ڪتاب جو نالو: لينن : جنهن تقديرون مٽايون
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 02 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1063 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 642 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “لينن : جنهن تقديرون مٽايون” نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ پاران ترجمو ڪيو ويو آهي.
لينن جنهن لفظي طرح نه پر عملي طرح انسان ذات جي تاريخ ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي ۽ انساني تاريخ جي قافلي کي سندس گَسن کان واقف ڪيو، جنهن جي ڳولا ۾ وقت جي پيچري تي صدين کان ڌوڙ اُڏي رهي هئي. انسانن جو اهو هڏ ڏوکي روس جي اشتراڪي انقلاب جو قائد ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جو استاد ۽ اڳواڻ ولادي ميرايليچ اوليانوف (لينن) هو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • سڀاءُ ۾ صفا سادو
  • 1. پهريون حصو
  • 2. ٻيو حصو
  • 3. ٽيون حصو
  • 4. چوٿون حصو
  • 5. پنجون حصو
  • 6. ڇهون حصو
  • 7. ستون حصو
  • 8. اٺون حصو
  • 9. نائون حصو
  • 10. ڏهون حصو
  • 11. يارهون حصو
  • 12. ٻارهون حصو
  • 13. تيرهون حصو

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (126) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “لينن : جنهن تقديرون مٽايون” نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ پاران ترجمو ڪيو ويو آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرس حيدر آباد وٽان ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • سڀاءُ ۾ صفا سادو

    هو (لينن) پنهنجي سڀاءُ ۾ صفا سادو آهي
    سچ جيان سادو.

    - مئڪسم گورڪي


    1. پهريون حصو

    روس جا لکين ماڻهو ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان اڻ ڳڻيا انسان ماسڪو جي سرخ چوڪ جي زيارت ڪري هن عظيم انسان کي خراج تحسين پيش ڪندا آهن. جنهن لفظي طرح نه پر عملي طرح انسان ذات جي تاريخ ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي ۽ انساني تاريخ جي قافلي کي سندس گَسن کان واقف ڪيو، جنهن جي ڳولا ۾ وقت جي پيچري تي صدين کان ڌوڙ اُڏي رهي هئي.
    انسانن جو اهو هڏ ڏوکي روس جي اشتراڪي انقلاب جو قائد ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جو استاد ۽ اڳواڻ ولادي ميرايليچ اوليانوف (لينن) هو، جيڪو 22اپريل 1870ع تي وانگا نديءَ جي ڪنڌيءُ تي سمبرسڪ شهر ۾ جنهن کي هاڻي لينن جي نالي تي ‘اوليانو نسڪ’ چيو وڃي ٿو. ۾ هڪ وچولي طبقي جي گهراڻي ۾ ڄائو، لينن جو پيءُ ايليا نڪولائي وچ اوليانوف هڪ وچولي گهراڻي سان واسطو رکندو هو، پر پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري “ڪازان يونيورسٽيءَ” مان ڊگري وٺي رياضيءَ جو استاد بنجي ويو ۽ پنهنجي محنت جي ڪري معزز ماڻهن جي صفن ۾ داخل ٿي ويو. هو هڪ شفيق، ديانتدار ۽ روشن خيال انسان هو، جنهن جي سڄي زندگي علم جي جستجو ۽ حاصل ڪرڻ ۾ گذري هئي. تنهنڪري هو پنهنجي طبقي جي ٻين ماڻهن کان پنهنجي انسان دوستي ۽ جمهوريت پسنديءَ سبب منفرد هو. لينن جي امڙ ‘ميريا اليڪسانڊرونا” هڪ ڊاڪٽر جي ڌيءَ هئي، جيتوڻيڪ هوءُ اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهي هئي، پر پوءِ به کيس ڪيترين ئي زبانن تي عبور هو.
    هي گهراڻو، هڪ مثالي گهراڻو هو، مائٽن پنهنجي ڇهن ئي ٻارن اينا، اليڪسانڊر، ولاديمير، اولگا، ديمتري ۽ ماريا کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻارن به پنهنجي مائٽن جي زندگيءَ مان گهڻو ڪجهه سکيو، خاص ڪري پيءُ جي تعليم ۽ تدريس جي ميدان ۾ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ٻارن کي مستقبل جي عظيم ذميدارن جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ سُٺي نموني جي حيثيت رکندي هئي. پيءُ ۽ پٽ گڏجي اڪثر ان دور جي هڪ روشن خيال شاعر “پليخانوف” جي هڪ شعر جو هي بند ڳائيندا هئا:
    “روح جي رشتي سان ڀائرن وانگر قطارن ۾
    امن ۽ طوفان ۾ اسين هلندا پيا هلون،
    ۽ پنهنجي موت تائين ٻئي نفرت ڪنداسين
    پنهنجي وطن تي جبر ڪندڙن کان.”
    ماءُ پيءُ جي گهڻي ڪوشش اها هوندي هئي ته پنهنجن ٻارن کي ڪم ڪار جو عادي بنائين، تنهن ڪري گرميءَ جي هنڌ ۾ اڪثر هي ٿيندو هو جو هڪ ڇوڪر نل هلائيندو هو ۽ ٻيو بالٽيون ڀري ٽانڪيءَ ۾ ڀريندو هو. يا هي ٿيندو هو جو ڇوڪريون شام جي چانهه ٺاهينديون پيون هونديون هيون ۽ ڇوڪرا ڪرسيون کڻي باغيچي ۾ رکندا هئا. ائين ننڍپڻ ۾ ئي انهن سڀني ۾ گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻ يعني ڪردار اجتماعيت جو شعور پيدا ٿيو. ۽ اڳيان هلي هي ڇهه ئي ٻار انقلابي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا ۽ هر ڪنهن سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ ننڍو يا وڏو ڪردار ضرور ادا ڪيو.
    ننڍڙو “ولادي مير” جنهن کي اڳتي هلي لينن بنجڻو هو نه فقط شڪل ۽ صورت بلڪه عادتن ۾ به پنهنجي پيءُ جهڙو هو، هو خوش مزاج ۽ ملنسار طبيعت جو مالڪ هو. راند روند جو به شوقين هو، راند ۾ ڪُپت کان ڀڄندو هو ۽ ايمانداريءَ جو قائل هو، گڏوگڏ کيس ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق هو. تنهن ڪري هو پنجن سالن جي عمر ۾ ئي سولائيءَ سان لکڻ پڙهڻ سِکي چڪو هو.
    9 کان 17 سالن جي عمر جي عرصي دوران ولادي مير “جمنيزيم” يا ائين سمجهو ته “گرامر اسڪول” ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو شروع کان ئي نظم ۽ ضبط جو پابند، پنهنجي مدد پاڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جو خيال رکندو هو. انهن ئي خوبين جي ڪري هو هر ڪلاس ۾ سُٺي نموني پاس ٿيندو رهيو، گڏوگڏ پاڻي ۾ ترڻ، اسڪيٽنگ ۽ چوپڙ راند ۾ به نمايان رهيو.
    اهو زمانو روس جي تاريخ ۾ ڀرپور ظلم ۽ تشدد جو دور هو، رجعت پسند هر هنڌ حاوي هئا، ٿوري به آزاد خيالي ڪنهن شخص کي سزا جو حقدار بنائي ڇڏيندي هئي. پر “ولادي مير” ان لحاظ کان به خوشنصيب هو، جو نه فقط سندس والدين روشن خيال هئا، پر سندس وڏو ڀاءُ اليڪسانڊر هڪ آزاد خيال نوجوان هو، جيڪو نيٺ پنهنجي آزاد خيالي ۽ جمهوريت پسنديءَ جي پاداش ۾ ماريو ويو.
    “ولادي مير” تي پنهنجي وڏي ڀاءُ “اليڪسانڊر” جو گهرو اثر هو، هو ننڍپڻ کان ئي زندگيءَجي هر معاملي ۾ پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو هو، اِهو اليڪسانڊر ئي هو، جنهن جي هٿ ۾ سڀ کان پهرين هن مارڪس جو جڳ مشهور ڪتاب ‘موڙي’ ڏٺو هو. “مان اهو ئي ڪجهه ڪندس جيڪو منهنجو ڀاءُ ڪندو آهي” هو اڪثر چوندو هو، اليڪسانڊر مارچ 1887ع ۾ “سينٽ پيٽرزبرگ” ۾ زار رروس اليڪسانڊر ٻي کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو ۽ ساڳئي سال مئي ۾ کيس “شلس برگ” جي قلعي ۾ کي ڦاسي ڏني ويئي. هاڻ “ولادي مير” به پروانن جي اُن قافلي ۾ شامل ٿي چڪو هو، جيڪي قتل گاهن مان علم چونڊي درد جي فاصلن کي گهٽائڻ لاءِ نڪري ايندا آهن. البت هن پنهنجي ڀاءُ جي موت مان هڪ سبق ضرور سکيو، سو هي ته اعليٰ طبقن جي ڪجهه ماڻهن يا هڪ فرد کي قتل ڪرڻ سان تاريخ نه ٿي بدلجي، انسان جي جدوجهد ان نظام ۽ ان طبقي جي خلاف هئڻ گهرجي، جيڪو ظلم ۽ ناانصافيءَ جو بنياد آهي. ائين هن پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي جيئن جو تيئن هلڻ بدران پنهنجي لاءِ هڪ ٻيو رستو چونڊيو.
    ننڍپڻ ۾ ئي “ولادي مير” ٿيل ڳالهين کي ٿڏي پنهنجي سمجهه موجب زندگيءَ جي معنيٰ کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي هئي. هو مذهبي فڪر کي سوچ ويچار جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پر هڪ ڏينهن عجيب واقعو پيش آيو، ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هن جي پيءُ پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته : “منهنجا ٻار ديول وڃڻ جي پابندي نه ٿا ڪن.” تنهن تي سندس دوست ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو: “پوءِ ڏنڊي جو استعمال ضروري آهي.” اهو ٻڌي “ولادي مير” کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو ‘اتان’ اٿي ٻاهر هليو ويو.
    زندگيءَ جي مشاهدي مان “ولادي مير” کي ماڻهن جي غربت، ڏک ۽ بدحاليءَ جو چڱي طرح احساس ٿيو. خاص ڪري هارين ۽ مزدورن جي بدحاليءَ هن کي ڏاڍو ڏکارو ڪيو. جيئن ته سندس پيءَ ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليم جي انتظام سان لاڳاپيل هو، ان ڪري “ولادي مير” ڪيترا ڀيرا ماڻهن جي جاهليت ۽ بُک، آفيسرن جي لاپرواهي ۽ جاگيردارن جي ڏاڍ ۽ جبر جون خبرون ٻڌيون هيون. اهڙي طرح هوريان هو ريان کيس زار شاهيءَ جي ظلم ۽ جبر روس جي عوام جي انهن مصيبتن جو احساس ٿيو، جيڪي اڻويهه صديءَ جي آخر ۾ هُنَ سرزمين تي صدين جي بادشاهت جو بڇڙو ورثو بنجي ويون هيون.
    ان سلسلي ۾ پڙهائيءَ جي شوق به هن جي ان احساس جي آبياري ڪئي. پشڪن، لرنوتوف، گوگول، ترگنيف، نڪراسوف، ٽالسٽاءِ هُن جا پسنديده ليکڪ هئا. انهن کان سواءِ، هن بلينڪسي، هرزن، دوبرا لسيوف ۽ پاريو جي انقلابي فڪر مان به فائدو حاصل ڪيو، اهي ليکڪ ان وقت روس جي انقلابي جمهوريت پسندن ۾ اهم حيثيت رکندا هئا. جمهوريت پسندن جي اخبار ‘اسڪرا’ يعني “چڻنگ” ۾ انهن ليکڪن جو لکڻيون ڇپجنديون رهنديون هيون.
    1886ع ۾ ولادي مير جو پيءُ فوت ٿي ويو، ٻي سال اليڪسانڊر کي ڦاسي ڏني ويئي. انهن ٻنهي واقعن هن تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو. پيءُ جي موت کيس بي سهارا ڪري ڇڏي ڏنو هو ۽ کيس زندگيءَ جي عملي جدوجهد جو تجربو ٿيڻ شروع ٿيو. پر ڀاءُ جو موت ان کان به وڌيڪ اهم واقعو هو. هُن جي گرفتار ٿيندي ئي شهر جي آزاد خيال سوسائٽيءَ اوليانوگ گهراڻي سان پنهنجا ناتا ٽوڙي ڇڏيا. گهراڻي جي ڪنهن به فرد کي اليڪسانڊر جي انقلابي سرگرمين جي خبر ڪا نه هئي. کين اها خبر بنهه نه هئي ته ڪو اليڪسانڊر انقلابي نوجوانن جي “اسٽڊي سرڪل” جو ميمبر آهي. هُن جي ڪيس جي ڪارروائي شروع ٿي ته اُن ۾ هن زار شاهيءَ جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف زور دار تقرير ڪئي ۽ هڪ نئين سماج جي نظام جي اهميت تي پنهنجي پختي يقين جو اعلان ڪيو. “مان حيران ٿي ويس ته هو ڇا سوچيندو رهيو هو” هن جي امڙ پنهنجي پٽ جي ڪيس جي ڪارروائي ٻُڌي چيو: “مان حيران هيس ته هو ايتريون سُٺيون ڳالهيون به ڪري سگهي ٿو؟” اليڪسانڊر جي موت جو “ولادي مير” تي جيڪو اثر ٿيو تنهن کي سندس ڀيڻ اينا ڏاڍي خوبصورتي سان هڪ جملي ۾ هينئن چيو آهي: “اليڪسانڊر اوليانوف هڪ هيري جي موت مئو ۽ سندس شهادت ‘ولادي مير’ جي لاءِ انقلاب جون راهون روشن ڪري ڇڏيون.” ان ڏکاري دور ۾ به هن پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ جڏهن هن سون جو تمغو حاصل ڪيو ته اعليٰ عملدارن لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته رياست جي هڪ باغيءَ جي ڀاءُ کي اهو اعزاز ڪيئن ڏنو وڃي. اليڪسانڊر جي ڦاسيءَ کان پوءِ جون کان وٺي آگسٽ تائين اوليانوف گهراڻو ڪازان کان چاليهه ميل پريان هڪ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پوءِ ڪازان منتقل ٿي ويو، جتي “ولادي مير” ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي. يونيورسٽيءَ ۾ جلد ئي هو هڪ بندش پيل “سمبارا” سمبرسڪ ڪلب جو ميمبر بنجي ويو، زار جي حڪومت ۾ شاگردن جي يونين تي پابنديون هيون ۽ ڪنهن به اهڙي يونين جي ميمبري گرفتاري ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ مان نيڪاليءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندي هئي. پر ان جي باوجود به روس جي سڀني يونيورسٽين ۾ انقلابي فڪر تيزي سان پکڙجندو پي ويو. 4 ڊسمبر 1887ع تي ‘ڪازان يونيورسٽي’ جو شاگردن هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ هنن يونيورسٽيءُ قاعدن جي خاتمي، شاگردن کي يونين سازيءَ جو حق ڏيڻ، ريسٽيڪيٽ ڪيل شاگردن کي ٻيهر داخل ڪرڻ ۽ ان ڪارروائيءَ جي ذميوار ماڻهن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا، ڪازان جي تعليمي انتظاميه ان سلسلي ۾ تعليم کاتي کي جيڪا رپورٽ موڪلي ان ۾ “ولادي مير” بابت لکيو هو ته: “هو اُن جلسي گاهه ۾ داخل ٿيندڙ پهرينءَ جٿي ۾ شامل هو.” يونيورسٽي انسپيڪٽر جوشيلن رپورٽ ۾ لکي ٿو ته: “هو انتهائي جوشيلن شرڪت ڪندڙن مان هو ۽ اڳين صفن ۾ ويٺل هو ۽ جوش جي ڪري هر هر سندس مٺيون ڀڪوڙجي ٿي ويون. ان جلسي کانپوءِ ولاديمير پهريون شاگرد هو، جنهن پنهنجو تعليمي ڪارڊ واپس ڪندي 5 ڊسمبر تي ريڪٽر جي نالي خط ۾ لکيو: “جيئن ته مان موجوده صورتحال ۾ پنهنجي وڌيڪ تعليم جاري رکڻ ممڪن محسوس نه ٿو ڪريان، ان لاءِ مان سائين جن کي درخواست ٿو ڪريان ته منهنجو نالو ڪازان جي شاهي يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو وڃي.” ظاهر آهي ته هاڻي هن جي گرفتاري جو سمورو سامان تيار ٿي چڪو هو، تنهنڪري ڪازان جي گورنر جي حڪم سان کيس گرفتار ڪيو ويو. جيڪو پوليس انسپيڪٽر کيس گرفتار ڪرڻ آيو هو تنهن همدرديءَ مان “ولادي مير” کي چيو: ‘منهنجا نوجوان دوست بغاوت مان ڪهڙو فائدو؟ تنهنجي راهه ۾ ڏاڍي اوچي ديوار موجود آهي.’
    ‘هائو! پر اِها ايتري ته پراڻي ٿي چڪي آهي، جو هڪ زوردار ڌڪي سان ڊهي اچي پٽ پوندي.’ هي هو ولادي مير جو جواب. 7 ڊسمبر تي کيس جلاوطن ڪري پنهنجي ڳوٺ ڪوشڪينو (موجوده لينينو) موڪليو ويو. جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ هو پنهنجي نصابي ڪتابن کان علاوه پنهنجي زماني جي انقلابي مفڪرن جي ڪتابن جو به مطالعو ڪندو رهيو، خاص ڪري کيس چرنيشوسڪي جي لکڻين ان زماني ۾ ڏاڍو متاثر ڪيو. چرنيشوسڪي مادي فيلسوفاڻي فڪر جو پرچارڪ هو، هو ڏاڍ ۽ بربريت جي خلاف هارين جي تحريڪ جو باني هو. سندس ڪمال هي جو هو سنسر ٿيل مضمونن ۾ به انقلابي فڪر جو درس ڏيندو رهندو هو. هن جي ڪتابن مان ‘نيٺ ڇا ڪجي؟’ جيڪو هُن جي ڀاءُ اليڪسانڊر جو پسنديده ڪتاب هو، خاص ڪري نوجوان ولاد مير کي به ڏاڍو وڻندو هو. هڪ سال جي جلاوطنيءَ کان پوءِ 1888ع جي خزان جي موسم ۾ کيس واپس ڪازان اچڻ جي موڪل ملي، پر يونيورسٽيءَ ۾ ٻيهر داخلا جي درخواست تي کيس جواب مليو. ‘ڇاهي انهي اليڪسانڊر اوليانوف جي ڀاءُ ڪونهي؟ هي سمبرسڪ جي جمنيزيم سان واسطو نه ٿو رکي؟ کيس ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر داخلا ڏيئي نه ٿي سگهجي.’ ولادي مير، پرڏيهي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ جي درخواست ڏني، پر اها به رد ڪئي ويئي. پوءِ جلد ئي هو هڪ بندش پيل اڀياسي سٿ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو مارڪس ۽ اينگلس جي فڪر جو مطالعو ڪندو هو. ان زماني ۾ اهڙا “اسٽڊي سرڪل” مختلف هنڌن تي قائم ٿي رهيا هئا، جن ۾ مارڪس ۽ اينگلس جا بندش پيل ڪتاب يا هٿ جا لکيل مسودا پڙهيا ويندا هئا، انهن ۾ پليخانوف ۽ نارود ازم تي به ڊگها ڊگها بحث مباحثا ٿيندا هئا. گهٽ عمر جي ذهنن تي نارود ازم جو چڱو موچارو اثر هو. هي فلسفو ان غلط تصور تي مبني هو ته روس ۾ فقط هارين جي جدوجهد سان سوشلزم جي منزل تائين پهچي سگهجي ٿو. تنهنڪري دهشت پسندي ان مڪتب فڪر وارن جو پسنديده طريقو هو. انقلابي دهشت پسندن جو وڏو قد ۽ همت افزائي ٿي رهي هئي. نارود ازم، جيڪو سڄو فڪر تاريخ جي غلط فهم تي ٻڌل هو. 1861ع کان روس ۾ صنعتي دور شروع ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ريلوي لائينن ۽ ڪارخانن جي ڀرپاسي اها قوت جنم وٺي رهي هئي، جنهن کي مستقبل ۾ انقلابي جدوجهد جي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو هو. اها طاقت صنعتي مزدورن جي طاقت هئي، جيتوڻيڪ کيس اڃان تائين انقلابي اهميت جو احساس نه ٿيو هو، بهرحال! سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جي خلاف مزدورن ۽ هارين ۾ عام بيزاريءَ جو احساس موجود ضرور هو.
    1883ع ۾ پليخانوف جي اڳواڻيءَ ۾ روس جو پهريون مارڪسي گروپ ‘مزدورن جي آزاديءَ جو سرڪل’جي نالي سان ملڪ کان ٻاهر قائم ٿيو، ان گروپ روس ۾ سائنسي سوشلزم جو فڪر پکيڙڻ ۾ وڏو حصو ورتو. هن ناردو ازم جي خلاف به چڱي موچاري جدوجهد ڪئي ۽ پليخانوف جو ڪتاب “سياسي جدوجهد ۽ اسانجا اختلاف” مارڪسي حلقن ۾ ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو ويندو هو، لينن جي لفظن ۾ ته: “ان حلقي روس ۾ سماجي جمهوري جدوجهد جو نظرياتي بنياد رکيو ۽ طبقاتي جدوجهد ڏانهن پهريون قدم کنيو.”
    ڪازان ۾ رهائش وارو زمانو لينن جي فڪر جي جوڙجڪ ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿو، ان زماني ۾ هن انقلابي فڪر رکندڙ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون. پڙهائيءَ جي ڳجهن اسٽڊي سرڪلن ۾ شريڪ ٿيو ۽ مارڪس جي مشهور ڪتاب “سرمائي” جو تفصيلي مطالعو ڪيو، ان وقت تائين هن جي ملاقات “فيدليسويوف” سان نه ٿي سگهي هئي ۽ نه ئي وري هو ميڪسم گورڪيءَ سان مليو هو، جيڪو پڻ هن جيان هڪ ڳجهي اسٽڊي سرڪل جو ميمبر هو. مئي 1889ع ۾ هو ڪازان کان سمارا جي هڪ ڳوٺ منتقل ٿي ويو ۽ هن جي وڃڻ کان ٿورو عرصو پوءِ پوليس ڪازان ۾ انقلابين کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا، اهڙي طرح ولاديمير خوشقسمتيءَ سان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    ڪيترين ئي ڪوششن کان پوءِ نيٺ 1890ع ۾ لينن کي باقاعده ليڪچر ٻڌڻ ۽ يونيورسٽيءَ جو امتحان ڏيڻ جي اجازت ملي وئي. هن چئن سالن جو ڪورس پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سابق ساٿين سان گڏ ارڙهن مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.
    سخت محنت ۽ پڙهائيءَ جي ان زماني ۾ اڪثر هو پنهنجي ڀيڻ اولگا سان گڏجي وائلن تي يازاڪوف جو هي شعر ڳائيندو هو:
    “پر لهرون فقط ان کي لوڙهي اڳيان وينديون آهن، جن جون دليون سخت هونديون آهن.
    مڙسي ڪر ڀاءُ!
    ان طوفان کان اسانجي ٻيڙي
    اڳيان ڪڍي وڃڻ ڏي!”
    اِهو شعر عمل جي خواهش ۽ اعليٰ آدرشن جو درس ٿو ڏي. “ولادي مير” جيڪو پوءِ عظيم لينن بنيو، ان همت ۽ عمل جي خواهش جو نمونو هو. هڪ ڏينهن وائلن تي! هي ئي ٻول ورجائيندي ولادي مير، اولگا کي انٽرنيشنل يعني عالمي مزدور تحريڪ جو ترانو ڳائڻ جي فرمائش ڪئي، هن تراني جي روس ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ڳچ وقت تائين ان جي ڌُن جي مشق ڪئي ۽ پوءِ فرانسيسيءَ ۾ هنن سڄو ترانو ڳايو.
    زماني ڀر ۾ توهان ذليل ۽ رسوا آهيو.اٿو اٿو
    ڊگهي رات بکون ڪاٽي سمهي رهيا آهيو. اٿو اٿو
    مزدورن جي جماعتن ۾ عقل اچي پيو هاڻي
    اهو ئي انهن کي هاڻ مرادن جي طرف پيو تاڻي. اٿو اٿو
    گذريل قوم جي گندگين کي پري اڇلايو
    پڪاري ٿي آزادي ٻڌو غور سان غلامو. اٿو اٿو
    اٿلائي ڇڏيو ڌرتيءَ جي دنيا، امير سڀ غريب ٿين
    جي سڀني جي پويان هئا انهن کي اڳواڻيون نصيب ٿين
    سنڀاليو هٿيار پنهنجا اٿو اٿو. وڌو وڌو
    بيٺا آهيو جنگ جي لاءِ اٿو اٿو. وڌو وڌو. اٿو اٿو
    اهي ٻيا آهن جي ديوتائن جون خوشامدون ڪن
    جي شاهن ۽ قيصرن جي آڙ ڳوليندا وتن، اٿو اٿو
    ڪنداسين اسان پنهنجي پاڻ مدد اهو ئي اظهار
    اسان ان کي ڪاٽي ڇڏينداسين جا غلامي جي ڄار آهي. اٿو اٿو
    جي ڊاڪن ورتو آهي، اهو واپس وٺنداسين اسان
    هاڻي هنن کي اُن طرح جو ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين... اُٿو اُٿو.
    ان تراني بابت روس ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ ڪافي دير تائين ان جي مشق ڪندا رهيا، پوءِ هنن فرانسيسيءَ ۾ سڄو ترانو ڳايو.
    1891ع ۾ سينٽ پيٽرز برگ مان قانون جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سڀني ڪمن ۾ ٻين شاگردن کان وڌيڪ مارڪون کنيائين، 1892ع ۾ هو سمارا جي هڪ بار جو ميمبر بنجي پريڪٽس ڪرڻ لڳو، پر ان دوران هن جو گهڻو وقت مارڪسي فلسفي جي مطالعي ۾ گذرندو هو، هو مارڪسي مطالعاتي گروپن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جيڪي ان وقت سمبارا ۾ مختلف هنڌن تي قائم هئا. انهن سڀني ۾ نارود ازم جو زور هو. ان زماني ۾ ولادي مير نارود ازم جي علمبردارن کان سندن فلسفو سمجهيو ۽ ان فڪر جي غير سائنسي بنيادن کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو. ان زماني ۾ هن “ڪميونسٽ پڌرنامي” جو جرمنيءَ مان روسي زبان ۾ ترجمو ڪيو.
    سمارا ۾ رهڻ دوران هن پهريون مارڪسي سرڪل قائم ڪيو، جنهن ۾ “سرمايو”، انگلستان جي پورهيتن جي حالت ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيا ويندا هئا. ان زماني ۾ نوجوان ولادي مير مارڪسي نظريي تي وڌ ۾ وڌ عبور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ نارود ازم جي مخالف ۾ سندس پهرين نظرياتي لکڻي “هارين جي زندگيءَ ۾ نيون معاشي تبديليون” هئي، جنهن ۾ هن ٻُڌايو هو ته هن وقت روس ۾ نه فقط سرمائيداري ترقي ڪري رهي آهي، پر هاري به ڪيترن طبقن م ورڇجي رهيا آهن، تنهنڪري امير، غريب ۽ بي زمين هارين جو فرق به پڌرو ٿي رهيو آهي. ان حقيقت جي ظاهر ٿيندي ئي نارود ازم جو اهو جادو ٽٽو، جيڪو هارين جي انقلابي ڪردار جي چوڌاري هڪ دلفريب رومانوي دائري جي شڪل ۾ موجود هو. ان ئي زماني ۾ لينن جي فيڊوسيوف سان لکپڙهه ٿي، جيڪو ان وقت نظربند هو. ڪازان ۽ سمارا جي رهائش جو زمانو ولادي مير جي ذهني ارتقا ۽ انقلابي شعور جي تڪميل ۽ پختگيءَ جو زمانو هو. ان دور مان گذري هو هڪ مارڪسي نوجوان بدران روس جي انقلابي پرولتاريه جو اڳواڻ ۽ ولادي مير اوليانوف بدران “ڪامريڊ لينن” بنجي ويو. ايندڙ صفحن ۾ اسين ان ئي ‘لينن’ جي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪنداسين، جيڪو نه رڳو روس پر سڄي دنيا جي انقلابي پرولتاريه جو اڳواڻ هو.
    *


