ڪتاب جو نالو: سنڌ: آئيندي جو اُتساهه
مصنف: نصير ميمڻ
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 576 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 514 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نصير ميمڻ جو هي ڪتاب مختلف وقتن تي لکيل سياسي ۽ سماجي لکڻين تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن ڪافي مامرن جي تفصيل سان اپٽار ڪئي آهي، جيئن هو مسلسل لکندو اچي ۽ سندس مستقل اها راءِ آهي ته سنڌ ۾تبديلي اڻٽر آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • مهاڳ
  • • ليکڪ جا ويچار
  • 1. تبديلي سنڌ جي اڻ ٽر گهرج آهي
  • 2. سنڌ کي ٻارڻ بنائيندڙ مذهبي انتهاپسندي
  • 3. انتها پسنديءَ جو منجهيل سُٽ ۽ آمراڻيون قوتون!
  • 4. مذهب ۽ سياست جو ڳانڍاپو ۽ سماج
  • 5. سنڌ جي لبرل ۽ روشن خيال سڃاڻپ بچائڻ جي ضرورت
  • 6. سنڌ جي وحدت کي درپيش خطرا ۽ قومپرست ڌرين جو ڪردار
  • 7. گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل جدوجهد ئي گڏيل سنڌ کي سلامت رکڻ جي ضامن آهي
  • 8. اتحاد اقتدار لاءِ نه پر سنڌ لاءِ ٿيڻ گهرجي
  • 9. لنڊن جي گهٽين ۾ پلجندڙ انتهاپسندي!
  • 10. پيپلزپارٽي جي سياسي تاريخ جو تجزيو
  • 11. پيپلز پارٽيءَ جي مهم جوئيءَ جي قيمت سنڌ ڀريندي
  • 12. ڪاري قانون جي واپسي منزل نه پر وک آهي
  • 13. سنڌ کي ڪهڙو مڪاني نظام گهرجي...؟
  • 14. چونڊ نتيجن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ لڪل نياپو
  • 15. سنڌ، پيپلز پارٽيءَ جي آخري پناهه گاهه
  • 16. قومپرستن جي شڪست، قومپرستيءَ جي هار ناهي
  • 17. سنڌ سان مشروط ووٽ ۾ ئي سنڌ جي نجات آهي
  • 18. نظرين بجاءِ مفادن جي والار هيٺ آيل پارلياماني سياست
  • 19. پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ ساڳي نه رهي آهي
  • 20. سنڌ کي بلوچستان نه بڻايو!
  • 21. هوڏ تي بيٺل حڪومتي ڌر کي عوام جو “نياپو” ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو؟
  • 22. سنڌ جي آجپي جي سفر وڇڙي ويل سرواڻ جون ساروڻيون
  • 23. سنڌ جي ٻيٽن جو ٻيهر ناجائز وڪرو
  • 24. بنگلاديش: ملڪي تاريخ جو رت-هاڻو باب

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (123) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سنڌ : آئيندي جو اتساهه” نامياري ليکڪ، ڪالم نگار ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ نصير ميمڻ جي ڪالمن تي مشتمل آهي جيڪي مختلف اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن.
    هي ڪتاب ساحل پرنٽرز حيدرآباد ۽ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    سنڌ ڀونءَ
    جي فرزند
    ڀوري ڀيل جي نانءُ


    • مهاڳ

    قلمي پورهيو به جُهد مسلسل آهي، جيڪو لوچي سو لهي. هن جهان ۾ هڪڙا ماڻهو قلم جي حرمت ۽ اکرن جي تقدس جا امين هجن ٿا ته ٻيا وري ان حرمت ۽ تقدس کي دڪان جو وکر سمجهن ٿا. اهي ٻئي الڳ الڳ سوچون رکندڙ ماڻهن ۾ فرق اهو آهي ته جيڪي حرمت ۽ تقدس جا ساکي آهن، اهي پنهنجي روش ۽ عمل ۾ ڌرتي سان ڪميٽيڊ هوندا آهن. جڏهن ته ٻي طرح جي ماڻهن لاءِ ڌرتي به وڏو واپار هجي ٿو. نتيجي ۾ ساڳي ٻولي، ڪلچر ۽ قوم هجڻ باوجود ٻن الڳ ڌارائن تي بيٺل اهي شخص الڳ سڃاڻپ رکندڙ هوندا آهن. سنڌ ۾ به ساڃاهه وندن، دانشورن، ليکڪن کان ويندي سياستدانن تائين ٻنهي قسم جي ماڻهن جي ڪا کوٽ ناهي. مثال طور سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار نظربند رهيو، سختيون برداشت ڪيائين پر هو سنڌ جي حقن تان تر جيترو به پٺتي نه هٽيو، ۽ ان جو موت به نظربندي دوران ٿيو. ايئن ذوالفقار علي ڀٽو هيو ته سنڌي پر هن لاءِ سنڌ جي حقن ۽ وجود کان وڌيڪ عزيز اقتدار هيو، ان ڪارڻ هن پنهنجي اقتدار ۽ اختيار دوران کوڙ سارا اهڙا فيصلا ۽ ڪم ڪيا جن جو سڌي توڙي اڻسڌي ريت نقصان سنڌ کي ٿيو. بلڪل ايئن ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي به سنڌي هئا پر انهن ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچي ۾ وجهڻ سميت ڪيترائي اهڙا اڻ وڻندڙ ڪم ڪيا، جن جو نقصان سنڌ ايندڙ نسلن تائين ڀوڳيندي.
    مطلب ته حق ۽ سچ تي هجڻ ۽ عملي طرح ثابت قدم رهڻ جو تعلق ماڻهو جي Will ۽ ڪمٽمينٽ سان آهي، نڪي ڪنهن اعليٰ نسل ۽ قوم سان هجڻ سان. نصير ميمڻ به هڪ اهڙو قلمي پورهيت آهي، جيڪو جهد مسلسل واري بٺيءَ مان پچي ريٽو ٿيو آهي، پاٽ جهڙي ننڍڙي شهر کان حيدرآباد، پوءِ اسلام آباد ۽ پوءِ ڏيهان ڏيهه هن پير پٿون ڪيا آهن. ان ڪارڻ ڪٽمٽنيٽ ۽ ثابت قدمي وارا گڻ منجهس چڱي ريت پسي سگهجن ٿا. ماضي ۾ سنڌ جي پاڻي، ناڻي ۽ ٻين فني ۽ سياسي معاملن تي جڏهن انگن اکرن سان ڪنهن فورم تي ڪيس رکڻ يا ڳالهائڻ جي ضرورت هوندي هئي ته اهو ڪيس شير محمد بلوچ ۽ انجينئر عبدالرسول ميمڻ نهايت زبردست انداز ۾ پيش ڪندا هئا. ياد نٿو پوي ته انهن ڪنهن فورم تي سنڌ ڪيس هارايو هجي. نصير ميمڻ جي به تن ڏينهن کان انجنيئر عبدالرسول ميمڻ سان ويجهڙائپ رهي، ۽ هن کانئس ڪافي ڪجهه پرايو. جيتوڻيڪ هاڻي عبدالرسول صاحب جن جهان ۾ نه رهيو آهي پر اهو سندس سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ زبردست ڪنٽريبوشن ڳڻي سگهجي ٿو ته هو صاحب ڪنهن ڪُهنه مشق حڪيم وانگر فني معاملن بابت ڄاڻ ۽ نسخا کڻي پر لوڪ ڪو نه پڌاريو، پر ان جي ابتڙ هن اها ڄاڻ ۽ فني گُر سنڌي نوجوانن ڏانهن منتقل ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي پيڙهي سان لاڳاپيل ڪيترائي نوجوان سندس ڏنل واٽ آهر سنڌ ڪيس نه رڳو اڳتي وڌائي رهيا آهن پر هر فورم تي اهو ڀرپور نموني وڙهي به رهيا آهن.
    اين ايف سي ايوارڊ، پاڻي مامرن ۽ سنڌ جي ٻين سياسي ۽ سماجي معاملن جي پيچيدگين بابت اڄوڪي دور ۾ جيڪي معتبر نالا آهن تن ۾ فضل الله قريشي ۽ ٻين سان گڏ منهنجي دوست نصير ميمڻ جو نالو پڻ نمايان آهي، ڇو ته هو ٺلهي تصوراتي ٿيوري تي قطعي يقين رکندڙن مان ناهي، بلڪه انگن اکرن وسيلي حقيقتن تائين پهچڻ ئي سندس خاصيت آهي. اين ايف سي ايوارڊ، ڪالاباغ ڊيم، مڪاني ادارن وارو ڪارو نظام، مذهبي انتهاپسندي ۽ سياسي ترڪتالين کي جهڙي ريت هن انگن اکرن ۽ سياسي مشاهدي وسيلي واضح ڪيو آهي، اها هر ڪنهن جي ڀيڻي ناهي.
    نصير ميمڻ جو هي ڪتاب مختلف وقتن تي لکيل سياسي ۽ سماجي لکڻين تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن ڪافي مامرن جي تفصيل سان اپٽار ڪئي آهي، جيئن هو مسلسل لکندو اچي ۽ سندس مستقل اها راءِ آهي ته سنڌ ۾تبديلي اڻٽر آهي. سنڌ سڄي ڄمار لاءِ وڏيرن، جاگيردارن جي نمائنده ڌر پ پ جي ٻڌي ٻانهي ٿي نه رهي سگهندي. ان سلسلي ۾ سندس هن ڪتاب ۾ شامل مضمون “ تبديلي سنڌ جي اڻٽر گهرج” ڪافي مامرن تان پردو هٽائي ٿو هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته : “اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ اندر بنيادي سياسي ۽ سماجي تبديلي لاءِ جدوجهد ختم ٿي وئي آهي. چونڊن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ جا بنياد مختلف هوندا آهن. عوامي سطح تي بهتر حڪمراني سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي، امن امان جي بحالي، غربت جي خاتمي، سنڌين جي مٿان،حق حاڪميت ۽ سنڌين جي عددي گهڻائي واريون گهرون اڄ به ساڳي شدت سان موجود آهن”
    ايئن جڏهن به سنڌ جي وحدت تي ڪو وارو ٿئي ٿو ته هر ڌرتي ڌڻي ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، پر ان کي عالمي ۽ مقامي سازشن کان باخبر رکڻ ۽ هر وار جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رکڻ جو ڪم واري به ڏاها ۽ِ دانشور ئي ڪندا آهن، سو ليکڪ به نهايت ڪشاده دلي سان سنڌي ماڻهن کي هر سازش ۽مڪاري کان باخبر رکڻ لاءِ پنهنجي قلم وسيلي جاکوڙ جاري رکيو اچي. جيئن سندس هڪ مضمون “ گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل جدجهد ئي سنڌ کي سلامت رکڻ جي ضامن آهي” اهو ليک دراصل مقامي سياسي قوتن ايم ڪيو ايم، پ پ ۽ عالمي طاقت آمريڪا بهادر جي اُڻيل ڄار جا تفصيلي پيرا کڻي ٿو. جيئن ليکڪ خبردار ڪندي لکيو آهي ته: “اسامه واري واقعي کانپوءِ آمريڪا هاڻي پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيمبلشمينٽ تي ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهو پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تي ڀاڙڻ بجاءِ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ طرف پنهنجي مفادن خاطر بلوچستان ۾ علحدگي جي هلچل جي سڌي/ اڻ سڌي حمايت ڪندو ته ٻئي طرف اهڙو ماحول ٺاهيندو جيئن سنڌ جي ساحلي پٽي سندس وفادار سياسي طاقتن جي قبضي هيٺ رهي. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ان جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ پ پ جي اعليٰ قيادت تي زور وجهي ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد رٿا جو اعلان ڪرائي چين کي آڻي آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ گهري ٿي، ته موٽ ۾ پ پ جي اعليٰ قيادت اولهه ۽ آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙي قانون سازي ڪرائي ٿي، جنهن سان ڪراچي، آمريڪا ۽ اولهه جي حامي قوتن جي ڪنٽرول ۾ رهي، ٻئي ڌريون پاڪستاني ساحل تي پنهنجي مفادن جي جنگ ۾ سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ لاءِ آتيون آهن ۽ سنڌي عوام جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ڪم پيپلز پارٽي کان ڪرائي رهيا آهن”.
    دراصل عالمي سطح تي اهڙين سازشن کي وائکو ڪرڻ غيرمعمولي ڪوشش آهي، ڇو ته هر ماڻهو جي اهڙي معلومات تائين رسائي ممڪن نه آهي، ليڪن نصير ان کي سولو ۽ سادو بڻائي عام سنڌي تائين پهچائي ڌرتي جو قرض چڪايو آهي.حالانڪه اهڙا معاملا پڌرا ٿيڻ کانپوءِ سياسي ڌرين کي تحرڪ وٺي ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، پر افسوس جو سنڌ اڄ به اهڙي گڏيل سياسي فهم کان وانجهيل آهي ۽ هر سياسي ليڊر ڏيڍ سِر جي مسيت ٺاهي، سنڌ بچائڻ جا خواب ويٺو ڏسي جيڪي سراب مثل آهي، جن جو حقيقت سان پري جو به تعلق ڪونهي، ان ڪري سنڌ سلامت رکڻ لاءِ گڏيل فهم وارو گس ئي لاجواب گس آهي، جيڪو لامحاله اختيار ڪرڻو پوندو.
    حقيقت ۾ جڏهن پ پ حڪومت سنڌ تي ڪاري مڪاني نظام جو وار ڪيو ته تمام ٿورڙا ماڻهو هئا، جن کي سنڌ جي وحدت تي ٿيل ان وار جي فني پاسن جي خبر هئي. ليڪن ليکڪ پنهنجي مضمونن ۾ مسلسل اها آگاهي ڏيندو رهيو، نه رڳو اهو پر ڪاري مڪاني نظام خلاف ٿيندڙ عملي جدجهد جو به حصو رهيو ۽ اهو ان عملي جدوجهد جو نتيجو ئي هو جو تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ هلندڙ پ پ طرفان سنڌ ۾ قائم ڪيل ڪارو مڪاني نظام سنڌي عوام جي سخت رد عمل کانپوءِ واپس ورتو ويو.
    ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي وحدت کي خطرا ۽ قومپرست ڌرين جو ڪردار”، سنڌ جي لبرل ۽ روشن خيالي بچائڻ جي ضرورت” کانسواءِ ڪيترن ئي اهم موضوعن تي لکيل مضمون شامل آهن، جيڪي وقت بوقت پندرنهوار “افيئر”“ جيجل” ۽ “ڪاوش” ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
    ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپنسدي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سنڌ جو گيڙو رنگ وارو صوفي ڪلچر هوريان هوريان ميسارجي رهيو آهي، جنهن جو وڏو مظهر پنگريو ۾ ٿيل ڀوري ڀيل وارو واقعو پڻ آهي، جنهن خلاف پڻ سڄي سنڌ ڀرپور آواز اٿاريو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ڌاري آبادڪاري جي اثر ۾ اچڻ بدران سنڌ جي روشن خيالي محفوظ رکون. منهنجي خيال ۾ نصير ميمڻ طرفان پنهنجي لکڻين کي وقت سر ڪتابي صورت ۾ آڻي محفوظ ڪرڻ نهايت مثبت روايت آهي ۽ اڄ جي دور جي تاريخ، واقعا ۽ حالتون قلمبند ٿي رهيون آهن جيڪي مستقبل جي مورخ لاءِ به ريفرنس جو ڪم ڏيندا. هي نهايت ڪارائتو ڪم آهي، اميد ته سنڌي پڙهندڙ هن قلمي ۽ علمي پورهئي مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا.

    همسفر گاڏهي
    ڪراچي، ڊسمبر 2013
    hamsafargadehi@gmail.com


    • ليکڪ جا ويچار

    جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان لاڳاپيل معاملا مُنجهندا پيا وڃن، ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ کي پيپلزپارٽيءَ جي نشي اهڙو ته نستو ڪري ڇڏيو آهي جو اها ضياءَ ۽ مشرف کان وڌ نه ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جي برابر ٿيندڙ انيائن تي ماٺ آهي. پيپلزپارٽي ڪرپشن کي هيٺين سطح تي عام ڪري سڄي سماج کي ناڪاره ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي سنڌي ماڻهن جي ڏهاڪن جي جدوجهد جي ثمر طور هاصل ٿيندڙ اين ايف سي ايوارڊ جي واڌو رقمن ۽ 18 هين ترميم وسيلي حاصل ٿيندڙ اڀرن سڀرن اختيارن مان سنڌ کي ڪجهه به هڙ حاصل نه پيو ٿئي. پيپلزپارٽيءَ جي وزيرن اميرن کي سواءِ مال ڪمائڻ جي ٻي ڪنهن به ڳالهه جي ڳڻتي ناهي. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ترقي سندن ايجنڊا تي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. سنڌ جا شهر توڙي ٻهراڙيون کنڊر بنيل آهن. روڊ رستا ڏينهن ڏٺي جو به محفوظ ناهن. تعليم، صحت پيئڻ جي پاڻي ۽ گند ڪچري جي نيڪال جو نظام ناڪاره بنجي چڪو آهي. مٿان وري سنڌ مٿان مذهبي جنونيت جو راڪاس به اجهل ٿي چڪو آهي. پيپلزپارٽي حڪومت کي ڪو به احساس ناهي ته هو سنڌ کي ڪيڏو نه خطرناڪ نقصان پهچائي رهيا آهن. کين هر وقت يا ته شهيدن جا قصا يا ڏاهن يا وري مينڊيٽ جو ورد ڪرڻو آهي. انهن شهيدن ۽ مينڊيٽ جي موٽ ۾ سنڌ کي ڇا پيو ملي ان جو کين ٽڪي جيترو به احاس ناهي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ عملي طور ايتري ئي لاوارث آهي جيتري آمريتن جي دور ۾ هئي. بلڪه آمريتن جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي دانهن کي ڪو مان ته ملندو هو، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ ته سڄي ملڪ اندر اهو تاثر آهي ته سنڌ تي سنڌين جي پنهنجي پارٽيءَ جي حڪومت آهي، تنهنڪري اتي ته کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون اٿلن.
    هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون، پيپلزپارٽيءَ جي انهن روين ۽ سنڌ تي پوندڙ ان جي هاڃيڪار اثرن بابت آهن هڪ ڀيرو وري به دوست يوسف سنڌيءَ جا قرب، جنهن انهن مضمونن کي سهيڙي ڪتاب جي شڪل ۾ محفوظ ڪيو.

    نصير ميمڻ
    اسلام آباد
    ڊسمبر 2013
    *


    1. تبديلي سنڌ جي اڻ ٽر گهرج آهي

    تازين چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ متبادل سياسي قوت وارو سوال ٻيهر اڀري آيو آهي. 2008ع وارين چونڊن کان اڳ بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ اڳتي هلي پيپلز پارٽي حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب سنڌ ۾ پيدا ٿيل هڪ سياسي خال کي شدت سان محسوس ڪيو ٿي ويو. اقتدار جي پڇاڙڪن ٻن سالن ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٻٽو مڪاني نظام، ذوالفقار آباد رٿا، ٻيٽن جي وڪري، زمينن جي والار ۽ نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ سبب سنڌ ۾ پنهنجي سياسي ساک کي تري سان وڃي لڳايو، ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچڻ لڳو ته اڄوڪي پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي نه رهي آهي ۽ اها سنڌ جي مفادن کي به ڄام صادق ۽ ارباب رحيم کان به وڌيڪ بي درديءَ سان نيلام ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري ان جو سياسي متبادل ضرور هجڻ گهرجي. سنڌ جي ساڃاهه وند فردن توڙي عام ماڻهن ۾ اها سوچ بلڪل چٽي هئي ته اڄوڪي پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن جي نگهبانيءَ بجاءِ سيڪيورٽي رسڪ بنجي چڪي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ هڪ اهڙي متبادل سياسي طاقت ضرور اڀرڻ گهرجي، جيڪا سنڌ جي قومي مفادن کي بچائڻ لاءِ عوام کي متحرڪ ڪري سگهي. پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه ۾ عوامي مفادن جي تحفظ کي متبادل طاقتن جي موجودگيءَ يقيني بنايو آهي. انهن صوبن جو عوام جتي محسوس ڪري ٿو ته ڪا پارٽي حڪمران ڌر ۾ ويهي سندن مفادن کي پٺي ڏئي رهي آهي ته وٽن ٽي چار وڏيون سياسي قوتون آپشن طور موجود هجن ٿيون. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ پختون خواهه ۾ اي اين پي سان چونڊن ۾ ٿيل حشر ان ئي عوامي ردعمل جو نتيجو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جڏهن حڪومت ۾ اچي ٿي ته ان وٽ عوامي مينڊيٽ جي نالي تي هڪ رسو هٿ ۾ هوندو آهي، جنهن سان جڏهن چاهي، سنڌ جي اجتماعي مفادن کي ڳچيءَ کان گهلي رستن تي نيلام ڪري سگهي ٿي. ٿوري گهڻي مزاحمت نسبتن غير منظم قومپرست پارٽيون ۽ سنڌ جا ليکڪ ۽ صحافي ڪندا رهن ٿا، باقي عوامي سطح تي ڪا وڏي اٿل پٿل نه ٿي اچي. سنڌين کي سياسي ساڃاهه ۾ ملڪ جي حوالي سان سٺي اڳڀري قوم سمجهيو ويندو آهي، ان جي سياسي ساڃاهه عوامي سياسي ردعمل سان سلهاڙجي ڇو نه سگهي آهي؟ اهو سوال ٻين صوبن جا ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن اچرج سان پڇڻ لڳا آهن. منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ ئي ڪارڻ آهي ته عوامي شعور يا رد عمل کي رهنمائي ڏيندڙ قوتون بنهه ڪمزور آهن. سنڌ جي سياست جو هڪ نرالو پاسو اهو آهي ته جتي ووٽن ۽ چونڊن جي حوالي سان پيپلز پارٽي هڪ مضبوط ڌر آهي، اتي عوام کي قومي مفادن تي متحرڪ ڪرڻ جي سگهه سنڌ جي قومپرست ڌرين وٽ آهي ۽ عوامي سوچ تي اثر انداز ٿيڻ جي سگهه سنڌ جي ليکڪن ۽ صحافين وٽ آهي. سياسي طاقت جا اهي ٽي اهم مرڪز جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڌر ۾ سمائجي وڃن ته خبر ناهي اها ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏيئي سگهي ٿي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ان جو مثال اوڀر پاڪستان جي عوامي ليگ هئي. ان جي قيادت ۾ ايتري سگهه هئي، جو سياسي طاقت جو اهو ٽڪنڊو ان جي قبضي ۾ هئو.
    ان معاملي ۾ ڀٽي صاحب جي دور واري پيپلز پارٽي به ان کان پٺتي هئي. سنڌ ۾ جتي ووٽن ۽ عوام کي متحرڪ ڪرڻ واري طاقت شهيد ڀٽي جي پيپلز پارٽيءَ وٽ هئي. اتي عوامي راءِ ۽ سياسي ساڃاهه تي وري به سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ ليکڪ شاعر وڌيڪ اثر انداز ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب ڪڏهن به کين سک سان ويهڻ نه ڏنو. سنڌي ليکڪن ۽ باضمير صحافين کي انهيءَ دور ۾ شديد اذيتن جو منهن ڏسڻو پيو، ڇو ته اهي عوامي عام راءِ تي وڌيڪ اثرانداز ٿيندا هئا. سنڌ ۾ سياسي طاقت جو اهو ٽٽل ٽڪنڊو سنڌ سان ٿيندڙ انيائن جو بنيادي ڪارڻ آهي. جڏهن سنڌ ۾ سياسي متبادل جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان جو مطلب هڪ اهڙي سياسي طاقت آهي، جنهن وٽ سياسي سگهه جا اهي ٽئي مرڪز موجود هجن. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي خال جيئن جو تيئن موجود آهي. چونڊن کان هڪ ٻه سال اڳ جڏهن قومپرست تنظيمن جو اتحاد ‘سپنا’ متحرڪ ٿيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن ان کي ڀرپور حمايت ڏني. اڳتي هلي سپنا ۽ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جڏهن سنڌ جي مختلف سياسي معاملن تي عوامي تحرڪ پيدا ڪيو ته اها اميد پيدا ٿيڻ لڳي ته سپنا اڳتي هلي قومپرست پارٽين لاءِ هڪ مضبوط اليڪشني اتحاد پڻ ثابت ٿيندو. بدقسمتيءَ سان قومپرست تنظيمن اندر موجود غير سنجيدگي ننڍين انائن ۽ ڪمزور سياسي حڪمت عمليءَ سبب اهو اتحاد جٽاءُ نه ڪري سگهيو، وري جڏهن پير پاڳاري ٻٽي مڪاني نظام خلاف سمورين ڌرين کي منظم ڪري حيدرآباد ۾ عوامي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ته هر ڪنهن کي اها اميد پيدا ٿيڻ لڳي ته سنڌ اندر هڪ مضبوط سياسي متبادل جنم وٺي چڪو آهي، پر ڪجهه وقت اندر ئي پير پاڳارو عوامي اڳواڻ مان ڦري روايتي ڊرائنگ روم سياستدان ۾ بدلجي ويو ۽ ڏهه جماعتي اتحاد هڪ افسانو بنجي ويو. قومپرست ڌرين جيڪڏهن ان اتحاد بجاءِ رڳو ڪنهن طرح سپنا جي فورم تان چونڊ وڙهي هارائين ها، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ اهي پارلياماني سياست ۾ هڪ مضبوط ڌر طور سڃاڻپ پيدا ڪري وٺن ها. بهرحال پارلياماني سياست جي ناتجربيڪاري ۽ اندروني تنظيمي ڪمزورين سبب قومپرست پارٽين اليڪشن ضرور هارائي، پر ڪجهه تڪن تي سندن ووٽن جو انگ ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن قومپرست تنظيمون ايندڙ پنج سال ان تجربي مان سکندي پنهنجي نئين سر صف بندي ڪن ته انهن ۾ هڪ مضبوط اليڪشني طاقت طور اڀرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هينئر به عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ عوامي راءِ تي اثرانداز ٿيندڙ حلقن تائين سندن پهچ ڪمزور نه ٿي آهي. پر سندن اندروني سياسي ڪمزوريون انهن جي اوسر ۾ رنڊڪ آهن. جيڪڏهن قومپرست تنظيمون سنجيدگيءَ سان سنڌ ۾ هڪ متبادل سياسي طاقت ٿي اُڀرڻ گهرن ٿيون ته انهن کي هيٺين گذارش تي ويچار ڪرڻ گهرجي:
    * پنهنجي تنظيمن کي صحيح معنى ۾ جديد جمهوري قدرن سان ٺهڪندڙ تنظيم بنائڻ لاءِ انهن مٿان شخصي حڪمرانيءَ کي ختم ڪن. هن وقت قومپرست تنظيمن ۾ چند فردن جا نالا ورهين کان نظر اچي رهيا آهن. سنڌ اندر متبادل طاقت بنجڻ جي خواهش رکندڙ ڌرين کي خود پنهنجي تنظيمن اندر به متبادل کي جڳهه ڏيڻ گهرجي ۽ تنظيمن اندر فيصلي سازيءَ کي فردن بجاءِ ادارن جي ماتحت بنائڻ گهرجي.
    * عوامي سطح تي پنهنجي ساک بحال ڪرڻ خاطر کين تنظيمي ڪار وهنوار لاءِ شفاف وسيلن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڀتا گيري، پلاٽن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ ۽ ان لاءِ تنظيم اندر ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ بجاءِ کين ساک جي آڌار تي عوامي مدد تي ڀاڙڻ گهرجي. سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ واسي اجتماعي قومي مفادن لاءِ صاف شفاف سياست ڪندڙ ڌرين جي مالي توڙي اخلاقي واهر ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پر ڪجهه تنظيمن جي غير شفافيت ۽ ڪرائيم سان سلهاڙيل هجڻ سبب اهي پٺتي هٽي وڃن ٿا.
    * جيڪي قومپرست پارٽيون پارلياماني سياست کي جدوجهد جو مرڪز بنائڻ گهرن ٿيون ته انهن کي هن اليڪشني تجربي مان سکندي ايندڙ پنجن سالن لاءِ منظم حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. جيڪڏهن قومپرست ڌريون عوامي رابطي کي چوويهن ڪلاڪن جي مشق بنائڻ بجاءِ رڳو اليڪشن جي سيزن جو انتظار ڪنديون ته ان وقت کين ڪابه جوڳي موٽ نه ملي سگهندي. قومپرست تنظيمن کي هاڻي کان ئي ڪجهه تڪ چونڊي انهن تي اڄ کان محنت شروع ڪرڻ گهرجي. سڄي سنڌ ۾ اميدوار بيهاري مقابلا ڪرڻ بجاءِ ڏهن پندرهن تڪن کي چونڊي انهن لاءِ گهڻ پاسائين حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. عوام جي روزمره جي مسئلن کان وٺي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تائين مقامي سطح تي ماڻهن کي قيادت فراهم ڪرڻ سان ئي عوام سان اهو رشتو جڙي سگهندو، جيڪو چونڊن جي وقت ڪم اچي سگهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي گڏيل مفادن بابت عوام کي متحرڪ رکڻ وارو ڪم جاري رکڻو پوندو.
    * قومپرست پارٽين کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ نوجوان سندن سماجي ۽ سياسي اتحادي آهن، انهن ڌرين جون پنهنجون پنهنجون اندروني ڪمزوريون به آهن، پر بهرحال انهن سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ بجاءِ انهن ۾ موجوده هم خيال فردن ۽ ادارن سان ناتا بهتر رکڻ سان سندن سياسي سگهه ۾ واڌارو ايندو. اهي ناتا ردعمل ۽ شڪ وارن روين سبب ڪمزور ٿيا آهن، جن کي بهتر بنائڻ لاءِ اڳڀراين جي ضرورت آهي. انهن ناتن کي بهتر بنائڻ لاءِ قومپرست ڌرين جي قيادت کي ڪجهه وڌيڪ سهپ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ساڳئي طرح ليکڪ، صحافي ۽ سول سوسائٽيءَ کي به اهو سمجهڻو پوندو ته قومپرست ڌريون سمورين ڪمزورين جي باوجود سنڌ جي قومي مفادن تي سگهارو موقف رکن ٿيون ۽ پنهنجي حال آهر جدوجهد ڪن ٿيون، انهن جي خيال يا جدوجهد جي طريقن سان اختلاف رکڻ جي باوجود انهن کي مڃتا ۽ سهائتا ملڻ گهرجي. نه اڪيلي سر ليکڪ، صحافي ۽ سول سوسائٽي جا ادارا سنڌ ۾ ڪنهن وڏي سياسي تبديليءَ جو بنياد رکي سگهندا ۽ نه وري انهن جي حمايت ۽ مدد کان سواءِ قومپرست ڌريون سنڌ ۾ بنيادي تبديليءَ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائي سگهنديون. سنڌ جي قومي مفادن ۽ حقن جي بچاءَ جي جدوجهد تمام ڳرو ڪم آهي، جنهن لاءِ انائن جي آڌار الڳ رهڻ بدران هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. خود ليکڪ اديب ۽ سول سوسائٽي جي ٻين ادارن جي اندر به وڏيون وڇوٽيون آهن ۽ کين به ڪنهن اهڙي هڪ منظم فورم جي گهرج آهي، جنهن جي وسيلي اهي قومي حقن جي هلچل جو ڪو اثرائتو حصو بنجي سگهن. خراب ڳالهه اختلاف راءِ نه پر ان جي بنياد تي وڇوٽيون پيدا ڪرڻ آهي، سنڌ اندر سول سوسائٽي جي ادارن (جنهن ۾ ليکڪ، صحافي ۽ ساڃاهه وند سڀ شامل آهن) کي به ڪنهن وڏي تبديليءَ جي خواهش لاءِ وڏي عمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، رڳو صلاحن ۽ سَڌن ڪرڻ سان سماج ۾ تبديلي نه اچي سگهندي.
    * قومپرست تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي جدوجهد جو مرڪز رڳو پيپلز پارٽي حڪومت جي غلط عملن جي مخالفت تائين محدود نه رهڻ گهرجي، سنڌ ۾ تبديليءَ جي جدوجهد جو پنهنجو گهڻ پاسائون پروگرام هجڻ گهرجي، سياسي معاملا ان وسيع تر پروگرام جو رڳو هڪ حصو هجڻ گهرجن، ان کانسواءِ علمي ادبي جدوجهد، سماجي تبديليءَ لاءِ ادارن جو بنياد رکڻ، سماجي ۽ سياسي اوسر جي مختلف ادارن جي ڇڙو ڇڙ ڪم کي سلهاڙڻ، نون ادارن ٺاهڻ لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ، مختلف وسيلا ۽ صلاحيتون رکندڙ فردن ۽ ادارن ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ رهندڙ ساڃاهه وند فردن ۽ ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، سفارتي محاذ تي سنڌ جي آئيني ۽ تاريخي حقن لاءِ آواز اٿارڻ، وچولي طبقي جي معاشي اوسر لاءِ جاکوڙڻ، سنڌ ۾ تعليمي ۽ فنِي ادارن جي بحالي ۽ متبادل ادارن جو ڄار پکيڙڻ، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌ جي ترقيءَ جي مکيه ڌارا جو حصو بنائڻ، عورتن ۽ نوجوانن کي سماج اندر تبديليءَ جي جدوجهد ۾ اهم حصو بنائڻ جهڙيون اڳڀرايون ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، سنڌ سياسي ۽ سماجي اوسر جي حوالي سان هڪ جمود جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ پيپلز پارٽي وڏيرا شاهيءَ کي سگهارو ڪري ۽ سول انتظاميا ۾ سفارشي ٽولو ويهاري ان کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان سنڌ جي سماجي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ معيشت ۽ انفرا اسٽرڪچر کي پيپلز پارٽي ڪرپشن جي ور چاڙهي ۽ بدامنيءَ کي کلي ڇوٽ ڏئي وچولي طبقي کي نستو ڪري ڇڏيو آهي، مٿان وري ذوالفقار آباد جهڙي رٿائن وسيلي ڌارين جا ڪٽڪ آڻڻ جا سانباها ڪري سنڌين کي سنڌ اندر هڪ بي اثر اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا خطرناڪ بنياد رکي رهي آهي، انهن سمورين للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن سياسي توڙي سماجي ۽ علمي ادبي حلقن کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، قومپرست ڌريون تبديليءَ جي جدوجهد کي سرواڻي فراهم ڪري پنهنجي سياسي ڪردار کي اُتساهيندڙ نوان بنياد فراهم ڪري سگهن ٿيون.
    اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ اندر بنيادي سياسي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ جدوجهد ختم ٿي وئي آهي، چونڊن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ جا بنياد مختلف هوندا آهن، عوامي سطح تي بهتر حڪمراني، سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي، امن امان جي بحالي، غربت جي خاتمي، سنڌين جي سنڌ مٿان حق حاڪميت ۽ سنڌين جي عددي گهڻائي برقرار رکڻ واريون گُهرون اڄ به ساڳي شدت سان موجود آهن، پيپلز پارٽيءَ کي نئون مينڊيٽ هاڻوڪي چونڊ منشور مطابق مليو آهي، جنهن ۾ ڪٿي به ذوالفقار آباد ۽ ٻٽي مڪاني نظام جو ذڪر ناهي، تنهنڪري ڪنهن به سنڌ دشمن رٿا يا فيصلي کي سنڌ جا ماڻهو عوامي مينڊيٽ واري راڳ طور قبول نه ڪندا، سنڌ جي ساڃاهه وند طبقن ۽ عوام اجتماعي قومي حقن کي ووٽ جي نالي ۾ گروي نه رکيو آهي، پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي مينڊيٽ کي ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ ايندڙ پنجن سالن دوران به گذريل پنجن سالن واري ڪارڪردگيءَ ڏيکاري ته پوءِ ان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، ته سنڌ قيامت تائين متبادل جي غربت جو شڪار نه رهندي، جيڪڏهن متبادل اڀرڻ جي شڪل ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جهڙي ئي مضبوط ڳڙهه ڏکڻ پنجاب مان سياسي نيڪالي ملي سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ اندر به ان لاءِ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ چئلنج پيدا ٿي سگهن ٿا، عوام کي ٿڏي قبائلي سردارن ۽ وڏيرن جي ڏڍ ۽ ڏاڍ تي اليڪشن کٽڻي سولي آهي، پر عوام مٿان سياسي راڄ قائم رکڻ مشڪل آهي، تبديلي سنڌ جي اڻ ٽر گهرج آهي ۽ تاريخ جي تقاضائڻ کي رڳو اليڪشن نتيجن سان روڪڻ نا ممڪن آهي.

    (روزاني ڪاوش سومر 3 جون 2013ع)
    *


    2. سنڌ کي ٻارڻ بنائيندڙ مذهبي انتهاپسندي

    گهرو کاتي پاران ڪرايل هڪ سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هن وقت صوبي اندر 12 هزار 545 مدرسا آهن، جن مان 1261 مدرسا فرقيواراڻا آهن، اٽڪل 74 سيڪڙو مدرسا ٽن وڏن شهري علائقن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ آهن. انهن مان 8 هزار 191 مدرسا آمريڪا ۾ ٿيل نائين اليون واري واقعي کانپوءِ کليا آهن، رپورٽ موجب انهن مدرسن مان ٻه ڀاڱي ٽيون حصو مدرسا انهن ماڻهن جي هٿ هيٺ آهن، جن جو سنڌ سان تعلقي ناهي. انهن مدرسن ۾ اٽڪل ڏيڍ لک طالب آهن، گهرو کاتي انهن مان 600 مدرسن جي خطرناڪ هجڻ جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي. اها ڄاڻ لاهور جي ڄاتل سڃاتل اداري فرائڊي ٽائيمز پاران هڪ خبر ۾ ڏني وئي آهي. خطي ۽ ملڪ ۾ 80ع واري ڏهاڪي کانپوءِ پکڙيل مذهبي انتها پسندي اڄ اهڙي عروج تي پهچي چڪي آهي، جتي ان جو مقابلو ڪرڻ ڏينهون ڏينهن اوکو ٿيندو پيو وڃي. تازو ايبٽ آباد ڪميشن رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته اساما بن لادن 2002ع کان پاڪستان ۾ گهمندو رهيو آهي، سڌي سنئين ڳالهه آهي ته رياستي ڍانچي اندر انتهاپسندي جون حامي ڌريون ئي کيس ايترو وقت قانون جي اکين اوجهل رکي سگهيون ٿي.
    سنڌ هن وقت تائين مذهبي جنونيت کان گهڻي ڀاڱي بچيل صوبو رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه سالن کان صوبي اندر جنهن طرح ٻاهران امپورٽ ڪيل مذهبي جنونيت کي اڳتي وڌايو ويو آهي، ان کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن ناهي. گذريل سال دوران سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پهريون ڀيرو درگاهن تي بم ڌماڪا ڪري گادي نشينن کي نشانو بڻايو ويو. سيتا ويجهو جنونيت جي ٽولي هڪ شخص کي توهين جو مجرم قرار ڏئي مارڻ بعد باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هندو برادريءَ کي نشانو بڻائي وڏي انگ ۾ کين هندستان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هندو نياڻين جي اغوا ۽ کين زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي واقعن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. ڪراچي ۾ به فرقيوار قتلن جي لهر ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ هٿيارن جي سگهه رکندڙ ۽ لساني سياست ڪندڙ ڌرين ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي کي اهي دانهون ڪندي ٻڌو ويو ته مذهبي انتهاپسند سندن ڪارڪنن ۽ آفيسن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جنهن ڪري هنن لاءِ سياسي سرگرميون جاري رکڻ ۽ آفيسون کولڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
    پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي جون پاڙون ورهاڱي واري دور ۾ کتل آهن، ٻه قومي نظريي هيٺ ملڪ ٺاهڻ جو مقصد هن خطي ۾ مذهب کي سياست کان مٿانهون ڪرڻ ۽ رياست کي مذهبي بنيادن هيٺ ملڪ ٺاهڻ جو مقصد هن خطي ۾ مذهب کي سياست کان مٿانهون ڪرڻ ۽ رياست کي مذهبي بنيادن تي هلائڻ جي شروعات ڪرڻ هو. انگريزن کان آجپي واري جدوجهد شروعات ۾ مذهبي بنيادن تي نه هئي ۽ ان جو مقصد ننڍي کنڊ کي سياسي ۽ جاگرافيائي آزادي ڏيارڻ هيو. اسلامي رياست قائم ڪرڻ وارو فيصلو گهڻو پوءِ ڪيو ويو. هندو مسلم بنيادن تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي مخالفت ابوالڪلام آزاد جهڙن عالمن به ڪئي هئي، انهن دور انديش ماڻهن کي اها سڌ هئي ته مذهب جي بنياد تي رياست قائم ڪرڻ جا اڳتي هلي اُگرا نتيجا نڪرندا، جديد پارلياماني جمهوريت واري دور ۾ عقيدي جي بنياد تي رياستي نظام هلائڻ عملي طور ناممڪن آهي. مذهبي فرقن جي حالت اها آهي جو اهي هڪٻئي کي ڪافر قرار ڏيندا رهن ٿا. ان قسم جي مذهبي ماحول ۾ آخر ملڪ کي اهڙي ڪهڙي مذهبي سرشتي هيٺ هلائي سگهبو، جنهن جا دعويدار رڳو چنڊ جي تاريخ تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪڏهن مذهبي بنيادن تي ملڪ هڪ ٿي هلي سگهي ها ته پوءِ اڌ آباديءَ کان وڌيڪ وارو صوبو بنگال مان بنگلاديش نه بڻجي ها، حقيقت ۾ بنگلاديش بڻجڻ ثابت ڪري ڇڏيو ته ٻه قومي نظريو، ملڪي عوام کي گڏ هلائڻ جو بنياد بڻجي نه ٿو سگهي. ملڪن ۽ رياستن کي رڳو جمهوريت، برابري، خودمختياري ۽ وسيلن توڙي ڌرتيءَ جي ملڪيت جو حق تسليم ڪري ئي هلائي سگهجي ٿو. پاڪستان جهڙن گهڻ قومي رياستن کي سواءِ جديد پارلياماني جمهوريت جي ٻيو ڪو نظام فيڊريشن طور هلائي نه سگهندو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو گذريل 65 سالن دوران اسلام ۽ ملت وارن نعرن ۽ ترانن جي باوجود ملڪ جو بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندو پيو وڃي.
    ملڪ ٺهڻ کان وٺي سدائين اسلام ۽ پاڪستان کي خطري هيٺ قرار ڏيئي جمهوري حڪومتن تي راتاها هڻي آمريتي راڄ مڙهيا ويا ۽ هر آمر ڪنهن نه ڪنهن مشڪل ۾ مذهب ۽ رياست جي آڙ وٺي ڏهه ڏهه سال ملڪ تي راڄ ڪيو. عددي طور ننڍين قومن کي غير مهذب ۽ پاڙيسري ملڪن جو ايجنٽ قرار ڏيئي انهن کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ قومي حقن کان محروم رکيو ويو. ظاهر آهي ته ڦر لٽ جو اهو جهان هڪ محدود مدت کان وڌيڪ هلائڻ ممڪن نه آهي. اول ڏينهن کان بنگالين، بلوچن ۽ سنڌين کي هندن جو ايجنٽ ۽ ملڪ دشمن قرار ڏيئي ڏنڊي هيٺ هلايو ويو. ان جو اصل مطلب اسلام جو تحفظ نه پر انهن قومن جي قدرتي وسيلن جي خزاني کي ڦٻائڻ هو. رياست انهن قومن کي چيڀاٽي سندن وسيلن جي اڻ کٽ ڦر لٽ وسيلي پنهنجو وجود قائم رکندي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو 1971ع ۾ بنگالين جي آئيني ۽ مذهبي حق کان انڪار ڪندي کين اڪثريتي سيٽون کٽڻ باوجود پاڪستان تي حڪومت ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويو. انجي نتيجي م ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ مسلمان آبادي ملڪ کان الڳ ٿي وئي ان واقعي ثابت ڪري ڇڏيو ته مذهب جي آڌار ملڪ کي هڪ ڪري هلائڻ ممڪن ناهي. هونئن ته پاڪستان اندر رياست ۽ مذهب جو ڳانڍاپو ان جي جنم ڏنهن کان موجود هئو پر ان کي صحيح معنيٰ ۾ عروج 80ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ مليو، جڏهن افغانستان ۾ روس جي خلاف ويڙهاند کي مذهبي جنگ قرار ڏنو ويو. جنرل ضياءَ يارنهن سال مذهبي جنونيت کي رياستي ڍانچي جو حصو بڻايو، آمريڪا ۽ يورپ ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ جي جنون ۾ هڪ اهڙي جنونيت کي پکيڙڻ ۾ ڪروڙين ڊالر لڳايا، جنهن کي قابو ڪرڻ لاءِ هاڻي اربين ڊالر به ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهن. اها جنونيت جنهن کي پاڪ، افغان سرحد واري علائقي لاءِ پيدا ڪيو ويو هو. اها اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي چڪي آهي. حقيقت ۾ اڄ پاڪستان ۽ دنيا ۾ اسرندڙ توڙي اسريل جمهوريت لاءِ وڏي ۾ وڏي للڪار مذهبي انتها پسندي بڻيل آهي.
    80ع واري ڏهاڪي ۾ روس خلاف افغانستان ۾ جهاد لاءِ آمريڪا انوکو طريقو ايجاد ڪيو، جنهن هيٺ عالمي برادريءَ جي تنقيد کان بچڻ ۽ روس مخالف سرد جنگ کي مڪمل جنگ ۾ تبديل ڪري ٽئين عالمي جنگ کان بچڻ لاءِ هنن پاڪستان اندر مذهبي درسگاهن يعني مدرسن جي شاگردن کي استعمال ڪيو. تڏهوڪي سرحد صوبي ۽ افغان سرحد سان ملندڙ ٻين علائقن کي جهادين جي فراهمي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ نوجوان شاگردن کي جهادي تعليم ۽ تربيت ڏئي افغانستان ۾ ٻارڻ بڻايو ويو. پاڪستان جا عسڪري ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسيون ان جهادي ڪاروبار مان وڏو نفعو ڪمائيندڙ ڌريون بڻيون. سالن جا سال اهو سلسلو هلڻ سب پاڪستان جهادي تربيت ۽ انتهاپسند مذهبي سوچ وارن مدرسن جو مسڪن بڻجي ويو . هاڻي اهي مدرسا سون کان وڌي هزارن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. روس خلاف جهاد جي انت کانپوءِ آمريڪا ۽ اولهه ته پنهنجي گهر موٽي ويا، پر مدرسن جا سکيا ورتل هزارين طالبان افغانستان ۽ پاڪستان ۾ بيروزگار ڇڏيا ويا. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ قائم طالبان اتي رهي ڪو پنهنجو يا افغانستان جو مستقبل جوڙي سگهن. نتيجو اهو نڪتو جو اهي طالبان بنا سرواڻيءَ جي مختلف هٿياربند گروهن ۾ ورهائجي ويا، انهن ۾ مختلف فرقن ۽ مذهبي خيالن وارا اڳواڻ ۽ گروهه پيدا ٿيا، جن مان ڪي ته خود عرب دنيا جي حڪمرانيءَ واري انداز ۾ آمريڪا سان دوستيءَ جي به خلاف هئا ۽ خود سعودي عرب جي شاهي خاندان کي ملڪ اندر پنهنجي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا. ان سڄي وهنوار ۾ سنڌ جنونيت کان ڪيئن بچيل رهي. ان جا منهنجي نظر ۾ هيٺيان ڪارڻ هئا.
    (1) سنڌ اندر شروع کان ملڪي اسٽيبلشمينٽ خلاف رويا موجود رهيا آهن، تنهن ڪري عسڪري اسٽيبلشمينٽ ۾ ان وقت تائين سنڌين جو نالو نشان ئي نه هو، جيئن ته عسڪري اسٽيبلشمينٽ جو مرڪز پنجاب ۽ جهاد جو زميني لنگهه سرحد جو صوبو هئا، تنهن ڪري مدرسن جي ڄار ۽ سيڙپڪاري جا مرڪز به اهي ئي علائقا هئا.
    (2) جيئن ته جهاد رڳو مقدس جنگ نه پر عسڪري اسٽيبلشمينٽ جو نفعي بخش ڪاروبار هو، تنهن ڪري هنن ان تي ڪنٽرول به پنهنجو رکڻ ٿي گهريو، پنجاب ۽ سرحد سان تعلق رکندڙ سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جا ڪيترائي همراهه ان جنگ مان ارب پتي بڻيا. سنڌين ۽ بلوچن کي ان ڪري ئي ان جهاد کان پري رکيو ويو هو.
    (3) سنڌي عام طور تي لبرل، سيڪيولر ۽ صوفي قسم جي قوم آهن، سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڏکيو هو ته کين مذهبي سبق پڙهائي هزارن جي انگ ۾ ذهن بدلائي ڀرتي ڪري سگهن.
    (4) ان وقت سنڌ ۾ هڪ مضبوط سيڪيولر قومپرست تحريڪ سياسي توڙي ثقافتي محاذن تي موجود هئي. خود پيپلزپارٽي آمريت مخالف جمهوريت پسند جدوجهد ۾ مُهڙ تي هئي. ان سڄي جدوجهد دوران سنڌين اسلام جي آڙ ۾ ضياءَ شاهيءَ جو رياستي تشدد برداشت ڪيو هو، تنهن ڪري سنڌ اندر مذهبي جذبن کي اڀاري جهاد جي حمايت وٺڻ مشڪل ڪم هيو.
    پر گذريل ويهن سالن دوران سنڌ اندر ٻه مسئلا پيدا ٿيا آهن. هڪ ته جمهوريت سنڌين کي قومي حق ۽ سٺي حڪمراني فراهم نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري سنڌ اندر خاص طور نوجوانن ۾ مايوسي موجود آهي، ساڳئي طرح معاشي ترقي نه ٿيڻ سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن ڳالهين جي ڪري سنڌ اندر مذهبي لاڙن کي پکيڙڻ نسبتن سولو ٿي پيو آهي، ان کانسواءِ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي مٿين علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن، جيڪي پاڻ سان اها انتهاپسندي سوچ، پوئلڳ ۽ اهم رابطا کڻي آيا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ موجود مدرسن جا مالڪ منتظم ۽ شاگرد اڪثر ڪري سنڌ کان ٻاهران اچن ٿا. هاڻي اهي مدرسا سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ديني تعليم ڏيڻ بدران فرقيواريت ۽ تنگ نظريي کي پکيڙڻ جو ڪم ڏيئي رهيا آهن. سنڌ ۾ جمهوريتي ڌريون مال ڪمائڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته قومپرست تحريڪ پنهنجو جوهر کي وڃائي رهي آهي، تازو اليڪشني اتحادن ۾ اسان قومپرست سيڪيولر جماعتن کي فرقيوار ۽ مذهبي منافرت پکڙيندڙ ڌرين سان گڏ ڏسي چڪا آهيون، سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ زيادتين تي قومپرست ڌريون ڪمزور رهيون آهن. اهو عجيب تضاد آهي. ان جي نتيجي ۾ سماج اندر سوچ، فڪر ۽ عمل جو هڪ خال پيدا ٿي رهيو آهي. کاٻي ڌر مجموعي طور ڪمزور هجڻ سبب ان خال کي ڀرڻ جي قابل ناهي ۽ هاڻي ان خال کي مذهبي ڌريون ڀري رهيون آهن. ٻوڏن ۾ ستايلن جي واهر کان وٺي عام ڀلائي جي ڪمن تائين اهي اڳڀريون ٿي عوام جي سادن ذهنن تي قبضو ڪري رهيون آهن. کين پرڏيهه مان پئسو به ملي ٿو ۽ رياستي ادارن جي سرپرستيءَ به کين حاصل آهي.
    سنڌ ۾ انهن کي روڪڻ جي هن حڪومت ۾ اهليت نه آهي، ۽ نه ان جي اها اوليت آهي، ان کي مقررين ۽ بدلين جي سدا سائي روزگار مان واندڪائي ناهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ سٺي حڪمراني ٿئي، معاشي ترقي ٿئي ۽ لبرل سوچ رکندڙ سياسي ثقافتي ۽ عملي ادارا ٻيهر محنت ڪن ته سنڌ کي انتهاپسنديءَ جو ٻارڻ بڻجڻ کان بچائي سگهجي ٿو.
    (روزاني جيجل 16 جولاءِ 2013ع)
    *


    3. انتها پسنديءَ جو منجهيل سُٽ ۽ آمراڻيون قوتون!

