ڪتاب جو نالو: آليون اکيون اڻڀا وار
مصنف: سرويچ سجاولي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ،
پڙهيو ويو: 2579 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 772 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • سرويچ هڪ انقلابي شاعر
  • سوانح
  • ليکڪ پاران
  • ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” جي ٻي ايڊيشن بابت ڪجهه وضاحتون
  • سچن موتين ۽ اُملهه ماڻڪن جو ڀنڊار ::: مهاڳ
  • ٻه اکر
  • هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
  • نيٽو وڻي، نهرا وڻن
  • راڻو ڳائي جيئن روبينه
  • ديسن جي راڻي سنڌڙي
  • 14 آڪٽوبر 1955ع جي سانحي تي :::: چوڙيلين جا چاڳ وڪيا
  • رجهي ڪين جتي ٿو!
  • هڪ حقيقت
  • ٿي ڀونگا تن جا ڀينگ ويا..!
  • ماءُ اڳيان معصومڙيون..!
  • هڪ واقعو
  • گوڏ گوڏن کان مٿي..!
  • گهوڙا ڙي ساگاهياڻي
  • جرنيلن جا پيش امام
  • ڪي وال ڪي اَڌ وال ۾
  • ڀٽ ڌڻي ڏانهن
  • ننگي انگ نياڻيون
  • ڳڻتيون ڳوڙهن سان ڳچ..!
  • ننگ ـ پيٽ ـ ٻچن جيِ ڳالهه..!
  • مرڪ منجهيو پئي چپڙن ۾
  • سنڱرالن تي ساهيڙيون..!
  • پارا ۽ پنهنوار
  • ڪورن آنڊن ۾ ڪهرام
  • ڪريم سائين!
  • رک ٿي ويندين رٿون...
  • پڙهيم پٽي ۽ ٻاراڻو
  • ڏسان اُن ڏيهه ۾ ڏيڻيون
  • گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
  • اسين هڪل سان هزار ماريون!
  • دودا ۽ دلاور
  • گرز، ڪهاڙيءَ گولي سان!
  • وڏو پيو انقلاب اچي
  • ڪڏي اُٿو اي ڪوڏيا..!
  • هاري جاڳ
  • اها انڌير نگري ۽..!
  • سنڌ جي سپوتن ڏانهن
  • هي دلبر دلبر ديس وسي!
  • مارو زندهه باد قلندر- مارو زنده باد
  • ماهيءَ ماکيءَ جي ڪرلار بيت ::دوها ::::ڪافيون ::::وايون ::::گيت لوڪ گيت
  • بيت
  • دوها
  • ڪافي :: 1
  • ڪافي :: 2
  • ڪافي :: 3
  • ڪافي :: 4
  • ڪافي :: 5
  • ڪافي :: 6
  • ڪافي :: 7
  • ڪافي :: 8
  • ڪافي :: 9
  • ڪافي :: 10
  • وائي :: 1
  • وائي :: 2
  • وائي :: 3
  • وائي :: 4
  • وائي :: 5
  • وائي :: 6
  • وائي :: 7
  • وائي :: 8
  • وائي :: 9
  • وائي :: 10
  • گيت
  • گيت :: 2
  • گيت :: 3
  • گيت :: 4
  • گيت :: 5
  • گيت :: 6
  • لوڪ گيت
  • لوڪ گيت :: قومي جمالو

  • ارپنا

    سنڌ وطن جي انهن سورن ساڙيل، ڏکن ڏاريل ڏوٿــيــئــڙن، ماروئـڙن، مانجهيئـڙن، پنهنوارن سنگهارن، ڀائرن ۽ ڀينرن جي نالي جن جي جذبن، جولانن، اُڌمن
    ۽ اُمنگن مون کي شاعر بنايو.
    شال قبول ڪن


    پنهنجي پاران

    2008ع ۾ سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ پاران محترم سائين سرويچ سجاولي صاحب جو شعري مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” ڇپائي اوهان عقيدتمندن اڳيان آندو ويو، جنهن ۾ واعدو ڪيو ويو هو ته سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران ٻاريل اها شمع جيستائين سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين اُجهامڻ ڪونه ڏبي ۽ انهيءَ واعدي کي وفا ڪندي 2009ع ۾ سرويچ سجاولي صاحب جي ئي فرزند نوجوان ارڏي انقلابي شاعر محترم حبيب الله سانگي سجاولي صاحب جو شعري مجموعو “ڌرتيءَ لڳن ڌاڙا” ڇپائي اوهان همدردن جي هٿن تائين پهچايو. انهن ٻنهي مجموعن ۾ منهنجي ڏنل موبائيل فون نمبر تي سڄي سنڌ مان محب ماڻهن بيحد گهڻو اسرار ڪيو ته سائين اسان کي سرويچ صاحب جو پهريون شعري مجموعو “آليون اکيون اڻڀا وار” گهرجي. جنهن لاءِ جڏهن ڪتاب موجود نه هئڻ جو جواب ٿي ڏنم، ته ڪيترن ئي ڀائرن ايئن ٿي چيو ته سائين ڀلا بليڪ تي ڏيو. پر ڪتاب هئو ئي ڪونه ته ڪٿان ڏيان. مون وٽ به صرف هڪ ئي ڪاپي وڃي بچي هئي، جيڪا پڻ پروگرام ۾ هڪڙي سٺي دوست جي نظر تي پئجي ويئي، جنهن چيو ته ڪتاب کيس ڏيو، پڙهي واعدي سان واپس ڪندو. جنهن کي مون گهڻو ئي چيو ته پيارا صرف هڪ ڪاپي آهي، جنهن تان وري ٻيو ايڊيشن آڻيندس، تنهن ڪري اها ڪاپي نٿو ڏئي سگهان، وري نه ملندي. پر اهو دوست نه ڇڏ ٿي لڳو ۽ نيٺ ٻن ڏينهن ۾ موٽائڻ جي واعدي تي زبردستي کڻي ويو ۽ پوءِ انهن ٻن ڏينهن کي ٻه هفتا، پوءِ ٻه مهينا ۽ نيٺ ٻه سال گذري ويا، پر ڪتاب نه مليو. هاڻي مون وٽ ٻي ڪاپي هجي ته ان جو ايڊيشن آڻيان. نيٺ ڀاءُ يوسف سنڌي مهرباني ڪئي، جنهن کان ڪتاب جي پهرين ايڊيشن جو تمام ضعيف ٿيل مسودو مليو، جنهن کي ڪمپوز ڪرايو ۽ پوءِ پبلڪ لائبريري سجاول جي تمام کاهوڙي ۽ محنتي انچارج محترم حاجي عبدالعزيز مينڌرو کان ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن جي ڪاپي ملي، جنهن تان ڪتاب مڪمل ڪمپوز ڪرائي ورتو.
    آليون اکيون اڻڀا وار جو پهريون ايڊيشن 1972ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو صرف هڪ هفتي ۾ ئي ختم ٿي ويو، جنهن بعد بقول سرويچ سائين جي ته ساڳئي ايڊيشن تحت هن ڪتاب جا ٻه ٻيا ايڊيشن پڻ آندا ويا، جيڪي پڻ صرف هڪ مهيني ۾ ئي ختم ٿي ويا ۽ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويو. هڪ ته هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڏکن، سورن، دردن ۽ پيڙائن جي ڀرپور منظر نگاري سمايل هئي ته ٻئي طرف هي ڪتاب ايم ـ اي سنڌي جي نصاب تي رکجڻ سبب بنهه انمول ۽ اڻلڀ بنجي ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ 1972ع تائين ڇپيل سنڌي ڪتابن مان هي پهريون ڪتاب هو، جنهن کي پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران محترم قيتل شفائي صاحب ان وقت ڏهه هزار روپين جي نقد انعام سان نوازيو هو، جنهن وقت هن ڪتاب جي قيمت صرف 5 روپيه هئي.
    ان بعد 1998ع ۾ سجاول جي نوجوان صحافي لڌو مڇارو هن ڪتاب جو آفيشلي ٻيو ۽ اڻ آفيشلي طور چوٿون ايڊيشن ڇپرايو، جيڪو پڻ جلد ئي ختم ٿي ويو ۽ هن وقت ڪٿي به ان جي ڪا هڪ به ڪاپي موجود ناهي. پنهنجي مهربان مداحن جي محبتن ۽ انهن سان ڪيل واعدي کي نڀائيندي هن ڪتاب جو آفيشلي ٽيو ۽ اڻ آفيشلي پنجون ايڊيشن ڇپرائي اوهان عقيدتمند ۽ احترام لائق سڄاڻ ساٿين جي هٿن ۾ پهچايو ويو آهي. هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن ۾ پهچائڻ ۾ مون صرف نظر داري ۽ نگراني ڪئي آهي، پر انهيءَ جو اصلي سهرو سنڌ جي ان باضمير، بيباڪ ۽ بهادر نياڻي توڙي ادب دوست ۽ ادب ذوق عورت ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا رشتي ۾ منهنجي روحاني ڀيڻ آهي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه آهي. سندس ساٿ ۽ سهڪار سان آليون اکيون اڻڀا وار جو هي ايڊيشن اوهان جي هٿن ۾ آهي. جنهن لاءِ نه صرف آئون پر سڄي سنڌ سندس ٿورائتي ۽ دعاگو آهي. انشاءَ الله سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو سلسلو جاري ساري رهندو ۽ تمام جلد بلڪه جيستائين اوهان هي ڪتاب پڙهي دنگ ڪندا ته اڪيڊمي جا ڪجهه ٻيا مجموعا پڻ اوهان جي هٿن ۾ هوندا.
    آخر ۾ آئون ڀاءُ مور ساگر جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ مون سان ڀرپور ساٿ ڏنو.
    ساٿ سلامت ـ سنڌ سلامت

    سورج سجاولي
    چيئرمين
    سرويچ سجاولي اڪيڊمي، سنڌ
    0300-3481767


    سرويچ هڪ انقلابي شاعر

    سرويچ سجاولي سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ انقلابي شاعر طور سڃاتو ويندڙ شاعر آهي، جنهن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي ايم ـ آر ـ ڊي جي 83ع ۽ 86ع جي تحريڪن ۾ جيل جون صعوبتون سٺيون ۽ پنهنجي انقلابي شاعريءَ ذريعي ماڻهن کي متحرڪ ڪيو ۽ آمريت دؤران ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي. جڏهن به هن ملڪ ۾ آمريت مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سجاولي پاڻ ئي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويندو هو، جنهن ڪري سنڌين لفظ ’سجاولي‘ سان پنهنجو اڻ ٽٽ رشتو قائم ڪري ڇڏيو آهي.
    سرويچ سجاولي هميشه آمريت پاران آزاديءَ کي دٻائڻ ۽ عوامي حقن خلاف ٺهندڙ پاليسين جي مذمت ڪندي پيپلز پارٽي ۽ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان پاڻ نباهيو. سندن شعري مجموعو “آليون اکيون اڻڀا وار” جمهوريت لاءِ ۽ ان جي جدوجهد وقت ماڻهن لاءِ رهنمائي ۽ جاڳرتا جو اهڃاڻ رهيو آهي.
    سرويچ سجاولي جهڙا ماڻهو روز روز پيدا ناهن ٿيندا. سندس وڇوڙو سندس گهر ڀاتين سان گڏ ملڪ ۽ قوم جو ڪڏهن به پورو نه ٿيندڙ نقصان هئڻ سان گڏ پيپلز پارٽي هڪ عظيم سرمايي کان محروم ٿي ويئي آهي. اسان کيس هميشه ياد رکنداسين.

    بينظير ڀٽو
    2007-10-24


    سوانح

    محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو شاعريءَ جي دنيا ۾ “سرويچ سجاولي” جي نالي سان مشهور سنڌ جي لاڙ ايراضيءَ سان تعلق رکي ٿو. 14مارچ 1937ع تي ڳوٺ محمد ابراهيم تارڙي لڳ سجاول ضلعي ٺٽه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم فقط چار درجا سنڌي آهي. پاڻ سنڌ جي عظيم عوامي شاعر حضرت مولانا حاجي احمد ملاح کان روحاني طرح متامثر ٿيو ۽ 1955ع کان شعر لکڻ شروع ڪيائين. پنهنجي خداداد لياقت، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس جنون تائين محبت کيس هن وقت پوريءَ سنڌ جو عموماً ۽ لاڙ ايراضيءَ جو خصوصاً هڪ باڪمال شاعر بنائي ڇڏيو آهي. سرويچ سجاوليءَ جي شعر جي سڀ کان اعلى ۽ اُتم خوبي هيءَ آهي جو سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سَوَلي، سادي ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل هوندو آهي. سرويچ، شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي. جهڙوڪ: نظم، غزل، گيت، لوڪ گيت، وايون، بيت، دوها، قطعا ۽ مثنوي وغيره. سنڌ وارن جي بدبختي چئبي جو هن مشهور عوامي شاعر جي شاعريءَ جو تمام وڏو حصو سندس گهرن کي باه لڳڻ سبب سڙي ويو، جيڪو هڪ لاثاني ۽ لافاني ادب هو. سرويچ سجاولي هڪ اُهو عظيم عوامي شاعر آهي جنهن ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سڄي پچي تصوير نظمن، گيتن، واين، ڪافين ۽ لوڪ گيتن ۾ پيش ڪئي آهي. سندس اندازِ بيان ۾ هڪ طرف سيلاب بيپناهه واري رواني ۽ اُٿل آهي ته ٻئي طرف من موهيندڙ لفظن ۽ دلڪش ترڪيبن جو جادو سمايل آهي.
    سرويچ ڏکويل ۽ زخم خورده نياڻين جو شاعر آهي. سرويچ سنڌ جي هر مظلوم ۽ دُکي انسان جي دل جو آواز آهي. سندس هر فن پارو ڪنهن نه ڪنهن ڏکن ڏڌيءَ، نماڻيءَ ۽ سٻاجهيءَ، نياڻيءَ جي جذبات ۽ حالات، پست حاليءَ ۽ خسته حاليءَ جي ترجماني ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ تڪليه ۽ تصنع نه آهي، پر سراسر مشاهدو ۽ محسوسات آهي.
    اهو معيار هڪ قادرالڪلام ۽ مشاهده نگار شاعر جو آهي. سندس هر نظم هڪ زنده منظر آهي، پر آهي هڪ الميه ۽ زخم خورده شاعر جي صدا. سرويچ پنهنجي تخلص سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. سندس ڪم به سڄو ڏينهن سرويچاڻا آهن. شل نه ڪنهن سان ڪو ظلم ٿيندي ڏسي، شل نه ڪنهن ڏاڍي جو ڪنهن هيڻي سان ڪو هاڃو ڏسي، بس پوءِ ته اصل ڏنڊو هٿ ۾ سر تريءَ تي رکي ميدان ۾ حاضر ٿي ويندو آهي. اهو نه سوچيندو آهي ته نتيجو ڇا نڪرندو. انهيءَ ڪري کيس هر وقت ڏاڍا ڏونگر ڏورڻا پوندا آهن، پر سرويچ انهن کي ليکي ئي ڪونه.اهائي سنڌ، اهي ئي مظلوم ماروئڙا، اها ئي ڏاڍن سان جنگ سندس روزمره جو شيوو آهي.
    سرويچ کان جڏهن پڇيو ويو ته توهان زندگيءَ ۾ ڪنهن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهيو؟ ته پاڻ چيائين ته هونئن ته هر عوامي ڳالهه يا عوامي ماڻهوءَ کان متاثر آهيان، مگر جيئن ته عوامي شاعريءَ ۾ آئون مولانا ملاح کان متاثر آهيان، ۽ عوامي راڳ ۾ “بلبل، مهراڻ” (روبينه قريشي) مون کي ڪافي کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. (ناشر)


    ليکڪ پاران

    هن سنڌ وطن جا صدين کان سورن ساڙيل، ڪاڙهن ڪاڙهيل ۽ ويل ۾واڙيل وانگيئڙا.
    جيئي سنڌ!
    منهنجي دل جا داڻا، من جا موتي، سر جا سائين، منزل جا مٿير مانجهي! اوهين ۽ اوهان جي هيءَ سونهن سونهاري ڌرتي ۽ هيءَ ماهيءَ ماکيءَ جي لار کان مٺڙي زبان، اوهان جون ريتون رسمون، ميلا ملاکڙا، پرڻا مرڻا، وهانءَ وڌاڻا، قرب ڪچهريون، مال اولاد شال سدائين زنده ۽ سلامت هجن. اوهين هن ڌرتيءَ جا ڌڻي، دودا، جوڌا، جُنگ اڙٻنگ، گهوٽ اڻموٽ، اٽل ۽ اڻ جهل پُرين ۽ پيڙهين کان هتي جا پاڊوڪي پنهنوار، جري ۽ جونجهار، سگهارا سنگهار، سدا ملوڪ ۽ من موهيندڙ ماروئڙا شال سدائين وسندا ۽ وهسندا رهو! اوهان جا شهر ۽ ڳوٺ،وسنديون ۽ ويڙها، واهڻ واهه ۽ هي مست مهراڻ شال سدائين موجن سان مسڪرائيندو اوهان کي مسرور ۽ مالا مال ڪندو رهي. شال سدائين اوهان جون ٻاگهيون، مارئيون، سَسُيون، سهڻيون، ناز ڀريون نوريون ۽ ليلائون پنهنجن چنيسرن سان چاڳ ڪنديون رهن. شال اوهان جا هي ٻلوان ٻار ڪارا ڪوجها، ڪَڪا، ڪونڌر ۽ ڪٽ مست پُٽڙا پنهنجي وطن ۽ زبان تان سرن جا سودا ڪندا رهن. شال سدائين اوهان جا اهي قُبن جهڙا اڇا پٽڪا، رت رنڱيون اجرڪون، لاکيڻيون لُنگيون، کٿا ۽ کيس، سوسيون، گرييون، ٻانڌڻا، ٻگيئڙا، گجّ، ڪنجرا، چُنڙيون ۽ چولا هن جڳ تي پنهنجي جوت ۽ جهرمر جهومائيندا رهن.
    شال سدائين توهان جا کيٽ، چيٽ، ڪتيون، ربيعون، ڍنڍون ڍورا خوشيءَ وچان کِڙندا ۽ ٽِڙندا رهن. شال سدائين توهان جا راڳ، ناچ ڳيچ ڳيا، هُمرچا، هو جمالا، نڙ بيت، چنگ چڙا، ساز، سُر، راڳ رهاڻيون وڌندا ۽ ويجهندا رهن. شال سدائين توهان جون رانديون رونديون، ملهه ٻيلهاڙا، ونجهوٽيون، لڪلڪوٽيون دائم ۽ قائم هُجن. شال سدائين توهان جا پکا پڊ، پاڙا، اڱڻ اوطاقون اُجريون ۽ آبائيتيون هجن. هي جهانگيئڙن جا جهوپا سندائين جڳمڳائيندا رهن ۽اوهين هن سنڌ ڌرتيءَ تي شاد ۽ آباد هُجو.
    منهنجا سورهيه ۽ سرويچ سانگيئڙ!: منهنجي شعرن جو هي پهريون مجموعو جيڪو سال 1962ع اکان 1972ع تائين جو چيل شعرن مان چند شعرن تي مشتمل آهي “آليون اکيون، اڻڀا وار” اوهان جي اڳيان آهي. منهنجا ڏکن ڏاريل ڏوٿيئڙا! آئون ڪو وڏو عالم اديب يا علامه ڪونه آهيان. آئون ته بلڪل ئي هڪ اڻڄاڻ ادنى ۽ هن زماني جو ستايل ۽ سورن ساڙيل سنڌي آهيان. شاعري نه ته ڪا منهنجي ورثي ۾ آهي ۽ نه آئون ڪو شاعر اِبن شاعر آهيان جو ويهي ڪا اوهان اڳيان هام هڻان. آئون ته فقط اوهان جي ۽ پنهنجي سورن، صدمن، سُهمن ڏکن ڏولان، اهنجن ايذائن، عقوبتن ۽ اذيتن جون ڳالهيون ڳايان ٿو، جنهن کي توهان شاعري ڪوٺيو ٿا. بهر حال شاعري آهي يا ٻيو ڪجهه، آئون ته اُهو لِکندو آهيان جيڪي ڪجهه ڏسندو آهيان. ڪتاب اوهان جي اڳيان آهي پڙهو ۽ پروڙيو. جيڪڏهن منهنجي ڪوتاهين تي ڪو قلمي قرب ڪندا ته آئون اوهان جو ٿورائتو رهندس.
    آئون اوهان سڀني سنڌي ڀائرن، ڀينرن، مائرن، ڌيئرن ۽ ساٿيئڙن جو ٿورائتو آهيان جن جي سورن صدمن، ڏکن ڏولاون مون کي شاعر بنايو.
    آخر ۾ آئون انهن محسنن کي به وسارڻ نٿو چاهيان جن مون سان هن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ آخر تائين ساٿ ڏنو. بهتر ٿو سمجهان ته انهن سڄڻن جا نانءُ به اوهان تائين پهچايان جيڪي هن ريت آهن:-
    سيد بشير احمد شاهه، سيد انور علي شاهه ڪاظمي، محمد جعفر هيلايو، سيد نواز علي شاهه سجاولي ۽ منصور علي عباسي. ۽ پڻ هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ ۽ نقل ڪرڻ ۾ جنهن ماڻهوءَ مون سان راتيون جاڳي سجاول کان ڪراچيءَ تائين پنهنجو ذهن ۽ نور نچويو، آئون انهيءَ منهنجي ننڍڙي اَدي “سوز” سجاوليءَ کي به وساري نٿو سگهان ۽ سندس ٿورائتو آهيان. اُن سان گڏ آئون اداره “آزاد” ڪراچيءَ جو به شڪر گذار آهيان، جنهن جي اڻ موٽ ايڊيٽر علي نواز صاحب وفائي ۽ وفائي پريس جي تجربيڪار عملي مون سان ڇپائيءَ ۽ پروفن ۽ ڀرپور مدد ڪئي.
    شال سدائين سنڌ ۽ سندس سانگي سلامت هُجن.

    8 جون 1972ع
    سرويچ سجاولي


    ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” جي ٻي ايڊيشن بابت ڪجهه وضاحتون

    هي ڪتاب سال 1972ع جي جون مهيني ۾ ڇپجي عوام اڳيان آيو. ڪتاب ۾ ڇپيل شاعري 1958ع کان 1972ع تائين لکيل ڪلامن مان ڪجهه چونڊ شعرن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪلامن مان ڪافي ڪلام ماهوار، هفتيوار ۽ ٽماهي رسالن ۾ به ڇپبو رهندو هو ۽ اڪثر ڪري روزانه اخبارن ۾ ڇپيل رهيو آهي. هن ٻئي ايڊيشن ڇپجڻ جو مقصد هي آهي ته ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ اسان جي ضلعي ۾ ئي هڪ مهيني اندر خريد ڪيو ويو. مشڪل سان ٻه اڍائي سئو ڪاپيون فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بوڪ اسٽالن کي ڏنيون ويون، جيڪي به بلڪل قليل عرصي ۾ ختم ٿي ويون، پر جن جن ماڻهن وٽ ڪتاب پهتو، اُنهن وڌيڪ ڪاپيون گهرائڻ لاءِ بي شمار خط لکيا پر ڪتاب نه هئڻ سبب کين واقف ڪيو ويو ته ڪتاب موجود نه آهي، ان ڪري اُهي مهربان ڏاڍا مايوس ٿيا ۽ پوءِ وڪرو ٿيل ڪتاب جيئن جيئن سفر ڪندو ويو، تيئن تيئن طلبگار ويا وڌندا. لڳ ڀڳ هڪ هزار کن جيترا خط مون کي ڪتاب جي حاصلات لاءِ موڪليا ويا، پر افسوس جو ڪتاب جي هڪ ڪاپي به نه هئي. خود مون وٽ به ڪتاب نه هو. ان وچ ۾ زماني جي ناسازيءَ سبب آئون به اُلجهي ويس ۽ ڪتاب بابت وڌيڪ ڇپائي لاءِ ڪو خاص اپاءُ ڪونه ورتم. اِن وچ ۾ ڪافي دوستن (جيڪي اشاعتي ادارا هلائيندا آهن) تقاضائون ڪيون ته ڪتاب جي فقط هڪ ڪاپي موڪل ته اسان وڌيڪ ايڊيشن ڪڍي عوام تائين پهچايون، پر مون وٽ خود هڪ ڪاپي به نه هئي. ان ڪري يارن کي ٻڌايم ته هڪ ته ڪتاب جي ڪاپي نه آهي، ٻيو ته منهنجو خيال آهي ته اڻ ڇپيل ڪلام جو ٻيو مجموعو ڇپائجي، ٽيون سبب سڀ کان وڏو هي ته آئون ادبي دنيا کان ڪي قدر بد دل ٿي پيس. اُهو ان ڪري، جو هڪ ته مون کي خود ڪافي صدما پهتا، جن مان سڀ کان وڏو ۽ گهائيندڙ ۽ بنهه نه وسرندڙ صدمو منهنجي نوجوان گهوٽ پٽ شهيد محمد خان سرويچ جو بي مهلو ۽ بنهه اوچتو کلندي کلندي صرف هڪ ڪلاڪ جي اندر منهنجي اکين کان سورهن ميل پري ٽريفڪ جي بي رحم حادثي ۾ مون کان جدا ٿي وڃڻ، مون کي جيئڻ کان کاري ڇڏيو. ان جدائي جي جهوريءَ سبب منهنجي هن باقي حياتيءَ کان دل ئي پلجي وئي آهي، ٻيو سبب هي ته “منهنجي پيارن شاعر دوستن” منهنجي ڪتاب کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيو. ايئن کڻي چئجي ته منهنجو رڳو فوٽو وڃي ڇڏيائون، باقي سارو ڪلام پنهنجو ڪري ويا، جيڪو منهنجي روبرو پنهنجي نالي سان پڙهندا رهيا ۽ اُن مان پنهنجا ڪتاب تيار ڪري ورتائون. اهڙيءَ بي شرمائي ۽ بي ضميريءَ کان پوءِ مون خيال ڪيو ته هنن “ادبي ڌاڙيلن” جي دنيا ۾ ڪنهن کي جهلي، ڪنهن کي جهلبو، تنهن کان بهتر آهي ته لکڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ ئي ڇڏي ڏجن، پر اندر جي اُڌمن ۽ مسڪين ماروئـڙن سان ٿيندڙ ظلمن، حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ امڙ ڌرتيءَ سان ٿيندڙ هاڃن لويارن جي لڄن جي لٽجڻ منهنجو لڱ لڱ لرزائي ڇڏيو، ان ڪري ڪافي ڪلام لکيو اٿم، جيڪو انشاءَ الله جلد “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” جي نالي سان منظر عام تي ايندو، جيڪو هن ڪتاب کان ٻيڻو هوندو. اهو نئين ڪلام تي مشتمل ڪتاب هن ايڊيشن جي پهچڻ بعد هڪ مهيني اندر اوهان محبوبن تائين پهچائبو. هن ايڊيشن لاءِ سجاول جي نوجوان صحافي تمام گهڻو اصرار ڪيو. سندس چوڻ آهي ته رب ڪري توهان اڃا ڪو وقت حيات هجو پر جي هيڏانهن هوڏانهن ته “ادبي ڌاڙيل” سمورو ڪتاب ڳڙڪائي ويندا ۽ اسان وٽ ثبوت طور ڪجهه به نه هوندو ۽ اسين سجاول واسي افسوس جا هٿ مهٽيندا رهجي وينداسون. منهنجي پياري دل واري سجاول جي صحافي جي حڪم تي ڪتابن جي ڇپائي جو سلسلو وري جاري رکجي ٿو، جنهن جو سڄو سهرو هن نوجوان صحافي جي سر تي سونهي ٿو.