    2. ٻيو حصو

    آگسٽ 1892ع ۾ لينن سمارا کان سينٽ پيٽرز برگ آيو جتي هو سماجي جمهوريت پسند شاگردن ۽ باشعور مزدورن جي هڪ سرڪل سان لاڳاپجي ويو، ان سرڪل ۾ آئي وسي بابوبينڪن به شامل هو. ان زماني ۾ به هن نارود ازم تي تنقيد جو سلسلو جاري رکيو ۽ هڪ ڪتاب ‘عوام دوست ڪير آهن ۽ اهي سماجي جمهوريت پسندن سان ڪيئن ٿا وڙهن؟’ لکيو. هي ڪتاب روس جي پرولتاريه جي انقلابي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان جي تاريخي ڪردار جي چٽائي ۽ نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو ايندڙ دور ۾ ان طبقي کي سماج جي اڳواڻ انقلابي قوت طور ادا ڪرڻو هو. تنهن کان هڪدم پوءِ هن قانوني مارڪسٽن ۽ نارودنڪ مفڪرن جي فڪر تي تنقيد ‘نارود ازم’ جو معاشي ڍانچو ۽ مسٽر اسٽور جي ڪتاب ۾ ‘ان تي تنقيد’ لکيو. هي ڪتاب نارود ازم کان علاوه نارود ازم جي انهن نقادن تي به تنقيد ڪري ٿو، جيڪي جاگيرداريءَ جي مقابلي ۾ سرمائيداريءَ جي ترقي پسندانه ڪردار تي زور ڏيندي ان حقيقت کي نظرانداز ڪريو ٿا ڇڏين ته سرمائيداري هوريان هوريان پنهنجي ترقي پسند ڪردار کان محروم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان جي بقا سماج جي ارتقا ۾ هڪ رڪاوٽ بنجندي پئي وڃي. ان ڪتاب ۾ اِها حقيقت به وائکي ڪئي ويئي آهي ته قانوني مارڪسيت بورزوا آزاد خياليءَ کان ڪنهن به طرح منفرد ڪونهي ۽ جاگيرداري جي مقابلي ۾ سرمائيداريءَ جي ترقي پسند ڪردار تي زور ڏيڻ محض بورزوا آزاد خيالن جي طبقاتي ڪردار جو نتيجو آهي، جيڪو مارڪسزم جي هام هڻڻ جي باوجود سرمائيداري نظام کي قائم رکڻ جو خواهشمند آهي. پنهنجي طبقي جي بچاءُ ڪرڻ جي خواهش هيٺ هو مارڪس جي لکڻين کي سندس اصليت کان ڌار ڪري پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪرڻ کي ڪنهن به طرح خراب نه ٿا سمجهن. البت نارواد ازم جي مقابلي ۾ قانوني مارڪسين سان سهڪار کي لينن رد نه ڪيو ۽ نارواد ازم کي نظرياتي شڪست ڏنائين. اڳتي هلي لينن اُن سهڪار جي باري ۾ لکي ٿو ته: “فقط اهي ماڻهو ٻين سان سهڪار کان گهٻرائين ٿا، جيڪي پنهنجو پاڻ تي به ڀروسو نه ٿا ڪن، نه ته ڪا به سياسي جماعت اهڙن ٺاهن کانسواءِ جيئري رهي نه ٿي سگهي.” ايندڙ وقت لينن جي زندگيءَ ۾ ڀرپور سياسي مصروفيت جو زمانو هو، هو مزدورن ۾ انقلابي نظرين جي آبياري ڪندو رهيو، هن سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ زبان ۾ کليل لفظن ۾ ٻُڌايو ته روس جو مزدور طبقو پنهنجي حقن کان بلڪل محروم آهي، هو سرمائيدارن جي ڦرلٽ جو شڪار آهي ۽ غريب ۽ بدحاليءَ جي نه ختم ٿيندڙ ڪُنَ ۾ ڦاٿل آهن. پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري هو “سينٽ پيٽرز برگ” جي “مارڪسي سرڪل” جو اڳواڻ بنجي ويو، هن جو علم ڪتابي نه پر عملي هو ۽ هن جون تنظيمي صلاحيتون لاثاني هيون. اهو ئي سبب آهي جو هن 1895ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ جي سڀني مارڪسي سرڪلن کي ڪاميابي سان هڪ تنظيم جي لڙيءَ ۾ ڳنڍي ڇڏيو ۽ ائين “پورهيتن کي آزاديءَ ڏيارڻ جي جدوجهد جي تنظيم” وجود ۾ آئي، هيءُ اها ئي تنظيم هئي جنهن جي ڪُک مان اڳتي هلي روس جي پورهيتن جي مارڪسي پارٽي جنم وٺڻ واري هئي. هن تنظيم کي ٺهندي، اڃا ٿورو وقت مس ٿيو هو جو ان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ لينن به شامل هو. گرفتار ڪرڻ کانپوءِ چوڏهن مهينن تائين هن کي “سينٽ پيٽرزبرگ” جي جيل ۾ قيد تنهائيءَ ۾ رکيو ويو، اهو سمورو وقت لينن لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريو، ۽ پوءِ ڪيترا ڪتابڙا جيل جي سيخن مان سمگلنگ ٿي ٻاهر پهتا ۽ مزدورن جي حلقن ۽ تنظيم ۾ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پڙهيا ويندا هئا.
    *


