُو کين وقت بوقت مالي ۽ ٻي مدد پيو پهچائيندو هو.
    پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو. کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. کين سواريءَ لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو. البت ڌنڌي طور پنندڙ فقيرن کي هُـو ڪونه ڀائيندو هو. چوندو هو ته اهڙيءَ طرح پني نه رڳو هُو معاشري تي بوجهه بڻجن ٿا، پر ساڳئي وقت هو حقدارن جو حق به مارين ٿا. ان غريبن جي همدرديءَ ڪري مسٽر تاج محمد هاري موومينٽ ۾ فعال حصو ورتو. هن جا ان سلسلي ۾ دوست ۽ همراهه هيا، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو ۽ بعد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان سندس صحبتون ۽ ملاقاتون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون.
    مرحوم تاج محمد ابڙو نيمن ۽ اصولن جو پابند هو. صبح سوير هُو پنهنجي جاءِ جي نم مان ۽ جي ٻئي هنڌ هوندو هيو ته ڀرواريءَ نم مان تازو ڏندڻ پٽائي ڏندن کي هڻندو هو. ان ڪري سندس ڏند موتين وانگر پيا جرڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ تائين سلامت رهيا. ان کان سواءِ صبح جو پنهنجي بدن جي صفائي، ڪپڙن جي صفائي ۽ بوٽ جي پالش جو خاص خيال رکندو هو. گهر ۾ سلوار قميص استعمال ڪندو هو ۽ آفيس ۾ ڪوٽ، پتلون ۽ ٽاءِ سان ويندو هو.
    تاج محمد پنهنجي شخصي ڊائري پڻ بنا ناغي لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون سال 1946ع کان وٺي 1986ع تائين سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهن.
    سندس نيمن مان B.B.C ٻڌڻ به هوندو هو، جنهن لاءِ صبح جو پنجين وڳي جاڳڻو پوندو هيس. بي.بي.سي ٻڌڻ کان سواءِ هو صاحب شيوَ وقت پنهنجي گراموفون تي پراڻا گانا پڻ ٻڌندو هو. وٽس رڪارڊ ڪافي انداز ۾ موجود هئا.
    تاج محمد صاحب جي نيمن ۾ وقت تي دوا جو استعمال پڻ هوندو هو. وڪالت جي دوران مسلسل دماغي ڪم ڪرڻ سبب هو ڪن بيمارين جو شڪار ٿي پيو، جن مان هڪ هئي دم جي بيماري ۽ ٻي ذيابيطس (Diabetes). پوئين مرض جي سبب سندس خوراڪ تي خاص نظر هوندي هئي. باوجود ترغيبن ملڻ جي هن ڪڏهن پرهيز ڪانه ٽوڙي. انسولن (Insulin) جي انجيڪشن پڻ بنا ناغي پاڻ هڻندو هو. هڪ دفعي بيماريءَ دوران ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، جڏهن کين ٽيهه سالن جي عرصي جا بيمارين جا نسخا هٿ ۾ ڏنا ويا.
    هڪ اهڙي مجلس جتي ڪافي معزز ماڻهو هڪ وڏي هستيءَ جي محفل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، کيس شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن ان کي واپرائڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ چيو ته هُو شراب استعمال ڪري پنهنجو اصول نه ٽوڙيندو.
    منجهند جي ننڊ مسٽر تاج محمد کي ڏاڍي عزيز هئي. ان جو سبب هو رات جو دير تائين مطالعو ڪرڻ، جو صبح جو ٻين ٽين وڳي تائين هلندو هو. منجهند جي ننڊ دوران ڪنهن به صورت ۾ کيس سجاڳ ڪونه ڪيو ويندو هو ۽ نه ڪنهن کي اهڙي همٿ ٿيندي هئي، سواءِ هڪ محترم هستيءَ جي، جا وٽس محترم به هئي ۽ پياري به. اها هئي سندس والده! جا به اهڙين حالتن ۾، جن ۾ سندس جاڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، کيس بيدار ڪندي هئي.
    دوستن سان بنا ناغي ڪچهري به سندس اصول هوندو هو. شام جو سندس دوست مقرر وقت تي اچي سندس اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا هئا، جتي ڪافي وقت چانهه جي پيالن تي ساڻن روح رهاڻ ڪندو رهندو هو. پنهنجن دوستن بابت جو خيال تاج محمد پنهنجي وصيت نامي ۾ ڪيو آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو:
    ”منهنجا دوست ڪافي آهن، مگر هرڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا. البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا. ها البته ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا ۽ مون کي يقين آهي ته ان ۾ هو پوئتي پير نه ڏيندا. مون تي منهنجا محسن ۽ دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لکڻ مطابق سندس ئي چوڻ تي تاج محمد علمي ۽ ادبي ڪتابن ڏانهن راغب ٿيو. بعد ۾ ان جو اهڙو چسڪو آيس، جو پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ دوستن جي ڪچهريءَ بعد ٽين ترجيح سندس ادبي ڪتاب هوندا هئا. رات جو جيڪو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، ان ۾ علمي ادبي ڪتابن جو به حصو هو. علم ۽ ادب جي ان شوق ڪري تاج محمد ئي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪئي، جن جا سرگرم ڪارڪن جمال ابڙو، هري درياني دلگير، انيس انصاري ۽ وڏيرو علي محمد عباسي هئا. هيءَ سنگت ڪافي وقت فعال رهي.
    تنوير عباسيءَ لکيو آهي: ”تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو. دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو.“
    تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي. تاج محمد دوستن کي ڪافي ڪم آيو. انهن کي هڙئون وڙئون گهرج وقت مدد ڏيندو رهيو. هڪ اهڙي دوست کي (جنهن جو نالو کڻڻ مناسب نٿو سمجهان) بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ئي وقت سندس علاج لاءِ ويهه هزار روپيا ڏنائين.
    تاج محمد عيالدار هو. کيس پنج پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. نياڻين ۽ پٽن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندو هو. انهن کي همٿائڻ لاءِ سٺن نمبرن کڻڻ تي انعام ڏيندو هو. پنهنجين نياڻين کي گربخشاڻيءَ جا شاهه جا رسالا سندن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڏنائين ۽ انهن تي رسالي کي تحفي طور ڏيڻ جو سبب به لکي ڏيندو هو. هُو پٽن سان گڏ نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ هو.
    ٻارن کي دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهندو هو ۽ کين قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ جتي جتي بدلي ٿيندي هيس، هڪ ملان رکي ڏيندو هو. پاڻ به مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ بائيبل مطالعي هيٺ رکندو ايندو هو.
    سندس هڪ پٽ سندس نئين ڪار جو ايڪسيڊنٽ (Accident) ڪيو. ڪار کي ڪافي نقصان پهتو، پر سندس پٽ کي ڪو زخم ڪونه آيو. تاج محمد پُٽ کي هڪ حرف به ڪونه چيو. هُو ان تي خوش هو ته سندس فرزند ايڪسيڊنٽ مان بنا ڌڪ لڳڻ جي بچي نڪتو.
    پنهنجي گهرواريءَ سان ڪافي پيار هوندو هئس. کيس ڏک سک جو ساٿي سمجهندو هو، پر پنهنجي والده ۽ وڏيءَ ڀيڻ سان سندس ڪافي عقيدت هوندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو به گهڻو مداح هو. ساڻس سندس ڪافي ڪچهريون ٿيون. تاج محمد جي اکين ۾ پاڻي ٽن وقتن تي ڏٺو ويو. اهي وقت هئا: سندس والده، ڀيڻ ۽ ڀٽي صاحب جي فوت ٿيڻ جا ڏينهن.
    تاج محمد ابڙو سير شڪار جو شوقين هو. هُو ميلن جا ميل پنڌ گهمندو هو. ان کان سواءِ وٽس بيلجم (Belgium) جي ٺهيل دو نالي بندوق هئي، جنهن سان شڪار ڪندو هو. ان بندوق کي صاف به پاڻ ڪندو هو ۽ پاڻ ئي حفاظت سان رکندو هيس. ان بندوق جو ڪنداڪُ هڪ نانگ کي مارڻ دوران لٺ طور استعمال ڪرڻ سان ٽُٽي پيو. مرمت جي باوجود ان بندوق ۾ اها اڳين ڳالهه نه آئي. تاج محمد کي بندوق جي خراب ٿيڻ جو احساس ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هيس ته ان بندوق سان ئي نانگ ماري سندس پٽ کي بچايو ويو هو.
    تاج محمد ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ اهڙو ته گُم ٿي ويندو هو، جو پنهنجو پتو ڪونه پوندو هيس. هڪ دفعي پنهنجي فرزند سان گڏ ادبيات حيدرآباد ۾ ڪتاب وٺڻ ويو. ڪتاب وٺي ڪار تي چڙهڻ وقت پٽ جي بجاءِ هڪ ٻئي ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ چاڙهڻ لڳو. پُٽ جي آواز تي پنهنجي غلطي محسوس ڪيائين ۽ پنهنجي بي خياليءَ تي ڏاڍو کِليو.
    اهڙيءَ طرح ٻئي وقت هو ساڳئي نموني پنهنجي چپل جو هڪ پادر ڇڏي وڃي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ٿيو ائين جو سفر دوران هڪ هوٽل ڀرسان گاڏي بيهاري، ٻاهر ڪرسيءَ تي چانهه پيئڻ وقت هن چپل جي هڪ پادر مان پير ڪڍي ڇڏيو. وڃڻ وقت چپل جي ان پادر ڏي ڌيان ئي نه ويس ۽ اچي گاڏيءَ ۾ چڙهيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس هڪ پير ۾ چپل ڪانه آهي ۽ وري گاڏي واپس ورائي اچي چپل کنيائين.
    قانون جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتابَ به شوق سان پڙهندو هو. وٽس ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، جنهن مان ڪجهه ته سندس ٻاهر نوڪريءَ جي دوران گهر ۾ بند هئڻ سبب اڏوهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس ڪٽنب سر شاهنواز ميموريل لئبرريءَ (Sir Shahnawaz Memorial Library) کي عام ماڻهن جي فائدي لاءِ ڏنا ۽ ڪي ڪتاب سندس دوستن کي تحفي طور پڻ ڏنا ويا آهن. ڪجهه ڪتاب جن کي مصنفن پنهنجن دستخطن سان تحفي طور تاج محمد کي ڏنا هئا، سي ڪٽنب وٽ موجود آهن. اهي ڪتاب محترم جويي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، رسول بخش پليجي ۽ ڪافي ٻين جا آهن. هن وقت به گهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجهه قاعدي قانون جا آهن ۽ باقي علم ادب، تاريخ، مذهب ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آهن. انهن ڪتابن مان اڃا تائين گهرجائو پنهنجو ڪم حاصل ڪندا رهن ٿا.
    اهي ڪتاب يادگيريءَ طور گهر جي ڀاتين پاڻ وٽ رکيل آهن. تاج محمد جا پويان ڪتابن ڏيکارڻ ۽ مطالع ۾ ڏيڻ ۾ بخل ڪونه ڪندا آهن.

    سال 1985ع ۾ پينشن تي اچڻ بعد هن پنهنجي آئندي جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽو وسايو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ بنگلو ۽ گذر سفر لاءِ هڪ سروس اسٽيشن ٺهرائي هئائين. ٺٽي جي آبهوا ۽ کليل فضا ته کيس راس آئي، پر اهي دوست جن سان دل جون ڳنڍيون هيس، سي ته هئا لاڙڪاڻي ۾. ان طرح هو هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي پنهنجي دوستن سان ملڻ ايندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي موٽندي ڌاڙيلن سندس گاڏي بيهاري ۽ ڦر ڪري ويا، پر هن اها ڳالهه پنهنجن گهروارن سان نه ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مسٽر غلام محمد راجپوت ڊسٽرڪٽ سيشن جج دادو چوري ٿيل سامان هٿ ڪري کيس پهچائڻ آيو ته گهر وارن کي ان ڳالهه جو پتو پيو.

    ڦر جو ذڪر نڪتو آهي ته هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ مناسب ٿيندي ته سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي. چور سڄو گهر ٻهاري ويا. چوريءَ ۾ تاج محمد جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البته پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل چورين جا زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هُو صرف پنهنجا زيور پنهنجا ڪن، پراون تي هٿ نه رکن. انهن زيورن ۾ سندن ڪوبه زيور ڪونه هو، ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون.
    ڦر جي واقعي ۽ تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ سبب سندس گهر جي ڀاتين اهو فيصلو ڪيو ته هُو سڀ لاڙڪاڻي وڃي رهندا، حالانڪه ٺٽو سندن طبيعت ۽ تندرستيءَ لاءِ بهتر هو. ان بعد سڀ گهر جا ڀاتي ابڙي صاحب جي خوشيءَ خاطر لاڙڪاڻي اچي رهيا.

    باوجود نيمن ۽ اصولن جي پالنا ۽ دوائن جي بلا ناغي استعمال ۽ پرهيزي کاڌي جي، ذيابيطس جي بيماري سندس اندر کوکلو ڪري ڇڏيو. کيس دل جو سور (Angina Pectoris) به ٿي پئي.
    فيبروريءَ 1986ع ۾ سندس بيماري وڌي وئي. پهريائين مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين ۽ آخر جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته جمال ابڙي ڪراچيءَ مان فون ڪري کيس اتي اچڻ لاءِ چيو. کيس جناح اسپتال جي Cardio Vascular ۾ داخل ڪيو ويو، جتي باوجود علاج جي هو تاريخ 10 مارچ 1986ع تي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس لاش لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي ابوبڪر مقام ۾ پنهنجن عزيزن جي قبرن ڀرسان کيس دفنايو ويو.

    (هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، جاڳو، ڪاوش، سرواڻ، پڪار)


    روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: تنوير عباسي

    تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. پهريون دفعو مون سان هو 1956ع ۾ مليو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون شاخون مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل هيون، پر انهن جو رابطو نه هو. مون، مقبول ڀٽيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ فيصلو ڪيو ته سڀني سنگتين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ وڌيڪ سنگتون قائم ڪجن، جيئن سنڌين جو پيغام ادب ذريعي سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلائي سگهجي. ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٿيو ائين جو لاڙڪاڻي ۾ ان سال 1956ع ۾ جمعيت الشعرا جي سالياني ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي سڏ هو (پر دعوت نامي ۾ موسم آهر بستري آڻڻ جي هدايت ڪيل هئي). ان ڪانفرنس ۾ اسان جي گهڻن هم خيال اديبن ۽ شاعرن کي دعوت مليل هئي. ان ڪري ”هڪ ڪم ٻه ڪاڄ.“ اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جي تياريءَ لاءِ پهرين ميٽنگ به لاڙڪاڻي ۾، ان ڪانفرنس جي موقعي تي رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبانيءَ جا فرائض انجام ڏنا.
    ائين لاڙڪاڻي مان اياز قادري ۽ جمال ابڙو، حيدرآباد مان مقبول ڀٽي، سکر مان رشيد ڀٽي، ڪراچيءَ مان عبدالغفور انصاري، دادوءَ مان تاج صحرائي، ٻيا ڪجهه دوست، جن جا نالا ياد نٿا اچن، سڀئي لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد جي اوطاق تي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي گڏ ڪري، سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي.
    اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين.
    تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هُو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
    اڳتي هلي وڪالت ڇڏي جج ٿيو، پر سنگت سان اها ئي محبت ٽائم رکيائين. جڏهن دوست آڏو آيو ته ڇا جي ججي ڇا جي وڏائي، ساڳيا ٽهڪ، ساڳيون ڪتابن جون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا. ائين لڳندو هو ته ڄڻ نوڪريءَ ۾ آهي ئي ڪونه. ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند ۽ انسان دوست تاج محمد ابڙو آهي، جيڪو نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ هئو. اهڙن دلبرن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن جي ياد ۾ منهنجا هي ڪجهه جملا ڪافي نه آهن، پر تڏهن به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.

    (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)


    منهنجو هم پيشه، هم مشرب ۽ همراز محمد ابراھيم جويو

    انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته ’مئن ازنون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس.‘ مطلب ته ’ماڻهو سڃاپجي ٿو سندس سنگت مان.‘ تاج محمد ابڙي جي سنگت ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير حسام الدين راشدي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، جمال الدين بخاري، برڪت علي آزاد، مولوي نذير حسين سنڌي، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي ۽ ٻيا سندس دؤر ۽ عمر جا ڪيئي مڻيادار، محبتي، ڀلارا ۽ ڀلمانس ڳڻيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻن سان ۽ خود ساڻس سڌو سنگ منهنجو به رهيو آهي، ۽ انهن مان ڪيترن ئي ٻين سان نياز مندي جو شرف مون کي به نصيب ٿيل هو.
    پاڻ جڏهن صديءَ جي چاليهن واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچيءَ پڙهڻ آيا، تڏهن کان وٺي تاحيات منهنجو ساڻس سڌو سنگ رهيو.
    1941ع ۾ آءٌ بمبئيءَ مان تدريسي تربيت وٺي، بي ٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو هئس ۽ اچي پنهنجي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ماستريءَ جي منصب تي دخلڪار ٿيو هئس. بندر روڊ تي، سعيد منزل جي ڀرسان، حاجي چانڊو بلڊنگ ۾ هڪڙو فلئٽ مسواڙ تي وٺي، اسين پنج ڄڻا، دادو ضلعي جا ويٺل ٽي، سنڌ مدرسي جا ماستر حاجي خان لغاري، شير محمد راهوجو ۽ آءٌ، ڪراچي لوڪل بورڊ جو اڪائونٽنٽ ڪلارڪ عبدالرحمان سومرو ۽ پنجون سکر ضلعي جو ويٺل جنرل پوسٽ آفيس ڪراچيءَ جو ڪلارڪ ڌڻي بخش دايو صاحب ان فليٽ ۾ رهائش ڪلب ٺاهي، ٿانيڪا ٿيا ويٺا هئاسين.
    هڪ ڏينهن محمد صالح مشوريءَ نالي خيرپور ناٿن شاهه جو هڪ جوشيلو اڌڙوٽ عمر جو همراهه حاجي خان لغاريءَ جو مهمان ٿي، اسان وٽ آيو. پاڻ فوج جي ڪنهن آفيس ۾ سينيئر ڪلارڪ هو. ڏاڍو ٿي ڳالهائين. ڪافي ڪي احوال هئس. آءٌ پاڻ جيڪو بمبئيءَ مان ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جا خباري احوال ۽ ان باري ۾ ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جي باني اڳواڻ، ڪامريڊ ايم اين راءِ جا لکيل انگريزي مضمون پڙهي آيو هيس، سو محمد صالح مشوريءَ جي ملڪي ۽ عالمي ڳالهين ۾ وٺجي ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ هن مون کي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو ترجمو ڪيل سنڌي ڪتاب جو ’نوجوانن ڏانهن‘ اصلي پرنس ڪروپتڪن جو روسي زبان ۾ لکيل ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ آيل، ڪڍي ڏنو. ۽ پڻ علامه عنايت اللھ مشرقيءَ جي اردو ڪتاب ’تذڪره‘ جو ڏاڍن دل لڀائيندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيائين، جيڪو ٻئي ڏينهن مون وٺي اچي پڙهڻ شروع ڪيو. نوجوانن ڏانهن ڪتابچو ته پهرين ڏينهن يڪساهي پڙهي پورو ڪيم. اهو ڪتابچو پهرينءَ ئي پڙهڻيءَ ۾ منهنجي دل ۾ ائين ويهي ويو، جو عمر ڀر منهنجو اهو بنهه ڄڻ ’بائيبل‘ بڻجي ويو. علامه مشرقيءَ جو ’تذڪره‘ ۽ جيڪو مذهب اسلام جو سندس پنهنجو علقمنداڻو تعبيرRational interpretation هو، سو به پوءِ سانهن ستيءَ ۾ پڙهيم ۽ ان جي انيڪ معقول ڳالهين مان هڪ ڳالهه منهنجي ذهن تي پائدار اثر ڪيو. ته اسلام ماڻهن کي ٻن دفعن ۾ ورهائي ٿو، هڪڙا ظالم ۽ ٻيا مظلوم. اسلام ماڻهن ۾ ٻئي ڪنهن به فرق، رنگ، نسل، ذات، جنس، قوم وغيره کي تسليم نٿو ڪري. کڻي جو ڪنهن جو نالو عبداالله هجي ۽ ٻئي جو گوپالداس وغيره!
    انهن ڏينهن ۾ ڊي، جي، سنڌ، ڪاليج، اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، شهاڻي لاءِ ڪاليج جي مسلمان شاگردن دادو ضلعي جي شفيع انصاريءَ ۽ ٿرپارڪر جي ضلعي مان عبدالستار شيخ (۽ ٻين) مسلم ليگ ڏانهن مائل، ’سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ٺاهي هئي، اهي ٻيئي ڄڻا هڪ ڏينهن اسان جي ڪلب ۾ اچي نڪتا، ساڻن گڏ تاج محمد ابڙو به هو. جنهن کي ان ڏينهن مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. ٽنهي مان تاج محمد ابڙو مون کي ڳالهين ۽ مامرن جي تور تڪ ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ وڌيڪ چست ۽ باخبر لڳو. ويندي ويندي هن کي مون محمد صالح مشوريءَ وارو ڪتابچو پڙهڻ لاءِ ڏنو. ٻئي ڏينهن هو هلي مون وٽ آيو، پر ڪتابچي جي تاثر ۾ مونکي هو بنهه سرشار ڏسڻ ۾ آيو، اهو ڏينهن ۽ سندس سڄي عمر پوءِ، اسين ٻيئي هڪٻئي جي سنگ ۾ ائين گڏ رهياسين جيئن يڪ قلب دو جان، ۽ اڄ به جڏهن هو پنهنجي خاڪي جسم ۾ اسان وٽ ڪونهي ته ته به منهنجي لاءِ پنهنجي ياد ۾ هو مون سان گڏ آهي.
    1947ع تائين جيسين هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تعليم ۾ جتيل هو، خاص ٻيا ٻه ڪتاب به مون هن کي سعيو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنا، هڪڙو ڪامريڊ ايم اين راءِ جو ڪتاب The Historical Role of Islam جنهن جو تن ڏينهن مون سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ نالي سان ڪيو هو ۽ ٻيو منهنجو پنهنجو 1974ع ۾ شايع ڪيل انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Save Sindh save the continent from feudal lords capitalists & their communication” (سنڌ بچايو وڏو کنڊ بچايو. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ۽ سندن فرقيوار گهوٽالن کان)، جنهن جي سزا ۾ مون کي سنڌ مدرسي مان پنهنجي ڏهن سالن جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو.
    پر ماڻهوءَ جو سنگ رڳو ماڻهن سان نه پر ٻين شين سان پڻ تاحيات جڙجي ٿو ۽ جُتيو رهي ٿو. مثال طور ڪتابن سان، تاج محمد ابڙي ۽ منهنجو ٻيو سنگ ڪتابن جي ڌاڳي سان ڳنڍيل هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي، جو انهن ڏينهن ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي سلسلي جا انگريزي ڪتاب ولايت مان ڇپجي، سڄي دنيا ۾ شايع ٿيڻ لڳا هئا، ۽ سنڌ ۾ به اچڻ لڳا هئا. قيمت اهي اٺ آنا، ٻارنهن آنا، في ڪتاب، وڌ ۾ وڌ روپيو، ٻه ۽ جيستائين 1947ع تائين تاج محمد ڪراچي ۾ رهيو ۽ پوءِ به جيستائين انهن ڪتابن جو سلسلو جاري رهيو تيستائين اسين ٻيئي پاڻ ۾ انهن ڪتابن جي عشق ۾ ڀائيوار رهياسين، تان جو جڏهن پاڻ 1985ع ۾ نوڪريءَ تان رٽاير ڪيائين تڏهن ٻنهي پاڻ ۾ ٿنڪرس لئبرريءَ جي ڪتابن جي لسٽن جي ڀيٽا ۽ مٽاسٽا ڪري ڏٺوسين ته مون وٽ ٽيهارو کن اهي ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس به ڪجهه اوترا ئي هئا. ايئن ٻيا اهڙا منهنجا دوست مثال طور شيخ اياز، جمال صديقي، ڊاڪٽر نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا وقت بوقت هڪٻئي سان فخر ۽ خوشيءَ ۾ ڀرجي انهن بابت پيا حالي حوالي ٿيندا هئاسين.
    ٻيو سنگ ماڻهو جو ماڻهن سان زندگيءَ جي ڪن اهڙن مامرن جي حوالي سان پڻ ڳنڍجي ٿو ۽ محڪم بڻجي ٿو. مثال طور هم پيشگيءَ جو سنگ جيئن مون شروع ۽ آخر تائين ماستري ڪئي ته تاج محمد ابڙي به شروع ۾ سهي پر ماستري ضرور ڪئي! هيءُ ماستري جو، استاديءَ جو منصب به منهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾ اهڙو لڳڻو ۽ نه ڇڏڻو پڪو ۽ پختو رنگ ٿئي ٿو. جو ٿوري مدت ئي هجي پر ماڻهن جي طبيعتن کي سڄي عمر جي سڃاڻپ ۽ ساڳيائپ ڏيئي ٿو ڇڏي. ماستري، استادي، يعنيٰ سکڻ ۽ سيکارڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، پنهنجي پورهئي مان پرائڻ ۽ پرايت ڪرڻ ۽ پوءِ سڀڪجهه ڏيئي ڇڏڻ جو اتساهه مون تاج محمد ابڙي ۽ منهنجن اهڙيءَ طبعيت رکندڙ سڀني ساٿين، سنگتين ۽ دوستن ۾، پاڻ کان چار رتيون ڪثر موجود ۽ عمل پيرا ڏٺو. پنهنجي پنهنجي پيشي سان لاڳاپيل فرض ادائي جي دائري ۾ ۽ ان کان ٻاهر زندگيءَ جي ٻين عام معاملن ۾ به، هن سر گهور ۽ من اڇل جي عادت کي پنهنجي من ورونهن ڪري ڇڏڻ کي اعليٰ اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن ۽ پڻ اعليٰ مقصدي سياست ۽ پبلڪ توڙي پرائيويٽ سروس جي دائري ۾ ماڻهو جي چاهي ته پنهنجي خاص سڃاڻپ بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو سنگ، فرد (Individual) جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان، پنهنجي مقصد حيات سان هئڻ لازم آهي. ائين ماڻهوءَ لاءِ تڏهن ئي ممڪن آهي، جو هو پاڻ کي پاڻ ڏانهن ذميدار، پاڻ وٽ جوابده، سمجهي ۽ سو تڏهن ٿيندو جڏهن اوتري قدر پاڻ کي هو آزاد به ڄاڻي. ماڻهو ڪروڙين صدين ۽ لاتعداد جڳن کان ان آزاديءَ جي احساس ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪائناتي آسپاس سان برسر پيڪار رهيو آهي، ۽ پنهنجي فطري عقل جي آڌار تي پنهنجي ان تخليقي جدوجهد ۾ همه تن و من مصروف پڻ رهندو آيو آهي.
    تاج محمد ابڙي مرحوم ۽ منهنجي سنگ سڄي عمر انهيءَ اتساهه ۽ امنگ تي هم آواز ۽ اهڙي مقصد ۽ مشرب جي همراز هجڻ ۽ رهڻ تي پڻ قائم رهيو.

    (ڪاوش، عبرت، مهراڻ، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت ميگزين)


    منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: جمال ابڙو

    چڱن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي. علامه دائود پوٽو، تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، تاج صحرائي، مولوي احمد ملاح ۽ ٻيا اڪيچار، جن مان هرهڪ تي جدا جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونه اٿم ته ڪو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهندس. تاج محمد ابڙو تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو. هڪڙو تاج محمد ابڙو ئي هو، جنهن سان مان کلي ڳالهائي سگهندو هئس. حالانڪه تاج محمد اسان جو ڪو مائٽ ڪونه ٿي لڳو، پر تعلقات ڀائرن جهڙا هئس. امڙ جي وفات تي تاج محمد ابڙو پهتو ته جنازو روڪرائي چيائين ته: مان منهن ڏسندس، سو کيس منهن ڏيکاريو ويو. امڙ تاج محمد ابڙي سان به اسان پٽن جهڙو پيار ڪندي هئي. تاج محمد ابڙي سان ياراني پڪي هيم، جو مان کاٻيءَ ڌر جي تحريڪن، هاري پارٽيءَ ۽ مزدور يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. مون پنهنجي وڪالت جي آفيس ۾ پاڪ سوويت دوستيءَ جي انجمن کولي. اهو آئيڊيا به تاج محمد جو هو ۽ همٿائڻ به ان جو هو. سوويت لٽريچر جي لئبرري به اتي ئي قائم ڪيم. مون تي ايڏو ڀروسو ڪيو ويو، جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميٽنگون به اتي ڪيون وينديون هيون. اهو ڪرشمو به تاج محمد ابڙي جو هو. سرڪار مير علي احمد ٽالپر، شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙو ڪتابن جا عاشق هئا ۽ ڪنهن کي به ڪتاب ڪونه ڏيندا هئا. تاج محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪافي ويجهو هو ۽ سندس نجي محفلن جو رڪن هو. مون تاج محمد کي چيو ته ڇو نه ڀٽي صاحب کي چئي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي جيل مان آزاد ڪرائجي. تاج محمد کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن ڀٽي صاحب سان ڳالهايو. ڀٽو صاحب خود ان خيال جو هو ته روس سان لاڳاپا وڌائجن، سو هڪدم هائو ڪيائين. سوڀو گيانچنداڻي جيل مان نڪري گهر آيو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ تاج محمد کي چيو ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ تان بندش لاهي پيو ۽ ڀلي پارٽي کلم کلا پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪري. ڀٽي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو، پر پارٽيءَ وارا ٻاهر ڪونه نڪتا. سو ذوالفقار علي ڀٽي، تاج محمد کي چيو ته هاڻي چئه نه پنهنجي دوست کي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بي ڌڙڪ منظم ڪري. تاج محمد به تمام ذهين ۽ اونهي سوچ وارو ماڻهو هو، سو مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو ته بظاهر ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿي لڳي، باقي فيصلو ڪامريڊ سوڀو ڪندو. مان ۽ تاج محمد ابڙو ڪامريڊ سوڀي سان سندس ڳوٺ ٻنڊي ملڻ وياسون. ڪامريڊ سوڀي ٺهه پهه جواب ڏنو ته واهه جو ٿا ڏس ڏيوم ته هٿ وٺي سڀ پارٽي ميمبر ۽ ڪارڪن ظاهر ڪري پليٽ تي رکي ڀٽي صاحب کي ڏيان ته جڏهن وڻين، تڏهن کين واڙي جيل ۾ وجهي ڇڏين. اسين ٻئي ماٺ تي وياسون. پنهنجي وزن جو پتو پئجي ويو ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀيٽ ۾ اسين ڇوڪراٽ يا سيکڙاٽ هئاسين.
    هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. ٿيو ائين جو حيدر بخش جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو. ڪامريڊ عبدالقادر وري چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلافي راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو، انهيءَ صورتحال جو فائدو وٺي هاري پارٽيءَ جي ڪن جوشيلن حقيقت ۾ پاڻ هرتڙن پارٽيءَ اندر سٽل، ڪي پنهنجا من پسند صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا. مولوي نذير حسين جتوئي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو توڙ ڪيو وڃي ۽ بلڪل زائل ڪيو وڃي. انهيءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ مون کي ذميواري سونپي وئي. پتو ئي نه پوي ته ڇا ڪجي؟ هنن يارن ڇا ڪيو جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي پاڻ عهدن تي قابض ٿي ويهي رهيا. تاج محمد تمام گهڻو ذهين ماڻهو هو، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي هاري حقدار اخبار ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون. انهيءَ جڙتو ميٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثا ۽ سوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس ۾ وڃڻو هو. ڏهه پندرهن روپيا مون کي ۽ ڏهه پندرهن روپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ حيدرآباد لاءِ چڙهي پياسون. تاج محمد چوي ته ڪو مسئلو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس موادMatter ڪمپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. ٻئي ڏينهن صبح جو تاج محمد ۽ مان نيرانو نڪري پياسون. نيرن يا ناشتي جو آسرو به ڪونه هئو. ڀيڙيوسين پيرين پنڌ کي. اچي گاڏي کاتي ۾ حقدار پريس تي پهتاسون ته ٻه ويون ڇهه به ويون. هاري حقدار پريس توڙي آفيس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايائون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي. چيائين: جمال! ٻيلي ڪا واهه ڪڍ، پرچو ضرور ڪڍڻو آهي. مون کي محترم محمد عثمان ڏيپلائي سمجهه ۾ آيو. انهيءَ جي پريس به ڀرسان ئي کوکر پاڙي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. تاج محمد کي چيم ته هل ته ڏيپلائي صاحب وٽ ٿا هلون. سرهائيءَ سان چيائين ته يار وارو ڪر! ڏيپلائي صاحب وٽ وياسون ته کلي کيڪاريائين. جڏهن احوال ٻڌايوسونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بنا للي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائين. چي: اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي، اخبار رڳو اتي ڇپجي سگهي ٿي، جتان سرڪاري طرح ڇپائي Publish ڪئي ويندي هجي. تاج محمد مون ڏي منهن ڪري چيو: ابا ٻڌو؟ چيومانس: ڏيپلائي صاحب! ڪا واٽ ڪڍي ڏيو. گنڀير ٿي چيائين ته: توهان کي اها خبر به ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخبار تي بندش پيل آهي. اول ته اها بندش لهرايو، پوءِ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪيو. مون پڇيو ته بندش ڪير لاهيندو؟ چيائين ته ڊي.سي جنهن کي ڊي.ايم يعني ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ چئبو هو. چيم واهه! واٽ ته نڪري آئي. پڇيم ته ڏيپلائي صاحب! ٻڌاءِ ته ڇا اي.ڊي.ايم (ائڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ) کي به اهي اختيار آهن؟ چيائين: ساڳي ڳالهه آهي، جهڙو هو تهڙو هو. مون کي خبر پئي ته اي ڊي ايم هئو نذير محمد ٽڳڙ جو تمام يار گهاٽو ۽ فيض وارو ماڻهو هو. مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪمال ڄڻ ته سندس گهر ڀاتي هئاسين. آياسين ٽڳڙ صاحب وٽ. سڄي ڳالهه چڱيءَ طرح پڇي پڪ ڪيائين. چيائين ته ڪم آهي ته ڏکيو، پر جمال! توکي ڪونه موٽائيندس. چيائين: بندش ڪونه لاهيندس، پر رڳو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ واريءَ تاريخ ۾، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندؤ. اهڙي خاطري ڏياريسونس. مون چيومانس ته هفتيوار اخبار آهي، سو تاريخ ڪابه نه لکنداسون. ٽڳڙ صاحب به دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڍڻ جو اجازت نامو ٽائيپ ڪرائي صحيح ڪري مهر هڻي ڏنائين. تاج محمد ڏس ته بهار بهار پيو ٿئي. آياسون محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽ. کيس اجازت نامو ڏيکاريوسون. حيران ٿي چيائين ته ڪهڙو جادو ڪيوَ؟ پوءِ به اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. ڏيپلائي صاحب! هيءَ ته زور آوري آهي. چيائين ته: نه، قاعدو آهي ته اخبار رڳو اتي ئي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي. ڳالهه ته سچي هئي. منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ. اٿيو وڃي هاري حقدار اخبار جو پرچو کڻي آيو. وري انهيءَ ماپ ۽ رنگ جو خالي پنو کڻي آيو. چيائين ته هن خالي پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر يا ڪارندي کان لکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو. اهو ڪم ڪري اچو ته مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيان. تاج محمد ٽڙي پيو، چيائين ته فلاڻو ڪارڪن منهنجو دوست آهي، ان کان بيٺي پير لکرائي ٿو اچان. تاج محمد هڪدم ٽانگو روڪائي حڪم ڏنو ته هل الهداد چنڊ ڳوٺ. جڏهن تلڪ چاڙي مارڪيٽ چونڪ اوريان پهتاسون ته مون ٽانگي واري کي چيو ته هلُ ٽنڊي ولي محمد. تاج محمد جوشيلو ۽ جذباتي ماڻهو هو، سو خار باز اکين سان مون ڏانهن نهاريائين. چيومانس ته ڀائو! خار نه کاءُ، هن مهل ڌرتتيءَ جو ناواقف گهٽين ۾ ڪيترو رلنداسين؟ هلي ٿا آرام ڪريون، ڪم ته ائين ئي سڀاڻي صبح جو ٿيندو. تاج محمد تمام ذهين، سمجهدار ۽ خبردار ماڻهو هو، جهٽ ڳالهه ڀانپي ورتائين. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. اسان به ننڊ آرام ڪري پوياڙيءَ جو گهربل ماڻهوءَ جي در تي پهتاسون. تاج محمد در کڙڪائي نالو وٺي سڏ ڪيو. اندران ئي ڪنهن پڇيو ڪير؟ تاج محمد نالو ٻڌايو ته هڪ ماڻهو چمڪدار اکين سان، وڏي اڪير سان اچي تاج محمد کي ٻک وڌو. تاج محمد جو واقعي عقيدتمند ٿي ڏٺو. ڇو ڪينَ، نيٺ ته پارٽيءَ جو ڪارڪن هو. تاج محمد کيس ڪم ٻڌايو ته ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيائين ته سرُ به حاضر آهي. خالي پني تي اتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر چيوسونس ته بهتر اهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏي. چيائين حاضر، سڀاڻي صبح جو ڏهين وڳي توهان کان به اڳ ۾ عبرت پريس پهچي ويندس. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته هو شخص (نالو وسري ويو اٿم) اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. لنگهي وياسون ڏيپلائي صاحب وٽ، جنهن هڪدم ان ماڻهوءَ کي سڃاتو. اخباري دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جا واقف ٿين ٿا. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پني تي لکرائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڏيپلائي صاحب چيو ته شام تائين جيترا به پرچا چئو ڏيان. چيوسونس: پنج سؤ. چيائين: هيترا پيسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ هئا ڪونه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا. ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان، مزدوري ۽ منافعو ڪونه ٿو وٺان. شام جو کانئس ٻه سؤ پرچا وٺي اسان جو ڳاٽ اونچو ٿي ويو. ڪجهه پرچا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه لاءِ پنهنجي دوست هاري ڪارڪن جي حوالي ڪياسون ۽ کين تاڪيد ڪيوسون ته هڪدم ورهائي ڇڏين. دادو، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد لاءِ سؤ کن پرچا پاڻ کڻي روانا ٿياسون. ڏيپلائي صاحب جي صدقي سستي ۾ ڇٽاسون. لاڙڪاڻي پهچي چپ چاپ ۾ راتئون رات پرچا اهم ماڻهن جي گهر پهچائي ڇڏياسون ۽ هڪ مخلص ڪارڪن سکر موڪليوسون، جنهن ڏينهن وچ ۾ پرچا سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد هٿيڪن ماڻهن هٿان ورهائي ڇڏيا. مزو ٿيو، ٻئي ڏينهن مولوي نذير حسين جتوئي ڳاڙهو پيلو ٿيندو دفتر ۾ گاريون ڏيندو اچي اوطاق تي نڪتو. کيس سمڪ ئي ڪونه هئي ته اهو ڪم تاج محمد ۽ مون جهڙي ڳوڀ جو ڪيل هو. تاج محمد معصوم بڻجندي مولوي صاحب کي پرچو ڏيکاري پڇيو ته: ڪامريڊ! هي هاري حقدار جو پرچو پڙهيو اٿوَ؟ مولوي صاحب جو بند ٽٽي پيو. چي: مٺا! ڏس ته هي سنئين سڌي ڀيڻچوتائي، اهو سڄو ڪارنامو انهن ڀيڻ (....) مادر (....) ڪميونسٽن جو آهي. ظاهر ظهور ڪوڙ، حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي. تاج محمد سان سندس ٻٽيهه دليون هيون ۽ کيس لينن ثاني سڏيندو هو. تاج محمد به کيس کٿ ڪرڻ لاءِ چوڪيون ڏيندو رهيو ته ڪامريڊ! سڄي ڪاروائي تفصيل سان لکي پئي آهي، توهان جي تقرير ۽ دليل به لکيا پيا آهن. مولوي صاحب وهلور پيو وڃي، اهي ههڙا تهڙا (ڪچيون گاريون) ڪميونسٽ ائين ئي ڪوڙ کي سچ ڪندا آهن. ڀلا ڏس حيدر بخش جتوئي ته جيل ۾ پيو آهي، اهو ڪيئن چونڊيو؟ اهو عبدالقادر ڏنڊي، (ڪامريڊ عبدالقادر کوکر پريس وارن جهڙي ننڍي ڏنڊي ڪڇ ۾ کڻندو هو، سو مولوي صاحب کيس سڏيندو ئي ڏنڊي هو) اهو ته هٿ کڻي ويو هو، اهو ڪيئن صدر چونڊجي ويو؟ تاج محمد اطمينان سان چيس ته ڪامريڊ! اخبار ائين ٿي چوي. مولوي صاحب آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي: کوهه ۾ پوي اخبار، هن تي چڙهي اخبار، ڏسي وٺنداسون. تاج محمد ڪمال صبر سان چيس: مرضي جا مالڪ آهيو. وڏو چوٻول ٿيو، پر ڳالهه اها ئي بيٺي جا تاج محمد سوچي هئي. حيدر بخش جتوئي جيل مان نڪتو ته کيس هار پارائي، جلوس ڪڍي اچي هاري حقدار آفيس ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريائون.
    نفسيات جو به وڏو عمل دخل آهي هر ڳالهه ۾. پارٽيءَ جو حڪم مليو ته حيدر بخش جتوئي کان ههڙو بيان ڏيارڻو آهي. ڪم وري به سونپيو ويو تاج محمد کي. تاج محمد هئو واچوڙو، ڪنهن ڪم پٺيان پوندو هو ته مڇڏو ٿي لڳندو هو. مون کي چيائين ته جمال! هل حيدرآباد، حيدر بخش کان هي ڪم وٺڻو آهي. مون جهٽ چيو هائو، پر چيم ته مون کي ڇو ٿو پنڌ وجهين. تنهنجو هم خيال، دوست ۽ پارٽي ميمبر اٿئي، مون کي ڇو ٿو هروڀرو وچ ۾ آڻين؟ چيائين: هڪ کان ٻه چڱا، ٻن جو وڌيڪ دٻاءُ پوندس ۽ يقين به ايندس. بس ائين بيٺي پير تيار ٿي وياسين. پوءِ به ڏٺم ته تاج محمد هڪ ڪتاب کولي وري ٻيو پيو ڪڍي! مون چيو: ڇا ٿو ڪرين؟ وقت ٿو وڃائين. چي: اهڙو ڪتاب ٿو ڳوليان، جنهن ۾ لينن جو صاف، سٺو ۽ وڏو فوٽو هجي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سود؟ اها حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪمزوري آ. ڏسجانءِ ڪيئن ٿو ڪم وٺانس. سڄي رات ريل جو سفر ڪري صبح جو پهتاسين حيدرآباد. سڌو وياسون هاري آفيس، جتي حيدر بخش جتوئي قرب سان مليو. ڏاڍو معصوم ۽ پيارو ماڻهو هو. تاج محمد جلد ئي مدعا بيان ڪئي ۽ لکيل بيان کيس هٿ ۾ ڏئي چيو ته: ڪامريڊ! صحيح ڪري ڏي. حيدر بخش عينڪ چاڙهي سڄو بيان غور سان پڙهيو ۽ پوءِ ڪجهه بحث مباحثو ڪرڻ لڳو. تاج محمد ڪوبه جواب ڏيڻ بجاءِ لينن جو فوٽو سندس اڳيان ڪري چيو ته ڪامريڊ پارٽيءَ جو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ جا سڀ دليل ختم ٿي ويا. کاٻي هٿ جي مٺ ڀڪوڙي مٿي ڪري لينن کي سلام ڪيائين ۽ بيان تي صحيح ڪري ڇڏيائين. هي هئو نفسيات جو جادو، جنهن لاءِ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذهانت سان اڳواٽ اهتمام ڪري آيو هو. هي ٻه واقعا مون تفصيل سان بيان ڪيا آهن، جن جي تاريخي اهميت آهي.
    ٻيو به هڪ اهڙو واقعو ٿيو. منهنجو پٽ بدر، دائود پٺاڻ کان هڪ بس قسطن تي وٺي حيدرآباد کان ڪراچي هلائيندو هو. هيءَ 70-1971ع جي ڳالهه آهي. اسين ناظم آباد 4 ۾ رهندا هئاسين. بدر رڪشا مان ترقي ڪري بس جو مالڪ ٿي ويو هو. ويهه هزار روپيه وڏي پڦيءَ کان قرض طور ورتا هئائين. بدر جي ماءُ ڏاڍي خوش هئي، جو کيس روزانو سؤ روپيا روڪ ملندا هئا. اسين غريب پگهار تي گذر ڪرڻ وارا، تن لاءِ روڪ سؤ روپيا روز وڏي ڳالهه هئي. پر ٿيو ائين جو دائود پٺاڻ کي ڪجهه قسطون نه ڏئي سگهياسون ۽ هن بس ضبط ڪري پنهنجي اڏي تي گانڌي گارڊن راڻي باغ يا چڙيا گهر وٽ بيهاري ڇڏي. بدر پاڻ پنهنجي سر گاڏيءَ ۾ هلندو هو ۽ ڊرائيوري سندس ماسات ڪوٽڙيءَ جو آفتاب شاهه ڪندو هو. ٻئي هٿ مليندي رهجي ويا. ڀلا ڪير دائود پٺاڻ سان مهاڏو اٽڪائي؟ سڀني ٻڌو هوندو، هو اهڙو مڙس هو جو پوليس تي به گوليون هلائي نڪري ويندو هو. مون ساڻس فون تي ڳالهايو ۽ تکا مٺا به ٿياسون، پر هُو ڪونه مڙيو ۽ بس حيدرآباد جي مزدور يونين جي صدر کي هلائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيائين. اسان جا بس تي چاليهه پنجاهه هزار خرچ ٿي چڪا هئا. مون مزدور ليڊرن سان به ڳالهايو ۽ دائود پٺاڻ سان به تيز پيس، پر حق جي ڳالهه ڪيائين ته جيسين کيس سڀ قسطون نه ملنديون، تيسين هو بس واپس نه ڪندو. مان چوان ته اول بس موٽاءِ ته پوءِ ڪمائي توکي پئسا ڏيندا وڃون، پر هن نه مڃيو. مون فيصلو ڪري ورتو ته بس اڏي تان کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي، پوءِ پاڻهي ڪا واٽ نڪري ايندي. هاڻي سوال هو ته دائود پٺاڻ جي اڏي تان بس ڪير کڻي اچي. نه بدر کي همٿ ٿئي، نه آفتاب شاهه کي. ائين اوچتو تاج محمد ابڙو اچي نڪتو. مٺ جيترو مڙس پر وڄ جا پاڻي هئس. ڏاڍو دل گڙدي ۽ جگر وارو مڙس هو، شينهن جي دل هيس. پاڻ مرادو چيائين ته چاٻي ڪنهن وٽ آهي؟ آفتاب شاهه چيو ته وٽس. چيائين ته: هلو، مان ٿو بس کڻي اچان. آفتاب شاه ۽ بدر ساڻس گڏ ويا ۽ هُو رات جو يارهين ٻارهين بجي بس اڏي تان کڻائي آيو. بدر سياڻپ ڪئي جو بس کڻائي ويو نارٿ ناظم آباد، جتي رئيس روشن علي خان اسراڻ گرمين ۾ بنگلو مسواڙ تي وٺي باقبائل اچي رهندو هو. ٻئي ڏينهن دائود پٺاڻ وٺ پڪڙ ڪئي، پر خبر ڪانه پيس. هفتو کن ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڳولا ڦولها ڪيائين، پر بس کي ڄڻ ڪو راڪاس ڳهي ويو هو، سو خبر ڪانه پيس. نيٺ مون کي فون ڪيائين. مون ٺڪ چيومانس ته بس مون کڻائي آهي، مون وٽ آهي ۽ ڏيندس ڪونه. مڙس مٿير هو، چيائين: ”شير ڪا بچا هو، اب مين ڪيا ڪهون؟“ اهو به چيائين ته بس ۽ پئسا ته وصول ڪري ويندس، رڳو اهو ٻڌاءِ ته کنئي ڪنهن ۽ بيهاري ڪٿي اٿئي؟ چيم: اهو ڪونه ٻڌائيندس، باقي پئسا تنهنجا موٽائيندس. چيائين ته: پئسا وصول ڪرڻ پٺاڻ ڄاڻي ٿو، باقي پٺاڻ جي عزت جو مسئلو آهي. مون به چار چڱا اکر ڳالهايا ۽ چيو ته: لالا! تنهنجي عزت منهنجي عزت آهي، سڏ ۾ سڏ ڏيندس، پٺتي نه پوندس. سلام دعا تي فون بند ڪيم.
    مون هٿان جيڪي مرحوم تاج محمد ابڙي جا ڪم ڪاريون ٿيا ۽ مددگاريون ٿيون، سي مرحوم پاڻ سان قبر ۾ کڻي ويو.