    اڄڪلهه پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو يورپ جي اونداهي دور سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو. اڄوڪي يورپ کي ترقيءَ جي انهن منزلن تائين پهچائڻ واري نشاط ثانيه حقيقت ۾ رجعت پسندي جي مٿان عمليت پسنديءَ جي فتح هئي. مارٽن لوٿر، ڪاپر نيڪس، گليليو ۽ برونو يورپي معاشري کي مذهبي اڳواڻن جي چنبي مان آجو ڪرائڻ لاءِ چرچ جي انهيءَ تسلط کي للڪاريو، جيڪا لڳ ڀڳ 15 سئو سالن کان انهيءَ معاشري کي جڪڙيو ويٺي هئي. جڏهن ڪاپرنيڪس هن ڪائنات جو مرڪز زمين هجڻ واري نظريي کي غلط چوندي سج کي مرڪزي حيثيت حاصل هئڻ وارو نظريو پيش ڪيو هو ته هن درحقيقت چرچ جي هٿ ٺوڪي آسماني ڏاهپ وارين دعوائن خلاف آواز اٿاريو هو. ساڳئي نموني برونو هن ڪائنات جي تسلسل بابت جڏهن پنهنجو نظريو پيش ڪيو ته روم جي جابر جرڳي هن مٿان مذهب جي توهين جو الزام هڻي کيس زندهه ساڙائي ڇڏيو، هن ڊگهي ويڙهه کان پوءِ عقل کي عقيدي تي فتح حاصل ٿي ۽ اونداهي دور جي ڪُک مان نئين يورپ جنم ورتو.
    ڄاڻي واڻي حقيقتون لڪائڻ وارو رجحان اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ حاوي آهي ۽ انهيءَ رجحان پاڪستان کي اونداهي دور جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو آهي، جتي روشن خيالي کي برداشت نه ٿو ڪيو وڃي ۽ دليل تي پاڻ کي برتر سمجهندڙ ذهن چٿرون ڪندا رهن ٿا. پاڪستان تي مڙهيل انهيءَ انتهاپسنديءَ جون پاڙون ان دور ۾ کتل آهن، جڏهن هن ملڪ جي نظرياتي تخليق ٿي رهي هئي. قائد اعظم جو هن رياست جي مستقبل بابت ويزن هڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند جمهوريت ۽ مسلمانن جي لاءِ وطن وارن نظرين جي وچ ۾ لڙڪي رهيو هو. جيتوڻيڪ 11 آگسٽ 1947ع تي هن پهرين صدارتي تقرير ۾ رياست جي معاملن کي چٽي نموني مذهب کان ڌار هئڻ واري ڳالهه ڪري پنهنجن خيالن کي واضح ڪري ڇڏيو هو.
    انهيءَ کان گهڻو اڳ 1934ع ۾ علامه اقبال پاڻ سان واڳيل پاڪستان جي تصور کي رد ڪري چڪو هو. پروفيسر ٿامپسن جي لکيل هڪ خط جي جواب ۾ هن چٽي نموني اهو ڄاڻايو هو ته هو پاڪستان واري منصوبي جو ڪٽر حامي نه آهي، ڇو ته هن جيڪو تصور ڏنو هو اهو ڀارتي وفاق جي اندر مسلمانن لاءِ هڪ صوبي جو هو. مولانا مودودي پڻ پاڪستان ٺهڻ جي سخت خلاف هو.
    پر بعد ۾ فوج هن کي نهايت عزت ۽ احترام سان نئين قائم ٿيل ملڪ ۾ وٺي آئي جتي هن جي هم خيال اسلامي لابي پاڪستان جي پاڪ وطن هئڻ واري نظريي جي سنڀال جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو. اهو پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته لياقت علي خان 1949ع ۾ جيڪا قرارداد مقاصد پيش ڪئي هئي، ان هن نئين قائم ٿيل ملڪ جي تقدير جو رخ ئي موڙي ڇڏيو.
    سرد جنگ واري دور جي ڪوتاهه نظر پاليسين پڻ پاڪستان ۾ انتها پسندي جي واڌ ويجهه ڪئي. ڳاڙهي انقلاب جي خوف جي ڪري آمريڪا ۽ برطانيا ساڄي ڌر جي انتهاپسنديءَ لاءِ نرم گوشو رکيو. بدقسمتيءَ سان انهيءَ وقت آزاد خيال ۽ سيڪيولر ڌرين کي غدار قرار ڏنو ويو ۽ مذهبي انتهاپسند عالمي طاقتن جا لاڏلا بڻجي ويا. آمريڪا جي سڌ سماءَ واري کاتي کي اهو ڪم سونپيو ويو ته اهي اسلامي نظريي جو پرچار ڪن ته جيئن ڪميونزم جي لهرن آڏو رنڊڪ پيدا ڪري سگهجي، ان وقت ڪميونسٽ مخالف ڌرين کي اهو اندازو ئي نه هو ته اڳتي هلي اهي ان کڏ ۾ پاڻ ئي ڪري پوندا، جيڪا هو پنهنجي هٿن سان کوٽي رهيا آهن.
    پنهنجن مفادن تي ٻڌل اهڙين پاليسين جي تسلسل جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ پاڪستان ۾ هر نئين ايندڙ آمر سان ڳٺ جوڙ ڪندي ترقي پسند ۽ آزاد خيال قيادت کي ڪنڊائتو ڪندا رهيا. انهيءَ جو هڪ وڏو مثال ذوالفقار علي ڀٽو آهي، جنهن کي پنهنجي جمهوري ۽ آزاد خيال پاليسين جي ڪري ناپسند ڪيو ويندو هو. ڀٽي جي چوڌاري اهڙي نموني گهيرو تنگ ڪيو ويو، جو هن وٽ مذهبي جنونين آڏو آڻ مڃڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو نه بچيو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڀٽي تمام وڏا قدم کنيا جنهن ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ، شراب تي پابندي وجهڻ، جمعي تي سرڪاري موڪل ڪرڻ شامل آهن.
    1973ع واري آئين ۾ پهريون ڀيرو اهو شرط رکيو ويو ته ڪنهن به سرڪاري عهدي لاءِ اسلامي نظريي جي بچاءُ لاءِ ڪوششون ڪرڻ جو قسم کنيو ويندو جيڪو پاڪستان ٺهڻ جو بنياد آهي. پر اهي سمورا قدم لاڀائتا ثابت نه ٿيا ۽ اڄ جي آزاد دنيا ۾ جمهوريت جي هام هڻندڙن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏکي وقت ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو.
    سڀ کان وڏو ظلم ضياءُ الحق اچي ڪيو . هن معاشري جي رڳ رڳ ۾ انتهاپسنديءَ جو زهر ڀري ڇڏيو. افغانستان تي سوويت يونين جي فوج ڪشي هن جي ارادن لاءِ آسماني مدد بڻجي آئي. هن پنهنجن درٻارين سان گڏجي هن ملڪ جي قسمت کي هميشه لاءِ مذهبي انتهاپسندي جي گهري ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. انهيءَ دور ۾ انتهاپسنديءَ مذهبي ۽ فرقيواراڻي ناسهپ کي اداراجاتي صورت ڏني، جنهن ايندڙ ڏهاڪي ۾ پنهنجن ئي تخليق ڪندڙن کي وڃي ڏنگيو.
    پاڪستان کي افغان جنگ لاءِ متبادل ميدان بڻائڻ واري فيصلي هن ملڪ جي سماجي تاڃي پيٽي جي صورت ئي بگاڙي ڇڏي. ايستائين جو جنرل ضياءُ الحق قائداعظم جي اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم واري نعري کي مٽائي ان جي جاءِ تي ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله وارو نعرو ڏنو. “ڪراسڊ سوارڊس” جي ليکڪ شجاع نواز موجب ضياءُ الحق انتهاپسندن کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ تبليغ جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي ۽ تبليغي جماعت جا نمائندا پي ايم اي ۾ باقاعدگي سان جمعي جو خطبو ڏيندا هئا. اڳتي هلي جنرل آصف نواز انهيءَ سلسلي کي ختم ڪيو. ضياءَ مختلف شڪلن ۾ مذهب جي انتهاپسنديءَ واري صورت کي نافذ ڪيو، هن سرعام سزا ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ۽ ماڻهن جي ذهنن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هيسائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. وڏي انگ ۾ مدرسن جو ڄار وڇائڻ جي نتيجي ۾ نئين نسل جي ذهنن ۾ پڻ رجعت پسندي جو ٻج ڇٽيو ويو ۽ اڳتي هلي انهيءَ جو ٻوٽو طالبان جي صورت ۾ سامهون آيو.
    ڪرائس گروپ جي هڪ رپورٽ موجب 1947ع ۾ پاڪستان اندر صرف 137 مدرسا هئا. 1979ع ۾ اهو انگ 1745ع ٿي چڪو هو، جڏهن ته 1988ع تائين اهو 3 هزارن تائين وڃي پهتو. اهو سلسلو ضياءُ جي موت کان پوءِ به جاري رهيو. سرڪاري انگن اکرن موجب 2003ع ۾ مدرسن جو انگ 10 هزار 430 هو. جڏهن ته اهڙن مدرسن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي جيڪي رجسٽرڊ نه ٿا ٿين.
    افغان جنگ دوران انهن مدرسن کي جهادين جي نرسري بڻايو ويو ۽ ان ۾ عجب جهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته اڳتي هلي اهي ئي مدرسا جهادين جي سکيا جا مرڪز بڻجي پيا. مدرسن جي انگ ۾ ايتري تيزي سان واڌ پرڏيهي طاقتن چاهي اهي اسلامي هجن يا سيڪيولر جي مالي ۽ فني سرپرستي کانسواءِ ممڪن ئي نه هئي. جو اسٽيفنز ۽ ڊيوڊ بي اوٽاوي پنهنجي هڪ آرٽيڪل دي ‘اي بي سي آف جهاد ان افغانستان’ جيڪو 23 مارچ 2002ع ي واشنگٽن پوسٽ ۾ ڇپيو هو، ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته دري ۽ پشتو ٻولين ۾ خاص نصابي ڪتاب ڇاپيا ويا ته جيئن جهادي قدرن ۽ فوجي سکيا کي هٿي وٺرائي سگهجي . اهي ڪتاب اوماها جي يونيورسٽي آف نيبراسڪا ۾ قائم سينٽر فار افغان اسٽڊي ۾ تيار ڪيا ويا هئا. افغان پناهگيرن جي ڪيمپن ۽ پاڪستاني مدرسن ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک جي لڳ ڀڳ اهي ڪتاب ورهايا ويا. جهاد پاڪستان لاءِ اهو ورثو ڇڏي ويو.
    افغان ويڙهه ته ختم ٿي وئي پر انتهاپسندي جون بارودي سرنگهون اڄ به پاڪستان ۾ پکڙيل آهن. سوويت يونين جي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ آمريڪا جو هٿ ڇنڊي هڪ پاسي ٿي بيهڻ پڻ هڪ وڏي غلطي هئي، جنهن تي آمريڪا اڳتي هلي افسوس پڻ ظاهر ڪيو.
    ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل انتهاپسندي جي انهيءَ واڌ ويجهه جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اسان جو معاشرو برداشت کان مڪمل طور تي وانجهيل آهي ۽ ٻين جي عقيدن لاءِ نفرت پاڙون پختيون ڪري چڪي آهي، مذهب ۽ فرقن جي نالي تي پيدا ٿيل انهن وڇوٽين هر رخ ۾ پاڪستاني معاشري کي ورهائي ڇڏيو آهي.
    هڪ هيسيل ساٿاري کان وٺي اڳين صف ۾ موجود ساٿيءَ تائين واري انهيءَ سفر ۾ پاڪستاني شهرين کي بين الاقوامي اڻ وڻندڙ مفادن، بدخواه مقامي آمرن ۽ اصل کان ڏور ٿيل مذهبي سوچ جي تمام وڏي قيمت چڪائڻي پئي آهي. انتهاپسنديءَ جي انهن مونجهارن کان ڪوبه محفوظ ناهي رهيو. سياسي بصيرت، سماجي سڌارا ۽ خوشحال معيشت انهيءَ مونجهاري جو حل پيش ڪري سگهن ٿا ۽ انهيءَ لاءِ وري ملڪ اندر جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ڏيڻ جي گهرج هوندي.
    جيڪڏهن عالمي طاقتون هن علائقي کي انتهاپسنديءَ کي پنجوڙ مان آجو ڪرائڻ سان واقعي سچيون آهن ته پوءِ انهيءَ جو حل پاڪستان اندر جمهوريت کي هٿ وٺرائڻ ۾ آهي. ڇهن ڏهاڪن تائين آمريتن کي لاڳيتو آزمائڻ کان پوءِ هاڻي ايندڙ ڏهاڪن ۾ جمهوريت کي مستحڪم ٿيڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. هن ملڪ جي عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ ۽ هن ملڪ ۽ علائقي کي انسانيت جي آماجگاهه بڻائڻ ڏنو وڃي.
    (پندرنهوار افيئر 15 فيبروري 2013)
    *


    4. مذهب ۽ سياست جو ڳانڍاپو ۽ سماج

    گذريل هفتي ڏيڍ دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ جا جيڪي منظر نظر آيا، انهن ملڪ ۽ خطي جي امن پسند شهرين کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جنهن طرح حڪومت سرڪاري موڪل ۽ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ جلسا ۽ ريليون ڪرڻ جو اعلان ڪري مخصوص ذهنيت رکندڙ حلقن کي اتساهيو ۽ جنهن طرح ان ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ انتظامي مشينري بي وس نظر آئي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنونيت هڪ زهر جيان ملڪ جي رڳ رڳ ۾ پکڙجي چڪي آهي. هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اهي واقعا ڪي اوچتو نمودار ٿيل مظهر نه هئا، بلڪه انهن جون پاڙون ملڪي تاريخ ۾ نهايت اونهيون کتل آهن.
    پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه ڪو ڏينهن فرقيواراڻي خونريزيءَ کان سواءِ نه ٿو گذري. عقيدي جي بنياد تي مخالفن کي هيسائڻ ۽ مارڻ روز جو معمول بنجي ويو آهي ۽ رياست مذهبي توڙي فرقيواراڻين ٿورائين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. ملڪ اندر ان تفرقي جون پاڙون نهايت اونهيون آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت مذهبي بنيادن تي رياست جو بنياد وجهڻ وقت ئي ابو الڪلام آزاد جهڙن مذهبي عالمن چتاءُ ڏنو هو ته ايندڙ وقت ۾ ان جا نتيجا بهتر نه نڪرندا. قائدِ اعظم جيتوڻيڪ ٻه قومي نظرئي جي آڌار الڳ ملڪ جو حامي، هو پر ڪيترن ئي موقعن تي هن ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته مسلمانن لاءِ ٺهندڙ رياست مذهبي تنگ نظريءَ جي بنيادن تي نه هلائي ويندي. سياست جا ڄاڻو ان رويي کي سندس سوچ ۽ شخصيت جو اندروني ٽڪراءُ قرار ڏين ٿا. اهو ڪيئن ممڪن هو ته رياست ٺهي مذهبي بنيادن تي ۽ اها پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر هجي ۽ تنگ نظريءَ جي قوتن کان بچي سگهي. جناح صاحب جي 11 آگسٽ 1947ع واري مشهور تقرير ۾ هن چٽن لفظن ۾ چيو هو ته، “توهان جو ڪهڙي به مذهب، ذات يا نسل سان تعلق هجي، ان جو رياست جي ڪار وهنوار سان ڪو به تعلق ناهي.” ساڳي تقرير ۾ هن چيو ته، “40 ڪروڙ ماڻهن جي قوم تسلط هيٺ آهي.” جناح صاحب جي ان تقرير سندس انهن پوئلڳن کي به رنجايو، جيڪي کيس مسلمانن جو اڳواڻ ۽ اسلامي رياست جو مهندار تصور ڪندا رهيا هئا. نامور صحافي ضمير نيازي پنهنجي ڪتاب “دي پريس ان چئنس” ۾ حامد جلال جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جناح صاحب جي ان تقرير جو بليڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ پريس ايڊوائزري به جاري ڪئي هئي، پر هڪ انگريزي اخبار جو تڏهوڪو ايڊيٽر الطاف حسين ان جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيو ۽ چيائين ته مان سڌو قائد اعظم سان ڳالهائيندس.
    7 فيبروري 1935ع تي سينٽرل ليجسليٽيو اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي قائد اعظم چيو هو ته، “مذهب رڳو ماڻهوءَ ۽ خدا جي وچ جو معاملو آهي”. پهرين فيبروري 1943ع تي اسماعيلي ڪاليج بمبئي ۾ ڳالهائيندي جناح صاحب چيو ته، “ڪهڙي مهذب حڪومت هوندي، جيڪا مذهب ۾ مداخلت ڪندي، جيڪو بندي ۽ خدا جي وچ وارو معاملو آهي”. فيبروري 1948ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ آمريڪا لاءِ هڪ براڊڪاسٽ ۾ جناح صاحب جا لفظ وڌيڪ واضح هئا؛ “ڪجهه به ٿي پئي، پاڪستان ڪا مذهبي رياست نه هوندو، جنهن جي قيادت ڪي مذهبي اڳواڻ خدائي مشن سمجهي ڪن. اسان وٽ ڪيترائي هندو، عيسائي ۽ پارسي آهن. پر اهي سڀ پاڪستاني آهن.”
    اهڙا ڪيترائي ٻيا حوالا به سندس تقريرن ۽ انٽرويوز مان ملن ٿا، جن ۾ هن پاڪستان جي هڪ سيڪيولر رياست هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ مذهبي ٿورائين جي مڪمل حفاظت ۽ رياستي معاملن ۾ سندن ڀائيواريءَ جو ذڪر ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪيترين ئي تقريرن ۾ ملڪ کي اسلامي شرعي اصولن موجب هلائڻ جا به حوالا موجود آهن. قائد اعظم ان معاملي ۾ ڪنهن هڪ طرف چٽائيءَ سان بيٺل نظر نه ٿو اچي، پر تنهن هوندي به مجموعي طور هو ڪنهن انتها پسنديءَ جو حامي به نظر نه ٿو اچي. بهرحال مذهب جي بنياد تي ملڪ جا بنياد وجهڻ سبب اها ڳالهه طئي هئي ته وقت گذرڻ سان مذهب جون حامي قوتون ان کي پنهنجي مرضيءَ آهر هلائڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ ڪوشش ڪنديون ته مذهب کي رياستي معاملن جو حصو بنايو وڃي. قائد اعظم جي وفات کانپوءِ اها ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي وئي ۽ 1949ع ۾ قرار داد مقاصد وسيلي لياقت علي خان مذهب کي پاڪستان جي رياستي معاملن جو لازم جز بنائي ان صورتحال جا بنياد رکيا، جنهن مان اڄ پاڪستان گذري رهيو آهي. اڄوڪي پاڪستان ۾ قائد اعظم پاران وچن ڪيل اقليتن جا حق ۽ سندن تحفظ پري پري تائين نظر نه ٿا اچن. نه رڳو غير مسلم مذهبي ٿورايون هن ملڪ ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن، بلڪه خود مسلمانن جون فرقيوار ٿورايون ساڳي صورتحال مان گذري رهيون آهن. مذهب جي آڙ ۾ انتهاپسنديءَ کي اڀاريندڙ قوتون اسلام جي روشن خيال يا وچٿري انسان دوست تصور جي حامي فردن ۽ ڌرين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.قرار داد مقاصد پاڪستان جي مذهبي رياست هجڻ جا بنياد رکيا ۽ اهو دستاويز هر آئين جو مهڙ وارو دستاويز بنيل رهيو. جنرل ضياءُ الحق ان کي آئين جو باقاعدي حصو بنائي رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ جنرل ايوب ڪوشش ڪئي رياست مان مذهب جي معاملن کي الڳ ڪري سگهجي. پر مذهب جون حامي قوتون ان وقت تائين ملڪ مٿان حاوي ٿي چڪيون هيون. 1956ع جي آئين ۾ ملڪ جو سرڪاري نالو “اسلامي جمهوريه پاڪستان” رکيو ويو. 1958ع ۾ جڏهن جنرل ايوب مارشل لا لاڳو ڪيو ته مارشل لا آرڊيننس ۾ ملڪ جي نالي مان “اسلامي” جو لفظ خارج ڪيو ويو. اڳتي هلي 1962 جي آئين ۾ به پهرين ملڪ جو نالو “جمهوريه پاڪستان” رکيو ويو. پر جڏهن قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ڍاڪا ۾ ٿيو ته جماعت اسلاميءَ جي ميمبر بئريسٽر اختر الدين پاران اعتراض اٿارڻ تي آئيني ترميم وسيلي لفظ “اسلامي” ٻيهر ملڪ جي نالي سان شامل ڪيو ويو ۽ ملڪ جو نالو ٻيهر اسلامي جمهوريه پاڪستان بنايو ويو. ان معاملي کي وڌيڪ هٿي 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي نئين آئين وسيلي ڏني، جڏهن پهريون ڀيرو مختلف عهدن جي “حلف” ۾ هي لفظ شامل ڪيا ويا ته، “مان اسلامي نظرئي جي حفاظت ڪندس، جيڪو پاڪستان جي قيام جو بنياد آهي.” اهڙيءَ ريت ملڪي آئين کي وڌيڪ مذهبي رنگ مليو. آئين ۽ رياستي ڍانچي کي مذهبي اتنها پسنديءَ تي صحيح معنيٰ ۾ جنرل ضياءَ الحق پهچايو، جنهن 1973ع جي آئين ۾ مختلف ترميمون ڪري ملڪ کي مذهبي انتها پسنديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. افغان جنگ کان پوءِ ڊالرن خاطر ويڙهه جي مهنداري ڪندي رياست جي اهم ادارن کي انتها پسنديءَ واري ماحول ۾ رنگي ملڪ کي مذهبي انتها پسند رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن روس کي ايشيا مان تڙڻ لاءِ هن خطي ۾ مذهبي رياست جي تصور کي هٿ ڏني ۽ بدترين آمريت جي هر طرح سان مدد ۽ حمايت ڪري ان جنونيت جو ٻج پوکيو، جنهن نه رڳو ايشيا پر سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
    1971ع ۾ اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) پاران ملڪ کان الڳ ٿيڻ واري سانحي ان حقيقت کي واضح ڪري ڇڏيو ته هڪ گهڻ قومي رياست کي رڳو مذهب جي بنياد تي نه ٿو هلائي سگهجي. هن ملڪ اندر قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ بنيادي قومي حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر سموري مذهبي مشينري صوبن وچ ۾ تڪرار کي نبيري نه سگهي آهي. بلڪه مذهب جون حامي قوتون خود مذهب جي نالي ۾ ملڪ جي ننڍين قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سندن سياسي استحصال کي هٿي ڏينديون رهيون آهن. انهن ئي مذهبي ڌرين نه رڳو بنگالين جي سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ تي خاموشي اختيار ڪئي، بلڪه سندن قومي حقن واري تحريڪ ۾ سندن قتلام ۾ برابر جون شريڪ رهيون. ساڳي طرح اڄوڪي پاڪستان ۾ سنڌين ۽ بلوچن جي واضح راءِ آهي ته مذهب جي آڙ ۾ رياستي ڍانچي کين پنهنجي پنجوڙ ۾ رکي سندن استحصال ڪيو آهي. ان سموري اهم قومي تضاد کي حل ڪرڻ مذهبي طاقتن جي وس جي ڳالهه ناهي. اها صورتحال ڪا اڄ جي پيداوار ناهي، پر جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، تڏهن کان هلي رهي آهي. سنڌي، بلوچ ۽ ڪنهن حد تائين پختون قومي حقن جي تحريڪن کي مذهبي قوتن ان ڪري هميشه رد ڪيو آهي. جو اهي تحريڪون پنهنجي مزاج ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل رهيون آهن. جيئن ته سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي مزاج ۾ مذهبي رواداريءَ واريون قومون آهن، تنهنڪري مذهبي ڌرين ۽ سندن حامي رياستي قوتن هميشه کين ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ قرار ڏئي سندن قومي حقن واري جدوجهد جي مخالفت ڪئي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مذهبي ڌريون ۽ سندن حامي رياستي ادارا هڪ طرف قرار داد مقاصد هيٺ ملڪ کي سخت گير مذهبي رياست بنائڻ جا دليل ڏيندا رهن ٿا. پر ساڳي قرار دادِ مقاصد جي نائين نمبر نقطي جو حوالو ڪٿي به نه ٿا ڏين، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، “پاڪستان خودمختيار يونٽن جو وفاق هوندو”. اهو ئي بنياد 1940ع جي ٺهراءُ جو هو، جنهن کي هاڻي پٺيءَ ڀر اڇلايو ويو آهي. قومي حقن کان ان انڪار بنگلاديش کي الڳ ڪيو ۽ هاڻي بلوچستان ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ زورن تي آهي. ساڳي طرح سنڌ اندر به موجوده وفاقي ڍانچي مان بيزاريءَ وارو تاثر عام آهي. اهڙي طرح ڏسجي ته ٻه قومي نظرئي وارو بنياد عملي طور ختم ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ کي مذهب جي بنياد تي هڪ ڪري هلائڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي. هونءَ به دنيا ۾ ڪٿي به گهڻ قومي رياستون هڪ عقيدي جي بنياد تي هڪ ٿي هلي نه سگهيون آهن. عرب ملڪ، جيڪي نسلي ۽ ثقافتي طور به هڪ آهن، اتي به مذهب کين متفق ڪري نه هلائي سگهيو آهي. مذهب جي بنياد تي جديد رياست کي هلائڻ ان ڪري به ناممڪن آهي، جو خود مذهب به ڪنهن هڪ نظام تي متفق ناهن. مذهبن اندر فرقن جي هجڻ ۽ هر فرقي پاران پاڻ کي حق تي هجڻ ۽ ٻين جي غلط هجڻ واري رويي سبب انتها پسندي ڪيترائي روپ اختيار ڪري چڪي آهي. اڄوڪو پاڪستان ان ڏس ۾ هڪ چٽو حوالو آهي، جتي مذهبي ڌريون رڳو عيد جي چنڊ تي متفق نه ٿيون ٿي سگهن، اهي باقي معاملن تي معاشري کي ڪهڙيءَ ريت متفق ڪري سگهنديون؟ ان سوال جو هڪ ٻيو پاسو اهو آهي ته مذهب، جديد رياستن جي تصور کان اڳ جي دور جا آهن، جن جو مقصد انسانن کي انفرادي چڱائيءَ ڏانهن موڙي هڪ پر امن ۽ بقاءِ باهمي واري سماج جوڙڻ هو. البته مذهب جيئن ته خدا ۽ بندي جي وچ وارو معاملو آهن، جن جو بنياد عقيدي تي آهي، تنهنڪري جديد رياستي ڍانچي هلائڻ لاءِ ڪيترن ئي سوالن جا جواب مذهبي عقيدن مان نه ٿا ملي سگهن. اڄوڪي منجهيل معاشي نظام، ملڪن جي هڪ ٻئي سان مفادن جي بنيادن تي ڳانڍاپن، بين الاقوامي واپار ۽ تعلقات جي نون بنيادن، انساني وسيلن، ناڻي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عالمگيريت، معاشي ۽ سياسي مفادن تي ٺهندڙ بلاڪن ۽ عالمي امن جي تقاضائن جهڙا پيچيده معاملا جديد رياست کي مذهب جي تابع ڪري هلائڻ سان نه ٿا نبيري سگهجن. اها الڳ ڳالهه آهي ته جديد رياست کي برابريءَ جي بنياد تي هلائڻ يا ان جي اندر ڪمزور طبقن جي استحصال کي روڪڻ به ايترو آسان ناهي پر ساڳي وقت مذهبي معاملن کي ان سان ڳنڍڻ جي صورت م معاملا وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃن ٿا. عوامي فلاحي ۽ جمهوري رياستن ثابت ڪيو آهي، ته مذهب کي رياستي معاملن سان ڳنڍڻ کان سواءِ وڌيڪ پر امن ۽ انصاف ڀريا معاشرا وجود ۾ آڻي سگهجن ٿا، جتي حڪمران ۽ رياستي ادارا عقيدن جا نه پر عوامي خواهشن جي تابع هجن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي مت ڀيد کان مٿانهان هجن ٿا.
    يورپ جي نئين سجاڳي ۽ اڳتي هلي 18 هين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آيل انقلاب ثابت ڪيو ته رياست کي مذهب سان هلائڻ جي نتيجي ۾ عوامي استحصال جا دروازا کلن ٿا، جنهن کي هڪ انتها تي اچي عوام رد ڪري ڇڏي ٿو. فرينچ انقلاب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاپائيت، اشرافيه ۽ بادشاهت جي رت چوسيندڙ اتحاد ڪهڙي طرح لکين ماڻهن کي انساني درجي کان ڪريل سماج جي غار ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ هڪ مرحلي تي اچي ساڳئي مذهب سان تعلق رکندڙ فرينچ عوام ان نظام جي خلاف بغاوت ڪري شهنشاهيت ۽ پاپائيت کي رد ڪري جديد جمهوري ۽ سوشلسٽ رياست جو بنياد رکيو.
    بنيادي مسئلو مذهب کان وڌيڪ ان جي آڌار تي سياست ۽ رياست کي پنهنجي تابع بنائيندڙ قوتن جو آهي. جيڪڏهن اڄ جي جديد دور ۾ سائنسي علم وسيلي سئو سالن جي چنڊ جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ته ان کي مذهبي ڌرين جي تابع ڪرڻ جو ڪهڙو شعوري جواز آهي؟! ساڳي طرح جيڪڏهن مذهبي خيالن جي آڌار تي لکين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا نه پيئڻ ڏجن ۽ کين هڪ خوفناڪ اپاهجپڻي جو شڪار بنجڻ لاءِ ڇڏي ڏجي ته جديد انساني سماج ۾ ان کي ڪهڙي مذهبي وصف هيٺ درست قرار ڏئي سگهبو؟ ڏهن سالن جي ابهم ٻارڙن تي رڳو مذهبي ٿورائي سان تعلق رکڻ جي ڏوهه ۾ سنگين الزام لڳائي علائقي جي سوين رهواسين جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏجن ۽ رياست بي وس بنيل هجي ته اهڙي ماحول ۾ رياست کي مذهب سان ملائڻ جا ڪيترا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. خاص طور تي ان صورتحال ۾، جڏهن ملڪ جو اقتدار هلائڻ جي تقاضا ڪندڙ مذهبي ڌرين اندر سخت گير ۽ انتها پسند رويا عام هجن، جيڪي نياڻين جي اسڪولن کي بمن سان اڏائين ۽ مخالفن جون سسيون وڍي وحشتناڪ قسم جون سزائون ڏيڻ جا قائل هجن، انهن قوتون جي هٿن ۾ سماج جي واڳ ڏيڻ جو تصور به ڀيانڪ آهي. جنونيت جي ان انڌير هن ملڪ ۾ لکين ماڻهن جون زندگيون اجاڙيون آهن. ان کي وڌيڪ پکڙجڻ کان نه روڪيو ويو ته هي ملڪ بدترين گهرو ويڙهه ۽ رتو ڇاڻ جو شڪار ٿي ويندو. جنازي نماز کان وٺي عيد نمازن تائين سموريون عبادتون هٿيارن جي ڇانوَ کانسواءِ ممڪن نه هجڻ واري ملڪ ۾ مذهبيت کي رياستي نظام سان ڳنڍڻ جا نتيجا تصور کان وڌيڪ سنگين نڪري سگهن ٿا.

    (روزاني ڪاوش اربع 26 سيپٽمبر 2012ع)
    *


    5. سنڌ جي لبرل ۽ روشن خيال سڃاڻپ بچائڻ جي ضرورت

    لاهور جي هڪ خوبصورت باغيچي اندر ٺهيل وچولي طبقي جي هڪ ڪلب ۾ درجن کن ماڻهو موجود هئا. انهن ۾ لاهور شهر جي پيپلز پارٽيءَ جا ٽي ضلعي صدر پڻ ويٺا هئا. منهنجو ميزبان پاڻ به پارٽيءَ جي هڪ اهم عهدي تي فائز آهي ۽ پنجاب ۾ اهم سرڪاري ذميواري نڀائي رهيو آهي. هن جي خواهش هئي ته مان پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت کي سنڌ جي صورتحال بابت ڄاڻ ڏيان ته اتي پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي ماڻهو ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا. ڳالهه ٻولهه دوران پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ضلعي صدر ذوالفقار آباد بابت منهنجي دليلن جي جواب ۾ چيو ته، اسان سڀ مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون. جواب ۾ مون کيس نهايت ڌيرج سان چيو ته، منهنجو موقف ان بابت مختلف آهي ۽ مان پاڻ کي پهرين سنڌي ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪجهه سمجهان ٿو. منهنجي ايترو چوڻ جي دير هئي ۽ همراهه ٺهه پهه وراڻيو: “ان جي معنيٰ ته توهان اسلام جا مخالف آهيو؟” ان کان اڳ جو مان کيس جواب ۾ ڪجهه چوان، منهنجي ميزبان مون کي ٻانهن کان جهليو ۽ چيائين، “هل، ٻاهر لان تي ڊنر لڳي وئي آهي.” دروازي مان ٻاهر نڪرندي ڦڪي کل کلندي مون کي چيائين، “مون چاهيو پئي ته توکي خبر پئي ته لاهور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪهڙن ماڻهن وٽ آهي.” چيومانس ته مون کي پنجاب جي سياسي فهم جو اندازو ته ڇهن ڏهاڪن جي ملڪي تاريخ مان اڳي ئي ٿيل آهي پر هن ڪچهريءَ منهنجو پنهنجي سوچ ۾ ويساهه وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي. نه رڳو اهو ته پيپلز پارٽيءَ جي ان ذميوار اڳواڻ منهنجي سنڌي هجڻ تي اهي ڪمينٽس ڏنا، پر ڪمري ۾ موجود ڊزن کن همراهن مان ڪنهن به اٿي اهو نه چيو ته هو غلط پيو چوي. مون کي خيال آيو ته 65 سال گذرڻ، اڌ ملڪ وڃائڻ ۽ دنيا جي ايتري تبديل ٿيڻ کان پوءِ به پنجاب اندر سياسي سوچ اڃا به دقيانوسي آهي ته انهن ماڻهن کي ملڪ جي آئيندي جا رستا ڪهڙا ٻڌائجن! پيپلز پارٽيءَ جي اهڙن سينيئر عهديدارن جا اهي خيال ٻڌي مون کي پهريون خيال اهو آيو ته ڀٽو ۽ بي بي زنده ڀلي هجن، پر پنجاب ۾ اڄ به ضياءُ زنده آهي. هونئن ته پنجاب اندر عام ماڻهن ۾ بنياد پرستيءَ وارن لاڙن جي شدت کان سڀ واقف آهن، پر ڪنهن دور ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو سمجهيو ويندو هو ته اها متڀيد کان آجي ۽ رواداريءَ ۾ ويساهه رکندڙ پارٽي آهي. وقت سان گڏ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ مخالف هجڻ واري سڃاڻپ جيان ترقي پسند ۽ لبرل سياسي ڌر هجڻ واري سڃاڻپ به وڃائي رهي آهي.
    پنجاب اندر پارٽيءَ جي ذميوار ماڻهن جا اهڙا خيال ٻڌي سمجهه ۾ آيو ته پيپلز پارٽيءَ ڪيئن سلمان تاثير جهڙي ماڻهوءَ کان لاتعلقيءَ وارو رويو اختيار ڪيو ۽ ڪيئن سنڌ ۾ مذهبي ٿورائين سان ڏهاڪن کان انياءَ ۾ ملوث ماڻهو پارٽيءَ جي ٽڪيٽن تي اسيمبلين جا ميمبر بڻيل آهن ۽ کانئن ڪير به پڇڻ وارو ناهي. لاهور ۾ سلمان تاثير ۽ پيپلز پارٽيءَ جا سخت مخالف به اهو اعتراف ڪن ٿا ته تاثير پنهنجي ذات ۾ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن ڪڏهن به گورنر هائوس جون آسائشون استعمال نه ڪيون. هن جو ڪٽنب پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهندو هو ۽ هنن ڪڏهن به گورنر هائوس جي گاڏي يا ٻي سهولت استعمال نه ڪئي. سلمان تاثير پاڻ به ڊيوٽي ختم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهندو هو. مذهبي ويڇن کان مٿانهون هجڻ ۽ مذهبي اقليتن سان يڪجهتيءَ جي ڏوهه ۾ مارجي ويل ان شخص کان پارٽيءَ ايتري ته لاتعلقي اختيار ڪئي، جو سندس لاءِ اسيمبليءَ اندر دعا به نه گهري سگهيا. ان سڄي معاملي ۾ پيپلز پارٽي، ظاهر آهي ته اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي رهي آهي، جيڪي پارٽيءَ اندر ڪنهن به نظرياتي لائين بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿا ڪن. سندن بحث جو موضوع سپريم ڪورٽ جا فيصلا، زرداري صاحب جون سياسي حڪمت عمليون ۽ ايندڙ اليڪشن وغيره آهن. وزير، امير، اسيمبلي ميمبر ۽ عهديدار گهڻو ڪري بدلين، مقررين، ٺيڪن ۽ اوڳاڙين ۾ مصروف آهن. پارٽيءَ جي عوام اندر مقبوليت يا اهم نظرياتي معاملن تي پارٽيءَ جي سوچ، پارٽيءَ جي عوام سان تعلق وغيره جهڙا “اجايا معاملا” سندن ايجنڊا ۾ پري پري تائين نظر نه ٿا اچن. قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ وڌندڙ وٿيءَ سبب هر ماڻهو پنهنجي منهن سوچي ٿو. ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياست ذري گهٽ ختم ٿي وڃڻ ۽ رياست پاران ڏهاڪن کان لڳاتار ڪيل سيڙپڪاريءَ سبب جنونيت پنهنجي بدترين شڪل ۾ سماج مٿان ڇائنجي رهي آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اها جنونيت سرڪاري حڪمنامن وسيلي لاڳو ٿيندي هئي، پر هاڻي اها پکڙجي عوامي سوچ ۾ بدلجي رهي آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته ضياءُ الحق جي سرڪاري سرپرستيءَ واري جنونيت کان گهٽين مان ڦٽندڙ جنونيت جي هيءَ لهر وڌيڪ خطرناڪ آهي. جيتوڻيڪ ضياءُ الحق جي تلوار جي زور تي پکيڙيل جنونيت ملڪي تاريخ جو ڪارو باب سمجهي وڃي ٿي. پر حقيقت ۾ ان جا بنياد پ پ پ جي پهرئين حڪومتي دور ۾ رکيا ويا، جو ڪجهه ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جن مان ڪجهه به نه وريو. انهن سمورين ڪاوشن جو نتيجو ملڪ مٿان مارشل لا جي صورت ۾ نڪتو. پنجاب، ملڪ جي حڪمران صوبي طور مذهب کي پهرئين ڏينهن کان هٿيار طور استعمال ڪندو رهيو آهي. ٻه قومي نظرئي ۽ قرارداد مقاصد جهڙن هٿڪنڊن وسيلي حڪومت کان وٺي سماج جي مختلف ڪُنڊن پاسن تائين هر پاسي جنونيت پکيڙي ملڪ کي هڪ اهڙي خطي ۾ تبديل ڪيو ويو، جتي سڄي دنيا جا انتها پسند ڪٺا ٿي ويا. افغان جهاد جي دور ۾ اڄوڪي دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي علمبردار عالمي قوتن جنونيت ۾ جيڪا سيڙپڪاري ڪئي، ان جو ڦل اڄ هو پاڻ به چکي رهيا آهن. ان انڌوڪار جي خطرناڪ لهر ۾ سنڌ کي لڙهڻ کان بچائڻ ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، مولانا گرامي، استاد بخاري ۽ اهڙين ٻين اڻ ڳڻين سياسي ۽ علمي ادبي هستين لازوال ڪردار ادا ڪيو. سائين جي ايم سيد پاران “جيئن ڏٺو آهي مون” جهڙا ڪتاب لکڻ هڪ غير معمولي خدمت هئي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ کي جنونيت جي خطرناڪ للڪار اڳيان پير کوڙي بيهاريو. ان سڄي عرصي دوران سنڌ واسين تي ڀارتي ايجنٽ ۽ هندو مت جا پوڄاري هجڻ جا الزام لڳائي هزارين نوجوانن کي جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون. سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ هلايل سياسي ۽ علمي ادبي تحريڪن ان سڄي يلغار جو جنهن جرئت ۽ مستقل مزاجيءَ سان مقابلو ڪيو، ان سنڌين کي هڪ روشن خيال، لبرل ۽ انسان دوست قوم جي سڃاڻپ ڏني. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن جنونيت خلاف جدوجهد جي سرواڻيءَ جون دعويدار قوتون خود ان جنونيت کي پالي نپائي رهيون هيون، سنڌ واسي تڏهن به جنونيت خلاف روشن خياليءَ جي ويڙهاند ۾ مهڙ جو دستو بڻيل هئا. ورهاڱي وقت جهڙي بنياد تي رياست قائم ٿي، ان خلاف سائين جي ايم سيد ۽ سندس هم خيال ساٿين جيڪو موقف رکيو، اهو انتهائي مدبراڻو هو ۽ اڄوڪي پاڪستان کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته ڪاش پنجهٺ سال اڳ ملڪ جو بنياد ان ريت نه رکيو وڃي ها ته وسيلن سان مالا مال هي ملڪ اهڙي طرح برباد نه ٿئي ها.
    50ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ ڪميونسٽ چين ۽ روس جي سگهه کان ڊنل هئا ۽ هنن روس جي هن خطي ۾ طاقت کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مذهبي ڌرين تي باقاعدي سيڙپڪاري ڪئي. مضبوط پنجاب ۽ مضبوط پاڪستان اولهه آمريڪي مفادن لاءِ ان وقت تمام اهم هئا، ڇو ته سندن خيال هو ته جيڪڏهن روس افغانستان تائين پهتو، ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان بفر زون جو ڪم ڏيندا. ان لاءِ ضروري هو ته انهن علائقن ۾ نه رڳو عسڪري سيڙپڪاري ڪئي وڃي پر عوامي سوچ کي به مذهبي بنياد تي منظم ڪري روس کي ڪافر، ڪميونسٽ ۽ هندستان دوست هجڻ واري سڃاڻپ ڏياري عوامي جذبن کي هٿي ڏني وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان ۾ ٽپي پيو ته آمريڪا ۽ اولهه ضياءَ شاهيءَ معرفت پاڪستان ۾ جنونيت کي عام ڪرڻ لاءِ ڊالرن جون نديون وهائي ڇڏيون. اهو سڄو کيل 50ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي چڪو هو. 1950ع ۾ پاڪستان اندر آمريڪي سفارتخاني خطي اندر آمريڪي مفادن بابت تيار ڪيل هڪ اهم رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته پاڪستان هڪ اهڙو اڏو آهي، جتان ضرورت پوڻ تي روس جي ڏاکڻي ۽ اڀرندي علائقن تي حملو ڪري سگهجي ٿو، تنهنڪري پاڪستاني سهڪار يا ان تي ڪنٽرول هجڻ ضروري آهي ته جيئن هن خطي ۾ روس کي روڪي سگهجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن مئي 1949ع ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي وزير اعظم لياقت علي خان کي اسٽالن پاران روس جي دوري جي ڪوٺ ڏني وئي ته آمريڪا ۽ اولهه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. روس پاران نومبر جي پهرئين هفتي ۾ سندس دوري لاءِ خصوصي جهاز موڪلڻ جي آڇ ڪئي وئي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر باقاعدي وزير اعظم کي خط لکي برطانيا حڪومت جي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو لياقت علي خان روس جي دوري کان نابري واري ۽ ائين هي ملڪ آمريڪي بلاڪ واري سڃاڻپ کڻي دنيا ۾ نروار ٿيو. آمريڪا ۽ برطانيا پاران پاڪستان اندر مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين ۾ سيڙپڪاريءَ جي ڊگهي مدي وارن ڀوائتن نتيجن کي ڏسندي 1952ع ۾ ويانا ۾ ٿيل عالمي امن ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي تقرير ۾ هيٺيان لازوال جملا چيا:
    “مان هن ڪانفرنس جي مندوبين، خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيا جي مندوبين تي هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتون جيڪي اڄ مسلمانن کي سندن عقيدي آڌار متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. کين اهو معلوم هجڻ گهرجي ته انهن ئي طاقتن جي سرپرستيءَ ڪارڻ جنونيت ۽ فاشسٽ لاڙن کي اهميت ۽ هٿي ملي رهي آهي ۽ ان ئي سرپرستيءَ جو نتيجو آهي، جو وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ سول سوسائٽيءَ کان پري ٿي رهيا آهن.”
    جي ايم سيد هڪ سلڇڻي، امن پسند ۽ بقاءِ باهميءَ جي پيروڪار طور پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ اهي نتيجا ڏسي ورتا هئا، جيڪي پڌرا ٿيڻ ۾ پنجاهه سال لڳا ۽ آمريڪا ۽ يورپ کي اڄ وڃي احساس ٿيو آهي ته سياسي ۽ عسڪري مفادن خاطر دنيا جي ڪنهن خطي ۾ جنونيت کي منظم ڪرڻ جا نتيجا ڪيترا ڀوائتا نڪري سگهن ٿا. اڄ يارنهن سال گذرڻ کان پوءِ به آمريڪا ۽ يورپ نه رڳو اهو ته، سندن پيدا ڪيل جنونيت خلاف سوڀَ نه ماڻي سگهيا پر سندن سمورين ڪوششن جو حاصل نتيجو اهو آهي جو جنونيت هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي رهي آهي. پنجاب ۾ مذهبي اقليت تي حملا ۽ سنڌ ۾ هندن خلاف اغوا ۽ نياڻين جي مذهب بدلائڻ وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ مٿان حڪومت ڪندڙ ڌريون پنهنجي حڪومت بچائڻ يا ايندڙ وارو پڪو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سڄو وقت مفاهمتن ۾ مصروف آهن. ملڪ جي اصلوڪن وارثن کي اهڙي ڪمزور ۽ غير مقبول جمهوريت به قبول ناهي. ان وايو منڊل ۾ ملڪ اندر پکڙجندڙ جنونيت کي روڪڻ جي سوچ پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. ان صورتحال ۾ سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ان جي مذهبي رواداريءَ واري سڃاڻپ کي بچائڻ آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اندر کاٻي ڌر جي سياست، قومپرست تحريڪون ۽ علمي ادبي تحريڪ ان يلغار کي منهن ڏيندي رهي آهي، پر وقت گذرڻ سان روشن خيال طاقتن جي ورهائجڻ ۽ سندن مزاحمتي ڪردار ڪمزور ٿيڻ سبب سنڌ اندر بنياد پرستيءَ وارن لاڙن کي هٿي ملي رهي آهي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان موقعي جو فائدو وٺندي هر طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪري سنڌ اندر جنونيت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اغوا ٿيل هندو نياڻين جي عدالت ۾ پيشيءَ وقت سوين هٿياربند جنوني اچي پهچن ٿا، پر کين روڪيو نه ٿو وڃي. منظم طريقي سان مذهبي ٿورائين خلاف ڪارروايون به ڪرايون وڃن ٿيون ته سندن خلاف ماحول به ٺاهيو ٿو وڃي. سنڌ جي روشن خيال سياسي ۽ علمي ادبي ڌرين کي هن صورتحال کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو ۽ ان بابت سنڌ اندر هڪ جوابي مهم هلائڻي پوندي، جيئن سنڌ پنهنجي مذهبي رواداري ۽ پر امن بقاءِ باهمي واري ان سوچ کي برقرار رکي سگهي، جيڪا جديد دنيا جي اهم تقاضا ۽ سنڌ جو قومي روح آهي.

    (روزاني ڪاوش اربع 29 آگسٽ 2012ع)
    *


    6. سنڌ جي وحدت کي درپيش خطرا ۽ قومپرست ڌرين جو ڪردار

    سنڌ کي درپيش مسئلن ۽ للڪارن جي فهرست هونئن ته تمام وڏي آهي، پر هن وقت ٻه مسئلا ايڏا ته ڳنڀير بڻجي چُڪا آهن، جن کي روايتي سياسي طريقن سان منهن ڏيڻ مشڪل بڻجي رهيو آهي. انهن ۾ هڪ آهي سنڌين جو سنڌ ۾ عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو انديشو ۽ ٻيو آهي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بچائڻ. هونئن ته اهي مسئلا به ڪي نوان ناهن ۽ سنڌ واسي هڪ عرصي کان انهن ٻنهي مسئلن تي لڳاتار جدوجهد ۾ آهن پر آهستي آهستي هاڻي اهي ٻئي معاملا فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چُڪا آهن ۽ هاڻي سنڌ واسين وٽ وڌيڪ تجربن جو وقت ناهي بچيو. هينئر تائين سنڌين جي لاشعور ۾ اهو رهيو آهي ته جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي مڪمل اقتدار ملندو ته اهي زندگي ۽ موت جا معاملا پاڻ مرادو حل ٿي ويندا. ان اميد جي پٺيان سنڌ واسين جو پيپلز پارٽيءَ ۾ چئن ڏ¬هاڪن جو انڌو اعتبار شامل هو. هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي مڪمل اقتدار جا پنج ورهيه پورا ڪرڻ واري آهي ته سنڌ واسين جي اکين مٿان ٻڌل اعتبار جي اها پٽي به لهي چُڪي آهي. پيپلز پارٽي نه رڳو اهو ته سنڌ جي آئيندي سان لاڳاپيل انهن ٻنهي سوالن جي حوالي سان سنڌ واسين جي اميدن تي پوري نه لٿي، پر ان سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي خطرناڪ هاڃو پهچائي ڇڏيو آهي.
    سنڌين جي سنڌ اندر عددي ٿورائي ته 1998ع واري آدمشماريءَ جي انگن اکرن مان صاف نظر اچي رهي هئي، جنهن موجب سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو 60 سيڪڙو وڃي بچيا هئا. ان جو مطلب ٿيو ته رڳو سٺ ستر لک غير سنڌي وڌيڪ شامل ٿين ته سنڌي ڳالهائيندڙ عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجي سگهن ٿا. انهن انگن اکرن کي پندرنهن سال گذري چُڪا آهن. جيڪڏهن ڪراچيءَ جون حالتون سازگار رهن ها ته هينئر تائين سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجي چُڪا هجن ها. اهو ڪم جيڪو ملڪي ۽ صوبائي حالتن سبب نه ٿي سگهيو، ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ذوالفقار آباد رٿا جو اعلان ڪري موجوده حڪومت سنڌين کي عددي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جو اهتمام ڪري چُڪي آهي. جيڪڏهن سنڌين جي مطالبن ۽ مذمتن واري تحريڪ احتجاج ۾ عوامي سگهه کي استعمال نه ڪيو ته ذوالفقار آباد حقيقت ۾ بدلجي سگهي ٿو.
    ساڳي طرح سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي جا پختا بنياد رکڻ لاءِ سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي قانوني شڪل ڏيندي مڪاني ادارن وارو ٻٽو نظام اڳي ئي متعارف ڪرايو ويو آهي. لساني سياست ڪندڙ حڪومتي اتحادي الڳ صوبي جي مهم جا تجربا به ڪندا رهيا آهن. هاڻي ته مڪاني نظام ۾ ترميمن جي صورت ۾ الڳ صوبي جا کلئي عام مطالبا به ڪيا پيا وڃن. ساڳي طرح پيپلز پارٽي سرائيڪين کي حق ڏيڻ کان وڌيڪ نواز شريف کي ڪمزور ڪرڻ جي جنون ۾ پنجاب اندر وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاءِ جنهن مهم جوئي کي اختيار ڪيو آهي، ان سان سنڌ ورهائڻ جا مطالبا ڪندڙ ڌرين کي هڪ مضبوط بنياد فراهم ٿي ويو آهي. ان جو مثال پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڪميشن جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار جو نوٽ آهي. ان نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته، “ايم ڪيو ايم جي نمائندي طور پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ٺاهڻ واري ڪميشن جيان پاڪستان جي صدر کي ساڳي نوعيت جي ڪميشن جوڙڻ گهرجي. پارليامينٽ ۽ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ماڻهن جي انتظامي بنيادن تي نوان صوبا ٺاهڻ وارن عام مطالبن کي ورنائين. ساڳي طرح آئين جي شق 239 ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت جوڳي ترميم ڪرڻ گهرجي”. اهو نوٽ ڳالهه کي کولي واضح ٿو ڪري ته ايم ڪيو ايم درحقيقت سرائيڪي صوبي کي بنياد بنائي سنڌ اندر الڳ صوبي جي قيام جو مطالبو ڪري رهي آهي، جنهن تي هڪ عرصي کان ڪم ۽ تجربا هلندڙ آهن. ٻٽو مڪاني نظام در حقيقت ان منزل ڏانهن هڪ اهم وک آهي، جيڪا غلطي پيپلز پارٽي وڏي فخر سان ڪري چُڪي آهي. ڪميشن قائم ڪري ۽ آئين ۾ ترميمن وسيلي نوان صوبا ٺاهڻ خاطر جيڪا ڇري پنجاب لاءِ ايجاد ڪئي وئي آهي، اها سڀاڻي سنڌ جي نقشي تي هلائڻ جي ڪم آندي ويندي. اهو ئي سبب آهي جو متحده وارا سرائيڪي صوبي ۽ سرائيڪين جي حقن جا وڏا علمبردار بڻيا بيٺا آهن. اڄ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جا سمورا ميمبر هڪ حڪم تي سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جي بِل تي ڪنڌ ڌوڻي رهيا آهن ته سڀاڻي اهي سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي تي به ائين ئي”ها” ڪندي دير نه ڪندا.
    انهن ٻنهي خطرن کي منهن ڏيڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ ان ڪري وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، جو هڪ ته ان سڄي ڪار گذاريءَ پٺيان سنڌين جي نمائنده پارٽي شامل آهي ۽ ٻيو ته قومپرست ڌرين جي سياست روايتي طريقن تائين محدود ٿي وئي آهي. سنڌ جا ماڻهو ٻِٽي مڪاني نظام خلاف هڙتالن ۽ جلسن ۾ پنهنجو مڪمل ساٿ نڀائي اهو واضح ڪري چُڪا هئا ته هو سنڌ جي وحدت خاطر هر قسم جي جدوجهد جو حصو بنجڻ لاءِ تيار آهن. قومپرست ڌرين جي اتحاد “سپنا” ۾ سنڌ واسين جون وڏيون اميدون هيون، پر بدقسمتيءَ سان ايڏي وڏي عوامي اڀار کي قومپرست ڌريون گهربل قيادت ڏئي نه سگهيون ۽ هاڻي آهستي آهستي سنڌ جي زندگي ۽ موت وارو اهو اهم ترين مسئلو اليڪشني منشورن ۽ مذمتي ٺهرائن جو حصو بنجي رهيو آهي.
    جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عوامي رد عمل، قومي سطح جي سياست ڪندڙ مضبوط ڌرين پاران ان مسئلي تي چٽو موقف رکڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي وچ ۾ اچڻ سبب پيپلز پارٽيءَ لاءِ ان قانون تي عمل ڪرائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، پر اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ان قانون کي عوامي سياسي مزاحمت ذريعي روڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ممڪن نه رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ ان قانون کي هاڻي اسيمبليءَ ۾ رد ڪرائڻ جيتري سياسي طاقت نه رهي آهي. جيئن ته اهو قانون سنڌ اسيمبليءَ مان باقاعدي طور منظور ٿيل آهي، تنهنڪري سنڌين جي ڳچيءَ ۾ وڌل اهو ڳٽ سولائيءَ سان نه نڪرندو. اهو به خود هڪ سوال آهي ته مسلم ليگ فنڪشنل، نواز ليگ وغيره جيڪي هن وقت ان قانون جي سخت مخالفت ۾ آهن، اهي سڀاڻي اقتدار ملڻ جي صورت ۾ اسيمبليءَ وسيلي ان قانون کي رد ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ هونديون يا نه؟ خود پيپلز پارٽي مشرف جي دور ۾ حيدرآباد ضلعي جي ورهاڱي، ڪراچيءَ جي شهري حڪومت، ڪراچيءَ جي تڪ بندين ۽ گريٽر ٿل ڪينال خلاف ڳالهين ۽ جدوجهد ۾ قومپرست پارٽين کان به اڳڀري هئي، پر اقتدار ملڻ کان پوءِ اها سڀ ڪجهه وساري ويٺي آهي. سنڌ واسي ان ڪري انهن معاملن تي مستقل مزاج عوامي جدوجهد کي ئي نجات جو ذريعو سمجهن ٿا. قومپرست پارٽيون توڙي فنڪشنل ليگ وغيره هاڻي ايندڙ چونڊن جي صف بنديءَ ۾ مصروف آهن، جيڪو پڻ نهايت اهم ڪم آهي، پر ساڳئي وقت ان حساس ترين معاملي تي عوامي جدوجهد کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ سياسي غلطي ٿيندي. هڪ ڀيرو اهو معاملو عوامي مزاحمتي جدوجهد جي ايجنڊا تان هٽي ويو ته پوءِ عوام کي ٻيهر سياسي مزاحمت لاءِ منظم ڪرڻ آسان نه ٿيندو. جتي اليڪشني تياري ۽ سياست نهايت اهم ڪم آهي، پر سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ان معاملي تي عوامي هلچل کي اڌورو نه ڇڏڻ گهرجي. پارلياماني سياست جا لاها چاڙها ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن ۽ ان ۾ وقتي مفاد ۽ معاملا ڪڏهن ڪڏهن اصولي موقفن ۽ ڊگهي مدي وارن گڏيل مفادن کي پٺتي ڇڏي ڏيندا آهن. سنڌ جي ماڻهن کي اهو خدشو آهي ته سڀاڻي ڪنهن نئين اليڪشني اتحاد ٺهڻ جي صورت ۾ سپنا ۽ سنڌ بچايو اتحاد جو انجام پونم جهڙو نه ٿئي. هن وقت جيئن ته سنڌ جون قومپرست ڌريون پهريون ڀيرو منظم طريقي سان پارلياماني سياست ۾ وڃي رهيون آهن ۽ کين پيپلز پارٽيءَ جي چاليهن سالن جي سياسي هڪ هٽيءَ جو مقابلو به ڪرڻو آهي، تنهنڪري کين لازمي طور ڪنهن وڏي اليڪشني اتحاد جو حصو ٿيڻو پوندو، پر ان سڄي عمل ۾ سندن اثرائتي شرڪت تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اهي وفاقي سياست ڪندڙ ڌرين جي اڳيان سنڌ جي قومي مفادن وارن سوالن تي هڪ گڏيل ڌر طور نظر اچن، باقي اڪيلي سر الڳ الڳ اليڪشني اتحاد ڪرڻ سان هو ڪنهن وڏي اليڪشني اتحاد جا جونيئر پارٽنر بڻجي ويندا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اهي سپنا يا سنڌ بچايو اتحاد جي پليٽ فارم جي الڳ سڃاڻپ ۽ جدوجهد کي به برقرار رکن ته خود اليڪشني اتحاد ۾ به سندن حيثيت هڪ مضبوط ڌر واري هوندي. اها الڳ سڃاڻپ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اهي ٻِٽي مڪاني نظام ۽ سنڌ جي وحدت واري سوال تي سنڌ اندر موجود عوامي اڀار کي مستقل طور قيادت فراهم ڪندا رهن. سنڌ جي قومپرستن وٽ ٻين ڌرين جيان نه وسيلن جا انبار آهن، نه رياستي ادارن جي اڻ کٽ سرپرستي آهي ۽ نه عقيدي جي آڌار پوئلڳي ڪندڙ لکين ماڻهن جا هجوم آهن. سندن طاقت جو واحد وسيلو قومي حقن واري جدوجهد ۾ سنڌي ماڻهن جو ساڻ هجڻ آهي. ان طاقت کان پاسيرو ٿيڻ سان قومپرست ڌريون پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون. ان لاءِ ضروري آهي ته اليڪشني اتحاد ۽ تيارين سان گڏ قومپرست ڌريون ٻِٽي مڪاني نظام خلاف عوامي جدوجهد کي ٻيهر سرگرم ڪن ۽ ان کي قيادت فراهم ڪن. اڃا تائين سنڌ واسي سنڌ کي ورهائيندڙ ان نظام خلاف جدوجهد لاءِ آتا آهن. سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ علمي ادبي حلقا به ان مسئلي تي قومپرست ڌرين سان سلهاڙجڻ لاءِ آتا آهن، بدقسمتيءَ سان ڪجهه فرد ان معاملي تي علمي ادبي ڌرين ۽ قومپرست پارٽين ۾ ويڇا وجهڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. اها ڳالهه واضح آهي ته سياسي معاملن تي سياسي ڌرين کي ئي اڳڀرائي ڪري قيادت فراهم ڪرڻي آهي. اديب، شاعر، صحافي ۽ سول سوسائٽيءَ جا ڪارڪن ان هلچل کي اڳتي وڌائڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ مٿان سنڌين جي حق حاڪميت جا سوال گهڻ پاسائين جدوجهد جي تقاضا ڪن ٿا، جنهن ۾ سماج جي هر شعبي کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته ان حوالي سان جدوجهد ڪندڙ سموريون ڌريون سهڪاري قوتون آهن ۽ انهن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ يا ويڇو ان جدوجهد کي ڪمزور ڪندو. سياسي توڙي ادبي يا سول سوسائٽي جون تنظيمون عوامي سطح تي گڏيل جدوجهد سان ئي ڪي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪري سگهنديون. ان ڏس ۾ هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ جائز تنقيد جي آجيان وارن لاڙن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن نازڪ مرحلي تي ذاتي انائن ۽ ماضيءَ جي اختلافن کي پاسيرو رکڻو پوندو. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي گهرجي ته اليڪشني سياست جي حڪمت عملين تي وقت ۽ توانائي لڳائڻ سان گڏ سنڌ جي زندگي ۽ موت سان لاڳاپيل هنن اهم سوالن تي به گڏيل جدوجهد ۽ سڄي سماج کي سلهاڙي جاکوڙڻ لاءِ گڏيل اڳڀرائي ڪن. سنڌ بچايو اتحاد يا سپنا جي پليٽ فارم تان ٻِٽي مڪاني نظام خلاف جدوجهد کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ سنڌ بچايو اتحاد ان معاملي تي ڪجهه نه ڪجهه سرگرميون ڪندو رهي ٿو، پر شايد جدوجهد جا روايتي طريقا گهربل نتيجا نه پيا ڏئي سگهن. سياست ۾ حڪمت عمليون وقت ۽ حالتن وانگر بدلائڻيون پونديون آهن. جيڪڏهن هن وقت تائين ڪيل جدوجهد جي باوجود اقتداري ڌرين کي ٻِٽي مڪاني نظام بابت ڪا ڳڻتي نه ٿي ٿئي ته عوامي جدوجهد جي ٻين پرامن طريقن کي استعمال ڪرڻ گهرجي، جنهن سان حڪومتي ڌرين توڙي کين اشارن سان هلائيندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي طاقتن کي اهو نياپو ملي ته سنڌ واسين جي جدوجهد جر جي ڦوٽي جيان ناهي. ايندڙ ڏينهن ۾ هن خطي اندر اهم سياسي ۽ عسڪري اٿل پٿل ٿيڻي آهي، جنهن ۾ ڪراچي بين الاقوامي توڙي قومي حڪمت عملين جو اهم مرڪز بڻجندو. اهو به ممڪن آهي ته ڪراچيءَ جي مال غنيمت تي وڙهندڙ ڌريون سڀاڻي حصي پتيءَ تي ٺاهه ڪري ڪراچيءَ بابت پنهنجي منهن فيصلا ڪنديون رهن. جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست ڌرين سنڌ جي وحدت واري سوال تي ڪنهن مضبوط عوامي هلچل کي نه اُڀاريو ته پوءِ فيصلا ڪندڙ طاقتون اسان کي ڪراچيءَ اندر ڪا ڌر به تسليم نه ڪنديون. انهن طاقتن جي نظر ۾ به سنڌين جي نمائنده ڌر هينئر تائين پيپلز پارٽي آهي، جيڪا اقتدار خاطر سڀ ڪجهه لکي ڏيڻ لاءِ آتي آهي. سنڌ واسين جي حقيقي مفادن جي ترجماني ۽ نگهبانيءَ لاءِ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي ٻين سياسي ڌرين سان گڏجي ڪو چٽو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سنڌ جا قومپرست سنڌ بابت جيڪڏهن اتحاد نه ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڪا گڏيل حڪمت عملي ضرور جوڙين.
    (روزاني ڪاوش اربع 6 فيبروري 2013ع)
    *