    سرويچ سجاولي
    31 ڊسمبر 1997ع
    سرويچ نگر ضلعو ٺٽو


    سچن موتين ۽ اُملهه ماڻڪن جو ڀنڊار ::: مهاڳ

    سنڌ مُلڪ ۽ سنڌي زبان جو مشهور عوامي ۽ انقلابي شاعر جناب سرويچ سجاولي،اسان جي وطن دوست سنڌي شاعرن مان هڪ آهي. هوُ اُهي ڳالهيون ڪري ٿو جيڪي سندس ٻيا ساٿي شاعر گهٽ ڪندا آهن. وطن جي غدارن کان نفرت جون ڳالهيون، وطن جي ويرين سان مقابلي جون ڳالهيون، سنڌڙيءَ کي ڏاڍن جي ڏهڪاءُ ۽ ڦورن جي ڦُرلُٽ کان ڇڏائڻ جون ڳالهيون، مُڙسي، همت ۽ سر صدقو ڪرڻ جون ڳالهيون. سرويچ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هن دور جي تمام وڏن شاعرن کان مٿي ۽ تمام مٿي لکيو آهي. سرويچ ڪو ايترو گهڻو پڙهيل نه آهي پر سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بلڪل فطرتي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهوءَ جي اڳيان موجود آهن. سرويچ ڪتابن جو ڪيڙو ۽ مطالع جو شاعر نه آهي پر هُو مشاهده جو سدا ملوڪ شاعر آهي. سندس اندازِ بيان، نازڪ خيالي ۽شيرين زبانيءَ کان ته ڪو ڪافر به انڪار نه ڪندو.ان ڪري سرويچ شاعريءَ جي دنيا ۾ پنهنجي همعصر شاعرن کان اڳتي ۽ تمام گهڻو اڳتي آهي. سنڌ جا سڀ وطن دوست شاعر سنڌي عوام سان پيار جو اظهار ڪن ٿا۽ اُن جي حالت تي افسوس کائين ٿا ۽ اُن جي ڇوٽڪاري جون راهون ڳولين ٿا، پر منهجانئن برک شاعر سڀ وچولي طبقي جا سفيد پوش شهرين جي ٻوليءَ ۽ سوچ رخ ۽ رويه سان شروع ٿئي ٿي.هو اڳتي وڌيا آهن، هُنن پاڻ ۾ ڦيرا آندا آهن. پنهنجي ٻوليءَ ۽ سوچ، رخ ۽ رويه کي عوام جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن ۽ اُن ۾ کين ڪجهه ڪاميابي به ٿي آهي، ته به هنن ۽ ٻهراڙيءَ جي نوي (90) سيڪڙو عوام جي ٻولي، سوچ، رويه ۽ رخ ۾ ڄڻ ته زمين آسمان جو فرق آهي. تنهن ڪري هنن جي شاعري وچولي طبقي جي مُٺ جيترن شاگردن ۽ خاص ادبي ذوق رکندڙ پڙهيل سنڌين کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ انهن کي متاثر ڪري ٿي. اُن جو نيتجو به سنڌ لاءِ سُٺو نڪتو آهي. سنڌ جي عوام جي هڪڙي ننڍڙي طبقي ۾ سجاڳي آئي ۽ جيئي سنڌ جي تحريڪ جنم ورتو. پر اُها تحريڪ سنڌ جي عوام ۾ جڙون هڻي نه سگهي ۽ رجعت پرست طاقتور هڪ طرف اُن تحريڪ کي سرمائيدارن جي سياست جي تابع ڪرڻ ۽ ٻئي طرف اُن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ دٻائڻ ۾ ڪافي حدتائين ڪامياب ٿي ويون.
    تجربي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته وچولي طبقي جو اهو ننڍڙو جوشيلو تهه جنهن ۾ احساس گهڻو ۽ سماجي شعور واجبي آهي، سو سنڌي عوام سان ملي هڪ ٿيڻ ۽ ان کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ آڻڻ جي طاقت ۽ صلاحيت نٿو رکي.
    اهڙيءَ ريت اسان جي برک وطن دوست شاعرن جي شاعري ڇوٽي وِچولي طبقي جي ننڍڙي دائري کان نه پاڻ ٽپِي سگهي آهي. ۽ نه اُن شاعريءَ کان متاثر ٿيل ماڻهو ئي ٽپي سگهيا آهن، تنهن ڪري اها شاعري سنڌي عوام کان سڌي خواهه اڻ سڌيءَ طرح تمام پري رهجي ويئي آهي.
    تجربو ڏيکاري ٿو ته سنڌي عوام کي اڄ اهڙا شاعر گهرجن جي يا ته خود پورهيت عوام هُجن يا ٻين طبقن جا اهڙا ماڻهو هجن جي ڀٽائي گهوٽ وانگر سڀ لڳ لاڳاپا لاهي پنهنجي طبقي جي سماجي گهيري مان مڪمل طرح نڪري پاڻ کي مڪمل طور عوام سان ملائي هڪ ڪري سگهيا هجن. جي عوام سان عوام جي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ عوام جي دل وٽان سندن دل پسند ڍنگ سان سندن ئي ڳالهه ڪري سگهن. اهڙائي عوامي شاعر اڄ سنڌي عوام جي وڏن هُجومن کي سجاڳ ۽ بيدار ڪري سگهن ٿا ۽ عوام کي منظم ڪرڻ لاءِ ميدان تيار ڪري سگهن ٿا. اسان جو هر دلعزيز محترم سرويچ سجاولي به اهڙو شاعر آهي. سرويچ سنڌ جي انگ اُگهاڙي ۽ پيٽ بکئي مسڪين ماروئڙن جو رڳو همدرد ڪونهي پر هو پاڻ پنهنجي سِر به اهڙين حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو هڪ مٿير ۽ مانجهي ماروئڙو آهي. سندس سَتَ نه، پر سَت سوءَ پيڙهيون ٺٽه ضلع جي ماڃر جي ڍنڍن ۾ ڪورن آنڊن پورهيا ڪندي، فاقا ڪڍندي، مارون کائيندي، ظلم ۽ زوراوريون، قيد ۽ بند ڪاٽيندي پوريون ٿي ويون آهن. مسڪين ۽ مظلوم سنڌي ماورئڙن تي قياس، اُنهن لاءِ اٿاهه پيار اُنهن تي فخر سرويچ جي نس نس ۾ سمايل آهي.
    “گولا جي گولن جا تن جو به ٿي غلام” واري ڳالهه وانگر سرويچ به اُنهن مان آهي جن لاءِ ظالم ته ظالم پر انهن جا مظلوم به ظالم آهن. ظلم، ڏاڍ، نا انصافي،سرويچ لاءِ ڪَنن ٻُڌل يا پري کان ڏٺل ڳالهه نه آهي. اهي ڳالهيون ۽ انهن خلاف اٿاهه نفرت ۽ غصو کيس ماءُ پيٽان رت جي ورثي ۾ مليون آهن. مظلوم عوام جا اهڙا احساس رکندڙ اڪثر ماڻهو يا چور، ڌاڙيل ۽ خوني ٿيندا آهن، يا وري وڏن زميندارن جا ڪمدار يا پوليس جا دلال، پر سرويچ ٽيون رستو ڳولي ڪڍيو آهي. هن پنهنجو حال پنهنجن ڀائرن، ڀينرن، سوٽن يا ساٿين، ابن ڏاڏن جو حال سنڌ جي عوام اڳيان رکيو آهي. سجاول جي مارئڙن جو اهو احوال سڄيءَ سنڌ جي ڪروڙن ماروئڙن جو احوال بنجي ويو آهي.
    سرويچ جي ٻولي سنڌي عوام جي پنهنجي ٻولي آهي. هيءَ اُها سورهن سينگارن واري سدا سهڻي وڏي ست، شان ڏيا واري ٻولي آهي، جيڪا ڳالهين جا ڳهير سنڌي صدين کان مجلسن جا مور، ڌراڙ، ڳنوار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي روزانو گهرن ۾، ڪچهرين ۽ جهنگن جهرن ۾ ڳالهائيندا آهن. سندس ٻوليءَ ۾ شهرن جي بگڙيل کُٽل ۽ بي ستيءَ ٻوليءَ واري هٿرادي ڀڃ گهڙ ۽ ٺاهه زبردستيءَ واري ڪانهي. هِن ۾ زور جا ٽُنبيل جملا ۽ استعمال ڪيل ڀرتيءَ جا جملا ڪونهن. سرويچ جي شاعري رڳو ڪتابن تي نُور نچوئڻ جي شاعري ڪونهي، سرويچ جيڪي پاڻ پنهنجي سر ڏٺو، سُٺو ۽ سمجهيو آهي تنهنجي شاعري ڪئي اٿس. سندس شاعري قدرتي پالوٽ آهي. جنهن ۾ سنڌو نديءَ وارو ڇوهه ۽ جولان آهي. منجهس لکين ۽ ڪروڙين عوام جو ست ۽طاقت آهي. اُن ۾ پاڻ مُرادو اثر ۽ فطري سونهن آهي. سرويچ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اُها مُنڊيءَ تي ٽِڪ آهي.
    ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، پر ڪي ڪي ڳالهيون سرويچ انهيءَ منزل تي ڇڏيون آهن جنهن کان اڳتي وڌڻ جي ڪنهن وِرلي کي توفيق ٿيندي. مثال طور ون يونٽ بابت اسان وٽ ڪيترائي نظم ۽شعر چيل آهن جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا اثرائتا آهن. پر ڀائو! سرويچ ڪير سڏائي؟ هوڏانهن ٻيا سوين نظم ۽ شعر هجن، هيڏانهن سرويچ جي نظم “چوڙيلين جا چاڳ وڪيا” جي هڪڙي سِٽ ئي سوين مڻ سون کان وڌيڪ مُلهائتي آهي، جيڪا هن ريت آهي ته:-
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾، گس، گهيڙ،گهٽيون، گهر گام وڪيا!
    عام طرح جنهن نظم يا غزل جا ٻه ٽي بند چڱا نڪرن ته اُن کي ڪامياب سڏبوآهي. پر سرويچ جو هر بند، هر سِٽ، هر جملو، هر لفظ ڄڻ ته “لاکيءَ لٺ ڪڙوليءَ جو ڌڪ آهي” هن مجموعي ۾سرويچ جيڪي اثر، معنى سونهن جا سمنڊ بند ڪيا آهن تنهنجي اُپٽار ڪرڻ يا تفصيل سان لکڻ يا سمورن شعرن جا حوالا ڏيڻ سان آئون دعوى سان چوندس ته هن کان ٽيڻو ڪتاب ٺهي پوندو. جيڪڏهن ڪلام مان ٽڪرا ڏبا ته سوال اُٿندو ته ڪهڙا چونڊيان ۽ ڪهڙا ڇڏيان. آئون ته چوندس ته سڄو مجموعو سچن موتين ۽ املهه ماڻڪن جو ڀنڊار آهي.
    سرويچ سنئين سِڌي ڳالهه ڪري ٿو، هن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ماڻهوءَ کي اول اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي.هيءَ گهر جي ڪُنڊ ۾چئن يارن دوستن کي ٻُڌائڻ يا ڪن ٿورن پڙهيل قدردانن کي مغز ۾ ويهارڻ جي شاعري ڪانهي. هيءَ هزارن، لکن، بلڪ ڪروڙن سنڌي پورهيت عوام جي انبوهن ۽ هجُومن کي ٻُڌائڻ ۽ حرڪت ۾ آڻڻ جي شاعري آهي، سندن دل جي دانهن ۽ اندر جي اُڇل آهي، سندن مست اُڌمن ۽ اُمنگن جو اجهل ڇوهه آهي. اهوئي سبب آهي جو جتي به سنڌي عوام جا انبوهه گڏ هجن ۽ سرويچ پنهنجو ڪلام ٻُڌائي اُتي اهو منظر ڏسڻ۾ ايندو جو :-
    “انڌا ماڻهو، ٻوڙا ماڻهو، ماڻهو ٻُوٿ ٻڌل،
    للڪارون للڪارون ٿي ويا، لڏي ويا ايوان”
    اسان جي ويجهڙائيءَ جي شاعريءَ ۾مولانا ملاح سنڌ جي عوام جي ٻوليءَ جي ملڪ جو بادشاهه ٿي گذريو آهي. پر اڄ اهو ڇَٽ هن سنڌڙيءَ جي سچي سرويچ جي سرتي آهي. سرويچ ۽ سندس عوامي شاعريءَ جي واٽ تي هلندڙ شاعر ساٿين پنهنجي سفيد پوش طبقه جي شاعر ساٿين کان گهڻو ڪجهه سِکيو آهي. کين اُنهن مان اڃا به جيڪي چڱيون ڳالهيون هٿ لڳن سي سکڻ کپن اها ڳالهه تمام ضروري آهي. پر ان کان به وڌيڪ ضروري ڳالهه هيءَ ته اسانجا سفيد پوش شاعر سرويچ کان به عوامي شاعريءَ جا سبق سکن ۽ عوامي شاعريءَ جي راهه وٺن انهيءَ ۾ ئي سنڌي قوم جي عوامي جدوجهد جي اڄوڪي نئين ۽ مٿانهين منزل سمايل آهي. آخر ۾ آئون هِن لاڙ جي لال تي لک لک سلام چوندي هي مهاڳ ختم ڪريان ٿو.

    رسول بخش پليجو
    حيدرآباد 7-جون 1972ع


    ٻه اکر

    سنڌ جي يتيم ۽ لا وارث ٺٽي ضلعي جي جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورايا ويندا ته ٺٽو سنڌ جي تاريخ هو ۽ سنڌ جي تاريخ ٺٽو هو. انهيءَ مردم خيز خطي ۾ اُهي اُهي عالم ۽ فاضل، عامل ۽ ڪامل، صوفي ۽ سچار، درويش ۽ دور انديش، قطب ۽ ڪرامتن جا صاحب، اهل دل، اهل نظر شاعر، اديب، تاريخ، نويس ۽ محقق پيدا ڪيا جن جو نالو اڄ ڏينهن تائين علمي، ادبي، تاريخي ۽ مذهبي دنيا ۾ روشن آهي.
    هونئن به ٺٽي ضلع جو چپو چپو تاريخ جي ڀنڊارن سان ڀرپور ۽ ڀريو پيو آهي.
    جيڪڏهن سندس سرحدن ۽ جاگرافي حدن تي نگاه ڪبي ته به تاريخ ئي تاريخ نظر ايندي. تحفته الڪرام، مقالات الشعرا، تاريخ طاهري ۽ مڪلي نامه جهڙن نادر ڪتابن جو مطالع ڪيو ويندو ته ٺٽي جو شباب آئيني وانگر صاف ۽ شفاف نظر ايندو. زماني جي تڪڙن انقلابن ٺٽي جي شباب کي پنهنجي ظالم هٿن سان اهڙو ته تباه ۽ تاراج ڪري ڇڏيو جو هن وقت سنڌ جي سمورن ضلعن مان صرف ٺٽو ئي هڪ اهڙو ضلع آهي جيڪو هر لحاظ کان بلڪل پوئتي۽ پٺتي پيل آهي. مسڪين ۽ منجهيل ماڻهو جيڪي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان هميشه محروم رهندا اچن ٿا. سندن نه ڪو وارث آهي ۽ نه والي نه راکو آهي نه رکپال. اُنهن غريبن ۽ مسڪينن جو هتي بيان نه ڪجي ته بهتر آهي. انهن مٿين حالتن هوندي به هن ضلع مان هڪ درد رکندڙ انسان، جنهن جو مذهب آهي ته انسان، انسان کي انسان سمجهي پيار ڪري، هو پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي ڪري، ضلع جي برباديءَ ۽ برين حالتن کي ڏسندي اُٿي پڪاريو آهي. اُهو آهي سرويچ سجاولي جنهنجو سوز آواز سنڌ جي ادبي، علمي ۽ شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ڌاڪو ڄمائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو.
    مهينو کن ٿيندو ته سرويچ پنهنجي ڪلام جو مجموعو کڻي پريس ۾ آيو ۽ پنهنجي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائين، مگر هن موتمار مهانگائيءَ ۽ ڪاغذ جي گرانيءَ جو حساب ڪيو ويو ته ڳالهه ڳري ٿي پيئي. خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو قلندر، قلندر وٽ آيو. اِها به ڪرامت هئي. سرويچ لفظ مان صاف ظاهر آهي ته هن دور ۾ جيڪي سرن جو سودو ڪندا رهن ٿا اُنهن صاف پاڪ سودا گرن ساٿين وٽ سر ۽ سوز کانسواءِ ٻيا سمورا وکر وسريل هوندا آهن.
    ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هزارين سردار ۽ سرمائيدار، زردار ۽ زميندار، وڏيرا ۽ وڏ ڌڻي، قومن جا ڪاراوا ۽ راڄن جا رکپال، وڪيل ۽ واپاري، صحافي ۽ سگهڙ، اديب ۽عالم، سمجهدار ۽ سياڻا، متولي ۽ مجاور، مير ۽ پير موجود آهن، مگر هڪ اڌ کان سواءِ ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين سنڌي علم ۽ ادب ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڌريو آهي.
    هونءَ به اسانجي ملڪ ۾ علم ۽ادب سان ماڻهن جو تعلق گهٽ آهي، ڇو ته اسان جي عوام جي جهالت، اهلِ ذوق جي قلت، قدردانن جي ڪمي ۽ سرمائيدارن جي بي توجهيءَ ڪري اسان جي ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. سنڌ جي امير طبقي جو علمي ۽ ادبي دنيا سان ڪو به تعلق يا وجهه واسطو ڪونه رهيو آهي. ڪامورو ڏوڪڙن ڪمائڻ ۽ پنهنجي جهنم جهڙي ڀڀ کي ڀرڻ ۽ پوين لاءِ اِملاڪ گڏ ڪرڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي.
    توهان ڪنهن به زردار ۽ زميندار کان علمي، ادبي، اصلاحي ۽ مذهبي ڪم لاءِ چار ڏوڪڙ گهرندا ته هن کي ڄڻ قيد جي ڪانڊ اچي وئي! باقي جيڪڏهن ڪو وقتي حاڪم ڪنهن سرمائيدار ۽ سرنديءَ واري کي شڪار لاءِ چوندو ته مڙس کي جُتي هٿ نه ايندي ۽ ڪُتا به پاڻ ڪاهي اڳ ۾ هلندو.
    مگر اُن جي باوجود سنڌ، سنڌ آهي ۽ ڪيترائي مرد مولا جا پيا آهن جيڪي هروقت نيڪ ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مُخلص دوستن جون خدمتون ڪرڻ لاءِ واجهه وجهيو ويٺا هوندا آهن. سرويچ جي همت ۽ حوصله افزائي ڪندي بسم الله ڪري ڪتاب جو ڪم شروع ڪيو ويو.
    سرويچ ٺٽي ضلعي جي ڪيترن ئي سرمائيدارن ۽ سرندي وارن جا نالا ٿي ورتا ۽ انهن صاحبن لاءِ چيائين ته هُو ضرور ڪتاب ڇپرائڻ ۾ مدد ڪندا.مون کيس چيو ته اِنهن سمورن نالن مان صرف ٻه سخي مرد ئي ڪافي آهن جن جو ذمو مان پاڻ تي کڻان ٿو. هڪ جناب سيد بشير احمد شاهه صاحب ايم-پي-اي ٺٽه ۽ ٻيو وڏيرو محمد جعفر صاحب هيلايو. اِنهن صاحبن سان منهنجي جهوني نياز مندي آهي ۽ جڏهن به ڪراچيءَ ۾ اچڻ ٿيندو اَٿن ته ڀيرو نه ڀڃندا آهن ۽ پريس ۾ ضرور ايندا آهن. ڪتاب جو ڪافي ڪم ڪيو ويو. ٻنهي صاحبن بنان ڪنهن پڇا ڳاڇا جي مجموعه جو سمورو خرچ پاڻ تي هموار ڪيو. باقي جن ٻين صاحبن جا نالا سجاولي صاحب ٻڌايا هئا، اُنهن صاحبن متعلق مان بروقت عرض ڪيو هو ته انهن همراهن ۾ ڪابه اميد نه رک. خير باقي بچيل ڪم کي فقير ويٺي مُنهن ڏنو ۽ ڪتاب تيار ٿي اوهانجي هٿن ۾ پهتو. الله تعالى جناب بشير احمد شاه صاحٻ ۽ ميان محمد جعفر هيلايه کي جزاءِ خير ڏي آمين. انهن صاحبن پنهنجي علم نوازي ۽ ادب پروريءَ جو سهڻو ثبوت ڏنو آهي. باقي مهاڳ ۽ مقدمي جو معاملو مُنجهيل هو. سرويچ کي عرض ڪيو ويو ته ڪنهن شاعر ۽ اديب کان مقدمو لکرائي کڻي اچ ته ڪم کي پورو ڪيو وڃي. پاڻ حڪم ڪيائون ته مقدمو اوهان کي ئي لکڻو آهي. مون کيس عرض ڪيو ته ادا! مان هڪ معمولي صحافي آهيان ۽ نه وري مون کي علم عروض جي فن جي ڪا خبر ئي آهي. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو فن آهي. مون کي مجبور ڪندي چيائين ته وفائي، جنهن انداز ۾ تون نثر ۾ شاعري ڪندو رهين ٿو اُن جو جواب ئي ناهي. مون کيس عرض ڪيو ته اها وڏي نا اِنصافي ٿيندي ته هڪ چوٽيءَ جي شاعر جي مجموعه تي هڪ معمولي صحافيءَ جو مقدمو، اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
    بار بار حڪم ڪرڻ کانپوءِ کيس عرض ڪيم ته مهاڳ ۽ مقدمو ته نه لکي سگهندس باقي حڪم جي تعميل ڪندي ٻه اکر خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، انهيءَ تي پاڻ راضي ٿيو.
    فقير هميشه ئي پنهنجي لياقت آهر اهلِ علم، اديبن شاعرن جو خادم ٿي رهندو آيو آهي، ڇو ته سانڀر آيم ته علم و ادب ۽ صحافت سامهون هئي. الله تعالى اهڙين شخصيتن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو عطا فرمايو هو جن جي ملاقاتن لاءِ وقت جا حاڪم به منتظر هوندا هئا. انهن برگرزيده بزرگن، متقي ۽ پرهيز گارن اهلِ علم اديبن، صحافين ۽شاعرن، جمال ۽ جلال جي صاحبن جن جي روحاني چهرن ۽ کليل پيشانين تي ٿورو گُهنج اچي ويندو هو ته وقت جي حاڪمن جي محلاتن ۾ زلزلو پيدا ٿي پوندو هو، اُنهن جي محفلن ۽ مجلسن ۾ سندن جُتين سڌي ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيل آهي. ماڻهن کي منهنجي علمي لياقت معتلق ڪافي خوش فهمي هوندي آهي. اَها انهن دوستن ۽ احبابن جي ڪرم نوازي ِآهي. سچ پچ ته مون کي اڃا هٿ ۾ قلم کڻڻ جي به صحيح شناس ڪانه آهي. هي جيڪي ٿورو گهڻو لکپڙهه جو ڪم ڪندو رهان ٿو، اُن لاءِ منهنجي مهربان ۽ مشفق والد سائينءَ جي نوازش هوندي هئي. مون کي پنهنجي والد سائينءَ جي پيرن جي پڻيءَ جي برابر به پروڙ ڪانه آهي. الله تعالى منهنجي والد سائينءَ تي هزارين رحمتون عطا فرمائي جنهن جي نالي تي هي فقير هن دنيا ۾ هلندو رهي ٿو. ڇو ته پنهنجي ڪابه پوک پوکيل ڪانه آهي. هن سڀ بزرگن جو ڀلايون ۽ برڪتون آهن جو انهن جي ٻڌايل توَ کلُ عَليَ الله وَ کَفى بِاالله وَ کيلاَ جي واعده تي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهان ٿو.
    اسانجي سرسبز، سکئي ستابي ۽ صاف پاڪ سنڌي ادب جو دامن گهڻي ڀاڱي ڪيترن ادبي ۽ علمي گُلن ڦُلن کان خالي رهيو آهي، ان جي باوجود ڪيترا اديب هن وقت نهايت ئي علمي، ادبي، تاريخي ۽ محققانه مضامين سنڌ جي علم ۽ ادب جي گهڻگهرن ۽ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهن. منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي ادب ۾ جيڪو بيمثال انقلاب آيو آهي، ان جو عرصو چوڏهن سالن جو آهي ۽ ان کان اڳ به ڪافي مواد موجود هو. مگر هن وقت اسانجي اديبن ۽ اِهلِ قلم حضرات جا افسانا، قصا، ڪهاڻيون ۽ شعر و شاعري ۽ ان سان گڏو گڏ نهايت بهترين علمي، ادبي، تاريخي ۽ محققانه مضمونن جا معراج دنيا جي ڪنهن به قوم جي ادب کان گهٽ نه آهن. جيڪڏهن نثر ۽ نظم جو مقابلو ڪيو ويندو ته آئون دعوى سان چئي سگهان ٿو ته اسانجا جيڪي به لکندڙ آهن، تن جو چوڏهن سالن جو مواد سڀ کان مٿڀرو، ملوڪ ۽ اڳڀرو آهي. اسانجي نثر توڙي نظم جي هڪ هڪ سِٽ سون برابر آهي. سنڌي ادب جيڪو منهنجي سامهون گذرندو رهي ٿو، اُن کي جيڪڏهن ٻين ٻولين جو لباس پهرائي پيش ڪبو ته دنيا ۽ دنيا وارا دنگ رهجي ويندا.
    سنڌ جي مشهور معروف انقلابي شاعر جناب “سرويچ” سجاوليءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اَڻڀا وار” تيار ٿي علم نواز ۽ ادب پرور۽ شعر و شاعريءَ جي شيدائين جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. هِن لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه آهي ته هن لاڙ جي لال ۽ اکرن جي شهنشاه پنهنجي ڪلام جي مجموعه ۽ صاف ۽ شفاف ڪاغذ جي سيني تي جيڪا اکرن جي موتين جي جڙڪاري ڪئي آهي ان جو مثال سنڌ جي شعر و شاعري ۾ ملڻ نه صرف مشڪل بلڪ ناممڪن آهي.
    سرسبز ۽ سدا سهڻي سنڌ ۽ سنڌي سٻاجهڙن جي سوز ۽ سورن جو نقشو “سرويچ” صاحب اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا ته اهي سمورا واقعا سندن اکين اڳيان ٿي گذريا آهن يا ٿيندا رهن ٿا.
    سنڌ جو درد رکندڙ شاعر پنهنجي نيڻن سان جو ڪجهه ڏسي ۽ پسي ٿو ان منظر کي پنهنجي شاعرانه انداز ۾ اهڙي ته بهترين ادا سان ادا ڪري ٿو جو پڙهندڙ ان کي پنهنجي دل جي ڳالهه سمجهن ٿا. “سرويچ” جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي سچي منظر ڪشي ملي ٿي ۽ ان کان سواءِ موجوده دور ۾ جيڪا اسان جي نوجوانن جي جدوجهد آهي انهن جي ڪوشش ۽ سنڌ جي سانگيئڙن جي تصوير هن نموني پيش ڪري ٿو:-
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان، اوسرويچن جي سرخ زمين،
    توتان سِر ۽ ساهه ڏيان، او سرويچن جي سرخ زمين،
    تو ۾ اکڙيون کوليم، تو ۾ هوش سنڀاليم منهنجي ماءُ،
    تنهنجي سائيءَ ڌرتيءَ مان پڻ، سُندر سُندر آيم ساءُ،
    تنهنجي جذبي هيٺ جيان، او سرويچن جي سرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........
    ڪٿي سانگيئڙن جي سورن جي اُپٽار هن طرح ڪئي اٿس:
    ڳالهيون آهن گهڻيون پر ٿو ٻڌايان مختصر،
    هت غريبن جا اٿيئي، رات ڏينهان چشم تر،
    بي سهارن جو بِلو ڀيڻي نڪا هت آهي ڀر،
    پيڙهجن ٿا ظلم ۾ هت پيٽ پالها بي ثمر،
    ٿا هتي ڪن موج ڏس! زردار ظالم هر گهڙي!
    بيڪسن ۽ بي وسن جا ويا هتي سينا سڙي!
    ٿا لڳن ڌاڙا ڌڙا ڌڙ، خوب قتل عام آ،
    قوم جي عصمت سندو، بازار ۾ نيلام آ،
    ننگ، عزت ۽ شرافت جو ته سستو دام آ،
    رهزنن لئي عيش آ اشراف بي آرام آ،
    مير مارو پنهنجي گهر ۾ جان کان بيزار اڄ!
    اَڌ اُگهاڙيون عورتون، سارا اُگهاڙا ٻار اڄ!
    ظلم جي ٿي اِنتها، زاريون نه ظالم ٿا ٻُڌن،
    عاجزن اَڀرن جون آهون هي نه حاڪم ٿا ٻُڌن،
    بي اَجهن جي هڪ نه اڄ، بي رحم بالم ٿا ٻُڌن،
    رئيس ڪامورا وڏيرا ڪين عالم ٿا ٻُڌن،
    هر طرح هيڻن مٿي، هر جاءِ هاڃا حال ۾!
    ويڙهيا وانگي وتن، “ڪي وال ڪي اڌ وال” ۾!
    اسان کي اميد نه بلڪ يقين آهي ته “سرويچ” جو هي ڪتاب سنڌي علم ۽ ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ اضافو ٿيندو ۽ پڙهندڙ پاڻيهي ويهي فيصلو ڪندا ته سرويچ ڪيئن نه سنڌ ۽ سنڌي سانگيئڙن جي دلجوئي، دستگيري ۽ رهنمائي ڪئي آهي.
    الله تعالى اسانجي اهڙن انقلابي شاعرن کي وڌيڪ توفيق ۽طاقت عطا ڪري ته جيئن هو پنهنجي وطن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ قلم کان ڪم وٺندا اڳتي وڌندا رهن.

    8-جون 1972ع
    خادم علم
    علي نواز وفائي
    ايڊيٽر هفتيوار آزاد ڪراچي


    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!