    3. ٽيون حصو

    فيبروري 1897ع ۾ لينن کي سائبيريا جي هڪ پرانهين ڳوٺ ۾ جلاوطن ڪيو ويو، ان ڳوٺ جو نالو “شوشينسڪو” هو. هتي هڪ سال کان پوءِ لينن کي پنهنجي هڪ انقلابي ساٿي عورت جو ساٿ مليو، هُن انقلابي عورت جو نالو ‘ناديزدا ڪروپسڪايا’ هو، جيڪا ٽي سال اڳ به سينٽ پيٽرز برگ ۾ انقلابي سرگرمين ۾ لينن سان گڏ رهي چڪي هئي ۽ هن کي به ‘مزدور طبقي جي آزاديءَ جي ليگ’ جي سلسلي ۾ جلاوطن ڪيو ويو هو. انقلابين جي ان ساٿ محبت ۽ آخرڪار ازدواجي ناتي کي جنم ڏنو، ڪروپسڪايا لينن جي موت تائين سندس رفيق حيات ۽ مددگار رهي ۽ پنهنجي گڏيل مقصد جي لاءِ لڳن ۽ جدوجهد سندن گڏيل ڀروسي ۽ محبت مان سگهه حاصل ڪندي رهي. جلاوطنيءَ جي ڏينهن دوران لينن پنهنجي پارٽيءَ جي پروگرام کي ترتيب ڏنو، ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا وڏا مضمون ۽ هڪ انتهائي اهم ڪتاب “روس ۾ سرمائيداريءَ جي ارتقا” لکيو. هي ڪتاب اڳيان هلي روس جي سماجي جمهوريت پسندن جي تحريڪ ۾ ڏاڍو اهم دستاويز بنيو ۽ ان مستقبل جي جوڙجڪ ۾ ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو. جلاوطنيءَ جي دوران لکڻ پڙهڻ کان علاوه هو عملي انقلابي سرگرميءَ کان ڌار نه رهيو. جلد ئي سندس سينٽ پيٽربرزگ ۽ ماسڪو جي ساٿين کان علاوه، روس کان ٻاهر رهندڙ ساٿين سان به رابطو قائم ٿي ويو. ان دوران روس جي سماجي جمهوريت پسندن جي تحريڪ ۾ نيون تبديليون آيون، هڪ حصي انقلاب جي جدوجهد کي پٺيان ڇڏي، مزدور طبقي جي سڄي جدوجهد کي سٺين پگهارن، مناسب وقت ۽ ٻين سهوليتن جي حاصلات لاءِ محدود ڪرڻ ٿي چاهيو، ننڍيون وڏيون هڙتالون ٿينديون رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ مزدورن کي رعايتون ۽ سهولتون ملنديون رهيون، پر مزدور تحريڪ جو اِهو نئون عنصر سياسي معاملن ۾ بورزوا طبقي جي بالادستي کي مٿاهون قرار ڏيندو رهيو. ان خيال جا حامي معيشيت دان (Economist) سڏجڻ لڳا. لينن هڪدم ان نئين خطري کي محسوس ڪيو، جيڪو انقلابي تحريڪ ۾ موقعي پرستيءَ جو پهريون نمونو هو. تنهنڪري جڏهن 1899ع ۾ “سينٽ پيٽرزبرگ” ۾ کيس انهن نون مارڪسٽس جي فڪر جو ڳٽڪو پهتو ته هن هڪدم “روسي سماجي جمهوريت پسندن جو احتجاج” جي نالي سان جواب لکيو. ان تي انهن 17 جلاوطن مارڪسين جون صحيحون هيون، جن سان لينن جو رابطو قائم ٿي چڪو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ‘معيشيت دان’ سماجي جمهوريت پسندن جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊه کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. “مزدور طبقي کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جي تنظيم” جنهن جو بنياد لينن جي جلاوطنيءَ ۽ گرفتاريءَ جو ڪارڻ بڻيو هو، سا آخر ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٺهڻ جو بنياد ثابت ٿي. سڀ کان پهرين هڪ مارڪسي پارٽيءَ ٺاهڻ جو خيال لينن کي جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ آيو. انقلابي فڪر جو بنياد ان پروگرام تي هو ته هڪ مارڪسي انقلابي فڪر جي حامي اخبار ڪڍي وڃي ۽ ان اخبار جي وسيلي ان ۾ ڪم ڪندڙ سمورن جمهوريت پسند حلقن کي، زار شاهيءَ جي تشدد ۽ بربريت جي خلاف، هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ انقلابي مارڪسي فڪر جي بنياد تي، کين متحد ڪري، هڪ پارٽي ڪانگريس ڪوٺائڻ هو، ته جيئن مستقبل جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي، پر ان رٿا تي عمل سندس آزاد ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿيو.
    29 جنوريءَ 1900ع تي لينن جي جلاوطنيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ هو پنهنجي جيون ساٿڻ سميت شوشينسڪو مان ٻاهر نڪتو ئي هو جو زار جي حڪومت مٿس ماسڪو، سينٽ پيٽرزبرگ يا ٻي ڪنهن صنعتي علائقي ۾رهائش تي پابندي وجهي ڇڏي، تنهن ڪري هو ‘پيٽرزبرگ’ جي ويجهو ‘پسڪوف’ نالي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. اُتي هن اخبار ڪڍڻ جي رٿا تي ڪم شروع ڪيو، پر زار شاهي هن کي ملڪ ۾ رهڻ ۽ کيس ڪم ڪرڻ جي ڇوٽ ڏيڻ لاءِ تيار بلڪل تيار نه هئي، ان ڪري هن محسوس ڪيو ته روس ۾ رهي مزدور طبقي جي ترجمان اخبار شايع ڪرڻ ممڪن ڪونهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جرمني هليو ويو، جتان جولاءِ 1900ع ۾ ‘اسڪرا’ يعني ‘چڻنگ’ اخبار جاري ڪيائين. هيءَ اخبار روس جي انقلابي گروپن وسيلي سمگلنگ ٿي پهچندي هئي. 1902ع ۾ لينن ۽ اخبار جو عملو پهرين لنڊن ۽ پوءِ جينوا منتقل ٿي ويو ۽ اهڙي طرح اخبار ڪڍڻ جو ڪم جاري رهيو. ‘اسڪرا’ هڪ پارٽي ترجمان ئي نه بلڪ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم وسيلو ثابت ٿيو لينن جا مضمون به هن اخبار ۾ ڇپجندا رهيا هئا، ان زماني ۾ لينن پارٽيءَ جي زرعي پاليسيءَ تي به ڪم شروع ڪري ڏنو، جيئن اُهو پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس ۾ پيش ڪري سگهجي. سندس ڪتاب (To the Rural poor) ‘ڳوٺاڻا غريب’ ان ڪوشش جي ڪڙي آهي. ان ڪتاب ۾ نه رڳو لينن پنهنجي پارٽي جو عمومي پروگرام پيش ڪيو آهي، بلڪ هُن اها ڳالهه به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڳوٺاڻي غريب طبقي يعني هاريءَ کي مزدورن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کپي. هو لکي ٿو ته:
    “اسين هڪ نئون ۽ بهترين سماجي نظام قائم ڪرڻ گهرون ٿا، جنهن ۾ امير ۽ غريب جو ويڇو نه هئڻ گهرجي. پر هر هڪ کي محنت ڪرڻ کپي۽ گڏيل محنت جو ڦل مُٺ جيترن امير ماڻهن بدران سڀني محنت ڪندڙ ماڻهن ۾ هڪجهڙو ورهائڻ کپي. مشينن ۽ جديد پيداواري اوزارن جو مقصد محنت کي سولو بنائڻ هجي نه ڪي هزارن ۽ لکن ماڻهن جي غربت ۽ پريشانيءَ جي قيمت تي ڪجهه مُٺ جيترا ماڻهو امير ٿي وڃن ۽ مزا ماڻيندا رهن. اهڙو نظام ‘سوشلسٽ’ نظام سڏبو آهي ۽ ان جي تعليم سوشلزم جي نالي سان سڏبي آهي.”
    “نيٺ ڇا ڪجي؟” 1902ع ۾ عوام آڏو آيو، هي ڪتاب مارڪسي پارٽيءَ جي قيام جي حڪمت عمليءَ ۽ ان جي طريقي ڪار تي ٻڌل آهي، هن ڪتاب مان پتو پوي ٿو ته لينن جي ذهن ۾ ٻين ڪميونسٽ انٽرنيشنل پارٽين کان بلڪل مختلف قسم جي پارٽي ٺاهڻ جو منصوبو هو، مزدورن جي هڪ اهڙي پارٽي جيڪا ان طبقي جي اڳواڻي ڪري زار شاهيءَ جي ظلمن ۽ سرمائيداريءَ جو خاتمو ڪري. مزدور طبقي جي اڳواڻيءَ جو فرض اد اڪرڻ لاءِ ان طبقي کي مارڪسزم جي انقلابي فڪر سان هٿيار بند ڪرڻ پارٽيءَ جي لاءِ ضروري هو ته جيئن تحريڪ ۾ سوشلسٽ شعور پيدا ٿي سگهي.
    “انقلابي فڪر کانسواءِ ڪا به انقلابي تحريڪ هلي نه ٿي سگهي.” هُن زور ڏيندي چيو.
    هو پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس جي تيارين ۾ رڌل هو، پارٽيءَ جي تنظيمي عمل جو دستور، ڪانگريس جي تنظيمي رٿا ۽ ان ۾ پيش ٿيندڙ قراردادون، انهن سڀني جي جوڙجڪ ۾ هن ڀرپور حصو ورتو.
    ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪن موقع پرستن ۽ غير مستقل مزاج انقلابين کانسواءِ جن لينن جي پيش ڪيل پروگرام سان اختلاف ڪيو، پر عملي طور تي گهڻائيءَ ان پروگرام سان سهمت ٿي. ان پروگرام جو سڀ کان اهم نڪتو هي هو ته ان ۾ مزدور طبقي جي آمريت جي قيام کي پارٽيءَ جو اصل مقصد بنايو ويو هو. پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ اخبار ‘اسڪرا’ جي ادارتي بورڊ جي چونڊن ۾ لينن جي حامين جي گهڻائي چونڊجي ويئي. روسي زبان ۾ اڪثريت کي “بالشويڪ” سڏبو آهي، تنهن ڪري ان کانپوءِ لينن ۽ سندس هم خيال “بالشويڪ” جي نالي سان مشهور ٿيا. ان جي مقابلي ۾ اقليتي گروهه جو نالو “منشويڪ” مشهور ٿي ويو.
    مختصر، اهو ته پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس هڪ بلڪل نئين شڪل جي انقلابي پارٽيءَ کي جنم ڏنو. لينن جو ڪتاب “هڪ قدم اڳيان، ٻه قدم پويان.” ان صورتحال تي بحث ڪري ٿو، جيڪا منشويڪن جي حڪمت عمليءَ جي ڪري پيدا ٿي هئي.
    ٻي ڪانگريس کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين “بالشويڪن” ۽ “منشويڪن” ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي. منشويڪن جي ڪوشش اِها هئي ته پارٽي هڪ موقعي پرستيءَ واري حڪمت عملي اختيار ڪري، پر لينن جي اڳواڻيءَ ۾ بالشويڪن هنن جي اِها ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. پارٽين جي ڪميٽين کي هدايتون ۽ اڳواڻي سڌو سنئون لينن وٽان ملنديون هيون ۽ هر گهڙي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ نئين حڪمت عملي، عمل جي نئين راهه ۽ نئون طريقو سڀني کي واضح ڪرڻ ۾ لينن جو مشورو شامل هوندو هو. پارٽيءَ جون ڪانگريسون ڪوٺائڻ ۽ انهن جي تيارين ۾ به لينن اڳڀرو رهندو هو.
    1905ع جي ٽين ڪانگريس، 1906ع جي چوٿين ڪانگريس ۽ 1907ع جي پنجين ڪانگريس جون رپورٽون هُن ئي تيار ڪيون، انهن سڀني رپورٽن ۾ لينن پورهيتن جي عظيم پارٽيءَ کي انهن اختلافن کان واقف ڪيو، جيڪي منشويڪن ۽ بالشويڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيا هئا. ان زماني ۾ لکيل مقالي “جمهوري انقلاب ۾ سماجي جمهوريت پسندن جون ٻه راهون” ۾ لينن پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ کي بحث جو موضوع بنائيندي ڪيترن ئي نون مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. مثلاً: هڪ عبوري انقلابي حڪومت جو قيام ۽ سماجي جمهوريت پسندن جو ان سلسلي ۾ رويو. پرولتاريه ۽ هارين جي انقلابي جمهوري آمريت جو قيام، ۽ ان جون ذميواريون، هٿياربند بغاوت جون تياريون، زرعي جاگيرن جي ضبطگي ۽ زمين جو قومي ملڪيت ۾ وٺڻ وغيره. ان دوران روس جي تاريخ ۾ هڪ بيحد اهم واقعو ٿيو، اهو 1905ع جو ناڪام انقلاب هو، ان انقلاب جي باري ۾ لينن ۽ ٻين بالشويڪن جي راءِ هيءَ هئي ته جنوري 1905ع جي انقلابي جدوجهد بورزوا جمهوري انقلاب جي جدوجهد هئي. ان جو مقصد جاگيرداريءَ جي پراڻي ڍانچي کي ختم ڪرڻ، زار شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ جمهوري آزاديون حاصل ڪرڻ هو. تنهنڪري ان جي شروعات ٿيندي ئي هو ان جي اڳواڻيءَ جي لاءِ سينٽ پيٽرزبرگ پهتو. لينن پهريون مارڪسي هو، جنهن سامراجيت جي دور ۾ بورزوا جمهوري انقلاب جي اثرن ۽ سببن جو تجزيو ڪيو ۽ ان جي ممڪن نتيجن جو تعين ڪيو. سندس راءِ هئي ته بورزوا انقلاب جي ڪاميابي پرولتاريه جي حق ۾ وڃي ٿي، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ سوشلزم جي جدوجهد جو اُڀار اُڀري سامهون آيو ۽ سولوٿيندو پيو وڃي، هو ان نتيجي تي پهتو ته پرولتاري طبقو ئي اهو طبقو آهي، جنهن کي انقلاب جي اصل محرڪ قوت ۽ اڳواڻ بنجڻو آهي ۽ هاري جيڪي جاگيردان کان زمين ڦرڻ ۽ زار شاهيءَ جو خاتمو ڪرڻ چاهين ٿا، سي انقلابي عمل ۾ مزدورن جا بهترين ٻانهن ٻيلي بنجي سگهن ٿا. تنهنڪري انقلاب جي اُمڪان جو دارومدارو انهن ٻنهي جي عملي رويي تي آهي. جيستائين روس جي بورزوا طبقي جو تعلق آهي ته هو زار شاهيءَ جي حق ۾ هو ۽ پنهنجي طبقاتي ڪردار سبب انقلابي نه ٿي پي سگهيو. ضرورت اُن ڳالهه جي هئي ته ان طبقي کي عوام کان بلڪل الڳ ٿلڳ ڪري، ان جي اصليت کي بي نقاب ڪيو وڃي. جيستائين 1905ع جي انقلاب جي محرڪ قوت جو تعلق آهي ته لينن جي خيال ۾ ان جي محرڪ عوامي قوت ۽ ان جي جدوجهد جو طريقو پرولتاري هو، ڇو ته ان جي اڳواڻي مزدور طبقو ڪري رهيو هو ۽ هاري ان جو ٻانهن ٻيلي هو، پر ان جي باوجود به انقلاب ناڪام رهيو، البت ان انقلاب جي تجربي ۽ ان جي لاءِ مزدورن جي سورهيائيءَ واري جدوجهد ايندڙ انقلاب ۾ بالشويڪن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪيتريون ئي راهون آسان ڪري ڇڏيون.
    انقلاب جي ناڪاميءَ کان پوءِ لينن کي ٻيهر روس ڇڏڻو پيو، پهرين هو جنيوا آيو ۽ پوءِ پئرس ۾ اچي رهيو، انقلاب جي ناڪامي هن جي عزم ۽ ارادي کي لوڏي نه سگهي، پر هُن ان ناڪاميءَ جي سببن، خامين ۽ کوٽن جو تجزيو ڪيو ۽ ان تجزيي جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ جي تنظيم ڪئي ته جيئن ايندڙ انقلاب جي امڪانن جي جاءِ پيداڪري سگهجي، کيس يقين هو ته اِها شسڪست عارضي آهي، ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي نيٺ عوام سوڀارو ٿيڻو آهي.
    *