    7. گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل جدوجهد ئي گڏيل سنڌ کي سلامت رکڻ جي ضامن آهي

    3 سيپٽمبر تي هڪ انگريزي اِخبار جي مهڙ واري صفحي تي هڪ خبر ڇپي، جنهن جي سرخي هئي “MQM, PPP Fail To agree On LG Setup” يعني ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بابت ٺاهه نه ٿي سگهيو. خبر جي وچورن ۾ ڄاڻايو ويو ته، ايم ڪيو ايم جي اندروني ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي آهي ۽ طئي ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو وفد صدر زرداريءَ سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪري پنهنجي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪندو. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ واسع جليل چيو ته، متحده فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي پيپلز پارٽيءَ سان مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بابت ڳالهين لاءِ نه ويهبو، ڇو ته پيپلز پارٽي منتقل ڪيل وزارتن جي اختيارن بابت ڪيل واعدن تان ڦري وئي آهي. هن اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار، صدر آصف زرداريءَ سان ڳالهائي کيس ڄاڻ ڏني آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻي وڌيڪ ڳالهيون نه ڪندي، ڇو ته پ پ، ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.
    ڪجهه ڏينهن اندر خبر ناهي ته الائجي ڪهڙو انقلاب آيو، جو ٽن ڏينهن کانپوءِ گورنر صاحب جي صحيح سان مڪاني ادارن جو 2012ع وارو آرڊيننس جاري ٿي ويو ۽ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ قوم کي واڌايون ڏيڻ لڳا. سوال اهو آهي ته جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا ساڳيا اڳواڻ ٽن سالن جي ڳالهين کان پوءِ به مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بابت ايم ڪيو ايم جي مطالبن کي مڃڻ کان انڪاري هئا ۽ نوبت اتي وڃي پهتي هئي، جو سندن اتحادين وڌيڪ ڳالهين کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ آخر ٽن ڏينهن ۾ اهڙو ڪهڙو جادو ٿيو، جو ٽن سالن کان نه نبرجي سگهيل مڪاني ادارن واري جوڙجڪ پيپلز پارٽيءَ جي ساڳين همراهن لاءِ ايتري ته قبوليت جوڳي ٿي وئي، جو هنن نه رڳو ان قانون کي قبول ڪيو، بلڪه اڄ ان جا ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ وڏا وڪيل پاڻ بنيا بيٺا آهن. آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ به اهڙي شاندار دستاويز کي آخر ڪيترن ڏينهن تائين سنڌ جي عوام اڳيان پڌرو ڪرڻ کان ڇو پئي لنوايو ويو؟ صحافي ۽ صوبي جو عوام ته ٺهيو، خود پارٽيءَ جي ذميوار عهديدارن کي به ان دستاويز جي ڪاپي نه ڏيکاري ويئي. مٿان پارٽيءَ جي اڪابرن جو عوام کي ٻڌاٻو ته فلاڻن اهو دستاويز پڙهيو ئي ناهي، اجايو پيا مخالفت ڪن. صاف ظاهر آهي ته اهو رڳو “مٿان” آيل حڪم جو جادو هو. ملڪ اندر جمهوريت جي وڏي ۾ وڏي دعويدار پارٽيءَ اندر ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ کي اها طاقت نه هئي، جو اهو اختلاف راءِ جو اظهار ڪري سگهي. پارٽيءَ اندر ويٺل اهي ڪجهه ماڻهو، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پارٽي پاليسين سان اختلاف راءِ ڪرڻ جي جرئت ڪندا هئا، تن به ماٺ رهڻ ۾ ڀلو سمجهيو. نه رڳو اهو پر ايڏي تڪراري قانون کي اسيمبليءَ اندر چند منٽ ڏنا ويا. هن وقت نه مرڪزي حڪومت کي ڪو لوڏو هو، نه سنڌ حڪومت کي ڪو خطرو هو، نه ئي وري صوبي ۾ ڪي تڪڙيون مڪاني چونڊون ٿيڻيون آهن، پوءِ آخر ايڏي تڪڙ ڪهڙي ڳالهه جي هئي، جو پارٽيءَ جي صوبائي قيادت کي رات وچ ۾ اسيمبلي اجلاس سڏائي ٻئي ڏينهن صبح ساڻ اهو قانون منظور ڪرائڻ جي ضرورت پيش آئي. هڪ اهڙو قانون، جيڪو ون يونٽ کان به وڌيڪ زهريلو آهي، جيڪو سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي ڏانهن هڪ سگهارو قدم آهي، ان کي بنا دير منظور ڪرائڻ جو اهڙو ڪهڙو لاچار اچي پيو هو. اهو راز ته وقت سان ئي کلندو پر اها سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه رڳو صوبي يا ملڪي سياست تائين محدود ناهي. پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ڀلي ان کي رڳو “مٿان” جو حڪم سمجهن پر در حقيقت اهو “مٿان کان به مٿان” جو حڪم ٿو لڳي.
    ڪراچي هن وقت خطي اندر انتهائي منجهيل عسڪري حڪمت عمليءَ جو مرڪز بنيل آهي. چين، آمريڪا سرد جنگ ۾ ايندڙ تيزي ۽ 2014ع ۾ افغانستان مان ناٽو فوجن جي نيڪاليءَ کان پوءِ پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي بين الاقوامي سياست جو محور آهن. 1965ع واري جنگ کانپوءِ آمريڪا سان عسڪري ناتا خراب ٿيڻ جي رد عمل ۾ پاڪستان طرفان چين سان ڪيل دوستي رڳو علائقائي ڊپلوميسي تائين محدود ناهي. 1980ع جي ڏهاڪي کان پوءِ آندل معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ چين نه رڳو اڄ دنيا جي ٻيون نمبر وڏي معيشت بنيل آهي پر ڏکڻ ايشيا، اوڀر ايشيا ۽ مجموعي طور هندي وڏي سمنڊ واري هن خطي ۾ هن جو آمريڪا سان عسڪري مفادن جو به ٽڪراءُ هلندڙ آهي، اوڀر طرف “Strait of Malacca” جي ڀرپاسي ۾ ڪيوبا، فلپائن ۽ جپان سان چين جو ٽڪراءُ آهي، جتي آمريڪا هر چين، مخالف ملڪ جي واهر ڪرڻ لاءِ آتو آهي. ٻئي طرف Strait Of Hormuz جي سامونڊي خطي ۾ چين جو انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ پاڪستان سان معاشي ۽ فني سهڪار آمريڪا لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهي.
    جهڙي طرح چين هن خطي اندر معاشي طاقت سان گڏ عسڪري طاقت بڻجي رهيو آهي. ۽ آمريڪا جو افغانستان مان فوجون ڪڍڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، آمريڪا تيزيءَ سان هن خطي اندر پنهنجي اثرائتي موجودگيءَ لاءِ نئين حڪمت عملين تي ڪم ڪري رهيو هوندو. صاف ظاهر آهي ته افغانستان سان جنگ جي انت کان پوءِ آمريڪا وٽ ايران سان جنگ يا ٽڪراءَ واري صورتحال هڪ من پسند آپشن آهي، جنهن سان اهو هن خطي اندر پنهنجي موجودگيءَ کي جاري رکي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن صورتحال ان آپشن لاءِ سازگار نه رهي ته ظاهر آهي آمريڪا ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريقا جو هي عربي سمنڊ وارو اهم ترين سامونڊي لنگهه چين جي حوالي ڪري پئنٽاگان ۾ وڃي ويهي ته نه رهندو. ان صورتحال ۾ آمريڪا يقينن چاهيندو ته هن خطي ۾ عربي سمنڊ اندر سندس مفادن جي پورائي ۽ چوڪيداريءَ لاءِ ايشيائي ساحلن تي ڪجهه علائقا سندس حامي قوتن وٽ موجود رهن.
    ان مقصد لاءِ پاڪستان اندر آمريڪا بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلن تي پنهنجي حامي طاقتن جي موجودگي چاهيندو. اساما واري واقعي کانپوءِ آمريڪا هاڻي پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تي ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهو پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تي ڀاڙڻ بجاءِ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ طرف پنهنجي مفادن خاطر بلوچستان ۾ علحيدگيءَ جي هلچل جي سڌي/اڻ سڌي حمايت ڪندو ته ٻئي طرف اهڙو ماحول ٺاهيندو، جيئن سنڌ جي ساحلي پٽي سندس وفادار سياسي طاقتن جي قبضي هيٺ رهي، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ان جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ پ پ جي اعليٰ قيادت تي زور وجهي ٺٽي ۾ ‘ذوالفقار آباد’ رٿا جو اعلان ڪرائي چين کي آڻي آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ گهري ٿي، ته موٽ ۾ پ پ جي اعليٰ قيادت اولهه ۽ آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙي قانون سازي ڪرائي ٿي، جنهن سان ڪراچي، آمريڪا ۽ اولهه جي حامي قوتن جي ڪنٽرول ۾ رهي. ٻئي ڌريون پاڪستاني ساحل تي پنهنجي مفادن جي جنگ ۾ سنڌ کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنائڻ لاءِ آتيون آهن ۽ سنڌي عوام جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ڪم پيپلز پارٽيءَ کان ڪرائي رهيا آهن.
    ان پسمنظر ۾ سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کي صوبي کان جاگرافيائي طور الڳ ڪرڻ يا سنڌ جو نالي ماتر حصو رکي عملي طور بنهه خودمختيار بنائي خاص طاقتن جي حوالي ڪرڻ واري هر ڪوشش بين الاقوامي سياست ۽ عسڪري توڙي معاشي مفادن جي ٽڪراءُ سان سلهاڙيل آهي. مڪاني ادارن واري هن بل پٺيان پ پ قيادت جي ايڏي شديد تڪڙ به ان پريشر جو حصو آهي، جيڪو “مٿان کان به مٿان” آيل حڪمن جي نتيجي ۾ پيدا ٿي رهيو آهي. آمريڪا اندر چونڊن جي مهم شروع آهي ۽ پاڪستان اندر چونڊون ايندڙ سال ڪرڻ کان اڳ ٻن ٽن مهينن اندر نگران حڪومت قائم ٿيڻي آهي، تنهنڪري حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان انتهائي اهم ۽ سنجيده فيصلا ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين وٽ وقت جي گهٽتائي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽن سالن کان نه نبيريل اختلاف ٽن ڏينهن ۾ نبيرجي ويا ۽ ايڏو وڏو تڪراري بل بنا ڪنهن ڪميٽيءَ ڏانهن موڪلڻ يا سنڌ جي عوام اڳيان پڌرو ڪرڻ جي پنجن منٽن ۾ منظور ڪرايو ويو. جيڪڏهن مسرور جتوئيءَ وارو پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ سال کان ڪميٽيءَ جي سرد خاني ۾ پيل آهي ته پوءِ آخر هيڏو اهم بل بحث هيٺ ڇو نه آندو ويو؟ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سنڌ جي ماڻهن کي ان سوال جو ڪو جواب ته ڏئي! ٺيڪن، نوڪرين ۽ بدلين جي سياست سان سنڌ جي انتظامي بربادي ڪرڻ وارو عمل ته شايد سنڌ جا ماڻهو بخش ڪري ڇڏين ها، پر سنڌ جي ورهاڱي جا عملي طور بنياد رکڻ ۽ ڪراچيءَ کي انتظامي طور پنهنجي اتحادين حوالي ڪرڻ وارو عمل ايترو سولائيءَ سان سنڌ واسي وساري نه سگهندا.
    جيئن ته هن قانون سازيءَ پٺيان علائقائي ۽ بين الاقوامي سياست ۽ مفاد موجود آهن، تنهنڪري ان بابت جدوجهد کي به ايترو ئي سنجيدگيءَ سان هلائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون ۽ اسيمبليءَ اندر موجود فنڪشنل ليگ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي يا وري نواز ليگ ان قانون خلاف جدوجهد ڪري رهيون آهن، انهن لاءِ ضروري آهي ته ان بابت ڇڙ وڇڙ احتجاج جا سڏ ڏيڻ يا ٻه چار هزار ماڻهن جا ننڍا مظاهرا ڪرائڻ بجاءِ هڪ پليٽ فارم تان گڏيل حڪمت عمليءَ سان هن جدوجهد کي اڳتي وڌائين. هن قانون سازيءَ پٺيان جيڏيون وڏيون قوتون متحرڪ آهن، انهن کي اڪيلي سر ڪابه ڌر منهن نه ڏئي سگهندي، ڀلي اها ڪيتري به سگهاري ڇو نه هجي. سنڌ بچايو ڪاميٽي هن وقت هڪ اهڙو اثرائتو پليٽ فارم ٿي اڀريو آهي. جنهن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن فورم هيٺ هر سياسي مڪتبهءِ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌر لاءِ جڳهه موجود آهي ۽ ان لاءِ هرو ڀرو قومپرست ڌر هجڻ به لازمي ناهي. منهنجي خيال ۾ سواءِ انهن ڌرين ۽ فردن جي، جن ماضيءَ ۾ ساڳي قسم جي بلدياتي نظام کي ٺاهيو يا سنڌ ۾ رائج ڪيو، باقي هر ڌر لاءِ دروازا کليل هجڻ گهرجن. جن ڌرين ۽ فردن ان قانون کي مشرف جي دور ۾ لاڳو ڪرايو يا ان جو حصو رهيا، تن کي سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ سنڌ واسين کان ان عمل جي غير مشروط معذرت ڪري آئيندي لاءِ اهڙي عمل ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو وچن ڪري، هن جدوجهد ۾ ايمانداراڻو حصو وٺي، پنهنجي غلطين جو ازالو ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ايڏي وڏي آزمائش جي گهڙيءَ ۾ جدوجهد جي مکيه ڌارا کان الڳ ٿي مظاهرا، جلسا ۽ بک هڙتالون ڪرڻ سان سنڌ مخالف طاقتن جا هٿ مضبوط ٿيندا. تنهنڪري باهمي اختلافن کي هڪ پاسي رکندي هن اهم معاملي تي هڪ پليٽ فارم تان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سواءِ منظم جدوجهد ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ جي سنڌ جي وحدت خلاف ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي طاقتن کي منهن نه ڏئي سگهبو. جيڪڏهن سنڌ واسي پنهنجي ڀرپور سياسي سگهه جو مظاهرو ڪري ڪجهه هفتن اندر هن قانون کي واپس نه ڪرائي سگهيا ته پوءِ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بچائڻ سکڻي خواهش ئي رهجي ويندي ۽ پوءِ سنڌ مخالف طاقتن جي اسٽور روم ۾ رکيل باقي فيصلا به هڪ هڪ ٿي عمل هيٺ اچڻ لڳندا. خطي اندر پنهنجي معاشي ۽ عسڪري مفادن جي جنگ ۾ سنڌ کي تجربيگاهه بنائيندڙ ڌريون بدقسمتيءَ سان ڪنهن به سياسي انصاف يا قومي ۽ تاريخي حقن جو احترام ڪرڻ بجاءِ رڳو “طاقت” کي ئي پيمانو سمجهن ٿيون. سندن خيال ۾ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي سندن مفادن جي تحفظ لاءِ انهن ڌرين جي ڳالهه مڃڻ گهرجي، جن وٽ “طاقت” موجود هجي، پوءِ ڀلي ڇو نه اها طاقت هٿيار جي ئي هجي. سنڌ واسي جيئن ته پنهنجي مزاج ۾ عدم تشدد جا حامي آهن، تنهنڪري کين پنهنجي مخالفن جيان تشدد واري طاقت جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ عوامي ٻڌي ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ جي طاقت تي ئي ڀاڙڻو پوندو. اها ڳالهه واضح آهي ته عوامي اتحاد جي طاقت هر ٻي طاقت کان سگهاري آهي. وقت اچي ويو آهي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ هر ڌر ۽ فرد پنهنجي سمورن لاڳاپن ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي عوامي اتحاد ۽ طاقت جي هن جدوجهد جو حصو بنجي سول سوسائٽي، ليکڪ، صحافي، وڪيل، شاگرد، سياسي ورڪر هن موقعي تي هڪ شاندار عوامي مزاحمت جو حصو بنجن ته جيئن سنڌ جي وجود ۽ سڃاڻپ کي درپيش هن خطرناڪ سازش کي ناڪام بنائي سگهجي.
    صاف ظاهر آهي ته مڪاني ادارن وارو هي قانون سنڌ واسين لاءِ هي ٽيسٽ ڪيس آهي. جيڪڏهن سنڌ واسي منظم سياسي جدوجهد سان هن قانون جو رستو نه روڪي سگهيا ته پوءِ سنڌ بابت وڏا فيصلا ڪرڻ تي سنڀريل ڌريون ان کان به اڳتي وڌي وڌيڪ اگرا فيصلا ڪرڻ ڏانهن وک وڌائينديون. هن خطي جي سُٽ جهڙي منجهيل سياسي ۽ عسڪري راند ۾ سنڌ پنهنجو وجود ڪيئن سلامت رکي سگهندي ۽ سنڌي بحيثيت قوم پنهنجي بقا کي ڪيئن يقيني بنائي سگهندا، ان جو تعين ايندڙ ڪجهه هفتن دوران سنڌي عوام جي سياسي رد عمل سان ٿيندو. ڇڙوڇڙ مظاهرا، ضلعي سطح جون هڙتالون، سول سوسائٽي جي ٽيڪسٽ ميسجز ۽ فيس بوڪ تي رد عمل کان قصو گهڻو اڳتي نڪري چُڪو آهي. پنج ڏهاڪا اڳ اڄ کان گهڻو پٺتي پيل سنڌي، سماج ون “يونٽ” جي ڳٽ کي ٽوڙيو هو ته اڄوڪي ايڪهين صديءَ جي سنڌ ۾ زوريءَ ٿاڦيل هن قانون کي ريورس ڪرائڻ جيتري سگهه يقينن موجود آهي. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل جدوجهد ئي گڏيل سنڌ کي سلامت رکڻ جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.

    (روزاني ڪاوش اربع، 31 آڪٽوبر 2012ع)
    *


    8. اتحاد اقتدار لاءِ نه پر سنڌ لاءِ ٿيڻ گهرجي

    سنڌ ۾ قومپرست پارٽين پاران پير پاڳاري ۽ مذهبي ڌرين سان اتحاد بابت سڄاڻ حلقن ۾ خيالن جي ڏي - وٺ هلندڙ آهي. ڪجهه ڌرين جو موقف آهي ته سنڌ جي قومپرستن کي انهن ڌرين سان ٺاهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسٽيبلشمينٽ سان اتحادي هجڻ جي تاريخ رکن ٿيون، ۽ سندن جوڙ جڪ وڏيرڪي طبقي واري آهي. ساڳي طرح سنڌ اندر وڌندڙ مذهبي انتها پسنديءَ کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح هٿي ڏيندڙ ڌرين کان به پاسيرو رهڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ جي قومپرست سياست تاريخي طور سيڪيولر ۽ ترقي پسند رهي آهي ۽ ان هميشه مذهبي فرقيوار ٿورائين خلاف ٿيندڙ جنوني ڪارواين جي مخالفت ڪئي آهي. هڪ ٻيو نقطئه نظر اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۽ سندس اتحادين پنهنجي اقتدار جي آخري سال دوران سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ قدرتي وسيلن جي نيلاميءَ جا اهڙا ته ڀوائتا قدم کنيا آهن، جن جو اڪيلي سر قومپرست پارٽيون مقابلو نه ڪري سگهنديون، تنهن ڪري حڪمت عمليءَ طور کين انهن ڌرين سان محدود سوالن تي اتحاد ڪرڻ گهرجي، جن جي گڏيل سگهه سان سنڌ جي بنيادي قومي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. انهن ٻنهي راين ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن آهي ۽ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي مڪمل طور رد يا قبول نه ٿو ڪري سگهجي.
    اها مونجهاري واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو مکيه ڪارڻ پيپلز پارٽيءَ طرفان سنڌ ۾ ٻِٽو مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ هو. ان کان اڳ پ پ حڪومت ذوالفقار آباد ٺاهڻ جو اعلان به ڪري چڪي هئي ۽ تازو وري سنڌ جا ٻه ٻيٽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي حوالي ڪرڻ جو به اگرو فيصلو ڪيو ويو. اهي معاملا رواجي ڪرپشن، بدعنواني، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ترقياتي فنڊ هڙپ ڪرڻ وارن معاملن جي ڀيٽ ۾ نهايت سنگين ۽ ڇرڪائيندڙ هئا. سنڌي قوم انهن معاملن تي هڪ اجتماعي ڳڻتيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. ان صورتحال ۾ هميشه جيان هر محب وطن سنڌيءَ سنڌ جي قومپرستن ڏانهن ٿي نهاريو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قومپرست جماعتن پنهنجي وس ۽ وت آهر انهن معاملن تي عوام کي متحرڪ ڪيو ۽ عوامي مزاحمت جي لهر کي اڀاريو، پر وسيلن جي اڻاٺ ۽ سنڌ بچايو اتحاد توڙي سپنا ۾ شامل ڌرين ۾ ايڪي جي کوٽ سبب اها مزاحمت ايتري شدت اختيار نه ڪري سگهي، جيتري سنڌ واسين کي ضرورت هئي. ان وقت جڏهن پير پاڳاري، قومپرست پارٽين ۽ ٻين وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين کي گڏائي حيدرآباد ۾ عوامي طاقت جو سگهارو مظاهرو ڪيو ته لازمي طور سنڌ جي ماڻهن ان تحريڪ جي قيادت طور کيس قبول ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته ان جلسي کان اڳ پيپلز پارٽيءَ کي اهو اطمينان ٿي ويو هو ته هو سنڌ جي مفادن کي جڏهن چاهين، چوواٽي تي هوڪو هڻي وڪڻي سگهن ٿا ۽ سندن رستو روڪڻ وارو ڪير به ناهي. کين قومپرست ڌرين جي مزاحمت جو اندازو ضرور هئو پر شايد ان جو ايترو فڪر نه هئو، جيترو فنڪشنل ليگ جي حيدرآباد واري جلسي کان پوءِ ٿيو. ان جلسي جي نتيجي ۾ ٻِٽي نظام خلاف تحريڪ ۾ نئين جان آئي ۽ اڳتي هلي پيپلز پارٽيءَ کي اهو قانون واپس وٺڻو پيو. قومپرست ڌريون ان تحريڪ کي ساڳي سگهه ڇو نه ڏيئي سگهيون، ان جا مختلف ڪارڻ آهن پر هڪ مکيه سبب سندن اندروني وڇوٽيون هيون، جن جي ڪري سندن گڏيل قيادت ڏانهن واجهائيندڙ عام ماڻهو مايوس ٿيا. ساڳي طرح اهي قومپرست ڌريون جيڪي هڪ ٻئي سان ڪجهه اختلاف رکڻ جي باوجود ان ڳالهه ۾ سنجيده هيون ته ڪهڙي طرح به ٻِٽي نظام کي عوامي مزاحمت وسيلي روڪجي، انهن به پير پاڳاري جي سياسي سگهه سان سلهاڙجڻ کي وقت جي ضرورت محسوس ڪيو ۽ الڳ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ ان جدوجهد کي وسيع تر پليٽ فارم تان جاري رکڻ کي ضروري سمجهيو. ظاهر آهي ته جڏهن معاملا ايترا منجهيل ۽ نازڪ هجن ته قومي مفاد هر ٻئي سوال کان وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري اها سڄي صورتحال درحقيقت پيپلز پارٽيءَ جي هوڏ ۽ سياسي اياڻپ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي. جيئن ته پير پاڳاري ۽ فنڪشنل ليگ جا سياسي مفاد، سنڌ جي گڏيل مفادن سان ٺهڪندڙ هئا، تنهن ڪري سنڌ جي قومپرستن ۽ علمي ادبي ڌرين وٽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي ته اهي ان جدوجهد جو حصو ٿين. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته فنڪشنل ليگ جو ماضي روايتي اسٽيبلشمينٽ واري سياست جو رهيو آهي، تنهن هوندي به هاڻوڪي پير پاڳاري جو سياسي انداز پنهنجي والد کان هينئر تائين ڪنهن قدر مختلف رهيو آهي. ان کان اڳ فنڪشنل ليگ ڪڏهن به پنهنجي سياسي جدوجهد جو محور سنڌ جي مفادن کي نه بنايو هو. اهو به ممڪن آهي ته خود موجوده ماحول ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نواز شريف لاءِ به اها مجبوري بنجي ته اهي سنڌ جي سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انهن سوالن تي سياست ڪن. جيڪڏهن ان مفروضي کي درست سمجهجي، تڏهن به سندن آجيان ڪرڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي، ڇو ته سندن مفاد وقت جي جبر هيٺ انهن سوالن سان سلهاڙجي ويا آهن، جن سان سنڌ جا قومي مفاد سلهاڙيل آهن. معاملا ايستائين به شايد ايترو سنگين ناهن پر سڀ کان حساس سوال مستقبل جي روين جو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ جي ويساهه گهاتين جو تلخ تجربو آهي ۽ سندن حال اهو آهي جو نانگ کان ڏنگجڻ کانپوءِ اهي نوڙيءَ کان به ڊڄڻ لڳا آهن. فنڪشنل ليگ هينئر تائين جن اهم معاملن تي سنڌ واسين کي متحرڪ ڪيو آهي، اهي آهن ٻِٽو مڪاني نظام، ذوالفقار آباد ۽ ٻيٽن جي وڪري جي مخالفت. سنڌ واسين کي ياد آهي ته ٻِٽي مڪاني نظام جا بنياد ارباب رحيم جي دور ۾ پيا هئا ۽ سنڌ جا ٻيٽ به گذريل ڀيرو تڏهن وڪرو ڪيا ويا هئا. انهن ٻنهي موقعن تي پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ کان به سرس قومپرستيءَ جو مظاهرو ڪيو هو. سنڌ واسين کي تجربو آهي ته سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ مخالف ڌر جي وڏي ۾ وڏي قومپرست پارٽي پيپلز پارٽي هوندي آهي پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اها سنڌ جي مفادن کي هاڃو پهچائڻ ۾ اڳين حڪومتن کان به گوءِ کڻي ويندي آهي. ساڳي طرح مخالف ڌر واري وقت ۾ پيپلز پارٽي به قومپرست ڌرين کي ائين ئي مان ڏيندي هئي، جيئن اڄ فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ ڏئي رهيون آهن. وفاقي سياست ڪندڙ سمورين ڌرين کي چڱي ريت خبر آهي ته سنڌ ۾ ووٽ ڀلي هو کڻندا هجن پر سنڌ جي مفادن جي حوالي سان عوامي نبض تي قومپرستن کان وڌيڪ ڪنهن جو به ڪنٽرول ناهي، تنهنڪري اقتدار کان ٻاهر رهندڙ ڌريون قومپرستن کي ويجهو رهنديون آهن. نتيجو اهو نڪري ٿو ته چند ڏهاڪن کان جيل ۽ روپوشيون ڪاٽيندڙ وچولي طبقي جي وطن دوست ورڪرن تي ٻڌل قومپرست ڌريون سنڌ جي ڀلي خاطر هميشه پنهنجو ڏهاڪن جو پورهيو ڪنهن وفاقي سياست ڪندڙ ڌر جي جهولي ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. ان جي پٺيان به سندن مقصد سنڌ جي قومي مفادن کي بچائڻ هوندو آهي، پر سندن ان ايمانداريءَ ۽ سادگيءَ کي هميشه وفاقي سياست ڪندڙ ڌريون نهايت چالاڪيءَ سان استعمال ڪنديون آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو وفاقي سياست ڪندڙ ڌريون واري واري سان ايوانن ۾ اينديون آهن ۽ قومپرست ڌريون سدائين ميدان ۾ جلسا ڪرڻ ۽ پريس ڪلبن ۾ پريس ڪانفرنس ۽ بک هڙتال ڪندي پنهنجي وس ۽ وت آهر سنڌ جي اجتماعي مفادن جي جدوجهد جو سفر جاري رکنديون آهن. ان پسمنظر ۾ اهم سوال اهو آهي ته اڄ سنڌ جي قومي مفادن تي کين ساڻ کڻي هلندڙ ڌريون جڏهن اقتدار يا ان جو رڳو آسرو ڏينديون ته پوءِ سندن رويو ڇا هوندو؟ ڇا فنڪشنل ليگ ۽ نواز ليگ سڀاڻي اقتدار ملڻ يا ان جي ويجهو اچڻ جي صورت ۾ به قومپرست ڌرين يا سنڌ جي مفادن واري سوال کي گڏ کڻي هلنديون يا پيپلز پارٽيءَ وانگر کين پٺيءَ ڀر اڇلائي انهن ساڳين ڌرين جا مطالبا ۽ فرمائشون پوريون ڪرڻ ۾ جنبي وينديون، جن کي هر حڪومت جو حصو بنجي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي گهري مشق ٿيل آهي؟ اهو به ممڪن آهي ته ائين نه ٿئي ۽ اهي خدشا غلط ثابت ٿين، پر اقتداري سياست ۾ مصلحتون، مجبوريون ۽ مفاد اڪثر ڪري قدرن ۽ نظرين کان مٿانهان ٿي ويندا آهن. ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت پيپلز پارٽي آهي. ساڳئي وقت جتي قومپرست پارٽين کي مٿيان خدشا ذهن ۾ رکي پنهنجي جدوجهد کي ترتيب ڏيڻ گهرجي، ساڳئي وقت عام سنڌ واسين کي اهو امڪان به رد نه ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي قومپرست ڌرين مان به ڪا ڌر روايتي سياست جي ور چڙهي وڃي ۽ سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏيئي بيهي رهي. اقتداري سياست ڪا خراب شئي ناهي، پر ان پاڪستان جهڙي ڪمزور جمهوري روين واري جاگيرداراڻي سماج ۾ اقتداري سياست ۾ اڪثر ڪري قومن جا اجتماعي مفاد عارضي اقتداري مصلحتن جي اڏيءَ تي قربان ٿي ويندا آهن. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، ان تي سنڌين جي حق حاڪميت، بهتر حڪمراني ۽ سنڌ واسين جي گڏيل قومي حقن لاءِ پتوڙيندڙ سنڌ واسي اقتداري سياست جي خواهش به اقتدار لاءِ نه پر ان طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن سان سنڌ جي مفادن جو بچاءُ ٿي سگهي. اهڙو اقتدار، جيڪو سنڌ جي گڏيل مفادن جو تحفظ نه ڪري سگهي، اهو ڪنهن کي به ملي، ان مان سنڌ کي ڪجهه هڙ حاصل ناهي ٿيڻو.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان صورتحال ۾ قومپرست ڌرين يا سنڌ جي محب وطن فردن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ منهنجي راءِ ۾ قومپرست ڌرين جو چونڊن بابت اتحاد واضح نقطن تي هجڻ گهرجي ۽ کين هر ڌر سان واضح طور طئي ڪرڻ گهرجي ته سندن اتحاد جا بنياد ڪهڙا آهن. جيڪڏهن قومپرست ڌرين چونڊ اتحاد کي ڪن خاص نقطن سان مشروط نه ڪيو ته عملي طور سندن اتحاد ۾ شموليت رڳو اقتدار جي ڊوڙ جو حصو بنجڻ تائين محدود رهجي ويندي. جيڪڏهن اتحاد جا بنياد طئي ٿيل هوندا ۽ سنڌ واسين جي ڄاڻ ۾ هوندا ته پوءِ سڀاڻي اقتدار جو حصو ٿيڻ جي صورت ۾ ان اتحاد جي جاري رکڻ يا نه رکڻ جا بنياد به واضح هوندا. جيڪڏهن سڀاڻي ڪنهن طرح قومپرست ڌريون ان اتحاد جو حصو هجڻ سبب اقتدار جو به حصو بنجن ٿيون ته پوءِ سنڌ واسين وٽ کانئن سوال جواب ڪرڻ جا بنياد به چٽا هوندا. سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي اها ڳڻتي آهي ته اهو اتحاد رڳو سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ گڏيل چونڊ مهم تائين محدود آهي يا ان جو بنياد سنڌ واسين جا گڏيل مفاد آهن. ان اتحاد ۾ شامل تنظيمون هونءَ ته هڪ ٻئي کان نظرياتي بنيادن تي اوڀر- اولهه جو فرق رکن ٿيون پر سنڌ جي بنيادي مفادن واري سوال تي سنڌي ماڻهو اهڙي اتحاد کي قبولڻ لاءِ تيار آهن. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌ جي قدرتي وسيلن تي سنڌ جي اوليتي حق، دهشتگرديءَ جي انت، سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين لاءِ تعليم ۽ روزگار جا بند ڪيل دروازا کولڻ، ٻهراڙين کي سفارشي نوڪرين، ٺيڪن ۽ ڪرپشن وارين رٿائن بدران صحيح معنى ۾ معاشي ترقيءَ جو ڍانچو فراهم ڪرڻ جهڙا نقطا ان اتحاد جو بنياد بنجي سگهن ٿا. سنڌ کي معياري تعليم ڏيڻ، ميرٽ کي مان ڏيڻ وغيره جهڙا نقطا ان اتحاد جو بنياد بنجي سگهن ٿا.
    جيڪڏهن ان اتحاد جو حصو بنجندڙ قومپرست ڌريون ان قسم جي چٽي پاليسيءَ سان اتحاد جو حصو بنجن ۽ سڀاڻي جيڪڏهن انهن تي عمل نه ٿئي ته اقتدار ۾ هجڻ يا نه هجڻ، ٻنهي صورتن ۾ اهڙي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جي اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪن ته سنڌ اندر پارلياماني سياست ۾ سندن ڪردار برقرار رهي سگهي ٿو. اهو ضروري ناهي ته هي اتحاد ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار جو حصو به بنجي. اهو به ممڪن آهي ته اهو چونڊ اتحاد ڪجهه سيٽون کٽي وڃڻ جي باوجود اقتدار جو حصو نه به ٿي سگهي. ان صورتحال ۾ به سنڌ بابت ٿيندڙ سياست جي لاءِ پڇاڻي جا بنياد موجود هوندا. هن وقت سموريون ڌريون پنهنجا پنهنجا چونڊ منشور پڌرا ڪري رهيون آهن ۽ قومپرست ڌرين کي رڳو هڪ اضافي ڪم ڪرڻ گهرجي ته اهي پنهنجي الڳ تنظيمي منشورن سان گڏ چونڊ اتحاد جا بنيادي نقطا به طئي ڪري سنڌ واسين اڳيان پڌرا ڪن.
    سنڌ واسين کي گهرجي ته اهي پنهنجي سياسي لاڳاپن کي نج سنڌ جي مفادن سان ڳنڍين. جيڪڏهن هڪ عقيدت ۽ سياسي پوئلڳيءَ کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن ٻي سياسي عقيدت جي ور چڙهي وياسين ته پوءِ سنڌ جي مفادن جي مالڪي نه ٿي سگهندي. ان صورتحال مان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو آهي بنا رک رکاءَ جي پڇاڻو ڪرڻ. سنڌ واسين بنا پڇاڻي، اکيون ٻوٽي عقيدت ۾ چاليهه سالن جي جذباتي لاڳاپن جو نتيجو ڏسي ورتو آهي. درحقيقت خرابي پيپلز پارٽيءَ جي گهٽ ۽ پڇاڻي جي اڻ هوند جي ڪري وڌيڪ ٿي آهي. جيڪڏهن سنڌ واسي ووٽ جي ميرٽ کي طئي ڪري وٺن ته پوءِ ساڻن ويساهه گهاتي ڪنهن کي به نه ڦٻندي. سياسي پارٽين جا منشور ڀلي ڪهڙا به هجن پر سنڌ واسين جو منشور هڪ ئي هجڻ گهرجي، يعني سنڌ جي مفادن بابت پڇاڻو. پارٽيون ۽ شخصيتون ضرور احترام لائق آهن پر سنڌ ۽ ان جا گڏيل مفاد پارٽين ۽ شخصيتن کان هزار ڀيرا وڌيڪ احترام لهڻن.

    (روزاني ڪاوش 28 مارچ 2013ع)
    *


    9. لنڊن جي گهٽين ۾ پلجندڙ انتهاپسندي!

    يورپ جي خوبصورت ترين شهرن ۾ ڳڻجندڙ شهر لنڊن ۾ گذريل هڪ هفتو جتي ڪيترن ئي پراڻن دوستن سان يادون تازيون ڪرڻ جو موقعو مليو هئو ته ساڳي وقت برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني مسلمانن جي زندگين جا نوان رخ ڄاڻڻ جو به موقعو هو. هن کان اڳ لنڊن جو اهڙو روپ منهنجي نظر مان نه گذريو هو. ان جو هڪ ڪارڻ هن ڀيري لنڊن جي اوڀرندي علائقي ۾ رهڻ هئو، جتي پاڪستان مان لڏي اچي رهندڙن ۽ اتي جي شهريت ماڻيندڙن جو وڏو انگ ترسيل آهي. اتي پهچڻ جي ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن ئي لنڊن جون اخبارون وٺي اسٽال مان ٻاهر نڪتس ته سامهون نظر ايندڙ ڏيک دنگ ڪندڙ هو. هزار کن جي لڳ ڀڳ ٻار ۽ وڏا قطار ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ۽ انهن جي لباس مان صاف نظر اچي رهيو هو ته اهي ڪنهن مدرسي مان نڪتا هئا. ڇوڪريون مٿي کان هيٺ تائين ڍڪيل ۽ ڇوڪرن جي مٿي تي اڇيون ٽوپيون پهريل هيون. اهڙا منظر ته پاڪستان جي شهرن ۾ به ايترا عام ناهن. ڳالهه رڳو مذهب سان لڳاءَ يا ان جي رسمن جي پورائي جي هجي ته خير آهي، پر برطانيه ۾ تيزي سان پکڙجندڙ انتهاپسندي ڪجهه هنڌن تي مسلمانن اندر شيعا-سني ڇڪتاڻ، لنڊن، بريڊ، فورڊ، مانجسٽر ۽ ٻين شهرن جي مسلمان آبادين ۾ کنڀين جيان ڦٽندڙ مدرسن ۽ ڪجهه علائقن ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي کليل اظهار جا حوالا ٻڌي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته هي يورپ جو شهر لنڊن آهي.
    ڳچ عرصي کان رهندڙ ڪشميري ۽ پنجابي آبادين ۾ وڃي اوهان کي لڳندو ته اوهان پنجاب جي ٻهراڙي ۾ پهچي ويا آهيو. انهن علائقن ۾ ورهين کان رهندڙ عورتون اڄ به پنجابي کان سواءِ ٻي ٻويل نه ٿيون ڳالهائي سگهن. انگريزي ته ٺهيو اردو به سکڻ جي ضرورت کين محسوس نه ٿي آهي. انهن پاڪستانين جي گهرن ۾ ٽيهه، چاليهه سال اڳ وارو پاڪستان، گليشئر جي برف جيان ڄميل آهي. روايتن ۽ مذهبي لاڙن جي نتيجي ۾ اهو نسل برطانيه جي شهري هجڻ جي باوجود اتي جي سماج کان صديون پٺيرو آهي. انهن آبادين جون عورتون اڄوڪي پاڪستان جي عورتن کان ٻه ڏهاڪا پٺتي آهن. ڪجهه هنڌن تي انهن عورتون کي بازار مان سودو خريد ڪرڻ جيتري به اجازت ناهي. منگلا ڊيم جي اڏاوت وقت لنڊن لڏي آيل هزارين ڪمشيري ڪٽنب هاڻي هتي جا باقاعده شهري آهن ۽ کين لنڊن جي انگريزن جيترا ئي شهري حق حاصل آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته انگريزي سرڪار جي سوشل سيڪيورٽي ۽ ٻين سهولتن مان سمورا فائدا حاصل ڪرڻ جي باوجود ڪيترا ئي اڄ به ان کي ڪافرن جو ملڪ سمجهن ٿا ۽ اتي اسلام جو پرچار پنهنجو ديني فرض سمجهن ٿا. لنڊن کان ٻاهر ليوٽن جي ننڍڙي وسندي ۾ جمعي جي ڏينهن هر پاسي کان مسجدن مان نڪرندڙ سوين نمازين کي ڏسي مون کي هڪ گهڙي لاءِ خيال آيو ته اهو ڪافرن جون ملڪ ئي آهي جتي 15 لک کان وڌيڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي مذهب جي پيروي ۽ پرچار جي اجازت آهي، پر ڇا اهي ساڳيا مسلمان لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ عيسائين، احمدين ۽ هندن کي به ساڳيا مذهبي حق ڏيڻ لاءِ تيار آهن؟ وڌيڪ نه رڳو اهي حق جيڪي مذهبي اقليتن کي ڏيڻ جو واعدو قائداعظم محمد علي جناح ڪيو هو. غير مذهبن کي ته ڇڏيو هاڻي ته ملڪ ۾ غير فرقي واري مسلمانن جو جيئڻ عذاب ٿي ويو آهي. سمورن بنيادي انساني حقن جو اهڙو انڪار اسلام جي نالي ۾ ئي ڪيو وڃي ٿو.
    لنڊن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چونڊيل پاڪستاني ڪائونسلرن، ميئرن ۽ لارڊز سان جيڪي ڪچهريون ٿيون، انهن سڀني کي ساڳي ڳڻتي هئي ته لنڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني اتي جا شهري هجڻ جي باوجود اتي جي سماج سان سلهاڙجڻ لاءِ تيار نه آهن، ڏهه پندرهن سال اڳ پاڪستانين جو حال گهڻو بهتر هو. مقامي اسڪولن ۾ سندن ٻار بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندا هئا. نوجوان ڪرائيم جوا يترو حصو نه هئا، پروفيشنلز جو مان هئو، پر هاڻي اسڪولن ۾ پاڪستاني ٻارن کان بنگلاديش جا ٻار به گوءِ کڻي رهيا آهن. پاڪستاني آبادين جي سرڪاري اسڪولن جو حال خراب ٿي رهيو آهي، مدرسن جي غير رسمي تعليم وارا ادارا سرڪار جي مانيٽرنگ واري نظام کي به ڪوڙا سچا دستاويز فراهم ڪري کنڊ ۾ ڌوڙ وجهن ٿا ۽ هزارين ٻار اتي غير معياري ۽ غير سائنسي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    پاڪستاني نوجوان وڏي انگ ۾ جيلن ۾ بند آهن ۽ هر طرح جي ڏوهن ۾ ملوث ٿي رهيا آهن. جن ڏينهن ۾ آءٌ اتي رهيل هئس ته پنجن پاڪستانين کي گهٽ عمر وارين ڇوڪرين کي استعمال ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون آيو ۽ برطانوي ميڊيا ۾ هر پاسي اها خبر بحث هيٺ هئي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي هڪ عملدار البته ان تي ارهائي ڏيکاريندي چيو ته ٻين ملڪن جا ماڻهو ڪرائيم ۾ جهلجن ٿا ته ميڊيا اتي خبر ڏيندي آهي ته هڪ ايشيائي رهواسي فلاڻو غلط ڪم ڪيو، پر پاڪستاني ملوث هوندو ته سڌو سنئون ملڪ جو نالو کڻن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اتي پاڪستان جو اميج ڪهڙو آهي. هڪ طرف بين الاقوامي سطح تي ملڪ جي مجموعي طور ناڪاري بڻيل تاثر جو اثر آ هي ته ٻئي طرف برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا اعمال به ان جو ڪارڻ آهن. اها وٿي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان کي ڀرڻ لاءِ نه برطانيه سرڪار يا سول سوسائٽي طرفان ڪا اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ نه وري پاڪستاني شهرين ۾ ڪي اهڙيون نمائنده شخصيتون آهن، جيڪي ڪا با معنيٰ اڳڀرائي ڪري سگهن.
    برطانيه ۾ رهندڙ ڪيترائي پاڪستاني تمام گهڻا شاهوڪار آهن. لکين برطانوي شهري ڏينهن رات جي پورهئي کان پوءِ بس گذاري لائق زندگي جا ڏينهن گهارين ٿا. اتي ڪيترائي پاڪستاني ڪروڙ پتي آهن. پر بدقسمتي سان اهي ملڪي سطح تي ڪي اهڙا ادارا نه ٿا ٺاهن. جيڪي سندن بهتر سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿين، اها الڳ ڳالهه آهي ته هڪ پاڪستانيءَ اوڀر لنڊن جي هڪ علائقي ۾ ٺهندڙ مسجد لاءِ ڏيڍ لک پائونڊن جو چندو ڏنو آهي. اهڙو ملڪ جتي نوڪري ڪندڙ ماڻهن لاءِ مهيني تي ٽي هزار پائونڊ پگهار حاصل ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي، اتي ڏيڍ لک پائونڊ جو چندو ڪيڏي وڏي رقم آهي، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.
    گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران آباد ٿيندر پاڪستانين کي نئين نسل جي نوجوانن بابت سخت پريشاني آهي. هڪڙا اهي مائٽ آهن جيڪي يورپ جي کليل سماجي ماحول سبب نوجوانن جي اخلاقي معاملن بابت پريشان آهن. ٽين ڳڻتي آهي ته گهرن اندر ته هو پاڪستاني سماج قائم رکي سگهن ٿا پر اتي پيدا ٿي وڏي ٿيل نوجوانن کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ واري ماحول کي ڪيئن بچائن. سوَن جي انگ ۾ نوجوان ڇوڪرين کي زوري يا ڪنهن بهاني سان پاڪستان موڪلي سندن شاديون هتي ڪرايون وڃن ٿيون. برطانوي هاءِ ڪميشن جي هڪ سينيئر عملدار مون کي ٻڌايو ته برطانيه حڪومت لاءِ اها ڳالهه وڏي ڳڻتي جو ڪارڻ آهي ڇو ته اهي ڇوڪريون قانوني طور تي برطانوي شهري آهن ۽ برطانوي قانون موجب اها سندن بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان زوري منتقل ڪيل ۽ پرڻايل اهڙين ڇوڪرين جو هڪ وڏو انگ برطانوي حڪومت کان واهر گهرندو رهيو آهي.
    برطانوي حڪومت لاءِ پنهنجي شهرين کان لاتعلقي ممڪن ناهي. سچ ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني گهراڻن جون عورتون ڪيترن ئي حوالن سان پاڪستاني عورتن کان به بدتر حالتن ۾ آهن. جنهن کليل ۽ آزاد آسمان ۾ سندن پالنا ٿي آهي. انهن لاءِ پاڪستاني گهٽيل ۽ ٻوساٽيل سماج جيل کان به بدتر آهي.
    سڃاڻپ جي ان ٽڪراءُ واري ماحول ۾ نوجوان ڇوڪرن ۾ سخت فرسٽريشن آهي، ان جي نتيجي ۾ اهي ردعمل طور يا ته سماجي بي راهه روي جي انتها ۾ هليا وڃن ٿا يا وري مذهبي انتهاپسنديءَ جو ور چڙهي وڃن ٿا.
    مسلمان واري سڃاڻپ ۽ شهري آزادي سبب ان جي پرچار تي ڪا به رنڊڪ نه هجڻ سبب ڪيترائي نوجوان مذهبي لاڙن ۾ پناهه وٺن ٿا ۽ برطانوي حڪومت توڙي شهرين کي پنهنجو ۽ اسلام جو دشمن سمجهن ٿا. سندس والدين بي وس آهن ۽ ڪجهه به ڪرڻ کان لاچار آهن. اها انتهاپسندي هوريان هوريان پاڙون پختيون ڪري رهي آهي پاڪستاني ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ايندڙ مذهبي انتهاپسند اُن نوجوان کي آساني سان پنهنجي صفن جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا. هر گهٽي ۾ ٺهندڙ مسجدن ۽ مدرسن وسيلي مذهبي انتهاپسندي جو ڄار هر پاسي پکڙجي رهيو آهي ۽ برطانوي حڪومت بظاهر ان صورتحال کان لاتعلق بڻيل آهي، البته برطانوي قانون جي سختيءَ تي ويساهه رکندڙن جو خيال آهي ته برطانوي حڪومت هر چرپر تي مڪمل نظر رکي ٿي ۽ اها شهري آزادين جو احترام طور ڪو وڏو ايڪشن نه ٿي کڻي، پر اها ان صورتحال کان نه بي خبر آهي ۽ نه لاتعلق. جڏهن به ڪنهن مرحلي تي کين ڪنهن غلط عمل جو انديشو يا يقين ٿيو ته اهي سخت قدم کڻندي دير نه ڪندا. برطانيا جي وڏن شهرن جهڙوڪ لنڊن جي شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي ايتريون ڪئميرائون لڳل آهن جو عملي طور ڪو به شهري ٽن منٽن کان وڌيڪ ڪئمرا جي اک کان اوجهل ناهي هوندو. ايڏي ڪڙي نگراني ۽ چڪاس واري ماحول جي باوجود ماضيءَ ۾ 7/7 جهڙا وقعا ٿي چڪا آهن. جيتوڻيڪ انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن تائين برطانوي قانون جا هٿ پڄي ويا ۽ ان کانپوءِ حڪومت جي خاموش نگراني اڳ کان وڌيڪ ڪڙي آهي پر مذهبي ناتهاپسنديءَ جي لاڙن جو عام ٿيڻ برطانيه جي امن لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، جنهن جي ڳڻتي هر ڪنهن جي منهن تي پڌري هئي.

    (پندرنهن وار افيئر 30 جون 2013ع)
    *


    10. پيپلزپارٽي جي سياسي تاريخ جو تجزيو

    سنڌ جي تاريخ جو جڏهن به ڪو سياسي تجزيو ٿيندو، پيپلزپارٽي ان جو اهم حصو رهندي، هڪ اهڙي پارٽي جنهن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ عوامي سياست جو بنياد رکيو ۽ ڀٽو ڪٽنب پنهنجي متضاد شخصيتن جي باوجود لازوال قربانين سبب هڪ ديو مالائي ڪردار بڻجي عوام جي دلين تي چئن ڏهاڪن کان راڄ ڪري رهيو آهي. خود ملڪي سياست جي تاريخي تجزئي وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيپلزپارٽي کي غير معمولي لقاءَ طور سياسي حوالي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، پيپلزپارٽيءَ جو اهڙو تجزيو تاريخي حقيقت جي روشني ۾ جذبات، عقيدت ۽ تعصبن کان آجو ٿي ڪرڻ گهرجي.
    روزاني جيجل اخبار پاران شروع ڪيل هي بحث سنڌ جي سياسي تاريخي جي ڇنڊ ڇاڻ ڏانهن هڪ اهم وک آهي. پيپلزپارٽيءَ جي سياسي تجزئي لاءِ آءُ ان کي ٽن دورن ۾ ورهائڻ چاهيان ٿو. هڪ شهيد ڀٽي جو دور، ٻيو شهيد بينظير جو دور ۽ ٽيون بينظير جي شهادت کانپوءِ وارو دور پيپلزپارٽي جا اهي ٽئي دور همعصر سياست جا هڪ ٻئي کان مختلف دور. هئا ۽ پيپلزپارٽيءَ کي انهن ٽنهي دورن ۾ تڏهوڪين حقيقتن جي پسمنظر ۽ بحث هيٺ آندو ويو آهي. هونءَ ته پيپلزپارٽيءَ جو سياسي جائزو هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي ڊگري جو مستحق آهي، پر اخباري پڙهندڙن لاءِ انهن جو هڪ مختصر تجزيو هنن مضمونن ۾ ڪيو ويو آهي.

