ڪتاب جو نالو: سنڌ جون انقلابي عورتون
مصنف: آزاد قاضي
ڇپائيندڙ: ڀنڀور اشاعت گھر
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1982
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 03 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1774 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 621 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ ڪي ڪردار اھڙا ته آھن جيڪي سچ پچ، پڙھڻ سان اچرج وٺيو وڃي ته ڇا اھي به اسان جا ئي تاريخي ڪردار آھن. ڇوته اسان کي بند دائري ۾ تاريخ پڙھائي وئي جن ۾ قومي ۽ اصلوڪن ڪردارن کي لڪائي، ڦورن، غاصبن ۽ رھزن ٽولن کي ھيرو ۽ مسيحو ڪري پيش ڪيو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • تعارف
  • • مھاڳ
  • • پنھنجي پاران
  • • باب پهريون : قديم دؤر

  • • قديم دؤر
  • • راڻي ودلا
  • • راڻي دھشلا
  • باب ٻيو: راءِ ۽ برھمڻ دؤر

  • • راءِ ۽ برھمڻ دؤر
  • • راڻي (شوڀا) سونھن ديوي
  • • مائي ماين (ڏاھر جي ڀيڻ)
  • • راڻي لاڏي (ڏاھر جي زال)
  • • سريا ديوي ۽ پرمل ديوي (ڏاھر جون ڌيئر)
  • باب ٽيون : سومرا دؤر

  • • سومرا دؤر
  • • تارا ٻائي
  • • ھمون ٻائي
  • • ٻاگھل ٻائي
  • • ساران (دودي جي ڌيءُ، محمد جي زال)
  • • ڪويل (دودي جي ڌيءُ، ننگر جي منڱ)
  • • مالھا (ھاسي سوڍي جي زال)
  • ضميمو پھريون

  • • غدار نامو : روپا راڻي (چنيسر جي ماءُ)
  • • غدار نامو : مريم (چنيسر جي زال)
  • ضميمو ٻيو

  • • سبق
  • • خط

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اڻيانوي (89) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سنڌ جون انقلابي عورتون“ محترم آزاد قاضي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر پاران ڇپايو ويو ۽ 1988ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران پڻ ڇپايو ويو آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون محترم شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    زبيده ميتلو جي نانءِ

    ڪَنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساھڙ ساھڙ ڪن،
    ڪنين سانگو ساھ جو، ڪي گھوريس ڪيو گھڙن،
    ساھڙ سندو تن، سر سھائي گھڙن جي.

    ”شاھ“


    • تعارف

    جڏھن قومون غلام ٿينديون آھن ته انھن مان ڪي سڄاڻ طبقا ۽ ماڻھو قومي وجود جي بقا لاءِ اُٿي پوندا آھن پوءِ اھا بقا جي جنگ بندوق سان ھجي يا قلم سان. تاريخ قومن جو آئينو ھوندي آھي، ان ۾ ڪي ڪي اھڙا به ڪردار ھوندا آھن جيڪي نظر ايندي ايندي اکين اڳيان اوجھل ٿي ويندا آھن ۽ ..... ڪي پاتال ۾ پيل ۽ لِڪل ڪردار سطح تي اچي ويندا آھن. ھونئن اِھي ئي اھميت ۽ ساراھ جوڳا ڪردار آھن جيڪي قوم جي پيشانيءَ بنديا جيان باسندا آھن. پاتال م ھميشہ لعل لڀندا آھن. سطح ته سدائين ڇوھن- ڇولين ويرن ۽ طوفانن جي سَٽَ ۾ ھوندا آھن. لڙھندڙن کي ڪڏھن ته ڪنارو ڏين ۽ ڪڏھن ڪناري کان کڻي مھاساگر جي موج ۾ آڻي ڇڏين.
    سنڌ جي تاريخ کي پڙھندڙن سدائين مٿاڇري نظر سان پئي ڏٺو آھي. گھرائيءَ سان جيڪڏھن ڏٺو به ويو آھي ته صرف مذھبي جنون جي حد تائين. سياڻن جو چوڻ آھي ته ”تاريخ کي ڪڏھن به ھڪ پھلوءَ سان نه جاچيو پر اُن مان ھر پھلوءَ کي ڳوليو ۽ پرکيو - ۽ لِڪل شين کي ميدان تي آڻيو.“
    ھن ڪتاب جي خالق ڀاءُ آزاد قاضيءَ تاريخ جي انھن لڪل، لاثاني ڪردارن کي پاتال مان سطح تي آڻي بيھاريو آھي، جن کي يا ته ڪنھن حيثيت ۾ نٿي ليکيو ويو يا وري ڄاڻي واڻي تنقيد جو نشانو بڻائي ختم ڪيو پئي ويو.... پر جن کي ماضي زندھ سڏيو، انھن کي حال ۾ ڪنھن به طريقي سان ڇيھو رسائي نٿو سگھجي.
    پنھنجي ھن قريبي دوست ۾ ھڪ خوبي جا مون کي تمام گھڻي وڻندي آھي سا آھي خاموش طريقي سان ڪم کي چنبڙيل رھڻ ۽ ان کي ڪنھن ماڳ تائين رسائڻ.
    اسان وٽ عام چوڻي آھي ته ”جيڪي گجندا آھن سي وسندا ناھن ۽ جيڪي وسندا آھن سي گجندا ناھن.“ آزاد، گھٽ ۾ گھٽ انھن ماڻھن کان پرڀرو ٿي بيٺو آھي جيڪي لٻاڙي آھن ۽ آسمان ۾ تراريون ھلائيندا آھن. منھنجي نظر ۾ اِھي ئي ماڻھو جاکوڙ ڪري سگھن ٿا جن کي قومي بقا جو اونو ۽ ادب جي اوسر جو فڪر ھوندو، انھن جي ڪيل کوجنا ۽ فڪري اُپٽار قوم جي صحيح ترجماني ڪندي.
    ھن ڪتاب ۾ ڪي ڪردار اھڙا ته آھن جيڪي سچ پچ، پڙھڻ سان اچرج وٺيو وڃي ته ڇا اھي به اسان جا ئي تاريخي ڪردار آھن. ڇوته اسان کي بند دائري ۾ تاريخ پڙھائي وئي جن ۾ قومي ۽ اصلوڪن ڪردارن کي لڪائي، ڦورن، غاصبن ۽ رھزن ٽولن کي ھيرو ۽ مسيحو ڪري پيش ڪيو ويو.
    قومي ساڃھ رکندڙ ھن ساٿي جو جيون وچور اڪثر تعارفن جيان ڏيون ھا، پر اسان ان کوکلي روايت جي خلاف آھيون. ڇو ته محنت ئي ڪو مقام ڏياري ٿي. ھونئن به آزاد قاضي ادب ۾ ڪو نئون ناھي جو تعارف ڏجي.... بس ھو سکڻي ميل ميلاپ مان ڪونه ڄاڻي. پنھنجي ڪم سان ڪم اٿس تنھنڪري ھر وقت پنھنجيءَ ۾ پورو ھوندو آھي. ھو جيڪو ڪجھ ڪري سگھيو آھي، انھن ڪاوشن ذريعي ئي ھن کي سڃاتو وڃي ٿو.
    اُميد ته سندس ھي ڪتاب مواد جي لحاظ کان انتھائي موزون ۽ وقت جي لحاظ کان اھم ثابت ٿيندو.

    ننگر سومرو


    • مھاڳ

    ”.... جڏھن شھري بغاوت تي آماده ٿيندا آھن، ته اھي ھميشہ ھن لفظ (آزادي) ۽ پنھنجي ابن ڏاڏن جي قانونن ۽ جائداد“ کي کڻي اٿندا آھن. جن کي نه ته وقت ميساري سگھندو آھي ۽ نه سٺو سلوڪ. اھڙن علائقن جي باشندن کي جھڙي طرح به ٿي سگھي متحد ٿيڻ نه ڏجي، اھڙو انتظام ڪرڻ گھرجي جو اھي منتشر رھن. جيڪڏھين ائين نه ٿيو ته انھن ماڻھن مان ”پراڻن حَقن“ جي ياد ڪڏھين به مٽجي نه سگھندي ۽ ھر موقعي تي اھي ”انھن حَقن“ کي ٻيھر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“
    اھي آھن لفظ دنيا جي ڊڪٽيٽرن ۽ پرمارن جي محبوب دانشور ميڪاوليءَ جا، جنھن دنيا جي ڊڪٽيٽرن، قابض حاڪمن ۽ قابض قومن کي مشورا ڏنا آھن، ته مقبوضه علائقن جي ماڻھن کي ھميشہ قبضي ۾ رکڻ لاءِ منتشر رکجي، ڇو ته انھن جي گڏجڻ جا اسباب ”ابن ڏاڏن جي جائدادن، قانون ۽ آزادي“ موجود ھوندا آھن. ٻين لفظن ۾ سندن قومي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ جي ياد منجھن موجود ھوندي آھي، جيستائين ان جي ياد منجھن ھوندي تيستائين حاڪم ڌرين کي ڪڏھن به سُک سان رھڻ نه ڏيندا. ان ڪري ھنن جي گڏجڻ جا جيڪي به اسباب موجود آھن انھن کي ختم ڪري، انتشار ۾ رکيو وڃي، ڄڻ ته انھن جي تاريخ ۽ تھذيب کي مٽائڻ گھرجي. مٿئين حوالي مان اھا ڳالھ معلوم ٿيندي ته قومن لاءِ تاريخ ڪيتري قدر اھميت رکندڙ ھوندي آھي، جنھن ۾ قومن جي دلين مان تاريخ جو ڏيئو وسامڻ سان قابض ڌرين سان ڇا حشر برپا ٿيندو ۽ تاريخ کي وِسارڻ سان انتشار ۾ اچي ڪيئن پنھنجو وجود وڃائي ويھنديون آھن.
    زندھ ۽ سڄاڻ قومون پنھنجي حال جا پيوند ماضيءَ سان مضبوط ڪري مستقبل جي محلات جا سنگ بنياد رکنديون آھن. انھن لاءِ حال جو ھر قدم ماضيءَ جي اڙانگھي ۽ ڊگھي سفر جي سلسلي جي ڪڙي ھوندو آھي، اھو سلسلو ڪٿان ٽٽي ويو، قدم ھڪ لڱا ترڪي ويو، ته پوءِ وڌي عرصي ۽ بي انتھا قربانين کان پوءِ سلسلو قائم ڪري سگھبو، ڪڏھن ته انھن ڪڙين کي ملائڻ ناممڪن ٿيو پوي. بھر صورت تاريخ کي وسارڻ ۽ تاريخ کان ڪٽجي وڃڻ ڪري قومن جو اھڙو حال ٿيندو آھي، جھڙو ٿُڙ کان ڪَٽيل ڏار جو.

    ”تن سڪن ڪھڙي سار، جي وڍي وڻ جدا ڪيا.“
    (شاھ)

    جڏھن قوم حال ۾ ڪنھن مشڪلاتن ۽ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي عين ان وقت ماضيءَ تي نظر رکي تاريخ جي ذري ذري کي چڱيءَ پر جاچي ۽ اجاگر ڪيو ويندو آھي. ان سلسلي ۾ قومي ھيرن ۽ عظيم ڪردارن جي يادگيري بنھ ضروري ٿيو پوي. ”غلام ملڪن ۾ جڏھن پنھنجي قومي ھيرن جي ياد گرمجوشي ۽ تحرڪ جو سبب بڻجي، ان وقت سمجھڻ گھرجي ته قوم اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آھي.“ فرانز فينن
    نه صرف ايترو پر ھيرن ۽ سورمن جي سڃاڻ ضروري ھوندي آھي. ڇو ته سامراجي قوتون پن ان قوم کي پنھنجي حقيقي تاريخ کان ڪَٽڻ لاءِ سندن قومي ھيرن جي تذليل ڪري، ڪي مصنوعي ھيرا پيدا ڪري ڏينديون آھن، جن جو ان ڌرتيءَ سان ڪوبه مثبت تاريخي ناتو نه بلڪ خالي ڳالھين جي ڪري ھم آھنگي ھوندي آھي.
    تاريخ، تاريخ ئي آھي، تاريخ ھندو يا مسلم نه ھوندي آھي، قومون پنھنجي ھيرن جي ڪردارن کي ان ڪسوٽيءَ تي نه پرکينديون آھن، ته انھن جو ڪھڙي گروھ يا فرقي سان واسطو ھو، پر ان جي ڪسوٽي اھا آھي، ته انھن سورمن ان ديس ۽ ديس جي ماڻھن لاءِ ڪھڙيون قربانيون ڏنيون.
    ھتي ڪيترن ماڻھن تنگ نظري ڪري قومي ڪردارن جي پرک جو بنياد مذھبي لڳ لاڳاپن تي رکيو آھي، جيڪا سنڌي سماج سان وڏي نا انصافي آھي.
    عجيب اتفاق آھي، جو جن حاڪمن سنڌ جي ماڻھن جي آزادي کسي، جن سندن لڄن کي لٽيو ۽ سندس عورتن کي بازار ۾ نيلام ڪيو. اھي ئي سندن سورما!
    جيڪڏھن سنڌ جي تاريخ ۾ وطن خاطر ھر قسم جي قرباني ڏيندڙ ماڻھن کي قومي ھيرو سڏيو وڃي ٿو ته اھي ماڻھو وڦلڻ لڳن ٿا. باوجود ان ڄاڻ ھئڻ جي ته ڪي قومون مسلمان ھوندي به پنھنجي غير مسلم تاريخي ڪردان کي ساراھين ٿيو.
    جيئن ايراني سائرس اعظم کي ۽ پنجابي رنجيت سنگھ کي!
    مٿين ڳالھين جي مدنظر سنڌ وارن جو به اھو فرض آھي ته انھن عظيم انسانن جي ڪارنامن کي مختلف ذريعن سان عوام آڏو آڻين جن ملڪ (سنڌ)
    جي ڀلي خاطر پنھنجي پنھنجي دور ۾ قربانيون ڏنيون آھن ته جيئن حقيقي ۽ غير حقيقي سورمن جي پرک ٿي سگھي.
    زير نظر ڪتاب ۾ جن انقلابي عورتن جو ذڪر ڪيل آھي، انھن جو واسطو پڻ اھم تاريخي دورن سان آھي (سواءِ پھرين ڪردار جي) جن ۾ سنڌي ماڻھو آزادگيءَ واري ماحول ۾ سُک جو ساھ کڻي رھيا ھئا ۽ ملڪي ڇيڙي نبيري مقامي ماڻھن کي ھٿ ۾ ھئي. ھر لحاظ کان سنڌ جي تاريخ جي ھن حصي تي قلم کڻڻ جي ضرورت ھئي، ڇو ته ڪجھ ڪردار اھڙا آھن، جيڪي ھڪ طرف پنھنجي اندر اعليٰ ڪارنامن جي ڪري لافانيت رکن ٿا، ته ٻئي طرف مختلف تاريخ نويسن جي لکڻين ڪري، انھن جي حيثيت متنازع بڻجي ويئي، ھنن ڪردارن کي صفائيءَ سان ظاھر ڪرڻ آسان نه ھو. ان لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ، سُرت ۽ ساڃھ جي ضرورت ھئي. ڇو ته جنھن دؤر جا ھي ڪردار آھن، ان دؤر لاءِ ڪابه مستند تاريخ آھي ئي ڪانه، جيڪا ڪجھ آھي سا به ڌارين جي لکيل، جيڪي سنڌ تي فاتح جي صورت ۾ آيا، جن سنڌ جي تاريخ کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو، ڪيتريون ئي من گھڙت ۽ واھيات ڳالھيون لکيون آھن.
    ڀاءُ آزاد، ڪافي حد تائين ڪوشش ڪئي آھي، ته انھن ڪردارن جي ھر لحاظ کان صحيح تصوير سامھون اچي، جيئن ڪي ڪوتاھيون رھجي نه وڃن. بھرحال تحقيق جا دروازا ھميشہ کليل رھندا.
    اسان جڏھن عورتن جي اعليٰ ڪارنامن تي لکون ٿا، انھن کي پيش ڪريون ٿا، ته ان حالت ۾ ھنن، ديس جي عظيم عورتن جي انقلابي ڪردار کي اجاگر نه ڪرڻ، انھن کي ھيترو وقت وساري ڇڏڻ، پنھنجي تاريخ کان لاپرواھي ۽ پنھنجو پاڻ سان نا انصافي ھئي. اڄ دنيا جي عورت ڪافي اڳتي وڌي چڪي آھي، ان زندگيءَ جي ھر ميدان تي وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن. انھن ڪارنامن کي ڏسي، ڪو ھنن عورتن جي انقلابي ڪارنامن کي ڏسي، ڪو ھنن عورتن جي انقلابي ڪارنامن کي محسوس نه ڪري، اھو نا انصافيءَ جي برابر آھي. ان لاءِ ايترو چوڻ به ضروري آھي ته ھنن عورتن جي ڪردار کي پرکڻ لاءِ،اڄ جي عورت سان ڀيٽڻ جي بجاءِ ان دؤر جي حالتن سان ڀيٽڻ گھرجي.
    آءٌ يقين سان چوان ٿو ته دھشلا، سونھن ديوي، ماين لاڏي ۽ ٻاگھي اھي سڀ ڪردار ڪنھن به صورت ۾ دنيا جي ڪردارن کان گھٽ ڪونھن. ھنن ڪردارن ۾ جتي شجاعت ۽ بھادري نظر ايندي، اتي عقل، ڏاھپ ۽ تدبر جون جھلڪيون پڻ نظر اچن ٿيون.
    ھي اھي عظيم عورتون ھيون جن وطن جي عزت ۽ آبروءَ خاطر ھر قسم جي قرباني ڏني. جڏھن ڪنھن خلجيءَ سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي آھي، ان سان جنگ ڪندي مرندي مارائيندي، دودو، ننگر، منگر شھيد ٿين ٿا. اتي ٻاگھيءَ جي اڳواڻي ھيٺ ٻيون عورتون جنگ جي ميدان ۾ نڪري اچن ٿيون.
    بھرحال جتي اسان سنڌ جي عورت کي دنيا جي عظيم عورتن جي ڪارنامن کان آگاھ ڪرڻ چاھيون ٿا، ته اتي ان ڳالھ جي اشد ضرورت ھئي، ته پھريان کيس ديس جي عورتن جي ڪارنامن کان واقف ڪرائجي. وري به جس آھي ڀاءُ آزاد کي جو ھن قومي تاريخ جي اھميت کي محسوس ڪندي، ھنن وقت جي دز ھيٺ لَٽيل عظيم عورتن جي ڪارنامن کي ڇنڊي ڦوڪي ديس واسين اڳيان پيش ڪيو آھي. اميد ته ھيءُ ڪتاب ترقي پسند ادب ۾ اھم جاءِ والاريندو.

    فيض الله جوڻيجو


    • پنھنجي پاران

    دنيا جي تاريخ انقلابي عورتن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آھي. تاريخ شاھد آھي ته دنيا جي ڪھڙي به ڪُنڊ ۾ آزاديءَ ڪارڻ جا جدوجھد ھلي آھي، تنھن ۾ وقتي حالتن مطابق اتان جي عورتن ڀرپور حصو ورتو آھي. اسرندڙ توڙي آزاد ملڪن جي عورت سياسي ۽ سماجي اوسر ۾ مرد سان ھڪ جيتري ڀاڱي ڀائيوار رھي آھي. جيڪڏھن ان حقيقت کان ڪو انڪار ڪري ٿو ته ان جو اھوئي مطلب ٿيو ته ھو آباديءَ جي اڌ حصي کي نظرانداز ڪري ٿو ۽ آباديءَ جي اڌ حصي کي نظرانداز ڪري، دنيا جو ڪوبه ملڪ ترقيءَ جي راھ ۾ صحيح طور ڪاميابي حاصل ڪري نٿو سگھي. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن ڪنھن به تحريڪ ۾ عورت جو حصو نه آھي ته اھا تحريڪ پڻ ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي نه سگھندي.
    اوائلي دور ۾ مرد ۽ عورت جي ھڪ جھڙي حيثيت ھئي. ٻئي ڌريون برابريءَ جي بنياد تي ھڪ ٻئي سان مختلف معاملن ۾ مددگار ٿينديون ھيون. دنيا جي ترقي ڪرڻ سان انسان عام زندگي ڇڏي، قبيلن ۾ ورھائجي ويو، تڏھن ننڍ وڏائي ۽ مال ملڪيت جي تصور وجود ورتو. اھڙي وقت ۾ ڏاڍي ڌُر، ڪمزور ۽ ھيڻي ڌُر تي قابض ٿي سندس مال ملڪيت لُٽي پنھنجي اجارا داري قائم رکندي ھئي. اھڙي طرح ظلم، استحصال جي شروعات ٿي. اھڙي ئي ماحول ۾ عورت کي برابريءَ واري حيثيت منجھان جنس وارو درجو مليو، جنھن تحت ھو مرد جي رحم ڪرم تي رھجي وئي ۽ سندس وڪرو ٿيڻ شروع ٿيو. نه صرف ايترو پر ڪيترين جاين تي عورت کي خانداني عزت ۽ وقار ڪاڻ ڄمندي ختم ڪيو ويندو ھو. اھڙي ريت عورت جو مقام ڪرندو رھيو، اھا ئي ساڳئي حالت اڄ ويھين صديءَ ۾ موجود آھي، جا اڄ کان ڪيئي صديون اڳ به ھئي. اڄ به عورت کي غلامن وارو درجو حاصل آھي. گھر ھلائڻو آھي، رڌ پچاءُ ڪرڻو آھي، مرد جي خدمت ڪرڻي آھي ۽ ٻار ڄڻڻا آھن ۽ بس!
    پر حقيقت ۾ ائين نه آھي، جيستائين آباديءَ جو اھو اڌ حصو سياسي ۽ ثقافتي تحريڪن ۾ پاڻ سان شامل نه ٿيو آھي، تيستائين ڪنھن به ڪم کي پايئه تڪميل تي پھچائي نٿو سگھجي. ان ڪم کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ضروري آھي ته عورتن ۾ انفرادي ۽ اجتمائي بيداري آندي وڃي. کين نظرياتي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي ۽ دنيا جي تاريخ سان گڏوگڏ ديس جي تاريخ کان واقف ڪرايو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي ماضيءَ منجھان واقف ٿي پنھنجو پاڻ ۾ مستقبل سنوارڻ جي سگھ پيدا ڪري سگھن.
    ھندوستان جي آزاديءَ جي اڳواڻ سُباش چندر بوس سنگاپور ريڊيو تان ھندوستاني عورتن کي خطاب ڪندي چيو ته ”جيڪڏھين ڪا استري آھي جا سمجھي ٿي ته استرين جي شان پٽاندر نه آھي جو ھو بندوق ڪلھي تي ڪري لڙن، ته مان ان استريءَ کي چوندس ته تواريخ جا ورق ورائي ڏسو. زمان ماضيءَ ۾ اسان جي استرين ڇا نه ڪيو آھي؟“ اسان جي ملڪ ۾ جيڪي ماڻھو مٿئين قسم جي ساڳي پروپئگنڊا ڪري، عورتن جي اڳتي وڌڻ واري راھ ۾ رڪاوٽ وجھي قومي تحريڪ کي ڌڪ رسائي رھيا آھن ۽ جيڪي عورتون اھڙي پروپئگنڊا تي اعتبار ڪري، قومي تحريڪ کان پاسو ڪري رھيون آھن، ھن ڪتاب ۾ انھن ڀينرن لاءِ سندن قوم جي ماضيءَ جا اھڙا ڪردار پيش ڪيا ويا آھن، جن قومي عزت ۽ وقار برقرار رکڻ لاءِ نه رڳو فڪري، بلڪ عملي جدوجھد ڪئي آھي. نه رڳو پنھنجي اولاد ۽ عزيزن کي ملڪ جي آزاديءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ھمٿايو بلڪ وقت اچڻ تي پاڻ به ھٿيار کڻي ميدان ۾ نڪري آيون. ھن ڪتاب جي ان لحاظ کان به وڏي اھميت آھي ته جن به عورتن جو ذڪر ڪيل آھي، انھن جو لاڳاپو اھڙي طبقي سان ھو، جنھن کي مروج زبان ۾ خاندان ۽ پردي پوش گھراڻا سڏيو ويندو ھو/ آھي. پر جڏھن مٿي تي مھل اچي بيٺي، تڏھن انھن گھراڻن جي عورتن ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي؟ سا ڳالھ سبق آموز آھي، ڇوته اسان جي ماحول ۾ اڄ تائين عزت وارو گھراڻو ۽ پردي نشين جھڙا محاورا استعمال ڪري، عورت کي ان بھاني نظربند ڪيو ويندو آھي، اھا نظربندي جدا جدا طريقن ۽ نمونن سان پوري سنڌي معاشري ۾ سمايل آھي، جن خاندانن جي عورتن تعليم پرائي چوديواريءَ کي ختم ڪيو آھي، انھن تي وري نئين قسم جي نظربندي آھي، جنھن تحت اھي آزاد ھوندي به نيم غلام بڻيون رھن ٿيون! جنھن ڪري ملڪ ۾ ڇا ٿو وھي واپري، قوم سان ڪھڙا ٿا ظلم ٿين، قوم جا اسان ڏانھن ڪھڙا فرض ۽ جوابداريون آھن، ان ڳالھ تي ڪنھن سوچڻ به گوارا نه ڪيو آھي. سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ اڪيچار عورتن جو اعليٰ ۽ اُتم ڪردار رھيو آھي، جن کي قومي سورميون ڪري بيان ڪري سگھجي ٿو، پر تاريخ جي منجھيل ۽ لُڙاٽيل وھڪري انھن جي ڪردار کي لَٽي ڇڏيو آھي، جن کي صاف سٿرو ۽ اڇو اجرو ڪري پيش ڪري سگھجي ٿو. ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي تاريخ جي اوائلي دور کان ھن ڪتاب جي شروعات ڪئي وئي آھي.
    ڪتاب ۾ سومرن جي دور تائين جيڪي ڪردار ملي سگھيا آھن، تن کي پيش ڪري رھيو آھيان، اڳتي پڻ جيئن جيئن مواد ملندو، تيئن سلسلي وار ڀينرن جي خدمت ۾ پيش ڪندو رھندس.
    طالب العلم

    آزاد قاضي


    • باب پهريون : قديم دؤر

    • قديم دؤر

    سنڌ ڌرتيءَ تي تمام آڳاٽي دور ۾ به اھڙيون سجاڳ عورتون ملن ٿيون، جيڪي عقل، فھم، ڏاھپ ۽ دانائيءَ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھيون. انھن مان ھڪ ھئي راڻي ودلا، جنھن پنھنجي ڏاھپ وسيلي ڪانئر ۽ گيدي پُٽ کي بھادر بڻائي ڇڏيو