    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    سوسن سمن جي سونهن ڏس،
    چَهه چَهه چمن جي سونهن ڏس،
    تازن پنن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    ساون سلن جي سونهن ڏس،
    ڪانهن ڪلن جي سونهن ڏس،
    مڇين پلن جي سونهن ڏس،
    ڀاڳين ڀلن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    ولين وڻن جي سونهن ڏس،
    داڻن ڪڻن جي سونهن ڏس،
    “جُو” ۾ ڌڻن جي سونهن ڏس،
    ڌڻ جي ٿڻن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    جبلن جهنگن جي سونهن ڏس،
    سونن سنگن جي سونهن ڏس،
    دڙين دنگن جي سونهن ڏس،
    سهسين رنگن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    بحرن برن جي سونهن ڏس،
    کيٽن کرن جي سونهن ڏس،
    گهيڙن گهرن جي سونهن ڏس،
    ٿاڪن ٿرن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    ٻيلن ٻنين جي سونهن ڏس،
    دم دم دنين جي سونهن ڏس،
    پٻڻين پنين جي سونهن ڏس،
    گهوٽن ونين جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس،
    وڻ ٽڻ ولين جي سونهن ڏس،
    گل ۽ ڪلين سونهن ڏس،
    مٽرن پلين جي سونهن ڏس،
    گجّن رلين جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    ڄارين ڄَمُن جي سونهن ڏس،
    سُرهين نِمُن جي سونهن ڏس،
    جُهڙ ڦڙ جُهمن جي سونهن ڏس،
    ڪوڻين ڪُمن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    لاڻن لَيَن جي سونهن ڏس،
    “جُو” ۾ اَين جي سونهن ڏس،
    مستن مين جي سونهن ڏس،
    وڻ تي وهين جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    جيتن پکين جي سونهن ڏس،
    ماکيءَ مکين جي سونهن ڏس،
    لاکن لکين جي سونهن ڏس،
    ڪِن ڪِن اکين جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    اَنبن اَڪن جي سونهن ڏس،
    لنگهن لڪن جي سونهن ڏس،
    تڙ ۽ تڪن جي سونهن ڏس،
    ڪارن ڪڪن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    چوڏهين ۾ چنڊ جي سونهن ڏس،
    “نوريءَ جي ڍنڍ” جي سونهن ڏس،
    جيڏين جي جنڊ جي سونهن ڏس،
    سائي سمنڊ جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    اَدين اَدن جي سونهن ڏس،
    خالن خدن جي سونهن ڏس،
    قامت قدن جي سونهن ڏس،
    ڪنهن ڪنهن بدن جي سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    “سرويچ” سانوڻ سونهن ڏس،
    واحد جي وڻ وڻ سونهن ڏس،
    قادر جي ڪڻ ڪڻ سونهن ڏس،
    داتا جي ڌڻ ڌڻ سونهن ڏس،
    هر سونهن ۾ قدرت ته ڏس!
    *


    نيٽو وڻي، نهرا وڻن

    اي وطن! منهنجي عزيزن ۽ اَباڻن جا وطن،
    ناميارن ننگ دارن، نِت نماڻن جا وطن،
    راز رس ۽ رنگ وارن، راڄ راڻن جا وطن،
    سادڙن سانگين سٻاجهن ۽ سياڻن جا وطن،
    هم رفيقن حال ڀاين، هيج هاڻن جا وطن،
    ميل ميلاپن ۽ ميلن موج ماڻن جا وطن،
    اي مٺا محبوب! مٺڙن مالدارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    تنهنجا مارو محنتي هر حال ۾ مونکي وڻن،
    مَر هجن محلات ۾ مَر مال ۾ مونکي وڻن،
    لاڏلن جا لاڏ لوئيءَ لال ۾ مونکي وڻن،
    پرت جا پانڌي پکي ۽ پال ۾ مونکي وڻن،
    سي سونهارا سانولا هر سال ۾ مونکي وڻن،
    هو ڳُڻن ڀريا پرين هر ڳالهه ۾ مونکي وڻن،
    قرب تن جو ڇا چوان اي قربدارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن! آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    تنهن جي مارن جا ته مونکي ٿا منَهَه ميرا وڻن،
    تنهن جي چوڙيلين سنديون، “چُلهيون وڻن چؤنرا” وڻن،
    نگهه وڻي، اُنڻ وڻي، “نيٽو” وڻي “نهرا” وڻن،
    “من” وڻي، “ماٽي” وڻي، “منڌيءَ” سندا ڦيرا وڻن،
    “ڏڌّ” ۽ “ڌونرو” وڻي “مّکڻ” سندا ٽيرا وڻن،
    پِس پُسيون پيرون پپون ۽ ڏٿ وڻي ڏونرا وڻن،
    تنهن جي هر هڪ چيز چوکي چاڳ وارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    لاکهاڻي لوئيءَ ۾ ٿيون لال لوياريون وڻن،
    چاڳ وارين جون چڀڙ چؤنرن تي چئوياريون وڻن،
    جيڏڙين جون پنهنجي “جُو” ۾ جوت جنساريون وڻن،
    پلر جي پاڻيءَ تي پليل پاڪ پنهنواريون وڻن،
    ۽ مٿن تي تن سندي کُنڀين ڀريل کاريون وڻن،
    نينهن جن جو ننگ سان سي نازور ناريون وڻن،
    ناز تن تي ٿو ڪريان نرمل نظارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن! آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    تنهنجي چوڙيلين جا مونکي چيچ جا ڇلڙا وڻن،
    وانڍيارين جي ته واتان ٿا ولا ولڙا وڻن،
    سانگياڻين جا سُريلا سُر مٺا سنهڙا وڻن،
    ڪوٽ ڪنگرن کان به مارُن جا ڇنل پکڙا وڻن،
    گاهه گل ولين سان واسيل گهيڙ ۽ گسڙا وڻن،
    سُنهن خدا جو ساهيڙين جي سينڌ جا سڳڙا وڻن،
    ٿا وڻن مونکي ته دم دم “دم” ڌنارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    تنهنجي سانگين جون ته سينڍون ساز ۽ سُرندا وڻن،
    چئوطرف چيٽن ۾ چالن جا چڙا چُرندا وڻن،
    ٻول ٻنين منجهه ٻانهيارين سندا ٻُرندا وڻن،
    چوٽا چوڙيلين سندا سينن مٿان سُرندا وڻن،
    مشڪ مينڍن ۾ مکيل اُت ڀؤنر ڪئين ڀرندا وڻن،
    هيڪ جيڏين جا هئين ۾ حرف هُل هُرندا وڻن،
    پيار مان توکي چمان پرين پيارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    وانگياڻين جي ته وارن جا ٿا وانگوڙا وڻن،
    سِر مٿي سرتين جي سهڻا صاف سينهوڙا وڻن،
    ٻيلهڙا ٻاگهين جي سِر تي ۽ چٽيل چوڙا وڻن،
    جهانگياڻين جي ڪنن ۾ جهاٻ جهٻ جهوڙا وڻن،
    ۽ مٿن تي تن سندي ٿا مَڪّ جا موڙا وڻن،
    تنهنجي ڳوٺن جا ته ڳڀرو ڳاڙها ڳوڙها وڻن،
    تنهنجا ڳڻ ۽ ڳالهڙيون ڳايان ڳنوارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    جوت جِهر مِر جڙيل جهانگين جي جُو، جُو، جوُ وڻي،
    گهر اڳيان گجرون مڙن گوهن جي گُهو، گهُو، گُهو وڻي،
    ڌڻ ڌڻولين جا وڻن ڌونرن جي ڌُو، ڌُو، ڌُو وڻي،
    راڻين جو رنگ ريٽو روپ رُو، رُو، رُو، وڻي،
    بَر بهاريا ڀون ڀني باغن جي بُو، بُو، بُو، وڻي،
    قرب مان قمريون ڪُڏن ڪوئل جي ڪُو، ڪُو،ڪُو وڻي،
    جان ۾ جايون سندءِ او جيءَ جيارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

    ڏيهه جا ڏوٿي وڻن ڏونرن تي ڏوٿياڻيون وڻن،
    ڍٽ پاسي ڊيل جهڙيون ڍول ڍاٽياڻيون وڻن،
    ڍاٽياڻين جي هٿن ۾ موڪ مانڌاڻيون وڻن،
    ڀيڄ ڀنڙيءَ ڀِٽ تي ڪن ڀوڳ ڀاڳياڻيون وڻن،
    ۽ کٿيرين جي هٿن ۾خوب کانڀاڻيون وڻن،
    ساڻِهه جون سوڍيون “سرويچ” سانگياڻيون وڻن،
    ڪوڏ مان توتي ڪڏان ڪوپن ڪنڌارن جا وطن!
    تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
    دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!
    *


    راڻو ڳائي جيئن روبينه

    جهولي پائي آندو مون هي جهانگيئڙن کان جو ڪجهه يار،
    اُن ۾ کوڙ سلامن جا ۽ ان ۾ گڏجاڻيون گفتار،
    ان ۾ ويڙهيچن جا واڙا اُن ۾ اوٺي ايل پنهنوار،
    ان ۾ پنهنوارن جا پاڙا اُن ۾ سرها سيڻ سنگهار،
    منهنجي سهڻي سنڌ وطن جا ماڻهو جهڙا موتي لال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    ڍاٽي ماٽين وارا ۽ هو مانڌاڻين سان مست مٿير،
    ڇانگون ڇوڙيو ڇانڀ ڇنن ۾ ڇيڪارون ڪن ڇيڪ ڇُڳير،
    سانوڻ توڙي سياري ۾ سي ساڻيهه جي ڪن سار سوير،
    دل جا داڻا من جا موتي سِر جا سائين ڀار ڀلير،
    قرب ڀريا ۽ قولن پورا نيڪ نماڻا نيڪ نهال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن مارئڙن جي قيل مقال!

    مٺڙي مٺڙي محبوبن جي ميٺ ڪنان ڀي مٺڙي يار،
    ٻولي آ تن ٻاجهارن جي ماهيءَ ماکيءَ جي ڪرلار،
    قول انهن جا جهڙو ڪارين مينهين ڪڙهيل کير نبار،
    جي جي تن جون قرب ڪچهريون جوڌا جانب جان نثار،
    وانگين پنهنجي ويڙهه وطن تان گهوري ڇڏيا آل عيال!
    آته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    سُهڻن سُهڻن صاف سَدورن سانگين جو مَٽ ڪونه ڏسان،
    جهوپن ۾ جرنيل جري تن جهانگين جو مَٽ ڪونه ڏسان،
    ماڻهن جي ڪنهن ميڙ وڏي ۾مانجهين جو مَٽ ڪونه ڏسان،
    سونهن صداقت صاف دليءَ ۾ سانبين جو مَٽ ڪو نه ڏسان،
    بيباڪيءَ ۾ تن سان ڀائو شينهن ببر جي ناهي مجال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    جهڙا آهن ماڻڪ مارو، تهڙي تن جي ڍول زمين،
    پيدا ٿيا ڪئين تنهنجي پيٽان عارف شاعر نيڪ امين،
    سوني رُوسان سانگياڻيون جت حورن کان پڻ خوب حسين،
    ڏينهن تتي ۽ مينهن وٺي ٿيون جوئر ٻاجهر ٻاٽ ڏرين،
    نِگهه ڀران يا نهري ڀر ۾ ڳُڙ جون ڳڙيون تن جي ڳال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    ڀِٽ ڀران يا ڀاڻي ڀر ۾ ڀاڳياڻيون ڪن ڀوڳ عجيب،
    ڪاپئي ڪنهنکي قرب منجهان ڏي ڳل تي سڪرون ڀيڻ غريب،
    ڪاپئي حال اندر جو اوري ڪاپئي پنهنجو روئي نصيب،
    ڳائن ويٺيون لاکيڻي جا لوڙائو سُر بيت عجيب،
    ميلاپو ۽ ميل انهن جو ملڪن جي لئي آهي مثال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    پوڃاڙيءَ جو پاڪ پٽن تي ڌوُ ڌوُ ڌونرن جي ڌڌڪار،
    ويل وچين جي وانڍيارين تي وهوا واحد ڪئي وسڪار،
    ڇٻ ڇٻ ڇاڇر ڇيل ڇنن ۾ ڇولين جي تون ٻُڌ ڇڇڪار،
    مڪلي منهنجي ماءُ مٿي اڄ جهڙ ڦڙ جهڙ ڦڙ ميگهه ملهار،
    دم دم وسندي وڌندي رهي هي سنڌ سلامت هوءِ شال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!
    ساين سهڻين ٻنين ۾ ٻُڌ ونين جا ورلاپ الا،
    اُلٿي جو ٻُڌ البيلين کان الفت جا آلاپ الا،
    منڙو موهي مست بنائن، محبوبي ميلاپ الا،
    ڏيهه ڌڻيءَ تي ڏاڍا آهن ڏوٿين جا ڏوراپ الا،
    پلپل پائن پيچ پَسهه ۾ پرين جا هو پکڙا پال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقالا،

    وو-وو-ولڙو-ولڙو وانگياڻين کان ڪو ته ٻڌي،
    شاهه سچل ۽ سانوڻ جا سُر سانگياڻين کان ڪو ته ٻڌي،
    مورو ڍاٽي-ڍاٽي، مورو ڍاٽياڻين کان ڪو ته ٻڌي،
    لولي جي للڪار “لٿي جو” لويارين کان ڪو ته ٻڌي،
    گيتن جي گونجار ڀلو ميان مست ڪيا ڪئين ماڻهو مال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    ڳورين ڳورين ڳوٺاڻين جا ڳاڱين تي هو ڳاٽ ڏسو،
    پيرُن ڪارڻ پنهنوارين جي سِر تي سينها پاٽ ڏسو،
    گرڙن گولن گگرالن تي گوندلين جا گهاٽ ڏسو،
    وڻ وڻ جهڙو “ولهو” تن کي ساهيڙيون ڪن ساٽ ڏسو،
    مَنَهَنِ ماڳن جي ڏس مهندان محبوبن جا مڙيا مال!
    آ ته ٻڌايان تو کي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    چوڙيلين جي چوڙين جا چمڪار ڏسو ڪر چوڏهين چنڊ،
    ماڙيچين جي منهن تي آهي مَرمَ حيا جو منڊيل منڊ،
    “راڻو ڳائي جيئن روبينه” جيڏين جا تيئن ڳائن جنڊ،
    کوهن تي خوشحال کٿيريون کائن خوش ٿي کير ۽ کنڊ،
    مهراڻي جي ماڻهن مهندان موتيو موتي ٻئي بي حال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!
    سنڌ اَمڙ جي سيني تي ڏس نور نظارا نيڻن ٺار،
    وڻ وڻ کي ڄڻ واسي ويو ڪو واس ولاتي سان وڻجهار،
    جهومي جهومي جهنگ خوشيءَ ۾ جهڙو ڪو البيلو ٻار،
    جهڙو ڪو البيلو ٻار ۽ جهڙي ڪا نخريلي نار،
    ٽارين تي ڄڻ ٽؤنر ٽڪون ۽ لامن تي ڄڻ لويون لال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    گولاڙي ۾ گول پڪي يا آهي گُجر جي گَج جو گُل؟
    ڄاريون جهڙا ڪرڪي ڄاڃي شاديءَ جو ڪن شوق شُغل،
    ڪرڙن ڪنڊلا پاتا جهڙا ڦوهه جواني جهليا ڦُل،
    ٻيرين کيرين کهنبا اوڍيا جهاٻن واري پاتئون جُهل،
    جاري هر هنڌ جهرمر جلوا، جلوا جهومر جوت جمال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    ڪينجهر جا پُر ڪيف ڪنارا تن تان ٿيا قربان گهڻا،
    “موئن” جي محبوب مٽيءَ تان حاڪم ٿيا حيران گهڻا،
    “سنڌوءَ” جي پُرڪيف ڪنڌين تي ماڻهو ٿيا مستان گهڻا،
    گاج ملير ۽ باران جا ٿيا عام مٿي احسان گهڻا،
    “پوراليءَ” جي پاڻي تي جي پلجن تن ۾ قرب ڪمال!
    آ ته ٻڌايان توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

    سانگيئڙا “سِرويچ” سڀيئي سرويچن جي سرخ زمين،
    ماروئڙا “ماهينڊ” مڙيئي محبوبن جي سرخ زمين،
    ساٿيئڙا سِر ٽوڙ سڀيئي سانبئڙن جي سرخ زمين،
    ڍوليا مولهين ساڻ سونهن ۽ ڍاٽيئڙن جي سرخ زمين،
    هر هڪ دودو ديس دلاور هر هڪ جي آ هٿ ۾ ڍال!
    آ ته ٻڌايان تو کي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!
    *


    ديسن جي راڻي سنڌڙي

    جان کان مونکي پياري تون نماڻي سنڌڙي،
    ساهه منهنجي کي ته تون آهين سيباڻي سنڌڙي.
    سِر جندي کان سانڍيو تون مهربان مونتي سدا،
    سا ڀلا چئو ڪيئن وساريان ڄاڻي واڻي سنڌڙي.

    جهول ۾ جيجل جيان تو پاليو پلپل ڪڻم،
    دل ٻڌي توسان اٿم ديسن جي راڻي سنڌڙي.
    تو سندي واري به مون لئي آهي عنبر کان وڌيڪ،
    اَب ڪوثر کان ته اڳرو تنهنجو پاڻي سنڌڙي.

    ڌارين جي ڪيمخوابن، بخملن کان پڻ مٿي،
    اُن سندي لوئي اُچي آ لاکهاڻي سنڌڙي.
    ڌارين جي محل توڙي ماڙين کان پڻ مٿي،
    آهي قيمت ۾ ڪثر “پيهي پُراڻي” سنڌڙي.

    ڌارين جي ست رڇين کان سچ ته مونکي ٿا وڻن،
    پل به پل ڏؤنرا پُسي لُوڻڪ ۽ لاڻي سنڌڙي.
    ڌارين جي خاندانن کان ته خوبين ۾ وڌي،
    تو سندي سادي سٻاجهي “مي مهاڻي” سنڌڙي.

    تو سندا بيهه پن پٻڻ مڇيون پلا ڪُم ڪوڻيون،
    دم نه دل تان ٿا لهن منهنجي ڏهاڻي سنڌڙي.
    هر غذا تنهنجي سٺي هر دل پسند تنهن کي ڪري،
    ڏڌ مکڻ گيهه کير ڌؤنري جي ڌڃاڻي سنڌڙي.

    هر گهڙي هر حال ۾ تون حال ڀاياڻي سدا،
    سار سُک ۾ ٿي لهين سورن ۾ ساڻي سنڌڙي.
    تو ۾ مومل جون ته ماڙيون مارئي جا ماڳ پڻ،
    تو ۾ سرجي هئي سسئي نوري نماڻي سنڌڙي.

    تو ۾ سهڻيءَ سڏ ڪيا ميهار کي مهراڻ ۾،
    صبر سورٺ جو به تو ۾ اي سياڻي سنڌڙي.
    جهول پنهنجي ۾ جڳهه ڏئي پيار جن کي تو ڏنو،
    سي عدو اڄ ائين چون آهي اڄاڻي سنڌڙي.

    دائما “سرويچ” شل منهنجو سچو سائين ڪري،
    سنڌ ۾ قائم رهي سنڌي اباڻي سنڌڙي.
    *


    14 آڪٽوبر 1955ع جي سانحي تي :::: چوڙيلين جا چاڳ وڪيا

    اي يار سڄڻ! ڇا سور سليان نت نيڻن مان وهي نير پيا،
    هن ساڳئي ڏينهن سنڌين جي، ها ڪنڌن ۾ زنجير پيا،
    هن ساڳيئي ڏينهن سنڌين کي سئو چهڪ بدن ۾ چير پيا،
    هن ساڳيئي ڏينهن سنڌين کي ها جان جگر ۾ جهير پيا،
    هن ساڳيئي ڏينهن سنڌ امڙ جا عضوا عضوا عام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هي پنهنجن پيارن پيارن مٺڙن ماروئڙن جا ماڳ وڪيا،
    هي مالوندن تن مانگيئڙن جا مينهون ۽ ميهاڳ وڪيا،
    هي ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا ڀونگا ڀيڻيون ڀاڳ وڪيا،
    هي چؤراهي تي چورن ويهي “چوڙيلين جا چاڳ” وڪيا،
    هي ننگ پيارن پرين جا هت صبح وڪيا ۽ شام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۽ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هن “ظالم” کي ڪالڄ نه پيئي لويارن جي لوين جي،
    هن جابر وڪڻي جُو ڇڏي ير! جهانگيئڙن جي جوين جي،
    شل لاک لهي تنهن لوڀيءَ جي جنهن لاک لڄائي لوين جي،
    هو پت وڃائي پاپي ويٺو اڳين توڙي پوين جي،
    هن ڪوڙين ڪوڏين تي ڙي ڀائو! اَڀرن جا آرام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!
    هن کاڻي جي کل لاهيون اڄ جِنهن کاهوڙين جا کيٽ وڪيا،
    هن موتين جهڙن ماڻهن جا ير! چاندي هاڻا چيٽ وڪيا،
    هن پنهنوارن جا پائي پائي پڊ پکا ۽ پيٽ وڪيا،
    هن لچي لوري لوڀي پنهنجا لاکيڻا هي ليٽ وڪيا،
    هن سون سريکا سانگي پنهنجا سستي سستي دام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هن “شودي” ڏاڍا شرط، هڻي هت شهزادين جا شان وڪيا،
    هن مورن جهڙين ماروئڙين جا مانيءَ تي هت مان وڪيا،
    هن آس وندين تن ادين جا سڀ اميدون ارمان وڪيا،
    هن سنڌ وطن جا سورهيه سانگي، اعلى ڪئين انسان وڪيا،
    هن اَبّن ڏاڏن وارا، سڀئي نيشانيون نيکام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هن دشمن ٻَنين ٻارن سان گڏ ٻاٻاڻن جا ٻار وڪيا،
    هن ويري ونهين ويڙهيچن جا ويڙها ۽ ويچار وڪيا،
    هن جو في سان اڄ جنگ ڪريون جنهن جيڏين جا جنسار وڪيا،
    هن منڪر کي اڄ مات ڪريون جنهن سنڌڙي جا سينگار وڪيا،
    هن آيل ماءُ جا اڱڙا ڀائو اُتر اوڀر عام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هن ساڻيهه پنهنجي جا او ساٿي سوزائتا ساز وڪيا،
    هن مٺڙن مٺڙن ٻولن وارا، آلاپون آواز وڪيا،
    هن نانگي نيڪ نياڻين جا هت نيزي چاڙهي ناز وڪيا،
    هن روح رهاڻين ريجهن وارا روحاني رنگ راز وڪيا،
    هن قرب ڪچهريون ساريون وڪيون اقرار و انجام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!
    هن ريتون رسمون ساريون وڪيون، روپ وڪيا ۽ رنگ وڪيا،
    هن قوم سڄيءَ جا ڪرسي خاطر، نالا نيڪيون ننگ وڪيا،
    هن قوم سڄيءَ کي قيدي سمجهي، درياهه دڙيون دنگ وڪيا،
    هن ٻاجهر جوئر سارين جا ير! سونا سهڻا سنگ وڪيا،
    هن غيباڻن هت گهوڙن وانگر گهوڙا ڙي! گگدام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هيءَ ٻولي جنهن منجهه جيجل ڏنڙي، لاڏ منجهاران لولي يار،
    اُن تي ڀي هُن “ويري” سهسين وَرَ وَرَ ڏيئي ڪيڙا وار،
    ۽ هن سورن اندر ساڙيا پنهنجا اَڀرا ابهم ٻار،
    هئي، هن ناحق کان پيا سنڌي نيڻن مان نِت نائن نار،
    نيڻ به وهندا ڇو نه ڀلا جو ناماچاريون نام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    هي “شاهه” ڀلي جي بيتن تي ٿيا باهين جا ڀڙڪاٽ ميان،
    هي “سچل” “لعل قلندر” جي ٻڌ ڪافين جا ڪيهاٽ ميان،
    هي “سانوڻ” جي نڙ بيتن تي سڻ سونٽن جا سوساٽ ميان،
    هي پنهنجي “لوڪ ادب” تي هيڏا گولين جا گوگهاٽ ميان،
    هُن پنهنجي ڳيِئن ڳيچن جا نيلام ڪيا ۽ جام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!

    اي! ساٿيئڙا “سرويچ” اُٿو هُن “سوداگر” جي سار ڪريون،
    اي! مانجهيئڙا مهمير اُٿو هُن “موذي” کي مسمار ڪريون،
    اي! جهانگيئڙا جرنيل اُٿو هُن “لوڀيءَ” کي للڪار ڪريون،
    اي! سنڌيئڙا سرواڻ اُٿو هُن “ٺوڳيءَ” مان هٿ ٺار ڪريون،
    هُن “مُنڪر” کي اڄ مات ڪريون جنهن سنڌين جا سِر عام وڪيا!
    ير! وانگين جا ون يونٽ ۾ گس گهيڙ گهٽيون گهر گام وڪيا!
    *


    رجهي ڪين جتي ٿو!

    دنيا ۾ ڏکيو ڪنهن کي، ڏسڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    ڏاڍن جو غريبن کي، ڏنڀڻ سهي نه سهگان ٿو !!
    بي خوف زمانو هي خطرناڪ ويو ٿي،
    هڪ رات منجهس يار، رهڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    ڪپڙي جي ٽڪر ڪاڻ، يا ماني جي ڳڀي لئي،
    معصوم نياڻين، جو، روئڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    هي ٻار اگهاڙا ۽ اَگها پيٽ بکيا ڙي،
    رستن تي انهن جو ته رُلڻ سهي نه سهگان ٿو!!

    ڪنهن شرم وندي ڌيءَ جو، شڪارين کان بچڻ لئي،
    ليڙن ۾ گُهتون ڏيئي لِڪڻ سهي نه سهگان ٿو!!
    هن جوءِ سندو جهوپڙيءَ ۾ جوان ڌيئن سان،
    سردي ۾ اڙي سائين! ڏڪڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    هن ڀيڻ بکايل جو اميرن جي درن تي،
    سڻڀي ڪنهن گرهه لاءِ سِڪڻ سهي نه سهگان ٿو!!
    هن شهر ڀرئي ۾ ڪنهن رنڙيءَ جي جهڳيءَ جو،
    برسات ۾ او ڀائو ٽمڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    هن ناز نماڻيءَ جو اگهاڙي ته اُرهه سان،
    آني ڪَ ٽڪي لاءِ پنڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    زردار سندي ظلم سبب ٿاڻي جي اڳيان اڄ،
    ڪنهن زال اگهاڙي جو نچڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    بيمار ٻچو هنج ۾ هاري جي هنجون ماءُ،
    ڳوڙهن جو ڳلن تان سو وسڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    گرميءَ ۾ کڻي ڳوڻيون ڪا جوءِ ويچاري،
    سيني تان پگهر تنهنجي وسڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    جو ڏيج ڏکيءَ کي ته مليو ماءُ مٺيءَ کان،
    مانيءَ جي ٽڪر تي سو مٽڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    دولت جي نشي ۾ ته ڪنهن زردار سندو ڙي،
    مسڪين جي ڄاين کي تڪڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    بيمار ٻُڍو جنهن جو لڳو ماس هڏن سان،
    ڪمزو انهيءَ جو ته ڪنجهڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    راتيون ۽ سڄا ڏينهن رجهي ڪين جتي ٿو،
    دوزخ جي برابر سو جيئڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    مجبور ڪري ڪنهن کي ڏيئي پير نڙيءَ تي،
    رشوت جا اهي نوٽ وٺڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    هيڻن جي حقن تي ڇو حميرن جون هلائون،
    مارئي جو مٿان کوهه کڄڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    مارن جا جتي ماڳ منهه مال مُنيون ڙي،
    غيرن جو انهيءَ جُو ۾ گهمڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    ڍاٽي ٿا گذارين جتي ڍار ڍنگهر جي،
    پکڙن جو انهي پڙ تان پٽڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    مارن جي مقالن ۾ غزل ڊيگهه ڪري ويو،
    اشعار گُهٽي بند ڪرڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    جت قوم سگهي ساهه لئي محتاج رهي ٿي،
    اُت شعر خوشامد تي لکڻ سهي نه سگهان ٿو!!

    جاڳڻ جو اَٿوَ وقت سڏي ماءُ مٺي پئي،
    ساٿين جو سڄي رات سمهڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    “سرويچ” لکان ڪيئن نه سنگهارن جي ڏکن تي،
    ايڏو هي وڏو سور سڄڻ سهي نه سگهان ٿو!!
    *


    هڪ حقيقت

    واٽ وٺيو پئي وِيڙس تان، هڪ ٻڍڙي ويٺي پار ڪڍيا،
    اوڏو ايندي آکيم ان کي، بابل پنهنجي ڏي تون خبر،
    ڪنڌ ڏڪائي لڙڪن سان مُنهن ڌوئيندي رُئندي هيئن چيئين،
    ته ساماڻل ڌيءَ گهر ۾ ننگي، ماري ان جي مون کي مَيَرَ.
    *


    ٿي ڀونگا تن جا ڀينگ ويا..!

    هن پنهنجيءَ پاڪ پياريءَ ڌرتيءَ مانجهي مڻيادار ڄڻيا،
    هن سّچل گهوٽ ڀٽائي جهڙا ڪامل ڪلنگيدار ڄڻيا،
    هن دودي هوشو بلوءَ جهڙا جري ۽ جونجهار ڄڻيا،
    هن جوڌا جوڌا جُنگ ڄڻيا هن ٻاونگ ٻاون وير ڄڻيا!!
    اي ساٿي سنڌ اَمڙ جي مٽي ڪهڙا ڪهڙا مير ڄڻيا!!

    اڄ سنڌ وطن جي ساري آ ۽ پنهنجي ناماچاري آ،
    اڄ رت اوهانجي لائي ٻچڙا گهر گهر ۾ گلزاري آ،
    هيءَ جنگ جبر سان جوٽيل پنهنجي جاري جاري جاري آ،
    اڄ مارئي ٻاگهي زرقا سنڌ جي هرڪا ناري ناري آ،
    اڄ اختر مائي ملوڪان ڀاڳي جهڙيون ڄايون ڀاڳين ۾ !!
    ڇا سوز سمايل آهي شاعر! پنهنجي گيتن ڪافين ۾!!

    ڪجهه پنهنجن دردن سورن جي اڄ يارن سان ڪا ڳالهه ڪجي،
    جو ماڻهن تي هت گذري ٿو، سو اندر جو احوال ڪجي،
    جو حال حبيبان آهي سو ئي ويهي پريان نال ڪجي،
    هت جيئون ڪيئن ٿا سو ئي سارو عرض حقيقت حال ڪجي،
    هت ڪيئن ٿو مارن ماڻهن جو بس جيئري پٽيو ماهه وڃي!!
    ۽ ڪيئن ٿو ساڙيو سانگين جو ير سورن ۾ هت ساهه وڃي!!

    هر وک مٿي هت ويٺا آهن واڳن جيڏا وات گهڻا،
    هر ڪنُڊ مٿي سي قاتل کڻيو بيٺا آهن ڪات گهڻا،
    بس ماڻهوءَ جو ڪو ماس ملي ايءَ! تسبيح تي ڪن تات گهڻا،
    هي هيڏو سارو دوکو ماڻهن سان پيا ڪن ڏينهن رات گهڻا،
    ڪي ملان مارُن ماڻهن جو هت ٻيڙيون ويٺا ٻوڙين ڙي!!
    هو مذهب کي منجهڙايو خالي هٿ جون ويٺا جوڙين ڙي!!

    هت ماڻهن جو ويو ماس سُڪي ۽ رت جي تن ۾ ناهي رتي،
    ٿي ڀونگا تن جا ڀينگ ويا ۽ ڌرتي تن لئي تيز تتي،
    سڀ چور وڏيرا چورائي ويا تن جا پوکيل چيٽ ڪَتي،
    هت مسڪينن لئي آهي سائين ڪاري ڪاري قيام متي،
    هي ريهون ڪريو راتو ڏينها رت جا ڳوڙها روز روئن!!
    هي لاکيڻا لک بار لُڇن ۽ لڙڪن سان ٿا مُنهن ڌوئن!!

    ڪو ڪنهن جو ٻچڙو کير ڦڙي لئي ساري ساري رات رڙي،
    ڪا ڪنهنجي ڌيءُ نماڻي ننڍڙي سورن ۾ سڀ مند سڙي،
    ڪا ڪنهنجي ڀيڻ بکن جي ماريل بک جا ويٺي باب پڙهي،
    ۽ ڪن جي ساريون ساريون راتيون چُلهه تي ڪُنڙو ڪون چڙهي،
    لک چير سدن چم منجهه پيا هو چهڪن کان ڏس چُور ٿيا!!
    هي مورن جهڙا مارو ماڻهو مانيءَ لئي مجبور ٿيا!!

    اڄ سونهن وڃايل سانگياڻين جو سورن ساڙيو ساهه الا،
    ٿو پئسي پائي سير وڪامي ماروئڙن جو ماهه الا،
    اڄ ويل ٻري ويو واٽن تي ۽ ويئي ويچارين واهه الا،
    هو ليڙ لٽي ۽ ڀور ڳڀي لئي ڳوٺاڻيون ٿيون ڳاهه الا،
    هو مرضن ۾ هر مهل مرن ۽ درمل دارون ڪون ٿئي!!
    هت هرڪو ڏاڍو هيڻن جو ٿو رونشا ڪريو رت پئي!!
    ڪي پير هتي پڳدار سڏائي پلپل ڪن پيا پاپ وڏا،
    ڪي مير چٻاڙي ماڻهن جا ويا کائي رت چم ماس هڏا،
    ڪي رئيس رڳو ئي ماڻهن تي ڪن ڪاهون ڪوڙا ڪيس ڦڏا،
    ڪي ملان ويٺا مسڪينن جي لولن تي بس لاهي لڏا،
    ڪو مُرشد ويٺو آهي مريدن جو اڄ سارو مال تڪي!!
    ها مال تڪڻ سان گڏ ٻي ڪا موچاري پيو زال تڪي!!