    (”ڏسي ڏوهه اکين سين“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“ ۽ ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ تان ورتل)
    (روزانه سچ، هلچل)


    سنڌ جي ناليواري سياسي ۽ ادبي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: رسول بخش پليجو

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو ۽ مختلف تنظيمن ۽ ليڊرشپ جي ويجهو رهيو. سنڌ هاري ڪميٽي کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، عوامي نيشنل پارٽي، جيئي سنڌ، پيپلز پارٽي، سڀني جي نقطه نظر سان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ويجهو رهيو. ان ڪري ئي سندس جڳ مشهور ڪچهريءَ ۾ هر قسم جي سياسي عقيدي، ذوق ۽ سطح جي ماڻهن کي انتهائي گهڻو مزو ايندو هو. سنڌ اندر سندس مقبوليت ۾ ان ڳالهه کي ڪافي وڏو دخل هو. 52-1951ع ڌاري (سال پورو ياد ناهي) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قمبر، شهدادڪوٽ تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ جو اميدوار بيٺو. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ علم دوست، ادب دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند خيالن وارن دوستن جو هڪڙو وڏو حلقو هوندو هو. آءٌ انهن جو هم خيال هوندو هوس. صبح شام سرگرم ادبي، علمي ۽ نظرياتي بحث مباحثن ۾ گذرندو رهندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ دوستن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ترقي پسند هاري اڳواڻ آهي، ان جي اليڪشن ۾ ڀرپور مدد ڪرڻ کپي. جيڪي هلن، سي نالا لکائين. ان اليڪشن ۾ ڇا ڇا نه ڏٺوسين، ٻڌوسين ۽ ڪيوسين! اسان اليڪشن هارائي پر کٽيوسون جهڙو ڪر! اسان سبق سکيو ته ڌانڌليءَ سان ته ڪنهن کي به کٽائي سگهجي ٿو!
    آءٌ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيس ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيس. اتي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ملاقات ۽ ساٿ ٿيو ۽ توڙ تائين دوستي قائم رهي. چوندا آهن ته جيڪو سڀني جو دوست هوندو، اهو ڪنهن جو به دوست ڪونه هوندو. تاج محمد ابڙي جي روشن خياليءَ ۽ ترقي پسنديءَ ۾ مضبوطيءَ سان گڏ لچڪ جي ڪا حد ئي نه هئي. جي.ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي سميت هر طبقي جي ماڻهن سان سندس دعا سلام، رهائي سهائي ۽ گهري ويجهڙائي هئي. پر اسين جيڪي سندس شروعاتي دؤر وارو ڪامريڊي لڏو هئاسون، تن سان سندس هلت مجموعي طور سدائين ساڳي اصلوڪي رهي. يارن جهڙو يار رهيو. سيشن ججيءَ واري دؤر ۾ آءٌ ساڻس نوابشاهه ۽ سکر ۾ مليس. عوامي تحريڪ جي چندي جي باقاعدي وصولي ڪبي هئي. حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پڻ ساڻس ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هڪڙا ساٿي سندن گهڻي عوامي سرگرميءَ يا نظرياتي جدوجهد ڪري ياد رهندا آهن ته ٻيا وري ذاتي قرب ۽ ياري باشيءَ ڪري ياد رهندا آهن. منهنجي لاءِ تاج محمد ابڙي جي مکيه سڃاڻپ سندس ذاتي قرب ۽ دوستي هئي.

    (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل)


    صاف گو ۽ صاف دل انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: شيخ اياز

    تاج محمد ابڙو، جمال ابڙي جو گهرو دوست ۽ شايد مائٽ به هو. هُو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ڪامريڊ نذير جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو. منهنجي به هن سان ڪافي گهرائپ هوندي هئي. هُو لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ جڏهن به مان لاڙڪاڻي ويو هوس ته هن فراخدليءَ سان ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ماني ڪئي هئي. مانيءَ تي جمال ابڙي جو وڏو ڀاءُ شمس الدين ابڙو به آيو هو، جو ڪجهه سال پوءِ گذاري جمال ابڙي کي ڏاڍي غم ۾ ڇڏي ويو. في الحال مون تاج محمد ابڙي جي ڳالهه ٿي ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿي آيو، تڏهن تاج محمد ابڙي کي سيشن جج ڪيو هئائين ۽ تاج محمد جي پهرين تقرري سکر ۾ ٿي هئي. هو ته اڳي ئي مون سان گهايل مايل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ مون وٽ ٻه موٽرون هونديون هيون، ٽويوٽا ڪارونا ۽ ٽويوٽا ڪرولا. تقرريءَ کان ڏهه پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مون کان هڪ ڏينهن لاءِ ڪار گهري، جيتوڻيڪ مون کان ڪار گهرندي ڪنهن کي ورلي همٿ ٿيندي هئي. مون خوشيءَ سان تاج محمد ابڙي کي پنهنجي ٽويوٽا ڪرونا ڏني، فقط ان ڪري جو هُو مون لاءِ ”ڪامريڊ“ هيو ۽ ان ڪري نه ته هو سکر جو سيشن جج هو. تاج محمد ٽي چار ڏينهن لاڙڪاڻي بنا اطلاع جي ڪار روڪي ڇڏي ۽ جڏهن موٽي آيو ته ڪار کي وڏو چٻ هو. مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار ڌوئاري ڪارخاني ۾ ٺهرائڻ لاءِ ڏئي اچي. پندرهن ڏينهن پوءِ تاج محمد مون کان وري لاڙڪاڻي لاءِ ڪار گهري. مون کيس چيو ته: ”ڪرولا ۾ ڪجهه خرابي آهي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳندا، باقي ڪارونا تي آءٌ پاڻ ڪورٽن ۾ ويندس.“ تاج محمد سمجهيو ته مان کيس ڄاڻي واڻي انڪار ٿو ڪريان. بهر صورت جڏهن لاڙڪاڻي مان موٽي آيو ته مان هن جي چيمبر ۾ ويس ته هن تڙي ڏئي چيو: ”منهنجي چيمبر ۾ اچين ته اطلاع ڏئي ايندو ڪر!“ مون به غصي ۾ کيس چيو: ” تاج محمد صاحب! تون يقين ڪر ته مان نه رڳو تنهنجي چيمبر ۾ بنا اطلاع جي نه ايندس، پر اطلاع سان به نه ايندس ۽ تنهنجي ڪورٽ ۾ نئون ڪيس به نه کڻندس ۽ جيڪي تو وٽ پراڻا ڪيس آهن، اهي به ڪوشش ڪري منهنجو جونيئر تو وٽ هلائيندو يا ٻئي ڪنهن وڪيل کي سپرد ڪندس.“
    ڪجهه مهينن کان پوءِ جمال ابڙي مون کي فون ڪيو ته هُو سکر آيو آهي. هُو غالباََ ان وقت سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو. مون هن کان پڇيو: ”ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“
    جواب ڏنائين ته: ”هتي تاج محمد جي بنگلي تي لٿل آهيان.“
    مون کيس چيو ته: ”رات جي ماني تاج محمد سوڌو مون وٽ کائجانءِ.“ رات جو هُو مون وٽ تاج محمد سان گڏجي پراڻي سکر آيو. هن کي خبر نه هئي ته تاج محمد ۽ منهنجي وچ ۾ ڪائي به رنجش آهي. رات جو اٽڪل هڪ بجي هو مون وٽان کل خوشيءَ سان ويا. ڪجهه مهينن کان پوءِ مون ٻڌو ته تاج محمد جو ٽرانسفر ٿيو آهي. هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ” تاج محمد صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“ مون کي دل ۾ آيو ته هن کي انڪار ڪيان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس.
    هو اٿي بيٺو ۽ مون سان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مون سان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجانءِ جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هوس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي. تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪابه غلط فهمي نه آهي.“
    تاج محمد پوءِ خيرپور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ غالباََ ٺٽي ۾ سيشن جج هو ته هن رٽائر ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي گذاري ويو.
    اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّاۤ اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ
    تاج محمد ابڙي جهڙا صاف گو ۽ صاف دل انسان مون زندگيءَ ۾ ٿورا ڏٺا آهن.

    (”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ تان ورتل)


    سنڌ جو املهه ماڻهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : حميد سنڌي

    پنهنجي پيارن، همسفرن ۽ سنڌ جي ماڻهن، مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پنهنجي والد ۽ امڙ لاءِ به نه لکي سگهيو آهيان، زماني جي ڏکن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪندڙ هستين جيجي بيگم زينت چنا ۽ محترم عبدالله چنا، يا پنهنجي علمي ادبي رهبرن، مولانا غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ سجاڳ ساٿي جن جي باري ۾ به دل کولي نه لکيو اٿم. تاج محمد ابڙي، نئين سنڌ جي نئين تاريخ جوڙيندڙ، همٿ ۽ صبر نه ڇڏيندڙ جاکوڙي انسان لاءِ ڪيئن لکان. تاج محمد ابڙي سان جيڪي به ڪچهريون ٿيون، انهن مان ايترو ته لاڀ پرايم جو اڄ تائين محسوس ڪندو آهيان ته تاج محمد ابڙي جنهن جي حياتي جا ڪيترائي رخ مون ۾ سمائجي ويا آهن. سندس جيڪي جاما يا ويس هئا، مون کڻي پاتا، سندس سماج سڌارڪ يا هڪ سوشلسٽ جي حيثيت هجي يا روشن خيالي ۽ ترقي پسندي هجي يا ايڊيٽر ۽ صحافي هجڻ جي حيثيت، ڪتاب پڙهڻ جو شوق هجي يا اوطاقن تي ڪچهرين وارو رنگ هجي يا ڏک سک ۽ ڀائيوار هجڻ وارو شرد هجي يا وڪالت، ماستري ۽ سرڪاري نوڪري واري ڪرت هجي، سڀئي اهي ويس وڳا هئا جيڪي مون کي نصيب ٿيا. ٿي سگهي ٿو سندس پورهيتي اجرن وڳن کي ڪنهن داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر هن پنهنجي فڪر، ڏاهپ ۽ ذهني آزادي وسيلي پنهنجي دامن کي اجرو رکيو. محترم تاج محمد ابڙي عملي ۽ مثالي طرح سان هڪ مبلغ ۽ سنت وارو ڪم پئي ڪيو پر هن اُن جي لکا نه ڏني. هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو، ڪنهن به ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هيس، هُـو هر ماڻهو کي سهڻو ۽ ڏيا وارو سمجهي پيار ڪندو هو، هن کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت ڪندي نه ڏٺو هو، پنهنجي گڻن ۽ ڏيا کان ڄڻ واقف ئي نه هو، هن حياتي ائين گهاري ڄڻ حياتيءَ جو ٻيڙو سولو ۽ سنئون هو. سڙهه به سنوان ته رفتار به تکي ۽ تيز ڪيئن وقت واري جيان هٿن مان وهي پئي ويو، پر هن جي سچائي، ايمانداري ڄڻ ته کيس جيئڻ لاءِ ڪيئي جتن سولا ڪري پئي ڏنا. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڄيو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد جي اڻبڻت جو واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وڃي کيس پرچايو. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ تاج محمد جڏهن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ته هو دوستن ۽ ڪامريڊ شپ جي بنيادي اصول تي عمل پيرا رهيو، نوڪريءَ هن کي ڪجهه وڌيڪ (Concious ) ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ نظريو هجي يا سوشلسٽ، هو هڪ ڳالهه کان چڱي پر آگاهه هو، اها هئي انسان دوستي، جو پاڻ وڏو انسان دوست هو، ٻي ڳالهه هئي بحيثيت هڪ سماج سڌارڪ جي ڇاڪاڻ ته هو هن معاشري جي اوڻاين ۽ بندشن کي ڀلي ڀت ڄاڻندو هو ۽ سمجهندو هو، ان ڪري هن سڄي حياتي هڪ (Concious ) فرد طور معاشري جي عائد ڪيل بندشن خلاف جاکوڙ ڪئي. ان لاءِ هن جو بنيادي نقطو هو ته ايماندارانه زندگي گذارجي ۽ (Personal Integrity ) يعني پهريائين پنهنجي ذاتي طور ايمانداري هجڻ سان گڏ Integrity ۾شامل عنصرن جهڙوڪ سچائي، راستبازي، سپتائيءَ ۽ سٺائيءَ کي پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي هڪ مثال طور جڳ آڏو پيش ڪري ته جيئن پوءِ ئي معاشري جون اوڻايون، برايون پٽ پڌريون ٿي پونديون، پوءِ ئي انهن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. سائين تاج محمد ان لاءِ پاڻ Integrity جو وڏو مثال هو، Integrity رڳو ائين نه پر ان ۾ موجود سڀني عنصر جهڙوڪ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راستبازي، سپتائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائيءَ جهڙا جزا سڀ شامل هجڻ کپن. منهنجي پياري رشيد ڀٽي جي اوطاق تي منهنجو سائين تاج محمد سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون ته هو کلي عام چوندو هو ته ’’يار سڀني انسان براين جو حل اهو آهي ته هڪجهڙائي هجي، انصاف ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ اڳ ضروري آهي ته پنهنجي سپتائي ۽ مقصد ڏانهن سچي هجڻ جو ثبوت ڏجي، جنهن لاءِ ڪيترن ئي سکن، ذاتي مسرتن، تمنائن کي مارڻو پوندو“ هن جي سڄي حياتي جاکوڙ، پورهئي، سکن ۽ سهولت کان عاري زندگيءَ جي جيتوڻيڪ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر اهڙي حياتي گهارڻ ۾ ڄڻ ته هن کي مزو پئي آيو جو مون کيس هميشه کلندو ۽ ٻهڪندو ڏٺو، سائين سوڀي گيانچنداڻي پنهنجين لکڻين ۾ کيس ”منهنجو ساٿي ڪامريڊ تاج محمد“ ڪري سڏيو آهي، سوڀو سائين پاڻ ڪامريڊ آهي، هنن لفظن سان ڄڻ کيس ڪامريڊي جي سندَ ڏني اٿائين، هونئن به ڪامريڊ معنيٰ ئي آهي سنگتيءَ ساٿيءَ جي. ساٿي به اهو جيڪو دوستن عام ماڻهن ۽ پوري سماج لاءِ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي. ڪامريڊ گهڻو تڻو ڪميونسٽن جي ساٿيءَ يا اشتراڪي ڪميونسٽ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي پر سائين تاج محمد اهڙو ڪامريڊ هو جنهن جو مول متو ئي هو انسان دوستي ۾ Integrity گهرائپ يا ويجهڙائپ ۽ هڪ Associotion ڳنڍڻ واري ناتي کي ئي اهميت ڏيندو هو، سڪ، قرب، محبت، همدردي، هڏ ڏوکائپ جو تاڃي پيٽو ائين اڻندو هو جيئن ڪو ڪاريگر ڪوري اڻت ڪري. ههڙا نينهن نپائڻ ۽ نڀائڻ وارو ماڻهو اڄ ڪو ڪو ملندو، مون کيس سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالانه ميڙ ۾ ڏٺو هو هڪ سرگرم ڪارڪن پئي لڳو پر هن ڪا به تقرير نه ڪئي نه پيپر پڙهيو. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، مون کيس گهڻو تڻو رشيد ڀٽي جي اوطاق تي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو، سندس ڄاڻ ۽ حاصل ڪيل عمل جي وسعت کي ڏسي حيرت ٿيندي هئي، اها به اهم ڳالهه هئي ته ايتري پڙهيل ڳڙهيل هوندي به هو لکي نه سگهيو، مون کانئس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ چانهه جون سرڪيون ڀريندي کانئس اها ڳالهه هڪ سوال جي صورت ۾ پڇي هئي، هو پهريائين چپ رهيو ۽ پوءِ اٿي بيٺو، پنهنجي سفيد پتلون کي ڇڪي مٿي ڪيائين، پوءِ پنهنجي وڻندڙ مک تي دلپذير مشڪ آڻيندي مون ڏي ۽ ٻين دوستن ڏانهن نهاريندي، ڪجهه هيئن چيائين ته ’’پوءِ ڇا مان اوهان جي ادبي برادري مان نڪري وڃان، پيارا حميد ۽ دوستو! مان عمل ۽ ادب جو عاشق ۽ اوهان جي هر اول دستي جو جهنڊو کڻي هلندڙ هڪ فرد آهيان، ادب ۽ اديبن جو فهم ۽ ادارڪ وارو پيغام پهچائيندڙ آهيان، ڇڏيو ته مان زبان وسيلي مبلغي ڪيان ۽ توهان لکڻ وسيلي مبلغي ڪيو، مون کي توهان ڌار ڪري ئي نه ٿا سگهو، جو مان اوهان جي جسم ۽ روح جو حصو آهيان.‘‘
    ’’بس سهڻا سائين بس! مون ڪڏهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، تون اسان جو رڳو جهنڊي بردار نه پر اهڙو اڳواڻ آهين، جنهن جو همٿ سان نه رڳو لاڙڪاڻي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تنهنجي قائم ڪيل منڊلين تي وڏو مچ مچايو آهي‘‘ مان اڄ جڏهن ماضي ۽ حال جو جائزو وٺان ٿو ته اهڙن مقصدن سان واڳيل ماڻهو ۽ اهڙا مچ منڊليون گهٽ ٿو ڏسان. اڄ جي ادبي ميڙن، مجلسن کي ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته جيئرا جسم ضرور آهن پر اهي روح ڪينهن، اهو مقصد ئي ڪونهي جنهن سان اسين واڳيل هجون، ڪامريڊ تاج محمد اسان سڀني اديبن جو ساٿي، سنڌي سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هڪ اهڙو انسان هو، جيڪو يقينن فرشته خصلت هوندي به فرشتو نه هو، جو هن کي مسئلن جي حل ڪرڻ جي طاقت يا Authority ڪين هئي، هو رڳو هن ناانصافي واري جهريل سماج جو جهريل پر مردم شناس انسان دوست فرد هو، انهي سماج اندر ٿيندڙ اڻبرابرين، زور زبردستين، ناحق ۽ ناانصافين جي مسلسل جهولن ڪري سندس ٻيڙي جا سڙهه گهڻي دير سٽ نه جهلي سگهيا، جهريل دل سگهو ئي ڏري پئي ۽ اهو اسان کان ڌار ٿي ويو ۽ اهڙين ساٿين ۽ مسافرن لاءِ مون ڪنهن هنڌ پڙهيو هو،
    ڄڻ ته هو هاڻ هت ويٺو هو،
    گهڙيءَ پل لاءِ ڪاڏي اٿي ويو آهي.

    (روزانه سنڌ،مهراڻ، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، هلچل)


    هڪ آدرشي انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : ڊاڪٽر غلام علي الانا

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو نالو سنڌ واسين جي ذهين تان ڪجهه جهڪو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سچ پچ ته ڪو معمولي ماڻهو نه هو. سندس دوستن ۾ جڳ مشهور شخصيتون شامل هيون، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سائين جي ايم سيد، جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانسواءِ خان عبدالولي خان، محترم عطاءَ الله مينگل ۽ حيدرآباد جي امير برادران مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ميرل رسول بخش خان ٽالپر جا نالا وڏي فخر سان وٺي سگهجن ٿا. هو پنهنجي زماني جو هڪ مثالي ماڻهو ۽ آدرشي انسان هو، هو هڪ ايماندار جج ۽ هڪ دانشور طور سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. مرحوم سان منهنجي ملاقات، مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي اوطاق تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي، آءٌ تڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان ٿيندڙ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ويو هوس، مرحوم کي سنڌو تهذيب جي باري ۾ وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جڏهن مون کي موهن جي دڙي ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو هو. تڏهن هڪ ماهر، سنڌ شناس وانگر سنڌو تهذيب جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ڏنائين. ائين پئي محسوس ٿيو ته موهن جي دڙي جون ڀٽون ڀڙا، ديوارون، ڳليون ۽ ناليون ساڻس ڳالهائي رهيون هيون ۽ هو اهي ڳالهيون مون کي ٻڌائيندو رهيو، هو جڏهن مون وٽ سنڌالاجي گهمڻ آيو. تڏهن مون سنڌالاجي جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ کيس ڄاڻي ڏني. جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سنڌالاجي جي مدد جون وڏيون اُميدون ڏيکاريائون.
    سندن سياسي سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هو سنڌ جو هڪ سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيل هو، سندس دل ۾ سنڌي قو م لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته مرحوم چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سستي ڇڏين ۽ پنهنجي وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين.
    مون کي اها خبر نه آهي ته سندس وڏا ڪير هئا ۽ انهن جي مالي حالت ڪهڙي هئي، پر پاڻ هميشه خوش پوش ۽ خوشحال نظر ايندا هئا.
    مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو چوندو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هو. جنهن موجب هو چوندو هو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون، تيستائين سنڌي معاشرو نه سُڌري سگهندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيورن سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي، سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهو به گهڻو قدر ڪيو. ساڻس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون. انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي نور سان منور ڪيائون.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي ته هو هڪ صحافي پڻ هو ۽ روزانه الوحيد اخبار جو ڪجهه ڏينهن ايڊيٽر پڻ رهيو، مرحوم هڪ مشهور سماج سُڌار شخصيت به هو، پنهنجي چوڌاري واري سماجي ماحول ۾ رائج اڍنگين ۽ خراب رسمن ۽ برين عادتن کي وڌندو ڏسي پنهنجي هڪ هفتيوار اخبار به ڪڍيائين، جنهن جو نالو رکيائين ’’نوجوان‘‘ پر اها اخبار گهڻو وقت هلي ڪا نه سگهي.
    آءٌ جڏهن اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هوس تنهن زماني ۾ 1985ع ۾ لاڙڪاڻي ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي فاصلائي نظام تعليم جي سلسلي ۾ اُتر سنڌ ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جو ريجل دفتر ۽ مطالعاتي مرڪز قائم ڪرڻا هئا. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي سفر جو آغاز گھوٽڪيءَ کان ڪيو ۽ پوءِ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ويس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي سان سندس اوطاق تي ڪافي وقت گذاريو. ٻيا دوست به اتي ئي آيا اسان جي اها ملاقات ڪافي سالن کانپوءِ ٿي هئي، هو مون کي گهڻو نئون نظر آيو، زندگي ۾ ڊگهو سفر ڪيو هئائين. ماستريءَ جهڙي پيغمبرانه ڌنڌي کان شروعات ڪئي هئائين پوءِ وڪيل بڻيو، سياست ۾ سرگرم رهيو، سماجي ڪارڪن رهيو ۽ آخر ۾ سيشن ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.
    سندس ڳالهين مان ظاهر هو ته هن پنهنجي انهيءَ پوري سفر کي هڪ ڪامياب سفر ٿي تصور ڪيو. هو پنهنجي زندگيءَ مان بيزار اصل نه هو پنهنجي ڪيل پورهئي ۽ ڪمائي تي گهڻو فخر هوس. البته آخري ڏينهن مٺي پيشاپ ۽ دمه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو، پر تنهن هوندي به ٿڪو نه هو، همت ڪا نه هاري هئائين، هو دلشڪستو هرگز نه هو، پنهنجي ايماندارانه ۽ بي داغ زندگي تي ناز هوس، هو ڏاڍو مطمئن هو، ان ملاقات ۾ هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. اهو تاج محمد ابڙو نه هو جيڪو مون ڪجهه عرصو اڳ ڏٺو هو، هو پنهنجي سر هڪ انجمن هو، هڪ ادارو هو، هو مون کي هڪ صحيح مڻيادار انسان نظر آيو، منجهس ڪئين گڻ هئا جيڪي بکي رهيا هئا. اهڙا ماڻهو مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده هوندا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا آدرشي انسان اصل مرندا نه آهن، اهي هميشه زنده رهندا آهن. اهڙن امر انسانن جا ڇڏيل اصول سندن اولاد جي رهنمائي ڪندا آهن. مرحوم جو اولاد به، سندن والد جيان لائق ۽ فائق آهي. منهنجي دعا آهي ته موليٰ ڪريم مرحوم جي اولاد کي پنهنجي لائق ۽ آدرشي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي اها همٿ ۽ سگهه ڏئي ته جيئن اهي به پنهنجي عظيم پيءُ جي اميدن تي پورا رهندا اچن.

    (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز ،سنڌ،مهراڻ، مقدمو، ، هلچل)


    سنڌ جو سجيلو سپوت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : يوسف لغاري

    سائين تاج محمد ابڙو صاحب لاءِ ٻه اکر لکڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پر اهو نڀائي سگهندس يا نه؟ انهيءَ جو فيصلو ته سندس دوست، ساٿي ۽ نظرياتي دوست ئي ڪري سگهندا.
    ان زماني ۾ جڏهن سنڌ تي ڏاڍ جا بادل پيا لامارو ڏيندا هئا، ڪجهه سنڌ جا سڄڻ، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جيلن جي حوالي ته باقي ويچارا پاڻ نڀائڻ ۾ پورا.
    اهڙي ڪاري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ترقي پسند دوست، ويچارا ۽ بيوس هوندي به جاگيرداري، آفيسر شاهي، نوڪر شاهي ۽ صوبيدار شاهي جي خلاف پيا لڇندا هئا. سائين تا ج محمد ابڙو به انهن سنڌ جي سڄڻن مان هو، جيڪي سنڌ لاءِ پيا اٿندي ويهندي اڻهي سوچيندا هئا. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ سياسي توڙي ثقافتي انهن دوستن ۽ ڪامريڊن کانسواءِ نامڪمل هوندي سائين تاج محمد جڏهن 1976ع ۾ سيشن جج ٿي ميرپورخاص ۾ آيو ته مون کي اڳئين به وڌيڪ برجستو ۽ پيارو محسوس ٿيو، پاڻ چوندو هو ته پهرين نه رڳو سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نٿو ملي اهو پيو سوچيندو هئس، هاڻ ته اهو بارُ مٿي تي اچي پيو اٿم، شال نڀائي سگهان! اُن پنهنجي عهدي سان به نڀايائين ته اُن سوچ سان به نڀايائين. وطن، ڌرتي، ادب، ثقافت،، ٻوليءَ ۽ سچ سان کيس دل هوندي هئي. ياري نه رڳو رکي سگهندو هو پر نڀائڻ به ايندي هيس. مون کيس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند سوشلسٽ خيالن جو حامي ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جو حامي ڏٺو.
    دوستي ۽ مهمان نوازي سندس عادت بنجي چڪي هئي. ڪنهن به ڳالهه تي منطق کانسواءِ اعتبار نه آڻيندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ دل ۽ ذيابيطس جي عارضي ۾ مبتلا هو پر اها بيماري سندس لاءِ وڏي بيماري ڪانه هئي، پنهنجي بيماري کان وڌيڪ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ماڻهن، مظلومن جي لاءِ پيو پچرندو هو. ’’اسين ته وياسين گذاري ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو؟‘‘ هر دوست کان سندس سوال هوندو هو.
    جيتوڻيڪ پاڻ اسان وٽ موجود نه آهن پر هن موجوده دؤر جي سجاڳي ۽ شعورآڻڻ ۾ سندس ڪافي حصو رهيو آهي ۽ سندس نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي ادبي ۽ شعوري جدوجهد جي ڳالهه نامڪمل هوندي، جڏهن به ڪنهن دوست سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي لکيو ته سندس نالو پهرين شعور آڻيندڙن ۾ هوندو.
    وقت ڪنهن جو ساٿ ڪونه ڏيندو آهي پر وقت سائين تاج محمد جهڙن جاکوڙي ۽ شعوري انسانن جي اڳيان مجبور به ته هوندو آهي ۽ سندس جدوجهد کي سدائين پيو نوڙي سلام ڪندو آهي. سائين تاج محمد وقت کي به هارائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ شعوريءَ جدوجهد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو ۽ ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ٿي ويو.

    (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز)


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي منزل – انقلاب جي منزل : ڄام ساقي

    تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي، جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن. معاشري ۾ هي ماڻهو ڪوبه ڪم مانَ مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا، پر ان ڪم ۽ محنت، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي. ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي، پر معاشري تي مسلط خيالات، حڪمران طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿيندا رهن ٿا، پر بغاوت جي عمل ۾ هي جبر اُن ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن، ته هو معاشري مان انهيءَ غلاظت کي ختم ڪري، هر جبر کي چئلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري. ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ فرد ڏٺا آهن، پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا. ائين 8 آگسٽ 1924ع ۾ هڪ انقلابي جو جنم ٿيو، جيڪو اڳتي گهڻ رخي شخصيت جو حامل رهيو ۽ هي سڀ مثبت رخ ان ساٿي کي اڄ به زنده رکيو اچن، جيڪي شخصي طور تي اڄ اسان سان گڏ ناهن، پر اڄ ان جي سچائي، جدوجهد اسان سان گڏ آهي. اهو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جنهن جو جنم ته لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، پر ان جا آدرش پوري سنڌ توڙي پاڪستان ۾ گردش ڪندي پورهيت عوام لاءِ هڪ رهنمائي جو ڪم ڏيندا رهيا. اڄ 8 آگسٽ تي ڪامريڊ تاج ابڙو جي سالگرهه آهي. ائين سمجهجي ڪامريڊ تاج جي جدوجهد کي سُرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. جيئن ته اڄ جون حالتون جنهن ڪيفيت ۾ آهن، اهي هڪ وڏي تبديلي جون گهرجائون آهن. اها تبديلي ڪامريڊ تاج ۽ اسان سڀني گڏجي ڏٺي هئي، پر ان کي منزل نه ملي سگهي. اهي ڏينهن 1967ع، 1969ع جي تحريڪ جا هئا، جڏهن مڪمل پورهيت طبقو ميدان تي لٿل هو. ان عرصي ۾ ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ انتهائي سرگرم هو. هيءَ تحريڪ ايوبي آمريت جي دﺂر ۾ شروع ٿي هئي، جنهن نه صرف آمريت، پر سموري سماج جي ملڪيتي رشتن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو هو. پوري پيداوار تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ عرصي ۾ 1950ع کان 1960ع تائين ڪامريڊ تاج ڪميونسٽ پارٽي ۾ وڏي جانفشاني سان ڪم ڪندا رهيا. انهيءَ مارڪسي فڪر جي ڪري ڪامريڊ هر محاذ تي سرگرم رهيا. هاري ڪميٽي ۾ رهي ڪري هارين کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان به گڏجي ڪامريڊ وڏي جدوجهد هلائي ۽ ساڻس گڏ به هوندا هئا.
    ڪامريڊ تاج محمد هڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض ته نڀائيندا رهيا، پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو. پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون، جنهن ۾ هنن مظلوم پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي ماڻيائون. عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا نه ڪئي.

    اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ جهونجهار ان کي چوندا آهيون، جيڪو مرڻ کان پوءِ به وڙهي سگهي، پوءِ اها ويڙهه هو پنهنجي تحريرن ذريعي جاري رکي، تنظيم جي ذريعي جاري رکي، اولاد جي ذريعي جاري رکي يا سنگت ساٿ جي ذريعي جاري رکي ته ان کي جهونجهار يا شهيد سڏي سگهجي ٿو. ايشيا ۾ اديبن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڙهي ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ڪيرائڻ ۾ ان جو وڏو هٿ آهي. ان سنڌي ادبي سنگت جي قيام جو پهريون ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر ٿيو. ائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل لاٽ اڃا تائين ٻرندي اچي. جيستائين سنڌي ادبي سنگت رهندي، ان جا آندل نوان ادبي لاڙا رهندا. ڪامريڊ تاج محمد کي وساري نه سگهبو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو ڊسٽرڪٽ سيشن جج هجڻ هن جي انقلابيت کي ماٺو ڪري نه سگهيو هو. سُٺا ۽ نوان ڪتاب پڙهندو ۽ پڙهائيندو هو ۽ سياسي روپوش ساٿين کي بنا کٽڪي گهر رهائي سگهندو هو. آءٌ به ضياءَ حڪومت جي ڏينهن ۾ وٽس ڪافي دفعا ويس. مالي مدد توڙي ماني ٽڪي کان سواءِ ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هاري ڪاميٽي جي ڏينهن ۾ پارٽي جو ڪُل وقتي انقلابي ساٿي به رهي چڪو هو. هن جي ڪمينٽمينٽ ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي. هُو سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ وقت توڙي سياسي روپوش ساٿين کي ترسائڻ جي خطرن کان به ڀلي ڀت واقف هو، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪندو هو. سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي. هاڻي سندس صالح اولاد پٽ توڙي نياڻيون سنگت ۽ ادب جي ذريعي هر جدوجهد ۾ شامل آهي ۽ تا دنيا رهندو. تڏهن ئي اسين هن کي صحيح معنيٰ ۾ جهونجهار چئي سگهون ٿا.

    چوندا آهن ته ماڻهو جي شخصيت جو دارومدار ان ماحول تي به هوندو آهي، جنهن ۾ هو پيدا ٿيندو آهي. ائين ڪامريڊ تاج جي پيدائش جنهن وقت ۾ ٿي، ان وقت روس اندر هڪ سوشلسٽ انقلاب به ٿي چڪو هو، جنهن جا اثرات هن برصغير تي به وڏي پئماني تي پيا هئا. اهو مارڪسي فڪر ۽ انقلاب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي به ننڍپڻ کان ئي متاثر ڪندو رهيو. تنهن ڪري ئي ڪامريڊ پنهنجي وابستگي پورهيت طبقي سان هميشه برقرار رکي. پاڻ لاڙڪاڻي جي اندر سياسي، ثقافتي، ادبي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيا، بلڪه اڳواڻي به ڪندا رهيا. لاڙڪاڻي اندر سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙ به ڪامريڊ تاج هيا. ڪامريڊ هن سنگت جا جنرل سيڪريٽري به رهيا ۽ ادب ۾ تعلق کي اجاگر ڪندا رهيا. شاعري، نثر، نظم ۾ به پورهيت طبقي جي حالتِ زار جي ترجماني ڪندي ان کي وڌيڪ نکاريندا رهيا. ڪامريڊ تاج 10 مارچ 1986ع کان 1983ع جي ايم.آر.ڊي تحريڪ به عروج تي هئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به وڏي قربانين سان آمريت کي چئلينج ڪيو. هڪ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪيو، هيءَ جدوجهد به ڪامريڊ تاج لاءِ انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ جو ڪردار آخري ڏينهن ۾ به رهيو، پر مجموعي تبديلي نه اچي سگهي. نظام اهو ئي رهيو، حالتون بدستور خراب ٿينديون رهيون. انهيءَ جو ڪارڻ ڪا مضبوط نظرياتي پارٽي نه هئي، جنهن جو ادراڪ ڪامريڊ تاج به رکيو پئي، پر ڪامريڊ جي زندگي اجازت نه ڏني، نه ته هيءَ کوٽ به ڪنهن نتيجي تي پهچي ها. ڪامريڊ تاج جو مقصد رائيگان ناهي ويو، ڇو ته ڪامريڊ تاج جيڪي حالتون 1950ع ۾ محسوس ڪيون، 1970ع کان 1980ع تائين ڏٺيون، اهي اڄ به موجود آهن. اهي آدرش اڄ جا نوجوان اڄ به سانڍيو اچن، جيئن مٿي جنهن تحريڪ جو ذڪر ڪيوسين، ان تحريڪ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي به پيپلز پارٽي جي صورت ۾ نمودار ڪيو هو. اهي 1967ع کان 1969ع جي تحريڪ جا ڏينهن هئا، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي هڪ سوشلسٽ سماج جو منشور ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀٽي صاحب جي قيادت کي پيش ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته انهيءَ پروگرام جي ڪري ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جي گهري وابستگي رهي ۽ دوستي به، جنهن ۾ هن خطي جي حالتن تي کوڙ سير حاصل بحث به ٿيا. ڀٽي صاحب ۽ ڪامريڊ تاج جو سفر به هڪ ئي رستي تي ٿيو، جنهن رستي تي پورهيت، هاري، شاگرد، نوجوان موجود هئا.

    ڪامريڊ تاج هڪ ئي وقت هڪ سياستدان، اديب، دانشور، وڪيل، جج ۽ هڪ عام انسان به هو، جنهن پنهنجي عمر جو وڏو عرصو جدوجهد کي ارپيو. ڪامريڊ جو مؤقف طبقاتي هو. هر مسئلي جو حل به ڪامريڊ تاج طبقاتي نظر سان ڏسندا هئا. اڄ 86 هين سالگرهه هيءَ نويد ڏئي ٿي ته سماج کي تبديل ڪجي. ڪميونسٽ پارٽي گهڻن ئي مسئلن جو شڪار رهي ۽ ڪامريڊ تاج جهڙا ڪردار مسئلن جو شعور رکندي درست واٽ تي هلندا رهيا. ان واٽ جي چونڊ اسان سڀني ڪئي سين، جنهن ۾ تڪليفون به آيون، نظرين سان جٺ ٿيندي به ڏٺي سين، ماحول ۾ انقلاب کي ايندي به ڏٺوسين، پر منزل اڌوري ئي رهي، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جي وابستگي ڪنهن ڪميونسٽ ليڊر سان ايتري نه رهي، جيتري ڀُٽي سان رهي. ان جو واحد سبب پيپلز پارٽي جي عوام ۾ حمايت هئي، بلڪه هڪ روايت بڻجي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي انهيءَ عوامي حمايت جو ادراڪ نه رکي سگهي، جنهن ڪارڻ ڀٽو صاحب کان وٺي بينظير تائين قربانين جو سلسلو جاري رهيو. هاري ڪميٽي ۾ تاج جون خدمتون اڄ به هارين لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پير پاتا، اهي به ڪامريڊ تاج جون سرگرميون هيون. هڪ انسان ايترو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، اهو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪامريڊ تاج ابڙو کان وڌيڪ مثال مشڪل سان ملندو. هونئن به ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو گڏجي ناهي ويندو، پر ان سان گهاريل ڏينهن ۽ قربانيون ڪڏهن به ناهن وسرنديون. اهي هميشه ساٿين جي ذهنن تي زنده رهن ٿيون. ڪامريڊ تاج سميت کوڙ انقلابين جي جدوجهد جاري آهي. اها تيستائين رهندي، جيستائين ظالم، مظلوم، امير، غريب، مزدور، سرمائيدار رهندو. انهيءَ لاءِ زندگي سڀ گذاريندا آهن، پر ڪي ڪي ماڻهو زندگي انقلاب کي، جدوجهد کي ارپيندا آهن. انهن مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هڪ آهي. روس انقلاب جي عظيم ليڊر ليون ٽراٽسڪي، ڪامريڊ تاج جهڙن لاءِ ئي لکيو هو ته: ”زندگي گذارڻ آسان ناهي، جيستائين انسان وٽ ڪو عظيم مقصد نه هجي، جيڪو انسان کي نيچ پڻي کان، ذلت کان بلند ڪري.“ انسان ڪٿي نه ڪٿي مري وڃي ٿو، کپي وڃي ٿو، جهڪي وڃي ٿو، وڪامجي وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪامريڊ تاج محمد جا مقصد هر شيءِ کان مٿانهون هيا، جيڪي پوري تاريخ ۾ هميشه روشن مقام تي رهندا.

