ڪتاب جو نالو: هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني
مصنف: تران دان تائين / اختر حفيظ
ڇپائيندڙ: سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1091 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 576 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “هوچي منهه : آزاد ويٽنام جو باني” انگريزي مان ترجمو ٿيل، عظيم جنگجو اڳواڻ هوچي منهه جي سوانح حيات آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ تران دان تائين ۽ سنڌيڪار نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ آهي. هي ڪتاب 2011ع ۾ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي (سي پي سي ايس) پاران ڇپايو ويو جنهن جي ڪمپوزنگ سليمان سميجو ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • پنهنجي پاران
  • • پهريون حصو
  • • ٻيو حصو
  • • حصو ٽيون
  • • حصو چوٿون
  • • حصو پنجون
  • • حصو ڇهون
  • • حصو ستون

  • • پنهنجي پاران

    جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي اک کولي آهي، انهي دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏٺا آهن انهي پنهنجي عقل، ڏاهپ ۽ محنت سان ناممڪن کي ممڪن ۽ خوابن کي حقيقت ڪري ڏيکاريو آهي.اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جيڪي ڪنهن عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ وڙهندا آهن، جدوجهد ڪن ٿا ۽ پنهنجي زندگي انهي جدوجهد ۾ ئي قربان ڪري ڇڏيندا آهن،انهن جي انقلابي خيالن ۽ تصورن ۽ ڳالهين لکين ڪروڙين ماڻهن جي جسمن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا تبديل ٿيو وڃي.اهڙي ئي هڪ ماڻهو جنهن پنهنجي ديس جي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪا آزاديءَ لاءِ نئين جوت ٻاري انهي کي دنيا جي ڪا به طاقت وسائي نه سگهي ۽ انهي انسان کي اڄ دنيا هوچي منهه جي نالي سان سڃاڻي ٿي.هن پنهنجي ڌرتي جي لکين ڪروڙين ماڻهن جي آزاديءَ واري خواب کي حقيقت جو ويس پارايو ۽ غلامي جهڙي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياريو.روسو چيو آهي ته “ماڻهو آزاد ڄائو آهي پر هر هنڌ اهو زنجيرن ۾ ٻڌل آهي” پر هوچي منهه پنهنجي ماڻهن کي سامراج جي جڪڙيل زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.
    هوچي منهه 19 مئي 1890ع ۾ مرڪزي ويٽنام جي ڳوٺ ڪم لين ۾ ڄائو جيڪو نام دين ضلعي ۾ آهي، هن جي پيءُ جو نالو ڦيون سن سڪ هو هو هڪ ڪنفيوشن عالم هو، جيڪو استاد پڻ رهيو ۽ پوءِ هڪ ضلعي ۾ امپيريل مئجسٽريٽ ٿي رهيو. هوچي منهه پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي پيءُ ۽ مقامي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هو نيشنل اڪيڊمي اسڪول هُيو به ويو پر اتان گريجوئيشن کانسواءِ ئي موٽي آيو. هن ڪجهه عرصي لاءِ ڏکڻ انهه ۾ ماستري به ڪئي ۽ سائيگان کان مارسلي واري ٻيڙي تي بيري ۽ ڪيڪ ٺاهيندڙ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. انهي ٻيڙي تي هن تمام معمولي ڪم ڪيا، مثال طور اتي هن کي ديڳيون صاف ڪرڻ، بوائلر ٻارڻ، ڀاڄي وڍڻ ۽ ٿانون صاف ڪرڻ جهڙا ڪم ڪرڻا پوندا هئا پر تڏهن به هو خوش هوندو هو ڇاڪاڻ ته انهي سفر کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو.
    هن پنهنجا ڪيترائي نالا رکيا جنهن مان سندس نالو گيون آءِ ڪيوڪ به هو، جنهن جي معنيٰ آهي “محب وطن” جڏهن ته هوچي منهه نالي جي معنيٰ “روشني آڻيندڙ” آهي، جڏهن ته سندس اصل نالو گيون بين ڪنگ ٻڌايو ٿو وڃي. هوچي منهه پنهنجو گهڻو وقت پبلڪ لائبريرين ۾ گذاريندوهو. اتي هو تاريخ جا ڪتاب ۽ اخبارون پڙهندو هو ته جيئن اولهه جي سماج کان واقف ٿي سگهي.انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ اخبار “لي پيريا” به شايع ڪئي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته انهي اخبار جون سڀ ذميواريون هن پاڻ سنڀاليون، هو انهي جو ايڊيٽر، پروف ريڊر ۽ هاڪر به هو،هو گهٽي گهٽي وڃي اها اخبار وڪڻندو هو، اها اخبار سندس گڏ ڪيل چندي مان هلندي هئي، جيڪو هن کي ويٽنامي ماڻهن ۽ پارٽي جي ڪجهه دوستن کان ملندو هو.هو جيڪي پئسا به حاصل ڪندو هو اهي اخبار ۾ لڳائي ڇڏيندو هو، اخبار ماڻهن ۾ جام مقبول ٿي ۽ ماڻهو شوق سان “لي پيريا” کي پڙهڻ لڳا جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ته هن چيو ته اهو ڪميونزم نه پر حب الوطني هئي جنهن مون کي متاثر ڪيو.
    1922ع ۾ هو ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي چوٿين ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ماسڪو ويو. 1922ع ۾ ئي هو ماسڪو ۾ مارڪسزم ۽ انقلابي ٽيڪنيڪون سکڻ لاءِ آيو.هن ايشيا جي مظلوم ماڻهن جي ليگ ٺاهي جيڪا پوءِ سائوٿ سيز ڪميونسٽ پارٽي سڏجڻ لڳي.1927ع جي ڊسمبر ۾ هنوئي ۾ ويٽنامي قومپرست پارٽي ٺهي ۽ انهي پارٽي فرينچ جي ظلم خلاف آواز اٿاريو پر اها ڪوشش ناڪام وئي ۽ ڪيترائي پارٽي جا اڳواڻ جلاوطن ٿي ويا.1930ع ۾ هوچي انڊو چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جي صدارت ڪئي پارٽي جي پروگرام جو مسودو هوچي تيار ڪيو ۽ ڪانفرنس منظور ڪيو انهي ۾ هي نقطا شامل ڪيا ويا ته فرينچ سامراجيت، وڏيرا شاهي ۽ ويٽنامي سرمائيدار طبقي کي اقتدار کان ڌار ڪيو وڃي ۽ آزاد ويٽنام کي انتظاميه پورهيت، هارين حوالي ڪري معيشت کي قومي ڪيو وڃي، زميني سڌارا ۽ ڪم لاءِ اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيا وڃن، اجايا ٽئڪس ۽ عوام جا قرض ختم ڪيا وڃن، ماڻهن کي هر قسم جي آزادي ڏني وڃي هر ڪنهن لاءِ هڪ جهڙي برابريءَ واري تعليم ڏني وڃي، هاري مظاهرين صوبن ۾ سڌاري جي گهر ڪئي. جڏهن انهن جي گهر کي نظرانداز ڪيو ويو ته فساد شروع ٿي ويا ۽ هارين ڪجهه ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، سيپٽمبر 1930ع ۾ فرانس بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ وڏي انگ ۾ فوج موڪلي 10000 ماڻهو ماريا ويا، هزار کان مٿي گهربل ڪميونسٽ ۽ باغي گرفتار ڪيا ويا، چار سئو ماڻهن کي ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون، پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ 80 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي.هوچي منهه انهي دوران هانگ ڪانگ ۾ پناهه ورتي 1931ع ۾ برطانوي پوليس انقلابي سياسي اڳواڻن تي ڪريڪ ڊائون دوران هوچي منهه کي گرفتار ڪري ورتو 1932ع ۾ هوچي کي آزاد ڪيو ويو. هو اتان ماسڪو هليو ويو جتي هن وڌيڪ ست سال لينن انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهندي ۽ سيکاريندي گذاريا.هن اتي انسٽيٽيوٽ آف نيشنل ائنڊ ڪالونيڪل ڪوئسچن به اٽينڊ ڪيو.
    1938ع ۾ هوچي چين موٽي آيو ۽ هن ٻي سائنو جاپاني جنگ ۾ ڳاڙهي آرمي لاءِ صلاحڪار طور ڪم ڪيو. 1940ع جي شروعات ۾ هو ڏکڻ چين موٽي آيو، هن انڊو چائينز ڪميونسٽ پارٽي سان رابطو ڪيو. هو ۽ هن جي لفٽيننٽ ووگيلان گياپ ۽ فان وان ڊونگ جرمن پاران فرينچ کي شڪست ڏئي ۽ اهو ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ موقعو هو.انهي وقت هن پنهنجو نالو هوچي منهه رکيو. آگسٽ 1942ع چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ماڻهن سان ملندي چائنيز نشلسٽ حڪومت کيس گرفتار ڪري ٻه سال قيد ۾ رکيو.17 آگسٽ تي هوچي ويٽنامي ماڻهن کي انقلاب لاءِ اپيل ٿي.ٻئي ڏينهن ويٽ منهه هنوئي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، سائيگان 25 آگسٽ تي ويٽ منهه وٽ هو.28 آگسٽ ويٽ منهه عوامي جمهوري ويٽنام جي عارضي حڪومت جوڙي ۽ هوچي منهه پرڏيهي معاملن جو وزير ۽ صدر چونڊيو ويو ۽ هو مرڻ گهڙي تائين انهن عهدن تي رهيو.
    جاپان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ 2 سيپٽمبر 1945ع تي اڌ ملين ماڻهو هوچي منهه کي ٻڌڻ لاءِ هنوئي ۾ گڏ ٿيا.هن ويٽنام جي آزادي وارو پڌرنامو پڙهيو جيڪو آمريڪي ۽ فرينچ پڌرنامي تي ٻڌل هو. ويٽنام هوچي منهه جي محنت ۽ قابليت جي ڪري آزادي حاصل ڪري ورتي.
    سيپٽمبر 1945ع ۾ 200000 چيني نشنلسٽ جي فورس هنوئي پهتي. هوچي منهه جنرل هو. هن سان معاهدو ڪيو ته ڪميونسٽ پارٽي کي ختم ڪري چونڊون ڪرائي هڪ گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي، جڏهن چيئانگ ڪائي شيڪ شنگهائي ۾ مليل فرينچ پاران رعايت تي ويٽنام ۾ اثر ڏيکاريو. هوچي منهه وٽ فرانس سان 6 مارچ 1946ع ۾ فرانس سان معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه هو. جنهن موجب ويٽنام کي انڊو- چائنا فيڊريشن ۽ فرينچ يونين هڪ خودمختيار رياست قبول ڪيو ويندو. معاهدي جو مقصد چين جي آرمي کي اتر ويٽنام مان ڪڍڻ هو، جڏهن چيني ويٽنام ڇڏي ويا ته فرينچ سان ويڙهه شروع ٿي وئي. هوچي منهه کي ذري گهٽ فرينچ فوج جي هڪ ٽولي پڪڙي ورتو هو پر هو اتان ڀڄي نڪتو.
    فيبروري 1950ع ۾ هوچي اسٽالن ۽ مائو سان سوويت يونين جي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ ماسڪو ۾ مليو، اهي سڀ انهي ڳالهه تي راضي ٿيا ته ويٽ منهه جي پٺڀرائي چين ڪئي، مائوزيتنگ جي ايلچي اهو بيان ڏنو ته چين ويجهي مستقبل ۾ 60 کان ستر هزار ويٽ منهه کي تيار ڪندو ائين هوچي کي فرانس سان وڙهڻ لاءِ حوصلو ڏنو. انهي کان پوءِ فرانس سان جنگ بندي کي هوچي ترجيح ڏني ۽ انهن سان ڳالهيون ڪيائين پر پوءِ جنگ هلندي رهي. 1954ع ۾ فرانس کي ڊائين بائين فو تي شڪست ملي ۽ انهن انڊو- چائنا سلطنت ڇڏي ڏني.
    هوچي منهه 2 سيپٽمبر 1969ع ۾ گذاري ويو،دنيا جي هن عظيم انقلابي اڳواڻ پنهنجي ديس ۽ ماڻهن کي سامراج جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ بکون ڪاٽيون، اخبارون وڪيون، فوٽو گرافي ڪيائين ۽ ماڻهن جي اوبرکاڌائين پر پنهنجي مقصد تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو ۽ پنهنجي مضبوط ارادن وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ جي چڻنگ روشن ڪيائين. ڪانگريس جي هڪ همراهه جنهن کي انهي ڳالهه جي پڪ هئي ته “هوچي منهه کي شڪست نٿو ڏئي سگهي ۽ هن چيو ته پوڙهو هوچي مون کي جهڪائي نٿو سگهي” پر هن سموري سامراجي طاقتن کي جهڪائي ڏيکاريو ۽ اهو پڻ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته مضبوط ارادن، محنت ۽ همت وسيلي ڪنهن به ناممڪن ڪم کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.
    هي ڪتاب تران دان تائين جو لکيل آهي ۽ هڪ سوانح حيات آهي.جنهن ۾ هن هوچي منهه جي اصل زندگيءَ کي انهن ماڻهن جي زباني پيش ڪيو آهي جن هوچي منهه جهڙي عظيم اڳواڻ سان زندگيءَ جو ڪجهه وقت گذاريو.آئون پنهنجي دوست سائين روشن برهماڻي جو ٿورائتو آهيان جو هن مون کي ههڙو بهترين ڪتاب انگريزي مان ترجمو ڪرڻ جي صلاح ڏني.مون کي اميد آهي منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پڙهندڙ ضرور قبول ڪندا.

    اختر حفيظ- حيدرآباد


    • پهريون حصو

    هوچي منهه 1890ع ۾ مرڪزي ويٽنام جي صوبي گي اين جي ضلعي نام دان جي ڳوٺ ڪِم ۾ ڄائو. هن جو پيءُ چٽاڀيٽي امتحان ۾ ڊاڪٽريٽ ڊگري جو ٻيو لاريٽ هو. جڏهن ته هو هڪ هاري جي ڪٽنب مان هو. نوجوان هوچي منهه سمجهيو ۽ پنهنجي وطن واسين لاءِ گهڻو ڀوڳيو ۽ مصيبتون سٺيون. هن ڳجهي طريقي سان سهڪار جو ڪم ڪيو. جڏهن هو ويهه سالن جو هو، ته هن ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪيئن انقلابي سرگرمين کي منظم ڪجي. فرينچ شپنگ يارڊ چارگيس ريونس جي اڳوڻي سيلر ماءِ هيٺين ڪهاڻي ٻڌائي :