    4. چوٿون حصو

    انقلاب جي ناڪاميءَ رجعت پسنديءَ جي هڪ دور کي جنم ڏنو، پر ان دور ۾ لينن تيزي ۽ ثابت قدميءُ سان پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهيو، کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته سماجي جمهوريت پسند ڪارڪنن جي مارڪسي فلسفي کان واقفيت ضروري آهي ۽ وڌيڪ اهو ته انهن سڀني رجعت پسند فلسفن جو جواب ڏيڻ ضروري هو، جيڪي انقلاب جي ناڪاميءَ جي باعث اهميت اختيار ڪندا پي ويا ۽ ان آڙ ۾ مارڪسزم تي حملن جو سلسلو جاري هو. ان سلسلي ۾ لينن (ميٽريلزم ۽ امپروڪريسٽيسزم) جي نالي سان هڪ مقالو لکيو، هي مقالو سندس فيلسوفاڻي لکڻين ۾ ڏاڍي اهميت وارو آهي. جنهن ۾ هن مارڪسي فلسفي جي مخالفن جي ذهني ڏيوالپڻي کي وائکو ڪري ٻڌايو آهي ته فلسفي ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڳوڙهو واسطو آهي ۽ اهو ته مارڪسزم هڪئي وقت هڪ سائنسي نظريو ۽ انقلابي عمل جو اثرائتو هٿيار آهي. فلسفي جي ميدان کان علاوه سياسي سطح تي به لينن کي اُن زماني ۾ هڪ ڀيرو وري منشويڪن جي حملن جو جواب ڏيڻو پيو ته جيئن انقلاب جي ناڪاميءَ کانپوءِ به اندروني طرح انقلابي پارٽيءَ جي مشينري برقرار رهي، پر منشويڪن جو زور هو ته بندش پيل پارٽي ڍانچو قائم رکڻ بدران هڪ اهڙي قانوني سڌار واڌار پارٽي ٺاهي وڃي، جيڪا زار شاهيءَ جي لاءِ قابل قبول هجي. منشويڪن کان علاوه ان زماني ۾ لينن کي ڪٽر کاٻي ڌر وارن سان به منهن ڏيڻو پيو، جيڪي پارٽيءَ جي سرگرمين جي سلسلي ۾ قانوني موقعن مان فائدو وٺڻ جي خلاف هئا. پر لينن جو خيال هو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد جي دوران پارٽيءَ جو رويو لچڪدار هئڻ کپي ۽ قانوني توڙي غير قانوني وسيلن کي ضرورت موجب استعمال ڪرڻ کپي. 1912ع ۾ پراگ ۾ بالشويڪن جي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ هي فيصلو ڪيو ويو ته منشويڪن کي مڪمل طور تي پارٽيءَ مان ڪڍيو وڃي. ان ڪانفرنس پارٽيءَ جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو پارٽيءَ کي ختم ڪرڻ جي هر رٿا جو سختي سان مقابلو ڪن ۽ مزدور طبقي کي آزادي ڏيارڻ جو مقصد سامهون رکندي بندش پيل پارٽي ڍانچي کي جيترو ٿي سگهي اوترو مضبوط ڪن.
    1912ع “پيٽرزبرگ” جي پورهيتن لينن جي حمايت سان هڪ قانوني بالشويڪ اخبار ڪڍي، جنهن جو نالو “پروادا” يعني “سچائي” هو، ان اخبار جي لينن رهنمائي ڪندو رهيو، ۽ ان جي ادارتي بورڊ سان سندس دلچسپ لکپڙهه هلندي رهي، جنهن ۾ نظرياتي ۽ عملي ٻنهي معاملن ۾ سندس هدايتون ۽ تجويزون ادارتي بورڊ کي ملنديون رهنديون هيون ، لينن زور ڀريو ته مزدرون کي اخبار سنئون ڪارخانن ۽ صنعتي ادارن ۾ وڃي وڪڻڻ کپي. هُن چيو ته مزدورن کي اخبار جي ويڙهو طبقاتي ڪردار جو حامل هئڻ گهرجي. تنهنڪري ضروري آهي ته هو انقلاب ۽ مزدورن جي دشمن کي بي باڪيءَ سان بي نقاب ڪن ۽ مصلحت کي پاڻ جي ويجهو به ڀٽڪڻ نه ڏين. تقريباً روزانو ‘پراودا’ جي صفحن تي بالشويڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت سان لينن پورهيتن کي مارڪسي تعليم کان واقف ڪندو ۽ انقلاب جي حڪمت عمليءَ تي روشني وجهندو هو. 1912ع کان 1914ع جي وچ واري عرصي ۾ لينن جا 280 مضمون ان اخبار ۾ ڇپيا، جيڪي مختلف فرضي نالن سان لکيا ويا هئا.
    جون 1912ع ۾ لينن روس جي ويجهي رهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، تنهنڪري هو پئرس مان اچي پولينڊ جي شهر ‘ڪراڪوف’ ۾ رهيو. پهرين مهاڀاري لڙائيءُ جي شروعات تائين هو اتي رهيو. ان عرصي دوران هو سرديون ڪراڪوف ۽ گرميون هڪ ڳوٺ يورونين ۾ گذاريندو هو. جنگ جي شروع ٿيڻ کان پوءِ آسٽريا جي حڪومت کيس زار روس جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي بي بنياد الزام ۾ گرفتار ڪيو، هن جي گرفتاريءَ تي آسٽريا جي راءِ عامه پنهنجي حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو ۽ جاسوسي ءَ جي ڪوڙي الزام جو ڀانڊو ڦاٽي پيو، تنهنڪري ٻن هفتن کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو جنگ ۾ شامل هجي، رهي زار شاهيءَ سامراج جي خلاف جدوجهد ڪرڻ آسان ڪونهي. تنهنڪري هن سوئزرلينڊ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪئي. جتي هو پهرين برلن ۽ پوءِ زيورچ ۾ رهيو ۽ مارچ 1917ع تائين اتي ئي هو. 1914ع جي گرمين ۾ سامراجي جنگ جي شروعات ٿي. جنهن کي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان وقت لينن يورونين ۾ هو، جنگ جي شروعات کان ئي هو اُن جي خلاف هو، جنگ سامراج جي ٻن ڪئمپن جي وچ ۾ منڊين جي ورهاست لاءِ لڙي پي ويئي. جنهن ۾ هڪ طرف جي اڳواڻي جرمني ڪري رهيو هو ته ٻي طرف جي برطانيا، فرانس ۽ زار شاهي روس. ٻنهي طرفن کان اها جنگ خود غرضي ۽ مفاد پرستيءَ تي ٻڌل هئي. ان جو مقصد فقط سامراجي مفادن جي پٺڀرائي هو، هيءَ جنگ غير متوقع هرگز نه هئي ۽ لينن اڳ ۾ ئي ان جي اڳڪٿي ڪري چڪو هو ۽ ان جي خلاف جدوجهد حامي هو. بين الاقوامي سوشلسٽ ڪانگريس ان جنگ بابت پنهنجي سماجي جمهوريت پسندانه حڪمت عملي طئي ڪئي. اولهه يورپ جي سوشلسٽ پارٽين جا اڳواڻ ان جي خلاف جدوجهد جو عزم رکندا هئا ته جيئن جيڪڏهن جنگ ڇڙي وڃي ته هو مزدورن جي اڳواڻيءَ ۾ سرمائيداريءَ جي قلعي تي ڀرپور وار ڪري سگهن. پر جڏهن جنگ ڇڙي ته هنن کلم کلا مزدورطبقي جي مفاد سان غداري ڪئي ۽ فرانس، برطانيا ۽ بيلجيم ۾ هنن حڪومتي عهدا قبول ڪيا ۽ جرمنيءَ ۾ هنن پنهنجا ووٽ جنگ جي فائدي ۾ استعمال ڪيا. هنن پنهنجي ملڪن جي سرمائيدار پرماريت پسند حڪومتن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ عوام کي ان ۾ حصو وٺڻ جون اپيلون ڪرڻ لڳا. هو بنهه بي شرمائيءَ ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان اِهو چوڻ لڳا ته مزدورن جي بين الاقوامي ڀائيچاري ۽ هڪجهڙائيءَ واريون ڳالهيون امن واري زماني جون ڳالهيون آهن ۽ جنگ جي وقت کين طبقاتي جدوجهد کي هڪ پاسي رکي، پنهنجي حڪمران طبقي سان ملي وڃڻ کپي ۽ انهن سوشلسٽن کي سماجي تعصب پسندجو نالو ڏنو ويو، ڇو ته هو فقط زباني سوشلسٽ هئا، پر عمل ۾ تعصب پسند قومپرست هئا، روس ۾ سماجي تعصب پسنديءَ جي اها پاليسي پليخانوف، الڪسنسڪي ۽ ماسلوف وغيره اختيار ڪئي. سوشلسٽن جي هڪ ٻي گروهه ان وقت مرڪزيت پسندن جو روپ اختيار ڪري ورتو. هي عمل ۾ سماجي تعصب پرستن کان ذرو به مختلف نه هئا ۽ انهن جي حمايت ڪندا هئا. روس ۾ ٽراٽسڪي ۽ جرمنيءَ ۾ ڪاٽسڪي ان گروهه جا مُک هئا.ان صورتحال جو نتيجو هي نڪتو جو “ٻي سوشلسٽ انٽرنيشنل” جا اڳواڻ ٻن مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويا ۽ پورهيتن کي جنگ جي خلاف جدوجهد جي لاءِ اُڀارڻ بدران خود سرمائيدارن جي جنگ ۾ پنهنجن پنهنجن سامراجي ملڪن جا ٻانهن ٻيلي بنجي بيٺا.
    ان ڏکي تاريخي دور ۾ لينن ۽ سندس بالشويڪ پارٽيءَ، پرولتاري بين الاقواميت جو جهنڊو اوچو ڪيو بيٺي رهي ۽ سڄي دنيا ۾ لينن جي للڪار گونجڻ لڳي ته: “جنگ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪريو.” لينن چيو ته مزدورن کي کپي ته هو هڪٻئي تي گوليون هلائڻ بدران پنهنجي بندوق جو رخ پنهنجي رجعت پسند حڪومت طرف موڙين. اِها انقلاب جي لاءِ واضع صدا هئي. ان زماني ۾ قوميتن جو مسئلو ڏاڍي اهميت اختيار ڪري ويو هو. جنگ جي دوران استعماري قوتن قومي اختلاف کي ڏاڍي هوا ڏني ۽ هڪ قوم کي ٻي قوم جي خلاف ڀڙڪائي پنهنجو مطلب پورو ڪندي رهي ۽ ائين مزدور طبقي ۾ ڦوٽ وجهڻ جون سازشون تيار ٿي رهيون هُيون. ان وقت لينن بالشويڪن کي هدايت ڪئي ته هو پورهيتن جي بين الاقوامي اتحاد کي برقرار رکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن. ڇو ته اهڙيطرح انهن جي طاقت اثرائتي رهي سگهي ٿي. خاص ڪري روس جهڙي ملڪ ۾، جتي بيشمار قوميتن جا ماڻهو رهن ٿا، اتي مزدور طبقي جو اتحاد ڏاڍو اهم هو. ‘قومي مسئلي تي تنقيدي نظر’ ۽ ‘قومن جي حق خودااختياري’ لينن جا اِهي ٻئي مقالا ان زماني ۾ ڇپيا، جن ۾ لينن بالشويڪ پارٽيءَ جو قومي مسئلي تي پروگرام ۽ ان جي مارڪسي نبيري کي پيش ڪيو، ان پروگرام جي بنيادي نقطن ۾ سڀني قوميتن جي برابريءَ جي حق کي تسليم ڪرڻ، قومن جي حق خود اختياري يعني علحدگيءَ جي حق جي مڪمل ضمانت ڏيڻ ۽ هڪ گڏيل پرولتاري تنظيم ۾ سڀني قوميتن جي پورهيتن کي متحد ڪرڻ شامل هو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، لينن سرمائيداريءَ جي جديد رجحانن تي هڪ مقالو لکيو. لينن اهو پهريون مارڪسي هو، جنهن سرمائيداريءَ جي نئين دور يعني اجارادار سرمائيداريءَ جي سامراجي دور تي روشني وڌي. ‘سامراج سرمائيداريءَ جي انتهائي شڪل’ نالي اُن مقالي ۾ لينن ٻڌايو ته ويهين صديءَ جي شروعات کان سرمائيداري هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اِهو دور سامراجيت جو دور آهي. ان مقالي ۾ پرولتاري انقلاب جي ڪاميابيءَ جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو آهي، هيستائين هي چيو ويندو هو ته هڪ ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب جي ڪاميابي ممڪن ڪونهي. بلڪه هنن جي خيال ۾ ته سوشلسٽ انقلاب هڪئي وقت ڪيترن ترقي يافته سرمائيدار ملڪن ۾ اچي سگهي ٿو. پر لينن سماجي ارتقا جي نون انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ اِها ڳالهه ثابت ڪئي ته سامراجيت جي دور ۾ سوشلسٽ انقلاب هڪ يا ڪجهه سرمائيدار ملڪن ۾ به اچي سگهي ٿو. سوشلسٽ انقلاب جي مارڪسي نظرييءَ جو اهو هڪ نئون پهلو هو، جنهن مان مزدور طبقي کي پتو پيو ته سامراجي جنگ جي دوران به هو انقلاب جي رستي تي هلي، سامراجي ظلمن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. جڏهن فيبروري1917ع ۾ روس ۾ بورزوا جمهوري انقلاب آيو ته ان وقت لينن سوئٽزرلينڊ ۾ هو، جيئن ئي کيس ان انقلاب جي خبر پهتي ته هُنَ روس جي بالشويڪن کي هڪ تار رواني ڪئي ۽ ‘پري کان هڪ خط’ لکيو جنهن ۾ هن پيدا ٿيندڙ مامرن جي باري ۾ پارٽيءَ جي رهنمائي ڪئي. جڏهن ته برطانوي ۽ فرانسيسي سامراج ٻين پارٽين جي جلاوطنن کي واپس روس وڃڻ جا موقعا فراهم ڪري رهيون هُيون، پر هنن لينن کي واپس روس وڃڻ نه ڏنو، ڇو ته هو انقلابي عوام تي لينن ۽ سندس ساٿين جي اثر کان خائف هئا.
    پر لينن جي دل ۽ جان پنهنجي وطن ۾ هُيون، هن فيصلي جي ان گهڙيءَ ۾ هر حالت ۾ پنهنجي وطن کان پري رهڻ نه ٿي چاهيو، تنهنڪري هو سوئٽزرلينڊ جي سماجي جمهوريت پسندن جي مدد سان پنهنجي ساٿين جي هڪ ننڍي جٿي سان گڏ جرمنيءَ کان ٿيندو ڳجهي نموني روس پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.


    5. پنجون حصو

    ڏهن سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ 3 اپريل 1917ع تي لينن جڏهن پيٽروگراڊ ۾ داخل ٿيو ته انقلاب جي جذبي سان سرشار روس جي مزدورن ۽ فاتح عوام پنهنجي اڳواڻ جو زبردست آڌرڀاءُ ڪيو. پيٽروگراڊ پهچندي ئي هن روس جي نئين صورتحال جي باري ۾ پنهنجو مشهور ‘اپريل جو نظريو’ (April thesis) پيش ڪيو. ان لکڻيءَ انهن تاريخ ساز گهڙين ۾ پارٽيءَ کي صحيح رستي تي هلڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ان دستاويز ۾ لينن فيبروريءَ جي بورزوا جمهوري انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سياسي اقتدار کي بورزوا طبقي جي هٿن مان پورهيت طبقي جي هٿن ۾ منتقل ڪرڻ جو هڪ قابل عمل پروگرام پيش ڪيو. ان زماني ۾ لينن جي ذمي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي رهنمائي، پراواد جي ادارتي بورڊ جي رهنمائي ۽ پيٽروگراڊ جي بالشويڪن جي رهنمائيءَ جو فرض سونپيو ويو. پيٽروگراڊ ۾ ئي لينن پيٽروگراڊ شهر ۽ سڄي روس جي سماجي جمهوريت پسند ليبر پارٽيءَ جون ڪانفرنسون ڪوٺايون، ۽ مزدورن، سپاهين ۽ ملاحن جي عظيم جلوسن کي به خطاب ڪيو. جڏهن روس جي هارين جي نمائندن زرعي جاگيرن تي فوري قبضي ڪرڻ جو پروگرام پيش ڪيو. هُن مزدورن ۽ غريب هارين جي آزاد ۽ خودمختيار تنظيم جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ مختلف تقريرن ۾ هٺ عبوري حڪومت جي انقلاب دشمن پاليسين کي به وائکو ڪيو، عبوري حڪومت اها حڪومت هئي، جيڪا انقلاب جي ڏينهن ۾ قائم ڪئي ويئي هئي. هُن منشويڪن ۽ سوشلسٽ انقلاب پرستن جي ان ٻٽي ڪردار تان به پردو لاٿو، جنهن جو مظاهرو حڪومت سان سمجهوتي بازيءَ جي ذريعي ڪري رهيا هئا. لينن کليل لفظن ۾ هي ٻُڌايو ته هارين ۽ مزدورن جي سوويتن جي هٿن ۾ ئي اقتدار جي منتقلي روس کي ان بحران مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي، جنهن ۾ بورزوا طبقي جي طويل بالادستيءَ ملڪ کي ڦاسائيءَ ڇڏيو هو.لينن جا اهي خيال هوريان هوريان هارين، مزدورن، ۽ سپاهين کي متاثر ڪرڻ لڳا. ۽ سندس گهڻائي بالشويڪن جي حامي بنجندي ويئي ۽ انهن طرفان لينن کي بي شمار خط ملڻ لڳا، جن ۾ هن جي فڪر سان اتفاق جو اظهار هوندو هو ۽ هن جي پاران جنگ ۾ شرڪت جو عزم ظاهر ڪيل هوندو هو.
    عبوري بورزوا حڪومت لينن ۽ بالشويڪن جي باري ۾ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ من گهڙت افواهن پکيڙڻ جي هڪ مهم هلائي ايتري قدر جولاءِ ۾ هن جي گرفتاريءَ جا احڪام به جاري ڪري ڇڏيا ۽ هن جي جان وٺڻ جون به سازشون ڪرڻ لڳي. پر روس جي بهادر انقلابي عوام پنهنجي عظيم اڳواڻ جي زندگيءَ جو تحفظ ڪيو، مرڪزي ڪميٽيءَ جي فيصلي تحت لينن زير زمين هليو ويو ۽ رازلف ڍنڍجي ڪناري هڪ جهوپڙيءَ ۾ روپ بدلائي رهڻ لڳو. ان هنڌ رهي لينن پنهنجو ڪتاب ‘رياست ۽ انقلاب’ لکي پورو ڪيو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان هنڌ رهڻ به خطري کان خالي نه رهيو ۽ لينن باهه وسائيندڙ جو ويس بدلائي فن لينڊ هليو ويو. فن لينڊ ۾ هڪ ڳجهي هنڌ تان هُن پارٽيءَ جي ڇهين ڪانگريس جي قيادت ڪئي. جيڪا جولائي ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي. ڪانگريس لينن جي خلاف حڪومتي ڪارروائين جي مذمت ڪئي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي احڪامن کي نظرانداز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪانگريس عوام کي هدايت ڪئي ته هو انقلاب دشمن بورزوا ۽ جاگيردارن جي اقتدار جو هٿياربند جدوجهد جي ذريعي خاتمو ڪن. ڇو ته هاڻي پورهيتن جي لاءِ پر امن طريقي سان اقتدار تي قبضو ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. 1917ع جي خزان ۾ انقلابي بحران مڪمل ٿي چڪو هو ۽ وقت اچي ويو هو ته پرولتاري طبقو انقلاب برپا ڪري، ان وقت انقلاب جي قيادت ڪرڻ لاءِ لينن غير قانوني طور تي پيٽرو گراڊ موٽي آيو، آڪٽومبر جي ڏهين ۽ سورهين تاريخن تي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ هٿياربند جدوجهد جي امڪانن تي غور ڪيو ۽ لينن جي تجويز مطابق هٿياربند جدوجهد جي تاريخ ساز قرارداد منظور ڪئي. ان قرارداد جي فقط ڪمينف ۽ زنووي اف مخالفت ڪئي ۽ ٽراٽسڪيءَ جدوجهد جي حق ۾ ڪا به ڳالهه نه ڪئي، پر هن زور ڏنو ته هٿياربند جدوجهد کي سوويتن جي ٻي ڪانگريس تائين ملتوي ڪيو وڃي. پر پارٽيءَ لينن جي تجويز کي پسند ڪيو، ڏهين آڪٽومبر تي پولٽ بيوروجي چونڊ ڪيائين ۽ 16آڪٽومبر تي جدوجهد جي رهنمائيءَ لاءِ انقلابي فوجي مرڪز جي به چونڊ ڪيائين. لينن زور ڀريو ته سوويتن جي ٻي ڪانگريس کان پهرين هٿياربند جدوجهد جي شروعات ڪئي وڃي. تنهنڪري 24 آڪٽومبر تي ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ان جدوجهد جي شروعات ٿي ۽ 25 آڪٽومبر تي يا جديد ڪئلينڊر مطابق 7نومبر تي روس جو عظيم اشتراڪي انقلاب برپا ٿي چڪو هو. جنهن سڄي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي، ان ڏينهن انسانيت جو قافلو هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو، انسان جو انسان تي غلبي جي خاتمي جي دور جي شروعات ٿي ۽ پورهيت طبقي جي هٿن ۾ اقتدار جي منتقليءَ جو ڪم پورو ٿيو. ان عمل جي رهنمائيءَ ولادي مير اوليانوف ڪئي، جيڪو روس جو عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ پورهيتن جو استاد عظيم لينن بنجي چڪو هو.
    *