    (روزانه سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار، سڪار)


    سنڌ جي ناقابلِ فراموش شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تحرير: عبدالغفور ڀرڳڙي

    تاج محمد ابڙو 1924ع ۾ ڄائو. قمبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مون کان اٽڪل ٽي سال ننڍو هو. مان کيس شاگرديءَ جي دؤر کان سڃاڻيندو هوس. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پُرجوش بهرو ورتائين. ان وقت هندستان جا نوانوي سيڪڙو شاگرد سياست جي تحريڪ ۾ هئا. ڀلا اهڙي وقت ۾ تاج محمد ابڙو ڪٿي پئي سياست کان ٻاهر رهي سگهيو!
    1947ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اوائل ۾ مرحوم شمس الدين ابڙي سان گڏ ڪم ڪيائين، جو لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور فوجداري وڪيل هو. ڪجهه عرصي بعد الڳ ٿي ڪم ڪيائين. سندس وڪالت اڪثر ڪري فوجداري ڪيسن سان تعلق رکندڙ هئي، مگر ائين هرگز نه آهي ته سول قانون کان اڻڄاڻ هو. ڪيترن موقعن تي هُو سول ڪيس به هلائيندو هو ۽ ڪاميابيءَ سان هلائيندو هو، مگر فوجداري معاملن تي وڌيڪ دسترس هيس. هو وڏيءَ سنگت ساٿ وارو انسان هو. پئسي سان پيار به گهٽ هيس. تنهنڪري دوستيءَ ۾ ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو. جيڪا ڪمائي هوندي هيس، سا گهڻي قدر مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو، تنهنڪري بچت ڪانه هوندي هيس. هن ۾ اها وڏي خوبي هوندي هئي جو اصيلن کي نه غلط مشورا ڏيندو هو، نه وري اجايا ڏٽا ۽ نه ئي ڪوڙا دلاسا ئي ڏيندو هو. سندس هٿ آئيني جيان صاف رهيا ۽ پنهنجي عزت ڀرئي ڌنڌي کي ڪوبه داغ لائڻ ڪونه ڏنائين.
    جج:
    جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو، ته کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رهيو. ڪافي وڪيل ۽ سياسي ورڪر ۽ ليڊر هر شهر ۾ سندس دوست هئا. عدليه ڪنهن به ملڪ جو اهم ترين ٿنڀو آهي ۽ ويچارا مظلوم ٻين سڀني کاتن ۽ وڏن ماڻهن جي زيادتين کان پناهه لاءِ عدليه جو دروازو کڙڪائيندا آهن. تاج محمد ابڙي پنهنجي ججيءَ دوران فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. ڪنهن کان به مرعوب ٿي يا ڪنهن به لالچ ۾ اچي يا سفارش جو شڪار ٿي، بي انصافي نه ڪيائين، جيڪا مون کي ذاتي ڄاڻ آهي. هُو انهن سڀني ڳالهين کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو ۽ نه وري ڪنهن کي جرئت ئي ٿيندي هئي جو کيس ڪو آڇ ڪري سگهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن ساده لوح ڌر ڪنهن جي وڪڙ ۾ اچي پاڻ ڦرايو هجي. جج جي حيثيت ۾ مسٽر تاج محمد ابڙو ڌرين خواهه وڪيلن سان تمام سٺي نموني پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کي به شڪايت ڪانه هوندي هئي. هو سڀني کي غور ۽ صبر سان ٻڌندو هو. حقائق ۽ قانوني پوزيشن تي پوري غور بعد ئي فيصلو ڏيندو هو. عزت ۽ آبروءَ سان رٽائر ڪيائين، مگر پئسي جي معاملي ۾ ساڳيو ئي غريب رهيو. تاج محمد ابڙي عزت کي دنيا ۽ دولت مٿان ترجيح ڏني.
    معاشري ۾ مقام:
    اسان جو معاشرو ڪو سولو معاشرو ته نه آهي. هر قسم جا ماڻهو ان ۾ موجود آهن. اسان وٽ خوشامد، منافقي ۽ ڪوڙ عام جام رهيو آهي ۽ اڃا به ايتري نقصان باوجود اسين سکيا ڪونه آهيون. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. تاج محمد ابڙي جو واسطو هر طبقي سان پيو، مگر پاند نه پسايائين، ڪنهن کي نه رنجايائين، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائين. هر ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وٽس تهذيبي اخلاق جا انبار هئا. اٿڻ، ويهڻ جو طريقو ۽ گفتگو جو انداز ڪو هن کان سکي. ڪنهن کي برو ڀلو چوندي مون هن جي زبان مان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو. پنهنجي محدود وسائل باوجود هن مهمان نوازيءَ جا فرض خوب بجا آندا. جيڪڏهن سرمائيدار هجي ها ته سخاوت جو وڏو ڌاڪو ڄميس ها. مگر هن عوامي ۽ سچائيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ مناسب سمجهي.
    فقير راهه نشين است ودل غني دارد
    (دل جو غريب نه هو مگر غني هو.)
    ذهانت ۽ مطالعو:
    تاج محمد ابڙي جهڙا ذهين انسان مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏاڍا گهٽ ڏٺا آهن، مگر هن ۾ جيڪا ڪمي مون محسوس ڪئي، سا اها هئي جو هن پنهنجي گهري مطالعي ۽ ذهانت جو مظاهرو ۽ نمائش ڪانه ڪئي. سندس معلومات وسيع هئي. سندس ذهن تعميري هو ۽ سندس مطالعو سطحي نه هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ها ته ان کي پتو پوي ها ته تاج محمد ابڙو نه صرف پڙهيو هو، پر ڪڙهيو به هو. هن کي نه صرف ڪتابي علم هو، پر کيس زماني جو عملي تجربو به هو. هن زندگيءَ ۾ سرديون، گرميون ۽ لاها چاڙها سڀ ڏٺا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو راهه متعين ڪري سگهندو هو. پر منهنجي نظر ۾ هن جي روشن خياليءَ ۽ اعليٰ ذهانت مان ڪنهن گهٽ ئي فائدو ورتو. هن دؤر ۾ جڏهن هرڪو پاڻ کي ارسطو ۽ افلاطون کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهي، اتي ڪنهن کي سمجهائڻ، قبرستان ۾ آذان ڏيڻ جي برابر آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪنهن وٽ ايترا وسائل ۽ اهڙا طريقا هجن، جو پنهنجن خيالن جي مشهوري ڪرائي، پاڻ کي جڳ مشهور دانشور سڏائي. پر تاج محمد ابڙي وٽ اهي طريقا هئا ئي ڪونه. لاڙڪاڻي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو به روح روان هو. سندس علم ۽ عقل مان ڪنهن فائدو نه ورتو. هُو ته بيابان ۾ هڪ خوشبودار گُل هو، جنهن جي سڳنڌ جي سُڌ ٿورن کي نصيب ٿي هوندي.
    من مثل لالئه صحرا هستم
    سياست:
    اگرچه سياست سان سندس گهڻو واسطو هو، تاهم سياست جي افق تي گهڻو اُڀري نه سگهيو. جنهن انسان کي پنهنجا اصول ۽ اقدار پيارا آهن، ان جو گهڻو اسرڻ ڏکيو آهي. جتي سياست ۾ پئسي جي راند هجي، جتي سياست جو ٻيو نالو لالچ هجي، جتي سياست منافقي ۽ بي اصولي هجي، جتي سياست ۾ دلالي ۽ رشوت هجي، جتي سياست ۾ غنڊا گردي ۽ ڊڪٽيٽري هجي، اتي تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جي ضرورت ڪهڙي آهي!
    تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو زبردست حامي هو. اهو ئي سبب هو، جو هُو هاري ڪاميٽي ۾ ٻين ترقي پسند ٽولن ڏانهن گهلي ويو. اتي هن اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ باهمي ڪشيده ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، تاڪه پروگرام کي اڳتي وڌائي سگهجي، پر سندس بهترين ڪوششون به هن سلسلي ۾ ناڪام رهيون. لاڙڪاڻو ضلعو سياسي ليڊرن جي سرزمين رهي آهي، اتي مختلف خيالن جا مخالف سياستدان پئي رهيا آهن. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي وقت ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا هئا. خاص ڪري ڀٽو صاحب ته هڪ بين الاقوامي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. مسلم دنيا ۽ ٽينءَ دنيا جو مڃيل ليڊر هو، مگر ٽنهي سياستدانن جي باهمي رقابت ۽ ڪشمڪش جو به سڀني کي اندازو آهي. پر اها ڳالهه وڏي تعجب واري آهي، جو ٽنهي صاحبن سان تاج محمد ابڙي جا تمام گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا. شايد ڪو اڻ واقف ماڻهو ائين چوي ته تاج محمد ابڙو هڪڙي جي سامهون ٻئي جي گلا ڪري سرخرو ٿيندو هوندو ۽ فائدن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو. ائين چوڻ حقيقت کان دور ئي ٿيندو. لاڙڪاڻي جي انهن ليڊرن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي ته تاج محمد صاحب جا تعلقات سڀني ليڊرن سان هئا. سندس گفتگو ۾ اها مٺاڻ ۽ حقيقت هئي، جو تاج محمد ابڙي جي سچائي ۽ ذهني پختگيءَ کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪري پئي سگهيو. ان کان سواءِ هن ڪنهن کان به پرمٽ، پلاٽ، لائسنس ۽ فائدن جي گُهر ڪڏهن به ڪانه ڪئي، تنهنڪري سندس خلوص تي ڪوبه شڪ ڪري ڪونه پئي سگهيو. ڀٽو صاحب تنهنڪري مناسب سمجهيو ته اهڙي ديانتدار، اصول پرست ۽ اهليت رکندڙ شخص کي سيشن جج بڻايو وڃي، تنهنڪري هُو سيشن جج ٿيو.
    اها حقيقت ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب سان گهرا تعلقات هجڻ باوجود تاج محمد ابڙي 1965ع جي صدارتي انتخاب ۾ ايوب خان جي بجاءِ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي. مگر هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو هوندو هو. هُو سکڻي ڪُني وانگر ڪونه اڀامندو هو، مگر هن اندران ئي اندران هڪ ڊڪٽيٽر خلاف مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ان وقت وزير هجڻ جي حيثيت ۾ ايوب خان جي مدد ڪئي.
    بيماري ۽ وفات:
    تاج محمد صاحب جڏهن جج هو، تڏهن ناچاق رهندو هو. کيس دل جي تڪليف ۽ ذيابيطس جا مرض لاحق هوندا هئا. مون ڏٺو ته هُو کاڌي جي پرهيز به گهڻي ڪندو هو ۽ علاج جاري رهندو هوس، مگر انهن بيمارين کيس نه ڇڏيو. مون کي عجب ٿيندو هو ته پنهنجين بيمارين ۽ تڪليفن جو ذڪر گهڻو ڪونه ڪندو هو. ورنه ڪيترن ماڻهن جي اها طبيعت هوندي آهي، جو تڪليف ده ذڪر شروع ڪري ڏيندا آهن. تاج محمد صاحب وانگر بيمارين باوجود ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، مگر تاج محمد صاحب جي طبيعت ان جي برعڪس هئي، هر ڪنهن سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪري مغموم ڪرڻ نه پئي چاهيائين. نيٺ بيماري وڌندي وئي، ڦڪين ڪو فرق نه ڪيو، ڇوته حڪم الاهي ائين ڪونه هو.
    تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن
    تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
    تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪيو ان کي
    نيٺ قضا مٿان اچي بيٺي. ڪنهن به ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ڪونه پيو. آخرڪار 10 مارچ تي وڃي پنهنجي حقيقي خالق سان مليو. سنڌ هڪ دانشمند ۽ مهمان نواز دانشور انسان کان محروم ٿي وئي. ڪاش هن موت کي شل موت اچي، جو اهڙن عظيم انسانن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري. الله تعاليٰ جون مٿس بيشمار رحمتون هجن.

    (روزانه عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، تعميرِ سنڌ، عبرت)


    سنڌ جو خاموش خادم تاج محمد ابڙو تحرير: امان شيخ

    تاريخ پڙهڻ، ان منجهان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ لاڀ پرائڻ کي مان پنهنجي زندگيءَ جي مکيه مقصدن ۽ مرادن منجهان سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهندو آهيان، ڇوته حقيقي تاريخ کي انسان ذات جو هڪ محفوظ رڪارڊ سمجهندو آهيان، جنهن ۾ انسانيت جون چڱايون، ڀلايون، مندايون، ڪچايون، ڦڪايون ظاهر ظهور ملنديون آهن. ائين کڻي چئجي ته تاريخ انساني اوسر ۽ واڌاري جو رڪارڊ آهي. اهو رڪارڊ جيڪو انسان ذات جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جو رڪارڊ هجي، جيڪو انساني شعور، سمجهه ۽ سچائيءَ کي ماڻهپي ۽ محبت سان ڳانڍاپي ۾ رکي سگهي. انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ ۾ اٿل پٿل جو ڪاريگر ۽ ڪرشمه ساز پاڻ حضرت انسان جي ذات آهي ۽ اهڙا انسان ئي تاريخ ۾ ٻهڳڻ ۽ شاندار هستيون بڻجي رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي انسان تاريخ جي وهڪري ۾ اونها ۽ عميق هوندا آهن. اهي تاريخ جا خاموش، لائق ۽ وفادار سپوت ليکي سگهجن ٿا، جيڪي ماٺ ميٺ ۽ چپ چاپ ۾، بنان ڪنهن نالي وڌائڻ جي، انسان ذات، سو به پيڙهيل انسانن جي خدمت چاڪريءَ ۾ پاڻ لاءِ سُڪون ۽ پنهنجي سڦلتا سمجهندا هجن. اهڙا املهه ماڻڪ انسان گمناميءَ ۾ غائب ٿيل هجن، پر انهن کان سواءِ انسانيت جي تاريخ اڻ پوري چئي سگهجي ٿي.
    اهڙو هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو، جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ اچي ٿيندي هئي. لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ، انساني خوبين جو ڳٽڪو ۽ تاريخ ۾ خاموش ۽ وفادار سپوت لاڙڪاڻي جي ليکي ۾ نالو کڻبو ته امالڪ چئي سگهبو ته اهو سائين تاج محمد ابڙو هو.
    لاڙڪاڻي جي انهيءَ شام جي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ جي اوتاري تي مون شاعر، اديب، دانشور، سياستدان، قومي ڪارڪنن ۽ ڪامورن تائين سڀني کي گڏ ٿيندي ڏٺو، مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق.
    مان ته انهيءَ اوتاري کي پاڻ لاءِ هونئن به ڀاڳ وارو ليکيان ٿو، جتي مون نه رڳو سياسي ميدان ۾ پنهنجي ديس جي گرن گنجن ۽ اٻوجهه انسانن سان ڀائپيءَ جو درس سکيو، پر سموري انسان ذات سان محبت جو پيچ پائڻ پرايم. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ڪيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو جهڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا. اسان گهڻو ڪري قوم پرستيءَ جي رءُ تي، ته وري ڀٽو صاحب اقتدار وسيلي سڀني مونجهارن کي نبيرڻ جو طرفدار رهيو. بهرحال انهيءَ سموريءَ ڪايا پلٽ جو مرڪز سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق يا اوتارو هو، ڇوته سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتن ۽ انسانيت جي روشن پهلوئن جو امين هو ۽ انهيءَ روشن پهلو جو هڪ مکيه نقطو هو، هن وٽ محبت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو، جنهن هيترا سارا عظيم انسان هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا هئا، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته: ”تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا“.
    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، منهنجي جنم ڀومي، سياسي لحاظ کان سنڌ جي جفادري سياستدانن، معتبر وڏيرا شاهي ۽ ورهين کان قابض سياسي بازيگرن جو مرڪز رهيو آهي. ان ۾ سائين تاج محمد ابڙو هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو هو، جيڪو پنهنجي بنيادي نقطي تان ڦرڻ جو ويچار ڪري به نه پئي سگهيو. ان ڪري سائين تاج محمد ابڙو سنڌ جي روايتي جهلڪ جي آخري شام به هو ته هڪ اهڙي دؤر جو نمائندو به هو، جنهن جي ڀيڄ ڀني ٿيڻ جي ابتدا ٿي رهي هئي. ان ڪري تاريخ جي هن خاموش ۽ وفادار سپوت سان انصاف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ جي گود ۾ دائمي طور ستل اڏول انسان جي خوبين کي انسانيت جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ وارو سمو ايندو ۽ انهن انسانن ۾ سائين تاج محمد ابڙو مٿانهون ۽ مانائتو نظر ايندو.
    مان هينئر به لاڙڪاڻي جي شام جي آخري جهلڪ واري اوتاري، پنهنجي سياسي سکيا جي اوطاق وٽان لنگهندو آهيان، پر اکيون کڻي تڪڻ جي همٿ ساري نه سگهندو آهيان، ڇوته:
    ”هنڌ اهي ماڳ، جَت نه رهيا جُوءِ ۾“

    (روزانه ڪاوش، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، پڪار، آفتاب ۽ مهراڻ)


    هڪ امر انسان جي امر ڪهاڻي تحرير: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    اڄ بحرانن جي دؤر ۾ ويچاري انسان کي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪيو آهي، اها سندس ”نظرياتي بيهڪ“ آهي. اسان مان هرڪو صبح جو هڪ خيال جو آهي ته منجهند جو ٻي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿو. چيو ويندو آهي ته سانڊو گهڙيءَ پل ۾ رنگ بدلائي ٿو، ليڪن اڄ جو انسان نظرياتي حوالي سان ويٺي ويٺي الائي ڪيترا رنگ بدلائي وڃي ٿو! هيءَ ڳالهه اسان کي سياستدانن ۾ چٽيءَ طرح نظر ايندي. سياستدان جنهن پارٽيءَ ذريعي سياست جي ميدان ۾ ايندو، اها ڪپڙن بدلائڻ واريءَ ويرم کان به اڳ مٽائي، ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سياستدانن کي اڪثر ڪري ”ڍنڍ جا پکي“ به چيو ويندو آهي، جيڪي ڪڏهن هڪڙيءَ ڀر تي هوندا آهن ته ڪڏهن ٻيءَ ڪنڌيءَ تي هوندا آهن.
    هي نظرياتي خلفشار ڇو پيدا ٿيو آهي؟ ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ تيار ڇو نه آهي؟ انسان جو پنهنجي نظريي ۾ ايمان ڇو نه رهيو آهي؟ هي اسان جي دؤر جو اهم سوال آهي. جڏهن اڳواڻن جو اهو حشر وڃي رهيو آهي ته عام ماڻهوءَ جي نظرياتي بيهڪ ڪهڙي هوندي؟
    هن سوال جو هڪڙو ئي جواب آهي. اهو هيءُ ته عوام اڳيان ”آدرش“ جو تصور آهي ئي ڪونه. ماڻهن کي ڪو اهڙو مثال ئي نٿو ملي، جنهن کان متاثر ٿي هُو پنهنجي حياتي انهيءَ انسان وانگر گذارين.
    پر هن ۾ ڏوهه ڪنهن جو؟ ڇا سنڌ ڀلا انسان پيدا ڪونه ڪيا آهن، جن کي ”مثالي“ چئي سگهجي؟ نه، ائين ڪونه آهي. سنڌ ته هر دؤر ۾ اهڙا آدرشي انسان پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا، پر بد قسمتيءَ سان نه ته اسين انهن جا وارث ٿيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ نه وري وس وارن اسان کي انهن آدرشن جي حياتيءَ کان باخبر ڪيو.
    ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي اهميت ۽ نوعيت وارا ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ دنيا جهان جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مفڪرن وغيره بابت احوال ڪٺا ڪري شايع ڪيا وڃن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ادارو ڪونهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي سگهي ته هن ڌرتيءَ ڪهڙا ڪهڙا نه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن.
    جنهن قوم کي آدرش اکين ۾ نه هوندا آهن، اها قوم بي دڳي ٿي پوندي آهي. اها قوم اهڙي حال کي پهچندي آهي، جنهن کي اسين پهچي چڪا آهيون.
    هن وقت اسان اڳيان ”ڪامل شخصيت“، ”ڀلي انسان“ ۽ ”آدرشي ماڻهوءَ“ جو ڪوبه تصور ڪونهي، ان ڪري ڌارين آدرشن مان ڪنهن جي مُنڍي، ڪنهن جي زبان، ڪنهن جو دماغ ته ڪنهن جون اکيون کڻي اسين پاڻ کي ٺاهيون ٿا ۽ پوءِ حشر اهو ٿئي ٿو ته اسين ڪجهه به ٿي نٿا سگهون.
    سنڌ کي نظرياتي ڀونچال مان ڪڍڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسين نئين نسل اڳيان انهن انسانن کي مثال طور پيش ڪيون، جيڪي بي لوث ۽ پُرخلوص هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي وطن دوست به هئا ته عوام دوست به هئا، جن پنهنجيون حياتيون مثالي حيثيت ۾ گذاريون ۽ جن کي پڙهڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان اسين به مثالي، ڀلا ۽ آدرشي انسان ٿي سگهون ٿا. اسان جا هي انسان اهڙا آهن، جن جي جتيءَ ۾ پير پئجي سگهي ٿو، ڇوته هو اسان مان هئا، اسان لاءِ هئا ۽ اسان جا هئا. پوءِ هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته اسين کين پنهنجو نٿا ڪيون ۽ پنهنجو نٿا سمجهون.
    دنيا جهان جي ”وڏن انسانن“ تي نظر ڦيرائبي ته اهي هڪ يا وڌ ۾ وڌ زندگيِءَ جي ٻن شعبن ۾ سرگرم عمل نظر ايندا، ليڪن سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي وجود ۾ انجمن هئا ۽ جن هڪ ئي وقت تي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به انهن ۽ اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. مرحوم هڪ ئي وقت تي ماهرِ قانون، علم دوست، سياسي شعور جو ڌڻي ۽ سماجي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ هرهڪ شعبي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائين.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙيءَ مقبول شخصيت جو مالڪ هو، جو سندس وفات کان پوءِ کيس ڪيترن دوستن ياد ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ماڻهن به قلم کنيو آهي، جن کيس تمام ويجهو ڪونه ڏٺو هوندو. ڪنهن به شخصيت جي مقبوليت جي ان کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته کيس هن جهان ڇڏڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو هجن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي مون کان اڳ ڪيترن ئي قلم کنيو آهي، جن مان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ برڪت آزاد، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، هدايت منگي، امان شيخ، شرف صديقي، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، جي.ايم سيد، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، انور پيرزادي، ادل سومري، جسٽس نعيم الدين ۽ عنايت وارث جا نالا ذڪر لائق آهن.
    ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن انسانن جو ذڪر اسان جي نصابي ڪتابن ۾ هجي ها، پر نڌڻڪيءَ قوم جا اهڙا نصيب ڪٿي، جو ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پنهنجي آدرشن جا احوال پڙهي سگهن. پر هيءَ ڳالهه به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي ته ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ سندس مداح ۽ دوست مرحوم جي سوانح خواهه خدمتن تي ڪجهه نه ڪجهه لکندا اچن ٿا ۽ اهو اخبارن ۾ ڇپبو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ” تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽي“ کي اهي سمورا مضمون ميڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ گهرجن، پر شايد هن ڪاميٽيءَ لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿئي ته ڪهڙو فرد يا ادارو ان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪندو؟
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي مون ڪڏهن به روبرو ڏٺو ٻڌو نه، پر سنڌ جي تاريخ جي عاشق هئڻ جي ناتي سان مرحوم مون لاءِ اوپرو ڪونهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ سندس انهن ويجهن مان هڪ آهيان، جن ساڻس گڏ گذاريو هجي. جيڪڏهن مون کي سندس ڪا صحبت نصيب نه ٿي ته منهنجا بزرگ اديب ۽ شاعر ته ساڻس گڏ رهيا. محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ، مقبول ڀٽيءَ، اياز قادريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر سنديلي، شمشير الحيدريءَ ۽ نسيم کرل جيڪي ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن رهاڻين مان مون هن ريت رس ۽ چس ورتو، جو هنن مهربانن مان ڪنهن ته مون سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا حوال ڪيا هوندا. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ هري دلگير درياڻي هن وقت هتي ڪونه آهن، نه ته هُو به هن مرحوم ڪامريڊ بابت ڪيتريون ڳالهيون ٻڌائين ها، ڇوته اهي به سندس دوست رهيا.
    اديبن، شاعرن ۽ عالمن جون ڳالهيون نڪتيون آهن ته آءٌ اهو عرض ڪندو هلان ته اسان جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ”ترقي پسند ادب“ جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ هلي. نه فقط ايترو، پر ”سنڌي ادبي سنگت“ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي هن سنگت جو پهرين صف وارو ساٿي رهيو. ڪامريڊ ڪٿي به رهيو، هن علم ادب جي شمع کي ٻاري رکيو. لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، انيس انصاري ۽ خادم حسين شاهه سندس ادبي حلقي جا رتن رهيا. پاڻ جڏهن سکر ۾ رهيو ته شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ فتاح ملڪ ساڻس ادبي روح رهاڻيون ڪيون. جڏهن خيرپور ۾ رهيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سندس ساٿ ساٿي رهيو. ڪامريڊ جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ته محمد ابراهيم جويو، زيب عاقلي، رسول بخش پليجي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙا دانشور سندس اڱڻ تي ادبي محفلن مچائڻ وارن مان ٿي پيا.
    لاڙڪاڻي جي حوالي سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا ادبي ڪارناما کيس لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ هميشه جاودان ۽ زنده رکندا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ٺهرائڻ ۾ سندس جستجو ۽ لگن شامل رهي، ان کان اڳ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ”لطيف ڪانفرنس“ جو اهتمام ڪيائون ۽ ”لطيف دوستي“ جي جذبي تحت لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرايائون، جيڪا هن وقت حالتن ۽ حادثن جو شڪار ٿي چڪي آهي. نه لطيف جي وارثن جي هٿ هيٺ رهي آهي ۽ نه ڪنهن فعال ادبي تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هن ياد کي قائم رکڻ ۽ ڪارنامي کي باقي رکڻ جي تقاضا اها آهي ته لائبريري وري فعال ٿئي ۽ اهو ادارو اهڙن هٿن ۾ اچي، جيڪي شاهه لطيف لائبريريءَ کي سنڌ جي هڪ فعال ۽ مثالي لائبريري بڻائي سگهن، ته جيئن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انهن مقصدن ۽ منزلن کي ماڻي سگهجي، جن کي اڳيان رکي هن مرحوم اهڙي ڪوشش ڪئي.
    لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ٻيو اهم ڪم هيءُ ڪيو ته سندس ڪوششن سان سنڌي اردو اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي ويجهو آيا ۽ ”انجمن ترقي اردوءَ“ جي شاخ کلي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو علم دوست انسان هئڻ سان گڏ ترقي پسند شعور جو مالڪ پڻ هو. پڙهڻ واري زماني ۾ هن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ حصو ورتو. پاڪستان جڙڻ کان اڳ ئي هو ”انقلابي سياست“ جو قائل ۽ مبلغ بڻجي چڪو هو. شاگرد سياست کان وٺي مزدور سياست تائين، انهن جي هر تحريڪ ۾ مدد ڪيائين. هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون خدمتون نمايان طور نظر اينديون. ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي، هن مرحوم انهيءَ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو چوڻ آهي ته هن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تعاون سان ئي جيڪب آباد ۾ هاري تحريڪ جي شاخ کولائڻ ۾ پنهنجي سنگت جو ساٿ ڏنو هو. تاج محمد ابڙي جي دوست سياستدانن ۽ شاگرد سياستدانن جو حلقو تمام وسيع هو. چيو ويندو آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو هو، ته سندس ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي کيس ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ آڻي، سندس ڏيٺ وائٺ ڪرائي هئي، جتي نه فقط سياسي ڪچهريون ٿيون، پر اهڙين ڪچهرين ٻنهي کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ ٻئي هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ امان الله شيخ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽان سياست جا داؤ پيچ سکيا. مرحوم جي شاگرد سياستدانن جو تعداد گهڻو آهي، پر جيتري قدر سندس دوست سياستدانن جي حلقي جو تعلق آهي، ان لاءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جن سياستدانن سان گڏجي ڪم ڪيو، تن مان سائين جي.ايم سيد، ولي خان، ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، عطاءَ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حاڪم علي زرداري ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي بي.ڊي نظام ۾ ميمبر ٿيڻ کان وٺي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ تائين ۽ ون يونٽ ٽوڙڻ واريءَ تحريڪ کان ايوب شاهيءَ خلاف تحريڪ تائين پنهنجي دﺂر جي هر عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ ريت هُو پنهنجي زندگي قوم لاءِ ڪارائتي بڻائي ويو. هُو انهن آدرشن ۽ ڀلن انسانن مان هڪ هو، جن جي حياتي اسان لاءِ اتساهه جا انيڪ مثال ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پاڻ کي انهن انسانن جهڙو بڻائي، تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي سگهون ٿا.

    (روزانه هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، سنڌو، مهراڻ، سنڌ نيوز)


    لاڙڪاڻي جو هڪ عظيم اوطاقي ماڻهو : ولي رام ولڀ

    سنڌ سونهاري ڪيترن ئي حوالن سان هيري جهڙن ماڻهن جي کاڻ رهي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو سڀ کان وڌيڪ ڀاڳوند آهي. اهڙن هيرن ۾ مدبر، دانشور، اديب، سياستدان ۽ زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ملهه ماريندڙ ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به پنهنجي دﺂر جي اعليٰ پايي جي انسانن جي جهرمٽ ۾ لاڙڪاڻي جي روايتي اوطاق ذريعي ڪيترن ئي حلقن ۾ محبوب هو. سندس اوطاق تي هيٺئين سطح کان وٺي مٿئين سطح جي طبقي جا ماڻهو وٽس اوطاقي ٿيندا هئا، جن سان هو سماجي، سياسي، ادبي ۽ علمي موضوعن تي بحث ڪندو هو ۽ اهڙي طرح گفتگوءَ ذريعي ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ نظرياتي دڳ طئه ٿيندا هئا.
    لاڙڪاڻو هڪ عرصي کان وٺي وزيرن، وڪيلن، وڏيرن سان گڏ عام ماڻهن جو شهر پڻ رهيو آهي. اتان جو هر ماڻهو پنهنجي رويي مان سياست جي سُتي پيل لڳندو آهي، جنهن ۾ اوطاق ڪلچر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. گذريل صديءَ دوران، نواب حاجي امير علي لاهوري، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي فضل الله، عبدالفتاح ميمڻ، ميان غلام عباس قادري، فقير محمد انڙ ۽ تاج محمد ابڙي جون ڪچهريون مشهور هونديون هيون، جن ۾ تاج محمد ابڙي جي ڪچهري سڀ کان سرس ۽ سونئالي هوندي هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ مختلف قسمن، طبيعتن، مسلڪن، سماجي تنظيمن، مڪتبه فڪرن، سياسي پارٽين، رجعت پسندن، ترقي پسندن، سوشلسٽن، ادبي گروهن، زميندارن، هارين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي. هُو ساڻن سندن سطح مطابق ڪچهري ڪندو هو ۽ کين مانُ ڏيڻ سان گڏ چاهه ڀري چانهه به پياريندو هو. پر سندس مسلڪ ”ترقي پسندي“ هو، جنهن جو هُو پختو پرچارڪ هو.
    ابڙو صاحب پاڻ ليکڪ ته نه هو، پر هُو نوجوان ٽهيءَ کي اتساهي کين لکڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، سياستدان ۽ ڪارڪن شامل هئا، جن لاءِ سندس اوطاق بيشڪ هڪ ڪلاس روم مثل هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙيون شخصيتون سندس محبتن ۾ شامل هيون ۽ وٽس ٻيا به ڪيترا ئي برک ماڻهو اوطاقي ٿيندا هئا. افسوس جو نئين صديءَ ۾ سنڌ جو اهو ”اوطاقي ادارو“ پنهنجو وقت پورو ڪري کڄي ويو ۽ هاڻي نڪا اوطاق، نه اوطاقي ۽ نه وري ٿري اصطلاح ۾ اوتارا.
    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا
    (شاهه ڀٽائي)
    محمد ابراهيم جويي جي سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ (2004ع) ۾ پروفيسر اياز قادري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وٽس لائبريريءَ ۾ ڪافي سارا ڪتاب ڪٺا ٿيل هئا، جن ۾ بايوگرافي ۽ تاريخ بابت ڪافي ڪتاب هئا. هو انگريزي هفتيوار رسالي ‘Time’ (ٽائيم) جو هڪ عرصي کان خريدار هو، جن جا ٻڌل جلد سندس لائبريري جي زينت آهن.“
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس دل گهريو دوست هو. هُو وٽس به هليو ويندو هو ۽ بنا حجاب کيس پاڻ وٽ به گهرائيندو هو. انهيءَ دوستيءَ جي رشتي هن کيس ايوبي دﺂر جو بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) جو ميمبر ۽ پوءِ چيئرمين بڻايو. ادب سان دلچسپيءَ سبب هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن ۾ قلم قبيلي وارن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو، جن ۾ حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا.
    1972ع ۾ شهيد ڀٽي جي چوڻ تي تاج محمد ابڙو سيشن جج مقرر ٿيو، پر پوءِ به سندس معمول ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. 1985ع ۾ رٽائر ڪيائين ۽ 1986ع ۾ دل جي دﺂري سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ٿيس. سندس اکيون ٻوٽجڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جا دﺂر به ٻوٽجي ويا.
    هو بيشڪ لکاري نه هو، پر لکارين جي لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ هو، بلڪه ائين چئجي ته هو اديب ساز شخصيت هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته: ”.... هن سنڌي ادب تخليق ته نه ڪيو، پر پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان سنڌي ادبي سنگت وسيلي ادب ۾ جديد لاڙن جي جاڳرتا پيدا ڪئي. کيس سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار سڏجي ته بهتر ٿيندو. هن ڪڏهن به پنهنجي نالي ڪڍرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، پر خاموشيءَ سان جديد ادب کي رواج ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.“
    انيس انصاريءَ سندس خاڪي ۾ ڄاڻايو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو پنهنجي شخصي ڊائري به لکندو رهندو هو. سندس ڊائريون 1946ع کان 1986ع تائين يعني 40 سالن تي مشتمل هيون، جيڪي سندس ڪٽنب وٽ رکيل آهن.“ منهنجي سندس ڪٽنب وارن کي گذارش آهي ته اهي ڊائريون ايڊٽ ڪري ڇپرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن عمومي طور سنڌ جو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو منظر نامو، منظرِ عام تي اچي سگهي. اهي ڊائريون يقينًا تاريخ جي ٽٽل ڪڙين کي جوڙڻ ۾ مدد ڪنديون.
    انيس انصاري مذڪوره مضمون ۾ تاج محمد ابڙي طرفان سندس اولاد کي وصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”.... سندس دوستن کي ڪا تڪليف نه ملڻ گهرجي، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن منجهيل مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا. انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ۽ سندن اولاد سان تعلق پڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندا. کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا.“
    انهيءَ مان لڳي ٿو ته پنهنجي عزتِ نفس کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجن دوستن کي ڪا تڪليف نه ڏيڻ لاءِ ڪيڏو نه تاڪيد ڪيو اٿس، ته جيئن سندس اولاد پنهنجن پيرن تي خود اعتماديءَ سان بيهي، اڏول بڻجي ۽ پنهنجي والد جي روايت کي قائم رکي.
    مذڪوره ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ ۾ شامل ٻه مضمون اهڙا آهن، جيڪي سندس شخصيت جي اهڙن پهلوئن تان پردو کڻن ٿا، جن مان سندس اعليٰ ظرف، مٿڀري رتبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ڪامريڊ هئڻ جو ڏس ملي ٿو. شيخ اياز پنهنجي لکيل مضمون ”صاف گو ۽ صاف دل انسان“ ۾ سندس ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو مانُ رکيو آهي ۽ ٻيو آهي حميد سنڌيءَ جو لکيل ”سنڌ جو املهه ماڻهو“، جنهن ۾ هن سندس ذاتي ايماندارانه زندگي ۽ ساک قائم ڪرڻ ۾ سچائي، سربستائي، بي غرضائي، ايمانداري، راست بازي، سڦتيائي، اصليت، نرملتا ۽ سٺائي جهڙا جزا بيان ڪيا آهن.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دوستن جو دوست، سياست سان لڳاءُ رکندڙ، اديبن جو يار، ترقي پسند نظريي جو پڪو پوئلڳ، رک رکاءُ وارو، سنڌ جي ثقافت جو مجسمو ۽ قدامت ۽ روايتن کي مانُ ڏيندڙ، انصاف پسند ۽ انصاف ڪندڙ منصف هئڻ سان گڏ هڪ مخلص ماڻهو هو. اهڙو شخص، جنهن ۾ ايتريون ساريون خوبيون هجن ۽ پاءُ صدي اڳ هن جهان کي ڇڏي، پنهنجن پرستارن جي دلين ۾ دائمي جاءِ ڇڏي وڃي ته يقينًا اهڙين خوبين واري شخص لاءِ هن دﺂر ۾ اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙو شخص به هن خطي ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ گذاري ويو.
    هاڻي سندس ڳالهيون ڪندڙ دوست، سندس گهر ڀاتي ۽ سائين ابراهيم جويي جو سلهاڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ اسان وٽ رهجي ويا آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ههڙا ماڻهو به هن ڌرتيءَ کي دان ۾ مليا هئا، جن جي صدقي هن ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون آهي.

    (روزانه ڪاوش، آچر 17 اپريل 2011ع)


    آئيڊيل شخص – ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (86-1924ع) : تاج بلوچ

    سنڌ اهو عظيم خطو آهي، جيڪا وڏن وڏن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي. اهڙن ماڻهن، سنڌ جي هر طرح سان آبياري ڪري، ان تان جند گهوري ۽ سنڌين جي سماجي، اقتصادي ۽ فڪري مٿڀرائي لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪئي. ڪامريڊ تاج ابڙي جو نالو به انهن عظيم اڳواڻن ۾ شامل آهي، جن هڙان وڙان پنهنجي قوم ۽ خطي جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو.
    منهنجي ئي تر جو (چيچڙو پنو عاقل) عظيم انسان ۽ بي مثال راڳي فقير ڀڳت ڪنور رام، سکر ضلعي جو هيمون ڪالاڻي، پني عاقل جي مائي پار پتي، مهراج سيتل داس ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪردار آهن، جن پٺتي پيل علائقي جي بي خبر ماڻهن جي موڳي جيون لاءِ پنهنجو رت ست ڏئي ڪنهن متڀيد کان سواءِ ماڻهپي جو مانُ مٿانهون ڪيو. پنهنجي ئي گهر جي وڏڙن مان بابا سائين مرحوم عبدالقادر خان بُلو، جنهن سِر تري تي رکي مولانا عبيدالله سنڌي کي ظالم سامراج جي جبر کان آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل هندوستان جي بارڊر تان افغانستان منتقل ڪيو، بابا سائين وڏو سردار محمد مراد خان بُلو (اول)، ادو مرحوم سردار محمد حسن خان بُلو، جنهن جا راڄوڻي فيصلا سڄي اتر سنڌ ۾ مشهور ۽ مثال طور پيش ڪيا وڃن ٿا. مرحوم سؤٽ خاوند بخش خان بُلو، جنهن جي سماجي خدمتن جو پڙاڏو مون سنڌي اديبن جي وفد سان لکنؤ ۾ اتان جي گرو چانڊو رام جي واتان ٻُڌو. انهن ماڻهن جهالت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيل ماڻهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪٻئي جا واهرو بڻجي بيٺا.
    اسان جي رهبرن مان شهيد الله بخش سومرو، قاضي فيض محمد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر کوکر، سائين جي.ايم سيد، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مرحوم غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، قادر بخش نظاماڻي، جهان خان کوسو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مرحوم قادر بخش بڪڪ، مرحوم نبي بخش کوسو ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي نامور ۽ گمنام شخص آهن، جن اونداهين جو سينو چير ڪري معاشري کي هڪ نئون موڙ ڏنو.
    ڏُک اٿم ته مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب سان روبرو ملاقات نه ٿي سگهي، پر هاري حقدار پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ هڪ معمولي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي، ڪامريڊ جي فڪري ۽ عملي خدمتن ۽ سندس ذات جي رهنمائي کان مون وڏي رهنمائي حاصل ڪئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ياترا کان پوءِ سنڌ ۾ هاري پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ سانباها ٿيڻ لڳا. تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي حڪمت عملي، سياسي بصيرت ۽ نفسياتي ڪيفيتن جو ادراڪ رکندي اختلافن کي جَهڪو ڪيو ۽ گهڻو گهڻو اڳ کان سٽيل سامراجي سازشن موجب، سوويت يونين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان گهڻو اڳ ملڪ ۾ پارٽي کي ٽڪرن ٿيڻ کان بچائي ورتو. مرحوم تاج صاحب هڪ برجستو، ڏاهو ۽ زيرڪ سياسي ڪارڪن هو. مارڪسزم جي مطالعي ۽ لينن ازم جي تشريحن هن جي ذات کي هڪ مارڪسوادي طور انجمن جو روپ ڏنو ۽ هن پنهنجي فڪري طاقت سان سنڌ ۾ قوم پرست ترقي پسندي کي وڏو زور وٺرايو ۽ رجعت پسنديءَ کي ڌڪي ڌوڙ داخل ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين بزرگن جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف زبردست سياسي مزاحمت نه هجي ها ته هوند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي وجود ۾ نه آڻي ها، ڇاڪاڻ ته گرائونڊ ورڪ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قوم پرست اڳواڻن اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو کٽيو ڀُٽي صاحب کاڌو.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اجتماعي شعور جو هڪ ٻرندڙ شعلو هو، جنهن جي روشني پارٽي ڪارڪنن سميت عام ماڻهن جي شخصي ڀلائي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿي. ان ڏس ۾ اسان جي هڪ دوست بدر ابڙي جي بس وارو واقعو آهي، جيڪا هن هڪ ’ڊان‘ ٽائيپ دائود پٺاڻ کان قسطن تي حاصل ڪئي هئي. قسطون پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ دائود پٺاڻ اها بس زوري ڪاهي هليو ويو هو. مرحوم تاج ابڙي اها بس جهڙي ريت موٽرائي، اهو هن دﺂر ۾ کڻي معمولي واقعو چئجي، پر اڄ کان 40 سال اڳ اهو هڪ ڪارنامو هو، سماجي خدمت ۾ وڏو ڪارنامو!
    تاج صاحب جي زندگي بهادري ۽ ڏاهپ جو خوبصورت سنگم هئي. سڄي سنڌ ۾ سياسي ۽ دانشور حلقن ۾ بي انتها مقبوليت ۽ شهرت باوجود هن ڪڏهن به ليڊر ٿيڻ جو تصور نه ڪيو، پر هڪ عام سياسي دانشور ۽ ڪارڪن جيان خدمت ڪندو رهيو. نه رڳو انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو واهرو ۽ ڀرجهلو ٿي رهيو، پر هن ذهني طور اپاهج ماڻهن جي به تربيت ڪئي ۽ هڪ شعوري هلچل جو بنياد وڌو. پروفيشنلي وڏو وڪيل هوندي به هن غريب عوام جي سپنن جي ساڀيان لاءِ گهڻو پتوڙيو.
    اسان جي بزرگ دوستن مان مرحوم شيخ اياز جي شخصي ڪردار بابت ڪڏهن به سٺي راءِ آڏو نه آئي آهي. بزرگ ته ڇڏيو، هلندڙ دﺂر ۾ نوجوان ساٿين کي به شيخ صاحب مرحوم لاءِ نرم گوشو پيدا ٿي نه سگهيو آهي.
    شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ مرحوم تاج ابڙو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر جي حيثيت ۾ کانئس سکر کان لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موٽر ڪار گهرڻ بابت جيڪو قصو منسوب ڪيو آهي، ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ان دﺂر ۾ يا اڄوڪي دﺂر ۾ هڪ بلند مرتبت ادارو آهي، جنهن کي اڄ جيان ڪالهه به وڏيون سهولتون ۽ مراعات حاصل هيون. تاج صاحب مرحوم پاران شيخ اياز کان گاڏي گهرڻ هڪ مفروضو آهي. بعد ۾ شيخ اياز کي ڊينٽ پيل ڪار جي واپسي وارو مسئلو به اعتبار جوڳو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ابڙي جهڙو حساس، ايماندار ۽ ٻئي جو خيال رکندڙ ماڻهو ائين ڪيئن به ڪري سگهيو. سمورو قصو غير منطقي ۽ پاڻ کي پڏائڻ واري ڳالهه آهي.
    اسين يا اسان کان اڳ واري ادبي ۽ سياسي لڏي هميشه تاج صاحب کي سچائي، ايمانداري ۽ شعوري هلچل جو علمبردار ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. تضادن کان آجو، همدرد ۽ هرهڪ جو اونو رکندڙ، سنڌ جي ايندڙ پيڙهين لاءِ مشعلِ راهه بڻيو. باوقار، بُردبار ۽ سهپ وارو انسان، ڏاڍو سچار.
    ڪوڙي سماج جي ڪوڙن ڪردارن تي ڪاوڙ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن نامعقول ڳالهه تي رنجش ڪامريڊ ابڙي جو وڙ ئي نه هو.
    مرحوم شيخ اياز هڪ وڪيل هو. اسين ۽ اسان جا مٽ مائٽ مختلف راڄوڻن معاملن ۾ سندس اصيل رهي چڪا آهيون ۽ آءٌ ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن جو پروفيشنلي سول ججن سان به هيٺانهين (خوشامد) وارو رويو هوندو هو. اهو ڪٿي ممڪن آهي ته هُو سيشن جج، سو به تاج ابڙي جهڙي مهربان ۽ شفيق سان کهرو ٿي ڳالهائڻ جي همٿ رکندو هجي!!
    شيخ اياز بابت سنڌ ۽ هند کي خبر آهي ته هو ڪنهن کي سکڻي چانهه جي به صلاح نه هڻندو هو. ڪمال آهي جو هن پنهنجي ڪٿا ۾ جمال ابڙي ۽ تاج ابڙي جي مانَ ۾ رات جي ماني جهلي. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي موران وسهڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ دعوت کان پوءِ ڪامريڊ تاج صاحب جي موڪلائڻ وقت وارا جملا غير معقول، غير منطقي ۽ شيخ اياز جي خواهش ته ٿي سگهن ٿا، پر ان ۾ تِر جيتري به حقيقت ناهي.
    لفظ ’ٽرڙائپ‘ ڏاڍو ڏکوئيندڙ لفظ آهي، سو به ڪامريڊ تاج جهڙي فرد لاءِ، جيڪو خلوص، وفا ۽ محبتن جو سرچشمو هو. پرائي درد تي ڦٿڪي پوڻ وارو شخص ڪامريڊ تاج اهڙين ياوا گوين کان ڏاڍو مٿانهون هو.
    سنڌ ۾ مئل ماڻهن تي ڪوڙ هڻڻ تي مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي جو ڪو ثاني ئي نه هو. پر ان جي وفات کان پوءِ مرحوم غلام رباني آگري ۽ مرحوم شيخ اياز سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
    مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب لاءِ اسان جو محترم استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمي ماهر (تاج ابڙي جو ويجهو دوست) مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري صاحب چوندو هو: ”تاج محمد ابڙو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پُر زور اسرار تي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ نوڪري واري دﺂر ۾ هن جي وضع قطع، مزاج ۽ طبيعت ۾ نوڪري کان اڳ واري مريادا موجود هئي. خلق جي خدمت جو جذبو اڳ کان به اڳرو هو. هن جي ذات ۾ نرمي ۽ گدازيت سيشن ججيءَ جي عهدي کان به وڌيڪ هئي.“
    هن سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي پُر عزم ارادن، جذبي، مطالعي ۽ بي باڪ طبيعت سان ترقي پسند ادب ۽ عوامي سياست لاءِ ڪيئي دلچسپيون پيدا ڪيون ۽ سنڌ جي بي پناهه خدمت ڪئي.
    لاهيان جي نه چِتان، الا اُن مَ وِسران
    مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جِن سين
    (شاهه)
    ڏهين مارچ ڪامريڊ جي وفات جو ڏينهن آهي ۽ هي ٻه چار سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪري رهيو آهيان.
    سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين
    تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين

    (شاهه)

    (ماهوار سوجھرو مارچ 2010ع تان ورتل)


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ياد ۾ : شوڪت حسين شورو

    تاج محمد ابڙو استاد، صحافي، سياستدان، سوشلسٽ، وڪيل ۽ جج هجڻ سان گڏ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ يار ويس شخص هو. سندس جنم 8 آگسٽ 1924ع تي تعلقي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن 62 سال جي عمر ۾ 10 مارچ 1986ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي 1947ع ڌاري ايل ايل بي پاس ڪري لاڙڪاڻي ۾ شمس الدين ابڙي وڪيل جو پارٽنر ٿي وڪالت شروع ڪئي. کيس سياست سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. هو سوشلزم، ڪميونزم جو نظريو رکندڙ هو، ان ڪري هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل پيل طبقي هارين جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي شروعات ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري چڪا هئا. تاج محمد ابڙي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي هارين کي سندن حقن ڏيارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جا گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. کيس 1972ع ۾ ائڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو ۽ 1978ع ۾ کيس ترقي ڏيئي سيشن جج بنايو. جج بنجڻ کان پوءِ پنهنجي سياسي ۽ ادبي سنگت ساٿ سان ڪچهريون قائم رکندو آيو. هن کي ادب سان بيحد چاهه هو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي ۽ ان جي طرفان 1965ع ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ورسي شاندار نموني ملهائي وئي. هن جا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سان دوستاڻا ناتا هئا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، انيس انصاري وغيره شامل آهن. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ذاتي لائبريريءَ ۾ ادب کان وٺي علم جي هر شاخ تي ڪتاب موجود هئا. اها شاندار لائبريري سندس پونئيرن سنڌ الاجي کي عطئي طور ڏني. جتي سنڌ الاهي لائبريريءَ ۾ ’تاج محمد ابڙو ڪارنر‘ قائم ٿيل آهي.