    1912ع ۽ 1913ع جي وچ ڌاري مون کي چڱي ريت ته ياد ناهي،آئون آفيسرن جي ڊائينگ روم ۾ هڪ ٻَيڙي تي ڪم ڪري رهيو هئس.جيڪو سائيگان بندرگاهه تي سامان ۽ مسافرن لاءِ گهرايو ويو هو. هڪ منجهند هڪ نوجوان ماڻهو آيو ۽ ڪجهه گهٻراهٽ کان پوءِ مون کان ۽ منهنجن دوستن کان نوڪريءَ جي پڇا ڪيائين.
    اسان کيس ٻڌايو ته نوڪريءَ ته ناهي ۽ جيڪڏهن ڪا نوڪري هجي ها ته به اسين کيس نه ڏيون ها.اسين کلياسين ڇاڪاڻ ته نوجوان جي شڪل صورت مزدور بدران شاگرد واري هئي.اسان پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي، ته “ٻَيڙي تي اهڙو ماڻهو ڪيئن ڪو ڪم ٿو ڪري سگهي.” تنهن هوندي به مون هن تي رحم کائيندي چيو “مون سان گڏ اچ آئون توکي ڪپتان وٽ وٺي ٿو هلان شايد هو تنهنجي ڪا مدد ڪري.”
    ڪپتان پڇيو “تون ڇا ٿو ڪري سگهين؟”
    “ڪجهه به” هن جواب ڏنو.
    “سٺو، آئون تو کي بورچي جي مدد لاءِ رکان ٿو. اچ ۽ سڀاڻي کان ڪم تي لڳي وڃ.”
    انهيءَ نوجوان جو نالو با هو.ستت ئي هو منهنجو دوست ٿي ويو ۽ آئون به، هو تمام ڀلو هو،آئون جيتري هن جي مدد ڪري سگهيس ٿي سا ڪيم. ڇاڪاڻ ته هو ڪجهه نٿي ڪري سگهيو.
    بورچي جي مددگار جي حيثيت ۾ هن کي تمام گهڻي محنت ٿي ڪرڻي پئي.ڏينهن جو چار وڳي هن کي رڌڻو صاف ڪرڻو هوندو هو. پوءِ بوائلر ٻارڻو پوندو هو.ڪوئلو، ڀاڄيون، گوشت، مڇي ۽ برف وغيره کڻي اچڻي پوندي هئي.ڪم گهڻي محنت وارو هو،ڇاڪاڻ ته رڌڻي ۾ گهڻي گرمي هئي ۽ ٻَيڙي جي اندرئين حصي ۾گهڻي ٿڌ هئي.اهو انهيءَ وقت تمام ڏکيو هو، جڏهن ٻيڙو سامونڊي لهرن سان ٽڪرائيندو هو ته کيس جهاز ڀرسان ٺهيل رستي کان ڳرا ٿيلها ٻڌي اچڻو پوندو هو، ٻيو هن کي فرينچ بورچين لاءِ ميز رکڻي پوندي هئي.پٽاٽا ڇلڻا پوندا هئا.رڌڻي جا ٿانوءَ ۽ بوائلر جي بتي صاف ڪرڻي پوندي هئي.
    ٻَيڙي ۾ مسافرن ۽ ٻَيڙي جي عملي سميت اٺ سئو ماڻهو هئا، جن کي ماني کارائڻي هوندي هئي.ديڳيون تمام ڳريون ۽ وڏيون هيون اِهي فرش تان گهيلي ۽ اسٽول تي چڙهي صاف ڪرڻيون پونديون هيون.اسان کي اِهي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
    “با مون لاءِ پاڻي کڻي اچ،” “با ديڳيون تيار رک.”
    ٻاڦ ۽ پگهر کيس پسائي ڇڏيندا هئا ۽ هو تمام گدلو ٿي ويندوهو.هن کي پنهنجو عقل ۽ طاقت انهيءَ ڪم تي لڳائڻا هئا، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ جو عادي نه هو.مون کيس پٽاٽا ۽ گجر ڇلڻ سيکاريا هئا، مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري کيس اسپراگس(ڀاڄي جو هڪ قسم)ڇلڻا هئا.اهو پهريون ڀيرو هو جو هن اهي ڏٺا هئا ۽ جڏهن آئون آيس هن سڀئي گڏ ڇلي ڇڏيا هئا.مون سڀ ڇليل اسپراگس کنيا ۽ سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ کيس سيکاريم ته ڪيئن ڇلجن، خوشقسمتيءَ سان ڪجهه نه ٿيو.
    با نائين وڳي تائين ڪم ختم ڪيو.جڏهن اسين سمهندا هئاسين يا پتي راند ڪندا هئاسين ته هو رات جو يارنهن وڳي تائين يا ان کان پوءِ لکڻ پڙهڻ لڳندو هو.عهدي جي لحاظ کان با اسان کان گهٽ هو.اسان سڀني کي گريڊ مليل هئا.جڏهن ته هو فقط بورچي جو سهڪاري هو.جيتوڻيڪ هو مهذب هو ۽ عام طور تي منهنجن اڻ پڙهيل دوستن جي گهر ڏانهن خط پٽ لکڻ ۾ مدد ڪندو هو.هن ڪڏهن به اڍنگو لفظ استعمال نه ڪيو، جيئن اسين سڀ ڪندا هئاسين.
    هڪ ڀيري جڏهن ڇوليون جبل تي چڙهي آيون،هو طوفان ۾ ذري گهٽ ٻڏڻ وارو هو،هر ماڻهو لڳ ڀڳ بيمار هو، پر دستور موجب باَ کي رڌڻي ۽ ٻَيڙي جي هيٺين حصي مان هيٺ مٿي اچڻو هو.ڀاڄين جا ٿيلها ڪُلهي تي کڻي اچڻ ناممڪن هو، تنهن ڪري با کي اُهي ٻڌي رسي سان ڇڪڻا پوندا هئا.ٻئي ڀيري هڪ زبردست لهر سمنڊ مان اُٿي ۽ ٻَيڙي تي پيل ڀاڄين جي ٿيلهن سوڌو سڀ ڪجهه ٻهاري وئي.با ٻَيڙي جي وچ تي سِڙهه جي زنجير ۾ اچي ڪريو ۽ بچي ويو.مارسيلس تي اسان کي مزدوري ملي،هر ويٽنامي کي سئو کان ٻه سئو فرينڪ ۽ خرچي ملي.با کي ڏهه فرينڪ مليا.جيتوڻيڪ سندس مزدوري گهٽ هئي، پر هن ڪافي نيون شيون سکيون هيون. مون کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهندي هن جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ سوچيو اهو سڀ ڪجهه مون کي ٻڌايائين.
    “او! فرانس ۾ به غريب ماڻهوآهن،جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهن.” ٻيڙي تي ڪجهه طوائفن کي ڏسي هن ايئن چيو.
    “فرينچ پنهنجي وطن واسين کي اسان سان اِهو ڪجهه ڪرڻ کان پهرين کين مهذب ڇو نٿا ڪن، ايئن ڇو آهي؟ منهنجا ڀاءُ ماءِ”
    با لاءِ ٽرام اوپري شيءِ هئا.اهو پهرين ڀيرو هو، جو هن اهڙا هلندڙ ڦرندڙ گهر ڏٺا هئا. هو هر شيءِ ۾ دلچسپي وٺندو هو، ڇاڪاڻ ته اِها هن لاءِ نئين هئي.روز جي ڪم کان واندو ٿي مون کيس ڪجهه ڪپڙا اوڌارا ڏنا ۽ ڪينبري هوٽل وياسين.هو پهريون ڀيرو هوٽل ۾ داخل ٿيو ۽ اهو به پهريون ڀيرو هو جو کيس هڪ فرينچ “سائين” چئي مخاطب ٿيو. مارسيلس ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ با چيو ته “فرانس ۾ فرينچ انڊو چائنا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چڱا ۽ ماٺيڻا آهن.”
    ٻَيڙي لي هاروي ڇڏيو، اسپين، پرتگال، الجزائر، تيونس ۽ اوڀر آفريڪا ۽ ڪانگو جي بندر گاهن تي پهتو.با هر شيءِ جو مشاهدو ڪري رهيو هو.جنهن وقت به ٻَيڙو بندرگاهه تي پهتو ٿي،هن وڏي ڪوشش ڪئي ته شهر گهمي،جڏهن هو واپس آيو ته هن جو کيسو فوٽن ۽ ماچيس جي ڏٻين سان ڀريل هو، ڇو ته هو اهڙيون شيون گڏ ڪرڻ جو شوقين هو.
    دڪار واري جاءِ تي وڏو طوفان هو.ٻَيڙو بندرگاهه ۾ داخل نٿي ٿي سگهيو ۽ حياتي بچائيندڙ ٻيڙيون هيٺ سمنڊ ۾ نه پئي لهي سگهيون، ٻَيڙي سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ فرانسيسين چيو ته ڪجهه آفريڪين کي ٻيڙي تائين ترڻ لاءِ ڇڏجي. هڪ- ٻه- ٽي پوءِ چار ڄڻن سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو. هڪٻئي پٺيان سڀ سمنڊ ۾ لهي پيا.
    اهو اسان لاءِ عام نظارو هو، پر با تمام گهرو ويو، هو رنو،آئون اچرج ۾ پئجي ويس ۽ پڇيم ڇو؟ هن ڏک ۾ چيو، “فرانس ۾ فرينچ سٺا آهن، پر فرينچ بيٺڪي وڏا ظالم ۽ جابر آهن. جتي ڪٿي ائين آهي، گهر ۾ آئون اهڙين ورتائن جو ڦانگ رنگ تي شاهد آهيان. فرينچ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا هئا ۽ اسان جا وطن واسي انهن لاءِ ٻڏندا پيا هئا. بيٺڪين لاءِ ايشيائي يا آفريڪي جي حياتي ڪجهه ناهي.”
    اسان جي ٻَيڙي تي Bordeaux (شراب جو هڪ قسم) الجزائري شراب ٻين ڪالونين لاءِ هو. هر ماڻهو اهو شراب واپرائيندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو ججهو هو. ڪجهه سيلر سڄي واٽ پيئندا هئا. بس بيرل ۾ هڪ سوراخ ڪرڻ ضروري هو، پوءِ هڪ رٻڙ جي نليءَ لڳائي زور سان چوسبو هو ۽ بوتلون ڀربيون هيون. ائين هو دل کولي پيئندا هئا، پر باءَ شراب نه پيتو ۽ مون کي نصيحت ڪيائين ته آئون به ٻين وانگر نه ڪريان.
    با سڀني لاءِ ڀلو هو ۽ ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪيائين. جڏهن ته هو ڪجهه الڳ هو. روزانو هو سج کي ڏسڻ لاءِ سوير اٿندو هو ۽ رات جو چنڊ کي به ڏسندو هو. ائين لڳندو هو ته هو سُتو ئي ڪونهي. هو ڊيڪ جي اڳيان پويان ٿيندو هو، آسمان ۽ سمنڊ تي غور ڪندو هو. اسين هڪ صبح جو تانانا راوَ تي بيٺاسين، سمنڊ ماٺ هو، ٻيٽ ڏيئي جي روشني جيان مٿان چمڪيو پئي ۽ هيٺ نيرو رنگ هو. اتي ٻيو ڪجهه به نه هو، پر با حيران هو. هو مون کي چوندو رهيو، “ڏس ڪيڏو نه سهڻو ۽ عاليشان آهي.”

    1917ع ۾ با انگلينڊ ويو.هي ڪهاڻي هڪ ويٽنامي ٻڌائي جيڪو انهي وقت لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ بورچي هو.

    پهرين عالمي جنگ کان هڪ هفتو اڳ آئون هڪ نوجوان سان هڪ ڪمري ۾ مليس.جيئن ته مون سمجهيو هو چيني آهي.انهيءَ ڪري هن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنم.ٽئين ڏينهن هو مون وٽ آيو ۽ ويٽنامي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين. انهيِءَ ڏينهن کان وٺي اسين سٺا دوست ٿي وياسين.
    “تون هتي انگلينڊ ڪيئن آئين؟مون با کان پڇيو.
    “آئون پنهنجو پاڻ هتي انگريزي سکڻ آيو آهيان”.
    “تمام سٺو پر انگريزي سکڻ تمام ڏکي آهي.آئون هتي ٻن سالن کان آهيان ۽ مون کي “ها” ۽ “نه” کانسواءِ ڪا به ڄاڻ ناهي.اسين ضرور سکنداسين پاڻ گڏ سکنداسين.هتي اچڻ کان پهرين تون ڪٿي هئين؟”
    “آئون پهرين هڪ اسڪول ۾ برف صاف ڪندو هئس. تمام ڏکيو ڪم هو.آئون سڄو پگهرجي ويندو هئس، منهنجا هٿ ۽ پير ڄمي ويندا هئا ۽ انهي برف کي ٽوڙڻ سولو نه هو.ڇاڪاڻ ته اِها ترڪڻي هئي. اٺ ڪلاڪن جي ڪم کان پوءِ بک به لڳندي هئي ۽ ٿڪي پوندو هئس.مون کي اها نوڪري ڇڏڻي پئي.هيڊ ماستر چڱو ماڻهو هو.هن مونکي ڇهه پنس ڏنا ۽ مرڪندي چيائين! بيشڪ اها نوڪريءَ تو کان زور آهي.ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي ٻي نوڪريءَ ملي وئي.هن ڀيري مونکي بوائلر کي گرم ڪرڻو هو.پنجين کان وٺي آئون ۽ منهنجو دوست مٿي چڙهي باهه لڳائيندا هئاسين.اهو ڪم خوفناڪ هو.مون کي خبر نه هئي ته ڊيڪ تي ماڻهو ڇا ڪري رهيا هئا.آئون ڪڏهن به مٿي نه چڙهيو هئس.مون سان ڪم ڪندڙ ساٿي خاموش ماڻهو هو ڀانيان ٿو ته هو گونگو هو.سڄي ڏينهن ۾ ڪم دوران هن ڪجهه به نه چيو.هو ڪم دوران ٻِيڙي پيئندو رهندوهو.جڏهن کيس ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوندي هئي ته هن نشاني ٿي ٺاهي پر اکر نه ڪڇيو.اُتي اندر ڪافي گرمي هئي.جڏهن ته ٻاهر گهڻي ٿڌ هئي. مون وٽ ڪي گرم ڪپڙا نه هئا.انهيءَ ڪري ٿڌ لڳي وئي.مون کي ٻه هفتا آرام ڪرڻو پيو.پنهنجي بچت مان مسواڙ، ماني ۽ انگريزي جي ڇهن سبقن لاءِ پئسا ڏنا.مون وٽ ڇهه شلنگ ۽ ڇهه پنس پيا هئا.آئون نوڪري جي ڳولا ۾ سوهو ويس ۽ پوءِ هتي آيس.”
    ڪم جو وقت صبح جو اٺين کان منجهند تائين ۽ پنجين کان ڏهين تائين هو، با روز صبح جو ۽ منجهند کان پوءِ پنهنجي هٿ ۾ ڪتاب ۽ پينسل سان هائيڊ پارڪ ۾ ويهندو هو.پنهنجن واندن ڏينهن ۾ هو اطالوي استاد کان انگريزي سبق وٺندو هو.با مون کي صلاح ڏني ته آئون به هن جيان پڙهان پرآئون ڪنهن قدر سست هئس. هاڻ آئون انهي تي پڇتايان ٿو.اسان مان هر هڪ کي صفائي جو وارو ملندو هو.گراهڪن کي ماني کارائڻ کان پوءِ بيرن کي ٿانوَ صاف ڪري هڪ لفٽ ذريعي رڌڻي تائين پهچائڻا هوندا هئا.پوءِ اسان کي چيني ۽ چاندي وارا ٿانو ڌار ڪرڻا پوندا هئا. جڏهن با جو وارو ايندو هو ته هو ڪافي محتاط هوندو هو.بچيل سچيل ماني کي اڇلڻ بدران انهي کي صاف ڪري واپس رڌڻي ۾ موڪلي ڇڏيندو هو.اهو اسڪارفيئر بورچي ڏسي ورتو ۽ با کان پڇيائين “تون انهي رهيل مانيءَ کي گند جي ٽوڪريءَ ۾ ڇو نٿو اڇلائين جيئن ٻيا ڪن ٿا.”
    “اهي شيون اڇلائڻ نه گهرجن. توهين اها غريبن کي به ڏئي سگهو ٿا.”
    “نوجوان ٻڌ بورچي اسڪار فيئر خوش ٿيو ۽ کلندي چيائين. پنهنجن انقلابي ڳالهين کي هڪ لمحي لاءِ پاسيرو رک.آئون تو کي رڌ پچاءُ سيکاريندس ۽ تون جام پئسا ڪمائيندين. ٺيڪ آهي.”
    بورچي اسڪارفيئر با کي ٿانون ڌوئڻ تي نه ڇڏيو ۽ کيس ڪيڪ سيڪشن ۾ رکيائين جتي هن کي وڌيڪ پئسا مليا.اها بيشڪ زبردست ڳالهه هئي پهريون ڀيرو رڌڻي جي بادشاهه اهڙي قسم جي شيءِ ڪئي هئي.با ڪافي جذباتي هو.هڪ ڀيري مون هن جي هٿ ۾ اخبار ڏٺي ۽ هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون.مون پڇيو ته هو ڇو غمگين آهي. هن مونکي اخبار ڏيکاري ۽ چيائين ڏس،
    “هي خبر ڪارسڪا جي ميئر جي باري ۾ آهي.هڪ عظيم آئرش، محب وطن جيڪو انگريزن هٿان گرفتار ٿيو ۽ قيد ۾ رکيو ويو.هن هڙتال ڪئي.هن نه کاڌو ۽ نه پيتو.هن نه ڳالهايو ۽ نه ئي چُريو. هُو 69 ڏينهن تائين هڪ پاسي پيو رهيو.هُو پنهنجي ديس لاءِ مري ويو.ڪيڏو نه بهادر ۽ سُورهيه هو.ڪنهن قوم وٽ اهڙا شهري هجن اها جهڪي نٿي سگهي.”


    • ٻيو حصو

    پهرين عالمي جنگ جي خاتمي تي هاڻي باَ گيون آءِ ڪيوڪ هو. هو فرانس موٽي آيو. جتي هن پڙهائي جاري رکي ۽ پاڻ کي بيٺڪي ظلم خلاف مصروف رکيائين.