    6. ڇهون حصو

    25 آڪٽومبر يا 7 نومبر جي رات جو سوويتن جي ٻي ڪانگريس شروع ٿي. سڄي ملڪ مان ساڍا ڇهه سئو ڊيليگيٽ (Delegates) شريڪ ٿيا، جن ۾ چار سو بالشويڪ به شامل هئا. ان ۾ ڪانگريس اهو تاريخي اعلان ڪيو ته هاڻي اقتدار سوويتن جي هٿن ۾ منتقل ٿي چڪو آهي. ڪانگريس جي مندوبين لينن جو پرجوش آڌرڀاءُ ڪيو ۽ 26آڪٽومبر تي جڏهن هن ڪانگريس کي خطاب ڪيو ته ان جو نقشو هڪ مندوب ‘اي اي اندري’ هيئن ڇڪيو آهي. ‘لينن جڏهن اسٽيج تي آيو ته سڄو ميڙ اُٿي بيٺو ۽ جوش ۾ اچي لينن زنده آباد جا نعرا هڻڻ لڳو ۽ هنن ائين ئي بيٺي بيٺي لينن جي امن واري تجويز ٻُڌي جنهن ۾ هن جنگ ۾ شامل ملڪن ۽ عوام جي نالي پيغام موڪلڻ جي رٿ ڏني ته هو هڪدم جنگ بند ڪن ۽ پائيدار امن قائم ڪن.’ لينن جي تجويز موجب ڪانگريس امن جو منشور ڪيو، جنهن مان سوويت حڪومت جي امن پسند پرڏيهي پاليسيءَ جو اظهار ٿيو ٿي، هي منشور ان وقت جي بورزوا حڪومتن ۽ بورزوا طاقتن جي پاليسين جي ابتڙ جنگ بازيءَ جي خلاف انساني ضمير جو سڀ کان اثرائتو رد عمل هو. ان منشور ۾ پورهيتن جي نمائندن جنگ کي انسانيت جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ قرار ڏنو. ان کانپوءِ لينن زمين جي ملڪيت جي مسئلي تي هڪ رپورٽ پڙهي ۽ ان سان گڏ هڪ قانون جو مسودو پيش ڪيو، ان قانون جي آڌار تي زمين جي ملڪيت جو هميشه لاءِ خاتمو ڪيو ويو ۽ زمين هارين جي حوالي ڪئي ويئي. اهڙي طرح پندرهن ڪروڙ هيڪٽر زمين هارين کي ملي ۽ هارين جو صدين جو پراڻو خواب پورو ٿيو.
    ان قانون موجب نجي ملڪيت جي جاءِ تي جمهوري ملڪيت يا رياستي ملڪيت جو تصور رائج ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ زراعت جو اهو قانون جو مسودو تاڙين جي گونج ۾ منظور ٿيو. سوويتن جي ان ٻي ڪانگريس ۾ مزدورن ۽ سپاهين جي نمائندن جي مرڪزي ڪميٽي چونڊي ويئي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪئي ويئي. حڪومت جو نالو ‘عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل’ هو ۽ لينن کي ان جو پهريون چيئرمن چونڊيو ويو. عوام، بالشويڪ پارٽيءَ تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو هو، سوويتن جي ڪانگريس جي نمائندن لينن جي اڳواڻيءَ ۾ دنيا جي پهرين مزدورن ۽ هارين جي حڪومت قائم ڪئي. ان سڄي عمل جي دوران لينن هڪ عظيم مارڪسي مفڪر، ڪامياب سياستدان، عظيم اڳواڻ ۽ انقلاب جي فن جي ماهر طور نمايان ٿيو. جيئن ئي بالشويڪ پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هُن عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ شروع ڪيا. کين زمين ۽ آزادي ٻئي مليون، پر اڃان ته ڪم جي شروعات هئي، اڃان ته پورهيت طبقي جي قوت کي گڏ ڪرڻو هو، کيس جوابي انقلاب کان محفوظ ڪرڻو هو ۽ لينن ان پهلوءَ تي هڪدم ڌيان ڏنو. مزدورن ۽ هارين نئين سماج جي اڏاوت هڪ ڏکي صورتحال ۾ شروع ڪئي، انقلاب هڪ ملڪ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو ۽ هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو وڌيڪ پٺتي پيل هو ۽ جنهن جي آباديءَ جي گهڻائي هارين تي مشتمل هئي. سرحدن تي جنگ جا ڪڪر ڇانيل هئا، هڪ تباهه ڪندڙ جنگ جيڪا قومي معيشيت کي اڏوهيءَ جيان کائي رهي هئي، ملڪ ۾ ڪيترائي انقلاب دشمن، سازشن، بغاوتن ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪارروائين ۾ رڌل هئا. ان کانسواءِ بالشويڪن جي صفن ۾ به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي هر سُٺي شيءَ جي مخالفت ڪري رهيا هئا، تنهنڪري دشمن جي سرگرمين کي ڪچلڻ، شهرين کي غذائي شيون مهيا ڪرڻ، بند ڪارخانن کي چالو ڪرڻ ۽ نئين رياست کي باقاعده منظم ڪرڻ اهم ڪم هئا. لينن هارين، مزدورن ۽ ٻين انقلاب دوست طبقن جي ماڻهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو ته اقتدار فقط ڪجهه اعليٰ گهراڻن جي شخصن جي ملڪيت نه رهيو. هڪ ڀيري هڪ ڪارخاني جي مزدورن جي وفد لينن کي شڪايت ڏني ته هو نئين ڪارخاني ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن، کين واپس سندن پراڻي ڪارخاني ۾ موڪليو وڃي. ‘مان به ڪڏهن ڪنهن رياست جو سربراهه نه رهيو آهيان، پر اها ذميواري مونکي عوام سونپي آهي، جنهن کي نڀائڻ جو آئون پختو ارادو رکان ٿو، مان اميد ٿو ڪريان ته اوهين به ائين ئي ڪندا.’ لينن مزدورن کي جواب ڏنو، نومبر 1917ع ۾ لينن ‘ملڪ جي آباديءَ جي نالي اپيل’ ۾ چيو: ‘ڀائرو’ اوهين سويتن جي چوڌاري متحد ٿي وڃو، سوشلزم فقط مٿان قانون ٺاهڻ سان نه ٿو اچي. هو بار بار زور ڏيئي چوندو هو ته سوشلزم جي اڏاوت عوام جي تخليقي صلاحيتن جي اظهار سان ٿيندي. انقلابي حڪومت جو مرڪز پيٽروگراڊ ۾ ‘سمولني’ واري هنڌ تي هو، اها جاءِ رات ڏينهن عمل ۾ رڌل رهندي هئي، چوڌاري هدايتون موڪليون وينديون هيون ۽ ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان ماڻهو ايندا رهندا هئا. ان سڄي ڪم ڪار جو مرڪز لينن جي ذات هئي. هو مزدورن، ملاحن، سپاهين ۽ هارين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن مان ماڻهو پنهنجي حڪومت جي سربراهه سان ملڻ ايندا هئا، صلاحون مشورا ڪندا، ڏک سک اوريندا ۽ انهن جو ازالو ڪندا هئا. لينن هر ڪنهن سان ملندو هو، هر ڪنهن جي مسئلن جو نبيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، هر ڪنهن کي صلاحون مشورا ڏيندو هو ۽ ان عمل ۾ پاڻ پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي ۾ واڌارو ڪندو هو.
    انقلاب کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ زبردست سياسي ۽ اقتصادي تبديليون رونما ٿيون، لينن جي قانون جو مسودو جنهنجي آڌار تي پيداوار تي مزدور طبقي جو ڪنٽرول ٿيو، اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪو هو، ڪارخانن ۽ آفيسن جا چونڊيل نمائندا پنهنجن ادارن جا انتظام سنڀالي چڪا هئا ۽ سندن ذميواري هڪ طرف پيداوار کي جاري رکڻ ۽ ٻي طرف پيداواري عمل ۾ پوندڙ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ هو، اهو پيداوار تي پورهيتن جي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جو پهريون قدم هو. فوجن جي بارڪن ۾ واپسي، آباديءَ جي سماجي طبقن ۾ ورهاست جي خاتمي جا قانون جڙندا ويا، ريلوي، جهاز راني، بئنڪ ۽ سمورو پرڏيهي واپار رياست جي هٿ ۾ آيا ۽ عوام جي ملڪيت بنجي بئنڪ ۽ سمورو پرڏيهي واپار رياست جي هٿ ۾ آيا ۽ عوام جي ملڪيت بنجي ويا. جلد ئي ڪارخانا به قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا. سوويت رياست جا سڀئي ادارا ۽ عوامي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون. اڳتي هلي لينن اعليٰ اقتصادي ڪونسل جي قيام جو خاڪو جوڙيو، جيڪا قومي معيشيت جي رٿا بندي ۽ انتظام جو پهريون پرولتاري ادارو هو. ان کان علاوه ‘قوميت جون عوامي ڪميٽيون’ ۽ انقلاب دشمن جي مقابلي جو غير معمولي ڪميشن به قائم ٿيو. لينن پرماريت جو شڪار ٿيل مظلوم قوميتن جي آزاديءَ جو اعلان نامون تيار ڪيو جنهن روس جي سڀني قوميتن کي هڪجهڙا حق عطا ڪيا ۽ اهو ئي اعلان روس جي آئين جو بنياد بنيو ۽ سڀني قومن کي جدا ٿيڻ جي حد تائين حق خود اختياري ملي ويئي. ان اعلان نامي روس جي گهڻ قومي رياست جي سڀني قومن ۾ آزادي ۽ برابريءَ جي بنياد تي ڀائيچارو قائم ڪيو. پارٽيءَ جي انهن قدمن سان پورهيت عوام تي ڏاڍو سُٺو اثر ٿيندو رهيو ۽ وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ عوام سويت اقتدار جي حمايت ڪرڻ لڳو.
    *


    7. ستون حصو

    پر ملڪ جي صورتحال اڃا گهڻي سڌاري جوڳي هئي ۽ سڀ کان وڌيڪ سرحدن تي باهه ۽ رت جا بادل جنگ جي صورت ۾ وسي رهيا هئا. جنگ ۾ ٿڪل سپاهي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ لاءِ آتا هئا. سويت حڪومت جي بار بار اپيلن جي باوجود به برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا، جرمنيءَ سان پُرامن طور تي جنگ بنديءَ لاءِ تيار نه هئا. ۽ لينن جي لاءِ آخري واٽ اها هئي ته جرمنيءَ سان جنگ بنديءَ جو معاهدو ڪري سويت حڪومت کي سامراجي جنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. جرمن سامراجي امن جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ته تيار هئا، پر ان جي معاوضي ۾ هنن سويت رياست جي هڪ وڏي حصي تي قابض رهڻ ٿي چاهيو، هاڻي سوال هي هو ته ڇا صلح جا ذلت وارا شرط قبول ڪجن يا جنگ جاري رکجي. لينن امن جو حامي هو، سندس چوڻ هو ته ملڪ جنگ جي ڪري تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ساهه کڻڻ جي ڳولا ۾ آهي. وڌيڪ اهو ته سويت رياست جيڪا دنيا ۾ پورهيتن جي پهرين رياست هئي، تنهن کي بچائڻ لاءِ قربانيءَ جي ضرورت هئي. ان لاءِ جنگ جو خاتمو ضروري هو ته جيئن امن جي دوران پوءِ ڀلي اِهو عرصو ڪيترو به مختصر ڇو نه هجي، سويت رياست جي طاقت کي وڌايو وڃي ۽ پرولتاري انقلاب جي فائدن کي ضايع ٿيڻ نه ڏجي. ان لاءِ سامراجي جنگ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هارين ۽ مزدورن کي پنهنجي رياست جي اڏاوت جو موقعو ڏيڻ وقت جي بنيادي ضرورت هئي. وڌيڪ اهو ته حقيقي معنيٰ ۾ عوامي فوج جو قيام عمل ۾ آڻڻ لاءِ، جيڪا مادر وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهي ۽ انقلاب جو به بچاءُ ڪري سگهي. ان لاءِ جنگ بنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. ان وقت ‘سوشلسٽ انقلابي’، منشويڪ، ٽراٽسڪي ۽ کاٻي ڌر جا نالي ماتر ڪميونسٽ ۽ ڪجهه بالشويڪ به جنگ جي حمايت ڪري رهيا هئا. هنن چاهيو ٿي ته جرمنيءَ جي خلاف انقلابي جنگ ڇيڙي وڃي جيتوڻيڪ عوام ۾ اهڙي جنگ جي طاقت نه هئي. اِهو ڏاڍو پريشان ڪندڙ وقت هو، لينن جي لاءِ ڏاڍيون مشڪلاتون هيون، کاٻي ڌر جي لفاظيءَ کي وائکو ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو، تنهنڪري لينن، ٽراٽسڪي ۽ کاٻي ڌر جي ٻين ماڻهن کي مدلل جواب ڏنا، هُن ٻڌايو ته اهي ماڻهو احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ۽ انقلاب جي نالي تي جوا کيڏي رهيا آهن، بين الاقوامي انقلاب جي نالي تي سويت انقلاب کي قربان ڪرڻ ٿا چاهين. لينن زور ڀريو ته سويت رياست کي برقرار ۽ محفوظ رکڻ هن وقت بين الاقوامي انقلاب جي سڀ کان وڏي خدمت آهي ۽ اهڙي طرح سڄي دنيا جي قومي آزاديءَ جي جنگين جي مدد ٿي سگهي ٿي. پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ امن جي مسئلي تي ڊگها بحث مباحثا ڪيا، شروع ۾ ته جنگ جاري رکندڙن جو پاسو ڳرو هو. مرڪزي ڪميٽيءَ لينن جون پيش ڪيل امن جون تجويزون منظور نه ڪيون. ٽراٽسڪيءَ، جيڪو جرمنيءَ سان ڳالهيون ڪندڙ وفد جو سربراهه هو، تنهن پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ، سوويت حڪومت ۽ لينن جي هدايتن تي عمل نه ڪيو. هُن جرمنيءَ جي پيش ڪيل شرطن تي صلح نامي تي صحيحون ڪرڻ کان نابري واري، جنهن جي نتيجي ۾ امن جون ڳالهيون ٻولهيون ختم ٿي ويون. فيبروري 1918ع ۾ جرمن فوج نئين سويت رياستن جي خلاف جارحيت جي شروعات ڪئي ته جيئن روس کي هڪ سامراجي بيٺڪ بنائي سگهجي. اِها صورتحال ملڪ جي لاءِ ڏاڍي ڪا خطرناڪ هئي، لينن ۽ سندس پارٽيءَ کي ملڪ جي دفاع کي منظم ڪرڻ لاءِ بي پناهه ڪم ڪرڻو پيو. 21 فيبروري تي، لينن حڪومت پاران عوام کي هڪ وڏي ۽ سنجيده اپيل ڪئي. “اڄ اشتراڪي مادر وطن کي خطرو آهي.” هُنَ چيو، اها روس جي هارين ۽ مزدورن جي ذميداري آهي ته هو سويت جمهوريه کي بورزوا سامراجي جرمنيءَ کان محفوظ ڪن. لينن زور ڀريو ته عوام جون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ملڪ جي بچاءُ جي لاءِ ڪتب آندا وڃن. هُنَ جي سڏ تي سڄي ملڪ سڏ ڏنو، هارين، مزدورن ۽ سپاهين جي جلسن ۾ ان جي تائيد ڪئي وئي، وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ عوام پنهنجي مادر وطن جي بچاءُ لاءِ جنگ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ لکن جي تعداد ۾ پورهيتن جا پُٽَ حڪومت ۽ پارٽيءَ کي پنهنجون خدمتون رضاڪارانه طور تي پيش ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. اُنهن ڏينهن جي ياد اڄ به هر سال 23 فيبروريءَ تي روس ۾ ‘هٿياربند فوجن جو ڏينهن’ جي شڪل ۾ ملهائي ويندي آهي. ان کانپوءِ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ امن جي مسئلي تي پارٽيءَ جي ڪانگريس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان دور ۾ لينن ‘پراو دا’ ۾ مضمونن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ امن جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنل هوندو هو. 6 مارچ 1918ع تي پيٽروگراڊ ۾ پارٽيءَ جي ستين ڪانگريس شروع ٿي جيڪا آڪٽومبر جي عظيم سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ پهرين پارٽي ڪانگريس هئي. جنهن ۾ لينن پنهنجي خطاب ۾ امن جي ضرورت جي حق ۾ ڪيترائي دليل پيش ڪيا. ڪانگريس اڪثريت سان لينن جي پاليسين جي توثيق ڪئي ۽ ائين “برسٽ امن جي معاهدي” لاءِ راهه هموار ٿي. ڪانگريس، پارٽي ۽ عوام کي ملڪ جي بچاءُ کي مضبوط بنائڻ ۽ چوڪس رهڻ جي اپيل ڪئي، ڇو ته سامراجين جي ٻيهر حملي جو خطرو اڃا ختم نه ٿيو هو ۽ اِهو ضروري هو ته حملي جي صورت ۾ هڪدم لکن جي تعداد ۾ ماڻهو منظم نموني ملڪ جي بچاءُ لاءِ نڪري اچن، ڪانگريس سڄي دنيا ۾ پرولتاري انقلاب تي پنهنجي ڀروسي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جو پڪو پهه ڪيو ته جمهوريه سويت جو عوام پورهيتن جي هر انقلابي جدوجهد جي حمايت ڪندو. ڪانگريس هڪ قرارداد ذريعي پارٽيءَ جو نالو بالشويڪ بدران “ڪميونسٽ پارٽي” رکيو ته اِهو نالو پارٽي پروگرام جو مڪمل نموني اظهار ڪري ٿو.
    *