    (روزانه ڪاوش 10 مارچ 2011)


    تاريخ جي روشن راهه ــ تاج محمد ابڙو : عبدالقادر جوڻيجو

    هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي چڱائي جي وقف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءُ تي هڻي ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خود عرضين جي گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي روشنين جا لامارا ڏيڻ جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾ نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي اهائي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي.
    ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾ تاج محمد ابڙو سرفهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو.
    مون کي اها به خوشي آهي ته سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي.

    (روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار،)


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ساڃاهوند ساربان : منظور ڪوهيار

    لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات 1838ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو.
    انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو.1947ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن.

    1965ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو.
    اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام

    جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا.
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو.
    مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره.
    ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي.
    ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي.

    صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. 1970ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي1971ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي.
    خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگـﺆ چل پيڇـﺆ چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو.
    پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟
    جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دوران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.
    مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي.

    تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو.
    1972ع جي دوران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم:
    ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘
    ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو.
    1979ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو.
    هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛
    ”هاڻي چئو.“
    مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“
    ”مثلن؟“
    ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“
    ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“
    ”ڇا چيو؟“
    ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“
    مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“.
    ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون،اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“
    مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس:
    ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“
    ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ،ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي،ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“
    ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو.
    ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو.
    ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو:
    ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“
    مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي.
    ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو.
    ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن.
    8 آگسٽ 1924ع ۾، هي شهدادڪوٽ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي 10 مارچ 1986ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي.

    (منظور ڪوهيار جي سوانحي خاڪن جي ڪتاب ’ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر‘ تان ورتل)


    سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: محمد علي پٺاڻ

    اي سنڌو! توکي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ ڦـڙا، ڪنهن ماڪ ڦــڙا
    جن توکي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا
    شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
    مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن.
    سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم 8 آگسٽ 1924ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي.
    1947ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون.
    وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“
    پاڻ جڏهن 1972ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون.
    اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا.
    وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي.
    تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.
    لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو.
    ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ” تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“
    تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا.
    تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي.

    (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)


    سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: محمد علي پٺاڻ

    اي سنڌو! توکي ڀـيٽ ڏنا، ڪنهن لـڙڪ ڦـڙا، ڪنهن ماڪ ڦــڙا
    جن توکي پنهنجو خون ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا
    شيخ اياز جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ اسين جڏهن سنڌ جي آجپي لاءِ بيشمار تاريخ ساز شخصيتن کي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي، سندن ڪيل جدوجهدن جي حوالي سان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن مايوسيءَ ۽ نااميديءَ بدران همٿ ۽ حوصلي جا سُتل جذبا ڄڻ ته نئين سر جاڳي پوندا آهن ۽ نئين سر پنهنجي وڃايل منزل جي پيچرن تي سفر جي سانباهي جو اتساهه ڪر موڙي اٿي پوندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي سوچ جون سڀئي واڳون ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
    مرحوم تاج محمد ابڙي جي شخصيت به اهڙن ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان هڪ هئي، جنهن پنهنجي سموري عمر ڏکويل ماڻهن جي اهنج گهٽائڻ لاءِ ادبي، سياسي، صحافتي ۽ قانوني مورچن تي ثابت قدميءَ سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ ان ڊگهي ويڙهه ۾ سرت ۽ سجاڳيءَ جي لاٽ جيڪا هو پنهنجي وک وک تي ٻاريندو آيو، تنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چانڊاڻ پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ان چانڊاڻ ۾ نه رڳو ڏاڍايون ڪندڙ قوتن جا ڪوڙهيل چهرا ڏينهون ڏينهن پوءِ وڌيڪ چٽا پسجي رهيا آهن، پر مظلومن کي به پنهنجي مظلوميت جا ڳجها اسرار آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي رهيا آهن ۽ هو انفرادي توڙي قومي طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري عمل جي پيشقدميءَ ۾ اڳرا نظر اچي رهيا آهن.
    سنڌ جي هن باڪمال هستيءَ جو جنم 8 آگسٽ 1924ع ۾ شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي ۾. ان کان پوءِ وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچيءَ جي ياترا ڪرڻي پئي.
    1947ع ۾ هن قانوندان جي حيثيت سان بي پهچ ۽ بي وس ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ پير ڌريو ۽ عوام دوست سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙي ڪنڊائين راهه تي هلڻ شروع ڪيو، جنهن جي آخري موڙ تائين هن کي ڪو سک ۽ شانتي ته پلئه ڪانه پئي، پر ٻين هزارين ۽ لکين ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ جون راهون ضرور ظاهر ٿيون.
    وڪالت کان اڳ تاج محمد ابڙي ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، جن ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ريڊيو پاڪستان تي به نيوز ڪاسٽر جي حوالي سان هن چڱو نالو ڪمايو هو. ان باري ۾ هن جو هڪ ويجهو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار محترم انيس انصاري لکي ٿو ته: ”سندس خبرون پڙهڻ جو انداز وڻندڙ ۽ اثر انگيز هوندو هو. خبرن جي مناسبت ۾ لچڪ پيدا ڪري، هو ٻڌندڙ جي دل تي خبر جي ڇاپ ڇاپي ڇڏيندو هو.“
    پاڻ جڏهن 1972ع ۾ سيشن جج مقرر ٿيا ته عدليه ۾ به پنهنجي مخصوص مزاج ۽ انداز جي گهري ڇاپ ڇڏيائون.
    اها سندن وڏي جرئت ۽ بيباڪي هئي، جو عدليه سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود هو پنهنجي سياسي ۽ ادبي دوستن جي حلقي ۾ سدائين موجود رهندا هئا ۽ انهن سان وابستگيون به ساڳئي نموني سان ئي روا رکيون ايندا هئا.
    وڏيرڪي سرشتي هيٺ پيڙجندڙ هارين جي نجات لاءِ سنڌ جي دلير ۽ جرئتمند هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ملين ۽ پاڻ ان ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ عوامي هلچل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. سرڪاري نوڪري سندن سوچ آڏو ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي.
    تاج محمد ابڙو گوناگون شخصيت جو مالڪ هو. نه صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ۽ علم دوستيءَ جي شعور جي ورڇ ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پر سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن واري سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به سندن عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.
    لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي هر هفتي سنڌي ادبي سنگت جا ميڙ ٿيندا هئا. سندس دسترخوان سدائين دوستن يارن لاءِ کليل رهندو هو، جتي پاڪستان جون سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون اچي قيام پذير ٿينديون هيون، ائين جيئن اڄڪلهه ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي اوطاق تي آهي. تاج محمد ابڙي وٽ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. هو عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. قربائتو اهڙو هوندو هو، جو هڪڙو ڀيرو ڪو ساڻن ملندو هو ته هميشه لاءِ سندن قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي ويندو هو.
    ابڙي مرحوم جي ويجهن دوستن کان معلوم ٿيو آهي ته سهپ، رواداري ۽ بُردباريءَ جو هو زنده مثال هوندو هو. وڏي کان وڏيءَ ڳالهه کي به پنهنجي بُردباريءَ سان حل ڪري ويندو هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪڏهن به سندن ويجهو نه آيا. سندن ملڻ جي اهڙي قربائتي انداز بابت محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ” تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو.“
    تاج محمد ابڙي جي شخصيت جو اهو جادوئي اثر هو، جنهن جي ڪري سدائين هن وٽ ميڙو متل هوندو هو. سندس دوستن جي تمام ڊگهي فهرست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، انيس انصاري، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، عبدالحميد ابڙو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ فيلسوف هن جي صحبت مان ذهني آسودگي ماڻيندا هئا.
    تاج محمد ابڙو اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هُو پنهنجي انسان دوست روين جي ڪري اسان لاءِ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ٻاريل سرت ۽ سجاڳيءَ واري لاٽ ڪڏهن به نه اُجهامندي.

    (روزانه عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو)


    قومي سياستدانن، دانشورن ۽ ليکڪن جي نظر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: هدايت منگي

    اٺين آگسٽ 1994ع تي سنڌ جي هڪ سدا حيات شخصيت محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (مرحوم) جي 69 هين سالگرهه آهي. هو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ادبي، سماجي ۽ عدالتي خدمتن جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته انهن حلقن سان سندس وابستگي سڄي حياتيءَ دوران رهي. سندس زندگي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي امان الله شيخ تائين سنڌ جا سمورا آدرشي انسان سندس رهائشگاهه (اوطاق) تي ميڙا لڳايو ويٺل نظر ايندا هئا ۽ انهن ميڙاڪن ۾ سنڌي سماج جي ڪنهن بنهه معمولي سرگرمي کان وٺي آفاقي، انساني، سياسي قدرن، انقلابن، تبديلين ۽ سرگرمين بابت انتهائي سنجيده بحث مباحثا ٿيندا هئا، جن کي لاڙڪاڻي ۾ ههڙين سرگرمين جي حوالي سان انتهائي وڏي اهميت حاصل هئي. انهن سرگرمين ۽ بحث مباحثن جي محرڪ، هن سنڌ جي منفرد شخص بابت سنڌ جي قومي سياستدانن، آزادي جي ويڙهاڪن، دانشورن ۽ ليکڪن مختلف وقتن تي جيڪي تاثرات لکيا آهن، تن جا ٿورڙا ٽڪر هن موقعي تي اختصار سان پيش ڪجن ٿا.
    جي.ايم سيد:
    ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس.
    ڪامريڊ ڄام ساقي:
    سائين تاج محمد ابڙي کي اڃا تائين نه مرحوم لکڻ جي همٿ اٿم ۽ نه ئي سائين کي ڪڏهن تاج محمد سڏيم. اسين گهڻو جونيئر هوندي به سائين کي ”سائين تاج“ ئي سڏيندا هئاسين. سائين سنڌي ادبي سنگت هجي يا هاري ڪاميٽي، شاگردن جي سرگرمي هجي يا سنئين سڌي انقلابي هلچل، اسان کي هميشه ۽ هر طرح همٿائيندو رهيو. دنيا جي تازي ۾ تازي انقلابي ۽ سياسي لٽريچر هٿ ڪرڻ، پڙهڻ ۽ نوجوان دوستن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين رڌل هوندو هو. جهڙو هو صورت ۾ سهڻو ۽ سيرت ۾ صادق، اهڙو ئي محبت ۽ مڻيا وارو مانجهي مڙس هو.
    تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته هن مزدورن جي يونينن کي منظم ڪرڻ ۾ لاڙڪاڻي ليول تائين ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سنڌ سطح تي ڪوششون به ڪيون ۽ هميشه وس آهر مدد به ڪئي.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:
    تاج محمد ابڙو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هن وٽ سياسي ليڊر، روپوش سياسي ڪارڪن، هاري، مزدور، شاگرد، ڪارڪن ۽ اديب ايندڙ ويندڙ هئا. سندس تعلق ان وقت جي سمورين سياسي شخصيتن – محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، جي.ايم سيد ۽ اڀرندڙ شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو سان به هو. هاري ۽ مزدور تحريڪن سان تاج محمد ابڙي جو گهرو لاڳاپو هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين ۽ ٻيا ڪيترا ئي هاري ورڪر هن وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. تاج محمد ابڙو ڏاڍو پڙهيل ۽ ادبي تنظيم جو منتظم هو. ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد جيڪي سياسي سرگرميون رهيون، تن ۾ به تاج محمد ابڙو خاصو رول ادا ڪندو رهيو. سياسي ۽ ادبي ڪتابن جو تاج محمد شوقين هيو ۽ پوءِ حقيقت ۾ تاج محمد ابڙي ئي بحيثيت خود لاڙڪاڻي واري سنڌي ادبي سنگت به قائم ڪري ورتي.
    ذوالفقار علي ڀٽي سان تاج محمد جو خاصو Equation (ويجهائي) هئي.
    مان تقريباََ پنج سال 1959ع کان مارچ 1964ع تائين نظربنديءَ ۾ گذاريا. مون تان نظربندي جي پابندي ختم ٿي. ان ۾ به وڏو ڪردار تاج محمد ابڙي جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي چئي اها پابندي هٽرائي.
    تاج محمد جي موت کان چند ڪلاڪ اڳ جناح اسپتال ۾ جڏهن مون ساڻس ملاقات ڪئي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته مون کي همٿائيندو رهيو، بجاءِ ان جي جو مون کي ڪو موقعو ڏئي ته ڪا کيس تسلي ڏيان. 10 مارچ 1986ع تي تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو.
    تنوير عباسي:
    تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. هن سان پهريون دفعو ملاقات 1956ع ۾ ٿي.
    ون يونٽ جو اونداهو دؤر هو. ادب ذريعي انقلاب جي ان تحريڪ جي روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو.
    اسان سنڌي ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ رکي ۽ تاج محمد ابڙي ميزبان ٿيڻ قبوليو. سڀني تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي گڏ ٿي فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ادبي سنگتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري سنڌ سنگت ٺاهجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهو روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دﺂر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جر جر، جرڪائي ڇڏيائين. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
    نواب نبي بخش خان ڀٽو:
    تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
    جن شخصيتن مون کي متاثر ڪيو ۽ انهن کي وساري نه سگهيو آهيان، اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ تاج محمد ابڙو مرحوم به هو. تاج محمد ابڙي مرحوم لاڙڪاڻي ۾ ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم ڪيو. سندس شمار اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن اديبن کي ميدان تي آندو ۽ جديد سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ بنيادي ڪم ڪيو.
    لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جنهن جي بانين ۾ تاج محمد ابڙي مرحوم، جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. پهريون محرڪ ان جو تاج محمد ابڙو مرحوم هو.
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر:
    لاڙڪاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻيون بيشمار شخصيتون پيدا ڪيون. تاج محمد ابڙو من کي موهيندڙ شخصيت هو. تاج محمد ابڙو ڪير سڏائي! سندس سونهن، سوڀيا ۽ هر دلعزيزي ڪڏهن ڪانه وسرندي. منهنجي مرحوم سان پراڻي نيازمندي هئي. مرحوم منهنجو هاري ڪميٽيءَ کان وٺي دوست هو. سندس ٽڪر منهنجي پيٽ ۾ آهن. سندس قرب ڪڏهن ڪونه وساربا. لاڙڪاڻي جا اڪابر ’ابڙا‘، جن مان مون کي سرهاڻ آئي، انهن مان موتي داڻو ابڙو تاج محمد. هي صاحب وڪالت ڪندو هو. سندس اوطاق ڪامريڊن جو اجھو هوندي هئي. سڀ ڪم ڪارين وارا وٽس اچي ٿاڪ ڏيندا هئا. بسترو ماني به ملندي هئي، آفيسن جا ڪم، ڪورٽن جا قانوني ڪم به ٿيندا هئا. منهنجو جڏهن به لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن سندس آشياني تي ضرور حاضري ڀربي هئي. ڪچهري ٿيندي هئي ۽ لنگر به گڏ ڪبو هو. مرحوم تاج محمد پوءِ سيشن جج ٿيو. بيحد انصاف پسند ثابت ٿيو. سندس وڇوڙو اسان سڀني ڪامريڊن لاءِ وڏو حادثو آهي. سندس اولاد آهي. مون کي ياد ڪندا آهن.
    ڊاڪٽر اياز قادري:
    تاج محمد ابڙو منهنجو هاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ڪلاس فيلو، هاسٽل ۾ روم ميٽ ۽ زندگيءَ ۾ پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ويجهو رهياسين. تاج محمد ابڙي کي ننڍپڻ کان ئي سياست سان دلچسپي هئي. 1942ع وارو زمانو هو، مگر تاج محمد ابڙو ان وقت به هارين ۽ غريبن جي ڳالهه ڪندو هو. سياسي طرح هُو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجهندو هو.
    تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبار ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو. هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه پئسا ٻين دوستن کان هٿ ڪري ”نوجوان“ نالي سان هفتيوار اخبار شروع ڪئي. ان وقت نه سنڌي مسلمانن ۾ هو مڊل ڪلاس نه تعليم، نه وري اخبار پڙهڻ جو چاهه، تنهنڪري ”نوجوان“ جا فقط ڪجهه پرچا نڪتا، پوءِ اخبار مالي مشڪلاتن سبب بند ٿي وئي. تاج محمد ابڙي شاگرديءَ واري دؤر ۾ مختلف هنڌن تي نوڪري به ڪئي. ڪجهه عرصو ان وقت جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ سنڌي خبرن جو انائونسر (Announcer) ٿي رهيو.
    تاج محمد ابڙو 48-1947ع ڌاران وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو آيو. شيخ اياز سکر مان جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو، ته وٽس اچي مهمان ٿيندو هو. ڀارت مان اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جڏهن لاڙڪاڻي آيا، ته تاج محمد ابڙي انهن جي دعوت ۽ ميزباني ڪئي. سياست تاج محمد ابڙي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. هن سنڌ جي وڌ ۾ وڌ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل طبقي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد ابڙي جا سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي ڪيترن ئي سياستدانن سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. سنڌ جي سياستدانن ۾ جي.ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد امين کوسو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري ۽ بي شمار ٻين سان هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ سبب ضلعي جي ڪيترن مسئلن بابت کانئس هميشه مشورا وٺندا رهندا هئا. مون کي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاص طرح اليڪشن واري زماني ۾ هن وٽ ايندو هو يا هن کي پاڻ وٽ گهرائيندو هو.
    تاج محمد ابڙي کي سنڌي ادب ۽ زبان سان بيحد گهڻي دلچسپي هئي. هُو چاهيندو هو ته سنڌي ادب کي پراڻي پيچري تان هٽائي نون ترقي پسند راهن ۽ رستن تي هلائجي.
    هن جي وفات سان لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو دؤر ختم ٿي ويو، ڄڻ هي آخري ڏئيو هو، جو گُل ٿي ويو.
    انيس انصاري:
    منهنجي واقفيت ساڻس پهريائين 1939ع ۾ ٿي. تاج محمد دل جو درياهه ۽ مُنهن جو ملوڪ هو.
    شروع کان وٺي تاج محمد غريبن جي پيڙا ۽ ڏک کي پنهنجو ڏک ڪري سمجهندو هو. ان سبب ڪري هن هڙئون ۽ وڙئون غريبن جي پئي مدد ڪئي. سندس همٿائڻ ۽ مالي مدد ڏيڻ تي ڪافي غريب پڙهي وڃي چڱين نوڪرين کي لڳا.
    تاج محمد ابڙي جي ڪمزوري دوست هئا، جن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهندو هو. ياري باشيءَ ۾ سندس ڪچهري مشهور هوندي هئي، جتي علم ادب کان سواءِ سياست تي به وڏا بحث پيا ٿيندا هئا. وڪالت جي عرصي ۾ ته ٺهيو، خود جج هئڻ دوران به اهي ڪچهريون قائم رهيون. باوجود ايماندار ۽ سچي هئڻ جي، ڪن ماڻهن سندس نالي بد ڪرڻ ۾ به ڪين گهٽايو، پر سندس آئيني جهڙي صاف شخصيت اجري جي اجري رهي.
    انور پيرزادو:
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل ڏياٽيءَ جي روشني سنڌ جي اونداهي جاگيرداري ثقافتي قدرن واري ڌُنڌ کي چيريندڙ ۽ ڦاڙيندڙ آهي. اسين سڀ سمجهون ٿا ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ ۽ هي سڀ ڪجهه ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي مختصر عمر ۾ ڪيو. هن تي سڄي سنڌ ۾ مظلوم انسانيت ناز ڪري ٿي.
    امان شيخ:
    هڪ بي بها عظيم انسان مون پنهنجين اکين سان ڏٺو، جيڪو انساني گڻن ۽ خوبين جو ته ڳٽڪو هو، پر ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ماضيءَ جي شام جي آخري جهلڪ هو. مون حياتيءَ جي ڊوڙ ۾ ڳچيءَ پٽ تائين اختلاف رکندڙ هستين کي يڪجا ٿيندي ڪنهن هنڌ ڏٺو، ته اهو هو لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو يعني سائين تاج محمد ابڙي جي اوطاق. انهيءَ اوتاري تي مون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ، حاجي محمد پيرزادي کان وٺي اياز قادري، سيد خادم حسين شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ کوڙ سارين لائق هستين سان روح رهاڻيون ٿيون. انهيءَ اوتاري تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شام جو خنڪي هڻي اچي ويهندو هو، جنهن سان ڊگها ۽ اڻ کٽ بحث ٿيندا هئا.
    مير علي احمد ٽالپر مرحوم:
    مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري.
    ادل سومرو:
    سنڌي ادبي سنگت جو ٻوٽو، جيڪو هن وقت وڌي وڻ ٿي ويو آهي، ان جي آبياريءَ ۾ جن شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ محترم تاج محمد ابڙي جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته تاج محمد ابڙي صاحب جو ذڪر ان ۾ نمايان طور ايندو ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جو هي گمنام ساٿي اسان جي ايندڙ نسل جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.
    ڪامريڊ برڪت علي آزاد:
    تاج محمد ابڙو اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. جيڪب آباد ضلعي ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. ضلع جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد پاڻ رکرايو.
    سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن.
    چيف جسٽس نعيم الدين:
    مون کي مشهور ۽ نامور شخصيت تاج محمد ابڙو رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي غمگين ڪندڙ وفات جو ٻڌي بيحد گهڻو ڏُک ۽ سخت صدمو رسيو آهي. مان پنهنجي ڏک جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهان.
    محمد علي پٺاڻ:
    تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت هو. سنڌي ادبي سنگت جي پايو وجهندڙن جي سٿ ۾ شامل ٿي، ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ به هن جي عملي ڪوشش ادبي تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان سانڍيل آهي.

    (عبرت، پڪار، آفتاب، بخت ور، جاڳو، هلال پاڪستان، خادم وطن، سنڌ نيوز، برسات ۽ سنڌو )


    سنڌ جي گهڻ رُخي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: ستار ڀٽي

    تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ هردلعزيز شخصيت وارو انسان 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين. 1943ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ڪراچيءَ ويو. ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 1947ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري 1947ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر، علاوه ان جي انگريزي روزانه ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ نيوز ڪاسٽر به رهيو. هن جا ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان لاڳاپا ٿيا. پوءِ پاڻ ڪراچي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٽريٽ يونين ورڪرن سان گڏجي، ان وقت هاري مزدور جدوجهد ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ پاڻ پتوڙيائين. جوانيءَ ۾ ئي هُو روشن خيال، غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هر وقت سندس هڏ مسڪينن لاءِ ڪرڪندو هو. هن دنيا جي انقلابن جو گهرائيءَ سان مشاهدو به ڪيو ته سوشلسٽ اڳواڻن سان دوستي به قائم ڪئي. سوشلسٽ تنظيمن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي.
    سال 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيائين. گهڻو عرصو سرڪاري وڪيل به رهيو هو. ڪرمنل Criminal ڪيسن جي حوالي کان گهڻو مشهور ۽ وڏو هوشيار وڪيل تصور ڪيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ بعد به هاري تحريڪ، پي پي پي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ کان علاوه سنڌ جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل مسڪين عوام لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ظلم کان آزادي، غلاميءَ کان آجپي يا طبقاتي بنيادن تي ڪابه تحريڪ، تنظيم ۽ جهاد ٿيو ته هن ان ۾ ديني فريضو سمجهي حصو ورتو.
    حقوق العباد ئي انسان ذات جي ڀلائيءَ جو اهو رستو ٻڌائي ٿو. تاج محمد ابڙو هن راهه ۽ منزل جو اڻ موٽ ساٿاري هو. سندس زندگيءَ جو مقصد ئي ٻين جي ڪم اچڻ هو. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. بنان لالچ جي دوستن، يارن جو ڪم ڪري کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. سندس اوطاق گهڻو ڪري غريب طبقي ۽ عام ماڻهن لاءِ هڪ ”سراءِ“ طور استعمال ۾ هئي. هر روز شام جو سندس اوطاق تي چڱي چؤياري لڳندي هئي، جنهن ۾ سياسي، ادبي، سماجي ورڪرن وچ ۾ بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي نظر آئي. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سندن وڏن سياستدانن جهڙوڪ: خان عبدالولي خان، سردار عطاءَالله مينگل وغيره سان ويجها تعلقات هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي سان ذاتي دوستي ۽ ويجهڙائپ هيس. هن جي پرڏيهي وزير جي عهدي تان لهڻ بعد، پيپلز پارٽيءَ جي قيام دوران تاج محمد سنڌ ۾ وڏي ڪوشش وٺي ڪيترن ئي سياستدانن جهڙوڪ: مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي احمد ٽالپر کان علاوه ڪيترن ئي ڪامريڊ ساٿين کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. سندس سياسي دائرو به وسيع هو. هُو ڪميونسٽ خيالن جو سچو ورڪر هو. قانوندان، سياستدان ۽ سماجي ورڪر کان وڌيڪ دانشور هو. فلسفي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي ڄاڻ هيس. لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. سياست ۾ به صرف هڪ دفعو يونين ڪائونسل بقاپور جو سال 1965ع ۾ چيئرمين چونڊيو ۽ خدمت ڪيائين. ادب ۾ سندس ڪردار ٻن ڪنارن کي ملائڻ واري پل وارو هو. ادب سان کيس وڏي چاهت هئي. جڏهن 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو لاڙڪاڻي ۾ بنياد پيو ته هُو ۽ سندس اوطاق ئي سنگت لاءِ پيش پيش هئي. ائين الڳ سنڌ ۾ ادبي سنگت جو قيام ٿيو. جڏهن 1956ع ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، تاج محمد صحرائي، رشيد ڀٽي، جمال ابڙي، اياز قادريءَ جهڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيڻ آيا، ته ان وقت تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ سڀني اديبن جو اجلاس ڪوٺائي، ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏنا. اتي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن جو اجلاس يا ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪري، مرڪز جي تنظيم ۽ منشور جوڙيو وڃي. اهو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو هو، جيڪو تاج محمد ابڙي جي گهران ٻَريو ۽ سڄيءَ سنڌ کي جرجر ڪري ڇڏيائين. سڄي سنڌ جي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ سموئي، ون يونٽ خلاف ”ادبي جهاد“ جو آغاز ڪيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن کي مالي مدد ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ جهڙي سنڌ جي عظيم ادبي تحقيقي اداري جي بانيڪارن مان هو.
    سندس صلاحيتن ۽ تجربي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1972ع کان 1985ع تائين ڪم نهايت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪرڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ رٽائرمينٽ حاصل ڪري، وري واپس پنهنجي لاڙڪاڻي واري عوامي ادبي اوطاق آباد ڪيائين ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. پاڻ طبيعت جو سادو، سٻاجهڙو، محبتي ماڻهو هو. جڏهن به ملندو ته وڏا ٽهڪ ڏئي، پر دوستن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آخرڪار هي موتين جهڙو ماڻهو، پورهيت دوست، دانشور، قانوندان، سياسي ورڪر ۽ علم ادب پرور شخصيت 62 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 10 مارچ 1986ع تي هن دنيا ۾ يارن دوستن جي لڏي کي ڇڏي ٻيءَ دنيا ڏانهن راهي ٿيو.
    اولاد ۾ کيس مير نادر علي، انجنيئر حيدر علي، گوهر علي، انجنيئر مظهر علي، ذوالفقار علي، جيڪي تعليم، انجنيئرنگ، پوليس ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ نياڻين ۾ خالده، ڊاڪٽر عابده، پروفيسر شاهده ۽ پروفيسر زاهده، جيڪي پڻ تعليم، صحت، علم ۽ ادبي شعبي سان لاڳاپيل آهن.

    مددي مضمون: ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪامريڊ سوڀو، علي احمد بروهي
    ڪتاب: لاڙڪاڻو امر شخصيتون
    (اخبار: روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)


    ناميارو وڪيل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: عبدالرزاق سومرو

    مرحوم تاج محمد ابڙو صاحب وڏو يار ويس، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نهايت چڱو ماڻهو هو. مان جڏهن لاڙڪاڻي وڪالت ڪرڻ لاءِ آيو هيس ته پهرين رات تاج محمد ابڙي وٽ رهيو هيس. پهرين مئي 1953ع تي مان لاڙڪاڻي پهتس. جيئن ئي ريل مان لٿس ته سڌو مرحوم عبدالفتاح جي فرم جي آفيس تي آيس، جتي سندس ڀاءُ مرحوم نظام الدين به ويٺو هيو. آچر جو ڏينهن هيو. مون کيس احوال ڏنو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي ريفرنس سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. مرحوم نظام الدين چيو ته ٺيڪ آهي. سندس ٻه منشي هيا: هڪ غلام رسول سومرو، ٻيو عبدالرحيم آخوند. انهن ٻنهي کي سڏ ڪري چيائين ته سڀاڻي ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ وٽ جيڪو ڪم رکيل آهي، اهو سومري صاحب کي ڏيو. هنن مون کي چار فائيل ڏنا، جن مان ٽن لاءِ چيائون ته هنن ۾ 193 جون ڪاروايون آهن ۽ هي ڪيس نه هلندا، باقي چوٿون ڪيس چوري جو آهي ۽ هلائڻو پوندو. ان ڪيس جو ٽائيٽل هو ڪرائون بمقابلا عنايت.
    مون کي جڏهن هنن ڪيس ڏنا ته ان وقت مون سان گڏ ٽين جي صندوق هئي، جنهن جي رکڻ لاءِ اچي ڦاٿس، جيڪا مان سڌو ڳوٺ وڃي اتي رکي آيس. ڪارو ڪوٽ ۽ ٽاءِ به مون وٺي ڇڏي هئي. ڪجهه ڪم جا ڪتاب به مون خريد ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي مون سان ساڻ هئا. هاڻي مان اهو سوچي رهيو هيس ته هي سامان ڪيڏانهن ڪيان ۽ رات ڪٿي رهان؟
    سوچي سوچي مسٽر تاج محمد ابڙي وڪيل جي اوطاق تي هليو ويس. کيس احوال ڪيم ته ”هنن نموني هتي پهتو آهيان، سڀاڻي مون کي ڪيس هلائڻا آهن ۽ توهان وٽ رهڻ آيو آهيان.“ تاج محمد ابڙي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين، ڪا ڳالهه ئي نه آهي. تنهنجو پنهنجو گهر آهي، تون ڳڻتي نه ڪر، هتي رهي پؤ.“ مان به خاطري سان اتي رهي پيس. رات رهي سڀاڻي تي نڪري پيس. رات جو ڪيس به اسٽڊي ڪري ورتم. منهنجو پهريون ڏينهن هيو. ان دور ۾ هڪڙو ڪتاب هوندو هيو، جيڪو اڄ به استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب هيو ”پريمس آڏي پڇا ۽ دليل“ (Prem’s cross Examination & Arguments) ڇوته مون اهڙا ضروري ڪتاب وٺي ڇڏيا هئا. ان ڪتاب مان تياري ڪيم. ان ڪيس ۾ عنايت جوابدار هيو ۽ غلام صديق جاگيراڻي فريادي هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام عمر جاگيراڻي شاهد هيو. ٻنهي جي شاهدي هلي، پر شاهدي اهڙي هلي جو ٻنهي جي بيانن ۾ تضاد هيو، جيڪو منهنجي آڏي پڇا سان وڌيڪ ظاهر ٿي پيو. مسٽر ”ليلارام“ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هيو. ان چيو ته باقي ڪيس سڀاڻي تي رکو ۽ مشير سان گڏ جاچ آفيسر کي به گهرايو. تاريخ ملڻ کان پوءِ مئجسٽريٽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته: ”توکي پريڪٽس ڪندي گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون چيو: ”سر! اهي ئي ٻه ڪلاڪ، جيڪي تنهنجي اڳيان پيش ٿيو آهيان.“ سڀاڻي تي وري مان تياري ڪري ويس. مشير جي شاهدي هلي، آرگيومينٽس ٿيا ۽ مئجسٽريٽ ڪيس مان جوابدار کي ڇڏي ڏنو. مون کي زندگيءَ ۾ جيڪي خوشيءَ جا لمحا ياد آهن، هيءُ به هڪ اهڙو لمحو هيو، جيڪو مون کي اڄ به ذهن تي آهي. منهنجو پهريون ڪيس هيو ۽ مان ڀرپور تياري ڪري ويو هيس، ڇاڪاڻ ته منهنجي بقا جو سوال هيو.
    مون وٽ رڳو پنج روپيا هڙ ۾ هيا. مان تاج محمد ابڙي صاحب وٽ ٻه ڏينهن رهي پوءِ وري دوست محمد ابڙي وٽ رهيس. تاج محمد ابڙو پهريائين استاد شمس الدين ابڙي جو جونيئر ٿي رهيو. شمس الدين ابڙو دل جو ڪشادو، يار باش قسم جو ماڻهو هوندو هيو. سندس شام جي بيٺڪ تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي هوندي هئي. تاج محمد ابڙو ڪيترا ئي ورهيه وڪالت ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪيائين. اول ٿر پارڪر ضلعي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. پوءِ بلوچستان جي ضلعي ڍاڍر ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي آيو ۽ وڪالت جي پريڪٽس ڪيائين.
    تاج محمد ابڙي جهڙو يار ويس ماڻهو ڪو ورلي هوندو. شام کان وٺي سندس اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿيندي هئي ته رات جو دير تائين کل ڀوڳ ۽ ڪچهري هلندي هئي. سياسي طور تي کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هيو. هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ڪيترائي ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ اڳواڻ وٽس ايندا هئا ۽ ميٽنگون به ڪندا هيا. پاڻ جڏهن جج هيو ۽ لاڙڪاڻي ايندو هيو ته مون وٽ گيسٽ روم ۾ ترسندو هيو. ڏاڍو ڪميٽيڊ انسان هيو. منهنجو ساڻس سٺو واسطو رهيو.
    عالمي سياست تي به سندس گهري نظر هوندي هئي. مشهور رسالو ”ٽائيم“ به هر مهيني گهرائيندو هيو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي ڪتاب هوندا هيا. منهنجي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان ملاقات به تاج محمد ابڙي جي اوطاق تي ٿي. تاج محمد ابڙو 10 مارچ 1986ع تي وفات ڪري ويو.

    (قانوندان ، سياستدان ۽ سفارتڪار عبدالرزاق سومرو جون يادگيريون ڪتاب ’يادن جي ڳڙکيءَ مان‘ ورتل)


    ڪو جو ڪالهه هئوم سوڍو منهنجيءَ سنڌ جو : عبدالغفار تبسم

    اُها ستاويهين يا اٺاويهين فيبروري ٻه هزار اٺ جي ڪچڙي منجهند هئي جو منهنجي نئين ديري واري گهر ۾ ٽي جوان مون سان گڏ ويٺل هئا. تعارف ڪرائڻ تي هڪ ته منهنجي پاڙي جو احترام لائق قاضي شرف الدين ۽ ساڻس گڏ ٻه لاڙڪاڻي کان ڪهي آيل سنڌ جي عظيم ۽ املهه ڪردار مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جا ٻه فرزند هئا. نئين ديري ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي نالي سان سلهاڙيل هڪ تنظيم جو بنياد رکڻ لاءِ پهتل ۽ ڳوٺ ۾ منهنجي هئڻ جو ٻڌي مون وٽ ڪهي آيا هئا.
    نهايت وضع دار ۽ اعليٰ سڀاءُ رکندڙ هي ٻئي ۽ مان حال احوال اورڻ ويٺاسين ته ماضيءَ جي کوڙ ساترين ساروڻين کي کن ۾ سهيڙي کڻي اڳيان رکيوسين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان مرحوم تاج محمد ابڙي صاحب جي گهر لڳ منهنجن عزيزن جو گهر هيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو ڳپل حصو گذريو. ان گهر کان باقراڻي روڊ ڏي ويندي يا ٻه چار وکون ٻاهر ڀريندي منهنجي هميشه نظر ان گهر جي مکيه در مٿان ٽنگيل ان اڇي بورڊ تي ڪارن لفظن ۾ لکيل تاج محمد ابڙو وڪيل تي ضرور ويندي هئي. تڏهن مون کي اُن گهر ڌڻيءَ جي انهيءَ ادب پروريءَ، سندس ثقافتي، سماجي، علمي ۽ آدرشي ڪردار جي امين هئڻ جي ڪابه پروڙ ڪونه هئي. منهنجي تنهن ساڃاهه مطابق ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ کوڙ سارن وڪالت ڪندڙن جي سڃاڻپ وارين تختين جيان هن گهر تي لڳل وڪيل تاج محمد ابڙو جي ڄڻ ته بنهه ڪابه الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ ڪونه هئي.
    ائين ئي ڪي ٻه چار دفعا هن گهر اندر ڪنهن ڪم سانگي ويندي مون کي هڪ وڏي هال ۾ سامهون ويٺل شخصيت جي ٻنهي طرفن فريادي ۽ جوابدار ڌرين کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن ۽ تر جي اهم زميندارن يا ڪامورن جو مجموعو هميشه نظر آيو هئم. اڄ ايڏن سالن پڄاڻان جڏهن نادر علي ابڙي صاحب جي سندس بابا تي مختلف مضمونن سان سهيڙيل ڪتاب مان جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحرير هن ڪتاب بعنوان ”سنڌ جو املهه هيرو“ مان کولي پڙهان ٿو ته پنهنجي اُن اڻڄاڻائي ۾ هٿن مان نڪري ويل وقت تي ڏاڍو رنج ۽ افسوس ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن ڪامريڊ سوڀي جي مضمون ”جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے“ جون صفحي نمبر 131 تي لکيل سٽون پڙهان ٿو ته: ”جب سے تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں کسی اور دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی۔“
    اهي سٽون پڙهي روح مان محروميءَ جون هزارون سٽون اُڀرن ٿيون ته ايڏو ويجهو هوندي به مان هن اڪابر ۽ اديب ماڻهوءَ جي فهم ۽ فراست ڀرين محفلن ۾ ڇو نه وڃي سگهيس؟ هن بلند ڪردار ماڻهوءَ جي مثالي صحبتن مان ڇو ڪو لاڀ نه ماڻي سگهيس؟ پر ان اٿاهه مايوسين ۾ ”اياز“ جڏهن نراس ماڻهوءَ جي ڀرجهلي لاءِ هيئن چوي ٿو ته:
    مايوس نه ٿي تاريخ ڪنان، جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو
    هي هٿ هـٿـوڙا اڄ به اٿـئي ۽ دنـيـا ڏاري سگهجـي ٿـي
    سوچيان ٿو ته ماضيءَ جي مزار تي ڪنهن جو مجاور ٿيڻ بجاءِ ان وهي ويل گهڙين تي ماتم ڪرڻ بدران ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن اڏول ۽ اڻٿڪ ڪردارن کي جيڪڏهن رستي جي مشعل بڻائي ساڻ کڻجي ته هوند هر جند ۽ منهنجي هن سنڌ جون هڙئي اونداهه ٿيندڙ واٽون نين جوتن سان جرڪي سگهن ٿيون ۽ وري اُهي اجڙيل سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي اوطاقون ايندڙ نسل لاءِ مثالي ادارا بڻجي سندن پرورش ڪري سگهن ٿيون. وري سنڌ جي سينڌ اجري سگهي ٿي، صرف هي عزم ورجائجي ته:
    هي جيون توڙي مايا آ، پر جو پل ان جي ڇايا آ
    ٿا ان ۾ پنهنجا پير وڌن ۽ اُس اڀاري سگهجي ٿي (اياز)
    اڄ ان آدرشي ۽ امل انسان جي 22 هين ورسيءَ تي سندس ڳالهيون ۽ ڳڻ ورجائي جيڪڏهن اهو پڪو عزم ڪيون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جيان هميشه پنهنجي ڌرتيءَ، سماج ۽ ورثي جي پوئلڳيءَ ۾ باقي ڏينهن بسر ڪنداسين ته مون کي سنڌ جو سُنهن، اسين وري ٻنهي بي مثال وڃايل شان شوڪت، مانَ مريادا جا امين ٿي جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جِــي سگهون ٿا.

    (روزانه عوامي آواز، سومر 10 مارچ 2008ع)


    آزاديءَ جي شمع جو پروانو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: برڪت علي آزاد

    تاج محمد ابڙي سان منهنجي واقفيت قاضي فضل الله سابق وزيراعليٰ سنڌ مرحوم جي معرفت 1948ع ڌاري ٿي. قاضي صاحب جا تاج محمد ابڙي سان انتهائي گهرا تعلقات هئا. تاج محمد ابڙي کي مون سياست ۽ ادب جو بيحد جنوني، شوقين، پيارو ۽ همدرد انسان دوست ڏٺو، تڏهن ئي مان سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. مان تاج محمد ابڙي جي اوطاق ۾ اڪثر اچي قيام پذير ٿيندو هئس. مون کي ابڙي صاحب وٽان چڱي آڌرڀاءُ، عزت، ماني ٽڪي ۽ خاطر تواضح ملندي هئي. تاج محمد ابڙي کي سوشلزم سان شروع کان ئي وٺي دلچسپي هئي. انهيءَ زماني ۾ مون کي به سوشلزم سان دلچسپي وڌڻ لڳي. انهيءَ دوران تاج محمد ابڙي لنڊن مان سوشلزم آئيڊيالاجيءَ جو هڪڙو ماهوار رسالو ”ليبر منٿلي“ جي نالي سان لنڊن مان گهرائي، مون کي تحفو ڪري ڏنو. اهو رسالو هاڻي به منهنجي لئبريريءَ ۾ محفوظ ۽ سانڍيل آهي، جيڪو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن لاءِ محبت جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي.
    تاج محمد ابڙو مرحوم 1970ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. تاج محمد ابڙي جو سرڪاري بنگلو اسلاميه ڪاليج لڳ هو. مان ڏانهنس اچڻ وڃڻ لڳس. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو هو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره. اهڙي نموني اسان جون سياسي ۽ ادبي ڪچهريون تاج محمد ابڙي جي نوڪريءَ دوران به ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ تاج محمد ابڙي جي بدلي سکر کان حيدرآباد ٿي، پر اتي به تاج محمد ابڙي جو ساڳيو ئي شوق رهيو، يعني شام جو حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي دوستن سان سندس ڪچهريون متل رهيون.
    حيدرآباد ۾ مان حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري پارٽي واريءَ آفيس ۾ ايندو هئس، پر رهندو تاج محمد ابڙي وٽ هئس.
    تاج محمد ابڙي جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدليون ٿينديون رهيون ۽ مان هن ڏانهن هر شهر ويندو رهيس. تاج محمد ابڙي جي بدلي خيرپور ميرس به ٿي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي وٺي ۽ رشيد ڀٽي مرحوم کي ساڻ کڻي، مون وٽ اچي منهنجي لئبريريءَ ۾ ابڙي صاحب وارا ويندا هئا، جا منهنجي گهر ۾ موجود آهي. هڪ دفعي تاج محمد ابڙي مون کي داراشڪوه جو مشهور لکيل ڪتاب تصوف تي مجمع البحراين وٺڻ لاءِ چيو، جيڪو ناياب ڪتاب هو. جڏهن مان ورلڊ سنڌي ڪانگريس انڊيا ويس ته اهو ڪتاب دهليءَ مان خريد ڪري اچي تاج محمد ابڙي کي ڏنو، جنهن کي ڏسي تاج محمد ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏاڍا خوش ٿيا.
    تاج محمد ابڙي کي دل جو عارضو رهندو هو، پر ڊاڪٽر جي هدايت باوجود هو جڏهن به سکر ايندو هو ته مون وٽ منهنجي فليٽ تي ڪافي وڏي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ايندو هو. هڪ دفعي مون کيس چيو ته: مهرباني ڪري اگر توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا ته نوڪر کي مون ڏانهن موڪليندا ڪريو ته مان خود توهان سان هيٺ اچي گاڏيءَ ۾ ملان، توهين ڇو تڪليف ڪري بيماريءَ ۾ مون ڏانهن مٿي اچو ٿا! ابڙي صاحب انهيءَ تي چيو ته: ”تنهنجو گهر منهنجي لاءِ هڪ درگاهه آهي، جنهن کان مان ڪنهن به قيمت تي پاڻ کي محروم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ اهو هو تاج محمد ابڙي جي اسان دوستن، ڪامريڊن لاءِ قربت ۽ پيار جو احساس، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙا عظيم ماڻهو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن.
    جهڙيءَ طرح مان ابڙي صاحب کي دنيا جي هر موضوع تي گوناگون ڪتاب پهچائيندو هئس، تهڙي طرح ابڙو صاحب به مون کي پنهنجا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه عرصو اڳ تاج محمد ابڙي مون کي هڪ اهڙي ڪتاب ڏيڻ جو چيو، جو اهو ڪتاب هڪ اڻ لڀ ۽ انتهائي ناياب قسم جو هو، پر افسوس اهو ڪتاب ابڙي صاحب جي وفات ڪري مون کي ملي نه سگهيو، پر اڄ ڏينهن تائين مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو ڪتاب مون کي دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي پڙهڻ جي مون کي اڄ به بيحد تمنا ۽ تڙپ آهي.
    تاج محمد ابڙو پنهنجن دوستن يارن کي پاڻ وٽ رهائڻ پنهنجي وڏي خوش قسمتي سمجهندو هو. منهنجي تاج محمد ابڙي جي معرفت ڪافي وڏين وڏين اهم شخصيتن سان واقفيت ٿي. ابڙي صاحب جو پنهنجن گهروارن ۽ نوڪرن کي بيحد سختيءَ سان چيل هو ته ڪوبه اگر منهنجو دوست اچي ته ان کي هميشه سٺي ماني ٽڪي ۽ ايئر ڪنڊيشن ڪمرو، گهمڻ لاءِ ڪار ۽ ڊرائيور وغيره ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ به انهن جي خاطر تواضح کان سواءِ نه ڇڏيندا ڪيو ۽ کين مجبور ڪندا ڪيو ته رهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي سياست ۾ منهنجي شموليت جو بيحد منتظر هوندو هو ۽ سندس مرضي هئي ته مان ڪوئٽه واري اردو اخبار ”زمانه“ ڇڏي سنڌ واپس اچي پنهنجي قومي ڪاز هاري تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ هتي اچي ڪم ڪريان. سندس چوڻ هو ته: ”ڇاڪاڻ ته تو زندگيءَ جو گهڻو حصو جيڪب آباد ۾ گذاريو آهي، هاڻي به موٽي سنڌ ۾ اچ ۽ پنهنجي پسند جي ڪم کي وڌاءِ.“ آخرڪار مان تاج محمد ابڙي جي صلاح سان پنهنجي اردو اخبار ”زمانه“ کي هڪ دوست حوالي ڪري جيڪب آباد آيس.
    مون ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هن وڏيرا شاهيءَ جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪجهه عوامي طاقت جي ذريعي وڏيرا شاهيءَ جي زور کي پوئتي نه ڪيو ويندو، تيستائين اسين عوام جي ڪابه خدمت ڪري ڪونه سگهنداسين ۽ نه ئي هتي ضلعي جيڪب آباد مان اسيمبليءَ اندر ڪي عوامي نمائندا آڻي سگهنداسين. هن سلسلي ۾ پوءِ جيڪو پهريون عوامي طاقت جو مظاهرو هن ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪيوسين، ان ۾ جن بزرگن منهنجي دعوت تي قدم رنج فرمايو ۽ منهنجي جيڪب آباد ضلعي ۾ سياسي سرپرستي ڪئي، سي هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي.ايم سيد، تاج محمد ابڙو ۽ غلام محمد لغاري. انهيءَ سڄي ڪم ۾ تاج محمد ابڙو اڳيان اڳيان رهيو ۽ اهڙيءَ طرح ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي جي مدد سان هاري تحريڪ جو بنياد پيو. درحقيقت اها ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل هڪ شمع هئي. هڪ اهڙي بنيادي روشنيءَ جي شمع، جنهن پيڙهيل هاري طبقي کي پنهنجي حقوق وٺڻ جو شعور بيدار ڪيو ۽ ورهين کان مٿن وڏيرا شاهيءَ جي غلاميءَ کان آزاديءَ جو دڳ ڏسيو ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ تاج محمد ابڙي هاري آفيس جو بنياد رکرايو. هن سلسلي ۾ صدر ايوب جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ صدر ايوب جي مخالفت ۾ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو.
    هيءَ اسان جي خوش قسمتي هئي، جو هيڏي ساري عوام دشمن ماحول ۾، سياست جي هيڏي ساري طاقت جي موجودگيءَ ۾ به ڪي عوامي ذهن ۽ فڪر جا تعليم يافته ۽ ترقي پسند دانشور اسان وٽ موجود هئا، جن مان تاج محمد ابڙو به هو، جن کي جڏهن به موقعو مليو، انهن عوامي طاقت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي وسئون نه گهٽايو. هڪ جاگيردارانه نظام ۽ ڳڙهه ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پنهنجي وت آهر پنهنجي وسان نه گهٽايو. اهڙو هو هيءُ اسان جو محبوب دوست ۽ هم خيال ساٿي مرحوم ۽ مغفور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.
    اهڙي جابرانه نظام جي ماحول ۾ قدرت طرفان دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به جنم وٺندا آهن، جيڪي بغير ڪنهن نالي ڪڍرائڻ جي پنهنجي ڌرتي ماتا ۽ ان جي غريب پيڙهيل طبقي جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي حياتي وقف ڪري ڇڏيندا آهن.
    تاج محمد ابڙو به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريندي به وساري نه سگهبو. سنڌ جون اهڙيون مها قومي هستيون تاريخ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن.