    جرمني شڪست کائي چڪو هو. جنگ ختم ٿي چڪي هئي. جرمن بادشاهه ناروي فرار ٿي ويو هو. روس ۾ انقلاب اچي چڪو هو. فاتح طاقتن جا نمائندا ورسائيلس ۾ امن ڪانفرنس ۾ مليا. سرڪاري وفدن کانسواءِ اُتي ٻيا مظلوم قومن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. انهن صدر ولسن جا تيرنهن نقطا ٻڌا. اتي آئرش، هندستاني، ڪوريائي، عرب وغيره هئا. اهي سڀ آزاديءَ لاءِ آيا هئا. انهن ۾ گيون آءِ ڪيوڪ به هو. گيون ڪورين، آئرش ۽ ٻين وفدن سان رابطي ۾ هو. هن ويٽنامي محب وطنن جي ۽ پئرس ۾ فرانس جي ٻين شهرن ۾ هڪ ايسوسيئيشن منظم ڪئي. انهيءَ موقعي تي هن ورسائلس ڪانفرنس ۾ دعوى جي هڪ فهرست پيش ڪئي. انهيءَ ۾ اٺ نقطا هئا. جن مان اهم ترين هي هئا:
    ويٽنام جي خودمختياريءَ.
    ايسوسيئشن جي آزاديءَ، مذهبي آزاديءَ، پريس جي آزاديءَ
    تحريڪ جي آزاديءَ، سياسي قيدين کي معافي
    فرينچ ۽ ويٽنامين جا برابريءَ وارا حق. آفيم ۽ شراب جي زوري استعمال جو خاتمو
    جبري پورهئي ۽ لوڻ تي ٽيڪس جو خاتمو
    اها فهرست سڀني اتحادي وفدن ڏانهن فرانس جي سمورن قومي اسيمبلي جي ڊپٽين ڏانهن موڪلي وئي. اها تمام دلچسپ ڳالهه هئي ته جيڪي خيال هئا، اهي گيون جا هئا. پر انهن کي لفظن جو ويس هڪ وڪيل فان وان ترئونگ ڏنو هو. ڇو ته گيون فرينچ لکي نٿي سگهيو. جيئن ئي ورسائيلس ڪانفرنس شروع ٿي. صدر ولسن جا چوڏهن نقطا غائب ٿي ويا ۽ چيني ماڻهو ڪافي مايوس ٿيا. جنگ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ چين جي مهرباني مڃيندي. اولهه جي طاقتن چين ورهائي ڇڏيو ۽ سنگتائو جي پيشڪش جاپان کي ڪئي. چيني نوجوانن انهيءَ سخت ناانصافي خلاف بغاوت ڪئي. چيني وفد کي ڪانفرنس مان واپس اچڻ جو حڪم مليو ۽ هڪ مخالف بيٺڪيتي تحريڪ انٽيليجينشيا پاران هلائي وئي. جيڪا سموري چين ۾ پکڙجي وئي. هڪ قومي آزاديءَ تحريڪ جيڪا ساڳي وقت ثقافتي انقلاب هئي. اها چار مئي 1919ع جي تحريڪ هئي. گيون جنگ دوران تيار ڪيل سياستدانن پاران آزاديءَ جي پڌرنامي کي سمجهي ورتو ۽ اهي فقط يقين ڏيارڻ لاءِ لفظ هئا. جيڪڏهن ماڻهن آزاد ٿيڻ چاهيو پئي. انهن کي ضرور طاقت تي ڀاڙڻ گهرجي ها. گيون جون دعوائون ٻين وانگر نظرانداز ڪيون ويون. انهيءَ کان ڪو انڪار ناهي ته انهن جو ڪو اثر نه هو. جيئن ته ڪانفرنس قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي اهم نقطي تي پهتي. پنهنجي تمام ٿورن وسيلن هوندي گيون شديد غربت ۾ رهندي انهن دعوائن کي ڪتابڙي جي صورت ۾ چپايو ۽ گڏجاڻي ۾ ورهائين. جنهن جي نتيجي ۾ فرينچ ويٽنام کي بهتر سمجهي سگهيا. گيون اِهي سڀني قومي ويٽنامين ۽ اُهي ويٽنامي جيڪي فرانس ۾ فرينچ آرمي ۾ هئا. انهن ۾ ورهائي ڇڏيائين. تنهنڪري آرمي ڪيمپن ۾ پوليس جي جاچ شروع ٿي ۽ اڻ سڌي طرح ويٽنامي پورهيت ۽ فوجي سجاڳ ٿيا. جيڪي سياست کان اَڻ واقف هئا. گيون اهو دستاويز انڊو چائنا به موڪليا پوءِ ته فقط اّهي ئي پنهنجي منزل تي پهچي سگهيا. جنهن ۾ فرينچ ماڻهن کي خطاب هو. فرينچ بيٺڪين اُهي دعوائون اخبار ۾ مشڪري خاطر ڇاپيون ۽ ساڳي وقت انهن اخبارن جي مهرباني سبب ويٽنامي ماڻهو انهن دعوائن جي سچي حقن کان واقف ٿيا ۽ تنهن کانپوءِ ويٽنام جي انقلابي تحريڪ هر ڏينهن تمام گهڻي حمايت حاصل ڪري ورتي. تن ڏينهن ۾ پئرس ۾ گيون پنهنجي ڌرتي جي مقصد لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو پر هو يقينن سياستدان نه هو ڇاڪاڻ ته هن کي سياست بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي. فرينچ اخبارن مان ويٽنام جون دعوائون فقط سوشلسٽ اخبار “لي پيپل” ۾ ڇپيون. گيون ايڊيٽر جي آفيس ڏسڻ ويو. ايڊيٽر سان ملڻ آيو. اهو چارلس لونگيوٽ هو جيڪو ڪارل مارڪس جو ڀائيٽو ۽ فرينچ پارليامينٽ جو ميمبر هو. گيون حيران ٿيو ڇاڪاڻ ته هن جو ڪڏهن به گرم جوشي سان آڌر ڀاءَ نه ڪيو ويو هو. لونگيوٽ کيس پيارا ڪامريڊ ڪري سڏيو ۽ پنهنجن همدردين جو اظهار ويٽنامي ماڻهن لاءِ ڪيائين. هُن هنکي ويٽنامي ماڻهن سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف لکڻ ۽ فرينچ ماڻهن کي انهيءَ بابت با خبر ڪرڻ لاءِ اخبار ۾ مضمون لکڻ لاءِ چيو. اسين چئي سگهون ٿا ته انهيءَ گڏجاڻي هن لاءِ سياست کي سمجهڻ جو دروازو کولي چڏيو. انهيِءَ فرينچ ماڻهن کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ڏني. جڏهن ته آرٽيڪل لکڻ لاءِ فرينچ ماڻهن بابت ڄاڻ ڪافي نه هئي. هو لاڳيتو گذارشون ڪندو رهيو جيستائين فان وان ترونگ لکڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ترونگ لکڻ جو سٺو هو پر هن پنهنجو نالو نٿي ڏيڻ چاهيو. تنهنڪري گيون کي پنهنجي صحيح ڪرڻي پوندي هئي. گيون کي پنهنجي ڏاهپ جي ڪمزوري خاص طور تي خراب لڳندي هئي. خاص طور تي ترونگ اهو ڪجهه نه لکندو هو جيڪو گيون لکائڻ چاهيندو هو. انهيءَ ڪري هن صحافت سکڻ شروع ڪئي. اخبارن جي ايڊيٽر سان واقفيت ٿي. “لي پيپل” جي ايڊيٽر لونگيوٽ جيان همدرد هو. هن گيون کي پنهنجي اخبار ۾ لکڻ لاءِ چيو. انهيءَ کي محسوس ڪندي ته هو ترونگ تي سدائين ڀاڙي نٿو سگهي. گيون اعتراف ڪيو ته هن جي فرينچ گهڻي سٺي ناهي. ايڊيٽر چيو ته “ڪا ڳالهه ناهي. تون فقط لِک جيئن توکي صحيح لڳي. آئون ڇپڻ کان اڳ تنهنجا آرٽيڪل درست ڪندس.تو کي گهڻو لکڻ جي ضرورت ناهي. فقط پنج ڇهه سِٽون لکجان.”
    گيون وڏي مشڪل سان لکڻ شروع ڪيو. هن پهرين ڇهه سِٽون لکيون.هن کي لکڻ لاءِ ويٽنام جي خبر جي ضرورت نه هئي.هن کي لفظن ۾ فرينچ لکڻ جي ضرورت هئي.جڏهن هن اخبار ۾ پنهنجو پهريون آرٽيڪل ڏٺو ته تمام گهڻو خوش ٿيو.هو سدائين آرٽيڪل جي ٻئي ڪاپي پاڻ سان رکندو هو ۽ انهيءَ کي ڇپيل سان ڀيٽائي غلطيون سڌاريندو هو.هو وڏي صبر سان ائين ڪندو رهيو.جڏهن هن جي آرٽيڪل ۾ تمام ٿوريون غلطيون بچيون ته ايڊيٽر صلاح ڏنس ته “ هاڻ ڪجهه وڌيڪ لِک تقريبن ست اٺ سٽن تائين” آهستي ائين هو سمورو ڪالم ۽ ڪنهن مهل ته وڌيڪ لکي ويندو هو. تنهن کان پوءِ سندس ڀلوڙ دوست ايڊيٽر کيس چيو ته “هاڻ انهيءَ کي ننڍو ڪر ڊگهو نه ڪر.”
    گيون محسوس ڪيو ته ڪنهن آرٽيڪل کي ننڍو ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي.جيترو ڊگهو ڪرڻ. تنهن هوندي به هن ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ويو.اتان کان هو صحافين جي حلقي ۾ شامل ٿيو.هن شيڪسپيئر ۽ ڊڪنس کي انگريزي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو.لوشين کي چيني ۾ هيوگو ۽ زولا کي فرينچ ۾ پڙهيو پر اُّهي انا طول فرانس ۽ ليوٽالسٽاءِ ها جن سندس ادبي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر ڪيو. انا طول فرانس ۽ ليوٽالسٽاءِ جي سادگي مان هو گهڻو لطف اندوز ٿيو. هن پاڻ ئي چيو ته “ماڻهو جيڪو ڪجهه ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، اهو رنگن ۽ شين جي حرڪتن کي ڏسي لکڻ گهرجي پوءِ لِکڻ گهڻو ڏکيو ناهي.”
    هن جي پهرين مختصر ڪهاڻي “لا هومينٽي” اخبار ۾ ٻن حصن ۾ ڇپي. هن انهيءَ ۾ پئرس جي پورهيت جي ڪهاڻي بيان ڪئي. جيڪا انهيءَ وقت سندس زندگيءَ به هئي. هنن کيس انهي جا سئو فرينڪ ڏنا. انهن ڏينهن ۾ اها وڏي رقم هئي ۽ ادبي ۽ مالي طور اها ٻيڻي ڪاميابي هئي. پهرين ڪاميابي هن کي لکڻ لاءِ وڌيڪ همٿايو. پئرس ۾ پورهيت جي زندگيءَ کي اُجاگر ڪرڻ کانپوءِ هن اڪثر ڪالونين خاص طور تي جيڪي ويٽنام ۾ هيون انهن لاءِ لکيو. هُو اهو نه وساري سگهيو ته هن جو ملڪ لتاڙيو ويو هو ۽ وطن واسي مظلوم هئا. هن هڪ ڪتاب “فرينچ ڪالونائيزيشن آن ٽرائل” لکيو.انهي ڪتاب ۾ بيٺڪي مخالف دستاويز مواد هو.جيڪو هن فرينچ ڪتابن ۽ قومي لائيبريري مان جمع ڪيو.وڏي جوش جذبي سان هن. “دابمبو ڊريگن،” (بانس وارو راڪاس) ڊرامو لکيو. انهي ڊرامي جو مرڪزي خيال اهو هو ته هڪ بانس جو قسم آهي، جنهن کي مڙيل جسم هو. جيڪي نوادرات کي پسند ڪندا هئا.اهي انهيءَ کي راڪاس جي شڪل ڏئي رانديڪو ٺاهيندا هئا.جيتوڻيڪ اهو راڪاس جي شڪل ۾ هو پر حقيقت ۾ اهو بانس هو جيڪو وڌيڪ ڪارائتو بڻائي پيو سگهجي.راڪاس جي شڪل هڪ اجائي ۽ فضول شيءِ هئي. هن اهو ڊرامو فرانس جي سُلطان کائي دن جي بٺيڪي نمائش جي دوري وقت لکيو.فرانس حڪومت پاران ڊرامي تي پابندي لڳائي وئي پر پئرس جي ڪلبن ۽ ناٽڪ منڊلين ۾ اهو ڊرامو ڏيکاريو ويو.ادبي نقادن انهي کي ساراهيو.
    پئرس ۾ ترسڻ دوران گيون ڏکيو وقت گذاريو.هن گذران لاءِ فوٽو گرافي ڪئي.اهو ڦان چوٽرن هو، جنهن کيس اهو ڪم سيکاريو. هن اوڀر جي نوادرات تي چٽساليءَ جو ڪم پڻ ڪيو.بدقسمتي سان اهو موسمي ڪاروبار هو ۽ سال ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي.
    گيون جي سياسي سرگرمين پنهنجي وطن واسين ۾ گهري همدردي پيدا ڪئي.اهو فطري هو ڇاڪاڻ ته اهو ويٽنام جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو عالمي جنگ کان پهرين ويٽنامين ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ موقف اختيار ڪيو.اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو هڪ ويٽنامي کي پئرس جي جيل ۾ واڙيو ويو.بيٺڪين پاران هن سان نفرت ڪئي وئي.انهن هن جي جاسوسي ڪئي. بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون.انهن دڪاندارن کي چيو ته هن کي روزگار نه ڏيو. انهن کيس رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن اهي ناڪام ٿيا ته هنن وري کيس ڌمڪايو البرٽ اسٽارئٽ ڪالونين جي وزير ۽ پئري پاسڪيئر، انڊو چائنا جي گورنر گيون کي اڪيلائيءَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ پوليس جي ڊائريڪٽر هن جو پاسپورٽ ڦري ورتو.کائي دن فرانس ۾ ترسڻ دوران گيون کي ٻن جاسوسن تمام ويجهي کان ڏٺو، بهرحال هن پرواهه نه ڪئي ۽ فرينچ اختيارين سان ڏکي ۽ تڪليف واري زندگي دوران هو ڪمزور نه ٿيو.هر صبح هو چانور لوڻياٺي مڇي سان پچائيندو هو يا ٿورو گوشت هڪ تيل واري چُلهي تي پچائيندو هو. هو اڌ کائيندو هو ۽ اڌ شام لاءِ بچائي رکندو هو. ڪنهن مهل ته هڪ ڊبل روٽي پنير سان سڄي ڏينهن لاءِ هوندي هئي.ورڪنگ ڪلاس ڪواٽر جي هوٽل ۾ هن کي هڪ ننڍڙو ڪمرو مليل هو،اهو ڪمرو هر شيءِ لاءِ سوڙهو هو پر انهي ۾ ننڍو لوهي پلنگ ۽ هڪ ننڍي ميز ۽ ڪرسي هئي.سياري ۾ ڪم تي وڃڻ کان پهرين روز گيون هوٽل جي رڌڻي ۾ هڪ سِر وجهندو هو ۽ شام جو ٻاهر ڪڍي اخبار ۾ ويڙهي بسترو گرم ڪندو هو.اڪثر ڪري هُو اڌ ڏينهن ڪم ڪندو هو. ڪجهه پئسا صبح جو ڪمائيندو ۽ منجهند لائبريري هليو ويندو هو يا سياسي ڪانفرنس ۾ حاضر ٿيندو هو.شام جو هو پئرس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ويندو هو جيڪي اتي گهڻيون ٿينديون هيون. جتي هن جي بلون، براڪي، وائلنٽ ڪوٽرير، پروفيسر مارسل ڪيچن، ڊپٽي ميڪ ساگنئر، ناولسٽ ڪوليٽي جهڙن ماڻهن سان سڃاڻپ ٿيس.هن تقريبًا هر گڏجاڻي ۾ ڳالهائڻ جي گهر ڪئي.ماڻهن هن کي ٻڌڻ پسند ٿي ڪيو ڇاڪاڻ ته هُو ئي فقط ٻاهريون ماڻهو هو ۽ خاص طور تي کيس پر ڪشش شخصيت هئي.
    هن بيٺڪيتي سوال جي حوالي سان سياڻپ سان هر ڳالهه ڪئي ۽ خاص طور تي ويٽنامي ملڪن جي حوالي سان. هڪ ڀيري ڊي ڪووئي هپنو ٽزم تي ڳالهايو،گهڻن ماڻهن پوءِ ڳالهايو ڪي متفق ٿيا ۽ ڪجهه بيماري جو علاج هپنو ٽزم سان ڪرڻ بابت انهي ڪارڻ جي ڪري متفق نه ٿيا جو “فرينچ اسان جي ماڻهن کي ظلم ۽ دوکو ڪرڻ لاءِ هپنو ٽزم ڪيو آهي.” ٻئي ڀيري گڏجاڻي ۾ آئرش ۽ ڪورين واري سوال تي بحث ٿيو.سڀني فرينچ مقررن سختي سان انگلش ۽ جاپاني پاليسي تي تنقيد ڪئي ۽ آئرش ۽ ڪوريائي ماڻهن جو بچاءُ ڪيو. گيون چيو “هڪ مظلوم شهري جي حيثيت سان آئون ڪوريائي ۽ آئرش دوستن سان سچي دل سان همدردي رکان ٿو ۽ هن گڏجاڻي ۾ انگلش ۽ جاپاني بيٺڪين کي ڏوهاري سمجهان ٿو.تنهن هوندي به آئون توهان کان پڇان ٿو ته ڇا اسين بيٺڪين کي ڏوهاري قرار ڏيون؟ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ڇا اسين ٻين مظلوم ماڻهن جو بچاءُ ڪريون؟ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي يا نه؟”سڀني هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ کيس ويٽنام جا موجوده مسئلا پيش ڪرڻ لاءِ چيو.پئرس ۾ انهيءَ گڏجاڻي ۾ مختلف موضوع بحث هيٺ ايندا هئا.جيئن فلڪيات، سياست،ادب،واٽر ڪريس جي پوکائي جو طريقو ۽ سپون وغيره بحث هيٺ ايندا هئا.اتي هر قسم جا ماڻهو موجود هئا.جن ۾ مفڪر، اڳوڻا وزير، ڊپٽي، ليکڪ، پورهيت، واپاري، پوڙها ۽ نوجوان ماڻهو هئا.اهو تمام دوستاڻو ۽ جمهوري ماحول هو، بلڪل فرينچ دور ۾ جيڪوبن ڪلب جهڙو ماحول هو.ماڻهو ڪافي شيون سکي سگهيو پئي. غربت هوندي به گيون سدائين خوش هوندوهو.بحث دوران بيٺڪين کي ڏوهاري سڏيندي به گيون سدائين ماٺ ۽ محتاط رهندو هو.هن کي ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي ۽ نه ڪڏهن سخت لهجي ۾ ڳالهائين. هن هر موضوع کي سمجهڻ لاءِ پڙهائي ڪئي.آرٽ ۽ سائنس ۾ فرينڊز آف آرٽس ايسوسيئشن ۾ حصو ورتو.جيڪا ڪارخانن، ليبارٽرين، آرٽ گروپ، ٿيٽرن وغيره جا دورا ڪندي هئي ۽ اهو هر هفتي ٿيندو هو.انهن موضوعن کي سمجهائڻ لاءِ اتي ماهر هئا.هن ٽريوَل ايسوسيئشن ۾ به حصو ورتو، جنهن فرانس ۽ پاڙيسري ملڪن جا دورا ڪرايا. انهي جي مهرباني سان گيون فرانس، اٽلي، سئزرلينڊ، جرمني ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ گهميا.