    8. اٺون حصو

    جنگ مان ڇوٽڪارو، پورهيتن ۽ هارين جي لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو، ان موقعي مان کين پنهنجي طاقت کي گڏ ڪرڻ، انقلاب کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو مليو، ۽ ان ڪم ۾ لينن سڀ کان وڌيڪ داد جو حقدار هو، جو هن جي بالغ نظري، فولادي عزم ۽ بااصول سياست سوڀاري ٿي، ‘برسٽ جو امن وارو ٺاهه’ سندس ان حڪمت عمليءَ جي قابل عمل هئڻ جو ثبوت هو. 11مارچ 1918ع تي حڪومت جو مرڪز پيٽروگراڊ کان کڻي ماسڪو آندو ويو. عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي آفيس ڪريملن ۾ قائم ڪئي ويئي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين ماسڪو روس جي گاڌي جو هنڌ آهي. سويتن جي چوٿين غير معمولي ڪُل روس ڪانگريس جيڪا 14 مارچ 1918ع تي ماسڪو ۾ سڏائي ويئي، تنهن ۾ لينن جي امن واري قرارداد جي توثيق ڪئي ويئي. هاڻي لينن ۽ سندس ساٿين کي امن جي زماني مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ جو موقعو مليو. هنن جي اڳيان سويت اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۽ سوشلسٽ سماج جي اڏاوت جو ڪم هو ۽ اهو ڪو سولو ڪم نه هو. سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ هڪ نئون رياستي ڍانچو قائم ڪرڻ ضروري هو. معيشيت کي جاري رکڻو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ رياست کي هلائڻ جو ڪم سکڻو هو. مزدور، هاري ۽ ٻيا پورهيت طبقا سڀني وسيلن جا مالڪ بنجي چڪا هئا، پر کين اِها ڳالهه سيکارڻي هئي ته عوام جي ملڪيت کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان ۾ واڌارو ڪرڻ بنهه ضروري آهي. عوام کي سوشلزم جو درس ڏيڻ به ضروري هو، ته جيئن هو نين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جا اهل بنجي وڃن. 21اپريل 1918ع تي لينن ڪل روس مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سويت حڪومت جي فوري ذميوارين تي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته، ‘اصل ڪم سماج جي سوشلسٽ اڏاوت آهي’ ۽ اهو ڪم سولو ڪونهي، ڇو ته ان جو مطلب ڪروڙين ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بنيادي تبديلي پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا گذريل سڀني تبديلين کان وڌيڪ همه گير هجي. اهو ڪم ان لاءِ به اهم آهي ته جيستائين ان جي شروعاتي خاڪي تي عمل شروع نه ٿو ٿئي، تيستائين روس کي هڪ سوشلسٽ رياست چئي نه ٿو سگهجي. هو اڪثر چوندو هو ته “مزدورن ۽ هارين ۾ تنظيمي صلاحيتن جي حامل ماڻهن جو هڪ خزانو آهي.” ڪم فقط ان خزاني کي صحيح نموني استعمال ۾ آڻڻ جو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجي صلاحيتن جو خود ڌاڪو ڄمائي ڇڏيندا. سو شلزم جي اڏاوت عوام خود ڪندو ۽ اهڙي طرح ڪروڙين عوام تاريخ سازي ۾ پنهنجو حصو ادا ڪندو ۽ پنهنجي ڳجهين صلاحيتن جو بهترين مظاهرو ڪندو. لينن پيداوار جو حساب ۽ تنظيم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن مزدورن کي تعليم ڏني ته هو پنهنجي تخليقي قوت وڌائين، وڏيون وڏيون صنعتون قائم ڪن، عوام جو تعليمي ۽ تهذيبي معيار بُلند ڪن ۽ ضابطي ۾ واڌارو ڪن. هُن ٻڌايو ته محنت جي تخليقي صلاحيت وڌائڻ سولو ڪم ڪونهي، ان لاءِ ڪافي وقت ۽ محنت جي ضرورت آهي. لينن جون اهي هدايتون سوشلزم جي تعمير ۾ ڏاڍيون مفيد ثابت ٿيون. سوشلسٽ اڏاوت جي رٿا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڏاڍي گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پئي. 1918ع جي گرمين جي موسم ۾ غذائي کوٽ پيدا ٿي وئي. امير هارين ۽ ننڍن زميندارن اناج جي ذخيري اندوزي ڪرڻ شروع ڪئي، ائين پي لڳو ڄڻ انقلاب کي بُکن جي ذريعي شڪست ڏني پئي وڃي. انهن حالتن ۾ لينن نئون نعرو ڏنو، ‘مانيءَ جي لاءِ جدوجهد سوشلزم جي لاءِ جدوجهد آهي.’ پارٽي ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجا ڪارڪن موڪليا، هزارن جي تعداد ۾ پارٽي ڪارڪن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان پيٽروگراڊ جا ڪارڪن هئا. غذائي پيداوار جي دستن جي شڪل ۾ ٻهراڙيءَ ۾ پکڙجي ويا ۽ جون جي مهيني ۾ غريب هارين جي ڪميٽي جوڙي ويئي، جيڪا اڳيان هلي، خوشحال آبادگارن جي خلاف جدوجهد ۾ مُهڙ واري دستي جو ڪم سرانجام ڏيڻ واري هئي. ان ڪميٽيءَ جي ڪري ئي وچولن هارين جون پارٽيءَ کي همدرديون حاصل ٿيون. جولاءِ 1918ع ۾ سويتن جي پنجين ڪانگريس جمهوريه روس جي آئين جي جوڙجڪ ڪئي. جنهن ۾ انقلاب جي ڪاميابين کي قانوني شڪل ڏني وئي.
    امن ۽ تعمير جو اِهو دور بنهه مختصر ثابت ٿيو. هارين ۽ مزدورن جو لڳايل انقلاب جو اِهو ٻوٽو سڄي دنيا جي رجعت پسند حلقن جي لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويو. ان ‘باهه’ کي وسائڻ لاءِ برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا جا سرمائيدار انهن اربين روبلن (روس جو سڪو-مترجم) جي واپسيءَ لاءِ به فڪر مند هئا، جيڪي هنن زار جي حڪومت کي قرض طور ڏنا هئا ۽ هنن پنهنجن انهن فائدن کان به محروم رهڻ نه ٿي چاهيو، جيڪي هو انقلاب کان اڳ روس جي عوام جي ڦرلٽ ڪري ڪمائي رهيا هئا. 1918ع جي بهار جي مُند ۾ آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ جاپان جي سامراجيت سويت جمهوريه جي خلاف جارحيت جي شروعات ڪئي، هنن هن نئين رياست کي هٿيارن جي زور تي ڪچلڻ ٿي چاهيو. پرڏيهي مدد سان ملڪ ۾ موجود انقلاب دشمنن ۽ سفيد محافظن انقلاب دشمن سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. ائين گهرو لڙائيءَ جي شروعات ٿي. ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوويت عوام هڪ دفعو وري پنهنجي وطن جي بچاءُ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. ان موقعي تي لينن قوم کي للڪاريو، دشمن کي هر حالت ۾ شڪست ڏينداسين ۽ سڄي قوم اُن نعري کي هينئنءَ سان هنڊايو. ان مقصد جي لاءِ مزدورن ۽ هارين جي هڪ ‘بچاءُ جي ڪائونسل’ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪئي ويئي.
    *


    9. نائون حصو

    پرڏيهي جارحيت ۽ اندروني گهرو لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ لينن جنهن ڦڙتيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪيو، تنهن جو مثال ملڻ محال آهي، جنگي چالن جو تعين ڪرڻ کان وٺي هٿيارن، کاڌخوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جي فراهميءَ تائين، هر ڪم ۾ لينن حصو ورتو، پرولتاري فوج جي لاءِ ضروري هو ته هن جا پنهنجا ڪمانڊر هجن، تنهنڪري ڪمانڊرن جي تربيت لاءِ اسڪول کوليا ويا، جتي تعليم ڏني ويندي هئي. ڪمانڊرن جي گهڻائي مزدورن ۽ هارين سان واسطو رکندي هئي، پر لينن جي رهنمائيءَ ۾ هنن اهڙي تربيت حاصل ڪري ورتي، جو سندن اڳيان مشهور ۽ تجربيڪار جنرل به بيهي نه سگهيا. ان کان علاوه لينن پراڻن ۽ تجربيڪار سپاهين جي ڀرتي به شروع ڪري ڏني. سيکڙاٽ ۽ اڻ آزمودگار ڪمانڊرن تجربيڪار هٿيارن جي ماهرن جي تجربن مان فائدو ورتو. هيڏانهن فوجي ڪميسار، جن وسيلي پارٽي فوج جي ماڻهن جي نظرياتي تربيت ڪندي هئي، پنهنجو ڪم ڪندي رهي. لينن پاڻ پنهنجي ملڪ جي دفاع جي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪريملن مان سندس هدايتون ۽ حڪم سڄي ملڪ ۾ پهچندا رهيا. اڌ رات جو آفيسرن کي هو ٽيليفون ڪري پُڇندو هو ته فلاڻو دستو روانو ٿي ويو آهي يا نه. فلاڻي کي سيڌو سامان ۽ هٿيار پهتا يا نه، جنگ جي محاذ تان ملندڙ رپورٽن جو هو خود مطالعو ڪندو ۽ عوام کي پنهنجي فوجين جي مدد لاءِ تيار ڪندو هو. جيتوڻيڪ سامراجي ڇاڙتن کي هٿيارن، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين معاملن ۾ کانئن سرسي هئي، پر لينن جي عزم ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ تر جيتري به ڪمي نه ٿي. هر روز هو ڪيترن ئي مزدورن، هارين ۽ سپاهين جي ميڙن کي خطاب ڪندو هو ۽ نئين نظام جي ڪاميابي ۽ مزدورن، ۽ هارين جي قوت تي پنهنجي ڀروسي جو اظهار ڪندو هو. پنهنجي اڳواڻ جي همت ۽ ارادي کي ڏسي هر ڪميونسٽ ۽ ملڪ جي عوام جي همت وڌي ويئي. کين پنهنجي نظام جي عظمت ۽ پنهنجي موقف جي سچائيءَ جو پختو يقين ٿي ويو. هنن ۾ اتحاد ۽ اتفاق وڌندو ويو. لينن ان ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏنو ته عوام جون ذهني ۽ فڪري صلاحيتون وڌن، سندن تهذيب جي خزانن تائين پهچ هجي. جنوري 1919ع ۾ سويتن جي ٽين ڪانگريس کي خطاب ڪندي هُنَ چيو، “سرمائيداريءَ جي دور ۾ تهذيب ۽ ٽيڪنڪ ٻنهي تي سرمائيدارن جو قبضو رهيو آهي ۽ عام ماڻهو علم جي نعمت کان به محروم رهيو آهي. سويت اقتدار جو مقصد سڀني ٽيڪنيڪي، سائنسي ۽ تهذيبي ترقيءَ کي عوام جي دروازن تائين پهچائڻ آهي.” ان جذبي تحت لينن پنهنجون سموريون ذهني ۽ فڪري صلاحيتون عوام جي مفاد ۾ ارپي ڇڏيون ۽ سندس فڪر سان هٿياربند سوويت عوام پنهنجي وطن مان سامراجين کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هٿيار کڻي اُٿيو. ان دوران انقلاب دشمن قوتون سامراجين جي دولت تي پلجي سگهاريون ٿيڻ لڳيون ۽ هو پنهنجي سازشن ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويا، جو هنن لينن ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو. 30 آگسٽ 1918ع تي پلان نالي هڪ انقلابي سوشلسٽ لينن تي قاتلاڻون حملو ڪيو، ان عورت زهر مان ٻوڙيل ڪارتوس واري پستول سان لينن تي ويجهڙائيءَ کان گولي هلائي. زخمي لينن کي ڪريملن جي رهائشگاهه آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم سندس علاج شروع ڪيو. ان حملي جي خبر پارٽيءَ ۽ سڄي ملڪ ۾ تشويش جي لهر ڊورائي ڇڏي. روزانو هزارين ٽيليفون هن جي خيريت پڇڻ بابت ڪريملن ۾ اينديون هيون، هوريان هوريان هن جي حالت سڌرڻ لڳي ۽ عوام کي اطمينان ٿيندو ويو، پراون جي لفظن ۾: “لينن جي ڪيفيت ٺيڪ ٿي رهي آهي، هو صحتياب ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان هو صحتياب ٿيندو. اِها ئي پرولتاريه جي خواهش آهي ۽ اها خواهش ايتري ته سگهاري آهي، جو قسمت هَنَ جو حڪم مڃڻ تي مجبور ٿيندي.” نيٺ هڪ ڏينهن لينن پنهنجي ملڪ ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻي ٻيهر سنڀالي ورتي. 1918ع ۽ 1919ع جي سردين ۾ محاذن جي ماٺ ٽٽي پئي. آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ جپان پنهنجي فوج جنگ جي بٺيءَ ۾ وجهي ڇڏي، سندن فوجون اتر ۽ ڏکڻ ۾ فرانس، ڪاڪيشيا، وچ ايشيا ۽ مشرق بعيد ۾ لهي آيون. ڏهه لک هٿياربند فوج چئني طرفن کان هن نئين ڄاول اشتراڪي ملڪ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ، هي سامراجي انهن سفيد گارڊ جنرلن جي مدد ڪري رهيا هئا، جن اڃان سوڌي هار نه مڃي هئي ۽ ملڪ ۾ زار جي دور کي ٻيهر آڻڻ ٿي چاهيو. پارٽيءَ جي رهنمائيءَ ۾ عوام اُن حملي جو مقابلو شروع ڪري ڏنو، لکن جي تعداد ۾ پارٽيءَ جا ميمبر، هاري، مزدور ۽ ٽريڊ يونين جا ميمبر پارٽيءَ جي سڏ تي لبيڪ چوندي جنگ جي محاذ ڏانهن روانا ٿيا. لينن عوام کي صاف صاف ٻُڌايو ته ايندڙ وقت ڏاڍو ڏکيو هوندو ۽ اهو ته عوام جي مدد ۽ انهن جي شرڪت سان ئي سندن دائمي سوڀ ٿي سگهي ٿي.
    ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ميمبرن ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ وڃي ماڻهن کي جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آماده ڪندا رهيا ۽ ميدان ۾ خود سڀ کان ڏکئي ۽ خطرن جي محاذ تي ڄمي ويندا هئا. سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ عوام جو پارٽي تي ڀروسو وڌندو ويو. لينن جي لفظن ۾ “جيڪڏهن عوام جي پٺڀرائي ڪونهي ته پوءِ سُٺي فوج به شڪست کائي سگهي ٿي.” ڪميونسٽ پارٽيءَ کي عوام جي طرفان هٿيار، کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙو لٽو پهچندو رهيو. جيڪو عوام جو هن تي ڀروسي جو ثبوت هو. ان زماني ۾ لينن جي آواز تي سڄي ملڪ جا پورهيت بنا ڪنهن وڌيڪ مزوريءَ جي وڌ ۾ وڌ ڪم ڪندا هئا. ان ِرضاڪاراڻي ڪم کي “سبوتينڪ” چئبو آهي. ان بابت لينن ‘عظيم شروعات’ ۾ هيئن لکيو آهي: “اِها سبوتنڪ عظيم تاريخي اهميت جي حامل آهي، ڇو ته محنت جي ڪميونسٽ تصور جي شروعات اُتان ئي ٿئي ٿي، ڪميونزم جي شروعات ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن هڙئي پورهيت پنهنجي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ۽ لوهه، ڪوئلو ۽ اناج جو داڻو داڻو جيڪو قوم جي ملڪيت آهي تنهنجي سنڀال ڪن.” لينن پاران پهرين مئي 1920ع تي سبوتنڪ ۾ عملي حصو ورتو، سوشلسٽ انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ وڌ ۾ وڌ محنت لينن جو نصب العين هو. جمهوريه سويت کي، هڪئي وقت چوڏهن ملڪن جي فوجن سان منهن ڏيڻو هو. تنهنڪري حڪومت جي جنگي بنيادن تي تنظيم ٿي. اهو نظام فوج ۽ نيويءَ کان علاوه صنعت ۽ ٽرانسپورٽ تي به لاڳو ڪيو ويو. فوج کي ضرورتن جي شين کي پهچائڻ جو سخت بندوبست ڪرڻو پيو، هارين پنهنجي واڌو پيداوار مزدورن ۽ سپاهين کي مهيا ڪرڻ شروع ڪئي، هڪ گهيري ۾ آيل ملڪ جي لاءِ انهن انتظامن تي عمل ڪرڻ ضروري هو. تنهنڪري محنت ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ان معاشي پاليسيءَ کي ‘جنگي ڪميونزم’ جو نالو ڏنو ويو. جنگ جي ڏينهن ۾ ئي پارٽيءَ جي اٺين ڪانگريس ڪوٺائي وئي. جيڪا 18 مارچ 1919ع تي پيرس ڪميون جي قيام جي ڏينهن تي ٿي، ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيندڙ ان عمل ۽ جدوجهد جي جذبي سان سرشار هئا، جيڪو عوام ۾ موجود هو، کين پڪ هئي ته ٻين ملڪن ۾ به ڪميونزم جي سوڀَ لازمي آهي. لينن ڪانگريس ۾ مرڪزي ڪيمٽيءَ جي ڪم جي رپورٽ پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته سويت رياست لڳاتار امن جي راهه تي وڌي رهي آهي، پر بورزوا رياستون ان جي خلاف جنگ ڪري رهيون آهن، ان جو مطلب هي آهي ته جمهوريه جي بچاءَ جي صلاحيت کي وڌائڻ ضروري آهي. رپورٽ جو وڏو حصو زرعي محاذ تي پارٽيءَ جي سرگرمين بابت هو. جنهن ۾ لينن خاص طور تي وچولن هارين جو ذڪر ڪيو، جيڪي ان وقت هارين ۾ گهڻائي رکندا هئا، ان طبقي سان اتحاد کانسواءِ سوشلزم جي اڏاوت مشڪل هئي. لينن جي رٿ سان اتحاد جي قرارداد منظور ڪئي ويئي. مزدور طبقي ۽ وچولن هارين جي مدد سان گهرو لڙائيءَ جو رخ بدلجي ويو، ۽ خوشحال هاري جيڪي سامراج جي پٺڀرائي ڪري رهيا هئا، شڪست کائي ويا، اهڙيطرح سفيد محافظن ۽ سامراجيت جي چيلهه ٽٽي پئي ۽ سوشلزم جي اڏاوت جون راهون هموار ٿي ويون. اٺين ڪانگريس پارٽيءَ جي نون پروگرامن جي منظوري ڏني، جنهن تحت پارٽيءَ جو مقصد سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن ارتقا قرار ڏنو ويو. هي پروگرام سائنسي بنيادن تي قائم هو ۽ حالتن جي حقيقت پسندانه تجزيي تي مشتمل هو، ۽ مزدور طبقي ۽ پارٽي جي هٿان سوشلزم جي تعمير ڏانهن مثبت قدم هو.