    ڪن ٽرڙن ڪامورن جي هت پئي لوڪ سڄي ۾ لانگ لڳي،
    هت رشوت جي اي راڻا ڀاءُ ڀڙ ڀڙ ڪريو باهه ڌڳي،
    هت مسڪينن اڄ ماڻهن کي آ ٺوڳين ڇڏيو خوب ٺڳي،
    هن پنهنجن وانگين ويڙهيچن سان ورڏيو ويري روز وڳي،
    اڄ دانهن جو ڪو داد نه ٿئي بس ڏاڍو آ انڌير هتي!!
    هن بيداديءَ ير نگريءَ ۾ آ هيڻن جو چئهُ ڪير هتي!!

    هت چور وڏيرا ڪامورا بس ٽيئي جهڙا ڀاءُ سڳا،
    ٿا مسڪينن کي ماريو ڦريو پائن عمدا ويس وڳا،
    ڪن ٻنيون ونيون ڀيليون ۽ ڪي ڪاهي ويا سڀ ڍور ڍڳا،
    اڄ لويارن جي لڄ لٽڻ لئي لاهي پاهي لُنب لڳا،
    هي هيڏو سارو ويل ٿئي هت وانگين سان هر ويل ميان!!
    جي حّق گهرن اڄ تن جي لاءِ سوريون سختيون جيل ميان!!

    اڄ جهانگيئڙن جي جوين کي آ گج ڇنل ۽ گوڏ ٻڌل،
    اڄ سانگياڻين جا سَنڌ سڪي ويا سيرون چم ۾ سينڌ سڪل،
    ٿو لوڪ مٿانئن ٽوڪ ڪري آ هو هو جي هر پار هڪل،
    هر سّج نئين ٿئي ناحق تن سان نيرانيون ۽ نيڻ ڀنل،
    اڄ اهڙن ڌيئن جي ڪو ڪريون دردن جو درمان ميان!!
    جيئن مانيءَ تي وڪجن نه ڪڏهن هِت ماروئڙين جا مان ميان!!

    هي پنهنجن مٺڙن مٺڙن مارُن هيڻن جا حالات ڏسو،
    هيءَ هيڏي سانگين جي اڄ سِر تي سورن جي سڪرات ڏسو،
    هيءَ هيڏي بيمارين جي تن جي ڀونگن تي برسات ڏسو،
    هي هيڏا ويرين جا اڄ تن تي واڳُن وانگر وات ڏسو،
    هو واچوڙن جيئن ويڙهي ويا اڄ وانگيءَ وانگيءَ وانگيءَ کي!!
    پر ڪيئن نه ڏاڍن آهي ڪُٺو هن قوم نڌڻڪيءَ نانگيءَ کي!!

    هي ماڙين جهڳين جي هت جيسين جاري رهندي جنگ ميان،
    هت ڏاڍا هيڻن کي پيا جيستائين هڻندا ڏنگ ميان،
    هي دولت جو آ جيسيتائين اونڌو اُبتو ڍنگ ميان،
    بس تيسيتائين ڪنگالن جي گهر ۾ رڙندا ڪنگ ميان،
    سڀ ٻار سندن بيمار بکيا ۽ جاهل رهندا رهندا پيا!!
    هو آني اڌ لئي رستن تي رت روئيندا رلندا پنندا پيا!!

    اڄ ننڊن مان بيدار ٿيو اي! مِلُّن جا مزدور اٿو،
    اي هاريو! پنهنجا حق وٺڻ لئي ڀيڙا ٿي ڀرپور اٿو،
    اي جوان اٿو! ۽ ٻار اٿو! سڀ پوڙها پوڙها جهور اٿو،
    ۽ ظالم کي اڄ زير ڪرڻ لئي کوڙ کڻي انبور اٿو،
    اڄ سنڀري سڀ “سرويچ” اٿو! اڙٻنگ اٿو اڻ موٽ اٿو!!
    ۽ ڏاڍن کي اڄ ڏارڻ لاءِ ڪونڌر ڪونڌر گهوٽ اٿو!!
    *


    ماءُ اڳيان معصومڙيون..!

    مون ڏٺا هر مُند ۾ مارن تي مارا سنڌ ۾،
    سانگين سُهمن سان گهاريا سال سارا سنڌ ۾!
    جيئن نه ڪو قيدي گذاري تيئن ٿا گهارن زندگي،
    بيڪس و مجبور بکيا، بي سهارا سنڌ ۾،

    ڪين ڏي ٿو ڪو به ڪنهن ڪنگال کي اي يار اڄ،
    چار آنا چئن ڏينهن لئي اُڌارا سنڌ ۾!
    ماءُ اڳيان معصومڙيون هر مهل ماني لئي رڙن،
    هي ڏسان ٿو همنشين هردم نظارا سنڌ ۾!

    نيڻ آلا وار اڻڀا چَپ سُڪل چهرا اُداس،
    وانگين ويڙهيا بدن تي ويس ڪارا سنڌ۾!
    هر گهٽيءَ ۾ گُرگ ۽ هر واٽ تي واڳون وِڇون،
    هر قدم تي دم ختم ڪن نانگ ڪارا سنڌ ۾!

    ننگ ٿيو نيلام مارن نور چٽ ننڊون حرام،
    ٿا نماڻن جي نِچن نيڻن مان نارا سنڌ ۾!
    سور سهندي سور چرندي ٿيا گذر گذرن پيا،
    سانگين جا سائين ڙي! سانوڻ سيارا سنڌ ۾!

    جيئن سرون کورن ۾ کامي، کامي ٿيئيون لال يار،
    تيئن، کِجن، کامن، ٻرن هي پيا پيارا سنڌ ۾!
    مامرن، مرضن، ڏکن، مارن جي نيئي مت الا،
    ڀٽڪندا در در گهمن هي بيقرارا سنڌ ۾!

    مفلسي مٺڙن کي ماريو منهن کڻڻ جهڙا نه ٿيا،
    لوڪ کان لڪندا گهمن لالڻ لڄارا سنڌ ۾!
    مال چٽ ۽ مان چٽ، مارن جون چٽ ٿيون محنتون،
    هڙ لٽي هيڻن جي ويا همراهه هچارا سنڌ ۾!

    پورهيو پورهيت جو کائي پيٽ پيٽوڙين ڀريا،
    پاپ جا هرپهر تي پسجن پسارا سنڌ ۾!
    اڄ به هاماني حڪومت اڄ به فرعوني فضا،
    اڄ به پيا پسجن هزارين “زار” پارا سنڌ ۾!

    ڏيل ڏوٿين جو ڏڪائي ۽ ڏکن تي ڏيئي ڏُک،
    ڏاڍ سان ڏاڍن پسايا ڏينهن جا تارا سنڌ ۾!
    ساٿيو! جاڳو سگها ڪي ٻيا به جاڳايو جوان،
    تان سجاڳيءَ جا وڄايون، نر نغارا سنڌ ۾!
    سر ڏيو “سرويچ” ٿيو سِر سان ڪفن پنهنجي ٻڌو،
    ظلم جون پاڙون پٽي ٿيون ناميارا سنڌ ۾!
    *


    هڪ واقعو

    واٽ وٺيو پئي وئڙس تان هڪ ناري ويٺي نير رُني،
    ڀر ۾ بيهي ڀيڻ کان پڇيم ادڙي! توسان ڪير وڙهيو،
    لڙڪ گنديءَ سان اگهندي ،سرد آهون ڀريندي هينئن چيئين،
    منهنجي ننڍڙن کي ته لنگهڻ ۾ آهي اڄ ٽيو ڏينهن لڙيو.

    *


    گوڏ گوڏن کان مٿي..!

    ديس وارن جي دُکن کان، دل تي غم آلام ٿيو،
    بي سُکو ٿيو بُت سڄو، ۽ روح بي آرام ٿيو!
    حال ڀائي، حال ۾ تون، هاءِ! هاڃان هو ته ڏس،
    ماءُ سڳيءَ جي هنج ۾ ڪونڌر ڪَلهو قتلام ٿيو!

    ڪيئن سانگي سُک سُمهن ۽ ڪيئن رهي ست سيل تن،
    گهيري گُرگن جي ۾ ڏس! گهوڙا ڙي!! هر هڪ گام ٿيو!
    ڪين ڪنهنجو ڪجهه بگاڙي، ڪين ڪنهنجيءَ ۾ ڪڏهن،
    پوءِ به ساري ڏيهه ۾ مسڪين ڏس! بدنام ٿيو!

    زهر جا ڍُڪ ٿي پياري هيءَ به ڪا ير! زندگي،
    جانبو! جي سچ پڇو جيئڻ براءِ نام ٿيو!
    ڏينهن گذرن ڏسڪندي ۽، رت روئي راتيون غريب،
    گوندرن ۾ گهوٽجي ويچارڙو گمنام ٿيو!

    وقت تنهن سان ووئي ووئي!! ويل واويلا ڪيا،
    چُور تنهنجو سور کان هرهڪ ادا! اندام ٿيو!
    هر هڻي جنهن رات ڏينهان رت ولوڙي اَن ڏنو،
    بُک، بيماريون ۽ اوگهڙ اُن سندو انعام ٿيو!

    “گوڏ گوڏن کان مٿي” سِر، پير ۽ پٺڙا ننگا،
    الله! الله!! آدميءَ جو ڏس ته ڇا انجام ٿيو!
    چند ڪوڏين تي ٿو وڪڻي پيءُ پياري ڌيءَ کي،
    هاءِ انسان جو الا! ڪيڏو نه ستو دام ٿيو!

    پيٽ ۽ پوتيءَ جي فڪرن ۾ ته سوچيندي سدا،
    ڪو مريضِ سلهه ٿيو ڪنهن کي ڏسو سرسام ٿيو!
    پائي پائي ڪاڻ جهوتون، ڏيندي ڏيندي ڏيهه ۾،
    جهانگين جي ڏس ته جاري جَرَ اکين مان جام ٿيو!

    هوءَ نياڻي نيڪ ڏس تون نيڻ جنهنجا پيا نِچن،
    لپ اَٽي جي لاءِ اُن جو ننگڙو نيلام ٿيو!
    ويا نياڻين کي ڪمائيندي، بَٺا بيٺن ۾ پئي،
    پوءِ به حاصل ڪين تن کي سُک صبح ۽ شام ٿيو!

    اڄ به ڪن ٿيون آيلون لولي جي ڪارڻ ليلڙاٽ،
    هر گهڙي ڄڻ گهر ۾ تن جي موت ۽ ماتام ٿيو!
    ڪالهوانڪر وال ڪپڙي جي لئي هڪڙو پيرسن،
    واهون ڏيندي ڏيندي آخر نيٺ سو ناڪام ٿيو!

    قوم فاقن ۾ فنا ته به شاعرن کي ياد ڏس،
    “گلبدن، گلفام ٿيو” ساقي، صراحي، جام ٿيو!
    رهزن و مّڪار قومي قاتلن جي حلق تي،
    شعر هي “سرويچ” تنهنجو تير ٿيو صمصام ٿيو!
    *


    گهوڙا ڙي ساگاهياڻي

    منهنجا مُرشد گهوٽ ڀٽائي، مٺڙا مڻيادار لطيف،
    دلڙي دم دم ساري توکي، دلبر او دلدار لطيف،
    سارين ساريون راتيون توکي ساڻيهه جا سنگهار لطيف،
    ٻاتين ٻاتين ٻولين ۾ ٿا ٻاڪارون ڪن ٻار لطيف،
    تنهنجي ڀونءَ ڀلاري تي، ڏس ڀاڳين ڀيليا ڀاڳ لطيف!
    واچوڙن جي وات اچي وئي وانگيئڙن جي واڳ لطيف!

    پنهنجن مٺڙن مارُن جا هت موذين کاڌا مال لطيف،
    سانگين ڏاڍا سور سٺا سچ! سارا سارا سال لطيف،
    نياڻين لئي ٿيا نيئر هتڙي، ڪاريون ڪوٺيون ڪال لطيف،
    جيلن ۾ ويا جام جلي هت مائن جا لک لال لطيف،
    حّق گهرڻ لئي هردم تن تي، گولين جا گوگهاٽ لطيف!
    “جيئي سنڌ” چون جي تن تي، سونٽن جا سوساٽ لطيف!
    مومل سومل سوڍي تنهنجي سهڻي نير وهائي سائين،
    مارئي مارون کائي پيئي، ماروئڙن جي لائي سائين،
    وڻ وڻ کان پيئي واٽ پڇي ۽ وانگين لئي وجهائي سائين،
    ڪوٽ ڪِري ۽ جيل جُهري هي ڳيئڙا ويٺي ڳائي سائين،
    ليئڙا پايو، پايو آس لڳايو ويٺي آهي لطيف!
    ماروئڙا هي ڪوٽ عمر جو ڄاڻ وجهندا ڊاهي لطيف!

    ڏوٿين کي هي ڏيهه سڄو ٿو ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻي،
    ويچارن جي وائي ڪن کي ووءِ ڙي ٿي ڪين وڻي،
    ڳڻتين ڳاهيل ڳوٺاڻين جا ڪهڙا ڳڻجن سور ڳڻي،
    موتين جهڙا ماڻهو مٺڙا ماريا آهن اَنّ ڪڻي،
    ويچارن جي واهه نه ڪائي دانهون ڪن ڌنار لطيف!
    سانگيئڙن جي سار سگهو لَهه ساڻيهه جا سينگار لطيف!

    ڪالهه ڏٺم هڪ ڏوٿياڻي جا ويچاري هئي واهياڻي،
    جهريل جهوپي ۾ پئي جنجهڪي، جهول جهليو سا جهانگياڻي،
    سينڌ سُڪل ۽ سَنڌ سٽيل سا سورن ساڙيل سانگياڻي،
    گوڏ ٻڌل هئي تنهن کي گهوڙا! گهوڙا ڙي ساگاهياڻي،
    وارن ۾ هئي واري تنهنجي، وَرَ ڏَيو چئي وَرِ لال لطيف!
    ليڙن مان لڄ لوڪ تڪي او! لاکيڻا لڄپال لطيف!



    دنيا دوزخ بنجي ويئي، ڀٽ جا گهوٽ ڀٽائي ڀاءُ،
    ويچارن ۾ وانگي ويچارا هي ڪهڙو وريو واءُ،
    سانگي سنبرن ڪين ڪڏهن ٿا، سهنجو سوکو سُک جو ساءُ،
    هر هڪ جي اڄ دل ۾ آهن گوڏي جيڏا گهرا گهاءُ،
    اڻڀاوار ۽ “اڱ اگهاڙا”، آلا تن جا نيڻ لطيف!
    سورن جي سنسار اندر پيا، تنهنجا سٽجن سيڻ لطيف!

    تنهنجون وايون جو به وساري! اهڙو بزدل ڀاءُ نه کپي،
    تنهنجا مخالف ٻار ڄڻي جا، اهڙي مٺڙي ماءُ نه کپي،
    راڻين کي جو رت روئاري، اهڙو رهزن راءُ نه کپي،
    وانگين جي جو واڙ اُڏائي، اهڙو ويري واءُ نه کپي،
    سانگين جا جو سور مٽائي، اهڙو اڙٻنگ آڻ لطيف!
    مارو موج ملهائن، موجن ساڻ وهي مهراڻ لطيف!

    پورهيت پورهئي منجهه ڳري، پر پوءِ به نه تنهنجي پوري هاءِ،
    سارو ڏينهن ٿو سور چري، ته به هرڪا آس اڌوري هاءِ،
    سيڻن لئي “سرويچ” ادا هت، سچ سلڻ تي سوري هاءِ،
    ماري ٿي نِت ماروئڙن کي مانيءَ جي مجبوري هاءِ،
    ڀورڀڪي لئي ڀٽڪي ڪنهنجي ماءُ ۽ ڪنهنجي ڀيڻ لطيف!
    منظر اهڙا ڏسندي ڏسندي نير ٽمائن نيڻ لطيف!
    *


    جرنيلن جا پيش امام

    “جي جي” منهنجا “هوش محَّمد” هاڪارا با همت يار،
    سنڌڙي جا سرويچ سدورا مانجهي مٺڙا مڻيادار،
    قابل ڪونڌر ڪاڪ ڌڃاڻين جا تون ڪوٽ ۽ ڪلنگيدار،
    پير چُمان آئون پلپل تنهنجا ويٺو پاڳارا پڳدار،
    تنهنجن ٿورن جا آئون ويٺو ٿورا ڳايان صبح شام!
    جُنگ بهادر، جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    دشمن سان تو دولهه دلبر، وهه واهه جهڙي جوٽي جنگ،
    دشمن جي تو داناءُ دودا! ڌرتي دهشت سان ڪئي تنگ،
    ويرن ۽ وريامن وارو ويريءَ کي تو پاتو ونگ،
    سِرڙو ڏيئي تو ته بچايو سنڌياڻين جو نانءُ ۽ ننگ،
    ڏوٿين جا ڙي ڏاڏا سائين توتي منهنجا لک سلام!
    جُنگ بهادر، جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    سنڌڙي توکي سورهيه سائين، اڄ پڻ ساريو ساريو روءِ،
    آب اکين ۾ آڻيو چئي پئي هنئير جيڪر “هوشو” هوءِ،
    دشمن ماري مات ڪري ۽، داغ سمورا دل تان ڌوءِ،
    وَرڙي “هوشو”! وَرڙي “هوشو” ويرين ويل مچايو ووءِ،
    سَڏڙا ڪَريو جيجل چئي ٿي، جلدي مونڏي ور وريام!
    جُنگ بهادر،جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    تنهنجي ساڻهه وارن سهڻن سانگين سهسين سور سٺا،
    جور جبر ۽ قهر سندا تِن ماروئڙن تي مينهن وَٺا،
    بيدادن جي باهه ۾ ٻرندي ٻرندي پئجي ويان بٺا،
    گرگ سندي هن گهاڻي ۾ ڪئين گلڙن جهڙا گهوٽ گٺا،
    ڪاموراڻي قهر سبب هت ڪونڌر ٿي ويا ڪئين قتلام!
    جُنگ بهادر! جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    توکان پوءِ تنهنجي سنڌڙي سورن آهي ساڙي ڀاءُ،
    واڳن جي ور ويچاري پئي وريا تنهن تي زهري واءُ،
    غيرن ان جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي ڪيا گهرا گهرا گهاءُ،
    پنهنجن پڻ آ هٿ سان ماري پنهنجي مٺڙي جيجل ماءُ،
    ڪنڌ کڻون چئو ڪهڙو تنهنجي اڳيان منهنجا عالي ڄام!
    جُنگ بهادر! جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    “مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون” سُڻندي تنهنجو قول سڄاڻ،
    ناز منجهان ڏس نڪري پيا اڄ سهسين سوڍا ۽ سرواڻ،
    ساڳيائي سڀ تو وارا ٿا پسجن تن ۾ اڄ اهڃاڻ،
    سنڌڙي تان سِر ڪير نه ڏيندو، آهه چيو ڇا ڏس اڳواڻ،
    “جيئي سنڌ” آ ورد وظيفو، پڙهجي پيو سو صبُح شام!
    جُنگ بهادر! جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!
    ڀالا هڻندا ڀاڪر پائي وڙهندا رهندا هي سڀ گهوٽ،
    ڪيرائيندا ڏينهن ڪَ ٻن ۾ ڪارا سي سڀ قهري ڪوٽ،
    سنڌ اَمڙ جي سينڌ سجائڻ لاءِ مَردن کاڌي موٽ،
    ٻوليءَ تان جي ٻرندا تن جا ٻيرا ڪڍنداسين ير! ٻوٽ،
    وانگيئڙن کي واپس پنهنجا، ڏيارينداسين ماڳ مقام!
    جُنگ بهادر! جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!

    صدقي توتان شال ٿيون او ڪامل ڪونڌر ڪيهر شينهن،
    تنهنجي نعري ساڻ اسين هت نوان لڳايون ٿا اڄ نينهن،
    تربت تنهنجي تي ته وسائينداسون محبت ڀريا مينهن،
    ساٿيئڙا “سرويچ” اُٿي پيا سنڌڙي ڏينداسون ير! ڪيئن،
    ماري ماري مردودن جا ڊاهينداسين ماڳ مقام!
    جُنگ بهادر! جوڌا جانب جرنيلن جا پيش امام!
    *


    ڪي وال ڪي اَڌ وال ۾

    دوست! منهنجي ديس جي توکي سڻايان ٿو خبر،
    ڇا وهي ڇا واپري پيو، ڳالهه هن ڏي گوش ڪر،
    ڪيئن ٿا گذرن غريبن جا هتي شام و سحر،
    پر ٻڌائج ڪين ڪنهنکي پهرين مونسان قو ل ڪر،
    ڇو ته ساٿي! هت لڳي ٿو سچ چوڻ تان مچ وڏو!
    تنهن ڪري آ ماٺ ۾ هن قوم جو ننڍو وڏو!

    ڳالهيون آهن گهڻيون پر ٿو ٻڌايان مختصر،
    هت غريبن جا اٿيئي رات ڏينها چشم تر،
    بي سهارن جو بِلو ڀيڻي نڪا هت آهي ڀر،
    پيڙهجن ٿا ظلم ۾ هت پيٽ پالها بي ثمر،
    ٿا هتي ڪن موج ڏس! زردار ظالم هر گهڙي!
    بيڪسن ۽ بي وسن جا ويا هتي سينا سڙي!

    ٿا لڳن ڌاڙا ڌڙاڌڙ! خوب قتلِ عام آ،
    قوم جي عصمت سندو، بازار ۾ نيلام آ،
    ننگ عزت ۽ شرافت جو به سستو دام آ،
    رهزنن لئي عيش آ، اشراف بي آرام آ،
    مير مارو پنهنجي گهر ۾ جان کان بيزار اڄ!
    اَڌ اَگهاڙيون عورتون؛سارا اگهاڙا ٻار اڄ!

    هت ٿيو هر وقت هيڻن جو ته هيڻون حال آ،
    زندگي ٿي بار ڀائو! ۽ جيئڻ جنجال آ،
    هر جڳهه مسڪين حيران، حال کان بي حال آ،
    لڄّ ليڙون ٿي ويس، خطري ۾ جان و مال آ،
    رات ڏينهان عام کي عصمت سندي فڪرات آ،
    سجّ سهنجن جو نه سنڀرن، بس! ڏکن جي رات آ،

    ظالمن جي ظلم کان، انسان ٿيو برباد اڄ،
    هڪ بکون بيماريون ۽ ٻيو رڳو بيداد اڄ،
    ڪوس ڪارو قهر آ، هر نئون ستم ايجاد اڄ،
    گهر ۾ گهوڙا ويڪ ووءِ، دربدر اولاد اڄ،
    دانهن دعوى دُف ٿي، بس! ڪو نه ڪو قانون آ!
    قوم جو هر فرد جيئري ٿي ويو مدفون آ!

    رات ڏينهان ملڪ هن ۾ راڄ رشوت جو هلي،
    وڃ مَٽي آفيس ۾ بس! ٿا ڇڏن ابتو کَلي،
    جان هڪڙي کان ڇڏائي، تان اچي ٻيو ٿو جَهلي،
    هي ٽُٽي ڄڻ پونگ مڪڙن جي ته تنهن پرور پَلي،
    ڄور جيئن چوسي ڪيو تن کوکلو آ قوم کي!
    خوب کاڌو تن ته سمجهي بي بِلو آ قوم کي!

    اسپتالن منجهه مريضن ڪاڻ مرهم ڪونه آ،
    هن بکِئي بيمار جو ڏس ڪنهنکي ئي غم ڪونه آ،
    ڪيئن ٿئي علاج اُن جودست ڪو دَم ڪونه آ،
    هر طرف انڌير آ، هيڏو ستم ڪٿ ڪونه آ،
    هيءَ حياتيون ڪيتريون دارون بنا ٿيون درگذر!
    “ڊاڪٽر ويچارڙا” ٿيا ڏوڪڙن لئي منتظر!
    ٻار مسڪينن جا آهن بُک کان بي حال ٿيا،
    پر نوابن ۽ وڏيرن جا ڪُتا خوشحال ٿيا،
    قوم جو اونو نه آهين، ڏس! ڪتن جا پال ٿيا،
    لوڌ “سوئرن” ۽ “رڇن” جي جا لکي لکپال ٿيا،
    بي اجها انسان ٿيا ۽ هو مُرن لئي ڪوٽ ڏس!
    هو ڪُتن جي ڪنڌ ۾ تون، ساوا ڳاڙها نوٽ ڏس!

    ٿي ويئي انسان جي عّزت ڪتي کان آهي گهٽ،
    جانور جي پڻ نه آ، مُردار ڪئي مخلوق مَٽ،
    ڌوڙ ۾ انسان ويٺل “باندرن” جي لاءِ کٽ،
    هاءِ گهوڙا ڇا چوان بس! دِل سڄي ٿي آهه ڦٽ،
    لوڪ جا هي حال ڏسندي، لڙڪ لڙيو ٿا پَوَن!
    سور سانگين جي کان سائين سينا سڙيو ٿا پون!

    جي نه آيو ڇيڙ تي بس! ڪو کڻي هڪڙي مهل،
    هُت وڏيري وات ڦاڙيو، هِت وڏيريءَ جي وڦل،
    ڏنڊ ٽيڻو ڍور ڍڪ ۾ ٿيو فصل کان بي دخل،
    مار گاريون موڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل،
    هن خدائي فرش تي هن سان ستم بي داد آ،
    سخت محنت کان به پوءِ، هو سدا ناشاد آ،

    جي ڪنهن مسڪين کي نرمل نياڻي ٿي نصيب،
    تان اميرن اُت مَچائي عشق بازي ڏس! عجيب،
    غير ڏسيو ٿي لڳي غيرت گهڻي پُڻ تنهن غريب،
    پر ڪري ڇا ٿو سگهي جت راڄ جا رهبر رقيب،
    جي ڪڇي تان بي سبب ٿو جيل جو مهمان ٿئي!
    مال چٽ ۽ زال گُم بس! گهر سڄو ويران ٿئي!
    ظلم جي ٿي انتها، زاريون نه ظالم ٿا ٻُڌن،
    عاجزن اڀرن جون آهون هي نه حاڪم ٿا ٻڌن،
    بي اَجهن جي هڪ نه اڄ، بي رحم بالم ٿا ٻڌن،
    رئيس ڪامورا وڏيرا ڪين عالم ٿا ٻڌن،
    هر طرح هيڻن مٿي، هر جاءِ هاڃان حال ۾!
    ويڙهيا وانگي وتن، “ڪي وال ڪي اڌ وال” ۾!

    بس! ادا! بس هاڻ پورو، درد جو ڪر داستان،
    مون ۾ طاقت ناهه جو، اڳتي ٻُڌي ٻيو ڪجهه سگهان،
    جو ٻڌو آهم انهيءَ آهي جلائي منهنجي جان،
    مشڪلون مولا هٽائي، ملڪ وارن جي مٿان،
    نظم تنهنجي سچ ته اي “سرويچ” ڪيئڙو بيقرار!
    ماجرا مارُن جي ٻڌندي ٿيون اکيون مون اشڪبار!
    *


    ڀٽ ڌڻي ڏانهن

    سلام توکي ڏين ٿا سنڌي، سڀيئي ساري ڀٽائي مُرشد،
    سلام سان گڏ فغان به ڪن ٿا هنجون سي هاري ڀٽائي مُرشد،
    وڌو آ مارُن مٺن کي مرضن، ڏکن به ڏاري ڀٽائي مُرشد،
    ڳڀي جِي ڳڻتيءَ ڇڏيو آ تن جي بدن کي ڳاري ڀٽائي مرشد،
    ڪلهن جون ڪيهون پون ٿيون پلپل، ٽڪر جي ڪارڻ لطيف سائين!
    وڃيو سي چنبڙن مٺيءَ کي جيجل، ٽڪر جي ڪارڻ لطيف سائين!

    پٿون ٿيا مارو پچي ۽ تن وٽ، رجهي نه راتين سنديون ڪي راتيون،
    چُرڻ کان چٽ ٿيا، چُلهيون اُجهاڻل، چرين جيئن جهنگ ۾ ڏين ٿا جهاتيون،
    جوان ڌيئر، رلن ٿيون در در ،اٽي جي لپ لئي الاڙي آتيون،
    اُنهن جي حالت ڏسڻ سان هڪدم، لڳن ٿيون قلب و جگر ۾ ڪاتيون،
    فڪر ۽ فاقن فنا ڪيا مارو، ڏکن کان سُڏڪن لطيف سائين!
    ڪنبن ٿا قهر و ستم کان هردم، ڪڇن نه ڪُر ڪن لطيف سائين!

    هڏن تي چمڙي سُڪي ٿي ساڻي، رتي نه رت جي بدن ۾ تن جي،
    نٻل جسم ۽ وسام من ۾، رهي نه قوت هڏن ۾ تن جي،
    هزار اُمنگ دلين ۾ ليڪن، وڃن ٿا رڪجي چپن ۾ تن جي،
    ڪڏهن ته ايندو ڀلا ڀٽائي؟بهار اُجڙيل چمن ۾ تن جي،
    ڳڙن ٿا جن جي ڳلن تان ڳاڙها هزار ڳوڙها لطيف سائين!
    جلن ٿا دوزخ مثال جڳ ۾، جوان پوڙها لطيف سائين!

    اکين ۾ پاڻي، اُداس چهرا، لڱن تي ليڙون هڏن جا پڃرا،
    بُکن جا ماريل، مريض دائم، متيون نه سالم اَگها ۽ اَڀرا،
    پٿر جون مانيون ٻڌائون پيٽن،ڏکن جا ڏاريل ڏسڻ ۾ ڏٻرا،
    پسڻ ۾ جهڙابنا پَسهه جي، پُرين کان پيڙهيل پري کان پڌرا،
    مٿن تي تن جي ٻرن ٿا هردم ٻٻر جا ٽانڊا لطيف سائين!
    ڇڏيا ته ساڙي، ستمگرن ڏس! انهن جا آنڊا لطيف سائين!

    خوشيءَ جو هڪڙو ڏٺو نه ڏينهن تن، غمن ۾ گذري ڄمار تن جي،
    روئڻ ۽ راڙو، ڪَلهن جا ڪر گل، ٻُڌن نه ٻوڙا پڪار تن جي،
    مَڏي ۽ ملڪيت مِڙئي ويا کائي، مَڪر سان مُنڪر مڪار تن جي،
    وجهي ٿي وڍيو مٺاڙي! مُرشد،مٺي سا ماٺ ۽ ميار تن جي،
    اسين خوشيءَ ۾ کلون نچون هو، روئڻ ۾ پورا لطيف سائين!
    دکن ٿا تن جي دلين ۾ دَم دَم دُکن جا کورا لطيف سائين!