    • راڻي ودلا

    راڻي ودلا، ھن ديش جو تمام قديم مھاڀارت کان به اڳ جو ڪردار آھي، جيڪو ٻين ڪيترن ئي ڪردارن وانگر ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين زبان در زبان منتقل ٿيندو آيو آھي. ويجھڙائيءَ ۾ ھن راڻيءَ جو تذڪرو شري گنگارام سمراٽ پنھنجي ڪتاب ”سنڌو سؤوير“ ۾ بيان ڪيو آھي. ھن قصي لاءِ ھو پڻ لکي ٿو ته ”ھيءَ تمام پراڻي وارتا (قصو) آھي، جيڪا مھاڀارت “ ۾ ڪنتيءَ واتان ٻڌائڻ ڪري امر ٿي وئي. (سنڌو سؤوير) ڪنتيءَ جي قصي منجھان معلوم ٿئي ٿو ته راڻي ودلا کتري پاڙي جي نھايت ھوشيار ۽ قابل راڻي ٿي گذري آھي. جيڪا پنھنجي دور جي عاقل، داناءُ ۽ روشن خيال رکندڙ دورانديش عورت ھئي. سندس ان ڏاھپ جو راجائن جي درٻارن تائين نالو ھوندو ھو. ھوءَ ڪيترن کي ھٿيارن جي ڄاڻو ۽ عالمن جا خيال ٻڌي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ واري عورت ھئي.
    ان دور ۾ ھي ديش ڪيترن ئي رياستن تي مشتمل ھوندو ھو، جن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا رھندا ھئا. راڻي ودلا جي مڙس جي مرتئي کانپوءِ سندس پُٽ حڪومت تي ويٺو، پر حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ ۾ ودلا جي دانائي ۽ ڏاھپ جو پوري ريت ھٿ ھو.
    ھڪ ڀيري ڇا ٿيو جو سندس پٽ ڀر واري حاڪم کان ھار کائي، غمگين ٿي اچي گھر سمھي پيو. ان موقعي تي پٽ کي غيرت ڏيارڻ ۽ دل ٻڌرائڻ لاءِ تنبيھ واري نموني ۾ جا ھدايت ڪيائين تنھن کيس تاريخ ۾ سجاڳي آڻيندڙ انقلابي عورتن جي صف ۾ آڻي بيھاريو. ھن پنھنجي پٽ کي سست، موڳو ۽ ملول ڏسي کيس چيو ”اڙي تون منھنجي گرڀ مان ڄائو آھين ته به مون کي آنند ڏيڻ وارو ڪونه آھين، تون ته مخالفن جي ئي خوشي وڌائيندڙ آھين، ان ڪري ھاڻي مان ائين سمجھڻ لڳي آھيان ته تون منھنجي ڪُک مان ڄائو ئي ڪونه آھين. تنھنجي پيءُ توکي ڪونه ڄڻيو آھي، پوءِ تو جھڙو ڪانئر ڪٿان آيو، تون ڪروڌ کان بلڪل خالي آھين. تنھنجو من وغيره سڀ ڪاريھر جيان آھن ۽ تو سڄي زندگي لاءِ نا اميد ٿي وئين.“
    ھن بھادر عورت پٽ کي وري به آٿت ڏيندي چيو ”اڙي ھينئر به تون اُٿ پنھنجي ڪلياڻ لاءِ ٻيھر جنگ جو بار کڻ، پاڻ کي ھيڻو سمجھي خود ئي پاڻ کي گھٽ نه سمجھ. ھن زندگيءَ جي دولت سان ڀيٽ نه ڪر. من کي مضبوط ڪري، ان کي سندن ارادن سان ڀري بھادر ٿي وڃ، ڀئه صفا ڪڍي ڇڏ. او ڪانئر! اُٿ کڙو ٿيءُ، ھن طرح دشمن کان ھار کائي گھر ۾ آرام نه ڪر. ائين ڪري تون سڀني دشمنن کي آنند ڏيئي رھيو آھين ۽ تون غيرت کان خالي ٿي مِٽن مائٽن کي ڏک ۾ وجھي رھيو آھين.“
    جھڙي طرح موجوده دور ۾ ھٿيارن واري ويڙھاند کان وڌيڪ ذھني جنگ جو سوڀ حاصل ڪرڻ ۾ وڏو ھٿ آھي. دنيا جا وڏا وڏا ملڪ ھڪ ٻئي تي رڳو ذھني جنگ وسيلي ئي برتري حاصل ڪري رھيا آھن. جيڪي فرد يا ٽولا ذھني ۽ عقلي جنگ بغير رڳو ويڙھاند تي سندرو ٻڌندا آھن، سي قوم کي ڪنھن به قسم جو ڇوٽڪارو ڏيارڻ بجاءِ، عادي ڏوھاري بڻجي رڳو، چوريون، ڦرون ڪرڻ ۽ ڌاڙا ھڻڻ واري عمل ۾ مصروف ٿي ويندا آھن.
    آڳاٽي دور ۾ به جنگيون رڳو تلوار ۽ فوج جي زور تي ڪونه کٽبيون ھيون پر ان وقت به علم، دانائي ۽ جنگي ڄاڻ جو سوڀُن ۾ وڏو ھٿ ھوندو ھو. اڄ جي دور ۾ جنھن کي حالتن کي سمجھڻ، وقت جي نزاڪت سان اڳتي وڌڻ، پوئتي ھٽڻ يا ڪجھ وقت خاموشي اختيار ڪرڻ چون، تنھن کي اُن وقت ۾ دشمن کي دوکو ڏيڻ چوندا ھئا. جنھن تي جنگ جي ميدان ۾ سوڀارو ٿيڻ جو مدار ھوندو ھو. ھيءَ راڻي عقل ۽ دانائيءَ ڪري اھڙين ڳالھين منجھان پوريءَ ريت واقف ھئي تنھنڪري ھن پنھنجي پٽ کي مثالن وسيلي اھا ڳالھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪھڙي ريت دشمن تي سوڀ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھن کيس چيو ”جيئن ننڍي ندي ٿوري پاڻيءَ سان ائين ئي ڏسندي ڀرجي ويندي آھي ۽ ڪوئي جي مُٺ ٿوري اَن سان ڀرجي ويندي آھي. تيئن ئي ڪانئر کي ماٺ ڪرائڻ تمام سولو آھي. ھو ٿوري تي راضي ٿي ويندو آھي، تون دشمن جا ڏنگيندڙ ڏند ڀڃيندي مري وڃ. جان وڃڻ جو کٽڪو ھجي ته دشمن سان ٺاھ ڪرڻ ظاھر ڪر. آڪاس ۾ بي کٽڪي اُڏامندڙ پکيءَ جيان جنگ جي ميدان ۾ ڦرندي، گجندي يا چپ رھي دشمن جون ڪمزوريون ڏسندو رھ“ ھوءَ رڳو ان چوڻ سان خاموش نه ٿي ويئي پر کيس وڌيڪ تنبيھ ڪندي چيائين: ”ڪانئر تون ھن وڄ کان مري ويل مُردي وانگر ھتي ڇو مُردار ٿيو پيو آھين بس اُٿ دشمن کان ھارائي، ھتي پيو نه رھ تون ويچارو بڻجي سست نه ٿي وڃ. پنھنجي بھادريءَ وارن ڪمن سان مشھوري ظاھر ڪر، تون وچولي، گھٽ خواھ ڪريل خيالن جو سھارو نه وٺ، پر جنگ جي ميدان ۾ شينھن جيان گجگوڙ ڪندي ڄمي وڃ. تو ڪک جھڙي ٻرندر ڪاٺي جيان ٻن گھڙين لاءِ به ڀڙڪي اُٿ، پر جيوت واري جوت جيان ڀنڀٽ ڪر، باھ جيان دونھون نه ڪر. (ٻه گھڙيون به ڀنڀٽ ڪري ٻرندو رھڻ سٺو پر دير تائين دونھون ڪڍندي دُکڻ چڱو ڪونھي) ”سندس ھيءَ چوڻي بنگال جي بھادر ٽيپو سلطان جي مشھور چوڻي ”گدڙ واري سؤ سالن جي زندگيءَ کان شينھن جي ھڪ ڏھاڙي واري زندگي بھتر آھي“ وارو مطلب ظاھر ڪري ٿي 'آزاد' ڪنھن به راجا جي گھر ۾ بلڪل ظالم يا صاف نرم سڀاءُ ٻالڪ جو جنم نه ٿيڻ گھرجي. بھادر ماڻھو جنگ ۾ جادوءَ سان اعليٰ صفتون ظاھر ڪري ڌرم جي فرض کان آجو ٿيندو آھي ۽ پنھنجي گلا ڪونه ڪرائيندو آھي.
    ھن عاقل عورت پنھنجي مڇو ۽ ملول پُٽ کي وطن خاطر بنان خوف ۽ خطري، لالچ ۽ لوڀ جي مرڻ جي تلقين ڪندي چيو: ”غلام انسان کي گھربل ڦَل جي حاصلات ٿئي يا نه ٿئي، ھو ان لاءِ ڏک ڪونه ڪندو آھي. ھو جيسين ساھ سان آھي، تيسين تائين چرپر ڪندو آھي ۽ پنھنجي لاءِ دولت جي آس ڪونه ڪندو آھي.“
    گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رِڻ جا.
    دنيا ۾ بھادر انسانن پنھنجي لاءِ ھڪ ئي رستو اختيار ڪيو آھي. يا بھادريءَ سان جيئڻ يا پنھنجو پاڻ قربان ڪري ڇڏڻ. ھو پنھنجي مقصد ماڻڻ ڪارڻ آخري گھڙيءَ تائين جدوجھد ڪندا آھن، پر پوءِ جيڪڏھن ناڪام ٿي پوندا آھن ته دشمن جي چنبي ۾ اچڻ کان اڳ پنھنجو انت آڻي ڇڏيندا آھن. ھن بھادر عورت پنھنجي پٽ کي پڻ اھڙي ھدايت ڪندي چيو: ”پُٽ! ڌرم کي اڳيان رکي يا ته مطلب ظاھر ڪر يا ته ان باھ جي حوالي ٿيءُ! ڇالاءِ جي رھيو آھين. ڪانئر! تنھنجا مھان ۽ اتم ڪرم ختم ٿي ويا، سمورو ناموس ڌوڙ ۾ ملي ويئي، ھاڻي تون ڇالاءِ جي رھيو آھين. ماڻھو ٻڏندي وقت، مٿان کان ھيٺ ڪرندي وقت به دشمن جي ٽَنگ ھر هال ۾ پڪڙي ۽ ائين ڪندي جيڪڏھن پنھنجي جان به ھلي وڃي ته به ڪا پرواھ نه ڪري، سٺي ذات جا گھوڙا نه ته ٿڪجندا آھن ۽ نه ئي ڍِلا ٿيندا آھن. انھن جي ان ڪم کي ياد ڪري پنھنجي مٿان رکيل جنگ جو بار ھمٿ سان کڻ پٽ! تون صبر ۽ غيرت ڌار، پنھنجي مقصد کي سمجھ ۽ ان جي سھاري ھن ٻڏندڙ قوم جو تون ئي بچاءُ ڪر. ھن کيس وڌيڪ تلقين ڪندي چيو ”جنھن جي مھان ۽ حيرت انگيز مقصد ۽ سڀاءَ جي سڀ لوڪ چرچا نه ٿا ڪن، اھو ماڻھو پنھنجي طرفان فقط جنس وڌائيندڙ آھي. منھنجي نظر ۾ نه اھو عورت آھي ۽ نه ئي مرد! سخاوت، عبادت، سچ ڳالھئائڻ، علم ۽ ڌن ڪمائڻ ۾ جنھن جي نانءَ جي ھر ھنڌ واکاڻ ڪانه ٿيندي آھي، اھو ماڻھو پنھنجي ماءُ پيءُ جو پٽ نه پر ڍڳي جي مٽ برابر ئي آھي.
    ”جيڪو ديني علم ۽ عبادت، ڌن، دولت خواھ پنھنجن خدمتن رستي ٻين کي جيتي ٿو وٺي، اھو ان ئي ڪم دوران ماڻھپي وارو ماڻھو سڏبو آھي.“
    ھن کيس وڌيڪ ھن ريت ھدايت ڪئي ”توکي گدڙن، فقيرن، ڪرڙن ۽ ڪانئرن جي بيک وغيره گھٽ درجي واري ڳالھ جو سھارو ڪڏھن نه وٺڻ گھرجي، ڇوته اھا بدنامي ڦھلائيندڙ ۽ دکدائي (ڳالھ) ٿيندي آھي. جنھن بزدل ماڻھو جي دشمن جي پاسي جا ماڻھو تعريف ڪندا ھجن، جيڪو سڀني اڳيان بي مانو ٿيندو ھجي، جيڪو ٿوري لالچ تي ئي وڪامجي حيرت ظاھر ڪندو ھجي. جيڪو ھر طرح ھيڻو ۽ ڪنگال جيون گذارڻ وارو ۽ ھلڪي سڀاءُ جو ھجي اھڙي مائٽ کي حاصل ڪري ان جا مٽ مائٽ سکي ڪونه ھوندا آھن.“
    ”تون سڄڻ ماڻھن جي وچ ۾ اڻ وڻندڙ ڪم ڪرڻ وارو آھين، قوم ۽ نسل جو مان ۽ عزت ناس ڪندڙ آھين. لڳي ٿو ته تنھنجي روپ ۾ پٽ جي نالي مون ڪنھن ڪانئر ماڻھوءَ کي جنم ”ڏنو“ آھي. سنسار جي ڪابه عورت اھڙي پٽ کي جنم نه ڏئي جيڪو امرتا کان خالي، سچائي، بھادري ۽ محنت کان خالي ٿي دشمنن جو آنند وڌائيندو ھجي.
    اڙي! دونھين جيان نه اُٿ زور زور سان باھ وانگر ڀڙڪو کائي اٿ ۽ زور سان حملو ڪري دشمن جي فوج کي ناس ڪري ڇڏ. تون ھڪ گھڙيءَ لاءِ به دشمنن جي مٿي تي ٻرندڙ باھ بڻجي ڇانئجي وڃ. ديا، بي ھمتي ۽ ڊپ اھي ملڪيت جو ناس ڪندڙ آھن، بي ھمت ماڻھو ڪڏھن به ڪو اھميت وارو ڪم نٿو ڪري سگھي.
    ھار کائڻ ڪري جيڪا لوڪ ۾ تنھنجي بدنامي ۽ ندا ٿي رھي آھي، تن سڀني ڪمزورين کان تون خود ئي پنھنجو پاڻ کي آجو ڪر ۽ پنھنجي دل کي لوھ جيان مضبوط بڻائي وري پنھنجي مقصد جي ڳولا ڪر. جڏھن بھادر ۽ بي ڊپو سؤروير ۽ شينھن جيان گجندڙ راجا جنگ ۾ اتفاق سان مري به وڃي ته به ان جي راڄ ۾ عوام سُکيو رھندو آھي.
    ھر ماءُ پنھنجي اولاد کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي آھي. سندس آس ھوندي آھي ته منھنجي ٻچي کي ڪڏھن به ڪوسو واءُ نه لڳي، جتي به ھجي شال خوش گذاري. ان مامتا واري جذبي تحت اڪثر عورتون قومي فرض به وساري وھنديون آھن. جيئن موجوده وقت ۾ سنڌي عورت ڪري رھي آھي. حقيقت ۾ اھا عورت جي بنيادي ڪمزوري آھي.
    ودلا جي ڪمزور ۽ سست پٽ سنجيه کي جڏھن ماءُ ايتريقدر بي عزتو ڪيو، تڏھن ھن سندس مامتا واري ڪمزوريءَ مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس چيو ”امان، اگر تون مونکي نه ڏسين (يعني مان مري وڃان) ته ھيءَ ساري پرٿوي ملڻ تي به توکي ڪھڙو سُک ملندو؟ منھنجي نه رھڻ تي توکي زيورن جي به ڪھڙي ضرورت پوندي.“
    پُٽ جي اھڙي ڪانئرانه جواب تي راڻي ودلا پٽ کي ھيٺئين ريت دليلن ۽ ثبوتن سان جواب ڏيندي چيو ”پٽ! اڄ ڇا کائبو؟ اھڙي پرڪار جي چنتا (ڳڻتي) ۾ پيل ڪنگالن جي جيڪا حالت ٿيندي آھي سا اسان جي دشمنن جي ٿئي ۽ ھر ھنڌ رسوا ٿيندڙ ماڻھن وانگر اسانجي دشمنن جي حالت ٿئي، سنجيه! نوڪرن چاڪرن کان خالي، ٻين جي اَنَ تي جيئندڙ ھيئن بکين جي عادت نه ڌار.
    پڪي ڦل واري وڻ جيان جنھن ماڻھو جو سھارو وٺي سڀ دنيا وارا گذارو ڪن ٿا ان جو ئي جياپو مطلب (مقصد) وارو آھي. جيئن اندر جي عبادت سان سڀ ديوتا سکي رھن ٿا. اھڙي طرح جنھن بھادر ماڻھو جي طاقت ۽ ھمت سان سندن مِٽ مائٽ سک سان گذارو ڪن ٿا. ھن سنسار ۾ انجو ئي جيون اوچو آھي.
    جيڪو کتري پنھنجي جيون واري ڪوشش سان پڄندي ساري عبادت ڪري پنھنجي قابليت جي ڄاڻ نٿو ڏئي، ان کي سڀ چور سمجھندا آھن. جھڙي طرح مرڻ ڪنڌيءَ تي پھتل ماڻھوءَ کي ڪابه دوا ڪم نه ڪندي آھي تھڙي طرح ھي دليل گڻ ۽ بھترين وچن به تنھنجي دل تائين نٿا پھچن.
    ڏس سنڌو راڄ جو عوام کانئس خوش ڪونھي، ته به تنھنجي ڪمزورين سبب اھا اداس ويٺي آھي، ۽ ان تي مصيبت اچڻ جي واٽ ڏسي رھيا آھن، ٻيا راجا به تنھنجي ھمت ڏسي، ھِتان ھُتان خاص ھٿ پير ھڻي، پنھنجي طاقت م واڌارو ڪري ان جا دشمن ٿي سگھن ٿا. تون انھن مڙني سان پنھنجائپ ڪري موقعي سارو پنھنجي دشمن تي آفت اچڻ جو انتظار ڪندي جبلن جي غارن ۾ گھمندو رھ، ڇوته اھو سنڌوراج ڪو اجر، امر ته آھي ڪونه، ارادو مڪمل ڪر، ڪنھن جي اڳيان سِر نه جھڪاءِ، توڪل جو ترھو ٿيندو آھي. بي وقت ڀلي مارجي وڃ پر ڪنھنجي اڳيان ڪنڌ ھيٺ نه ڪر.
    ماءُ جي اھڙن غيرت ڏياريندڙ بھادرانه قولن سنجي جي دل ۾ غيرت جو جذبو ضرور جاڳايو پر خطري ڪري سندس ڌيان دولت ۽ سپاھ واري طاقت ڏانھن ويو. اھو سوچي ھن ماءُ کي چيو، امان مون وٽ نه ته خزانو آھي ۽ نه ئي پختا سپاھي پوءِ منھنجي سوڀ ڪيئن ٿيندي. پنھنجي اھڙي ھيڻي حال تي ويچار ڪري، مون راڄ جو خيال ختم ڪري ڇڏيو آھي..... (جي) تون ڪو اُتم اپاءُ ڏسين ته پوءِ مان تنھنجيون سڀئي اميدون پوريون ڪندس.
    ودلا پنھنجي پٽ جي ڪانئرتا پروڙي ورتي تنھنڪري کيس وري به دل ٻڌائڻ ڪارڻ ھيٺين ريت ھدايت ڪندي چيائين ”پٽ، اڳين ملڪيت لٽجي وئي آھي، اھو سوچي توکي پاڻ کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي، ڇوته ڌن، دولت ته ناس ٿي وري حاصل ٿيندا آھن ۽ حاصل ڪري وري به ناس ٿي ويندا آھن. بھادرن کي فقط راين کان ڌن جي حاصلات لاءِ لالچ نه ڪرڻ گھرجي.
    پٽ! سڀني ڪرمن جو ڦل ۾ سدائين خاطري نه رھندي آھي، ڪڏھن ان جو ڦل ملندو آھي ۽ ڪڏھن نه به ملندو آھي، ان ڳالھ کي ڄاڻندي به عقلمند انسان جدوجھد ڪندا آھن، ۽ اھي ڪڏھن ڪامياب به ٿيندا آھن ته ڪڏھن ناڪام به ٿيندا آھن پر جيڪي پورھئي لاءِ ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، اھي ته ڪڏھن پنھنجي مقصد م ڪامياب ڪونه ٿيندا. پورھئي کي ڇڏي ائين پيو رھڻ جو اھوئي نتيجو ٿيندو آھي ته ماڻھوءَ جو مقصد ڪڏھن به پورو نه ٿيندو پر پورھئي ۾ شوق سان لڳو رھڻ سان ئي مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو، ڪڏھن ڪامياب ڪڏھن ناڪام، ڪاميابي آخر ٿيندي. اھڙوئي پختو ارادو ڪري، مسلسل بنا کٽڪي جي توکي ھر وقت سجاڳ رھڻ ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ وارن ڪمن ڪارين ۾ جنبي وڃڻ گھرجي. ان لاءِ توکي خاص ترڪيب ڪرڻي پوندي. جيڪي مخالف ڌر تي ناراض آھن، جن جي مَن ۾ ڌَن (ملڪيت) جي لالچ ھجي، جيڪي مخالف راجا جي ڪري ھيڻا ٿي ويا ھجن، جن کي پنھنجي ٻل ۽ مردانگيءَ تي ناز ھجي يا جن جي تنھنجي دشمنن اڳيان بي عزتي ٿي ھجي ۽ کانئس بدلو وٺڻ جي تاڙ ۾ ھجن، تن سڀني کي تون ساٿ ڏيندڙ بڻجي مانَ ۽ دان سان پنھنجي طرف ڏانھن ڪر. اھڙي ريت تون وڏي ۾ وڏي سينا کي به ٽوڙي سگھندين، جھڙي ريت تيز ھوا ڪڪرن کي ٽوڙي ڇڏيندي آھي. تون انھن کي اڳواٽ ئي ڌَن جو عيوضو ڏيئي ڇڏ.“
    راڻيءَ، پٽ کي اڃان وڌيڪ عاقلانه نموني ھدايت ڪندي ماڻھن جي دلين جيتڻ جو سبق ھيٺين نموني ڏسيو. ”صبح جو سوير اُٿ، ۽ سڀني سان مِٺو ڳالھاءِ، ائين ڪرڻ سان ماڻھو تنھنجا ھمدرد ٿيندا ۽ پڪ توکي پنھنجو اڳواڻ بڻائيندا.
    دشمن کي جيئن ئي معلوم ٿيندو آھي ته ان جو مخالف حياتيءَ جي لالچ ڇڏي، جنگ لاءِ تيار آھي ته ڀر ۾ رھندڙ، نانگ وانگر، اُن (دشمن) جي ڊپ کان ٿڌو ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن دشمن کي فتح مند سمجھي پنھنجي ڪمزوريءَ ڪري ان کي وس ۾ نه ڪري سگھجي ته ان کي پنھنجي ڀروسي جوڳن ماڻھن رستي سھارو ڏيڻ ۽ پئسي جي لالچ جو استعمال ڪري حالتن کي موافق بڻائڻ گھرجي. [ جيئن ھو (دشمن) حملو نه ڪري خاموش ويٺو رھي] ائين ڪرڻ سان به ڪجھ نه ڪجھ ٿيندو آھي. اھڙي ريت دشمن کي خاموش ڪري ڇڏڻ سان بي خوف سھارو ملي ويندو آھي. جيڪو حاصل ڪري جھڳڙي ۾ نه ڦاسڻ ڪري پنھنجي خزاني جو واڌارو ٿيندو آھي. پوءِ خزاني واري راجا جا ڪيترائي عزيز سھارو وٺندا آھن ۽ ان جي خدمت ڪندا آھن جنھن جي ملڪيت ۽ وقار ناس ٿي ويندو آھي، ان جا عزيز، ڀائر ۽ مائٽ به ان کي ڇڏي ويندا آھن. مٿس ڀروسو ڪونه ڪندا آھن ۽ اھڙن جي گلا به ڪندا آھن.
    پٽ! ڪھڙي به آفت ڇونه اچي، راجا کي ڪڏھين خوف نه ڌارڻ گھرجي، نه ئي گھٻرائڻ گھرجي، جيڪڏھن ڊنل ھجي تڏھن به ظاھر نه ڪري. راجا کي خوف ۾ ڏسي سندس رعيت جا سڀ ماڻھو گھٻرائجي ويندا. حڪومت جو عوام، فوج ۽ سپاھ به ٻيو ويچار ڪرڻ لڳندا آھن. انھن مان ڪي ته راجا جي دشمنن سان ملي ويندا آھن، ٻيا کيس ڇڏي ويندا آھن ۽ ڪي، جن جي راجا ھٿان بي عزتي ٿيندي آھي، سي ان حالت ۾ مٿس حملو ڪرڻ جو سوچيندا آھن. جيڪي فقط خاص ھمدرد ھوندا آھن، اھي ئي اھڙي تڪليف جي وقت ان راجا وٽ رھجي ويندا آھن، پر اُھي به لاچار ھئڻ ڪري ڪجھ به نه ڪري سگھندا آھن فقط من ئي من ۾ ان لاءِ نيڪ خواھشون رکندا آھن.
    سنجيه! جيڪڏھن مان ھي سڀ ٺيڪ چئي رھي آھيان ۽ جيڪڏھن تون به منھنجي ڳالھين کي پوري ريت سمجھي رھيو آھين ته پنھنجو پاڻ مضبوط ٿي، فتح جي لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ، اسان وٽ اڃان گھڻو خزانو آھي، جنھنجي توکي ڄاڻ ڪانھي. مون کي ئي خبر آھي، ٻئي ڪنھن کي ڪانھي، اھو خزانو مان توکي سونپيان ٿي.
    ماءُ جي ايتري ھدايت ۽ تنبيھ ڪرڻ کان پوءِ پُٽ وراڻيو، امان، تنھنجا اھي امرت جھڙا خيال ڏاڍي ڪٺنائيءَ سان ٻڌڻ لاءِ مليا، ھاڻ ڏِس مان دشمنن جي ختم ڪرڻ ۽ سوڀ لاءِ تياري ڪري رھيو آھيان.
    مٿين سڄي بيان منجھان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه راڻي ودلا جي جرئت پيدا ڪندڙ عاقلانه گفتن، سست ۽ ڪاھل پُٽ ۾ بھادريءَ جا ڳُڻ پيدا ڪري ڇڏيا ۽ ھو سستي ۽ ڪاھلي ڇڏي قوم جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو*


    • راڻي دھشلا

    قديم زماني ۾ جاٽ* (جت Jt ) ۽ ميد (Myd) نالي سنڌو درياءَ جي ڪناري ٻه قبيلا آباد ھئا (1) تاريخي مطالعي مان معلون ٿئي ٿو ته ھي اُھي قومون ھيون جن آرين جي پکڙجڻ کان اڳ مختلف ملڪن ۾ ڦرلٽ ۽ قتل جي بازار گرم ڪري ڇڏي ھئي. (2) اھي قبيلا (قومون) نا معلوم عرصي کان درياءِ سنڌ (3) جي ڪناري رھنديون ھيون ۽ ھڪ ٻئي جون دشمن ھيون. ميدن ۽ جاٽن جون ھڪ ٻئي سان گھرو لڙايون ھلنديون ھيون.


    • جاٽ اصل ۾ جت جو بدليل روپ آھي. ھي اصل ۾ ھندو آھن. گنگارام سمراٽ لکيو آھ: عرب ھندن کي جاٽ چوندا آھن.“ (سنڌو سؤوير ص 187 )
    (1) جت (Zt) ۽ ميد (Myd) ھام جي ونش مان آھن. اھي سنڌ ۾ نديءَ جي ڪناري رھندا آھن جنھن کي بحر چوندا آھن. (سنڌو سؤوير ص 187)

    ڊاڪٽر نبي بخش خان جو خيال ٻين کان مختلف آھي. سندس راءِ موجب بحر جا ڄاڻو جت نه بلڪ ”سنڌ جا ميد غالبًا سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر ھئا. (چچ نامو ص 437)
    (2) مولوي نور محمد نظاماڻي جي خيال مطابق شايد سنڌ جا ھي ميد به انھيءَ عظيم الشان ۽ مشھور قوم سان تعلق رکندا ھجن جن اُسريا جي سلطنت کان اڳ واديءَ جي بلندي ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان ھڪ سلطنت قائم ڪئي (تاريخ سنڌ ص 25)
    (3) شري گنگارام نديءَ جو نالو ”پاھن“ لکيو آھي ۽ اڳيان سوال (؟) جي نشاني ڏني اٿس. جنھن جو مطلب آھي ته ان جي اصل جاءِ معلوم ڪينھي. (سنڌو سؤوير ص687)

    جيڪي وڌندي ان حد تائين وڃي پھتيون جو جاٽن کي مجبور ٿي درياءَ جي ٻي ڪنڌي وَسائڻي پيئي. ان تبديليءَ کان پوءِ ٻئي قومون ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي سُک سانت سان رھڻ لڳيون. پر جيئن ته جاٽ ٻيڙين ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جا ماھر ھئا ۽ ميد ان فن کان بي خبر ھئا، تنھنڪري ان ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي، ھو ٻيڙين تي چڙھي ميدن تي حملو ڪندا ھئا ۽ سندن چوپايو مال پڪڙي ٻيڙين ۾ وجھي وڃي پار پوندا ھئا. ڪافي عرصو اھو سلسلو ھلندو رھيو، دريائي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري ميدن کي مار کائڻي ٿي پيئي، سندن ڪو حيلو ڪونه ٿي ھليو، اھڙين حالتن ڪري ميد جاٽن کان پوري ريت دٻجي ويا ۽ نھايت مجبوريءَ واري حالت ۾ گذارڻ لڳا.
    ميدن کي جنھن ريت مجبور ڪيو ويو ۽ کين جنھن حالت تي پھچايو ويو ھو، ان حال تي جاٽن جي چڱي مڙس کي رحم آيو ۽ پنھنجي قبيلي کي ماضي ياد ڏياري احساس ڏياريائين ته کين اھو وقت ياد ڪرڻ گھرجي جڏھن اھي ئي ميد سندن تي قابض ھئا ۽ سندن نقصان ڪندا ھئا. ھن کين اھو به سمجھايو ته وقت سدائين ھڪ جھڙو رھڻو نه آھي، ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي وقت بدلجي وڃي ۽ ھو اسان (جاٽن) تي وري قابض ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ پاڻ کي ڪيترو نه پڇتائڻو پوندو ان ڪري ٻنھي قبيلن جي ڀلائي اُن ۾ آھي ته پاڻ ۾ ٺاھ ڪري ٻئي ڌريون امن و امان جي زندگي گذاريون.
    ان سردار سندن پرچاءُ ڪرائي ٻنھي قبيلن مان مُک ماڻھو چونڊي راجا ڌرت راشٽر جي پٽ (Dahrat) ڌريوڌن (Dajushon) [1] ڏانھن موڪليو ۽ کين اھو مشورو ڏنو ته راجا کي گزارش ڪئي وڃي ته ”ھو پنھنجي طرفان ڪنھن کي توھان تي راجا مقرر ڪري ۽ پوءِ جڏھن اھو ڌريوڌن جو نائب اوھان وٽ حاڪم بڻجي اچي تڏھن ٻئي ان راجا جي فرمانبرداري ڪريو.“ٻ*
    اھي ايلچي جڏھن ڌريوڌن جي درٻار ۾ پھتا تڏھن راجا انھن سان نھايت سھڻو سلوڪ ڪيو ۽ پنھنجي ڀيڻ دھشلا کي سنڌ ۾ موڪلي ڏنو. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آھي ته ھي راڻي ھند (اصل سنڌ) جي راجا ڌرت راشٽر جي نياڻي ھئي. ڌريوڌن سندس ڀاءُ ھو.
    سندس ٻاروتڻ جي ڪائي معلومات ٿي نه سگھي آھي. تاريخن مان صرف اھو پتو پوي ٿو ته ھوءَ ”سنڌ جي راجا جيدرٿ جي راڻي ھئي.“* راجا

    [1] سنڌ ملڪ جون پراڻي زماني ۾ سرحدون وسيع رھيون آھن. ملڪ ھڪ ئي نالي سان سڏبو ھو. باقي ھر حڪمران جون جدا جدا رياستون يا پرڳڻا ھوندا ھئا، جن تي اھي پنھنجي پنھنجي نموني راڄ ڪندا ھئا. جيئن محترم شمس الدين رڪن الدين قديم سنڌ جي سرحدن جو ذڪر ڪندي لکيو آھي: ” سنڌ نالي وارو ملڪ اُتر ۾ سائبيريا کان وٺي، ڏکڻ ۾ موجوده بحرھند جي قديم ۽ موجوده ٻيٽن تائين ۽ الھندي ۾ درياءِ دجله کان وٺي، اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين پکڙيل ھو. گويا ذري گھٽ سارو ايشيا کنڊ سنڌ نالي وارو ملڪ ھو.“ (آئينه قديم سنڌ، عرض گذارش ص 1)
    راجا ڌريوڌن ان ئي سنڌ ملڪ واري وسيع ايراضي جي ڪنھن حصي جو راجا ھوندو جو گھڻي وقت بعد ٻولين جي مٽا سٽا جي ڪري ھند سڏجڻ لڳو ھوندو. (آزاد)
    * تاريخ سنڌ، مولوي نور محمد نظاماڻي صفحه 27 سنڌ سؤوير جي لکت ھن ريت آھي: ٻنھي ڌرين کي صلاح ڏنائين ته پنھنجا ڪي چڱا مڙس راجا ڌرت راشٽر جي پٽ ڌريوڌن وٽ موڪليو ۽ گھُر ڪريو ته ڪو راجا موڪلي جنھن جي ماتحت ٻئي ڌريون رھن.“ (ص 188)

    جيدرٿ سان سندس ڪيئن سَڱ ٿيو تنھن لاءِ پڻ ڪائي معلومات ملي نه سگھي آھي.

    حڪومت جون ذميواريون:

    مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون ته جاٽن ۽ ميدن جي گذارش تي راڻي دھشلا کي سندس ڀاءُ ٻنھي قبيلن مٿان راڄ ڪرڻ خاطر روانو ڪيو. ھن پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ اسڪلنده (Askaland) ۾ مقرر ڪيو.
    ھيءَ راڻي نھايت ھوشيار ۽ وڏي لياقت واري ھئي. سندس لياقت ۽ ڏاھپ جا قصا گھڻي قدر بيان ڪيا وڃن ٿا. ملڪ پڻ سُکيو ستابو ھو، ملڪ جي اندر بھادر ۽ جنگجو قبيلا آباد ھئا. مطلب ته ھر لحاظ کان سپت سنڌوديش جي ھنڌين ماڳين ھاڪ ھئي. پر سڀ کان وڏي گھٽتائي جا راڻيءَ کي نظر آئي سا ھئي بزرگ ۽ برھمڻن جو ملڪ ۾ نه ھئڻ. سندس خيال موجب ھيڏي وڏي سکئي ستابي ملڪ ۾ برھمڻن جو ملڪ جي ڀلي خاطر ھجڻ ضروري ھو. ”جن جي لياقت ۽ دانائيءَ سان ھي ملڪ علمي عزت به حاصل ڪري سگھي ھا.“0 اھو سمورو حال ھن پنھنجي ڀاءُ کي ھڪ خط رستي موڪلي، برھمڻن موڪلڻ لاءِ چيو، جنھن تي سندس ڀاءُ ڌريوڌن ”سڄي ڀارت مان 30 ھزار برھمڻ ڪَٺا ڪري مال ۽ سامان سوڌو ڀيڻ ڏانھن موڪليا.“**
    * آئينه قديم سنڌ، شمس الدين ص 71

    0 تاريخ سنڌ، مولوي نور محمد نظاماڻي ص 28

    ** سنڌو سؤوير ص 188

    نظامِ حڪومت:

    راڻي دھشلا ھوشيار ۽ نھايت نيڪ بخت راڻي ھئي. ھن اعليٰ صلاحيتن ۽ قابليت سان ملڪ جو انتظام اعليٰ نموني سان ھلايو. سندس سٺي انتظام جي ڪري ملڪ ڏاڍو شاھوڪار ۽ اڳين کان وڌيڪ سکيو ستابو ٿي ويو. ھن دانائي ڪري، جو برھمڻن کي گھرايو، تنھنڪري ملڪ ۾ جا علمي کوٽ ھئي، سا پڻ پوري ٿي ويئي، ۽ ھنن (برھمڻن) نيڪ انسانن جي برڪت سان ٿوري عرصي ئي اندر سنڌ جو ملڪ وڏي رونق حاصل ڪري ويو.“ (تاريخ سنڌ، مولوي نور محمد نظاماڻي ص 28)
    سندس زندگيءَ ۾ ھيٺيون ڳالھيون نمايان نظر اچن ٿيون.