    پهريون دور: شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي:
    سٺ جي ڏهاڪي ۾ پيپلزپارٽيءَ جن حالتن ۾ جنم ورتو اها ان دور جي لحاظ کان هڪ ترقي پسند پارٽي هئي. ايوبي آمريت جا پڇاڙڪا سال مغليه سلطنت جي پڇاڙڪن سالن جيان اندروني گهوٽالي جا سال هئا ۽ حڪومتي توڙي انتظامي ڍانچو پويان پساهه کڻي رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سحر انگيز شخصيت ۽ هندستان دشمنيءَ وارين تقريرن ۽ اسٽائل سان پنجاب جي سولين ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ اندر پنهنجي لاءِ قبوليت پيدا ڪري ورتي هئي. عوامي سطح تي مقبوليت لاءِ هن اٽي، لٽي ۽ اجهي جو زبردست نعرو عام ڪيو ۽ هيٺين طبقن جي دلين کي گرمائيندڙ تقريرون ڪري سندن دلين ۾ جاءِ پيدا ڪئي. ساڳي طرح هن وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل ۽ کاٻي ڌر وٽ سوشلزم جو نعرو هڻي جاءِ پيدا ڪئي. اها ڀٽي جي شخصي ذهانت ۽ موهيندڙ شخصيت هئي، جنهن هڪ ئي وقت فوج، پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ، ملڪ جي پيڙهيل طبقن ۽ آمريتن کان بيزار وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ قبوليت حاصل ڪري ورتي، انيڪ تضادن سان ڀرپور هجڻ جي باوجود هن وٽ سڀني کي آڇڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هئو. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پيدا ٿيندي ئي سول ۽ ملٽري آمريتن جي هنج ۾ پليو هيو ۽ عوامي راءِ نالي ڪنهن به شيءَ جي احترام جو تصور ئي نه هو، اتي هن جمهوريت ۽ سوشلزم جهڙا تصور عام ڪري عوام جي اکين ۾ نوان خواب پوکيا ۽ دلين ۾ نين اميدن لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. اهو ته هئو ڀٽي جي شخصيت جو سحر انگيز ظاهري پاسو، عملي طور ڀٽو انهن سمورن نعرن ۽ پروگرامن سان ايترو سلهاڙيل نه هئو، جيترو ظاهري طور نظر ايندو هو. سندس جمهوريت پسنديءَ جو وڏو اظهار بنگالين جي ملڪي اقتدار تي جائز حق کان انڪار جي شڪل ۾ شروع ٿيو. عوامي ليگ جيڪا پيپلزپارٽي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻيون سيٽون کڻي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي پارٽي طور ڪامياب ٿي هئي ۽ ملڪي اقتدار تي ان جو جائز حق هو، ان کي روڪڻ لاءِ آرمي ۽ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ ڀٽي کي استعمال ڪيو. ڀٽو پنهنجي اقتدار جي خواهش ۽ اسٽيبلشمينٽ سان وفاداريءَ جي ڊوڙ ۾ جمهوريت جي بينادي قدرن جو انڪاري بڻيو ۽ اڄ بنگلاديش ۾ ٿيل تاريخي قتل عام جي اهم ذميوارن ۾ ڳڻجي ٿو. تاريخ جي ان تلخ حقيقت کان انڪار ڪيو اکين تي پٽيون ٻڌل ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. اڳتي هلي هن هندستان وٽ يرغمال ٿيل 90 هزار پاڪستانين کي آجو ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪو ۽ ان غلط فهميءَ جو شڪار رهيو ته پنجاب جي سولين ۽ مليٽري اسٽيبلشمينٽ سندس ايڏي وفاداريءَ جو جائز صلو ڏيندي. ڪو به ايماندار جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ اهو ڏوهه ڪرڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو ڀٽي بنگلاديش سان ڪيو.
    1972ع ۾ باقي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ هن ڪجهه قدم اهڙا کنيا، جنهن سان ڪي سگهاريون طاقتون ساڻس ارهيون ٿيون. ان ۾ وڏي پيماني تي خانگي ملڪيتن کي نيشنلائيز ڪرڻ، اسلامي بلاڪ کي اڳتي وڌائڻ ۽ زميني سڌارا شامل هئا، جيتوڻيڪ اهي قدم به اندروني ڪمزورين جو شڪار هئا، پر ان جي باوجود اهي معمولي نه هئا. اسٽيبلشمينٽ ۽ آرميءَ سان وفاداريءَ ۾ هن ٻيو گناهه وارو ڪم بلوچستان ۾ آرمي آپريشن ڪرائڻ وارو ڪيو. نعپ جون حڪومتون ٽوڙي هن جمهوريت جي بينيادي روح کان انڪار ڪيو. 73ع جو آئين جنهن کي ملڪي تاريخ جو وڏو ڪارنامو سمجهيو ٿو وڃي، ان ۾ قومن جي تاريخي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو ويو ۽ غير مسلم لاءِ صدر ٿيڻ کي حرام قرار ڏنو ويو. ساڳي طرح جڏهن مذهبي ڌريون سندس خلاف ٿيون ته هن قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ، جمعي تي عام موڪل ڪرڻ ۽ شراب تي بندش وجهي کين خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايترين سارين وفادارين ۽ خدمتن جي باوجود به مذهبي ڌرين ۽ فوج کيس گڏجي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ۽ جن 90 هزار پاڪستانين کي بنگالين جي قتل عام ۾ ملوث هجڻ جي باوجود ڀٽي هندستان کان آجو ڪرائي هر پڇاڻي کان آجو رکيو، تن مان نوي ڄڻا به ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ ٻاهر نه نڪتا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيل جي پڇاڙ ڪن ڏينهن ۾ هڪ غيرتمند سنڌيءَ طور هن آمرن آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو ۽ غير معمولي انساني جرئت جو مظاهرو ڪندي ڦاسي قبوليائين. ڀٽي جي ذات جا سمورا گناهه چار اپريل 1979ع تي ان وقت ڌوپجي ويا، جڏهن هن ذلت ڀري زندگيءَ مٿان هڪ شانائتي موت کي قبوليو. ائين پيپلزپارٽي ۽ ڀٽو ملڪ ۾ قرباني، جرئت، آمريت کان انڪار ۽ عوام لاءِ اتساهه جو استعارو بڻجي ويا. شايد ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو عظيم نه هئو، جيترو ڦاسيءَ کان پوءِ بڻجي ويو. ڀٽي جي اقتدار وارن سالن ۾ بهرحال ماضيءَ جي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هڪ مختلف سياسي ڪلچرل عام ٿيو ۽ جيڪڏهن ڀٽو پنهنجي ذهانت کي سياسي ايمانداريءَ سان سلهاڙي عوامي صفن سان ڳانڍاپو برقرار رکي سگهي ها ته شايد اڄوڪو پاڪستان گهڻو مختلف هجي ها. اسٽيبلشمينٽ کي اهو انديشو هو ته ڀٽو ڀلي سندن ڪيتريون به خدمتون ڪري پر عوام سان سندس مضبوط رشتو ڪڏهن به کيس عوام جي مفادن ڏانهن ڇڪي سگهي ٿو، جنهن سان غير جمهوري قوتن جو اقتدار تي سڌو اڻ سڌو قبضو ختم ٿي سگهي ٿو. ٻيو ته ڀٽو بهرحال هڪ سنڌي هو ۽ بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قومي حقن جي تحريڪن ۾ تيزي اچي رهي هئي. بنگلاديش وڃائڻ کانپوءِ پنجاب جي ملڪي اقتدارن تي قبضي لاءِ انهن ٻنهي صوبن جا قدرتي وسيلا اهم هئا. بندرگاهون، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ڌاتوءَ واريون معدنيات سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هيون، تنهنڪري اسٽيبلشمينٽ کي اهو خطرو هو ته ڀٽو ڪنهن وقت به سنڌ جي قومپرست سياست کي هاءِ جيڪ ڪري اسٽيبلشمينٽ سان وڙهي سگهي ٿو، ٽيون اهو ته ڀٽو بين الاقوامي سفارتڪاريءَ جو ماهر هو ۽ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي ملڪن ۾ هو آرمي اسٽيبلشمينٽ کان وڌيڪ مقبول هو. اها عالمي مقبوليت به ملڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ خطرو هئي، ڇو ته پرڏيهي پاليسيءَ ۾ هو ڀٽي تي پنهنجي مرضي سان شايد گهڻو وقت نه هلائي سگهن ها. آمريڪا ۽ اولهه بجاءِ چين ۽ روس ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ ڀٽو سرد جنگ جي اهم رانديگرن کي قبول نه هو، تنهنڪري کيس هٽايو ويو، ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن جي پيپلزپارٽي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي تضادن جو شڪار هئي، پر پنهنجي مجموعي جوهر ۾ ان جو جهڪاءُ اسٽيبلشمينٽ کان هٽي عوام ڏانهن وڌڻ جو امڪان موجود هئو، ان دور جي پيپلزپارٽي نسبتي طور هڪ اهڙي ڌر هئي، جنهن ۾ ان دور جي تاريخي تضاضائن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي. اهو دور ڀٽي جي شهادت سان پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ ملڪي تاريخ ۾ هڪ اهڙي گونجار ڇڏي ويو، جنهن جا اثر اڄ به ملڪي سياست ۾ چٽا نظر اچن ٿا. سنڌ جي حوالي سان ڀٽي جو دور نسبتن بهتر دور هو. هن ڪوٽا سسٽم ۽ ليٽرل انٽري کي متعارف ڪرائي سنڌي وچولي طبقي کي مکيه ڌارا ۾ اچڻ جو موقعو ڏنو. سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي ادارن وسيلي وچولي طبقي جي اڄوڪي نسل جا بنياد ڀٽي جي دور ۾ رکيا ويا. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌين کي نفسياتي طور ملڪي ڪاروهنوار ۾ ڀائيوار ي جو احساس مليو. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ واري معاملي تي جيتوڻيڪ ڀٽو شهري سياست جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو، پر ان جي باوجود سنڌي ٻوليءَ وارو بل هڪ اهم اڳڀرائي هئو. البته سنڌي اديبن ليکڪن ڏانهن سندس رويو غير ضروري طور تي ٽڪراءُ وارو رهيو. ڪيترن ئي سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي بندش لاڳو ٿي ۽ اديبن کي مخالف خيال رکڻ جي ڏوهه ۾ جيلن ۾ واڙيو ويو. ان معاملي ۾ ڀٽي جي شخصيت عملي طور جمهوري قدرن سان ٽڪراءُ واري رهي. مجموعي طور سنڌ جي ماڻهن کيس هڪ سنڌي وزيراعظم طور مان ۽ مڃتا ڏني ۽ سندس ڦاسيءَ کي سنڌيت خلاف حملو سمجهندي سندس قربانيءَ جي صلي ۾ انهن ماڻهن کي به هينئر تائين ووٽ ڏنا آهن، جيڪي ڀٽي کي قتل ڪرائيندڙ طاقتن جا سهڪاري هئا. مجموعي طور ڀٽي شهيد جي دور کي ورهاڱي کانپوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌين جي مکيه ڌاري ۾ شموليت جو دور چئي سگهجي ٿو ۽ ان جو هڪ ڪارڻ بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي اڀار کي ٻنجو ڏيڻ هو.

    ٻيون دور: بينظير ڀٽو جي پيپلزپارٽي:
    پيپلزپارٽيءَ جو ٻيون دور ڀٽي جي شهادت کان وٺي بينظير ڀٽو جي شهادت تائين ڳڻي سگهجي ٿو. هن دور ۾ پيپلزپارٽي خاصيتي طور هڪ تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ان آمريت خلاف عوامي مزاحمت کي اڳواڻي فراهم ڪئي. بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو ضياءُ آمريت خلاف شاندار عوامي مزاحمت کي منظم ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ واسين ڀٽي جي شهادت خلاف پنهنجي نفرت جو ڀرپور اظهار ڪيو. ڀٽي جي شهادت سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏنو ۽ بدترين رياستي تشدد جي باوجود سنڌي ماڻهن هڪ شاندار مزاحمتي جدوجهد ڪئي. سنڌ اندر ان تحريڪ کي هيٺين سطح تي ٻين ڌرين به منظم ڪيو، جنهن ۾ خاص طور تي عوامي تحريڪ جو به وڏو ڪردار هئو. جيتوڻيڪ قومپرست تحريڪ سائين جي ايم سيدجي قيادت ۾ ان تحريڪ کان لاتعلقي رکي، جنهن جو هڪ ڪارڻ ان تحريڪ جو سنڌ جي مفادن کان وڌيڪ جمهوريت جي بحاليءَ سان سلهاڙجڻ هو، جنهن کي قومپرست تحريڪ سنڌين جي نجات جو ذريعو نه ٿي سمجهيو. بينظير ڀٽو 1986ع ۾ واپس اچي پيپلزپارٽيءَ کي نئين سر منظم ڪيو، جنهن کي ڀٽي جا ڪيترائي ساٿي ڏکئي وقت ۾ ڇڏي چڪا هئا. بينظير ڀٽو به پنهنجي پيءُ جيان هڪ من موهيندڙ شخصيت هئي ۽ سياسي حوالي سان هن جي پنهنجي جدوجهد سبب اهو چوڻ غلط ٿيندو ته کيس پارٽي رڳو ورثي ۾ ملي هئي، بينظير ڀٽو به چئني صوبن جي عوام ۾ اوتري ئي مقبول هئي ۽ وچولي طبقي جي کاٻي ڌر وارن لاڙن رکندڙ حلقن ۾ پڻ سندس آجيان ٿي. البته اسٽيبلشمينٽ کيس ايتري قبوليت نه ڏني، جيتري ذوالفقار عيل ڀٽي کي حاصل هئي. 1988ع جي چونڊن ۾ هن زبردست عوامي حمايت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وئي، جنهن ڪيئي سگهارين قوتن جي سيني تي مڱ ڏري ڇڏيا. ناتجربيڪاريءَ سبب حڪومتي معاملن ۾ هڪ طرف کيس اندروني، چئلنجز درپيش هئا ته ٻئي طرف هن ملڪ جي مڪار اسٽيبلشمينٽ کيس هڪ ڏينهن لاءِ به سک سان ويهڻ نه ڏنو. بينظير ڀٽو جي دور ۾ به پيپلزپارٽي همدرد سياسي تقاضائن تي وڏي حد تائين پوري لٿي هئي، ان دور ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سڃاڻپ هيٺين اهم حوالن سان ٿي.
    1) اسٽيبلشمينٽ مخالف سياسي طاقت جيڪا چئني صوبن ۾ جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند عوام کي متحرڪ ڪري سگهي ۽ آمراڻين طاقتن کي للڪاري سگهي.
    2) هڪ نسبتن ترقي پسند جماعت جيڪا مذهبي انتهاپسندي يا هندستان دشمنيءَ تي ڀاڙيندڙ نه پر هڪ وچٿري روشن خيال ڌر جيڪا ملڪ اندر مذهبي جنونيت جي پکڙجڻ جي حامي نه رهي آهي.
    3) هڪ اهڙي جماعت جيڪا ڪو غير معمولي انقلابي پروگرام ته نه ٿي رکي پر مجموعي طور ملڪ اندر جمهوري نظام کي مضبوط ڪري ڪمزور طبقن کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي.
    پيپلزپارٽي ان سموري عرصي دوران مختصر حڪومتن کانسواءِ باقي وقت آمريتن سان ٽڪرائيندي رهي. ملڪي ايجنسين کان وٺي، اسٽيبلشمينٽ جي حامي گروهن ان کي لڳاتار چوکنڀو ٻڌل رکيو. پيپلزپارٽيءَ جون ان عرصي دوران ٻئي حڪومتون وقت کان اڳ ختم ڪيون ويون ۽ سندس حڪومتي دور ڪرپشن، اقربا پروري ۽ انتظامي نااهليءَ جو به شڪار رهيا.
    سنڌ جي حوالي سان بينظير ڀٽو جا حڪومتي دور اڻپورين اميدن وارا دور رهيا، ٻئي ڀيرا شهرن ۾ سياست ڪندڙ دهشتگرد طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي بينظير ڀٽو جي حڪومتن کي ڪيرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سويلين ۽ آرمي اسٽيبلشمينٽ کيس ڪڏهن به ملڪي اڳواڻ طور قبول نه ڪيو. سنڌ ۾ بينظير جي حڪومتن دوران ڊگهي مدي واريون ترقياتي رٿائون شروع ٿيون، پر انهن کي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ نواز ليگ حڪومت ٻئي ڀيرا روڪي ڇڏيو. سندس اقتدار کان الڳ هجڻ واري عرصي دوران نواز ليگ جي حڪومتن ۾ سنڌ مٿان ڄام صادق ۽ عرفان مروت جهڙا سنڌ دشمن مهانڊا مڙهيا ويا ۽ سياسي مخالفن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي. ڦرڻا گهرڻ وڏيرا هر ڀيري پيپلزپارٽيءَ کي ڇڏي هزارين ساٿين سميت حڪومت ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ بينظير ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ شرط وري کين ڀٽي جي شهادت ياد اچي ويندي هئي. اهو اقتداري ابن الوقت ٽولو ان وقت به قابض رهيو، پر بينظير ڀٽو جي پنهنجي شخصيت سنڌ ۾ هميشه مقبول رهي. سمورين ناانصافين ۽ ارهاين جي باوجود ڪميٽيڊ پارٽي ڪارڪن هر وقت پيپلزپارٽيءَ سان گڏ رهيا. بينظير ڀٽو بنا ساهيءَ جي لڳاتار ملڪي اسٽيبلشمينٽ خلاف جدوجهد ۾ مهڙ واري مورچي تي بيٺل رهي. ان دور ۾ به جيتوڻيڪ سنڌين کي پيپلزپارٽيءَ سان ڪيئي شڪايتون رهيون، جنهن ۾ شهري جماعتن سان سندس ويجهڙائپ، نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن جهڙا انتظامي معاملا شامل رهيا، پر مجموعي طور پيپلزپارٽيءَ کي پنهنجي مزاحمتي ڪردار سبب مقبوليت حاصل رهي. بينظير ڀٽو جي حڪومتن دوران سنڌين جي صوبن توڙي وفاق جي انتظامي معاملن ۾ نمائندگي ڪافي بهتر رهندي هئي. وفاقي حڪومت ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ جيترا سنڌي سيڪريٽري هوندا هئا. اوترا ته زرداري صاحب جي دور ۾ به نه رهيا. سنڌ جي ترقيءَ ۽ سياسي حقن بابت بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيپلزپارٽيءَ جو رويو نسبتن بهتر هئو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن سان ڏيهه پرڏيهه ۾ هوءَ لڳاتار رابطي ۾ رهندي هئي ته جيئن سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ لاءِ ڪي بهتر اڳڀرايون ڪري سگهجن. سنڌ جي قومي سياسي مفادن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم، اين ايف سي ايوارڊ وغيره وارن معاملن ۾ به پيپلزپارٽي حڪومتن کان ٻاهر هوندي اڳڀرو ڪردار ادا ڪندي هئي، جنهن ڪري ان کي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ سنڌ ڪارڊ جو به مهڻو ملندو هو. ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪمون شهيد وٽ هنيل ڌرڻي ۾ بينظير ڀٽو جي ذاتي شرڪت کي سنڌ ۾ غير معمولي اهميت ملي. ڪجهه حلقن جو ته اهو به خيال هو ته سڀاڻي جيڪڏهن هن خطي ۾ ملڪ ۾ ڪي اهم وڏا فيصلا ٿيا ته بينظير ڀٽو سنڌين جي قومي حقن جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان اميد ۾ ڪيتري خوشفهمي ۽ ڪيتري حقيقت پسندي شامل هئي، ان بابت الڳ الڳ رايا ٿي سگهن ٿا. ڪيٽي بندر پراجيڪٽ جهڙين اڳڀراين مان ظاهر ٿئي ٿو ته بينظير ڀٽو جي دور واري پيپلزپارٽيءَ وٽ سنڌ جي لاءِ همدرد دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ واري صلاحيت ۽ سوچ موجود هئي. بينظير ڀٽو کي احساس هئو ته سنڌين کي منظم طريقي سان وڏيرڪي غلامي ۾ رکيو ويو آهي ۽ سنڌين جي نجات وڏيرڪي سماجي نظام مان جان ڇڏائڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. جيتوڻيڪ بينظير جي دور ۾ به ڦرڻا گهرڻا وڏيرا پيپلزپارٽيءَ ۾ ايندا ويندا رهندا هئا، پر مجموعي طور تي پيپلزپارٽيءَ مٿان وڏيرڪو قبضو ايترو مضبوط نه هئو ۽ پيپلزپارٽيءَ جي سڃاڻپ اڃا به ڪنهن حد تائين وچولي طبقي جي نمائنده پارٽيءَ واري هئو. سنڌ اندر وچولي طبقي جي اڳواڻ جي هڪ وڏي قطار پيپلزپارٽيءَ جي نمائندگي ڪندي هئي ۽ هيٺين طبقي جي ڪارڪنن لاءِ قيادت تائين پهچ نسبتن آسان هئي. وچولي طبقي جا اسيمبلي ميمبر ۽ وزير تڏهن به ڪرپشن ڪندا هئا، پر اڄوڪي دور جيان قيادت طرفان مال ڪمائڻ سندن فرضن جو حصو نه هئو. اقتدار ۾ گهڻو عرصو نه رهڻ ۽ گهڻُ وقت مخالف ڌر ۾ رهڻ سبب سنڌ جي قومي مفادن بابت پيپلزپارٽيءَ جو ڪردار گهڻو بهتر هئو. اقتدار وارن مختصر سالن ۾ پيپلزپارٽيءَ سڄو وقت اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ رهندي هئي، تنهن ڪري مرڪزي قيادت وٽ هيٺين سطح تي ٿيندڙ بدعنوانين ۽ بدانتظاميءَ کي سنڀالڻ جيتري واندڪائي ئي نه هوندي هئي. پيپلزپارٽيءَ البته مخالف ڌر هجڻ واري دور ۾ هڪ اثرائتي مخالف ڌر ٿي اڀرندي هئي ۽ ان جو مزاحمتي ڪردار ڪافي پختو هوندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جي اهم مسئلن جهڙوڪ پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ وغيره تي مخالف ڌر طور پيپلزپارٽي وفاق ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي هئي ۽ سنڌ ۾ اڪثر ڪري قومپرست ڌرين سان مختلف ڪميٽين ۾ به شريڪ رهندي هئي. پيپلزپارٽيءَ جو اهو دور ان جي مزاحمتي خاصيت ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد جي خاصيت وارو دور هو، جيڪو بينظير ڀٽو جي شهادت سان پڄاڻي تي پهتو.

    ٽيون دور: آصف زرداريءَ جي پيپلزپارٽيءَ:
    پيپلزپارٽيءَ جو ٽيون يعني هاڻوڪو دور گذريل ٻن دورن کان بنهه مختلف آهي. ان کان اڳ سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ هميسه ڀٽو ڪٽنب جي سرواڻيءَ هيٺ سياست ڪندي هئي ۽ اهو پهريون موقعو هو جو پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ڪنهن اهڙي شخصيت وٽ آئي، جيڪو بينظير ڀٽو جو ورثو آهي پر خانداني وارثن ۾ يقين رکندڙ ماڻهن لاءِ آصف زرداريءَ کي ڀٽو خاندان جو حصو تسليم ڪرڻ آسان نه هو پر اصولي طور سياست کي ڪٽنبن جي ميراث هجڻ به نه گهرجي. 2008ع ۾ آصف زرداريءَ جي سڃاڻپ هڪ اهڙِي متضاد شخصيت واري هئي، جنهن تي هڪ طرف اڳوڻين حڪومتن دوران ڪرپشن جا سنگين الزام هئا ته ٻئي طرف بنا ڪنهن ثابت ٿيل الزام جي هن سالن جا سال جيل ڪاٽيا هئا ۽ ڪنهن به موقعي تي هن وقت جي حڪمرانن آڏو آڻ نه مڃي هئي، جيڪا سياسي حوالي سان ڪا معمولي ڳالهه ناهي. البته 2008ع ۾ هن جنهن طرح هڪ پراسرار وصيعت جو صحيح يا غلط هجڻ الڳ بحث آهي، پر هڪ اهڙِي پارٽي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد جي دعويدار هجي، ان ۾ پارٽيءَ جي سرواڻيءَ جو تعين سياسي ادارن بجاءِ وصعيتن تي ڪرڻ اصولي طور غلط روايت آهي، بحرحال ان وقت جڏهن سڄو ملڪ بينظير جي شهادت جي سوڳ ۾ هو، انهن سوالن تي گهڻو بحث نه ٿي سگهيو، پر بهرحال پيپلزپارٽيءَ جي ٽئين دور جي شروعات هڪ غير جمهوري انداز ۾ ٿي ۽ اهو رويو پيپلزپارٽيءَ جو اڄوڪو تعارف بڻيل آهي. هن دور ۾ پيپلزپارٽيءَ عملي طور هڪ فرد جي فيصلن جي ماتحت بڻجي وئي، پارٽي ادارا ۽ ڪارڪن مفلوج ٿي ويا ۽ هيٺ کان مٿي تائين پارٽي معاملن توڙي حڪومتي ڪاروهنوار بابت سمورا فيصلا آصف زرداري صاحب جي حڪم جا محتاج بڻجي ويا. پارٽي اجلاس يا ته ٿيندا ئي نه آهن يا وري ٿيندا آهن ته اتي حاضرين کي رڳو ٻڌڻو پوندو آهي. هڪ طرفن فيصلن جو ثبوت سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام کي لاڳو ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ آهي. جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهوبل منظوريءَ لاءِ پيش ٿيو ته هڪ به ميمبر کي اها جرئت نه ٿي ته ان بل جي مخالفت ۾ پاڻ ڳڻائي سگهي. وري جڏهن سنڌي عوام جي سخت مخالفت کانپوءِ اهو بل واپس وٺڻو پيو ته انهن ساڳين ئي ميمبرن ان بل جي مخالفت ۾ يڪراءِ ووٽ ڪري 1979ع وارو مڪاني ادارن وارو نظام بحال ڪيو. پيپلزپارٽيءَ اندر ذميوار ماڻهن جي اهڙي بي زباني ۽ ويچارپ اڳي ڪڏهن به نظر نه آئي. پيپلزپارٽيءَ جا سينيئر اڳواڻ چون ٿا ته بينظير ڀٽو جي دور ۾ پارٽيءَ اندر اهم معاملن تي بحث به ٿيندو هئو ۽ بينظير صاحبه مختلف اڳواڻن جي راين کي ٻڌندي هئي. پارٽيءَ اندر ڪنهن معاملي تي اختلاف راءِ رکڻ تي ڪا رنڊ روڪ نه هوندي هئي. ان جي ابتڙ هاڻوڪي پيپلزپارٽيءَ ڪا تنظيم نه پر چند فردن جي تابع هلندڙ هڪ گروهه ۾ بدلجي چڪي آهي، جتي اختلاف راءِ نالي ڪنهن به شيءَ لاءِ گنجائش ناهي. مٿين سطح تي زرداري صاحب ۽ سندس هم خيال ڪجهه ماڻهن جي مرضيءَ سان سمورا فيصلا ٿين ٿا. ۽ باقي ميمبرن وٽ انهن سان متفق هجڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هوندو آهي. ڪجهه پارٽيءَ اڳواڻن شروع ۾ ڪجهه اختلاف راءِ جي جرئت ڪئي، پر واري واري سان سڀ ان وهڪري ۾ وهڻ لڳا يا پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويا.
    پارٽيءَ جي حوالي سان ٻيو اهم سياسي زوال اهو آيو ته ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سندس حامي طاقتن سان ٽڪراءُ ۾ رهڻ جي جرئت ڪندڙ پارٽي سراپا اسٽيبلشمينٽ بڻجي وئي، مفاهمت جي نالي تي هر ڌر ۽ فرد سان بنا حساب ڪتاب جي نوان رشتا جوڙيا ويا، جنهن جو مقصد جمهوريت کان وڌيڪ اقتدار کي بچائڻ هو. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ وفاق ۾ قاتل ليگ قرار ڏنل ڌر سان مفاهمتون ان جو چٽو مثال آهن. سياسي نظريا ۽ اصول ماضيءَ جو افسانو بڻجي ويا. هون ته اهڙيون مصلحتون بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ به ڪيون ويون هيون، جڏهن ڪراچيءَ ۾ امن خاطر ڏاڍ مڙسيءَ جي سياست ڪندڙن سان ٺاهه ڪيا ويا ۽ انهن شخصيتن کي جمهوريت جا تمغا پارايا ويا، جن سالن کان ملڪ اندر جمهوريت جي لتاڙ ڪئي هئي، پر بينظير ڀٽو جون حڪومتون گذريل پ پ پ حڪومت جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون ڪمزور هيون. ان جي ابتڙ 2008ع ۾ پيپلزپارٽيءَ کي مليل اقتدار ان ڪري ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پختو هئو جو ايوان صدر ۾ آصف زرداري صاحب پاڻ موجود هئو. جيتوڻيڪ اڻ ڏٺل توڙي ڏٺل وائٺل طاقتن پاران پيپلزپارٽي حڪومت کي وقت بوقت مختلف بحرانن ۾ الجهايو ويو ۽ ذري گهٽ هر ڇهين مهيني حڪومت جي خاتمي جي تاريخن جو اعلان ٿيندو هو. ڪجهه ٽي وي چئنلز ۽ انڪرز ته صبح شام ان ڊيوٽيءَ تي هوندا هئا ته پيپلزپارٽيءَ جو ميڊيا ٽرائل جاري رکجي، ان وايو منڊل ۾ پيپلزپارٽيءَ وفاقي سطح تي ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي بحالي ۽ عورتن جي حقن بابت انتهائي اهم قانون سازي پڻ ڪئي. وفاقي سطح تي پيپلزپارٽي حڪومت جي ڪارڪردگي ڪجهه حوالن سان تمام بهتر رهي. البته پارٽي ادارن جي ڪمزوري، فردن جي فيصلي سازيءَ تي ڪنٽرول، بجلي جي بحران ۽ روز مره جي خراب حڪمرانيءَ سبب پارٽي جي اميج کي نقصان پهتو. پنجاب ۾ بجلي جي بحران جا معاشي اثر باقي ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنگين ٿين ٿا ڇو ته اتي ننڍي ۽ وچولي صنعت تي لکين ماڻهن جي معيشت جو دارومدار آهي ۽ بجليءَ جي بحران جو پنجاب ۾ مطلب معاشي گهوٽالو پيدا ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ صدر زرداري ۽ سندس من پسند ويجهن فردن جي ڪرپشن جا قصا ايترا ته عام ٿي ويا جو حڪومت بابت ڪرپٽ هجڻ جو تصور گهٽي گهٽيءَ ۾ عام ٿي ويو. پارٽي ادارن جي ڪمزوريءَ سبب پارٽيءَ اندر ساکائتن ماڻهن لاءِ ڪا به جاءِ باقي نه رهي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي ڇڏي باقي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جن جو ڪم رڳو مال ڪمائڻ رهجي ويو هو. پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنج ئي سال اتحادين جي اهڙِن فرمائشن کي پورو ڪرڻ ۾ جنبيل رهي، جنهن سان ان جي سياسي ساک بنهه ختم ٿي وئي. ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ لاشن ڪرڻ جو سلسلو اڳي کان اڳڀرو رهيو، پر حڪومت مفاهمتن نڀائڻ جي چڪر ۾ ڏوهارين کي روڪڻ بجاءِ سندن اڻ کٽ مطالبا پورا ڪرڻ ۾ رڌل رهي. بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي حڪومت اربين رپين جا واڌو فنڊ فراهم ڪيا، جيڪي پارٽي اڳواڻن جي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا ۽ بلوچ عوام ساڳي طرح هڪ طرف غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار رهيو ته ٻئي طرف سوين گم ٿيل بلوچن جا لاش گهرن ۾ پهتا. سنڌ جي حوالي سان پيپلزپارٽيءَ جو ٽيون دور نهايت اونداهو دور رهيو. سنڌين جي حالت مشرف دور کان به ٻه وکون پٺتي هلي وئي. صوبي اندر سياسي حوالي سان اهڙا هاڃيڪار فيصلا ڪيا ويا، جيڪي مشرف جهڙي آمر به نه ڪيا هئا. سنڌي عوام جي لاءِ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کان وڌيڪ ڪا به ڳالهه اهم ناهي پر پيپلزپارٽي ٻه ڀيرا اهڙو مڪاني نظام متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ڪراچي عملي طور باقي صوبي کان الڳ حيثيت ۾ نظر اچي رهي هئي، حڪومت جي اتحادي ڌر ڪراچيءَ ۾ کلي عام الڳ صوبي جي تحريڪ جي پٺڀرائي ڪندي رهي، سنڌي اڳي ئي عددي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري تلوار هيٺ آهن، اهڙي حالت ۾ آدمشماريءَ جهڙي حساس معاملي کي به اهڙين ڌرين جي حوالي ڪيو ويو، جن انگن اکرن جي اهڙي جادوگري ڏيکاري جو ڪو انڌو به انهن انگن تي ويساهه نه ڪري سگهي. مٿان وري سنڌ ۾ ذوالفقار آباد جو اعلان ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا. ٻئي پاسي سنڌ ۾ تاريخ جي بدترين ڪرپشن ڪري سنڌ جي اسرندڙ شهرن جو انفرا اسٽرڪچر برباد ڪيو ويو. لاقانونيت ۽ اغوائن کي هڪ نئون اوج نصيب ٿيو ۽ سنڌ جا ڪيترائي علائقا ڏينهن ڏٺي جو نڪرڻ جهڙا به نه رهيا آهن. ڪراچيءَ جي اڪثر علائقن ۾ مختلف ڌرين جا هٿياربند ٽولا قابض آهن ۽ اتي ڪنهن جو به گذر به محفوظ ناهي. ٻهراڙين ۾ صنعتي ڄار وڇائڻ جا واعدا هڪ انچ اڳتي نه وڌيا. سنڌين کي رڳو بينظير ڪارڊ جي خيرات جا ماهوار هزار رپيا نصيب ٿيا. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ميرٽ جي لتاڙ جا انوکا مثال قائم ٿيا ۽ پهريون ڀيرو بدلين ۽ مقررين ۾ بدعنوانين کي قانوني شڪل ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان باقاعدي قانون سازي ڪرائي وئي. سنڌ ۾ بدترين انتظامي مشينري مڙهي ٻهراڙين جي ترقيءَ کي وڏيرن ۽ وچولي طبقي جي نون وڏيرن جي ڪرپشن جي ور چاڙهيو ويو. مجموعي طور تي ڏسجي ته گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ کي جهڙي بدترين گورننس ڏني وئي، ان جو مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. ائين پيپلزپارٽيءَ جو ٽيون دور سياسي نظرئي ۽ پروگرام بجاءِ شخصي راڄ جو دور آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ کي بي حيثيت پارٽي جيترو نقصان هن دور ۾ پهتو اوترو اڳي ڪڏهن به نه پهتو هو. پارٽيءَ جي ان حالت جو نتيجو 2013ع جي چونڊن ۾ نظر آيو، جڏهن ته سنڌ کانسواءِ باقي ٽن صوبن مان پيپلزپارٽيءَ کي عملي طور سياسي نيڪالي ملي چڪي آهي. هاڻي چئن صوبن جي زنجير سڏايئندڙ ملڪ گير پارٽي پنهنجي آخري پناهه گاهه سنڌ تائين محدود ٿي چڪي آهي. سنڌ اندر به متبادل جي غير موجودگي، انتظامي مشينريءَ جي مدد سان ڪيل ڌانڌلين ۽ پنجن سالن ۾ لٽيل عوامي ناڻي مان خرچ ڪيل ڪروڙين رپين پارٽيءَ کي ڪجهه سهارو ڏنو آهي. چونڊن کان اڳ صورتحال اها ٿي چڪي هئي ته پارٽي عوام جي ٿڏيل مشرف جي ساٿاري وڏيرن جي درن تي کين شامل ٿيڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا موڪليندي رهي. اهي وڏيرا گهڻو وقت پارٽي سان ساٿ نڀائيندا اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو. پيپلزپارٽي تاريخ جي هن ٽئين دور ۾ عوام جي ساڃاهه ۽ سگهه کي سياسي مرڪز بڻائڻ بدران سياسي چالاڪين، موقعي پرستين، مفاهمتن ۽ مصلحتن کي پنهنجي سياسي طاقت جو مرڪز بڻايو آهي. اهو ئي سبب آهي عوامي سطح تي سندس مقبوليت ۾ ايڏي نمايان لاٿ آئي آهي جو سنڌ اندر اڪثر کٽيل سيٽن تي 2008ع جي ڀيٽ ۾ ان جي ووٽن جي سرسي گهڻي گهٽ نظر اچي رهي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کي بهرحال سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ موقعو مليو آهي ڏسجي ته پارٽي هن موقعي کي ڪيترو ذميواري سان استعمال ڪري ٿي. ايندڙ پنجن سالن دوران پارٽي قيادت ڪهڙا فيصلا ڪندي اهي پارٽي جي آئيندي جو تعين ڪندا. هڪ ڳالهه البته واضح آهي ته ايڪيهين صديءَ جي سڌريل معاشري جي تقاضائن کي اڄوڪي پيپلزپارٽي پور نه ٿي ڪري سگهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ پارلياماني سياست جي اڄوڪي دور ۾ غير جمهوري، وڏيرڪن روين ۽ عوامي مفادن بجاءِ اقتداري اوليتن تي ڀاڙيندي هر قسم جي ڪرائيم کي مفاهمت جي نالي ۾ جائز قرار ڏيڻ اڄ جي تاريخي گهرجن تي بنهه پورو نه ٿو لهي. سنڌ اندر روشن خيال وچولي طبقي کي ساڻ کڻڻ بجاءِ وڏيرن جي اوطاقن تي چڪر ڪاٽڻ، پارٽي پروگرام ۽ منشور بجاءِ روزمره جي مفادن تي فيصلا ڪرڻ، پنهنجي اصلوڪي سياسي سگهه وارن علائقن جي عوام کي سنڀالڻ بجاءِ موقعي پرست طاقتن جي مفادن جي نگهباني ڪرڻ، شهرن کي جديد دور جي تقاضائن آهر انساني رهائش جوڳو بڻائڻ لاءِ انهن کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ، معاشري ۾ صحتمند چٽا ڀيٽيءَ لاءِ ميرٽ ۽ محنت کي مان ڏيڻ بجاءِ شارٽ ڪٽ کي سرپرستي ڏيڻ واري پارٽي ايڪيهن صديءَ جي تقاضائن تي بنهه پوري نه ٿي لهي سگهي. ايڪهين صديءَ جي سڃاڻپ انساني مان، مرتبي، ترقيءَ جي برابر موقف، اهليت جي مڃتا، صلاحيت جي اوسر، تاريخي حقن جي احترام سان مشروط آهي. بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي، ٽيڪنالاجي (خاص ڪري ميڊيا جي انقلاب) ۽ عالمي سطح تي جمهوريت ۽ سيڪيولر قدرن جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ پنهنجي اڄوڪي شڪل ۾ بنهه پوري نه ٿي لهي. سنڌي سماج جديد دنيا کان ڪوهين ڏور غارن واري دور ڏانهن ڌڪي ماتمي نغمن ۽ هزار روپين جي امدادي پروگرامن جي عيوض ووٽ وٺندڙ پارٽي ڪهڙي طرح ايڪيهين صديءَ جون تقاضائون پوريون ڪري سگهندي، جنهن پارٽيءَ جي حڪومت ۾ سنڌ جون يونيورسٽيون مدي خارج ڪامورن کي رڳو وفاداريءَ جي بدلي ۾ مليل هجن، جتي هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ بنيادي تعليم جي ادارن کي تالا لڳل هجن ۽ بدامني وچولي طبقي کي ڳڙڪائي رهي هجي، اها پارٽي چونڊون ته کٽي سگهي ٿي، پر ان مان اها اميد نه ٿي رکي سگهجي ته اها سماج کي ايڪيهين صديءَ جي تقاضائن سان ٺهڪائي ڪو باوقار آئيندو فراهم ڪري سگهندي. سنڌ کي هڪ اهڙي پارٽيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا ان کي رڳو چونڊن جي ٻارڻ طور استعمال نه ڪري پر ان کي جديد سياسي ۽ سماجي تقاضائن سان ٺهڪندڙ هڪ قوم وارو آئيندو مهيا ڪرڻ جي ساڃاهه ۽ نيت رکندي هجي. اڄوڪي دور جي چئلينجن کي سامهون رکجي ته پوءِ پيپلزپارٽيءَ سميت سنڌ اندر ڪا به پارٽي انهن تقاضائن کي پورو نه ٿي ڪري پر تبديليءَ جي ان ڊگهي سفر جو هڪ ئي حل آهي: يعني لڳاتار جدوجهد.

    (روزاني جيجل 5 ۽ 6 جون 2013ع)
    *


    11. پيپلز پارٽيءَ جي مهم جوئيءَ جي قيمت سنڌ ڀريندي

    پيپلز پارٽيءَ جي رات ڏينهن جي محنت جي نتيجي ۾ پنجاب کي ورهائڻ وارو بل سينيٽ مان پاس ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ اڃا بل کي عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ ٻه اهم مرحلا طئي ڪرڻا آهن ۽ خاص طور تي پنجاب اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ جي حڪومت سبب ان بل جو پاس ٿيڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پر پيپلز پارٽيءَ هڪ اهڙو مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي ٻين صوبن جي به ساڳي طرح ورهاست جي مطالبن کي هٿي ملندي. پيپلز پارٽيءَ جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم خاص طور تي ان بل کي اڳيان وڌائڻ ۾ نهايت سرگرم رهي آهي. نه رڳو اهو پر ايم ڪيو ايم خود ويهين آئيني ترميم جو بل آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ ڪشادو رستو هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان بل ۾ ڄاڻايو ويو هو ته صوبن جون سرحدون مقدس ناهن. ساڳئي وقت ڪراچيءَ ۾ ڪجهه مهينا اڳ الڳ صوبي جي تحريڪ به اوچتو ظاهر ٿي. سڄي شهر ۾ بينر ۽ بل بورڊ لڳايا ويا ۽ ناٽڪي جلوس ڪڍي احساس محروميءَ جا افسانوي قصا عام ڪيا ويا. وري چاٻي ڀريندڙن طرفان اشارو ڪرڻ تي احساس محروميءَ واري ان جڙتو تحريڪ جا علمبردار اوچتو گم ٿي ويا. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته اهي سڀ ڊرامي بازيون ڇا لاءِ پئي ڪيون ويون. وري ڪجهه ڏهاڙا اڳ ايم ڪيو ايم جي سربراهه اهو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن مڪاني ادارن وارو قانون واپس ورتو ويو ته هو الڳ صوبي جي مطالبي تي مجبور ٿيندا. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم مختلف وقتن تي چوندي رهي آهي ته اها سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهي پر مٿي ڄاڻايل حوالا واضح ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم جي اندر صوبي جي مطالبي يا خواهش جا لاڙا موجود آهن.
    ان سڄي پسمنظر ۾ ڏسجي ته پيپلز پارٽيءَ طرفان سينيٽ ۾ پنجاب کي ورهائڻ وارو بل منظور ڪرائي هڪ اهڙي روايت جو بنياد وڌو آهي، جنهن جي آڌار تي ٻين صوبن ۾ به ساڳيا مطالبا زور وٺندا. پيپلز پارٽي، پنجاب ۾ نواز ليگ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سرائيڪي ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ خاطر صوبي جي ورهاست وارو اهو سمورو معاملو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ ان جي ساٿاري ڌرين کي سرائيڪين کان وڌيڪ پنهنجا سياسي مفاد وڌيڪ پيارا آهن. پيپلز پارٽيءَ کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته پنجاب اسيمبليءَ مان اهڙو بل پاس نه ٿي سگهندو ۽ عملي طور ان سڄي ڊرامي مان سرائيڪين کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو، پر پنهنجي اقتداري مفادن لاءِ پيپلز پارٽي اهڙا ڪم ڪري رهي آهي، جن جي قيمت اڳتي هلي ٻين صوبن ۽ خاص طور تي سنڌ کي ڀرڻي پوندي.
    ويجهڙ ۾ ٿيل هڪ سروي مان به اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته پيپلز پارٽي عوامي سطح تي پنهنجي مقبوليت وڃائي رهي آهي. بلوچستان ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي، ان جي سموري قيادت پارٽي ڇڏي چڪي آهي. عام بلوچ گذريل پنجن سالن دوران جاري رهندڙ رياستي ادارن جي ڪلورن ۽ حڪومت جي رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ سبب پارٽي ۽ حڪومت کان سخت ناراض آهي. سنڌ اندر مفاهمت جي نالي تي سنڌ جي وحدت تي ڪيل ڪاپاري وار، غير معمولي ڪرپشن، ميرٽ جي بي رحماڻي لتاڙ ۽ اقربا پروريءَ سبب عوام سخت ناراض آهي ۽ هڪ مضبوط پ پ مخالف اليڪشني اتحاد جنم وٺي چڪو آهي. سنڌ اندر اتحادين سان گڏجي رچايل ڊرامو ايترو ته چٽو ٿي چڪو آهي، جو هاڻي انهن ڏيکاءُ وارن بيانن تي ڪير به ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ساڳي طرح پنجاب ۾ سواءِ سرائيڪي علائقي جي، باقي پنجاب ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اليڪشني آئيندو بنهه روشن ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پيپلز پارٽي هاڻي سرائيڪي علائقي ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ سرائيڪين کي الڳ صوبي جا خواب ڏيکاري اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪي سياسي طور انتهائي هاڃيڪار آهن. سرائيڪي علائقي جي سماجي ۽ معاشي پسماندگي هڪ حقيقت آهي ۽ سرائيڪين سان تخت لاهور پاران ڪيل ورتاءُ بيٺڪيت وارو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سرائيڪي وسيپ ۾ لاهور جي حڪمرانيءَ کان سخت بيزاري آهي. سرائيڪي صوبو ٺهڻ گهرجي يا نه، هو هڪ الڳ بحث آهي، پر جنهن طرح پيپلز پارٽي سرائيڪي صوبي جي نعري کي استعمال ڪيو آهي، ان جي پٺيان رڳو ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجون سيٽون بچائڻ ۽ نواز ليگ کي سرائيڪي بيلٽ ۾ سياسي طور ڪمزور ڪرڻ وارو مفاد سمايل آهي. ڪالهه تائين نواز شريف سان جمهوري ميثاق ڪري کيس وڏو ڀاءُ ڪرڻ واري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي اڄڪلهه اڪثر سياسي توانائي نواز شريف خلاف بيان بازيءَ تي خرچ ٿي رهي آهي. اڄ ڪلهه پيپلز پارٽيءَ جا اڪثر وزير ۽ ميمبر 90ع جي ڏهاڪي ۾ نواز ليگ جي حڪومتن دوران سنڌ سان ڪيل ورتاءُ جا مهڻا ڏيڻ ۾ مصروف آهن. خبر ناهي ته نواز شريف سان ميثاق تي صحيحون ڪرڻ وقت پيپلز پارٽيءَ کي منجهس اهي سڀ خرابيون ڇو نه ٿي نظر آيون. جيڪڏهن سنڌ ۾ قوم پرست تنظيمون نواز شريف سان اتحاد ڪن ٿيون ته اهي سڀ خراب آهن، پر مشرف واري سموري دور ۾ پيپلز پارٽي ساڳين قومپرست پارٽين سان گڏ بيٺل هئي ۽ اڄوڪن اتحادين جي خلاف جدوجهد ۾ اڳين صف سنڀالي بيٺي هئي، سندس اتحادي پارٽيون جڏهن مشرف سان گڏ هيون، تڏهن اهي عوام دشمن هيون، پر هاڻي جڏهن اهي سندن اتحادي آهن ته اهي عوام دوست آهن. سنڌ جا ماڻهو پنجاهه ڏهاڪن کان واڳيل جذباتي لڳاءُ سبب جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ مان مڪمل طور هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن، پر سنڌ واسين جي هڪ وڏي اڪثريت ان قسم جي سياست کان بيزار ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست تنظيمون ڪجهه سياسي ڏاهپ، بردباري ۽ بهتر ڪردار سان اڳتي وڌن ته ان سياسي خال کي ڀري عوام لاءِ هڪ سگهارو متبادل بڻجي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري ٻٽي نظام ۽ هاڻي پنجاب کي ورهائڻ واري اڳڀرائيءَ وسيلي اڻ سڌي طرح سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي لاءِ جواز پيدا ڪرڻ جهڙن معاملن تي قومپرست ڌريون سنڌ ۾ وچولي طبقي، خاص طور تي نوجوان ووٽرن کي متحرڪ ڪري سگهن ٿيون. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌرين اندر انا، ڪمزور حڪمت عملين ۽ سماجي ڪردار جي ڪمزوريءَ سبب اهي پاڻ اڪيلي سر متبادل بڻجي سگهڻ بجاءِ انهن ڌرين سان اتحاد ڪرڻ تي مجبور آهن، جن سان سندن سياسي خيالن جو تاريخي طور ٽڪراءُ رهيو آهي. مثال طور، سنڌ جون قومپرست ڌريون ان چونڊ اتحاد جو حصو بڻيل آهن، جن ۾ مذهبي پارٽيون به ويٺل آهن، جن مان ڪيتريون ملڪ اندر مذهبي انتهاپسنديءَ کي پکيڙڻ جون ذميوار آهن. اهي ڌريون ملڪ جي ٻين علائقن کانپوءِ اڄ ڪلهه سنڌ اندر به سرگرم آهن ۽ مذهبي توڙي فرقيوار اقليتن ڏانهن سندن روين تي سئو سوال اٿاري سگهجن ٿا. پيپلز پارٽي چونڊ مهم ۾ ضرور ان رخ کي به استعمال ڪندي ۽ ان ڪمزور سياسي حڪمت عمليءَ جو ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سنڌ ۾ قومپرست ڌريون سنڌ جي قومي مفادن واري سوال تي ڪا اهڙي گڏيل حڪمت عملي ۽ جدوجهد اختيار ڪن ها، جنهن جي آڌار تي اهي عوامي سطح تي هڪ سياسي سگهه پيدا ڪري سگهن ها ۽ اهڙن چونڊ اتحاد جو حصو ٿيڻ بجاءِ پاڻ سنڌ کي سياسي قيادت فراهم ڪن ها. مسلم ليگ فنڪشنل جي موجوده قيادت جو سنڌ جي قومي مفادن واري سياسي سوالن تي رويو ڪافي بهتر رهيو آهي، پر سندن اصل سياسي ڪردار تڏهن چٽو ٿيندو، جڏهن اهي قتدار جو ٿورو يا گهڻو حصو بڻجندا. مخالف ڌر ۾ هجڻ وقت ته پيپلز پارٽي به سنڌ جي سڀ کان وڏي قومپرست پارٽي بڻجي ويندي آهي، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اها سنڌ کي نقصان پهچائيندي آهي. مثال طور ڏهاڪو کن سالن تائين مشرف ۽ سندن اتحادين، جهڙوڪ ارباب رحيم کي ان ڏوهه ۾ سنڌ جو ‘غدار’ ڪوٺيو ويو، جو سندس حڪومت ۾ حيدرآباد ضلعو ورهايو ويو ۽ ڪراچيءَ جا ضلعا ختم ڪيا ويا. پيپلز پارٽي ته اقتدار ۾ اچي مڪاني ادارن واري ٻٽي نظام ۾ ان کان به وڌيڪ هاڃيڪار ڪم ڪيا، تنهن ڪري هينئر سنڌ جي سياسي مفادن خاطر پيپلز پارٽيءَ خلاف متحد ٿيندڙ ڌرين جي آجيان غير مشروط نه هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هر ڌر تي واضح رهڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو هاڻي کوکلن نعرن ۽ جذباتي واعدن پٺيان اکيون ٻوٽي هلڻ نه چاهيندا. سنڌين جي چوڌاريءَ گهيرو ايڏو ته سوڙهو ٿي چڪو آهي، جو اهي وڌيڪ ڪنهن به غلطيءَ جو بار کڻڻ جو ست نه ٿا رکن. هر پاسي کان هڪ نازڪ توازن برقرار رکڻ انتهائي آزمائش جوڳو ڪم آهي. سنڌ جي گڏيل مفادن کي اهڙي طرح سنڀالڻ، جنهن سان لساني ٽڪراءَ به نه ٿئي ۽ سنڌ ۾ ڪا اهڙي رتوڇاڻ ٻيهر شروع نه ٿئي، جنهن جي قيمت ايندڙ نسل ڀوڳين. ساڳي طرح سنڌ کي مدي خارج جاگيرداراڻي نظام مان نجات ڏيارڻ ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کان سنڌ کي بچائڻ ڪو آسان چئلينج ناهي. پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمرانيءَ جي ڊوڙ ۾ عوامي مفادن کي پٺي ڏيڻ سبب سنڌ کي جنهن ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو تاريخي موقعو ان کي مليو هو، اهو ان بي درديءَ سان ضايع ڪيو آهي. ٻهراڙين ۾ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ انفرا اسٽرڪچر فراهم ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن ۽ شارٽ ڪٽ کي اوج ڏيئي پيپلز پارٽيءَ سنڌ اندر سياسي ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ کي جنم ڏنو آهي. صوبي جا معاملا انتهائي ناڪاره ۽ جڏي انتظامي مشينريءَ جي حوالي ڪري سنڌ کي بد انتظاميءَ جي آڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پنهنجا سياسي رشتا ايمانداريءَ جي آڌار تي سنڌين سان جوڙڻ بجاءِ عالمي طاقتن جي مدد جي خمار ۾ اهڙيون سياسي موقعي پرستيون ڪندي رهي آهي، جنهن سان سنڌ ۾ رهندڙ مستقل آباديون هڪ ٻئي ڏانهن ويجهو ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ويڇن جو شڪار ٿي رهيون آهن. صوبي جي گڏيل مفادن بجاءِ ڪجهه شهرن تي انتظامي اختيار حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ ايم ڪيو ايم ۽ اقتدار جي ڊيگهه واري چڪر ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي گڏيل سياسي مفادن سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن.
    جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ سان نيڪ نيت هجن ها ته گذريل پنجن سالن دوران اهي سنڌ جي قسمت بدلائي ڇڏين ها، پر ٻنهي ڌرين پنهنجي عارضي اقتداري مفادن خاطر سنڌ کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏيڻ بجاءِ مفاد پرستيءَ آڌار ڪيل فيصلن سان شهرن ۽ ٻهراڙين کي وڌيڪ برباد ڪري سنڌ جي اجتماعي مفادن جي ڀينگ ڪري ڇڏي. نتيجو اهو آهي جو هينئر سنڌ ۾ عملي طور حڪومت جو وجود نظر نه ٿو اچي، ڪراچي مختلف گروهن جي والار هيٺ آهي ۽ ٻهراڙيون وڏيرن جي جاگير ۾ تبديل ڪيون ويون آهن. سنڌ جي عوام جي اڪثريت سياسي، معاشي ۽ سماجي طور انتها درجي جي بدحاليءَ جو شڪار آهي. ٻئي طرف ملڪي ۽ خطي جي عسڪري ۽ سياسي صورتحال سبب غير يقيني حالتون اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿي رهيون آهن. ان صورتحال ۾ سنڌ جي سياست کي الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي. ان پسمنظر ۾ پنجاب جي ورهاڱي واري بل کي به هڪ معاملي تي ڪيل مهم جوئي طور ڏسڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ اندر هلندڙ سياسي ٽڪراءُ کي نوان رخ ملندا. اها مهم جوئي سرائيڪين کي ته ڪو فائدو نه ڏيندي، پر باقي صوبن اندر آبادين ۾ ٽڪراءُ کي نوان بنياد فراهم ڪندي. باقي اقتداري مفادن خاطر پيپلز پارٽي اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي، جنهن جي ڊگهي مدي وارا اثر سنڌ توڙي ملڪ لاءِ ناڪاري ثابت ٿيندا. اهڙي قسم جي ڪابه قانون سازي يا انتظامي جوڙجڪ، جيڪا سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌ جي وحدت کي هينئر يا مستقبل ۾ هاڃو پهچائي سگهي ٿي، ان جي ڪهڙي به طرح حمايت نه ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي ورهاڱي وارو بل به بنيادي طور اهڙي قانون سازيءَ جو بنياد بنجندو، جنهن سان صوبن جي تاريخي جاگرافيائي وحدت کي هاڃو رسندو. مختلف مفاد پرست گروهه طاقت جي زور تي حڪومتن کي بليڪ ميل ڪري ان قسم جي ورهاڱي جي سلسلي ۾ پنهنجي گروهي ۽ لساني مفادن لاءِ اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن سان مختلف آبادين ۾ ٽڪراءُ ۾ اضافو ٿيندو. اهڙي صورتحال هر صوبي ۾ موجود آهي ۽ سياسي ڌريون پنجاب جي ورهاڱي واري ڪوشش کي بنياد ۽ جواز بڻائي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. سنڌ ۾ جيڪي ڌريون مختلف آبادين ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري بجاءِ لساني ٽڪراءُ ۾ دلچسپي رکن ٿيون، اهي پيپلز پارٽيءَ جي مهم جوئيءَ کي حوالي ۽ جواز طور ڪتب آڻي سگهن ٿيون. سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ ان قسم جي مهم جوئيءَ خلاف چٽو موقف رکندي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت واري سوال کي ووٽ جو بنياد بڻائين.