    ٻڌايان حالت، اوهان کي تن جي، هينئين سان ٻُڌجو حبيب سائين!
    ملينِ مُشڪل، سڪونِ پل کن، ڌڪن ۾ آهن اُهي اڃائين،
    پچن ٿا مارو مٺا سي ائين جيئن پچي ڪنڀر جي سدا نهائين،
    وساري تن کي، ستا سکيا ٿي، ڪڏهن کان آهيو ڀٽائي آئين،
    هتي ٿي ڪهڙي، نموني تن جي حياتي گذري لطيف سائين!
    اکين مان تن جي پَسهه اِجهوڪي اِجهو ٿو نڪري لطيف سائين!

    غريب مارو، غمن جا ماريل، غنين جي درجا غلام گولا،
    پٽي ڇڊي بس! لسيءَ جي لپ ۽ رُکا سُڪل تن ملن ٿا لولا،
    ڇنل ٽٽل تن رَلي به هڪ اڌ، ڪُنو ۽ دانگي ڀڳل کٽولا،
    اُسن ۽ سردين ڇڏيا سي ساڙي، لٽو نه اوڇڻ اَجها نه اولا،
    اَها ٿي حالت هتي جي مارن مٺن جي مٺڙا لطيف سائين!
    ستايلن جا سگهو ئي سڻ تون، سڏن تي سڏڙا لطيف سائين!

    نگر نگر ۾ انڌير نگري، ڳليءَ ڳليءَ ۾ جبر آ جاري،
    گهڙي گهڙي ٿا ڪنگال ڪسجن انهن سان قائم قيام ڪاري،
    مري ڳري ته به بکيو اگهاڙو، هتي جو هر هڪ مزور هاري،
    هتي جو جيئڻ الا! او دوزخ الا! او توبهه الا! ڙي زاري،
    لڇن پچن ۽ سڙن ٻرن هت غريب مارو لطيف سائين!
    ٻڌائي ڪيڏانهن وڃن ڪُٺل هي قريب مارو لطيف سائين!

    هتي جا حاڪم ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا، زبان جا کوٽا،
    چوين،سچ تان، لڳين مچ ٿو، ڪڍن ٿا هڪدم وڏا اکوٽا،
    گهڻي سي پاپي، وٺن ٿا رشوت، غريب کي ڏئي گهٽا مروٽا،
    کپن ٿا تن کي خراڙ اَن جا، ٽَڪَن جا ٿيلها، مکڻ جا لوٽا،
    سنڌين کي هردم، ستايو آ تن، ستمگرن او لطيف سائين!
    ڌڻي کان گهر تون، دُعا ته سي شل ٻڏي مرن او لطيف سائين!

    اسان جا رهبر، وطن جا قاتل، گهڻو سي آهن ڏسڻ جي قابل،
    شريف کي ڪن شڪار جهٽ پٽ، شرير سان سي سدائين شامل،
    ملينِ ماڻهو سندو جي ماس ته، مچي ٿي تن جي مدام محفل،
    مري جي سنڌ ۽ سنڌي ته ڇا ٿيو! هنن کي گهرجي رنڊي ۽ بوتل،
    ڪجي ته هاڻي ڀلا ڪجي ڇا؟ ٻڌاءِ تون ئي لطيف سائين!
    لکيو آ “سرويچ” جو به تنهن کي اگهاءِ تون ئي لطيف سائين!
    *


    ننگي انگ نياڻيون

    غرقور غمن ۾ ٿو ڏسان قوم پياري،
    قاتل جي وهي ڪنڌ مٿي جنهن جي ڪٽاري،
    ڏاڍن جي ڏسان ڏيهه ۾، هر ڏينهن ڏياري،
    هيڻن جو هتي يار، ٿيو جيئڻ به خواري،
    هت گهرج انهيءَ جي جو هجي سيٺ سگهارو!
    مسڪين ۽ مفلس کان ڪري هرڪو ڪنارو!

    مسڪين مٿي آهي، هتي مار مدامي،
    غنين جي ڪري هو ٿو سدا در جي غلامي،
    ته به تنهن کي اُٿي ويٺي چون هو ٿا حرامي،
    حرامي ته وڏا پاڻ سندن پيءُ به حرامي،
    خدمت جو ڪري تنهن سان هي ڪن خرٿا خسارو!
    پاپين سان شريفن جو پيو آهي پنارو!

    جت تيل بجاءِ ٿو وڃي پاڻي ٻري ڙي،
    جيئڻ به جتي آهي ٿيو ڳالهه ڳري ڙي،
    معصوم لکين لال، ويا مرضن ۾ مري ڙي،
    تن کي نه ڏني ڪنهن به ٺلهي تيل تري ڙي،
    مليو نه مگر تن کي ڪو آنو به اُڌارو!
    سورن ۾ لنگهي تن جو، ويو سانوڻ ۽ سيارو!

    مظلوم نياڻين جو جتي ننگ وڪامي،
    هر رات غريبن جي، ورنهن ۾ وهامي،
    هڪ پل به پيارن تان نٿي آڳ اُجهامي،
    مسڪين جتي ظلم جي آڙاهه ۾ کامي،
    پُر پيچ خطرناڪ بنيو وقت پيارو!
    هر روز ڏسن نيڻ هي پُر درد نطارو!

    هرجاءِ ڏسان جام “ننگي انگ نياڻيون”،
    وهائين ٿيون، لکين لڙڪ هو نيڻن مان نماڻيون،
    سِرجڻ کان سُڪي سوڪ ٿيون سورن ۾ سياڻيون،
    ڄاڻن نه بنا روڄ، ٻيو راڳ ڪو راڻيون،
    هر مهل ٿئي تن جو ٿو، گوندر ۾ گذارو!
    ڇانيل ٿو رهي تن جي، او! اڱڻن تي انڌارو!

    سانگين جو ويو آهي سُڪي ساس وطن ۾،
    ڇُڙيا پيا هلن ڇيڪ، ڪي راڪاس وطن ۾،
    ماڻهن جو پٽي کِين، ڪچو ماس وطن ۾،
    هر پَهر اچي پاپ جي، بوُ باس وطن ۾،
    هت قهر ستم جو ته ڪنڌي ناهه ڪنارو!
    گذري ٿو غريبن جو، هر ڏينهن ڏکارو!

    آزاد رهون ڪين ٿا، آزاد وطن ۾،
    ڦُرين جو ٻُڌي ڪونه ڪو، فرياد وطن ۾،
    دانهن جو ٿئي ڪين صفا داد وطن ۾،
    بُکين سان مٺا ڀاءُ! آ بغداد وطن ۾،
    ڇا ڇا نه اسان ساڻ ٿيو ديس ۾ يارو!
    هر حّق اسانجو ته غصب ٿيو اي پيارو!
    هر واٽ مٿي جام، اڄ واسينگ وطن ۾،
    ڍاوا پيا هلن ڍور، جيئن ڪي ڍينگ وطن ۾،
    مسڪين بنا نان جي مرڻينگ وطن ۾،
    تن جي نه لڱن تي ڪا، ڏسان لينگ وطن ۾،
    مغموم رهن مارو سندن من تي مونجهارو!
    ساٿي ڙي اُٿو تن جو ڪريون ڪو ته سڌارو!

    مزدور ٿيو چُور کڻي بار پٺن تي،
    انسان کڻي بوج کڄي جيڪو اُٺن تي،
    ڇاڇا نه ڪيو تنهن ته آ ٽڪرن ڙي رُکن تي،
    افسوس ڪيو ترس، نه ڪنهن تنهنجي ڏکن تي،
    هرسال وهي ڏاند جيان هو ٿو ويچارو!
    تحقيق هي مزدور آ قومن جو سهارو!

    هاري جنهن هڻي هر ڪيون آباد زمينون،
    هر اوڙ اندر جنهن جو پيل خون پسينون،
    ته به پيٽ بُکيو تنهن جو آ منجهه سير سفينون،
    ڏس خون انهيءَ جي تي ڪري عيش ڪمينون،
    هيڻن جو ڪري ڪيئن نه هڙون هڙپ هچارو!
    مظلوم سندي مال تي ٿيو سيٺ سگهارو!

    ڪوڏر به صبح شام هڻي، ڪو ته خبر پئي،
    ڏلها به مٽي سِر تي کڻي، ڪو ته خبر پئي،
    سارين کي منجهان تار لُڻي، ڪو ته خبر پئي،
    راتيون به بکيئي پيٽ تَڻي،ڪو ته خبر پئي،
    رڳو گوڏ گنجيءَ ۾ ته ڪري ڪير گذارو!
    ڪاٽي ڪو سڄي رات بنا سوڙ سيارو!
    پوکي ۽ وري تن کي، پچائي ته سهي ڪو،
    سرديءَ ۾ هلر رات جو، ڳاهي ته سهي ڪو،
    مزدور بنا محل هي، ٺاهي ته سهي ڪو،
    ريتيءَ جون تغاريون به، اُٺائي ته سهي ڪو،
    گوڏي کان وڏيءَ گپ ۾، ماري ته ڪو گارو!
    ۽ پوءِ به وڃي کائي رُکو ڪڻڪ جو ڏارو!

    بنجر هي زمينون به، ڪو کيڙي ته خبر پئي،
    هر سنگ جدا تنهن کي، سهيڙي ته خبر پئي،
    انبار اَنن جا به ڪو، ميڙي ته خبر پئي،
    رستن تي پٿر سخت، پکيڙي ته خبر پئي،
    کُورا به جلائي ڪو، صبح شام ٻپهارو!
    ڏامر جو لڳاتار، ڪري ڪو ته پگهارو!

    ان کان به ڏسان پوءِ، ٿو ڏوٿين کي ڏکيو ڙي،
    بت صاف اُگهاڙو ۽ سندن پيٽ بکيو ڙي،
    سانگين جا پسيو سور، وڃي ساهه سُڪيو ڙي،
    ديسين کي ڏسيو منهنجي وڃي دل ته دُکيوڙي،
    پوءِ ڇو نه بغاوت جو، وڄايان مان نغارو!
    هن قهر ڪنان ڇو نه ڪريان ويس مان ڪارو!




    هر وقت وطن ۾ ته وڏا ويل ڏسان ٿو،
    سچ جيڪو چوي تنهن کي ئي منجهه جيل ڏسان ٿو،
    سيني ۾ لڳل تنهنجي سوين سيل ڏسان ٿو،
    هر روز مٺا ڀاءُ عجب، کيل ڏسان ٿو،
    دنيا جو ويو آهي ٿي دستور نيارو!
    هڪ عيش ڪري ٻئي جو غمن منجهه گذارو!

    رهزن ٿا هتي روز، ڪن ناپاڪ ارادا،
    هيڻن کي لُٽڻ جا ته غضبناڪ ارادا،
    شيطان پيا ڪن ته شرمناڪ ارادا،
    شل پاڪ خدا تن جا ڪري خاڪ ارادا،
    ويرين کي وڍڻ لاءِ ڪريون يار ڪو وارو!
    ڍڳ ڌوڙ سندا تن جي وجهو منهن ۾ پيارو!

    هن اوچ ۽ نيچ ڇڏيا ويل وهائي،
    هڪ کي نه جهڳي آهي، ٻيو ست ماڙ اَڏائي،
    هڪ کي نه لڀي ليڙ، ٻيو پَٽُّ پيو پائي،
    هڪ روز بخارن ۾، ٻيو عيش اُڏائي،
    “سرويچ” ڀلا ملڪ ۾ هي ڪهڙو انڌارو!
    کسجي ٿوغريبن کان، جيئڻ جو ڇو سهارو!
    *


    ڳڻتيون ڳوڙهن سان ڳچ..!

    منهن کڻڻ جهڙا نه ٿيا، مسڪين مارو سنڌ ۾!
    غم وڌيا ويتر مٿن، غمگين مارو سنڌ ۾!
    سور ۽ سوريون تنهي لئي، سخت ساڻن سختيون!
    ڪين ٿا سنڀرن ڪڏهن، تسڪين مارو سنڌ ۾!

    نار جي ڦيري سان جيئن، لوٽن مٿان لوٽا وسن!
    لُڙڪ ان پر “لال لک” هارين مارو سنڌ ۾!
    حسرتون هربار سانڍي ساهه سان سانگي رکن!
    سُهم هر ڪنهن سال ٿا، سودين مارو سنڌ ۾!

    سيم پنهنجيءَ ۾ ڪيا، سانگين تي سانگيڙا ڏُکن!
    ٿا سُکئي ڪنهن ساهه لئي، سوچين مارو سنڌ ۾!
    ڳاهه ڳوٺاڻن کي ڳاري، ڳاهي ڳڙڪائي ڇڏيو!
    “ڳڻتيون ڳوڙهن سان ڳچ” ڳوهين مارو سنڌ ۾!

    سعد سونهاري ڏينهان، سرمائيداري جو جشن!
    پر خوشيون پنهنجيون ٿا ڪن، تدفين مارو سنڌ ۾!
    گهر ستمگر جي ته رڌجن “ست رڇيون” پر هو ڏسو!
    پيا سُڪل لولو کڻيو سيڪين مارو سنڌ ۾!

    وقت جي هن وهڪري ڪا وٿ نه مارن وٽ ڇڏي!
    پوءِ ڀلا ڇا کيِن ۽ کوهين مارو سنڌ ۾!
    سچ ٻڌاءِ! ڪنهن نياڻي يا سياڻي کي سڏي!
    ههڙي حالت ۾ ڀلا ڇا، ڏيِن مارو سنڌ ۾!

    آب اڻ ڇڻيل تتل رت سان گڏيل جو ٿو ڏسين!
    سو اکين مان اَڻ مَيو، اوتين مارو سنڌ ۾!
    ڏينهن سڄو ڏيڏر ڏنڀيندي، ڏنگ سهندي ڏيهه جا!
    پوءِ به ڏُٿ آڻين ۽ چاڙهين مارو سنڌ ۾!

    عيد جي گيتن بجاءِ، اڄ مرثيه ماتم سندا!
    ٿا ڳلين ڳوٺن اندر ڳائين مارو سنڌ ۾!
    سجّ ڪو سهنجن سندو “سرويچ” اُڀري شل سِگهو!
    شادمانا ڪن کِلي شوقين مارو سنڌ ۾!
    *


    ننگ ـ پيٽ ـ ٻچن جيِ ڳالهه..!

    ها ڏي تون خبر اي ڀيڻ پياري، نير وهائين ڇو ٿي ادي،
    هي نيڻ سندءِ هينئن پلٽي پيا، ڄڻ نهر ٽُٽي ڪا پيئي ندي،
    توکي ڪوهه ٿيو ۽ ڪير وڙهيو؟ تون ڳالهه سڻائي صاف سچي،
    هي حال ڏسي تنهنجو ته ادي! من منهنجو ڦٿو دل جان جَلي،
    تنهنجي درد وڌو دلگير ڪري تنهنجي مرض وڌو ٿم ماري چري!
    تون صاف سگهي ڪر بات ادي! ڇو تنهنجو ويو آ ڏيل ڏري!

    ڇا حال ٻڌي تون منهنجو ڪندين، هن درد سندي تو وٽ نه دوا،
    هي راڄ رڳوئي روڳ بنيو، هت روز روئڻ ٿيو آهي روا،
    هن ڀونءَ مٿي اي ڀاءُ مٺا! ٻي ڪابه سندم ڀيڻي نه ڀوا
    هي ديس سڄو دک درد ڀريو، ڪو سيڻ نه آهي سُور سوا،
    هن حال ڪنان پئي موت مڱان، جيئڻ به ٿيو ٿم بوج ڀري!
    ڇا حال ٻڌي تون داد ڪندين، وڃ پنهنجي هليو تون واٽ وري!

    هڪ سور هجي جو توکي کڻي اي ڀاءُ ٻڌايان بات ڪري،
    هت روز جبر ۽ قهر وسي، ٿي باهه ستم جي روز ٻري،
    هت پاپ مٿي کان تار وهي انسان پيو ري موت مري،
    ۽ هيڻن جي هت عصمت تي، هي عيش ڪري، هو عيش ڪري،
    هي راڄ بنيو بيداد نگر هت داد پڪارڻ آهي غلط!
    هي ڏيهه سڄو ٿو ڏنگ هڻي، هت رات گذارڻ آهي غلط!
    هڪوار مري هرڪوئي مگر، هر بار اسين ٿيون روز مرون،
    “ننگ-پيٽ-ٻچن جي ڳالهه” ڳڻي، ڳچ روز ڳرون منجهه باهه ٻرون،
    جي ڏينهن تپي ته به ساهه سڙي، جي سيءُ پوي ته به خوب ٺرون،
    جي مينهن پوي ته به موت ٿيو، جي واءُ وري ته به ڪيهه ڪريون،
    هڪ پاءُ اَٽي جي لاءِ پنون، هڪ آني ڪارڻ بيک مڱون!
    هن جاڙ جيئڻ کان جلد اسانکي، زهر پيئڻ ئي آهي چڱون!

    هي پيٽ بکيو ۽ اُرهه اگهاڙو، سينڌ نه سنڀري تيل ڦڻي،
    هي چيڙهه پيو ٿم چوٽيءَ ۾ ويا ڪارا ڪنڍڙا وار ڇڻي،
    ٿيا ليڙ لٽا هر انگ عيان، ست سيل سَندم پرزا ۽ پڻي،
    ٿي پئسي پائي ڪاڻ پنان، هر هڪ جي اڳيان ڏس نيڻ کڻي،
    ڪو ڪجهه نه ڏئي، ڪو ڇڙٻ ڏئي ڪو عشق سندا ايلاز ڪري!
    ڪو عاشق مست مزاج اچي ٿو پيار وفا جي هام ڀري!

    هر روز پيا ڪئين گرگ گڙن، چم ماس پٽي چُگهه چير وجهن،
    هر روز هتي مون جهڙيون لکين، مجبور لٽايو ننگ وڃن،
    فرياد فغان ڪو ڪين ٻڌي، انسان جئين سي ڪيئن جيئن،
    هر جرم هتي ٿو جوان ٿئي انصاف انڌو معذور چوان،
    ڪو آهي اوهان منجهه اهڙو ادو جو دانهن ٻڌي ڪجهه داد ڪري!
    مظلوم نياڻين جي ته اچي اک پور اندر امداد ڪري!



    هر روز حميرن جي ته هلان، هر روز عمر کي عيش کپي،
    هر روز هتي هڪڙو نه ٻيو مارئي کي مٿان ٿو کوهه جهپي،
    هر روز سنگهارين جي ته سرن تي باهه ستم جي تيز تپي،
    هر روز هتي زردار ڪڏي ۽ ڪنڌ شريفن جا ٿو ڪپي،
    هر رات وڏيرو عيش ڪري، هر رات اسان لئي درد ڄمن!
    هر روزهتي مون جيڏين جهڙين جا ته سدائين نيڻ ٽمن!

    هر روز هتي پٽ پيءُ بنان اڄ آهي ڄڻڻ آسان ٿيو،
    هي منهنجي ٿڻن تي جيڪو ٻچو، ان جو به ابو شيطان ٿيو،
    مون تي به اِهو ڪنهن آهي اوهان جهڙي جو وڏو احسان ٿيو،
    افسوس! اڃائي پيا ڙي! اوهين انسان جيئو، انسان جيئو،
    “سرويچ” ادا هن حال مٿي رت روز روئڻ مون فرض ٿيو!
    جو مون تي وهيو سو ڀيڻ نماڻيءَ تنهنجي اڳيان آ عرض ڪيو!
    *


    مرڪ منجهيو پئي چپڙن ۾

    نيڻ وڃائي ويٺيون نينگر، اُڌڻي اُڌڻي توهن ڍير،
    رات وهاڻيءَ آيون ملين ويل وچينءَ مس آڻن سير،
    گهر ۾ پنج ست ٻار بکايل سير منجهان چُئه کائي ڪير،
    ملڪ اوهان جي ۾ ڙي سائين! هردم هيڏا ٿين انڌير!!

    ڪونجن جهڙيون ڪنواريون نينگر صاف اُگهاڙيون ڪپڙن ۾،
    شرم حيا جون ماريون ناريون سيل پچائن پکڙن ۾،
    منهن لڪائن ماڻهن کان دَم ڇاتيءَ ۾ دم ڇتڙن ۾،
    جوڀن جواني جي ڙي! الا! تن مُرڪ مُنجهيو پئي چَپڙن ۾!!

    ساڻيهه سارو سانگين ڪارڻ صاف نسورو سور الا،
    ويلا ويلا لوڪ لنگهڻ ۾ ماني لئي مجبور الا،
    ميلا تن لئي موت ۽ ماتم، عيدون تير انبور الا،
    ديس اوهان جي جو هي ماري دائم ٿو دستور الا!!

    نينگر نينگر نير وهائي آيل آيل رت رُئي،
    ڳاڙهن ڳاڙهن لڙڪن جا بس هرڪا ويٺي هار پُئي،
    هٿ کڻيو پڻ هيڪ ڌڻي کي سڀڪا سُڏڪيو هيئن چئي،
    ته ماري جو ٿو مارن کي اي! الا!! انهي تون مار مُئي!!

    جيڏين جو ويو جوڀن کامي، سورن ساڙين ساهه الا،
    ٿو پئسي پائي سير وڪامي ماروئڙين جو ماهه الا،
    پيٽ ۽ پوتيءَ جي ته فڪر ۾ پورهيت ٿيئيون پاهه الا،
    ويل مچي ويو واٽن تي ۽ ويئي ويچارين واهه الا!!

    ڀاڳ ڦِٽو ڙي ڀينر شايد ڀونءَ سڄي ڀڙ ڀانگ الا،
    سورن ساڙيا سانگيئڙا سي سيڻ ويا ڪنهن سانگ الا،
    مار مصيبت مارن تي ٻيا سهسين چُهٽن نانگ الا،
    شل ڪونه ڏسي “سرويچ” ڏکيو ڏينهن منهنجن وانگين وانگ الا!!
    *


    سنڱرالن تي ساهيڙيون..!

    جيءُ جيءُ منهنجا لعل قلندر، ڪامل بزرگ گهوٽ ڪبير،
    صدقي توتان ساهه پساهه، او عالم عارف وارث وير،
    تنهنجي پيرانديءَ کان پيئي، ايندي آهيم ٿڌڙي هير،
    تنهنجو نانءُ وٺڻ سان وسريو ويندا آهن کنڊيون کير،
    تون وٽ پرين پاران آندم ٻول ٻه ٽي هي ٻاون وير!
    مارُن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مُرشد محسن مير!

    تنهنجون “ليارن” جهڙيون لاتيون، لُونءَ لُونءَ ۾ ٿم لعلڻ لال،
    تنهن جو منصب مان مٿانهو،تنهنجا اعلى سڀ اعمال،
    ڍاٽين جون ڍڪ ڍول ڍلايون، ڍاٽين جي ٿي ڍولڻ ڍال،
    سنڌڙيءَ جا سرتاج سهواڻي! سگهڙي لهه ڪا سار سنڀال،
    پوڃاڙيءَ جو جيئن پٽن تي، پيئن سرتيون کير پنير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!

    لاڙ منجهان مون آندا تو وٽ لاکيڻن جا لک سلام،
    مارُن توڏي موڪ مُڪا اڄ، پرت منجهارا پاڪ پيام،
    وانگي تنهنجون واٽون ويٺا ووڙين ور ڏئي وير وريام،
    سانبي ساهه برابر سانڍين سانيم توکي صبح شام،
    اُوٺين ڳوٺين کي آ، تنهنجي اندر ۾ اڄ عام اُڪير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!

    جهانگي جهنگن منجهه پيا توکي، جيءَ ۾ جهونگارين جناب،
    آلاپن سُرَ اهڙا جن جو ناهي ڪوئي جوڙ جواب،
    ڀنڙيءَ ڀنڙيءَ ڀيج تنهين جي، چڻ ڀڻ جهڙا چنگ رباب،
    ڪوسي ڪوسي واءُ ويچارن جا ڪيا ڪاڙهي قلب ڪباب،
    ٻولن تن جي ٻاريو آهيان چم، ۾ پيڙم چيهون چير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!

    تنهنجن پيارن پيارن مٺڙن ماروئڙن جا ماڳ اداس،
    مال وندن تن مانگيئڙن جا، مينهيون ۽ ميهاڳ اداس،
    ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا، ڀونگا ڀيڻيون ڀاڳ اداس،
    تنهنجا درس ڌمالون دلبر! روحاني رس راڳ اداس،
    جهوري تن جي جهوريو آهيان، جيءَ ۾ پيڙم هيڏا جهير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!

    “تون” ۽ “ڀٽائي”،”سچل” جهڙا ڪامل اولياءَ ڪيهر شينهن،
    ڪهڙا لائي ويٺا آهيو، ايڏانهن نازڪ نازڪ نينهن،
    پنهنجي سنڌ سونهاري تي ٿا ڏاڍا ڪوسا گذرن ڏينهن،
    موڪ وسايو مارن تي ڪي مولا طرفان مهرئون مينهن،
    ڏرت ٽري سڀ ڏيهه مٿان ۽ ٿر کي ٿڌڙي پهچي هير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!




    موٽي ماڳن ۾ ڪي ڪريون، محبوبن سان ميلا ميل،
    روح رچنديون ڳالهيون ڳرهيون، ريڍارن سان پاسي ريل،
    سرتيون خوش ٿي سنڌ وطن ۾ تڙ تي ڪن ڪي تيل ڦليل،
    گُجرن کي ڪو ڪونه هڻي جيئن گس تان ويندي گرز گليل،
    “سڱرالن تي ساهيڙيون” جيئن، ساجهر نڪرن ٺاهي سنبير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!

    ساڻيهه ۾ ڪي ويهي وڄايون سوزائتا سُرندا ساز،
    ٻانهيارن جا ٻول ٻُڌون ڪي، اُلفت ڀريا جي آواز،
    ڪينجهر ڪنڌئين ويهي ڪن سي، نوريون نئين سر ناز نياز،
    ريلن تي رِم جهم رُت ۾ راڻيون روح جا اورين راز،
    ڳوٺاڻيون جيئن ڳاٽ اُچي سان ڳولين ڳاڱا ڳم ڳنڊير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!

    توکي پرتو آهي پيارا تنهنجو پنهنجو پيارو ديس،
    توکي پرتو آهي پيارا وانڍين واڙين وارو ويس،
    توکي پرتيون ڳاڙهيون لنگيون، توکي پرتا اَجرڪ کيس،
    توکي پرتا پنهنوارن جا پکڙا پاڙا پّڊ لبيس،
    تون ئي هي “سرويچ” سنڌيئڙا ثابت تارج منجهان سير!
    مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
    *


    پارا ۽ پنهنوار

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، پوتي هڪڙي ڪڇ ۾ ٻار،
    ڇانڀ اتر ۾ ڇُڙيل ڇتڙا، جنڊ هلائي نازڪ نار،
    سيءَ ۾ ٿڙڪن ڏند ۽ ڄاڙون واءُ ٿو ڌوڻي هرهڪ وار،
    هاءِ! ڏسو ڙي! ساٿي سنگتي پيٽ ڪرائي ڪهڙي ڪار!!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، چُلهه جي ڀَر ۾ ٻڍڙي زال،
    پال وڇائي ويٺي پٽ تي، ويڙهي هڪڙو ڪپڙي وال،
    ڪاٺيون سيريو سيڪي هٿڙا، ڪاٽي ائين ٿي سارو سال،
    هاءِ ڏسو ڙي ساٿي! پنهنجن سانگين جو هي هيڻو حال!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، پٽ ۾ ليٽيل ننڍڙا ٻار،
    ڪارا ڪوجها ڪلهڙا ٻچڙا، ڪيئن سمهن منجهه سردي ٺار،
    آيل تن کي اولاڻا ڏي، پيءُ ٽمائي نيڻين نار،
    هي به جيئڻ ٿيو جهنم جهڙو، هي به حياتي ڳورو بار!!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، ڀونگيءَ ڀرسان ڀوري ڀيڻ،
    نيلي اُڀ ۾ آس اڙايو، ويٺي نائي نرمل نيڻ،
    هير اُتر جي هڪلون ڪريو، وَرَ وَرَ سان ڏي تنهنکي ويڻ،
    ساٿيئڙا ڙي! سوچيو سوچيو!! سردي ساڙيا ڪهڙا سيڻ!!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، در ڀڳل وٽ سهڻي ڌيءَ،
    سينهي وانگر سوڙهي ڪئي، ڏس ساڙي ڪيئن نه آهي سيءَ،
    هاءِ ڏسي ڪا درد وندي دل، حالت هتڙي هيڪر هيءَ،
    ڇا نه ڪيو آ ڇورين سان هن سِنڌ وطن ۾ سورن سِيءَ!!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، جهوپي اڳيان هڪڙي جوءِ،
    ڳجهه اندر جون ڳالهيون ڳڻيو ڳاڙها ڳوڙها ويٺي روءِ،
    لڄ ڏيئي ڪر لوئي وٺان پر لوڪ وجهندا بلڪل لوءِ،
    ساڙي! ماريا سيءَ مگر هي، سيل نه وڪڻي سنڌي جوءِ!!

    پوهه جو مهينو، مينهن ۽ پارو گهر ڊَٺل تي واءُ جو وار،
    ٻُنڀ اڳيان پيو ٻري، ٻري ۾، ٻڍڙو ويچارو بيمار،
    رکي رکي ڪو ڏيئو ٽمڪي،قهر جي اوندهه ڪارونڀار،
    منظر اهڙو ڏسندي سائين لُڙڪ لڙن ٿا زارو زار!!

    پوهه جو مهينو رات به پوئين، مَنههَ هيٺان هڪڙي ماءُ،
    ويڙهي سيڙهي ويٺي آهي، دل ۾ سانڍيو گهرا گهاءُ،
    واڳونءَ وانگر وريو تنهن تي، ووءِ! اتر جو ويري واءُ،
    ڀيڻن تي اڄ باهه ٻري وئي، ڀيڙا ٿيو ڙي ڀرجهل ڀاءُ،

    پوهه جو مهينو مينهن ۽ پارو، رات انڌاري ڪاري ٻاٽ،
    ويڙهه وطن جا وانگي ويٺا، پنهنجو وڃائي وڳّ ۽ واٽ،
    سانگين سان “سرويچ” ادا، هت سورن سهسين ڪيڙا ساٽ،
    اٿو ا ٿو اي ساٿي! سنڀري واچوڙن ۾ ٻاريون لاٽ!!
    *


    ڪورن آنڊن ۾ ڪهرام

    بيهن واري ڀيڻ! سنديئي درد وڌا اٿم دل تي دام،
    ماريو مونکي مات ڪري ٿي ماٺيڻي هي تنهنجي مام!
    ويل وِهاڻي ويئين پئي تون ٻانهون ڳچيءَ ۾ پايو ٻئي،
    سيءَ ۾ ٺرندي، ڏڪندي ڏڪندي، تڪڙا تڪڙا وجهندي وام!