    ھونئن ته راجائن جو مقصد راڄ ڪرڻ ھوندو آھي ۽ اڪثر حڪمرانن جو مقصد ويڙھايو ۽ راڄ ڪيو پئي رھيو آھي. راڻي دھشلا کي ته حڪومت جون واڳون ئي اھڙي وقت ۾ مليون جو، ھوءَ سخت رويو اختيار ڪري پئي سگھي. پر ان جي برعڪس ھن عوام ۾ خونريزي پکيڙڻ بجاءِ، امن پسندانه ماحول پيدا ڪيو. ھن ٻنھي قبيلن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي سندن ورھين جا پراڻا جھڳڙا ختم ڪرايا. ھن ڇيڙي نبيري ڪارڻ پئنچاتي نظام تحت ٻنھي قبيلن منجھان چڱا مڙس چونڊيا جن جي ھٿ ۾ پنھنجي قبيلي کي صحيح نموني ھلائڻ جو بار ھو. ھن جاٽ (جت) منجھان جنھن شخص کي مقرر ڪيو تنھن جو نالو جيدرٿ (Judrat) مليو آھي. [1] ( تاريخ سنڌ، نظاماڻي ص 28، سنڌو سؤوير ص 188.
    ساڳي ريت ميدن منجھان پڻ خاص ماڻھو مقرر ڪيو ويو پر ان جو نالو ملي نه سگھيو آھي. انھن ٻنھي قبيلن کي ملڪ جا حصا ورھائي ڏنا ويا ھئا جن ۾ ھو پنھنجي اٿي ويٺي اعليٰ نموني ڪندا ھئا.
    اڳتي ھلي ھند جي راجا ارجن ۽ سنڌين جي ويڙھاند م ھن راڻيءَ امن پسندانه ڪردار ادا ڪندي، وچ ۾ پئي، عوام جي خونريزي بند ڪرائي. راجا ارجن سنڱابنديءَ ۾ راڻي دھشلا جو سؤٽ (ڀاءُ) ٿيندو ھو.
    ٿيو ائين جو راڻي دھشلا جي پتي راجا جيدرٿ جو پانڊون سان راجا دروپد جي ڌيءُ تان جھڳڙو ٿي پيو، جنھن ۾ راجا جيدرٿ جي بي عزتي ٿي. ان تان چڙي ”ھن شنڪر کي راضي ڪيو مان سڀني پانڊون کي جيتي سگھان، اھڙو ورھن شنڪر کان گھريو“ [2] کيس اھو آسرو مليو ته ھو ارجن کان سواءِ (غير حاضري ۾) [2] سنڌو سؤوير ص 183
    باقي ٻين پانڊون کي فتح ڪندو. آخر ٿيو به ائين. ارجن جي غير حاضري ۾ ھن پانڊون تي فتح حاصل ڪئي. جنھن تان ارجن واعدو ڪيو ته ”سڀاڻ سج لھڻ کان اڳ مان جيدرٿ جو وڌ (قتل) ڪندس“ (سنڌو سؤوير ص 183.) آخر ڪافي حيلن ۽ اٽڪلن سان ارجن جيدرٿ کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اڳتي ھلي اھڙا سبب بڻيا جن جي ڪري ارجن ۽ سنڌين ۾ دوبدو لڙائي ٿي. ان موقعي تي راڻي دھشلا جو نھايت ڪارائتو ڪردار نظر اچي ٿو. سنڌين جي فوج ته ان موقعي تي پنھنجي راجا جيدرٿ جو وڌ (قتل) ياد ڪري وڏي جوش، جذبي سان وڙھڻ لڳي پر پوءِ به سندس حالت ھيڻي رھي، ان موقعي تي ھن سنڌين کي سمجھايو ۽ پاڻ ”اھو حال ڏسي پنھنجي پٽ سرٿ جي پٽ (پوٽي) [1] کي ساڻ ڪري رَٿ تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ آئي“ سندس مطلب اھو ھو ته سڀ جنگ بند ڪن. ان لاءِ ھوءَ ارجن وٽ اچي زار زار روئڻ لڳي. ارجن جي پڇڻ تي کيس چيائين: ”ھي تنھنجي ڀاڻيجي (سرٿ جو پٽ دھشلا جو پوٽو) آھي. ڏس ھي توکي پرڻام ٿو ڪري“ تڏھن ارجن پڇيو سرٿ (دھشلا جو پٽ) ڪٿي آھي؟ تنھن تي چيائينس، ”سرٿ ٻڌو ھو ته ارجن ھٿان ئي پڻس (جيدرٿ) جو موت ٿيو ھو. ان بعد جڏھن ٻڌائين ته تون گھوڙي سان ھتي پھتو آھين (جنگ لاءِ) ته ھو پيءُ جي موت کان دکي ٿي ھراسجي مري ويو“..... ان ڪري ھن ٻالڪ (سرت جي پٽ) تي ڪرپا ڪر. ھن جو ڏاڏو اناريه نرشنس تنھنجو دشمن ھو، ان کي ڀلجي وڃ. ھن تي ڪرپا ڪر. اھو ٻڌندي ارجن به دکي ٿي ڀيڻ (سوٽ، دھشلا) کي دلداري ڏيئي گھر روانو ڪيو.“ [2]
    اھڙي ريت ملڪ تان خوني ڪڪر سک، سانت سان اڪري ويا ۽ ارجن دھشلا جي صلاح سان سندس پوٽي (سرٿ جي پٽ) کي سنڌ جي گاديءَ تي وھاري پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو.[3]

    [1] معلوم ائين ٿو ٿئي ته اھو راڻي دھشلا جي پوڙھائپ وارو دور ھو. حڪومت جون واڳون سندس ھٿن ۾ نه ھيون، پوين پنھنجي مرضيءَ مطابق ڇيڙي نبيري پئي ڪئي جنھن ڪري ملڪ ۾ ڦڏا فساد ٿيا. پاڻ پٽن، پوٽن واري ٿيڻ ڪري، گھر ڌياڻي ٿي ويٺي ھوندي پر پوءِ به اوکي وقت ۾ ميدان ۾ نڪري آئي ھوندي. ”آزاد”
    [2] سنڌو سؤوير ص 186
    [3] سنڌو سؤوير ص 186


    ھوءَ اعليٰ صلاحيتن جي مالڪ ھئي:

    تاريخ اندر ھن عورت جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آھن ۽ جنھن نموني سان ھن ملڪ ۾ سڌارا آندا، تن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ذھني صلاحيتن کي داد ڏيڻ کان رھي نٿو سگھجي. ھن کي ملڪ خانه جنگي واري ماحول ۾ مليو. ڊگھو عرصو جھڳڙو ھلڻ ڪري ملڪ جي اقتصادي حالت تباھ ٿي ويئي ھئي. پر ھن پنھنجي صلاحيتن سان ملڪ منجھان گھرو جھڳڙي جون پاڙون پَٽي ڇڏيون. جھالت دور ڪرڻ لاءِ ٻاھران پڙھيل ماڻھو گھرايا ته جيئن مقامي ماڻھن جو به تعليم ڏانھن چاھ وڌي ۽ جھالت جو خاتمو ٿي سگھي. اھري ريت ھن ملڪ اندر نت نوان سڌارا آندا جنھن ڪري ملڪ وڌيڪ سکيو ستابو ٿي ويو. ھن ڪافي شھرن جا بنياد وجھي نوان شھر جوڙايا.
    ھن جو دور حڪومت اوائلي تاريخ ۾ ساراھڻ جوڳو آھي. ھيءَ حڪومت ويھن سالن کان ڪجھ مٿڀرو قائم رھي. (قديم تاريخ ۾ ھيءُ دور ڀارت ونشي سڏجي ٿو)
    گنگا رام سمراٽ ھن دور لاءِ لکيو آھي ”ھيءَ راجائي 15 ھزار سالن تائين ھلي“ (سنڌو سؤوير ص 188)
    پر راڻي دھشلا جي حڪومت جو دور تاريخن ۾ ويھن سان کان ڪجھ مٿڀرو ملي ٿو. ان مان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته ھي اھوئي دور ليکيو وڃي ٿو جنھن ۾ راڻي دھشلا پنھنجو پاڻ راڄ ڪيو، ان بعد جيدرٿ جي پٽ سنجيه (معلوم ٿئي ٿو ته جيدرٿ کي ٻي به راڻي ھئي جنھن منجھان سنجيه ھو) جو وارو آيو، تنھن بعد ستت ئي ”راڻي دھشلا مان ڄاول پٽ سرٿ گاديءَ تي ويٺو“ سنڌو سؤوير ص 185
    سرٿ، ارجن جو جنگ ڪارڻ، اچڻ جو ٻڌي راھ رباني وٺي ويو. جيدرٿ جي قتل جي بدلي ڪارڻ، سنڌين جي فوج ارجن جي سامھون ٿي. وڏي خونريزي ٿيڻ جو امڪان ھو پر راڻي دھشلا جي حڪمت عمليءَ جي ڪري ملڪ تان اھا آفت ٽري ويئي. تنھن بعد ارجن راڻي دھشلا جي اصرار تي سندس پوٽي (سرٿ جي پٽ) کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي. ھن گھراڻي جو آخري بادشاھ ڪويا ھورت ھيو، جو ملڪي خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي ويو.

    پانڊون گھراڻي جي تباھي:

    مولانا آزاد لکيو آھي: ”ايشيا م ھميشہ پاليٽڪس (سياست) مذھب جي پردي ھيٺ رھي آھي. ھزارين خونريزيون، جي پوليٽيڪل سببن ڪري ٿيون آھن، تن کي مذھب جي چادر پھرائي، ڍڪيو ۽ لڪايو ويو آھي.“ اھڙي ريت ھن گھراڻي جي تباھيءَ جو سبب پڻ مذھبي جنون ۽ ڪٽرپڻي تي ٻڌل آھي.
    برھمڻ، جن کي شروعاتي دور ۾ راڻي دھشلا گھرايو ھو، سي مذھبي پيشوا ھئا. ڌرمي معاملا سندن حوالي ھئا. ھندو ڌرم ۾ ڳئونءَ کي ”گانءِ ماتا“ جو درجو ھئڻ ڪري، فضيلت وارو درجو حاصل ھو/ آھي. شايد پانڊون گھراڻي وارن وٽ ڳئونءَ کي اھو درجو حاصل نه ھو، ان ڪري ٿيو ائين جو ھڪ ڏينھن پانڊون گھراڻي جي ماڻھن ڪن اختلافن سبب برھمڻ جي گھران ڳئون ڪڍي ويا ۽ مارڻ جو ارادو ڪيائون. برھمڻ جي سامھون ٿيڻ تي ھنن خار ۾ اچي برھمڻ کي ڳئون سوڌو ماري ڇڏيو. ان ڳالھ ڄڻ ته باھ تي پيٽرول جو ڪم ڏنو. ان برھمڻ جو جوان پٽ جنھن جو نالو برھمين ھو، سو دنيا جي ماحول کان منھن موڙي وڃي جبل تي رھڻ لڳو ھو. تنھن کي جو پيءُ جي مارجڻ جي خبر پيئي، سو پانڊون خاندان کي تباھ ڪرڻ جو وچن ڪري جبل تان ھيٺ لھي آيو. ھن ڳئون واري قصي کي مذھبي رنگ سان ھوا ڏني ۽ ھڪ مذھبي پيشوا جي قتل کي ماڻھن ۾ مشھوري ڏياري عوام کي پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ شروع ڪيو. اھڙي ريت ھن عوام جو ڪافي تعداد پاڻ سان شامل ڪري جنگ رستي پانڊون خاندان جي حڪمراني ختم ڪئي. (ھن سموري واقعي جو تفصيلي ذڪر شري رامچند ايس کتري جي ڪتاب ”شري ھنگلاج جي ياترا“ ۾ آيل آھي. نه صرف ھن خاندان جي حڪمراني ختم ڪئي پر برھمين ھن خاندان کي ملڪ منجھان موراھين ختم ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو ۽ ڪافي عرصو ملڪ اندر پانڊون جو قتل عام جاري رھيو، آخر پول نالي پانڊو جي ڌيءُ نڪولا برھمين جي درٻار ۾ آئي، ۽ اچي معافي ورتي. تڏھن ھنن تان ڏمر لٿو، پر پوءِ به ھن سندن حيثيت کي ڪيرائڻ لاءِ اھڙا ته اوکا شرط وڌا جن جي ڪري ھن گھراڻي کي ڪاسائي ۽ ميراسي بڻجڻو پيو. چون ٿا ته: ”ھندو بانسري وڄائڻ وارا ھنن جي نسل مان آھن.“ (تاريخ سنڌ، نور محمد نظاماڻي ص 31
    باوجود ايتري سختيءَ جي جيدرٿ جو ھال نالي پٽ جان بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنھن ھند جي ڪنھن ٻئي ڀاڱي تي وڃي راڄ قائم ڪيو. ھو پنھنجي سر وڏي اثر رسوخ وارو ھو. ھن سلطنت کي سھڻي نموني ٺاھيو. ھن جي حڪومت ۾ اعليٰ درجي جو ڪپڙو ٺھندو ھو، جنھن تي راجا زعفران سان پنھنجي پير جو ٺپو ھڻندو ھو. ان ٺپي لڳل ڪپڙي جي ڪشمير جي راجا پنھنجي راڻيءَ کي ساڙھي پاتل ڏٺي، راڻيءَ جي بدن تي پاتل ڪپڙي تي غير مرد جي پير جو نشان ڏسي ڪاوڙجي پيو ۽ ھال جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ حملو ڪيائين پر ھن کيس زبردست شڪست ڏيئي واپس ڪري ڇڏيو. (سنڌو سؤوير ص 35.)


    باب ٻيو: راءِ ۽ برھمڻ دؤر

    • راءِ ۽ برھمڻ دؤر

    سنڌ تي چندر ونسي حاڪمن (يادون) جو لقب ”راءِ“ ھو ۽ سندن تخت گاھ 'الور' جو شھر ھو. ھن گھراڻي جو آخري حڪمران راءِ ساھسي ثاني ھو. ملڪ جو سرڪاري مذھب ٻڌڌرم ھو، جو ڪمزور ٿي گھڻن ئي فرقن ۾ ورھائجي ويو ھو، ملڪ اندر برھمڻ، ٻڌ ڌرم وارن جي مخالفت ڪرڻ م رڌل ھئا. (جنت السنڌ ص 73)
    راءِ جو رام نالي وزير ھو جنھن ملڪ جي وڏي پنڊت سيلائج جي پٽ چچ کي پاڻ وٽ محرم ڪري رکيو ھو. چچ نھايت ذھين ۽ ھوشيار ھو، تنھن پنھنجي اعليٰ صلاحيتن سان راءِ وٽ پنھنجي لاءِ عزت ۽ مان مرتبو پيدا ڪري ورتو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ حڪومت جي اعليٰ عھدي تي فائز ٿي ويو. آخر راءِ جي موت بعد سندس راڻيءَ جي رضامنديءَ سان پاڻ تخت تي ويٺو. (راءِ بغير اولاد جي وفات ڪري ويو ھو)
    راجا چچ 662ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد چندر تخت تي ويٺو، جنھن حڪومت جي اٺين سال 669ع ۾ وفات ڪئي. تنھن بعد مھاراجا ڏاھر تخت تي ويٺو.
    ان دور ۾ ھيٺين چئن عورتن جو نمايان ڪردار نظر اچي ٿو:
    1. سونھن ديوي (چچ جي زال)
    2. مائي ماين (ڏاھر جي ڀيڻ)
    3. راڻي لاڏي (ڏاھر جي زال)
    4. سريا ديوي ۽ پرمل ديوي (ڏاھر جون ڌيئر)


    • راڻي (شوڀا) سونھن ديوي

    ھيءَ راڻي سنڌ جي نامياري حاڪم چچ جي راڻي ھئي جنھن جي ڪُک منجھان سنڌ جو سر موڙ حاڪم مھاراجا ڏاھر پيدا ٿيو.

    حسب نسب:
    ھيءَ راڻي ذات جي اُھيرڻ يا اُڀيرڻ ھئي. چچ سان پلئه ٻڌجڻ کان پھريان راءِ گھراڻي جي حاڪم راءِ ساھسي سان سندس شادي ٿيل ھئي، راءِ گھراڻو ذات جو اُھير يا اُڀير ھو. ھي اصل سنڌي ھئا ۽ سنڌ ۽ ھند جا ڪافي وقت حاڪم رھيا. (محمد سومار شيخ جو مضمون ”سنڌ جون راڻيون“ ماھوار مارئي فيبروري 1960ع.) راءِ سان راڻيءَ جا ڪڏھن پلئه ٻڌا تنھن جي معلومات نه ملي سگھي آھي. البت ايترو چئي سگھجي ٿو ته راڻي، راءِ جي قبيلي مان ھئي.

    جو راءِ وٽ اچڻ:
    راءِ ساھسي جي راڄ ۾ زاھد ۽ پرھيزگار برھمڻ سيلاج رھندو ھو، جيڪو عبادت ۾ مشغول ھوندو ھو. تنھن کي اعليٰ صفتن جو مالڪ، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت، حسين ۽ جميل پٽ چچ نالي ھو. ھڪ ڏينھن چچ ڪنھن ڪم سانگي راءِ ساھسي جي وزير رام سان ملڻ ويو جنھن سندس علم ۽ عقل کي پروڙيندي پنھنجي سھولت خاطر کيس پنھنجو نائب ڪري رکيو. ڪجھ وقت بعد رام جي مرڻ ڪري، وزارت چچ جي حوالي ٿي. اھڙي ريت ھو راءِ جو خاص خدمتگار ۽ مددگار بڻجي ڪم ڪندو رھيو.

    چچ سان راڻيءَ جو عشق:
    چچ کي جڏھن کان وزارت جو عھدو مليو، تڏھن کان ھو ڪم ڪار سانگي ھر وقت محل سراءِ ۾ ويندو رھندو ھو. ھڪ ڏينھن راجا راڻيءَ سان ويٺو ھيو جو ھن خاص محرم دربان ھٿ اچڻ جي اجازت گھري، راءِ راڻيءَ کي پردي ۾ ٿيڻ لاءِ چيو پر راڻيءَ راجا کي اھو چئي خاموش ڪرائي ڇڏيو ته : ”ڪيئي اوباش نوڪر پيا اچن، جيڪڏھن ھڪ برھمڻ ايندو ته منھنجو ھن ڏانھن ڪھڙو توجھ ٿيندو، يا ھن کان ڪھڙو شرم ڪرڻ گھرجي، جو کانئس لڪان! منھنجا ھزار ساھ ساھسيءَ جي خاڪ تان قربان ھجن شال!“ (چچ نامو ص 28)
    راڻيءَ کي به پنھنجو پاڻ تي فخر ھيو پر عشق به ڪائي مذاق ته نه آھي. لطيف چيو آھي : ”عشق آھي نانگ خبر کاڌن کان پڇو.“ چچ جن ڪمن سان راءِ اڳيان آيو ھو سي پورا ڪري واپس وري ويو پر راڻيءَ جي اندر ۾ عشق جي آڳ لڳائي ويو. راڻي ھن برھمڻ جو ايڏو حسن ۽ جمال ڏٺو سو متيون منجھي ويس، کيس اھو به خيال نه رھيو ته وقت جي حاڪم جو حرم آھيان. سندس سوچ ويچار ۽ عقل جا دروازا بند ٿي ويا. اھڙي پريشان ڪن حال ۾ ھن برھمڻ وزير کي پيغام موڪليو جنھن ۾ عشق جو کلي دل سان اظھار ڪيائين. پر چچ بلند اخلاق وارو برھمڻ ھو تنھن اھڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ گناھ جي برابر پئي ڄاتو ان ڪري راڻيءَ کي چوائي موڪليائين: ”راجائن جي حرم ۾ خيانت ڪرڻ جان جو خطرو، آخرت جي گرفتاري ۽ دنيا جي بدنامي آھي....“ (چچ نامو ص 30) چچ پاران اھڙي جواب ملڻ تي راڻي ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي اھا گزارش ڪئي ته: ”ھر روز پنھنجي خيال ۽ جمال کان اسان کي بھره اندوز ته ڪندو رھج.“ (چچ نامو ص 30) اھڙي ريت چچ سرڪاري ڪمن ڪارين سان ويندو رھندو ھو ۽ راڻي به خاموش رھندي پئي آئي.


    راءِ جو مرڻ ۽ راڻيءَ جو ملڪ بچائڻ:

    چچ ھوشيار ۽ قابل ماڻھو ھو تنھن ڪري عوام ھن مان ھر طرح راضي رھندو پئي آيو. البت چتور جي حاڪم مھرٿ جون ھر وقت راءِ ساھسي جي حڪومت ۾ اکيون ھونديون ھيون، ان ڪري راءِ خلاف مِٽن مائٽن کي ڀڙڪائيندو ٿي رھيو. جنھن ڳالھ کان راڻي پوريءَ ريت واقف ٿي چڪي ھئي. راءِ کي ڪوبه اولاد ڪونه ھيو، تنھن ڪري راجا مھرٿ جي فاتح بڻجي وڃڻ جا وڏا انديشا ھئا. اھڙي وقت راڻيءَ عقل کان ڪم وٺندي نھايت ھوشياريءَ کان ڪم ورتو، ھن سنڌ ملڪ، چتور جي راجا جي ھٿ ھيٺ اچڻ کان بھتر ڄاتو ته چچ جيڪو اڳ ئي ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪيئي ڪارنامه سر انجام ڏيئي چڪو آھي، تنھن جي ھٿ ۾ واڳون ڏيئي ملڪ کي ڌارئي حملي آور کان بچائي وٺجي، اھو سوچي ھن راءِ جي پوئين وقت ۾ راءِ جا اھي عزيز جي چتور جي حاڪم جي چُرچ تي ڪم ڪري رھيا ھئا، تن کي راءِ سان ملاقات جي بھاني گھرائي، ڪن کي قيد ڪيو، ڪن کي ختم ڪرائي ڇڏيو. راءِ جي لاڏاڻي جي خبر به ڪجھ وقت تائين ٻاھر نڪرڻ نه ڏني. ان وچ ۾ ھن شاھي درٻار منعقد ڪرائي ان ۾ پاڻ پردي پويان ويھي ٻڌيمن وزير جي معرفت راءِ پاران چچ کي نائب مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪرايو. چچ منجھان عوام ته اڳ ئي راضي ھيو تنھن ڪري سڀني ادب سان گوڏا کوڙيا ۽ زمين تي مٿا ٽيڪيا ۽ چيو”راءِ جي حڪم جا تابعدار آھيون ۽ چچ وزير (پڻ) بھرحال سھڻن ۽ وڻندڙ عادتن سان سينگاريل آھي ۽ سندس عقل جي بدولت ملڪ جو ڪاروبار درست (ھلي رھيو) آھي.“ (چچ نامو) اھڙي طرح عوام جي اڪثريت راءِ سان چچ ملڪ جو حاڪم بڻجي ويو.
    (مولائي شيدائي عرب تاريخدانن وانگر مقامي ماڻھن تي ڇوھ ڇنڊيندي راڻيءَ جي ڪردار جي باري ۾ لکيو آھي: ”ساھسي ثانيءَ جو موت به ھن خفيه يارانيءَ جو نتيجو ھو.“ (جنت السنڌ ص 73)
    مولائي شيدائيءَ ھتي اھا ڳالھ لکي چچ جي تاريخي ڪردار کي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. حقيقت ۾ راجا جو انتقال قدرتي طور ٿيو ھيو، جيئن مرزا قليچ بيگ چچ نامي ۾ لکيو آھي: ”نيٺ قضا ۽ تقدير جو حڪم غيب جي پردي مان ظاھر ٿيو. راجا بيمار ٿي پيو ۽ ھنجي بيماريءَ گھڻو عرصو ورتو. آخر موت جا آثار ھن جي منھن مان ظاھر ٿيڻ لڳا.“ ص 23. مٿين ڳالھ جي تصديق معصومي ص 48 مان پڻ ملي ٿي.

    ملڪ تي حملو ۽ راڻيءَ جي بھادري:

    راءِ جي موت جي خبر ٿورن ئي ڏينھن ۾ عوام اندر پکڙجي ويئي پر عوام منجھان ڪنھن به قسم جي ردعمل جو اظھار نه ٿيو ڇاڪاڻ جو ملڪ جو عوام چچ جي صداقت، محنت ۽ ملڪ سان وفاداريءَ منجھان پوري ريت واقف ھيو. چچ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان عوام جون ھمدرديون حاصل ڪري چڪو ھو. البت چتور جي حاڪم مھرٿ کي حملي ڪرڻ ڪرڻ جو پورو وجھ نظر آيو. مھرٿ ڄاتو ته چچ برھمڻ راھب آھي، سو تلوار منجھان ڇا ڄاڻي تنھن کي جلد فتح ٿو ڪري وٺان. ھن فوج جو وڏو تعداد ساڻ ڪري جنھن ۾ مست ھاٿي به شامل ھئا، اچي اروڙ کان ٽن ميلن تي ڪئمپ ھنئي ۽ چچ کي چوائي موڪليائين ته: ”ملڪ منھنجي حوالي ڪر ته توکي ساڳي وزيري ۽ نائبيءَ جي عھدي تي قائم رکندس.“ (راجا مھرٿ جي مٿين جملن منجھان ائين ٿو معلوم ٿئي ته اصل حڪمران راڻي سونھن ديوي ھئي. چچ کي نائبيءَ وارو عھدو ھو، جنھن ڪري راجا سندس نائبي برقرار رکڻ جي آڇ ڪئي.) (آزاد)
    چچ پنھنجو پاڻ جنگ ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو پر راجا طرفان موڪليل پيغام کڻي راڻي سونھن ديوي اڳيان حاضر ٿيو ۽ کيس چيائين ته: ”دشمن گھر جي در تي اچي پھتو آھي، ملڪ ۽ ميراث جي دعويٰ ڪري ٿو، ھاڻي ڪھڙي صلاح آھي؟“ راڻيءَ سمجھي ورتو ته ھن برھمڻ جو حال ھيڻو ٿي پيو آھي. تنھن تي سندس دل ٻڌائڻ ۽ جذبي جاڳائڻ لاءِ کيس اھڙا جملا چيائين جو ھو ھڪدم جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن کيس چيو”مان پرده نشين عورت آھيان، جيڪڏھن مون کي جنگ ڪرڻي آھي ته پوءِ تون منھنجا ڪپڙا پائي (گھر ۾) ٿي ويھ ۽ پنھنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته ٻاھر نڪري وڃي جنگ ڪريان.“ (چچ نامو ص 37)
    سنڌ ۾ اھو آڳاٽو رواج آھي ته مردن کي ميدانِ جنگ ۾ آڻڻ لاءِ کين رئو يا چوڙيون ڏياري موڪلبيون آھن، جنھن جو مطلب اھو ھوندو آھي ته يا ميدان ۾ ڪُڏي ڪاھي پئو يا وري اھي اسان جا ڳھ ۽ ڪپڙا پائي گھر ۾ ٿي وھو. راڻي سونھن ديوي پڻ ساڳي ريت ڪيو. نه صرف ايترو پر ھن چچ جي غيرت جاڳائڻ لاءِ کيس وڌيڪ به چيو: ”جڏھن بادشاھي تنھنجي حوالي ۽ توڏانھن منسوب ٿي چڪي ته پوءِ منھنجي صلاح جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ تيار ٿيءُ ۽ گجندڙ شير وانگيان ميدان ۾ وڃي، دشمن جي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، ڇاڪاڻ ته عزت ۽ نالي سان مرڻ، پاڻ جھڙي آڏو، ذلت برداشت ڪرڻ کان بھتر آھي.“ (چچ نامو ص 37) راڻيءَ پاران اھڙي قسم جي جوش ڏياريندڙ جملن چچ جي دل تي ايڏو اثر ڪيو جو ھو واقعي گجندڙ شينھن بڻجي راجا مھرٿ جي فوج تي ٽُٽو ۽ کيس شڪست ڏنائين.

    راڻيءَ جي ٻي شادي

    راڻيءَ کي راءِ ساھسي مان ڪوبه اولاد ڪونه ھو. تنھن ڪري راءِ جي وفات بعد ھن ٻي شاديءَ جو اظھار ڪيو ۽ جيئن ئي چچ، راجا مھرٿ کي شڪست ڏيئي سوڀ حاصل ڪئي، تيئن راڻي شھر جي وڏن ماڻھن کي گھرائي کيس چيو: ”جنھن صورت ۾ راءِ ساھسي گذاري ويو ۽ مون کي منجھائس ڪوبه فرزند ڪونھي، جو ملڪ جو وارث ٿئي ھا، ۽ ھي ملڪ راجا چچ جي ھٿ آيو آھي، تنھنڪري مونکي صحيح ويڏي ۽ چٽي ڏاج سان چچ جي حوالي ڪريو.“ (چچ نامو ص 39)
    اھڙي ريت مذھبي رسمن موجب راڻي چچ جي زال بڻجي ويئي. چچ مان کيس ھڪ ڌيءُ ماين ۽ ٻه پٽ ڏاھر ۽ _ڏھرسين پيدا ٿيا.


    • مائي ماين (ڏاھر جي ڀيڻ)

    پيدائش:

    سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکندڙ ھيءَ عورت سنڌ تان سِر گھور ڪندڙ مھاراجا ڏاھر جي سڳي ڀيڻ ھئي. سندس وڏو ڀاءُ ڏھرسين ھو. ھيءَ برھمڻ گھراڻي جي باني، زاھد ۽ پرھيزگار بادشاھ چچ کي راڻي سونھن ديوي مان پيدا ٿي.

    وڏپڻ:
    چچ بن سيلاج، 662ع ۾ ھن جھان مان لاڏاڻو ڪيو، تنھن بعد سندس ڀاءُ چندر تخت تي ويٺو جنھن جي ست سال بادشاھي ھلي ۽ اٺين سال ان پڻ ساز سنڀاريا. تڏھن سنڌ تي ٻه راجائون حڪومت ڪرڻ لڳا. اروڙ جي قلعي تي چچ جو پٽ راجا ڏاھر ۽ برھمڻ آباد جي قلعي تي چندر جو پٽ راڄ حڪومت ڪرڻ لڳو، جنھن جي حڪومت سال کن ھلي، تنھن بعد برھمڻ آباد جو قلعو چچ جي وڏي پٽ ڏھرسين پنھنجي قبضي ۾ آندو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته جنھن وقت ڏھرسين برھمڻ آباد جو قلعو ھٿ ڪيو، تنھن وقت مائي ماين ساڻس ٺھراءُ ڪري سندس بيعت ڪئي. (چچ نامو ص 73) ” مٿين روايت مان معلوم ٿو ٿئي ته ڏاھر ۽ ڏھرسين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ھئي ۽ غالبًا اھا حڪومت جي ورڇ تي ئي ٿي سگھي ٿي. ڇوته چندر بعد چچ جو وڏو پٽ ڏھرسين، تخت تي ويھڻ کپندو ھو پر ان جي جڳھ تي ڏاھر ويٺو. ان ڳالھ لاءِ ڏھرسين جو برھمڻ آباد قلعي تي قبضو ڪرڻ پڻ مٿين ڳالھ کي صحيح سمجھڻ ۾ مدد ٿو ڪري. ماين پاران ھار مڃي، ڏھرسين جي بيعت ڪرڻ پڻ، ڄاڻائي ٿي ته اڳ ماين ڏھرسينہ جي ھم خيال نه ھئي بعد ۾ ساڻس ٺاھ ڪيائين.“ (آزاد) اھڙي ريت بالغ ٿيڻ تائين ڏھرسين سان برھمڻ آباد جي قلعي ۾ رھڻ لڳي. اتي رھندي جڏھن ڏھرسين کي سندس بلوغت کي پھچڻ معلوم ٿيو، تڏھن کيس سندس شادي ڪرائڻ جو ارادو ٿي پيو. جڏھن ته برھمڻن ۾ ويجھي عزيز سان شادي ڪرڻ مذھبي عقيدي مطابق سخت گناھ وارو ڪم ھيو ان ڪري ڏھرسين کي ماين لاءِ وَرُ ڳولڻ ھڪ مسئلو بڻجي پيو. اڃان ان سوچ ويچار ۾ ھيو ته ڪجھ ڏينھن بعد رمل جي راجا سوڀن راءِ ڀاٽيا جو ماين کي نڪاح ۾ آڻڻ لاءِ پيغام اچي پھتو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته ڏھرسين اگرچ وڏو ھيو پر تڏھن به ماين جو ڏاجو شاھاڻي نموني سان تيار ڪرائي (جنھن ۾ اُٺ، گھوڙا ۽ نوڪر چاڪر جھجھا ھئا) پنھنجي ننڍي ڀاءُ ڏاھر ڏانھن موڪليا ۽ لکيو ته ھو ماين کي رمل جي راجا سوڀن راءِ ڀاٽيا جي حوالي ڪري ڏي. (مٿين روايت ٻين مؤرخن به بيان ڪئي آھي، پر معلوم ائين ٿو ٿئي ته مڙني چچ نامي تان ئي مواد حاصل ڪيو آھي. ھن روايت تي غور ڪرڻ سان معلون ٿو ٿئي ته ھتي چچ نامي جي صاحب يا ته ڄاڻي واڻي غلط بياني ڪئي آھي يا وري کيس صحيح خبر نه ملي سگھي آھي. چچ نامي اندر ”ماين“ ”ڏاھر“ ۽ سندس وڏي ڀاءُ ڏھرسين جي باري ۾ متضاد ڳالھيون لکيل آھن. جيئن ڏھرسين جو خود برھمڻ آباد جي قلعي تي قبضو ڪرڻ، ماين جو سندس اڳيان پيش پوڻ، ڀاءُ ڀيڻ شادي ڪرڻ وغيره. انھن اختلافي ڳالھين لاءِ ڪنھن به ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي آھي، ورنه اھا ڳالھ سمجھڻ ايتري ڏکي نه ٿئي ھا. سائين جي ايم سيد ان باري ۾ لکيو آھي: ”ھندو برھمڻ ڀيڻ ته ڇڏيو پر سوٽ سان شادي ڪرڻ به ناجائز ٿا سمجھن. تنھن ڪري ڀيڻ سان شاديءَ جو بھتان سراسر غلط معلوم ٿئي ٿو. ان لاءِ دليل اھو ڏنو وڃي ٿو ته ھڪ ننڍي راجا کي سَنڱ نه ڏئي پاڻ وٽ ڀيڻ کي وھاري ڇڏيائين. اھا ڳالھ ھر ڪنھن کي معلوم آھي ته ھندن ۾ ذات پات جا فرق ھئا.“ (سنڌ جا سورما ص 12) سيد صاحب جي مٿئين لکت کي نظر ۾ رکڻ کان پوءِ ماين سان لاڳو ڪيل ڳالھين کي رد قرار ڏيئي سگھجي ٿو.