    (عوامي آواز، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ سجاڳ، الوحيد)


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ـ هڪ مها منش / امبرين هيسباڻي

    دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گھٽ هوندا آهن، جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن. خاص طور تي ڪو وڏو عهدو رکندڙ ماڻهو پنهنجي خوشين بدران ٻين جي خوشين کي ترجيح ڏئي، مايا جي موهه ۾ پوڻ بدران غريبن جي خدمت ڪري، جيڪڏهن ڪو اهي گڻ رکي ٿو ته اهوئي مها منش آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهڙو ئي هڪ منش هو. جج جي عهدي تي رهڻ باوجود هن پنهنجي زندگي انتهائي سادگي سان گذاري. ماڻهو سندس فقير طبعيت ۽ حساسيت تي حيرت کائيندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪنهن کي ڏکيو ڏسي پاڻ به ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته ان جو دک دور ڪري. هو غريبن جي هڙان وڙان مدد ڪندو هو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها ئي انسانيت آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو ننڍي عمر کان ئي ادب سان ۽ سياست طرف لاڙو هيو. 1942ع ڌاري هن جڏهن اڃان مئٽرڪ ڪئي پئي تڏهن هو سياسي بحثن ۽ ادب سان سلهاڙيل هو. ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران هن سياسي گڏجاڻين خاص طور ڪميونسٽ پارٽي جي گڏجاڻين ۾ شرڪت شروع ڪئي. ائين هو عملي طور سياست ۾ آيو. تاج محمد ابڙو جا دوست اڄ به سندس وڪالت جي دؤر ۾ لاڙڪاڻي واري اوطاق تي ڪيل ڪچهرين کي سارين ٿا. انهن ڪچرين ۾ به ڪامريڊ هميشه غريب ماڻهن جو اونو هجڻ جو تاثر ڏيندو هو. ڪامريڊ تاج محمد جھڙا سچا، کرا ۽ ڏاها ماڻهو ورلي ئي ملندا. سندس نانءُ اڄ به چڱن ماڻهن جي فهرست ۾ مٿڀرو آهي ۽ سندس اولاد لاءِ ڄڻ هو اهو وڏو خزانو ڇڏي ويو ، جو ڪامريڊ جي ڪري سندن هن معاشري ۾ مانُ ۽ مريادا آهي. ماڻهن جي دلين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاءِ تمام گھڻو مانُ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زندگي پيار، پاٻوهه، انسانيت واري جذبي ۽ هڪ هڏ ڏوکي طور گذاري ويو آهي. 2 آگسٽ 1924ع کان 10 مارچ 1986ع تائين جي زندگي ۾ هو حرس، نفرت ۽ وڏائي کان پري ۽ بالاتر رهيو. نوڙت، نهٺائي، پيار، عوام دوستي وارا عنصر سندس سڃاڻپ بڻجي ويا. جنهن ڪري سندس نالو اڄ به پيو ڳائجي. اهڙا ماڻهو امر هوندا آهن ۽ جُڳ جُڳ جيئندا رهندا آهن.

    (روزانه ڪاوش 10 مارچ 2011ع)


    جاڳر جوڳيئڙن جو / تحرير: زيب نظاماڻي

    ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئنءَ لهار لپيٽيو،
    سندم جيءُ جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو.
    (شاهه لطيف)
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جي خمير ۽ ضمير جي چيڪي مٽيءَ جي سُڳنڌ وقت کي واسيندي رهي آهي. هن مٽيءَ مان ڳوهيل املهه وجود جڏهن ساهن ساڻ سينگاري موڪليا ويا ته مٽيءَ مٽيءَ جي هڳاءَ سان وفا جا نوان باب لکيا، اهي رتيون وڌيون جن جنم کان جنمن تائين پنهنجي سڀاويڪ سوچ ۽ عمل ذريعي سنڌ ڌرتي جي سڃاڻ کي سڄاڻائيءَ جي سڳي ۾ پوئي محبتن جون مالهائون جوڙيون.
    اهو راڄ، اهو ڀاڳ، اهو تر، اهو بي ڳڻو ليکبو هو، جنهن جي تڏي ڪو ڪهي اچي ۽ مانُ نه لهي. ڏورانهون ڪهي ايندڙ يا ڏينهن لاءِ گڏجي ويهي نبيرا ڪرڻ، پريت ونڊڻ ۽ ڏاهپ جا واهڙ وهائڻ لاءِ جنهن آڳنڌ کي عزت بخشي ويندي آهي، ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوطاق چئبو آهي. معنيٰ اوري پري کان ڪهي، رلجي سلجي هڪٻئي سان گڏجي ڪانڀا ٻڌي ويهي ڏاهپ جا نوان گس، نبيري جا نوان لاڙا ڳولي لهڻ، سنڌ جي اوطاقن جي سڃاڻپ رهي آهي. جنهن تر جي راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي سڃ ليکبي ۽ جنهن راڄ ۾ اوطاقون نه هجن ته اتي ڏاهپ جا واهڙ وهندي ڀاسبا. هڪ راڄ وارا ٻي راڄ ۾ ڪهي وڃي مهمان ٿيندا هئا، مچ ٻرندا هئا، سياري جون ٿڌيون ڊگهيون راتيون ائين پل ۾ وهامي وينديون هيون.
    هڪٻئي سان رابطي جو اهو سگهه وارو ذريعو نه رڳو هڪٻئي سان ميل ميلاپ وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو هو، پر ڏات، ڏاهپ ۽ سُگهڙ پائيءَ جا نوان باب کوليندو هو. بزرگن واتان ڏور، پهاڪا، ڳجهارتون، بيت ۽ داستان ٻڌي ائين ڀاسبو هو، ڄڻ ته عمل جي عميق مان ٽٻي ڏئي موتي ميڙي آيا هجون. ٻوليءَ جي سکيا جا فطري مرڪز سنڌ جون اوطاقون ئي رهيون آهن. ماءُ جي جهوليءَ کان پوءِ جيڪڏهن پُٽ ٻاهر علم پرائيندو هو ته اهو ذريعو اوطاقون ئي هونديون هيون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ته اوطاقون، جيڪي سماجي رابطي جو اهم ذريعو رهيون، پنهنجي اهميت وڃائڻ لڳيون. هاڻ اوطاقن ۾ ڏاهپ جا واهڙ وهڻ جي بجاءِ رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڪارو ڪاريءَ جي فتويٰ جا فيصلا، هڪٻئي تي حاڪميت هلائڻ ۽ سرڪاري پئسا کائڻ لاءِ سٽون سٽڻ لاءِ وڃي رهيون آهن، پر اهڙي پُر آشوب دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو واحد مردِ مجاهد هو، جنهن علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي اڱڻ تي اها جوت جلائي، جنهن جو تجلو صدين کان صدين تائين سنڌ جي اتهاس ۾ روشن باب بڻجي نسل در نسل سرت، ساڃاهه ۽ ڏات منتقل ڪندو رهندو.
    پنهنجي تڏي کي ٻين جي آڌر لاءِ اڱڻ اجاري انتظار جا ڏيئا ٻاري رکجن! اها ريت سنڌ واسين جي سڃاڻپ رهي آهي ۽ ايندڙ کي چوندي آءُ، ويندڙ کي چوندي ويهه! ته پوءِ ڏوري ڏيهه، سچ ته انهيءَ قربن وارين ڪچهرين ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اڱڻ ڪهي وڃڻ جي ريت، سنڌ ۽ سنڌ جي سرحدن کان پري کان ڪهي ايندڙ شخصيتن جي قدمن جا نشان اڄ به ان اوطاق ۾ پسي سگهجن ٿا. سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيار ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان انهيءَ اوطاق جون ديوارون اڄ به مهڪي رهيون آهن، پر اڄ اهو جوڳين جو جاڳر هڪ خواب وانگر ٿو لڳي ۽ اها اوطاق جتي سچ ۽ پيار جا سوين سج اڀرندا ۽ خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا ته الهندا به خوشيون ۽ محبتون کڻي ايندا هئا. پر اڄ ها!
    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا
    (شاهه لطيف)
    1947ع ڌاري وڪالت جي تعليم حاصل ڪري قانون جا ڳاٽي ڀڳا ڳرا ڪتاب پڙهندي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو قانوني پيچيدگين ۽ قانون جو ڄڻ ياد حافظ بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي ۽ استاد شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت ڪرڻ لڳي ٿو. ايماندار وڪيل هر ايماندار ڪاموري جيان ڏوڪڙ ته نه، پر واهه واهه جا جهول ڀري ٿو ۽ ماڻهن جي محبت تاڙين جي روپ ۾ گڏ ڪري پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ واڌارو ڪرائي ٿو، پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته انهيءَ بينڪ بيلنس مان نه ته سندس ٻارن ٻچن جو پيٽ ڀربو ۽ نه ئي پنهنجو خرچ هلندو ۽ نه ئي جيڏن، سرتن ۽ يارن دوستن جو آڌر ٿي سگهندو! انهيءَ لاءِ ڪامريڊ سنڌي اخبار الوحيد ۽ انگريزي اخبار ڊان جي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سرگرم رڪن جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائيندڙ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن جج جهڙي حساس ۽ ذميداريءَ واري منصب تي فائز ٿيو، ته به سندس ذاتي مصروفيتن تي ڪوبه فرق نه پيو.
    هن طالب جي دوستي هر عام ۽ خاص، ننڍي توڙي وڏي سان هئي. مطلب ته هن وٽ دوستيءَ جو معيار عام رواجي نه، پر صوفين وارو يعني انسان ذات سان سنگت ساٿ واري ريت جيان رهيو. سياست، علم وادب سان واسطو رکندڙ ۽ واپاري، صنعتڪار، مزدور، هاري، رئيس ۽ وڏيرا، مطلب ته هر مڪتب فڪر ۽ هرهڪ طبقي جا ماڻهو سندس اوطاق تي وٽانئس محبت جا موتي ميڙي پنهنجا پالها جهول ڀريندا رهيا.
    ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، قاضي فضل الله، شيخ اياز، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي.ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي جي پيار جا بادل مٿس برسندا رهيا.
    ابڙو وڏ وڙو، سُوڙو سمو سونهن سڀن
    تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي
    (شاهه لطيف)
    ها انهيءَ ڪڇ ڌڻي ابڙي جهڙي شخصيت جو مالڪ هي تاج محمد ابڙو به وڏي وڙ وارو ٿي گذريو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ ڪڏهن به تخليقي ادب، تخليق نه ڪيو، پر سنڌي ادب سان سندس بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو عملي ثبوت سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد وجهڻ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، جنهن جي شاهدي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي اربع 27 آگسٽ 2003ع ۾ لکيل مونس بخاري جو مضمون: ”سنڌ جو املهه هيرو: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ مان ملي ٿي. مونس بخاري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو جي اوطاق ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ سرموڙ ليکڪ گڏ ٿين ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج محمد صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا جن جي کاڌي پيتي جو انتظام به تاج محمد ابڙو پنهنجي هڙان وڙان ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت انهيءَ عظيم اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو بنياد رکيو ويو، جيڪا اڄ تائين ايشيا جي سنڌي اديبن جي واحد تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي سگهاري حيثيت وقت جي لاهن چاڙهن ۾ به برقرار رکيو اچي، پر افسوس ته سنگت جي مرڪزي عهديدارن ڪڏهن به ڪنهن به دؤر ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي نه ته ڪو سيمينار ڪوٺايو، نه سندس جنم ڏينهن ملهايائون ۽ نه ئي وري سندس تي لکيل آرٽيڪل ڇپرائڻ جو ڪو خيال ڪيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شخصيت سندن سڀاءُ ۽ سندن علمي ڪردار ادب، سياست ۽ سماج لاءِ هڪ مشعل راهه کان گهٽ نه رهيو آهي.
    تون چؤ مون کان پوءِ ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا!
    واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي
    (اياز)
    اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين
    هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان
    (شاهه لطيف)
    ون يونٽ ختم ڪرائڻ جي ڏس ۾ عملي تحريڪ جو هي خاموش هيرو پنهنجي عمل ۾ ظاهري نماءُ ڪندڙ نام ڪٺين، جيڪي سدائين ون يونٽ ٽوڙڻ جو ڪارنامو نرڙ تي چنبڙائي قوم تي ٿورا ٿڦيندي وتن واڦيندا ٿاڦيندا ۽ ٺڙڪو ڪارنامن کي ڪيش ڪرائيندا آهن، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نه ئي ڪڏهن پاڻ پڏايو ۽ نه ئي پنهنجا ڪارناما ورجايا ۽ نه ئي انهن کي ڪيش ڪرايو. مون کي ته افسوس اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به ٿئي ٿو، جن وٽ هاڻي جڙتو مقابلن واري ڳجهارتي روش عمل ۾ آهي. اسان جي نوجوان نسل وٽ ويجهڙائي ۾ هيروز جي اهڙي ڪابه لسٽ نه آهي، جن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪسوٽي تي رکي پرکي سگهجي. اسان وٽ ته پُڇ ٻَڌي مهري ڪرڻ واري روش تحت جڙتو هيرو، جن جي ساک جَــر تي ڦوٽي جهڙي آهي، جام آهن. سنڌ جي کسجندڙ وسيلن ۽ وڪامجندڙ سنڌو درياءَ جي سُڏڪندڙ صورت ڏسندي رڳو چند ڏات ڌڻين جي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن، نه ته رڳو ٻه چار مضمون، نظم، گيت، غزل، وايون، دوها ۽ ٽيڙو بس! سياستدان احتجاج ڪندا، بيان ڏيندا، پوءِ نون سودن سان مارڪيٽ جا نوان اگهه! هاڻي سنڌ ماءُ کي ائين سستي اگهه وڪڻندڙن جي هٿن کي هٿي ڏيندڙ بيحس ماڻهو سنڌ جي آئنده نسل کي ڪهڙو تاريخي آئينو ڏيکاريندا؟ ها پر اهڙي ڀڃ ڊاهه جي دؤر ۾ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت جو عملي ڪردار سندس اوطاق جي در ۽ ديوارن تي وڏي واڪي چئجي ۽ پنهنجن سچن هيروز جي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آءِ ڊي ۾ آڻي انٽرنيٽ لاءِ منتقل ڪجي ته جيئن سنڌ جو مستقبل پنهنجي هيروز جي عملي ڪارنامن مان ڪو عملي سبق حاصل ڪري سگهي.
    محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه
    (شاهه لطيف)
    لاڙڪاڻو جنهن لاءِ کوڙ ساريون چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو وغيره، انهيءَ لاڙڪاڻي جي لعلن ۾ هڪ لعل ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسان کان 10 مارچ 1986ع تي هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي وڃي ٿو، پر سندس عملي ڪردار پوري سنڌي قوم لاءِ هڪ ڏيئي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاٽ ۾ امن، پيار ۽ محبت جي واٽ پسي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو اڄ جنهن بدامني ۾ غرق ٿيل آهي، انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامريڊ تاج محمد جو نينهن نياپو گهر گهر، در در پهچائڻ اسان لاءِ اولين فرض جي حيثيت رکي ٿو، ته جيئن اتي اسان پنهنجي پياري لاڙڪاڻي ۽ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي کيتر ۾ پيار ڪڻيون پوکي، سک، سلامتي ۽ امن جا سنگ اپايون. اچو ته عهد ڪريون ته اتي ڪڏهن به ڪارو ڪاري رسم نه دهرائجي، جتي ڪڏهن به ڪنهن جي لڄالٽ نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڪنهن ٻار سان زيادتي نه ٿئي، جتي ڪڏهن به ڌاڙيل ڪچي جي حسن کي بارود جي بوءِ ۾ لوڙهي نه ڇڏين، جتي سهاڳڻين جي چوڙين جا ٽڪرا گهٽين ۾ وکرڻ بجاءِ سندس کڻڪي تي گيتن جا گلزار سجن، جتي مينديءَ جي مهڪار تي موڙ ۽ نئن جا ڳيچ ڳايا وڃن، جتي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو سنڌو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي مست ڇولين سان جهومي نچي! ها ان مٿان ڪي به ريتن رسمن جا ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ يا اهڙا ڪي به ڪئنال ۽ بند نه ٿڦيا ۽ نه مڙهيا وڃن. ٻار ماءُ جي لوليءَ جي ٻولن کان ڪنائي پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سکن. نئون نسل اجرڪ جي ڦلڙي، گج جي ٽوئنرن، ٽوپيءَ جي ٽڪن ۽ رليءَ جي ٽڪَ ۾ سمايل سونهن ۽ سچ جي واٽ پسي سگهي.
    پر اڄ اهي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙا ڪردار ڪٿي آهن! اچو ته انهن جي اوطاقن جا گس ڳوليون، جت جوڳيئڙن جو جاڳر ٿيندو هجي ۽ ڏاهپ ۽ محبت جا واهڙ وهندا هجن. پر افسوس جو:
    اڄ نه اوطاقن ۾، جاڳر جوڳيئڙن جو
    ساري سناسين کي، روئيندين يتئان رو
    پس پارئان تو، لاهوتي لڏي ويا
    (شاهه لطيف)

    (روزانه عوامي آواز، جاڳو، سَچ، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، عبرت)


    تاج محمد ابڙو مرحوم ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري: منير چانڊيو

    ڪڏهن ڪڏهن انهن اَمُلهه انسانن سان ملڻ لاءِ دل ڏاڍيون سٽون پئي کائيندي اٿم، جيڪي منهنجي جنم يا منهنجي علمي واڌ ويجهه کان اڳ گذاري ويا، افسانوي ۽ خيالي ڪهڪشائن ۾ رهندڙ منهنجي دل رکي رکي وڏي چاهه مان چوندي آهي ته ڪاش! شاهه لطيف ، سچل سرمست ، مرزا قليچ بيگ ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، جمال ابڙي، شيخ اياز، استاد بخاري، نارايڻ شيام، تنوير عباسي، خيرالنساءِ جعفري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، جي.ايم.سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙن عالمن، اديبن دانشورن ۽ ڏاهن ڏات ڌڻين سان ملي يا کين ڏسي سگهجي ها! پوءِ وري پاڻ کي پاڻ ئي تسلي ڏيندي چوندو آهيان ته ’’شڪر آهي جو وري به وڏو خوشنصيب آهيان جو رسول بخش پليجي جي صحبت نصيب ٿي اٿم، هن سان ڊگهيون ڪچهريون ۽ سفر ڪرڻ جا موقعا مليا اٿم، محمد ابراهيم جوئي سان ڪيئي ڪچهريون ڪيون اٿم، جيجي زرينه بلوچ ، امر جليل ، آغا سليم ، سراج ، شوڪت حسين شوري ۽ امداد حسيني وغيره سان ڀاڪر پائي مليو آهيان، ميڊم فهميده حسين ، نوالهديٰ شاهه ۽ مهتاب محبوب سان ملي ۽ کين ڏسي چڪو آهيان، يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مفتي جهڙا ٻاجهارا استاد مليا آهن.‘‘
    اڃان به پاڻ کي وڏو خوشنصيب ڀانيان ٿو جو سنڌ جي نامياري عالم، اديب ۽ دانشور جامي چانڊئي صاحب جهڙي استاد جي رهنمائي اٿم ! تڏهن سچ پچ ته پاڻ کي واقعي وڏو خوشنصيب ڀائيندو آهيان ۽ ان وقت منهنجي من ۾ اُتساهه جا ڪيئي آبشار وهڻ لڳندا آهن ۽ خوشيءَ ۾ ٻهڪي پوندو آهيان.
    جڏهن مان هاءِ اسڪول قمبر ۾ ڏهين درجي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن جهڙوڪر مونکي سنڌي ادب جي شهنشاهه ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جون ڪهاڻيون ايتريون ته وڻيون هيون جو مون ڄڻ ته انهن کي حفظ ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ خبر پئي ته جمال ابڙي صاحب جو سڀ کان ويجهو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب آهي. پوءِ جڏهن جمال ابڙي جي آتم ڪهاڻين جو ڪتاب ’’ڏسين ڏوهه اکين سين‘‘، ’’اونهي ڳالهه اسرار جي‘‘، ’’ٿوهر ۾ ڳاڙها گل‘‘، ’’ايندو نه وري هي وڻجارو‘‘ پڙهيم ته ڪجهه خبر پئي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ سچو سرگرم پورهيت عوام دوست اڳواڻ ، قابل، مددگار ۽ بهادر انسان هو. پوءِ جيئن جيئن منهنجي علمي ۽ ادبي واڌ ويجهه ٿيندي وئي تيئن تيئن ڪامريڊ جي شخصيت جا علمي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ سماجي پاسا وڌيڪ نروار ٿيندا ويا ۽ ان جي لاءِ منهنجي من ۾ بي پناهه محبت ۽ احترام پيدا ٿيندو ويو. هو مونکي پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ ڏاڍو نرالو لڳو .هن جي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ جدوجهد ته غير معمولي هئي پر سندس ذاتيءَ سڀاءُ ۽ طبيعت جي وڏائي به ڏسڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لائق آهن. ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته ’’تاج محمد کي شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبارن ڪڍڻ جو ڏاڍو چاهه هو، ان بابت مون سان اصلاح ڪندو هو، مان هميشه چوندو هو مانس تيل کانسواءِ ڏيئو نه ٻرندو ‘‘ پاڻ تڪڙا ماڻهو آهيون، پيٽ ئي مشڪل سان ٿا پاليون، اخبار جي عياشي نه ڪري سگهنداسين ۽ هن ڪجهه پئسا پاڻ ۽ ڪجهه دوستن کان هٿ ڪري ’’نوجوان‘‘ نالي سان هڪ اخبار شروع ڪئي. ان جو ايڊيٽر مونکي مقرر ڪيائين‘‘ ان مٿي ٽڪري کي پڙهڻ سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ئي لکيل هن ٻئي ٽڪري کي پڙهو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪوشش سان سال 1956ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تجر باغ ۾ شاهه عبداللطيف جي ورسي ملهائي وئي، جڏهن ته ورسيءَ جو سمورو بندوبست هن پنهنجي هڙون توڙي وڙون ڪيون پر جيڪي دعوت نامه جاري ڪيا ويا منهنجي نالي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جي حيثيت سان ويا. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي اهڙي شاندار ورسي ڪڏهن نه ٿي هئي، مان سمجهان ٿو هو ڇا ته شخص هو ! اصل ۾ جن ماڻهن کي پنهنجي نالي جي بک نه هوندي آهي اهي ئي حقيقي وڏا ماڻهو هوندا آهن، اهڙي اخلاقي عظمت مان اڪثر سائين محمد ابراهيم جوئي ، رسول بخش پليجي ۽ جامي چانڊئي جهڙي آدرشي انسانن ۾ ڏسندو رهيو آهيان، جيڪي بهتري لاءِ پيش پردا ۽ پس پرده اهڙا اڻ ڳڻيا قدم پئي کڻندا رهيا آهن جن سان ملي ناڪاره کان ناڪاره ماڻهو به پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عوام لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ عملي طور تيار ٿي ويندو آهي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو ماڻهن سان اٽوٽ رشتو هو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جتي پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب، مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذاريو، پنهنجي هڙان، وڙان ادبي ۽ صحافتي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، اتي شخصي حوالي کان پڻ سندس ڪردار انتهائي اعليٰ ۽ وڏ ماڻهپي وارو رهيو. سائين انيس انصاري صاحب لکي ٿو ته ’’پنهنجي در تي ڪم ڪندڙن جي پيو پرگهور لهندو هو کين سٺي کاڌي سان گڏ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو، کين سٺي سواري لاءِ سائيڪلون ۽ وقت ڏسڻ لاءِ واچون به وٺي ڏيندو هو‘‘ اها ڳالهه پڙهي مون سوچيو پئي ته اڄ جي دؤر ۾ جتي ڪنهن غريب کي رڳو غربت جي ڪري انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ۽ ساڻس بلڪل نامناسب رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا رويا اسان جا ڪيترائي نام نهاد اديب ۽ شاعر وغيره پڻ رکندا اچن، اتي هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو بلڪل عظيم آهي ان ئي حوالي سان مونکي سائين انيس انصاري صاحب جون لکيل ٻه ڳالهيون ٻيون به ڏاڍيون اعليٰ آدرشي لڳيون ’’سکر ۾ ابڙي صاحب جي گهر مان چوري ٿي وئي، چور سڄو گهر ٻهاري ويا، چوريءَ ۾ تاج محمد ابڙي جي گهرواري، والده ۽ ڀيڻ جا سونا زيور به شامل هئا. اها چوري پڪڙجي نه سگهي، البت پوليس جڏهن ڪجهه پڪڙيل زيور سڃاڻپ لاءِ سندس گهر آندا ته تاج محمد ابڙي پنهنجي گهر تاڪيد سان چيو ته هو صرف پنهنجا زيو ر پنهنجا ڪن پراون تي هٿ نه رکن، انهن زيورن ۾ ڪوبه زيور سندس ڪونه هو ان ڪري ڪوبه زيور پنهنجو نه ڪيائون‘‘ اهو واقعو پڙهي سچ ته مان ڪيترو ئي وقت هن عظيم انسان جي باري ۾ سوچيندو رهيس ۽ سندس سچائي تي به بي پناهه پيار ايندو رهيو.
    ان وقت مون سوچيو پئي ته اڄ جي دؤر ۾ جڏهن ڪنهن مسجد مان ڪو هيروئني ڪنهن نمازي جي چپل چورائي ايندو آهي ته اهو وري ٻئي جماعتي جي چپل پائي ايندو آهي پر هن اڏول شخص جي اخلاقي سطح ته ڏسو ! گهر آيل زيور موٽائي ڇڏيائين. هينئر جي سوچجي ته اسان مان اهڙا گهڻا ماڻهو اهڙو اخلاقي مظاهرو ڪري سگهن ٿا هو پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي عيال کي هدايت ڪندي لکي ٿو ته ’’منهنجا دوست ڪافي آهن، پر هر ڪنهن کي پنهنجا مسئلا درپيش آهن، تنهنڪري انهن کي ڪا تڪليف نه ڏيندا، البت پاڻ ۾ اختلاف يا ڪنهن مسئلي تي سندن صلاح ضرور وٺندا، انهن جي هر وقت عزت ڪرڻ اوهان جو اخلاقي فرض آهي ۽ سندن اولاد سان پڻ تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪندا، کانئن ڪڏهن به مالي مدد جي طلب نه ڪندا، ها البت ضرورت وقت اخلاقي مدد ضرور وٺندا، ۽ مونکي يقين آهي ته هو ان ۾ پوئتي پير نه ڏيندا، مون تي منهنجا محسن دوست سدائين مهربان رهيا آهن، جن جو آئون شڪر گذار آهيان‘‘ سچ ته هن عظيم انسان جو هر عمل بنهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهيل اديبن، شاعرن ۽ ڪامريڊن کي سندن شخصي زندگيءَ ۾ جيترو ننڍڙو ڏٺو آهي اهو ڪنهن به نوجوان ليکڪ جي مايوس ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب الائي ته ڪهڙي جڳ جو ماڻهو هو ! مان سوچان ٿو ته هو لطيف جي سر رامڪليءَ جو ڪو جيئرو جاڳندو ۽ حقيقي ڪردار هو؟ حضرت محمدصه جي انساني ڀلائي واري پيغام جو عملي روپ هو؟ يا مارڪس جي پورهيت دوست فڪر جي عمل جو سچو پچو نادر شخص هو ! هوءَ اصل ۾ هو ڇا؟ پر منهنجي خيال ۾ يقينن هُو اهو سڀ هو.
    نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
    ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندس ا ن ري
    (لطيف سائين

    ( روزانه عوامي آواز، تعمير سنڌ، هلچل، سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان، عبرت)


    سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت تاج محمد ابڙو / تحرير: غلام قادر بروهي

    مرحوم تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو لاڙڪاڻي ضلعي جي اعليٰ شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مرحوم 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم قمبر ۾ ورتائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچيءَ ويو، جتان قانون جي ڊگري پاس ڪري 1947ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ ان سان گڏ ريڊيو پاڪستان ۾ نيوز ڪاسٽر به ٿي رهيو. مرحوم غريب نواز ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو هو. هاري، مزدور ۽ غريب عوام لاءِ سدائين سندس هڏ ڪم ڪندو هو.
    شروعات کان وٺي سندس لاڳاپو هاري، مزدور ۽ سوشلسٽ خيالن جي ماڻهن سان رهيو ۽ سندس تعلق ٽريڊ يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي آفيس ڪراچيءَ سان رهيو. سندس گهرائي ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان ٿي ۽ ٻين ٽريڊ ورڪرن سان پڻ تعلقات قائم ڪيائين. وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ خاصو عرصو سرڪاري وڪيل به ٿي رهيو. سندس لائبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن کان علاوه سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ادب تي به خاصو مواد موجود آهي، جنهن ۾ دنيا جا ناياب ۽ انمول ڪتاب موجود آهن، جن مان نوجوان ڪامريڊ ڪافي فائدو حاصل ڪندا آهن. سندس دوستيءَ جو دائرو تمام وسيع هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اوطاق غريب غربي ۽ عام ماڻهن لاءِ سراءِ طور استعمال ٿيندي هئي. مسڪين ماڻهن کان علاوه، سندس اوطاق سردارن، نوابن، پيرن، اميرن، آفيسرن ۽ مختلف سياسي اڳواڻن جو ڳڙهه هوندي هئي. مرحوم بي واهن، اڙين ۽ مسڪين ماڻهن جي ڪم ڪارين ۾ خاصي دلچسپي وٺندو هو ۽ بنا لالچ جي دوستن احبابن ۽ اڙين جا ڪم ڪاريون ڪندو هو. سندس گهر ۽ اوطاق هميشه دوستن، ڪامريڊن ۽ سياسي ورڪرن لاءِ کليل هوندي هئي. مرحوم تاج محمد ابڙي جي دوستي ۽ ياري غريب، مسڪين ۽ پيرن اگهاڙن ماڻهن سان به هوندي هئي ۽ انهن سان ملڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عار يا وڏائي ڪونه ڪندو هو، بلڪه انهن کي پنهنجو دوست ڪري سمجهندو هو. اها ئي مرحوم جي وڏي خاصيت هوندي هئي، جنهن ۾ مختلف سياسي خيالن جي ماڻهن جي ڪچهري رهندي هئي، جيڪي تقريبًا روزانو حاضري ڀريندا هئا. انهن ۾ جمال الدين بخاري، مولوي نذير احمد، پروفيسر اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، الاهي بخش شاهه، شمس الدين ابڙو، عبدالحميد ابڙو، فتح محمد سومرو، قربان علي بگٽي ۽ ٻيا ڪيترائي سياستدان، اديب، آفيسر ۽ زميندار شامل هوندا هئا.
    تاج محمد ابڙي جي ادب سان تمام گهڻي چاهت هوندي هئي. پاڻ 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب سنگت جو بنياد رکيائين. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ چڱو پاڻ پتوڙيائين. پاڻ اڪثر هر ميٽنگ ۾ حاضر رهندو هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ ادب تي ڪيترا ئي اڻ لڀ ڪتاب موجود آهن. کيس ادب جي ميدان ۾ تمام سٺا ۽ بهترين دوست مليا، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، جمال ابڙو، شمشير الحيدري، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، رشيد ڀٽي، اي.ڪي بروهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نسيم کرل، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، برڪت علي آزاد، علي نواز وفائي، زيب عاقلي ۽ ٻيا ڪافي اديب شامل آهن.
    لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو لائبريريءَ جو بنياد به مرحوم جي صلاح سان وڌو ويو، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ هڪ واحد قسم جي لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد، اديب، دانشور ۽ عام پڙهندڙ ماڻهو فيضياب ٿي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوه پاڻ ڪافي غريب شاگردن کي خرچ پکو ڏئي، پڙهائي، روزگار سان لڳائيندو هو. بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بيٺو، جتي ڪافي اڪثريت سان کٽي بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي، عوام جي خدمت ڪيائين ۽ ان سان گڏ ڪيترا ئي ثواب ۽ خير جا ڪم ڪيائين.
    تاج محمد ابڙو مرحوم ڪميونسٽ نظريي جو هو ۽ شروع کان وٺي سياست ۾ سرگرم رهيو. مختلف سياسي پارٽين ۾ به ڪم ڪيائين، جن مان سنڌ هاري ڪميٽي، ستپ ۽ پيپلز پارٽي قابلِ ذڪر آهن. پاڻ پ پ جي بنياد رکڻ وارن مان هو. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪامياب بنائڻ ۾ مرحوم وڏو ڪردار ادا ڪيو. سياست جي ميدان ۾ کيس بيشمار سٺا دوست مليا، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، فاضل راهو، حاڪم علي زرداري، جي.ايم سيد، ممتاز علي ڀٽو، نواب نبي بخش ڀٽو، سردار امين کوسو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ ٻيا گهڻا دوست قابلِ ذڪر آهن.
    تاج محمد ابڙو مرحوم 1972ع ۾ سيشن جج جي عهدي تي فائز ٿيو، جيڪو رٽائرمينٽ تائين ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو. 1985ع ۾ رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پراڻي اباڻي روايت برقرار رکندي، اچي اوطاق کي ٻيهر آباد ڪيائين. آخرڪار هيءُ موتين جهڙو ماڻهو، پورهيتن جو دوست، باشعور سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن تاريخ 10 مارچ 1986ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس سندس اباڻي قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو. خدا شل جنت ۾ جاءِ ڏئيس.
    (آمين)
    (عبرت، هلال پاڪستان، ڪاوش، پڪار، آفتاب، مهراڻ)


    لاڙڪاڻي جو مور ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: ڊاڪٽر غلام علي سانگي

    مرحوم تاج محمد تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. حقيقت ۾ هي ذات جو سانگي هو، جيڪا ابڙا ذات جي هڪ شاخ آهي. هن جا وڏا شهدادڪوٽ جا رهاڪو هئا، جتي هو ڄائو. سندس مورت جو مختصر مهانڊو، عوامي قد، سڌي ڪاٺي، هڪ جهڙي هاٺي، کليل ۽ ڀوري رنگت، منهن گول، منهن ۾ مڻيا ۽ مهڪ، گڻن وارو، سڄاڻ، ڪچريءَ ۾ ڳالهائڻ ۾ چٽو ۽ ڪڙڪدار، وڏي آواز ۽ لانڍ سان ٽهڪ ڏيڻ، جن ۾ پڙاڏو سڏ پنڌ تي سڃاڻي سگهڻ، سٽائو سرير، پاڻ تي ڀاڙڻ جا پهاڙ، سرڪش ۽ پاڻ وهيڻي کي چکي به نه ڪرڻ، ڪرمن ڪٿا جي واڌو ۽ ڪاٽو کان بنهه وانجهيل ۽ نڪتل رهڻ، اها هئي مرحوم تاج محمد ابڙي جي جيون جوڙ. هو آزاد خياليءَ ۾ انتها پسندي ۽ ڪٽرپڻو نه رکندو هو. اهڙي رواداريءَ جو اهڃاڻ سندس اولاد جي ديني تعليم آهي. جنهن سکيا جي سينگارڻ لاءِ معاون ۽ مددگار رهيو. هن جي هٿ ۾ هر قسم ۽ هر خيال جا ماڻهو هوندا هئا. پاڻ آزاد خيالي رکندي به فطري حدن جو سختيءَ سان پابند رهندو آيو. هر خمار ۽ سگار، لئي ۽ مستيءَ کان ونئون ويندو هو. اهڙن اصولن جي اورانگهه لاءِ ڪڏهن به تيار نه رهيو. بحيثيت وڪيل، ماريل ۽ ڪريل ڌر جو وڌيڪ ڪهڪاءُ رکندو هو. ان ڪري ڏتڙيل ۽ ڌيڄاهي هنيل جي وڙان ۽ هڙان سهائتا ۾ ڪاهي پوندو هو. ڪچهريءَ ۾ ڪوڏيو، خاموشيءَ جو توڙ، ڳالهين ۾ ڳالهه، هر قسم جون پتليون، پر گهڻي ڀاڱي وٽس سياسي ۽ ادبي رهاڻيون هلنديون هيون. دنيا جي عظيم شخصيتن جي سوانح حياتي هڪ ڪتاب جا ڪيترا ئي ليکڪ ٻڌائي ويندو هو. اهڙن عالمي ڪردارن تي ابڙي صاحب شايد ئي ڪو ڪتاب ڇڏيو هجي. ڪتابن جي باري ۾ سندس چوڻ هو: ”مون کي گهڻو متاثر ڪندڙ ڪتاب ’نوجوانن ڏانهن‘ مترجم برڪت علي آزاد، جنهن کي پڙهندي سڄي رات روئندو رهيس. منهنجي لائبريريءَ کي سينگارڻ ۾ منهنجي پياري دوست برڪت علي آزاد جو وڏو هٿ رهيو آهي. جڏهن به ڪو ڪتاب گهريو آهي، ولايت مان به آڻي ڏيڻ ۾ مهربانيون ڪندو آهي.“
    تاج محمد خان کي سندس والد ننڍيءَ ٽهيءَ ۾ وڇوڙو ڏئي ويو. ان ڪري پاڻ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي محمد عثمان ميمڻ سان رهڻ لڳو، جيڪو پوليس ۾ آفيسر هو. سندس پڙهيل ڳڙهيل همشيره هن جي تعليم ۽ تربيت لاڏ ڪوڏ سان ڪئي. پرائمري تعليم قمبر ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ويو، جتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس لاڙڪاڻي وريو.
    ورهاڱي کان پوءِ ٽائون ٿاڻي جي ڀرسان اتر ۾ هڪ هندڪي جاءِ، جيڪا ڪنهن مهاجر کي الاٽ ٿي، هن ڪوشش ڪري ڳنهي ورتي، جتي ابڙي صاحب وڪالت جو ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جلد ئي قانون جي پيشي ۾ نالو پيدا ڪري ورتائين. سندس اوطاق جيڪا لاڙڪاڻي ۾ مشهور اوطاق هئي، جتي هر قسم جي سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن جي اچ وڃ رهندي هئي. هتي هميشه ڪچهري متل رهي. ابڙي صاحب سياست، ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ نالو پيدا ڪري ورتو. تاج محمد روايتي دوستيءَ کي ته قائم رکيو، پر سياست ۾ نواڻ کي ضروري سمجهيائين. ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي آڇ ۽ سڏ تي ان سان سٻنڌ جوڙيائين. بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ بقاپور يونين جي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ ساڳيءَ يونين جو چيئرمين چونڊجي ويو. 1972ع ۾ عدالتي کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪيائين. ڪافي سال لاڙڪاڻي کي خيرباد چئي، سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي نوڪري ڪندو ڦرندو رهيو. نيٺ عدالتي کاتي تان سيشن جج جي ڪڙي مان آزادي وٺي، وري لاڙڪاڻي ۾ آيو. مون کي جڏهن خبر پئي ته مان ساڻس ملڻ ويس. ساڳي ئي سپت هئي – ”سپت ڀريا سپرين، ڪپت مور نه ڪن“ جيان پاٻوهه جو پتلو ۽ رهاڻ جو راڻو هو. پوءِ ته ميل ميلاپ ٿيندو رهيو. ساڳئي ئي سال ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ کان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري ورتي. انهيءَ ڪري ڪچهريءَ ۾ ڪنهن به موضوع جي رس رهاڻ ۾ ربط ۽ ضبط رهندو هو، ان ڪري ريجهه ۽ رهاڻ ۾ ساءُ ۽ مزو رهندو آيو.
    وقت گذرندي ويرم نه لڳي ”پلڪن مان پهر ٿي، لنگهيو ورهه وڃن“ جيان 1986ع جو سال پهچي ويو، جنهن جو پهريون جنوري به لنگهي ويو، نيٺ مارچ اچي ڪڙڪيو. هن ماهه موت جو اڀاڳو نياپو آندو، جنهن کي هن خوشيءَ سان مڃيو. هڪ فارسي شاعر چيو آهي:
    ترجمو: ”توکي ياد آهي، تنهنجي ڄمڻ سان اسين کليا هئاسون ۽ تون روئين پيو. جڏهن تنهنجي مرڻ جو وقت آيو، تڏهن اسين روئون پيا ۽ تون وري کلين پيو.“
    تاج محمد خان ابڙي جي ڏکوئيندڙ موت تي سندس ڪن دوستن جا تاثرات هيٺ ڏجن ٿا:
    جي.ايم سيد:
    ميان تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جو انسان دوست، خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. افسوس جو جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جو اسان کي ارمان آهي. مخلص دوست، يارن جو يار، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هو. آخر ۾ وڪالت ڇڏي جج ٿيو. خدا جنت ۾ جايون ڏئيس.
    تنوير عباسي:
    تاج محمد ابڙو کلڻو ملڻو، جڏهن ملوس ته ٽهڪ ڏيندو، دوست کي ڏسي خوش ٿيندو. اهڙن دلبرن کي وساري نٿو سگهجي.
    مير علي احمد ٽالپر مرحوم:
    مون کي پنهنجي انتهائي پياري دوست تاج محمد ابڙي جي موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو آهي. مان ۽ منهنجي فيملي اوهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون. الله مٿس رحم ڪري.
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي:
    تاج محمد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، جڏهن کان تاج محمد جي لاڙڪاڻي ۾ شام واري ڪچهري ختم ٿي، تڏهن کان وري مان ڪنهن دوست وٽ لڙي نه ويو آهيان، ڇوته تاج محمد جي ڪچهريءَ کان پوءِ ڪا ڪچهري ڪانه رهي آهي ۽ دل ڪانه ورندي آهي ته ڪنهن وٽ وڃي ڪو ڏُک سور ونڊجي، ڇوته تاج محمد وانگر وري ڪوبه وڪيل دوست ۽ ساٿي ساڳي Wave length تي نه رهيو آهي.
    نواب نبي بخش خان ڀٽو:
    تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائن جهڙو دوست، مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. منهنجو ڪم پنهنجو سمجهندو هو. هن جي گذاري وڃڻ جو مون کي سخت ڏک آهي. مون کي هُو هر وقت ياد هوندو آهي.