    10. ڏهون حصو

    وطن جي دفاع سويت يونين جي قوت جي جوڙجڪ ۽ سوشلزم جي اڏاوت ۾ هر وقت رُڌل رهڻ جي باوجود به لينن جو رابطو مزدورن، هارين ۽ ٻين سوشلسٽ پارٽين جي وفد سان برابر قائم رهيو. هو عوام جي ڀلائيءَ کان ڪڏهن به غافل نه رهيو. شفاخانن جي اڏاوت هجي يا اسڪولن ۽ ٻارڙن جي تربيت گاهن کي بهتر بنائڻ، انهن سڀني ڪمن ۾ سندس عملي دلچسپي برقرار رهي، هن پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي تعليم ڏني ته هو پورهيت عوام جا ٿورائتا رهن، ۽ اهڙيطرح پورهيت به لينن ۽ پارٽي جا شڪر گذار رهيا. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور، ريلوي جا مزدور ۽ ڪپڙي سازي جا ڪارڪن جلوسن جي شڪل ۾ هن وٽ پهتا ۽ سندس تقريرن مان نئون ولولو حاصل ڪيو، “باڪو” جي تيل جي چشمي جي هڪ مزدور پوءِ ان دور کي ياد ڪندي چيو: “اسين سمجهندا هئاسين ته ولادي مير ايليچ عجيب ۽ غريب شين جو ذڪر ڪندو، پر هُنَ بلڪل عام شين جو بنهه سادي سودي نموني ذڪر ڪيو، ائين ٿي لڳو ته هو به اسان جيان زندگي گهاري رهيو آهي. اسانجي تڪليفن کان واقف آهي ۽ اسانجي ڪمزورين کان ڀليءَ ڀت واقف آهي، سندس سادگي ۽ گرمجوشي اسانجي لاءِ خوشگوار حيرت جو باعث بڻيون، ڪجهه گهڙيون ساڻس گذارڻ کانپوءِ اسين ساڻس اهڙي ته بي تڪلفيءَ سان ڳالهائڻ لڳاسين جو ڄڻ سالن کان اسانجي گهاٽي ياري هئي.” پنهنجي انهن خاصيتن جي ڪري ولادي مير ايلڇ لينن مزدورن طبقي جي استاد دوست ۽ اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ کيس پيار مان “اسان جو ايلچ” چيو وڃڻ لڳو. لينن کي عوام جي تخليقي قوتن تي پورو ڀروسو هو، تنهنڪري هو پارٽيءَ جي ڪم ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شريڪ ڪندو هو. کيس عورتن کي عملي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ جي ضرورت جو به احساس هو ته جڏهن لکين ڪروڙين عورتون به مردن جي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شريڪ ٿينديون، تڏهن ئي سوشلسٽ سماج قائم ٿي سگهندو، تنهنڪري هن اڪثر صنعت ۽ زراعت جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ زائفن جي ميڙن کي خطاب ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته سويت اقتدار ٿورڙي عرصي ۾ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اهو سرمائيداري نظام ۾ سوين سالن تائين نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ٿيندو. سندس سڏ تي عورتن جو وڏو حصو سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ لڳو. اهڙيطرح نوجوانن کي به لينن سان گهڻو لڳاءُ هو، نوجوانن جي انجمن سان سندس ويجهو لاڳاپو هو، پارٽيءَ جا ميمبر انهن ڪارروائين ۾ حصو وٺندا هئا ۽ نوجوانن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي سياسي ۽ فڪري تربيت ڪندا هئا. سندس ڪوششن جو نتيجو “ينگ ڪميونسٽ ليگ” جي قيام جي شڪل ۾ سامهون آيو. عوام جي مختلف طبقن ۽ گروهن سان ويجهن لاڳاپن کان علاوه لينن جي اها ڪوشش به لڳاتار جاري رهي ته روسي انقلاب مان فائدو وٺي عالمي سطح تي ڪميونسٽ تحريڪ جي تنظيم ڪئي وڃي، اهو ڪم، سندس دور جي ٻين سڀني ڪمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت وارو آهي. انقلاب جي عمل ۾، روس جي مزدور طبقي ۽ بالشويڪ پارٽيءَ کي جيڪو وسيع تجربو حاصل ٿيو ۽ انقلابي نظريا لينن جي ذهن ۾ تجربي جي بٺيءَ مان وگهري جڙندا رهيا، تن مڙني جي بنياد تي پورهيتن جي هڪ بين الاقوامي تحريڪ جو قيام عمل ۾ آڻڻو هو ۽ ٻي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي نئين سر تنظيم ڪاري ڪرڻي هئي. ان وقت دنيا جي بي شمار ملڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽيون قائم هيون. مثلاً: جرمني، آسٽريا، هنگري، فنلينڊ، پولينڊ وغيره. جنوري 1919ع ۾ لينن ٽين انٽرنيشنل جي اجلاس ۾ جيڪو ماسڪو ۾ ٿيو. لينن بورزوا ڊيموڪريسي ۽ پرولتاري طبقي جي آمريت تي هڪ رپورٽ پيش ڪئي، هُن سويت اقتدار جي اهميت ۽ پرولتاري طبقي جي آمريت جو مفهوم سمجهايو ۽ ٻڌايو ته پورهيت طبقي جي حڪومت کان وڌيڪ جمهوريت پسند ٻي ڪا حڪومت نه هوندي آهي ۽ اهڙي حڪومت ئي عوام کي وڏي کان وڏي طاقت جي مقابلي ۾ سوڀارو ڪري سگهي ٿي. روس جي مزدور طبقي ۽ سوويت حڪومت جو مثال سڀني جي سامهون هو. جنهن محض پنهنجي نظام جي ٻل تي سڀني رجعت پسند قوتن کي شڪست ڏني. جنهن ۾، سامراجين جي هٿياربند جارحيت به شامل هئي ان ڪانگريس ۾، ٽين ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ 1920ع ۽ 1921ع ۾ تنظيم جي ٻي، ٽين ۽ چوٿين ڪومنٽرن ڪانگريسون منعقد ٿيون. انهن سڀني ۾، ڪامريڊ لينن شرڪت ڪئي ۽ هاربن جي مسئلن، قوميتن جي مسئلن، سامراجي ملڪن جي محڪوم عوام انهن رويي ۽ ڪميونسٽ پارٽين جي حڪمت عمليءَ تي وقت بوقت خيالن جو اظهار ڪيو. ائين پرولتاري بين الاقواميت جي تصور جي وضاحت ٿي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ انقلاب جو هڪ ملڪ کان ٻين ملڪن ۾ پکڙجڻ جا امڪان پيدا ٿيو. ان سلسلي ۾ لينن ڪميونسٽ پارٽين جي باهمي اتحاد ۽ فڪري يڪجهتيءَ تي خاص زور ڏنو ۽ پرولتاري تحريڪ جي بين الاقوامي ڪردار جي اهميت ٻڌائي.
    لينن هڪ سچو محب وطن هو، کيس روسي عوام، روسي زبان ۽ روسي تهذيب سان گهرو لڳاءُ هو. پر هن جي حب الوطني ڪڏهن به انڌي قوم پرستيءَ ۾ تبديل ٿي نه سگهي. هن بالشويڪ پارٽيءَ جي مفاد لاءِ ڪم کي سدائين روس جي پورهيت مفاد جي تابع سمجهيو ۽ انهن جو رشتو، پورهين جي بين الاقوامي تحريڪ ۽ بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ سان جوڙيو. انهن تحريڪن سان لينن جو رابطو سدائين ويجهو رهيو، هن جي انهن جي اڳواڻن سان جيڪا خط ۽ ڪتابت ٿي سا پڙهڻ وٽان آهي، لينن جون نظرون سدائين بين الاقواميت طرف لڳل هونديون هيون. هن روس جي انقلاب کي سدائين بين الاقوامي تحريڪ جو حصو ٿي سمجهيو. 1919ع جي بهار جي مند ۾، هنگري ۽ بوهريا ۾ سوويتون قائم ٿيون ۽ لينن انهن کي ڀليڪار چئي، بيلاڪن، جيڪو هنگري جي ڪميونسٽ تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ۽ ڪلارازٽيڪن ۽ فرانز مهرنگ جيڪو جرمنيءَ جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، لينن جي حمايت سان ئي پنهنجي تحريڪن کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنهن کانسواءِ سڄي دنيا جي انقلابين کي لينن جي حمايت حاصل هئي، جيڪو هنن جي لاءِ اٽل ارادا ۽ همت جو پيغمبر هو. بين الاقوامي سطح تي ڪميونسٽ تحريڪن جي پاڻ ۾ اتحاد کانسواءِ هن مارڪسي فلسفي کي مسخ ڪرڻ ۽ بگاڙي پيش ڪرڻ وارن نالي ماتر سوشلسٽن جو به نوٽيس ورتو، انهيءَ موضوع تي سندس تمام گهڻيون لکڻيون ملن ٿيون. تحريڪ جو بين الاقوامي سطح تي اتحاد صحيح فلسفي جي بنياد تي ئي ممڪن هو. تنهنڪري لينن نين قائم ٿيندڙ ڪميونسٽ پارٽين جي رهبري لاءِ “کاٻي ڌر جو ڪميونزم ۽ لاحاصل انتشار” جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن بالشويڪ پارٽيءَ جي ارتقا جي تاريخ بيان ڪئي ۽ انهن سببن تي بحث ڪيو، جيڪي نيٺ هن پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻيا. هن زور ڀريو ته بالشويڪ پارٽيءَ جي تاريخ نين ڪميونسٽ پارٽين جي لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي، ۽ صحيح مارڪسي فڪر کي لاڳو ڪرڻ ۾ بنيادي اهميت جي حامل آهي. بالشويڪ تحريڪ جي سڄي تاريخ موقع پرستيءَ جي خلاف جدوجهد سان ڀري پيئي آهي. منشويڪ، سوشل انقلابي ۽ اهڙيون ئي مزدور دشمن پارٽيون انقلاب جو ويس اوڍي بار بار حملي آور ٿينديون رهيون. پر صحيح مارڪسي فڪر سان هٿياربند هئڻ سبب پارٽيءَ جي سگهه برقرار رهي ۽ ڪاميابيءَ سندن قدم چميا، کاٻي ڌر جي موقعي پرستيءَ کي لينن سدائين مزدور طبقي جي تحريڪ جي لاءِ اول خطرو سمجهيو ۽ انهن نالي ماتر سوشلسٽ اڳواڻن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جيڪي ڪميونسٽ پارٽين جي ڪردار جي باري ۾ غلط فهميءَ جو شڪار هئا، بورزوا پارليامينٽرين ۽ ٽريڊ يونين ۾ ڪم ڪرڻ کان نابري واريندا هئا. ۽ ٻين پارٽين سان معاهدن ۽ ٺاهن تي راضي نه ٿيندا هئا. اهڙن عملن جو نتيجو عوام کان دوري جي شڪل ۾ نڪرندو آهي ۽ انقلابي عمل جي جاءِ انقلابي ڪچهري اچي والاريندي آهي، پرولتاريه جي ان عظيم اڳواڻ جو چوڻ هو: “ڪميونسٽن کي هر انهيءَ هنڌ تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ آباد هئڻ گهرجي، جت عوام موجود هجي.” هو انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته ڪميونسٽن جي حڪمت عملي لچڪيدار هوندي آهي. عمومي سچاين جو ٺوس صورتحال تي زبردستي لاڳو ڪرڻ غلط هوندو آهي. سندس اهو ڪتاب “کاٻي ڌر جو ڪميونزم ۽ لاحاصل انتشار” سڀني ڪميونسٽ پارٽين جي عملي ڪم جي لاءِ هڪ “رهبر” دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اُن جي روشنيءَ ۾ پڪين پختين مارڪسي پارٽين جي جوڙجڪ تي، جن اڳتي هلي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ انقلابي تحريڪن کي اڳتي وڌايو. اڄ به انهي ڪتاب جو اُڀياس ڪميونسٽ ڪارڪنن جي لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
    *