    الزام ۽ تھمتون:

    چچ نامي جي مؤرخ الزام ھنيو آھي ته ڏاھر ۽ ماين پاڻ ۾ شادي ڪئي ھئي، جا سندس لکت مطابق رسمي ھئي جنھن ۾ مباشرت کان سواءِ سموريون رسمون ادا ڪيون ويون ھيون. (سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان اوائلي ڪتاب چچ نامو مليو آھي ۽ اھو عرب فاتحن پاران ائين لکرايل آھي جيئن ٻين فاتحن جي ياد ۾ ڪتاب جوڙايا ھئائون. سنڌين سان وڏو ويل اھو ٿيل آھي جو اڄ تائين ڪوبه غير جانبدار تاريخدان پيدا نه ٿيو آھي. چچ نامي تي جن صاحبن تحقيق جو ڪم ڪيو آھي تن کي محمد بن قاسم جي لاڏيءَ سان شادي ڪرڻ يا سندس کي حجاج پاران ننڍي عمر ۾ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ ڌيءُ جو سَنڱ آڇڻ ته ٺيڪ نه لڳو آھي جنھن ڪري انھن ڳالھين کي ور وڪڙ ڏيئي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائون. پر مٿين ڳالھ تي ڪنھن به ڌيان نه ڏنو آھي. حالانڪ تاريخ اندر ان ڳالھ تي تحقيق ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود آھي. ڊاڪٽر بلوچ محمد بن قاسم جو بچاءُ ڪندي لکيو آھي ته: ”محمد بن قاسم حجاج جو نياڻو نه ھيو.“ پر سنڌ جي ھڪ ٻئي مؤرخ محترم محبوب علي چنا صاحب پنھنجي ڪتاب ”ھڪ شخصيت ٻه پھلو“ ۾ لکيو آھي: ”ڊاڪٽر بلوچ چچ نامه، سنڌي تعليقات ۾ لکيو آھي ته محمد بن قاسم حجاج جو نياڻو نه ھو. ان سان مان متفق نه آھيان. ھو حجاج جو نياڻو ھو.“ ص 70) مٿين ڳالھ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته عرب مؤرخ ان روايت لکڻ ۾ پڻ وڌاءُ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آھي. مصنف اڳتي ھلي راوڙ جي قلعي مان ھٿ آيل ڏاھر جي عزيزن جو ذڪر ڪندي ڄاڻائي ٿو ته اتان جيڪي قيدي ھٿ آيا تن ۾ مھاراجا جي ڀاڻيجي پڻ قيد ٿي آئي ھئي جنھن کي ڪعب بن مُخارق الرابسي نالي عرب سڃاتو. (چچ نامو ص 283. قلعي مان قيدي ھٿ آيا تن جو تعداد ٽيھ ھزار ھيو، جن مان ٽيھ راجائن جون ڌيئرون ھيون. انھن ٽيھن قيدياڻين ۾ ڏاھر جي ڀاڻيجي حسنه پڻ ھئي، جنھن کي ڪعب جي ھٿان عراق موڪليو ويو، جتان حجاج، ڏاھر جي سِر، ڇٽ ۽ ٻئي مال غنيمت سان گڏ کيس خليفي وليد جي حضور ۾ موڪلي ڇڏيو، جتي سندس شادي ڪرائي ويئي. چچ نامي جي لکت موجب: ”مائي 'حسنه' صاحبه نھايت سلڇڻي ۽ بلند اخلاق واري ھئي تنھن ڪري ڪعب جي نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ زالون سندس کان دانائي ۽ نصيحت جون ڳالھيون پرائڻ اينديون ھيون.“ ص 279. ھتي سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي ته ڏاھر جي ڀاڻيجيءَ جو سلسلو ڪٿان ٿو شروع ٿئي، جڏھن ته ڏاھر کي ھڪڙي ئي ڀيڻ ھئي جنھن جي شاديءَ جو ثبوت راقم الحروف اڳ ئي ڏيئي چڪو آھي. ان حالت ۾ چئي سگھجي ٿو ته اھائي راوڙ مان ھٿ آيل ڇوڪري (حسنه) ماين جي ڌيءُ ھوندي، جنھن (ماين) جي شاديءَ جو ذڪر راجا سوڀن راءِ ڀاٽيا سان ٿي چڪو آھي. جن به تاريخدانن ماين جي ڏاھر سان شاديءَ جو ذڪر ڪيو آھي تن ان مسئلي کي پر اسرار ۽ عجيب و غريب ظاھر ڪرڻ لاءِ ڄاڻايو آھي ته ڏاھر جي شادي ”حوس حڪومت“ جي ڪري ٿي ھئي ان ڪري ھن صرف نالي ماتر کيس پنھنجي زال بڻايو. جيڪڏھن چچ نامي جي ان ڳالھ کي تسليم ڪجي ته ڏاھر ڀيڻ سان شادي ڪئي، جنھن ۾ مباشرت ڪانه ٿي ته پوءِ ڀلا حسنه جيڪا ماين جي ڌيءُ ٻڌائي وئي آھي0 0 (حسنه کي ڏاھر جي ڀاڻيجي نه ھئڻ ثابت ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ چچ نامي جي تصحيح ڪندي عجيب رد ڏنو آھي. چوي ٿو: ”حسنه نالو عربي آھي، ڏاھر جي ڀاڻيجي جو ٿي نٿو سگھي. ممڪن آھي ته سندس نالو اھڙو ھجي، جنھن جي معنيٰ عربي ۾ 'حسنه' 'سھڻي' ھجي، مگر فتح نامه مان سواءِ ماين جي، ڏاھر جي، ٻي ڪنھن به ڀيڻ جو نالو ثابت ڪونھي ۽ انھيءَ کي پڻ راجا ڏاھر پنھنجي زال بڻايو. انھيءَ حالت ۾ راجا ڏاھر جي ھيءَ ڀاڻيجي ڪٿان پيدا ٿي!“
    جيستائين نالي جو تعلق آھي سو جيڪڏھن حسنه عربي نالو آھي ته ان جو اھو مطلب ڪونھي ته اھو سنڌ جي ھندياڻيءَ جو نٿو ٿي سگھي. حسنه جنھن جي معنيٰ سھڻي آھي، تنھن کي ھنديءَ ۾ ”ھند“ چئبو آھي. ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب، جيڪڏھن حسنه عربي نالو ھئڻ ڪري سنڌي، ھندوءَ جو نٿو ٿي سگھي ته پوءِ ھند، ھندي نالو عربن جو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. قديم زماني ۾ عرب جي ايرم (Eram) راجيه، جي چئن راڻين منجھان ھڪڙيءَ جو نالو ھند ھو. مشھور شاعر ۽ حاڪم امراءُالقيس جي ماءُ ۽ ڀيڻ جو نالو ھند ھو. پيغمبر صلعم جي زال اُم – سلما جو نالو به ھند ھو. ابوصفيان جي زال جو نالو به ھند ھيو، ھوءَ وڏي بھادر عورت ھئي. ھن ڪيترين لڙاين ۾ بھرو ورتو، جن مان ھڪڙيءَ ۾ رسول اڪرم جو چاچو پڻ ماريو ويو. گنگارام جي خيال موجب عرب شاعرن کي ھي نالو ايتري قدر پيارو ھو، جو ھو پنھنجي زالن ۽ پريم ڪائن جا نالا به ھند رکندا ھئا ۽ عربي شاعريءَ ۾ ان ھند نالي جي اھڙي ئي حيثيت آھي، جھڙي فاسيءَ ۾ ليليٰ ۽ شيرين جي. (سنڌو سؤوير ص 37) وڌيڪ ان ڳالھ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”اسلام جي گھر عرب ديش جا رھواسي عرب، ھر ڀارت واسيءَ کي اڃا تائين ھندو چوندا آھن کڻي اھو ھندو (ڌرم جو مڃيندڙ) مسلمان، پارسي، عيسائي ڪير به ھجي!“ ص 44.
    عرب، جو ھر ھند واسي کي ھند ڪري سڏيندا ھئا، ان ڪري اھو به ٿي سگھي ٿو ته عربن ھن نينگر کي ھند سان سڏيو ھجي ۽ جيئن ته چچ نامو عربيءَ لکيل آھي، ان ڪري ليکڪ، عربي معنيٰ وارو لفظ ”حسنه“ لکي ڇڏيو ھجي. ”آزاد“ اھا ڪٿان پيدا ٿي، جڏھن ته ڏاھر، بقول مصنف مباشرت کان پرھيز ڪندو ھو. جيڪڏھن اھو دليل پيش ڪجي ته ان مباشرت ڪئي ھوندي ته ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ڏاھر تي زور ڪھڙو پيو ھو. جڏھن ته ڀيڻ سان رسمي شادي لاءِ ملڪ جو مسئلو ھئو. پر مباشرت لاءِ ڪھڙو مسئلو ھئو. جڏھن ته ڀيڻ سان رسمي شادي ڪرڻ سان ڪيڏو شرمسار ۽ پشيمان ڏيکاريو ويو آھي ته ھيڏي ساري گناھ ڪرڻ لاءِ ھن کي ڪنھن پريشاني ۽ شرمساريءَ ڇونه ورتو! ۽ جيڪڏھن ماين کي ڏاھر منجھان ڌيءَ پيدا ٿي ته پوءِ مصنف ان کي ڏاھر جي ڀاڻيجي ڇو ڪري لکيو آھي ۽ ڌيءَ ڇونه ڪري پئي لکيائينس ۽ جيڪڏھن اھا ڇوڪري (حسنه) حقيقي ڏاھر جي ڀاڻيجي ھئي ته پوءِ اھا، ماين کي ڪنھن منجھان پئدا ٿي؟
    ھن کان پوءِ وري ٻن قسمن جا سوال اڀرن ٿا:

    (الف) ماين پڻ سندس ان حوس حڪومت واري مسئلي تي متفق ھئي ۽ سندس سان نالي ماتر شادي واري ڍونگ ۾ راضي ٿي ويئي ھئي؟
    (ب) ائين نه ھئو، ماين سندس سان ان مھا پاپ جھڙي ڪُڌي ڪم تي راضي نه ھئي- اھو ڪم سندس مرضيءَ خلاف ٿيو ھئو؟
    جڏھن ته مٿيون مسئلو ئي جڙتو ۽ من گھڙت آھي ان ڪري تاريخي واقعن ۾ اھڙو تصاد ٿو ملي جو ان کي آخر غلط ئي چوڻو پوي ٿو.
    اسين غور ڪري ڏسنداسين ته ماين سان مٿين ٻنھي خيالن مان ھڪ به نٿو ملي! ٻنھي راين مان ڪھڙو به ماين سان منسوب ڪيو وڃي. ان مطابق جيڪڏھن سندس ڀاءُ ”ڏاھر“ سان شادي ٿيل ھجي ھا ته پنھنجي زبان سان ڪڏھن به کيس پنھنجو مڙس تسليم نه ڪري ھا، پر ساڳئي مصنف لکيو آھي ته قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ ماين سڀني عورتن کي گڏ ڪري صلاح ڏني ته: ”منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته پاڻ کي باھ جي نذر ڪري ھلي پنھنجي مڙسن سان ملون.“ (چچ نامو ص 283)
    مٿين جملي ۾ ماين پاران مڙس لفظ استعمال ڪرڻ ڄاڻائي ٿو ته سندس پنھنجي مڙس ڏانھن اشارو آھي. ھاڻي مسئلو آھي ته ڀيڻ جيڪڏھن حوس حڪومت لاءِ نالي ماتر شادي ڪرڻ تي راضي ھجي يا سندس سان سختيءَ سان شادي ڪئي ويئي ھجي ٻنھي حالتن ۾ واضح لفظن ۾ ان کي پنھنجي زبان سان مڙس ڪيئن چوندي؟ ان ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته سندس اشارو پنھنجي مڙس طرف ھيو جو ڏاھر نه بلڪ ڀاٽيا ئي ٿي سگھي ٿو.
    ھتي آءٌ مٿين ڳالھ کي سمجھڻ لاءِ سندن شجرو پيش ڪريان ٿو:

    بساس

    سيلائج


    چچ چندر



    ڏاھر ڏھرسين ماين

    چچ

    جيسين گوپي وڪيه ڏھرسين

    چچ


    راڄ ڍول بجھراءِ ڪڪسه ڪورسينہ ڏھسين جيسين ديوراج
    (؟) (؟) (؟)
    ھي شجرو ڊاڪٽر نبي بخش خان جو جوڙيل آھي.

    مٿيون نسب نامون ڏسڻ سان پڙھندڙن کي معلوم ٿيندو ته ڏاھر کي قريبي رشتيدار به اھا ئي ھڪ عورت ھئي ته ڀيڻ به اھائي. تڏھن سندس ڀاڻيجي به يقينًا ماين منجھان ئي پيدا ٿي ھوندي.

    اصل حقيقت:

    ماين ۽ ڏاھر جي شاديءَ جو ذڪر ڪندي مصنف ڄاڻايو آھي ته نجومين ڏاھر کي ماين جي بخت جي باري ۾ ٻڌايو ته ھيءَ سنڌ کان ٻاھر نه ويندي ۽ اھو شخص جو ھن نينگريءَ کي پَلَؤ وٺندو سو ھن ساري ملڪ جو مالڪ ٿيندو. پر حقيقت ڪجھ ھن طرح آھي. ڏاھر نھايت ھوشيار ۽ دلير، بھادر ۽ جوان مرد مڙس ھو، جنھن جي مقابلي جو ان وقت ھند، سنڌ ۾ ثاني نه ھئو. سندس بھادريءَ لاءِ تاريخن ۾ اچي ٿو ته شڪار ڪندي شينھن جي مٿان وڃي پيو ۽ ھٿين وڙھي پورو ڪيائينس، جڏھن ته ٻيا سمورا شڪاري کيس اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. چچ نامي جو صاحب ڏاھر جي آخري جنگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته جڏھن ٻين ساٿين کيس صلاح ڏني ته ھند جي ٻين بادشاھن کان عربن خلاف مدد وٺي، تڏھن جواب ڏنائين: ”منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته ھنن سان سامھون ٿي جنگ ڪريان، ۽ جنگ (پوري) ڪوشش ۽ سعيي سان ڪريان. جيڪڏھن انھن تي غالب ٿيس ته پوءِ ھو سڀ ذليل ٿيندا ۽ منھنجي بادشاھي مضبوط ٿيندي، ۽ جيڪڏھن ننگ ۽ ناموس خاطر ڪُٺو ويس، تڏھن به ھيءَ خبر عرب خواھ ھندوستان جي ڪتابن ۾ لکي ويندي، ۽ بزرگن جي واتان دنيا جي بادشاھن جي ڪَن پوندي ته راجا پنھنجي ملڪ خاطر دشمن جي مقابلي ۾ پنھنجي پياري جان فدا ڪئي.“ مٿين ڳالھ مان ظاھر ٿو ٿئي ته ڏاھر ڪيترو نه بلند حوصلي جو مالڪ، جوانمرد، دلير ۽ مڙسيءَ وارو مڙس ھو. اھڙو مڙس جو مرڻ قبولي ٿو پر پاڙي وارن کان مدد وٺڻ پنھنجي لاءِ ڪُڌو ڪم ٿو ڄاڻي، تنھن کان ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جھڙو حد کان وڌيڪ ڪريل ۽ برھمڻي مذھب جي خيال کان سخت گناھ وارو ڪم ڪيئن ٿو ٿي سگھي. ڪي ماڻھو چوندا آھن ته حڪومت جي لالچ ۾ اچي (جيئن مسلمانن ظاھر ڪيو آھي) اھو ڪم ڪيو اٿائين. انھن لاءِ مٿيون جواب ڪارگر ٿي سگھي ٿو. ”پاڙي جي مدد“ کان ”ڀيڻ سان شادي“ ڪرڻ جيڪڏھن وڌيڪ خراب ڪم آھي ته پوءِ اھو ماڻھو جنھن کان حڪومت جي لالچ جي ڪري ايڏو وڏو مذھبي ۽ دنوي ڪُڌو ڪم سر انجام ٿئي ٿو، سو ان کان گھٽ حيثيت رکندڙ لاءِ وري پنھنجي شان ۽ عزت جي گھٽتائي ڪيئن ٿو ڄاڻي. يا ائين چئجي ته ان خسيس ڳالھ (ٻين کان مدد) سان پنھنجي حڪومت، بچائڻ کي خراب سمجھندڙ شخص ڀيڻ سان صرف ان ڪري شادي ڪندو جو کيس مستقبل ۾ حڪومت جي بچڻ جي اميد ھجي. ڀيڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ کيس مستقبل بعيد ۾ حڪومت وڃڻ جو خوف ٿي ڏياريو ويو، پر ھتي ته ھن ڪم 'ٻين کان مدد' نه ڪرڻ سان کيس حال ۾ ئي خطرو نظر پئي آيو. پوءِ جو ماڻھو پنھنجي اصول تي قائم رھندي حال کي قربان ڪري سگھي ٿو، سو مستقبل بعيد ۾ ٿيندڙ خطري جي خوف کان ايڏو وڏو پاپ ڪيئن ٿو ڪري سگھي.
    اسان جڏھن سنڌ جي ماضيءَ کي جاچڻ جي ڪريون ٿا تڏھن سنڌ جو ماضي صرف عربن تائين ملي ٿو. ان کان اڳ واري دور لاءِ ڪائي مستند تاريخ نه ملي آھي ۽ نه وري عرب حاڪمن جي آمد ۽ ڪارنامن بابت ڪائي تاريخ ملي ٿي. ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ سنڌ اندر ان وقت يا ان کان اڳ ڪوبه اھڙو شخص يا ادارو موجود ڪونه ھيو جنھن وقتي حالتن تي ڪائي لکت ڇڏي ھجي. حالانڪ سنڌ پھريون ملڪ آھي جنھن ۾ سڀ کان پھريان ڪتاب تصنيف ٿيو آھي. اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته دنيا جي مھذب ترين ۽ متمدن، سڌريل ۽ تھذيب واري جيڪڏھن سڀ کان اڳ ڪا سرزمين ملي ٿي ته اھا سنڌ آھي.
    ھن سرزمين تي سمورن مذھبن، اصولن ۽ نظرين جي ارتقا ٿي آھي، ڄڻ ھيءَ سرزمين پوري دنيا جي تھذيبي ۽ تمدني لحاظ کان قيادت جي ثبوت پيش ڪري رھي آھي. ھن ڌرتيءَ جي علمي صلاحيتن بابت علامه نعماني جو چوڻ آھي: ”سنڌ علم جو مرڪز آھي، جتان ايران ۽ يونان تائين علم پھتو آھي، يوناني به علمي طور تي سنڌ جو شاگرد آھي.“ ان حالت ۾ اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو ان وقت تصنيف ۽ تاليف جو ڪم نه ٿيو ھجي. پر حقيقت ڪجھ ھن ريت آھي، مولانا گرامي صاحب ڄاڻايو آھي: ”عربن ھڪ ته سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن کي باھيون ڏنيون، جنھن ۾ سنڌ جو ان وقت جو علم، فن ۽ ادب جلي رک ٿي ويو، ٻيو ته مذھبي طور تي عربن حملا ڪيا آھن، اتي جي ڪتبخانن کي ھنن باھيون ڏيئي ناس ڪيو آھي.“ (ھفتيوار برسات جلد 2 شمارو 6 سال 1975ع)
    جڏھن به ڪائي قوم ڪنھن ٻي قوم تي غالب پوندي آھي تڏھن اھا مغلوب قوم کي دائمي مفتوح رکڻ لاءِ کيس ماضيءَ کان ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪندي آھي، ان لاءِ ھو ڪتبخانن ۽ ادارن کي تباھ ڪندا آھن. قومي سورمن ۽ عالمن کي مارائيندا آھن ته جيئن ھلندڙ نسل پاڻ کي غلامانه زندگي گھارڻ تي آماده ڪري ۽ ايندڙ نسل پاڻ کي ورھين کان غلاميءَ ۾ ويڙھيل ۽ وڪوڙيل ڏسي آزاديءَ جو نالو وٺڻ به وِھ جو وٽو پيئڻ برابر ڄاڻي خاموش رھي. اھوئي سبب آھي جنھن ڪري پاڻ کي عربي دور لاءِ صرف ئي صرف خود سندن لکيل ڪتاب فتح نامو عرف چچ نامو تي ئي اختتام ڪرڻو ٿو پوي. جڏھن ته ”فتح نامه سنڌ“ عربن جي سورھيائي ظاھر ڪرڻ ۽ سندن ياد تازي رکڻ لاءِ سندن ثناگو مؤرخ لکيو آھي. ان ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ان ۾ ملڪي غلام بڻائڻ وارا طريقا لازمي استعمال ٿيا آھن ڇوته عربن جي پوري دور ۾ ڪڏھن به سنڌي خاموش نه ويٺا آھن. سنڌ جي حدن مان وڙھندي ھڪاليا ويا آھن تڏھن به ڌارين ايراضين مان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مختلف وقتن تي ڪوششون ڪيون اٿائون. ڪاڪي ڀيرومل لکيو آھي: ”اروڙ جي قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ھندو پنجاب ۽ ٻين علائقن طرف ڀڄي ويا جن اتي وڃي اروڙ ونسي سڏايو ۽ ڪجھ وقت بعد حالتون ھموار ڏسي وٿاڻن تي واپس وريا.“ (سنڌي ھندن جي تاريخ ص 221.)
    تاريخن مان ملي ٿو ته ڏاھر جي پٽن پڇاڙيءَ تائين آڻ نه مڃي آھي ۽ مختلف جڳھن تان گڏ ٿيندا ۽ وڙھندا رھيا آھن تان جو سنڌ جي حدن کان ٻاھر نڪري ويا آھن ۽ وري اتان وڃي محاذ کڙو ڪيو اٿائون. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته عوام منجھان سندن ”ڏاھر وارن“ لاءِ عزت ۽ احترام ختم ڪري نفرت ۽ حقارت پيدا ڪرڻ لاءِ ماين ۽ ڏاھر وارو من گھڙت قصو جوڙايو ويو ھجي، ۽ ان کي وزندار بڻائڻ لاءِ چچ نامي جي م‍ؤرخ ويھي ھٿ ٺوڪيا قصا گھڙيا ھجن، جيئن ماين لاءِ ھڪ جاءِ تي ڏاھي جي زباني ڄاڻايل آھي ته ھوءَ سندس ڀيڻ آھي جنھن ڪري ان لاءِ نجومين کان پڇا ڪرايائين پر اڳتي ھلي، ڏھرسين جي خط و ڪتابت ۾ ڏاھر جي زباني ڄاڻايو ويو آھي ته اھا ڇوڪري (ماين) جتڻ آھي. اھا ۽ اھڙيون ٻيون متضاد ڳالھيون مصنف پاران قصن گھڙڻ جو ثبوت ڏين ٿيون. مشھور مصنف ميڪاولي فاتحن جي باري ۾ لکيو آھي: ”ھر فاتح جو پھريون ڪم اھو آھي ته فتح ڪرڻ بعد پراڻن حاڪمن کي يا ته پاڻ سان شامل ڪري يا بلڪل ختم ڪري ڇڏي.“ معلوم ائين ٿو ٿئي ته ان اصول مطابق عمل ڪندي ڏاھر جي خاندان مان ڪن کي ماريو ويو ته ڪن کي اھڙي نموني بدنام ڪيو ويو.

    بھادرانه وصفون:

    بھادري ۽ سورھيائي ڪنھن دين ۽ ڌرم، قوم ۽ ڪلچر، رنگ ۽ نسل يا جنس جو ورثو نه ھوندو آھي. اھا ھڪ اھڙي ڏات آھي جا ڪھڙي به قوم ۽ نسل ۾ ٿي سگھي ٿي، جيئن ڀِٽ ڌڻيءَ فرمايو:

    ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي.

    پنھنجي معاشري ۾ عورت کي ڪم ذھن، بي ھمٿ ۽ سست ڄاتو ويندو آھي. ۽ ان کي عجيب و غريب ٽوٽڪن ۽ ٽوڻن وسيلي گھٽ ظاھر ڪيو ويندو آھي. جيئن چوڻي آھي ته ”عورت کي کُڙيءَ ۾ عقل سو به سج لٿي کان پوءِ لڀي ئي ڪونه!“ صدين کان مغلوب ھجڻ ڪري عوام جي وڏي حصي مان شعور ۽ ساڃاھ گم ٿي ويندي آھي ۽ اھا قوم پٺتي ڌِڪبي رھندي آھي. ان ڪري قومي وصفن کي جاچڻ ڪارڻ ڏاھن جو چوڻ آھي ته ان قوم جي ادب ۽ آرٽ مان ئي قومي اصليت کي پرکي ۽ پروڙي سگھجي ٿو. اھڙيءَ ريت سنڌي قوم جي شاعرن پنھنجي سمورن داستانن جو ھيرو عورت کي ٺھرائي سندن سورھيائي ۽ سچائي، بھادري ۽ دليري جو اعليٰ نمونو پيش ڪيو آھي. ان ڪري اھو چوڻ غلط ٿيندو ته عورت کان مرد اعليٰ يا مٿاھون آھي. اھڙي ريت تاريخي ورقن ورائڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته مائي ماين جو پڻ نھايت اھم، بھادرانه ۽ دليرانه ڪردار آھي. جتي عربن جي دٻدٻي ۽ دھشت ڪري ماڻھن جو وڏو تعداد کين پيش پوندو پئي ويو ۽ مھاراجا ڏاھر پڻ شھيد ٿي چڪو ھو، اتي ھن مائيءَ پنھنجي ڀائٽين سان گڏجي جنگ کي جاري رکڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي.

    قوم تان قربان ٿي انت آڻڻ:

    قوم تان قربان ٿيڻ وارن مختلف طريقن مان اھو به ھڪڙو طريقو آھي جنھن ۾ ٻيو ڪو سھارو ۽ حيلو وسيلو نه ڏسي دشمن جي ور چڙھڻ کان پنھنجو پاڻ کي مارڻ بھتر سمجھيو ويندو آھي. اھو سلسلو صدين کان ھلندو پيو اچي. پر سنڌ اندر ان جي شروعات مائي ماين کان ٿئي ٿي. ھيءَ پھرين عورت ھئي جنھن نه صرف پنھنجو پاڻ قربان ڪيو آھي پر ٻين کي پڻ ان جي تلقين ڪئي اٿس. جڏھن به ڪائي قوم مفتوح ٿي ويندي آھي تڏھن ان جي عوام ۾ بزدلي ۽ حراس پکڙجي ويندو آھي. پر ھن عورت کي پڙھڻ مان پتو پوي ٿو ته اھو سندس بلند حوصلو ئي ھيو جو باوجود ايڏي پئماني تي ٿيندڙ قتل و غارت جي، ڪنھن به وقت ھيڻو حال نه ڪيو اٿس، سندس پختي عزم ۾ تِرَ برابر به لچڪ نه آئي آھي ۽ قلعي اندر سڀني عورتن کي ڪَٺو ڪري عربن خلاف حقارت ظاھر ڪندي چيو: ”بيشڪ اسان کي ھنن ڳئون کائڪ چنڊالن کان ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو، اسان جي عزت برباد ٿي چڪي ۽ مھلت پوري ٿي. جڏھن ڇوٽڪاري جي اميد ڪانه آھي، تڏھن ڪاٺيون، ڪپاھ ۽ تيل گڏ ڪرڻ ڪرڻ گھرجي. منھنجي راءِ جي تقاضا آھي ته پاڻ کي باھ جي نذر ڪري ھلي پنھنجي مڙسن سان ملون. جنھن کي به امانَ وٺڻي ھجي ته ڀلي وڃي ممڪن آھي ته کيس نجات ملي وڃي.“ (چچ نامو ص 283)
    مٿين لکت ڏيکاري ٿي ته ھن ”ماين“ جو ڪجھ ڪيو آھي سو سمورو ئي وطني جذبو پيدا ڪندي تلقين رستي ڪيو آھي. نه ڪرڻ واري حالت ۾ ڪنھن به قسم جي ڏاڍ ۽ جبر جو استعمال نظر نٿو اچي. اھڙي ريت ماين جي راءِ تي قلعي اندر سموريون سنڌياڻيون عربن جي ور چڙھڻ بجاءِ باھ جو بَک ٿي قوم تان قربان ٿي ويون.“ (جنت السنڌ جي صاحب فتوح البلدان جي حوالي سان ڄاڻايو آھي ته: ”قلعي ۾ داخل ٿيڻ تي، ٻائي ' ماين ' پاڻ کي قلعي جي ديوار تان ھيٺ ڪيرائي خودڪشي ڪئي.“ پر اھا ڳالھ بي بنياد پيئي معلوم ٿئي.

    تاريخ ۾ حصو:
    شيخ مبارڪ تاريخي شخصيتن جي باري ۾ لکيو آھي: ”ھيرا تاريخ ٺاھيندا آھن يا تاريخ ھيرا ٺاھيندي آھي، اھو ڏکيو سوال آھي، باقي غلط ھيرا تاريخ جو ٻيڙو ٻوڙيندا آھن.“ (ڪپر ٿو ڪُن ڪري) شيخ صاحب جو ان جملي منجھان ڪھڙو مقصد آھي سا کيس ئي ڄاڻ ھوندي. البت منھنجي خيال ۾ تاريخ جي جوڙجڻ ۾ شخصيتن جو وڏو ڪردار آھي. ان ڪري ئي تاريخ جا ورق سرويچن ۽ سورمن جا محتاج آھن، تاريخ تيستائين تاريخ نه آھي جيستائين ان ۾ سورھين جو دخل نه آھي. اھڙي ريت سنڌ جي تاريخ اندر ھيءَ مائي عورتاڻي انقلاب جو سڀ کان پھريون ۽ نمايان ڪردار نظر اچي ٿي. جنھن عورتاڻي انقلاب جو آغاز ڪيو آھي، ان ڪري جنھن به تاريخ ۾ ھن مائيءَ جو ذڪر نٿو ٿئي سا حقيقت ۾ اڻ پوري آھي. اھي شخصيتون جي محنت ۽ مشقت، جفا ۽ وفا سان تاريخ ساز بڻيون آھن تن جي علم ۽ عقل، دانش ۽ دورانديشي جھڙن ڪارنامن ۽ ڪارگذارين کي سھيڙڻ ۽ سموھڻ ڪارڻ موؤرخ ڳولائو ۽ آتا ھوندا آھن. اھڙي ريت تاريخي ڇنڊڇاڻ مان سنڌ اندر عورتاڻي انقلاب ۾ ھن مائيءَ جو وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو، جنھن کان ڪوبه حقيقت پسند انڪار ڪري نٿو سگھي.