    (هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو، الوحيد، سرواڻ، پڪار )


    سنڌ جو املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: مونس بخاري

    سنڌ صدين کان مردم خيز ڌرتي هجڻ وارو ڀرم بحال رکيو پئي اچي. منهنجي وطن ۾ اها زرخيزي اڃا قائم آهي، توڙي جو ڪنهن ناياب پکيءَ جي نسل جهڙا ”انسان“ بيقدري جهان مان لڏي پرلوڪ پڌاريندا وڃن پيا، جيڪي مٽيءَ کي ڇُهي سون بنائڻ واري ڪمال کي پهتل هجن ٿا. سندن سڏ پڙاڏا بڻجي گونجن کان اڳ خوشامد، منافقيءَ ۽ ڪوڙ جي لڙ ۾ لڙهي وڃن ٿا، اسان جون بي نور نظرون کين سڃاڻڻ کان سواءِ تڪينديون رهجي وڃن ٿيون.
    سائين تاج محمد ابڙو به اهڙي بيقدري جهان ۾ جنب گذاريو، پر پوءِ به خوش نصيب هو جو کيس سائين جي.ايم سيد، جمال الدين بخاري، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، خان عبدالوالي خان، عطاءَ الله مينگل، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر ۽ اياز قادريءَ جهڙا دوست ۽ قدردان مليا، جيڪي سندس لاڙڪاڻي واريءَ اوطاق تي هر روز شام جو ٿيندڙ ڪچهرين ۾ اڪثر ساڻس شريڪ ٿيندا هئا، جتي علم، ادب، سياست، فلسفي سميت هر موضوع تي محفلون مچنديون هيون.
    تاج محمد ابڙي جهڙا ناياب ۽ نرالا ماڻهو مون پنهنجي مختصر ڄمار ۾ ڪونه ڏٺا آهن. پنهنجي سنگت ۽ صحبت ۾ ”ڪامريڊ“ سڏيو ويندڙ سائين تاج محمد ابڙو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ايماندار جج، سياستدان، اديب، صحافي، دانشور، ڪامياب وڪيل ۽ سماجي شخصيت طور به پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ تعلقي ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم قمبر شهر جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائون، جڏهن ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ تائين ڪشالا ڪاٽيائون.
    1948ع دوران قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ شرط لاڙڪاڻي ۾ علائقي جي مشهور وڪيل شمس الدين ابڙي سان گڏجي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائون. ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران سائين تاج محمد ابڙي ان وقت جي وڏيءَ سنڌي اخبار ”الوحيد“ ۽ انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر طور پارٽ ٽائيم نوڪريون به ڪيون ۽ ريڊيو ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر پڻ رهيا. انهيءَ عرصي دوران پاڻ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي ويجهو اچڻ ڪري ڪميونسٽ ۽ ٽريڊ يونين ڪارڪنن سان گڏجي ڪم ڪيو. ان کان اڳ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پڻ شامل رهيا. بعد ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو ته سائين تاج محمد ابڙي کي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج بڻايو ويو.
    جج جهڙي حساس منصب تي رهڻ باوجود سندس يار ويس طبيعت ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. جج جي حيثيت ۾ سنڌ جي جنهن به شهر ۾ سندس مقرري هوندي هئي، اتي به هم خيال ساٿين جا هشام گڏ ڪري محفلون مچائيندا هئا. سندس يار ويس طبيعت جو اولڙو سندس هڪ دوست ۽ سنڌ جي معتبر شخصيت سائين عبدالغفور ڀرڳڙيءَ ائين لکيو آهي ته: ”هر قسم جي ماڻهن سان تاج محمد ابڙي جي دوستي هئي. ڪي شراب جا شوقين هئا ته ڪي وري زاهد ۽ عابد هئا، ڪي چور چڪار ۽ بدمعاش هئا ته ڪي شرافت جا مجسما هئا، ڪي دوستيءَ جي نشي ۾، ڪي سياست جي خارزار ميدان تي خاڪ نشين هئا.“ حيرت جي ڳالهه آهي، هن ملڪ ۾ جتي ججن کي تقريبن ۾ وڃڻ ۽ عام ميل جول کان روڪيو ويندو آهي، اتي اهڙي ماحول ۾ سائين تاج محمد ابڙو نه رڳو محفلون مچائي ويٺو هوندو هو، پر روپوش سياسي ساٿين کي پناهه ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو.
    ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم سان سندن تعلقاتن بابت سندن هاءِ اسڪول جو دوست ۽ ناميارو ليکڪ سائين اياز قادري لکي ٿو ته: ”لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان قاضي فضل الله ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان نه فقط هن جا گهرا تعلقات هئا، پر اهي ٻئي تاج محمد ابڙي جي سياست ۽ ماڻهن جي نفسيات بابت ڄاڻڻ سبب هن کان ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ صلاح مشورا وٺندا رهندا هئا. اليڪشن واري زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خاص طور تاج محمد ابڙي وٽ ايندو هو يا کين پاڻ وٽ گهرائيندو هو.“ ڪامريڊ برڪت علي آزاد پنهنجي هن دلبر دوست لاءِ لکيو آهي ته: ” تاج محمد ابڙو مرحوم 1970ع ۾ وڪالت ڇڏي سيشن جج ٿي، سکر آيو. مان به شيخ اياز جي چوڻ تي جيڪب آباد ڇڏي، سکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. مان ۽ ابڙي صاحب جا ٻيا ڪافي دوست شام جو تاج محمد ابڙي جي بنگلي تي اچي، ڪچهري ڪندا هئاسين. تاج محمد ابڙو سرڪاري نوڪري ۾ هوندي به اهو ساڳيو ئي تاج محمد ابڙو هو، جو ججيءَ کان اڳ ۾ هو. ساڳيون ئي ڪتابن واريون ڳالهيون، ساڳيون هاري تحريڪ ۽ ترقي پسنديءَ جون صلاحون ۽ مشورا، ساڳيو آزاد منش، ترقي پسند، انسان دوست. سکر ۾ ان سلسلي ۾ اسان جو حلقو جو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، فتح الله عثماني ۽ فتاح ملڪ وغيره هئا.“
    عجب جهڙي ڳالهه آهي ته سائين تاج محمد ابڙي صاحب، ننڍي کنڊ جي سرموڙ سياستدانن ۽ اديبن سان صحبت هوندي به، سڄي عمر ڪا لکڻي به نه لکي. هونئن ته پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ جي باني ڪارڪنن مان هڪ هئا ۽ ادبي سنگت ٺاهڻ لاءِ پهرين گڏجاڻي به لاڙڪاڻي ۾ سندن اوطاق تي ٿي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سائين تاج صحرائي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا اديب، شاعر شريڪ ٿيا هئا ۽ هو سڀ کيس صرف ”ادب دوست“ لکن ٿا، پر آءٌ سمجهان ٿو ته تاج محمد ابڙو هڪ اهڙو genius جينيس هو، جيڪو اديب، دانشور جهڙن لقبن کان گهڻو ۽ تمام گهڻو مٿانهون هو. سائين تاج محمد ابڙو 62 سالن جي ڄمار ۾ 10 مارچ 1986ع تي هيءَ دنيا ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.

    (هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل)


    پنهنجي دؤر جو هڪ يادگار ڪردار ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: جمن جيساڻي

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ اهو شخص هو، جنهن اڳتي هلي پنهنجي علائقي سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۽ ملڪ جو نانءُ روشن ڪيو. سندس سڃاڻپ هر حوالي سان ٿئي ٿي. عملي، قانوني، سياسي ۽ سماجي طور هو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن ۽ دوستن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي ننڍيءَ عمر کان انهن تنظيمن ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪيو ۽ باقاعده ميمبر ٿي تنظيمن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندو آيو. هو انهن تنظيمن جي پليٽ فارمن تان سچ ۽ حق لاءِ آواز بلند ڪندو آيو، ڏکين ۽ هيڻن جو هڏ ڏوکي ٿي سچ ۽ حق چوڻ کان هُن ڪڏهن به نه ڪيٻايو. سچ پڇو ته تاج محمد ابڙو چيٽ جي چانڊوڪين راتين ۾ پوهه، مانگهه، ماهه جي سرد اونداهين راتين جو اهڙو نکٽ آهي، جنهن ٽيڙو، ڪتيون، لاکي کٽ، سانجهي تارو يا صبح واري وهائو تاري وانگر چلڪي چمڪي راهه ڀليلن کي گس جو ڏس ٿي ڏنو. انهيءَ ڪري اڄ ڏينهن تائين سندس ڳالهه پئي ڳائجي. لاڙڪاڻي واسي هجن يا نوابشاهه ۽ سکر وارا، شڪارپوري يا خيرپوري هجن، جن جي به مدد ٿي ڪيائين، سي اڄ سوڌو کيس ياد ڪري آبديده ٿيو پون. جهڙو سندس ڀلو نالو، اهڙا سندس يار دوست ۽ سنگت، جن ۾ قاضي فيض محمد، جي.ايم سيد، شيخ اياز، اياز قادري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي. مطلب ته ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي“ وانگر انهن يارن دوستن ۽ سوين همدردن جي جهرمٽ ۾ سدائين چمڪندڙ، کلمک، خوش اخلاق، شيرين زبان، يارن جو يار، سدائين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ رڌل، عام غريب غربي جي ڏکيءَ مهل ڪم اچڻ، سندن مالي، اخلاقي، سياسي، قانوني مدد ڪرڻ جو جهڙو ٺيڪو کنيل هوندو هوس.
    سندس سڀ دوستن پنهنجين پنهنجين آتم ڪٿائن ۾ تاج محمد ابڙي کي ياد ڪندي لکن ٿا ته: هميشه ٻين جي مدد ڪرڻ ڄڻ سندس فرضن ۾ شمار ٿيل هوندو هو. وقتي حالتن تحت هلڻ ۽ ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، اي مرڪ مانجهيان“ وانگر سندن يادگيريون ڪرڻ، قيدين جي سار سنڀال لهڻ، يارن دوست ۽ انهن جي پويان اهل اولاد تي هٿ رکڻ، وڙ ڪرڻ، غريب غربي جي دانهن فرياد ٻڌڻ، انهن جي هر طرح جي مدد ڪرڻ، مطلب ته ڪهڙا چئي ڪهڙا چئجن سندس ڀال ۽ ڀلايون. سندس ڪو دوست پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته: آءٌ سندس جاءِ جڳهه تي مهمان ٿي ويس. اها جاءِ پوليس ٿاڻي جي ڀرسان هئي. اسين رات جو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مشغول هئاسين ته دانهون ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ پاڻ هڪدم ڪن ڪيٽا ڪري ٻڌڻ بعد چوڻ لڳو ته: ”اڄ وري هنن حرامين پوليس وارن ڪنهن غريب کي ڦرڻ، ڦاسائڻ لاءِ جهلي آندو آهي، جنهن تي جسماني تشدد ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻ ٿا چاهين.“ ان وقت لاڙڪاڻي جو ڪمشنر عبدالله چنا هو، جيڪو مخالفن ۽ ٻين جي چوڻ تي ابڙن سان گهٽ ٺهندو هو. تاج محمد ابڙو اوڏيءَ ئي مهل اٿيو ته وڃان ٿو عبدالله چنا وٽ، هينئر ئي ملندو، جي نه مليو ته پوءِ صبح جو ڏسي وٺندس. ائين چئي آڌيءَ رات جو پيرين پيادو ڪمشنر هائوس پهچي عبدالله چنا کي گڏ وٺي اچي واپس پهتو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي ويهي ٻڌ اهي ڪوڪون ۽ دانهون. جي توهان جا فرمانبردار ماتحت مسڪينن کي ماري مڃائي، صبح جو 164 ڪرائيندا. هينئر هلي روبرو اکين سان ڏسي وٺ، متان صبح جو اهي توهان جا فرمانبردار ۽ سندس سفارشي چون ته ”ڪامريڊ ڪوڙ ٿا ڳالهائين.“ غريب مسڪين ماڻهن جون اهي ڪوڪون، دانهون ۽ آهون توهان بالا عملدارن جي ڳچيءَ جو ڳٽ نه بنجي پون! ۽ عبدالله چنا، جيڪو ابڙن جي مرڻي پرڻي مهل پرمٽ تي اڌ مڻ کنڊ ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي، سو ماڻهو آڌيءَ رات جو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي، بنا انٽري ٿيلن کي ڇڏائي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪرائي! ڇا ٿا سمجهو، هئي نه مڙسن ۾ مڙسي!
    لاکا لک سمجهن ڦولاڻيءَ پير ٻيو!
    جسماني تشدد جو نوٽيس وٺندي، پوليس جي ڇڙواڳيءَ کي باقاعده لغام ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي جي ٿاڻن تي مارڪُٽ وارو رواج ختم ٿيو، جيڪو ڪيترو وقت هلندو آيو. پوءِ اها وبا پ پ پ جي بانيءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ مخالفن کي مڃائڻ لاءِ ٻيهر شروع ٿي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين پنهنجن زورن تي آهي. ٻيو هڪ مشهور واقعو يعني ”غنڊه ائڪٽ“ کي هميشه هميشه ختم ڪرائڻ وارو هو. لاڙڪاڻي وارا جرئت منداڻن ڪمن جي حوالي سان منهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن. ها، ”غنڊه ائڪٽ“ کي خدا ختم ڪرايو، اهو به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ۽ شمس الدين ابڙي جي هٿان. يوسف پٽيل بهاري نالي شمس الدين ابڙي وٽ ملازم هوندو هو. ملازم يوسف پٽيل بهاريءَ کي ”غنڊه ائڪٽ“ تحت چالان ڪرايو ويو. تاج محمد ابڙي، شمس الدين کي چيو ته: ”اڄ ملازم انهيءَ ائڪٽ ۾ چالان ٿيو آهي، سڀاڻي مالڪ به ٿي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري اهڙي قانون کي ختم ڪرائجي، جو سڄيءَ سنڌ ۽ ملڪ تان ڏرت لهي پوي.“ پوءِ هنن مڙسن مٿيرن هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ عدليه جو سهارو ورتو. سيشن ڪورٽ کان هاءِ ڪورٽ ۽ نيٺ سپريم ڪورٽ کان اهو ڪڌو قانون ”غنڊه ائڪٽ“ هميشه هميشه لاءِ ختم ڪرائي، پوري ملڪ تان اهو ڏرت لهرايو. سپريم ڪورٽ مذڪوره پٽيشن تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته قائدو قانون گورنر، گورنر جنرل يا صدر کي به پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا سان ٺاهڻ جو ڪوبه اختيار ناهي. اهو اختيار صرف ۽ صرف پارليامينٽ کي آهي، جيڪو عوام جو نمائنده ايوان آهي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جون سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قانوني خدمتون ساراهڻ جهڙيون آهن. پاڻ هميشه چوندو هو: ”بابا، نياڻين کي تعليم ڏياريو. جيستائين ماءُ اڻ پڙهيل هوندي، تيستائين سنڌ ۽ سنڌي معاشرو ترقي نه ڪندو.“ ڪنهن ڏاهي جو قول ته ’هر نيڪ ڪم پنهنجي ئي گهر کان شروع ڪريو‘ ان قول تحت عمل ڪندي، ڪامريڊ تاج محمد پنهنجين ۽ پاڙي پتيءَ جي نياڻين کي علم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ باقاعده مهم شروع ڪئي، جنهن جو اثر اهو ٿيو جو ماڻهو پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ لڳا ۽ جن پنهنجين نياڻين کي علم جي زيور سان نوازيو، سي اڄ عزت ڀري زندگي گذاري، ڪارو ڪاريءَ جهڙيءَ لعنت کان بچيل آهن. ڇا اڄ محمد حسن ابڙو ۽ شير محمد ابڙو، تاج محمد ابڙي ۽ شمس الدين ابڙي جهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندا؟

    (هلال پاڪستان، سومر 10 مارچ 2003ع)


    سنڌ جي امر شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو / تحرير: علي اڪبر راهمون

    تاريخ جي ڪئنواس تي نظر وجهبي ته ڪيئي سهڻا چٽ چٽيل نظر ايندا ته ڪي ڪارا ليڪا. سڀئي سهڻا چٽ انساني ڪارنامن، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ ڪي ڪارا ليڪا ڌرتيءَ جي غدارن ۽ ڪپوتن جي اعمالن جو ڏس ڏين ٿا. سڀئي ڀلا ماڻهو هڏ ڏوکي، آدرشي ڪنهن هنڌ گڏيل نظر نه ايندا. بلڪه سئنواريل تلاءَ ۾ ٽڙندڙ ڪنول وانگي پنهنجي هجڻ جو ثبوت ڏيندا. سول سوسائٽي (Civil Society) جيتري پکڙيل ۽ وکريل آهي، انهيءَ جي اصل رَس ۽ چس جي خبر به انهيءَ ڪري پوندي آهي جو اها کليل آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ عسڪريت Single Command ٻڌل ۽ بند پيل هوندي آهي، انهيءَ ۾ غرور، تڪبر ۽ وڏائي نظر ايندي آهي. سول سوسائٽي جي مختلف Segments جي ملڻ سان ئي هڪ مالها جڙندي آهي ۽ انهيءَ مالها جي سڀني مڻين جي پنهنجي وجود ۾ هڪ هجڻ جي باوجود گهڻ رخيون ۽ گهڻ پاسايون شخصيتون هونديون، جن جو سحر صدين کان پوءِ به ناهي جهڪو ٿيندو. اهي مثالي ڪردار هوندا آهن، جن کي ايندڙ نسل Ideal ڪري زندگي گذارڻ جو ڏانءُ سکي وٺندا آهن. پوءِ اهي شخصيتون توڙي جو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن، پر حقيقت ۾ اهي امر هونديون آهن. اهي پنهنجي ذات ۾ انجمن، درد رکندڙ دل جا مالڪ صرف پنهنجي لاءِ ناهن سوچيندا، پر انهن جي سوچ جو ڪو ڇيڙو هڪ فرد، خاندان يا برادريءَ لاءِ نه، پوري جهان کي سنوارڻ ۽ پتوڙڻ لاءِ هوندو آهي ۽ انهيءَ جستجو ۾ انهن جي پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويندو آهي. پوءِ به ائين قطعي ناهي ته اهي ناڪام ٿيا. اصل ۾ جنگيون کٽڻ لاءِ ناهن وڙهبيون. جنگين ۾ هار به ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ اهڙيون جنگيون به وڙهبيون آهن، جن جا نتيجا وري سالن ۽ سالن کان پوءِ نڪرندا آهن.
    اهڙي ئي سوچ ۽ لوچ رکندڙ شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي هئي. هن 8 آگسٽ 1924ع تي قادر بخش ابڙي جي گهر ۾ اک پٽي. ٻالڪپڻ ۾ ئي سندس سر تان پدري هٿ هٽي ويو. دنيا جي ڏکن ۽ ڏهنجن هن کي گهڙي ٺاهي اهڙو بڻايو، جو ساري زندگي عوام جي بهتريءَ لاءِ پتوڙيندي گذاري ڇڏيائين. وڪالت، استاد، جج، سياستدان، صحافي ۽ ادبي کيتر ۾ نوان چهرا متعارف ڪرائيندڙ هن شخص کوڙ تڪليفون ڏٺيون، پر وڏين نوڪرين تي فائز هئڻ باوجود ڪڏهن به ڇلڪيو ۽ هٽيو ڪونه!
    وڪالت دوران ڪيترن غريب ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهيو. کيس فوجداري ڪيسن جي حوالي سان وڏي ڄاڻ هئا. آڏيءَ پڇا ۾ ئي ڪوڙي شاهد جو بيان ٺهي نه جڙي!
    انهيءَ وقت جي معروف اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان خبرون پڻ پڙهيائين. وڪالت لاڙڪاڻي ۾ ڪيائين. باقي خيرپور، ٺٽو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ٿي رهيو، پر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۽ روشنيءَ جي شهر ڪراچي بدران لاڙڪاڻو کيس وڻندو هو. موسم جي حوالي کان ٺٽي کي پسند ڪندو هو، پر پينشن تي لهڻ بعد ڪجهه عرصو ٻارين ٻچين ٺٽي ۾ رهي، وري به لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ ڇڪيس ته لڏي وڃي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجا پَڊَ وسايائين.
    1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پايو وجهڻ کان وٺي سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز سندس اوطاق رهندي هئي. ون يونٽ واري دؤر ۾ گهڻا ”خان“ کپي ويا ته ڪن وڃي ”مال“ ٺاهيو، پر جن سنڌ جي سپوتن مهاڏو اٽڪايو، تن ۾ تاج محمد ابڙي صاحب جو به وڏو نانءُ آهي.
    تاج محمد ابڙي جي ويجهن ساٿين ۾ ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي.ايم سيد، حسام الدين راشدي، علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، رشيد ڀٽي، گوبند مالهي، نسيم کرل، هري دلگير درياڻي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي ۽ نور الدين سرڪيءَ سميت سنڌ جي سڄاڻ طبقي جو وڏو انگ سندس اوطاق تان ٿي ويندو هو. شام لڙيءَ ابڙي صاحب جي اوطاق تي ڪچهريون نه مچن، ائين ٿيندو ئي نه. هر روز نوان بحث، زماني جون اوڀاريون لهواريون ٻڌندڙ ۽ ٻڌائيندڙ ضرور اچي ڪٺا ٿيندا هئا. امان شيخ، ابڙي صاحب جي اوطاق کي لاڙڪاڻي جي شام جو آخري اوتارو سڏيو آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ لکيو آهي ته: تاج محمد ابڙي جي Wave Length يعني انهيءَ سطح جي سوچ ويچار جو لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو رهيو ئي ناهي.
    هن لاڙڪاڻي جي ڏنگن ماڻهن وچ ۾ رهندي به پاند پسڻ نه ڏنو، جيئن ڪيرت ڀڳت چيو آهي ته:
    کبیرا! تیری جھوپڑی گل کٹوں کے پاس
    جو کرے گا وہ بھرے گا، تو کیوں رہے اداس!
    زماني جي گهڻين برين عادتن کان وئون ويندڙ ابڙي صاحب سماج جي سڌاري ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ هڪ هفتيوار اخبار پڻ ڪڍي، جنهن جو نالو هو ”نوجوان“. اها ڪا گهڻو وقت ته نه هلي، پر انهيءَ پڙهندڙن تي اثر ضرور ڇڏيو. سندس شوق هو ته هڪ انگريزي اخبار ڪڍجي، جنهن جو نالو رکجي: View & Review، پر وقت ۽ مجبورين سبب ائين ٿي نه سگهيو. هن جي زندگيءَ ۾ ماستريءَ کان وٺي جج ٿيڻ تائين وارو سمورو سفر ڄڻ ته سندس پنڌ جو ٿڪ هو ۽ هن اهو ٿڪ ٺٽي ۽ مڪلي جي هوائن ۾ لاهڻ ٿي گهريو، پر وقت کي شايد ائين نه وڻيو ۽ هن وري لاڙڪاڻو وڃي وسايو هو. مٺي پيشاب ۽ دم جي مرض سندس ساهه سُڪائي وڌو هئس. جج جي نوڪري تان رٽائر 1985ع ۾ ٿيو. هڪ دفعي دل ۾ سور ٿي پيس، سو ڪراچي جي اسپتال ۾ پاڻ داخل ڪرايائون ۽ اتي 10 مارچ 1986ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
    هو جيڪو شخصيت ۾ انجمن هو، تنهن تي جيترو لکجي، اوترو گهٽ آهي. صرف سندس ڊائريون ئي ڇپرائي مطالعو ڪجي، تڏهن به ڇيهه نه ايندو. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي. اڄ به ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوي ٿو ته ابڙي صاحب جهڙو ماڻهو لاڙڪاڻي ۾ نه آهي. حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انهيءَ ڪري چيو هو ته:
    نه سي وؤئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي
    هو جڏهن دنيا ۾ آيو ته روئندي آيو، پر اوڙي پاڙي ۽ گهر وارا خوشي ۾ نه ٿي ماپيا. پر جڏهن هو هن فاني دنيا کي ڇڏي ٿي ويو ته مرڪندي ويو، ڇوته کيس دنياوي دولت جو اونو نه هو. هن دوستن کي دل سان ڀانيو هو ۽ دوست ئي هن جي ميراث هئا. دوست، عزيز روئندا رهيا ۽ هو هليو ويو پنهنجي ماڳ! ڪبير ڀڳت جي انهن سٽن وانگي:
    کبیرا! تم روئے دنیا ہنسے
    ایسی کرنی کر چلو، تم ہنسو جگ روئے!
    دنيا روئندي رهي ۽ هو هليو ويو، جيڪو نه صرف پنهنجن پنجن پٽن ۽ چئن نياڻين کان جدا ٿي ويو، پر ڪيئي پرايا، جيڪي پنهنجا ڪيا هئائين، تن کي يتيم ڪري ويو. هو اڄ هن جهان ۾ ناهي، پر سندس زندگي اڄ به مثالي آهي. هڪ Ideal طور هن جي Case Study وٺي تحقيق ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن ڪميونسٽ خيال هوندي جيڪا جنگ جوٽي هئي، اها جنگ هڪ ڀيرو ڇڙي پئي آهي. صديون اڳ ڏنل خون جو ريج رائيگان نه آهي وڃڻو. هڪ نئين جذبي ۽ ولولي سان اهو نعرو اٿڻو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مرحوم تاج محمد ابڙي وانگر گهاٽي بڙ جي ڇاند جهڙو ٿي بيهڻ جي ضرورت آهي.

    (روزانه هلال پاڪستان، سچ، سنڌ، مهراڻ، ڪاوش، عوامي آواز)


    وڏو ليڊر ۽ ننڍڙو مداح : پروفيسر ڀائي خان ”هالار“ سولنگي

    ٻهراڙيءَ جي طور طريقن ۾ اڄ به ائين ئي آهي ته جڏهن اوطاقن ۾ مهمان ايندو آهي ته ننڍڙن ٻارڙن کي گهرن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن. مون کي اڄ به اهو چٽيءَ ريت ياد آهي، ته آءٌ ننڍڙو هئس. پنهنجي گهر جي دروازي کان اڪيلو ئي اڪيلو نڪري اوطاق جي رستي ڏانهن وڌندو پئي ويس. شايد مون کي ڪنهن نه ڏٺو هو. ننڍڙيون وکون کڻندو وڃي اوطاق جي دروازي تي پهتس ۽ بابا جي ڀر ۾ وڃي بيهي رهيس. شايد بابا مون کي نه ڏٺو هو. جي ڏسي وٺي ها ته واپس گهر ڏانهن موڪلي ڇڏي ها ته تون ننڍڙو آهين. چوطرف بابا سميت ماڻهن ۾ انتظار هو. ياد اچي ٿو ته سڀني ماڻهن جي واتان اهو پئي آواز آيو ته، ”جج صاحب اچي پيو“.... اهو جج صاحب هو سنڌ جي شعور جو اهڃاڻ، نامور دانشور، ڏاهو سياستدان، سماج سڌارڪ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو..... اوچتو ئي اوچتو بابا جي نظر مون مٿان پئجي وئي. ڪنهن همراهه کي سڏ ڪندي چيائين: ”هن کي هتان کڻي وڃو، جج صاحب جن جي گاڏي اچي پئي، وڏا وڏا مهمان اچن پيا، هي ٻار هتي ڪيڏانهن اچي ويو.“ هو همراهه مون کي اتان بابا جي ڀرسان کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ائين ڪندي گاڏي اچي سامهون بيٺي. مون کي کڻڻ وارو همراهه پوئتي بيهي رهيو. مان ڏڪي رهيو هئس، الائي مون کي مهمان ماريندا، جو مون کي هتان واپس پيا موڪلين. ائين ڪندي هڪ عظيم شخصيت جيئن ئي پنهنجي جيپ مان لٿي، ڏٺم ته بابا سميت ڪيترا ئي ماڻهو هن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر اڳتي آڌرڀاءُ لاءِ سڀني وڌندڙ ماڻهن کي هن وڏي آواز ۾ چيو ته: ”مان سڀ کان پهرين هن ’وڏي ماڻهوءَ‘ سان ملندس“ ۽ پوءِ هن پنهنجون ٻئي ٻانهون پکيڙي مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي ورتو. خلق هٿ ملائڻ لاءِ منتظر هئي، پر هن جي ٻنهي هٿن ۽ چپن جو پيار صرف ئي صرف منهنجي لاءِ هو. ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو ته آءٌ سندس هڪ ٻانهن جي ڀاڪر ۾ قابو هئس ۽ هو هڪ هٿ سڀني سان ملائيندي اڳتي اسٽيج طرف وڌي رهيو هو. جڏهن اسٽيج وٽ ويهڻ لاءِ پهتو ته بابا اڳتي وڌيو مون کي وٺڻ لاءِ. تڏهن هن آدرشي انسان، بابا کي چيو ته: ”هي مون کي پنهنجن پٽن جيان پيارو آهي“ ۽ پوءِ هن مون کي پنهنجي آغوش ۾ ويهاري ڇڏيو. هن جو نرم لهجو، صاف ۽ چٽو آواز، ماڻهن سان مخاطب ٿيندي ٻڌندو رهيس. اها ساروڻي ساريندي هاڻي اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته هو انساني ضمير جو آئينو هو، هُو انساني دلين جو ترجمان هو، هُو سنڌ ۽ سنڌين جو اهڙو عاشق هو، جيڪو محبوب جي نيڻن مان ٽمندڙ ڳوڙها نه ڏسي سگهندو هجي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو اهو سدا حيات ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي ڏکايل ۽ ستايل عوام کي سکن جي ڇانوَ ۾ ڏسڻ لاءِ پيو تڙپندو هو. خليل جبران چواڻي: ”ياد رکو، هڪ حقيقت پسند فرد واحد، لکين انڌن ۽ بي پهچ معتقدن جي مقابلي ۾ شيطاني قوتن ۽ اڻ ڏٺل طاقتن کي زياده مؤثر طريقي سان شڪست ڏئي سگهي ٿو، دشمنن کي اذيت ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو.“ يقينًا هن جي معتبر شخصيت ۾ ديس جي عوام لاءِ محبت، همت ۽ يقين سمايل هو. سندس اهو چوڻ هوندو هو، ته همت سان منزل ماڻڻ فطري طرح انسان جي روح ۾ سمايل آهي. سچ پچ ته هن قوم جي تقديرن کي بدلائي ڇڏيو. سندس احساس ٽئگور جي هن نظم جيان مظلوم عوام کي سماج ۾ جيئڻ جو ويساهه ڏياريندا هئا:
    ”عبادتگاهه جي ڪنڊ ۾ ڇو ٿو گهنٽيون وڄائين؟ جي خدا ڳولڻو اٿئي ته وڃي اتي ڳول، جتي پورهيت پٿر پيو ڪٽي.“
    هن چوڏهين جي چنڊ جون ساروڻيون سنڌ جي جهولي ۾ سدائين چانڊاڻ جيان چمڪنديون رهنديون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سج جيان هو، جنهن جي ڏاهپ جي شعاع سان عوام پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جاڳي اٿيو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو چوڏهين جي چنڊ جيان هو، جنهن جي شعور جي روشنيءَ عوام جي دلين ۾ پيار پيدا ڪيو. ڇا سج ۽ چنڊ زمين ۾ دفن ٿي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ هنن ٻنهي شخصيتن کي مرحوم نه ٿو چئي سگهجي. هنن جو پورهيو ۽ پگهر، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي جستجو جي نئين راهه ڏيکاريندو هو، ٽئگور جي هن شعر جيان:
    منهنجي دنيا طرح طرح جا سوين ڏيئا
    تنهنجي شعلي مان ٻاريندي
    منهنجون ساريون خوش فهميون
    خوشيءَ جا شعلا ٿي ٻرنديون
    رَسي پَچي محبت جا ميوا بڻجي پونديون

    روزانه ڪاوش آچر 8 آگسٽ 2010ع


    هي ڏيئو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو! : آڪاش سنتورائي

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، اهو نالو ته اسان ننڍپڻ کان ئي ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون، پر مون کي هن وراسٽائيل شخصيت جي پروڙ ان وقت پئي، جڏهن سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي طرفان سهيڙيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ پڙهيم. حقيقت ۾ اها ان دؤر جي سحر انگريز سنگت چئجي، يا کڻي ٻيو ڪجهه، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي شخصيت گهٽ ۾ گهٽ هن وقت اسان کي ڪٿي نظر نٿي اچي. هڪ ئي وقت اديب، سماج سڌارڪ ۽ سرڪاري ملازم، ائين کڻي چئجي ته سماج جي هر ذميداري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنهنجي سر تي کنئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ اهڙن املهه هيرن جي کاڻ آهي، جن پنهنجو رت، ست، ڌڻ ۽ دولت ٻين کي ارپي، پاڻ هميشه اهڙي ڏيئي مثل بڻجي ويا، جيڪو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي اهڙو ئي هميشه ٻرندڙ ڏيئو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن سماج کي هڪ سوچ ڏني ۽ هڪ اهڙو گس ڏنو، جيڪو سنڌي قوم ۽ حقيقي انقلاب آڻڻ واري منزل طرف ئي گامزن رهيو آهي. تاج محمد ابڙي 8 آگسٽ 1924ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ قادر بخش ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد هن دنيا ۾ کيس اڪيلو ڇڏي ويو ۽ سندس ننڍپڻ پيءُ جي شفقت کان محرومي ۾ گذريو، پر ننڍپڻ ۾ ئي کيس اهڙي تربيت ملي، جو اڳتي هن پوري سماج جو بار پنهنجي سر تي کڻڻ جو عزم ڪيو. استاد، وڪيل، جج، سياستدان، اديب ۽ صحافي هجڻ جو اعزاز شايد ئي تاج محمد ابڙي کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ هجي. هن پرائمري تعليم قمبر ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، سيڪنڊري تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي. ان دوران سندس زندگي ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا مشاهدا ۽ تجربا ٿيا، جنهن بعد هو ڪراچي ويو، جتي هن ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ کان وٺي سماجي، سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز سندس اوطاق هوندي هئي ۽ ائين کڻي چئجي ته 50ع واري ڏهاڪي ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق ڏينهن رات ڀريل رهندي هئي. ان وقت جون علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتون ذوالفقار علي ڀٽو، انيس انصاري، تنوير عباسي، سائين جي.ايم سيد، رسول بخش پليجو، فاضل راهو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جمال ابڙو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون سندس اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ شامل رهيون. ائين کڻي چئجي ته ادبي تحريڪن کي جنم ڏيڻ ۾ تاج محمد ابڙو ۽ سندس اوطاق جو پڻ وڏو ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ جي زماني ۾ ڪيترا ئي اديب گوڏي ڀر گسڪي وڃي آمرن جي پيرن ڀيڙا ٿيا، پر تاج محمد ابڙي ون يونٽ خلاف ادبي تحريڪ جي شروعات ڪئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران تاج محمد ابڙو ريڊيو ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر به رهيو ۽ ”الوحيد“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. هو سماج سڌارڪ ۽ سوشلسٽ خيالن جو ماڻهو هو. ڪراچي ۾ مرحوم تاج محمد ابڙي کي سوشلسٽ خيالن وارن ماڻهن سان ملڻ ۽ سوشلزم کي سمجهڻ جو وڏو موقعو مليو، جتي هو ڪميونسٽ پارٽي طرفان سوشلزم ۽ ڪميونزم تي هلندڙ ڪلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪندو هو. لاڙڪاڻي جي سياستدانن مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ قاضي فضل الله سان تاج محمد ابڙو جا نه صرف گهرا لاڳاپا هئا، پر اهي ٻئي هن جي سياست ۽ ضلعي جي ماڻهن جي نفسيات جي ڄاڻ هجڻ جي ڪري ضلعي جي ڪيترن ئي مسئلن تي ساڻس مشورا به ڪندا هئا. تاج محمد ابڙي ترقي پسند ادب جي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. لاڙڪاڻي ۾ سندس ئي ڪوششن سان سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو ۽ شاهه لطيف لائبريري وجود ۾ آئي. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ، سنڌي ثقافت کي بچائڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به تحرڪ ورتو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هر موڙ تي سنگت جي پهرين صف وارن ساٿين ۾ شامل رهيو. هتي هڪ ڳالهه افسوس سان چئي سگهجي ٿي ته اسان وٽ ون يونٽ خلاف تحريڪ جو جڏهن به ذڪر نڪري ٿو، ته اتي هر ڀيري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي وساريو ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق ڪچهري نه هجي ها، ته شايد ون يونٽ خلاف ادبي تحريڪ اهڙي نموني نه اُڀري ها، جو ان وقت جي آمر کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا. تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”هو روشني جو پهريون ڏيئو هو، جيڪو ون يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج محمد ابڙي جي اوطاق مان ڦٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين.“ تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته مرحوم تاج محمد ابڙو اهڙو ڏيئو آهي، جيڪو ڪڏهن به وسامي نه سگهندو.

    روزانه ڪاوش ڇنڇر 8 آگسٽ 2009ع


    تاج محمد ابڙو کي سنڌ ساري ٿي : دولت رام کتري

    ضلعي لاڙڪاڻي جي سرزمين جتي عظيم سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن کي جنم ڏنو آهي، اتي لاڙڪاڻي جي عظيم مٽيءَ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙي عظيم ليکڪ، صحافي ۽ جاکوڙي ڪردار کي جنم ڏنو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو اهو ڪردار هيو، جنهن سنڌ لاءِ جاکوڙيو. هڪ صحافي، هڪ ليکڪ، هڪ سياسي ڪارڪن ۽ هڪ سماجي اڳواڻ جي ناتي هن جي سنڌ لاءِ ڪيل جاکوڙ کي اسان هرگز نٿا وساري سگهون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو واحد صحافي هو. جڏهن انهيءَ وقت سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، تڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي ميمبرن مان هڪ هيو، جنهن انهيءَ وقت شيخ اياز، گوبند مالهي، جمال ابڙو، اياز قادري ۽ ٻين سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي باقاعده سرگرم ڪيو. جڏهن ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي اديبن پاران تحريڪ هلائي وئي هئي ته ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن جو پهريون ميڙاڪو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي رهائشگاهه تي ٿيو هو. اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائي، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو.
    انهيءَ وقت ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ پڻ جاکوڙيو ۽ انهيءَ وقت حيدر بخش جتوئي سان گڏجي جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي تنظيم جو بنياد رکيو. ضلعي لاڙڪاڻي جي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ توڙي نوجوانن کي علم ۽ ادب سان سرشار ڪرڻ لاءِ هن شخص پنهنجي اوطاق تي ڪيترا ئي ميڙاڪا مچايا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي وقت ۾ هڪ اهم ڪم اهو پڻ ڪيو، جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ هن شخص ڀٽي صاحب کي چئي سر شاهنواز لائبريري جو قيام عمل ۾ آندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 1977ع ۾ جڏهن سيشن جج ٿرپارڪر ايٽ ميرپور خاص ٿي آيو ته انهيءَ وقت هن جو ٿر پارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص جي سياسي، سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر هرچند راءِ، مسڪين جهان خان کوسو، ڪامريڊ روچيرام، يوسف لغاري ۽ ٻين سان واسطو پيو، جيڪي سندس گهاٽا دوست پڻ هئا. ٿر جو سماجي اڳواڻ مسڪين جهان خان کوسو جڏهن ٿر مان ڪشالا ڪڍي ٿر جي مسڪين ماڻهن جا مسئلا کڻي ميرپور خاص پهچندو هو ته انهيءَ وقت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سندس مسئلا حل ڪرڻ ۾ مسڪين جهان خان کوسي جو ساٿ ڏيندو هيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت هو، جنهن جي آدرشي ڪردار سنڌ کي شعور ڏنو، سنڌي ماڻهن کي حقن جي حاصلات لاءِ گس ڏنو ۽ انهن کي سجاڳ ڪيو. سنڌ کي هن وقت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙن عظيم آدرشي ڪردارن جي ضرورت آهي.

    (روزانه خبرون، تعميرِ سنڌ، عبرت)