    هو انهي نتيجي تي پهتو ته سڀئي انسان آهن.جتي ڪٿي اسين سٺن ۽ خراب ايماندار ۽ بي ايمان ماڻهن سان ملون ٿا. جيڪڏهن اسين سٺا آهيون ته اسين هر هنڌ سٺن ماڻهن سان ملنداسين.دوري کانپوءِ گيون جا ٻيا به مزا هئا.اهو فقط سفر لاءِ هن جو چاهه هو جو هن انهي لاءِ پائي پائي بچائي هئي، پر انهي کان به اهم ڳالهه اها ته سندس خواهش ٻاهريان ملڪ انهن جي تنظيم ۽ انتظاميه ڏسڻ هئي.هن منظم ٿيڻ شروع ڪيو يا يقيني طور شين جو وڌيڪ منظم انداز ۾ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.پنهنجي سفر دوران ٿيل گڏجاڻين ۾ هو تيونس، الجزائر، مراڪش، ماداگاسڪر وغيرهه جي انقلابي اڳواڻن سان مليو. انهن سان گڏجي هن پئرس ۾ بين الاقوامي يونين منظم ڪئي.انهيءَ ايسوسيئشن جو مقصد بيٺڪي ماڻهن جي آزاديءَ هو.انهن جون سرگرميون مختلف پرچار. بيٺڪي ماڻهن پاران گڏجاڻيون سڏائي انهن ۾ شامل ٿيڻ هو، جن ۾ اهي فرينچ به هئا. جن جون همدرديون ساڻن هيون.اڪثر ڪري همدرد بيٺڪي ماڻهن کان وڌيڪ هوندا هئا.پوءِ سرڪاري عورتن ۽ پورهيتن جي گهڻائي کي فرينچ اختيارين ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن انهن گڏجاڻين ۾ اچڻ جاري رکيو ته انهن کي واپس موڪليو ويندو.جيڪو ڪجهه ڪالونين ۾ ٿي رهيو هو. انهيءَ جي باري ۾ فرينچ همدرد ڪافي بي چين هئا. جنهن ۾ شراب، آفيم، رشوت ۽ ظلم شامل هو.هن چيو ته شرم ڪريو هي برداشت جوڳو ناهي بيٺڪين جا ڏوهه ڳڻپ کان ٻاهر آهن.هن ۽ سندس ساٿين پنهنجي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ اخباري “لي پيريا” ڪڍي. هو هڪ ئي وقت ايڊيٽر ۽ ڊائريڪٽر به رهيو. ماداگاسي، الجزائر، تيونسي ۽ مارٽينڪن محب وطن، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري ۽ شاگرد هئا.اهي پنهنجن معاملن ۾ مصروف رهيا ۽ اخبار کي گهڻو وقت نه ڏئي سگهيا. هر ماڻهو هڪ آرٽيڪل ۽ ڪجهه پئسا ڏئي ٿي سگهيو. هن کي اخبار هلائڻ لاءِ چونڊيو ويو.انهي ڪري هو هڪ ئي وقت ڊائريڪٽر، ليکڪ، ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، خزانچي هو. هُو پبليشر ۽ Liaison Officer رهيو. “لي پيريا” پهرين ننڍن دڪانن تي وڪي وئي ۽ چڱي ريت نه وڪاڻي ڇاڪاڻ ته پيرس ۾ ڪافي اخبارون هيون. تنهن ڪري هو عام گڏجاڻين ۾ اخبارون ورهائيندو هو ۽ چوندو هو دوستو! “لي پيريا مفت آهي. تڏهن به آئون توهانکي ساراهيندس جيڪڏهن توهين مهرباني ڪري ڪا مدد ڪندا.هڪ سينٽ، هڪ فرنيڪ ڪجهه به هر هڪ سينٽ مدد ڪندو.”
    فرينچ خاص ڪري وچون طبقو ۽ غريب طبقو سخي هئا ۽ ائين هن خرچ ادا ڪرڻ لاءِ ڪافي پئسا گڏ ڪري ورتا. “لي پيريا” جو شايع ٿيڻ بيٺڪين لاءِ وڏي ڪاميابي هئي ۽ انهيءَ تي جلد ئي ڪالونين ۾ پابندي لڳائي وئي پر گيون هار نه مڃي. ڪجهه سيلر هئا، جن سرڪيوليشن جو خيال رکيو ۽ تنهن کانپوءِ ڪجهه ٻيا ڳجها طريقا به هئا.اهي ويٽنامي جيڪي پئرس ۾ رهندا هئا،سي اخبار لاءِ لڪل نموني پئسا موڪليندا هئا.جيتوڻيڪ انهن مان گهڻائي اڻ پڙهيل هئي. پئرس ۾ موجود ويٽنامي شاگردن جي گهڻائي “لي پيريا” ۽ گيون کان ڊنل هئي.جيڪو انهن لاءِ هڪ جهنگلي جانور هو.انهن هن کي يا اخبار کي ناپسند نٿي ڪيو ۽ گهڻائي لڪي پڙهندا هئا پر انهن جي رويي جو اصل ڪارڻ، انهي ۾ ملوث ٿيڻ جو ڊپ هو.بين الاقوامي يونين جي اعلان ۽ “لي پيريا” جي شايع ٿيڻ کانپوءِ بيٺڪي شاگرد پوليس پاران چيڪ ڪيا ويندا هئا.هڪ ڏينهن باءِ ڪُنگ چُيو جو پٽ (باءِ ڪُنگ چُيو ويٽنام جي مشهور شخصيت جنهن فرينچ جي مدد ڪئي.) “لي پيريا” جي آفيس ويو ۽ پنج فرينڪ ميز تي رکندي چيائين “اخبار لاءِ” ۽ ائين ڀڄي ويو.جيئن ڪو جِن سندس پيڇو ڪندو هجي. ڪالونين ۾ خاص ڪري انڊو- چائنا ۾ جيڪي انهيءَ کي پڙهندا هئا.اهي گرفتار ٿي ويندا هئا.انهن تڪليفن باوجود اخبار لاڳيتو ترقي ڪندي رهي.اها مظلوم ملڪن لاءِ تازي هوا جو جهوٽو هئي.گيون شوشلسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو.هُو پهريون ويٽنامي هو جيڪو فرينچ سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيو هو.سوشلسٽ پارٽي ڏانهن ويجهڙائي جي سبب بابت هن ٻڌايو “اها ئي اهڙي تنظيم آهي فرانس ۾ جيڪا منهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪري ٿي. اها ئي فقط اهڙي پارٽي آهي جيڪا فرينچ انقلاب جو اعلى نظريو رکي ٿي. آزادي، برابري، اتحاد.”
    انهيءَ وقت سوشلسٽ پارٽي جو هر ميمبر ٻي بين الاقوامي ۾ رهجي ويل سوال تي بحث ڪندو هو يا ٽين بين الاقوامي منعقد ڪرائڻ يا ٻين کي منظم ڪرڻ جو ذڪر ٿيندو هو. شام جو ۽ گڏجاڻي ٿيڻ کان پهرين بحث ٿيندا هئا.ڪي ته سمورا ڪٽنب گڏجاڻي ۾ شامل ٿي بحث ۾ حصو وٺندا هئا.عورتون به مردن جيان جوش ۾ هونديون هيون.اڪثر ڪري پيءُ پٽن سان اتفاق نه ڪندا هئا ۽ مڙس زالن سان.انهي ۾ هن گهڻو ڪجهه ٻڌو ۽ پر گهڻي ڀاڱي سمجهي نه سگهيو.ڇاڪاڻ ته گهڻن لفظن جو ورجائو هو.مثال طور: سرمائيداري، پرولتاري سوشلزم، دوکي، يوٽوپيا، سينٽ سون، فوريئر، مارڪس، انارڪزم، رفارمزم، ٿيسز ۽ اينٽي ٿيسز آزاديءَ، اجتماعيت، ڪميونزم، داخليت، خارجيت وغيره شامل هئا.سوشلسٽ اخبارون مختلف موقف سان ڀريل هونديون هيون.پروفيسر مارسل ڪيچن، وائلنٽ، ڪورٽيئر ۽ ٻين ڪيترن ئي لاهيومينٽي ۾ اهو اظهار ڪيو ته اهي بين الاقوامي ۾ شريڪ ٿيڻ چاهين ٿا. ٻي بين الاقوامي کان پوءِ واري بين الاقوامي ۾ ويهڻ بابت موقف “فرينڊ آف لا پيپل” ۾ ڇپيا. ليون ۽ فاري جا موقف “لي پيپل” ۾ ڇپيا. ٻيون ڪيتريون ئي وضاحتون ۽ بحث هئا.جنهن کيس مٿي ۾ سور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته واقعي به انهن کي سمجهڻ هن لاءِ ڏکيو هو.هڪ ڏينهن هن چيو ته “پيارا دوستو! توهين سڀئي سوشلسٽ آهيو اها سٺي ڳالهه آهي. توهين سڀ پورهيت طبقي جي آزاديءَ چاهيو ٿا يا نه؟ تمام سٺو.انهي ڪري ٻي يا ٽين بين الاقوامي ساڳي ڳالهه آهي. ڇا اُهي سوشلزم لاءِ نه پيا وڙهڻ ۽ توهين ضرور ٻڌي ۾ هجو.توهين گهڻو بحث ڇو ٿا ڪريو؟جڏهن ته توهين بحث پيا ڪريو ته هتي اسان جا وطن واسي ويٽنام ۾ تڪليف ۾ آهن” هر هڪ مُرڪيو پر ڪو به کليو نه، ڇاڪاڻ ته هو معصوم هو. هڪ سهڻي فوجي ڇوڪريءَ جيڪا درزي هئي سندس نالو روز هو. تنهن چيس “ڪامريڊ گيون توهان کي سمجهائڻ ڏکيو آهي.ڇاڪاڻ ته توهان نوان آهيو، پر مون کي پڪ آهي ته توهان پوءِ سمجهي ويندو. انهي ڪري اسان گهڻو بحث ڪيو اهو مستقبل ۾ پورهيت طبقي لاءِ ضروري آهي.”
    هر ڳالهه جو ڇيهه هوندو آهي ۽ اهو بحث تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.گيون کي ڪيترن ئي ماڻهن جي حمايت حاصل هئي. ڇاڪاڻ ته ڪالونين مان هو اڪيلو نمائندو هو ۽ اهو پڻ پهريون ڀيرو هو جو ويٽنامي فوجين فرينچ سياسي پارٽي جي ڪانگريس ۾ حصو ورتو.هڪ صحافي هن جو فوٽو مارننگ پوسٽ ۾ شايع ڪيو.ٻئي ڏينهن ڳجهي پوليس هن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو.سوشلسٽ ڊپٽين انهي ۾ مداخلت ڪئي ۽ پوليس کي ڪانگريس واري ڪمري ۾ گهڙڻ نه ڏنو هن اها گڏجاڻي آرام سان ڪئي.ڪانگريس ڪافي ڏينهن هلي. ذيلي ڪميٽيون ٺاهيون ويون.ليون بلوم، براڪي اي آندري برٽن، چارلس لوسي وغيره جهڙن عظيم مقررن تقريرون ڪيون.گيون ويٽنام جي بيٺڪي سوال جي حوالي سان ڪو به موقعو نه وڃايو.نيٺ ووٽ ٿيا ته ٽين بين الاقوامي ۾ شامل ٿجي يا ٻي ۾ ئي ترسجي.اقليت جي اڳواڻي ليون بلوم ڪئي، ۽ ٻي بين الاقوامي لاءِ ووٽ ڪيو.گهڻائي جي اڳواڻي ڪيچن ڪئي، ۽ ٽين بين الاقوامي جي منظوري ڪرايائين. گيون به ٽين لاءِ ووٽ ڏنو.ڪانگريس جي سيڪريٽري روز اچرج مان گيون کان پڇيو “ڪامريڊ هاڻ توهان کي خبر پئي يا نه ته اسان اهو سوال پئرس ۾ ايترو بحث هيٺ ڇو آندو؟”
    “نه چڱي ريت نه پئي”
    “ته پوءِ توهان ٽين بين الاقوامي لاءِ ووٽ ڇو ڪيو؟”
    “تمام سادي ڳالهه آهي. مون کي خبر ناهي ته حڪمتِ عملي، پرولتاري ٽيڪنيڪ يا ٻيا نقطا جن لاءِ اوهان ڳالهايو، پوءِ مون کي هڪ شيءَ سمجهه ۾ آئي ته ٽين بين الاقوامي بيٺڪي سوال ڏانهن خاص ڌيان ٿي ڏئي. ٽين بين الاقوامي ۾ سوال ٿيو ته مظلوم ماڻهن جي آزاديءَ واپس ملڻ ۾ مدد ٿيندي. جڏهن ٻي بين الاقوامي ڪالونين جي قسمت بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو. انهي ڪري مون ٽين لاءِ ووٽ ڏنو. منهنجي وطن واسين ۽ ملڪ لاءِ آزاديءَ بس اهو ئي ٿو چاهيان. بس اهو ئي مون سمجهيو آهي. تون اتفاق ڪرين يا نه؟”
    روز اتفاق ڪيو ۽ مرڪندي چيو “ڪامريڊ تو ڪجهه ترقي ڪئي آهي.”
    انهي تاريخ کان پوءِ سوشلسٽ پارٽي ٽٽي پئي. گهڻا ئي فرينچ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ۽ ٽين انٽرنيشل سان شامل ٿي ۽ اقليت ساڳي نالي سوشلسٽ پارٽي سان ٻي انٽرنيشنل ۾ رهي.انهي کانپوءِ انڊو- چائنا ۾ فرينچ بيٺڪين نئون لفظ متعارف ڪرايو.انهن سڀني ويٽنامي وطن واسين کيس “مقامي گيون آءِ ڪيوڪ” سڏيو.ڪانگريس ٽوئر ختم ٿيو.گيون آزاديءَ، گڏجاڻي ۽ “لي پيريا” پنهنجي پراڻي ڌندي فوٽو گرافي سان وڃي لڳو.بيٺڪين هن کي قيد ڪرڻ ٿي چاهيو يا هن کي ٻاهر ڪڍڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته هن جون سرگرميون هنن کي چڙ ڏيارينديون هيون.پر اهي عوام کان ڊنل هئا.گيون سوشلسٽ پارٽي جي وڪيلن ۽ ڊپٽين کي تقريبًا سڃاڻيندو هو. اهي هن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هئا. ٻيو ته هن ڪو غلط ڪم ڪونه ڪيو هو. فرانس ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ بيٺڪين جي ڏوهن جي مذمت ڪرڻ غيرقانوني نه هو.انڊو چائنا ۾ انهي جي وڏي سزا هئي.ڪيترن ئي محب وطن ويٽنامين کي گيون جي سرگرمين گهٽ اهم سرگرمين جي ڪري سزا ڏني وئي.جيتوڻيڪ اهو خطرناڪ هو پر هن ويٽنام واپس وڃڻ ٿي چاهيو. هاڻ هن ڪنهن قدر تنظيم ۽ پرچار جي باري ۾ سمجهي ورتو هو. ائين ئي لڳو ڄڻ هن ڏينهن رات پنهنجي ملڪ لاءِ خواب ڏٺو ۽ انهي لاءِ سوچيائين.اڪثر ڪري ڇنڇر تي منجهند جو سينيگالي، مراڪشي، الجزائري ۽ ماداگاسي ڪامريڊ “لي پيريا” جي آفيس وڃي ايندڙ هفتي جا مضمون بحث هيٺ آڻيندا هئا.هڪ ڇنڇر آفيس بند هئي. هنن گهنٽي وڄائي،ڪنهن به جواب نه ڏنو ۽ هنن چيو “ته جيڪڏهن گيون بيمار هجي ها ته اسان کي ٻڌائي ها”
    “يا هو جهلجي پيو هو”
    “ناممڪن! اهي پئرس ۾ ائين ڪرڻ جي همت نٿا ڪري سگهن.”
    “شايد هن کي ڪو ٻيو ڪم ڪار هجي”
    “تنهن هوندي به کيس ڪو نياپو ڇڏڻ گهرجي ها. جيئن هو سدائين ڪندو آهي.”
    “ڪجهه دير انتظار ٿا ڪريون”
    “اهو غير ضروري آهي، پاڻ مسٽر “بي” وٽ ٿا هلون پوءِ وري هتي اينداسين.” مسٽر “بي” وڪيل هو. گيون انهي سان ملڻ ويندو هو ۽ هن جي زال گيون کي ڀاءُ جيان سمجهندي هئي.گيون انهن جي ٻنهي ٻارن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جنهن ۾ هڪ اٺن سالن جي ڇوڪريءَ ۽ چار سالن جو ڇوڪرو هو ۽ اهي هن جي تمام گهڻو ويجهو هئا.سڀئي ڪامريڊ مسٽر بي ۽ انهي جي ڪٽنب سان مليا.بي ۽ سندس گهر واري اداس پئي لڳا ۽ انهن جا ٻار روئي رهيا هئا.
    “ڪهڙو مسئلو آهي؟” هنن مسٽر بي کان پڇيو.
    بي جي گهر واري پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ ميز تي رکيل هڪ لکڻي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين” پڙهو ۽ توهين ڏسو.” اهي ميز ڏانهن وڌيا. مراڪش جي ڊاڪٽر خط ڏٺو ۽ چيائين، گيون جو خط آهي. مون کي سندس اکرن جي خبر آهي. هن زور سان پڙهيو ۽ ٻين ڌيان سان ٻڌو.
    پيارا دوستو!
    “پاڻ گهڻي وقت کان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.جيتوڻيڪ اسين مختلف نسلن، ملڪن، مذهبن جا ماڻهو آهيون. اسين پاڻ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا ڀيڻ ڀاءُ آهيون ۽ اسان گڏجي ساڳي بدقسمتي کي منهن ڏنوسين.اها آهي سامراج جي بربريت.اسين هڪ ئي مقصد لاءِ ڪم پيا ڪريون.اهو آهي پنهنجي ماڻهن جي آزاديءَ پنهنجن ملڪن جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ.اسين پنهنجي جدوجهد ۾ اڪيلا ڪونه آهيون.ڇاڪاڻ ته پاڻ کي پنهنجن سڀني ماڻهن جي حمايت حاصل آهي.جنهن ۾ جمهوريت پسند فرينچ ۽ مخلص فرينچ اسان سان آهن. اسان جا عام ڪم انٽر ڪالونيل يونين ۽ “لي پيريا” تمام سٺا رهيا. فرانس ۽ مخلص فرينچ جي مهرباني جو انهن واضح سمجهي ورتو ته ڪالونين ۾ ڇا پيو ٿئي.فرانس هاڻي انهيءَ حقيقت کان سُڄاڻ ٿي چڪو آهي ته بيٺڪي ڏوهه ڪري فرانس جو مَان خراب ڪري رهيا آهن.اسان جي ڪم ماڻهن کي سجاڳ ڪيو آهي.ساڳي وقت اسان جي ماڻهن اهو به محسوس ڪيو آهي ته هڪ آزاد، برابري وارو فرانس به آهي. اسان کي اڃا به بهتر ڪم ڪرڻ گهرجي.
    پاڻ ڇا ڪريون؟
    اسين اهو سوال پنهنجو پاڻ نٿا ڪري سگهون. اهو هر ملڪ جي مخصوص حالت تي دارومدار رکي ٿو. منهنجي لاءِ ته جواب واضح آهي. وطن واپس وڃان. ماڻهن سان ڪم ڪريان، انهن کي شعور ڏيان، منظم ڪريان،گڏ ڪريان،تربيت ڏيان،انهن جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ سندن مدد ڪريان.شايد اوهان مان ڪجهه ائين ڪندا ۽ ڪري سگهندا.ٻيا اسان جو موجوده ڪم جاري رکندا.جنهن ۾ انٽر ڪالونيل يونين کي قائم رکڻ ۽ اخبار ۾ واڌارو آڻڻ شامل آهي.
    پيارا دوستو!
    آئون اوهان کان موڪلايان ٿو. آئون اوهان کان پري رهندس پر منهنجي دل سدائين اوهان سان گڏ هوندي. مهرباني ڪري مون کي معاف ڪجو آئون اوهان کان موڪلائي ڪو نه سگهيس.توهان کي ته خبر آهي. منهنجي سخت جاسوسي ڪئي وئي. جڏهن هي خط اوهان تائين پهچندو.توهان جو گيون چوويهه ڪلاڪن ۾ فرانس ڇڏي چڪو هوندو.منهنجو ساٿي دائي اخبار آفيس جي چاٻي بي کي ڏئي ڇڏيندو.ڪيتريون ئي اخبارون پنهنجي ليگ ۽ اخبار جا دستاويز ۽ گڏوگڏ انهي جا فنڊ واپس ڏيندو.مون سال جي آخر تائين آفيس جي مسواڙ ڏئي ڇڏي آهي.ڇپائي جو خرچ به ڏئي ڇڏيو آهي.اسان ڏانهن ڪنهن جي پائي به ناهي، لائبريري جا ڪتاب ساڄي پاسي واري خاني ۾ آهن.سڀ اوڌارا ڪتاب انهي ۾ آهن.سواءِ انهن جي جيڪي ميمبرن کي موڪلن واري ڏينهن ۾ ڏنا هئا.ائين چئجي ته منهنجي وڃڻ کان اڳ هر شيءِ بهتر ترتيب ۾ آهي.آئون اوهان ڏانهن لکندس پر واعدو نٿو ڪريان.ڇاڪاڻ ته ڳُجهي نموني جڏهن توهان ڪم ڪندا هجو ته رابطو ڪرڻ ڏکيو آهي. ڀلي آئون اوهان ڏانهن لکان يا نه پر پڪ ڄاڻو ته آئون تمام گهڻو اوهان جي ويجهو هوندس.مهرباني ڪري منهنجي ڪري پنهنجن فرينچ دوستن سان هٿ ملائجو.
    هاڻ ڪجهه لفظ منهنجي ڀائٽي ۽ ڀا ئٽيءَ لاءِ توهين مون سان گهڻو پيار ٿا ڪريو ۽ آئون اوهان سان گهڻو پيار ٿو ڪريان.اهو سچ آهي نه!؟ آئون پنهنجن نوجوان دوستن کي ويٽنام ۾ ٻڌائيندس ته توهين سٺا آهيو.آئون اوهان پاران انهن سان هٿ ملائيندس، شايد ڊگهي عرصي تائين توهين چاچي گيون کي ڏسي نه سگهيو.توهين منهنجن ٽنگن ۽ پٺي تي چڙهي نه سگهندا جيئن چڙهندا هئا.مون کي پنهنجي ايلس ۽ پال کي ڏسڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.جڏهن پاڻ ملنداسين ته شايد آئون پوڙهو ٿي چڪو هوندس ۽ توهين ماءُ پيءُ جيان وڏا ٿي چڪا هوندا.آئون اوهان کي سدائين ياد رکندس.توهين سدائين منهنجا پيارا ايلس ۽ پال رهندا.پنهنجو پاڻ کي چڱو رکجو. سبق چڱي ريت ياد ڪجو، پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهجو، پنهنجي ڪتي ماريس کي نه مارجو.جڏهن اوهين وڏا ٿيو ته پنهنجي ماءُ پيءُ، چاچي گيون ۽ ٻين وانگر پنهنجي ملڪ لاءِ وڙهجو.منهنجا ڀائٽا ڀائٽي، منهنجي پاران ٻنهي کي پيار ڀري چُمي ۽ ماءُ کي به منهنجي پاران چُمي ڏجو.”
    چاچو گيون.
    ڊاڪٽر آر پڙهڻ بند ڪيو. سڀني بنا ڪڇڻ جي هڪٻئي ڏانهن نهاريو. ننڍڙي پال ماٺار کي ختم ڪيو.
    “امان چاچو گيون ڪيڏانهن ويو آهي؟ اهو ڪڏهن ايندو امان؟” ايلس پڇيو.
    “اهو تڏهن واپس ايندو جڏهن سندس ملڪ آزاد ٿيندو.” بي جي گهر واري انهن کي جواب ڏنو.