    _______
    نوٽ : شجرو صحيح نموني ڏسڻ لاءِ ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪري صفحو 46 ڏسو


    • راڻي لاڏي (ڏاھر جي زال)

    ھيءَ سنڌ جي سورمي جنھن جو سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾ نمايان ڪردار آھي، سا سنڌ جي مھاراجا ڏاھر جي ٻيو نمبر راڻي ھئي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته پھرين راڻي جا لوھاڻي حاڪم اگھم جي ڌيءُ ھئي، (تاريخ ۾ اچي ٿو ته لوھاڻي جي حاڪم اگھم جي ڌيءُ ڏاھر جي ڀاءُ ڏھرسين جي زال ھئي، تنھن سان ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ ڏاھر شادي ڪئي. چچ نامو ص 92 ) تنھن مان جيسين پُٽ ڏاھر پيدا ٿيو. راڻي لاڏيءَ منجھان ٻي ڌيئر سريا ديوي ۽ پرمل ديوي ھيون. پُٽن جي سلسلي ۾ تاريخدانن جا الڳ الڳ رايا آھن. ڪن جو خيال آھي ته جيسين کان سواءِ ھڪڙو پٽ ڏھرسين به ھيو (ڏاھر سان جنگ ۾ ٻئي پُٽ جيسين ۽ ڏھرسين گڏ ھئا. ”مختصر تاريخ سنڌ“ از مرزا قليچ بيگ ص 13) پر وري ٻي جاءِ تي وڪو ۽ گوپي نالي وارا پڻ ڏاھر جا پٽ ڄاڻايا وڃن ٿا. (اھا ڳالھ چچ نامي، معصومي، تحفة الڪرام ۾ بيان ٿيل آھي.) ٽين جاءِ تي چچ پُٽ ڏاھر پڻ ملي ٿو. (چچ پٽ ڏاھر بلاذري، فتوح البلدان ۾ ڄاڻايو آھي.) مٿين لکت مطابق مھاراجا کي جملي پنج پُٽ ٿيندا، جيئن ته جيسين جي ڄمڻ سان مھاراجا جي اڳين راڻي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي ھئي ۽ اھو سندس وڏو پُٽ ھيو ان ڪري چئبو ته راڻي لاڏيءَ منجھان کيس چار پُٽ ٿيا، پر تاريخدانن جي اڪثريت سندس ٽن پُٽن تي متفق آھي ۽ جنگ کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ نمايان طور ٽن جو ذڪر ملي ٿو ان ڪري اسان پڻ ان ڳالھ کي درست ٿا سمجھون. ان خيال سان راڻي لاڏيءَ منجھان مھاراجا کي ٻه پُٽ ٿيا.
    ھن تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکجندڙ سنڌڻ جي وڌيڪ حسب نسب جي ڪائي خبر نه پئجي سگھي آھي سواءِ ان جي جو سمورن تاريخن ۾ ملي ٿو ته مھاراجا ڏاھر جي راڻي ھئي. ڪنھن جي ڌيءُ ھئي؟ راجا سان ڪيئن ۽ ڪٿي پلئه پيس تنھن جي ڪائي ڄاڻ نه پئجي سگھي آھي.

    بھادرانه وصفون:

    تاريخ منجھان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن به بلند حوصلو رکندڙ ڄاڻو ۽ قابل شخصيت ۾ جيڪي خوبيون ھئڻ گھرجن تن سمورين جو ھيءَ عورت مجموعو ھئي. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڊگھي عرصي تائين جيسين سان گڏ مختلف قلعا (جي سنڌ جي ئي حدن ۾ ھئا) مٽائيندي پُٽ جي ٻانھن ٻيلي ٿي عربن خلاف جنگ ڪرڻ ڪارڻ فوج تيار ڪندي رھي. آخرين قلعو برھمڻ آباد جو ھيو جنھن ۾ فوج کي گڏ ڪيائين ۽ تلقين ڪرڻ سان گڏوگڏ اھو پڻ احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ھيءَ ئي جاءِ پنھنجو آخري سھارو آھي جنھن تان بيھي پاڻ کي وطن واپس ورڻو آھي. ھن جرئت مند عورت قلعي ۾ گڏ ٿيل وڙھندڙن کي چيو: ”ھيءُ مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسين؟ اسان کي لاچار ھتي رھڻ گھرجي، جيئن دشمن تي غلبو حاصل ڪريون ۽ اسان جو مُلڪ ۽ گھر سلامت رھي.“ نه صرف ايترو پر کين ڪڏھن به ھار نه مڃڻ وارو سبق ڏيندي چيائين: ”جيڪڏھن عرب جو لشڪر غالب رھيو ته پوءِ ڪا ٻي تدبير ڪنداسون.“ (چچ نامو ص 301)

    چچ نامي جي غلط بياني:
    ھن تاريخ جي صفحي 268- 269 تي ھڪ روايت ۾ لاڏيءَ جي زباني بيان ڪئي وئي آھي ته جڏھن ڏاھر جي قتل کان پوءِ ڏاھر جي زال لاڏي گرفتار ٿي تڏھن محمد بن قاسم ھن سان نڪاح ڪيو، لاڏي ام ولد (نڪاح ۾) ٿي تڏھن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: ”تون ڪيئن ڏاھر جي پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿيئنءَ؟ ۽ ڏاھر کان ڪھڙي سبب ڌار ٿينءَ؟“ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: ”جڏھن اسلامي لشڪر راجا ڏاھر جي سامھون ٿيو، تڏھن ھن ھر ھڪ زال جي مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏھن اسلامي لشڪر غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته ھنن زالن کي ڪُھي ڇڏجو متان مسلمانن جي ھٿان گرفتار ٿين. پوءِ انھيءَ نگران چوبدار، راڻي لاڏيءَ ڏانھن ڏسي پئي چيو: ”ته تنھنجي منھن جو بشرو اھڙو کليل آھي جو (معلوم ٿو ٿئي ته) تنھنجي دل عرب جي بادشاھ ڏانھن مائل آھي ۽ تون ضرور انھيءَ جي راڻي ٿيندينءَ.“ آخر جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا تڏھن ھر ھڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو (اھو حال ڏسي) مان پاڻ کي اُٺ تان ھيٺ ڦِٽو ڪيو ۽ وڃي جنگ جي (ميدان) وچ ۾ پيس، منھنجو نگران منھنجي ڪُھڻ جو خيال ڇڏي وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنھنجي نڪاح ۾ آندو.“ اھا روايت جا راڻي لاڏيءَ سان منسوب ڪئي ويئي آھي سا حقيقت ۾ بلڪل غلط، جڙتو ۽ بي بنياد پيئي معلوم ٿئي، جنھن کي تصحيح ۽ تشريح ڪندڙ پڻ لنوائي ويا آھن. مون کي مٿين روايت کي غلط سمجھڻ لاءِ ھيٺيون ٻه ڳالھيون نظر اچن ٿيون:
    (الف) روايت ۾ راڻيءَ جي زباني ٻڌايو ويو آھي ته: ”جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا تڏھن ھر ھڪ نگران (جي خاص بيھاريل ھئا) سندن حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو.“ مٿيون ذڪر ثابت ڪري ٿو ته سواءِ لاڏيءَ جي جنھن پالڪيءَ مان ھيٺ ٽپو ڏنو ٻين راڻين کي مقرر ڪيل نگرانن ڪُھي ڇڏيو پر وري اڳتي راوڙ جي قلعي مان ھٿ آيل مال جو ذڪر ڪندي ساڳيو مصنف ڄاڻائي ٿو ته: ”ھٿ آيل ٻانھين مان ٽيھ راجائن جو ڌيئرون ھيون.“ (چچ نامو ص 283) ھتي مسئلو اھو آھي ته جيڪڏھن راجا عورتن کي ڪُھڻ لاءِ ماڻھو مقرر ڪيا ته پوءِ ھي ٽيھ راجائن جون ڌيئرون ڪيئن بچي ويون. پر جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته اھي ٽيھ ڏاھر جي ٻين مائٽن جون ھونديون ۽ ھن پنھنجين کي ڪُھرايو ھوندو، تڏھن به اُھا ڳالھ غلط ثابت ٿيندي ڇوته سندس ويجھن واسطيدارن مان سندس ٻئي ڌيئر گرفتار ٿيون، ڀاڻيجي قيد ٿي، ڀيڻ ماين ڏاھر جي مرڻ کان پوءِ به جنگ ڪرائيندي رھي، آخر ڪو چاڙھو نه ڏسي راوڙ جي قلعي ۾ ڪيترين ئي ٻين عزيزياڻين سان گڏجي پنھنجو انت آندائين. آخر اھي ايتريون ساريون ڏاھر سان واسطو رکندڙ عورتون ڪيئن جلادن جي چنبي کان بچي نڪتيون.
    (ب) ٻي ڳالھ جا مٿين ڳالھ کي غلط ثابت ڪرڻ پيش ڪري سگھجي ٿي سا آھي راڻي لاڏيءَ پاران سندس پٽ جيسين سان گڏجي برھمڻ آباد جي قلعي تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان وطن واپس وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪندي گرفتار ٿي وڃڻ. ساڳيو مصنف اڳتي ھلي لکي ٿو: ”جڏھن برھمڻ آباد جو قلعو ھٿ آيو (مراد جيسين پُٽ ڏاھر کي ھٿ آيو) تڏھن ڏاھر جي زال لاڏي، جا ڏاھر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ڏاھر جي پُٽ سان برھمڻ آباد ۾ (جنگ لاءِ تيار ٿي) بيٺي. روايت ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڏاھر جي قتل ٿيڻ سان جيئن ئي فوج ۾ ڀاڄ پئي تيئن لاڏي جان بچائڻ ڪارڻ اُٺ تان ٽپو ڏنو ۽ گرفتار ٿي پر ساڳئي مصنف جو اڳتي برھمڻ آباد ۾ لاڏي پاران جنگ لاءِ تياري ڪرڻ ظاھر ڪري ٿو ته پھرين روايت غلط ۽ بي بنياد آھي.
    جيڪڏھن روايت غلط ته ڇو؟
    پيش ٿيل روايت کي تاريخ جا ڄاڻو ۽ پڙھندڙ غلط ئي ڄاڻندا پر ان غلط بياني ڪرڻ جا به ڪي سبب ٿي سگھن ٿا. منھنجي خيال ۾ ان غلط بياني ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ٻي ڪائي رمز رکيل ڪانھي جو ان مختلف قسمن جي غلط بيانن سان مھاراجا ڏاھر جي شخصيت کي ڇيھو رسايو وڃي. چالاڪ فاتح جو اھو پھريون ڪم ھوندو آھي ته مختلف نمونن سان مفتوح قومن منجھان سندن روح جي آواز برابر رھبرن ۽ ليڊرن جو عزت ۽ احترام ختم ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي ھو آسانيءَ سان پنھنجو قبضو قائم رکي سگھندا آھن. مھاراجا تي مڙھيل اڪيچار الزامن ۽ تھمتن منجھان ھيءُ به ھڪ اھڙو ئي جڙتو قصو سندس ئي راڻيءَ جي زباني پيش ڪيو ويو آھي.

    قربانيءَ جو جذبو:
    قومن مٿان قربان ٿيڻ واريون جي وصفون ڳڻايون وينديون آھن، تن سان پڻ راڻي لاڏي سرشار نظر اچي ٿي. وطن وٺڻ واريون ڪوششون ڪندي ڪڏھن به حال ھيڻو نه ڪيو اٿائين اڃان به ٻين کي ھمٿائيندي نظر اچي ٿي. جڏھن ٻيا سڀ رستا بند ٿيندي نظر اچنس ٿا تڏھن اھا تجويز پيش ڪري ٿي ته: ”جيڪڏھن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باھ جي خوراڪ بڻائيندس.“ (چچ نامو ص 303) ڦورو فاتحن کان بچڻ ڪارڻ، پنھنجو پاڻ انت آڻڻ واريون ڪاروايون آخرين سھارو ھونديون آھن، جي پڻ ڪن کان سرزد ٿينديون آھن! راڻي لاڏي پڻ انھن ۾ شمار ٿيڻ ٿي چاھيو پر افسوس جو اوچتو قلعو فتح ٿي ويو ۽ ڏاھر جي واسطيدارن کي ھڪدم گرفتار ڪيو ويو، اھڙي ريت سنڌ جي ھيءَ عورت وڙھندي ۽ وڙھندڙن جي قيادت ڪندي برھمڻ آباد جي قلعي ۾ قيد ٿي ويئي.

    عربن جي چنبي ۾:
    برھمڻ آباد جو قلعو فتح ٿي ويو. راڻي لاڏي نڪري نه سگھي ۽ نه وري باھ جو بَک بڻجي سگھي. فاشي فاتحن جي چنبي ۾ اچي ويئي. قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ، جي ماڻھو عربن اڳيان پيش پيا تن کي محمد بن قاسم شرطيه امان ڏيندي چيو: ”ڏاھر جا لاڳاپيدار جتي به ھجن انھن کي ھٿ ڪندا.“ (چچ نامو ص 303) تڏھن پوءِ باقي برھمڻن سان امان ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو جن مان ڪن کي پنھنجي مذھب ۾ آندائون ۽ ڪن تي مختلف طريقن سان ڍل مقرر ڪيائون پر انھن ۾ ڏاھر جي واسطيدارن جو خاص خيال رکيو ويو. [يعني ڏاھر جي واسطيدارن کي معافي به ملي نه سگھي. ڪن جو خيال آھي ته معافي ورتائون ئي نه پئي. ڪجھ به ھجي پر عربن جي لکت موجب معافيءَ دروازا سندن لاءِ بند ھئا.] ”آزاد“ تاريخن ۾ اچي ٿو: ”برھمڻن ھن مضبوط عھدنامي جي بناءِ تي ڏاھر جي زال لاڏي کي بُھري مان ٻاھر ڪڍيو ۽ باقي ماڻھن تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي طريقت موجب ڍل مقرر ڪيائين.“ (چچ نامو ص304) تنھن بعد جڏھن باقي قيدين کي آندو ويو جن ۾ راڻي لاڏي پڻ شامل ھئي. تڏھن محمد بن قاسم سندس سونھن تي موھجي پيو ۽ کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻڻ لاءِ حجاج کي خط لکي اجازت گھري. (مٿين ڳالھ ”اجازت گھرڻ واري“ پڻ بي بنياد پئي معلوم ٿئي ڇوته ان وقت پيغامن پھچائڻ وارو ڪم گھوڙن ۽ ٻيڙن رستي ٿيندو ھو جنھن ۾ وڏو عرصو لڳندو ھو. فاتح ڪنھن مفتوح تي موھجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويھي انتظار ڪري. سا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر معلوم ٿئي ٿي تنھن کان سواءِ گھڻي وقت کان عربن اندر اھڙي قسم جون حرڪتون ھلندڙ ھيون جنھن ۾ ھو غلامن کي بغير نڪاح جي پڻ وھاري ڇڏيندا ھئا.) چچ نامي جي لکت مطابق حجاج اھڙو احوال خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي فرمان ڏيڻ جي خواھش ڏيکاري. (چچ نامو ص 278) اھڙي ريت محمد بن قاسم کي دارالخلافت مان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم مليو ۽ ھن کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻي زال بڻايو. (مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب نو مسلم ھندو راڻيون ۾ تصديق ڪندي ڄاڻايو آھي ته محمد بن قاسم کيس مسلمان بڻائي شادي ڪئي ۽ سندس اسلامي نالو ”خديجه“ رکيو ويو.) ”آزاد“ بعد ۾ جيڪي برھمڻ آباد جي پسگردائيءَ ۾ فتحون ڪيون اٿائون تن ۾ معلوم ائين ٿو ٿئي ته لاڏي سندس سان شامل آھي پر انھن ڪارواين ۾ لاڏيءَ جو ڌار ڪوبه ڪردار ڪونه آھي، تان جو مھاراجا ڏاھر جي تخت گاھ اروڙ جي قلعي کي ويجھو پھتا جتي ڏاھر جو پٽ گوپي قبضو ڄمايو ويٺو ھيو جنھن کي پيءُ جي مري وڃڻ واري ڳالھ تي ويساھ نه پئي آيو ۽ کيس يقين ھو ته ڏاھر ھندوستان جي ٻين بادشاھن کان مدد وٺڻ ويو آھي جو اجھو ڪي آيو. محمد بن قاسم ھڪ مھينو انھيءَ قلعي سامھون ھڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي ھڻي ويٺو رھيو. (چچ نامو ص 327) ھوڏانھن گوپيءَ کي پيءَ جي زندھ ھئڻ جو يقين ويٺل ھو ان ڪري سندس ماڻھو قلعي جي مٿان نعرا ھڻندي، عربن کي ڊيڄاري رھيا ھئا ته: ”توھان کي جان ۽ مال جي معافي ڪانه ملندي، جو ڏاھر مدد وٺيو پيو اچي، ھاٿين سوارن ۽ پيادن جو بي انداز زبردست لشڪر توھان جي پويان ايندو ۽ اسين قلعي کان ٻاھر نڪري توھان جي لشڪر کي شڪست ڏينداسون. (چچ نامو ص 327) پوءِ جڏھن محمد بن قاسم سنڌين جي اھڙي سورھيائي ۽ جانفشاني ڏٺي ۽ سندن مقابلي کي نظر مان ڪڍيائين تڏھن قلعي وارن کي ڏاھر جو ڪسجي وڃڻ قبول ڪرائڻ لاءِ کيڏ کيڏي راڻي لاڏيءَ کي اُٺ تي چاڙھي پنھنجي اعتماد جھڙن (ھيءَ ڳالھ سمورين تاريخن ۾ ملي ٿي ۽ ان مان ظاھر ٿو ٿئي ته راڻيءَ سان زور تي شادي ڪئي وئي ھئي جنھنڪري اعتماد پڻ پورو پُنو ھوس. ”آزاد“) ماڻھن سان قلعي جي دروازي تي کين سمجھائڻ لاءِ موڪليائين جنھن ويجھو وڃي بلند آواز ۾ کين چيو: ”اي قلعي وارؤ! توھان کي چڱائي چوڻي اٿم، سامھون اچي بيھو ته چوان.“ (چچ نامو ص 327) سندس سڏڻ تي قلعي وارن کيس سڃاتو ۽ خاص ماڻھن جو گروھ سندس ڳالھ ٻڌڻ لاءِ قلعي جي ڀت تي چڙھي آيو جن کي ڏسي راڻيءَ ھن ريت قصو بيان ڪيو: ”مان آھيان ڏاھر جي زال لاڏي، اسان جو راجا ڪسجي ويو ۽ سندس سِر جھنڊن سان گڏ عراق ڏانھن ۽ ڇَٽ دارالخلافت ڏانھن موڪليائون، توھان پاڻ کي برباديءَ ۾ نه اڇلايو.“ (چچ نامو ص 327) ان ڳالھ ٻڌائڻ کان پوءِ ھوءَ بيحد رُني آھي. (ھتي روئڻ واري ڳالھ ڏيکاري ٿي ته راڻيءَ کي زوريءَ نڪاح ۾ آندو ويو ھو. ھن کي جا ديس وارن سان محبت ھئي، تنھن کيس روئڻ تي مجبور ڪيو ورنه شاديءَ ۾ راضي ھجي ھا ته روئي ڇا جي لاءِ ھا؟) پر تڏھن به قلعي جي محافظن سندس ڳالھ تي اعتبار نه ڪيو ۽ کيس ڪوڙو چوندي گاريون ڏيئي چوڻ لڳا: ”تون پڻ ھنن چندالن ۽ ڍڳي کائيندڙن سان ملي ھڪ ٿي ويئي آھين، اسان جو راجا اڃا جيئرو آھي.“ (چچ نامو ص 328) اھڙي ريت جڏھن عربن جي اھا چال به نه ھلي تڏھن قلعي فتح ڪرڻ لاءِ زور شور سان تياري ڪرڻ لڳا.

    وطن واسين لاءِ سندس ڪردار:

    راڻي لاڏيءَ جي چوڻ تي في الحال ته قلعي وارن اعتبار نه ڪيو پر بعد ۾ ان ڳالھ تي سوچڻ لڳا ۽ ان ڳالھ جي حقيقت کي جاچڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر ۾ ھڪ جادوگرياڻيءَ کان معلوم ڪيائون جنھن کين ٻڌايو ته ڏاھر ھن جھان مان يقينًا لاڏاڻو ڪري چڪو آھي، جنھن تي قلعي وارا دلشڪسته ٿي پيا ۽ عربن اڳيان پيش پوڻ جو پڪو پھ ڪيائون. اھو حال ڏسي گوپي راتو رات واسطي دار ماڻھن کي پاڻ سان وٺي قلعي مان نڪري ويو، جا خبر علافين مان اروڙ ۾ رھندڙ ھڪ ماڻھوءَ لکي تِير رستي موڪلي ته ڏاھر جو پُٽ قلعي مان نڪري فرار ٿي چڪو آھي. ھيڏانھن عربن تياريون زور شور سان ڪيون ھيون پر حملي ڪرڻ جي جرعت ڪين پئي ٿين پر جڏھن کين تِير رستي خط پڳو تڏھن قلعي تي حملو ڪري ڏنائون. جنھن تي قلعي وارن معافي وٺڻ لاءِ پيغام موڪليو. ان ڳالھ کي محمد بن قاسم پنھنجو فخر ڄاڻندي کين چيو: ”مون اوھان ڏانھن پيغام ڪونه موڪليو ھو، ۽ نه وري ڪو قاصد روانو ڪيو ھو توھان پاڻ ۾ اتفاق ڪري امان گھرو ٿا ۽ پڪو انجام ڪريو ٿا. جيڪڏھن توھان جو اسان جي خدمت ڏانھن لاڙو ۽ رضامندو سچو آھي ته جنگ کان ھٿ جھليو ۽ پڪي انجام ۽ پوري اعتماد سان لھي اچو.“ (چچ نامو ص 332) اھڙي اعتماد جوڳي ڳالھين تي قلعي وارن قلعو عربن جي حوالي ڪيو. اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ محمد بن قاسم کان پنھنجو ڪيل واعدو ڄڻ ته وسري ويو ۽ حڪم ڪيائين ته: ”لڙائي ڪندڙ ماڻھو اگرچ فرمانبرداريءَ لاءِ ڪنڌ جھڪائين ته به کين نه ڇڏيو وڃي.“ (چچ نامو ص 324) ان جاءِ راڻي لاڏيءَ جو تمام نيڪ نيتي وارو ۽ اھم ڪردار ادا ڪيل نظر اچي ٿو جنھن جي ٻن اکرن ڪري ڪيترن سنڌين جون جانيون بچي وڃن ٿيون. محمد بن قاسم جو حڪم ٻڌي راڻي لاڏيءَ عقل ۽ فھم سان ماڻھن جو بچاءُ سوچي کيس صلاح ڏني ته: ”ھن ملڪ (قلعي) جا ماڻھو رازا آھن ۽ ڪي واپاري آھن. ھيءُ شھر انھن جي ڪري ئي آباد ۽ سرسبز آھي. سندن ئي ڪمائي ۽ کيتيءَ ڪري خزاني ۾ مال موجود ٿو رھي. جيڪڏھن انھن کي قتل ڪندين ته تنھنجو مال ھليو ويندو. (چچ نامو ص 334) محمد بن قاسم جو راڻيءَ جي جمال تي اڪن ڇڪن ٿيو عشق ۾ ٻُڏو پيو ھو تنھن راڻيءَ جي راءِ کي ٽارڻ مناسب نه سمجھيو ۽ حڪم ڪيائين ته: ”راڻي لاڏيءَ ھيءُ فيصلو ڪيو آھي ته انھن سڀني کي ڄڻ امانَ ڏنائين.“ (چچ نامو ص 334) تنھن بعد راڻيءَ جو ڇا ٿيو تنھن باري ۾ ڪٿي به ذڪر ملي نه سگھيو آھي.


    • سريا ديوي ۽ پرمل ديوي (ڏاھر جون ڌيئر)

    حسب نسب:
    ھي ٻئي نينگريون سنڌ جي حاڪم مھاراجا ڏاھر کي ٻئي نمبر زال (راڻي لاڏيءَ) منجھان پيدا ٿيون.

    پيدائش ۽ پرورش:
    جو ڪجھ تاريخي مواد ملي سگھيو آھي، تنھن منجھان ھنن ڇوڪرين جي پيدائش ۽ پرورش جو ڪوئي پتو نٿو پوي. ھنن جو ذڪر ڏاھر جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ ئي ملي ٿو، جڏھن عربن ھٿان برھمڻ آباد جي قلعي مان سندن ماءُ لاڏيءَ سان گڏ گرفتار ٿين ٿيون.
    سنڌ کان عرب دنيا تائين:
    ڇال (شال) مَ ڇڄي ڪا، منجھان وڳر ڪونجڙي،
    مڇڻ مُلا ماءِ، جيئري جدا مَ ٿئي.
    (خليفو صاحب)
    برھمڻ آباد جي قلعي مان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ھنن سان ڪھڙي روش اختيار ڪئي ويئي ھوندي. ھتان کين ڪھڙي ريت عرب دنيا ڏينھن نيو ويو، تنھن لاءِ پڻ ڪائي تصديق ڪانه ٿي ملي، البت اھو معلوم ٿيو آھي ته ڏاھر جي اولاد کي ٻين گرفتار ٿيلن کان ٿڏي تي ئي جدا ڪيو ويو. جيئن گرفتار ٿيڻ وقت ڄاڻايل آھي ته کين ھڪ خادم جي حوالي ڪري جدا وھاريو ويو. (چچ نامو ص 302) سمورين تاريخن منجھان اھوئي ملي ٿو ته محمد بن قاسم کين پنھنجي آقائن ڏانھن ڏياري موڪليو. چچ نامي ۾ آھي ته: ”محمد بن قاسم حبشي غلامن ھٿان بغداد ڏانھن دارالخلافت جي درٻار ۾ موڪلي ڏنيون ويون ھيون.“ (چچ نامو ص 363) اتي پھچي کين سرڪاري واڙي يعني حرم السراءِ ۾ ڪجھ ڏينھن رکيو ويو، معلوم ٿئي ٿو ته خليفي صاحب کين ڏسڻ کان سواءِ ڪجھ ڏينھن آرام واسطي عورتن ۾ موڪلي ڏنو، اھڙي ريت ڪجھ ڏينھن بعد خليفي جي وحشياني خواھش بيدار ٿي تڏھن کيس سندن ياد آئي ۽ ھڪ رات ٻنھي کي گھرائڻ جو حڪم ڏنائين. (سرڪاري واڙي منجھان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته عورتن کي غلام بڻائي، عيش عشرت ڪارڻ وھارڻ سندن مشغلو ھو. جيئن چچ نامي جي ليکڪ ڏاھر جي ڌيئرن جي ذڪر ۾ اھا ڳالھ کولي بيان ڪئي آھي. لکي ٿو: ”وقت جي خليفي غمخواريءَ خاطر کين (ڏاھر جي ڌيئر) حرم السراءِ جي حوالي ڪيو ته ٻه- ٽي ڏينھن آرام وٺي ”خلوت“ جي لائق ٿين.“ ص 363)

    خليفي جي حضور ۾:

    جڏھن ٻئي ڄڻيون خليفي جي درٻار ۾ حاضر ٿين ٿيون، تڏھن ھن (خليفي) پنھنجي چيلي جنھن لاءِ چچ نامي، ترجمان لکيو آھي، تنھن کي حڪم ڪيو: ”معلوم ڪر ته ھنن مان وڏي ڪير آھي ته انھيءَ کي روڪيو وڃي ۽ سندس ٻيءَ ڀيڻ کي وري ڪنھن ٻئي وقت گھرايو وڃي.“ (چچ نامو ص 363. مٿين ٻنھي واقعن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھو ڪيڏو نه عيش عشرت ۽ زناڪاري ۾ مبتلا ٿي چڪا ھئا ۽ اسلامي قانون جو ڪوئي خيال ڪونه ٿي ڪيائون. (آزاد) خدمتگار نالن جي پڇا ڪئي وڏيءَ چيو ته منھنجو نالو ”سريا ديوي“ آھي. خليفي صاحب ننڍيءَ کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کيس پنھنجي پاسي ۾ ڪري وھاريو ۽ جيئن ئي منھن تان نقاب پري ڪيائين تيئن سندس سوڀيا ڏسي اڪم ڇڪن ٿي پيو ۽ ھي خانه بدوش قوم جو ڪمانڊر ھن نازڪ نازنين جي حسن تان فدا ٿيڻ جو سوچي ويٺو.

    اندر جي آڳ اجھائڻ:

    خليفي ھن سونھن سان سرشار مظلوم قيدياڻيءَ جي جسم سان کيڏڻ لاءِ جڏھن کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيو تڏھن راڻي جي ذھن ۾ ھڪ خيال اڀريو! ۽ ”اھو ھو ديس جي دشمن کان وير وٺڻ.“ اھو سوچي ھن خليفي صاحب کي چيو: ”بادشاھ سلامت رھي! آءٌ غلام، بادشاھ جي خلوت جي لائق ٿي نٿي سگھان، ڇاڪاڻ ته امير عادل عمادالدين محمد بن قاسم اسان کي ٽي ڏينھن پاڻ وٽ رکي پوءِ دارالخلافت جي خدمت ۾ موڪليو آھي، شايد توھان جو دستور ائين آھي؟ بادشاھ لاءِ ھيءَ خواري جائز نه آھي.“ (چچ نامو 364)
    حوس جي آڳ، اھڙي ته آھي جنھن سان ھر شيءِ جلي رک ٿي وڃي ٿي. ان ويل ھوش ۽ حواس، عقل ۽ ذھن سڀئي ھوس جي اڳيان نيچ ٿي ويندا آھن. اھڙي وقت فاعل ٻي ڪائي ڳالھ نه ڄاڻندي صرف پنھنجي مراد ماڻڻ گھرندو آھي. پوءِ جيڪڏھن سندس راھ ۾ ڪائي رڪاوٽ ايندي آھي ته ھو وحشيانه روپ ۾ اچي سخت کان سخت قدم کڻڻ کان به نه ڪيٻائيندو آھي. عربن جي امير تي پڻ راڻي ”سريا ديوي“ جي حسن ۽ جمال جادو ڪري ڇڏيو. ھڪ غلام ٿيل ۽ ٻيو وري بيحدحسين من موھيندڙ نو عمر! شڪار چنبي ۾ اچي وڃي ۽ ان ويل اوچتو ڪائي رڪاوٽ پيدا ٿئي، ان ڳالھ خليفي جي جابرانه جذبي کي اڀاريو ۽ ھن محمد بن قاسم کي سخت سزا ڏيڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو: (عرب صدين کان وٺي بدويانه زندگي بسر ڪندا آيا آھن، تنھن ڪري اھا سندن اڳيان ڪا وڏي ڳالھ ڪانه ھئي جو ھڪڙي، جيڪڏھن ڪنھن عورت کي خلوت ۾ آندو ته ٻيو، ساڳيو عمل ورجائڻ گناھ ڄاڻي. ھنن ۾ ته اھو عمل ويجھن رشتيدارن ۾ به ورجايو ويندو ھو. پر ھتي خيلفي صاحب جي ڏمر جو صرف ھڪ ئي سبب نظر اچي ٿو جنھن ڪري ايتريون فتحون ڪرڻ واري کي ان نموني واپس ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. اھو ھو محمد بن قاسم پاران ھن جي اجازت کان سواءِ مال غنيمت استعمال ڪرڻ! عربن جي فتحن ۾ اھو رواج پئي رھيو آھي ته فتح ٿيل مال خليفي صاحب جي حوالي ڪيو ويندو. پوءِ کيس جيئن سمجھ ۾ ايندو ھو تيئن ڪندو ھو ۽ مال جي ورھاست پڻ ٿيندي ھئي جيئن ڏاھر جي ڀاڻيجي لاءِ حڪم ٿيو ته عباس کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻي. پر ھنن ڇوڪرين لاءِ محمد بن قاسم ائين نه ڪيو ھو، سندن (ڇوڪرين جي) سونھن کيس ايترو ته چريو ڪري وڌو ھو جو ان کان پنھنجو فرض به وسري ويو ۽ ھن کين پھريان پاڻ استعمال ڪيو. اھو ئي ھيو خليفي جي ڪاوڙ جو سبب! ”آزاد“ ) ”محمد بن قاسم جتي به پھتو ھجي ته کيس گھرجي ته پاڻ کي ڪچيءَ کَل ۾ بند ڪري دارالخلافت ڏانھن واپس ٿئي.“
    مٿيون حڪم محمد بن قاسم کي اوڌپور ۾ پھتو ۽ ان وقت ھن خليفي جي حڪم جي تعميل ۾ پاڻ کي کَل ۾ بند ڪري قاصدن جي حوالي ڪري ڇڏيو. واٽ تي سفر دوران ئي سندس انت اچي ويو، پر ان سبيل کَل کي قاصدن آڻي درٻار ۾ حاضر ڪيو.