    هڪ ابڙي وڏ وڙي جي سار : عديل مهر

    اڄ سنڌ پنهنجي هڪ سائينءَ کي ساري ٿي. ساهه جنهن جو سنڌ ۾ هو ۽ پساهه به ان جي آجپي واري راهه تي رڙهندي پورو ٿيس. اهو پانڌي، اهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڄ وڇوڙي جي 21هين ورهيه ۾ سنڌ کي ائين پيو ياد اچي، جيئن هڪ امڙ پنهنجي سيني تان سري ويل ٻار کي ڇرڪ ڀري ياد ڪندي آهي ۽ ڳوليندي آهي ته منهنجو لعل ڪاڏي ويو؟ اڄ سنڌ ائين پنهنجي ڪامريڊ کي ڳولي ٿي ته هن جو ارڏو پٽ ڪاڏي ويو؟ هڪ امڙ جيئن ارکر محسوس ڪندي سوچيندي آهي ته الائي ان جو ٻار ڪاڏي ويو، ڪٿي ڌڪ نه لڳيس، تڪليف نه ٿئيس، ائين پوءِ جڏهن هوءَ ڏسندي آهي ته ٻار سيني تان سُري پاسي ۾ ننڊ پئي رهيو آهي، ائين ئي جڏهن اڄ سنڌ پنهنجي تاج پٽ کي پنهنجي پهلوءَ ۾ ستل ڏسندي ته هن جي آرامي هجڻ جو اطمينان ڪندي ۽ پنهنجي ساهه کي سامت ۾ محسوس ڪندي.
    سدائين اهڙي الڪي ۾ رهندڙ سنڌ جي ساهه کي روز سٽان آهي. هن جي ”ماضي“ ۽ ”موجود“ ۾ ان لحاظ کان ڪو فرق ڪونهي ته ان جي اولاد هڪ جهڙي عذاب ۾ آهي. اولاد جا اهي عذاب امڙ جي آجپي واري جدوجهد جي ڪري آهن. خلقڻهار جيئن ساهه جو مالڪ آهي، جنم ڏيڻ واري هستي تيئن ان حساب سان محسن آهي ته انسان جو جسم ان مٽيءَ مان جڙي ٿو، جنهن کي ڌرتي ماتا چئبو آهي. اهڙي طرح هن جهان ۾ هر جنم وٺندڙ ڌرتيءَ جي جگر جو ٽڪرو آهي. جنم هڪ قرض ٿئي ٿو، جيڪو فرض جي ادائيگيءَ سان ادا ٿئي ٿو. واجب الوصول جو حصول ته هتي هر ڪنهن جو مطالبو آهي، پر واجب الادا جي ادائيگي ڪي تمام گهٽ ماڻهو ڪن ٿا. جن ائين ڪيو، اُهي امر ٿي ويا. انهن امر انسانن ۾ لاڙڪاڻي جو لعل تاج محمد ابڙو به هيو، جنهن پنهنجي ڪردار سان اهو قرض لاٿو، جيڪو جنم ڏئي سنڌ هن تي چاڙهيو هو، وجود ڏئي سنڌ هن تي جيڪو واجب ڪيو هو. ڪامريڊ جي زندگي ان جي ادائيگي هئي. اڄ ان جو اعتراف سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جو ساڃاهه وارو سڄو نسل ڪري ٿو.
    ڳڻڻ ۾ تمام ٿوريون ٿينديون اهي شخصيتون، سنڌ جي جن سينڌ ڪڏهن ميري ٿيڻ نه ڏني آهي. ڪردار ۾ مگر اهي ايڏا مهان آهن، جو سنڌ انهن تي صديون فخر ڪندي. لاڙڪاڻي واري هنڌ جن عظيم ماڻهن جو جنم ٿيو، انهن ۾ هڪڙو هي ابڙو به هو، تاريخ جنهن کي تاج محمد جي نالي سان سڃاڻي ٿي، ڪردار جنهن کي ڪامريڊ بڻائي ٿو ۽ جدوجهد جنهن کي لطيف جي هنن لفظن جو حقدار بڻائي ٿي:
    ابڙو وڏ وڙو سوڙو، سَمون سُونهن سڀن
    تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي
    اهڙي سهڻي وڙ ۽ صوفياڻي طبيعت وارو تاج محمد ابڙو زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ پورهيت ڪردار به هو، پر هن معاش به ڪمايو عزت به ڪمائي، نوڪريون به ڪيون ۽ محنت جي جهان جو مهان ڪردار هو. استاد به رهيو، وڪيل به بڻيو، وڪالت جن حقن ڏيارڻ لاءِ ڪبي آهي، اُهي حق انصاف جي صورت ۾ ڏيڻ لاءِ وقت هن کي جج جي منصب تي به ويهاريو، هن ضلعي جي سطح تي ڪجهه عرصو عدالت به ڪئي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهي جهڙي جيڪي ماڻهو ڪورٽن تائين پهچندا هئا، انهن جو انصاف به ڪندو هو ۽ آئنده لاءِ سمجهه ڌارڻ جون صلاحون به ڏيندو هو، وس پُڳي هو هنن ۾ ساهه جي ۽ سنڌ جي ساڃاهه به ڏيندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن جو پورو وقت سماجي شعور جي تحريڪ ۾ صرف ٿيو. هُو جڏهن وڪيل هو، سياست هن جي ڪردار جي ڪٺ جنهن کي ڪرڻي هجي، اهو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بابت محمد ابراهيم جويو جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ پڙهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تنوير عباسي، انيس انصاري، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڪامريڊ برڪت آزاد ۽ ادل سومرو جهڙن ڏاهن ۽ ڏوٿين سندس بابت وڏي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو آهي.
    هو سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن منجهان هو. لاڙڪاڻي ۾ انهيءَ پليٽ فارم تان هن ون يونٽ جي خلاف جنگ وڙهي ۽ جيستائين اهو نه ٽٽو، تيستائين ساهه نه پٽيائين، پر ڪامريڊ جذباتي ۽ وقتي معاملن ۾ جاڏي ڪاڏي ۽ جتي ڪٿي نظر نه ايندو هو. انهيءَ ڪري سياستدانن وانگر شهرت هن جي حصي ۾ نه آئي. امان شيخ جي لفظن ۾ هو ”سنڌ جو خاموش خادم“ هو. عظيم شخصيتون ائين خاموش نظر اينديون آهن، جيئن گهرو ۽ اجهاڳ سمنڊ خاموش هوندو آهي، پر ان جي اندر ۾ وڏيون موجون پلجنديون آهن ۽ رکي رکي ڇوليون اٿنديون آهن ته ڪنارا انهن کي سمائي نه سگهندا آهن. تاج محمد ابڙو سنڌ جي اها تحريڪ هو، جيڪا تڪڙي نه پر تمام پائيدار هجڻ جي ڪري ڊگهو وقت هلي، سنڌ ۾ پنهنجا اثر ڇڏي وئي آهي. اڄ انهن اثرن کي سنڌ جي نئين نسل تائين پهچائڻو آهي. اهو ڪم ڪوئي ڪري نه ڪري، سنڌي ادبي سنگت ضرور ڪندي، جيڪا سنڌ سان ساهه ۽ ساڃهه وارو ساڳيو رشتو رکي ٿي، جهڙو تاج محمد ابڙي رکيو هو ۽ ان جهڙن ڪردارن جي ڪيترن ڪامريڊن ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ رکيو آهي، اڄ انهن سڀني کي گڏجي اماڙ کڻڻي آهي، جيڪا انڌيرن سان وڙهي سماج ۾ سوجهرو ڪري.
    ڪامريڊ جي 21 هين ورسي هن جي وڇوڙي پڄاڻان 21 هون دفعو اسان کي اهو رمائنڊر آهي ته رند تي ان راهه تي اچو جنهن تي هلندي تاج محمد ابڙي پنهنجو وقت ۽ فرض پورو ڪيو، جنهن تي سنڌ جو قرض اڃا باقي آهي. اهي سڀ شعور جي ان شاهراهه جا مسافر ٿين ته جيئن اها منزل ويجهي ٿئي، جنهن کي پاڻ وهيڻي سنڌ جي خوشحالي چئجي ٿو.
    اڄ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جا سڀ ساڃاهه وند وڏي اڪير سان ان توقير واري شخصيت جو شان ڳائيندا، جنهن پنهنجي عمر انهيءَ جاکوڙ ۾ گذاري ته منهنجي سنڌ سُکي ٿي پوي. سنڌ جو سُکيو ٿيڻ ته اڃا اکڙين جو خواب آهي، پر انهيءَ جدوجهد ۾ جن عمر گذاري، انهن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سرفهرست هو. سنڌ ۾ اڄ جيتري ساڃاهه آهي، اها اهڙن ڪامريڊن جي ڪوشش سان آهي. سنڌ جيتري ڪامريڊ آهي، اها اوتري پنهنجن ڪامريڊ ڪردارن جي ٿورائتي آهي. سنڌ جڏهن پاڻ وهيڻي ٿيندي، تڏهن اول اهي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندي، تيستائين انهن اجيبن ۽ مجيبن جا ڳڻ ڳائي سگهجن ٿا. اڄ سنڌ انهن مان هڪ محسن جا ڳڻ ڳائيندي ۽ دنيا کي ٻڌائيندي ته هو جيڪو تاج محمد ابڙو هو، ڪيڏو وڏ وڙو هو.
    ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ پنهنجي انهيءَ سائينءَ کي سارڻ جو سلسلو جاري آهي. اڄ ورسيءَ جي ڏهاڙي وڏا پروگرام رٿيل آهن ۽ ڪيترا ڏينهن اڃا شعور جون صدائون ٻڌڻ ۾ اينديون. سنڌ جو سَنڌ سَنڌ ڪامريڊ جو قرض لاهڻ جي ڪري ٿو، شهر شهر انهيءَ شعور جو شڪرگذار بڻجڻ چاهي ٿو، جتي ڪٿي پروگرام ٿين ٿا، نوجوان اچن ٿا، پنهنجن سينيئرس کان ٻڌن ٿا، ته ڪامريڊن ڪيئن سنڌي جيئاري پئي ۽ جيئڻ جي هن ڏکي وقت ۾ سنڌ کي ڪيئن جيئڻ گهرجي؟ جيئڻ جو اهڙو ڏس ۽ گس نوجوانن کي اهڙن پروگرامن ۾ ملندو آهي، هر سال حاضريءَ جو تناسب وڌندڙ آهي، سال اندر نئين سانڀر ماڻيندڙ نوجوان اچن ٿا ۽ ساڃاهه جو سبق پرائين ٿا. اڄوڪي ڏينهن تي هر سال جيان اڄ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سنڌ کي ڏنل سمجهه ۽ سُرت جون سُرڪيون ڀريون وينديون. ورسي هڪ وڏو موقعو آهي، هونئن عقل ۽ ڏاهپ جي هر موقعي تي تاج محمد ابڙو هڪ مثال حوالي طور موجود هوندو آهي، اڄ ته آهي ئي هن جو ڏينهن. سنڌ ان سائينءَ کي ڏاڍو ساري ٿي.
    سنڌ کي ياد پوي ٿو ته ڪيئن نه ”ون يونٽ“ ڪامريڊن جي ڪوششن سان ٽُٽو هو. سنڌ جي ڳلي مان اهو گهوگهو ڪڍڻ لاءِ ۽ هٿن پيرن مان اهو زنجير ٽوڙڻ لاءِ، ان زنجير ۾ جيڪي هٿ پيا هيا، تن ۾ ڪامريڊ تاج جو هٿ به هو ۽ سنڌ جي ساهه جي جيڪا مالڪي ٿي هئي، تنهن ۾ ان مالڪ جو ڪردار به هو. سنڌ کي تعليم جي شعبي ۾ به ان ڪامريڊ جون خدمتون ياد ٿيون اچن، استاد ڪيئن آداب سيکاريندو آهي، اهي آداب به ياد اچن ٿا ۽ اها وڪالت به سنڌ کان نٿي وسري، جيڪا تاج محمد ابڙو سنڌ جي ماڻهن جي ڪئي. ڪيئن ڪنهن غريب کي قانوني حق ڏياربا آهن، ڪيئن ڪنهن مسڪين جو بغير في جي ڪيس کڻبو آهي ۽ ڪيئن انهن جي دعائن کي پنهنجي في ڄاڻبو آهي ۽ ڪيئن ڪنهن مظلوم کي ڪورٽ ۾ وٺي اچبو آهي ۽ هو جيڪو ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ جهڙو به نه هوندو هو، اهو مظلوم ڪورٽ ۾ بيهي ڪيئن انصاف گهرڻ لڳندو هو ۽ اهو ان کي ملي به ويندو هو. اهو سڀ ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان تاج محمد ابڙي ممڪن بڻايو هو. ها، هو پوءِ جج جي حيثيت سان به ته منصف جي منصب تي ويٺو هو. اهي انصاف به ته سنڌ کي ياد پون ٿا. اٻوجهه ماڻهو جهالت سبب جيڪي جهيڙا ڪري عمريون ڪورٽن ۾ ڳاريندا هئا، انهن کي تڪڙو ۽ ترت انصاف، اهو ڪامريڊ جج ڏيندو هو، ڪهڙو جج آهي جيڪو ججمينٽ کان پوءِ ڌرين کي ويهي اها سرت ڏئي ته سياڻا ٿيو، سمجهه ڌاريو، جهيڙا ۽ فساد ڇڏي امن ۽ محبت سکو. پر اهو ڪم جسٽس تاج محمد ابڙو ڪندو هو ۽ ڪامياب ويندو هو. زندگيءَ جي ڪيترن شعبن ۾ هو مثالي ڪردار هو، اهو ڪردار سنڌ اڄ به فخر سان پنهنجي نئين نسل کي آڇي ٿي، سنڌ سالن کان اڄوڪي ڏينهن تي نوجوان نسل کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته جنهن به شعبي ۾ هجو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٿي ڏيکاريو.
    سنڌي ادبي سنگت کي اهو ابڙو ته هڪ ابي جيان ياد ٿو اچي. هو ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هو، هو اسان سڀني اديبن جو انهيءَ ڳالهه ۾ بزرگ هو. ادبي سنگت اختلافن کان بچيل وقت ۾ جيترو ڪم ڪيو آهي، تنهن جو ڪريڊٽ ان ڪامريڊ ڏي به وڃي ٿو. سماج جو ڪو شعبو ناهي، جنهن تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو اثر نه هجي. هن کان هڪ نسل متاثر هو، ٻيو نسل متاثر ٿي رهيو آهي ۽ اڃا الائي ڪيترا نسل اهڙي جنم جي انتظار ۾ هوندا، جهڙو ڪامريڊ تاج هو ۽ هو جيئن چاهيندو هو. هن ذاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪيل ڪم جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اهڙي ڪنهن به خفي ۽ اهتمام کان پري بيهندو هو، جتي سندس ذات تعريف جو موضوع بڻجي. انهيءَ ڳالهه ۾ هو سنڌ جو خاموش خادم هو ۽ هو اڄوڪن ڪيترن وڙهي پاڻ مڃائڻ وارن کان وڏو هو ۽ وڏ وڙو هو. اڄ انهن سڀني کي ان وڙ ۾ ڀڙ ٿيڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ليکي پاڻ کي وڏو سمجهي اهڙي ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ به نه ٿيندا آهن، جن ۾ کين خاص مهمان يا صدر نه بڻايو ويو هجي، اڄ ڪامريڊ جي 22هين ورسي ٻاويهون ڀيرو اڄوڪن ”وڏن“ کي هٿ ٻڌي اهو ڄڻ عرض ڪري ٿي ته اوهان به سنڌ جا اهڙا خادم ٿي ڏيکاريو، جهڙو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هو.

    (روزانه خبرون 10 مارچ 2008ع)


    سنڌ جي گهڻي رُخي شخصيت: ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : نور سنڌي

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي مشهور ادبي، صحافي، انقلابي سوچ رکندڙ سياسي شخصيت هو. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ ۾ 8 آگسٽ 1924ع ۾ پنهنجي دؤر جي سماجي شخصيت ۽ زميندار قادر بخش ابڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. اڃا پنڌ ڪرڻ شروع ڪيائين ته سندس والد انتقال ڪري ويو ۽ ڪامريڊ جي پالنا پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪئي. ابتدائي تعليم قمبر مان، سيڪنڊري لاڙڪاڻو مان، وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو. پاڻ ننڍي هوندي کان ذهين، سنجيده، همدرد ۽ نيڪ انسان هو. ننڍي هوندي کان سماجي ڪمن ۽ ادب سان گهري دلچسپي رکندڙ هو. ڪراچي ۾ سندس ملاقات ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ان جي معرفت ٻين ڪامريڊن ۽ ٽريڊ ورڪرن سان ٿي. ان بعد ڪامريڊ جي سوچ انقلابي بڻجي وئي. پاڻ ون يونٽ خلاف ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ جو انتهائي سرگرم، پر گمنام سپاهي هو. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد به سندس لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ رکيو ويو ۽ سنڌي ادب کي ٻوٽي مان وڻ ڪرڻ وارن ۾ به سندس وڏو ڪردار هو، جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي سان گڏجي پاڻ سنڌ جي هارين جي حقن جي حاصلات، مسئلن جي حل ۽ هارين سان زميندارن جي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين خلاف ڀرپور ۽ منظم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي جو بنياد وڌو ۽ اپر سنڌ ۾ مڪمل طور فعال بڻايو.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دنيا جي سياسي صورتحال ۽ انقلابي تبديلين بابت تازو مواد هٿ ڪري پنهنجن نوجوان دوستن کي پڙهائيندو هو. پاڻ عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ ٻين اهڙين سياسي پارٽين ۾ سرگرم رهيو، جن وٽ غريب، مسڪين ماڻهن جي ڀلائي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد جو پروگرام هو. پاڻ انهن پارٽين، تحريڪن ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو، پر سندس ڪم ۽ جدوجهد انهن پارٽين ۽ تحريڪن جي ليڊرن کان به وڌيڪ تيز هو. پاڻ 1947ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ڪراچي کان اباڻي شهر لاڙڪاڻي پهتو. پاڻ مظلوم ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ لڙڻ لڳو. سندس ويجهن دوستن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، اياز قادري، شيخ اياز، قاضي فضل الله، تنوير عباسي، فتح الله عثماني، رشيد ڀٽي، ڪامريڊ مولوي نظير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين، ڪامريڊ برڪت آزاد، جمال ابڙو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، سائين جي.ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، گوبند مالهي، مخدوم طالب الموليٰ، هري دلگير، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، نور الدين سرڪي، ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي، محمد عثمان ڏيپلائي، سيد قادر ڏنو شاهه ۽ ٻيا سوين شامل آهن.
    صدر ايوب خان جي دؤر ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، فاطمه جناح گروپ جي حمايت جو اعلان ڪيو ته صدر ايوب، ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو ته پنهنجي دوست ڪامريڊ تاج محمد کي منهنجو پيغام رسايو ته هو فاطمه جناح بجاءِ اسان جي حمايت ڪري. پاڻ ايوب خان جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ صدر ايوب انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون ته بلوچستان ۾ ڪامريڊ جي بلوچ دوستن اڪبر بگٽي، عطاءَالله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، خير بخش مري ۽ ٻين کيس بلوچستان اچي سياسي پناهه وٺڻ جو چيو ۽ پاڻ سنڌ مان جلاوطن ٿي ڪافي عرصو بلوچستان ۾ رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب کان بغاوت ڪري پ پ جو اعلان ڪري رهيو هو ته ڀٽو صاحب نه صرف ڪامريڊ سان مشورو ڪيو، پر پ پ کي سنڌ ۾ فعال ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. ان تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪيترن ئي قوم پرست انقلابي ڪامريڊن سان گڏ مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر کي پ پ ۾ آندو ۽ پ پ کي فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪامريڊ جي لاڙڪاڻي واري اوطاق سياست ۽ انقلابي ميڙاڪن جو مرڪز بڻيل هئي. روزانو رات جو ڪامريڊ جي اوطاق تي اديبن، شاعرن، دانشورن، انقلابي ذهن رکندڙن جا ميڙا متل هوندا هئا. پاڻ ڪراچي ۾ رهڻ دوران ڊان ۽ الوحيد ۾ ڪم به ڪيو. بعد ۾ الوحيد جا ايڊيٽر ٿيا. الوحيد، ڊان ۾ آزادي واري تحريڪ ۽ مظلوم غريبن جي مسئلن تي سندس آرٽيڪل، اداريه صحافتي تاريخ ۾ سُنهري اکرن ۾ لکڻ جهڙا آهن.
    پاڻ ڪافي عرصو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر به رهيا. 1972ع ۾ سندس ذهانت جو فائدو وٺندي، ذوالفقار علي ڀٽو کيس ايڊيشنل سيشن جج مقر ڪيو. 13 سال ان عهدي تي رهڻ بعد سيشن جج جي عهدي تي پهچي پاڻ رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد واپس لاڙڪاڻو اچي ساڳيا سياسي، سماجي، ادبي ميڙاڪا مچائڻ لڳا. سيشن جج جي حيثيت ۾ پاڻ ڪابه سفارش نه مڃي ۽ انصاف ڀريا فيصلا ڪيا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اها عظيم شخصيت هئي، جو غريبن جي اولاد کي تعليم لاءِ همٿائيندا هئا ۽ نياڻين جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوششون ورتيون. پاڻ پنهنجي ٺٽي جي دوستن جي بيحد اسرار تي مڪلي تي عظيم الشان گهر ۽ اوطاق ٺهرائي اتي اچي رهيا. هيڏي وڏي شخصيت هئڻ جي باوجود فقير منش، انتهائي سادگي پسند هئا. هي قول جو پڪو سچو هڪ آدرشي انسان پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. سندس ڪوششن ۽ همٿائڻ سان ڪيترا ئي نوجوان وڏا اديب، شاعر ۽ دانشور بڻيا. اها جدا ڳالهه آهي ته هاڻي اهي ماڻهو ڪامريڊ کي سندس ورسي تي به ياد نٿا ڪن.
    10 مارچ 1986ع تي عظيم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ڪامريڊ وٽ بهترين ڪتابن تي جتي وڏي لائبريري هئي، سندس وفات بعد سندس وارثن ڪتابن جو وڏو تعداد سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري لاڙڪاڻو کي تحفي ۾ ڏنا. ڪافي قيمتي ڪتاب پڙهڻ جي بهاني ڪامريڊ جا دوست کڻي ويا، جيڪي بعد ۾ واپس نه ڏنا. اڄ هن عظيم هستي جي 25 ورسي آهي. اسان سندس عظمت، جدوجهد، سچائي کي سلام پيش ڪريون ٿا. سندس جدوجهد واري زندگي ايندڙ هر نسل لاءِ روشنيءَ واري واٽ هوندي. اڄ سڄي سنڌ ۾ مختلف ادبي ثقافتي ادارن ۽ سنڌ صحافي سنگت پاران سندس ورسي ملهائي پئي وڃي.

    (روزانه مقدمو، عبرت، تعميرِ سنڌ، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، برسات، سنڌو، عوامي آواز)


    دنيا گول آهي : امجد علي قاضي

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي اسان کان جدا ٿئي 22 ورهيه وهامي ويا، پر سندس ڏک جهڪو ڪونه ٿيو آهي. هو ڪو معمولي ماڻهو ڪونه هو. سندس شخصيت کي انجمن چوڻ يا هڪ مڪمل اڪيڊمي چوڻ به سندس نالي کي گهٽائڻ برابر آهي. هو هڪ Encyclopedia شخصيت هو. پاڻ ڪجهه به نه لکيائين، پر سوين اديب پيدا ڪري ويو. استادن کي سندس شخصيت مان تعليم ڏيڻ جا نوان نمونا مليا ۽ خبرون پڙهڻ وارن کي سيکاريائين ته خبر کي محسوس ڪيئن ڪرائبو آهي. دوستن کي دوستي رکڻ ۽ نڀائي ڏيکارڻ هن سيکاري. هو ڪو سياسي ليڊر به ڪونه هو، پر پنهنجي اندر ۾ پوري سياسي پارٽي ليڊر کان ويندي معمولي ڪارڪن تائين هُو پاڻ سڀ ڪجهه هو، سندس سوچ مان محسوس ٿيندو هو ته هُو سنڌ جو سڄاڻ ۽ ڏاهو شخص هو. سندس دل ۾ سنڌي قوم لاءِ جيڪو درد ۽ احساس هو، ان مان ائين محسوس ٿيندو هو ته هو چاهي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو سُستي ڇڏين ۽ پنهنجي ٻولي ۽ وطن لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪن ۽ سنڌ کي بين الاقوامي درجي ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙين. سندن شخصيت ۾ اهڙو ته جادو هو، جو هُو پهرين ملاقات ۾ ملاقاتي جي ايترو ته اندر لهي ويندو هو، جو هو چاهيندي به کيس دل جي اونهائين مان ٻاهر ڪڍي نه سگهندو هو. منهنجو ساڻن رشتو جنريشن گيپ وارو هو. هُو بابا کان عمر ۾ ٻه سال ننڍو هو، پر کيس بابا جو همعصر چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي وڪالت هڪ ئي سال پاس ڪئي ۽ وڪالت جي شروعات لاڙڪاڻي کان ئي ڪئي. پوءِ بابا وڃي ميهڙ وسائي، وري لڏي حيدرآباد هليو ويو، پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيو. مان جڏهن ڄائو هئس ته بابا شڪارپور ۾ سٽي مئجسٽريٽ هو ۽ چاچا جمال ابڙو سب جج جي عهدي تي فائز هو. امان چواڻي ته مان جڏهن ڄائو هوس ته امان ۽ بابا کان پوءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اهو پهريون شخص هو، جنهن مون کي هنج ۾ کنيو هو. خاندان وارا شڪارپور کان پري هجڻ سبب پوءِ پهتا هئا. ڪامريڊ تمام شرميلو ۽ عورت ذات جو ادب ڪرڻ وارو ماڻهو هو. ڪڏهن به عورت سان اک ۾ اک ملائي ڪونه ڳالهائيندو هو. جڏهن عورت سندس سامهون ايندي هئي ته سندس نيڻ سندس پيرن کان مٿي ٿي ڪونه سگهندا هئا. شايد سندس انهيءَ حياءَ واري نور جو اثر هو، جڏهن مون کي حيدرآباد جي پگٽ ڪانونيٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، مان اتي هڪ ڏينهن به ويهي ڪونه سگهيو هئس، ڇوته پڙهائڻ واريون سڀ ماسترياڻيون هيون ۽ ڀڄي وڃي زوري آزاد ميدان هيرآباد واري جامع مسجد جي سامهون واقع ديني مدرسي ۾ پاڻ کي داخل ڪرايم. ٿورو سانڀر سان ٿيس ته رتوديرو جي پرائمري اسڪول ۾ وري سنڌي پڙهيم. جڏهن ماستر الف ب پڙهائي، چيائون: پٽ پڙهه ت تارو پر مون چيو ته ت تارو وري ڇا جو، ت چاچا تاج محمد ابڙو. امان ڳالهه ڪندي هئي ته مان جڏهن ڪافي وڏو ٿي ويو هئس، تڏهن تائين مون کي سڳن چاچن جي نالن جي خبر ڪونه هوندي هئي. ڪو پڇندو هو چاچا گهڻا اٿئي؟ ته چوندو هوس: هڪ چاچا جمال ابڙو، ٻيو چاچا تاج محمد ابڙو. بابا جي نوڪري ڪري اسان شهر شهر ڦرندا هئاسين ۽ جتي به هوندا هئاسين، اتي چاچا جمال ابڙو ۽ چاچا تاج محمد ابڙو ضرور ايندا هئا، تنهن ڪري انهن کي ئي سڳو چاچو سمجهندو هئس ۽ وڌيڪ دل چاچا تاج محمد ابڙي سان هوندي هئي، جو هو وهيءَ ۾ مون کي پنهنجي وهيءَ وارو لڳندو هو ۽ چاچا جمال ابڙي جو وري ائين ادب ڪندو هئس، جهڙو بابا جو ڪندو هئس. ڪامريڊ ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته رتو ديرو ۾ ئي مون ويٺي گهر جي سامهون پارڪ ۾ مٽيءَ ۾ راند کيڏي، ان دوران ڪامريڊ آيو، سو امان نوڪر کي چيو ته امجد کي لڪائي اندر کڻي اچ، جيئن ڪامريڊ کي نه ڏسي ته ڪپڙا مٽائي پوءِ ٻاهر وڃي. نوڪر مون کي کنڀي اندر وڃڻ لڳو ۽ پنهنجي پر ۾ پوري ڪوشش ڪيائين ته منهنجي نظر ڪامريڊ تي نه پوي، پر الائي ڪيئن منهنجي نظر وڃي بابا ۽ ڪامريڊ تي پئي، سو مان نوڪر کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي وڃي ڪامريڊ جي هنج تي چڙهيس. جڏهن نوڪر وڃي اندر ڳالهه ٻڌائي ته امان ٿوري ڏاڍي آواز سان نوڪر کي ڇڙٻ پٽي. آواز ٻاهر ٻڌڻ ۾ آيو ته بابا ۽ ڪامريڊ ٽينس ٿي ويا. ڪامريڊ بابا کي چيو ته يار قاضي صاحب! ڀانيان ٿو مون کان ڪا وڏي چوڪ ٿي آهي ۽ ڀاڄائي ناراض ٿي پئي آهي. بابا به اٿيو ۽ اندر آيو. جڏهن ماجرا جي خبر پئي ته کِلندو اندران نڪتو ۽ ڪامريڊ کي چيائين ته يار! هن امجد سڄو ممڻ مچايو آهي. تنهنجي ڀاڄائي ناراض ان ڳالهه تي ٿي ته تنهنجي ڪپڙن تي هي مٽيءَ ۾ ڀريل شهزادو چڙهي ويٺو آهي، ان ڳالهه تي پئي چيائين. ڏاڍو کليا پر ڪامريڊ بجاءِ جو مون کي هنج مان لاهي، مون کي کڻي سيني سان لاتائين ۽ ان ئي طرح مون سان کيڏندو رهيو.
    جڏهن مان چوٿون پنجون درجو پڙهندو هئس ته بابا هتي لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ ڪلاس سول جج هو. جج هجڻ جي ناتي عام ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهٽ هوندي هئي، ڇوته ڄائي ڄم کان منهنجي دوستي چاچا تاج محمد سان هوندي هئي. ان ڪري ان وهيءَ ۾ به پاڻ کي وڏو سمجهندو هوس ۽ پنهنجي ڀر ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي، علي محمد ڪيهر، عبدالرزاق سان وڏن وانگر ملندو هوس. ان زماني ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي ٻاهران ننڍڙي مسجد ڦٽل حالت ۾ هئي ۽ ان جي سامهون واري بنگلي ۾ اسان رهندا هئاسين. مون خيال ڪيو ته ان کي ٺاهجي، سو ڊي سي آفيس جي ڀر ۾ ڪوارٽرن ۾ جيڪي ٻار مون سان کيڏندا هئا، تن سان صلاح ڪري اسان جهول جهلي چندو ڪٺو ڪيو ۽ مهيني سوا ۾ مسجد کي تيار ڪري ورتوسين. هڪ مولوي صاحب به وٺي آياسين. ڪرائي تي لائوڊ اسپيڪر آڻي جمعي نماز جو بندوبست ڪندا هئاسين. ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل به لڳندي هئي. جمعي نماز کان پوءِ وري ٻار تقريرون ڪندا هئا. هڪ ڏينهن جمع نماز کان پوءِ مون پڻ تقرير پئي ڪئي ته رستي تان ڪامريڊ به پئي لنگهيو، سو هو اتي ئي بيهي تقرير ٻڌڻ لڳو. جڏهن مان ٻاهر نڪتس ته کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ چيائين: چاچا واهه واهه ٿي وئي، پر اهو ٻڌاءِ ته تقرير تو لکي به پاڻ آهي يا لفظ ڪنهن ٻئي جا آهن؟ مون چيومانس: چاچا! لفظ مولوي صاحب جا آهن ۽ زبان منهنجي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ گهر آيو ته تقريرن جو هڪ ڪتاب به کڻي آيو، جيڪو مون کي تحفي ۾ ڏنائين.
    سندن ادب جي خدمت جو اهو به هڪ نرالو انداز هوندو هو ته ڪنهن جي گهر خالي هٿين نه وڃڻو هوندو هئن ته بجاءِ مٺائي يا فروٽ وغيره وٺي وڃڻ جي ڪتاب وٺي ويندا هئا يا گراموفون جا رڪارڊ. لاڙڪاڻي کان بابا جي بدلي ٿي وڃڻ بعد ڪجهه سالن جو وڇوڙو ٿي ويو. بابا لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص ۽ پوءِ وري نوابشاهه رهيو ۽ اتان پروموشن وٺي سکر ۾ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ٿيو. اهو سال هو 1972ع جو، جڏهن ڪامريڊ به ڊائريڪٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تي ڀرتي ٿي پهرين پوسٽنگ تي سکر آيو. اهو سندس نئون روپ هو. جج جي نوڪري ۾ ماڻهو پابند ٿي وڃي ٿو ۽ ملڻ موڪلائڻ به محدود ٿي وڃي ٿو. ڪامريڊ هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، سو ان لاءِ محدود ٿيڻ به هڪ مسئلو هو، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي محدود ٿيڻ ڪونه ڏنو. اهو جتي ڪورٽ ۾ سخت جج هو، اتي شام جو سندس بنگلي تي اهي ئي ڪچهريون متل هونديون هيون.
    سندس بنگلو اسلاميه ڪاليج جي پويان هو، جتي ويجهو ئي اسلاميه ڪاليج جي استادن جا گهر هئا. اهي به اڪثر شام جو وٽس اچي ڪچهري ڪندا هئا. نه رڳو اهو، پر شاگردن کي به پورو پورو وقت ملندو هو، ڪاليج جا شاگرد ته ٺهيو، پر اسڪولي شاگرد به ساڻن ڪچهري تي ايندا هئا. مان پراڻي سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. اسان جي اسڪول جو هيد ماستر شيخ عبدالرزاق راز هو، جيڪو پاڻ به هڪ سٺو شاعر هو. جڏهن مون کيس ڪامريڊ بابت ٻڌايو ته پاڻ به اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جو وفد وٺي ساڻس ملڻ لاءِ بنگلي تي هليو ۽ ان پهرين ئي ملاقات ۾ دوست ٿي وئين.
    ڪورٽ جي ڪم ۾ ڪامريڊ جو منفرد طريقي ڪار هو. اسان جي ڪورٽن جو ڪم ٿورو ٽپيڪل آهي، جو ڪورٽ جي ٻولي انگريزي آهي ۽ شاهد سنڌي ڳالهائڻ وارا هوندا آهن ۽ اتي جو اتي لفظ به لفظ انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي رڪارڊ به رکڻو پوندو آهي، جنهن ۾ اڪثر جج صاحب پريشان ٿيندا رهندا آهن، پر ڪامريڊ ڪاما سيميڪولن سوڌو تمام سٺي انگريزي ۾ بيان لکائيندو هو ۽ سندس ڪورٽ ۾ اڪثر جونيئر وڪيل سکڻ جي خيال سان ويهندا هئا ۽ گڏوگڏ سنڌي رڪارڊ چيڪ ڪري پوءِ صحيح ڪندو هو ۽ اهو سنڌي رڪارڊ به سکڻ وارن جي پرفيڪٽ ڊاڪيومينٽ جي حيثيت رکندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻي خصوصيت اها هئي جو ڪاوڙ بلڪل به ڪونه ڪندو هو ۽ سخت ڪاوڙ جو اظهار به مرڪي ڪندو هو ۽ اها ڪاوڙ واري مرڪ به وڏو اثر رکندي هئي. پاڻ جتي جتي جج رهيا، پنهنجو پاڻ مڃايائون ۽ گهڻو ڪري هر ڪيس جو فيصلو سڀني رخن کي پرکي، پنهنجي ڊيپ ٿنڪنگ، وزڊم ۽ معاملي فهميءَ سان ڪندا هئا. ان زماني ۾ مان الطاف شيخ جا ڪتاب شوق سان پڙهندو هوس ۽ مرچنٽ نيوي ۾ وڃڻ جو شوق رکندو هوس. پاڻ جڏهن به ملندا هئا، پهريون سوال اهو ئي ڪندا هئا ته الطاف جو ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟ پوءِ ڪتابن جا نالا وٺندا ويندا هئا ۽ جيڪو ڪتاب مون وٽ نه هوندو هو ته ٻئي ڏينهن موڪلي ڏيندا هئا. اهو ساٿ منهنجي سمجهه ڀرئي وهي جو زمانو هو. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ بابا جي سکر مان بدلي ٿي وئي ۽ اسان ڪراچي وڃڻ لڳاسين ته مان چاچا تاج محمد کان موڪلائڻ ويس. ڀاڪر ۾ ڀري چوڻ لڳا: موڪلاڻي ڪونهي، ڪراچي به پري ڪونهي ۽ هيءَ دنيا گول آهي، پاڻ وري ملي پونداسين. جڏهن انٽر سائنس پري انجنيئرنگ ۾ پاس ڪيم ته بابا اهو چاهيندو هو ته مون کي وڪيل ٿيڻ کپي. مان چوندو هوس ته الطاف شيخ ٿيان. جڏهن جهيڙو وڌيو ته مون چاچا تاج محمد ابڙي ڏي رجوع ڪيو ۽ پاڻ اچي وڙهي جهڙي بابا کان موڪل وٺي ڏنائين ۽ اهو سندن ڪوششن جو نتيجو هو جو مون وڃي شپنگ جوائن ڪئي. وري ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ مون کي سمنڊ جي آب وهوا راس نه اچڻ جي ڪري الطاف شيخ ٿيڻ جو سفر اڌ ۾ ڇڏي موٽڻو پيو ته مون کان واعدو ورتائين ته هاڻي مان پنهنجو بابا ٿي ڏيکاريندس. اهو زمانو هو جڏهن چاچا تاج محمد ٺٽي ۾ هئا. بابا نوڪريءَ مان رٽائر ڪري ويو هو ۽ ٻن سالن کان پوءِ چاچا تاج محمد به رٽائر ڪري اچي بزنس مين ٿيو ۽ ٺٽي ۾ الشهباز سروس اسٽيشن کوليائين ۽ ڪاميابيءَ سان هلائڻ لڳو، پر ڪجهه سندن ناچاڪي ۽ ڪجهه بدامني جي حالتن جي ڪري کين اها سروس اسٽيشن ڇڏڻي پئي، پر ڪئي سالن تائين ان سروس اسٽيشن کي ماڻهو الشهباز جي نالي سان گهٽ، پر جج صاحب جي سروس اسٽيشن جي نالي سان گهڻو سڃاڻندا هئا. جڏهن سندن زندگي تي نظر ڦيرجي ٿي ته اهو ڀليءَ ڀت نظر اچي ٿو ته پاڻ مسلسل جدوجهد ۾ ئي رهيا ۽ سندن پوري زندگي ۾ ڪٿي به پوڙهائپ وارو تاثر نٿو ملي. ساڻن منهنجي آخري ملاقات 9 مارچ 1986ع تي ٿي هئي. توڙي جو سندن زبان ڪم ڪونه ٿي ڪيو، پر چهري تي ان وقت به پوڙهائپ ڪونه هئي ۽ اشارن سان پڇيو هئائين ته بابا ٿيڻ وارو سفر ڪٿي پهتو؟ مون سنڌ لا ڪاليج جي داخلا واري پرچي ڪڍي ڏيکاري هئي ته سندن چهري تي مرڪ تَري آئي هئي. آڱر سان شاباسي ڏني هئائين ۽ بابا کي اشارن ۾ آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. سندن زندگي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن جا نظريا به ڪڏهن پوڙها ڪونه ٿيا هئا ۽ نه نوجوانن سان محبت پوڙهي ٿي هئي ۽ پاڻ لطيف جي ڪردارن وانگر هميشه جوان رهيا ۽ رهندا.
    سندن زندگي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ هر ميدان ۾ پاڻ مڃرايو اٿن، توڙي جو اها ماستريءَ واري زندگي هجي، صحافت واري زندگي هجي، براڊ ڪاسٽر واري زندگي هجي، جج واري زندگي هجي، وڪيل واري زندگي هجي، پاڻ هرهڪ ڪردار سان پنهنجي پوري ايمانداريءَ سان نڀائي ويا. وري کڻي پيءُ واري زندگيءَ تي نظر وجهون ته سندن سمورو پڙهيل ڳڙهيل اولاد توڙي جو کڻي نياڻيون هجن يا پٽ، پنهنجن پيرن تي بيٺل ٻڌائين ٿا ته هو هڪ ڪامياب پيءُ به هو. جڏهن مون بابا جي جتيءَ ۾ پير وجهڻ شروع ڪيو ۽ سول جج ٿي نوڪريءَ تي چڙهيو هئس ته پاڻ ٻئي وڇڙي چڪا هئا. پهرين پوسٽنگ سجاول ۾ ٿي هئي. ٺٽي شهر ۾ ڀرسان لنگهندي الشهباز سروس اسٽيشن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃي بيهي رهندو هوس. ائين لڳندو هوم ته چاچا تاج محمد ۽ بابا ٻئي مون کي ڏسي رهيا آهن. هڪ دفعي ڪنهن بحث دوران ڪنهن کي علامه اقبال جي خودي وارو فلسفو سمجهائيندي چيو هئائين: لفظن جي هير ڦير سان علامه اقبال واري خوديءَ جي فلسفي کان لطيف جو فلسفو اسان کي اسان جي ماحول جي مناسبت سان وڌيڪ سوٽ ڪري ٿو. علامه اقبال چوي ٿو ته:
    خودی کو کر بلند اتنا کہ ہر تقدیر سے پہلے
    خدا بندی سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے
    انهيءَ ئي پيرائي ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته:
    سپريان جي طرهي ٻڌي هٿ مَ لاءِ
    سڀان ائين چونداءِ، اسين تو تاريو
    چاچا تاج محمد پڻ سڄي زندگي انهيءَ فلسفي تي قائم رهيا ۽ مون به سندن فلسفي تي ڳنڍ ٻڌي عمل ڪيو ۽ جڏهن سڀ ليڪا لتاڙي سروس جي ڪيريئر جو آخري پروموشن وٺي نوابشاهه ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ انچارج ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي حيثيت سان پوسٽنگ جو انتظار ڪري رهيو هئس، اوچتي انهيءَ گهڙي فيڪس مشين مان پني چرڻ جو احساس ٿيو هو ته ڇرڪي پيو هوس. بجاءِ جو گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرايان، پاڻ اٿي پنو ڪڍي پڙهيم ته اهو پنو منهنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي پوسٽنگ وارو نوٽيفڪيشن هو. اڄ منهنجو پير بابا جي بوٽ ۾ پورو پورو اچي ويو هو ۽ چاچا تاج محمد ابڙي سان ڪيل واعدو پورو ٿي ويو هو. کن پل لاءِ ته ڄمي ويو هوس، ان جاءِ تي جتي هوس ۽ ائين محسوس ڪيو هيم ته ڄڻ چاچا تاج محمد ابڙو سامهون بيٺو آهي ۽ چوي پيو: چاچا! دنيا گول آهي، موڪلاڻي ڪونهي.

    (روزانه مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، عبرت، هلچل، سنڌ، عبرت مئگزين، عوامي آواز)


    لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي آخري اوطاق : سيد آفتاب حسين شاهه گرهوڙي

    لاڙڪاڻي جو نالو وٺڻ کان پهريان ذهن نگر ۾ ڪئين خيال گهر ڪري ويهن ٿا. لاڙڪاڻي جو شاندار ماضي، ڀيانڪ حال هر ڪنهن جي اڳيان معنيٰ خيز بڻيل آهي. ماضي ۾ محبتي ماڻهن جو رکوالو ۽ سنڌ جي امر شخصيتن کي جنم ڏيندڙ لاڙڪاڻو هن ٽاڻي سياسي ويساهه گهاتين جي حوالي ٿيل آهي. سنڌ جي سياست جي دل سمجهيو ويندڙ شهر هاڻي سياسي ماڻهن لاءِ قيد خانو بڻجي رهجي ويو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کان ويندي بينظير ڀٽو شهيد ڪئين سياستدانن جا هن شهر سان هزارين داستان سانڍيل رهيا. هن شهر جي حوالي سان هي به مشهور رهيو ته هجي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، پر اڄ لاڙڪاڻو ائين ناهي رهيو ۽ ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويا آهن. قتل، مارا ماري، اغوا، ڦرون، ڌاڙا، ڪارو ڪاري کان ويندي انسانيت کان ڪريل هر واقعو ان شهر ۾ آزاديءَ سان پيش اچي رهيو آهي. هتي قانون رڳو لفظن تائين محدود بڻيل محسوس ٿئي ٿو. لڳي ائين ٿو ته ڄڻ هٿ وٺي هن شهر کي تباهه پيو ڪيو وڃي. ماضي جي لاڙڪاڻي کي هاڻي ٻن ضلعن لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. رڳو هن لاءِ جو ڪجهه ماڻهو پنهنجا سياسي مفاد ٿا ماڻڻ چاهين. بهرحال، لاڙڪاڻي جي ماضي ۽ محبتي ماڻهن جا هتي وري ڪهڙا خيال وٺجن، پر جڏهن جتي به لاڙڪاڻي جو تذڪرو نڪرندو ته اتي لاڙڪاڻي جي تا حيات مردِ مجاهد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو تذڪرو هر صورت ۾ ٿيندو. پاڻ انتهائي پيارو ۽ آخري گهڙين تائين لاڙڪاڻي جي غريب عوام جي حقن خاطر وڙهندو رهيو. سندس جو لاڙڪاڻي جي وچ شهر ۾ موجود وڪالت وارو چئمبر اوطاق غريب ماڻهن جي آزادي ۽ حقن جي حاصلات جو جتي مرڪز رهي، ته اتي پوري سنڌ جا وڏا وڏا ليکڪ ۽ دانشور استاد اچي حاضري ڏيندا هئا. جيڪو لاڙڪاڻي اچي مرحوم ڪامريڊ ابڙو جي اوطاق تي نه وڃي، اها نه ٿيڻي ڳالهه هئي. سندن جي اوطاق تي سوڀي گيانچنداڻي کان ويندي اياز قادري، شيخ اياز تائين سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ هڪ وڏو ادبي ميلو رچائيندا هئا ۽ اها ڳالهه اڄ به هل هنگامي سان لاڙڪاڻي ۾ مشهور آهي ته مرحوم ڪامريڊ ابڙي جي اوطاق تان هڪ انقلابي سجاڳي واري لهر اٿي، جنهن پوري سنڌ ۾ پنهنجو پيغام ۽ هڪ نئون رستو ماڻهن کي جيئڻ لاءِ ڏنو. مرحوم ڪامريڊ ابڙو لاڙڪاڻو جو امر ڪردار رهيو آهي، جنهن آخري گهڙين تائين هتي جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي حقن لاءِ جنگ جوٽي، انهن خاطر ويڙهه ڪيائين. سک نه ستو، نه پنهنجي طبيعت جو خيال ڪيائين، نه ڪو وري آرام جو، بس هن جي اندر ۾ هڪ ئي درد هو، سو هو انسانيت جو! هن جي اوطاق ۾ ڪئين ماڻهو آيا، جن مان اڄ گهڻا هن جهان مان پردو ڪري چڪا آهن، پر مرحوم ڪامريڊ ابڙي ڪڏهن پنهنجي محفل کي جهڪو ٿيڻ نه ڏنو. ڏياري هجي يا عيدون، هي هر تهوار تي هندو، مسلم دوستن کي گڏي پنهنجي اوطاق تي گڏجي خوشيون ملهائيندو هو، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي مٽي جو مان مٿانهون ڪيائون. اهڙيون شخصيتن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، بيرسٽر جان محمد جوڻيجو، اياز قادري ۽ اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون هيون ۽ اهڙين شخصيتن منجهان لاڙڪاڻي ضلعي سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ صحافي ۽ استاد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي جنم ڏنو، جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. سندس جي وڏي سڃاڻپ هند ۽ سنڌ جي مشهور اوطاق هئي، جيڪا سندس جي گهر ڀرسان هئي، جتي شام جي ٽائيم سنڌ، بلوچستان، سرحد جا جڏهن به وڏا وڏا سياستدان جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي.ايم سيد، ولي خان، نواب اڪبر بگٽي، عطاءَالله مينگل، خير بخش مري، غوث بخش خان بزنجو، مير رسول بخش ٽالپر، ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز تائين سڀ لاڙڪاڻي اچن ۽ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي نه اچن، سو کوڙو ئي نه لڳي. اها اوطاق جيڪا سندس جي وڪالت جي چيمبر به هئي ۽ اوطاق ۾ پڻ استعمال ٿيندي هئي، انهيءَ ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي تمام وڏي سنڌ ۽ هند لائبريري پڻ موجود هئي، جنهن جو دسترخوان سيراب رهيو. انهيءَ ئي شام جي پهر سڄي لاڙڪاڻي ضلعي جا غريب، مسڪين، پيرين اگهاڙا ماڻهو جن کي سنڌ جي روايتي پوليس جيڪا ڏاڍن جي زور تي ستم ڪري ٿي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سندن رت چوسڻ ۽ ڍڳا ڍور وڪڻڻ ۾ مشهور آهي، جڏهن به سنڌ جي روايتي پوليس هٿان انهن مٿان ڪيس داخل ٿيو، تڏهن اهي يڪدم شام جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تي اچي پهچندا هئا. انهن غريبن لاءِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي اوتري عزت هوندي هئي، جيتري سندس اوطاق تي آيل وزيراعظم، صدر توڙي گورنرن ۽ وزيراعليٰ لاءِ هوندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اها اوطاق وڪالت جي چئمبر ۾ پهرين لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل شمس الدين ابڙو 1940ع جي ڏهاڪي ۾ هن چئمبر ۾ وڪالت ڪندو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به هن جو وڃي شاگرد ٿيو ۽ سنڌ جو جديد ڪهاڻيڪار جمال ابڙو به انهيءَ جو اچي جونيئر ٿيو، جيڪو سندس ڄڻ وڏو ڀاءُ هو. شمس الدين ابڙي جي وفات کان پوءِ اها وڪالت جي چئمبر يا اوطاق جمال ابڙي، تاج محمد ابڙي حوالي ڪئي ۽ اندازًا 1947ع ڌاري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو انهيءَ اوطاق تي باقاعدگي سان هند ۽ سنڌ جي مشهور ڪچهرين، سياسي، سماجي، ادبي بحثن جو آغاز ڪيو. کيس صلاحيتن عيوض ان وقت جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سڌو سنئون سيشن جج ڪيو ۽ 1985ع ۾ ايمانداريءَ سان ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي کان رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي مشهور اوطاق، وڪالت واري چئمبر کي آباد ڪندي وڪالت شروع ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ بقول ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ اياز قادري جي ته اها آخري اوطاق هئي، جيڪا سموري سنڌ ۾ سنڌ جي روايتن جي سڃاڻپ بڻيل هئي. سندس وڏي فرزند مير نادر علي ابڙو 1993ع ۾ پڻ انهيءَ اوطاق چئمبر وارين جي ور چڙهيل رهيو ۽ مير نادر علي ابڙو اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. بعد ۾ انهيءَ عوامي اوطاق چئمبر کي تالو لڳي ويو. وري سندس ٻئي فرزند حيدر علي پڻ 2000ع ۾ انهيءَ اوطاق کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ وچ ۾ ڪن مجبورين ڪارڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فيملي لاڙڪاڻي کي الوداع ڪري حيدرآباد ۾ آباد ٿي ۽ وري به اها اوطاق ويران رهي. ڪامريڊ جي ٽئين فرزند مظهر علي انجنيئرنگ پاس ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ يوسف لغاري جو پارٽنر بڻيو، جنهن ڪامريڊ جي مشن کي اڳتي وڌائيندي سندس ياد ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لا ايسوسيئٽ جو بنياد وڌو ۽ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر آباد ٿي آهي ۽ لاڙڪاڻي جي غريب عوام کي گهڻي وقت بعد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق جا تالا کليل ڏسي تمام گهڻي سرهائي ٿي آهي. غريبن کي هڪ دفعو ٻيهر اها اميد اچي جاڳي آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا فرزند کين اڪيلو نه ڇڏيندا. هڪ وڏي وقت گذرڻ بعد انهيءَ اوطاق تي خوشين موٽ کاڌي آهي ۽ مظهر علي لاڙڪاڻي جي هر دکي انسانن جو ڀرجهلو بڻيل آهي. وري ميلا متا آهن ۽ وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو چئمبر اوطاق لاڙڪاڻي جي وچ بازار ۾ هر ڪنهن جي آجيان ٿي ڪري.