    تار مٿي کان ٺريل پاڻي تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
    گُريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي ڏيندي توکي ٿي وئي شام!
    سيءَ سُڪايئي سورن ساڙيئي، سونهن وڃايئي سوڍي ڀيڻ،
    پيٽ بکئي لئي نيڻ نچويئه، جيءُ ولوڙيئه جيجل جام!

    پرهه ڦٽيءَ جو ويئين پئي ۽ مٿان وچينءَ جي ويل لڙي،
    ڀور نه ڀوري ڪوئي کاڌءَ، “ڪورن آنڊن ۾ ڪهرام”!
    بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀِڄندي ڀَڄندي تيز اچين،
    بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام!

    بوج ڳرو ۽ پنڌ پريرو، ڪنڌ ڏڪندڙ ساڻ کڻي جو،
    سو ته ڪري ٿو تنهنجو هر هڪ قدم اسانکي اڄ قتلام!
    بيٺ بدن ۾ بار سبب ويا، تنهنجي پئجي خوب بٺا،
    چُور چُرڻ کان چمڙي چيريل نيڻن جي تو ننڊ حرام!

    پري پري کان ايندو توکي ڏسندي ننڍڙن هينئن چيو،
    اَمڙ اچي ويئي هاڻي ڏيندي ترت رڌي ڪجهه تازو طعام!
    هيڏيءَ هلاڪت سان جو آندئين، مال انهيءَ جو مُلهه وري،
    “آني-ٻن” ٿو سير وڪامي، ويل ڏسو ڙي هي وريام!

    سوبه وڪيو ڪجهه ڪين وڪيو ڪجهه اوڌر ٿيو ڪجهه مفت ويو،
    هاڻ ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مُدام؟
    پير اڱڻ ۾ پاتئي جنهن دم دانهن ٻچن ڪئي ماني ڀور،
    لفظ ٻُڌي هي لڙڪ لڙيا، تو ماءُ مِٺيءَ سان ٿيو ماتام!

    ڪين ٽنگئين هٿ ڪنهنجي اڳيان تون پنهنجيءَ محنت تي مسرور،
    ڌيءَ سنڌياڻي! آهي اسانجو تنهنجو همّت کي ته سلام!
    ڏيل ڏرئين ٿي، پهڻ پيهين ٿي پوءِ به جيئين ٿي جڳ ۾ هاءِ،
    سور چرين ٿي ڪين ڪڇين ٿي گهوڙا ڙي! او! تون گگدام!

    سُست نه ٿيو اي! سنڌي ساٿيو! سيگهه ڪريو “سرويچ” ٿيو،
    سيڻن تان سڀ لاهيون لِک ۾، سور، انڌيرا ۽ آلام!!
    *


    ڪريم سائين!

    سنڌ جا صابر سخي سيد سچا، عبدالڪريم،
    عاجزن اڀرن جا اوکيءَ ۾ اَجها، عبدالڪريم،
    تون ڀلارو ۽ ڀلا تنهنجا وڏا، عبدالڪريم،
    تو نمائي نفس کي ماريو مٺا، عبدالڪريم،
    درد وندن جي بلاشڪ تون دوا، عبدالڪريم،
    ٿي ڌڻيءَ جي در اگهي تنهنجي دُعا، عبدالڪريم،
    تنهن ڪري توکي ستايون ٿا اسين ڪامل ڪريم!
    سنڌ لاءِ گهر دعا پرور دران پلپل ڪريم!

    تون سُتين سيد سکيو ٿي، هت مُٺا مارو مُدام،
    هؤل جهڙيون حالتون ۽ ٿي حياتي تِن حرام،
    آهي ڪئي انسان اڄ، انسان لئي پيدا قيام،
    ماس ماڻهوءَ جو هتي وڪجڻ لڳو آ عام جام،
    عصمتون لُٽجي ويون انسان جو ٿيو بد انجام،
    راڄ هن ۾ رات ڏينهن رهزن هلن ٿا ري لغام،
    ڪير جو تن سان ڪُڇي قانون ڪو ناهي ڪريم!
    هت رڳو مسڪين ويچارا چڙهن ڦاهي ڪريم!

    تنهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اڄ بُک مرن ٿيون ماريون،
    سِر اگهاڙي سور سارو ڏينهن چرن ٿيون ماريون،
    ڳاهيون ڳڻتين ۾ ڳوٺاڻيون ڳرن ٿيون ماريون،
    ويا ٻري ٻارڻ مٿن ٻڙهڪن ٻرن ٿيون ماريون،
    ڏاڍ ڏاڍن جو ڏسي ڏاڍو ڏرن ٿيون ماريون،
    داد ڪارڻ دادلا! تون در ورن ٿيون ماريون،
    تون ڪڻن ڪيهون ٻڌي لهه ڪل سگهو ڪامل ڪريم!
    او! ڀلا “بلڙيءَ” جا بزرگ بادشاهه ڀرجهل ڪريم!

    لّڄ ويئي لوڪ مان ليکو ئي آهي لال هت،
    ناهه مسڪينن سندو محفوظ هر گز مال هت،
    ٿا کڻن مظلوم جي زوريءَ سان ظالم زال هت،
    قهر هر ڪنهن پَهر آهي، ٿا ڪُسن ڪنگال هت،
    جابرن جهنم بنايو ، ٿيو جيئڻ جنجال هت،
    ووءِ وانگي ٿا وهائن لڙڪ لاکون لال هت،
    گهائي مارن کي وڌو، گهوڙا ڙي هت گوندر ڪريم!
    او! ولي الله جا، وريام وراث ور ڪريم!

    ڪر اسان کي تون دعا اهڙي ته اڄ عالي جناب،
    همتون اُڀري اچن هر ڪار ۾ ٿيون ڪامياب،
    بي وسي ۽ بيڪسي ۾ عمر گذري بيحساب،
    نوجوان! جاڳو اُٿو!! آڻيون ڪو اهڙو انقلاب،
    ظالمن جا ڳولي ڳولي سر وڍيون ڏيئي عذاب،
    مڙس ٿي تن کان وٺون ساري اڳيان پويان حساب،
    باهه ڏيون بنگلن کي تن جا ڪوٽ ڪيرايون ڪريم!
    ملڪ مان ميٽي ڇڏيون مديون ۽ ميرايون ڪريم!
    بس! رڳو آهي اُٿڻ جي دير منهنجا دوستو،
    پاڻ کي سامهون به ايندو ڪير منهنجا دوستو،
    پاڻ ئي پڪ ساڻ آهيون شير منهنجا دوستو،
    پاپين جا اڄ اُکوڙيون پير منهنجا دوستو،
    ڍينگ ماري ماري ڪريون ڍير منهنجا دوستو،
    وير ويرين کان وٺون هن وير منهنجا دوستو،
    سِر وڍيون “سرويچ” ٿي ست ماڙ وارن جا ڪريم!
    هنڌ هاوي ۾ بنايون تن هچارن جا ڪريم!
    *


    رک ٿي ويندين رٿون...

    سنڌڙي اڄ ٿو ڪيان تنهنجي سنگهارن جي پچار،
    ديس هوندي دربدر تن ديس وارن جي پچار،
    مرد ماين ٻارڙن، ڪوجهن ۽ ڪارن جي پچار،
    ڌڻ پٺيان ٿا جيڪي ڌڪجن تن ڌنارن جي پچار،
    ساز ڇيڙيان ٿو انهن جي سوز غم جو سنڌڙي!
    ٿو ڪريان اظهار تن جي ڪار ڪم جو سنڌڙي!

    تنهنجا مارو مان وارا باحيا ۽ باضمير،
    نياز نئڙت ۾ نه تن جو ڪو ڏٺو آ مون نظير،
    مور جيئن مُرڪن سدا هو مرد اوطاقي امير،
    پر بنيا اڄ پنهنجي پکڙن ۾ اچي آهن اسير،
    قيد بند جو تن مٿي اڄ آهي ڪوڪٽ سنڌڙي!
    آب تن جي ٿيو اکين مان آهي اڻ کٽ سنڌڙي!

    تنهنجا سانگي، سانگياڻيون ٻارڙا ٻٻراٽ ڪن،
    رات ڏينهان سِر مٿي تن ٻاٻرا ٽانڊا ٻرن،
    مشڪلاتن ۾ سي مانجهي موت کان پيا اڳ مرن،
    ڏاڍ ڏاڍن جو ڏسي پيا ڏيل پنهنجي ۾ ڏرن،
    سڻ انهن جي تون سڀئي سورن جون خبرون سنڌڙي!
    تَن تنهي جي منجهه هزارين تير تبرون سنڌڙي!
    تنهنجا مارو منهنجي جيجل مهل هر ڪنهن مُنتظر،
    گوڏ گنجيءَ ۾ گهمن ڪن گاهه ڪاٺيءَ تي گذر،
    بخت تن جي ۾ ڏسان هينئر رڳا فاقا فڪر،
    جاڙ جاکوڙن سبب سي ٿا وهائن جام جَر،
    سادڙا سانگي سندءِ سورن ستايا سنڌڙي!
    ناز مان جي تو ننڍي هوندي نپايا سنڌڙي!

    مال وندڙيون ماريون ڏس، مَڪ مٿي ميڙا اٿن،
    ننڍيون نيٽيون نياڻيون ٿيون عصر آڌي اُٿن،
    ڪوڏ مان ڪانبا ٻڌي ٿيون ڪِرت پنهنجيءَ سان لڳن،
    “لَئي لَٽي” “مُٺيس ادي” هي لفظ لاکيڻا چون،
    ننگ واريون نينگريون سي نيڪ سيرت سنڌڙي!!
    وڌ ڪنا مردن گهڻو هي منجهه محنت سنڌڙي!!

    چاڳلين جي هٿ چَروڙيون چنڊ جيان چمڪاٽ ڪن،
    هيڪ جيڏيون هوڏ هڻيو ماڻڪيون مورون ڏُهن،
    ڀاڻ ڀر ۾ ٻُڌ او ڀائو، هو سندو گُهو گهٽ گوهن،
    ساهيڙيون سيڙهون هڻيو سيڻن اڳيان ٿيون سهج ڪن،
    هو ڀريل هٿڙا مکڻ ماٽيون منڌاڻيون سنڌڙي!!
    هو سنگهاريون سينڌ سُرمان ۽ سرهاڻيون سنڌڙي!!

    ڌاٻڙن تي دادليون ٿيون ڌر تتيءَ ۾ ڌوپ ڪن،
    لال لويون خوب ڌويو روز راڻيون روپ ڪن،
    ڪار ڪهڙيءَ کان نه ڪيٻائين پاڻا ڪوپ ڪن،
    جو نظر ميري کڻي، ٿيون موت تنهنجو ٺوپ ڪن،
    بي غرض غيور تنهنجيون سورميون سڀ سنڌڙي!!
    ٿيون سهن ڏک سور تنهنجيون سورميون سڀ سنڌڙي!!

    تنهنجي ٻالڪ ٻارڙن جون ٻاتڙيون ٻوليون لذيذ،
    ٽهڪ ڏيندي ٿا ٽلن ٽٻرن سندن ٽوليون لذيذ،
    رس ڀريون تن راندڙيون ۽ ڪن ڳجهيون ڳالهيون لذيذ،
    “لڪلڪوٽي” “لال ڦيريءَ” جون لڳن لوليون لذيذ،
    “ونجهوَٽي” جهڻ وڏ ڪٻل” ٿا خوب کيڏن سنڌڙي!!
    “ٻيلي ٻيلي” “جي ڙي ٻيلي” ٻول هي تن سنڌڙي!!

    تنهنجي ٻالڪ ٻارڙن منهنجو ڪيو مستان من،
    بي ڊپا ۽ بي تڪلف هر گهڙي هر ڪنهن وڻن،
    دَم رئن دانهون ڏين ۽ دم خوشيءَ ۾ ٿا کِلن،
    ڪارڙا ڪوجها ڪڪا ٿا قرب ڏاڍي مان ڪُڏن،
    سادڙا سچ ٻول صالح سڀ سگهارا سنڌڙي!!
    ٿا وڻن هر ويل هر ڪنهن جيءَ جيارا سنڌڙي!!

    سنڌڙي تنهنجي سنگهارن ڪيو ڀلا ڪهڙو قصور،
    جو ملن تن کي پيا هردم رڳا سورن تي سور،
    ڪيئن ڪري ڪيڏانهن وڃن ڪوڙين قريبن سان ڪلور،
    اوپرن ايندي اچي کوڙيا اندر ۾ ڪئين انبور،
    دل ڌنارن جي ڏکوئي آهي ڌارين سنڌڙي!!
    آهي مارُن جي منجهائي متُّ مارين سنڌڙي!!

    هو پٺن پيرن اُگهاڙا پيٽ پالها ڪن پڪار،
    بٺ تتيءَ ۾ بيٺ ٻڌيو ٿا ٽمائن نيڻ نار،
    هڪ ته بيماريون بدن ۾ ٻيو بکن ڪيا بي قرار،
    هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ سڻندو سوال تن جا رب ستار،
    ڪوٽ قهارن جا ڪِري سڀ پٽ پوندا سنڌڙي!!
    پيا انهن ڀيڻين مٿي ڪئين ڪنگ رڙندا سنڌڙي!!
    غير پنهنجي غرض لئي ٿا ڪن غريبن کي غلام،
    اوپرو ايذا رسائن ٿا انهن کي عام جام،
    لالچي لوڀي لسانن کي لڳائن ٿا لغام،
    ٿا وڌائن مشڪلاتون منهنجي مارن تي مدام،
    سڏ سنگهارن جو به آ مشڪلڪُشا کي سنڌڙي!!
    “رک ٿي ويندين رٿون” تون رک خدا تي سنڌڙي!!

    تنهنجا سانگي سنڌڙي، پنهنجي وطن ۾ بي وطن،
    قرض ڪنگالن مٿي مشڪل ملي ٿو تِن ڪفن،
    روز چوريون روز ڌاڙا روز خوني خون ڪن،
    پوءِ به چي آ سنڌڙي ۾ هر طرح سان ڪُل امن،
    ڪير سمجهائي انهن کي تون سُڻائي سنڌڙي!!
    ڪوڙ هيڏو ڪيئن ٿو تن کي جُڳائي سنڌڙي!!

    پوک کي ور ڏيئي وري واڙي ڏسو کائڻ لڳي،
    رهبرن جي ريت رعيت کي آ ايذائڻ لڳي،
    جهانگين جي جهوپڙن کي آڳ آ لائڻ لڳي،
    ڏوٿين کي ڏاڍ پنهنجي ساڻ ڏهڪائڻ لڳي،
    حال ۾ ٻُڌ تون هينئين سان حال تن جا سنڌڙي!!
    پنهنجي مارُن سان ۽ توسان ڀال تن جا سنڌڙي!!

    ڌارين کي ڇا ڌڪاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
    ڇو پراين کي پچاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
    چئو ٻين ڏي ڇو نهاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
    پاڻهي خود پاڻ ماريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
    تن وزيرن کي ته اي “سرويچ” ساري سنڌڙي!!
    جن ڏٺي ڪرسي مٿي آهي قطاري سنڌڙي!!
    *


    پڙهيم پٽي ۽ ٻاراڻو

    جڏهن ڄائس ڏني لولي مِٺيءَ مادر ٿي سنڌيءَ ۾،
    چيو بابل بچين ٻچڙا مون کي هر هر ٿي سنڌيءَ ۾،
    وڌي شل تون وڏو ٿئين اِئين ٻڌم اڪثر ٿي سنڌيءَ ۾،
    چيو هر هڪ اکر مُنهنجي سڄي ئي گهر ٿي سنڌيءَ ۾،
    وساريان سا ڀلا ڪيئن جا اَمڙ مٺڙيءَ اُچاري آ؟
    اَمڙ مٺڙي اُچاري آ چيو بابي ڀلاري آ!

    سدائين سنڌ جو نالو سندم دل کي ته سيباڻو،
    سکيم سڀ ڪجهه ئي سنڌيءَ ۾ پڙهيم پٽّي ۽ ٻاراڻو،
    زبان پنهنجي سا ڏيندس ڪيئن ڏسي ڪنهن جو به ڌن ناڻو؟
    زبان جنهن جي نه آهي سو رهي وِڪيل ۽ ويڳاڻو،
    زبان ويئي ته پوءِ جڳ ۾ جيئڻ ئي ڄڻ خواري آ!
    انهيءَ کان وڌ ڀلا ٻي پو اڃا ڪا شرمساري آ؟

    سونهاري “شاهه” سنڌي ۾ ڏسو ڇا ڇا سمايو آ،
    ڪٿي جوڳين سان جوڳي ٿي پرينءَ کي تنهن پڇايو آ،
    ڪٿي مارئي جيئن ماڙين ۾ وطن لئي تنهن واجهايو آ،
    ڪٿي “ٻيجل” جي ٻولن ۾ تنهن روئي راءُ ريجهايو آ،
    ڪٿي تنهن آيتون آڻي زبان سنڌي سُڌاري آ،
    سدا “سچل” ۽ ساميءَ جي به هن سان خوب ياري آ!

    سدا سنڌي سٻاجهيءَ ۾ سنگهاريون ڳيچ ڳائن ٿيون،
    مليرياڻيون مڙئي مُرڪي مٺيون ٻوليون ٻُڌائن ٿيون،
    سهيليون ساز سهرن ۾ سُريلا سُر سڻائن ٿيون،
    ڪنواريون پنهنجي ڪانڌن سان ته هن ۾ نينهن نڀائن ٿيون،
    چَون پنهنجي “چنيسر” کي زبان بيشڪ ڀلاري آ!
    اسان کي ساهه کان سنڌي زبان پنهنجي پياري آ!

    ڀلي آ ڀٽ جت آهي ڀٽائي ڀرجهلو بالا،
    درازن ۾ رهي دلبر ۽ ٺٽو، جهوڪ پڻ اعلى،
    ٽکڙ، بلڙي، بٺورو ۽ سجاول، ساڪرو، هالا،
    ادب جو سنڌ ساري گهر وٺان ڪهڙا ڀلا نالا،
    ادب جو گنج خانو سا سخن ۾ نت سونهاري آ!
    اسان جي سنڌ جي ٻولي سٻاجهي سوز واري آ!

    سدا ڀرپور بيتن ۽ پهاڪن سان زبان منهنجي،
    غزل ڪافين ۽ واين ۾ سا آهي پاڻ مَٽ پنهنجي،
    پرولين هو جمالن ۾ ڪيان تعريف ڇا تنهنجي،
    هجي سانگين سنگهارن سان سدا “سرويچ” سا سنهنجي،
    خدا! آباد رک تنهنکي ڏکن ۾ جا ڏکاري آ!
    وڳر ۽ وارثن هوندي به ٿي وِلهي ويچاري آ!
    *


    ڏسان اُن ڏيهه ۾ ڏيڻيون

    اُٿو اي! قوم جا ڪونڌر-ڪُڏي ڏيون سنڌڙي تان سر
    ۽ ڏاريون ڏاڍ جا ڏونگر- اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    جوانن جا جٿا ٺاهي-قهارن تي پئون ڪاهي
    ڇڏيون ليکا سندن لاهي-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ٻَڌي سندرا صفون جوڙي-مخالف مِڙ ڇڏيون موڙي
    ڦِڪن جا سِر وجهون ڦوڙي-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    جتي ڀاڳين سندا ڀونگا-اُتي ڏسجن مٿي ڏونگها
    وڍيو ڊيڍن سندا ڍونگا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    جتي جهانگين سندا گهرڙا-اُتي قاتل ڏسان ڪرڙا
    پٽيون تن جا اچو پرڙا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڌراڙن جا جتي ديرا-اُتي آيا ڪي من ميرا
    ڪريون تن کي ڪُهي ٻيرا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    “ڀٽائيءَ جون جتي ڀيڻيون-ڏسان اُن ڏيهه ۾ ڏيڻيون
    وڍيون تن کي کڻي ڇيڻيون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڇڏيو هي جنگيون جهيڙا-ٿيو ڀائر سڀئي ڀيڙا
    مچايو مرد ٿي ميڙا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    اچو ساٿي سڀئي سنڀري-هڻي نعرا پئون نڪري
    ڪڍون هن ڏاڍ جي ڏگري-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    اُٿو اي! سنڌي سوڀارا-وٺو پنهنجيون ٻنيون ٻارا
    ڪريون ويرين مٿي وارا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    اُٿو اي! لال للڪاري-هي مڪڙ سڀ ڇڏيو ماري
    ڪُتن کي ڏيوسي ڪوڪاري-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڪريون هن سنڌ کي سائو-لهي ڏوٿين تان ڏولائو
    چئون دشمن کي ڪر جائو-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    هتي وجهلن ٿيون وانگياڻيون-جلن جيئري هي جهانگياڻيون
    سڏن آن کي ٿيون سانگياڻيون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    مَرن پييون مٺيون مائون-روئن ٿيون آب ريٽائون
    اوهانکي سڏ ڪريان آئون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    عذابن ۾ هتي اديون-وهائن نير جون نديون
    اچو ڙي! سڀ ادا اديون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڌڪن ۾ هت سوين ڌيئر-نماڻين کي پيا نيئر
    ڪريو ويچارين تي ور-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    هتي پکڙن ۾ پنهنواريون-سَهن غيرن سنديون گاريون
    ورو، مردود مِڙ ماريون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    هي پنهنجي “سيم” جا سانگي-نه تن وٽ ڪو دِلو دانگي
    ڇڏايو جيل مان جهانگي-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    پُڪاري سنڌڙي پيئي-اچي واڳن جي ور ويئي
    ڇڏايو سا ته سِر ڏيئي-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    وڳر هوندي ٿي ويچاري-چلن تنهنجي پٺيان چاري
    اکيون مهٽي اُٿو آري-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ٿي جهوريءَ ۾ جُهري جيجل-جگر تنهنجي تي آهن جل
    سِگها اُٿيو اڙي سوڍل-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    مري پيئي هيءُ مٺڙي ماءَ-گهڻيئي جان ۾ ٿس گهاءُ
    ٿيو ڀيڙا اچي ڙي ڀاءَ-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڇڏي آرس اُٿو راڻا-نه ٽاريو ننڊ ۾ ٽاڻا
    بچايون ڀاڳين ڀاڻا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن
    وڃن ٿيون شاهه جون وايون-ڳلين ۾ جي پيا ڳايون
    سُتل ساٿين کي جاڳايون-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    درازيءَ جي نه دل ٻاريو-سخن ساميءَ جا جهونگاريو
    ٽڪارن کي هتان ٽاريو-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    “قلندر” جي ڌمالن جي-”عنايت” جي حوالن جي
    لاهيون حُبّ هالن جي-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڪريمي گهوٽ جا گفتا-رکو سڀ پاڻ وٽ پختا
    ڪڍو دشمن سندا تختا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    مٺا هي بيت سانوڻ جا-سدا سيني ۾ سانڍڻ جا
    ڪريو ڪي عهد آوڻ جا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    هي مڪلي جا منارا اڄ-هي ڪينجهر جا ڪنارا اڄ
    بچايو يار پيار اڄ-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    هو سهڻي، مارئي، مومل-سڏي نوري، سسئي، سومل
    لهو ليلان ۽ ڪونروڪَلَ-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن

    ڇڏيو جاني سڀئي جهڳڙا-وساريو وير اي! وڏڙا
    سڻو “سرويچ” جا سڏڙا-اَٿَوَ سنڌو نديءَ جو سُنهن
    *


    گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    خزان جا خيما اکوڙي ساٿي، وطن ۾ نئين سربهار آڻيون،
    مُدام موجون پسڻ جي خاطر، مندائتا ڪي ملهار آڻيون،
    وسن ۽ وهسن وطن جا وانگي، سُکن جا تن لئي انبار آڻيون،
    هلن جي هي بيقرار مارو، انهن جي لاءِ قرار آڻيون،
    ڏکن بکن کي تڙي ڪڍون ۽ ننڍا وڏا سڀ نواب ڪريون!
    اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي، گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    ورهن کان پنهنجي وطن ۾ طوفان، تکا ته لڳندي ڏسون ٿا ساٿي،
    سُڪن سان آلا اکين جي اڳيان، ٻپار ٻرندي ڏسون ٿا ساٿي،
    سٻاجها سنڌي، ستم جي مچ ۾ سدائين سڙندي ڏسون ٿا ساٿي،
    هزار ڳوڙها، هميشه تن جي، ڳلن تان ڳڙندي ڏسون ٿا ساٿي،
    انهن جي سورن ڦٽن جون ڦڪيون، ڪريون ته بلڪل شتاب ڪريون!
    اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي، گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    ستمگرن جي سِرن کي وڍيون، جلايون تن جا ٽماڙ ساٿي،
    جگر ۾ جهوڪي انبور تن جي، اکين ۾ ٺوڪيون اُماڙ ساٿي،
    انهن جي مَڪّر ريا جي ڪريون عوام اڳيان اُگهاڙ ساٿي،
    انهيءَ جي لاءِ ارادا پنهنجا ڪريون ته بلڪل پهاڙ ساٿي،
    جبر جون پاڙون پٽڻ جي لاءِ، هٽون ۽ ڪهڙو حجاب ڪريون!
    اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
    هتي جي پيرن پِٽين جون ڳالهيون، اوهان سان ڪهڙيون ڪريان اي ڀاءُ،
    وڏا سي لوڀي وڏا سي ٺوڳي،وڏا سي روڳي اَٿان اي ڀائو،
    وڏا سي قاتل، وڏا سي ظالم، ڪُهن ٿا هر ڪنهن هنڌان اي ڀائو،
    انهن جي ڪوڙين ڪرامتن تي، لڳو ته بلڪل متان اي ڀائو،
    انهن سان پنهنجا اڳيان ۽ پويان اچو ته ساري حساب ڪريون!
    اٿوڙي ساٿي، مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    هتي جي “ميرن” هميشه پان تي، مصيبتن جو ڪيو آمارو،
    هتي جي “رئيسن” هميشه پان کي، ڪڻي ڪڻي تي ڪٺو آيارو،
    هتي جي ظالم وڏيري ڇڏيو،ٻني نه پنهنجو صفا ڪو ٻارو،
    اچو ته تن کي هڻو ڪي ڏنڊا، ڪريون ته ويرين مٿي ڪو وارو،
    مٿن مان تن جي ڪڍون ڪي مِنّڃون اِهو ته ڪار ثواب ڪريون!
    اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    هتي جي مُّلن ڇڏي نه پان وٽ، سگهي ڪا اڳڙي سڄي ڪاماني،
    هتي جو مرشد هڻي پيو هردم، رڳو ته ڪوڙي قبر مان ڪاني،
    هتي جي راشي نظام پان کي، ڪري ته ڇڏيو فنا ۽ فاني،
    وڃون ٿا دنيا منجهان ئي مِٽجو، اکيون کوليو ادا ڙي! جاني،
    اچو ته خوني خبيث ماريون، انهن جو خانو خراب ڪريون!
    اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!

    پراڻا رسم و رواج ٽوڙي، نئون ڪريون ڪو نظام پيدا،
    سڀيئي يڪسان هجن به جنهن ۾ ڪريون سو مهذب مقام پيدا،
    هجي جو هيڻن سندو ڙي حامي، اُهو ڪريون اڄ اِمام پيدا،
    سگهوئي “سوشل ازم” کي آڻي، ڪريون ڪي موجون مدام پيدا،
    نوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي رڳن کي چنگ و رباب ڪريون!
    اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
    *


    اسين هڪل سان هزار ماريون!

    اسان کي هيڻو متان تون سمجهين، اسين ته جوڌا جوان آهيون،
    سنديئي ڇاتي ڇنڻ جي خاطر، ترار تير و ڪَمان آهيون.

    اسان جي همت هماليه جهڙا، جبل به جلدي جهڪائي ڇڏيا،
    “اسين هڪل سان هزار ماريون”، سَون جي هڪ هڪ سَمان آهيون.

    اسين محقق، اسين مفڪر، اسين مدبر، اسان ئي موجد،
    اسين ته قومن سندي قسم سان، ڪمان آهيون زبان آهيون.

    اسان کي طاقت جهان جي ڪائي، اسان جي رَهَه تان سگهي نه روڪي،
    اسين ته پنهنجي خوديءَ تي محڪم، اسان ئي منزل نشان آهيون،

    اسين مجاهد مُڙون نه ڪنهن کان، مرڻ ۽ مارڻ اسان جو ڪم آ،
    اسين مُسّلح رزم جا عاشق، اسين نه عاشق بُتان آهيون.

    اسان کي باغي ڀلي پيو چئو تون، اسين ته هڪڙو خدا ٿو ڄاڻي،
    رهيا ته اَمن و صلح جا سچ پچ، هميشه کان ئي خواهان آهيون.

    وطن ۽ قومي مفاد خاطر، اسان جو “سرويچ” سِر به حاضر،
    اسان جو نعره الله اڪبر، هٿن ۾ نيزا نشان آهيون.
    *


    دودا ۽ دلاور

    اسين سنڌ وطن جو ته اُچو شان ڪنداسين،
    هر اِنچ انهيءَ جي تان فدا جان ڪنداسين،
    مِڙ مال مَڏيون ملڪ تان قربان ڪنداسين،
    دشمن به سڀئي تنهن جا ٻڌي ٻان ڪنداسين،
    اسين قوم اُها جنهنجي هڪل هاڪ مُدامي!
    سوڀون به صبح شام ڏين جن کي سلامي!

    اسين پنهنجي وطن جا ته وفادار سپاهي،
    اُن ڏي جو تڪي تنهن جي ڪريون ترت تباهي،
    ڪڙڪي ٿا پئون تنهن تي مثل قهر الاهي،
    تاراج ڪري تنهن جا ڇڏيون تاج ۽ شاهي،
    دنيا تان ڇڏيون تنهنجو نشان نانءُ مٽائي!
    کن پل ۾ ڇڏيون تِنهنجا قصر ڪوٽ ڦٽائي!

    اسين جُنگ فنِ جَنگ کي ڄاڻون ٿا سراسر،
    مارڻ ۽ مرڻ کي ٿا چئون ڳالهه برابر،
    آ ذات اسان جي ته دنيا ۾ نشانبر،
    سڏجون ٿا سڄي ڏيهه ۾ دودا ۽ دلاور،
    اڳيان به اسان جي ئي اچي ڪو ته خبر پئي!
    ۽ ضرب اسانجيءَ کان بچي ڪو ته خبر پئي!