    خليفي کي ذليل و خوار ۽ پشيمان ڪرڻ:

    جڏھن اھا سبيل کَل درٻار ۾ آندي ويئي ۽ امير، امرائن جي موجودگيءَ ۾ کَل کي کولرايو ويو، خليفي جي ھٿ ۾ ان ويل مورڙئي جي سائي ٽاري ھئي، جا محمد بن قاسم جي ڏندن تي ھڻندي پنھنجو غرور ڏيکارڻ لاءِ راجا جي ڌيئرن کي (ھتي معلو ٿئي ٿو ته خليفي ٻنھي ڀينرن کي گھرايو آھي. پھريان ته وڏي ”سونھن ديوي“ کي گھرايو ويو ھو ۽ ان تي ئي نظر ڪرم پئي فرمايائين، ان ڪري چئبو ته کيس بيوقوف بڻائڻ لاءِ پھرين حرفت وڏيءَ نينگريءَ جي آھي. ۽ پوءِ جيڪي واقعا سرزد ٿين ٿا تن مان معلوم ٿو ٿئي ته اھي ننڍيءَ جا ڪارناما آھن. ”آزاد“) مخاطب ٿي چيائين: ”اي راجا جون ڌيئرو! اسان جو حڪم پنھنجي ڪامورن تي اجھو ھن طرح جاري آھي انھيءَ لاءِ ته سڀئي منتظر ۽ تابعدار رھندا اچن. جيئن ئي قنوج ۾ اسان جو ھيءُ حڪم کيس پھتو ته پنھنجي پياري جان اسان جي حڪم تي فدا ڪيائين.“ (چچ نامو ص 365)
    خليفي جي ان ذڪر ڪرڻ بعد، ھنن خليفي کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ کيس چيو: ”داناءَ بادشاھ تي لازم آھي ته جيڪي به دوست يا دشمن کان ٻڌي سو عقل جي ڪسوٽيءَ تي ۽ دل جي صلاحڪار سان پرکي ۽ ڀيٽي ڏسي، جڏھن صحيح ۽ بيشبہ ثابت ٿئي، تڏھن عدالت جي رستي تي حڪم فرمائي ته جيئن خدائي غضب ۾ گرفتار ۽ انساني طعنن جو شڪار نه ٿئي. توھان جو حڪم برابر ھلي ٿو، پر دل مبارڪ حڪمت ۽ سمجھ کان خالي آھي.“ (چچ نامو ص 366) ھنن پنھنجي چڙ ڏياريندڙ ڳالھ کي اتي پورو نه ڪيو پر کيس دل جلائيندڙ، اندر واري ڳالھ کان پڻ آگاھ ڪندي چيائون: ”جنھن صورت ۾ ھند ۽ سنڌ جي بادشاھ کي برباد ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن جي بادشاھي ويران ۽ ضايع ڪيائين، ۽ اسان بندن کي بادشاھيءَ تان (ڪيرائي) غلاميءَ جي درجي تي پھچايائين، تنھنڪري انتقام خاطر کيس مناسب بدلي ڏيڻ لاءِ ۽ سندس برباديءَ ۽ دفع ڪرڻ واسطي، خليفي جي خدمت ۾ ڪوڙ ۽ ملاوت ذريعي اسان کي ھھڙو انتقام حاصل ٿيو، ۽ خليفي قطعي حڪم جاري ڪيو. جيڪڏھن خليفي جو عقل شھوت جي پردي ۾ ڍڪجي نه وڃي ھا، ۽ (پھريائين) جاچ ڪرڻ واجب سمجھي ھا، ته ھن پشيماني ۽ ملامت سان نه ڀرجي ھا.“ (چچ نامو ص 366 کان 367)
    ھن ڇوڪرين جي ايتري ھوش ۽ وير وٺڻ واري حوصلي جي ڪري، خليفو صاحب ايڏيون وڏيون فتحون ڪندڙ ۽ مال ملڪيت، ٻانھا ۽ ٻانھيون ميڙي ڏيندڙ سالار وڃائي ويٺو. ان عمل سندس حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. چچ نامي ۾ اچي ٿو ته ان وقت ھو بي ساخته ٿي ويو جو ھٿ جي پُٺيءَ کي ڇِتن وانگر چڪ ھڻڻ لڳو. (چچ نامو ص 167)

    جرئت ۽ حوصلو:
    عربن جي ظلمت جا قصا ته اڳ ئي مشھور ھئا، تنھن کان سواءِ ڇوڪرين واري ڳالھ خليفي کي ڪھڙي حد تائين پھچايو ھوندو تنھن جو اندازو ”ھَٿن کي چَڪن ھڻڻ“ مان لڳائي سگھجي ٿو. ويتر ھي غلام ٿيل عورتون جن کي ھو رپئي، ٻن تي وڪڻندا ۽ خريد ڪندا ھئا تن جو اھڙي ريت کين خراب ڪرڻ ڪيڏو نه چيڙائيندڙ ھيو ۽ اُن جا ڪيڏا نه اُگرا نتيجا نڪري ٿي سگھيا، پر انھن سڀني ڳالھين ھنن سنڌي سورمين جي جرئت ۽ حوصلي ۾ تِرَ برابر به ڦير نه آندو. ھنن ساڳي ئي دليري ۽ حوصلي منجھان وري خليفي جي اندر ۾ ٻرندڙ باھ تي پيٽرول ھاريندي چيو: ”بادشاھ وڏي غلطي ڪئي آھي، جو ٻن ٻانھين خاطر اھڙي ماڻھوءَ کي (برباد ڪيائين) جنھن اسان جھڙيون لکين پرده نشين قيد ڪيون، ھند ۽ سنڌ جي ستر بادشاھن کي تخت تان جنازي جي تختي تي ليٽايو، بتخانن جي بجاءِ مسجدون ۽ منبر اَڏايا ۽ منارا ٺھرايا.“ (چچ نامو ص 167)

    واقعي جي حقيقت:
    اسان جي عزت مآب مورخن مذھبي فرض ادا ڪندي ڪوشش ڪئي آھي، ته اصل ڳالھين کي پاسي تي رکي، روايتن کي عربن جي فائدي ۾ بيان ڪيو وڃي. ان ڪري ھن واقعي کي به غلط ٺھرايو ويو آھي ۽ ڄاڻايو ويو آھي ته محمد بن قاسم سليمان طرفان قيد ٿي ويو ھو جتي جيل ۾ مشڪلاتون کائي مري ويو ۽ ان مٿئين واقعي سان سندس واسطو ڪونه ھو. پر ڏاھر جي ڌيءُ جا ھيٺيان لفظ: ”جيڪڏھن ھن کان ڪا ٿوري بي ادبي يا ڪا اڻ وڻندڙ حرڪت ٿي به ھئي، ته به ھڪ مطلبي ماڻھوءَ جي چوڻ تي محمد بن قاسم کي برباد ڪرڻ نه گھربو ھو.“ (چچ نامو ص 367) ٻڌائين ٿا ته اھو ڪم محمد بن قاسم کان ئي ٿيو آھي. ”ڪن تاريخن محمد بن قاسم جي گرفتاري ۽ موت واري واقعي جو سبب حڪومت جي تبديلي بيان ڪيو آھي.“



    موت :
    ڏاھر جي وڏي نياڻيءَ جو حرفت سان محمد بن قاسم کي مارائڻ، مٿان ننڍي نينگريءَ جي احوالن خليفي جي ڦَٽن تي لوڻ ٻرڪيو تنھن خار ۽ ڪاوڙ وچان حڪم ڪيو ته ٻنھي کي جيئري ڀِت ۾ لِنبايو وڃي. (چچ نامو ص 367) معصوميءَ واري لکيو آھي ته ڏاھر جي ٻنھي ڌيئن کي گھوڙن جي پُڇن سان ٻڌي، شھر جي چوڌاري ڦيرائي وڃي دجله نديءَ ۾ اڇلايو ويو. ص 37.

    اھڙي ريت ھنن سنڌ جي نياڻين، نماڻين جو بيدرديءَ سان انت آندو ويو.

    تاريخ ۾ حصو:

    غلامن جو جيڪو حشر ٿيندو آھي سا ڳالھ ڪنھن کان به ڳجھي ڪانھي. ھي نينگريون پڻ غلام ٿيل ھيون، جيڪڏھن ڪنھن جي به بستري جو سينگار ٿي وڃن ھا، تڏھن به رت چوسجڻ بعد ھڪاليون وڃن ھا! ۽ ذلت جي زندگي بسر ڪرڻي پوين ھا. پر سندن ان ڪارنامي کين تاريخ ساز بڻائي ڇڏيو ۽ پنھنجي اندر جي آڳ اجھائڻ ۽ بدلي وٺڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويون، جنھن کي صدين کان پوءِ به ڪوئي وساري نه سگھندو، سندن جرئت ۽ حوصلي کان متاثر ٿي سنڌ جي شاعر شيخ مبارڪ ”اياز“ ھنن نينگرين جي شان ۾ ھن ريت ”نظم“ رستي پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪيو آھي:

    راجا ڏاھر

    تنھنجون نياڻيون
    سھڻيون سياڻيون

    ڪنھن ھئن آنديون!
    مانديون! بانديون!

    چيلھ ۾ رسَا
    ڇڪبا چوٽا
    اڳتان گھوڙا

    پٺ تان پاريون
    راڄ ڪماريون
    ننگيون ساريون!

    ھا پر آھي
    پوءِ به انھن جي

    منھن تي نفرت
    عظمت، جرئت

    آھن منھنجون
    ڄڻ ڪوتائون.

    (اياز شيخ، ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ حيدرآباد. اداره آواز ادب 1963 ص 79)


    باب ٽيون : سومرا دؤر

    • سومرا دؤر

    سنڌ جي آزاد حڪمران مھاراجا ڏاھر کي 711ع ۾ شڪست آئي ۽ سنڌ مٿان عربن جو غلبو ٿي ويو، جو بنو اميه خليفن ۽ محمود غزنوي کان ٿيندي 340 ورھين گذرڻ بعد 1051ع ۾ سنڌ جي اصل رھاڪو سومري خاندان جي ھٿ ۾ آيو.
    ھن قبيلي محمود غزنوي، قطب الدين ايبڪ ۽ التمش جي ھٿ ھيٺ رھندي آخر پنھنجي الڳ حڪومت قائم ڪري ورتي. پوئين دور ۾ ھو پوري ريت خودمختيار ھئا. ايتري قدر جو اھڙيون روايتون به ملن ٿيون ته جڏھن چنيسر دودي جي ست ستاءَ ڪرڻ کان پوءِ به واپس نه وريو ۽ دودي کي اھا پڪ ٿي ويئي ته ھو دھليءَ جي حاڪم کي سنڌ تي چاڙھي ايندو، تڏھن ھن مکيه اميرن سان ان ڳالھ تي صلاح ڪيائين ته: ”چنيسر جو حملو ڪرائي ان کان پھريائين اسين ڇونه دھليءَ تي ڪاھي ھلون.“
    جڏھن به ڪوئي ملڪ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڌارئي تسلط ھيٺ اچي ويندو آھي، تڏھن سواءِ ملڪي استحڪام جي ٻيو ڪوبه مسئلو ڪائي اھميت نه رکندو آھي. اھڙي حالت ۾ لطيف سائينءَ جي چواڻي: ”وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد.“ غلاميءَ واري عالم ۾ ھر قسم جي ميٺ محبت ختم ٿي ويندي آھي.“
    پر جڏھن به ملڪ ٻاھرين خوف ۽ خطري کان آجو ھوندو آھي تڏھن عوام سُک جو ساھ کڻي اندروني تعمير ڪرڻ لڳندو آھي ۽ آزادانه ماحول ھئڻ ڪري رس رھاڻيون ۽ قرب ڪھاڻيون ٿيڻ لڳنديون آھن ۽ محبت واري ماحول ۾ ھر ڪا دل محبوب جي قدمن تي سر جھڪائڻ لاءِ ڪوشان ھوندي آھي. پر ان جي بر عڪس جڏھن به ملڪ غلاميءَ ھيٺ اچي ويندا آھن تڏھن عوام جو آرام ۽ سُک چين ختم ٿي ويندو آھي. اھڙي ماحول ۾ پيار جون پرستار اکڙيون اُلا بڻجي ديس جي دشمن جي ھر شيءِ تباھ ڪرڻ واري راھ اختيار ڪنديون آھن ۽ اھي ئي ھٿ، جي محبوب جي زلفن سنوارڻ لاءِ ھر وقت ڪوشان رھندا آھن، سي مضبوطيءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان اسٽين گن جي مُٺئي کي پڪڙيندا آھن.
    سومرا دور سنڌ جو نھايت عاليشان دور ھو. ھن دور ۾ سنڌ سکيو ستابو ملڪ ھو جنھن جو واپار سمنڊ رستي ھرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارو منڊل ۽ چين سان ھلندڙ ھو. ٻين ملڪن جي دولت سنڌ جي بندر لاھري ڏانھن ڇڪجي ايندي ھئي. (جنت السنڌ ص 331)
    ٻاھر ويندڙ سامان ۾ ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون، سچا موتي، تراريون، گھوڙن جون زينون، خوشبودار مصالحا ۽ گھوڙا شامل ھئا.
    غلاميءَ واري طوق کان آزاد ھئڻ ڪري قوم ۾ عشق ۽ محبت جو سَلو انگورجڻ لڳو ھو جنھن ڪري سنڌ جي عشقيه داستانن جو وڏو تعداد ھن دور جي پيداوار آھي. جھڙوڪ: مومل ۽ مينڌرو، ليلا ۽ چنيسر، عمر ۽ گنگا، عمر ۽ مارئي وغيره. ھي سونھري دور ساڍا ٽي سؤ سال ھليو. (پراڻو پارڪر ص 83- سائين جي ايم سيد ھن ريت ڄاڻايو آھي: ”ھيءَ حڪومت اٽڪل ٽي سؤ ورھيه کن ھلي.“ (سنڌ جا سورما ص 16)

    ھن دور ۾ ھيٺين عورتن جو وطن جي ڀلي ڪارڻ نمايان ڪردار نظر اچي ٿو.

    1. تارا ٻائي (دودي پھرين جي ڌيءُ)
    2. ھمون ٻائي (سنگھار جي زال)
    3. ٻاگھل ٻائي (دودي ٽئين جي ڀيڻ)
    4. ساران (محمد سومري جي زال)
    5. ڪويل (ننگر سومري جي مَڱ)
    6. مالھا (ھاسي سوڍي جي زال)


    • تارا ٻائي

    سنڌ ملڪ مختلف وقتن تي، آزاديءَ ۽ غلاميءَ جا ڏينھن پئي ڏٺا آھن. جڏھن به ھيءُ ملڪ غلام ٿيو آھي، تڏھن ھتان جي عوام ھڪ ڏينھن به خاموشيءَ سان نه گذاريو آھي. ھر گھڙي ھر پلڪ آزاديءَ جي تلاش ۾ رھيا آھن، جنھن به وقت کين وجھ مليو آھي، تڏھن آزاديءَ جي مومل ماڻي پوءِ سُک جو ساھ کنيو اٿائون.
    برھمڻ گھراڻي جي تباھيءَ کان پوءِ سنڌ جدا جدا گھراڻن جي غلاميءَ ھيٺ رھندي آئي، جا آخرڪار غزنوي گھراڻي جي ھٿن تائين پھتي. ھن گھراڻي جي ھاڪاري حاڪم سلطان محمود غزنوي 31 سال حڪومت ڪرڻ بعد 60 سالن جي عمر ۾ 23 ربيع الاول 421ھ تي وفات ڪئي. (منتخب التواريخ ص 41) تنھن بعد شھنشاھيت جي تباھيءَ جا آثار شروع ٿيڻ لڳا. آخر حڪومت ۽ بادشاھيءَ تي عبد الرشيد بن سلطان مسعود بن سلطان محمود جو وارو آيو، ”تڏھن ھو عيش ۽ خوشيءَ جون مجلسون قائم ڪري، خوشي ۽ عياشيءَ جي رسمن ۾ مشغول ٿي، حڪومت جي ڪاروبار کان غافل رھيو، اھڙي وقت ڏوراھين سرحدن جا ماڻھو سرڪشي شروع ڪري فرمانبرداري کان نڪري ويا.“
    ان دور ۾ سنڌ مان سومرن (جنت السنڌ جي صاحب سمينه قومن جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن مان اھو اندازو ٿئي ٿو ته اھو حاڪم صرف سومرن پاران مقرر ڪيل نه ھو پر ان کي حاڪم مقرر ڪرڻ ۾ ٻين ذاتين جو پڻ ھٿ ھو جن کي گڏي شايد سمينه قوم چيو ويندو ھجي.) ٿريءَ جي آس پاس سومري نالي ھڪ شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي وھاريو. (ڊاڪٽر بلوچ صاحب اھو نالو ابن سومار ڄاڻايو آھي. سندس خيال موجب ”سومار راءِ“ سومرن جي حڪومت جو باني ھو، جنھن جو پٽ، ابن سومار سنه 423ھ موجب 1032ع ۾ سلطان مسعود غزنوي جي عھد حڪومت ۾ زنده ھو.) جنھن پنھنجي خداداد صلاحيتن سان ملڪ جي پسگردائيءَ جي فسادن کي صاف ڪيو ۽ ھن صاد نالي ھڪ زميندار سان صلح جون ڳالھيون ڪري سندس نياڻي نڪاح ۾ آندي، جنھن مان کيس ڀونگر نالي پُٽ ٿيو. پيءُ جي وفات بعد ڀونگر حڪومت تي ويٺو. جنھن پندرھن ورھين بعد 1068ع ۾ وفات ڪئي. تنھن بعد سندس وڏو پٽ دودو (پھريون) تخت تي ويٺو. ھي پنھنجي وقت جو بھادر ۽ ھوشيار حاڪم ھو. ھن پنھنجي حڪومت جي حدن کي لاڙ کان وٺي نصرپور تائين وڌايو. (جنت السنڌ ص 318) سندس بھادريءَ جا ڪارناما سنڌ جي آکاڻين ۾ بيان ڪيل آھن. ھن مضمون جو مرڪزي ڪردار سورمي تارا ٻائي ان بھادر شخص جي ڌيءُ ھئي.

    حڪومت ملڻ:
    دودو بن ڀونگر 24 سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ سن 485ھ (1092ع) ۾ وفات ڪري ويو. دودي جي وفات وقت سندس پٽ سنگھار اڃان صغير ھو. پر رواج مطابق سومرن پوءِ به پڳ کيس ٻَڌائي، پر حڪومت جو ڪاروبار سندس ڀيڻ تارا ٻائي ھلائڻ لڳي.
    ھندوستاني تاريخ جا ڪيترا مؤرخ رضيه سلطانه کي پھرين خاتون حڪمران ڪري لکندا آھن پر اھا ڳالھ درست نه آھي. رضيه سلطانه 624ھ (1236ع) ۾ دھليءَ جي تخت تي ويٺي. (جنت السنڌ ص 319) پر تارا ٻائي ان کان ڪافي اڳ ٿي گذري آھي. ھيءَ نھايت ھوشيار ۽ بھادر عورت ھئي. ھن سياست جي ميدان ۾ وڏي جرئت ۽ مردانگي سان ڪم ڪيو. سومرا ساڻس وفادار ۽ سندس فرمانبردار ھئا. ان ڪري دودي جي موت بعد جا ملڪ ۾ شورش پيدا ٿي پيئي، تنھن کي ھوءَ آسانيءَ سان ختم ڪري سگھي. ان وقت تائين دٻدٻي سان راڄ ڪيائين، جيستائين سنگھار وڏو ٿيو.
    الوحيد ”سنڌ آزاد“ نمبر ۾ سومرن جي باري ۾ سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل ھڪ رسالي جو ذڪر ڪيل آھي، جنھن جو نالو ڄاڻايل ڪونھي. ان رسالي واري صاحب سومرن جي حاڪمن جي لسٽ تيار ڪئي آھي. تنھن مطابق:
    دودو (اول) 466ھ
    تاري ڌيءُ دودو 481ھ
    سنڪار (سنگھار) 491ھ (الوحيد سنڌ ”آزاد“ نمبر ص 87

    دودي جي موت (466ھ) کان وٺي سنگھار جي وھڻ تائين (491ھ) جملي 25 سال ٿين ٿا.
    پر ان جي ابتڙ ٻين سمورين تاريخن ۾ تاريءَ جو ته نالو ئي ڪينھي پر دودي ۽ سنگھار بابت پڻ مختلف سن لکيل آھن. جيئن:
    دودو بن ڀونگر 461ھ
    سنجر ”سنگھار“ 485ھ
    بعد ۾ ٿيل تحقيق کي جيڪڏھين نظر ۾ رکجي ته ان مطابق دودي ۽ سنگھار جي وچ ۾ 24 سال ٿين ٿا. پر رسالي ۾ آيل شجري مطابق دودي ۽ سنگھار وچ ۾ 25 سال ٿين ٿا ۽ انھن مان 15 سال دودي حڪومت ڪئي باقي ڏھ سال تاريءَ راڄ ھلايو، تنھن بعد سنجر (سنگھار) 491ھ ۾ گاديءَ تي ويٺو.
    سمجھ ۾ ائين پيو اچي ته ٻين مؤرخن تاريءَ جو سن وار ذڪر نه ڪيو آھي، پر سنجر (سنگھار) جي راڄ جو سن، سال به تڏھن کان شمار ڪيو آھي، جڏھن کان ھو وڏو ٿي حڪومت تي ويٺو، نه ته ان وقت کان جڏھن کان ڀيڻ ”تاري“ سندس پاران راڄ جون واڳون ھٿ ڪيون. ان مان به اھا ڳالھ ظاھر آھي ته دودي موت (466ھ) کان پوءِ سنجر (سنگھار) جي گاديءَ تي وھڻ تائين جيڪو عرصو ٿئي ٿو تنھن ۾ تاريءَ جو راڄ ھو، پوءِ پراڻي شجري مطابق 10 سال ھجي يا نئين لکت مطابق 9 سال ٿئي.


    • ھمون ٻائي

    تاريخ ريگستان جي ليکڪ، ڪافي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ منتخب التواريخ واري سومرن جي شجري کي درست قرار ڏنو آھي. ان موجب دودي جي پٽ جو نالو سنجر لکيو ويو آھي، جيڪو سنگھار ئي آھي. سنگھار جي پيءُ دودي 466ھ ۾ وفات ڪئي.
    پيءُ جي وفات وقت سنگھار صغير ھو، جنھن ڪري ان وقت تائين سندس ڀيڻ تاريءَ حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ھيٺ رکيون، جيستائين سنگھار حڪومت ھلائڻ جھڙو ٿيو. سنگھار وڏي جرئت ۽ بھادريءَ سان راڄ ڪرڻ بعد 1106ع ۾ بنا اولاد مري ويو.
    سنگھار جي بي اولاد مري وڃڻ ڪري، حڪومت جون واڳون سندس گھر واري ھمون ٻائيءَ کي پنھنجي ھٿ ۾ کڻڻيون پيون. ھي نھايت ذھين، ھوشيار ۽ بھادر عورت ھئي. ھن حڪومت جون واڳون ملڻ سان درڪ جي قلعي کي پنھنجو تخت گاھ بڻايو ۽ انتظامي سھوليتن خاطر پنھنجي ڀائرن مان ھڪڙي کي محمد طور تي حاڪم مقرر ڪيو ۽ ٻئي کي ٿري شھر ۾ رکيائين ۽ پاڻ ٻنھي جي نظرداري ڪرڻ لڳي. ھن جي حڪومت ڏکڻ ۽ اتر سنڌ تي قائم ھئي. ھن اعليٰ صلاحيتن سان ملڪ ۾ چؤطرف امن امان وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ دادو (فتح خان) نالي ھڪڙو سومرو سردار؛ جو دودي پھرين جي اولاد مان ھو، جيڪو ان وقت وڳھ ڪوٽ جو حاڪم ھو تنھن پنھنجا مِٽ مائٽ گڏ ڪري، ھمون ٻائيءَ خلاف اعلان بغاوت ڪيو، جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھوءَ پنھنجي ڀائرن سان گڏ ميدانِ جنگ ۾ نڪري آئي. مولائي شيدائي جي لکت موجب ھمون ٻائي سومري سردار سان ميدان ۾ مقابلو ڪندي، پنھنجي ٻن ڀائرن سميت شھيد ٿي ويئي.
    الوحيد جي سنڌ آزاد نمبر ۾ سومرن جي سلسلي لاءِ جنھن پراڻي رسالي جو ذڪر ڪيو ويو آھي، تنھن ۾ سنڪار (سنگھار) جو گاديءَ تي وھڻ 491ھ ڏيکاريل آھي ۽ ان بعد ھمونءَ جو ذڪر آھي ئي ڪونه! بلڪ پوءِ وري فتح خان 504ھ ڏيکاريو ويو آھي. دراصل اھڙي قسم جو شجرو ٺاھيندڙن، ھمونءَ جي دورِ حڪومت جو ذڪر ان ڪري نه ڪيو آھي، جو ھوءَ سومري نه ھئي. حالانڪ تاريخي احوالن منجھان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنگھار ۽ فتح خان جي وچ واري عرصي ۾ ڪجھ سال ھمونءَ جي حڪومت قائم ھئي.
    ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر مقامي ماڻھن جي پنھنجو پاڻ ۾ لڙائي ڇو لڳي؟ ان جو سبب پڻ ڌارين منجھان شادي ڪرڻ ئي ٿي سگھي ٿو. ھمون سومري نه ھئي. ان ڪري سومرن کيس نٿي سَٺو ۽ سندس خلاف اعلانِ جنگ ڪيائون. اھو ان ڪري جو ھمون پنھنجي ڀائرن کي مختلف عھدن تي مقرر ڪري، پنھنجي قبيلي کي قوت ۾ آڻڻ پئي گھريو، ان وقت جي قبائلي روايتن موجب سومرن کي اھا ڳالھ خراب لڳي. ان ڪري ھنن بنا سوچ ويچار ڪرڻ ۽ ھمونءَ جي صلاحيتن کي ڏسڻ جي، سندس خلاف اعلان بغاوت ڪري ملڪ جون واڳون پنھنجي ھٿ ڪري ورتيون، اھڙي ريت سنڌ ملڪ تي سومرن جو پراڻو راڄ برقرار رھيو.


    • ٻاگھل ٻائي

    حسب نسب:
    سنڌ جي ھيءَ عظيم عورت، سنڌ جي قديم قبيلي سومرن مان ھئي. جنھن قبيلي جي فردن ھر دور ۾ ديس جي ننگ ۽ ناموس تان قربان ٿي، پئي پاڻ ملھايو آھي.
    ھيءَ سورمي سومرن جي نامياري حاڪم ڀونگر راءِ جي ڌيءُ (ڏاڏي پوٽيءَ مان) ۽ دودي جي سڳي ڀيڻ ھئي.
    ڀونگر راءِ کي ٻه گھر ھئا. پھرين گھر واري سومري ھئي. بعد ۾ گجر قبيلي مان روپا نالي ڇوڪريءَ سان 640ھ ۾ عشق مان شادي ڪيائين. (ڪن روايتن ۾ روپا جي ذات لُھر بيان ڪئي ويئي آھي، پر حقيقت ھن طرح آھي ته روپا جا مائٽ اصل ۾ گجر ھئا پر جيئن ته لوھڻ جي ڀرسان اھي سٺيون تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان ٺاھيندا ھئا، ان ڪري لوھر سڏجڻ لڳا. (آزاد)
    ڀونگر کي انھن ٻنھي گھرن مان ھن ريت اولاد ٿيو. سومريءَ مان پھريائين ”ٻاگھي“ پوءِ گجر مان ”چنيسر“ پوءِ وري سومريءَ مان ”دودو“ پيدا ٿيو. ڪن روايتن موجب پھريائين چنيسر، پوءِ ٻاگھي ۽ آخر ۾ دودو پيدا ٿيو. (منشي اڌارام جي ڳالھ.) ڪيئن به ھجي پھريائين ٻاگھي پيدا ٿي ھجي يا چنيسر، پر سمورين روايتن منجھان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته ٻاگھي دودي جي سڳي ڀيڻ ھئي.

    اعليٰ صفتون:
    ھن عظيم عورت جي پرورش ن سنڌي عورت جو اعليٰ ڪردار ان وقت عوام اڳيان اچي ٿو، جڏھن 678ھ ۾، ڀونگر راءِ ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ۽ راڄ ڀاڳ ۾ حاڪم مقرر ڪري پَڳ ٻڌائڻ جو مسئلو اُٿي ٿو.
    سومرن جي سرداريءَ ھيٺ ڪيئي بھادر ۽ جنگجو قبيلا ھئا. جھڙوڪ: جاڙيجا، سما، سوڍا، ڀٽي، گجر، راڄڙ، ھولياڻي، خفيف وغيره. ڀونگر راءِ جي فوت ٿيڻ بعد قبيلن جا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ته پَڳ ڪنھن کي ٻڌائجي چنيسر کي يا دودي کي؟
    منڍ ۾ اھو معاملو دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ ڪونه ھو مگر (صرف) راڄن جي وچ ۾ ھو. (منشي اڌارام جي ڳالھ.) جيئن ته دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ھئو ۽ چنيسر لوھارڻ (گجر) ڌاريءَ مان، انڪري راڄ فيصلو ڪيو ته پَڳ دودو ٻڌي. پوءِ يڪراءِ فيصلو ڪري سڀني گڏجي يا منجھائن ستر چونڊ چَڱن ھلي اچي دودي کي چيو ته: ”تون پَڳ ٻڌ“ پر دودو داناءُ ھو تنھن انھن چڱن جي سَٿ ۾ ويھي چيو ته: ”پَڳ چنيسر ٻڌي جو جو وڏ ڀاءُ آھي.“ (سومرن جو دور ص 22. ڪن روايتن مطابق راڄ پھريائين چنيسر کي پَڳ ٿي ٻڌائي پر ھو راڄ کي وھاري ماءُ سان صلاح ڪرڻ ويو ته پوئتان راڄ فيصلو بدلائي ڇڏيو. چي ”جيڪو پَڳ ٻڌڻ لاءِ به ماءُ کان پڇڻ ويو آھي سو اڳتي ڇا ڪندو!“ (آزاد) دودي ته گھڻو ئي چاھيو ٿي ته جيئن ملڪ اندر انتشار نه پکڙجي تنھنڪري کي ھن راڄ کي صلاح ڏني ته ”چنيسر وڏو آھي ان کي پَڳ ٻڌائي وڃي.“ پر عام راءِ کي وڏي اھميت ھوندي ھئي. تنھن ڪري دودي جي ڪنھن به نه ٻڌي. آخر راڄن پنھنجي ڳالھ پوري ڪرڻ لاءِ، دودي کي نشو ڏيئي پوءِ پَڳ سندس مٿي تي رکي. (سومرن جو دؤر ص 30. ٿي سگھي ٿو دودي جي چوڻ تي چنيسر کي پَڳ لاءِ چيو ويو ھجي پر سندس اھو جواب ڏيڻ تي ته (امان کان پڇي اچان) پوءِ راڄ فيصلو تبديل ڪيو ھجي ۽ دودي کي شراب پياري پَڳ سندس مٿي تي رکي ويئي ھجي. ڊاڪٽر بلوچ ھن طرح ڄاڻايو آھي: ”جيئن ئي راڄ دودي تي زور رکيو، تڏھن چيائين ته ڀلا ترسو، تڪڙ نه ڪريو، جيستائين چنيسر اچي. چنيسر شڪار تي ويل ھو. دودي ماڻھو موڪلي کيس سڏايو، چنيسر جيئن ئي ٻاھران آيو ته دودي کيس پڳ ٻڌڻ لاءِ چيو ۽ سڀني راڄن کي به سمجھايائين، جن به سندس چوڻ نه موٽايو. چنيسر اچي ويٺو ۽ کيس پھريون وَر دودي ڏنو.“ تڏھن چنيسر ماءُ کان پڇڻ واري ڳالھ ڪئي ۽ اتان قصو ڊھي پيو.
    ڪن روايتن ۾ ته ائين به آھي ته ٻاگھي ڀائرن کان وڏي ھئي تنھن ڪري پھريائين پَڳ ان کي پئي ملي پوءِ ھن اھا وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياري. پر ھو جو ماءُ کان پڇڻ ويو ته راڄ فيصلو ڦيرائي ڇڏيو. (آزاد)
    اتي ھن عظيم عورت جو صلح پسندانه ۽ ذھانت وارو گڻ ظاھر ٿئي ٿو. ھن نٿي چاھيو ته پَڳ جو معاملو ايتري قدر وڌي وڃي جو ڀائر پاڻ ۾ وڙھي پون ۽ راڄ حصن ۾ ورھائجي وڃي، ڇوته اھڙي ريت قومي شيرازي ڪمزور ٿيڻ جو انديشو نظر پئي آيو. ھن کي جڏھن اھا خبر پيئي ته دودي کي نشو ڏيئي پَڳ ٻڌائي ويئي آھي ۽ چنيسر ڪاوڙيو پيو وڃي، تڏھن ٻاگھيءَ اچي دودي کي اٿاريو ۽ چنيسر کي واپس ورائڻ لاءِ چيائين:
    ٻاگھي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءُ،
    پٿراڻي پير ڪري، سُتين ڪھڙي ساءِ،
    ڀاءُ وڃئي ٿو ڀَر منجھان، پوئي سڀاءُ ڪونه سماءُ،
    سنڌ سُڃي ڪيو سومرو، وڃي سندو راڻين راءِ.