    (روزاني ڪاوش 10 مارچ 2013ع)


    12. ڪاري قانون جي واپسي منزل نه پر وک آهي

    جيتوڻيڪ سنڌي عوام جي شاندار جدوجهد ۽ پنهنجي سياسي مصلحت خاطر پيپلز پارٽيءَ ساڳين تاڙين ۽ هوڪرن ۾ مڪاني ادارن جي ٻٽي نظام وارو بل واپس وٺي ڇڏيو آهي، پر اها ڳالهه بنهه وائکي ٿي چڪي آهي ته ان سڄي عمل جي پٺيان نه سنڌ جي سڄڻائپ وارو درد شامل آهي ۽ نه پنهنجي خطرناڪ غلطيءَ جو احساس. چونڊون مٿان آهن، صوبي اندر ناٽڪي مخالف ڌر به ڏيکارڻي آهي، سنڌين تي به ٿورو ڪرڻو آهي ۽ سنڌ اندر تيزيءَ سان مقبوليت ماڻيندڙ مخالف ڌر کي چونڊ مهم جي اهم ترين نعري کان وانجهو به ڪرڻو آهي، تنهن ڪري وقتي طور مڪاني ادارن وارو نظام واپس وٺڻ بهترين حل هو. سنڌ سرڪار ۾ ذري گهٽ پنج سال ساٿاري ٿي حڪمراني ڪندڙ ٻنهي ڌرين کي پتو هو، ته سندن پنجن سالن جي ڪارڪردگي ايتري ته مايوس ڪندڙ رهي آهي، جو عوام وٽ ووٽ گهرڻ لاءِ وڃڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي ويو هو. صاف نظر اچي رهيو هو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار پنهنجن تڪن ۾ چونڊ مهم هلائڻ جهڙا نه رهن ها ۽ هن ڀيري قومپرست پارٽين، مسلم ليگ فنڪشنل، اين پي پي ۽ نواز ليگ جو ٺهندڙ اتحاد کين چونڊن ۾ سولائيءَ سان سيٽون کٽڻ نه ڏئي ها، تنهن ڪري ان قانون کي واپس وٺڻ پيپلز پارٽيءَ لاءِ سياسي مجبوري پڻ بنجي چڪي هئي. سپريم ڪورٽ گذريل ڪجهه ٻڌڻين دوران جنهن قسم جا ريمارڪس ڏنا آهن، ان مان به اهو تاثر ملي رهيو آهي، ته عدالت اهو قانون يا ته ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي ها يا ان جي مکيه شقن ۾ رد و بدل جو حڪم جاري ڪري ها. اها صورتحال ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ ويتر هاڃيڪار هجي ها. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم کي به ڪراچيءَ ۾ ڪا آسان صورتحال سامهون ناهي، چونڊ لسٽن مان غلط ووٽ نڪرڻ ۽ شهر اندر هڪ گڏيل مخالف سياسي محاذ ٺهڻ سبب، ان کي به پنهنجن تڪن ۾ سخت للڪار کي منهن ڏيڻو آهي. هن قدم سان ايم ڪيو ايم کي به پنهنجي چونڊ مهم لاءِ هڪ مضبوط ايجنڊا ۽ نعرو فراهم ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اهو قانون ايم ڪيو ايم جي رضامنديءَ کان سواءِ ختم ٿئي ها ته ٻئي ڏينهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ زندگي ائين معمول مطابق نه هجي ها. هميشه ائين ٿيندو آهي ته، جڏهن به متحده ناراض ٿيندي آهي، ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون آهن، پر هن ڀيري، ائين نه ٿيو، جيڪو غير متوقع هو. وڏي ڳالهه اها ته، ڄاڻايل بل پاس ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج، جيڪو اهڙن واقعن کان پوءِ عام طور تي ڪريش ٿي ويندو آهي، اهو به غير متوقع طور تي بلند ترين سطح تي رهيو، جتي واپاري سرگرميون عروج تي رهيون ۽ هڪ موقعي تي اهو 18000 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح به ٽپي ويو. سنڌ جو گورنر جنهن نموني ٻاهر ويو ۽ وقتي گورنر نثار کهڙي، بل تي صحيح ڪئي، ان مان اهو سمجهيو پيو وڃي ته متحده کي اهو موقعو ڏنو ويو ته جيئن اهي پنهنجي تڪن ۾ وڃي اهو چئي سگهن ته مڪاني نظام واپس وٺڻ واري بل تي سندن گورنر صحيح نه ڪئي آهي.
    ڪجهه مهينا اڳ تائين هن قانون جي خوبين کي سمجهڻ لاءِ عوام کي پي ايڇ ڊي جون صلاحون ڏيندڙ حڪمران ڌر وارن، خبر ناهي ان عرصي ۾ ڪهڙيون ڊگريون حاصل ڪيون، جن کان پوءِ اوچتو مٿن انڪشاف ٿيو ته اهو قانون سنڌ جي مفادن جي ابتڙ آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اها ڳالهه غور طلب آهي ته سندن مقدر جا فيصلا ڪندڙ پارٽيءَ وٽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪيڏي نه شديد غربت آهي، جو قوم جي زندگي ۽ موت سان لاڳاپيل معاملن تي فيصلا ايڏي سطحي انداز ۾ ڪيا وڃن ٿا. ڪنهن ملڪي سطح جي پارٽيءَ لاءِ فيصلي سازيءَ جو اهو معيار ان جي حامين ۽ ووٽرن لاءِ ضرور ڳڻتيءَ جو ڪارڻ هجڻ گهرجي. مڪاني ادارن واري معاملي تي پيپلز پارٽيءَ جيترا ڀيرا ڦيرا کاڌا آهن، ان مان اُهو به واضح انديشو آهي ته، ممڪن آهي ته ان جو هي فيصلو به عارضي ۽ اليڪشن ٿيڻ تائين محدود هجي، ميمبرن ۽ وزيرن ڪا ٻي ڊگري حاصل ڪري پنهنجي فيصلي تي نظرثانيءَ جي ضرورت محسوس ڪئي، ته چونڊن کان پوءِ ساڳي يا ان جهڙي ڪنهن نئين آمر جي قانون جي امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. پيپلز پارٽيءَ وارا فيصلا ڪرڻ ۾ ڪيترا باصلاحيت يا خود مختيار آهن، ان جو مظاهرو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٿي چڪو آهي. صاف نظر اچي ٿو ته پارٽيءَ اندر فيصلا سياسي ميرٽ تي نه پر حڪم جي تعبيداريءَ هيٺ ڪيا وڃن ٿا ۽ وفادارن جو هڪ گروهه قيادت جي هر ابتي ۽ سبتي فيصلي جي حمايت ۾ دليلن جا دستاويز تيار ڪريو ويٺو آهي. سنڌي ماڻهن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هاڻي سندن محبوب پارٽي فيصلا ڪرڻ وقت سندن مفادن کي نه پر ڪجهه ٻين ڌرين جي مفادن کي اوليت ڏيندي رهي ٿي.
    ان نئين صورتحال ۾ قومپرست ۽ ٻين ڌرين جي پ پ مخالف اتحاد کي، چونڊن ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ کي نئين سر ترتيب ڏيڻو پوندو. مڪاني ادارن وارو قانون چونڊ مهم جي حوالي سان هڪ اهم نعرو هو، جيڪو هاڻي ساڳي شڪل ۾ موجود نه رهندو، تنهن هوندي به ان قانون بابت قانون جي ڪنهن نئين شڪل ۾ واپسيءَ وارو انديشو اڃا به هڪ اهم سياسي ايجنڊا بنجي سگهي ٿو. پيپلز پارٽي ايندڙ ڀيري به اقتدار ۾ رهڻ واري خواهش جي پورائي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي. گذريل پنجن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ جهڙيءَ ريت سنڌ اندر ميرٽ جو جنازو ڪڍيو آهي، جنهن طرح صوبي کي بدترين حڪمراني ڏني آهي، بينظير جي دشمنن ۽ مشرف جي ساٿارين کي مان ڏئي مٿانهون ڪيو آهي، جيئن سنڌ کي لساني ويڇن جي آڙاهه ڏانهن ڌڪيو آهي ۽ جهڙيءَ طرح وچولي طبقي کي پٺيرو رکڻ لاءِ وڏيرڪي ڪلاس کي مضبوط ۽ منظم ڪيو آهي، انهن سڀني نڪتن تي به ايندڙ چونڊ مهم ۾ ان جي سياسي هڪ هٽيءَ کي للڪاري سگهجي ٿو. سنڌ مجموعي طور گذريل پنجن سالن ۾ هڪ لڳاتار بيچيني ۽ ذهني اذيت مان گذري آهي. اڃا به سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائي سگهندڙ ذوالفقار آباد رٿا سنڌ مٿان تلوار جيان لٽڪيل آهي. ان سڄي پس منظر ۾ ڏسجي ته مڪاني ادارن وارو قانون واپس وٺڻ جي باوجود پيپلز پارٽيءَ کان ڪيترائي ٻيا پڇاڻان ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ ٻين مخالف پارٽين کي انهن سمورين حقيقتن کي مد نظر رکندي، چونڊ مهم ۽ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
    گذريل پنجن سالن جي تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته بنا سوال جواب جي غير مشروط ووٽ ڏيڻ اجتماعي آپگهات برابر آهي. پيپلز پارٽي هجي يا سندس مخالف سياسي ڌريون، سنڌ واسين کي ايندڙ چونڊن ۾ بنا سوالن جي جوابن ۽ شرطن جي ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح چونڊ مهم دوران رڳو آئيندي جي واعدن جو نه پر ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو به پڇاڻون ٿيڻ گُهرجي. سنڌ سان ويساهه گهاتي ان ڪري سولي ٿي پئي آهي، جو سنڌ ۾ پڇاڻي جو رواج ناهي. شهيدن جي واسطن ۽ ٻه ڏهاڪا اڳ ٿيل واقعن جا ماتم ڪري، ووٽ وٺڻ جي روايت کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. ساڳي طرح ٻين ڌرين کي به رڳو ان ردعمل ۾ ووٽ نه ڏيڻ گهرجي ته اهي پيپلز پارٽيءَ جون مخالف آهن.انهن ڌرين کان به سندن سياسي ڪردار، عملي جدوجهد ۽ آئيندي جي پروگرام بابت چٽا سوال جواب ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن سنڌ ۾ عوامي سطح تي هڪ ڀيرو پُڇاڻي جي روايت پختي ٿي وڃي، ته پوءِ سنڌين جي مفادن سان هٿ چراند آسان نه هوندي.
    گذريل ڏينهن مڪاني ادارن جو بل واپس ٿيڻ تي اسيمبليءَ ۾ هوڪرا ڪندڙ، شهرن ۾ ريليون ڪڍندڙ ۽ مٺايون ورهائيندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽيءَ اڳواڻن کي ان پڇاڻي کان آجو نه رکيو وڃي، ته آخر اهڙو سنڌ دشمن فيصلو ڪرڻ وقت کين ان قانون ۾ ڪهڙيون چڱايون نظر آيون هيون ۽ هاڻي نئون فيصلو ڪندڙن ۾ ڪنهن هڪ اڌ ميمبر جو به فرق ناهي، ته پوءِ هاڻي انهن سڀني دانائن کي ان قانون ۾ اهڙيون ڪهڙيون خرابيون نظر آيون آهن؟ سنڌ واسين کي به اهو سوچڻ گهرجي ته اهڙن ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪلي پنجن سالن لاءِ پنهنجي مقدر جون واڳون سونپڻ سياسي طور ڪيتري عقلمنديءَ وارو ڪم آهي. سنڌ جي اجتماعي سياسي شعور لاءِ اهو هڪ بنيادي سوال آهي، ته عطائي ڊاڪٽرن جهڙي سياسي قيادت سندن مفادن جو ڪيترو برو حشر ڪري سگهي ٿي.
    سنڌ جي قومپرست قيادت ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ صحافين، ليکڪن ۽ شاعرن جي هن شاندار سوڀ اهو به ڏڍ ڏنو آهي، ته مستقل مزاجي ۽ گڏيل ٻڌيءَ سان گهڻ رخي سياسي جدوجهد وسيلي وڏي کان وڏي عوام دشمن قانون سازي ۽ فيصلن کي رد ڪرائي سگهجي ٿو. ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ ٻٽي مڪاني نظام تي سنڌ واسين جي شاندار عوامي سوڀ اهو ثابت ڪيو آهي ته، نه رڳو سنڌي هڪ پختي اجتماعي سياسي ساڃاهه رکندڙ قوم آهن، پر هو ان سياسي ساڃاهه کي عوامي مزاحمتي جدوجهد ۾ تبديل ڪري پنهنجا مقصد به ماڻي سگهن ٿا، جنهن جو بنياد بليڪ ميلنگ يا تشدد نه پر منظم سياسي عمل آهي. سنڌ ۾ اڀرندڙ سياسي ڌر مسلم ليگ فنڪشنل ۽ قومپرست پارٽين لاءِ جتي هي واقعو سندن جدوجهد جي ڪاميابي ۽ حاصلات آهي، اتي کين ان حقيقت کي به سمجهڻو پوندو ته سنڌ واسي هاڻي پنهنجي اجتماعي قومي مفادن سان ڪا به هٿ چراند يا غير سنجيدگيءَ وارو رويو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ کي هڪ اهڙي باعمل ۽ باڪردار سياسي قيادت جي ڳولا آهي، جيڪا ان جي سياسي شعور ۽ مزاحمتي سگهه کي سرواڻي فراهم ڪري سگهي، جنهن سان اهي پنهنجي گڏيل قومي مفادن جي نگهباني ڪري سگهن. ستر واري ڏهاڪي ۾ قدرتي آفتن، ڏڪارن ۽ رياستي تشدد جو شڪار ٿيل بنگالي قوم کي اهڙي قيادت عوامي ليگ جي شڪل ۾ ملي هئي. ان پارٽيءَ جي سرواڻيءَ ۾ بنگالين عوامي جدوجهد جي هڪ شاندار تاريخ لکي. سنڌ جو سياسي شعور ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ تاريخي سڃاڻپ سان جذباتي ڳانڍاپو بنگالين کان ڪهڙيءَ به ريت گهٽ ناهي، فرق رڳو اهو آهي ته سنڌ وٽ ڪا اهڙي نمائنده قيادت موجود ناهي، جيڪا سنڌ جي سياسي ساڃاهه کي سنئين دڳ تي لائي، قومي حقن جي جدوجهد ۾ ان کي ويساهه جوڳي قيادت فراهم ڪري. چئن ڏهاڪن کان سنڌ واسين پيپلز پارٽيءَ کي ان ئي اميد هيٺ رت ست ۽ ووٽ ڏنا آهن، پر بدقسمتيءَ سان اها سندن مفادن ۽ خواهشن جي نمائندگي ڪرڻ بجاءِ اقتداري هوس جي ڊوڙ ۾ سندن مفادن کي تين وال ڪندي رهي آهي. هن کان اڳ ته ان وٽ اهو دليل هو ته پارٽيءَ کي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ نه ٿي ڏنو ويو ۽ ٻيو ته اسلام آباد ۾ اقتدار جي سڀ کان اوچي مسند تي ويهندڙ فرد ان جا ويري هئا، پر هن ڀيري اهي ٻئي دليل رد ٿي چڪا آهن. پيپلز پارٽيءَ کي نه رڳو پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، پر هڪ سگهاري حڪمراني به سندس هٿ هيٺ رهي آهي. ان تاريخي موقعي جي باوجود سنڌ کي گذريل پنجن سالن ۾ رشوت خوري، بدامني، ٻوڏن جي بدحالي، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڌرتيءَ کي ورهائيندڙ زوريءَ مڙهيل قانون ڏنا ويا. تنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ کان پڇاڻو ڪرڻ سنڌ واسين جو حق به آهي، ته قومي فرض به آهي. 18 هين ترميم ۽ نئين اين ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ کي ٻڌايو ويو ته هاڻي سندس حڪومت وٽ انهن جي استعمال لاءِ سندن ووٽن سان چونڊيل هڪ جمهوري حڪومت به صوبي اندر موجود آهي. پنج سال گذرڻ کان پوءِ سنڌ واسين کي پاڻ ليکو چوکو ڪرڻ گهرجي، ته اهي اختيار ۽ وسيلا ڪيتري قدر سندن زندگين کي بهتر بنائڻ لاءِ استعمال ٿيا آهن. ايندڙ چونڊون به جيڪڏهن ان پڇاڻي کان سواءِ گذريون ته پوءِ سنڌين لاءِ اها چوڻي ٺيڪ ثابت ٿيندي ته “پنهنجي وڍيي جو ويڄ نه طبيب”.

    (روزاني ڪاوش 24 فيبروري 2013ع)
    *


    13. سنڌ کي ڪهڙو مڪاني نظام گهرجي...؟

    25 جولاءِ تي سنڌ سرڪار جي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري طرفان هڪ خط وسيلي مون کان صوبي لاءِ تيار ٿيندڙ مڪاني ادارن واري نئين قانون لاءِ رٿون گهريون ويون. ان خط جي وراڻيءَ مان مون ڊاڪٽر سڪندر مينڌري کي هيٺيون خط اماڻيو، جنهن جو متن هن مضمون ۾ جيئن جو تيئن ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته هن خط جو ڪچو متن (Draft) اسلام آباد ۽ سنڌ جي ڊزن کن ڄاتل سڃاتل سول سوسائٽي جي فردن کي به موڪلي سندن رايا ورتا هئم ۽ ان موٽ آهر ڪجهه ڦيرڦار ڪرڻ کان پوءِ هيٺيون متن مڪاني ادارن جي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري کي موڪليو ويو. ظاهر آهي ته هن خط ۾ ڏنل رٿون منهجي اڻ پوري سمجهه آهر آهن ۽ انهن بابت اختلاف راءِ جي حق جو احترام ڪندس.
    سنڌ سرڪار پاران صوبي اندر مڪاني ادارن واري نئين قانون ۽ نظام بابت سنجيدهه اڳڀرائي هڪ وقتائتو قدم آهي. ان ڪم کي اڳي ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ضرورت به آهي، رڳو ان لاءِ نه ته آئيني گهرجن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن يا پارٽيءَ جي پنهنجي منشور جو پورائو ڪيو وڃي پر اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن عوام وٽ هيٺين سطح تائين خدمتون اثرائتي نموني پهچائي سگهجن، جيڪي هينئر ابتڙ حالت ۾ آهن. گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ حڪومت 1979ع واري مڪاني ادارن جي قانون ۽ 2012ع واري سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ وچ ۾ ڦرندي رهي آهي. مان پر خلوص اميد ڪريان ٿو ته صوبائي حڪومت سياسي ساڃاهه جو مظاهرو ڪندي مڪاني ادارن بابت اهڙا مضبوط فيصلا ڪندي، جيڪي سنڌ جي عوام جي خواهشن پٽاندڙ هجن.
    1. سنڌ اندر موجود لساني ويڇن ۽ آباديءَ جي اڻ برابريءَ جي واري عدم توازن کي نظر ۾ رکندي ان قانون وسيلي سڀني کي ساڻ کڻي هلڻ وارو رويو رکجي ته جيئن سنڌ جي عوام اندر وڌندڙ ويڇن کي گهٽائي سگهجي. 2012ع وارو SPLGA هڪ پارٽيءَ ڏانهن جهڪاءُ تي ٻڌل هو، جنهن صوبي ۾ تڪرار کي جنم ڏنو، نئين قانون کي سمورن شهرين کي بنا تعصب جي بنيادي خدمتون فراهم ڪرڻ واري بنياد تي تيار ڪيو وڃي ۽ ان جو مقصد ڪنهن سياسي يا لساني گروهه يا اتحاديءَ کي خوش ڪرڻ نه هجڻ گهرجي.
    2. ڪراچيءَ کانسواءِ سنڌ جي ٻين اسرندڙ شهرن سان به برابري ۽ انصاف وارو ورتاءُ ڪيو وڃي، 2012ع واري SPLGA تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ٻين ضلعن ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ڀيٽ ۾ واڌو اختيار ڏنا ويا، جنهن سان اختيارن جو توازن بگڙيو، جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جون پنهنجون خاص حالتون آهن، اتي اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جا پنهنجا سياسي پاسا به آهن، جيڪي باقي صوبن جي وڏن شهرن کان مختلف آهن. ٻين صوبائي گادي وارن شهرن ۾ اهڙا لساني گروهه راڄ نه ٿا ڪن، جيڪي پنهنجا شرط بندوق جي زور تي مڙهيندا هجن، سنڌ اندر هر قسم جي قانوني ۽ انتظامي ڍانچي کي اها حقيقت ذهن ۾ رکڻ گهرجي. نئين قانون ۾ هر ضلعي سان اختيار ۽ ذميوارين جي حوالي سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي.
    3. ڪراچي ميٽرو پوليٽن جي مڪاني ادارن واري ڍانچي جو بنياد هاڻوڪن پنجن ضلعن کي بڻجڻ گهرجي. انهن ضلعن کي باقي سنڌ جي ضلعن واري حيثيت ۾ ئي رکڻ گهرجي. بهرحال هڪ اهم حقيقت کي ذهن نشين رکڻ گهرجي ته ڪجهه ضلعن خاص طور تي ملير ۽ ڪراچي اولهه ۾ ٻهراڙين جا به علائقا اچي وڃن ٿا، جيڪي مستقل طور غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار رهيا آهن. انهن علائقن کي خصوصي درجو ڏئي کين خاص ترقياتي فنڊ، شهري ٽيڪسن کان ڇوٽ ۽ نوڪرين توڙي داخلائن ۾ خاص ڪوٽا ڏني وڃي. ان سان شهر اندر شهري، ٻهراڙي توڙي لساني ويڇن کي گهٽائي شهر کي ڊگهي مدي ۾ هڪ بهتر سياسي ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رابطي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن قائم ڪئي وڃي، جيئن شهر جي ضلعن وچ ۾ گڏيل ترقياتي رٿائن ۽ ٻين معاملن کي نبيري سگهجي.
    4. چونڊيل عيوضين کي پنهنجي علائقن ۾ بااختيار هجڻ گهرجي، ڪامورا شاهي چونڊيل عيوضين تي پنهنجي مرضي نه هلائي. ساڳئي طرح چونڊيل عيوضي به پنهنجي ايوانن اڳيان جوابده هجن ۽ ڪامورا شاهي جي ڪمن ۾ نه اٽڪجن. چونڊيل عيوضين ۽ ڪامورا شاهي وچ ۾ اختيارن جي حدن کي قانون اندر چٽو رکيو وڃي ۽ انهن جي حدن وچ ۾ ڪڍيل ليڪو چٽو هجڻ گهرجي.
    5. سيڪيورٽي، پوليس ۽ زمين جي انتظام ڪاري ميٽروپوليٽن يا ضلعي ڪائونسلن جي حوالي نه ڪرڻ گهرجي، زمين خاص طور تي شهري علائقن اندر زمين تڪرارن جو مکيه ڪارڻ آهي، تنهن ڪري ان کي صوبائي حڪومت جي ماتحت رکيو وڃي. ساڳئي طرح پوليس کي به سياسي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ جي روايت موجود رهي آهي. سنڌ جي سماجي ۽ لساني بيهڪ کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آهي ته پوليس کي اڻ ڌريو رکڻ لاءِ ان کي مڪاني حڪومتن جي ماتحت نه رکيو وڃي. جيتوڻيڪ چونڊيل عيوضين سان پوليس کاتي جي لهه وچڙ جو به نظام موجود هجڻ گهرجي ته جيئن چونڊيل عيوضين جي مدد سان امن و امان قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
    6. مڪاني ادارا صوبائي وڏي وزير جي ماتحت هجڻ گهرجن. وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ هڪ خودمختيار لوڪل باڊيز ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا مڪاني ادارن جي معاملن جي نظرداري ڪري. ان ڪميشن مان هر ڊويزن مان نمائندگي هجڻ گهرجي ۽ عورتن توڙي مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ برادرين جي به نمائندگي هجڻ گهرجي. ان ڪميشن وٽ مڪاني ادارن بابت فيصلا ڪرڻ جا مڪمل اختيار هجڻ گهرجن.
    7. مڪاني حڪومت ۾ هر سطح تي عورتن جي ٽيون حصو نمائندگي يقيني بڻائڻ گهرجي. عورتن جي چونڊ سڌي ووٽ ذريعي ٿيڻ گهرجي ۽ چونڊيل ڪائونسلر انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان به چونڊين. ساڳئي طرح مختلف سطحن تي ٺهندڙ ڪميشن ۽ ڪميٽين وغيره ۾ به عورتن جي مناسب نمائندگي هجڻ گهرجي. عورت ڪائونسلرن کي به فنڊ ساڳئي طرح ملڻ گهرجي. اهي فنڊ رٿائن جي ميرٽ تي هئڻ گهرجن.
    8. مذهبي اقليتن، پورهيتن ۽ هارين کي به مناسب صنفي توازن هيٺ هر سطح تي نمائندگي ملڻ گهرجي.
    9. ڪائونسلن کي مالي وسيلا انصاف ڀرئي بنياد تي فراهم ڪيا وڃن. رد ٿيل SPLGA ۾ فنڊن جي ورهاست جا جيڪي اصولي بنياد مقرر ڪيا هئا، تن ۾ مالي صلاحيت، مالي ڪارڪردگي ۽ مالي جاکوڙ جهڙا اهڃاڻ شامل هئا. جيڪي رڳو انهن وڏن شهرن کي فائدو ڏيندا، جتي متحرڪ معيشت هجي ۽ ٽيڪسن وسيلي واڌو وسيلا پيدا ڪري سگهجن. ٻهراڙين وارن علائقن کي ترقيءَجا برابر موقعا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته غربت، پسماندگي ۽ ترقيءَ جي وڇوٽيءَ جهڙا اهڃاڻ به فنڊن جي ورهاست جو بنياد بنايا وڃن. ساڳئي طرح صوبائي مالياتي ايوارڊ واري ڪميشن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪري ان ۾ ساکائتن فني ۽ غير سياسي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو خاص خيال رکيو وڃي ڇو ته انهن علائقن ۾ ترقيءَ جو عمل ڪيئي سالن لاءِ پٺتي ڌڪجي ويو آهي ڇو ته ٻوڏ اتي هر شئي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
    10. SPLGA هيٺ ڪائونسلن کي پنهنجي وسيلن مان ڪو به نئون کاتو قائم ڪرڻ يا سرگرمي شروع ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا. اهو عمل به انهن شهرن کي فائدو ڏيندو، جتي ڪائونسلن وٽ اضافي وسيلا موجود هجن، باقي ٻهراڙي وارن علائقن کي ان مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. جڏهن ته ڪابه ڪائونسل ان شق جو غلط فائدو وٺندي اعتراض جوڳا کاتا به قائم ڪري سگهي ٿي. مثال طور مقامي سطح تي سيڪيورٽي لاءِ ڪا مقامي فورس قائم ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪي سگهارا گروهه ان شق هيٺ مخالف گروهن کي چٿڻ لاءِ وفادار فورس کي به قائم ڪري سگهن ٿا، نئين قانون ۾ انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکيو وڃي.
    11. سنڌ ۾ لڳاتار قدرتي آفتون اينديون رهيون آهن. نئين قانون هيٺ مڪاني ادارن کي اهي اختيار ۽ ذميواريون سونپيون وڃن، جنهن هيٺ اهي پنهنجي علائقن ۾ آفتن کان بچاءُ جون رٿائون جوڙي عمل هيٺ آڻي سگهن. ان لاءِ اهي ادارا صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ کان فني رهنمائي حاصل ڪن. ضلعي سطح تي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ يا کاتا قائم ڪيا وڃن، جيڪي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ سان به ڳنڍيل هجن ته ساڳئي وقت اهي مڪاني ڪائونسل سان به لهه وچڙ ۾ هجن.
    12. ڄاڻ تائين رسائي شهرين کي بااختيار بنائڻ جو اهم وسيلو آهي. سنڌ سرڪار ان کي مڪاني ادارن واري قانون جو حصو بڻائي هڪ هاڪاري وِک کڻي سگهي ٿي. شهرين کي ترقياتي رٿائن، بجيٽ، خرچن، گڏجاڻين جي رڪارڊ تائين پهچڻ جو حق هجڻ گهرجي. هڪ اهڙو انتظامي ڍانچو رٿيو وڃي، جنهن هيٺ هر مرد يا عورت شهري آسانيءَ سان پنهنجي علائقي بابت اهڙي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. مڪاني حڪومتن کي پابند بڻايو وڃي ته اهڙي ڄاڻ عوام تائين پهچائڻ لاءِ ويب سائيٽس تي رکن.
    13. نئين قانون هيٺ شڪايتن ۽ اهنجن بابت دانهڻ لاءِ به موقعا موجود هجڻ گهرجن ته جيئن عوام پنهنجي چونڊيل ڪائونسلن جو احتساب ڪري سگهي. ضلعي سطح تي ان لاءِ ڪو محتسب جو ادارو به قائم ڪري سگهجي ٿو، جنهن وسيلي مڪاني ادارن جي کاتن کي جوابداه بڻائي انهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. متاثر ڌر کي ان صورت ۾ لوڪل باڊيز ڪميشن اڳيان اپيل جو حق ڏيڻ گهرجي.
    14. ڪنهن به مڪاني اداري کي آڊٽ کان آجو نه رکڻ گهرجي گذريل دور ۾ هڪ ڌر کي اثر هيٺ آيل مڪاني ادارن کي آڊٽ کان آجو رکيو ويو. مڪاني ادارن کي به ملڪي آئين ۽ قانون هيٺ احتساب جي عمل جو حصو بڻجڻ گهرجي. ضلعي اندر سرڪاري ۽ مخالف ڌر تي ٻڌل ضلعي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي به قائم ڪئي وڃي.
    15. ماضيءَ ۾ مڪاني ادرن هيٺ سياسي بنيادن تي رٿائون شروع ڪيون ويون، جنهن سان بنيادي خدمتن جهڙوڪ، صحت، تعليم، پاڻي ۽ نيڪال جون سهولتون متاثر ٿيون. نئين قانون ۾ سياسي بنيادن تي ٿيندڙ غير ضروري ترقياتي رٿائن کي روڪڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
    16. مڪاني ادارن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي هر سال پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عوام اڳيان پڌري ڪن. اهڙي ڄاڻ مقامي ٻولين ذريعي عوام تائين پهچائي وڃي.
    17. پارٽي بنيادن تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ بهتر قدم آهي، جنهن سا هيٺين سطح تي جمهوري ڪلچر کي هٿي ملندي، ضلعي، تعلقي ۽ ميونسپل ڪميٽين جا چيئرمين به سڌي چونڊ ذريعي چونڊيا وڃن، ته جيئن ووٽرن کي سندن چونڊ جو سڌو حق حاصل ٿي سگهي.
    18. ضلعي سطح تي 17 هين يا ان کان مٿئين گريڊ جي آفيسرن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ مقرر ڪيو وڃي، انهن کي مدت ختم ٿيڻ کان اڳ رڳو ان صورت ۾ هٽائڻ گهرجي، جڏهن سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ڪميٽي مٿس لڳل ڪنهن سنگين الزام جي تصديق ڪري. اهڙي صورت ۾ متاثر آفيسر کي اپيل جو حق ملڻ گهرجي.
    19. ضلعي سطح تي هڪ رٿابنديءَ ۽ ترقيءَ واري ڪميٽي جوڙڻ گهرجي. ان ڪميٽيءَ کي ترقياتي رٿائن جي رٿن، عمل ۽ نظرداريءَ لاءِ با اختيار بڻايو وڃي ۽ ان ۾ سرڪاري توڙي مخالف ڌر ۽ عورتن جي نمائندگي هجڻ گهرجي. ضلعي ۽ تعلقي سطح جي اختيارن کي مالي طور پاڻ ڀرو رکڻ لاءِ کين مقامي سطح تي ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار هجڻ گهرجي. انهن ٽيڪسن کي سنڌ روينيو بورڊ جي ذميواريءَ هيٺ ڏنو وڃي. سنڌ روينيو بورڊ کي اوڳاڙيءَ عيوض هڪ سيڪڙو ادائيگي ڪئي وڃي. ۽ بورڊ هر مهيني ضلعن کي سڌي طرح اها رقم منتقل ڪري.

    (روزاني جيجل 27 جولاءِ 2013)
    *


    14. چونڊ نتيجن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ لڪل نياپو

    2013ع جي چونڊن ۾ جتي پيپلز پارٽيءَ کي باقي سڄي ملڪ ۾ شڪست ملي آهي، اتي سنڌ اهو واحد صوبو آهي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي ملڪي سياست ۾ مڪمل شڪست کان بچايو آهي. 18هين مئي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايل انگن اکرن موجب، پيپلز پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪل 31 سيٽون حاصل ٿيون، جن مان 29 سنڌ مان ۽ رڳو ٻه سيٽون پنجاب مان حاصل ٿيون. باقي صوبن مان پيپلز پارٽيءَ کي هڪ به سيٽ حاصل نه ٿي سگهي. ساڳئي طرح صوبائي اسيمبلين مان پيپلز پارٽيءَ کي ڪل 73 سيٽون حاصل ٿيون، جنهن مان 65 سنڌ مان، 6 پنجاب مان ۽ رڳو ٻه سيٽون خيبر پختونخوا مان حاصل ٿيون. انهن نتيجن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ، پيپلز پارٽيءَ جي آخري پناهه گاهه وڃي بچي آهي. هڪ اهڙو صوبو، جنهن کي چاليهن سالن جي غير مشروط محبت جي عيوض گذريل پنجن سالن دوران بدامني، ڪرپشن، انفرا اسٽرڪچر جي بربادي، ميرٽ جي لتاڙ، ذوالفقار آباد رٿا، انتظامي ورهاڱي وارو مڪاني نظام ڏنا ويا، ان وري پيپلز پارٽيءَ کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو آهي. 1997ع وارين چونڊن جي ابتڙ هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي ٻين صوبن مان مليل سياسي نيڪالي عوامي راءِ جو اظهار آهي. انهن صوبن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ هاڻي سياسي جاءِ پيدا ڪرڻ سخت مشڪل ڪم آهي ۽ پارٽيءَ جي هاڻوڪن روين ۽ حڪمت عملين مان اهو ٿيندي به نظر نه ٿو اچي. باقي رهي سنڌ، ته ان بابت به پيپلز پارٽيءَ کي حقيقت پسند ٿي سوچڻو پوندو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي لڳ ڀڳ 2008ع جيتريون سيٽون سنڌ مان حاصل ڪيون آهن پر سياسي ڌريون وڏي پئماني تي ڪرايل مبينا ڌانڌلين کي انهن نتيجن جو ذميوار قرار ڏين ٿيون. انهن سمورين ڳالهين جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ اندر مقبوليت کي جيڪو ڌڪ رسيو آهي، اهو مختلف تڪن تي ان جي اميدوارن ۽ سندس مخالف ڌرين جي اميدوارن کي مليل ووٽن جي انگ مان صاف ظاهر آهي. سنڌ ۾ ووٽن جي مجموعي انگن اکرن تي نظر وجهڻ سان واضح ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت ۾ نمايان لاٿ آئي آهي. 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ اندر 43 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا پر هن سال جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي صوبي اندر ڪل 38 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، يعني ان جي ووٽن ۾ 7 سيڪڙو پوائنٽس لاٿ آئي آهي.
    ان حقيقت کي وڌيڪ بهتر نموني تڪ وار جائزي سان سمجهي سگهجي ٿو. نموني طور سنڌ جي ڏهن صوبائي ۽ پنجن قومي اسيمبليءَ جي تڪن جو جائزو وٺڻ سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته سيٽون کٽڻ جي باوجود ووٽن جي معاملي ۾ پارٽيءَ جي ووٽن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. انهن سمورن تڪن تي 2008ع جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي اميدوار جي مخالف اميدوار کان ووٽن جي سرسيءَ به چٽي لاٿ کي ظاهر ڪري ٿي. اهي انگ واضح ڪن ٿا ته پيپلز پارٽيءَ جي غلط حڪمت عملين سبب سنڌ واسين پنهنجي ناراضگيءَ جو چٽو اظهار ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي 2008ع جهڙي موٽ نه ملي سگهي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي گهرجي ته سنڌ اندر تبديل ٿيندڙ سياسي روين کي غور سان ڏسي ۽ سمجهي. ڪجهه تڪن جي انگن جو جائزو ان حقيقت کي چٽو ڪري بيان ڪري ٿو.
    (1) پي ايس 27 نوابشاهه تي 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار غلام قادر چانڊيو 40464 ووٽ کنيا، جيڪي تڪ ۾ ڪل وڌل ووٽن (59918) جو 73.6 سيڪڙو هئا. هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي ساڳئي اميدوار 41435 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (79281) جو 52.5 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني ته پيپلز پارٽيءَ هن ڀيري 21 سيڪڙو پوائنٽس گهٽ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ساڳي تڪ تي 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي آيل اميدوار عبدالحَفيظ انڙ (پاڪستان مسلم ليگ) 10725 ووٽ کنيا، جيڪي وڌل ووٽن جو 19.5 سيڪڙو هئا، جڏهن ته هن ڀيري ٻئي نمبر تي سيد زين شاهه 31923 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 41 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف اميدوار اڳ جي ڀيٽ ۾ 21.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. 2008ع ۾ پ پ اميدوار جي پنهنجي مخالف اميدوار تي سرسي 54 سيڪڙو پوائنٽس هئا، اها گهٽجي 12 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
    (2) پي ايس 9 شڪارپور تي 2008ع ۾ پ پ اميدوار آغا سراج دراني 27943 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (53482) جو 52.25 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 32993 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (73586) جو 44.8 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ اميدوار اڳ جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 7.5 سيڪڙو پوائنٽس گهٽ ووٽ کنيا آهن. ساڳئي سيٽ تي 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي آيل اميدوار ذوالفقار ڪماريو 22279 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 41.6 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 31264 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 42.49 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف اميدوار هن ڀيري لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.
    (3) پي ايس 47 قاسم آباد، حيدرآباد تي 2008ع ۾ پ پ اميدوار زاهد ڀرڳڙي 64402 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (74904) جو 86 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جي ابتڙ هن سال پ پ اميدوار ڄام خان شوري 26343 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (64640) جو 40.75 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني ته پ پ اميدوار هن ڀيري 45 سيڪڙو پوائنٽس گهٽ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ ايم ڪيو ايم جي عزيز سومري 7774 يعني وڌل ووٽن جو 10.4 سيڪڙو ووٽ کنيا هئا. ان جي ابتڙ هن ڀيري ٻئي نمبر تي ايندڙ قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجي 14839 ووٽ حاصل ڪيا، جيڪي وڌل ووٽن جو 23 سيڪڙو بنجن ٿا. يعني مخالف ٻئي نمبر اميدوار هن ڀيري لڳ ڀڳ 21.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته پ پ جي کٽيل اميدوار جي پنهنجي مخالف مٿان سرسي 75.6 مان گهٽجي 17.8 سيڪڙو پوائنٽس وڃي بچي آهي.
    (4) پي ايس 59 بدين تي 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي کٽندڙ اميدوار نواز چانڊيو 27506 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (49716) جو 55.33 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 38316 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (80640) جو 47.5 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو پوائنٽس جي لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ مان 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ مسلم ليگ (ن) جي اسماعيل راهو 19604 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 39.4 سيڪڙو بنجي ٿو. ساڳئي اميدوار هن ڀيري 36960 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 45.8 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ مخالف ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار هن ڀيري 6.5 سيڪڙو پوائنٽس کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.
    (5) پي ايس 71 ڄامشورو تي 2008ع ۾ کٽيل پ پ اميدوار سڪندر شوري 43450 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (72018) جو 60.33 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 43735 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (84260) جو 52 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ اميدوار هن ڀيري 8.3 سيڪڙو پوائنٽس گهٽ ووٽ حاصل ڪيا آهن. 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سيد جلال محمود شاهه 22710 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 31.5 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ساڳئي اميدوار 28290 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 33.5 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف اميدوار هن ڀيري ٻه سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.
    (6) پي ايس 74 دادو تي 2008ع ۾ کٽندڙ پ پ اميدوار پير مظهرالحق 41491 ووٽ کنيا جيڪي وڌل ووٽن (53623) جو 77.38 سيڪڙو بنجن ٿا. هن ڀيري سندس پٽ پير مجيب الحق 29548 ووٽ حاصل ڪيا، جيڪي وڌل ووٽن (73640) جو 40 سيڪڙو بنجن ٿا. يعني پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت ۾ هن تڪ تي لڳ ڀڳ 38 سيڪڙو پوائنٽس جي غير معمولي لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ مسلم ليگ جي سيد محمد شاهه 10331 ووٽ کنيا هئا، جيڪي وڌل ووٽن جو 19.2 سيڪڙو هئا. هن ڀيري ساڳئي اميدوار ٻئي نمبر تي 16762 ووٽ کنيا جيڪو وڌل ووٽن جو 22.7 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار 2.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته پيپلز پارٽي اميدوار 2008ع ۾ هن تڪ تي ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار کان 58 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ کنيا هئا پر هن ڀيري اهو فرق گهٽجي صرف 17 سيڪڙو بچيو آهي.
    (7) پي ايس 29 خيرپور تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار سيد قائم علي شاهه 46656 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (67281) جو 69.3 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ساڳئي اميدوار 42347 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (81115) جو 52.2 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني ته هن تڪ تي پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ 17 سيڪڙو لاٿ آئي آهي. 2008ع ۾ ٻئي نمبر تي ايندڙ مسلم ليگ جي ظفر اقبال ٻلال 10900 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 16.2 سيڪڙو بنجي ٿو، جڏهن ته هن ڀيري ٻئي نمبر تي ايندڙ سيد غوث علي شاهه 30545 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 37.6 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف اميدوار جي مقبوليت ۾ 20.5 سيڪڙو پوائنٽس واڌ آئي آهي. هن تڪ تي پ پ اميدوار جي مخالف اميدوار کان سرسي 53 سيڪڙو پوائنٽس مان گهٽجي صرف 14.5 سيڪڙو بچي آهي.
    (8) پي ايس 32 خيرپور تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار منظور وساڻ 47987 ووٽ حاصل ڪيا، جيڪو وڌل ووٽن (70308) ووٽن جو 68.25 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ساڳئي اميدوار 44011 ووٽ حاصل ڪيا، جيڪو وڌل ووٽن جو (78372) جو 56 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت ۾ ان تڪ تي 12 سيڪڙو پوائنٽس لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار مسلم ليگ فنڪشنل جي صدرالدين شاهه 20098 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 28.6 سيڪڙو بنجي ٿو. جڏهن ته هن ڀيري ٻئي نمبر تي ايندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي شاهنواز ٽالپر 32174 ووٽ کنيا جيڪو وڌل ووٽن جو 41 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ مخالف اميدوار جا ووٽ لڳ ڀڳ 12.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيا آهن. ساڳئي طرح پيپلز پارٽيءَ جي ٻئي نمبر اميدوار کان سرسي 2008ع جي 39.7 سيڪڙي مان گهٽجي 15 سيڪڙو بچي آهي.
    (8) پي ايس 36 لاڙڪاڻي جي تڪ تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار نثار کهڙي 46427 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (49264) جو 94.25 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ساڳئي اميدوار 21135 ووٽ حاصل ڪيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (67658) جو 31.25 سيڪڙو بنجي ٿو. ان تڪ تي پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ غير معمولي 63 سيڪڙو پوائنٽس جي لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ايم ڪيو ايم جي جاويد مٺياڻي 929 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن جو 1.9 سيڪڙو بنجي ٿو. جڏهن ته هن ڀيري ٻيو نمبر ايندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي نذير احمد 14409 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 21.3 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني هن تڪ تي ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار 19.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ساڳئي طرح هن تڪ تان پ پ جي پنهنجي مخالف اميدوار کان سرسي 92.36 سيڪڙو پوائنٽس مان گهٽجي رڳو 10 سيڪڙو پوائنٽس بچي آهي.
    (10) پي ايس 37 تي 2008ع ۾ کٽندڙ پ پ اميدوار اياز سومري 40770 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (67783) جو 60 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري کٽندڙ پ پ اميدوار محمد علي خان ڀٽو 39120 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (96648) جو 40.5 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو پوائنٽس لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار امير بخش ڀٽي 18124 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 26.75 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 34915 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 36.13 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ مخالف اميدوار جي مقبوليت ۾ 10.5 سيڪڙو پوائنٽس واڌ آئي آهي. ساڳئي طرح پ پ اميدوار جي مخالف تي سرسي 2008ع جي 33.4 سيڪڙي مان گهٽجي رڳو 4.3 سيڪڙو بچي آهي.
    (11) قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 221 حيدرآباد- مٽياري تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار سيد امير علي شاهه ڄاموٽ 102737 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (121051) جو 84.9 سيڪڙو بنجي ٿو. جڏهن ته هن ڀيري ساڳئي اميدوار 59821 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (139968) جو 42.75 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ اميدوار جي ووٽن ۾ 42 سيڪڙو پوائنٽس لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار شهاب الدين شاهه 10609 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 8.75 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ٻيو نمبر ايندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ڊاڪٽر رجب ميمڻ 18346 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 13 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني مخالف اميدوار 4.25 سيڪڙو پوائنٽس ووٽ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اهم ڳالهه اها آهي ته پ پ جي مخالف اميدوار کان سرسي 2008ع جي 76 سيڪڙي پوائنٽس کان گهٽجي صرف 29.6 سيڪڙو رهجي ويئي آهي.
    (12) اين اي 218 مٽياري تي 2008ع ۾ کٽندڙ پ پ اميدوار مخدوم امين فهيم 97717 ووٽ کنيا هئا، جيڪو وڌل ووٽن (130463) جو 75 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ساڳئي اميدوار 95843 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن جو 52.8 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ 22.7 سيڪڙو پوائنٽس جي لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تان 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ پاڪستان مسلم ليگ جي نواز قريشي 26510 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 20.3 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري ٻيو نمبر ايندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي عبدالرزاق 72266 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 39.8 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ مخالف اميدوار جي مقبوليت ۾ 19.5 سيڪڙو واڌ آئي آهي، جڏهن ته پ پ جي پنهنجي مخالف اميدوار تان سرسي 75 سيڪڙو پوائنٽس مان گهٽجي 53 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
    (13) اين اي 204 لاڙڪاڻو تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار شاهد ڀٽو 81439 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن (99531) جو 81.82 سيڪڙو بنجي ٿو. هن ڀيري کٽندڙ پ پ اميدوار اياز سومري 50118 ووٽ کنيا آهن، جيڪو وڌل ووٽن (142370) جو 35.2 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ اميدوار جي مقبوليت ۾ 46.6 سيڪڙو لاٿ آئي آهي، جڏهن ته 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار غنوى ڀٽو 12271 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 12.33 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جي ابتڙ هن ڀيري ٻيو نمبر ايندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي مهتاب راشدي 32006 ووٽ کنيا، جيڪو وڌل ووٽن جو 22.5 سيڪڙو بنجي ٿو. ان جو مطلب ته پ پ مخالف اميدوار جي مقبوليت ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو واڌ آئي آهي، جڏهن ته 2008ع ۾ پ پ جي پنهنجي مخالف اميدوار کان سرسي 69.5 سيڪڙي مان گهٽجي 35.2 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
    (14) اين اي 208 تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽيل اميدوار اعجاز جکراڻي 52813 ووٽ کنيا هئا، جيڪو ڪل وڌل ووٽن (76792) جو 68.77 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ساڳئي اميدوار 51246 ووٽ کڻي سيٽ کٽي آهي. جيڪو ڪل وڌل ووٽن (111156) جو 46 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ جي مقبوليت ۾ 23 سيڪڙو پوائنٽس جي لاٿ آئي آهي. ساڳئي تڪ تي 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار مسلم ليگ جي فهد ملڪ 16482 ووٽ کنيا، جيڪو ڪل وڌل ووٽن جو 21.4 سيڪڙو بنجي ٿو. هن سال ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار الاهي بخش سومري 45750 ووٽ کنيا آهن، جيڪو ڪل وڌل ووٽن جو 41 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار جي مقبوليت ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو پوائنٽس واڌ آئي آهي. ان تڪ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي مخالف مٿان سرسي 47.3 سيڪڙي مان گهٽجي رڳو 5 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
    (15) اين اي 225 بدين واري تڪ تي 2008ع ۾ پ پ جي کٽندڙ اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا 88983 ووٽ کنيا، جيڪي ڪل وڌل ووٽن (119615) جو 74.4 سيڪڙو بنجي ٿو، جڏهن ته هن سال ساڳئي اميدوار 110684 ووٽ کنيا آهن، جيڪي ڪل وڌل ووٽن (192427) جو 57.5 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني پ پ جي کٽيل اميدوار جي مقبوليت ۾ لڳ ڀڳ 17 سيڪڙو پوائنٽس جي لاٿ آئي آهي. 2008ع ۾ ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار بي بي ياسمين شاهه 24488 ووٽ کنيا هئا، جيڪو ڪل وڌل ووٽن جو 20.5 سيڪڙو بنجي ٿو، جڏهن ته هن سال ساڳئي اميدوار 65239 ووٽ کنيا آهن، جيڪو ڪل وڌل ووٽن جو 34 سيڪڙو بنجي ٿو. يعني ٻيو نمبر ايندڙ اميدوار جي مقبوليت ۾ 13.5 سيڪڙو پوئنٽس جي واڌ آئي آهي. هن تڪ تي پ پ اميدوار جي مخالف تي سرسي 53 سيڪڙي مان گهٽجي 23.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
    مٿي ڄاڻايل ڪجهه اهم تڪن جي ووٽن جي ان جائزي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سيٽون کٽڻ جي باوجود پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ اندر مقبوليت ۾ چِٽي لاٿ آئي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پارٽيءَ جي آئيندي بابت سنجيده آهي ته ان کي رڳو باقي ٽن صوبن لاءِ نه پر سنڌ ۾ به پنهنجي سياسي آئيندي جي حڪمت عمليءَ تي سوچڻو پوندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ سنڌ بابت پنهنجي روايتي سياسي طريقيڪار کي نه بدلايو ۽ سنڌ واسين جي خواهشن جي ابتڙ فيصلا عوام مٿان مڙهيا ته ايندڙ پنجن سالن کان پوءِ پارٽيءَ کي سنڌ اندر به مشڪل صورتحال جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

    (روزاني ڪاوش 22 مئي 2013ع)