    • حصو ٽيون

    گيون پنهنجي ملڪ اچڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ماڻهن سان ڪم ڪري ۽ انهن کي قومي آزاديءَ واري جدوجهد لاءِ منظم ڪري تربيت ڏئي سگهي. هو پهرين 1925ع ۾ چين ويو، جتي هن انقلابي ويٽنامين کي تربيت ڏني ۽ منظم ڪيو.

    هاڻ چين ۾ گيون پنهنجي گذر سفر لاءِ سگريٽ ۽ اخبارون وڪڻڻ شروع ڪيون.جڏهن هُو پهريون ڀيرو آيو ته هن ڪينٽين ۾ ٿيل هڪ افيئر بابت ٻڌو.ڪجهه ڏينهن اڳ فانم هانگ ٿائي مرلن انڊو- چائنا جي گورنر تي بم حملو ڪيو، جڏهن هو ڪينٽين ۾ ٻين بين الاقوامي Concession Shamean جو دورو ڪري رهيو هو. مرلن ته بچي ويو پر فانم هانگ ٿائي کي پرل درياهه ۾ ٻڏڻو پيو.
    هونئن ته اهو فقط هڪ واقعو هو پر اهو ويٽنام جي قومي جدوجهد جي شروعات جو اعلان هو.جيئن ڪوئل بهار اچڻ جو ٻڌائيندي آهي.
    پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ فرينچ بيٺڪين انڊو- چائنا ۾ ظلم تيز ڪري ڇڏيا. دوکي بازيءَ جو منصوبو تمام خيال سان البرٽ سارئٽ پنهنجي ڪتاب “ڪالونيل ايڪسپلائٽيشن” ۾ بيان ڪيو آهي.ٽيڪس وڌي ويا،فرينچ حڪومت اهڙي پاليسي اختيار ڪئي جو مقامي ماڻهو بُک مرڻ لڳا. ويٽنامي سرمائيدار ۽ بورجوا طبقو بيٺڪي سرمائيدار جي ظلم هيٺ هو. هڪ نئون پورهيت طبقو اڀريو. 1862ع کان ڪورٽ آرميءَ جون رائيفلون فرينچ بندوقن جو مقابلو ڪرڻ لڳيون ۽ اها جدوجهد ختم نه ٿي. 1883ع ۾ اها فان ڊن فنگ جي سرواڻيءَ ۾ جاري رهي. 1893ع ۾ هائونگ هوئا ٽام، 1915ع ۾ لوئنگ گوڪ ڪيون ۽ ٻين ڪيترن ئي انقلابين جي اڳواڻيءَ ۾ هلندي رهي.
    پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ڪجهه ماٺار هئي، پر ٽاٽ فان هانگ ٽاءِ جي بم جدوجهد جي باهه کي تازو ڪري ڇڏيو هو.چين ڪيترن ئي جنگجوئن پاران ورهائجي چڪو هو، جن کي سامراجين جي مدد حاصل هئي، پر چيني ماڻهن جي حب الوطني جاڳي چڪي هئي. ڊاڪٽر سن يتسن جو سڏ پکڙيو ۽ هڪ وڏي عوامي تحريڪ شروع ٿي. پهرين اها جاپانين سان ويڙهه هئي، جنهن چين ۾ هر طبقي کي پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو.پوءِ شنگهائيءَ ۾ پورهيتن پاران انگريزن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.تنهن کان پوءِ Punitive Expeditionary فوج اتر ۾ چين کي متحد ڪرڻ لاءِ جاپان سان وڙهي، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر سن يتسن ۽ سندس ڪامريڊن ڪئي.ڊاڪٽر سن يتسن جا ٽي اصول هئا:
    قومي آزادي
    جمهوري حق
    عوام جو روزگار
    پڙهڻ ۽ پنهنجي لاءِ ڪمائڻ سان گڏوگڏ گيون پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ جاري رکيو. هن چين ۾ رهندڙ ويٽنامين کي منظم ڪيو ۽ انقلابي ويٽنامي نوجوان تيار ڪيائين.هن انهيءَ جي پرچار جي سلسلي ۾ “نوجوان” اخبار به ڪڍي.
    ليو ٽرانگ کاءِ جي مدد سان هن ايشيا ۾ مظلوم ماڻهن جي ليگ ٺاهي، جنهن ۾ ويٽنامي، ڪوريائي، انڊونيشيائي وغيره شامل هئا. اها ليگ ڪنهن قدر انٽر ڪالونيل يونين جهڙي هئي جيڪا هن پيرس ۾ ٺاهي هئي.
    چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سهڪار سان يتسن جي انقلابي فوج ڪاميابين مٿان ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي ۽ فوجي آهستي آهستي شڪست کائيندا رهيا.ڪجهه ئي عرصي ۾ ڪومنتانگ طاقت اڌ کان مٿي چين ۾ ڦهلجي وئي.انقلابي ويٽنامي نوجوان تحريڪ ويٽنام پهچي چڪي هئي.
    جڏهن گيون جا دستاويز ۽ اخبارون ڳُجهي طريقي سان انڊو- چائنا ۾ پکڙجي رهيا هئا ته بيٺڪين انهن کي دٻائڻ لاءِ تمام گهڻو گوڙ ڪيو.اهو گيون جي ڪم لاءِ ڀلوڙ موقعو هو ته هو ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي سگهي ۽ انقلابي لکڻين کي پڙهڻ جي سندن بُک ختم ڪري سگهي.
    ٻيو اِهو ته فرانسيسين هڪ غلطي ڪئي.انهن پوڙهي محبِ وطن فان بوئي چائو کي گرفتار ڪيو، جيڪو ان وقت چين ۾ هو ۽ انهيءَ کي هنن موت جي سزا ڏيڻ چاهي. سمورو ويٽنامي عوام انهيءَ خلاف اٿي بيٺو ۽ هن کي آزاد ڪرڻ جي گهُر ڪئي. انهيءَ کان اڳ ايڏي وڏي مشهور تحريڪ نه هلي هئي ۽ انهيءَ گيون کي حب الوطني پکيڙڻ لاءِ سٺو موقعو ڏنو.
    ويٽنامي ماڻهن کي سبق سيکارڻ لاءِ فرينچ بيٺڪين هڪ سوشلسٽ اليگزينڊر ورني کي انڊو-چائنا جو گورنر مقرر ڪيو. شروع ۾ ويٽنامي عوام ۽ خاص ڪري نوجوان وڏي جوش ۾ هئا، پر شروع ۾ ئي ورني هڪ سخت انتقامي پاليسي اختيار ڪئي. ويٽنامي ماڻهن جلدي انهيءَ ڳالهه کي سمجهي ورتو ۽ اُهي گيون جي سڏ کي موٽ ڏيڻ لڳا، جنهن ۾ هن چيو ته، “پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ تي ڀاڙيو.” جهونو محبِ وطن فان چوٽرن فرانس مان واپس آيو ۽ ٻئي سال گذاري ويو. اتر کان ڏکڻ تائين ماڻهن هڪ وڏي جنازي کي منظم ڪيو. فرينچ اختيارين مداخلت ڪري. سڄي معاملي کي بگاڙي ڇڏيو ۽ نوجوانن ۽ شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو جيڪي سرگرم هئا.انهن عملن هڪ ڀيرو وري گيون ۽ انقلابي نوجوانن ۾ حب الوطني ڀري ڇڏي.
    گيون تربيت جا ڪورس ڪرائڻ لڳو.ويٽنامي نوجوانن جي گهڻائي شاگرد لڏو هو، جن ڳجهي نموني ملڪ ڇڏي انقلابي نظرين ۽ ڳجهين سرگرمين جو
    مطالعو ڪيو. پنهنجي تربيت کان پوءِ اُهي گهر آيا ۽ قومي آزادي جي مشهور تنظيم جي نظرين جي پرچار ڪيائون.


    • حصو چوٿون

    1927ع ۾ ڪومنتانگ اختيارين پنهنجي انقلاب مخالف سرگرمين کي شروع ڪيو. هنن گيون کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو. هو سيام نڪري چڪو هو.

    سيام ۾ مينم درياهه تي ويٽنامي قومپرستن جو ميڙ هو.اُهي هاري، ڪي ننڍا واپاري، ڪجهه چانور ۽ پٽاٽا پوکيندڙ هئا ۽ ڪي وري ماچيس، ڪپڙا ۽ دوائون وڪڻندڙ هئا.اتي سيامين ۽ ويٽنامي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول کوليو ويو.اتي ٻارن لاءِ اسڪول ۾ ڀت تي سيامي جي تصوير هئي ۽ هيٺ فان هانگ ٿاءِ جي تصوير هئي.اهي ويٽنامي محبِ وطن هئا. انهن کي نوجوان انقلابي ويٽنامين لاءِ احترام هو، جن پنهنجي ديس لاءِ قرباني ڏني هئي.
    روزانو شام جو اهي اسڪول ۾ گڏ ٿيندا هئا. مرد، عورتون ۽ ٻار هڪ دائري ۾ ويهندا هئا ۽ انهن لاءِ اخبار مان مضمون يا ڪتاب مان ڪجهه پنا هلڪي ۽ چِٽي آواز ۾ پڙهيا ويندا هئا، جنهن کي هرهڪ ماٺ ٿي ٻڌندو هو.پڙهڻ کان پوءِ انهن کان پڇيو ويندو هو ته انهن جيڪي ڪجهه ٻڌو،اهو چِٽو ٿيو يا نه.. گڏجاڻيءَ کان پوءِ اُهي قومي گيت ڳائيندا هئا ۽ جهونا ماڻهو گوريلا جنگ جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا.اُهي حمايتي هئا جيڪي فان دِن فنگ ۽ هانگ هُئا ٿام جي اڳواڻيءَ ۾ فرينچن سان وڙهيا ۽ اهي سيام هليا ته جيئن فرينچ اختيارين جي جبر کان بچي سگهن.
    جيڪو لڏو اخبار يا ڪتاب انهن لاءِ پڙهندو هو، تنهن کان پوءِ اهو ننڍو ٿيلهو ڪلهي تي رکي هڪ مسافر واپاري جيان نڪري ويندو هو. هو انهن جاين تي ويو، جتي ويٽنامي قوم پسند رهي انهن ۾ انقلابي شعور پکيڙيندا هئا ۽ انهن کي منظم ڪندا هئا.
    سيامي تمام غريب، پر اعلى ماڻهو هئا.هڪ مخصوص عمر تائين ڪجهه مهينن لاءِ انهن کي مراقبو ڪرڻو پوندو هو، تنهن ڪري سيام ۾ سوين پادري هئا،جن کي ماڻهو ماني کارائيندا هئا ۽ سندن عزت ڪندا هئا. اُهي فقط ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو يارنهن وڳي ماني کائيندا هئا.عورتون پادرين لاءِ چانور کڻي وينديون هيون ۽ اُهي بنا مهرباني جي ئي کائي ڇڏيندا هئا.جيڪي انهن لاءِ چانور کڻي ايندا هئا، اهي خوش هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو اهو عقيدو هو ته جيترو توهان وڌيڪ ماڻهن کي ڏيندا، اوترو توهان کي نيڪي ملندي.
    گيون کي ۽ سندس لڏي کي انهيءَ عمل جي خبر هئي.هن جا دوست پادري ٿيا، سفر ڪيائون ۽ مانيءَ لاءِ ڪي به پئسا نه ڏنائون.هر هلائڻ کان وٺي هڪ سيلر جو ڪم ڪرڻ کان سواءِ گيون کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پوندو هو ۽ دوستن کي منظم ڪرڻو پوندو هو.”ويٽنام ايسوسيئيشن آف ميوچئل اسسٽنٽ” ٺاهي وئي.”هيومنٽي” نالي هفتيوار اخبار شايع ڪئي وئي.گيون اتر کان پنهنجا انقلابي خيال پنهنجي ملڪ ۾ آندا. هاڻ هن سيام ۾ ڪم ڪيو.
    هن جي سرگرمين کي نظرانداز نه ڪيو ويو.جتي ڪٿي به ويٽنامي هئا، هن انهن لاءِ اسڪول جو بندوبست ڪيو.جتي جتي اسڪول هئا، اتي والدين خبرون ۽ ڪيترائي موضوع بحث هيٺ آڻڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.جوا کيڏڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ گهٽجي رهيو هو. ماڻهو ڪم ۾ هڪٻئي جي مدد ڪندا هئا ۽ ٻار سٺو ورتاءُ ڪرڻ لڳا.تعليم آهستي آهستي وڌڻ لڳي. سيام ۾ ويٽنامين لاءِ اِها وڏي تبديلي هئي.
    پهرين ته فرينچ اختيارين اندازو لڳايو ۽ پوءِ انهن کي خبر پئي ته گيون ضرور علائقي ۾ ڪٿي نه ڪٿي هوندو، پر پڪ سان خبر نه هُئين ته ڪٿي هوندو. هنن کيس ڳولڻ لاءِ ڳجها ايجنٽ موڪليا، پر هڪ چڱي همراهه کين خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
    اڪثر ڪري ذري گهٽ ڳجهي پوليس پاران پيڇو ڪيو ويندو هو.هن پاڻ کي پگوڊا ۾ لڪائي ڇڏيو. پنهنجا وار، پنهنجو ويس مٽائڻ لاءِ ننڍا ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيائين.
    ميڪانگ جي ساڄي ڪناري تي ڪافي ويٽنامي آباد هئا. فرينچ اختيارين انهن کي وڏي ڌيان سان ٿي ڏٺو ۽ انهن جي سرگرمين جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڳجهي پوليس موڪليائون. جڏهن انهن محبِ وطن ويٽنامين جي نشاندهي ٿي ڪئي ته سيامي اختيارين کي چيائون ٿي ته اها کين گرفتار ڪري. سيامي ويٽنامين لاءِ چڱا هئا، پر ڪنهن مهل انهن کي ڪنهن ڏچي کان بچڻ لاءِ سندن مرضيءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي هئي.انهن گرفتارين ڪجهه نتيجا به ڏنا. هڪ ڏينهن ڳجهي پوليس هڪ همراهه جو پيڇو ڪندي آئي ۽ هو هڪ ويٽنامي جي گهر ۾ گهڙي ويو. اُتي هڪ 9 سالن جي ٻار کان سواءِ ڪير به نه هو. پوليس به جلدي اچي پهتي. ٻارڙي جلديءَ ۾ کيس(هوچي منهه کي) پراڻي ٽوپي ۽ لٺ ڏيندي ۽ تمام فطري انداز ۾ چيو، “دير ٿي وئي آهي. تون مينهون ڳولڻ ڪونه ويو آهين. امان ڪاوڙ ڪندي.”
    هن ٽوپي پاتي، لٺ کنيائين ۽ پنهنجي ڪلهي تي برساتي ڪوٽ رکي پوليس وارن جي سامهون ئي ٻاهر نڪري ويو، جيڪي کيس گهر ۾ ڳولي رهيا هئا.
    پوءِ ٻار کان پڇيائون، “تون انهيءَ همراهه کي سڃاڻين؟”
    “نه، مون کي خبر ناهي. پر هو انهيءَ چاچي جهڙو ٿو لڳي جيڪو اڪثر مون کي راڳ سيکارڻ لاءِ هتي ايندو آهي.”
    “تو هن کي مينهون ڳولڻ لاءِ ٻاهر ڇو موڪليو؟”
    “مون کي خبر نه هئي. مون کي ڊپ هو ته شايد جيڪڏهن هو رڌڻي ۾ رهيو ته جهلجي پوندو.”
    عام طور تي ويٽنامي سيام ۾ سدائين ٻَڌيءَ ۾ هوندا هئا ۽ انهن جي قانونن جو احترام ڪندا هئا.تنهن ڪري ئي سيامي کين پسند ڪندا هئا.