    دودي کي نشي مان جاڳائي، چنيسر کي ڌارئي در وڃڻ کان روڪائي، پوءِ ھن ٻنھي ڀائرن کي پاڻ ۾ پرچي صلح سانت سان گڏجي راڄ ھلائڻ جي تلقين ڪئي. دودي کي اھو احساس ڏياريائين ته چنيسر وڏو آھي تنھنڪري توکي ان جي تابع رھڻ گھرجي، ۽ چنيسر کي چيائين: ”ادا جي دودي کي ڀائن پَڳ ٻڌائي آھي ته ھيءُ سڄو ملڪ تنھنجو آھي، ان کي ھٿ سان ٽُڪر ڏي ۽ ھٿ سان اُٿار ويھار، ڀائر آھيو پاڻ ۾ تنازع نه وجھو ۽ وڙھو نه. (دودو چنيسر ص 416) دودي کي جا ڀيڻ ھدايت ڪئي، تنھن تي دودي به ڀاءُ کي چيو: ”ڀائر آھيون پاڻ ۾ مونکي ڀائرن (راڄ وارن) پَڳ ٻڌائي آھي، مون زور سان ڪانه ٻَڌي آھي. ملڪ سڄو تنھنجي حوالي آھي. مان به تنھنجي حڪم ھيٺ ھلندس، مگر ڪاوڙجي نه وڃ.“
    تنھن تي چنيسر چيس: ”ڏئين ته پڳ موٽائي ڏي. جي پَڳ موٽائي نه ڏيندين ته وڙھنداسين.“

    آءٌ ويندس دھلي شھر ڏانھن، ايندس ڇليون ڇلائي،
    دودو ۽ دودياڻيءَ کي، مان ايندس رُڪ چٻائي،
    ننڍيون وڏيون سومريون، مان به ايندس رلائي.
    (دودو چنيسر ص 417)

    ائين چئي چنيسر دھليءَ روانو ٿيو. پوءِ به دودي کيس پرچائڻ لاءِ راڄن ڀاڳن ۽ نياڻين سياڻين جون ميڙيون پويان موڪليون پر ھو نه موٽڻو ھو، سو نه موٽيو.
    ھتي ھڪ ڳالھ بحث طلب آھي ته باوجود سومرن پاران ايترين منٿن ڪرڻ جي، پوءِ به چنيسر پنھنجي ھَٺَ تان نه لٿو ۽ اھوئي پئي چيائين ته: ”آءٌ سومريون رُلائي ايندس.“
    آخر ائين ڇو؟
    جيڪڏھن تاريخي طور تي ڏسبو ته ان ڳالھ جي پٺيان سوچيل سمجھيل منصوبي تحت، سومرن کان حڪومت کسرائي، ملڪ ڌارين جي چنبي ۾ ڏيڻ واريون ڪاروايون ڪارفرما نظر اينديون.
    چنيسر جي ماءُ گجر قبيلي مان ھئي. سندس پيءُ جو نالو ”لاڏڻو“ ھو، جو گجر قبيلي جو چڱو مڙس ھو. گجرن ۽ سومرن جي ورھين کان پاڻ ۾ اڻبڻت ھلندي پئي آئي. سنڌ جي تاريخ ۽ سومرن جي دور جي روايتن جي روشنيءَ ۾ چئي سگھجي ٿو ته اندازاً سومرن جي اوائلي دور جي ڏيڍ سؤ سالن (1250- 1100ع) واري عرصي ۾ سومرن جون گجرن ۽ واگھيلن سان لڙايون ٿيون ۽ انھن لڙاين ۾ سوڀ سومرن جي ٿي. (سومرن جو دؤر ص 252)
    تاريخ جي ورقن اندر سومري جي پري، پيڙھيءَ ۾ دودي نالي ٽي مڙس ملن ٿا جي ٽيئي ھڪ ٻئي جو مَٽُ ھئا ۽ ٻاگھيون به ملن ٿيون. ٻنھي ٻاگھين تان جنگ لڳي آھي ۽ سومرن غيرت جو ثبوت ڏيندي سر گھور ڪيا آھن.
    ھڪ جُوءِ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان،
    اھڙا ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.
    (سچل)
    روايتن جي روشنيءَ ۾ پھريون ڪارو دودو ٿيو، جنھن وڳھ ڪوٽ جي بادشاھي ورتي. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن ملڪن ۾ گھڻو آڳاٽو گُجرن جي حڪومت ھئي. وڳھ ڪوٽ اصل گُجرن جو ھو پوءِ اھو سومرن ھٿ ڪيو ۽ ان کي پنھنجي گاديءَ جو شھر ڪيائون. (سومرن جو دؤر ص 261) ٻيو دودو جيڪو نھري دودي سان مشھور آھي، اھو سومرن جي وچئين دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جي ئي دور ۾ سومرن گُجرن سان لڙايون لڙيون ۽ کين شڪستون ڏنيون. ٽيون دودو ان کان پوءِ ٿيو جيڪو چنيسر جو ڀاءُ ھيو ۽ دھليءَ جي فوج سان وڙھندي شھيد ٿيو.
    اھڃاڻن مان اھڙي تصديق ٿئي ٿي ته گجرن جون رياستون سنڌ جي سرحد سان لاڳيتو ھيون ۽ پڻ گجر سومرن سان سڱيڻا ھئا. (سومرن جو دؤر ص 257) روايتن ۾ آھي ته جئيسنگ گجر جوڳين کان پڇيو ته: ”اوھين ملڪ پيا گھمو، منھنجي جوڙ جيس ڪا عورت ڪٿي ڏٺَوَ؟“ جوڳين جواب ڏنو ته: ”ٻي ڪا عورت ته جوڳي اسان کي ڪانه سجھي، باقي وڳھ ڪوٽ ۾ شھزادي ٻاگھي (پھرين) تنھنجي لائق آھي.“ اھو ٻڌي گجر ميڙ ڪري وڳھ ڪوٽ ۾ حاڪم ڀونگر راءِ سومري وٽ ٻاگھيءَ جي سَنڱ لاءِ آيا، پر اچي پنھنجي طاقت ڏيکاريائون ۽ سنڱ لاءِ زور رکيائون، ڀونگر ڪجھ ڏينھن جي مھلت وٺي، دودي ڏانھن نياپو ڪيو جو ڪاوڙجڻ ڪري ڀر واري بادشاھي ۾ رھندو ھو. ان اچي گجرن سان جنگ جوٽي، ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڀونگر جنگ جوٽي ۽ گجرن کي شڪست ڏنائين. ڀونگر جي وقت ۾ گجر ھارائي ڀڳا پر ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ گجر وري وڳھ ڪوٽ تي ڪاھي آيا، تڏھن ٻاگھي (پھرين) دودي (وڏي) ڏانھن قاصد موڪليو. (سومرن جو دؤر ص 264) ۽ انھيءَ اچي جنگ لڙي.
    اھڙي ريت ان سلسلي ۾ مختلف روايتون آھن پر سڀني جو مرڪزي خيال وڏي ٻاگھيءَ تان گجرن ۽ سومرن جي جنگ تي مبني آھي. اھا اڻبڻت دودي ٽئين جي دور تائين ھلندي آئي.
    ساڳي ريت سومرن جي واگھيلن سان پڻ اڻبڻت ھئي. واگھيلا اوڀر ڪَڇ جا حڪمران ھئا. ”سنبت 1238 کان پوءِ واگھيلا ڪڇ ۾ حڪمران ٿيا. سومرن واري دؤر ۾ ڪڇ ۾ آباد سنڌ جي قبيلن ۽ ڪڇ جي واگھيلن جي وچ ۾ صلح ۽ سنڱابندي جا رشتا پڻ ھئا.“ (سومرن جو دؤر ص 251) سومرن جي اوائلي دور جي ڏيڍ سؤ سالن واري عرصي ۾ سومرن جو واگھيلن سان لڙايون لڳيون، جن ۾ سومرن سوڀون ڪيون.
    مٿي بيان ڪيل جھيڙن ۽ اختلافن جي ڪري ٻنھي قبيلن (گجر ۽ واگھيلن) جي سومرن سان دشمني ٿي پيئي ھئي. ڊگھي ويڙھ وڙھڻ کان پوءِ ھنن سڌي طرح سامھون ٿيڻ کان شايد لھرايو پئي، ان ڪري پلاند وٺڻ خاطر ھنن اھا چال ھلي جو ڀونگر (چنيسر جو پيءُ) بادشاھ سان مِٽي ڪري في الحال خاموش ٿي ويا. ڀونگر بادشاھ 640ھ ۾ روپا سان لائون لڌيون ۽ 678ھ ۾ وفات ڪيائين. ان حساب سان 38 سال ھو بلڪل خاموش رھي، اندروني انتشار وجھڻ لاءِ سومرن سان سنڱابنديون ڪري شرارتون سِٽيندا رھيا. ان منصوبي تحت چنيسر جي ماءُ پنھنجي نُنھن يعني چنيسر جي زال به گجرن مان ورتي. چنيسر جي زال مريم، محمد نالي گجر سردار جي، جو دودي جو دوست ھو، پڦي ھئي. (سومرن جو دؤر ص 259)
    اھڙي طرح ھو سومرن ۾ گھرو انتشار وجھڻ ڪارڻ راھون ھموار ڪندا رھيا ۽ پوءِ ڀونگر جي وفات ڪرڻ بعد اصل ڪاروائي شروع ڪري ڏنائون. انھن ڪارواين ۾ واگھيلا سندن مددگار ھئا. جيئن روايتن ۾ ملي ٿو ته چنيسر ڪرن واگھيلي جي وزير ماڌوراءِ سان گڏجي دھليءَ روانو ٿيو ۽ ان جي ئي معرفت بادشاھ جي درٻار تائين پھتو. (شاھي لشڪر 698ھ/ 1208ع ۾ گجرات فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ڏانھن رُخ رکيو، سنڌ تي لشڪر ٻن ھنڌن تان حملو ڪيو. ھڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگرپارڪر کان. ننگرپارڪر واري حملي ۾ ماڌوراءِ جو وڏو ھٿ ھو.) ڪافي وقت اڳ گجرن چنيسر کي سومرن کان بدظن ڪري وڌو ھو ۽ انھن جي چُرچ تي سپھ سالار سٻڙ تان سندس اعتماد ختم ٿي ويو ھو.
    پَڳ تان اڻبڻت ٿيڻ وقت، چنيسر جو ماءُ کان پڇڻ لاءِ وڃڻ اھو ظاھر ڪري ٿو ته گجرن ڪيتري قدر نه چنيسر کي چنبي ۾ ڪري ورتو ھو، ۽ چنيسر جي ماءُ ۽ زال ٻئي پنھنجي قبيلي (گجر) جي مفاد ڪارڻ ڪم ڪري رھيون ھيون. اھوئي سبب آھي جو پَڳ واري اختلاف کي دودي ۽ ٻاگھيءَ ختم ڪرڻ ٿي چاھيو، چنيسر به ان تي راضي ٿي ويو ھو پر عورتن کيس طعنا ڏيئي دھليءَ وڃڻ تي مجبور ڪيو. (ڪن روايتن ۾ ائين آھي ته ھن اختلاف ڪيو ئي ڪونه، جڏھن کيس اھو معلوم ٿيو ته پَڳ دودي کي ٻَڌائي اٿن تڏھن چيائين: ”شڪر ڪريان الله جو، آئي اسان جي گھر ڏانھن.“ دودو چنيسر ص 794. ذاتي طور تي ھو (چنيسر) تحمل وارو ماڻھو ھو جو پھريائين چيائين ته: ”جي دودي کي پَڳ ملي ته ڄڻ اسان جي گھر آئي.“ (سومرن جو دؤر ص 31.)
    چنيسر مُلڪ مٿان ڌاريو وٺي اچڻ ٻڏي مرڻ جي برابر سمجھيو ٿي. ھن نٿي چاھيو ته ڪنھن ڌارئي کي آڻي مُلڪ ڀيلائجي، ان ڪري جڏھن طعنن تپائي ڏنس ته لاچار ٿي چيائين:

    اڳي وڃان ته ٻڏي مران، ٿي پويان ساڙي باھ،
    اڳيان آھن دور درياءَ جا، ٿو پويان ٻري آڙاھ،
    ضايع ٿيان زمين ۾، مون کي ڌرتي ڏئي جاءِ.

    چنيسر جي ڪانه ھلي، جوڻس ۽ ماڻس گڏجي ايترا ته طعنا ڏنس جو، آخر مجبور ٿي دھليءَ روانو ٿيو ۽ ڀاءُ ڏانھن نياپو ڪيائين:
    منھنجا دودل ڀاءُ کي، ساري سلام ڏجانءِ،
    ته طعنن ماريس سومرا، ھاڻي عالادين آڻيان.
    مٿين ڳالھ جي تصديق ھيٺين روايت مان پڻ ٿئي ٿي.
    جڏھن چنيسر روانو ٿيو ٿي ته پٽس محمد پڇيس، تڏھن چيائين:
    ڏاڏھين جي مھڻن کان، وڌ ماريس تنھنجي ماءُ،
    چيم ماڻھين جي مھڻن کان وڃي، ڀالين ٽَنگايان ڀاءُ.
    گجر تلوارون سٺيون ٺاھيندا ھئا. وزير ماڌوراءِ جي معرفت چنيسر ھيٺيون ڪم ته ٺاھي ورتو، پر جيستائين شاھي فرمان نه پئي ٿيو، تيستائين ڪجھ به ٿي نٿي سگھيو. چنيسر به ھڪ طعنن جو تپايو، ٻيو وري ميڙن منٿن کي پڻ موٽائي ڇڏيو ھئائين سو چپ ڪري وھڻ يا موٽي وڃڻ وارو ڪونه ھو، تنھن پنھنجي ڳالھ اڳي ڪرڻ لاءِ عالادين کي ٻاگھيءَ جو سَنڱ باسي راضي ڪيو. (دودو چنيسر مستي نالي شاعر جي روايت ص 33)
    مڙني روايتن مان ائين معلوم ٿو ٿئي ته چنيسر جي چوڻ تي به عالادين راضي ڪونه پئي ٿيو، پر چنيسر ھڪڙي ٻي اٽڪل ڪئي، جنھن کي عالادين پنھنجي عزت جو مسئلو ڪري سمجھيو. چنيسر عالادين کي چيو ته: ”منھنجي پيءُ ٻاگھي توکي ڏيڻ لاءِ وصيت ڪئي ھئي پر دودو نٿو ڏئي.“ آخر گجر (چنيسر) سومرن کان انتقام وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. (مختلف روايتن جي روشنيءَ ۾ گمان ڪري سگھجي ٿو ته عالادين پوئين پيڙھيءَ ۾ گجرن جو ويجھو مِٽُ ھيو. عالادين ۽ ڪڇ ۾ رھندڙ گجرن جي پيڙھي پوئتي ترڪن سان ٿي ملي تنھن ڪري عالادين به سنڌ ۾ گجر ۽ ترڪ ٻنھي قبيلن سان سڏيو ويو آھي. جيئن سومرن کي ملڪ تان آزار ٽارڻ جي صلاح ملي ته ٻاگھيءَ بجاءِ نوڪرياڻي ڏيئي جند ڇڏايو، تنھن تي دودي وراڻيو:
    گولي ويندين گجرين، سڏبي دودي ڀيڻ،
    سومريون ڏيندم مھڻا، جن جا وڍن مونکي ويڻ،
    ھو تُرڪ اسين سومرا، ڪيئن سما ٿيڻ سيڻ.
    ۽ عالادين سنڌ تي چڙھائي ڪئي.
    مٿين سموري بحث ڪرڻ مان مطلب اھو ظاھر ڪرڻ ھيو ته عالادين ڪھڙن سببن ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪئي. منھنجي نظر ۾ اھو ھڪ قبيلي جو ٻئي قبيلي کان انتقام وٺڻ جو نتيجو ھو. ان سلسلي ۾ اھو پڻ نظر اچي ٿو ته چنيسر ٻاگھيءَ لاءِ جتي به ذڪر ڪيو آھي، اتي ٻاگھي دودي جي ڀيڻ ڪري چيو اٿس. پنھنجي ڀيڻ ھئڻ جو ذڪر ڪٿي ئي ڪونه ٿو ڪري! جيئن ھڪ ھنڌ عالادين کي مخاطب ٿي چوي ٿو: ”پَڳ وٺي ڏنئي ته وڳھ ۾ دودي جي ڀيڻ ٻاگھيءَ جو سَنڱ به ڏيندوسئين.“ (دودو چنيسر ص 126)

    قوم خاطر قرباني:

    قومي عزت ۽ غيرت اھا وَٿ آھي جنھن تان ڪيئي جانيون قربان ٿي وڃن تڏھن به پرواھ ناھي ڇوته عزت ۽ غيرت آھي ئي قومي (سموري قوم جي) ذاتي عزت، (ڪنھن ھڪ فرد جي) قومي عزت جي ڀيٽ ۾ ڪائي حيثيت نٿي رکي. ان سلسلي ۾ ٻاگھيءَ جو ڪردار تمام مٿاھين درجي تي آھي. قربانيءَ واري راھ ۾ ٻاگھيءَ جو ٻٽو ڪردار نظر اچي ٿو.


    (الف) قومي عزت بچائڻ خاطر ذاتي عزت جي قرباني:
    قومي وقار جي سلسلي ۾ ٻاگھيءَ جو ڪردار اٽليءَ جي مونا وانا سان ملندڙ آھي. مونا وانا اٽليءَ جي پسا پرڳڻي جي حسين، جميل، من موھندڙ عورت ھئي. سندس پرڳڻي تي فلورينس وارن حملو ڪيو. مونا وانا وارن جي لشڪر جو سپھ سالار سندس مڙس وانا ھو ۽ فلورينس جو اڳواڻ پرنزي ھو. جنگ ۾ مونا وارن جو بارود تباھ ٿي ويو خوراڪ کٽي ويئي، جنھن ڪري مجبور ٿي ھنن صلح جون ڳالھيون ڪيون. صلح جي ڳالھين ۾ پرنزيءَ ھڪ شرط رکيو. چي: ”ھڪ رات لاءِ مونا وانا منھنجي حوالي ڪئي وڃي.“ وانا اھو ٻڌي باھ ٿي ويو پر مونا وطن جي بچاءَ خاطر اھو شرط قبول ڪيو ۽ ھن پنھنجي عزت تان ھٿ کنيو. مونا جي ان قربانيءَ کي ڏسي پرنزي اُن شرط تان دست بردار ٿيو ۽ مونا جو مول غلاميءَ کان بچي ويو.
    سومرن ۽ دھليءَ جي حاڪم وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾، ھاسي سوڍي جي مارجڻ کان پوءِ جڏھن دودي جنگ جي تياري ڪئي، تڏھن سندس زال، ٻاگھيءَ کي طعنو ھڻي چيو: ”ھي معاملو سڀوئي جو ٿيو آھي سو توتئون ٿيو آھي. جيڪڏھن دودو تنھنجو سڱ بادشاھ کي ڏئي ته جھڳڙو لھي پوي.“ (دودو چنيسر ص 22) اھا ڳالھ ٻاگھيءَ کي ذھن ۾ ويٺي ۽ کيس احساس ٿيو ته مون ھڪڙيءَ جي ڪري پوري قوم ڇو ٿي تباھ ٿئي ھيءَ سون ورني ڌرتي ڇاڪاڻ تاراج ٿئي. تنھنڪري دودي کي گھرائي چيائين:
    مون ڀائڙا دودل، ڳالھ سڻيج،
    جو ڏَرُ ڀائين ڏاکڙو، تِتي مون کي ڏيج،
    وير م ھڏم ڪيج، متان پوي ڏولاھو راڄ ۾.
    (دودو چنيسر ص 22)
    ٻاگھيءَ جي ان چوڻ تي دودي راڄ مان پريا مڙس گڏ ڪيا ۽ انھن کان پڇيائين ته: ”ڇا اڳ به ڪنھن سومري اِئين سنڱ ڏنو آھي؟“ تڏھن ڀاڳ نالي مڱڻھار چيس: ”اڳ ته ڪنھن ڪونه ڪيو آھي پر جي اوھان ڪيو ته مرضيءَ وارا آھيو.“ اھڙيءَ ريت دودي ڪافي ماڻھن کان صلاح مصلحت کان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ته: ”اھو قومي ننگ ۽ ناموس جي خلاف آھي جو دشمن کان ڊڄي سندس عذاب کان بچڻ لاءِ، کيس پنھنجون عورتون آڇيون وڃن. آخر سنڌ جي سڀني راڄن جو اھو فيصلو ٿيو ته مڙس ٿي ننگن تان نثار ٿبو. ان فيصلي کان ٻاگھيءَ کي به آگاھ ڪيو ويو ته اھو رڳو تنھنجو مسئلو نه آھي بلڪ سڄي قومي ننگ ۽ ناموس، عزت ۽ غيرت جو سوال آھي، تڏھن ٻاگھي مسئلي کي پوري ريت سمجھي ويئي ۽ خاموش رھي.

    (ب) ذاتي عزت بچائڻ سان قومي عزت جو بچاءُ:
    ٻاگھيءَ لاءِ پھريون مرحلو اھو ھيو ته پاڻ ڏيئي قوم بچائي پر پوءِ جيئن حالتن ڦيرو کاڌو ته نوبت بدلجي ويئي. پوءِ حالت اھا ھئي ته قومي ننگ ۽ ناموس بچائڻ لاءِ ھن کي پنھنجو پاڻ بچائڻ اولين فرض ۾ شامل ھو.
    عالادين سان جنگ ۾ سنڌي سورھيه شھيد ٿيندا ويا. دودو، جو وڳھ ڪوٽ جو آخري وسيلو ھئو، تنھن به آخر شھادت جو جام پيتو. تڏھن چنيسر پنھنجي لاءِ حالتون ھموار ڏسي ٻاگھيءَ ڏانھن نياپو ڪيو ته: ”اسان تنھنجو سڱ عالادين کي ڏيڻو ڪيو آھي، اميد ته تون انڪار نه ڪندينءَ.“ ٻاگھيءَ کي ان ڳالھ تي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ پنھنجي غدار ڀاءُ کي چوائي موڪليائين: ”اسان سنڌ جا رھاڪو ڪنھن ٻئي ملڪ، يا ٻي ذات واري سان ڪڏھن به مائٽي نه ڪندا آھيون. عالادين جيئن ته اسان جي ملڪ، قوم ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان، ھر حالت ۾ ڌاريو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجو ست وڪڻي، پنھنجي ملڪ تي اِھو ڪارنھن جو ٽِڪو ھرگز نه لائينديس.“ (صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع)
    ٻاگھيءَ مٿيون جواب ڏيئي قومي وقار کي برقرار رکيو ۽ اھو سندس دليري، بھادري ۽ قومي غيرت جو زندھ ثبوت ھو. لطيف سائين اھڙن ئي ڪردارن لاءِ چيو آھي:
    ھڏ نه پڙان ھيڪڙي، ٿوري ٿر ڄاين،
    مون کي ماروئڙن، ميري ڪري نه مٽيو.
    (شاھ)

    بلند حوصلو:
    عورت کي اڪثر ڪري ڪمزور، ڪم عقل ۽ سست شمار ڪيو ويندو آھي پر ٻاگھيءَ جو ڪردار ان سلسلي ۾ بلڪل انوکو ۽ نرالو آھي.
    قديم توري جديد دور ۾ اھا جنگي حڪمت عملي رھي آھي ته دشمن کي پنھنجي وسيلن ۽ مال ملڪيت منجھان فائدو وٺڻ نه ڏجي، ان ڪري جتي دشمن قابض ٿي ويندو آھي ته اتي ھر شيءِ پھريان تباھ ڪئي ويندي آھي. ٻاگھي پڻ ان وقت ساڳيو ڪردار ادا ڪيو، ھوءَ سنڌين جي شڪست جي خبر ٻڌي سست نه ٿي بلڪ بلند حوصلي جو مظاھرو ڪندي، ھن ”سڄي شھر ۾ ھيرن جا جند ڏرايا ۽ ٻي ملڪيت ساڙي، شھر مان رواني ٿي.“ (رکيل راڄڙ جي روايت ص 253)

    ابڙي ڏانھن سام ٿي وڃڻ:

    سام پوڻ جو قديم اخلاقي رواج صرف سنڌ سان وابسته آھي، جنھن موجب ھارائيندڙ ڌر جي، عورتن جي عصمت جي نگھداشت کٽندڙ ڌر تي لازم ھئي، يا وري جنگ ڪندڙ حاڪم جو دوست انھن عورتن جي ذميواري قبول ڪندو ھو، جنھن جي پوئواري ھر قسم ۽ نقصان جي حالت ۾ لازم ھئي. (صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع )
    جيستائين کٽندڙ ڌر پاران ھارائيندڙ ڌر جي عورتن جي نگھداشت جو سوال آھي ته اھو سنڌي ماڻھن جو ثقافتي ورثو ھيو پر دودي جو جيئن ته مقابلو ڌارئي حاڪم سان ھيو تنھن ڪري ھن اھوئي بھتر سمجھيو ته سامون ڪنھن دوست ڏانھن موڪليون وڃن جيڪو سامن تان سِر ڏيڻ جھڙو جوان ھجي. ان لاءِ دودي ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اھو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته سامون ابڙي ڏانھن موڪلبيون. ان ڪري جيئن ئي دودي جي موت جي خبر پھتي تيئن ٻاگھي ملڪيت ساڙائي رواني ٿي.
    روايت آھي ته ابڙي ڏانھن سامون نيڻ لاءِ ڪوئي ڪونه ھيو تڏھن ٻاگھيءَ پَٽڪو ٻڌي (ڪن روايتن ۾ نوڪر ساڻ ڪري لکيل آھي) سامون وٺي ابڙي ڏانھن ھلي. (دودو چنيسر ص 640)

    دَٻُسَ جن جا سون جا، ڪاجاوان آرٽِ،
    سام وڃي ابڙي ڏي، ڇڏي ڇانوَ ۽ کٽ،
    گھر، ماڙيون ۽ پٽ، ساڙي ھليون سومريون.

    سومريون ابڙي ڏانھن ويون پئي ته واٽ تي سٻڙ سامن کي مليو تنھن کي ٻاگھيءَ چيو:
    ابو ڀانيان ابڙو، سٻڙ ڀانيان ڀاءُ،
    دود ڇڏيم سنڌ ۾، آيس ادل مٿاءُ.
    سٻڙ جواب ڏنس:
    ابو تنھنجو ابڙو، سٻڙ تنھنجو ڀاءُ،
    ھوندا جاڙيجا جوءِ ۾، ته ڏسي پوءِ ڏينداءِ.
    تنھن تي ٻاگھيءَ کيس چيو:
    نڪي جاڙيجا جوءِ ۾، ھيکڙين اسين.
    سٻڙ جواب ڏنو:
    جھجھا جاڙيجا جوءِ ۾، اجھي آياسون،
    سومريون سلطان کي سمجھي ڏينداسون.
    (دودو چنيسر ص 331 – 332) عورتن جي تعداد متعلق تاريخ ريگستان م ڄاڻايل آھي ته: ”سومرن جو ڪٽنب 140 راجائي ڪل جي زالن سميت، ڪَڇ ڏي ڄام ابڙي وٽ پناھ لاءِ موڪليو“ ص 63
    اڳتي ھلي ٻاگھيءَ ابڙي ڏانھن نياپو ڪيو ته: ”سام اچي ٿي، تون جھليندي يا اسين پٺتي موٽي وڃون؟“
    تڏھن ابڙي اوٺي چاڙھيو، پاڻان ڀلو ڀاءُ،
    ته سُرنَجڻ سومرين جو، ادا وٺي آءُ.
    ابڙي جو ڀاءُ ھار سينگار ۽ تيل سرما ڪري سامن اڳيان آيو تنھن تي ٻاگھيءَ کي خار لڳي. (دودو چنيسر ص 461) چي: ”اھا اسان تي ٺٺول آھي، تنھن ڪري اڳتي نه وڃبو.“ ابڙي ڀاءُ موڪلڻ کان پوءِ خيال ڪيو، مان ڀليو آھيان، ڀاءُ ته موڪليو اٿم پر پاڻ اٿي وڃان. تڏھن ابڙي پاڻ اچي سامن کي پرچائي واپس ورايو.
    تڏھن اڌ ۾ آيو، ابڙو ھيئور ھلائي،
    نَوَ سَوَ سومري گڏي، ٿو ڳر ڳچيون لائي.
    اتي ٻاگھيءَ ابڙي کي چيو:
    ابو اسان جو ابڙو، سٻڙ ڀانيون ڀاءُ،
    ڳوري لاڻو ڳھڻو، ٻاگھل ھار ڳواڙ،
    ته ھيترو وٺ اسان جو، توکي سوڀان ڏيندو الله (دودو چنيسر ص 389)
    ٻاگھي ٻيھر ابڙي کي چيو:
    ڊڄي ڏيج م ابڙا، سومريون سلطان،
    جي تو سام آئيون، وَرُ مارائين پاڻ،
    ڏسي مَرُ جھان، ته ابڙي پاڻ ملھائيو.
    تڏھن ابڙي چيو:
    ساھ ته منھنجو سومرين، جي مون سامون آئيون،
    آءٌ پڻ ڪارڻ تن، جنگيون ڪيان جُھد مون.
    انھن سوالن جوابن کان پوءِ سومريون ابڙي جي محل ۾ ويون. عالادين جي اچڻ تي جنگ لڳي ۽ پھريان اَبُلَ ابڙي جو پٽ مَـمَٽُ ۽ پوءِ سٻڙ جنگ تي چڙھيا. جنھن وقت ابڙي جو پٽ ممٽ مارجي ويو تڏھن ٻاگھي پار ڪڍي روئڻ لڳي:
    ممٽ منھنجا ڀائڙا، مون ڀانيو ھڏ نه ائين،
    تون ويندين ھليو، جيئن دودو ويو تيئن،
    ھاڻي ڪنديس ڪيئن، دلبر بنا ديس ۾.
    آھستي آھستي ٿي ابڙا به يارن دوستن سميت ماريا ويا. آخر ۾ جڏھن اَبُـل ابڙو به مارجي ويو، تڏھن ڏونگر راءِ نالي ابڙي جي پٽ کي سومرين چيو: ”پڻھين مري ويو ھاڻ عالادين پيو اچي.“ تڏھن ھو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ چيائين: ”اڃان آءٌ زندھ آھيان.“ ان دليرانه وصف ڪري لطيف سائين کيس ھن طرح ياد ڪيو آھي:

    ٻئن مڙني ڏنيون، ڏي نه ڏونگر راءِ،
    اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏي ڪئاءِ،
    لوڙيون لک مٿاءِ، ان مٿيري موٽائيون.