    رهزن جي سِر ڌڙ کان ڪٽي ڌار ڪريون ٿا،
    ۽ ڌڙ کي وري تِنهنجي ٽڪر چار ڪريون ٿا،
    برباد تِنهن مّڪار جو، گهر ٻار ڪريون ٿا،
    نادان انهيءَ کي ته نِگهوسار ڪريون ٿا،
    جو سنڌ اَمڙ ڏي ٿو نظر بد سان نهاري!
    تنهن کي ٿا هڻون ڪان، سرِ راهه بيهاري!

    دشمن جو اسان کان ته ڏڪي خوب بدن ٿو،
    رڪجي به وڃي تنهنجو ئي منجهه رت رڳن ٿو،
    هڪدم ۾ لڳي تنهنجو وڃي ماس هڏن ٿو،
    نئوڙت سان گهري سو ته اسان کان به اَمن ٿو،
    جو آڻ مڃي تنهنکي ڏيون جاءِ جگر۾!
    ڪوٺي ٿا ويهاريونس سدا پنهنجي وڳر ۾!

    مردود اسان کان ڪو بچي ڪين سگهي ٿو،
    بزدل ڪو اسان کان ته، ڀڄي ڪين سگهي ٿو،
    لُچ لنب اسان کان ڪو، لڪي ڪين سگهي ٿو،
    هڪ پير پهلوان ڪو، هٽي ڪين سگهي ٿو،
    ميٽي ٿا ڇڏيون غير جا ناپاڪ ارادا!
    هو ڀل ته ڪري ڪيڏا غضبناڪ ارادا!


    اخلاق، ادب، قرب، ڌراوت آ اسانجي،
    مشهور هنڌين ماڳ، شجاعت آ اسانجي،
    صدين کان پڇو سچ ته، امامت آ اسانجي،
    دشمن تي ڪرڻ رحم، روايت آ اسانجي،
    هيڻن سان حمايت ۾ هميشه کان نشانبر!
    ظالم سان بغاوت ۾ هميشه کان نشانبر!

    “سرويچ” اسين سنڌ سونهاريءَ جا ثناگر،
    مهراڻ مٿان آهيون، دل و جان سان نڇاور،
    سڀ پاڻ ۾ ئي آهيون، سڳا ڀاءُ برادر،
    اوکي ۾ آهيون هيڪ ٻئي جا يار برادر،
    هن سنڌ جي دشمن جو ڇڏيون ساهه سُڪائي!
    کن پل ۾ وجهون تِنهن جون اسين واهون چڪائي!
    *


    گرز، ڪهاڙيءَ گولي سان!

    هيءَ ٻولي مرد مٿيرن جي،
    هيءَ ٻولي ڇَّٽ ڇڳيرن جي،
    هيءَ ٻولي دُنگ دليرن جي،
    هيءَ ٻولي وير ونجهيرن جي،

    هيءَ ٻولي مردن مانجهين جي،
    هيءَ ٻولي وانگين وانجهين جي،
    تون لت نه هڪڙي سهندين لوڀي،
    منهنجن جوڌن جانين جي،
    تو وير وڌو آ ڄاڻي واڻي، ٻلوانن جي ٻوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳاگُرز، ڪهاڙي، گوليءَ سان!

    هيءَ ٻولي دولهه دودن جي،
    هيءَ ٻولي سورهيه سوڍن جي،
    هيءَ ٻولي جُنگن جوڌن جي،
    هيءَ ٻولي ڳڀرن ڳوڌن جي،

    هيءَ ٻولي ڪيهر ڪوپن جي،
    هيءَ ٻولي مرد ملوڪن جي،
    ڪا ڪاڻ نه جن کي آهي بلڪل،
    تنهنجي توب بندوقن جي،
    هي گهوٻاٽن سان گهوٽ اُٿيا ٿئي، لال لطيفي لوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گُرز، ڪهاڙي گوليءَ سان!

    هيءَ ٻولي سورهيه سوڍين جي،
    ۽ جُنگ جنگاور جوين جي،
    هيءَ ٻولي اهڙين مائن جي،
    جن موڙي هوڏ هوائن جي،

    آ! اختر، رياض، ۽ ڀاڳيَن جي،
    هي ٻولي سنڌ سڀاڳيَن جي،
    اڄ تو کي ٻيرا ٻوٽ ڪندي،
    هر نار نپايل ٻاگهين جي،
    هي ريٽي رنگ اٿيون ٿئي راڻيون، رنڱجي ريت رتوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گُرز، ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!

    هيءَ سنڌ انهن سنگهارن جي،
    جن بيخ ڪڍي غدّارن جي،
    هيءَ سنڌ انهن سرواڻن جي،
    جت راند رچي رت ڇاڻن جي،

    هي وڳّ وريامن ويرن جو،
    جن زور ڀڳو زنجيرن جو،
    تون ڪانئر تن کي ڇا ته ڪندين؟
    هي ملڪ سڄو مهميرن جو،
    هي ڪونڌر، ڪنڌ ڪٽيندا تنهنجو، لاکيءَ لٺ ڪڙوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گُرز، ڪهاڙيءَ گولي ءَسان!
    هي ميڙ انهن منصورن جا،
    جن ڪنڌ ڪَپيا ڪنٽورن جا،
    هي ميڙ مجاهد ٻارن جا،
    ۽ “چوٿينءَ مارچ” وارن جا،

    هي ميڙ مٿيرن مڙسن جا،
    هي ڀير بهادر ڀائن جا،
    هي ڀاڳيا ڀاڳ ڌڻي پيا جاڳي،
    وٺندءِ وير ايامن جا،
    ها وٺندءِ وير ايامن جا، سي ڏنڊي، ڏور، پروليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گُرز، ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!

    هيءَ ٻولي ٻيلن وارن جي،
    هيءَ ٻولي پاڪ پنوهارن جي،
    هيءَ ٻولي ٻانهين وارين جي،
    ۽ نيڪ حياور نارين جي،

    هي ٻولي ڳاڙهن گهوٽن جي،
    اڙٻنگ جوان اڻ موٽن جي،
    جن ڪاڻ ڪڍي ڪنهن پر نه ڪڏهن،
    آ! ڪنهنجي قيد ۽ ڪوٽن جي،
    هي ٽوڙيو بند ٽپن پيا ساٿي، ٽانڊا هر هڪ ٽوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين، مڪڙ موڳا گُرز ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!

    هيءَ ٻولي گهوٽ ڀٽائيءَ جي،
    ۽ “سّچل” لال “سوائي” جي،
    هيءَ ٻو لي شاهه عنايت جي،
    هيءَ ٻولي راهه هدايت جي،

    هي ٻولي لکّ ڪروڙن جي،
    ڀرجهل ڀاءُ ڀلوڙن جي،
    هت يو-پي-سي-پي ڪانه کپي،
    جا آهي ولّ وڳوڙن جي،
    هت صاف سنڌي ۾ ڳالهائي ڙي!! هر هڪ ديس ڌڻوليءَ سان!
    نه ته ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا گُرز، ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!

    هيءَ ٻولي لعلن جهولي آ،
    هت هرڪا ٻولي گولي آ،
    هيءَ ٻولي هيرا موتي آ،
    ۽ سنڌوءَ پاڻيءَ ڌوتي آ،

    هيءَ ٻولي ڳائي وڄائي آ،
    ۽ هن ۾ شاهه ڀٽائي آ،
    ۽ هن ۾ ڪافي وائي آ،
    ۽ هن ۾ سونهن سوائي آ،
    ۽ هن جي سنڌو هڻندي توکي ڇيرا هر هڪ ڇوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا، گرز، ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!


    هيءَ ٻولي ٻاون ويرن جي،
    هيءَ ٻولي قومي هيرن جي،
    هيءَ ٻولي دودي هوشوءَ جي،
    هيءَ ٻولي حيدر بلوءَ جي،

    هيءَ ٻولي سهڻن سنڌين جي،
    ۽ جنگين جي جرنيلن جي،
    هيءَ ٻولي آهي ٻوڙا، گونگا!
    سنڌڙيءَ جي “سرويچن” جي،
    هن ٻوليءَ جو هر ٻار چوي پيو، ٻولي وٺندس گوليءَ سان!
    تون ڄاڻ مري وئين مڪڙ موڳا، گرز، ڪهاڙيءَ گوليءَ سان!
    *


    وڏو پيو انقلاب اچي

    هلو ته يار حّق جي، حقيقتن مٿي هلو،
    ڊڄو نه ڪنهن به ڊاءُ کان وڏيون وڏيون وِکون وجهو،
    نه هاڻ منزلون پري، اي سرفروش ساٿيو،
    اِجهو ٿا ماڳ تي رسو، اِجهو ٿا ماڳ تي پُڄو،

    اِجهو هي ڪوٽ ڪوڙ جا، ڀڄي ڀُري ڪري پيا،
    اِجهو هي ڏاڍ جا هنئيان، ڏڪي ڏڪي ڏري پيا،
    اوهان جي همّتن اڳيان، وڏا وڏا جُهڪي پيا،
    اوهان کان جابرن سندا، جگر جَلي ڏڪي پيا،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    ڊڄو نه هاڻ ساٿيو ڪنهن، رئيس خان مير کان،
    ڊڄو نه ڪنهن مُلان، “مِئين” فقير، شيخ، پير کان،
    ڊڄو نه هاڻ دوستو، ڪنهن ڪان توب، تير کان،
    ڊڄو نه جيل بند کان، ڊڄو نه چهڪ چير کان،

    اُٿو ۽ شينهن ٿي اُٿو، ها! حق لئي لڙو لڙو،
    ها حّق لئي لڙو لڙو ۽ مڙس ٿي وڙهو وڙهو،
    اچي جو سامهون انهيءَ کي، صاف صاف سّچ چئو،
    ڊڄو نه منهنجا دوستو، ڊڄو نه منهنجا ساٿيو،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!
    سڄي هي هڙ ڦُري ويا، ڀلا ڇڏيو اٿن به ڇا؟
    کڻي ويا کيٽ چيٽ سڀ، ڇڏيئون نه ڪي ڍنڍون دُٻا،
    ڪيائون پاڻ سان ته يار، ڪربلا ئي ڪربلا،
    پٽي ويا ماس جسم تان، رڳا وڃي ڇڏيئون هڏا،

    انهيءَ ته زندگيءَ ڪنان، آ موت سوءَ دفعا ڀلو،
    جتي نه ليڙ لِڱ تي، جتي آ پيٽ پالهو،
    جتي نه زندگي ملي، جتي نه موت جو بِلو،
    انهيءَ ڪري ته ڀائرو! اچو ۽ ڏاڍ سان لڙو،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    ٻري اندر ٻچا ٻرن، اِها به زندگي ڀلا،
    ۽ سيءَ ۾ ڪَلِها ٺرن، اِها به زندگي ڀلا،
    ڳڀي جي لئي پيا ڳرن، اِها به زندگي ڀلا،
    ٿا موت ري مٺا مرن، اِها به زندگي ڀلا،

    جتي نه تيل سينڌ ۾، سُهاڳڻيون وجهي سگهن،
    جتي نه ڌيئرون ڪڏهن، خوشيءَ منجهان کِلي سگهن،
    جتي نه ڀينرون ڪڏهن، “بُرن” ڪنان بچي سگهن،
    اڃان به غيرتون نٿيون، ڇو غير ڏانهن وڌي سگهن،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    هي پنهنجا ٻار بُک کان، ڳري ڳري هڏا ٿيا،
    هي پنهنجا ٻار تپ ۾، جلي جلي جڏا ٿيا،
    هي پنهنجا ٻار پيٽ لئي پِني پِني وڏا ٿيا،
    هُنن جا ٻار ڍءُ ڪنان مچي مچي ڍڳا ٿيا،

    هُنن جون بيگمون وجهن، رڳو ئي ريشمي وڳا،
    هُنن جي گهر رجهن پيا، سدائين ڪورما ڀُڳا،
    ۽ پنهنجي گهر رجهن ڪڏهن، ڪڏهن ٿا ڊينڊ ۽ کڳا،
    اڃا به قوم جا ابا، ڪُهڻ جي لئي اچن ڀڳا،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    اسان کي پِيڙهين ڪنان، ڦُريو، ڦَٽيو، لُٽيو ويو،
    اسان کي پنهنجي گهر ۾ ميان، ڪُڏي ڪُڏي ڪُٽيو ويو،
    اسان کي گرهه گرهه مٿي، گُهٽا ڏيئي گُهٽيو ويو،
    اسان جي ٻار ٻار کي، ٻڌي ٻڌي ٻُٽيو ويو،

    اسان تي ڪيس، ڪيس ۽، اسان لئي جيل بند ٿيا،
    اسان لئي سور سوُريون، اسان جا سُڪ سَنڌ ٿيا،
    اسان تي قهر ٿيا وڏا، اسانجا قيد ڪنڌ ٿيا،
    اڃا به ظالمن سندا، اسان تي تيز ڏند ٿيا،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!


    وڏيرا پاڻ ۾ ڏسو، ته ڪيئن نه ويا، رِلي مِلي،
    وساري دُشمنيون ڇڏيئون،ملن پيا کِلي کِلي،
    وڏا سي دوست ٿي ويا، هيئنر صفا دِلي دِلي،
    اوهين به اي غريب، سڀ وڃو ائين رلي ملي،

    تڏهن ته ظلم ڏاڍ کي، ڏنڊا هڻي ڏڪائبو،
    تڏهن ته رهزنن کي ميان!، هتان تڙي ڀڄائبو،
    تڏهن ته مان ملڪ ۾، غريب جو وڌائبو،
    تڏهن ته ڪوٽ ڪوڙجو، هي ڊاهبو ڙي ڊاهبو،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حَرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن کي لعنتون ڏيون،
    ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن جي رتّ کي پيون،
    غدار، قوم کي ڀلا، وري به ساٿ ڪيئن ڏيون؟
    مرون ته مرد ٿي مرون، جيئون ته جُنگ ٿي جيئون،

    اُٿو ن ته شينهن ٿي اُٿون، هلون ته بس هليا هلون،
    وڌون ته واءُ ٿي وڌون، ڪري نه ڪو سگهي جهلون،
    ۽ ظالمن جي جسم تان، ڇڪي ئي لاهبيون کَلون،
    گهڻائي ڏينهن اُنهن ڪيا، اسان سان ڪوڙ اٽڪلون،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!


    هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به قيد ڪاٽبا،
    هي وقت جي ويو ته پوءِ وري به مڙس ماربا،
    وري به راڄ پوربا، وري به لُڙڪ هاربا،
    وري به پيڙهيون ڇٽيون وري به نسل پيڙهبا،

    وري به مائڙيون هتي، مصيبتن ۾ ڦاسنديون،
    وري به ڌيئرون گرهه، گرهه مٿي وڪامنديون،
    وري به ڪيتريون اديون، ڙي کورين ۾ کامنديون،
    وري به ڪيتريون دليون، اُجهامنديون وِسامنديون،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به ڪئين مصيبتون،
    هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به ڪئين آفتون،
    وري به ڪئين علامتون، وري به کوڙ شامتون،
    وري به ظالمن سنديون، اسان تي ڪئين عَقوبتون،

    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿينديون، وري به ماراماريون،
    وري به خونريزيون، وري به جام گاريون،
    وري به چوريون هتي، وري به ٿينديون زوريون،
    انهيءَ جي لاءِ ڀائرو! اچو ته اڄ ڪي اوريون،
    اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
    وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

    (نوٽ: هي نظم ڊسمبر 1970ع تي اليڪشن جي وقت چيو ويو.)
    *


    ڪڏي اُٿو اي ڪوڏيا..!

    کٽي ويا جنگ خيرسان، اي جهانگيو مبارڪون،
    اوهان کي سوڀ آ ملي، اي سانگيو مبارڪون،
    اوهين ته مڙس ٿي اُٿيا، اي! مانجهيو مبارڪون،
    اوهان مٿي سلام سئو، اي! ساٿيو مبارڪون،

    اوهان ته ظلم پاپ کي، آ پاڙ کان پٽي ڇڏيو،
    اوهان ته ظالمن کي ميان، سٽي سٽي سٽي ڇڏيو،
    اوهان ته ڪوٽ قهر جو، ڪُٽي ڪُٽي ڪُٽي ڇڏيو،
    اوهان ته لاش ڏاڍ جو، لتون ڏيئي لَٽي ڇڏيو،
    اوهان جي وار وار تان، اسانجو سِر نثار آ!!
    اوهان تي اي! غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!

    اوهان جا حوصلا بلي، اوهان جون همّتون بلي،
    اوهين ته جُنگ جَنگ جا، اوهان جون جرئتون بلي،
    اوهان ته ڪوٽ ڪيريا، اوهانجو قوّتون بلي،
    اوهين ته سونَ کان سچا، اوهانجون صحبتون بلي،

    اوهان ته قرب ڪيا وڏا، اوهان ته قول پاريا،
    اوهان کي آفرين آ، اوهان ته مڇّ ماريا،
    اوهان ته ڏاڍ ڏاريا، اوهان ته وير واريا،
    اوهان ته دشمنن منجهان، مزي سان هٿ ٺاريا،
    اوهان جو ملڪ ۾ ويو، وڌي ميان وقار آ!!
    اوهان تي اي! غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!
    اوهين جڏهن اُٿيا ته پوءِ، وڏا وڏا جُهڪي پيا،
    چپيو ٿي پاڻ کي جنين، سي پاڻ ئي چُڪي پيا،
    اوهان جي سگّهه کي ڏسي، هو سرد ٿي سُڪي پيا،
    وٺن سي سور درد جي، لِڪيو ڇِپيو ٻُڪي پيا،

    اوهان جي عزم جي اڳيان، امير ڪئين اُڏي ويا،
    اوهانجو هّمتون ڏسي، لکيسري لُڏي ويا،
    ڏسو ته سي ڇڏي سڀئي، اڳوڻو هٺ هُڏي ويا،
    ڪي مَرم کان مُنجهي پيا، ڪي شرم کان ٻُڏي ويا،
    سڄي ئي ملڪ ۾ مٿن، تي مار ۽ ڌڪار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!

    اوهان ته ڪوششون ڪيون، اوهان ئي ڪامياب ٿيا،
    اوهان جا قوم ملڪ تي ته، قرب بي حساب ٿيا،
    اوهانجي زندگيءَ سندا ته، بهترين باب ٿيا،
    اوهين ته لا مثال ٿيا، اوهين ته لاجواب ٿيا،

    اوهانجو ملڪ آهي هي، اوهانجا محل ماڙيون،
    اچو ته ڪوٽ ظلم جا، اي! ساٿيو هي ساڙيون،
    ڪُڏي اٿو اي! ڪوڏيا، تِکيون کڻي ڪهاڙيون،
    اچو ته ڍنگ ڍاريون، اچو ته رتُ ڳاڙيون،
    وِهو نه سُست ٿي ميان! هيءَ وقت جي پڪار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!


    اوهان ته مُلڪ جا ڌڻي، اوهان جي هيءَ زمين آ،
    اوهانجا باغ، بنگلا، اوهانجو سونِ مين آ،
    اوهين رڳو اٿي پئو، اڳيان ته ڪي به ڪين آ،
    انهيءَ ۾ شڪّ ناهي ڪو، اهو ته بس يقين آ،

    هي حقّ ۽ حساب ڀاءُ، نه روئي ۽ رڙي وٺو،
    هي حقّ ۽ حساب سڀ، وڌو وڌو وڙهي وٺو،
    ڊڄو نه ڪنهن به ڊاءُ کان، لٺيون هڻي لڙي وٺو،
    لٺيون هڻي لڙي وٺو ۽ شينهن جيئن گُڙي وٺو،
    اوهان کي روڪ ناهي ڪا، اوهانکي اختيار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!

    اُٿو ۽ سنڌ لئي لڙو، ڀلي ته ڪو ٿُلهو هجي،
    اُٿو ۽ سنڌ لئي لڙو، ڀلي ڪو “ليگلو” هجي،
    اُٿو ۽ سنڌ لئي لڙو، ادو هجي، ابو هجي،
    اُٿو ۽ سنڌ لئي لڙو، ڀلي کڻي “ڀٽو” هجي،

    اچو ته ڏاڍ ڏاريون، اچو ته ظلم ٽوڙيون،
    اچو ته قوم ملڪ کي، نئين نموني جوڙيون،
    اچو ته واڳ وقت جي، مجاهدو ڙي! موڙيون،
    ڪُٺو آ قوم کي جنهين، انهن جي ٻيڙي ٻوڙيون،
    انهن جا پيٽ ڦاڙيون، اِهو ئي انتظار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!


    اوهان جي پيٽ ۾ بکون، اوهان جا لڱ لوهه جا،
    اوهان جون جهوپڙيون جڏيون، اوهانجا عزم روهه جا،
    اوهانجا هَڏ رُڪ جا، اوهانجا قلب ڪوهه جا،
    اوهان کي ڇا ڪندا ميان!، ڀلا ڪي ٻار ڳوهه جا،

    اُٿو ۽ جنگ جوٽيون، اڃا ته منزلون پري،
    اڃا نه ماڳ تي پُڳا، اڃا ته موملون پري،
    اڃا ته باز باغ تي، اڃا ته بلبلون پري،
    اڃان سهنج سک جون،گهڻو ئي منزلون پري،
    اڃان نه يار قلب کي، مليو ڪٿان قرار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!ٰ!

    متان نه سِنڌ ديس تي، وري ڪي سازشون ٿين،
    متان نه سَنڌ سِنڌ جا، وري به قيد ۾ ڪَڙهن،
    متان نه ماريون وري، وري به جيل ۾ جلن،
    اهو ته صاف صاف ٿا “ڀٽي” کان ڀائڙا پڇن،

    اِهو ته صاف صاف ٿيون “ڀٽي” کان ڀينرون پُڇن،
    اِهو ته صاف صاف ٿيون “ڀٽي” کان مائرون پُڇن،
    اِهو ته صاف صاف ٿيون “ڀٽي” کان ڌيئرون پُڇن،
    اِهو ته صاف صاف ٿيون “ڀٽي” کان نينگريون پُڇن،
    انهيءَ ته خوف ۾ ٻُڏل، هتي جو ٻار ٻار آ!!
    اوهان تي اي غريب ڀاءُ، سلام بار بار آ!!

    (نوٽ: هي نظم 1970ع واري اليڪشن ۾ عوامي فتح تي سجاول ۾ منعقد ڪيل جلسه عام ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ پڙهيو ويو).
    *


    هاري جاڳ

    هن سنڌ وطن جا صدين کان تون، سورن ساڙيل هاري جاڳ،
    توتي قهر ڪروڙين ٿيا، تون ڪاڙهن ڪاڙهيل هاري جاڳ،
    توسان وير وڏيري جو، تون ويل ۾ واڙيل هاري جاڳ،
    تنهنجا ٻار ٻري ۾ ٻارهئي، ٻارڻ ٻاريل هاري جاڳ،

    وِجهه ڪا پِنڃ وڏيري کي، ۽ وير سڀئي تون پنهنجا وار!!
    پنهنجي پوَک بچائڻ لئه، تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    2
    تون هِن ڌرتيءَ جو اَن داتا، پوءِ به توسان ويل وڏا،
    تنهنجا ڪيڙن ڪوڏارين ۾، ٿي ويا جانب حال جڏا،
    تنهنجو ماس ڳري ويو سارو، هاڻ رهيا بس! هاءِ هڏا،
    توسان ويرين ويل ڪيا، ۽ تنهنجا ڪيا جي تنگ تڏا،

    اُٿ ڦاڙ مٿا تون تِن جا ڀائو! ٺوڪي پنهنجي هر جو ڦار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه تون، مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    3
    تون هن ڌرتيءَ جو اَن داتا، هرڪا پوک پچائين ٿو،
    تنهنجي دم سان دنيا روشن، سهسين رنگ رچائين ٿو،
    جهنگ، جبل ۽ برپٽ ۾ ڀي، ميلا موج مچائين ٿو،
    پوءِ به بُکيو ۽ اَنگ اُگهاڙو، کائين سور سدائين ٿو،

    هاڻ نه ويهه ڪر ويڙهه وڏي، اُٿ وَڍ وڏيرو ڪُٽ ڪمدار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه، تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    4
    تون هيءَ ڌرتي چيري ڦاڙي، اوڀڙ جام اُڀاڙين ٿو،
    تون ئي راتيون جاڳي راڻا! نِت نِت نانگ لتاڙين ٿو،
    تون ئي سرديءَ گرميءَ ۾، هت ساهه مِٺي کي ساڙين ٿو،
    پوءِ به ڳڀّي ڳڀّي جي لئه، ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙئين ٿو،

    سور نه سهه اي سهڻا هاڻي، ٻارڻ سنڌڙيءَ ۾ ڪو ٻار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    5
    هيءَ تنهنجي پنهنجي ڌرتي آ، ۽ توکي پيارا پرتي آ،
    هي تنهنجا ٻنيون ٻارا آهن، تنهنجي بستي بستي آ،
    بس! تون ئي مالڪ مُلڪ سڄي جو، تُنهنجي هرجاءِ هستي آ،
    ۽ توڪئي هيڏي ساري هاڻي، ساجن ڇا لئه سُستي آ؟

    تون شينهن وانگر شور ڪري، هي “ڏونگهن مٿن” وارا ڏار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه تون، مڪڙچونڊي چونڊي مار!!
    6
    تون “چونين، ڏانٽن، ڏاندارين سان” ويرين تي ڪروارا ڙي،
    تون پانجارين ۽ پاهوڙين سان، موذين ۾ وِجهه مارا ڙي،
    تون “وٽاڙن سان مار وڏيرا” لوڀين ۾ وجهه لابارا ڙي،
    تنهنجي قسمت ڄاڻ ته جاڳي، چمڪيا هاڻ ستارا ڙي،

    توسان ساٿ سڀن جو آهي، مُنهنجا مانجهي مڻيادار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه، تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    7
    جي سوُئَر تنهنجا سَنڱ کڻن، سي سانَور ڀوري ڇڏ،
    کانڀاڻين ۾ ڳوڙها پائي، ڏورڻ تن تي ڏوري ڇڏ،
    تنگِ ڪيو جن توکي آ،تون تنگَ تِنهي جا توري ڇڏ،
    “مرنداسين ۽ مارينداسين” چنگ اِهي ڪي چوري ڇڏ،

    جنگ ڪبي اڄ جابر سان، تون جوش پسائي ڪو جونجهار،
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه، تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!

    8
    تون سنڌڙيءَ جو “سِرويچ” سدا، تون هاري هيرن کان به مٿي،
    تنهنجو منصب مانِ مٿانهون، تنهنجي قيمت ڪير ڪٿي!؟
    تون ئي ڪڻ مان ڪيچ ڪرين ٿو، سونا سهڻا سنگ سٿي،
    “توئي ڪوڏر ڪُهاڙيءَ وارا” “قومن جا ڪيا ڪنڌ مٿي”

    بعد خُدا جي بيشڪ تون ئي، آهين خاصو خلقڻهار!!
    پنهنجي پوک بچائڻ لئه، تون مڪڙ چونڊي چونڊي مار!!
    *


    اها انڌير نگري ۽..!

    اسان کي سُور ساڻهه جا، نٿا وِسرن اڃا تائين!
    عوامي درد دل ۾ پيا، اُٿن اُڀرن اڃا تائين!

    سڄي هيءَ سِنڌ سُورن ۾، سڙي پيئي اڙي ساٿي،
    نٿا ڪو سُک سڄڻ سانگي، صفا سنڀرن اڃا تائين!

    ڏُکويل ڏوٿين کي ڏوجهرا ڄڻ ڏاج ۾ مليا،
    ڏکن ۾ هي سندمِ ڏيهي پيا ڏُسڪن اڃاتائين!

    اُهي ئي ڌاريا ڌُوڪيو اچن پيا ديس پنهنجي ۾،
    اُهي ئي ديس جا وارث، پيا ڌڪجن اڃاتائين!

    اُهو ئي آ، ستم جاري، اڳئين کان پُڻ گهڻو اڳرو،
    سنگهاريون سوز ساڙي ۾، پيون سُڏڪن اڃا تائين!

    اُها انڌير نگري ۽، اُهو چرٻٽ اڃا راجا،
    “اُهو بها ڀاڄي ۽ کاڄا،پيا وِڪجن اڃا تائين!

    اُهوئي چور پيو چرچا ۽چٿّر ڪري جڳ تان،
    اُهي ڀاڳيا پيا ٿاڻي ۾، ڏسو ڪُٽجن اڃا تائين!

    اُها ئي ڌمَ چوريَن جي، اُهي ئي ڌوڙيا ڌاڙن،
    اُهي مسڪين گهر ويٺي پيا ڦُرجن اڃا تائين!

    اُهي ئي خونِريزيون اڄ، اُهو ئي قتل قائم آ،
    اُهي ئي قوم جا ڪَلِها، پيا ڪُسجن اڃاتائين!

    اُهو اغوا اڃا جاري، جتي ڪٿ جابرن جو آ،
    وٺيو معصوم ٻچڙن کي، وڃيو وِڪڻن اڃا تائين!

    اُها ئي لوڪ هِن ۾ ڏس، لڳي پئي لانگ لوفر جي،
    اُهيئي قوم جون لڄّون پيون لُٽجن اڃاتائين!

    “هتي ڏاڍو سو گابو” ۽ هتي هڙ ٻوڙ حاڪم سڀ،
    هتي هيڻن جي ڇاتيءَ تي، ٿا مُڱ ڏرجن اڃا تائين!

    هتي “مسڪين جي جوءِ، ٿئي سڀ ڪنهن جي ڀاڄائي”
    هتي بيواهه ڌيئَن کي، اکيون ڀڃجن اڃا تائين!

    هتي مسڪين جا ٻچڙا، سُڪَل لولي جي لئه سُڏڪن،
    اميرن جي ڪُتن لئه پر، ڪُڪڙ ڀُڳجن اڃا تائين!

    نڪو اوڇڻ اَجهو آهي، نه آهي اَنگ تي ڪپڙو،
    پيا معصوم سرديءَ ۾، ٿِڙن ٿڙڪن اڃاتائين!

    هتي مزدور هاريءَ جي ته هَڏ، چَم، ماس ۽ رت مان،
    “نٿا پيٽن وڏن وارا” بنهه ڀرجن اڃا تائين!

    هتي معصوم نياڻين جي “سُٿڻ ۾ سَوَ اَڳڙ آهن”،
    “اُگهاڙا تن سندا اُره” نٿا ڍڪجن اڃا تائين!

    سونهارن سِنڌين لاءِ، ٿيون عيدون به عاشورا،
    وهائن لُڙڪ وانگيئڙا، مٿي عيدن اڃا تائين!

    هلائي هَر هتي هاري، اُپائي ڍڳ ڪپهه جا پَر،
    ڏٺو ناهي سَگهو ڪپڙو، سندس ٻچڙن اڃا تائين!