    11. يارهون حصو

    1920ع جي شروعات تائين ڳاڙهي فوج، پرماري حملي آورن ۽ اندرين تخريب پسندن جي پاڙ پٽي ڇڏي. قوم اطمينان جو ساهه کڻڻ جي قابل ٿي ته لينن ۽ سندس ساٿين قوم جي سگهه ۽ توانائيءَ کي اقتصادي اڏاوت تي لڳائي ڇڏيو. پارٽيءَ جي ڪانگريس گهرائي ويئي ته جيئن بارود ۽ باهه جي وچ ۾ ٿيندڙ جدوجهد جو رخ معيشيت جي نئين سر تنظيم سازيءَ طرف ڦيرڻ جي رٿابندي ڪري سگهجي. 29مارچ 1920ع تي پارٽيءَ جي نائين ڪانگريس ٿي. جنهن کي لينن ڇهه ڀيرا خطاب ڪيو، مرڪزي ڪميٽيءَ پاران سياسي رپورٽ پيش ڪندي هن هڪ رٿا ‘معاشي تعمير نو’ جي لاءِ پيش ڪئي. انهيءَ رٿا جي نمايان حصن ۾، وڏي پئماني تي صنعت جو قيام ۽ بجليءَ جي استعمال کي عام ڪرڻ هو. سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ اڏاوت ۾، انهن ٻنهي جي وڏي اهميت آهي. “ڪميونزم ڇا آهي؟” انهيءَ جي جواب ۾ لينن چيو: “سويت اقتدار ۽ سڄي ملڪ ۾ بجليءَ جي فراهمي” ان وقت بجليءَ جي پيداوار جي رٿابندي، ڪنهن به سرمائيدار ملڪ ۾ ايتري اهميت نٿي رکي، مشهور ليکڪ ‘ايڇ جي ويلز’ روس جو دورو ڪيو ته بجليءَ سان لينن جي دلچسپيءَ کي هن “بجلي جي يوٽوپيا” (خيال) ۽ لينن کي “خيالي پلاءُ پچائيندڙ” قرار ڏنو. لينن کيس جواب ڏنو ته ڏهن سالن کان پوءِ اچج ۽ ڏسج ته ان رٿا سان روس کي ڪيترو فائدو ٿئي ٿو.” سائنسي ترقي جي لاءِ پارٽي جي هڪ بزرگ ڪارڪن ‘جي ايم ڪرزانو وسڪي’ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميشن قائم ڪئي ويئي. انهيءَ ڪميشن کي لينن جنهن ڌيان سان هدايتون ڏنيون آهن، تنهن جو اندازو انهيءَ لک پڙهه مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪا ڪميشن جي سربراهه ۽ لينن جي وچ ۾ ٿي هئي. ڏکيائين جي ان دؤر ۾، لينن ملڪ جي پيداواري صلاحيتن کي، بجليءَ جي وسيلي وڌائڻ جي هڪ رٿا ٺاهي، جنهن تحت ڏهن کان پندرهن سالن جي عرصي ۾ ٽيهه بجلي گهر قائم ٿيڻا هئا ۽ بجليءَ جي پيداوار کي سترهن ڀيرا وڌائڻو هو، اهو پروگرام ئي پارٽيءَ جي سڄي اقتصادي پروگرام جو بنياد هو. پروگرام تي عمل ان وقت کان شروع ٿي ويو هو، جڏهن اڃان گهرو ويڙهه مڪمل طور تي ختم نه ٿي هئي. لينن ان وقت خوشيءَ مان ماسڪو جي ڀرسان هڪ ڳوٺ “ڪاشينو” ۾ بجليءَ جي روشنيءَ سان نئين نظام جا اجالا پکڙندي ڏٺا، مقامي هاري ان روشنيءَ کي “ايليچ جو لئمپ” جي نالي سان ياد ڪندا هئا. لينن جي رٿا تي ٿوري عرصي ۾ عمل ٿيو ۽ 1934ع ۾ جڏهن ايڇ جي ويلز ٻيهر روس آيو ته هن ان ڪاميابيءَ کي حيرت مان ڏٺو.
    1920ع ۾ ئي سامراجيت جا هڙئي حملا ناڪام بنايا ويا هئا ۽ روس جي سرزمين پرڏيهي حملي آورن کان خالي ٿي چڪي هئي. پر ملڪي معيشيت تي ان جي پيل خراب اثرن جو اندازو لڳائڻ ڏکيو هو. جيڪا نه اڳ ۾ ئي پٺتي پيل هئي، پر ان جي پيداوار جنگ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ فقط ستون حصو وڃي رهي هئي. خاص طور تي جن علائقن تي دشمن قابض رهيو هو، اُتي جون هڙئي اقتصادي سرگرميون ختم ٿي ويون هيون. ريلوي ٽرانسپورٽ صفا بيهي رهي هئي. تنهنڪري ريلوي ڊرائيور بکون ڪاٽي رهيا هئا. انهن حالتن ۾ نئين معاشي پاليسي جو تيار ڪرڻ بي حد ضروري هو، تنهن ڪري لينن هڪ پاليسي تيار ڪئي، اُن پاليسيءَ جو خاڪو 1918ع ۾ لکيل هڪ پمفليٽ “سويت حڪومت جو فوري ڪم” ۾ موجود هو. “قومي تعمير نو” جي شروعات زراعت سان ٿيڻ گهرجي، ڇو ته صنعتي ترقي ان وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪارخانن جي مزدورن کي پيٽ ڀري ماني کائڻ جي لاءِ ملندي رهي. ملڪ ۾ ننڍن هارين جو وڏو تعداد، ٿوري ملڪيت تي ويٺو هو، مزدورن طبقي جي ڪرڻ جو ڪم اهو هو ته هو ان طبقي سان گڏ رهن، کين تعليم ڏين ۽ سوشلسٽ اڏاوت ۾ کيس شريڪ ڪن. ان جي بدلي ۾ هارين جي واڌو پيداوار شهرن ۾ پهچي، اهو وڌيڪ بهتر نظر آيو ته پيداوار تي اهڙو ٽئڪس هنيو وڃي، جنهن جي ادائيگي جنس ۾ ٿئي ۽ اناج جي عام خريد و فروخت جي به موڪل هجي. تنهنڪري هڪ پاسي ته واپار جي بحالي ۽ ٻي پاسي امداد باهمي جي ادارن جي نئين سر اڏاوت فوري ضرورت قرار ڏني وئي. لينن ڪميونسٽن کي ٻڌايو ته کين واپارين مزدورن ۽ هارين کي سستن اگهن تي ضرورت جون شيون مهيا ڪرڻ سکڻ کپي، ته جيئن هو انهيءَ ڪم کي سرمائيدارن کان سٺي طريقي سان سرانجام ڏيئي سگهن، بظاهر ته اها نئين اقتصادي پاليسي انفرادي واپار کي بقا ڏيندي پي نظر آئي، پر انهن حالتن ۾ اهڙي ئي پاليسي جي گهرج هئي، جيڪا سرمائيدارن جي وقتي بحالي اهڙي صورت ۾ جڏهن اقتدار پورهيتن وٽ هجي، وڌيڪ تشويش جو سبب بنجي نٿي سگهي. خاص ڪري اهڙي صورت ۾ جڏهن مواصلات جي ذريعن جهڙوڪ؛ ريلوي، جهاز راني وغيره تي حڪومت جو اثرائتو ڪنٽرول هو. پارٽي جي ڏهين ڪانگريس 1920ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي. اها ڪانگريس وڏي تاريخي اهميت ٿي رکي. ملڪ کي جن مسئلن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي پيو، انهن جو پارٽيءَ تي منفي اثر ٿيو هو. پارٽي جي پنج لکن ميمبرن مان اڌ مزدور هئا، چوٿون حصو هاري ۽ باقي دفتري ڪارڪن، دانشور، ڪجهه اڳوڻا منشويڪ ۽ انقلابي سوشلسٽ پارٽيءَ جا ماڻهو به ماٺ مٺيءَ ۾ پارٽي ۾ گهڙي آيا هئا. لينن بروقت خطري کي تاڙي ورتو ، هن پارٽي جي اتحاد کي هر شئيءَ کان مٿاهون ڪري سمجهيو، تنهنڪري هن ڏهين ڪانگريس کان گهر ڪئي ته هو سڀني پارٽي دشمن تنظيمن کي ختم ڪري ۽ انهن جي سرگرمين تي پابندي وجهڻ جي موڪل ڏي، ڳالهه صاف هئي ته اُن نازڪ دور ۾ پارٽي جو اندروني انتشار، پورهيتن ۽ هارين جي ٻڌيءَ کي خطري ۾ وجهي، سويت اقتدار جي خاتمي ۽ سرمائيداري طرف وک وڌائي رهيو هو، ڪانگريس لينن تي ڀروسو ڪندي هڪ قرارداد منظور ڪئي. جنهن ۾ پارٽي جي اندر ڪنهن به مخالف ٽولي جي وجود کي قانون جي خلاف قرار ڏنو ويو، انهن جي سرگرمين تي پابندي وجهي ڇڏي ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پارٽيءَ مان ميمبرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪانگريس زرعي جنسن جي صورت ۾ ٽئڪس جي فيصلن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڏاڍي تيزي ڏيکاري، هن زرعي پيداوار ۾ واڌاري ۽ سرڪاري فارمن جي ڪاميابي جي لاءِ پوري ڪوشش ڪئي، ڇو ته زرعي محاذ تي اهي ٻئي مقصد ئي پهرينءَ وک جي حيثيت رکندا هئا. جنس جي صورت ۾ ڍل جي ادائيگيءَ تي لينن هڪ پمفليٽ به لکيو، تنهن کانسواءِ ان نئين اقتصادي پاليسيءَ تي هن ٻيون به ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون. ان وقت لينن جي مصروفيتن جي وشالتا ڏسڻ وٽان هئي. هڪ طرف ڪوئلو، لوهه، تيل ۽ ٻين صنعتن جي بحالي جي ڪم جي نگراني، ٻي طرف بجلي گهرن جي اڏاوت ۾ عملي دلچسپي، ٽي طرف معاشي عمل جو حساب ڪتاب، پيداوار جي رفتار جو جائزو، مزدورن کي مالي فائدي جو احساس ڏيارڻ، پيداوار جي نون ذريعن ۽ اوزارن جي دريافت وغيره، ذاتي فائدي جي احساسن جي جيڪا اهميت هئي، اها مٿن چڱي طرح چٽي هئي. پر مزدور طبقي ۾ ذميداري جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي شعور ۾ مرڪزي رٿابنديءَ جي اهميت جي باوجود مقامي طور تي ماڻهن ۾ پيداوار وڌائڻ جو شوق پيدا ڪرڻ گهٽ اهم هوندو هو. لينن جي نظر هر انهيءَ شيءَ تي هوندي هئي، جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ڪنهن اهميت جي حامل هوندي هئي. تنهنڪري ڊوبنس جي علائقي ۾ ڪوئلو ڪڍندڙ اوزار هجن يا ڪنهن به صنعت ۾ هائڊورلڪ سگهه جو استعمال، کيس سڀني سان دلچسپي هئي ۽ رهي. ملڪ جي انتظامي مشينري جي بحالي به هڪ اهم ڪم هو، ڳاڙهي پٽي جي ڪارستانين ۽ نالائقين کان سخت ناراض ٿيندو هو ۽ زور ڀريندو هو ته هر نئون ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ان کي تجربي جي آڌار تي پرکيو وڃي ۽ پوءِ اهو عمل ۾ آڻڻ گهرجي. ڪميونزم سان وفاداري لينن جي انساني لاڳاپن جو بنياد هئي، ان کانپوءِ ڪم جي اهميت ٿي آئي، اصولن تي بي لچڪ ٿيڻ ۽ عام طور لچڪدار هئڻ، سندس نظر ۾ انقلابي ڪارڪنن جي ڪاميابي جي لاءِ ضروري هو.
    *


    12. ٻارهون حصو

    هڪ پاسي ڪم جي گهڻائي ۽ ٻي پاسي زهريلن ڪارتوسن جي ڌڪ سبب، هن جو جسم ٿڪجندو پي ويو، 1921ع جي سياري جي مند ۾ ڊاڪٽرن ڪيترائي ڀيرا کيس ڪم ڪرڻ کان جهليو، پر هو ڪجهه ڏيهاڙا آرام ڪرڻ کانپوءِ وري ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو، 1922ع ۾ هن جي صحت خراب ٿيڻ شروع ٿي، پر صحت جي ڪري روزبروز جا ڪم نه رڪيا. مارچ جي مهيني ۾ هن پارٽي جي ڪانگريس کي خطاب ڪيو ۽ قومي معاشي پروگرام جي سڄي سال جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو، ان جائزي موجب معيشيت جي هر ميدان ۾ خاطريءَ جوڳي ڪاميابي حاصل ٿي هئي، جيڪا مزدور طبقي ۽ هاري طبقي جي گڏيل ڪوشش ۽ باهمي اتحاد ۽ يڪجهتي جو عملي اظهار هو، پر انهيءَ سان گڏ ان رپورٽ ۾ پارٽي ۽ حڪومت جي ڪم تي لينن جي خود تنقيد به هئي. ائين مارڪسي نظام ۾ “خود تنقيد” جي ذريعي ڪارڪردگي بلند ڪرڻ جو پهريون مثال قائم ٿيو، آخر ۾ لينن سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ۾ پارٽي جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو، ۽ هي تاريخي لفظ چيا: “دنيا جي ڪا به طاقت آڪٽومبر انقلاب جي نتيجن جي نفي نٿي ڪري سگهي، ڇو ته اهو دنيا جي تاريخ جو اڻٽٽ حصو بنجي چڪو آهي.” اها آخري ڪانگريس هئي، جنهن ۾ لينن شرڪت ڪئي، ڇو ته مئي ۾ سندس طبيعت ايتري ته خراب ٿي وئي،، جو کيس ماسڪو جي ويجهو “گورڪي” جي هنڌ تي وڃي رهڻو پيو، هتي به هاري ۽ مزدورن سندس خيريت پڇڻ لاءِ هزارين محبت ڀريا پيغام موڪليا، جن ۾ مڪمل طور تي شفايابي جي خواهش جو اظهار هوندو هو. جولاءِ جي وچ ڌاري جڏهن سندس طبيعت ڪجهه سڌري ته هن ٻيهر روزمره جون ذميداريون سنڀالڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ آڪٽومبر تائين هو هڪ ڀيرو ٻيهر پوري ڌيان سان پنهنجي حڪومت ۽ پارٽي سرگرمين ۾ مشغول ٿي ويو. 12نومبر 1922ع تي ڪميونسٽ بين الاقوامي تنظيم ڪومنٽرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي لينن روسي انقلاب جي پنجين ورهين ۽ عالمي انقلاب جي امڪانن تي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوام پنهنجي لڳاتار جدوجهد سان نين اقتصادي پاليسين کي ڪامياب بنائي ورتو آهي. معيشيت جو ڍانچو سگهارن بنيادن تي بيهي ويو آهي. هلڪيون، وچولي قسم جون صنعتون بحال ٿي چڪيون آهن ۽ ترقي ڪرڻ لڳيون آهن ۽ ڳرين صنعتن جو آئيندو سٺو پيو نظر اچي انهيءَ سان گڏوگڏ هارين ۽ مزدورن جون حالتون به بهتر ٿينديون پيون وڃن ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به اڳتي وک وڌي رهي آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوويت رياست جي پاليسي جي درستيءَ جو وڏو دليل آهي. پر هن وفدن تي زور ڀريو ته بالشويڪ پارٽيءَ جو تجربو ۽ روسي انقلاب جي سيکاريل سبق بابت هنن جورويو سدائين تخليقي هئڻ کپي، لڪير جي فقير وارو نه! 20 نومبر تي ماسڪو جي مقامي سويت جي شروعاتي اجلاس کي خطاب ڪندي هن سفيد گارڊن جي شڪست کانپوءِ ملڪ جي عام صورتحال تي روشني وڌي. ماڻهن کي مستقل جي ذميدارين کان واقف ڪيو ۽ معيشيت جي تنظيم ۾ ڪفايت شعاري تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ۾ پارٽيءَ جي ڪردار جو ذڪر ڪندي پنهنجي ان يقين جو اظهار ڪيو ته نئين اقتصادي پاليسيءَ جي تڪميل تي اڄ جو روس هڪ سوشلسٽ روس بنجي ويندو، اها تقرير لينن جي زندگيءَ جي آخري تقرير هئي. مختلف قومن جي وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار لينن جي خاص دلچسپي جا مسئلا هئا. قومن تي ٿيندڙ ظلم، ناانصافي ۽ اڻ برابري جو هو سدائين دشمن رهيو هو، تنهنڪري انقلاب کانپوءِ قومي جمهوريتن جي ترقي تي هن خاص ڌيان ڏنو، ڇاڪاڻ ته انهن قومي جمهوريتن جي باهمي دوستي ئي سويت رياست جو بنياد هئي. تنهنڪري هن مختلف قومي جمهوريتن جي هڪ وفاقي رياست جي شڪل ۾ ٻڌيءَ جي رٿ پيش ڪئي. پر اهو اتحاد ڪيئن ۽ ڪهڙي بنياد تي وجود ۾ آندو وڃي؟ انهيءَ سوال جو جواب لينن “پولٽ بيورو” جي نالي پنهنجي خط “يو ايس آر جو قيام” ۽ قوميتن جو مسئلو يا “خود اختياري” ۾ ڏنو، هن چيو ته هڪ سوشلسٽ رياستن جي يونين قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ برابري جي بنياد تي آزاد رياستون رضاڪارانه طور تي شامل هجن. ائين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومن جي وچ ۾ دوستي جي بنياد تي هڪ گهڻ قومي رياست جو تصور سامهون آيو. لينن جي اُن تصور جي بنياد تي، سڀني سوويتن جي گڏيل ڪانگريس ڊسمبر 1922ع ۾ ڪوٺائي ويئي. جنهن ۾ “سوشلسٽ سوويت جمهوريتن جي يونين” جو قيام عمل ۾ آيو ۽ لينن کي ان يونين جي عوامي ڪيمسار جو چيئرمن چونڊيو ويو، ان وڏي ڪم جي تڪميل کان هڪدم پوءِ لينن هڪ ڀيرو ٻيهر بيماري جي بستري تي ڪري پيو، 1923ع جي جنوري ۽ فيبروري تائين ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته هن پنهنجي زندگي جون آخري لکڻيون لکيون، جن ۾ “ڪانگريس جي نالي خط” “هڪ ڊائري جا ورق” ۽ “اسانجو انقلاب” جهڙيون اهم لکڻيون به شامل آهن، اهي لکڻيون لينن جي سياسي وصيت جو درجو رکن ٿيون. لينن جي پڇاڙڪن ڏينهن جي اها تصوير هن جي اٽل ارادي، استقلال ۽ جرئت سان گڏوگڏ سويت ريپبلڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ترقي جي لاءِ هن جي مرڻ گهڙيءَ تائين خواهش جو اظهار آهي، ان خواهش جي شدت بار بار جي بيماري جي باوجود کيس ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ استقامت بخشيندي رهي. ڇهن هفتن جي عرصي ۾ هن اهي شاندار لکڻيون لکي ڇڏيون، جيڪي ايندڙ وقت ۾ گهڻو عرصو رهنمائيءَ جون ڪم ڏينديون رهيون. آخري عمر جون لکڻيون خيال جي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن انهن لکڻين ۾ هن انهيءَ بحث کي سهيڙي ورتو آهي، جيڪو سندس سڄي زندگيءَ جي تقريرن ۽ خطن ۾ وکريل ملي ٿو. انهن ۾ سوشلسٽ سماج جي اڏاوت جو جامع پروگرام ۽ سڄي دنيا ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو عملي منصوبو ملي ٿو.
    *


    13. تيرهون حصو

    مارچ 1923ع جي شروع ۾ لينن جي صحت تيزيءَ سان خراب ٿيڻ شروع ٿي ويئي، مئي ۾ کيس واپس گورڪي وڃڻو هو، سڄو ملڪ جنهن ۾ پارٽي ميمبر، مزدور ۽ هاري سڀ شامل هئا، لينن جي صحت بابت اعلانن جو بي تابيءَ سان اوسيئڙو ڪندا هئا. گرمين جي وچ ۾ هن جي حالت ۾ ڪجهه سڌارو آيو ۽ 19آڪٽومبر تي هُو ڪريملن موٽي آيو. ناديزواڪرپسڪايا، پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته: “هو پنهنجي رهائش گاهه جي هر ڪمري ۾ ويو، پنهنجي آفيس ڏٺائين ۽ پوءِ هن ‘عوامي ڪيسار’ جي ڪائونسل هال تي نظر وڌي، هن شهر گهمڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، اسين ڪار ۾ چڙهي شهر رواناٿياسين، رستي ۾ هڪ زرعي نمائش ڏٺيسين، گوگول جا ٽي ڪتاب ورتاسين، انهيءَ سڄي ڪم ۾ ٻه ڪلاڪ لڳا، ائين ٿي لڳو ته هو ماسڪو جي شهر تي الوداعي نظر وجهي رهيو هو.”
    21 جنوري1924ع جي شام جو ساڍي ڇهين بجي دماغ جي نس ڦاٽي پوڻ سبب هو موت جي ننڊ سمهي پيو، پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ ان دکدائڪ واقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو: “اڄ اهو انسان مري ويو، جنهن جي مجاهدانه اڳواڻيءَ ۾ اسانجي پارٽيءَ جنگ جي تباهه ڪندڙ ڏينهن ۾ آڪٽومبر انقلاب جو ڳاڙهو جهنڊو لهرايو، دشمن جي سگهه جوخاتمو ڪيو ۽ زار شاهي روس ۾ مزدورن جي برتري جي پيڙهه جو پٿر رکيو، ڪميونسٽ انٽرنيشنل جو باني، عالمي ڪميونزم جو اڳواڻ، بين الاقوامي پرولتاريه جي فخر جهڙو سرمايو، مظلومن جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ۽ روس ۾ مزدور طبقي جي آمريت جو سربراهه اڄ گذاري ويو.” 23 جنوريءَ تي لينن جو تابوت گورڪيءَ مان ماسڪو آندو ويو ۽ ٽريڊ يونين مرڪز جي هڪ هال ۾ رکيو ويو. سخت سرديءَ جي باوجود هزارين، لکين مزدورن، هارين، پارٽي ڪارڪنن، ڳاڙهي فوج جي سپاهين ۽ سڄي سويت يونين جي پورهيتن جي ٻارڙن جا وفد ۽ پوڙها پنهنجي عظيم ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ۽ اڳواڻ کي آخري عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ هال جي ٻاهران اچي بيٺا، سڄي قوم اٿاهه غم ۾ ٻڏل هئي. 26 جنوري تي سوويتن جي ٻي ڪل يونين ڪانگريس لينن کي زنده جاويد بنائڻ جي قرارداد منظور ڪئي ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن جي نالي پيغام جاري ڪيو، ڪانگريس لينن جي لکڻين کي وڏي پئماني تي پکيڙڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ڪميونسٽ فڪر جي پکيڙ کي لينن جي ياد ملهائڻ جو بهترين ذريعو قرار ڏنو. پيٽروگراڊ جي پورهيتن جي گُهر تي ڪانگريس شهر جو نالو “لينن گراڊ” رکيو. 27 جنوري جي شام جو چئين وڳي، هن جي تابوت کي “ڳاڙهي چوڪ” تي آندو ويو، جتي سڄي دنيا جي پورهيتن پنج منٽن جي لاءِ ڪم بند ڪري پنهنجي اڳواڻ جو غم ملهايو. سڀ ڪارخانا بند ٿي ويا، آفيسن ۾ ماٺ ڇانئجي ويئي، رستن تي هلندڙ گاڏيون بيهي رهيون ۽ ائين سڄي دنيا گذريل صديءَ جي عظيم انسان کان موڪلايو.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 667
    ڪتابن جو مشاهدو: 860841
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292586
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