    15. سنڌ، پيپلز پارٽيءَ جي آخري پناهه گاهه

    2013ع جي چونڊ جي نتيجن ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ غير معمولي اٿل پٿل آڻي ڇڏي آهي. مسلم ليگ نواز کي وفاق ۽ پنجاب ۾ جيڪو غير معمولي مينڊيٽ مليو آهي ۽ جهڙي طرح پيپلز پارٽي انهن ٻنهي هنڌن تي وائيٽ واش ٿي وئي آهي، ان سان ملڪ اندر اقتدار جي مساوات هڪدم بدلجي وئي آهي. پنجاب ۾ گذريل پنجن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي توڙي تنظيمي طور مايوسي ڪندڙ ڪارڪردگيءَ جو نتيجو ان جي اهڙي سياسي زوال جي شڪل ۾ نڪرڻ جو خدشو ته اڳواٽ ئي هو، پر ان جي ايڏي وڏي شدت جو اندازو شايد ئي ڪنهن کي هو. اسلام آباد ۾ سياسي اليڪشن جا ماهر هڪ هڪ تڪ جو جائزو وٺڻ بعد نواز ليگ کي 90 پيپلز پارٽي کي 70/60 ۽ تحريڪ انصاف کي 30/40 جي وچ ۾ سيٽون ملڻ بابت پراعتماد هئا، پر نواز ليگ جهڙي طرح پنجاب ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون کٽيون آهن، ان سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سياسي مبصرن کي البته پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف مان پنجاب اندر خاص طور تي صوبائي اسيمبليءَ ۾ بهتر ڪارڪردگي جي اميد هئي، جيڪا نظر نه پئي اچي. هونءَ به 1977ع جي چونڊن ۾ به مسلم ليگ نواز کي ايترو مينڊيٽ مليو هو، پر ان وقت سڀني کي خبر هئي ته چونڊن ۾ “مٿان” کان ڪيتري مداخلت هئي، اڳتي هلي ڳرن بوٽن ان ڳري مينڊيٽ کي لتاڙي ڇڏيو. البته هن ڀيري مٿان جي مداخلت ان حد تائين بنهه ناهي ۽ نواز ليگ جيڪو عوامي مينڊيٽ خاص طور تي پنجاب ۾ حاصل ڪيو آهي، ان کي مجموعي طور عوامي راءِ طور ئي ورتو پيو وڃي. عملي طور پيپلز پارٽي هينئر اتي وڃي بيٺي آهي، جتي 90 واري ڏهاڪي ۾ نواز ليگ هئي. ان ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي چئني صوبن جي زنجير ۽ نواز ليگ کي هڪ صوبي جي پارٽي قرار ڏنو ويندو هو. هينئر چئني صوبن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي نتيجن تي نظر وجهجي ٿي ته نواز ليگ چئني صوبن ۾ نظر اچي ٿي، پر پيپلز پارٽي ڄڻ ته سنڌ جي پارٽي نظر اچي رهي آهي. گذريل پنجن سالن جي اثرائتي اقتدار ۾ چئن ڏهاڪن جي سياسي تاريخ رکندڙ هڪ ملڪ گير پارٽيءَ جو اهڙو حشر ڇو ٿيو آهي، ان تي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. ماضيءَ ۾ جڏهن پيپلز پارٽي هڪ چونڊ ۾ هٿرادو طور اقتدار کان محروم ڪئي ويندي هئي ته ٻي چونڊ ۾ اها پنهنجو وجود ثابت ڪري وٺندي هئي، ڇو ته ان جي پٺيان عوام هوندو هو. ان جي ابتڙ هن ڀيري پيپلز پارٽي کي عوامي سطح تي ردعمل جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. پيپلز پارٽي کي هاڻي پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ پنهنجو سياسي وجود واپس ورائڻ لاءِ غير معمولي محنت ڪرڻي پوندي. در حقيقت چونڊن جا هاڻوڪا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته پنجاب هاڻي مڪمل طور پنهنجي سياسي قيادت وسيلي ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ گهري ٿو. ماضيءَ ۾ فوج جي معرفت ملڪ مٿان حڪومت ڪرڻ کانپوءِ نواز شريف جي صورت ۾ صنعتڪار طبقي جي مقامي سياسي قيادت ۽ پنهنجي سياسي پارٽي موجود هجڻ کان پوءِ ان کي اها ضرورت نه پئي پيش اچي ته اها ٻين صوبن جي سياسي قيادت پٺيان هلي ۽ سياسي اقتدار ٻين صوبن جي حوالي ڪري. پنجاب هاڻي ملڪ کي رڳو عسڪري طور نه پر سياسي طور به پاڻ سڌيءَ ريت هلائڻ گهري ٿو. نواز شريف گذريل ڏهاڪي کان ملڪ جي سياسي صورتحال سان پاڻ کي ٺهڪائي، پنجاب بجاءِ سڄي ملڪ جو ليڊر ٿيڻ لاءِ پنهنجي سياسي روين ۾ بظاهر ڪيئي تبديليون آنديون آهن. اهي تبديليون ڪيتريون پختيون ۽ حقيقي آهن، ان جو اندازو ايندڙ پنجن سالن ۾ ٿيندو. پاڻ کي سمورن صوبن ۽ قومن جو اڳواڻ ثابت ڪرڻ لاءِ هن هڪ طرف سنڌ ۾ قومپرست ڌرين ڏانهن هٿ وڌايو ته ٻئي طرف بلوچستان اندر پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرستن سان ماضيءَ جا لاڳاپا بحال ڪيا آهن. بلوچستان ۾ وچٿري سياسي سوچ رکندڙ حلقا چون ٿا ته پيپلز پارٽي گذريل پنجن سالن ۾ صوبي اندر هلندڙ رياستي ادارن جي تشدد کي روڪي يا گهٽائي نه سگهي ۽ مٿان وري بدترين حڪمراني ڏئي صوبي کي ملي سگهندڙ ٿوري گهڻي معاشي فائدي کان به محروم رکيو آهي. اين ايف سي ۽ آغاز حقوق بلوچستان جي نالي ۾ صوبي اندر آيل اربين روپيا پ پ حڪومت جي ڪرپٽ ۽ نا اهل صوبائي مشينريءَ جي ور چڙهي ويا. ان کان اڳ ته صوبي اندر رڳو خاص علائقن ۾ رياستي ادارن جو آپريشن هلندڙ هو، پر گذريل پنجن سالن دوران ته سمورو صوبو لاقانونيت، رشوت ۽ هر قسم جي بدعنواني جو ڳڙهه بنجي ويو. 2008ع ۾ قومپرست ڌرين پاران چونڊن جو ميدان خالي ڇڏڻ جي نتيجي ۾ بلوچستان اندر موقعي پرستن جو هڪ وڏو ٽولو صوبي مٿان قابض ٿي ويو ۽ پيپلز پارٽيءَ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ کين هر قسم جي ڪارستانيءَ لاءِ کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي. ان ڪارڻ صوبي اندر پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪابه چاهت باقي نه رهي هئي.
    پنجاب ۾ ته صورتحال پارٽيءَ لاءِ هونءَ ئي خراب هئي. لوڊشيڊنگ سبب صوبي اندر معاشي سرگرمين کي جيڪو ڌڪ رسيو، ان جي نتيجي ۾ پنجاب جي صنعتي علائقن ۾ پيپلز پارٽي خلاف سخت ارهائي هئي. سنڌ جي ابتڙ پنجاب ۾ بجليءَ جي بحران جو معاشي ڳانڍاپو ان ڪري مختلف آهي، جو صوبي اندر ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت ۽ ان سان لاڳاپيل معاشي سرگرمين جو وڏو ڄار آهي. رڳو فيصل آباد اندر لکين مزدور صنعتي شعبي جي برباديءَ سبب بيروزگار ٿيا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لاهور کان پوءِ پيپلز پارٽي پنهنجي ان ڳڙهه کي به هن ڀيري پنجاب ۾ وڃائي ڇڏيو. ڏاکڻي پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سرائيڪي ڪارڊ ۾ وڏيون اميدون هيون. سرائيڪين کي الڳ صوبي جو لالي پاپ ڏئي پيپلز پارٽيءَ اتي شروع ۾ وڏي سياسي همدردي حاصل ڪئي هئي، پر جڏهن پيپلز پارٽيءَ سينيٽ ۾ نئين صوبي جو بل آندو ته ان ۾ ڏکڻ پنجاب اندر هڪ جي بجاءِ ٻن صوبن جو ذڪر هو. ان سبب سرائيڪي صوبي جون حامي ڌريون پيپلز پارٽي کان ناراض هيون. ساڳيءَ طرح ڏکڻ پنجاب ۾ گيلاني خاندان جي ڪرپشن جا داستان به پارٽيءَ جي بدناميءَ جو ڪارڻ بنيا. پنجاب ۾ جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي شڪست صاف نظر اچي رهي هئي، پر پارٽيءَ کي ايتريون گهٽ سيٽون ملڻ جي اميد شايد ڪنهن کي به نه هئي. عام تاثر اهو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏاکڻي پنجاب اندر پيپلز پارٽيءَ کي سرائيڪي ڪارڊ مان ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو، پر ائين ممڪن نه ٿي سگهيو. ساڳئي قسم جي حيراني وارا نتيجا سنڌ صوبي اندر به آيا، جتي پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جا امڪان ته چٽا هئا، پر ان کي ايڏي وڏي ڪاميابي ملڻ جي اميد نه هئي. پيپلز پارٽيءَ گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ اندر جنهن قسم جي بدترين حڪمرانيءَ جو مظاهرو ڪيو، ان جو مثال ماضيءَ ۾ نه ٿو ملي. مٿان وري ٻٽي مڪاني نظام، ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا جهڙن سنڌ دشمن سياسي فيصلن سبب عوامي سطح تي انتهائي سخت ردعمل موجود هو. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ اندر ايتريون سيٽون ڪيئن کٽيون ان لاءِ هڪ طرف ته ان جا سياسي مخالف ان تي ڌانڌلين ۽ پئسو استعمال ڪرڻ جا الزام ڏين ٿا ته ٻئي طرف جنهن ڏهه جماعتي اتحاد مان پيپلز پارٽيءَ خلاف مضبوط سياسي پليٽ فارم بنجڻ جي اميد هئي، ان سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪمزور حڪمت عمليءَ جو مظاهرو ڪيو. ان اتحاد عملي طور ڪابه منظم چونڊ مهم نه هلائي ۽ عملي طور ميدان پيپلز پارٽيءَ لاءِ خالي ڇڏي ڏنو. ڏهه جماعتي اتحاد ۾ شامل جنهن ڌر يا فرد جي جيتري ذاتي پهچ هئي، ان آهر هنن سياسي مقابلو ڪيو، پر بطور اتحاد جي ڪابه سگهاري اجتماعي مهم سرزمين تي نظر نه آئي. اتحاد جو اڳواڻ پير پاڳارو، ڏهه جماعتي اڳواڻن سان گڏ سنڌ ۾ جيڪڏهن ٻن هفتن لاءِ به ڪا سگهاري چونڊ مهم هلائي ها ته شايد صورتحال ڪجهه مختلف هجي ها، پر سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪارڻن جي نتيجي ۾ اتحاد عملي طور چونڊ مهم ۾ سرگرم نظر نه آيو. حيدرآباد ۾ گذريل سال ٻٽي مڪاني نظام خلاف سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ اهو تاثر پيدا ٿيو هو ته پير پاڳارو هاڻي ڪنگريءَ جي پير مان بدلجي عوامي اڳواڻ طور سياست جو حصو بنجڻ وارو آهي، پر ان جي ابتڙ ڪجهه عرصي اندر ئي پير پاڳارو به عوامي حلقن مان نڪري ڊرائنگ روم ۾ واپس هليو ويو ۽ اهڙي طرح پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ کليل ميدان ملي ويو. ان جو سڀ کان گهڻو نقصان پارلياماني سياست ۾ اڀرندڙ قومپرست ڌرين کي پهتو، جيڪي ڏهه جماعتي اتحاد ۾ عملي طور پنهنجو اتحاد ضم ڪري چڪيون هيون. ان موضوع تي الڳ مضمون ۾ بحث ڪبو.
    هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ ۾ چٽي اڪريت حاصل ڪئي آهي، ته ان کي گهرجي ته اها ان حقيقت کي مڃي ته هڪ اهڙي ڏکئي وقت ۾ جڏهن باقي ٽنهي صوبن جي ماڻهن عملي طور ان کي ٿڏي ڇڏيو، اهي سنڌ جا ئي ماڻهو آهن، جن سمورين نا انصافين ۽ زيادتين جي باوجود هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽيءَ کي مڪمل طور ختم ٿيڻ کان بچائيندي پنهنجي اندر جاءِ ڏني آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن، ليکڪن ۽ دانشورن مان ڪن کي سنڌي ماڻهن جي ان رويي تي ارهائي به آهي، پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ٿي اڀرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين جي ڪمزور حڪمت عملين جو به ان صورتحال ۾ وڏو هٿ آهي. عوامي سطح تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ايڏو وزنائتو متبادل اڃا ناهي اڀري سگهيو، جهڙو پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ موجود آهي. نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان جون قومپرست ڌريون عوامي سطح تي وڌيڪ مقبول ۽ سگهاريون آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عوامي سطح تي موزون ۽ سگهاري متبادل جي خواهش موجود آهي ۽ ان جو هڪ ثبوت قومپرست ڌرين پاران کنيل ووٽن جو انگ به آهي، پر ان لاءِ اڃا گهڻي محنت گهربل آهي. بهرحال پيپلز پارٽيءَ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان کي پنجن سالن جو جيڪو هي موقعو مليو آهي، اهو غير مشروط موقعو نه آهي. نگران حڪومت جي شڪل ۾ پنهنجي انتظامي مشينري هيٺ ڪرايل چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جهڙيءَ ريت سنڌ مان سيٽون کٽيون آهن، ان تي ڪيئي تحفظات به آهن. ساڳي طرح سنڌ ۾ سيٽن جو انگ بچائڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ انهن ڌرين تي به ڀاڙيو آهي، جيڪي ماضيءَ ۾ هر چڙهندڙ سج جون پوڄاري رهيون آهن ۽ هينئر به خبر ناهي، پيپلز پارٽيءَ سان ڪيترو ساٿ نڀائينديون؟ جيڪڏهن 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ڪٿي به نظر نه اچڻ جي باوجود پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پنجاب ۽ پختون خواهه ۾ ڌڪ رسائي سگهي ٿي ته پوءِ ان جو امڪان سنڌ اندر به مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن نواز شريف 90ع واري ڏهاڪي جي ابتڙ سنڌ ڏانهن رويو بهتر رکيو ته ان جا به مستقبل ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. مرڪز ۽ پنجاب ۾ عملي طور نه هجڻ ۽ سنڌ ۾ سگهاري حڪومت هجڻ سبب امڪان اهي آهن، ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني قومپرست پارٽي ٿي اڀرندي، ڇو ته ان جي خالي ٿيل سنڌ ڪارڊ ۾ نئون بيلنس لوڊ ٿي چڪو آهي. البته هن ڀيري سنڌ ڪارڊ ۾ ماضيءَ جي نا انصافين جي همدرديءَ وارو عنصر شامل ناهي، تنهن ڪري هن ڀيري سنڌ ڪارڊ جو استعمال به پرفارمينس سان مشروط آهي. پيپلز پارٽيءَ کي ان حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته قدرت ان کي پنهنجا گناهه ڌوئڻ جو هڪ وڏو موقعو ڏنو آهي. جڏهن 2008ع ۾ پيپلز پارٽي هر هنڌ مضبوط هئي ۽ نواز ليگ وٽ پنجاب ۾ اقتدار هو ته انهن 2013ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ پنجاب ڪارڊ کي پنج سال ذميواريءَ سان استعمال ڪيو. هنن وفاقي حڪومت سان هڪ محدود مخالفت جاري رکڻ جي باوجود ڪنهن وڏي تڪرار ۾ وڃڻ جي بدران پنجاب ۾ بهتر حڪمراني فراهم ڪرڻ تي محنت ڪئي، جتي پنجاب اندر حڪمرانيءَ جا ڪيئي مسئلا هئا، اتي باقي ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر حڪمراني گهڻي بهتر هئي. پيپلز پارٽيءَ کي به گهرجي ته اها ايندڙ پنجن سالن لاءِ ڪا ساڃاهه تي ٻڌل سياسي حڪمت عملي جوڙي، سنڌ ۾ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هجڻ کانپوءِ ان کي گهرجي ته جيڪڏهن اها سياسي بنيادن تي ڪي اتحاد ڪرڻ به گهري ته اهي سنڌ جا وسيلا وڪڻڻ وارن شرطن کان پاسو ڪري. ايندڙ پنج سال سنڌ اندر اها سنڌين سان پنهنجي ڪمزور ٿيل رشتي کي بهتر بنائڻ لاءِ سياسي تدبر وارا قدم کڻي. ٻٽي مڪاني نظام جي چڪر ۾ پوڻ بجاءِ سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏئي. ذوالفقار آباد جهڙن عوامي طور رد ٿيل رٿائن تي وقت وڃائڻ ۽ زمين جي والار بدران ٻهراڙين جي برباد ٿيل انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بنائي. ايندڙ پنجن سالن لاءِ ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ جهڙن قدمن کي ورجائڻ بجاءِ سنڌ ۾ ميرٽ، اهليت ۽ چٽاڀيٽيءَ کي واڌارو ڏئي ۽ هن وقت وڏيرن بجاءِ سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجا رشتا بحال ڪري. پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته سمورا محاذ وڃائڻ کان پوءِ مستقبل ۾ سياسي طور زنده رهڻ لاءِ ان وٽ رڳو سنڌي ماڻهو باقي بچيا آهن، پر سنڌي ماڻهو نه ته قيامت تائين اهڙا اٻوجهه رهندا ۽ نه هميشه سياسي متبادل جي غربت جو شڪار رهندا. سنڌ واسين کي بدلجندڙ دور ۾ جيئن جيئن ڳالهيون سمجهه ۾اينديون وينديون، انهن جون ڪارڪردگيءَ بابت خواهشون به بدلجنديون. پيپلز پارٽي کي ان حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اندر سندس هاڻوڪي ڪاميابي ان سان محبت جو نتيجو گهٽ، سياسي متبادلن جي ڪمزورين جو نتيجو وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جون متبادل طاقتون هوريان هوريان سياسي ميدان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي جاکوڙ ڪري رهيون آهن. هن ڀيري چونڊن جي عمل ۾ يقيناً انهن کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو هوندو ۽ ايندڙ سالن ۾ جيڪڏهن انهن مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ بهتر سياسي حڪمت عملي جوڙي ته اهي سنڌ اندر ايندڙ پنجن سالن اندر هڪ بهتر متبادل طور پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ وٽ پنهنجي سياسي مخالفت لاءِ هڪ ئي رستو باقي آهي ۽ اهو آهي سنڌ ڏانهن پنهنجا رويا سڌارڻ...!

    (روزاني ڪاوش 14 مئي 2013ع)
    *


    16. قومپرستن جي شڪست، قومپرستيءَ جي هار ناهي

    قومپرست سياست ۽ قومپرست تنظيمون سنڌ جي سياسي ڍانچي جو بنيادي حصو رهيون آهن. ورهاڱي کان اڳ ئي سنڌ اندر هڪ زبردست قومپرست سوچ موجود هئي، اها ئي سوچ هئي جنهن ورهاڱي کان پوءِ لاڏائن جي ايندڙ ڪٽڪن، سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد وسيلي سنڌ جي قومي وجود تي ٿيندڙ هر وار جو مقابلو ڪيو. سنڌ جي سچائي ۽ بقا جي حوالي سان اهو دور اڄ جي ڀيٽ ۾ سئو ڀيرا وڌيڪ نازڪ ۽ ڏکيو هو. ان دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي بنيادي قومي حقن جي سڃاڻپ سنڌ جي قومپرست جدوجهد رهي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ، پيپلزپارٽيءَ وغيره جي سڃاڻپ سنڌ جي قومي سياست نه پر اقتداري سياست رهي آهي. ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته قومپرست تنظيمون ڪيتريون مضبوط يا ڪمزور آهن، انهن ۾ تنظيمي ڊسيپلين يا سياسي ۽ اخلاقي معيارن جي ڪهڙي حالت آهي، ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي ته قومپرست سياست سنڌ جي هر سياسي عمل جو بنيادي محرڪ رهي آهي.
    2013ع جي چونڊن ۾ قومپرست جي هار ڪجهه حلقن ۾ مايوسي به پکيڙي آهي ته ڪن ڌرين جوا هو به خيال آهي ته ان هار سان سنڌ ۾ قومپرست جماعتن جو آئيندو ختم ٿي ويو اهي. اهو بنهه غير سائنسي ۽ غير عقلي رويو آهي. سنڌ ۾ قومپرست تنظيمن جو چونڊن ۾ هارائڻ ڪو وڏو غير متوقع يا غير معمولي واقعو نه هئو، درحقيقت چونڊن کان اڳ ڪجهه مهينن اندر پيپلزپارٽيءَ جيڪي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا، انهن جي ردعمل ۾ سنڌ اندر هڪ شديد عوامي اڀار پيدا ٿيو هئو، جتي مڪاني نظام، ذوالفقار آباد، ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻائڻ واري مهم تي مجرماڻي خاموشي، ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري ڪميشن جوڙي سرائيڪي صوبي جي آڙ ۾ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ بحث ۽ جواز فراهم ڪرڻ ۽ ٻيٽن جي نيلامي وارن واقعن سبب سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو گراف سنڌ اندر تيزي سان ڪريو هو. عوايم سطح تي پيپلزپارٽيءَ خلاف ان لهر سبب قومپرست پارتين کي عوامي سطح تي مقبوليت حاصل ٿي هئي. انهن فيصلن خلاف عوامي اڀار در حقيقت سنڌ جي اجتماعي قومپرستيءَ جو نتيجو هو. شروع ۾ قومپرست ڌرين سنڌ بچايو اتحاد جي پليٽ فارم تان ان عوامي ردعمل کي ڪنهن حد تائين قيادت فراهم ڪئي پر وقت گذرڻ سان ان هلچل ۾ ٿڌائي اچي وئي. ٻٽي مڪاني نظام خلاف جيترو شديد عوامي اڀار موجود هو، قومپرست ڌريون، ان کي گهربل قيادت فراهم نه ڪري سگهيون، جنهن مرحليوار جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو، انتي به عمل نه ٿي سگهيو. قومپرست اتحاد اندر موجود جماعتن انفرادي تنظيمي ردعمل به محدود ڪري ڇڏيو. اهڙي مرحلي تي اوچتو پير پاڳاري پاران ٻٽي مڪاني نظام خلاف متحرڪ ٿي حيدرآباد ۾ زبردست جلسو ڪرڻ سبب هڪ پاسي ٻٽي مڪاني نظام خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي تحرڪ پيدا ٿيو ۽ سنڌ جي ليکڪن، صحافين ۽ سول سوسائٽي پڻ ان اڀار کي اڳتي وڌايو. ٻئي طرف غير محسوس طور تي سنڌ ۾ سالن کان قومي اشوز تي جدوجهد ڪندڙ ڌريون ان معاملي تي ثانوي طاقت بڻجي ويون ۽ پير پاڳاري جي قيادت ۾ فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي نمائنده قومپرست ڌر بڻجي وئي. هونءَ ته فنڪشنل ليگ ۽ ان جي قيادت جي ماضيءَ کان سڀ واقف آهن ۽ ڪو به ساڃاهه وند فرد ان کي مخلص قومپرست ڌر مڃڻ لاءِ تيار نه هئو. البته ان کي موٽ ملڻ جا به اهم ڪارڻ هئا. هڪ ته پهريون ڀيرو موجوده پيرپاڳاري عوامي سياست ۾ پير رکيو هو ۽ هن پنهنجي سياسي هلت مان اهو تاثر پيدا ڪيو ته هو اڳوڻي پير پاڳاري کان مختلف آهي، ان ڪري هاڻي فنڪشنل ليگ ڪنگري هائوس جي گاديءَ واري روحاني جماعت بدران سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي مضبوط متبادل طور هڪ عوامي ڌر ٿي اڀرندي، ٻيو ته ان وقت قومپرست جماعتن جي اتحاد طران عوامي اڀار کي گهربل قيادت فراهم نه ڪرڻ سبب عوامي سطح تي ماويسيءَ واري لهر جنم وٺي چڪي هئي ۽ ايئن ٿي نظر آيو ته پيپلزپارٽيءَ ٻٽي مڪاني نظام کي سنڌ مٿان مستقل طور لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اها هاڻي سينو تاڻي ٻين سنڌ دشمن رٿائن تي اڳڀرايون ڪندي. ان وايو منڊل ۾ پير پاڳاري ۽ فنڪشنل ليگ کي هڪ دم عوامي مقبوليت حاصل ٿي وئي، جيئن ته مکيه قومپرست پارٽيون پير پاڳاري سان ان جدوجهد ۾ گڏ هيون، تنهنڪري ان تاثر کي به هٿي ملي ته اهو اتحاد اڳتي هلي عام چونڊن ۾ ساڳي طرح عوامي اڀار کي اڳتي وڌايئندو ۽ اهڙي ريت قومپرست ڌريون ايندڙ چونڊن ۾ هڪ طاقت ٿي اڀرنديون. وقت سان گڏ اهي سمورا تجزيا غلط ثابت ٿيا، پيپلزپارٽيءَ پنهنجي غير مقبول فيصلن سبب قومپرست ڌرين لاءِ اڳتي وڌڻ جا جيڪي موقعا پيدا ڪيا هئا، اهي قومپرست ڌرين جي اندروني اختلافن، ڪجهه ڌرين جي غير سنجيده رويي ۽ ڪمزور حڪمت عملين سبب ضايع ٿي ويا.
    فنڪشنل ليگ پاران جيڪو اتحاد جوڙيو ويو هو، اهو رن وي تان ٽيڪ آف ئي نه ڪري سگهيو، ٽڪيٽن جي ورهاست، واضح حڪمت عملي جي اڻاٺ، اتحاد جي گڏيل منشور جي اڻ هوند ۽ عوامي رابطي مهم لاءِ نه نڪرڻ سبب ان اتحاد مان فنڪشنل ليگ کانسواءِ ڪنهن به ڌر کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. فنڪشنل ليگ ۽ ڏهه جماعتي اتحاد جي قيادت سڄي سنڌ ۾ کلي عام ڪيل ڌانڌلين خلاف چونڊن واري ڏينهن تي ڪا به سنجيده مزاحمت نه ڪئي ۽ ان کان پوءِ به محدود سطح جي مقامي رد عمل کان وڌي ڪجهه به نه ڪري سگهي. ڏهه جماعتي اتحاد جي قيادت کي ئي بهتر ڄاڻ هوندي ته انهن روين جا اصل ڪارڻ ڪهڙا هئا پر بهرحال قومپرست ڌريون ان اتحاد جي پليٽ فارم تان ڪا به نمايان ڪارڪردگيءَ نه ڏيکاري سگهيون ۽ در حقيقت قومپرست ڌرين جي موجوگيءَ سان فنڪشنل ليگ کي مفت ۾ قومپرست اتحاد جي قيادت جو تمغو به ملي ويو. قومپرست پارٽين جي نمائندن کي چونڊن ۾ جيترا ووٽ مليا، اهي پيپلزپارٽيءَ جي سياست کان مايوس ماڻهن جو ردعمل ۽ اميدوارن جي پنهنجي ڀڄ ڊڪ يا مقبوليت جو نتيجو هئا. ڏهه جماعتي اتحاد توڙي اتحاد ۾ شامل قومپرست ڌرين چونڊ مهم کي گهڻو سنجيدگي سان نه هلايو. هر قومپرست ڌر جو جيڪو ٿورو گهڻو زور هئو اها هڪ ٻن سيٽن تي ئي مرڪوز هو، باقي عوامي سطح تي قومپرست ڌرين چونڊ مهم ۾ ڪا به گرمي پيدا نه ڪئي. عوامي سطح تي پيپلزپارٽي کان بيزاري جو اهو ئي ثبوت ڪافي آهي ته هميشه عوامي طاقت سان چونڊون کٽيندڙ پارٽي کي سڄي سنڌ ۾ ڌانڌلي ڪرائڻي پئي ۽ ان جا اهم اڳواڻ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ تفاوت سان سيٽون کٽي سگهيا. ان سياسي خال کي قومپرست ڌريون ڀرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون بلڪه قومپرست پارٽين گذريل پنجن سالن دوران پيپلزپارٽي جي سنڌ دشمن فيصلن، آسمان کي ڇهندڙ ڪرپشن ۽ سنڌ جي جاگرافيائي سچائي جهڙن معاملن تي جيڪو به پورهيو ڪيو هو، ان جي ديڳ جو ڍڪ اهڙين ڌرين اچي لاٿو، جن کي سنڌ جي اجتماعي قومي مفادن کان وڌيڪ پنهنجا طبقاتي مفاد پيارا هئا، اهو بلڪل ايئن هو ته ٻني کيڙي کان وٺي فصل لڻڻ تائين سمورو پورهيو قومپرستن ڪيو پر کرن جا مالڪ ٻيا اچي بڻيا. ان صورتحال جو هڪ اهم ترين ڪارڻ قومپرست پارٽين جي اتحاد سپنا جو نه هلي سگهڻ ۽ پارٽين جي ڪمزور حڪمت عملي هئي.
    قومپرست تنظيمن جڏهن به سنڌ جي قومي حقن جي جاکوڙ لاءِ گڏيل اتحاد ٺاهيا سنڌ واسين ان جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي. باوجود ان جي ته اتحاد جو ذري گهٽ تجربو ناڪام ويو آهي، سنڌ اندر اها خواهش رهي آهي ته قومپرست ڌريون سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪن. هڪ حوالي سان اها خواهش عملي طور مشڪل ۽ سائنسي کان وڌيڪ جذباتي آهي. پر عوامي سياست ۾ انهن معاملن جي پنهنجي اهميت آهي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سپنا اتحاد ٺهيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي خواهش هئي ته چونڊن جي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان سپنا. قومپرستن جو هڪ اهم محاذ بڻجي سگهي ٿو. پر ماضيءَ جيان قومپرست جماعتن جو هي اتحاد به ڦيٽاري جي ور چڙهي ويو. انائون اصولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اختلافن جو ڪارڻ رهيون. ڏهه جماعتي اتحاد ۾ فرقيوار ۽ مذهبي جماعتن سان گڏ ويهندڙ قومپرست جماعتون سپنا جي اتحاد کي رڳو چونڊن تائين به گڏ هلائي نه سگهوين.
    اليڪشن مهم دوران نه رڳو اهو ته ڏهه جماعتي اتحاد جا سگهاري چونڊ مهم نه هلائي ۽ اتحاد جو گڏيل منشور نه ڪيو پر ساڳي طرح قومپرست جماعتون به عوام کي اميد ڏيڻ لاءِ ڪو گڏيل منشور جاري نه ڪري سگهيون ۽ نه وري هڪ ٻئي جي اميدوارن جي چونڊ مهم ۾ ڪا هڪٻئي جي عملي واهر ڪيائون. ان جي نتيجي ۾ قومپرست تنظيمن کان وڌيڪ فردن جي مهم تائين محدود رهجي وئي. جيڪڏهن قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ رڳو رسمي طور به هڪ ٻئي جي جلسن ۾ هڪ ڀيرو به هلي وڃن ها ته عوامي سطح تي ڪو بهتر تاثر جڙي سگهي ها.
    قومپرست تنظيمن جا هڪٻئي ڏانهن غير دوستاڻا رويا رڳو گڏجاڻين تائين محدود نه هئا پر انهن جو کليو اظهار جلسن توڙي ميڊيا ۾ به ٿيندو رهيو.
    اليڪشن جي حوالي سان قومپرست پارٽين جي ناتجربيڪاري به سندن هار جو اهم ڪارڻ بڻي. اليڪشني سياست چوويهن ڪلاڪن جو سڄو سال جاري رهندڙ ڪاروهنوار آهي، اهو چونڊن جي تاريخ جي اعلان سان شروع نه ٿيندو آهي. تڪ ۾ ووٽرن جي سڃاڻپ ڪرڻ کان وٺي ووٽر لسٽن ۾ سندن درست داخلا تائين هر مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضروت هوندي آهي. ان معاملي تي قومپرست ڌريون اليڪشن مهم جي مئنيجمينٽ ۾ ناتجربيڪاريءَ جو شڪار رهيون. ايتري قدر جو قاسم آباد جهڙي ڳڙهه ۾ قومپرست پارٽين جا ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ ايجنٽ موجود نه هئا. ورهين تائين قومي حقن جي معاملن تي عوامي ردعمل کي منظم ڪرڻ وارو شاندار ڪم ڪندڙ قومپرست ڌرين پاڻ کي ڪڏهن به اليڪشني طاقت طور پيش نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوامي سطح تي اهو تاثر عام آهي ته قومپرست ڌريون سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف ۽ سنڌ جي اجتماعي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد کي منظم ڪرڻ ۽ ان کي سرواڻي ڏيڻ جي سگهه رکن ٿيون. البته چونڊن جي سياست لاءِ گهربل مختلف قابليتون، مهارتون ۽ وسيلا سندن وٽ موجود نه آهن. عوامي ردعمل واري جدوجهد ۽ چونڊن جي سياست ٻه مڪمل الڳ محاذ آهن. جيئن سٺي ملهه پهلوان ۽ ڀلوڙ راڳيءَ ۾ ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي، تيئن قومپرستن مان اليڪشني سياست ۾ ساڳي سگهه ڏيکارڻ جي توقع به غير سائنسي ۽ جذباتي آهي. البته اهو ضرور آهي ته هاڻي جڏهن انهن باقاعدي چونڊن جي سياست ۾ پير رکيو آهي ته وقت سان گڏ کين ان ميدان جا هنر سکڻ جو به موقعو ملندو ۽ جيڪڏهن هنن سنجيدگي سان ان محاذ تي محنت ڪئي ته اڳتي هلي اهي به هڪ سگهاري اليڪشني ڌر ٿي سگهن ٿا البته هڪ سوال هميشه ڪر کڻندو رهندو ته ڇا چونڊن کٽڻ سان قومپرست ڌريون ايڏي سگهاري پارلياماني ڌر بڻجي سگهنديون. جو سنڌ جي قومي حقن واري هلچل کي ڪو فيصلائتو فائدو ڏئي سگهن. هڪ راءِ اها به آهي ته چونڊن واري سياست هاڻوڪي رياستي ڍانچي ۾ قومن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي، تنهنڪري ان تي توانائي وڃائڻ مان سنڌ کي هڙ حاصل نه ٿيندو پر هڪ ٻي راءِ اها به موجود آهي ته ايڪيهين صديءَ جي سماج ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي پنهنجي اهميت آهي. تنهنڪري ان ميدان کي مڪمل طور خالي ڇڏڻ به سياسي طور درست فيصلو نه ٿيندو، ان بحث کي هڪ طرف رکندي ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته قومپرست ڌرين کي هڪ سگهاري پريشر گروپ مان بدلجي سگهاري پارلياماني ڌر بڻجڻ لاءِ سخت محنت، گهربل حڪمت عملي ۽ پاڻ کي نين حقيقتن سان سلهاڙڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي هاڻوڪي شڪل ۾ قومپرست ڌريون ڪا سگهاري پارلياماني ڌر بڻجي نه ٿيون سگهن. پارلياماني سياست ۾ سنجيدگيءَ سان جدوجهد جي خواهش رکندڙ ڌرين کي پنهنجن عوامي تاثر کي بهتر بڻائڻ جي به ضرورت آهي. بدقسمتي سان قومپرست سياست ڪندڙ ڪجهه ڌرين سان لاڳاپيل فرد زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن، ڀتي ۽ ٻين غير اخلاقي عملن ۾ ملوث آهن. ڪن حالتن ۾ مختلف سطح تي قيادت جي به اهڙن عنصرن کي پٺڀرائي شامل آهي، جيئن ته قومپرست سياست جي نالي کي هاڻي ڪيترائي ننڍا وڏا گروپ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪن جي سياست سواءِ قومپرستيءَ جي نالي تي روز مرهه جي آمدنيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ان سان عوامي سطح تي قومپرست تنظيمن جو مجموعي تاثر ناڪاري بڻيل آهي. عام ماڻهو اهو به سمجهن ٿا ته وچولي طبقي جي ورڪرن تي ٻڌل سياسي تنظمين کي سنڌ سطح تي مستقل جدوجهد لاءِ وسيلا به گهرجن پر کين پتو آهي ته چندي، ڀتي ۽ قبضي سان هٿ ڪيل اهڙا وسيلا سياسي جدوجهد بدران فردن جي ذاتي استعمال ۾ رهن ٿا. هونءَ ته قومپرستن جي اهڙن ڪمن تي هر تنقيد جائز آهي، البته پيپلزپارٽيءَ يا اقتدار ۾ رهندڙ ٻين ڌرين جون مالي بدعنوانيون انهن کان هزارين ڀيرا وڌيڪ آهن. هڪ وزير ۽ اسيمبلي ميمبر هڪ صحيح ڪرڻ جي عيوض جيترو ڪارو ناڻو سنڌ جي عوامي وسيلن مان ڪمائي ٿو، ان جي اڳيان ڪنهن قومپرست جو پنجن سالن تائين وصول ڪيل چندو به ڪجهه ناهي هوندو. البته جيئن ته عام ماڻهوءَ کي سندن وسيلن تي لڳل ان ڌاڙي جو سڌي طرح اندازو ناهي هوندو تنهنڪري قومپرست سياسي ورڪرن جو سڌي طرح ورتل ڀتو، يا ڪنهن ملڪيت تي ڪيل قبضو کين سڌي طرح متاثر ڪندو آهي ۽ ان ڪري وڌيڪ نظر به ايندو آهي. قومپرست جماعتون جيڪي ووٽ جي سياست ڪرڻ گهرن ٿيون. انهن کي پنهنجي عوامي تاثر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. اها ڳالهه يقيني آهي ته سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ ايمانداراڻي ۽ شفاف جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي مالي ۽ اخلاقي سهائتا جي ڪڏهن به کوٽ نه ٿيندي پر ان لاءِ عوامي ساک بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. سياست ۾ اميج جو اهم ڪردار آهي جيئن ته قومپرست پارٽيون گهڻو ڪري وچولي ۽ ورڪنگ ڪلاس جي ورڪرن تي ٻڌل آهن ۽ وڏيرن جيان وٽن وڏن کان مليل عوامي رت پگهر تي ڌاڙا هنيل ملڪيتون به ناهن هونديون، تنهنڪري سياسي ڪردار ئي سندن سڀ کان وڏي سياسي سگهه بڻجي سگهي ٿو. قومپرست تنظيمن جي چونڊن بابت ڪمزور حڪمت عملي ان حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿي ته هر تنظيم وٽ مک اڳواڻ کانسواءِ مس هڪ ٻه اميدوار اهڙا هئا، جن کي پنهنجي تڪن ۾ يا سنڌ سطح تي ڪا نمايان سياسي يا سماجي سڃاڻپ حاصل هجي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته قومپرست تنظيمون ڪجهه تڪن تي ٻه ٽي سال اڳ کان هوم ورڪ شروع ڪن ها ۽ اتي ڪجهه ممڪنه اميدوارن کي اڳواٽ ئي متعارف ڪرائن ها، جيڪي ڪجهه عرصي تائين مقامي سطح تي عوامي رابطي وسيلي پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪن ها. قومپرست تنظيمي ڪلچر اندر ڪمزور جمهوري روين سبب ڪجهه خاص فرد سالن کان پارٽين جي قيادت تي مختلف سطحن تي موجود آهن. ڪمزور جمهوري ۽ غير شفافيت وارن روين سبب وچولي طبقي جا تمام گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو قومپرست تنظيمن ۾ ڊگهي عرصي تائين جٽاءُ نه ٿا ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ قومپرست پارٽيون لڳاتار ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهن ٿيون ۽ عوامي سطح تي سندن اميج کي نقصان پهچي ٿو. سنڌ اندر هن وقت پڙهيل لکيل باشعور ماڻهن جو هڪ مضبوط وچولو طبقو آهي. ۽ انهن مان ڪيترن جي اندر سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جو جذبو موجود آهي. پر بدقسمتيءَ سان قومپرست تنظيمن جو تنظيمي ڪلچر اهڙن فردن لاءِ گهربل ماحول فراهم نه ٿو ڪري، جنهن سان خود قومپرست تنظيمون پنهنجي سماجي مڃتا پيدا نه پيون ڪري سگهن.
    قومپرست تنظيم جي چونڊن بابت ڪمزور حڪمت عملي ان حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿي ته هر تنظيم وٽ مک اڳواڻ کانسواءِ مس هڪ ٻه اميدوار اهڙا هئا، جن کي پنهجين تڪن ۾ يا سنڌ سطح تي ڪا نمايان سياسي يا سماجي سڃاڻپ حاصل هجي. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته قومپرست تنظيمون ڪجهه تڪن تي ٻه ٽي سال اڳ کان هوم ورڪ شروع ڪن ها ۽ اتي ڪجهه ممڪنه اميدوارن کي اڳواٽ ئي متعارف ڪرائن ها، جيڪي ڪجهه عرصي تائين مقامي سطح تي عوامي رابطي وسيلي پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪن ها. قومپرست تنظيمي ڪلچر اندر ڪمزور جمهوري روين سبب ڪجهه خاص فرد سالن کان پارٽين جي قيادت تي مختلف سطحن تي موجود آهن. ڪمزور جمهوري ۽ غير شفافيت وارن روين سبب وچولي طبقي جا تمام گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو قومپرست تنظيمن ۾ ڊگهي عرصي تائين جٽاءُ نه ٿا ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ قومپرست پارٽيون لڳاتار ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهن ٿيون ۽ عوامي سطح تي سندن اميج کي نقصان پهچي ٿو. سنڌ اندر هن وقت پڙهيل لکيل باشعور ماڻهن جو هڪ مضبوط وچولو طبقو آهي. ۽ انهن مان ڪيترن جي اندر سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جو جذبو موجود آهي. پر بدقسمتيءَ سان قومپرست تنظيمن جو تنظيمي ڪلچر اهڙن فردن لاءِ گهربل ماحول فراهم نه ٿو ڪري، جنهن سان خود قومپرست تنظيمون پنهنجي سماجي مڃتا پيدا نه پيون ڪري سگهن.
    سنڌ جي قومپرست ڌرين کي هڪ ٻئي حقيقت به ذهن ۾ رکڻي پوندي ته اليڪشني سياست ۾ عوام سان لهه وچڙ مقامي سطح تي وڌائڻ جي ضرورت رهي ٿي. روايتي سماج جتي ذاتي پير ڀرڻ ۽ اوکي ويل ۾ ساڻ هجڻ کي تمام گهڻي اهميت آهي، اتي چونڊن واري سياست جي حڪمت عملي بنهه مختلف ۽ ڊگهي مدي واري هجڻ گهرجي. اليڪشني سياست تي قابض وڏيرن ۽ سندن وچولي طبقي جي ساٿارين وٽ عوام جي رت پگهر تي هنيل ڌاڙن مان ڦٻايل وڏين رقمن سان گڏ رياستي مشينري به سندن تابع هوندي آهي. اهم انتظامي عهدن کان وٺي اليڪشني عملي تائين هر هنڌ سندن وفادارن جو قبضو هوندو آهي. ورهين کان وٺي سڄي سماجي سرشتي تي قابض وڏيرڪي طبقي کان اها والار ڇنڻ آسان ڪم ناهي، ان لاءِ جنهن قسم جي حڪمت عملي گهرجي، ان کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي.
    ڊگهي مدي ۾ چونڊن جي حڪمت عملي لاءِ هڪ اهم جز سماجي خدمتن جي شعبي جو بڻجي ٿو، جنهن کي قومپرست ڌرين کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو، هڪ اهـڙو سماج ۽ رياستي ڍانچو جتي رياستي ادارا عوام کي تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جهڙيون بنيادي سهولتون به فراهم نه ڪن ۽ رومزه جي معاملن ۾ انصاف ڏيندڙ ادارا به ڪنهن جي به دانهن نه ٻڌن اتي سياست رڳو سياسي معاملن تي هلائڻ مشڪل آهي. جيتوڻيڪ قومپرست سياست سماج ۾ انهن ئي بنيادي تبديلين لاءِ ڪئي ويندي آهي، جنهن سان رياست جي ڍانچي ۾ هاڪاري تبديليون اچن پر محروم سماجن ۾ ڊگهي مدي واري تبديليءَ جي سفر ۾ ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ سماجي معاملن ۾ سندن واهر ڪرڻ اڻ ٽر ضرورت آهي. ورهاڱي کان اڳ گانڌيءَ ۽ ورهاڱي کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ان ڏس ۾ حوالي طور ڳڻائي سگهجي ٿي. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ ڪيترن ئي عملي ادبي ادارن جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي تر ۾ سماجي حوالي سان ماڻهن جي واهر ڪئي. اڄ ڪلهه ان نسخن کي مذهبي تنظيمون عوامي صفن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون. ٻوڏن، قدرتي آفتن يا روزمره جي معاملن ۾ سماجي خدمتن جي حوالي سان قومپرست ڌرين جو ڪردار گهڻو نمايان نه رهيو آهي. چونڊن جي سياست ۾ عوامي خدمتن واري سرگرم شعبي سان تمام وڏو سياسي فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. قومپرست تنظيمون ٻيو نه ته رڳو ٿاڻن ۾ آفيسن جا ڌڪا کائيندڙ لکين ماڻهن جي ڪجهه ضلعن ۾ واهر ڪرڻ لاءِ ڪي سهڪاري مرڪز قائم ڪري سگهن يا ايمبولنس سروس، ڪمپيوٽر سينٽر، انگريزيءَ جي سکيا جا مرڪز وغيره قائم ڪري وچولي طبقي جي ٿوري گهڻي سهائتا ڪن ته ان سان سندن عوامي اميج بهتر ٿيندو. انهن ڪمن تي ڪو غير معمولي خرچ نه ٿو اچي ۽ جيڪڏهن اهڙيون خدمتون شفاف طريقي سان پهچائجن ته ڪيترائي سرنديءَ وارا ماڻهو ان ۾ واهر ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، ان رخ تي قومپرست تنظيمن ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو آهي، پر چونڊن جي سياست لاءِ ڊگهي مدي جي حڪمت عملي جوڙڻ وقت انهن تعميري روين کي عام ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
    هڪ ڳالهه بحرحال سڀني کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته قومپرست تنظيمون ڀلي چونڊون هارائي ويون هجن پر سنڌ ۾ قومي حقن واري جدوجهد ۾ سندن ڪردار اڃا به ساڳي طرح برقرار آهي. عوامي موبلائيزيشن جي سگهه اڃا به قومپرستن وٽ آهي، جن جن تڪن مان قومپرستن هارايو آهي، سڀاڻي به حڪومت جي ڪنهن سنڌ دشمن رٿا خلاف عوام کي منظم ڪري ساڳين علائقن ۾ قومپرست پنهنجي اثرائتي موجودگي ثابت ڪري سگهن ٿا. قومپرست جماعتون ماضيءَ مان سکندي جيڪڏهن پنهنجا سياسي رويا ۽ حڪمت عمليون تبديل ڪن ته اهي اڄ به سنڌ ۾ هڪ مضبوط سياسي ڌر آهن.
    *


    17. سنڌ سان مشروط ووٽ ۾ ئي سنڌ جي نجات آهي

    اقتداري سياست جو پنهنجو مزاج آهي، جنهن ۾ نظريا ۽ پروگرام اوليت نه ٿا رکن. آخري ڀيرو هن ملڪ ۾ اليڪشني سياست ۾ مضبوط ۽ چٽي عوامي پروگرم سان جيڪڏهن ڪنهن ڌر حصو ورتو هو، ته اها بنگلاديش جي عوامي ليگ هئي. شيخ مجيب پنهنجي ڇهن نڪتن واري پروگرام هيٺ چونڊون وڙهيون ۽ پوءِ انهن تان هٿ نه کڻڻ ۽ اٽل رهڻ جي نتيجي ۾ بنگلاديش جنم ورتو. جيتوڻيڪ سياسي نظرياتي حوالي سان مجيب جو لاڙو به اسٽئبلشمينٽ ڏانهن هو ۽ هو ڪميونسٽن کي دهشتگرد ۽ پاڪستان دشمن به ڪوٺيندو هو، پر سياسي پروگرام ۾ بنگالين جي حق حاڪميت واري ڳالهه تي چٽو ۽ سگهارو موقف رکڻ سبب پاڪستاني اسٽئبلشمينٽ کيس قبول نه ڪيو. 1970ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ مجيب وٽ بنگالين لاءِ هڪ عوام دوست پروگرام هو، جيڪو عوامي ليگ جي اقتداري سياست جو بنياد پڻ هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي پارلياماني سياست ۾ حصو وٺندڙ وڏين پارٽين وٽ نظرين ۽ واضح پروگرام بجاءِ رڳو دل موهيندڙ نعرا رهيا آهن. پروگرام ۽ منشور جي نالي تي روز مره جي معاملن بابت واعدا، نعرا ۽ تقريرون هيون، جن کي پارٽي پروگرام ۽ نظريو چوڻ اصولي طور غلط ٿيندو. اها ئي روش گذريل چئن ڏهاڪن کان هلندي آئي ۽ هاڻي ايندڙ چونڊن ۾ به چٽي طرح نظر اچي رهي آهي. وفاقي پارلياماني سياست جو اهو وهڪرو سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن قومپرست پارٽين کي به وهائي ويو آهي، جن وٽ چونڊن واري سياست کان ٻاهر ڪو پروگرام هوندو هو ۽ سندن سمورا اتحاد ۽ سياسي لاڳاپا ان پروگرام سان سلهاڙيل هوندا هئا. مثال طور 1940ع جي ٺهراءُ هيٺ قومن کي حق خوداراديت ڏيڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي انهن قومپرست پارٽين جو بنيادي نعرو رهيو آهي، جيڪي اليڪشني سياست ۾ يقين رکن ٿيون. انهن پارٽين جون ٻه ٻيون خاصيتون به هينئر تائين واضح هيون. هڪ ته انهن جا اڳواڻ توڙي ورڪر گهڻو ڪري وچولي طبقي يا ورڪنگ ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهن ۽ ٻيو ته اهي پارٽيون گهڻو ڪري مذهبي جنونيت کان پاسيريون رهيون آهن. هاڻُوڪين چونڊن ۾ حالتن جي جبر هيٺ قومپرست پارٽيون جنهن اليڪشني اتحاد جو حصو بنيون آهن، انهن ۾ مختلف ڌريون انهن ٽنهي خاصيتن مان ڪنهن نه ڪنهن کان وانجهيون آهن. ڏهه جماعتي اتحاد ۾ اهي ڌريون به شامل آهن، جيڪي 23 مارچ جي ٺهراءَ هيٺ قومن جي حقن جي گهر نه ٿيون ڪن. ساڳي طرح ان اتحاد ۾ وڏيرڪي طبقي جي قيادت رکندڙ ڌريون ڇانيل هجڻ سان گڏ مذهبي طور سخت گير رويا ۽ خيال رکندڙ ڌريون به ان اتحاد جو حصو آهن. ايترين مختلف سياسي ۽ طبقاتي پسمنظر وارين ڌرين جي گڏجڻ سبب قومپرست ڌرين جي پنهنجي سياسي سڃاڻپ ۽ پروگرام اليڪشني منظر نامي تان دونهاٽجي ويا آهن. ساڳيءَ طرح جتي ان اتحاد ۾ موجود ڌرين وٽ پنهنجا پنهنجا چونڊ منشور ۽ پروگرام موجود آهن، اتي ان اتحاد جو گڏيل سياسي پروگرام يا منشور اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي. هينئر تائين ان جي سڃاڻپ گهڻو تڻو پيپلز پارٽيءَ جي سياسي هڪ هٽيءَ کي للڪارڻ آهي. ٻيو ته ان اتحاد ۾ شامل ڌريون جتي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ دشمن سياسي فيصلن تي جائز تنقيد ڪن ٿيون، اتي اتحاد ۾ شامل ڪجهه ڌريون پيپلز پارٽيءَ جي انهن اتحادين بابت خاموش آهن، جيڪي انهن سنڌ دشمن فيصلن ۾ شامل اهم ڌر رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ سوال هر پاسي کان اٿاريو پيو وڃي ته سڀاڻي جيڪڏهن اهو اتحاد ڪنهن طرح اقتدار ۾ اچي به وڃي ٿو ته اهو پنهنجي روين ۽ عمل ۾ پيپلز پارٽيءَ کان ڪهڙي طرح مختلف هوندو. هينئر تائين ان اتحاد ۾ شامل ڌرين جو ٻٽي مڪاني نظام، سنڌ جي وحدت، ذوالفقار آباد ۽ ٻيٽن جي وڪري جهڙن معاملن تي موقف سنڌي ماڻهن جي خواهشن وٽان رهيو آهي، پر ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران ڪيل ويساهه گهاتين سبب سنڌ واسين جو اعتماد ڦَٽيل آهي. مشرف جي دور ۾ پيپلز پارٽي سنڌ مٿان هڪ لساني ڌر جي سياسي قبضي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انتظامي جوڙجڪ ۽ ٻيٽن جي وڪري جهڙن معاملن تي سنڌ جي سڀ کان وڏي قومپرست جماعت بنيل هئي. پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن معاملن تي ڪيل سندس فيصلن ته مشرف ۽ ارباب رحيم جي ويساهه گهاتين کي به ڪيئي ڪوهه پٺتي ڇڏي ڏنو. ان ڪري سنڌ واسين کي اهو انديشو آهي ته هن اتحاد ۾ موجود ڌريون سڀاڻي اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان کي بچائڻ خاطر ساڳئي قسم جون مفاهمتون ڪرڻ ۾ ته نه جنبي وينديون.
    پيپلز پارٽيءَ پنهنجي گذريل دور ۾ جيڪي اگرا فيصلا ڪيا، تن جي پارٽي منشور ۾ نه ته گذريل ڀيري ڪا ڳالهه ٿيل هئي ۽ نه هن منشور ۾ انهن جو ڪو ذڪر آهي، پر ان سڄي ڪارستانيءَ کي عوام پاران چونڊن ۾ مليل مينڊيٽ جي نالي ۾ جائز قرار ٿي ڏنو ويو. انهن تجربن جي نتيجي ۾ انديشو اهو آهي ته جيڪڏهن هاڻي به پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي، ته اهي سمورا ڪم ٻيهر شروع ڪيا ويندا ۽ چيو ويندو ته گذريل دور ۾ اهي ڪم ڪرڻ جي باوجود سنڌ واسين اسان کي ووٽ ڏنا آهن، تنهن ڪري انهن ڪمن جو تسلسل جائز آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي مفادن لاءِ هڪ سيڪيورٽي رسڪ بنجي چڪي آهي، جيڪا پنهنجي اقتدار جي خاطر هر قسم جا بدترين فيصلا ڪندي دير نه ٿي ڪري، پارٽيءَ ۾ شامل وڏيرن ۽ وچولي طبقي جي نوَن وڏيرن جي انهن عملن تي ايڏي ساري پارٽيءَ اندر ڪير ٻڙڪ ڪڍڻ لاءِ به تيار ناهي. ان پسمنظر ۾ سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو چاهين ٿا ته پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ مٿان چئن ڏهاڪن جي سياسي هڪ هٽي ختم يا ڪمزور ٿئي ۽ سنڌ اندر هڪ صحتمند سياسي چٽا ڀيٽي جنم وٺي. سياسي هڪ هٽي بجاءِ مختلف پروگرامن وارين سياسي ڌرين جي موجودگيءَ جا سياسي فائدا پنجاب ۾ صاف نظر اچن ٿا. پنجاب جي اڪثر تڪن ۾ جيتوڻيڪ برادرين ۽ مقامي اثر سبب به ووٽ ڏنا وڃن ٿا، پر جيڪڏهن چونڊيل نمائندن عوام جا ڪم نه ڪيا هجن، ته انهن لاءِ سيٽ کٽڻ تقريبن ناممڪن ٿيو پوي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ چونڊيل عيوضين کي اسان اکيون ٻوٽي ووٽ ڏيون ٿا، جنهن سبب کين عوام جي مفادن جو ڪڏهن به لاچار نه ٿو هجي. پيپلز پارٽي مخالف جماعتن جو اهڙو اتحاد ان لحاظ کان سنڌ اندر سياسي چٽاڀيٽيءَ کي جنم ڏئي سگهي ٿو، پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اهو پنهنجي سياسي روين ۽ پروگرامن ۾ پيپلز پارٽيءَ کان بهتر هجي. عام ماڻهن جي مقامي مسئلن کان وٺي سنڌ جي گڏيل قومي مفادن بابت چٽو موقف رکندو هجي ۽ ان سان سلهاڙيل سياسي پروگرام ۽ عمل جو مظاهرو ڪري. هينئر تائين ٻين سياسي ڌرين جيان ان اتحاد جون چونڊ سرگرميون به نه هجڻ جي برابر آهن. تنهن ڪري ڪيترن ئي سوالن بابت اڃا خاموشي آهي. سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ۽ ڪير اقتدار ۾ ايندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته پارلياماني سياست ۾ پهريون ڀيرو پير رکندڙ قومپرست ڌريون هن ڀيري ڪا وڏي پارلياماني طاقت بنجي اڀري نه سگهنديون. البته جيڪڏهن قومپرست ڌرين جا ڪجهه اميدوار اسيمبلين تائين پهچي ويا ۽ ڏهه جماعتي اتحاد اقتدار بجاءِ مخالف ڌر جو حصو بنيو، ته اهي ڪجهه قومپرست نمائندا چونڊيل ايوانن اندر سنڌ جي اجتماعي حقن وارن معاملن تي هڪ سگهارو آواز ضرور بنجي سگهن ٿا، جنهن سان پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ جي حقن جو ساڳي بي درديءَ سان سودو ڪرڻ آسان نه رهندو. قومپرستن کي هن ڀيري جي چونڊ مهم کي سياسي سيڙپڪاري طور ڏسڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ ڀيري يا مڪاني چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ اهي هڪ سگهاري ڌر بنجي سگهن. جيستائين قومپرست ڌرين جي سياسي فيصلن جو تعلق آهي، ان بابت سوال ضرور اٿاري سگهجن ٿا. ٻٽي مڪاني نظام ۽ ذوالفقار آباد منصوبن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جيڪو زبردست عوامي اڀار پيدا ٿيو هو، سنڌ جون قومپرست تنظيمون ان اڀار کي گهربل قيادت نه ڏيئي سگهيون. وقتائتا فيصلا نه ٿيڻ ۽ ڪمزور حڪمت عملين سبب سنڌ ۾ جيڪو سياسي خال پيدا ٿيو، ان کي نهايت هوشياريءَ سان پير پاڳاري ڀريو ۽ حيدرآباد واري زبردست عوامي جلسي کان پوءِ هو سنڌ جي سمورين قومپرست ڌرين جي سياسي پورهئي جو مالڪ بنجي ويو. ان وقت سياسي فرسٽريشن ۽ بيوسيءَ سبب سنڌ واسين وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه هو ته هو سنڌ مٿان پيپلز پارٽيءَ پاران نازل ڪيل ڏمر کي ٽارڻ لاءِ فنڪشنل ليگ جو ساٿ ڏين. جيتوڻيڪ فنڪشنل ليگ به ماضيءَ جي ڪمزور سياسي ڪردار سبب اڪيلي سر پيپلز پارٽيءَ کي نه جهڪائي سگهي ها ۽ درحقيقت ان اتي مليل عوامي موٽ جو هڪ وڏو ڪارڻ به قوم پرست ڌرين جو ان جدوجهد ۾ ساڻس گڏ هجڻ هو، پر بهرحال قومپرست ڌريون سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هڪ سياسي ڌر بنجڻ جو موقعو وڃائي ويٺيون ۽ هاڻي ملڪي سطح تي سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ ٻي وڏي سياسي طاقت طور پير پاڳاري ۽ فنڪشنل ليگ کي سڃاتو وڃي ٿو. مخالف ڌر جي حيثيت ۾ جيتوڻيڪ فنڪشنل ليگ جو ڪردار ڪو هروڀرو خراب نه رهيو آهي ۽ سنڌ جي اجتماعي مفادن واري معاملي تي ان پيپلز پارٽيءَ کي سگهارو چئلينج پڻ ڏنو آهي، پر ان جي اصل آزمائش اقتدار ملڻ جي صورت ۾ ٿيندي. پيپلز پارٽيءَ کي آزمائڻ ۽ چاليهن سالن تائين غير مشروط حمايت ڏيڻ جي عيوض سنڌين کي ڇا مليو، اهو اسان سڀني جي اڳيان آهي. ان صورت ۾ سنڌ واسين کي ٻين سياسي ڌرين کي به آزمائڻ ۽ موقعو ضرور ڏيڻ گهرجي، پر اهو ڪم هاڻي اکيون ٻوٽي نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ واسي ڏهه جماعتي اتحاد يا ان ۾ شامل جن به ڌرين کي جيڪا به موٽ ڏين اها ضرور ڏين، پر اها سوالن جوابن ۽ پڇاڻي سان مشروط هجڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي هن تجربي مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو ۽ هن چونڊن جي نتيجن کان پوءِ آئيندي جي حڪمت عمليءَ لاءِ کين سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا. جيتوڻيڪ سنڌ واسي قومپرستن جي اتحاد ۽ گڏيل جدوجهد جا خواهشمند آهن، پر ويجهن تجربن ثابت ڪيو آهي ته اتحادن جي سياست جون پنهنجون اندروني پيچيدگيون آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اهم ۽ وقتائتن فيصلن جي راهه ۾ رنڊڪ به بنجي وڃن ٿيون. جيڪڏهن اتحاد ۽ سنڌ جا مفاد بچائڻ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي، ته پوءِ نالي ماتر اتحاد واري خواهش تان هٿ کڻي عملي طور سگهاري جدوجهد ڪندڙ ڌر جو ساٿ ڏجي، ڀلي اها ڪنهن اتحاد جو حصو هجي يا نه هجي. هڪ ڳالهه واضح آهي ته سنڌ هر شئي کان اُتم آهي، اتحادن، تنظيمن، شخصيتن، شهيدن، نعرن ۽ نظرين کان به وڌيڪ اهم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا مفاد آهن. وقت سان گڏ سنڌ ۾ غير مشروط ووٽ جو انت اچڻو آهي. ٻه چار اليڪشنون ڪو وڏو عرصو ناهن. سنڌ جي مفادن سان مشروط ووٽ ۽ سياسي لاڳاپا ڪو اڻ ڏٺو خواب نه پر ڏٺل وائٺل حقيقت آهي. سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ ساڃاهه وندن کي ان سفر جي باقي بچيل ٿوري پنڌ لاءِ پنهنجي جاکوڙ جاري رکڻي پوندي.