    ڪامريڊ تاج انسان دوست ۽ فرض شناس شخصيت : امداد علي اوڍو

    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي تاريخ جو املهه ڪردار آهي، جنهن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڀرپور قومي جدوجهد ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. 8 آگسٽ 1924ع ۾ هن جو جنم شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم قمبر علي خان ۾ حاصل ڪيائين ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرايائين. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران هن جو هم ڪلاسي ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته: تاج محمد ابڙو منهنجو پيارو دوست هو. اسين هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي هياسون، حال ڀائي ۽ همدرد هياسون. ڪامريڊ کي سياست سان دلچسپي هئي، انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن جو لاڙو مسلم ليگ ۽ هندن جو لاڙو ڪانگريس ڏانهن هو. مسلم شاگردن وڏي سرگرمي سان مسلم ليگ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هي دؤر 1942ع جو هيو. ان زماني ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو، غريبن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ متعلق ويچاريندو هو، مسڪين ماڻهو جي ڏکايل صورتحال تي ڏکارو ٿي ويندو هو ۽ آسائتو هوندو هو ته غريبي جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ انهيءَ جذبي هن ۾ سوچڻ واري ذات پيدا ڪئي. انهيءَ سوچ هن کي پڙهڻ ڏي راغب ڪيو. جيئن جيئن هن پڙهائي تي زور ڏنو، تيئن هن ۾ قومي جذبي تحت جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو اجاگر ٿيو. هن اهو سمجهيو هو ته علم حاصل ڪري ئي شعوري طرح پنهنجي مسڪين ماڻهو جي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي ٿي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙي 1943ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هيو. وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، مسڪين ماڻهن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڄڻ ممڪن ڪونه هو. هندو گهڻو ڪري شهرن ۾ رهندا هيا ۽ ڪاروبار سان انهن جو تعلق هو، ان ڪري پڙهائي ۾ به هو دلچسپي وٺندا هئا. ڪامريڊ ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي ۾ ايس.ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1943ع ۾ پير الاهي بخش وزيرِ تعليم جي ڪوشش سان هي ڪاليج کليو، جتي مسلمان شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، داخلا ۽ هاسٽل جي فين ۾ خصوصي رعايت ملندي هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان گڏ ٻين شاگردن سان گڏ ڊاڪٽر اياز قادري به گڏ هو. ڪاليج جا شاگرد پنهنجو ۽ تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪندا هئا. مسلمان شاگردن لاءِ نوڪريون به جام هيون جو سنڌ ۾ نوڪرين جي ڪوٽا ۾ 60 سيڪڙو مسلمانن لاءِ هوندو هو، 40 سيڪڙو هندن لاءِ ڪوٽا هوندي هئي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صحافت سان دلچسپي هجڻ ڪري هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جڳ مشهور روزاني اخبار ”الوحيد“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. هن جا هم ڪلاس محمد هارون (جيڪو سنڌ جو گورنر ٿيو)، سندس وڏو ڀاءُ سعيد هارون، اڳوڻو روينيو جو وزير قاضي عبدالمنان، علي گوهر کهڙو جن هئا. پڙهائي دوران هن کي پنهنجي اخبار ڪڍڻ جو شوق ٿيو. ڪامريڊ اخبار وسيلي سنڌ جي مسڪين، خصوصًا هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ چاهي پيو، پر مناسب رقم نه هجڻ ڪري شروع ۾ اخبار نه ڪڍي سگهيو. ارادي جو پختو هيو، جيڪو فيصلو ڪري وٺندو هو، پوءِ ڏينهن رات اڻ تڻ هوندي هيس ته هر حال ۾ ان کي پورو ڪجي. اهڙي سوچ ۽ جذبي هيٺ ”نوجوان“ نالي سان اخبار شروع ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر اياز قادري کي مقرر ڪيائين. اخبار مواد جي حوالي سان انتهائي معياري هئي، پر مالي وسيلن جي نه هجڻ ڪري اخبار جو سلسلو بند ٿي ويو.
    1947ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وڪالت پاس ڪري لاڙڪاڻي واپس پهتو. وڪالت جي شروعات عبدالفتاح ميمڻ سان ڪيائين، پر پوءِ شمس الدين ابڙي سان پارٽنر جي حيثيت ۾ پريڪٽس ڪيائين. وڪالت دوران پاڻ سرڪاري وڪيل به ٿيو. هي صاف سٿري ڪردار جو مالڪ هو. وڪالت مقصد وارو پيشو سمجهي ڪئي. اڪثر مسڪين ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. گهڻن جون ته ڪورٽ جون فيون به پاڻ ڀريندو هو. ٿوري عرصي ۾ پيشي جي لحاظ کان مان مرتبي وارو مقام حاصل ڪيائين. وسيع مطالعي ڪري وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ به دلچسپي هوندي هيس. شام جو هن جي اوطاق تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون. هن جي ڪچهرين ۾ مختلف سوچ رکندڙ سياستدان، اديب، زميندار، پورهيتن سان تعلق رکندڙ دوست گڏ ٿيندا هئا. وڏو مهمان نواز هو، چانهه جو ڪيٽلو مستقل چڙهيل هوندو هو. هن جي ڪچهري جا روح روان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نذير حسين جتوئي، حاجي محمد پيرزادو، سائين جمال ابڙو، ڪامريڊ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالخالق آزاد، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، شمس الدين شاهه وڪيل، شيخ اياز ۽ ٻيا ناليوارا دوست هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي دوستن سان گڏ ”هاري پارٽي“ ٺاهي، جنهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن کي سنڌي ادب ۽ زبان سان وڏو لڳاءُ هيو. سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل هيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي لاڙڪاڻي ۾ شاخ قائم ڪئي، جنهن جو هُو ڳچ وقت سيڪريٽري رهيو. سنگت جي ڪچهرين ۾ علم ۽ ادب دوست وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سائين جمال ابڙو، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، عبدالمجيد ميمڻ، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري ۽ ٻيا شامل هئا. 1956ع ۾ لاڙڪاڻو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن جو سمورو خرچ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي ڪيو. سنڌ ۾ ڪٿي به ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي ته ڪامريڊ ان ۾ شرڪت ڪندو هو. هن جي سنگت جو حلقو وسيع هو. سموري سنڌ ۾ هن جا دوست هئا.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به هن جي قرب وارو رستو هو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان رابطي ۾ رهندو هو. ڀٽو صاحب، ڪامريڊ جي علمي، ادبي صلاحيتن کان متاثر هو. سياست متعلق هن سان صلاحون ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار دوران 1972ع ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايڊيشنل سيشن جج مقرر ڪيو. اڳتي هلي سيشن جج ٿيو. امانتي عهدي سنڀالڻ کان پوءِ انصاف سان فيصلا ڪيائين. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه، ڪراچي ۽ آخر ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪيائين. 1985ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، پر مستقل ناچاڪي جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو باقي حصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. ذيابيطس جي مرض ۽ دل جي تڪليف ڪري 10 مارچ 1986ع ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال جي Cardio vescular ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن جي وفات سبب علم، ادب، صحافت، سياست جي هڪ شاندار باب جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي تاريخ هن عظيم سنڌ جي عاشق ۽ همدرد کي هميشه ياد رکندي.
    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي حياتي دوران 1946ع کان وٺي 1986ع تائين پنهنجي ڊائري مستقل مزاج سان لکندو هو، جيڪا سندس ڪٽنب وٽ محفوظ آهي. چاليهن سالن جو لکيل هي ڊائري وارو مواد وڏو تاريخي آهي. سنڌ جو ڪو اشاعتي ادارو يا سندس فرزند جيڪي انتهائي لائق آهن، انهيءَ کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻين ته جيئن مرحوم جي ذهانت، سوچ ۽ فهم مان سنڌ جو عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. مرحوم جيئن ته وسيع مطالعي جو مالڪ هو، ان جون لکڻيون به اهميت ۽ مڻيا واريون هونديون.

    (روزانه سوڀ)


    سنڌ جي تاريخ جو اڻ کٽ باب مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : غلام محمد ڪنڀر

    سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي ، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهوئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جي بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءَ الله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي سياست ڪئي وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو، انهي سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار 1953ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهي کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي 5 1 اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو سندس ادبي همعثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.
    سندس جي ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطيي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن جا يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخصيتن سان ميوزيم ۾ سجائي رکيا ويا آهن. سندن کي سياست سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو محترمه فاطمه جي ساٿ ڏيڻ تي سنڌ مان پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيائين بلوچستان ويو ۽ اتي نعپ جي اڳواڻن جي پناهه ۾ رهيو ۽ بلوچستان جي سردارن جي پناهه ۾ رهڻ دوران انهن کيس ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ سرڪاري وڪيل ڪري رکرايو، هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي، سماجي، ادبي، قانوني خدمتن کي مدنظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يادگار ڪاميٽيون ۽ بزم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هرسال سنڌ صوبي ۾ ورسيون ۽ سالگراهون ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون، روڊ ۽ باغ منسوب ٿيل آهن اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءَ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن اهڙن مهان انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي ۽ انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.

    (روزانه عبرت،، تعميرِ سنڌ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سنڌو)


    تاج محمد ابڙو (سوانح عمري)

    سڳوري تاج جي •قمبر شهر ۾ آ ولادت ٿي
    خدا کان خاص قادر بخش کي حاصل سعادت ٿي
    ائين سمجھو ته والد لاءِ ڀاڳن جي علامت ٿي
    ٻڍاپڻ ۾ اهو ڄڻ ٻار وڏڙن لاءِ طاقت ٿي

    مگر هن ٻار جي والد ڪئي دنيا منجھان رحلت
    هئي مرحوم جي گھر ۾ گھڻي ڀاڱي گھڻي غربت

    هٿان پو ڀيڻ جي آ پالنا هن جي پڙهائي ٿي
    اُتي عثمان ڀيڻيوي هٿان هن تي ڀلائي ٿي
    سچا وڏڙا هيا تڏهين ته هن ۾ ڀي سچائي ٿي
    نصيبن ۾ ننڍي کان ئي وڏي رحمت خدائي ٿي

    شروع تعليم پهريان ٿي ته پنهنجي شهر قمبر مان
    ملي خوشبوءِ تعليمي به جھڙي عطر عنبر مان

    وتي تعليم انگريزي وڃي پو لاڙڪاڻي مان
    پڙهڻ جو شوق هو هن کي هيو ابڙو گھراڻي مان
    لڌي ٿي سار ڀيڻيوي اچي هر روز ٿاڻي مان
    شفا شفقت گھڻي ڀاڱي ملي ماڻهو سياڻي مان

    ڪراچي جي وڏي ڪاليج ڊي جي ۾ وڃي پڙهيو
    ڪراچي ۾ به ريڊيو نيوز ڏيندڙ سيٽ تي چڙهيو

    ڪراچي مان پڙهي تعليم ڊگري لا ڪئي ڪامل
    شهر قنبر اچي استاد جو عهدو ڪيو حاصل
    مزو آيو اتي ڀي ڪين ڇو جو هي هيو قابل
    اُتان پو شمس ابڙي سان وڪالت ۾ ٿيو شامل

    پليڊر مان وڌي اڳتي پراسيڪيوٽري ورتي
    اُتان ئي تعلقي مان پو ضلعي ليول ٿيو ڀرتي

    عدل قانون واري ڄاڻ پنهنجي کي مڃايائون
    ضلعي ليول مٿان ايڊيشنل جج ٿي رکايائون
    سکر ۾ ٻاهتر ڌاري عدل ڪرسي هلايائون
    ڇهن سالن پڄاڻان جج ضلعي سيشن بڻايائون

    پسند آئي اگر هن کي ٺٽي واري هوا آئي
    رٽائر ٿي هوا ساڳي ٺٽي ۾ سا ڏٺي کائي

    غريبن ڪيترن کي هن گھڻي ڀاڱي پڙهايو هو
    انهن مان ڪيترن کي هن چڱن عهدن چڙهايو هو
    ضعيفن بي سهارن کي بکن مان ڀي بچايو هو
    چڱي نيت هئي تڏهين خدا هن کي وڌايو هو

    پنڻ ڌنڌو ڪيو هو تن فقيرن جو نه حامي هو
    ڀڳو ٿي ڪُوڙ وارن کان سچارن جو سلامي هو

    سمورو روز جو ڪم ڊائري جي هيٺ لکيائين
    ٻڌي هر روز بي بي سي جَھانّ جي ڄاڻ ورتائين
    پراڻا ٻول گانن جا سدا دل ساڻ لاتائين
    رڪارڊن کي به پيتيءَ ۾ حفاظت ساڻ سانڍيائين

    سٺن سان دوستي هن جي سدائين قرب جو قائل
    هيو تحريڪ هاري ڏي گھڻي ڀاڱي گھڻو مائل

    دماغي ڪم وڪالت هيٺ بيمارين ڪيو گھيرو
    ذيابيطيس علاوه دم ڪشي ڳاريو جگر جيرو
    ڏٺي جنهن ٽيهه سالن ۾ صحت سالم نه هڪ ڀيرو
    هنيون هٿ ساڻ انسولن بدن ۾ درد جو ديرو

    ڇهاسي ۾ ’مسافر‘ نيٺ بيماري وڌي ويئي
    ڏهين مارچ فرشتو موت جو گھمري ويو ڏيئي.

    (منظوم سوانح عمريون + مولف؛ الحاج شاهنواز مسافر ــــ تان ورتل)

    چيف ايڊيٽر ۽ نگران اعليٰ
    پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين

    ايڊيٽر ۽ نگران
    تاج جويو

    محقق ۽ مؤلف
    شيخ محمد اسماعيل مرحوم

    پراجيڪٽ ڊائريڪٽر
    بدر ابڙو

    ريسرچ آفيسرَ
    محمد عثمان ميمڻ – خير محمد بلوچ

    ٻانهن ٻيلي
    خالد آزاد ـــــ خان محمد جروار
    شوڪت چاچڙ ــــ صفدر حسين ميرزا

    ايڊيٽوريل بورڊ
    محمد ابراهيم جويو
    ڊاڪٽر غلام علي الانا
    امداد حسيني
    پروفيسر ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ
    پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو
    پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي


    (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدآباد پاران ’اِنسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ـ جلد پهريون تان ورتل)

    ابڙو، تاج محمد: سنڌ جي اهم سياسي شخصيت ٿي گذريو آهي، سندس جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شهدادڪوٽ ۾ 1924ع ۾ ٿيو. قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. سياست سان شروع کان ئي دلچسپي رهيس. ان وقت هندستان جا اڪثر مسلم شاگرد، پاڪستان تحريڪ ۾ هئا. 1947ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪيائين. گھڻو ڪري فوجداري ڪيس کڻندو هو، دوستي ياري نڀائيندي ڪيترا ڪيس مفت ۾ کڻندو هو ۽ سندس ڪمائيءَ جو وڏو حصو مهمان نوازيءَ ۾ هليو ويندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس سيشن جج مقرر ڪيو. هن ڪنهن به لالچ ۾ اچي، ڪڏهن به فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. سندس دامن هميشه صاف رهيو. تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمهوري خيالن جو حامي هو. اهوئي سبب هو، جو هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانهن هليو ويندو هو. اقتدار جي سياست ۾ تاج محمد ابڙي جي دؤر ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اعليٰ مقام تي رهيا، پر تاج محمد ابڙي کانئن ڪڏهن به پنهنجي ذات لاءِ فائدو نه طلبيو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته حيدرآباد جي مير برادران مير علي احمد ٽالپر ۽ مير رسول بخش ٽالپر کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تاج محمد ابڙي ۽ جمال ابڙي ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي خواهش تي راضي ڪيو هو.
    10 مارچ 1986ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪيائين. سندس ياد دوست کيس عام طرح ’ڪامريڊ تاج محمد ابڙي‘ جي نالي سان ياد ڪندا آهن.


    Taj Mohammad Abro

    Taj Mohammad Abro s/o kadir bux is known as one of the prominent figures of sindh, pakistan.Taj Mohammad Abro was born on 8 August 1924, Shahdadkot, Larkana. He recieved his early education from kambar.He passed his matriculation from Larkana govt high school.After his matric,he left for Karachi for further studies.He did his L.L.B from S.M Law college Karachi.While living in Karachi, he renderd his services to "Alwaheed"news paper as editor, he remained news caster in radio pakistan karachi, apart of it he remained sub editor in daily "Dawn".In 1947 he started his legal practice,he remained public prosecutor for long time. He was considered to be an expert in criminal cases. Taj Mohammad Abro from his youth was liberal and leftist. He always worked for down trodden people. He always supported democratic parties only beacuse of prosperity and welfare of down trodden and deprived people.while being in practice he used to take cases of poor people with no charges thats why he was known as PAUPER'S ADVOCATE. Taj Mohammad for the betterment of people supported every kind of party specially he worked for democratic and socialist plateforms, hence he was called "COMRADE"by sindh. Taj Mohammad abro's "otaak" was larkana's most famous social meeting spot. From pirs to fakirs, from prime minister to peons all were part and parcel of that famous otaak. From the circle of politics he was close to khan abdul wali khan, sardar attaullah mengal,G.m sayed, Akber Bughti and others but his intimacy with bhutto was very close and firm. During time of foundation of peoples party Taj Mohammad abro brought many politicians in to peoples party. Taj Mohammad was not only a lawyer, plititician and social worker but at the same time he was considered to be an intellectual also, he was expert in philosphy, literature and history. In 1965 he served as chair man at baka pur union council larkana. In the field of literature his work is absolutely praisworthy he is one of the founders of "ADABI SANGAT", all founding meetings were held at his otaak. In 1956 ALL SINDHI ADABI CONFERENCE was held by Taj Mohammad abro at his otaak and all great intellectuals from sindh came on his otaak and that conference was hosted by Taj Mohammad abro. Keeping abilities of Taj Mohammad abro in his views Zlifkar ali bhutto appointed him as session Judge. He served that from 1972 to 1985 very honestly. After retirement he came back to his final abode larkana.He opened his otaak again and started his legal practice.but this time he was not young and active Taj Mohammad but very tired man, his honesty and dedication gave him nothing but painful life, whole life he struggled for others and in that struggle he sacrificed his own family life. He never told his family miseries to others, keeping all his pains and sorrows in his heart, he left this mortal world on 10 March 1986.He left behind a widow with 4 daughters and 5 sons,in the heritage he left nothing but treasure of knowledge in the shape of books and true honour for his offspring.


    جو اپنی ذات میں ایک انجمن تھے مرحوم تاج محمد ابڑو / تحریر: سوبھو گیانچندانی

    مرحوم تاج محمد ابڑو کی مجھ سے ہلکی پھلکی واقفیت 1945ء میں پیدا ہوگئی تھی، جب وہ ڈی۔جی سندھ کالج کراچی میں ابھی زیرِ تعلیم تھا تو اس کی آمد ورفت ہمارے لائیٹ ہاؤس سینما کے سامنے واقع ٹریڈ یونین آفس اور کمیونسٹ پارٹی والے دفتر میں شروع ہوگئی تھی۔ ان دنوں میری سرگرمیاں زیادہ تر ٹریڈ یونین سے وابستہ مزدور یونین سے متعلق تھیں، جبکہ تاج محمد اس وقت شاید مسلم اسٹوڈنٹس فیڈریشن کا برائے نام رکن تھا، جس کا صدر اس وقت علی گوہر اور جنرل سیکریٹری عبدالستار شیخ تھا۔ ہمارا اس وقت مسلم لیگ سے ایک عارضی قسم کا نکاح طے پایا تھا، کیونکہ ہم پاکستان کو مسلم اکثریت والے علاقوں کے حق خودمختاری کے طور پر پیش کرچکے تھے............. پھر پاکستان بننے کے بعد جب بڑے پیمانے پر پاکستان بھر میں گرفتاریاں شروع ہوگئیں تو ہم سب ٹریڈ یونین اور پارٹی کارکنوں کو گرفتار کرکے جیل میں بھیج دیا گیا۔ مارچ 1952ء میں فیڈرل کورٹ کے فیصلے سوبھو گیانچندانی بنام کراؤن کے مطابق میں آزاد ہوکر اپنے گاؤں میں پہنچا تو تاج محمد ابڑو اور مولوی نذیر حسین جتوئی گاؤں میں مجھے ملنے آئے۔ وہ مجھے دعوت دے گئے کہ میں جب بھی لاڑکانہ شہر میں آکر رہنا چاہوں تو تاج محمد ابڑو کے ہاں میری رہائش کا خاطر خواہ انتظام ہوگا۔ پھر جلد ہی صحت بحال ہونے پر میں سیدھا لاڑکانہ پہنچا اور تاج محمد ابڑو کے دفتر میں، جو لاڑکانہ ٹاؤن پولیس اسٹیشن کے قریب تھا، رہنے لگا۔ بعد ازاں وہاں پارٹی کا ایک سیل (Cell) قائم کیا گیا۔ ہاری اور مخدور تحریکوں سے تو تاج محمد کا تعلق پہلے سے قائم تھا اور کامریڈ حیدر بخش جتوئی، مولوی نذیر حسین، دوست محمد ابڑو، نبی بخش تنیو، میر محمد شیخ کے علاوہ کئی دوسرے ہاری کارکن اور مزدور کارکن بھی اس کے پاس یہاں آتے جاتے رہتے، لہٰذا میری بھی ان سے اکثر ملاقاتیں ہوتی رہتی تھیں۔
    سیاسی اور علمی وادبی کتابیں پڑھنے کا شوق تو تاج محمد کو پہلے سے تھا، لہٰذا میں نے اسے سندھی کہانیوں اور شاعری کی کچھ مزید کتابیں اور ترقی پسند سندھی رسالے، خاص طور پر نئی دنیا اور عثمان ڈیپلائی کے تراجم منگوانے پر آمادہ کیا اور پھر درحقیقت وہ تاج محمد ابڑو ہی تھا، جس نے بذاتِ خود گہری دلچسپی لے کر لاڑکانہ میں سندھی ادبی سنگت کی تنظیم بھی قائم کردی تھی، جس کے اولین سرگرم کارکنوں میں ایاز قادری، جمال ابڑو، ہری دریانی دلگیر، انیس انصاری اویر وڈیرا علی محمد عباسی شامل تھے۔
    کچھ عرصہ بعد میں اور تاج محمد دونوں سکھر گئے تو تاج محمد ابڑو مجھے سید شمس الدین شاہ کے پاس (جوکہ میرا ایک پرانا کلاس فیلو اور بعد میں خاکسار اور ہاری کمیٹی کا سرگرم کارکن بھی تھا) چھوڑ کر خود لاڑکانہ واپس آگیا۔ اس زمانے میں قاضی فیض محمد، شمس الدین شاہ، مولوی نذیر حسین جتوئی اور دوسرے لوگوں کے دمریان طریق کار کے بارے میں کچھ اختلاف چل رہا تھا، جس کی وجہ سے دو ہاری کمیٹیاں بن گئی تھیں۔ اس لئے تاج محمد ابڑو نے شمس الدین شاہ کو کسانوں میں کام کرنے پر آمادہ کیا اور اس نے بڑی دوڑ دھوپ کے بعد ایک ہی ہاری کمیٹی تشکیل دی، جس کے بعد پھر کسی چھوٹے موٹے اختلاف کی بنیاد پر یہ ہاری کمیٹی دو ٹکڑے نہ ہوئی۔
    مرحوم تاج محمد ابڑو بیک وقت اچھے منتظم اور مجلسی طور پر بذات خود ایک انجمن تھے۔ ان کے ہاں سیاسی لیڈروں، روپوش کارکنوں اور ادیبوں کی ہمیشہ آمد ورفت رہتی تھی۔ ان کے تعلقات اس وقت کی تمام بڑی سیاسی شخصیتوں محمد ایوب کھوڑو، قاضی فضل اللہ، علی محمد عباسی، کامریڈ حاجی پیرزادہ، نبی بخش تنیو اور اس وقت کی ایک نئی ابھرتی ہوئی شخصیت ذوالفقار علی بھٹو سے قائم تھے۔ 1953ء میں جب سندھ اسمبلی کے انتخابات ہوئے تو اس کیلئے سندھی عوامی محاذ کی طرف سے بیالیس امیدوار مزدوروں، کسانوں اور غریب طبقے کے عوام میں سے کھڑے کیے گئے۔ ان میں سات یا آٹھ امیدوار سائین جی۔ایم سید گروپ کے بھی تھے۔ تاج محمد ابڑو نے ان انتخابات میں عوامی محاذ کیلئے دن رات کام کیا۔ خاص طور پر میرا الیکشن آفس جو ہلے ہی اس کے دفتر میں قائم تھا (مگر بعد میں اسے مولوی نذیر حسین کی ایک کرائے کی دکان میں منتقل کردیا گیا تھا) اس انتخابی مہم کی سرگرمیوں کا مرکز بنا رہا۔ ہم نے بڑی تگ ودو کے بعد اس الیکشن کے دوران تمام پولنگ اسٹیشنوں پر اپنے نمائندے بٹھائے۔ آج کے دؤر میں آپ کو یہ جان کر تعجب ہوگا کہ کراچی سے ڈاؤ میڈیکل کالج کے ترقی پسند طالب علم ڈاکٹر ہاشمی، ڈاکٹر خواجہ معین اور ڈاکٹر ادیب الحسن رضوی وغیرہ (جوکہ اب اپنے پیشے میں چوٹی کے ڈاکٹر ہیں) بھی اپنے کئی دوسرے ساتھیوں کے ساتھ میرے علائقے میں سائیکلوں پر سوار ہوکر اور کئی جگہ میلوں پیدل چل کر اس الیکشن میں کام کرنے کیلئے آئے تھے۔ اس الیکشن میں کام کرنے کیلئے کراچی والا گروپ کامریڈ پوھو کی رہنمائی میں سرگرمے عمل تھا اور لاڑکانہ والے کارکنوں میں مولوی نذیر حسین جتوئی، دوست محمد ابڑو، کامریڈ تاج محمد ابڑو، نبی بخش کھوسو اور ان کے ساتھ سندھ کے بیشمار ہاری کارکن بڑی سرگرمی سے کام کرتے رہے۔ ظاہر ہے کہ الیکشن ہمیشہ سرمایہ دار امیدوار اپنی دولت کے بل بوتے پر جیتتے ہیں، مگر یہ غنیمت ہے کہ اس الیکشن میں ہم نے کل 18 ہزار درج ہونے والے ووٹوں میں سے 6 ہزار ووٹ حاصل کئے۔
    ان دنوں حکومت کی طرف سے میری سخت نگرانی جاری تھی۔ میں اکثر تاج محمد ابڑو سے کہا کرتا تھا کہ میری وجہ سے کہیں تمہیں بھی پریشانیوں کا سامنا نہ کرنا پڑجائے، مگر ہمارا یہ دوست بڑا لاپرواہ واقع ہوا تھا۔ یہاں تک کہ اس کی محفلوں میں کئی بار ہر قسم کے لوگ پولیس افسروں سمیت بیٹھے رہتے تھے۔ جولائی 1954ء میں جب کمیونسٹ پارٹی پر پابندی عائد کردی گئی تو مجھے رہا کرکے جیل میں ڈال دیا گیا، مگر جولائی 1956ء میں خرابیٔ صحت کی بنیاد پر جب مجھے رہا کرکے اپنے گاؤں میں نظربند کردیا گیا تو اپنی اس نظربندی کے دوران مجھے معلوم ہوا کہ کامریڈ تاج محمد ابڑو جولائی یا اگست کے مہینے میں سندھی ادبی سنگت کی ایک بڑی کانفرنس لاڑکانے میں بلا رہا ہے۔ تاج محمد ابڑو مرحوم اگرچہ خود نہیں لکھتا تھا، مگر وہ بہت پڑھا لکھا اور اعلیٰ پایہ کا منتظم راہنما تھا۔ پر ون یونٹ قائم ہونے کے بعد جو کچھ سیاسی سرگرمیاں جاری تھیں، وہ بھی ختم ہوکر رہ گئیں اور اکتوبر 1958ء میں ایوب خان کی فوجی آمریت قائم ہونے کے بعد تقریبًا سارے سیاسی اور نظریاتی کارکن منتشر ہوکر رہ گئے۔ جب میں دوبارہ جیل سے رہائی کے بعد اپنے گاؤں پہنچا اور تاج محمد ابڑو مجھ سے ملنے وہاں آیا تو اس نے بتایا کہ اب وہ بقاپور یونین کونسل کا ایک منتخب چیئرمین ہے۔ بی ڈی میمبروں سے اس کا معاہدہ ہوچکا ہے اور ذوالفقار علی بھٹو سے بھی ان کے قریبی تعلقات قائم ہیں۔ پھر 1964ء میں جب ایوب خان نے صدارتی الیکشن لڑا تو بقول تاج محمد ابڑو، ذوالفقار علی بھٹو بڑےتذبذب میں تھا کہ کس طرف جائے؟ مگر آخرکار اس کا جھکاؤ ایوب خان کی طرف ہوگیا اور اپنی جواں مردی کا مظاہرہ کرتے ہوئے اس علاقے کے ووٹ ایوب خان کے حق میں ڈلواتا رہا۔ مگر تاج محمد ابڑو نے چوری چھپے بی ڈی ممبروں کے ووٹ اس کی مخالف امیدوار محترمہ فاطمہ جناح کے حق میں ڈلوائے، جس کی وجہ سے حکمران ٹولہ کافی عرصہ تک اس کی طرف سے شاکی رہا۔
    ایوب خان کے مارشل لا دور میں میری نظربندی 1959ء سے 1964ء تک تقریبًا پانچ سال تک رہی۔ اس دوران جمال ابڑو اور تاج محمد میرے پاس گاؤں میں آئے اور مجھے مشورہ دیا کہ میں ہندوستان اور چین کے سرحدی تنازعہ کے بارے میں کچھ ایسا معتدل قسم کا بیان دوں کہ حکومت مجھ پر سے نظر بندی کی پابندی ہٹائے، مگر میں نے ان کا یہ مشورہ ماننے سے صاف انکار کردیا، کیونکہ میں سمجھتا تھا کہ محض مجھے آزادی کی خاطر یہ ایک سیاسی بددیانتی ہوگی اور جس مسئلے کی نوعیت کے بارے میں مجھے پوری طرح آگاہی نہ ہو، اس کے متعلق محض حکومت کی خوشنودی حاصل کرنے کیلئے اس قسم کا کوئی بیان دینا میری نزدیک صرف موقعہ پرستی تھی۔ 1964ء میں جب مجھ پر سے نظربندی کی یہ پابندی ختم کی گئی تواس میں بھی تاج محمد کی کوششوں کو بڑا عمل دخل تھا، جس نے بھٹو کی منت سماجت کرکے یہ پابندی ہٹوائی تھی۔
    ستمبر 1965ء میں ہندوستان اور پاکستان کی جنگ شروع ہوئی تو مجھے پھر گرفتار کرکے سی آئی اے نے لاڑکانہ کے تھانے مراد واہن میں رکھا۔ اس وقت حالات ایسے سخت تھے کہ کوئی بھی سیاسی کارکن ایک دوسرے سے ملنے جلنے اور آپس میں قریب آنے سے خوفزدہ تھا، مگر مولوی نذیر حسین اور تاج محمد دونوں مجھ سے ملنے تھانے میں آئے اور تسلی دی کہ وہ مجھے رہا کروانے کی کوشش کر رہے ہیں۔ پھر جب مارشل لا کے اسی دؤر میں ہمیں نظربند کیا گیا تو تاج محمد نے دوڑ دھوپ کرکے اور اس وقت لاڑکانہ کے ڈی سی عبدالسمیع سے لڑ جھگڑ کر ہمیں بی کلاس بھی دلوائی۔ پھر تین ماہ کی نظربندی کے بعد جیل سے رہا ہونے کے بعد کچھ عرسہ کیلئے میں نے اپنی تمام سرگرمیاں ترک کردیں۔ 1968ء میں جب لاڑکانہ میں لا کالج قائم ہوا تو میں یہاں سے ایل ایل بی کرنے کے بعد 1970ء میں وکیل برادری میں شامل ہوگیا۔ اپنے وکالت کے پیشہ میں برائے نام شاگرد الہٰی بخش کیہر کا رہا اور اسی کے ساتھ وکالت شروع کی، مگر اپنے طالب علمی کے دؤر میں ہمیشہ تاج محمد کے ساتھ رہا اور پھر وکالت کی رجسٹریشن ہوجانے کے بعد عبدالرزاق سومرو سے مل کر وکالت کرنے لگا۔ ایوب خان کے دؤر میں تاج محمد لاڑکانہ، میرپورخاص، سبی، کوئٹہ اور دادو وغیرہ میں بطور اے۔پی۔پی کام کرتا رہا اور اس دؤران پورے سندھ اور بلوچستان میں جوکہ ہمارا سیاسی حلقہ اثر تھا، دوستوں سے میل جول اور مراسم پیدا کرکے لاڑکانہ واپس آیا۔
    تاج محمد مرحوم تقریبًا 1956ء سے شوگر کے موذی مرض میں مبتلا تھا، مگر اس کے حال چال سے کبھی بھی مایوسی اور بے زاری کا اظہار نہ ہوتا تھا۔ بحیثیت اے۔پی۔پی کئی ملزم اسے رشوت دینے کی کوشش کرتے تھے اور صرف ایسے موقعوں پر ہی میں نے اسے برہمی کا مظاہرہ کرتے ہوئے آپے سے باہر ہوتے دیکھا تھا۔ پھر 1972ء میں اسے سیشن جج مقرر کردیا گیا تو وہ سندھ میں مختلف مقامات پر تعینات رہا، مگر اس دوران بھی اس نے اپنے تمام پرانے دوستوں اور ساتھیوں سے دوستی کے مراسم اسی طرح قائم کیے رکھے۔ اس تمام عرصے میں وہ دنیا بھر کے سیاسی حالات کا مطالعہ کرکے ان پر غور وفکر کرتا رہا، جیسا کہ اکثر علم دوست اور دانشور لوگ تحریکوں سے الگ تھلگ ہوجانے کے بعد کرتے ہیں، مگر س کی سوچ اب انتہا پسندانہ بائیں بازو کی ہوکر رہ گئی تھی، جو صرف ایک خیالی انقلاب لانے کی طرف مائل رہتی ہے۔ تاہم اس کا ایک رویہ کہ جس نے اسے کبھی گمراہ ہونے نہ دیا، یہ تھا کہ وہ اپنے بائیں بازو کے تمام پرانے دوستوں کیلئے گہری محبت اور قربت کا احساس رکھتا تھا۔ اس نے ہم لوگوں سے اپنی دوستی کبھی ختم نہ کی اور آخری وقت تک اپنے ہوش وحواس قائم رکھے اور موت سے چند گھنٹے پہلے جب میں نے جناح ہسپتال میں اس سے آخری ملاقات کی تو مجھے یہ محسوس کرکے بیحد حیرت ہوئی کہ اب بھی وہ سیاسی کام کرنے کے سلسلے میں میری حوصلہ افزائی کر رہا تھا اور بجائے اس کے کہ مجھے اپنی ڈھارس بندھانے کا موقع دیتا، وہ مجھے اپنے سیاسی مؤقف پر ڈٹے رہنے کی تلقین کرتا رہا۔
    10 مارچ 1986ء کو اس نے اپنی جان، جانِ آفریں کے سپرد کردی۔ 9 مارچ کو 5، 6 بجے شام اس سے ملا تو وہ سرہانے کے سہارے بیٹھا تھا، مگر اس کی زبان بند ہوچکی تھی، اس لئے اشارے سے اس نے مجھے ڈان اخبار، جو وہاں پڑا تھا، اٹھا کر دینے کیلئے کہا، جس کے اندر کے ایک صفحے پر میری بڑی تصویر انجمن ترقی پسند مصنفین کی پچاس سالہ گولڈن کانفرنس کے سلسلے میں چھپی ہوئی تھی، بڑی مسرت سے مجھے میری یہ تصویر دکھائی۔ مٹھیاں بھینچتے ہوئے اس نے مجھے اپنے دونوں ہاتھوں سے اشاروں ہی اشاروں میں سلام کیا، گویا کہہ رہا ہو کہ:


    کامریڈ تاج محمد سے اپنی چالیس سالہ دوستی اور کامریڈشپ کے دؤر میں، میں نے ایک بار بھی یہ محسوس نہ کیا کہ اس نے کبھی ہمت ہاری ہو، بلکہ اپنی ساری زندگی وہ ایک ہنس مکھ اور مصیبتوں پر بھی ہمیشہ مسکراتا رہنے والا پُر عزم انسان تھا۔ اس کے گھر کے دروازے تمام دوستوں کیلئے ہمیشہ کھلے رہتے تھے۔ کھانے پینے کے معاملے میں فراخدل تھا اور دوستوں کی مالی مدد کرنے میں بھی پیچھے نہ رہتا تھا، بلکہ ضرورتمند دوستوں اور کارکنوں کی مدد کرنے کیلئے وہ کسی کھاتے پیتے دوست سے ادھار لے کر بھی وقت گذارنے کیلئے ان کی مدد کرتا۔ کیونکہ وہ یاروں کا یار اور کامریڈوں کا ایک وفادار ساتھی تھا اور تاج محمد کی اس صلح کن طبیعت کی وجہ سے اس کی ججی والے زمانے میں کئی غلط کار لوگوں نے بعض اوقات ناجائز فائدہ بھی اٹھایا، جس کی وجہ سے اس کی شہرت کو نقصان پہنچا، مگر ذاتی طور پر مجھے یہ بات اچھی طرح معلوم ہے کہ مرنے کے بعد وہ اپنے لواحقین کیلئے کوئی ترکہ یا ناجائز جائیدار چھوڑ کر نہیں گیا اور جب سے لاڑکانہ میں تاج محمد کی شام والی محفلیں ختم ہوئی ہیں، میں وہاں اور کسی دوست کی طرف مائل نہیں ہوسکا، کیونکہ لاڑکانہ میں تاج محمد کی محفلوں کے بعد کوئی ایسی محفل باقی نہیں رہی اور نہ ہی میرا دل مانتا ہے کہ اس کی غیر موجودگی میں اور کسی کے پاس جاکر اپنے دکھ سکھ کا اظہار کروں، کیونکہ تاج محمد کے بعد اب یہاں کوئی بھی دوست یا وکیل اس جیسا فراخ دل اور بلند کردار نہیں رہا۔

    (روزنامہ برسات، عوامی آواز، جاگو، عبرت، جنگ، نوائه وقت، ہلال پاکستان، سروان، آفتاب، کتاب: تاریخ بولتی ہے، کتاب: سندھ کے چند انقلابی دانشور اور عوامی راہنما)


    سندھ کی سیاسی اور سماجی شخصیت تاج محمد ابڑو / تحریر: سید عنایت وارث

    مرحوم تاج محمد ابڑو ولد قادر بخش ابڑو لاڑکانہ ضلع کی قابل قدر شخصیتوں میں شمار ہوتے ہیں۔ وہ 8 اگست 1924ء کو شہدادکوٹ، ضلع لاڑکانہ میں پیدا ہوئے۔ پرائمری تعلیم قمبر میں حاصل کی۔ پھر سیکنڈری تعلیم لاڑکانہ میں حاصل کی۔ بعد ازاں اعلیٰ تعلیم کیلئے کراچی چلے گئے۔ وہاں سے تعلیم کے اختتام کے بعد قانون دان ہوکر لاڑکانہ میں 1947ء کو وکالت شروع کی۔ اس کے ساتھ ریڈیو پاکستان میں نیوز کاسٹر بھی رہے۔
    آپ غریب نواز اور مخلص آدمی تھے۔ ہاری، مزدور، غریب عوام میں وہ خاصی دلچسپی لیتے۔ شروع ہی سے ان کا تعلق ہاری، مزدور اور سوشلسٹ خیالوں کے لوگوں سے رہا۔ آپ پر بہت گہرا اثر جمال الدین بخاری کا ہوتا۔ وکالت پاس کرنے کے بعد لاڑکانہ میں وکالت شروع کی اور خاصہ عرصہ سرکاری وکیل بھی رہے۔ آپ کی لائبریری میں قانون کی کتابوں کے علاوہ کمیونزم، سوشلزم، کیپیٹلزم، اسلام اور ادب کے ذخیرے بھی ہیں، جس میں دنیا کی نایاب اور انمول کتابیں موجود ہیں، جن سے نوجوان کافی فائدہ اٹھاتے ہیں۔
    آپ کی دوستی کا دائرہ بہت وسیع تھا۔ لاڑکانہ میں آپ کی اوطاق غریبوں، عام لوگوں میں مہمان سرائے کیلئے استعمال ہوتی اور یہ اوطاق سرداروں، نوابوں، پیروں، امیروں، آفیسروں اور مختلف سیاسی لیڈروں کا مرکز تھی۔ تاج محمد ابڑو ایک ہمدرد انسان تھے۔ وہ غریبوں، یتیموں، بیواؤں کے کاموں میں خاصی دلچسپی لیتے اور بغیر لالچ کے ان کے کام کرتے، یہاں تک کہ اپنی وکالت کی بھی پرواہ اکثر نہیں کرتے۔ مرحوم کی دوستی غریب لوگوں میں بھی تھی اور ان سے ملنے میں کبھی غرور یا تکبر نہیں کرتے، بلکہ ان کو اپنا دوست سمجھتے۔ یہی مرحوم کی بڑی خاصیت تھی۔ مرحوم تاج محمد ابڑو کی اوطاق پر شام کو بڑی محفل لگتی، جس میں مختلف سیاسی خیالوں کے لوگ جمع ہوتے، جو تقریبًا روز حاضری بھرتے تھے، جن میں جمال الدین بخاری، مولوی نذیر احمد، ایاز قادری، الہٰی بخش کیہر، عبدالرزاق سومرو، بخش شاہ، دوست محمد ابڑو، شمس الدین ابڑو، عبدالحمید ابڑو، فتح محمد سومرو، قربان علی بگٹی، غلام قادر بروہی اور کافی سیاست داں، ادیب، آفیسر اور زمیندار شامل ہوتے تھے۔ٍ
    تاج محمد ابڑو کو ادب سے بے پناہ چاہت تھی۔ آپ نے 1954ء میں لاڑکانہ میں سندھی ادبی سنگت کی بنیاد رکھی۔ سندھی زبان اور سندھی ادب کیلئے بہت کوششیں کیں۔ آپ اکثر ہر میٹنگ میں حاضر رہتے۔ آپ کی ایک ہمہ گیر شخصیت تھی انجمن ترقی اردو لاڑکانہ شاخ کے بانی اور سرگرم کارکن رہے اور سندھی اور اردو ادیبوں کو ایک دوسرے کے قریب لانا اور یگانگت پیدا کرنا ان کا نصب العین رہا۔ یہی وجہ ہے کہ انجمن ترقی اردو کی عمارت میں جو لائبریری قائم کی گئی، اس کا نام شاہ لطیف لائبریری رکھا گیا اور اس سے قبل اس کی بنیاد اس کے اپنے مکان کے قریب تھی۔ آپ کو ادب کے میدان میں بہت اچھے دوست ملے، جن میں محمد ابراہیم جویو، شیخ ایاز، جمال ابڑو، شمشیر الحیدری، پروفیسر غلام مصطفیٰ شاہ، مولانا غلام مصطفیٰ قاسمی، رشید بھٹی، اے کے بروہی، پروفیسر ایاز قادری، ڈاکٹر تنویر عباسی، پیر حسام الدین شاہ راشدی، پیر علی محمد راشدی، عبدالحمید سندھی، قاضی فیض محمد، سوبھو گیانچندانی، برکت علی آزاد، نسیم کھرل اور کافی ادیب شامل ہیں۔
    لاڑکانہ میں سر شاہنواز بھٹو لائبریری کا بنیاد بھی مرحوم ہی نے رکھوایا، جو لاڑکانہ میں ایک واحد قسم کی لائبریری ہے، جہاں سے لاکھوں کی تعداد میں شاگرد، ادیب، دانشور اور عام پڑھنے والے لوگ فیضیاب ہورہے ہیں۔ اس کے علاوہ آپ کافی غریب شاگردوں کا خرچ برداشت کرتے تھے۔ پڑھا کر ان کو روزگار سے لگاتے تھے۔ مرحوم تاج محمد ابڑو نے صرف قوم کی زبانی ہی خدمت نہ کی، بلکہ عملی طور پر بقاپور یونین کونسل جو لاڑکانہ شہر سے ملحق علاقہ ہے، وہاں الیکشن میں اکثریت سے جیت کر چیئرمین بھی رہے اور دل وجان سے لوگوں کی خدمت کی۔ بہت سے آپس کے جھگڑوں کو نمٹایا اور لوگوں میں یگانگت پیدا کی۔ وہاں کے لوگ اب تک ان کے مرہونِ منت ہیں اور اچھے ناموں سے یاد کرتے ہیں۔
    وہ شروع ہی سے سیاست میں سرگرم رہے۔ مختلف سیاسی پارٹیوں میں کام کیا، جن میں سندھ ہاری کمیٹی، نیب اور پیپلز پارٹی قابل ذکر ہیں۔ آپ پی پی پی کی بنیاد رکھنے والوں میں سے تھے۔ ذوالفقار علی بھٹو کو کامیاب بنانے میں مرحوم نے بڑا پارٹ ادا کیا۔ سیاسی میدان میں مختلف قوّتوں میں آپ کو بیشمار دوست ملے، جن میں ذوالفقار علی بھٹو، حیدر بخش جتوئی، رسول بخش پلیجو، فاضل راہو، حاکم علی زرداری، جی۔ایم سید، ممتاز علی بھٹو، جام ساقی، میر رسول بخش تالپر، میر علی احمد تالپر، نواب نبی بخش بھٹو، سردار امین کھوسو، خان بہادر محمد ایوب کھوڑو، قاضی فضل اللہ، میر غوث بخش بزنجو، علی محمد عباسی اور بہت سے دوست قابل ذکر ہیں۔
    تاج محمد ابڑو مرحوم 1972ء میں سیشن جج کے عہدے پر فائز ہوئے، جو رٹائرمنٹ تک ایمانداری سے نبھایا۔ 1985ء میں رٹائر کیا۔ رٹائرمنٹ کے بعد لاڑکانہ میں اپنی آبائی روایت برقرار رکھتے ہوئے اوطاق کو پھر سے آباد کیا۔ آخرکار یہ انمول ہیرے جیسا آدمی، غریبوں کا دوست، باشعور سیاستدان اور سماجی کارکن تاریخ 10 مارچ 1986ء کو دل کا دورہ پڑنے پر اس فانی دنیا سے کوچ کرگئے۔ آپ کو اپنے آبائی قبرستان لاڑکانہ میں سپردِ خاک کیا گیا۔

    (روزنامہ جنگ)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259770
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