    • حصو پنجون

    1930ع ۾ گيون هانگ ڪانگ ويو، جتي هن ويٽنام جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين سان گڏجاڻيون ڪيون، جتي هن فرينچ سامراج خلاف گڏيل جدوجهد ۾ هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو هانگ ڪانگ اختيارين پاران گرفتار ڪيو ويو.

    چيني اخبارن ۾ هن جي گرفتاريءَ بابت خبر هلائڻ تي پابندي لڳل هئي.گيون کي خاص سيل ۾ خاص پوليس جي پهري هيٺ رکيو ويو. ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کيس ڪِنا چانور ۽ سڙيل مڇي ملندي هئي. هفتي ۾ ٻه ڀيرا کيس چڱا چانور ۽ وڏو گوشت ملندو هو، جيڪا هن لاءِ وڏي عياشي هئي.روزانو هن کي پنهنجي قيدي دوستن سان پندرنهن منٽن لاءِ ٻاهر پنڌ ڪرڻ جي اجازت هئي. اهو حصو وڏين ديوارن سان گهيريل هو. اهو سيل ۾ قيد رکڻ کان بهتر هو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه گهڙين لاءِ هو انساني آواز ٻڌي پئي سگهيو، ماڻهن جا چهرا ڏسي پئي سگهيو ۽ ڪجهه آسمان جو ٽڪر به نظر پئي آيس. پندرنهن منٽن کان پوءِ کيس وري سڄي ڏينهن لاءِ اونداهيءَ ۾ واڙيو ويندو هو.کائڻ پيئڻ، سمهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، سڀ ڪجهه سيل ۾ ئي ٿيندو هو. ٿلهين ديوارن ۾ ننڍا سوراخ به ٿيل هوندا هئا، جن مان وقت بوقت ڀارتي گارڊ اهو ڏسندو هو ته قيدي سيل ۾ آهي، ڀڄي ويو يا آپگهات ڪري ڇڏيائين.
    گيون پنهنجو گهڻو وقت ماضيءَ جي ڪم کي ساريندي، پاڻ تي تنقيد ڪندي گذاريو.جڏهن هو ائين ڪندي ٿڪجي پوندو هو ته اهي سِرون ڳڻڻ شروع ڪندو هو جن سان ڀتيون ۽ ڇت ٺهيل هئي. سيل ۾ ڇِت، ڀِت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سنهي هئي.ڇِت جي ڀرسان لوهي سَرين سان هڪ پهرين تاريخن جي چنڊ جهڙي دري هئي.جڏهن هلڪي روشني ان دريءَ مان سيل اندر داخل ٿيندي هئي ته اها ڪنهن ماڻهوءَ جي شڪل جو ڏيک ڏيندي هئي.
    جيتن کي جهلڻ اُتي تمام سٺي وندر هئي.سيل ۾ ٻگهايون تمام گهڻيون هيون.هن پهرئين ڏينهن ئي انهن جا چڪ محسوس ڪيا، پر پوءِ هن ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو.جيتن کي جهلڻ وقت گذارڻ هو، پر انهن کي ماربو ڪونه هو.جڏهن کيس پُڇا ڳاڇا لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو هو ته اهي تمام بهترين لمحا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت لاءِ هن جي گرم اونداهيءَ واري خراب سيل مان جان ڇُٽي پوندي هئي. ٻيو اِهو ته هن کان ڳجهي پوليس جا اعلى آفيسر پُڇا ڳاڇا ڪندا هئا،جيڪي کيس انگريزي سگريٽ آڇيندا هئا.قيد دوران سگريٽ ڇڪڻ ڏوهه ڪونه هو.هن اِهي اٽڪلون سکڻ ٿي چاهيون جيڪي پوليس جا ايجنٽ سوالن دوران استعمال ڪندا هئا ۽ اهو به ڏسڻ ٿي چاهيوته انهن کي ڪهڙي خبر هئي،ڪهڙي خبرڪونه هئي ۽ هنن پنهنجي پاران ڇا ٿي گهڙيو.
    انڊو-چائنا ۾ برطانوي ڳجهي پوليس کي فرينچ ڳجهي پوليس سڀ ضروري ڪاغذ فراهم ڪيا هئا.انهن کي ڪاغذن جا اهم سٿا ڏنا ويا.قانون موجب جيڪي چيني محبِ وطن گهربل هوندا هئا يا جيڪي ڪالونيءَ مان گرفتار ٿيندا هئا، پڇا ڳاڇا ۽ ٻي ڪارروائيءَ کان پوءِ انهن کي جلاوطن ڪيو ويندو هو. انهن کي هانگ ڪانگ مان جلاوطن ڪري ڪومنتانگ ايجنٽن جي هٿن ۾ ڏنو ويندو هو. هانگ ڪانگ ڇڏڻ لاءِ هنن کي ٻَيڙن ۾ چڙهڻو پوندو هو ۽ انهن مان لهندي ئي چين جي ڳجهي پوليس هٿان جهلجي پوندا هئا.
    خوشقسمتيءَ سان هن کي برطانوي وڪيل لوسبي جي مدد حاصل هئي، جيڪا هن لاءِ تمام سٺي ڳالهه هئي.اختيارين گيون ۽ لوسبيءَ کي ڌار ڪرڻ ٿي چاهيو.هن گيون کي ٻڌايو ته، “ڊاڪٽر سن يتسن کي هڪ انگريز بچائي ورتو آهي ۽ آئون به توکي ائين بچائيندس. بس مون کي ٻڌائي ته تنهنجو بچاءَ ڪيئن ڪريان؟ آئون ضرورت کان وڌيڪ توکي ڪجهه چوڻ نٿو چاهيان، ڇوته هر انقلابي وٽ پنهنجو راز هوندو آهي.” ۽ لوسبيءَ گيون جي ڪيس جو سپريم ڪورٽ ۾ بچاءُ ڪيو.
    اهو پهريون ڀيرو هو جو سپريم ڪورٽ ۾ سياسي ڪيس آندو ويو هو ۽ ڪارروائيءَ جا خاص پاسا هئا.ڪورٽ جو پهريون سيشن گيون لاءِ ڪجهه ڪلاڪن ڇڏڻ جو هڪ موقعو هو.هن موجب قيد دوران انهيءَ وقت ئي ماڻهو ڪجهه بهتر محسوس ڪري ٿو، جڏهن دروازو ڪجهه کليل هجي.
    اهو پبلڪ ٽرائيل هو، پر ڊپ هو ته هو ڀڄي نه وڃي. ان ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي.ڪجهه ئي ماڻهو ڪورٽ واري ڪمري ۾ داخل ٿي سگهندا هئا.مٿي جج ويهندا هئا ۽ وچ ۾ ڪيترائي آفيسر هوندا هئا.اُتي هڪ وڏي ميز هئي جنهن جي هڪ پاسي پراسيڪيوٽر ۽ سب آرڊينيٽ ويهندا هئا ۽ ٻئي پاسي اُهي وڪيل، جيڪي هن جو بچاءُ ڪري رهيا هئا.
    جج ۽ اٽارنيءَ کي ڪارو جُبو ۽ وِگ پاتل هوندي هئي.ملزم کي چار وکون کڻي هڪ بار ۾ بيهڻو پوندو هو.اها بار ججن جي ڪرسيءَ کان هيٺ ۽ اٽارنيءَ جي ميز کان مٿي هئي.چوڌاري لوهي سيخون ۽ پوليس وارا هئا.عدالت جي ٻنهي پاسي سويلين ۽ فوجي اختياريون، برطانوي صحافين، جن کي سيشن ۾ حاضر ٿيڻو پوندو هو، انهن اڳيان عوام هوندو هو.جج ۽ اٽارنين جي وڏين ميزن تي ڪتابن جا سٿا رکيل هئا جيڪي هو وقت بوقت حوالي لاءِ کوليندا هئا.هنن مان فقط چئن ڄڻن کي ڳالهائڻ جو حق هو،جن ۾ جج، ڊپٽي جج، حڪومتي نمائندو ۽ گيون جو بچاءُ ڪندڙ وڪيل شامل هئا.ٻيا لوسبي گيون جي بچاءَ واري پرنسپل لائير انچارج سميت ٻين کي سيشن دوران گيون جيان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي.اُهي لکت ذريعي پاڻ ۾ رابطو ڪري پئي سگهيا.ٻه ماڻهو تمام گهڻو ۽ زور سان ڳالهائيندا هئا، جنهن ۾ پراسيڪيوٽر ۽ گيون جو بچاءُ ڪندڙ وڪيل شامل هئا. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن مهل تمام گرم بحث ٿيندو هو.پهريون سيشن ڊگهو هوندو هو ۽ انهيءَ ۾ وقفو ضروري هو.وقفي دوران گيون کي عدالت جي هيٺين حصي ۾ ماني کارائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا.جڏهن اهي سيشن هڪ مهيني ۾ ختم ٿيا ته جج فيصلو گيون جي خلاف ڏئي ڇڏيو ۽ حڪم ڪيو ويو ته کيس هانگ ڪانگ مان فرينچ ٻَيڙي ذريعي ٻاهر موڪليو وڃي.
    اِها عدالت جي چال هئي ته جيئن عوام جي احتجاج کان بچي سگهجي ۽ ساڳئي وقت گيون کي فرينچ بٺڪين حوالي ڪرڻو هو. لوسبي انهي فيصلي جي مخالفت ڪئي ۽ لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪيائين. هن اهو ڪيس وڪيل اسٽافورڊ ڪرسپ حوالي ڪيو (جيڪو سوشلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو ۽ پوءِ برطانيا جو پرڏيهي وزير ٿيو.)
    جيستائين لنڊن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي، گيون بيمار ٿي پيو ۽ لوسبي هن کي اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.گيون جي اسپتال ۾ اچڻ تي ڪافي تبديلي آئي. ڊاڪٽر کي سندس ڪمري لاءِ ڪافي تالا ڏنا ويا،ته جيئن هُو ڀڄي نه وڃي.ڪمري جي ڀِت تي جيڪي ڪجهه هو، هٽايو ويو. ڪمرو چوڌاري تارن سان گهيريل هو. دروازي تي ٻه ڊگها ۽ جانٺا جوان پوليس وارا بيٺل هئا.ڪمري ۾ ٻه چيني ڳُجها جاسوس ڏينهن رات هن تي اک رکندا هئا. ٻين مريضن ۾ خوني، بدنام ڏوهاري ۽ ڦورو شامل هئا.
    اها اسٽا فورڊ ڪرسپ جي مهرباني هئي جو هڪ ڏينهن جي بحث کان پوءِ لنڊن جي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته گيون کي آزاد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه هو. پهرين ڳالهه ته اهڙي ڪابه شاهدي نه هئي ته هو سوويت ايجنٽ آهي. ٻيو ته اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته هن هانگ ڪانگ اختيارين بابت ڪا سازش ڪئي هئي.ٽيون ته اِها حقيقت هئي ته هو ڪميونسٽ يا قوم پسند هو، پر هن برطانوي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي.گيون ڪيس کٽي ويو، پر هاڻ هو ڪيڏانهن ويندو؟هن جي هر حرڪت تي فرينچ ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جا ڳجها جاسوس نظر رکي رهيا هئا.فرينچ ايجنٽ هن کي ڦاسائڻ ۾ ناڪام ويا ۽ اهي هن جو هانگ ڪانگ مان وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا،ته جيئن کيس ٻئي معاملي ۾ ڦاسائين.گيون برطانيا وڃڻ لاءِ ويزا جي درخواست ڏني،جيڪا پوءِ لوسبي وڪيل پاران لنڊن موڪلي وئي.برطانوي حڪومت جي جواب کان سواءِ ئي گيون لِڪ ۾ هڪ ٻَيڙي ۾ لنڊن لاءِ نڪري پيو.سنگاپور ۾ هُو جهلجي پيو ۽ کيس هانگ ڪانگ موڪليو ويو،ڇاڪاڻ ته هو ڪالونيءَ ۾ ويزا کان سواءِ داخل ٿيو هو.هانگ ڪانگ جي ڳُجهن جاسوسن کيس وري گرفتار ڪري ورتو.
    وڪيل لوسبي وري گيون جو بچاءُ ڪيو ۽ کيس قيد کان بچائين ۽ پنهنجي زال ۽ دوستن جي مدد سان رازداريءَ ۾ هن کي ڇڏائڻ جو بندوبست ڪيائين.فرينچ ڳُجها ايجنٽ، جيڪي هن کي پڪڙڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرا ڏئي رهيا هئا، انهن کي مرڪزي پوليس ٿاڻي ۽ لوسبي جي گهر جي ڪابه ڄاڻ نه هئي. هڪ امير چيني واپاريءَ جو ويس ڪري هن هانگ ڪانگ ڇڏيو ۽ ٻئي شهر ۾ لوسبيءَ جي هڪ گهاٽي دوست جي گهر وڃي رهيو، جتي هن موڪل تي ويندڙ امير ماڻهوءَ جي بوريت واري حياتي گذاري. هو جهنگن ۾ گهميو ڦريو ۽ پگوڊا ڏٺائين.هن ليکڪن ۽ فنڪارن سان ڄاڻ سڃاڻ ٺاهي.هن مقامي انگريزي ۽ چيني اخبارن ۾ لکيو ۽ هن جا مضمون ٻين نالن سان ڇپيا.پنهنجي طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن مستقل ڪسرت ڪئي.
    بعد ۾ جڏهن هن هانگ ڪانگ ۾ پنهنجا تجربا دوستن سان بيان ڪيا ته هو لوسبي ۽ انهيءَ ڪٽنب جو وڏو ٿورائتو هو، پر هڪ چڱي دل رکندڙ وڪيل لاءِ مري چڪو هو.پنهنجي وس آهر لوسبي ۽ سندس ڪٽنب هن جي طبعي ۽ مالي پريشانين ۾ هر قسم جي مدد ڪئي ۽ سندس ڪيس کان پوءِ لوسبي هن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي.


    • حصو ڇهون

    جڏهن پاپولر فرينچ حڪومت اقتدار ۾ آئي، انهيءَ وقت انڊو- چائنا ۾ بيٺڪين جي ظلم ۾ ڪجهه نرمي هئي، پر جڏهن ٻي عالمي جنگ شروع ٿي ته فرينچ بيٺڪي سدائين جيان بي رحم ٿي پيا. جنگ دوران گيون آزاديءَ لاءِ ويٽنام ليگ کي منظم ڪيو ۽ فرينچ ۽ جاپاني فاشسٽن خلاف جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏيو.