    (روزاني ڪاوش 27 آپريل 2013ع)
    *


    18. نظرين بجاءِ مفادن جي والار هيٺ آيل پارلياماني سياست

    پارليامينٽ جي ڊوڙ ۾ رُڌل اڪثر پارٽين جي اتحادين ۽ اميدوارن جي چونڊ کي ڏسندي، اڄڪلهه هڪ سوال عام طور ڪيو وڃي ٿو ته، ڇا پاڪستان جي پارلياماني سياست مان نظرياتي سياست جو انت اچي ويو آهي؟ ڪجهه ٽي وي اينڪرن مون کان پڻ پروگرامن ۾ اهو سوال پڇيو ته، منهنجو کين اهو ئي جواب هو ته، پاڪستان ۾ پارلياماني سياست ڪڏهن به نج نظرياتي بنيادن تي نه ڪئي وئي آهي. مسلم ليگ جي جناح صاحب کان وٺي پيپلز پارٽيءَ جي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پارلياماني سياست ڪندڙ ڌرين وٽ سياسي نظريا نه پر عوام کي موهيندڙ نعرا يا پروگرام رهيا آهن. 1947ع ۾ مسلم ليگ جو ٻه قومي نظريو به هڪ نعرو هو، ان جي پٺيان ڪو به سياسي نظريو يا پاڪستان جي آئيندي بابت ڪو چِٽو پروگرام نه هو. رڳو مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ قائم ڪرڻ جو نعرو هو. ڪنهن کي به پتو نه هو ته، ان ملڪ جو معاشي ڍانچو، پرڏيهي پاليسي ۽ داخلي پاليسي ڪهڙي هوندي. 1940ع واري ٺهراءَ تان مسلم ليگ 1946ع ۾ ئي ڦري چڪي هئي، تنهن ڪري جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، خبر پئي ته، ان کي ڪنهن رخ ۾ هلائڻ لاءِ بنيادي سياسي پروگرام موجود ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي جو، پنهنجي جنم جي پهرئين سال ۾ ئي ملڪي قيادت رڳو قومي ٻوليءَ جهڙي مسئلي کي نبيري نه سگهي. ملڪي قيادت کي اهو ادراڪ ئي نه هو ته، پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ ان کي رڳو هڪ مذهب واري نعري هيٺ هلائي نه ٿو سگهجي. اهڙي طرح نظريهء پاڪستان، ملڪ ٺهڻ کان ستت پوءِ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو. ان جو ڪارڻ اهو هو، جو جنهن کي مسلم ليگ نظريو ٿي چيو، اهو رڳو عوام کي موهيندڙ هڪ نعرو هو. ترتيب موجب پهرين نظريو ايندو آهي، پوءِ ان جي آڌار ڪو سياسي پروگرام يا منشور جڙندو آهي ۽ ان کي عام ڪرڻ لاءِ نعرا ٺهندا آهن. هتي قصو اُبتو هو، نعرا ايجاد ڪري انهن کي نظرئي جو نالو ڏنو ويو. ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو ڪم ذوالفقار علي ڀٽي ڪيو. ان اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي جي موهيندڙ نعري کي ايترو عام ڪيو، جو ماڻهو ان کي نظريو سمجهڻ لڳا. البت ڀٽي صاحب وٽ پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ هڪ سياسي پروگرام ضرور هو، جنهن جو جهڪاءُ کاٻي ڌر جي نظرئي ڏانهن هو. پر جناح جيان جيئن ته ڀٽو صاحب به موقعي مهل واري سياسي حڪمت عمليءَ جو ماهر هو، تنهن ڪري هن به ڪنهن نظريي کي پنهنجو حقيقي بنياد نه بڻايو. اهو ئي سبب آهي، جو هن به ٻه قومي نظريي جيان هڪ تجريدي آرٽ جهڙو اسلامي سوشلزم متعارف ڪرايو. ان نظرياتي گمراهيءَ جو ئي نتيجو هو، جو هڪ طرف ڀُٽي صاحب پاڻ کي کاٻي ڌر واري سوشلسٽ سياست سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف مذهبي ڌرين کي خوش رکڻ جي چڪر ۾ ڪجهه ڪم ڪيا. جتي هن زرعي سڌارن ۽ هيٺئين طبقي کي سگهارو ڪرڻ واريون اڳڀرايون ڪيون، اتي بنگالين ۽ بلوچن خلاف رياستي آپريشن جي طرفداري ڪري هن جمهوري ۽ سوشلسٽ نظرئي جي بنيادي اصولن جي سنگين لتاڙ به ڪئي. اهي قدم بنيادي جمهوري قدرن جي به لتاڙ هئا ۽ ڪهڙي به طرح اهڙي ڌر کي صحيح معنى ۾ جمهوريت پسند به نٿو چئي سگهجي. البت ڀٽي صاحب جهڙيءَ طرح هڪ فوجي آمر آڏو ڪنڌ جُهڪائڻ بجاءِ ڦاهي قبولي، ان غير معمولي جرئت سبب هو تاريخ ۾ هڪ وڏي انسان طور اَمر ٿي ويو.
    1988ع کانپوءِ پيپلز پارٽي، بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ اقتدار جو حصو بڻي، تڏهن کان وٺي پنهنجي شهادت تائين بينظير ڀٽو هڪ مقبول اڳواڻ رهي. سندس شخصيت پڻ ڀٽي صاحب جيان سحر انگيز هئي ۽ ملڪ جو عوام اڄ به سندس سياسي ڪردار کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پيپلز پارٽي 1988ع کانپوءِ لڳاتار آمريت پسند قوتن جي اڳرائين جو شڪار رهي ۽ سندس اقتدار جو مدو به هر ڀيري ايترو مختصر رهيو، جو ان دور ۾ به پارٽي ڪنهن سياسي نظرئي کان وڌيڪ آمريتي قوتن سان اٽڪاءُ ۽ ردعمل واري سياست ۾ رڌل رهي. 2008ع ۾ چونڊون کٽڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ وٽ موقعو هو ته، اها حڪمرانيءَ سان گڏ پارٽيءَ کي به ڪا شڪل ڏئي ها ۽ ان جا ڪي نظرياتي بنياد جوڙي، ڪنهن جامع سياسي پروگرام تي ڪم ڪري ها. اهو تڏهن ئي ممڪن هو، جڏهن پارٽي قيادت وٽ نظرئي جو ادارڪ ۽ نظرياتي سياست جي ڪا اهميت هجي ها. ان لاءِ ضروري هو ته، حڪومت ۽ پارٽيءَ کي هڪٻئي کان انتظامي طور الڳ رکيو وڃي ها ۽ پارٽيءَ جي جوڙجڪ، پروگرام ۽ ادارتي سگهه لاءِ الڳ قيادت فراهم ڪري، ان کي حڪومتي ڪار وهنوار کان آجو رکيو وڃي ها.
    درحقيقت منظم سياسي پارٽيون هميشه حڪومت ۾ هجڻ وقت پارٽي معاملن کي حڪومتي معاملن کان الڳ رکنديون آهن. ان جي ابتڙ پيپلز پارٽي هيٺ کان مٿي تائين حڪومت جو سڌو سنئون حصو رهي. ان جي نتيجي ۾ اڄوڪي پيپلز پارٽي، بحيثيت پارٽيءَ جي ڪٿي بيٺي آهي، ان جي سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ کان نظرئي يا سياسي پروگرام جي اُميد ڪرڻ ئي اجائي آهي. نظرئي، پروگرام ۽ ڪنهن سياسي رُخ جي نه هجڻ سبب پارٽي هينئر ڪجهه فردن جي ذاتي ملڪيت بڻيل آهي، جنهن ۾ سمورا فيصلا اهي فرد ئي ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا، جن جي طاقت جو سرچشمو عوام نه پر اقتدار آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄوڪي پيپلز پارٽيءَ جو واحد نظريو، پروگرام ۽ نعرو اقتدار آهي.
    ساڳيءَ طرح ملڪي سياست جون ٻيون اهم ڌريون، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ عوامي نيشنل پارٽي به بنيادي طور ڪنهن چٽي نظرئي يا سياسي پروگرام بجاءِ روايتي نعرن ۽ ماضيءَ وارن سالن جي ڪارنامن تي ٻڌل سياسي مهم هلائي رهيون آهن. مخالف ڌر ۾ رهندڙ اڪثر ڌرين جي چونڊ مهم جو بنياد پنهنجي پروگرام کان وڌيڪ پيپلز پارٽيءَ جون ڪمزوريون، ناڪاميون ۽ عوام مخالف فيصلا آهن. انهن سمورين ڌرين مان ڪنهن وٽ ڪو اهڙو پروگرام ناهي، جيڪو ڪنهن سائنسي سياسي نعري جي تابع هجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست پارٽين وٽ 1940ع واري ٺهراءُ هيٺ ملڪ هلائڻ وارو هڪ مطالبو سندن سياسي پروگرام جو بنياد آهي، پر ان جا به وڌيڪ وچور عوام جي ڄاڻ ۾ ناهن. هڪ گهڻ قومي رياست ۽ گهڻ طبقاتي سماج جي مستقبل لاءِ جيڪو چٽو سياسي نظريو گهربل آهي، ان جو خال هر پاسي آهي. سرد جنگ جي انت، يورپ ۽ اولهه اندر سرمائيداري نظام ۾ آندل سڌارن کانپوءِ کاٻي ڌر جي سياست جي ڪشش به اڳ جهڙي نه رهي آهي. کاٻي ڌر وٽ سوشلزم جي شڪل ۾ هڪ سياسي نظريو ضرور موجود آهي، پر ان جي ڪمزور سياسي حڪمت عمليءَ سبب اقتداري سياست ۾ ان جو ڪو مستقبل في الحال نظر نه ٿو اچي. کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌرين کانسواءِ ساڄي ڌر جي مذهبي ڌرين وٽ نظرئي طور مذهبي رياست وارو تصور موجود رهيو آهي ۽ انهن به عوام کي مذهبي جذبي جي بنياد تي پنهنجي حمايت ۾ متحرڪ رکيو آهي. البته جتي ملڪ ۾ مذهبي لاڙا مضبوط ٿيا آهن، اتي مذهبي ڌرين کي اقتداري سياست ۾ ڪڏهن به ايتري مقبوليت نه ملي آهي، جو اهي عوام مٿان راڄ ڪري سگهن. شروع کان وٺي مذهبي پارٽين، آمراڻي طاقتن جو پاسو وٺي ۽ ويجهن سالن ۾ سخت گير مذهبي رياست واري تصور کي هٿي ڏياري، عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جا دروازا هميشه بند رکيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته، رياستي ادارن پنهنجي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هميشه نظريهء پاڪستان ۽ مذهب کي استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين کي هر طرح جو سياسي ۽ غير سياسي فائدو حاصل ٿيو آهي، پر عوامي سطح تي انهن نظرين کي ڪا موٽ نه ملي سگهي آهي. ان پسمنظر ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته، اليڪشني سياست ۽ خاص طور تي وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين وٽ نظريا، منشور ۽ پروگرام ڪا بنيادي اهميت نٿا رکن. نعرا به بينرن ۽ جلسن جو کاڄ بڻائڻ لاءِ جوڙيا وڃن ٿا ۽ ان سياست جو محور رڳو اقتداري مفاد آهن. جڏهن اقتداري مفاد اوليت بڻجي وڃن ته پوءِ “سڀ جائز آهي” واري سياست راڄ ڪري ٿي ۽ اصول توڙي نظريا اڻلڀ ٿي وڃن ٿا. سمورين وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين ۾ سدا ڦرڻا لوٽا وڏي شان مان سان شامل ٿيندا رهن ٿا. انهن پارٽين جا اکين ۽ ڪنن وارا ڪارڪن ۽ اڳواڻ سندن شموليت جي آجيان ۾ وڏا اشتهار شايع ڪرائين ٿا. هر دور جي آمرن ۽ عوام دشمن حڪمرانن جي ڪيمپ ۾ پهرين صف ۾ بيٺل اهي همراهه رات وچ ۾ جمهوريت جا رکوالا ۽ شهيدن جا شيدائي بڻجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿين ٿا ۽ نه رڳو پنهنجي ڪٽنب جون ٽڪيٽون حاصل ڪري وٺن ٿا، پر ڪيترن ئي ٻين فيصلن تي اثر انداز ٿين ٿا. ان سڄي اقتدار پرستيءَ جي ڊوڙ ۾ نظرين ۽ اصولن جي ڳالهه ڪنهن کِلَ جوڳي ڀوڳ کان وڌيڪ نه ٿي لڳي. پارٽيون ان ڊوڙ ۾ پنهنجي حيثيت کان ڪيئن ٿيون هيٺ ڪرن، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته، 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ وڏيرا اليڪشن کان اڳ قطارون ٺاهي بيٺا هوندا هئا ته، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو وجهه ملي ۽ اڄ پيپلز پارٽي انهن ساڳين وڏيرن جي اوطاقن ٻاهران چڪر ٿي ڪاٽي ته، “آهي ڪو سيٽ جو مالڪ، جيڪو اسان سان شامل ٿئي!” اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي پيپلز پارٽيءَ ۾ نه “پيپلز” جي اهميت رهي آهي ۽ نه “پارٽيءَ” جي عزت رهي آهي، نه اها “پيپلز” جي حقيقي مفادن ۽ احساسن جو مان رکي ٿي ۽ نه ان وٽ ڪو پارٽيءَ جو ڍانچو يا پروگرام رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جي چاليهن سالن جي سيڙپڪاري، اقتداري سياست جي ڪريش ٿيل اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻڏي چڪي آهي.
    اهو ان تڪليف ۽ اذيت جو احساس ئي آهي، جنهن جي رد عمل ۾ سنڌ جا ماڻهو هڪ اهڙي سياسي متبادل جي ڳولا ۾ آهن، جنهن لاءِ سنڌ اقتدار جي ڏاڪڻ نه، پر اقتدار سنڌ جي دائمي مفادن واري ڪشادي ميدان ڏانهن ويندڙ گهٽي هجي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ واسي چاليهن سالن جي جذباتي محڪوميءَ مان آجا ٿي اهڙي سياست جي ڳولا ۾ آهن، جتي جيڪڏهن ڪي وڏا آفاقي يا زميني نظريا نه به هجن، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ڪو اهڙو پروگرام ۽ منشور ضرور هجي، جنهن کي رڳو اليڪشني موسم ۾ راڳ طور نه آلاپجي، پر اهو پارٽيءَ جي هر فيصلي کان مٿانهون هجي. اصولي طور فيصلن جو تعين، نظرين ۽ پروگرامن تحت ٿيڻ گهرجي، پر اقتداري سياست جو قصو اُبتو آهي، جتي فرد ۽ فيصلا روزانو جي بنياد تي طئي ڪن ٿا ته، اڄ نظريو ۽ پروگرام ڪهڙو هوندو. سياسي حوالي سان نظرئي يا پروگرام بجاءِ نعرن ۽ مفادن جي بنياد تي روز مره فيصلا ڪرڻ واري سياست هڪ گهڻ پاسائون نقصان آهي، جنهن جي قيمت سياستدانن کي نه پر سماج کي ڀرڻي پوي ٿي. جيتوڻيڪ بُک، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي ماريل عوام کان اها توقع ڪرڻ بي واجبي ٿيندي ته، اهي پارٽين ۽ اڳواڻن کان نظرين بابت پڇاڻو ڪن، تنهن هوندي به پروگرام، منشور ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارڪردگيءَ جي حد تائين پڇاڻو عوام کي ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪارڪردگيءَ بابت عوام پڇاڻو ڪري ته، ان جو اڻ سڌو مطلب منشور/پروگرام بابت پڇاڻو آهي. پڇاڻي جي اها روايت سگهاري ٿي ته، وقت اچڻ تي ماڻهو مفادن بجاءِ نظرين واري سياست جو به مطالبو ۽ پڇاڻو ڪرڻ لڳندا. اهو سڀ ڪجهه سياسي ۽ جمهوري عمل جي تسلسل سان ڳنڍيل آهي، جنهن لاءِ سمورين عوام دوست قوتن کي جدوجهد جاري رکڻي پوندي.

    (روزاني ڪاوش 10 اپريل 2013ع)
    *


    19. پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ ساڳي نه رهي آهي

    اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ قادريءَ جو گڏيل ڊرامو ختم ٿيڻ کانپوءِ خيالن جو رخ ٻيهر سنڌ ڏانهن موڙڻ جي ضرورت آهي. ان شور ۽ هل دوران سنڌ اندر ڪجهه ڪم اهڙا ٿيا، جن کي نظر انداز ڪرڻ يا وسارڻ وڏي غلطي ٿيندي. ان ڊرامي دوران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ارڙيءَ وگهي فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ پنج سئو کان ٽپي ويو ۽ ان دوران سياسي ڏيتي ليتيءَ جي ڪاروبار ۾ سنڌ جي ورهائڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي ۽ لانگ مارچ ۾ ساٿ نڀائڻ جي صلي ۾ سئو کان وڌيڪ قتل جي ڪيسن ۾ گهربل هڪ مکيه جوابدار به باعزت بري ڪيو ويو. سيد قائم علي شاهه صاحب جي سنڌ ۾ اهو ڪار وهنوار ساڳئي طرح جاري رهيو ۽ سنڌ مٿان جمهوريت جي دور ۾ ساڳيو ڪارو راڄ جيئن جو تيئن برقرار آهي.
    اهو ته شڪر ٿيو، جو حڪومت بچي وئي، نه ته جيڪڏهن همراهن کي ڪا رهنڊ به اچي ها ته وري شهادتن جا نغما گونجن ها. فوٽن تان دز ڇنڊي ايندڙ اليڪشن کان اڳ وري سنڌين سان اسلام آباد ۾ ٿيل ظلم جا ماتم شروع ٿين ها. ان جي هڪ جهلڪ ان ڏينهن سنڌ ۾ نظر آئي، جنهن ڏينهن ڌرڻي دوران وزير اعظم بابت ڪورٽ جو حڪم آيو. اچرج جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي، جيڪا پاڻ کي قومي پارٽي سڏائي ٿي، ان جا ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ سک سان ستل رهيا، پر نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏنڊا ۽ پستول کڻي جمهوريت پسند ٻاهر نڪري آيا. ٻيو ته ڇڏيو پر وزير اعظم صاحب جي پنهنجي تڪ گوجر خان ۾ ڪنهن منهن تان مک به نه هڪلي ۽ جمهوريت جو سڄو بار اچي پاڻ وارن همراهن جي ڪلهن تي پيو. ڪاش سندن اهو جذبو سنڌ کي ورهائڻ واري قانون سازيءَ خلاف به نظر اچي ها! جمهوريت برابر اهم آهي، پر سنڌ ان کان لک ڀيرا وڌيڪ اهم آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن ڊرامي جي آڙ ۾ حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان رڳو پنج ڏهاڙا اڳ به ختم ٿي ته وري هڪ نئين سياسي شهادت سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پوندي. جمهوريت توڙي سنڌ لاءِ ضروري آهي ته هيءَ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ته جيئن ايندڙ چونڊ مهم دوران سوال جواب پنجن سالن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيا وڃن، باقي شهادتن جي نغمن ۾ سنڌ سان ٿيل انياءَ عوام کي ياد ئي نه رهن ها.
    هن حڪومت جا ٻيا سمورا عمل پنهنجي جاءِ تي، پر سياسي سوديبازيءَ ۾ هميشه سنڌ جي مفادن جي نيلام ڪرڻ واري روايت کي وڌيڪ نظر انداز ڪرڻ خطرناڪ ٿيندو. پيپلز پارٽيءَ پاران سنڌ جي عملي طور ورهاڱي واري مڪاني نظام واري قانون جي ان سوکڙيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ڏهاڪن کان بليڪ ميلنگ ۽ ڏهڪاءُ واري سياست ڪندڙ ڌر پنهنجي مهانڊي تي پاتل اهو نالي ماتر ماسڪ به لاهي ڇڏيو آهي. عام طور تي ايم ڪيو ايم ظاهري طور پاڻ کي سنڌ جي ورهاڱي واري نعري کان الڳ رکندي هئي ۽ پنهنجي ان خواهش جي پورائي لاءِ هٿ ٺوڪيا فورم استعمال ڪندي هئي. پر لڳي ٿو ته هاڻي پنهنجي ان خواهش کي دٻائي رکڻ ان لاءِ ايترو مشڪل ٿي پيو هو، جو ان کي کليل لفظن ۾ ان جو اظهار ڪرڻو پيو. الطاف حسين پنهنجي ڊرون حملي سان ان ليڪ کي وڌيڪ چٽو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڪجهه ماڻهن کي اڃا تائين ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي. گذريل سال مهاجر صوبا تحريڪ پاران سنڌ جي ورهاڱي لاءِ جهڙي طرح مهم هلائي وئي، ان کي ايم ڪيو ايم پاران شروع ۾ ڍڪيل ۽ پوءِ بلڪل کليل حمايت به فراهم ڪئي وئي. سڄي شهر ۾ وال چاڪنگ ۽ وڏا بورڊ لڳائي ان مهم کي اردو ڳالهائيندڙن جي هٿ ٺوڪي محروميءَ جي اظهار جو نالو ڏنو ويو. ان وقت به ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار اڳواڻ صوبي واري مهم جي کليل لفظن ۾ حمايت ڪندا رهيا. البته روايتي چالاڪيءَ کان ڪم وٺندي سندن مٿين قيادت پاڻ کي ان کان الڳ ظاهر ڪندي رهي. هاڻي کلي طرح اها ڌمڪي آئي ۽ هنن اهو واضح ڪري ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم جي اها دعوى ته هو ڌرتيءَ جا پٽ آهن ۽ هو سنڌ جو ورهاڱو نه ٿا چاهين، صرف هڪ ڏيکاءُ آهي ۽ هاڻي کين ان زحمت جي به ضرورت ناهي رهي.
    ان سڄي وارتا کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن اڳيان پيپلز پارٽيءَ جو اصل روپ به وڌيڪ چٽو ٿي چُڪو آهي ته سندن مڪاني ادارن وارو نظام در حقيقت ڪيڏو خطرناڪ قدم هو، جنهن کي ٽپا ڏئي ۽ هوڪرا ڪري اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ وقت کين اهو احساس به نه هو ته در اصل هنن سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪيو هو. جڏهن لانگ مارچ واري معاملي تي ايم ڪيو ايم کانئن پنهنجا رستا الڳ ڪيا ته پيپلز پارٽيءَ وري ان قانون ۾ ترميم جو ڊرامو ڪري سنڌ واسين کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ان وقت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا اڪابر اها دعوى ڪري رهيا هئا ته ان بل تي اعتراض ڪندي اهو دستاويز پڙهيو ئي ناهي ويو ۽ اهو سنڌ جي مفادن وٽان ٺهيل آهي، ته پوءِ ڇو ان ۾ ترميم جي ڳالهه ڪئي پئي وئي؟ پيپلز پارٽي حقيقت ان سڄي خطرناڪ غير ذميواريءَ ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتيءَ جي ذميوار آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به نه وساريندا. ان قانون تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي جهڙي زهريلي ڌمڪي ڏيڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته اهو قانون سندن اهڙين خاص خواهشن جو پورائو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هاڻي هو ڪا ترميم برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڌ سان ڪيڏو وڏو انياءَ ڪيو آهي، ان جو اندازو هاڻي هر سنڌ واسيءَ کي ٿي چُڪو آهي. ايم ڪيو ايم قيادت جي ان انتهائي غير ذميواراڻي روش جو فوري نتيجو سنڌ اندر لساني نفرت ۾ چاڙهه جي شڪل ۾ نڪرندو. آئين ۽ قانون جي معاملن کي بنياد بنائي سنڌ جي وحدت کي ڇيهو پهچائڻ جا اعلان ڪري سنڌ کي نفرت جي جنهن باهه ۾ اڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان جا نتيجا ٻنهي آبادين لاءِ هاڃيڪار نڪرندا. جيڪڏهن اها روش ساڳي طرح جاري رکي وئي ته ان جو آخري نتيجو سنڌ ۾ لساني رتو ڇاڻ جي شڪل ۾ نڪرندو، جنهن جي ذميواري سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪندڙ ڌرين ۽ پيپلز پارٽيءَ تي هوندي. هيءَ سٺ جي ڏهاڪي واري سنڌ يا نوي جي ڏهاڪي واري ڪراچي ناهي. ان قسم جي غيرذميوار سياست جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا. سنڌ ۾ ڪروڙين اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏ رهن ٿا ۽ باوجود سياسي ڇڪتاڻ جي، مجموعي طور ٻئي آباديون پرامن بقاءِ باهمي واري اصول هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن. 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن جي نسلي رتو ڇاڻ کان پوءِ ٻنهي طرف امن پسند اڪثريت جي ڪوشش ۽ خواهش رهي آهي ته ان قسم جي رتو ڇاڻ جو ورجاءُ ٻيهر نه ٿئي ته جيئن هو گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙي سگهن.
    بدقسمتيءَ سان ايم ڪيو ايم جي قيادت اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي زبردستي هڪ ڀيرو ٻيهر لساني نفرت جي اوڙاهه ۾ اڇلڻ جي غير ذميواراڻي ڪوشش ڪئي آهي. مڪاني ادارن واري ان سنڌ دشمن قانون کي رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ مٿان ٿاڦڻ ۽ انتهائي غير جمهوري طريقي سان پنجن منٽن ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان منظور ڪرائڻ وارو ڪم ڪري پيپلز پارٽيءَ اهڙي خطرناڪ غير ذميواريءَ وارو ڪم ڪيو، جنهن جو اندازو هاڻي کين ٿي چُڪو هوندو، پر هو پنهنجي ان سنڌ دشمن حرڪت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
    ڪوئيٽا ۾ هزاره برادريءَ جي احتجاج ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ناٽڪي احتجاج اڳيان بيوس بنجي پيپلز پارٽيءَ عوام کي هڪ ٻيو به نياپو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اوهان جائز توڙي ناجائز مطالبن لاءِ ڪجهه هزار ماڻهو گڏ ڪري زندگي مفلوج ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان جي هر ڳالهه مڃي سگهجي ٿي. سنڌ واسي هينئر تائين پنهنجي جائز حق لاءِ پر امن سياسي جدوجهد ڪندا رهيا آهن. مڪاني ادارن واري نظام تي به هنن پر امن احتجاجن، مشاعرن ۽ سياسي جلسن وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ان جي موٽ ۾ کين اڻ پڙهيل هجڻ جا مهڻا مليا آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجن اتحادين کي بليڪ ميل ڪرڻ يا انهن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اکيون ڏيکاري ته ٻئي طرف کان سنڌ کي ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ان صورتحال ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين وٽ ڪهڙا آپشن باقي بچن ٿا؟ جيڪڏهن ان قانون هيٺ سڀاڻي سنڌ اندر مڪاني ادارن جو نظام ٿاڦڻ لاءِ مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ واسين وٽ ڪهڙو رستو باقي بچندو؟ ان صورتحال ۾ سنڌ واسي يا ته ماٺ ڪري پنهنجي اجتماعي موت جو ڏيک ڏسندا رهن يا پوءِ مجبور ٿي غير سياسي طريقا استعمال ڪندا، جنهن سان سنڌ اندر هڪ خطرناڪ انارڪي جنم وٺي سگهي ٿي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ واسين هميشه تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ سياسي ڏاهپ کان ڪم ورتو آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪومت جنهن طرح کين زخم ڏيڻ کان پوءِ انهن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جي روش اختيار ڪئي آهي، ان جو نتيجو اهو آهي، جو اڄ کين وزير اعظم کي هٽائڻ خلاف احتجاجن لاءِ فائرنگ ڪرائي بازارون بند ڪرائڻيون پون ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جون مارڪيٽون بند ڪرائڻ لاءِ کين ڏنڊا بردار فورس جي ضرورت پوي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير ۽ اڳواڻ سمجهن ٿا ته سنڌي اڃا به سياسي پيري مريديءَ جي چڪر ۾ کانئن ڪوبه سوال جواب نه ڪندا ۽ کين هميشه جيان اکيون ٻوٽي ووٽ ڏيندا ته اها سندن ڀل آهي. سنڌ جو سياسي منظر نامو خاموشيءَ سان بدلجي رهيو آهي.
    پيپلز پارٽيءَ کي گهرجي ته اها ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسٽ) جي سياسي حشر مان سبق حاصل ڪري. 34 سالن تائين ڪميونسٽ پارٽي اولهه بنگال تي حڪمراني ڪئي، پر وقت سان گڏ جڏهن حڪمرانيءَ جي غرور ۾ اچي ان پنهنجي ووٽرن کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ته 2011ع جي چونڊن ۾ رڳو 13 سال اڳ وجود ۾ آيل پارٽيءَ ترنامُول ڪانگريس ان کي عبرتناڪ شڪست ڏني. ممتا بنرجي جي اڳواڻيءَ ۾ ترنامول ڪانگريس ۽ سندس اتحادين کي اولهه بنگال ۾ 226 سيٽون حاصل ٿيون ۽ 34 سالن کان راڄ ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي رڳو 62 سيٽون مليون. کاٻي ڌر جي اڳواڻ اي بي بَرڌان ان تي تبصرو ڪندي چيو ته، پارٽي عوام جي خواهش کان لاتعلق ٿي وئي هئي، تنهنڪري ان کي شڪست آئي. کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪارڪن جو ان شڪست تي ڪيل تبصرو پيپلز پارٽيءَ تي بنهه پورو لهي ٿو. هن چيو ته، 34 سالن کان ڪميونسٽ پارٽي آهستي آهستي رياست (صوبي) کي ماريندي رهي، پر اسان پارٽيءَ جا اکين ٻوٽيا پوئلڳ هئاسين ۽ پارٽيءَ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڏٺوسين.
    پيپلز پارٽي بلڪل ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جيان سنڌ جي عوام جي خواهشن کي پٺي ڏيو بيٺي آهي ۽ چاليهن سالن دوران اها هوريان هوريان سنڌ جي مفادن جو جنازو ڪڍندي رهي آهي. سنڌ جو عوام به اولهه بنگال جي عوام جيان ان جو اکين ٻوٽيو پوئلڳ آهي. تنهنڪري ممڪن آهي ته ڪنهن مرحلي تي پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۾ اهڙو ئي حشر ٿئي، جهڙو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اولهه بنگال ۾ ٿيو هو.
    سنڌ جي عوام جو چاليهن سالن کان پارٽيءَ سان ڳنڍيل جذباتي رشتو جيڪڏهن مڪمل طور ٽُٽي نه به چُڪو هجي، تڏهن به ان ۾ پيل ڏار صاف نظر اچي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ بينظير ڀٽو کي پارٽي اڳواڻ طور جيڪا آجيان ۽ موٽ سنڌ جي عوام ڏني هئي، ان جي ڀيٽ ۾ بلاول کي ملندڙ موٽ ۾ چِٽي لاٿ آهي. پارٽي 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو سان عقيدت ۽ بلاول ڀٽو جي پ پ اڳواڻ طور افتتاح وارن اعلانن جي باوجود ڪوبه غير معمولي عوامي ميڙ ڪٺو نه ڪري سگهي. بينظير ڀٽو جي ورسي ۽ بلاول جي پهرئين عوامي ميڙ واري ڏينهن لاڙڪاڻو شهر زوريءَ بند ڪرائڻو پيو، ان کان وڌيڪ پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي سياسي زوال جي ڪهڙي ثابتي گهرجي؟! پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته ان سنڌ واسين جي دلين کي رنجايو آهي ۽ انهن جي ويساهه کي ٽوڙيو آهي. سنڌ جي وحدت کي ايڏو گهرو گهاءُ رسائڻ ۽ سنڌ کي بدترين ڪرپشن جي اوڙاهه ۾ ڌڪڻ کان پوءِ ان کي سنڌ واسين کان ڪنهن محبت ڀري موٽ جي وڌيڪ اميد نه رکڻ گهرجي. کين سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ متبادل سياسي قوتون پنهنجي جڳهه ٺاهي رهيون آهن ۽ هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ واسي غير مشروط موٽ ۽ ووٽ ڏيڻ بجاءِ اعمالن جو پُڇاڻو ڪندا. پيپلز پارٽيءَ سان هاڻي سمورا رشتا حساب ڪتاب تي ٻڌل هوندا.

    (روزاني ڪاوش 21 جنوري 2013ع)


    20. سنڌ کي بلوچستان نه بڻايو!

    سنڌ ۾ ذري گهٽ هر نئين صبح جي شروعات ٽي وي چئنلز جي ڪنهن ڏکوئيندڙ بريڪنگ نيوز سان ٿيندي آهي. اخبارون کوليو ته اهي به قتل، اغوا، چچريل لاشن ۽ مظلومن جي پاراتن سان ڀريل خبرن ۽ تصويرن سان سٿيل هونديون آهن. اهڙي ئي هڪ دل ڏاريندڙ خبر ڪالهه صبح سان ٽي وي تي نشر ٿي ته خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ٻن نوجوان سياسي ڪارڪنن سجاد مر کنڊ ۽ عامر کهاوڙ جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن. اهي ٻئي نوجوان ڪجهه ڏينهن کان لاڙڪاڻي مان گم ٿيا هئا ۽ گم ٿيڻ کانپوءِ سندن اهڙا ئي چچريل لاش مليا، جيئن ڪجهه عرصو اڳ هڪ ڄاتل سڃاتل سياسي ڪارڪن مظفر ڀٽي جو لاش مليو هو. ڪجهه ڏهاڙا اڳ انهن نوجوان سياسي ڪارڪنن جي ورسي ملهائي وئي هئي، جن کي ڏينهن ڏٺي جو سانگهڙ ويجهو بي درديءَ سان قتل ڪري باهه ڏيئي ساڙيو ويو هو. گذريل ڏهاڪي دوران بلوچستان ۾ سياسي ورڪرن کي گم ڪري بي درديءَ سان قتل ڪرڻ وارن واقعن جي شروعات ٿي، جيڪا هاڻي پکڙجي سنڌ تائين پهچي چڪي آهي. سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏڻ جو اهو سلسلو پيپلز پارٽيءَ جي پنجن سالن جي حڪومت ۾ عروج تي رهيو. بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رياستي ادارن سوَن جي انگ ۾ اهڙي طرح شهرين کي گم ڪري قتل ڪيو، جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ هٿياربند گروپ بنا ڪنهن رنڊڪ جي مخالف ڌر جي ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪندا رهيا. پيپلز پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انساني حقن جي ان بدترين لتاڙ تي ڪوبه عملي قدم نه کنيو ۽ نه ئي انهن قتلن ۾ ذميوار ڪنهن اداري يا فرد خلاف ڪو قدم کنيو ويو، جنهن پارٽيءَ پنهنجي اڳواڻن جي قاتلن کي پنجن سالن ۾ گرفتار نه ڪيو. اها ويچارن سنڌي ۽ بلوچ نڌڻڪن سياسي ڪارڪنن جا قاتل ڳولڻ جي تڪليف ڀلا ڇا لاءِ ڪري ها.؟!!
    قتل ڪيل سياسي ڪارڪنن جو تعلق هڪ قومپرست تنظيم سان ڄاڻايو وڃي ٿو. اها قومپرست تنظيم 70ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل جيئي سنڌ هلچل جو حصو رهي آهي ۽ کليل لفظن ۾ سنڌ جي آجپي جي سياست ڪندي رهي آهي. ڪنهن تنظيم جي سياسي نظرئي يا ان جي ڪم سان اختلاف رکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن تنظيم جا ڪارڪن ڪنهن غيرقانوني يا غير آئيني ڪم ۾ ملوث آهن ته انهن لاءِ ملڪ اندر هڪ سگهاري عدليا موجود آهي، جيڪا چونڊيل وزير اعظم کي به گهر اماڻي چڪي آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ملڪ اندر کليو کلايو دهشتگردي ڪري، سوين شهرين کي قتل ڪري انهن جي ذميواري قبول ڪندڙ دهشتگرد ته آزاديءَ سان گهمي ڦري ۽ ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پر ملڪي آئين ۾ ڏنل قومي حق گهرندڙ نوجوان سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري سندن لاش اڇلايا وڃن ٿا. سنڌ ۾ آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي تحريڪ ڪا نئين ناهي. گذريل چاليهن سالن کان اهي تنظيمون ڪم ڪنديون رهيون آهن ۽ اعتراف ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ اهڙا گهٽ مثال ملندا، جتي اهڙيون تحريڪون ايتريون پرامن ۽ سياسي رهيون هجن. سنڌ ۾ جتي لکين ڌارين جي موجودگيءَ خلاف هڪ چٽي قومي تحريڪ موجود آهي، اتي ڪنهن به سياسي تنظيم سنڌ ۾ آباد غير مقامي آبادين کي تشدد جو نشانو نه بنايو آهي. سنڌ ورهاڱي کان پوءِ لڳاتار قومي سڃاڻپ ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جدوجهد ۾ رهي آهي، پر ڪڏهن به سنڌ ۾ آباد لکين غير مقامي ماڻهن کي تشدد جو نشانو نه بنايو ويو آهي. سائين جي ايم سيد سان لک سياسي اختلاف رکندڙ ماڻهو به اعتراف ڪن ٿا ته هو صوفي ۽ انسان دوست سياستدان هو، جنهن هميشه عدم تشدد جي سياست ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو جيئي سنڌ هلچل سان تعلق رکندڙ ڌڙا جتي هڪ ٻئي کي سخت ناپسند ڪندا آهن، اتي پرامن بقاءِ باهميءَ جي اصول هيٺ هڪ ٻئي جي اختلاف راءِ کي مان به ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد جي ورسي ۽ سالگرهه تي اڌ ڊزن کن ڌريون الڳ جلسا ڪن ٿيون، پر انهن ۾ ڪڏهن به ڪو جهيڙو نه ٿو ٿئي. پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي. ان وايو منڊل ۾ جيڪڏهن نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اهڙي طرح بي درديءَ سان قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو ته پوءِ انديشو آهي ته سنڌ اندر به بلوچستان جيان سياسي تشدد جنم وٺي سگهي ٿو. دنيا جي تاريخ توڙي ملڪي تاريخ ۾ اهو ڪيئي ڀيرا ثابت ٿي چڪو آهي ته رياستي تشدد موٽ ۾ عوامي تشدد کي جنم ڏيندو آهي ۽ ان سان پر امن سياسي جدوجهدن جي جاءِ انتهاپسند رويا والاري وٺندا آهن، جن جا نتيجا ڪڏهن به بهتر ناهن نڪرندا. بلوچستان جي تازي تجربي مان ضرور سبق سکڻ گهرجي. بلوچستان تي ماضيءَ ۾ به رياستي آپريشن ٿيا آهن ۽ اهي محدود علائقن ۾ هوندا هئا ۽ باوجود ان جي ته سوين سياسي ورڪر گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌا ويندا هئا، اتي ڪڏهن به سياسي ڪارڪنن کي گم ڪري درجنن جي انگ ۾ قتل نه ڪيو ويندو هو. پر هن ڀيري جڏهن عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرڻ وارو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، ته ان جا نتيجا به مختلف نڪتا آهن. ماضيءَ ۾ بلوچستان ۾ رياست مخالف تحريڪ ڪجهه قبيلن ۽ علائقن تائين محدود هئي ۽ ان جو گهڻو ردعمل رياستي تشدد جي مزاحمت وارو هو. ان جي ابتڙ هن ڀيري اها تحريڪ هيٺئين وچولي طبقي تائين پکڙجي چڪي آهي ۽ ان جو رويو علحدگيءَ وارو بنجي چڪو آهي. هر روز ملندڙ لاشن جي ردعمل ۾ عوامي سطح تي رياست کان اختلاف راءِ وارا جذبا وڌي نفرت جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن ۽ هاڻي ڳالهه قبائلي سردارن جي وس کان ائين چڙهي چڪي آهي، جيئن ايم آر ڊي جي دور ۾ عوامي هلچل وڏيرن جي هٿن مان نڪري وئي هئي. اڄ بلوچستان ۾ رڳو پهاڙي علائقا جنگ جو ميدان بنيل ناهن، پر تربت، گوادر ۽ پسني جهڙا پرامن ۽ سانتيڪا ساحلي علائقا به ان باهه ۾ وڪوڙجي چڪا آهن. گذريل ڏهاڪو کن سالن کان هلندڙ بدترين آپريشن ۽ تشدد ان تحريڪ کي گهٽائڻ بجاءِ ايترو وڌائي چڪو آهي، جو هاڻي ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ پارٽيون ۽ ان جي اڳواڻن لاءِ صوبي اندر سياسي سرگرميون ڪرڻ مشڪل بنجي چڪو آهي. بلوچستان ۾ ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڊاڪٽر مالڪ، حاصل بزنجو ۽ اختر مينگل پنهنجي تڪن ۾ چونڊ مهم هلائڻ کان لاچار ٿي ويندا.
    اها سڄي صورتحال رڳو پرڏيهي مداخلت جي کاتي ۾ نه ٿي وجهي سگهجي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ان جو اهم ڪارڻ آهن. بلوچستان ۾ هر ماڻهو هاڻي اهو سوال ٿو ڪري ته قومپرستن جي پارليامينٽ ۾ پهچي ملڪي سياست ڪرڻ جي عيوض کين ڇا مليو؟. ڏهن سالن جي آمريت دوران ته هر ڪو سمجهندو هو ته جڏهن عوام جي چونڊيل حڪومت ملڪ مٿان راڄ ڪندي ته پهاڙن تي چڙهيل بلوچن کي واپس آڻي مکيه ڌارا جو حصو بنائي سگهبو. پر بلوچن کي اها سگهاري جمهوريت، آزاد عدليه ۽ کليل ميڊيا به امن ۽ حق نه ڏياري سگهيا آهن. اڄ پنجاب اندر به ساڃاهه وند ماڻهو سمجهن ٿا ته رياستي ادارن جي غلط فيصلن بلوچستان کي ان انتها تي پهچايو آهي. ساڳئي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ اندر گذريل پنجن سالن جي جمهوري حڪومت جيڪي اونڌا ڪم ڪيا، ان جي نتيجي ۾ نوجوانن ۽ سياسي ورڪرن ۾ اڳي ئي اها فرسٽريشن موجود آهي ته هن ملڪ جي نيم آمريتي ۽ جاگيرداراڻي ڍانچن واري جمهوريت سندن ڦٽن تي پها رکڻ بجاءِ لوڻ ٻُرڪڻ وارو ڪم ڪيو. عام ماڻهن ۾ اهو تاثر پکڙجي رهيو آهي ته هن نظام ۽ ڍانچي ۾ اهڙو بنيادي ڪينسر موجود آهي، جيڪو عوام جي اهنجن کي گهٽائڻ جي ڪنهن به دوا کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏئي. مايوسي ۽ فرسٽريشن جي ان وايومنڊل ۾ سنڌ جون قومپرست ڌريون عوامي مخالفت ۽ مهڻن جي باوجود مکيه ڌارا واري پارلياماني سياست ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪا سنجيده ڪوشش ڪري رهيون آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن رياستي ادارا سياسي ورڪرن سان قانون موجب ورتاءُ ڪرڻ بجاءِ کين گولين جو کاڄ بنائيندا ته ان جي نتيجي ۾ شدت پسنديءَ وارن روين کي هٿي ملندي ۽ سنڌ اندر به بلوچستان جهڙي جذباتي ردعمل مان جنم وٺندڙ سياسي انارڪي پکڙجندي. سنڌ جي جاگرافي، سماجي بيهڪ ۽ سياسي شعور بلوچستان کان مختلف آهن ۽ سنڌ ۾ سياسي انارڪيءَ کي جنم ڏيڻ مجموعي ملڪي سياست لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندو. هن خطي جي منجهيل سٽ جهڙي سياسي ۽ عسڪري صورتحال سبب عالمي برادريءَ ۾ ملڪي اميج اڳي ئي خراب ٿيل آهي. انساني حقن جي لتاڙ، اقليتن خلاف تشدد، لساني فرقيواراڻي ۽ قبائلي دهشتگردي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تشدد سبب پاڪستان، عالمي برادريءَ ۾ اڳي ئي سخت تنقيد جو نشانو بنجندو رهي ٿو. ملڪ اندر اڳي کان اڳري غربت، بيروزگاري، توانائي جي بحران، بدامني، سياسي عدم استحڪام ۽ وڌندڙ انتهاپسنديءَ سبب ملڪ شديد اندروني ۽ خارجي گهوٽالي جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ نسبتاً پرامن صوبي اندر سياسي ڪارڪنن جي غيرقانوني ۽ غير انساني قتل وارن واقعن سان هڪ نئون محاذ کلي ويندو، جيڪو ڪهڙي به طرح ساڃاهه وارو ڪم ناهي. ايڪيهين صديءَ جي جمهوري دور ۾ اختلاف راءِ کي بندوق جي زور تي حل ڪرڻ وارو طريقو هاڃيڪار نتيجا برآمد ڪندو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ هن ملڪ کي جنم ڏنو هو ۽ سنڌ واسين ملڪ کي جمهوريت ۽ مساواتي وفاق وسيلي هڪ عزت لائق سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان کان سواءِ ملڪي معيشت ۾ جيڪو ٿورو گهڻو ست باقي بچيو آهي، ان جو هڪ وڏو حصو به سنڌ مان اچي ٿو. موٽ ۾ سنڌ کي سواءِ غربت ۽ بدحاليءَ جي ڪجهه به پلئه نه پيو آهي. ان شديد مايوسيءَ واري صورتحال ۾ به سنڌ واسين هميشه پرامن سياسي جدوجهد کي پنهنجي حقن جي جدوجهد جو وسيلو بنايو آهي. جيڪڏهن ان جي موٽ ۾ سنڌ کي نوجوانن جا چچريل لاش ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو ته سنڌ اندر آئين ۽ جمهوريت وسيلي حق حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي ساڳي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، جيئن بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي. ساڃاهه ۽ ڏاهپ جي تقاضا اها آهي ته سنڌ ۾ قومي حقن جي جدوجهد کي زوري تشدد ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. اهڙا عمل ڪندڙ ڌريون ڀلي ٻين کي ملڪ دشمن ۽ غدار هجڻ جا مهڻا ڏين، پر درحقيقت سندن سوچ ۽ عمل ملڪي مستقبل لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهن. ايڪيهين صديءَ ۾ ملڪي استحڪام رڳو شهرين جي تاريخي آئيني حقن جو احترام ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. ملڪ جي واڳ ڌڻين کي گهرجي ته شهرين جي حقن جي احترام واري مطالبي جي عيوض لاش اماڻڻ واري روش کي ترڪ ڪن، ڇو ته اهو رويو ملڪي استحڪام کي هٿي ڏيڻ بجاءِ هاڃو رسائيندو.

    (روزاني ڪاوش 29 اپريل 2013ع)
    *


    21. هوڏ تي بيٺل حڪومتي ڌر کي عوام جو “نياپو” ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو؟

    مڪاني ادارن وارو قانون اسيمبليءَ مان منظور ٿيڻ کان پوءِ گورنر جي صحيح سان مڪمل قانوني شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي. عام طور تي صوبي اندر قانون سازي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسيمبليءَ اندر اهڙو اعلان ڪرڻ جي روايت ناهي ته فلاڻو قانون گورنر جي صحيح کان پوءِ لاڳو ٿي چڪو آهي. هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ کي خصوصي طور اهڙو اعلان ڪرڻ جي ضرورت الائي ڇو پيش آئي؟ ممڪن آهي ته ‘خاص حڪمن’ جي بجا آوريءَ کانپوءِ ڌڻين کي اهڙي خاطري ڪرائڻ لازمي قرار ڏنل هجي يا وري سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ اهڙو اعلان ضروري سمجهيو ويو هجي. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين ڪن ڌرين جو خيال هو ته سنڌ ۾ عوامي سطح تي ايڏو شديد ردِعمل ڏسي حڪومت ان قانون ۾ ڪُجهه ڦيرڦار ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي، تنهنڪري سنڌ بچايو ڪميٽي، اديبن ۽ ٻين ڌرين کي متبادل قانون جو ڊرافٽ بحث لاءِ اڳيان آڻڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ جي هن تازي عمل کانپوءِ انهن ڌرين کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته حڪومت پاران اهڙا اشارا رڳو اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر هئا ۽ هو پنهنجي ان تاريخي غلطيءَ تي ذري جيترا به پيشمان ناهن. حڪومتن جو اهو عمل سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف جاکوڙيندڙ سمورين ڌرين لاءِ چٽو نياپو آهي ته جيڪو وڻي، سو وڃي ڪريو، اسان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيون. سنڌ واسين انتهائي جمهوري انداز ۾ سياسي جدوجهد وسيلي ان قانون خلاف پنهنجي مَٺيان جو اظهار ڪيو هو، پر ان جي موٽ ۾ اهڙو چڙ ڏياريندڙ طريقو اختيار ڪري درحقيقت حڪومت اهو نياپو ڏئي رهي آهي ته مهذب ۽ جمهوري طور طريقن واري مخالفت سان اسان تي ڪوبه فرق نه پوندو. ڪاري قانون خلاف جاکوڙيندڙ ڌرين کي عدم تشدد تي ٻڌل عوامي جدوجهد جي اهڙن طريقن تي سوچڻو پوندو، جنهن سان هوڏ تي بيٺل حڪومتي ڌر کي ماڻهن جو نياپو سمجهه ۾ اچي سگهي.
    هينئر تائين سنڌ واسين ان نظام کي رد ڪرڻ لاءِ صوبي اندر عام هڙتال، شهرن ۾ وڏن جلسن، بک هڙتالن، اديبن، دانشون جي ميڙاڪن، سرڪاري ايوارڊن کي واپس ڪرڻ ۽ انساني زنجيرون ٺاهڻ وارا طريقا استعمال ڪري حڪومت کان اها گهر ٿي ڪئي ته ان قانون کي واپس وٺي عوامي راءِ جو احترام ڪندي ڪو متوازن قانون متعارف ڪرايو وڃي. اصولي طور پاڻ کي جمهوريت جي علمبردار سڏائيندڙ پارٽيءَ کي مهذب عوامي ردِ عمل جي احترام ۾ پنهنجي رويي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ها، پر بجاءِ پرامن جدوجهد کي مان ڏيڻ جي، حڪومت انهن ڌرين جي خوشامد کي اوليت ڏني، جيڪي بندوق جي ٻولي ڳالهائين ٿيون. سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ ٻين سياسي ڌرين هينئر تائين عوامي جدوجهد جي روايتي طريقن سان ان قانون خلاف مزاحمت ٿي ڪئي، پر 18 هين نومبر تي پير پاڳاري وٽ سمورين ڌرين جي ٿيل اجلاس ۽ ان کانپوءِ ڪيل پريس ڪانفرنس مان محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي ان جدوجهد ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ جي پ پ مخالف متبادل طور اڀرڻ بابت ڪيئي سوال موجود آهن، پر موجوده حالتن جي ذميواري خود پيپلز پارٽيءَ تي ئي لاڳو ٿئي ٿي.
    پيپلز پارٽيءَ جي روزمره جي گورننس جي حوالي سان بدترين ڪارڪردگي، سنڌ مخالف قانون سازي ۽ ان کانپوءِ اختيار ڪيل روين سنڌ جي ماڻهن کي ايترو ته ڀِت سان لڳايو آهي، جو مجبور ٿي سنڌ جون قومپرست ڌريون ان جوڙجڪ جو حصو بنيون آهن، جنهن جي سربراهه کليل لفظن ۾ چيو ته، ‘اسان کي فوج جي ايجنٽ هجڻ تي فخر آهي.’ جڏهن سوال قومي وجود ۽ وحدت جو هجي، تڏهن ڏکيائين جي تتل صحرا ۾ بيٺل ماڻهو اڳواڻي يا مدد جي حوالي سان اهو نه ڏسندا آهن ته ڪنهن سان سندن ‘وڇوٽيون’ ڪيتريون آهن، اهي پنهنجي قومي وجود ۽ وحدت خاطر، ڪيترين ڳالهين سان سهمت نه ٿيندي به اهڙي اڳواڻي قبول ڪري وٺندا آهن، جيڪا سندن واهر لاءِ اڳتي وڌي اچي. سنڌ واسي هاڻي سنڌ جي وحدت بابت ايترا پريشان آهن، جو انهن ڌرين جي سربراهي قبول ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪي چٽن لفظن ۾ فوج جي ايجنٽ هجڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. پر اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته اڄ ان ڪيمپ جو حصو بنجندڙ سموريون ڌريون ڪجهه سال اڳ تائين پ پ حڪومت جون مخالف نه هيون، بلڪه قومپرست ڌرين ته مشرف جي آمريت جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ سنڌ جي مسئلن، جهڙوڪ: اين ايف سي ايوارڊ، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم رٿا وغيره خلاف جدوجهد ڪئي هئي. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي هميشه جيان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن جي مفادن ۽ ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ قومپرستن کي پٺي ڏئي انهن ڌرين جي مفادن جي پورائي ۾ مصروف ٿي وئي، جيڪي سڄو ڏهاڪو مشرف جي آمريت جو حصو رهيا ۽ ٻنهي هٿن سان سنڌ جي ڀينگ ڪندا رهيا. اڄ مڪاني ادارن جي بل تي وڏيون تقريرون ڪندڙ ۽ اتحادين جي خوشامد ۾ سمورا ليڪا اورانگهيندڙ پ پ جا وزير ۽ اسيمبلي ميمبر سڄو گذريل ڏهاڪو قومپرستن سان گڏجي مشرف جي ساڳين اتحادين خلاف زمين آسمان هڪ ڪريو بيٺا هئا. اڄ جڏهن پيپلز پارٽي ساڳين اتحادين جي هڪ اشاري تي انڌا ڌنڌ قانون منظور ڪري رهي آهي ۽ سندن هر فرمائش تي سيس نوايو بيٺي آهي ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو يا قومپرست پارٽيون ٻي ڪهڙي واٽ وٺن؟ مان ذاتي طور تي سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد جي سرواڻي روشن خيال وچولي طبقي جي هٿن ۾ ڏسڻ جو حامي آهيان، پر پيپلز پارٽيءَ خود ان مقصد لاءِ مليل تاريخي موقعي کي پنهنجي موقعي پرستيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو. گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽي وچولي طبقي کي ميرٽ ۽ موقعن جي مدد سان اڳتي وڌائي سنڌ ۾ ڪنهن سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جا بنياد رکڻ بجاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ڪرپشن، اقربا پروري، ٺيڪن ورهائڻ، ڏوڪڙن تي مقرريون ۽ بدليون ڪرڻ جهڙن خسيس ڪمن ۾ صرف ڪيون. سنڌ مان ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ لاءِ سنڌ سول سروسز بل جهڙا قانون آڻي وچولي طبقي کي ديوار سان لڳائي ان پبلڪ سيڪٽر ۾ اهل ماڻهن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. شهرن کي پيڪيج ڏئي انهن کي ڪو ڍنگ جو انفرا اسٽرڪچر يا سروسز فراهم ڪرڻ بجاءِ انهن کي ٺيڪا ورهائڻ ۽ انهن مان بئنڪ اڪائونٽ ڀرڻ وارو ڪم ڪيو. سنڌ سان اهي انياءَ ته هر حڪومت واري واري سان ڪندي رهي آهي، پر پيپلز پارٽيءَ پنهنجي اقتدار جي آخري ڇهن مهينن ۾ ٻه انتهائي خطرناڪ ڪم ڪيا آهن، اهي آهن ذوالفقار آباد شهر جي رٿا ۽ ٻٽو مڪاني نظام. اهي ٻه منصوبا سنڌ ۽ سنڌين جي وجود لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهن ۽ سنڌ واسين توڙي سنڌ جي قومپرست ڌرين لاءِ اها مجبوري ٿي پئي آهي ته اهي هر ان ڌر سان جدوجهد ۾ شامل ٿين، جيڪا ان معاملي تي سگهاري عوامي جدوجهد کي سرواڻي ڏئي سگهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي انهن ٻنهي معاملن تي هفتن کان هلندڙ عوامي جدوجهد کي مان ڏئي ها ۽ توهين آميز چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ بجاءِ سياسي ڏاهپ کان ڪم وٺندي عوامي ردِ عمل کي سنجيدگيءَ سان وٺي ها ته پوءِ سنڌ جا قومپرست اهڙي ڪنهن جوڙجڪ جو حصو ٿيڻ تي مجبور نه ٿين ها، جن بابت سوال جواب ڪيا ٿا وڃن. تنهنڪري منهنجي نظر ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هٺ ۽ غير لچڪدار رويي جي نتيجي ۾ ان صورتحال جنم ورتو آهي ۽ سنڌ کي ان سياسي انتها تي پهچائڻ جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي. بدقسمتيءَ سان شديد ۽ چٽي عوامي ردِ عمل تي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪنهن سوچ ويچار يا حل ڪڍڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ اندر ٻيون سموريون ڌريون ان جي خلاف هڪ ٿي بيٺيون آهن. هاڻي ان اتحاد بابت پيپلز پارٽي اخلاقي طور اهو چئي نه سگهندي ته اسٽيبلشمينٽ يا فوج سندس خلاف ڪا سازش ڪري اهو اتحاد ٺهرايو آهي، ڇو ته ان اتحاد جو سمورو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ان اتحاد جي سرگرمين سان جمهوريت يا سنڌ جي ڊگهي مدي وارن سياسي مفادن کي ڪوبه هاڃو رسيو ته ان جي ذميواريءَ جو وڏو حصو به پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ ويندو. پيپلز پارٽي سڄي سنڌ کي ڪاوڙائي انهن ڌرين کي راضي ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جيڪي هر ٻئي اجلاس ۾ سندس خلاف واڪ آئوٽ ڪن ٿيون ۽ سندن فرمائشن جي لسٽ اڻ کٽ آهي. انهن ڳالهين کان حڪومت اڻ ڄاڻ ناهي، پر اها سندن سوچيل سمجهيل ۽ هوش حواس ۾ چونڊيل واٽ آهي، جنهن تي کين ڪنهن به ڌِڪو ناهي ڏنو. سياسي اتحادن ۾ خاص طور تي حڪومت ۾ هوندي ڏي وٺ ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ڳالهين تي ڪمپرومائيز به ٿيندا آهن، پر پيپلز پارٽي سنڌ جي معاملن تي ڏي وٺ بجاءِ رڳو ‘ڏي ..... ڏي’ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ گذريل پنجن سالن ۾ ان سنڌ سان وڏي ويڌن ڪئي آهي. مشرف جهڙو آمر به سنڌي ماڻهن جي ردِ عمل تي ڪالا باغ ڊيم جي ٻه ڀيرا ڪيل اعلان کان هٽي ويو هو، پر ان جي ابتڙ پيپلز پارٽي سنڌي عوام جي ردِ عمل ۽ احساسن کي ڪوبه مان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هڪ طرف سنڌ جو عوام، سياسي ڌريون، ليکڪ اديب، صحافي، وڪيل ۽ سڄاڻ ماڻهو آهن، ٻئي طرف حڪومت جا اتحادي آهن. پيپلز پارٽيءَ جي ساڃاهه کان وانجهيل اهڙن فيصلن سبب سنڌ اندر لساني ويڇا به وڌي رهيا آهن.
    سنڌ ۾ ردِ عمل طور سمورين ڌرين جي گڏيل اتحاد کي ذوالفقار آباد ۽ مڪاني نظام جي شڪل ۾ ٻه اهم اشوز مليل آهن ۽ اهي گڏيل طاقت سان جيڪڏهن عوامي مزاحمت کي اڳتي وڌائين ٿا ته پوءِ اهو اتحاد ايندڙ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد ۾ به تبديل ٿي ويندو، بلڪه ممڪن آهي ته ان بابت معاملا اڳي ئي طئي ٿي چُڪا هجن. پيپلز پارٽي ان طرح سان پنهنجي قلعي سنڌ اندر پاڻ کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. ان اتحاد مان سنڌ کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو، ان بابت ڪابه راءِ ڏيڻ وقت کان اڳي آهي، پر فوري طور تي ذوالفقار آباد رٿا ۽ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ان اتحاد وٽ سياسي طور ڪشادو ميدان موجود آهي. ان اتحاد ۾ موجود وچولي طبقي جي سياسي ڌرين کي هر وک تي اهو ڏسڻو پوندو ته سندن جدوجهد ۽ توانائين جو اصل مقصد سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌل اهي ٻه مصيبتون ختم ڪرڻ هجڻ گهرجي ۽ ان جي اوليت سنڌ هجڻ گهرجي، نه ڪي رڳو ايندڙ اليڪشن. جيتوڻيڪ سنڌ جي مفادن سان سچائيءَ جي آڌار تي ان اتحاد کي چونڊ اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي، پر ان بابت سمورين ڌرين کي اهو اڳواٽ طئي ڪرڻ گهرجي ته اهي هن اتحاد کي سنڌ جي ماڻهن جي نجات جو ذريعو بنائين ۽ نه ڪي اقتداري چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڏاڪڻ. سنڌ جا دائمي مفاد عارضي اقتداري مفادن کان گهڻا مٿانهان آهن ۽ سنڌ جي نجات لاءِ ڊگهي مدي واري هڪ سنڌ دوست پروگرام ۽ عملي روين جي گهرج آهي. سنڌ جي مفادن سان مخلص هوندي اقتداري سياست جو حصو ٿيڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي، پر ساڳئي وقت اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن ملڪ جي اقتداري ڍانچي ۾ ڪئين خرابيون اهڙيون آهن، جيڪي ڪمزور قومن ۽ طبقن جي حقيقي نجات ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. اهو ملڪ جو اقتداري ڍانچو ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جي گڏيل شعور ۽ ايڪي سان حڪومتون ٺاهيندڙ ڌريون اقتدار جي مدت پوري ڪرڻ جي باوجود سنڌ واسين جي خواهشن جو پورائو ڪرڻ ته پري، انهن لاءِ ويتر عذاب پيدا ڪن ٿيون.
    هي اقتداري ۽ رياستي نظام روز پنهنجي وجود مان نوان مسئلا پيدا ڪري ماڻهن کي منجهائي رکي ٿو ۽ روز پيدا ٿيندڙ نون مسئلن ۾ ماڻهن جون توانائيون خرچ ڪرائي کين بنيادي مسئلن ۽ بنيادي حل کان پاسيرو ڪري رکي ٿو. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي اشوز تي ٺهندڙ اتحادن ۽ اليڪشني سياست ۾ سرگرم رهڻ سان گڏ هر گهڙيءَ انهن بنيادي سوالن تي به نظر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن بي پناهه عوامي طاقت رکڻ جي باوجود پيپلز پارٽي سنڌ مخالف فيصلن تي عمل ڪرڻ تي مجبور آهي ته ان اقتداري ڪاڪ محل کي آخري منزل يا مسئلن جو حل سمجهڻ بدران رڳو هڪ آپشن سمجهڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي ڀلي لاءِ هڪ گهڻ طرفي، ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ ان جدوجهد لاءِ سنڌي عوام جو ايجنٽ ٿيڻ جي ضرورت آهي.