    جرئت منديءَ جو مظاھرو:

    باوجود ايترين تڪليفن اچڻ ۽ شڪستن ملڻ جي، ھن حوصلي مند عورت ڪڏھن به شڪست نه قبولي، ھن آخرين وقت تائين بلند حوصلي ۽ جرئت منديءَ جو مظاھرو ڪيو. اھائي سندس جرئت مندي ھئي، جنھن ڪري سنڌين جي شڪست فتح ۾ تبديل ٿي ويئي. ابڙي جي ھار کان پوءِ ھن راتورات وڳھ ڪوٽ ڏانھن واپسي ڪئي. عالادين جو به گھڻو لشڪر مارجي ويو ھو، باقي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا ھئا، تن کي جو اھا خبر پيئي سي به سامن جي پٺيان پيا. پنڌ جي تڪليفن ۽ ڏکن، ڏولاون جي ڪري محمد جي زال ساران جا دودي جي ڌيءُ ھئي، تنھن کي وڳھ ڪوٽ پھچڻ تي پٽ ڄمي پيو، جنھن جو نالو ”ڀونگر“ رکيائون. (ڪن روايتن ۾ ڏونگر راءِ لکيل آھي. سومرن جي سامن متعلق پڻ مختلف رايا ملن ٿا. جيئن امر ڪوٽ اتھاس ص 20 تي لکيل آھي: ”سومريون ڪڇي راجپوتن سان گڏ باھ ۾ جلي ميون. يعني جوھر ڪيائون.“ يا اھو پڻ تاريخ ۾ ملي ٿو ته اھي زمين ۾ غرق ٿي ويون، پر اھا ڳالھ سڀني سومرين سان لاڳو ڪانھي، خاص طور تي ٻاگھيءَ جو ان ڳالھ سان واسطو نه آھي ڇوته سندس ڪردار آخر تائين ملي ٿو. البت ائين ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ عورتن ائين ڪيو ھجي. جيئن تحفة الڪرام واري لکيو آھي: ”سندن عورتن منجھان ڪي پاڪدامن، ڇڄي، شاھي فوج جي چنبي ۾ اچي ڦاٿيون جي خدا ڏانھن متوجه ٿي زمين ۾ غرق ٿي ويون“ ص 127.)
    لڙيءَ رات عالادين وڳھ ڪوٽ جي در تي آيو تڏھن اندران ٻاگھل ھڪل ڪري چيو: ”جي عالادين آھين ته ھلي اوطاق ڀيڙو ٿي! اڃان اسان جو ھڪ سومرو حيات آھي، اھو جنگ ڪندو، صبح ساڻ ايندو. (دودو چنيسر ص 464) ان وقت ٻاگھل دھل دمام وڄرائي ھڪ پاسي ڀونگر جي ڄمڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪرايو ته ٻئي پاسي جنگ جي ماريل بي ستي عالادين کي يقين ٿي ويو ته برابر اڃان سومرا جنگ ڪندا ۽ اھو جنگ جو اعلان آھي.
    تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال آھن جن ۾ حاڪمن جي راڻين مرداڻا ڪپڙا ڪري فوجن جي اڳواڻي ڪئي ۽ جنگ لڙي فتح حاصل ڪئي آھي. تيموريه خاندان جي امير سعد جي زال بيبي آغا بيگي دشمنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻئي سامان کان سواءِ ٻانھين ۽ نوڪرياڻين کي به مرداڻو لباس ڍڪائي ھٿيارن پنھوارن سان تيار ڪيائين ۽ پاڻ مرداڻو لباس ڍڪي فوج جي سپھ سالار بڻي. (سگھڙ زالون ص 13)
    جنگ جي ھن فيصله ڪن موڙ تي اسان جي ھن سورميءَ پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو. ھن ڇا ڪيو، جو سڀني عورتن کي مرداڻا ڪپڙا ڏياري (پھرائي) پوءِ (راتورات) ڪوٽ جي ٻانھين ڀڃائي، پرھ ڦٽيءَ اتان (جنگي جوڌن جي) قطار ڪرائي، اوطاق آڏو لنگھايائين ۽ ائين ڦيرن تي ڦيرا ڏنائون جو لشڪر کٽي ئي نه پيو. اھو ڏسي عالادين جي بچيل فوج دھلجي ويئي ۽ وڌيڪ وڙھڻ جي سگھ نه ساري ۽ عالادين ڊڄي ٻاگھيءَ کي چيو (چوايو) ته: ”تون منھنجي قيامت تائين ڀيڻ ٿئين پر ڏونگر راءِ ٻاھر ڳنھي آءُ ته ڏسيو وڃان.“ ٻاگھي اھو پيغام ٻڌي اگھاڙي ترار ھٿ ۾ جھلي، ڇوڪر کي ھنج ۾ کڻي ٻاھر ڪڍي آئي. عالادين ٻارڙي کي ڏسي چيو: ”افسوس ڇا ڪيم ھن ٻارڙي اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيم.“ ان وقت ٻارڙي آرس ڀڳو ته پَٽ جا ٻنڌڻ جن سان سان سندس ھٿ پير ٻڌل ھئا، سي ٽٽي پيا، تڏھن عالادين چيو: ”برابر ھي اسان کي شڪست ڏئي ھا!“ تنھن بعد عالادين اھڙو اقرار نامو لکيو ته: ”سنڌ سومرن جي آھي، مون جنگ ڇڏي.“ (ننڍڙي ٻار جي آرس ڀڃڻ تي، پَٽ جي ٻنڌڻن جو ٽٽڻ، اھا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي. لڳي ٿو ته روايتون ڪندڙن، چنيسر سان منسوب ديون، پرين ۽ جادوءَ جي ڳالھين وانگر ھيءَ به ائين بيان ڪري ڇڏي آھي. ”آزاد“)
    اھڙي ريت ھن عظيم عورت جي بلند حوصلي ۽ بھادريءَ ڪري سنڌ ڌارين جي راڄ کان بچي ويئي ۽ ڇيڙي نبيري پنھنجن جي ھٿ ھيٺ رھي.

    مَرُ مائر سي مُرڪن، جي اھڙيون ڌيئر ڄائيون.
    (شاھ)


    • ساران (دودي جي ڌيءُ، محمد جي زال)

    ھيءَ سورمي، دودي شھيد جي ڌيءُ ھئي، چنيسر جي پٽ محمد (ھڪ بيان ۾ محمد کي ننگر جو ڀيڻويو ڪري ڄاڻايو ويو آھي ۽ ساڳئي وقت کيس ساران جو وَر، ڪري ڪوٺيو ويو آھي، مگر عام مشھور ائين آھي ته محمد ننگر جو ڀاءُ ھو ۽ دودي جي ڌيءُ ”ساران“ جو مڙس ھو. سومرن جو دور ص 25) سان سندس نڪاح ٿيل ھيو.
    جڏھن چنيسر ڪاوڙجي پئي ويو، تڏھن به ھيءَ مائي چنيسر وٽ آئي ۽ ميڙون منٿون ڪري، الله جو نالو ڏيئي، پنھنجي ڀيڻ ڪويل جنھن کي سونل به چوندا ھئا، تنھن جو ننگ وجھي واپس ورڻ لاءِ چيو:
    ساران آئي سومري، محمد جي راڻي،
    اٿئي نام الله جو، ڪو سونل ننگ سڃاڻي،
    آءٌ ته تنھنجي گولي آھيان، در سندي ٻانھي،
    مان نماڻي ھل چنيسر، محل ھلي ماڻي.
    مائي ساران کي، جي ميڙون منٿون ڪرڻيون ھيون ۽ الله جا نالا وجھڻا ھئا، سي ڪري ٿَڪي پر چنيسر نه ورڻو ھو سو نه وريو. آخر ڌارين کي در تي وٺي آيو.
    چنيسر عالادين جي لشڪر کي وٺي آيو، سومرن جنگ جوٽي، ننگر پنھنجي يارن سميت مارجي ويو. ننگر جو لاش زنانخاني آيو ته ماحول غمزده بڻجي ويو، اھڙي وقت ۾ ساران پنھنجي ڀيڻ (ننگر جي مَڱ) وٽ اچي ويٺي. تڏھن ٻاگھيءَ چيس ته: جڏھن تنھنجو مڙس به ننگر جيترا انصاف ڪري، تڏھن اچي ”بيگم“ سان ثاني ٿيءُ.“ انھن لفظن ھن غيرت مند ۽ غيور نياڻيءَ جي غيرت کي جاڳائي وڌو، ھو ڀيڻ جي ڀر ۾ ويھي اوسارڻ بجاءِ، ٽپ ڏيئي اٿي، ۽ اچي مڙس مٿان بيٺي ۽ کيس چيائين:
    ساران پنھنجي ڪانڌ کي، چئنچل اُڀي چوءِ،
    جان مرين، جان مارجين، ڀڄي مَ اچج ڪانڌ،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، چٺيندي سونھان،
    اوترا ھوندءِ جي پُٺ ۾، ته ڪھڙي لڄ چيٺيان. (دودو چنيسر ص 191)
    ھن بيت جي پوين سِٽن ۾ ڪم آيل چيٺيان جي مراد ساڳئي سيڪيان آھي. جيئن شاھ صاحب چيو آھي: ”ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان.“ ھن جي آخري سٽ وڌيڪ ڪارگر آھي جنھن ۾ زال مڙس کي شھيد ٿيل جوڌي جو حوالو ڏيندي چوي ٿي ته: ”جي ان جيترائي تو به گھاءَ جھليا ته ڪھڙي منھن سان انھن کي سيڪينديس اھا مون لاءِ شرم جي ڳالھ آھي، توکي ته وڙھندي وڌيڪ گھاءَ کائڻ گھرجن.
    ساران پھلوان ھئي ۽ پنجاھ جو مَٽ پاڻ ھئي. (سومرن جو دؤر ص 120) نھايت دلير ۽ بھادر پڻ ھئي. دودي پاران موڪليل سامن سان ھوءِ به ابڙي ڏانھن ھلي ويئي. روايتن مان پتو پوي ٿو ته اتي به ابڙي جي موت کان پوءِ، جن ٽِن بھادر عورتن جنگ لاءِ ڀير تي ڏونڪو ھنيو ھو، تن ۾ ساران به شامل ھئي.
    سومرن پاران جنگ جي آخرين اعلان طور ڀير تي ڏونڪو پڻ ساران ھنيو ھو. ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ جو سامون راتو رات وڳھ ڪوٽ ويون ۽ شاھي فوج سندن پيڇو ڪري اچي شھر ۾ پھتي ۽ ان رات ڀونگر راءِ يا ڏونگر راءِ ڄائو، جنھن جي خوشيءَ ۾ ٻاگھي، ساران کان ڀير تي ڏونڪو ھڻايو، جنھن کي عالادين جي فوج، جنگ جو اعلان ڄاتو، ۽ سندن حال ھيڻا ٿي پيا ۽ جنگ ڪرڻ کان دل ئي دل ۾ توبھ ڪري ٻاگھيءَ سان ڳالھين لاءِ ھٿ وڌايائون.


    • ڪويل (دودي جي ڌيءُ، ننگر جي منڱ)

    ھيءَ سورمي (ھن سومريءَ جي نالي متعلق مختلف رايا آھن. ڏاڙھي شيديءَ جي روايت ۾ ”ڪلان“، عبدالستار فقير مھر جي روايت ۾ ”ڪونداھي“، عبدالله جماليءَ جي روايت ۾ ”ڀنڀي“، گلزار سنڌ جي مصنف ننگر جي منڱ جو نالو ”صفيہ“ لکيو آھي. اڪثر روايتن ۾ ”سونل“ ڄاڻايل آھي. ڪن روايتن ۾ ڪويل بجاءِ دادلي ڄاڻايل آھي ۽ اھا زال محمد جي ڏيکاريل آھي، پر اھو غلط آھي. محمد صديق ميمڻ سنڌي ادبي تاريخ جي ضميمي ۾ ”ڪويل“ نالو ڄاڻايو آھي. اسان پڻ ھتي عنوان طور ساڳيو نالو رکون ٿا. ڇاڪاڻ ته منشي اُڌارام پاران آڳاٽي چپايل ڳالھ ۾ پڻ ڪويل نالو ڄاڻايو آھي) سنڌ ڌرتيءَ جي شھيد دودي سومري جي ڌيءُ ھئي. سندس وَرُ چنيسر جو پٽ ننگر سومرو ھو. اھو ننگر جنھن پيءُ جي غداري ۽ قوم فروشيءَ کي ڏسي سندس سان جنگ ڪئي.
    سندس مڱڻو سنڌي معاشري جي ننڍي ھوندي نالي ڪري ڇڏڻ واري قديم روايت موجب، ڄمڻ کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ئي ٿيو ھو. ٿيو ھيئن ته چنيسر جي ماءُ ڀونگر راءِ کان، پنھنجي فائدي ۾ ڪا مضبوط سند حاصل ڪرڻ لاءِ کيس بار بار پيئي چوندي ھئي ته: ”جيئري مان عيش ٿي ڪريان، پوءِ الائجي منھنجا ڪھڙا حال ٿيندا، ته مان لھر ۽ ھو سومرا، متان مونکي ڏک ڏين.“ پوءِ جو دودي کي ڌيءُ ڄائي ۽ چنيسر کي پٽ، تڏھن بادشاھ زال واري ڳالھ کي نظر ۾ رکي، چنيسر جي پٽ سان دودي جي ڌيءُ منڱائي ڇڏي.
    اڳتي ھلي ھن جو ان وقت ذڪر اچي ٿو، جڏھن چنيسر ڪاوڙجي پئي ويو. سندس ڪاوڙجي وڃڻ تي دودي کيس پرچائي واپس ورائڻ خاطر ميڙيون منٿون ڪرڻ، ملڪ جي وڏي حصي جي حڪومت ڏيڻ کانسواءِ ڌيءُ وارو سنڱ ياد ڏياريو، جيئن ھيٺين بيت ۾ آيل آھي:

    ڳل ڏيو ڳرھاٽڙيو، چئي ڀاڪر وڌو ڀاءُ،
    ادو ابو توکي چوان، تنھنجي مريم ڀانيان ماءُ،
    پنجاھ صدين جي ڀاڳڙي آھي تو سنداءِ،
    ننگر ناٺي منھنجو، سونل نُنھن سندياءِ.

    آخر چنيسر نه مڙيو ۽ ڌارين کي وٺي آيو تڏھن سومرن سِرَ گھورڻ شروع ڪيا. سر گھور ڪندڙن ۾ ڪويل جي منڱيندي ننگر جو مٿاھون درجو آھي. اھو ننگر جنھن ٻاگھيءَ جي سنڱ گھرڻ تي وڏي جرئت سان چيو ھو: ”اوھان کي ياد رکڻ گھرجي ته، اسان جي رَڳ رَڳ ۾ عزت ۽ غيرت جو خون ڇوليون ھڻي رھيو آھي اسان ڪڏھن به غيرت جو دامن ھٿان نه ڇڏينداسين، سر ڏينداسين پر سنڱ نه ڏينداسين.“ (اخبار صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع) غيرت جي ڀنڊار مڙس ننگر جي انھن مھاڏن تي عالادين جي لشڪر کي خار لڳي ۽ ننگر سان جنگ جوٽي ڏنائون جنھن ۾ ننگر شھيد ٿي ويو.
    ننگر جو لاش زنانخاني ۾ آندائون ته ڪويل جو ڪنڌ فخر مان مٿي کڄي ويو، سندس منڱيندو پاڻ ملھائي آيو ھيو. تنھن ويل ڄڻ ته ٻين ھڪ جيڏين سھيلين کي چوندي ھجي:
    منھنجو منڱ مٿي، ھن کي گھاءَ گھڻا ھئا،
    مُرڪڻ جو حق ناھي ڪو او، سرتِي توکي،
    جو تنھنجي منڱ کي، رھڙ نه ڏٺم جسم تي. (تنوير)

    اھڙي ماحول ۾ ھن غيور عورت پنھنجو حوصلو برقرار رکيو ۽ ان دور جي رسم مطابق مڱيندي جي مڙھ کي ڦيرا ڏنا ۽ حق بخشيو. (روپا ماڙي ص 21) ڪويل جي اھڙي جرئت مندانه قدم کي ڏسي ٻين عورتن جھڙوڪ سندس ڀيڻ ساران، ھاسي سوڍي جي زال مالھا پنھنجي مڙسن کي وڃي بيدار ڪيو ۽ جنگ جي ميدان ۾ موڪليو.


    • مالھا (ھاسي سوڍي جي زال)

    ھاسو سوڍو محمد ابڙي جو يار ھو. ننگر جي مارجڻ کان پوءِ جڏھن محمد کي سندس زال ساران طعنا ڏيئي جنگ لاءِ روانو ڪيو، تڏھن محمد پھريان اچي ھاسي سوڍي کي سڏ ڪيو. ان ويل ھاسو ننڊ پيو ھو، ان وقت تائين مالھا ۽ سوڍي جا پَلوَ ڪين ٻڌا ھئايعني ھوءَ سندس زال نه بڻي ھئي بلڪ منڱيندي ھئي. مالھا محمد جو سڏ سڃاڻي اچي ھاسي کي اٿاريو ۽ چيائينس:
    ساريون راتيون سمھين، ھاسا سوڍا ڏيڻ،
    تو ڳل ڏيان نه ٻانھڙي، تون ڀاءُ آءٌ ڀيڻ.
    اي سوڍا تون ته راتين جون راتيون سمھيو رھين، ملڪ ۾ ماتام متو پيو آھي، ننگر جھڙا نَرَ ڪسندا پيا وڃن، ڏيھ ڏوجھرن ۾ پوندو پيو وڃي. جيڪڏھن تون اھڙو ئي سست ۽ ڪاھل آھين ته پنھنجو به نيبھ ڪونھي. آءٌ پنھنجي مضبوط ٻانھن جو واسينگ وارو وَرُ توکي ڏيئي نه سگھنديس. پوءِ تون ڀاءُ آھين ۽ مان تو لاءِ ڀيڻ برابر آھيان.
    انھن ئي جنگين ھلندي ھاسي جي مالھا سان شادي ٿي ويئي ۽ ھاسو معمول مطابق ديس جي آزادي ۽ عزت خاطر جنگيون ڪندو رھيو. ھاسي ۽ محمد واري ياراڻيءَ ڪري مالھا به سومرين سان گڏ سام ٿي ويئي ۽ اتي به جڏھن ابڙي جي مرڻ جي خبر آئي تڏھن ھن ٻين سان گڏجي جنگ جاري رکڻ لاءِ ڀير تي ڏونڪو ھنيو.


    ضميمو پھريون

    • غدار نامو : روپا راڻي (چنيسر جي ماءُ)

    (چنيسر جي ماءُ جا مختلف نالا ملن ٿا. جيئن غلام حسين ڪلھوڙي جي روايت ۾ ”رقيا“، عارب ڪپري ۽ يار محمد ماڇيءَ جي روايت موجب ”منگھ“، ڏاڙھو شيديءَ جي روايت موجب ”ميم“، ۽ مٺو نھڙي ڪڇي جي روايت موجب ”نيل“. پر عام طور تي روپا راڻيءَ جي نالي سان مشھور آھي. ڇاڪاڻ جو روپا ماڙي خاص ان لاءِ ٺھرائي ويئي ھئي.)

    ٻاگھيءَ جي ڪردار ۾ چنيسر جي ماءُ لاءِ تفصيل سان ذڪر اچي چڪو آھي. مختصر اھو ته ڀونگر راءِ سومرن جي مخالفت ھوندي 640ھ ۾ گجر گھراڻي جي سردار لاڏڻي (ڏاڙھو شيديءَ جي روايت ۾ خضر لوھار جي ڌيءُ ڄاڻايل آھي.) جي ڌيءُ سان لائون لڌيون. لاڏڻو گجر، ڀونگر راءِ جي حڪومت ۾ ڪوسر ۽ ريڻ تي راڄ ڪندو ھو.
    روپا کي پھريائين ئي من ۾ مندي ھئي، جنھن ڪري وقت به وقت راءِ جا ڪَن ڀريندي رھندي ھئي. ان ڳالھ کي ختم ڪرڻ لاءِ ئي ڀونگر راءِ چنيسر جي پٽ ننگر ۽ دودي جي ڌيءُ ”ڪويل“ جو پاڻ ۾ سنڱ ڪيو ھو. پر مائي صاحبه جي من ۾ ڪا وچان ئي ٻي ڳالھ ھئي. تنھنڪري ڀونگر جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيئن ئي پَڳ جو مسئلو شروع ٿيو جنھن کي دودي ۽ ٻين مخلص ماڻھن حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش پئي ڪئي، اھڙي وقت ۾ ھن چنيسر کي سمجھائڻ بجاءِ طعنا ڏيئي ويتر مسئلي کي وڌائي ڇڏيو. جيئن چويس ٿي:

    مان ڄڻيومانءِ ٻيٽو ڪري، ٿي ساماڻين ڌيءَ،
    چرخو گھڙائي ڏيانءِ چندن ڪاٺ جو، جنھن کي تاڙيون ٽيھ،
    ويھي آتڻ وچ ۾، تون ٻانديون لاھج ٻٽيھ.
    جڏھن جوءِ جي نظر پيس ته ان چيس:

    جيءُ آئين نچ آئين، تون ونيءَ جا وار،
    گھوڙا ٻھڙا وڪڻي، تون ڌڻ رڍن جو ڌار،
    ماڻھين ته ڪري ماھيڙو دودل جي درٻار.

    ماءُ ۽ جوءِ جي طعنن کان تنگ ٿي آخر چنيسر دھليءَ روانو ٿيو، جنھن جو ھن ويندي ويندي ذڪر به ڪيو آھي.
    چنيسر جا جيڪي مددگار ھئا تن ۾ دائود شيخ کي اوليت ھئي، سندس سنڀاليندڙ ۽ جنگي سکيا جو استاد سماٽ قوم جو فوجي سپھ سالار دائود شيخ ھو. (روپا ماڙي ص 8 شيخ محمد سومار.) چنيسر ۽ ماڻس سندس خاص خيال رکندا ھئا، ان ڪري چنيسر جي دھليءَ وڃڻ کان پوءِ روپا ۾ چنيسر جي ماءُ ۽ زال جي نظرداري دائود شيخ پئي ڪئي. ھو ايتري قدر روپا راڻيءَ جو اعتماد وارو ھئو، جو جنھن وقت سومرين جي سام ٿي وڃڻ وقت کيس چيو ويو تڏھن ھن سومرين سان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ دودي ان ڳالھ کي سومرن جي غيرت جو مسئلو سمجھي دائود شيخ کان روپا ماڙيءَ جي جي حفاظت ڇڏائي پنھنجي ھٿ ۾ رکي.
    اھڙي ريت روپا، سومرين جي سٿ ۾ ھوندي به پاڻ کي انھن کان جدا سمجھندي رھي ۽ ھر وقت سندن حڪومت خلاف سازشون سٽيندي رھي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا.


    • غدار نامو : مريم (چنيسر جي زال)

    *ھن مائيءَ جا پڻ روايتن موجب ڌار ڌار نالا آھن. جھڙوڪ بودن فقير جي روايت موجب ”سون“، عبدالستار فقير مھر جي روايت موجب ”سفلي“ ھو.*
    ھيءَ مائي روپا راڻيءَ جي ويجھي مائٽياڻي ھئي. ھيءَ محمد نالي گجر سردار جي ڌيءُ ھئي.* *ھڪ ھنڌ سندس پيءُ جو نالو لڌو لوھار ملي ٿو. ص 232* ھن جو به سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙوئي ڪردار رھيو آھي جھڙو چنيسر جي ماءُ جو. ھنن ٻنھي عورتن گڏجي چنيسر کي سنڌ مٿان ڌارين کي آڻڻ تي مجبور ڪيو. چنيسر کي پڳ نه وٺڻ تان طعنن ھڻڻ ۾ به ته ھن عورت حد ڪري ڇڏي. ھڪ ھنڌ سس کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي:
    اسين راجا ھوندي رنون ٿيون، اسان جو پرور رکندو پن،
    پاڳ وڃايئين پيءُ ڏاڏي جي، جنھن کان ٻيو ڪونه شرم،
    ڪنھن ڏينھن ماريو مريم ھٿان، لڳي ڏئوئي ڳن.
    وري چنيسر کي مخاطب ٿي چويس ٿي:
    کڻ رسو ھٿ ۾، وڃي مغل ڦاھو کاءُ،
    ٿيندو ڏينھن محشر جو، ڀانيان چنيسر ڀاءُ.
    اھڙي ريت طعنا ڏيئي چنيسر کي دھليءَ ڏانھن موڪليائين ۽ عالادين جون فوجون چڙھي آيون. ملڪ ۾ چوٻول ٿيڻ لڳو تڏھن سومرن جي مڱتي ڀاڳوڀانَ کي گھرائي ان ڳالھ جي ھيٺين ريت تصديق ڪيائين:

    بادشاھ ٻڌان ٿي بُڪار ۾، جنھن روڪيو تڙ روپاھ،
    وَرَ تام منھنجي ولَھي، وڃي به چال ٻاري باھ.
    بعد ۾ ھن دائود شيخ جي نظرداريءَ ۾ رھڻ پسند ڪري، سومرين سان سام ٿي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ھر ڪڌي ڪم ۾ پنھنجي سَس سان شامل راءِ رھندي آئي، ۽ ھنن سَس نُنھن جي اعمالن ڪري سنڌ کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا.


    ضميمو ٻيو

    • سبق

    تاريخ رڳو جنگين ۽ جھيڙن، شاھي لشڪرن جي دھشت ۽ دٻدٻي، حاڪمن جي ڪچھرين ۽ ڪھاڻين جو نالو نه ھوندو آھي، جو صرف تاريخ جا ورق انھن جي تعريف سان ڀريا وڃن، پر تاريخ ڪنھن مخصوص دور، جنھن سان ان جو واسطو ھجي، جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو آئينو ھوندي آھي جنھن مان اھو معلوم ٿي سگھندو آھي ته ان دؤر ۾ سياسي ۽ اقتصادي حالتن جو سماجي اوسر تي ڪھڙو اثر ٿيو، ۽ ان دؤر جي عوام پنھنجي محدود وسيلن سان ڪھڙي طرح قومي اوسر ۾ ھٿ ونڊايو. اھڙي ريت ماضي جي ورقن منجھان سبق پرائي، روشن مستقبل جي معياري تعمير جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
    ھي ڪتاب جيئن ته عورتن جي انقلابي ڪارنامن سان واسطو رکي ٿو، تنھن ڪري ذڪر ھيٺ آيل عورتن جي جرئت ۽ بھادري، ھمٿ ۽ حوصلي منجھان موجوده دؤر جي عورت کي سبق پرائڻ گھرجي ته جيئن اڄ جي سائنسي دؤر ۾، جڏھن سڄي دنيا جون عورتون ديس جي تعمير ۽ ترقي واري راھ م مَردن سان ڪلھو ڪلھو ۾ ملائي ڪم ڪري رھيون آھن. تڏھن ھتان جي عورت کي به ديس جي ڀلائيءَ خاطر اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي سگھي.
    بيان ڪيل دورن مان پھرين دور جي پڇاڙي نھايت افسوسناڪ ٿئي ٿي. اھا وبا جنھن ان وقت جي سنڌ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرايو، سا ساڳي ئي صورت ۾ ھلندڙ وقت تائين ھلندي آئي آھي. اسان ھر معاملي ۾ سچ ۽ ڪوڙ، نيڪ ۽ بد واري پرک بجاءِ صرف ڌرمي بنياد واري پرک پئي ڪئي آھي. پرک جي ان تارازيءَ ڪري، ملڪن ۾ خونريزي ۽ انتشار وڌندا رھيا آھن. ھاڻي وقت اچي ويو آھي، جو سائنسي سوچ رکندي اسان کي پرک جي معيارن ۽ عقيدن تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.
    ٻئي دور جي ڪردارن منجھان مائي ماين ۽ راڻي لاڏيءَ جا ڪردار جنگ جو روشن مثال پيش ڪري رھيا آھن. سنڌ جي تاريخ جون ھي عورتون نه رڳو جاني ۽ مالي قرباني ڏيئي ويون بلڪ ھي پھريون سنڌي عورتون آھن جن ملڪ جي آزاديءَ خاطر ٿيندڙ جنگين ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڏاھر جي ڌيئرن ديس جي ڌرتيءَ کان دور ھئڻ جي باوجود ھڪ گھڙيءَ لاءِ به مخالفن سان صلح پسنديءَ وارو رويو اختيار نه ڪيو، ھو قومي غيرت تي قائم رھندي قربان ٿي ويون.
    ٽئين دور جي شروعات جھڙي طرح آزاد ماحول سان ٿئي ٿي، پڄاڻيءَ وقت پڻ عوام آزاد فضا ۾ سُريلا گيت ڳائيندي نظر اچي ٿو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ان آزاد ماحول برقرار رکڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪونڌرن کي قربان ٿيڻو پيو. ڪيترين سھاڳڻين جو سُھاڳ لُٽجي ويو، ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جي مٿي تان شفقت ڀريا ھٿ ھٽي ويا. ايتري قرباني ڏيڻ سان ھو پنھنجو آزادانه ماحول برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا؛ اھائي سندن سڀ کان وڏي فتح آھي.
    ھن دور جي ڪردارن سان وابسطه ڪجھ ڳالھيون، جي نھايت اھم ۽ غور طلب آھن.

    ڌارين مان شادي ڪرڻ:

    اڳ قبيلائي دؤر ھو تنھن ڪري ساڳي ملڪ جي ھڪ قبيلي جو ٻئي قبيلي سان ڏيڻ، وٺڻ، موجوده دور جي ھڪ ”قوم“ (ذات) جي، ٻئي ”قوم“ (ذات) سام مِٽي مائٽيءَ جي برابر چئي سگھجي ٿو.


    • خط

    جيئن اڳ لکي آيو آھيان ته، منھنجي خيال ۾ چنيسر پاران سنڌ کي تاراج ڪرائڻ واري واقعي ۾ قبائلي جھيڙي جو وڏو ھٿ ھو ۽ ان ڳالھ کي عملي جامو پھرائڻ ۾ انھن عورتن جو وڏو ڪردار ھو، جي سومرا سردار محبت مان شاديون ڪري گھر وٺي آيا ھئا. اھڙي ساڳئي حالت اسانجي به آھي. سنڌ جي نوي سيڪڙو آفيسرن، وڏيرن ۽ اديبن جي گھرن ۾ ڌاريون عورتون آھن، جنھن ڪري ذھني طور آزاد ۽ عملي طور مجبور ۽ لاچار آھن. اھي ڌاريون عورتون کين اھڙوئي خراب ڪن ٿيون جھڙو چنيسر کي سندس ماءُ ۽ جوءِ بڇڙو ڪيو!
    ٻي ڳالھ، ٻاگھ ٻائي جي ڪردار مان نھايت سبق آموز ملي ٿي، سا اھا ته سومرين قومي روايتن کي برقرار رکڻ خاطر پنھنجي ھر شيءِ قربان ڪري ڇڏي، ٻار ٻچا رلائي، مارائي ڇڏيائون ۽ اڄ ذاتي غرض ڪارڻ ته ھر مرد توڙي عورت ھر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ واجھائيندو وتي پر قومي مفادن لاءِ ھڪ وِک به کڻڻ لاءِ تيار نه آھي. ڪائي سٺي نوڪري وٺڻ، ٽيليويزن جي ڪنھن سٺي ڊرامي ۾ ڪردار ڪرڻ، ڪنھن سٺي رسالي ۾ مواد شايع ڪرائڻ، ريڊيو جي پروگرام ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ھر شيءِ قربان ڪئي وڃي ٿي. اھو ذاتي مفاد ۽ ذاتي غرضون موجوده نسل کي ڏينھون ڏينھن تباھ ڪري رھيا آھن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566181
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215635
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