    ويٽنامي عوام “انڊو-چائنا ڪانفرنس” جي نالي سان هڪ نئين تحريڪ شروع ڪئي هئي. هر هنڌ عمل لاءِ ڪميٽيون، ليڪچر ۽ ماڻهن جا موقف ڄاڻڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪيون ويون، جيڪي انسپيڪشن وفدن ۾ پيش ٿيون.ڪانفرنس جي ايجنڊا جا اهم نقطا هي هئا:
    (الف) جمهوري محاذ کي منظم ڪرڻ
    (ب) ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بنائڻ
    (ج) ماڻهن جا حق حاصل ڪرڻ ۽ مقامي ڪائونسلون چونڊڻ
    ٽن سالن تائين جمهوري تحريڪ جون سرگرميون کليل نموني هلنديون رهيون.تحريڪ جا اڳواڻ وقت بوقت صلاحون، نصيحتون ۽ تنقيد اڻڄاڻ ماڻهن کان حاصل ڪندا رهيا. گهڻن جو چوڻ هو ته اِهي گيون پاران هئا.جڏهن انهيءَ بابت پڇيو ويو ته گيون جواب ڏيڻ بدران مُرڪيو.تحريڪ کي ڪجهه نتيجا مليا.
    پر هاڻ ٻي عالمي جنگ لڳي چڪي هئي ۽ جمهوري حق وري غصب ٿي ويا.جمهوري تحريڪ جا جاکوڙي ڍرا ٿي ويا.اخبار ڇپڻ جا لائسنس ختم ٿي ويا.تنظيمن تي پابندي وڌي وئي.سياسي قيدي، جيڪي آزاد ٿيا هئا، وري گرفتار ٿيا ۽ بيٺڪين سياسي سرگرمين ۾ سرگرم ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.قيدين لاءِ ڪنسنٽريشن ڪئمپ هئا جيڪي تشدد سان ڀريل هئا.ويٽنام مان هڪ اپيل اُٿي ته:
    “ويٽنامين کي اتحادين سان بيهڻ ڏيو!”
    “فاشزم خلاف وڙهو!”
    “فرينچ بيٺڪين کي ڪڍو!”
    “قومي آزاديءَ لاءِ وڙهو!”
    “ويٽناميو! اچو ته گڏجون!”
    اها ويٽنام ليگ پاران آزاديءَ جي اپيل هئي.(ويٽنام ڊوڪ ليپ ڊونگ منهه) يا ويٽ منهه. ويٽ منهه پروگرام سادو ۽ واضح هو. سڀني ويٽنامين انهيءَ کي سمجهيو، قبول ڪيو ۽ حمايت ڪئي.انهيءَ ڪري ئي ويٽ منهه تيزيءَ سان اُسري.جيتوڻيڪ اُتي زبردست تشدد هو.تحريڪ جي اڳواڻي گيون ڪئي.انڊو- چائنا ۾ سيامين ۽ فرينچن وچ ۾ جنگ لڳي وئي.فرينچ بيٺڪي ويٽنامي فوجين کي محاذ تي وٺي ويا، پر انهن سيامين خلاف وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.1940ع جي پڇاڙي ۾ بيڪ سن (اتر ويٽنام)، ڊولنگ (مرڪزي ويٽنام) ۽ ڏکڻ ويٽنام تي ڪامياب قدم کنيا ويا.
    فرينچ جو روَيو تمام ظالماڻو هو.ڪيترائي ڳوٺ ساڙيا ويا.هزارين ماڻهن جو قتلام ٿيو.سوين پوڙها، عورتون، ٻار ٻَڌا ويا.هڪ تار سان سندن هٿن ۽ ٽنگن کي ٻَڌي سمنڊ ۾ اڇليو ويو.ٻين جاين تي فرينچن حڪم ڪيو ته ماڻهو ڪپڙن کان آجا ٿين،قبرون کوٽين،جن ۾انهن کي جيئرو دفنايو ويندو هو.
    يورپ ۾ ميگنوٽ لائين جرمن ٽوڙي ڇڏي ۽ فرينچ فوجين کي شڪست اچي وئي.ٻه ملين فرينچ فوجي ۽ ڏيڍ سئو فرينچ جنرل هٽلر جي فوجن قيد ڪري ڇڏيا.فرينچ حڪومت فرانس کان ٽوئرز ڀڄي وئي ۽ اتان وري بوربيو ڀڳي.رينالڊ ڪابينا ختم ٿي وئي. پيٽين ۽ لاول جرمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ٺاهه تي صحيح ڪئي ۽ وِڪي جي ننڍي شهر ۾هنن پنهنجي حڪومت ٺاهي.جاپانين کي انڊو- چائنا تي حملو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.فرينچ بيٺڪين انڊو- چائنا ۾ جاپانين آڏو ائين ئي هٿيار ڦٽا ڪيا جيئن انهن جرمن آڏو ڪيا هئا.ٿوري وقت کان پوءِ ويٽنام- چين سرحد تي لانگ سن واري پاسي ويٽنام جي محافظن پنهنجن نوَن آقائن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ ويٽنام جا در کولي ڇڏيا.
    هڪدم گيون ۽ ويٽ منهه ڪامريڊ اهو چئي ڇڏيو ته، “اڄ کان پوءِ اسان جو پهريون نمبر دشمن جاپاني فاشسٽ آهي.”ڪيترائي ڀيرا انهن چيو ته ڪجهه ترقي پسند فرينچ هڪ ئي دشمن سان وڙهڻ لاءِ انهن سان گڏ آهن،جيڪي جاپاني فاشسٽ هئا، پر فرينچ ويٽنامي انقلابين سان وڙهڻ لاءِ جاپان سان هئا ۽ انهن جي سِر تي انعام رکيا ويا.فرينچ ۽ جاپاني فاشسٽ ٽولن معصوم ماڻهن کي ڊيڄاريو،پر اُهي ويٽ منهه ۾ گوريلا ويڙهه کي روڪي نه سگهيا.سڀئي اتحادي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا هئا.جرمن ۽ جاپاني پنهنجي منهن هئا.گيون اڳڪٿي ڪئي ته اتحادي کَٽي ويندا ۽ فرانس پنهنجي شڪست مان بحال ٿي ويندو.جاپاني ۽ فرينچ انڊو- چائنا ۾ ويجهڙ ۾ يا پوءِ پاڻ ۾ وڙهندا.ويٽنام آزادي ماڻي وٺندو.
    چين جي مشن دوران گيون اتحادي فوجن سان رابطو ڪيو. هاڻ گيون هوچي منهه سڏجڻ لڳو،جنهن کي ڪومنتانگ اختيارين گرفتار ڪري قيد ڪري ڇڏيو. سڀئي ويجها اتحادي مزاحمت ۾انڊو- -چائنا ۾موجود چيني جاپان خلاف هئا،تنهنڪري ويٽنامين لاءِ انهن سان رابطو ڪرڻ ضروري هو.انقلابين مان اهو گيون ئي هو جيڪو چين ۽ ان جي ماڻهن کي چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو.تنهنڪري هن چين وڃڻ چاهيو.چوڪنگ ڏانهن پنڌ وڃڻ سولو نه هو،پر هن اهو قبول ڪيو.ڳجهن ايجنٽن کي دوکو ڏيڻ لاءِ گيون پنهنجو نالو هوچي منهه رکيو.لاڳيتو ڏهه راتيون ۽ پنج ڏينهن هلڻ کان پوءِ وڏي مشڪل سان هُو چين جي هڪ شهر پهتو ۽ ڪجهه آرام ڪيائين.انهيءَ شام هو گرفتار ٿي ويو.هن لاءِ عذاب جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو. ڪومنتانگ وٽ هوچي منهه ٻه هفتا قيد ۾ رهيو.
    هو ضلعي جي چيف کان واقف هو، جنهن سان هو اڳ ڪويلن ۾ مليو هو،پر هن کيس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ٽيليگرام هوچي اعلى آفيسرن کي موڪليا هئا، انهن جي ڪابه ورندي ڪونه آئي.ڏيڍ مهينو گذرڻ کان پوءِ هو جيل ۾ هڪ اڻ ڄاتل هنڌ موڪليو ويو.انهيءَ وقت هن جون ٻانهون ٺونٺين کان ٻَڌل هيون ۽ کيس ڇهه ماڻهو کنڀيو پئي ويا، جن کي رائيفلون هيون.هوچي ائين هڪ نه ٻئي ڏينهن بنا ڄاڻ جي هلندو رهيو.هُو برسات ۾ هليو، لِڱ ساڙيندڙ اُس ۾ هليو ۽ جبل ۽ جهنگ لتاڙيندو هليو.روزانو جيئن ئي ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو،کيس اُٿڻ جو حڪم ملندو هو.شام جو جڏهن پکي پنهنجن آکيرن ڏانهن ورندا هئا ته اُهي ڪنهن جڳهه تي بيهندا هئا، پوءِ کيس سيل ۾ بند ڪيو ويندو هو،جتي هُو ٻانهون کولي سمهندو هو.ڪيتريون ئي تڪليفون هوندي به هُو تمام سٺي مزاج ۾ هوندو هو.هُو منظرن کي تبديل ٿيندو ڏسي خوش ٿيندو هو.هُو هلندي نظم پڙهندو هو.هاڻ ۽ بعد ۾ شاعري ڪرڻ لڳو.جڏهن هو ضلعي جي گاديءَ واري شهر پهتو ته هو هفتي يا پندرنهن ڏينهن لاءِ قيد ڪيو ويو.ان وقت هن گهڻو سَٺو.اتي ماني ڪافي نه هئي ۽ سيل خراب هو.سيل آفيم واپرائيندڙن ۽ بيمار ماڻهن سان ڀريل هو.رات جو کيس ڪاڪوس لاءِ وڃڻو پوندو هو پر تڏهن به کيس تنگ ڪيو ويندو هو.وقت بوقت کيس اٿي پنهنجن ساٿين لاءِ جڳهه ٺاهڻي پوندي هئي.ڇاڪاڻ ته هو آخر ۾ جيل آيوهو.روزانو کيس ڪاڪوس صاف ڪرڻو پوندو هو ۽ سيل جو فرش ٻهارڻو پوندو هو.هڪ ڏينهن صبح جو جڏهن هو اٿيو ته ڏٺائين کيس پٺي ڏنل همراهه گذاري چڪو هو.هن جي ٻئي ساٿي هُن جو لاش ٻاهر اڱڻ ۾ رکيو.جيل ۾ ڪنهن کي ڪا به ڳڻتي نه هوندي هئي ته سندس پاڙيسري مئو يا بچيو.جنهن شيءِ کيس شديد تڪليف ڏني هئي سا هئي جونءِ.سندس سڄو جسم خارش سان ڀرجي ويو هو.اتي ٻن قسمن جي خارش هئي.جوئن مان جان نه پئي ڇٽي.اُهي ڪپڙن،بسترن،سمهڻ واري بورڊ ۾ هيون.جوئن ۽ جيتن قيدين کي ڊڄاري ڇڏيو هو ۽ رات جو جيڪو وڏو دشمن هو سي مڇر هئا.جيل ۾ ٻگهائي کي بڪتربند ٽينڪ سڏبو هو۽ مڇر کي هوائي جهاز سڏبو هو.هُو تمام ڪمزور ٿي ويو هو.هن جا وار اڇا ٿي ڇڻي ويا هئا.سندس نظر ڪمزور ٿي وئي هئي.هڪ جيل کان ٻئي جيل تائين گهليجڻ ڪري هُو بيمار ٿي پيو هو.ويٽنام ۽ دنيا ۾ وڏا واقعا ٿيڻ وارهئا.ڪير تنظيم سازي کي تيز ڪند؟ شايد اتحادي انڊو- چائنا ۾ لهي پيا هجن؟شايد جاپانين ۽ فرانسيسين ۾ تضاد ٿي پيو هجي؟شايد ويٽ منهه جا ميمبر تڪليف ۾ هڪ ٻئي کان اهو پڇي رهيا هجن ته هن کي ڇا ٿيو؟سندس ذهن ڪافي مونجهاري ۾ هو.هُو ڪجهه نٿي ڪري سگهيو.جڏهن ته ماڻهن کي سندس سخت ضرورت هئي۽ وقت گذري رهيو هو.
    هن کان پنڌ ڪرايو ويو.سندس ٻانهون ٻڌل هيون ۽ پيرن ۾ زنجير هئي.جيڪا اسي ڏينهن تائين رهي.کيس ٽيهه ڳوٺن ۽ ضلعي جي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو،نيٺ هُو ڪيولن پهتو.وري کيس ڏيڍ مهيني لاءِ قيد ڪيوويوجڏهن کانئس دوستن ڪيولن جي قيد جي تجربن بابت پڇيو ته هو کِليو ۽ چيائين”اهو پرڻو قصو آهي اچو ته ٻين معاملن تي ڳالهايون.”ڪيولن کان کيس لي چائو آندو ويوجتي کيس ملٽري جيل ۾ وڌو ويو.هتي هن سياسي قيدي واري حثيت جا مزا ماڻيا.جتي کيس ججهي ماني ملي پئي ۽ هو پنهنجي مرضي سان جيل ڇڏي پئي سگهيو.هاڻ سندس ڳچي ۽ پيرن ۾ زنجيرون ڪونه هيون.هاڻ کيس اخبار ۽ ڪتاب پڙهڻ جي اجازت هئي.هڪ ڏينهن سياسي شعبي جو چيف هن جي سنوارت ڪرڻ لاءِ گارڊ واري ڪمري ۾ آيو.هن گارڊ کي حڪم ڪيو ته هن کي اڌ ڪلاڪ لاءِ اڱڻ ۾ ٻاهر ڪڍوجيئن سنوارت ڪرائي سگهي ۽ وهنجي سگهي.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڌ خارش ختم ٿي وئي.هن کي قيد دوران خبر پئي ته لي چائو ۾ ويٽنام ڪيچ مانگ ڊانگ منهه هئي نالي ويٽنامي انقلابي ليگ جي هڪ تنظيم هئي.ٻيو اها به کيس خبر پئي ته کيس گهڻي عرصي تائين انهي ڪري قيد ڪيو ويو جو شڪ هو ته هُو چين ايندو ۽ تنظيم کي تباهه ڪري ڇڏيندو.چوڏهن مهينا قيد ۾ رهڻ کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو پر تڏهن به هُوپوليس جي نگرانيءَ ۾ رهيو.آزاد ٿيڻ کانپوءِ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ ٽنگون ايترون ڪمزور ٿي ويون جو مشڪل سان ئي هلي ٿي سگهيو.هن پاڻکي چيو ته “هڪ جنگجو ڇا ٿو ڪري سگهي جيڪڏهن اهو تڪليف جي ڪري ڀوڳي پيو.”هن جبل جهاڳڻ جي ڪوشش ڪئي،اونداهي ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي،پنهنجي اکين ۽ ٽنگن جو علاج ڪيائين.ڪجهه مهينن کانپوءِ هن ويٽنام انقلابي ليگ جي ميمبرن سان پنهنجي ملڪ ورڻ جي موڪل گهري.جنرل چيانگ فا ڪوائي راضي هو پر ليگ انهيءَ ڳالهه جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي.
    ويٽنام ورڻ تي هوچي منهه وري قومي آزاديءَ جي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي.جنهن ۾ آزاديءَ جو پڌرنامو 2 سيپٽمبر 1945ع وارو پيش ڪيو ويو.
    نيٺ هوچي منهه ٻن سالن جي عرصي کانپوءِ ويٽنام موٽي آيو.هن وري ويٽنام جي اڳواڻي ڪئي،جنهن کي سموري ملڪ ۾ مضبوط تنظيم هئي.ويٽ منهه نيشن وائيڊ ڪانگريس سان سڄي ملڪ مان وفدن جون ملاقاتون ڪيون.ڪي ته ڪيترائي مهينا انهيءَ لاءِ پنڌ ڪندا هئا.ڪانگريس جا اهم ايجنڊا هي هئا:
    - جڏهن اتحادي اچن ته انهن سان سهڪار ڪرڻ
    -اتحادي فوجن جي ميمبرن جي حفاظت ڪرڻ ۽ مدد ڪرڻ وارين سرگرمين کي تيز ڪرڻ
    - عام جدوجهد کي تيز ڪرڻ
    - طاقت ختم ڪرڻ
    بحث شروع ٿيو پر پهرين ڏينهن جي شام هڪ اهم خبر ڪانگريس جي منصوبن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو.جاپان اتحادين آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا.انهي ڏينهن ڪانگريس ٻه سوال بحث هيٺ آندا.مزاحمت ۽ طاقت جو خاتمو. جدوجهد جو منصوبو تيار ڪيو ويو ۽ انهي کي مختلف خِطن مان آيل وفدن وٽ سڌارن ۽ سوچ ويچار لاءِ پيش ڪرڻو هو ۽ هر خطي جو اڳوڻ مقرر ڪرڻو هو.
    هوچي منهه کي بنا مقابلي ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو.ڪم شام ست وڳي ختم ٿيو.جلد ئي مرڪزي ڪميٽي پنهنجي پهرين گڏجاڻي ڪئي.وچ رات ۾ ماڻهو وڏي جوش سان انقلاب جو حڪم کڻي گهرن ڏانهن ويا. 16 جولاءِ1945ع تي ويٽ منهه گوريلن گروپن عملي طور سرگرم ٿيا.انهن پهرين ووگيون گياپ تي جهنڊي کي سلامي واري تقريب ۾ شرڪت ڪري سلامي پيش ڪئي،ملٽري ڪميٽي جي چيئرمين بيان پڙهيو.هوچي منهه بخار جي ڪري انهي تقريب ۾ نه اچي سگهيو.گوريلا جٿن ڳائيندي پنهنجو اڏو ڇڏيو۽ مقامي ماڻهو خوش ٿيا هئا.جٿن جو نوجوان اڳواڻ ڪئانگ ترنگ وڏي فخر سان ڳاڙهي جهنڊي جنهن ۾ سوني رنگ جا تارا هئا انهي هيٺ مارچ ڪري رهيوهو.شهري ۽ ملڪ مان هر هنڌان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو.ڳاڙهن جهنڊن سان جتي ڪٿي ويٽ منهه جا نعرا هئا:
    - جاپاني فاشسٽن تي لعنت
    - ويٽنام جي آزادي زنده باد
    - اچو ته سڀن کي هٿياربند جدوجهد ۾ شامل ڪريون
    جتي ڪٿي گوريلا جٿا ٺهي چڪا هئا.انهن پنهنجا هٿيار تيار ڪري ڇڏيا هئا.رائفلون،تير،ٻيا هٿيار تيار هئا.عورتون به انهي گوريلا ويڙهه ۾ مردن کان گهٽ ڪونه هيون.گوريلا جٿن جاپاني فوجي مورچن تي حملا شروع ڪري ڏنا.جاپاني فوجون ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳيون.جڏهن ٽان ترانگ ڪِم حڪومت بد کان بدترين حالت ڏانهن وڃي رهي هئي ته مزاحمت اتر کان ڏکڻ تائين پکڙي وئي.
    سونن ستارن سان ڳاڙها جهنڊا جتي ڪٿي نظر پئي آيا.وڏين عمارتن،بانس جي جهوپڙين،شهر۽ ٻهراڙي ۾ ڳاڙها جهنڊا هئا.بائو ڊائي اغوا ٿي چڪو هو،هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته “آئون هڪ غلام بدران آزاد شهري هوندس.”ماڻهو هوچي منهه جي اچڻ لاءِ بي چين هئا.جيتوڻيڪ هو بيمار هو پر هوچي منهه گادي واري هنڌ ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر تڏهن جڏهن ٿائي گيون آزاد ڪيو ويو ۽ هُو هنوئي ويو.انهن حقيقتن باوجود به فرينچ بٺڪين اهو افواهه هُلايو ته هوچي منهه جاپانين جي مدد ڪئي ۽ هُو جاپاني ايجنٽ هو.وچين علائقي ۾ هن کي طوفان جي ڪري ڪافي ڏکيائي پيش آئي، هر هنڌ پاڻي پکڙيل هو.ڪورٽ يارڊ ۽ باغ تباهه ٿي ويا.ڪشادا چانورن وارا کيٽ سمنڊ جيان لڳي رهيا هئا.طوفان جي ڪري بک وڌي وئي1944-45ع ۾ جاپاني ۽ فرينچ پاران چانورن جي ڦر تي ڪافي تباهي اچي وئي.جنهن جي ڪري 1945ع ۾ اتر ويٽنام ۽ اتر حصي جي مرڪزي ويٽنام ۾ ٻه ملين ويٽنامي کاڌي جي کوٽ جي ڪري متاثر ٿيا.هوچي منهه جا پهريان لفظ هي هئا”اسانکي ماڻهن کي بک ۽ غربت کان بچائڻ لاءِ هر شيءِ ڪرڻ گهرجي”پراويشنل حڪوت (اڳوڻي ويٽ منهه مرڪزي ڪميٽي)هڪ سيشن سڏايو،جنهن ۾ هوچي منهه صلاح ڏني ته ملڪ ۾ هڪ حڪومت ٺاهي وڃي جنهن ۾ محبِ وطن پارٽين جا نمائندا ۽ بنا پارٽي جي مشهور شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي.انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو ويو۽ ڪيترن ئي پراويشنل حڪومت جي ميمبرن پاڻمرادوهٿ کنيو ۽ نون ميمبرن لاءِ جڳهه ٺآهي جيڪي ويٽ منهه نه هئا.ائين عوامي جمهوري ويٽنام جي پهرين حڪومت وجود ۾ آئي.اڌ ميمبر ويٽ منهه نه هئا.جيئن گيون منهه ها ڪيٿولڪ هو.گيون وان تو اساڪالر هو.ووترنگ کانهه هڪ وڪيل هو.
    هوچي منهه يڪراءِ سان عوامي جمهوري ويٽنام جو صدر چونڊيو ويو۽ کيس ويٽنام جي آزاديءَ وارو پڌرنامو تيارڪرڻ لاءِ چيو ويو.ٺهراءُ جو مسودو پڙهڻ کانپوءِ هن پنهنجي ويجهن ساٿين کان انهي لاءِ رايا پڇيا.لاڳيتو ڪم جي ڪري هن جي ڪم تي تنقيد ٿي پئي سگهي پر هُو تمام گهڻو خوش هو. هن چيو ته هن زندگيءَ ۾ ڪافي شيون لکيون آهن پر انهي کان پهرين ههڙي شيءِ لکڻ جو مزو ڪڏهن ناهي آيو.
    آزاديءَ وارو پڌرنامو 1919ع جي ورسائلس ڪانگريس ۽ ويٽ منهه پروگرام جيڪو1940ع ۾ لکيوويوانهي مان اخذ ڪيو ويو.وڌيڪ اهو ته اهو انهن بيانن جو تسلسل به هو جيڪي گيون هوهان،ڦان ڊن ڦنگ،هوانگ هواٿام،ڦان بوئيڇائو۽ ٻين ٺاهيا هئا.جنهن ۾ 80 سالن کان مٿي جو عرصو لڳو.
    اهو ويٽنام جي رتو ڇاڻ ۽ ويٽنام جي سورهيه پٽن ۽ نياڻين جي قرباني جيڪا انهن قيد،موت جي ڪئمپن،پري ٻيٽن ۾ نظر بندي،گيلوٽين ۽ جنگ جي ميدان مرڻ جو نتيجوهو.اهو گهڻين ورهين جي اميد،حقيقي جدوجهد ۽ 20 ملين ويٽنامين تي يقين جو نتيجو هو.اهو ويٽنام جي تاريخ جو عاليشان باب هو.جنهن بادشاهت واري حڪومت ۽ ظالم سامراجي حڪومت جو خاتمو آندو.انهي عوامي جمهوري لاءِ هڪ نئون رستو کوليو.پوءِ 2 سيپٽمبر 1945ع آيو.انهي ڏينهن هوچي منهه جي حڪومت کي پنهنجي پاران ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻو هو،جڏهن صدر هوچي منهه تقريب ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو.کيس چڱا ڪپڙا پاتل ڪونه هئا،اتفاق سان هن جي ڪپڙن بابت ٻه ڪهاڻيون آهن.
    هوچي منهه گادي واري شهر اچڻ تي هو ته هڪ پرڏيهي آفيسر سان مليو.ان وقت کيس خاڪي پتلون۽ پيراشوٽ جو ڪوٽ پاتل هو. هن همراهه اعتراف ڪيو ته هن وٽ ٻيا ڪپڙا نه هئا جڏهن ته هوچي منهه پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ ٻئي همراهه کي ڏنائين.آفيسر اها سوکڙي وٺڻ کان لنوايو،صدر کِليو۽ چيائين پاڻ پوڙها ساٿي آهيون ۽ تقريب ۾ به بيهڻ گهرجي.هي وٺ مون وٽ ٻيو آهي.آفيسر کي پورا ڪپڙا مليا جڏهن ته صدر سڄو ڏينهن پاڻکي ڪوٽ کانسوءِ رکيو.هڪ ٻي ڪهاڻي موجب جڏهن پهرين عالمي جنگ کان پهريان پرڏيهي ٻيڙي جو ڪئپٽن امريڪي بندر جي ميئر کي ڀيٽا ڏيڻ آيو.هو ميئر سان پجامي ۾ مليو.انهي واقعي ٻنهي ملڪن ۾ دوستاڻي ناتن کي جنم ڏنو.اهي حقيقتون جيتوڻيڪ عام آهن پر مختلف ماڻهن جا مّختلف تاثر ڏين ٿيون.
    جهنگ ۾ صدر گوريلي جيان هو،هُو اتي ڪڇو پائيندو هو.ڇاتي اگهاڙي رکندو هو.جڏهن هو راڄڌاني آيو ته هن وٽ تمام ٿورا ڪپڙا هئا،تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن جي ڪپڙن لاءِ دڪانن تي ويا.نيٺ هن لاءِ خاڪي جوڙو ۽ رٻڙ جا سينڊل آندا.ائين ئي صدر عوام آڏو ظاهر ٿيو.هي اهو ماڻهو هو جنهن سوين ڀيرا نالو مٽايو،ڪيترن ئي ڌندن ۽ ڪاروبارن ۾ پاڻ کي مصروف رکيائين،جيڪو ڪئين ڀيرا جيل ۾ رهيو ۽ هڪ ڀيرو موت جي سزا به آيس.هُو هڪ ڀيري مئل ڄاڻايو ويو.هي اهو ماڻهو هو جيڪو نئين عوامي جمهوري ويٽنام جو پهريو صدر هو.بلڪل هڪ ناليوارو صدر هو.
    هڪ صحافي جيڪو انهي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو تنهن ٻڌايو “19 آگسٽ اهو ڏينهن هو جڏهن سڄي ملڪ جا ماڻهو طاقت ختم ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا.2سيپٽمبر اهو ڏينهن هو جڏهن اسان دنيا کي ٻڌايو ته اسان جي طاقت ٺهي چڪي آهي.ويٽنامي ماڻهن لاءِ 2 سيپٽمبر عاليشان ۽ خوشي وارو ڏينهن هو.هنوئي جا ماڻهو گهڻو خوش هئا ڇو ته 2 سيپٽمبر نه فقط آزاديءَ جو عاليشان ڏينهن هو پر اهو ڏينهن به هو جڏهن ويٽنام جي ڀلوڙ ۽ پياري پٽ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا.هنوئي واسي،شهري،ٻهراڙي جا ماڻهو ۽ آس پاس جا ماڻهو بادنهه اسڪوائر تي گهٽين ۾ اڻ کٽ نموني گڏ ٿيا هئا.اهي سڀ اڌ ملين ماڻهو هئا.انهي کان پهرين ويٽنام جي تاريخ ۾ اهڙي زبردست گڏجاڻي ڪونه ٿي هئي.
    هڪ نئون قومي جهنڊو،هڪ نئون قومي ترانو،هڪ نئي آرمي،نوان ماڻهو،نئين سرڪار،نئون حڪم،20 ملين دليون ساڳي انداز سان ڌڙڪي رهيون هيون.روشن سج جي سرءُ ۾ جتي صاف آسمان هو،اتي سونن ستارن سان ڳاڙها جهنڊا هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا پر جذبا صدر هوچي منهه جي اچڻ تي انتها تي پهچي ويا ماڻهو پنهنجي پياري ۽ مانواري اڳواڻ کي پهريون ڀيرو ڏسي پئي سگهيا.هوچي منهه لاءِ ماڻهن جا جذبا تمام اعلى هئا جيڪي انهن گڏجاڻي ۾ اظهاريا 2/3 فقط انهي کي ڏسڻ آيا.
    اهو تمام سهڻو منظرهو.هڪ زبردست گارڊ آف آنر،جهنڊن جو جهنگ هو.ڪارن جي ڊگهي قطار هئي.اهو عوام جي جمهوري طاقت جي مهورت جو ڏينهن هو۽ ماڻهن پنهنجو پاڻکي ٻڌايو ته اهي سڀ شيون انهن جون هيون.
    انهيءَ تقريب ۾ اچڻ لاءِ هر ماڻهو کي اها توقع ڪئي پئي ته اهي صدر کي ڏسن،هڪ اڳوڻ جنهن جهڙو پهرين هنن نه ڏٺو هو.ماڻهن کي پڪ سان خبر هئي ته اهي ڪنهن بادشاهه کي اعلى پيلي جُبي ۾ ۽ هيرن سان مڙهيل پٽي ۾ نه ڏسي رهيا هئا پر هڪ اهڙي شخصيت کي ڏٺو پئي اهو ضرور قومي اڳواڻ جي ڪپڙن ۾ هوندوجنهن جي الڳ هلڻي ۽ منجهيل تقرير هوندي هڪ شخصيت جيڪا گهڻ رخي هئي.جلد ئي انهن کي خبر پئي ته انهن جو تصور غلط هو.جڏهن صدر هوچي منهه آيو ته هنن کيس سادو ۽ مهربان ڏٺوڄڻ ٻارن ۾ پيءُ هجي.صدر هوچي منهه هڪ فاصلي تان نظر پئي آيو،کيس هڪ پراڻي خاڪي ٽوپي ،رٻڙ جا سينڊل ۽ خاڪي سوٽ پاتل هو.
    جڏهن صدر آزاد ويٽنام جو پڌرنامو پڙهڻ شروع ڪيو ته هن جو آواز تمام چٽو هو،جنهن پري جي جهنگ جي گوريلا ويڙهه ياد ڏياري ڇڏي.هن جڏهن پيراگراف پڙهي ختم ڪيو ۽ پڇيو ته هڪ پرجوش تعريف ۽ خوشي ظاهر ٿي.
    “وطن واسيو ڇا توهين مون کي صحيح نموني ٻڌي سگهو ٿا؟”انهي سادي سوال ظاهر ڪيو ته ڇا اڃا تائين هن کي سندس ماڻهن کان جدا ڪري سگهجي ٿو۽ ماڻهن سان اڳواڻ جي رشتي کي مضبوط ڪري ڇڏيو.اهو اوپرو سوال غير متواقع هوجمهوريه جي صدر سڀئي حجاب ڇڏي ڏنا ۽ ويٽنامي ماڻهن جو پيءُ هُو ٿي ويو.
    “وطن واسيو!توهان مون کي چڱي ريت بڌي سگهو ٿا؟”هر ماڻهن کي هوچي منهه جي پنهنجي ماڻهن جي پيار لاءِ اڳيان آيو.اهو ڪنهن پيءُ جو پنهنجي ٻارن جهڙو پيار هو.هر ڪنهن اهو محسوس ڪيو ته هوچي منهه انهن جهڙو ئي ماڻهو هو جيڪو ماڻهن کي ويجهو ۽ دوستاڻو هو،جيڪو عوام جو ئي هو۽ انهيءَ جو عوام لاءِ پيار بنا ڪنهن حد جي هو.
    صدر جي جواب ۾ اڌ ملين ماڻهن جا آواز “ها” ۾ گونجيا مون لاءِ ۽ ٻين لاءِ اها بهترين ڳالهه هئي،اها تاريخي آزاديءَ واري ڏينهن جي عاليشان يادگيري آهي.”
    بهار 1948ع