    (روزاني ڪاوش 21 نومبر 2012ع)
    *


    22. سنڌ جي آجپي جي سفر وڇڙي ويل سرواڻ جون ساروڻيون

    شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن سنڌ واسين پنهنجي اتساهيندڙ اڳواڻ شهيد بشير خان قريشيءَ جي کوٽ کي محسوس نه ڪيو هجي. گذريل سال ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين کي ڪَٺو ڪري، هن سنڌين کي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جو جيڪو احساس ڏياريو هو، ان جي خال کي وک وک تي سنڌ واسين محسوس ڪيو آهي. مون کي ياد آهي ته، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو ورهاڱو ڪندڙ ٻٽو مڪاني نظام چونڊيل هوڪرن ۾ منظور ٿي رهيو هو، ان ڏينهن اڪثر ماڻهو اهو ئي چئي رهيا هئا ته، جيڪڏهن اڄ بشير قريشي زندهه هجي ها ته، هو ڪٿان به ڪري پنج ڏهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو گهيرو ضرور ڪرائي ها، ان ڏينهن جيتوڻيڪ سنڌ احتجاج ۾ بند هئي، پر سنڌ اسيمبليءَ اڳيان ان مهل جنهن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي ضرورت هئي، اهو نه ٿي سگهيو، ساڳيءَ طرح جڏهن ڪراچي شهر ۾ سڄو سارو مهينو الڳ صوبي ٺاهڻ واري مهم هلائي ٿي وئي ۽ ڀاڙي تي آندل ماڻهن کان جلسا ڪرائي شهر ۾ وڏا بل بورڊ لڳايا ويا، تڏهن به سنڌ سرڪار اکين ۽ وات تي پٽي ٻڌي ويٺل هئي ۽ اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته، جيڪڏهن بشير قريشي زندهه هجي ها ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري سنڌين جي مالڪيءَ جي احساس کي پختو ڪري سگهي ها، هينئر جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جا ٻه ٻيٽ نيلام ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ جون ٻيون سموريون پارٽيون اليڪشن جي سياست ۾ رڌل آهن ته، شهيد بشير قريشيءَ جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن بشير خان قريشي اسان سان هينئر گڏ هجي ها ته، هو هن وقت لکين سنڌين کي انهن ٻيٽن تي ڪَٺو ڪري انهن جي ڪوڙن دعويدارن ۽ مالڪن کي چِٽو نياپو ڏئي ها، پر افسوس جو سنڌ جي آجپي جي سفر جو سرواڻ اسان کان وڇڙي ويو. درحقيقت آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ مهل تي واهر ڪرڻ، بشير قريشيءَ جون لازوال خوبيون هيون، هڪ سياسي ورڪر ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ هن جي ڪيترن فيصلن ۽ عملن سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو، پر مجموعي طور تي سنڌ سان سندس عشق ۽ ان لاءِ سندس جاکوڙ جو اعتراف سندس سياسي مخالف به ڪن ٿا.
    پاڪستان اندر سياسي قتلن ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي آهي ته، انهن جا قتل دائمي ڳجهارت رهندا آهن، انيڪ سياسي قتلن جيان بشير قريشيءَ جو قتل به ائين ئي هڪ ڳجهارت بڻجي چڪو آهي. بشير قريشيءَ جي شهادت کانپوءِ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ تمام وڏو خال آيل آهي، جنهن جو فوري طور ڀرجڻ مشڪل ٿو لڳي، سندس تنظيم جسقم به سندس شهادت کانپوءِ اڳ جهڙو اثرائتو سياسي ڪردار ادا ڪندي نظر نه ٿي اچي، سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي جيئن بشير قريشيءَ جي حياتيءَ ۾ هڪ اڳڀرائيءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو، ان کي ساڳي سگهه سان بحال ٿيڻ ۾ شايد تمام طويل عرصو لڳندو، هونئن ته سنڌ جي مٿان سياسي آزمائشن جو سج لهندو ئي ناهي، پر گذريل پنجن سالن دوران سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ ڊيموگرافي تي جيڪي موتمار حملا ٿيا آهن، انهن، سوچيندڙ سنڌين جي ڳڻتيءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو آهي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪيترو حق حاڪميت رکن ٿا، ان جو هڪ مثال نگران سنڌ ڪابينا آهي، جنهن جي 21 ڄڻن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو پنج شامل آهن، ساڳيءَ طرح پندرنهن ڄڻن جي وفاقي ڪابينا ۾ رڳو هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ شامل آهي، سنڌ جو وڏو وزير، گورنر، چيف سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي اهم کاتن جا سيڪريٽري غير سنڌي آهن، اهو سڀ ڪجهه سنڌين سان سندن محبوب ترين پارٽيءَ ڪيو آهي، ويندي ويندي سنڌ جا ٻه ٻيٽ ڦُرلٽ جي مال جيان وڪرو ڪري، کُڙين تي بيهي ڪوڙيون ترديدون ڪري ان پارٽيءَ جا سربراهه اڄڪلهه ايندڙ اليڪشن جي مهم تي لٿل آهن، ان سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ کي هڪ اهڙي اُتساهيندڙ قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ واسين جي اندر ۾ اُڀامندڙ جذبن کي ڪو سياسي دَڳ ڏئي سگهي، سنڌ کي هر طرف کان بَڇيل بَگهڙ ڏسي بشير قريشيءَ جي کوٽ جو احساس وڌيڪ شديد ٿي وڃي ٿو.
    بشير قريشي، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪراچيءَ کي پنهنجو سياسي مرڪز بڻائي، انتهائي سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو هو، سندس شهادت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ هڪ ويڳاڻپ جو احساس آهي، سنڌين جي وڏي ۾ وڏي نمائنده پارٽي، ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي مالڪيءَ بجاءِ سندن ملڪيتن جا سودا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، مُکيه ڌارا واريون قومپرست ڌريون، پنهنجي مرڪز کي قاسم آباد تائين محدود رکيو ويٺيون آهن، ان صورتحال ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي، پاڻ کي سياسي طور لاوارث محسوس ڪن ٿا، ڪراچي، رَتَ ۽ بارود جو شهر بڻيل آهي، جتي درجن کن لاش ڪِرڻ ڏهاڙي جو رواج آهي، هر پاسي هٿيارن جو راڄ آهي، ڏيهه ۽ پرڏيهه مان آيلن جا هٿياربند ٽولا سڄي شهر کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، ان حالت ۾ جتي ڪراچيءَ اندر باقي قومن جي نمائندگي ۽ سندن جائز حقن ۽ ناجائز ڪرتوتن جي مالڪيءَ لاءِ سندن سياسي تنظيمون موجود آهن، اتي سنڌين جي سڀ کان وڏي واهر بشير قريشي هو، جنهن جي وڇوڙي کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اثرائتي نمائندگيءَ جو چِٽو خال موجود آهي.
    ملڪي سياست ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ خطرناڪ تبديلين، هٿياربند ٽولن جي مذهبي جنونيت جي وڌندڙ والار، خطي جي سياست ۾ شامل اهم مُهرن جون ڪراچيءَ تي والار جون خواهشون ۽ وڌندڙ ڪوششون، اڳي کان اڳريون ٿي رهيون آهن، سنڌ جي قومپرست سياست اندروني ڪمزورين، ادارتي سگهه جي اڻاٺ، وسيلن جي اڻهوند، هڪٻئي ۾ وڇوٽين ۽ چئلينجز جي انبار ۾ هجڻ سبب وڏي دٻاءُ ۾ آهي. ايندڙ چونڊن ۾ هينئر تائين ٺهندڙ ماحول مان اهو انديشو ٿي رهيو آهي ته، سنڌ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ويڪائو وڏيرن ۽ موقعي پرست وچولي طبقي جي نون وڏيرن جو قبضو ٿي سگهي ٿو، سنڌ جو وطن دوست وچولو طبقو، هر گهڙيءَ پَڄري ٿو، پر ان کي گهربل قيادت نه ملڻ ۽ حڪومتي ڌر جي ويساهه گهاتين سبب اهو ڏينهون ڏينهن سياسي طور نِسَتو ٿي رهيو آهي، انهن سمورين حالتن ۾ قومپرست سياسي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري پر امن مزاحمتي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جنهن قسم جي سياسي قيادت گهربل آهي، ان جي اڻاٺ کي هر ڪو محسوس ڪري ۽ مڃي ٿو، سنڌ جي قومپرست هلچل کي جنهن اتساهيندڙ ڪردار جي ڳولا آهي، ان مان ڪيترا ڳُڻ بشير قريشيءَ جي شخصيت ۾ هئا، بشير قريشيءَ جي پارٽي قيادت، سندس سياسي خال کي ته تڪڙو نه ڀري سگهندي ۽ ڪن سببن جي ڪري سندس تدفين به ڪراچيءَ ۾ نه ٿي سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ دفعو سندس ورسيءَ جو ميڙاڪو ڪراچيءَ ۾ ضرور ٿيڻ گهرجي، اهو نه رڳو بشير قريشيءَ جي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ واري جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، پر خود ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي سياسي اُتساهه ۽ مالڪيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ به ضروري آهي.
    شهيد بشير قريشي، سنڌ جو اهو سچار پٽ هو، جنهن جي لازوال سياسي جدوجهد، سنڌ سان سچي عشق ۽ ڪمهلي موت کي سنڌ واسي زندگي ڀر وساري نه سگهندا، قومپرست جدوجهد جي جنهن عَلم کي ڪُلهي تي کڻي، بشير قريشي سياسي سفر ڪيو، ان جون يادون اُتساهيندڙ سِجَ جي ڪِرڻن جيان سنڌين جي دلين کي هميشه گرمائينديون رهنديون.

    (روزاني ڪاوش 07 اپريل 2013ع)
    *


    23. سنڌ جي ٻيٽن جو ٻيهر ناجائز وڪرو

    نظر اچي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت پڪو پهه ڪيو آهي ته اها سنڌ واسين کان جمهوريت جو بهترين انتقام وٺندي اهي سڀ ڪم ڪندي، جيڪي پرويز مشرف نه ڪري سگهيو. مثال طور: پرويز مشرف حيدرآباد کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ۽ ڪراچيءَ جا ضلعا ختم ڪري ان کي هڪ تنظيم جي حوالي ڪيو، پر پيپلز پارٽي سنڌ کي عملي طور ٻن انتظامي يونٽن ۾ ورهائيندي مڪاني ادارن جو نظام آندو. ساڳي طرح 2006ع ۾ مشرف حڪومت سنڌ جا ٻه ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڊار دبئي جي ڪمپني عمار کي وڪرو ڪيا، پر سنڌ واسين جي سخت مزاحمت سبب ان رٿا کي عمل هيٺ نه آندو ويو. پيپلزپارٽي ان دور ۾ انهن ٻيٽن جي وڪري خلاف سخت موقف اختيار ڪيو هو. اڄوڪو وزيراعلي قائم علي شاهه، صوبائي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر، سينيٽر رضا رباني، نثار کهڙو،سيد مراد شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهم پ پ اڳواڻ ان رٿا کي سنڌ جا اثاثا نيلام ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندا رهيا. اڄ ان ئي پارٽي جي حڪومت ۾ جڏهن اهي ساڳيا همراهه اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل آهن ته اهي ساڳيا ٻيٽ بحريا ٽائون کي وڪرو ڪيا ويا آهن. 11 مارچ 2013ع تي آمريڪي سيڙپڪار ٿامس ڪريمر ۽ ملڪ رياض جي وچ ۾ مفاهمت يا يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن هيٺ آمريڪي سيڙپڪار ۽ بحريا ٽائون سيف سٽي نالي اڏاوتي رٿا کي عمل هيٺ آڻيندا. بحريا ٽائون جي ترجمان موجب اهو شهر ڏهن سالن اندر مڪمل ٿيندو، جنهن ۾ دنيا جي سڀ کان اوچي عمارت، بين الاقوامي معيار جا شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون اهم رٿائون تعمير ڪيون وينديون. اخباري خبرن موجب ان رٿا تي 15 کان 20 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا.
    ملڪ رياض ڪراچي جي ساحل ويجهو موجود ٻنهي ٻيٽن بنڊال ۽ بڊو (جنهن کي علائقي واسي ڀنڊار ۽ ڏنگي سڏيندا آهن) تي اڏاوتي ڪم شروع ڪرائڻ لاءِ پڻ سنڌ حڪومت کان اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت تي اين او سي جاري ڪرڻ جي لاءِ يا وري چپ رهڻ لاءِ هڪ تمام وڏي اثر رسوخ رکندڙ شخصيت جو تمام گهڻو زور آهي. انهن ٻيٽن تي مالڪيءَ جي ڪوڙي دعوى رکندڙ پورٽ قاسم اٿارٽي اڏاواتي رٿا لاءِ ملڪ رياض جي ڪمپني بحريه ٽائون کي وڪڻي ڇڏيا آهن.
    اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو انهن ٻيٽن جو سودو ڪيو ويو هجي. 2006ع ۾ جڏهن ارباب رحيم سنڌ جو وڏو وزير هو، تڏهن به دبئي جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني عمار پراپرٽي کي اهي ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. عمار ان رٿا تي 43 ارب ڊالر سيڙائڻ جو واعدو ڪيو هو. 13 سالن اندر هڪ نئون شهر اڏڻ واري رٿا ۾ عمار جو حصو 85 سيڪڙو هجي ها. جڏهن ته پورٽ قاسم اٿارٽي جو رٿا ۾ حصو 15 سيڪڙو هو. ان سودي کي ايترو ته ڳجهو رکيو ويو هو جو سنڌ جي تڏهن واري وڏي وزير ارباب رحيم پاڻ اهو چيو هو ته وفاقي حڪومت اهڙي ڪنهن به فيصلي کان اڳ سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ نه ورتو هو، ان ڪري سنڌ سرڪار ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندي، پر اڳتي هلي سنڌ سرڪار هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. سول سوسائٽي ۽ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ڌرين ان رٿا جي مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ چپ چپات ۾ ان رٿا مان هٿ ڪڍيا ويا.
    مٿي ڄاڻايل ٻئي ٻيٽ اصل ۾ هڪ ڊگهي ٻيٽ جا ٻه ڇيڙا آهن، جنهن مان اولهندي ٻيٽ کي ڏنگي ۽ اوڀرندي پاسي کي ڀنڊار سڏيو وڃي ٿو. عالمي سطح تي ماحول جي بچاءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ‘آءِ يو سي اين’ جي تيار ڪيل پاڪستان ۾ تمام وڏي ترجيح وارن علائقن بابت رپورٽ موجب اهو ٻيٽ ڀنڊار / کپرانوالا / موچاڪا وارن ٻيٽن جو حصو آهي، جيڪو آءِ يو سي اين پاران حساس ماحولياتي علائقو پڻ قرار ڏنل آهي. ٻيٽن جو اهو سلسلو 17850هيڪٽر ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ اهو سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي اولهندي ڇيڙي تي ڪورنگي، ڦٽي ۽ جهري ڪريڪن جي لڳو لڳ آهي. انهن ٻيٽن بابت سنڌ حڪومت جي دعوى آهي ته اهي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي کي ليز تي نه ڏنا ويا هئا. ايستائين جو پورٽ قاسم اٿارٽي کي بندر گاهه سان لاڳاپيل ڪمن ڪارين لاءِ ليز تي ڏنل ايراضي ۾ به اهي ٻيٽ شامل نه هئا، پر اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز 14 آڪٽوبر 2006ع تي پنهنجي ڪراچيءَ جي دوري ۾ اهو فرمان جاري ڪيو ته، زمين پورٽ قاسم اٿارٽي جي آهي. ڪراچي جي شهري ضلعي حڪومت پڻ انهن ٻيٽن تي مالڪي جي دعوي رکي ٿي. 8 آڪٽوبر 2002ع تي هڪ اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ڪراچي شهري حڪومت آئي ٽي جي بنيادي ڍانچي بابت رٿا واسطي ٿائلينڊ جي هڪ ڪمپني سميت چئن ڪمپنين سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون هيون.
    پورٽ قاسم اٿارٽي انهيءَ ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ شامل اهم ڌر آهي. پورٽ قاسم اٿارٽي ڀنڊار ٻيٽ تي پاڻياٺ قدرتي گيس (ايل اين جي) ٽرمينل قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪندي رهي آهي. جاپان ۽ ڪوريا جي ڪمپنين تي ٻڌل هڪ ڪنسورشيم پورٽ قاسم اٿارٽي پاران جاري ڪيل دلچسپيءَ جي اظهار واري اشتهار جي جواب ۾ ڀنڊار ٻيٽ تي ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي. انهيءَ تي سنڌ سرڪار پاران شديد رد عمل ڏيکاريو ويو ۽ علائقي جي ملڪيت جي دعوى ڪئي وئي. هڪ مرحلي تي پورٽ قاسم اٿارٽي انهن ٻيٽن جي پاڪستان نيوي کي 2700 ايڪڙ زمين بنا ڪنهن اشتهار جي الاٽ ڪري ڇڏي هئي. جيتوڻيڪ پاڪستان نيوي جنهن مقصد لاءِ زمين حاصل ڪئي هئي، اهي سهولتون اورماڙا ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون، پر زمين تي سندن دعوى اڃا تائين برقرار آهي. هڪ ٻئي موقعي تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اها زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صدر سان رابطو ڪيو هو. 2001ع ۾ هڪ ٻي خانگي ڪمپني گلف فزي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري کين چيو ته هڪ وڏو پراجيڪٽ ٺاهڻ جي لاءِ ڀنڊار ۽ کپرانوالا جا ٻيٽ کين پٽي تي ڏنا وڃن پر 69 ملين ڊالر سيڙپ وارو اهو منصوبو به ٻيٽن تي ملڪيت جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي سخت موقف جي ڪري اڳتي نه وڌي سگهيو.
    سنڌ سرڪار انهن ٻيٽن جي ملڪيت جي دعوى لڳاتار ڪندي رهي آهي. گورنر هائوس ۾ 23 فيبروري 2006ع تي ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ بورڊ آف ريونيو جي سينئر ميمبر اهو ٻڌايو هو ته اهي ٻيٽ سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهن. هن موجب پورٽ قاسم اٿارٽي جڏهن قائم ڪئي وئي هئي ته ان جي ڪم ڪار واسطي علائقي جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ ڀنڊار ٻيٽ شامل نه هو. قانون وارو صوبائي کاتو پڻ اهو موقف رکي ٿو ته وفاقي حڪومت پاران الاٽ ڪيل ايراضي سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ هڪ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي. ان ڪيس ۾ ڪلفٽن جي ساحل تي سمنڊ کي پوئتي ڌڪي حاصل ڪيل 750 ايڪڙ زمين تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي ملڪيت واري دعوى تي تڪرار هلندڙ هو. پاڪستان جو آئين پڻ سنڌ سرڪار جي موقف کي صحيح قرار ڏئي ٿو. آئين جي آرٽيڪل (1) 172 ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪابه ملڪيت، جنهن جو ڪو جائز حقدار نه هجي، اها جنهن صوبي اندر آهي، انهيءَ صوبي جي سرڪار جي ملڪيت هوندي ۽ ٻي هر صورت ۾ اها وفاقي حڪومت جي ملڪيت هوندي.
    انهن ٻيٽن جي ماحولياتي اهميت کي سمجهندي آءِ يو سي اين انهن کي انتهائي اهميت وارن علائقن واري لسٽ ۾ شامل ڪيو هو. آءِ يو سي اين جي تيار ڪيل پاڪستان جي اهميت جوڳن علائقن بابت تفصيلي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ٻيٽن تي 10 هزار هيڪٽر ايراضي تي تمر جا ٻيلا آهن، جيڪي ان علائقي ۾ مڇي ۽ جهينگن جي اوسر جو ماڳ آهن. ڀنڊار ٻيٽ سائين ڪمين جي واڌ ويجهه لاءِ پڻ اهم علائقو آهي. انهن ٻيٽن جو وارياسو ساحل اهو واحد علائقو آهي، جتي تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ نسل واريون سائيون ڪميون پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه لاءِ اينديون آهن. موچڪا ٻيٽ تي قديم رتوڪوٽ جو قلعو (انهن ٻنهي ٻيٽن جي ويجهو) موجود آهي، جنهن کي هڪ سياحتي ماڳ طور تيار ڪري سگهجي ٿو. اهو سنڌ جي قديم تاريخ جو حصو آهي، جنهن کي بحال ڪري نه صرف دلچسپ تاريخي اهڃاڻ طور پيش ڪري سگهجي ٿو، پر اهو سياحن جي دلچسپيءَ جو ماڳ پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. مقامي ماهيگير برادري جي گذر سفر ۽ روزگار جو دارو مدار پڻ انهن ٻيٽن تي آهي. ساحلي ڳوٺن جي 25 هزار آباديءَ مان 80 سيڪڙو انهيءَ پاڻيءَ ۾ مڇي جو شڪار ڪن ٿا. اهو علائقو انڊس فلائي وي سان پڻ ڳنڍيل آهي جيڪو مقامي ۽ لاڏائو پکين جي مختلف قسمن لاءِ نسل جي واڌ ويجهه ۽ پالنا لاءِ اهم جاءِ جو ڪم ڏئي ٿو. قدرت جي ان املهه خزاني جي حفاظت حياتياتي نوع بابت ڪنوينشن هيٺ به حڪومت جو فرض آهي. ڇو ته پاڪستان ان ڪنوينشن تي صحيح ڪندڙ 189ملڪن ۾ شامل آهي ۽ حڪومت ان بين الاقوامي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل پڻ جوڙيو هو.
    ڪا به اهڙي ترقياتي رٿا، جيڪا ان علائقي جي پٺتي پيل ماڻهن کي پنهنجي گذر سفر جي وسيلن کان محروم ڪندي هجي، تنهن کي جٽادار ترقي نٿو چئي سگهجي. تمر جي ٻيلن وارو فطري ماحولي؟! نظام رکندڙ اهي ٻئي ٻيٽ آس پاس جي پاڻي ۾ ماهيگيريءَ لاءِ بهترين علائقو فراهم ڪن ٿا. ابراهيم حيدري ۽ مهاڻن جي ٻين ننڍن ڳوٺن جي وڏي آباديءَ کي سندن گذر معاش انهن ٻيٽن جي چوڌاريءَ پاڻيءَ منجهان ملي ٿو. اڳي ئي ڊي ايڇ اي ۽ مختلف بوٽ ڪلب ٺهڻ جي ڪري انهن مهاڻن مٿان پنهنجن ماهيگيري جي پراڻن ماڳن ڏانهن وڃڻ جا رستا بند ٿي چڪا آهن. هاڻ ان نئين ترقيءَ جي نتيجي ۾ وڌيڪ مهاڻن جا هزارين خاندان پنهنجي گذر سفر جي ويجهي وسيلي کان محروم ٿي ويندا. ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪز جي ذريعي 4 کان 5 هزار ٻيڙيون سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ وڃن ٿيون ۽ اهي ڪريڪز انهن جاڙن ٻيٽن جي ٻنهي ڇيڙن تي موجود آهن. هنن ٻيٽن تي ترقياتي رٿا شروع ٿيڻ سان انهن جي چرپر پڻ پابندين هيٺ اچي ويندي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ 3 لک مهاڻا متاثر ٿيندا.
    سڀ کان افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جڏهن پرويز مشرف جي دور ۾ اهي ٻيٽ وڪرو ٿي رهيا هئا ته پيپلزپارٽي وڏي قومپرست پارٽي بنجي بيٺي هئي. اڄ ان ئي پارٽيءَ جي دور ۾ سنڌ جا وسيلا ائين بيدرديءَ سان سمورا قاعدا قانون لتاڙي زمين جي بُکين ٽولن حوالي ڪيا پيا وڃن. پنهنجي اقتدار جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي ويندي ويندي به سنڌ کي نوان زخم ڏئي رهي آهي، جنهن کي سنڌ واسي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندا. سواءِ سياسي ۽ عوامي مزاحمت جي هنن ٻيٽن کي بچائي نه سگهبو.

    (روزاني ڪاوش 13 مارچ 2013ع)
    *


    24. بنگلاديش: ملڪي تاريخ جو رت-هاڻو باب

    بنگلاديش کي پاڪستان کان الڳ ٿئي اڄ ايڪيتاليهه سال مڪمل ٿيا آهن. ملڪ جي شهرين توڙي حڪمرانن تي لازم آهي ته اهي هر سال هن ڏهاڙي تي سمورن تعصبن ۽ روايتي مذمتي بيانن کان آجا ٿي نه رڳو هن ڏينهن جي تاريخي پسمنظر کي سمجهن، پر حڪمران ڌرين کي ايمانداريءَ سان ان ڳالهه جو به جائزو وٺڻ گهرجي ته اهو سانحو ڪهڙي طرح پيش آيو ۽ باقي بچيل پاڪستان کي ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ ڌڪجڻ کان ڪهڙي طرح بچائي سگهجي ٿو.
    عام خيال اهو آهي ته بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ 25 ۽ 26 مارچ 1971ع واري رات ملٽري آپريشن کان پوءِ شروع ٿي هئي، پر حقيقت اها آهي ته بنگلاديش جو بنياد پاڪستان ٺهڻ شرط ٻوليءَ واري مسئلي سبب پئجي چُڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان مهينو پوءِ سيپٽمبر 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ‘انجمن اردو’ جو قيام عمل ۾ اچي چُڪو هو، پير الاهي بخش ان انجمن جو صدر هو ۽ انجمن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ اردو زبان جو پرچار ڪرڻ هو. وزير اعظم لياقت علي خان ان انجمن ڏانهن موڪليل هڪ پيغام ۾ چيو ته، “اها بلڪل مناسب ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ کي پاڪستان جي انجمن اردو جو مرڪز بنايو وڃي، ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن شهر کي نئين سياسي ۽ معاشي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي وقت جي گهرج آهي ته ڪراچي اسان جي ثقافتي مرڪز جو به ڪردار ادا ڪري.” ان انجمن جي قيام جي رد عمل ۾ ڍاڪا ۾ ڪُجهه استادن ‘تمند مجلس’ قائم ڪئي، جنهن جو مقصد بنگالي زبان جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ هو. انهن استادن جو خيال هو ته پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ رڳو ست سيڪڙو آهن، جڏهن ته بنگالي ڳالهائيندڙن جو حصو 54 سيڪڙو آهي، تنهنڪري مذهب جي نالي تي مٿن اردو ٿاڦڻ جو ڪوبه جواز ناهي. پاڪستاني حڪمرانن جي اهڙن روين ۽ خيالن جي نتيجي ۾ بنگال اندر عوامي سطح تي سڃاڻپ جنم وٺڻ لڳي. آهستي آهستي حڪومت ۽ انتظاميا ۾ نمائندگي ۽ بنگالي ٻوليءَ وارا معاملا شدت اختيار ڪرڻ لڳا.
    25 هين فيبروري 1948ع تي دستور ساز اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي زبان جي مسئلي تي بحث ٿيو. بنگال سان تعلق رکندڙ ميمبرن دليلن سان تقريرون ڪندي مطالبو ڪيو ته اردو ۽ انگريزيءَ سان گڏ بنگاليءَ کي به عام واهپي جي زبان بنايو وڃي. وزير اعظم لياقت علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر سخت تقرير ڪئي. لياقت علي خان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، “پاڪستان، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي ۽ انهن جي ٻولي اردو آهي. اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي جيئن ته، عوام جي گهڻائي هڪ حصي سان واسطو رکي ٿي، تنهنڪري اتي جي زبان کي قومي ٻولي بنايو وڃي.”
    مارچ مهيني ۾ گورنر جنرل ۽ ملڪ جو باني جناح صاحب ڍاڪا جي دوري تي آيو. 21 مارچ 1948ع تي هن ڍاڪا ۾ هڪ تمام وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ هن چيو ته، “پاڪستان جي قومي زبان ڪا ٻي نه پر اردو هوندي، جيڪو به توهان کي ان ڏس ۾ گمراهه ڪري ٿو، اهو در اصل پاڪستان جو دشمن آهي.” 24 مارچ 1948ع تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ سندون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي جناح صاحب اردوءَ کي مذهب سان ڳنڍڻ واري عجيب و غريب ڳالهه ڪندي چيو ته، “رڳو اردو ئي اهڙي زبان آهي، جيڪا هر ٻي صوبائي زبان جي ڀيٽ ۾ اسلامي ثقافت ۽ مسلمانن جي روايتن جي بهترين سرمائي جو ڏيک آهي.”
    در حقيقت جناح صاحب توڙي لياقت علي خان پاڪستان جي ٻنهي حصن ۾ رهندڙ قومن جي صدين جي قومي سڃاڻپ ۽ ثقافت جي بجاءِ مذهب جي بنياد تي هڪ قوم ٺاهڻ واري ڪوشش ۾ هڪ اهڙي رويي جو بنياد رکيو، جنهن نه رڳو اڳتي هلي بنگال کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو، بلڪه پاڪستان کي هڪ روشن خيال جمهوري ملڪ بنجڻ بجاءِ عقيدي جي آڌار تي جبري طور هڪ قوم بنايل غير فطري ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. بنگال اندر ثقافتي بنيادن تي شروع ٿيل اها ويڳاڻپ اسٽيبلشمينٽ جي غلط معاشي ۽ سياسي پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وئي. اوڀر پاڪستان يعني هاڻوڪي بنگلاديش کي مکيه ڌارا کان الڳ رکڻ جي ذميوار به ملڪي اسٽيبلشمينٽ هئي، جنهن بنگالين جي رت ۽ پگهر جي ڦرلٽ ڪري معاشي ترقيءَ جي ميدان ۾ بنگالين سان ٻيائيءَ وارو ورتاءُ ڪيو.
    1970ع ۾ جڏهن ساليانو ترقياتي پروگرام ترتيب ڏنو ويو ته ان کي جنرل يحيٰ خان جي سربراهيءَ هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. جنرل يحيٰ جي پنهنجي ڀروسي سان چونڊيل ڪابينا ۾ شامل ٽي بنگالي وزير ان پلان ۾ اڻبرابريءَ جي انتها تي ماٺ نه رهي سگهيا ۽ استعيفائون ڏئي ڇڏيائون. ايڏي تڪراري صورتحال ڏسي جنرل يحيٰ جي هدايتن تي اهو پلان اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي اقتصادي ماهرن اڳيان جائزي لاءِ پيش ڪيو ويو. بنگالي اقتصادي ماهرن پنهنجي جائزي ۾ چيو ته، اولهه پاڪستان ۾ غير متوازن طور تي ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچ وڌيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ ترقيءَ جي ميدان ۾ ڄاڻي ٻجهي اوڀر پاڪستان کي پٺتي رکيو ويو آهي. هنن ان اڻ برابريءَ جي تدارڪ لاءِ ٺوس تجويزون پڻ ڏنيون. بنگالي اقتصادي ماهرن ٻن ڏهاڪن کان بنگال سان ٿيندڙ معاشي ڏاڍ بابت انگن اکرن سان زبردست دستاويز تيار ڪري جنرل يحيٰ کي مجبور ڪيو ته هو ته بنگالين سان ٿيندڙ ناانصافين جو اعتراف ڪري. 28 نومبر 1969ع تي قوم کي ڪيل خطاب ۾ جنرل يحيٰ کي اهو چوڻو پيو ته، “مان اها نشاندهي ڪرڻ گهران ٿو ته اوڀر پاڪستان جي عوام کي اهم قومي معاملن تي فيصلا ڪرڻ ۾ مڪمل ڀائيواري نه ڏني وئي آهي. هنن حالتن مان سندن غير مطمئن هجڻ بلڪل جائز آهي. اسان کي اها صورتحال ختم ڪرڻي پوندي.” بدقسمتيءَ سان ان وقت تائين معاملا ايترا بگڙي چڪا هئا، جو هڪ جامع سياسي حل کانسواءِ ڪابه واٽ نه بچي هئي. جيتوڻيڪ تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته، جنرل يحيٰ بنگلاديش جي معاملي ۾ سياسي حل ڪڍڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون، پر عسڪري اسٽيبشلمينٽ انهن ڪوششن کي ڦلدائڪ ٿيڻ نه ڏنو.
    1970ع جي چونڊن ۾ عوامي ليگ شيخ مجيب جي سرواڻيءَ ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان پوءِ اولهه پاڪستان جي اسٽيبشلمينٽ کيس اقتدار سونپڻ کان ڊڄي وئي هئي. اوڀر پاڪستان يعني بنگال ۾ عوامي ليگ قومي اسيمبليءَ جي 162 مان 160 سيٽون کٽيون، يعني پاڪستان جي ڪل 300 مان اڌ کان وڌيڪ سيٽون کٽي چُڪي هئي. ٻئين نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون 81 سيٽون هيون، يعني عوامي ليگ جي اڌ جيتريون سيٽون. ايڏي واضح گهڻائيءَ سان چونڊون کٽڻ کان پوءِ اصولي ۽ آئيني طور شيخ مجيب کي پاڪستان جو حڪمران ٿيڻ جو حق حاصل هو. ساڳي طرح عوامي ليگ اڪثريتي سيٽن سبب پنهنجي پسند جو آئين آڻڻ جو به حق رکيو ٿي. عوامي ليگ جو آئين بنهه چٽو هو، يعني شيخ مجيب جا ڇهه نڪتا. انهن نڪتن جو مطلب ملڪ مٿان اسلام آباد جو قبضو ختم ڪري وسيلا ۽ اختيار صوبن جي حوالي ڪرڻ هو. لاهور جي قيادت اهو سودو قبولڻ لاءِ بنهه تيار نه هئي ۽ هنن ان مقصد لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي کي استعمال ڪيو، جنهن ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي ۽ اولهه پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي هجڻ کي بنياد بنائي گڏيل مرضيءَ کان سواءِ آئين آڻڻ ته ڇا قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ کان به انڪار ٿي ڪيو. شيخ مجيب آخرڪار هڪ مرحلي تي ان ڳالهه لاءِ به راضي هو ته اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ڀلي پنهنجي مرضيءَ جا آئين ٺاهين ۽ ٻنهي جو رشتو ڪنفيڊريشن وارو رکي ملڪ کي گڏ هلايو وڃي. ملٽري اسٽيبلشمينٽ ان تجويز کي به ملڪ ٽوڙڻ جي برابر قرار ڏئي مڃڻ کان انڪار ڪيو. عوامي ليگ آخر تائين عوامي مزاحمت وارو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي آئيني طور اقتدار حاصل ڪري ملڪ هلائڻ جا مطالبا ڪندي رهي. ان جمهوري ۽ آئيني گهر جي موٽ ۾ شيخ مجيب ۽ عوامي ليگ کي غدار ۽ ڀارتي ايجنٽ قرار ڏئي رد ڪيو ويو.
    جنرل يحيٰ خان شروع ۾ 3 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڍاڪا ۾ طلب ڪيو، پر ذوالفقار علي ڀٽي واضح طور چيو ته، سندس پارٽي ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندي جي ايڇ ڪيو جي دٻاءَ تي جنرل يحيٰ پهرين مارچ تي اسيمبلي اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان اعلان کانپوءِ جيڪا باهه ڀڙڪڻي هئي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. شيخ مجيب جي هڪ اشاري تي بنگالي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آتا هئا، پر هن ان موقعي تي نهايت ذميواريءَ جو ثبوت ڏنو. اڳوڻي فوجي عملدار صديق سالڪ ان موضوع تي لکيل پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Witness To Surrenderجي ستين نمبر باب ۾ هينئن لکيو آهي، “شيخ مجيب کي گورنمينٽ هائوس طلب ڪري ايڊمرل احسن ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪندي کيس اها خبر ٻڌائي، ان ڊيگهه جو مقصد سندس رد عمل کي گهٽائڻ هو پر اچرج جي ڳالهه آهي، جو شيخ مجيب اها ڳالهه ٻڌي ڪوبه ڀڙڪو نه کاڌو ۽ نهايت معقوليت سان چيائين ته، “مان اجلاس ملتوي ٿيڻ کي بهانو بنائي شور نه مچائيندس، پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن اجلاس ملتوي ڪرڻ سان گڏ نئين تاريخ جو به اعلان ڪيو وڃي ته مون کي تنظيم جي انتهاپسند عنصرن کي سنڀالڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيڪڏهن ايندڙ تاريخ به مارچ جي هجي ته سولائي ٿيندي. جيڪڏهن اپريل ٿيو ته ڏکيائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن اپريل کان به پوءِ ..... ته مون لاءِ حالتن کي قابو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو.”
    عوامي ليگ پاران اعلان ڪيو ويو ته ستين مارچ 1971ع تي شيخ مجيب ريس ڪورس گرائونڊ تي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو. ان وقت اها ڳالهه عام ٿي چُڪي هئي ته ان جلسي ۾ شيخ مجيب بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو. ڇهين مارچ تي جنرل يحيٰ قوم کي ڪيل خطاب ۾ عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب خلاف سخت ٻولي ڳالهائي کيس لاقانونيت ۽ تشدد جو ذميوار قرار ڏنو. اها تقرير پيٽرول کي تيلي ڏيڻ برابر هئي. شيخ مجيب تي سخت دٻاءُ هو ته ستين مارچ تي بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪري، ميجر جنرل خادم حسين راجا ان وقت ڍاڪا ۾ فوج جي ڪمانڊ سنڀالي رهيو هو. هن پنهنجي ڪتاب A stranger in my own country جي صفحي نمبر 60 کان 63 تائين هڪ انڪشاف ڪيو آهي، جيڪو هڪ ذميوار پاڪستاني فوجي آفيسر طرفان شيخ مجيب جي غدار نه هجڻ جو اعتراف آهي. ان انڪشاف جي ڪُجهه حصن جو ترجمو هن ريت آهي؛
    “ڇهين مارچ 1971ع تي شام جو منهنجو هڪ سينيئر عملدار هڪ معزز بنگاليءَ سان منهنجي گهر پهتو ۽ مون سان ملڻ گهريائين. بنگالي همراهه ٻڌايو ته هو شيخ مجيب جو ڀروسي جوڳو ساٿي آهي ۽ هن هڪ نياپو ڏيڻ لاءِ کيس موڪليو آهي. ان نياپي ۾ شيخ مجيب چورائي موڪليو ته، هو پارٽيءَ اندر انتهاپسند ڌرين ۽ شاگردن طرفان سخت دٻاءُ هيٺ آهي، ته ستين مارچ 1971ع تي هڪ طرفو بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪري. شيخ مجيب دعويٰ ڪئي ته هو هڪ محبِ وطن آهي، پاڪستان ٽوڙڻ جي ذميواري نه ٿو کڻڻ گهري، تنهنڪري سندس خواهش آهي ته کيس حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇانوَڻيءَ اندر محدود ڪيو وڃي. ان لاءِ هن گذارش اماڻي ته مان فوج موڪلي کيس ڌان منڊيءَ مان سندس گهر تان گرفتار ڪرائي وٺان. مون نياپو آڻيندڙ کي چيو ته، مون کي خاطري آهي ته شيخ مجيب محب وطن آهي ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ طور ڪلڪتي ۾ سندس جدوجهد کان به مان واقف آهيان. تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي تخليق کي پاڻ ٽوڙڻ نه چاهيندو. کيس چئو ته جيڪڏهن کيس ڪو خطرو آهي ته منهنجي معزز مهمان طور منهنجي گهر هليو اچي.”
    ميجر جنرل خادم حسين راجا وڌيڪ لکي ٿو ته، ڇهين ۽ ستين مارچ 1971ع جي وچ واري رات ٻين وڳي مون کي جاڳائي ٻڌايو ويو ته ٻه مهمان منهنجي اسٽاف آفيسرن سان گڏ اوطاق ۾ ويٺا آهن ۽ ڪنهن تڪڙي معاملي تي مون سان ملڻ گهرن ٿا. منهنجي آفيسرن ٻئي بنگالي، شيخ مجيب طرفان آيل ايلچي طور متعارف ڪرايا. ٻنهي مان هڪ ڄڻي ساڳي ڳالهه ورجائي ۽ شيخ مجيب طرفان تحويل ۾ وٺڻ جي گذارش ڪئي. مون کي سندن ڪهاڻيءَ تي ويساهه نه آيو، تنهنڪري مون ساڳيو جواب ڏنو ۽ اهو به چيو ته شيخ مجيب کي چئجو ته سندس تقرير وقت ڇانوَڻيءَ ۾ منهنجا سپاهي هٿيارن ۽ ٽئنڪن سان تيار هوندا. مان سندس تقرير سڌو سنئون ٻڌڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن هن پاڪستان جي سلامتيءَ تي حملو ڪندي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ته مان سپاهين کي حڪم ڪندس ته هڪدم مارچ ڪري جلسي کي برباد ڪري ڇڏين ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سڄي ڍاڪا کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.” جنرل راجا لکي ٿو ته، “مون سندس تقرير ٻڌي پر شيخ مجيب جو لهجو سرچاءُ وارو هو. هن پنهنجي پارٽي ورڪرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪو به اهڙو عمل نه ڪن، جنهن سان صورتحال خراب ٿئي. هن تقرير ۾ اهو به چيو ته پاڪستان کي هڪ رهڻو آهي ۽ هو عليحدگي نه ٿو چاهي. عوام جي چونڊيل نمائندي طور هو توقع ڪري ٿو ته صدر اهم معاملن تي ساڻس مشورو ڪري. اولهه پاڪستان اسان سان بيٺڪيت وارو ورتاءُ نه ڪري.” ميجر راجا وڌيڪ لکي ٿو ته، ڇهين مارچ 1971ع تي يحيٰ جي ڪيل تقرير جي ڀيٽ ۾ شيخ مجيب جو لهجو سرچاءُ وارو هو. شيخ مجيب نظر ايندڙ بحران ۽ رتو ڇاڻ کي ٽاري ڇڏيو. “برگيڊيئر اي آر صديقي پنهنجي ڪتاب East Pakistan: The Endgameجي صفحي نمبر 66 تي شيخ مجيب جي ان تقرير جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، “هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي جيئي بنگلا ۽ جيئي پاڪستان جي نعري سان ڪئي.”
    انهن حوالن مان واضح ٿئي ٿو ته شيخ مجيب آخر تائين ٽڪراءَ يا ملڪ ٽوڙڻ واري رستي جو حامي نه هو، پر بنگالين جي آئيني حق کي تسليم نه ڪري ملڪ کي باهه ۾ اڇليو ويو. مارچ 1971ع جي آخري هفتي ۾ ڪيل آپريشن کان پوءِ عملي طور ملڪي ايڪي جا سمورا رستا بند ٿي چڪا هئا. ميجر جنرل خادم حسين راجا پنهنجي ڪتاب A stranger in my own country ۾ بنگلاديش جي آپريشن بابت تفصيل ڄاڻايا آهن. واضح رهي ته ميجر جنرل راجا 25 ۽ 26 مارچ 1971ع جي وچ واري رات ۾ ڍاڪا ۾ ٿيل قتلام واري ‘آپريشن سرچ لائيٽ’ جو سرجڻهار هو. هن هڪ واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي؛ “اسان سڀ آپريشن روم ۾ معمول موجب شام جو چئين وڳي ڪٺا ٿياسين. سڀني کان آخر ۾ نيازي داخل ٿيو. هن اعلان ڪيو ته مون فوري طور ڪمانڊ سنڀالي ورتي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪجهه بنگالي آفيسر به موجود هئا. نيازي تقرير دوران گارگند تي لهي آيو ۽ چوڻ لڳو، مان ان حرامزادي قوم جو نسل بدلائي ڇڏيندس، هي مون کي ڇا ٿا سمجهن..... هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته مان سندن عورتن مٿان پنهنجا سپاهي ڇڏيندس..... ڪمري ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ هرڪو سندس گار گند تي هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳو. ٻئي ڏينهن اسان هڪ دکدائڪ خبر ٻڌي ته هڪ بنگالي آفيسر ميجر مشتاق باٿ روم ۾ وڃي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.”
    ان قسم جي بربريت جا انيڪ داستان خود حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ ۾ به ڄاڻايا ويا آهن. ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ قتل و غارتگريءَ جا تفصيل لکڻ لاءِ ته ڪئين ڪتاب گهرجن. مختصر حوالي طور ڪجهه واقعا تڏهوڪي آمريڪي سفارتڪار “آرچر ڪي بلڊ” جي ڪتاب The Cruel birth of Bangladesh” مان ڏجن ٿا، جيڪو هن ڍاڪا ۾ پنهنجي پوسٽنگ دوران مشاهدن بابت لکيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي تيرهين باب ۾ اهي واقعا لکيا آهن؛ “25 ۽ 26 مارچ 1971ع جي وچ واري رات ڍاڪا يونيورسٽي تي ٿيل چڙهائيءَ بابت سمجهيو وڃي ٿو ته ان جو مقصد هاسٽلن ۾ موجود شاگردن کي گرفتار ڪرڻ نه پر مارڻ هو. اسان کي ڪئمپس ۾ ٻن اجتماعي قبرن جا نشان نظر آيا. 29 مارچ جي رات تي ٿيل برسات سبب ڪجهه لاش کلي ويا هئا ۽ بدبوءِ برداشت کان ٻاهر هئي. اقبال هال ۾ ڪُجهه شاگردن وٽ هٿيار هئا، جن کي يا ته ڪمرن ۾ گوليون هنيون ويون يا وري کين عمارت مان نڪرندي ڪيرايو ويو. شاگردياڻين جي هاسٽل رُقعيه هال کي باهه ڏني وئي ۽ اتان ڀڄي نڪرندڙ شاگردياڻين کي مشين گنن جو کاڄ بنايو ويو. يونيورسٽيءَ جي ستن استادن کي به قتل ڪيو ويو. اڳتي هلي پنجن ٻين قتل ٿيل استادن جا نالا به سامهون آيا.”
    “ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ قتل ڪيل شاگردن جو محتاط ڪاٿو 500 آهي. پوليس جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته اوڀر پاڪستان سان تعلق رکندڙ 600 کان 800 پوليس وارن کي 25 هين مارچ جي رات ويڙهه دوران ماريو ويو. اسان جي ڪاٿي موجب ڍاڪا ۾ ٿيل آپريشن دوران چار کان ڇهه هزار ماڻهو ماريا ويا.”
    مارچ کان سيپٽمبر تائين هليل ان رتو ڇاڻ ۾ ڪيترا بنگالي ۽ غير بنگالي قتل ٿيا، انهن جي انگ جو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي، پر يقينن اهو انگ هزارن يا لکن ۾ هو. جيتوڻيڪ سال جي وچ تائين ڍاڪا سميت ڪُجهه علائقن تي فوج ڪنٽرول ڪري ورتو هو، پر انهن چند علائقن کي ڇڏي ڪري سڄي ملڪ اندر مزاحمتي جنگ هلندڙ هئي، جنهن کي مڪتي باهني هلائي رهي هئي. ڀارت طرفان مڪتي باهني کي عسڪري، مالي ۽ سياسي امداد فراهم ڪرڻ ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي. در حقيقت بنگالي ذهني طور ملڪ سان رهڻ کان باغي ٿي چُڪا هئا. 25 سالن جي معاشي ڦرلٽ، ثقافتي وجود کان انڪار، آئيني طور اقتدار نه ملڻ ۽ هٿين خالي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ قتلام ۽ لڄالٽ جي واقعن کان پوءِ اهو ممڪن نه رهيو هو ته بنگالين کي ڏنڊي جي زور تي گڏ هلائي سگهجي. ان سموري صورتحال جو ڀرپور فائدو ڀارت ورتو ۽ نومبر 1971ع ۾ سڌيءَ طرح فوجي مداخلت ڪري جنگ شروع ڪري ڇڏي. بنگالي عوام اڳي ئي آپريشن، قتلام ۽ لڄالٽ جي سنگين واقعن سبب ملڪ کان باغي ٿي چُڪو هو. اها جنگ ڊگهو عرصو نه هلي سگهي ۽ 16 هين ڊسمبر تي بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو.
    تاريخ جي بي رحم سچائين کان انڪار يا انهن تي پردو رکڻ سان ملڪ جو آئيندو بهتر بنائي نه ٿو سگهجي. تاريخ ۾ غلطيون ڪرڻ شايد ايترو سنگين ڏوهه نه هجي پر غلطين کي نه مڃڻ ۽ انهن جو لڳاتار ورجاءُ ڪرڻ يقينن سنگين ڏوهه آهي ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي گهرجي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ان ڏوهه جو تسلسل نه بنجن.

    (روزاني ڪاوش 16 ڊسمبر 2012ع)
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267800
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388004
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