    • حصو ستون

    عوامي جمهوري ويٽنام جي آزاديءَ جو پڌرنامو

    “سمورا انسان برابر خلقيا ويا آهن.پالڻهار انهن کي ڪجهه حق عطا ڪيا آهن،جن ۾ زندگي،آزادي ۽ خوشي شامل آهن”
    اهو لافاني بيان امريڪا جي آزاديءَ واري پڌرنامي ۾ 1776ع ۾ آهي.مجموعي معنى ۾”سڀئي ماڻهو ڄائي ڄم کان هن ڌرتي تي برابر آهن،سڀني انسانن کي جيئرو رهڻ،آزاد ۽ خوش رهڻ جو حق آهي.
    انساني حق ۽ شهري حقن جو پڌرنامو 1797ع ۾ فرانس جي انقلاب وقت تيار ٿيوهو.جيڪو چوي ٿو ته “سمورا انسان آزاد ڄاوا آهن ۽ انهن جا برابر حق آهن”
    اَسي سالن کان مٿي فرينچ سامراج،آزادي،برابريءَ،اتحاد جي معيار کي مسخ ڪندو آيو آهي.انهن اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين ۽ مظلوم شهرين تي ظلم ڪيو.انهن انسانيت ۽ انصاف خلاف عمل ڪيو آهي.سياسي طور تي انهن اسانجي عوام کي هر جمهوري آزاديءَ کان محروم رکيو،انهن غير انساني قانون مڙهيا،انهن اتر ۾ ٽي مختلف سياسي حڪومتون جوڙيون.مرڪزي ۽ ڏکڻ ويٽنام کي ڌار ڪري اسان جي ملڪ جي وحدت کي ختم ڪري اسان جي ماڻهن کي هڪ ٿيڻ کان روڪيو ويو.انهن اسڪولن کان وڌيڪ قيدخانا ٺاهيا.انهن بي دردي سان اسان جا محبِ وطن قتل ڪيا.انهن اسان جي جدوجهد کي رت جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.
    انهن اسان جي نسل کي آفيم ۽ شراب وسيلي ڪمزور ڪيو.معيشت جي حوالي سان انهن اسانکي خشڪ ڪري ڇڏيو،اسان جي ماڻهن کي غريب ۽ زمين کي تباهه ڪيو.انهن اسان کي چانورن،کاڻين،جهنگن ۽ قدرتي وسيلن ۾ ڦريو.انهن بينڪ نوٽ ۽ ڪاروبار جي اچ وڃ واري مسئلي تي هڪ هٽي قائم ڪئي.انهن اڻ ڳڻيا غير ضروري ٽيڪس مڙهيا.خاص ڪري اسان جي ٻني ٻاري کي گهٽايو ۽ غربت وڌائي.انهن اسان جي قومي بورجوا کي خوشحال ٿيڻ کي ناممڪن بنايو ۽ انهن اسان جي مزدورن جو استحصال ڪيو.
    1940ع ۾ سرءُ ۾ جڏهن جاپاني فاشسٽن انڊو- چائنا تي حملو ڪري اتحادين خلاف نوان اڏا ٺاهيا ته فرينچ سامراج گوڏن ڀر وڃي جاپانين کي اسان جي ملڪ اچڻ لاءِ ڀليڪار ڪري در کولي آيا.
    انهي ڏينهن کان اسان جو ماڻهو فرينچ ۽ جاپانين جي چڪي ۾ پيسجندو رهيو.انهن جي عذاب ۽ مصيبت ۾ اضافو ٿيو،جنهن جي نتيجي ۾ گذريل سال جي آخر ۾ ۽ هن سال جي شروع ۾ ڪئاٽگ ترئي صوبي اتر ڏانهن ٻه ملين کان مٿي اسان جا وطن واسي بک وگهي مري ويا.
    انهي سال 9 مارچ تي فرينچ جٿا جاپانين پاران بي هٿيار ٿيا.فرينچ سامراج ڀڄي ويا يا هٿيار ڦٽا ڪيا،اهو ظاهر ڪيائون ته انهن ۾ اسان جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت ناهي پر پنجن سالن جي عرصي ۾ انهن ٻه ڀيرا اسان جو ملڪ جاپانين کي وڪيو.
    9 مارچ کان ڪافي ڀيرا اڳ ويٽ منهه اها ڳالهه ڪئي ته فرينچ انهن کي پاڻ سان جاپانين خلاف اتحاد ڪن پر انهي صلاح تي راضي ٿيڻ بدران فرينچ بٺڪين پنهنجي دهشتگرد ڪاررواين کي ويٽ منهه خلاف تيز ڪري ڇڏيو.انهن جي شڪست ۽ ڀڄڻ کان پهرين انهن ين باءِ ۽ ڪئوبنگ تي نظربند سياسي قيدين جو قتلام ڪيو.تنهن هوندي به اسان جي وطن واسين سدائين نرمي ڏيکاري ۽ فرينچ ڏانهن انساني رويو رکيو.9 مارچ 1945ع ۾ جاپان جو راڄ ختم ٿيڻ کانپوءِ ويٽمنهه فرنٽيئر پار ڪرڻ ۾ڪافي فرينچن جي مدد ڪئي،انهن کي جاپان جي جيلن کان بچايو،انهن جي زندگيءَ ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪئي. حقيقت ۾ 1940ع جي سرءُ کان اسان جو ملڪ فرينچ ڪالوني نه رهيو ۽ جاپان جي هٿن ۾ هليو ويو.جڏهن جاپانين اتحادين وٽ هٿيار ڦٽا ڪيا ته اسان جو سمورو عوام طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ عوامي جمهوري ويٽنام جو بنياد رکيو ويو.سچ اهو آهي ته اسان فرانس کان نه بلڪه جاپان کان آزادي ڦري.
    فرينچ ڀڄي ويا جاپانين هٿيار ڦٽا ڪيا شهنشاهه بائو دئي دستبردار ٿي ويو.اسان جي ماڻهن اهي زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون جن انهن کي تقريبن هڪ صدي تائين جڪڙي رکيو۽ ويٽنام لاءِ آزاديءَ حاصل ڪئي.ساڳي وقت انهن بادشاهت واري صديون پراڻي راڄ کي اڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ هڪ عوامي جمهوري ويٽنام ٺاهيو.اسين جيڪا عارضي حڪومت آهيون نئين ويٽنام جي سموري ويٽنامي عوام جي نمائندگي ڪريون ٿا،هتان اسين اعلان ٿا ڪريون ته هاڻ اسين فرانس سان بيٺڪي ڪردار وارو رستو ختم ٿا ڪريون،اسان جي ملڪ ۾ ٿيل فرانس جي معاهدن کي ختم ڪريون ٿا.ويٽنام جو سمورو عوام ذهني طور تي پنهنجي فيصلي تي گڏ آهي ته هو فرينچ بٺيڪين جي ظالم منصوبن جي مخالفت ڪري ٿو.اسين انهيءَ جا قائل آهيون ته سڀني اتحادي جيڪي تهران ۽ سان فرانسسڪو ڪانفرنس ۾ قومن ۾ برابريءَ وارو اصول طئه ڪيو هو،اهي ويٽنامي ماڻهن جي آزاديءَ واري حق کي مڃڻ کان انڪار نه ڪندا.
    هڪ ماڻهو جنهن همت سان فرينچ غلامي جي اسي سالن کان مٿي مخالفت ڪئي.هڪ ماڻهو جنهن ثابت قدمي سان فاشسٽ قوتن خلاف گذريل ڪيترن سالن کان ويڙهه ڪئي اهو ضرور آزاد هجڻ گهرجي.انهي ڪري اسين عوامي جمهوري ويٽنام جي عارضي حڪومت هي پڌرنامو سچي دل سان دنيا جي آڏو رکون ٿا.
    ويٽنام کي آزاديءَ مان مزا ماڻڻ جو حق آهي ۽ سچ پچ ته اهو آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ٿي چڪو آهي.ويٽنام جَي سموري عوام اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهو پنهنجي ذهني ۽ جسماني قوت کي استعمال ڪندا،پنهنجون زندگيون ۽ ملڪيون پنهنجي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ قربان ڪندا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259566
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