    وڏيري جي ته “وَڏ وَر ڌيءَ” سدا ويسن ۾ پئي وِهسي،
    مگر مسڪين جون ننڍڙيون ننگيون ڏسجن اڃا تائين!

    هو رشوت خور آفيسر جو پُٽ ٿو روز پائي پَٽ،
    ٻيا سهسين وڳا تنهن لئه، پيا سبجن اڃا تائين!

    هو “روس ۽ آمريڪا” جا ڪُتا ويا چنڊ تي پهچي،
    مگر “سنڌي اٽي اَن کي” نٿا پهچن اڃا تائين!

    هتي جي راشي ڪامورن، آ، پيتو رتّ راڄن جو،
    مگر پو ڀي سندن هي بڀ، نٿا ڀرجن اڃا تائين!

    موالي مُلڪ جا ميمبر، شرابي چئرمن چونڊيا،
    پيا سڀ فيصلا ناڻي مٿي نِبرن اڃا تائين!

    هتي “فرعونيت” قائم، هتي آ، طرز “نمرودي”،
    هتي پيا “زار” جهڙا لک هلن رهزن اڃا تائين!

    هتي ڀل قهر ڪيڏو ٿئي، مگر جيڪي ڪُڇن تن لئه،
    ڪڻاها تيل جا هردم، پيا ڪڙهن اڃا تائين!

    انڌا ٻوڙا گونگا حاڪم، ٿين برباد شل هڪدم،
    ڪيو ڇا قوم لئه آهي، اِنهن انڌن اڃا تائين!

    اِلاهي هن قهارن تي ڪِري ڪو قهر شل تُنهنجو،
    اٽي جيئن پيا سندءِ مخلوق کي پيهن اڃا تائين!

    هتي حُّڪام، هيڻن جي، سِسي کان ٿا سُٿڻ لاهن،
    هتي اِنسان پيا اُبتا، ڏسو کَلجن اڃا تائين!

    هتي جي حاڪمن ڇڏيا، ڪنن تان وار واري اڄ،
    هتي هيڏيون هاءِ گهوڙائون، نٿيون ٻُڌجن اڃا تائين!

    هتي جي “ڪُل پريسن تي” پٽيلن جي آ، پابندي،
    تڏهن هي شعر موتين مَٽ، نٿا ڇپجن اڃا تائين!

    سوين “سرويچ” سانگيئڙا، سُهاڳڻ سنڌ پنهنجيءَ ۾،
    سڄي سڀ مُند سورن ۾ پيا سٽجن اڃا تائين!

    (نوٽ: ضيائي آمريت تي لکيل).
    *


    سنڌ جي سپوتن ڏانهن

    جيئَن شال شاگرد سنڌي سدا،
    هُجن شاد سڀ سي، عوامي اَبا،
    اچي هر هنڌان پئي، اِها اڄ صدا،
    سدا ايءَ ته هر هڪ سنڌي دان جي!

    بهادر بلاشڪ بلاول شهيد،
    رنڱي سنڌ ساري ويو رت سان رشيد،
    مُڙيو ڪين مانجهي مُجاهد مجيد،
    نه پرواهه ڪڍيائين جگر جان جي!

    جيئي لال “لالا” هي قادر جيئي،
    هي بيباڪ بانڪو بهادر جيئي،
    هي دلدار دودو دلاور جيئي،
    ثنا ڪهڙي ڪريان سندس شان جي!!

    سدا شال هي “ڄام ساقي” جيئي،
    يگانو سندم يار باقي جيئي،
    هي مُنهنجي اکين جو، اوطاقي جيئي،
    وڏي ساک سنڌ ۾ سندس شان جي!!

    هي مسعود مٺڙو “نوراني” جيئي،
    سدا سنڌ جو يار جاني جيئي،
    هي هيمونءَ جو همعصر ثاني جيئي،
    نه پرواهه ڪڍيئين خان افغان جي!!

    جيئي يار “يوسف” سدا ٽالپر،
    هي نوجوان وطن جي ندا ٽالپر،
    هي رهبر سچو رهنما ٽالپر،
    نظر تنهن مٿي رهي ته رحمان جي!!

    سدا جانِ جيءَ جو جيارو لغاري،
    سُجاڳيءَ جو آ، سوستارو لغاري،
    هي “يوسف” پيارو، پيارو لغاري،
    پسو جوت تنهنجي ته جولان جي!!

    غلامِ محمد لغاري بچين،
    دعا ڪن ٿا توکي هي هاري، بچين،
    اوهان سنڌ پنهنجي سُڌاري بچين،
    ڳڻيان ڳالهه تنهنجي ڇا احسان جي!!

    فدا توتان فيضِ محمد ٿيان،
    ٿو تحسين توکي اي قاضي ڏيان،
    اٿئي مرد بيشڪ ڪي ست اٺ هِنئيان،
    حمايت آ، توسان ته حنان جي!!

    مُبارڪ آ، توکي اي! “پٿر سنڌي”،
    هي “فتاح” به آهي ڪو رهبر رِندي،
    هي “شورائي صالح” سچو آهي سنڌي،
    نه پنهنور کي پرواهه جگر جان جي!!

    گرفتار ٿي آهي “اختر بلوچ”
    ڏسو هن نياڻيءَ سندي سمجهه سوچ،
    زبان لاءِ ڪيڏي اٿس لوچ پوچ،
    ڪڍيئين ڪين ڪا، ڪاڻ زندان جي!!

    اکين منجهه تنهنکي مان جايون ڏيان،
    سندس جوش جذبي تان صدقي ٿيان،
    هيءَ عورت جي همّت ڏسو اي! ميان،
    هيءَ قّوت ڏسو تنهن جي ايمان جي!!

    مُبارڪ اي مائي سدا شل جئين،
    تون پنهنجي وطن جي ته ٻاگهي ٿئين،
    سدا سنڌ سان نينهن نڀائي نينئين،
    حمايت ڪيم تنهنجي اعلان جي!!

    ٻيا ڀي سوين ئي سڄڻ دلنواز،
    لڙن حَقّ پنهنجي جي لئه جانباز،
    ڪري سنڌ تن تي سدا ناز ناز،
    کَٽي بازي مردن ته ميدان جي!!

    سوين ٻيا به سورهيه، جوان ڪن جهاد،
    مگر تن جا نالا رهيا ڪونه ياد،
    هُجن سي به سڀئي، سدا شاد باد،
    وڌي جن کان عظمت آ، انسان جي!!

    اُٿو ٻيا به سنڌي او! مُردا نه ٿيو،
    زبان لاءِ پنهنجي ڪا ڪوشش ڪيو،
    جيئڻ جي ٿا چاهيو، جوان ٿي جيئو،
    کپي ماني جڳ ۾ ميان مان جي!!

    شروع نوجوانن ڪيو سلسلو،
    دلين ۾ جنهن پيدا ڪيو وَلولو،
    اچو ۽ اچو! دوست وڌندا هلو،
    گهڙي ٿوري آهي ڪا امتحان جي!!

    اچو پيار مان يار پيرا ڀري،
    نه منزل ڪا هاڻي رهي آ، پري،
    هي “سرويچ” هرهر پيو سڏڙا ڪري،
    اَٿَوَ مهل مانجهي هيءَ ميدان جي!!

    (نوٽ: 1970ع ۾ سنڌي شاگردن جي هلايل “سنڌيءَ ۾ لسٽن ٺاهڻ” واري جدوجهد وقت لکيل).
    *


    هي دلبر دلبر ديس وسي!

    جت مانجهي مڻيادار هُجن،
    ۽ وانگيئڙا وينجهار هُجن،
    جت جهوپن ۾ جونجهار هُجن،
    ۽ ٻلوانن جا ٻار هُجن،
    جت اَرڏا ڪئين اڙٻنگ هُجن،
    ۽ چپ تي تن جي چنگ هجن،
    جي مُلڪ مٺي جي محبت ۾،
    بس! ماڳهين مست ملنگ هجن،
    تن ماڻهن موتيءَداڻن جو، هي دلبر دلبر ديس وسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نيئن سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!

    جِت چوڙيلين جا چاڳ هُجن،
    ۽ ڀاڳياڻين جا ڀاڳ هُجن،
    جت روح رچندا راڳ هجن،
    ۽ مارن مال ميهاڳ هُجن،
    جت ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهن هُجن،
    ۽ وسندا رهندا مينهن هجن،
    جت مرد سڀئي اڻموٽ هُجن،
    پر جويون ڀي ڄڻ شينهن هُجن،
    سو ساڻهه سُهڻن سنڌين جو، هي سُندر سُندر ديس وسي!!
    او!وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!
    جت جوڌا دودا ڌنڱ هُجن،
    ۽ لوهي تن جا لِڱ هُجن،
    جن سانن جهڙا سڱ هُجن،
    ۽ ريٽا تن جا رنڱ هُجن،
    جت ڪونڌر پُٽ ڪنواٽ هُجن،
    جي اونداهين ۾ لاٽ هُجن،
    جت ڳورن ڳورن ڳوٺاڻن جا،
    هيڏا هيڏا ڳاٽ هُجن،
    سو ڳاڙهو، ڳاڙهن ماڻهن جو هي، ننگر ننگر ديس وسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!

    جت موجن ۾ مهراڻ هجي،
    ۽ مينهن جي مانڊاڻ هجي،
    جت چيٽن ۾ چانڊاڻ هجي،
    ۽ لوين جي لالاڻ هجي،
    جت جيڏين جا جنسار هجن،
    ۽ ساهيڙين سينگار هجن،
    جت راڻين راڄ ڌڃاڻين جا،
    بس! ساٿ هجن، سهڪار هجن،
    جت بر ٿر بوُند بهار هجي، سو بندر بندر ديس وسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!


    جت تن من ۾ تُون-تُون به هجي،
    ۽ چنگن جي چُون-ڀوُن به هجي،
    جت ڀؤنرن جي ڀوُن-ڀوُن به هجي،
    ۽ رڳ رڳ ۾ رُون-رُون به هجي،
    جت جهانگين جي جُو-جُو به هجي،
    ۽ ڌونرن جي ڌوُ-ڌوُ به هجي،
    جت گهر گهر اڳيان مال مِڙن،
    گوُهن جي جتي گهوُ-گهوُ به هجي،
    سو، ڏيهه ڏهيسر مُڙسن جو، هي انڇر-منڇر ديس وسي!!
    او!وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!

    جت چانديءَ هاڻا چيٽ هجن،
    ۽ کاهوڙين جا کيٽ هجن،
    جت ڪُهريون، ڪيٽيون ڪيٽ هجن،
    ۽ ٻيلا ٻنيون ٻيٽ هجن،
    جت هارين جي هونگار هجي،
    ۽ هنڌ هنڌ تي هُٻڪار هجي،
    جيئن پنهنجي ويڙهه وطن ۾ يارو!
    وِک وِک تي وڻڪار هجي،
    جت ڪيچ ڪڻي مان روز ٿين، سو ڪينجهر ڪينجهر ديس وَسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!


    جت لال لطيف جي لات هجي،
    ۽ سّچل جي سوغات هجي،
    جت ڀيڄ ڀني برسات هجي،
    ۽ وَس وَس وائي وات هجي،
    “هوُ هوُ” جو هُجي هُل هُل به جتي،
    خوشبو ۾ ٻُڏل گُل گُل به جتي،
    جت ڀِٽ-ڌڻيءَ جي وائي هجي،
    “سنڌوءَ جي هجي بُلبل به جتي”
    سو، سانگ سونهارن سپرين جو، هي ساجهر ساجهر ديس وسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!

    جت ٻانهيارين جا ٻول هجن،
    ۽ پيرُن ڀريل جهول هجن،
    جت ٽؤنر ٽِڪون ٻيا ٽول هجن،
    هي ڍاٽي مارو ڍول هجن،
    جت پنهنواريون سڀ پاڪ هجن،
    ۽ ڀاڳياڻيون بيباڪ هجن،
    جي هنج هرڻ ۽ هيرا ڇا؟
    پر حورن کان حُسناڪ هجن،
    جت ماڻڪ موتي موڪ مِلن، سو ماڃر ماڃر ديس وسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايون جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!


    جت ماروئڙا مستان هجن،
    ڄڻ سامونڊي طوفان هجن،
    جت اعلى ڪئين انسان هجن،
    جي مُلڪ مٿان قربان هجن،
    جت سنڌيئڙا “سرويچ” هجن،
    ۽ ڀائن وانگر ڀيچ هجن،
    هِن سِنڌ سونهاريءَ ڌرتيءَ سان،
    بس! پاتل جن جا پيچ هجن،
    سو پنهنوارن جي پکڙن وارو، پانوَر پانوَر ديس وَسي!!
    او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
    هي دلبر دلبر ديس وسي!!
    *


    مارو زندهه باد قلندر- مارو زنده باد

    تون مروند جا اي مست ولي،
    تون لال لکي او آلِ علي،
    مان تنهنجي پڳن جي خاڪ کڻي،
    اکڙين ۾ وجهان اي گهوٽ گهڻي،

    تون مستن ۾ ممتاز مٺا،
    تون سنڌڙيءَ جو شهباز مٺا،
    تون اندر جو آواز مٺا،
    تون هِند سنڌ آهين ياد قلندر،
    مارو زنده باد قلندر-مارو زندهه باد!

    هي ٻاٻاڻا ٻلوان اُٿيا،
    بس! جهڙا ڪر طوفان اُٿيا،
    هي ماڻهو مڻيادار اُٿيا،
    ۽ جهوپن مان جونجهار اُٿيا،

    هي سورهيه ۽ سرواڻ اُٿيا،
    هي چيتا شينهنءَ چرياڻ اُٿيا،
    هي ڏوٿي ڏڦن ساڻ اُٿيا،
    اڄ نر وڄائي ناد قلندر،
    مارو زندهه باد قلندر-مارو زندهه باد!

    هن پڙ ۾ پاپي پير رکي،
    ۽ وانگيئڙن سان وير رکي،
    سو اهڙو ڪو آسان نه آ،
    يا اَڪّ ۾ اٽڪيل نان نه آ،

    هي ڏيهه جبل کان ڏاڍن جو،
    جن ڏيل ڏڪايو ڏاڍن جو،
    جو ويري وانگين “واڍن” جو،
    سو ڄاڻ ٿيو برباد قلندر،
    مارو زندهه باد قلندر-مارو زندهه باد!

    هت جن جن ماڻهن رت ڏنو،
    ۽ سارو سوري سَت ڏنو،
    هت جن جن ماڻهن ڪنڌ ڏنا،
    ۽ سَگّها پنهنجا سَنڌ ڏنا،

    هت جن جن ماڻهن جنگ لڙي،
    ۽ پنهنجو ورتو دنگ دڙي،
    جن پنهنجو ورتو ننگ لڙي،
    سي قومون ٿيون آزاد قلندر،
    مارو زندهه باد قلندر - مارو زندهه باد!




    هر ويري ڍيري ڪرڻو آ،
    هي سنڌو رت سان ڀرڻو آ،
    هت هنڌان هنڌان دودا ايندا،
    “بِلوءَ” جهڙا جوڌا ايندا،

    جوڌا وڙهندا جوڙي جوڙي،
    ڊيهون هڻندا ڊوڙي ڊوڙي،
    ڇڪي لاهي وٺندس ڇوڙي،
    “ماري” مردهه باد قلندر،
    مارو زندهه قلندر-مارو زندهه باد!

    ڪٿ “ڪاتر” جو ڪڙڪاٽ ٿيو،
    ڪٿ گهوٻاٽي گو گهاٽ ٿيو،
    ڪٿ ڪات ڪهاڙي ڪڙڪي پيو،
    ۽ مڪڙ جو ڪنڌ لڙڪي پيو،

    هي ڳاڙها ڳڀرو گهوٽ اُٿيا،
    ۽ گهوٽ به چوٽان چوٽ اُٿيا،
    ها ارڏا سي اڻ موٽ اُٿيا،
    جن ديس رکيو آباد قلندر،
    مارو زندهه باد قلندر-مارو زندهه باد!


    هو گيدي آ گن مشنن سان،
    هي ڏهيسر وڙهندس ڏنڊن سان،
    هو بزدل آ بمبارن سان،
    هي شينهن گڙن گجڪارن سان،

    هو راند نه ڄاڻي ٻارن سان،
    پيو اٽڪي اجرڪ وارن سان،
    تن ڪيهر پٽ ڪنڌارن سان،
    جي ٻاگهين جو اولاد قلندر
    مارو زندهه باد قلندر – مارو زندهه باد!

    هن سنڌڙيءَ تان سر گهور ڪبا،
    هي هيڻا سڀ شهزور ڪبا،
    هت دشمن ٽنگبا ڀالن تي،
    ۽ ڪانگ به لنوندن لاشن تي،

    هي سنڌڙيءَ جا “سرويچ” اٿيا،
    ۽ ننگر ڀونگر ڀيچ اٿيا
    هي پختا پائي پيچ اٿيا،
    جي ڀور ڪندا بيداد قلندر
    مارو زندهه باد قلندر – مارو زندهه باد!
    *


    ماهيءَ ماکيءَ جي ڪرلار بيت ::دوها ::::ڪافيون ::::وايون ::::گيت لوڪ گيت

    ماهيءَ ماکيءَ جي ڪرلار بيت ::دوها ::::ڪافيون ::::وايون ::::گيت لوڪ گيت


    بيت

    ڀڄان ڀڄان ڏوُر، اَديون اَمن ڪارڻ،
    جيئن جيئن وڃان جيڏانهن، تيڏانهن رُڳا سوُر،
    سڙيل هن سماج ڪيا، مونسان قهر ڪلوُر،
    ديسين جي دستوُر، مونکي رت رئاريو!
    *

    وڏا ڪڍيو پار ويٺي روئي سنڌڙي،
    لائق لال لطيف کي، ڏي پرين سندا پار،
    ته وڍيا، چيريا، چِچريا، هي ماروئڙا مهندار،
    مرضن ماريون مارُيون، جي لوياريون لڄدار،
    جَر وهائن جهانگين جا، ٻڍا توڙي ٻار،
    دل ۾ درد هزار، سانڍيو گهمي سنڌڙي!
    *

    ڪلهن مٿي ڪنڌ، رکيو سڄيون راتڙيون،
    ڀٽائي ۽ سنڌ، ويٺا روئن پاڻ ۾!
    *

    جيءُ ڀٽائي جيءُ، سائين والي سنڌ جا،
    ٻُڌي عرض اسانجا، تون اچي اوڏو ٿيءُ،
    سوا تنهنجي سپرين، سانگين لڳي سيءُ،
    وانگين سندو “ويءُ” ڪنهن عمر آهي اُجاڙيو!
    *

    جيءُ ڀٽائي شاهه، سائين والي سنڌ جا،
    تنهنجيءَ سهڻيءَ سنڌ ۾، اڄ سانگين سُڪا ساهه،
    کامي، کاڄي، پڄري، ٿو ماروئڙين جو ماهه،
    وانگياڻين جي واهه، واڳُن سندي وات ۾!
    *
    پايو ڳچيءَ ٻانهن، لاکيڻي لطيف کي،
    دردن سندي دانهن، سُڏڪيو ڏي پئي سندڙي!
    *

    ڀٽائي ۽ سنڌ، ڪنڌ گُهرن ٿا قوم کان،
    ڪو آهي ارجمند، جو ماءُ ۽ مُرشد کي مَڃي؟
    *
    اڄ به پنهنجي جُو، جلي پيئي جانبو،
    کامي ويئي جنهن سندي، خوشي ۽ خوشبو،
    اچي پيئي انهيءَ مان بيدادين جي بوُ،
    ساڻيهه مان “سرويچ” چئي، ويئي رونِق روُ،
    مُشڪ ڀري موُءَ، ڪا، مانجهي آڻيو ملڪ ۾!
    *

    اڄ به پنهنجا کيٽ، کجن، کامن ساٿيو،
    ساري سونهن ڇڏي ويا، چهچ هئا چيٽ،
    ساڻيهه ۾ “سرويچ” چئي، اڄ لوياريون ٿيون ليٽ،
    پُٺيءَ لڳا پيٽ، پنهنجي پنهنوارن جا!
    *
    اڄ به پنهنجا ٻار، رُوئن ڳوڙها رت جا،
    ڀٽڪن تتي بٺ ۾، هو بکيا ۽ بيمار،
    هيڏي ساري لوڪ ۾، ٿيا لانجها ۽ لاچار،
    اڱ اُگهاڙا، اَڻ پڙهيا، پُهچن ڪهڙي پار،
    ويٺا ڏسو پار، اڃان ڪنهنجي آسري!!
    *

    اڄ به مارو مير، ماري وڌا مامري،
    سوگهو سنگهارن جو ٿيو، سنگهر منجهه سرير،
    ڪلف ڪڙولا ڪنڌ ۾، ڪوڙين ڪِل ۽ ڪيِر،
    هلائون حمير، ور ڏيو وانگين تي ڪري!
    *

    اڄ به ماروئڙيون، سِڪن سُکئي ساهه لئي،
    ملن هر ڪنهن ماڳ تي، تنهي کي تڙيون،
    راڻين روپ ڇڏي ڏنا، ۽ رويو ڪن رڙيون،
    گوندر منجهه گهڙيون، سرتيون گهارين ساٿيو!
    *

    مارو ملڪ ملير جا، هئا هردم اوچي ڳاٽ،
    ماريو ماروئڙين کي، اڄ عمر جي اوراٽ،
    حاڪم هيڻن ساڻ ڪئي، ته ٻڪر جيئن ٻوساٽ،
    ٻُڌئي ٻوڙا ڪينڪي، ڪي ٻاڪارون ٻٻراٽ،
    سانگين تي “سرويچ” چئي، ٿيا سونٽن جا سوساٽ،
    مارئي تنهنجي محل ۾، بند عمر هئي اڳواٽ،
    وانگين ڪارڻ ويچاري ڪيا، لک ڪڻئي لولاٽ،
    مون کي ڪاٽي ڪاٽ، مارُن مارج ڪينڪي!
    *
    مارن مارج ڪينڪي، تون هاديءَ لڳ حمير،
    آءٌ تو وٽ آهيان، هت عُمر سڀ اسير،
    توڻي جنم جيل ڏي، توڻي وجهه تڪبير،
    اُف نه ڪنديس ڪڏهن، اي عُمر ڄام امير،
    مگر منهنجي مَارُن جي، توکي پارت ڪارڻ پير،
    سانگين لئي “سرويچ” چئي، هت سِڪي ساهه سرير،
    ويجهو وڃ نه وير، وانگين جي تون وار کي!
    *
    وانگين جي تون وار کي، نا حاڪم لائج هٿ،
    توکي پوتيون پايو، ڪريان مارُن ڪاڻ منٿ،
    پرور ڪارڻ پرتي تو کي، پنهنوارن جي پٿ،
    ستائي نه “سرويچ” چئي، هو سانگياڻيون منجهه سٿ،
    هر هر ٻڌي هٿ، مارُن ڪارڻ مارئي!
    *
    مارُن ڪارڻ مارئي، ٿي لائق ليلائي،
    ڳل ڳراٽيون ڪيتريون، ٿي پاند عمر کي پائي،
    وانگين ڪارڻ ويچاري، ٿي وَر ڏيو واجهائي،
    سارو ڏينهن “سرويچ” چئي، سا اُڀي اُونائي،
    پوتيون ٿي پائي، پنهنوارن پسڻ لئي!
    *

    پاندن پوتين جو نه ٿيو، ڪو عمر کي احساس،
    سو ڪيائين سانگين سان، جيئن رڍن ۾ راڪاس،
    سُڪي ويو “سرويچ” چئي، سنگهارن جو ساس،
    ڏکن ڏيل ڏري ڇڏيو، هو اَٺئي پهر اُداس،
    گونگن جيان گُهمن پيا، منجهه ويڙهيچا وسواس،
    ڪيو ڪونه قياس “عُمر” اوراڄن مٿي!
    *

    عمر اوراڄن مٿي، نه ڏنو ڌيان ذات،
    ماري ماروئڙن کي، ڪيو ملڪ اندر مات،
    ڪڇڻ پڇڻ ڪين ڏي، ۽ بند هر هڪ بات،
    راڻيون رتولن منجهه، ٿيون روئن ساري رات،
    ساڙيوآ”سرويچ” چئي، اِن سورن جي سڪرات،
    “لطيفاڻي لات”، ٿو “عدو” ڪوهه عدو لئين!
    *

    عمر تنهنجي اُهنج کان، ٿيون راڻيون رت روئن،
    ماروئڙيون ته ملير ۾،ٿيون ڪاتيءَ ريءَ ڪُسن،
    سنگهاريون “سرويچ” چئي، اڄ ويچاريون وجهلن،
    سانگي پنهنجي سنڌ ۾، ٿا سورن کان سُڏڪن،
    جهانگيئڙا جيلن ۾، ٿا اَٺئي پَهر پچن،
    سُهمن ۽ صدمن، ساڙيو سنڌيئڙن کي!
    *

    ساڙيو سنڌيئڙن کي، اڄ عمر جي ارمان،
    وڍي ويڙهيچن کي، بس ڳڀ ڪيائين ڳان،
    جاڙ جفائون جهانگيئڙن تي، جا کوڙا جُرمان،
    ڪلف، ڪڙولا-قابو ڪڙيون، تالا تاڪ زبان،
    سنڌيئڙا “سرويچ” چئي، ٿيا سنڌڙيءَ ۾ مهمان،
    ڪوڙئين لڳن ڪان، مٺن ماروئڙن کي!
    *


    دوها

    ماندا ماندا، اَڀرا اَڀرا، ساڻا ساڻا سيڻ سندام!
    ورهن کان ڪنهن ويل وِهاٽيا، وانگيئڙا جي هي وريام!!
    *

    هيڻا هيڻا، جهيڻا جهيڻا، ٻارڻ تن تي ٻيڻا ڙي!
    لوڪ سڄي ۾ لٽجن لرزن، لِک لِک ۾ لاکيڻا ڙي!!
    *

    سانگيئڙا هي سانبيئڙا هي سارو ڏينهن ڏک سور چرن!
    ڳڻتين ڳوهيل ڳوٺاڻا ٿا، ڳاراڻي ۾ روز ڳرن!!
    *

    راتيون جاڳن، رُتيون جاڳن، رت ولوڙن روزيءَ لئي!
    پوءَ به نه پوري پيٽ پٽئي جي، پورهيو اهڙو کڏ ۾ پئي!!
    *

    جهنگن ۾ ٿا سنگ پچائن، سوني سهڻي رنگ ڏسو!
    پوءِ به هڻي هي ڏيهه تنهي کي، ڏيهاڻي پيو ڏنگ ڏسو!!
    *


    پاڻ کي ساڙي نانگ لتاڙي، اَنن جا اَنبار ڏنئون!
    ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾ تن کي، پوءِ به ڏاڍي مار ڏنئون!!
    *

    سرديون گرميون سِرتي سهندي، ڪيڏا ڪپهه جا ڍير ڪيئون!
    پر واهه وڏيرن جو هي وڙ جو، تن سان ويتر وير وڌئون!!
    *

    ڪوڏارون ۽ ڪيڙون هڻندي، ڪُلها جگر ۽ ڪنڌ ڇِنان!
    سرديءَ جي سيءَ ساڙيا سانگي، سينا سِر ۽ سِنڌ سُڪانِ!!
    *

    بيگارن جي باهه ۾ سڙندي، بيٺ ۾ پئجي ويانِ بٺا!
    سائين منهنجن سانگين آهن سچ پچ سهسين سور سٺا!!
    *

    ڇا جون عيدون، ڇا جا ميلا، مارو مانيءَ لئي مجبور!
    “ڌوڙ پوئي ڙي دنيا”، تنهنجو دردن ڀريو آ دستور!!
    *

    ڇاجون خوشيون، ڇاجون شاديون،ڇاجا هي پر دُهل دَمام!
    ماروئڙن جي مَنهَن ۾ بس، متو رهي ٿو پيو ماتام!!
    *


    ساماڻيلون ڌيئون تن جي گهر ۾ گهوڙا ڙي! نانگيون!
    ظالم زردارن جي مُنهن تي مَلجن ويهي ڪي دانگيون!!
    *

    چنڊن کنوڻن جهڙيون تن جون، زالون ليڙن منجهه لڄي!
    “يا ته ڀنڀور کي باهه ڏجي” يا مُٺيون ڀيڙي وڃجي ڀڄي!!
    *

    پيارا پيارا پٽڙا تن جا پلپل پورن منجهه پچن!
    هوڏي زردارن جي محفل ۾ ٿيون ناريون روز نچن
    *

    نرمل نرمل نياڻيون تن جون پوتيءَ هڪ لئي پار ڪڍن!
    هوڏانهن زردارن جون زالون هيرن جا ٿيون هار وجهن!!
    *

    هيڏو هي ڏس تنهنجي دنيا ۾ ويو مچي انڌير الا!
    رهندو اهڙي راڄ ۾ آخر تون ئي ٻڌائج ڪير ڀلا!!
    *

    زردارن جون زالون آهن مسڪينن جون مائون ڙي!
    مسڪينن جون زالون زردارن جون محبوبائون ڙي!!
    *


    پنهنوارن جا پُٽڙا ڌيئون علم ڪنان محروم ٿيا!
    ماڻهن جي هن ميڙ ۾ هو معصوم ڏسو مظلوم ٿيا!!
    *

    پير اسانجا جا پٽيل پنهنجي پيٽ جا پوڄاري!
    قوم ويچاري کي ته هنيو تن هاڃن ۾ آ هيڪاري!!
    *

    “شاهه” اسانجا شيل شڪارن جا ته وڏا شوقين ٿيا!
    قوم جو اونو ناهن ڪو هو ناڻي تي نابين ٿيا!!
    *

    مير اسانجا ميخانن ۾ مستيءَ ۾ مدهوش ڏسون!
    قوم سندي ڪم ڪار ڪنان سي راڻا ٿا روپوش ڏسون!!
    *

    واگهه وڏيرا قوم وطن جا ويري، ويري، ويري، ڙي!
    ماروئڙن ڏي نيّت تن جي ميري، ميري، ميري ڙي!!
    *

    ڪامورا هن ڏيهه سندا ٿا ڏينڀوءَ وانگر ڏَنگ هڻن!
    قوم جو کنڌو هيڪاري سي کاڻا ويٺا روز کڻن!!
    *


    واپارين جو وارو آهي، خوب ملاوت اگهّه وڏا!
    هيڻن ماڻهن جا سي کائي ويڙا رت چم ماس هڏا!!
    *

    ملان مئلن جيئرن جون هت ٻيڙيون ويٺا ٻوڙين ڙي!
    ڦيڻن ڌاڳن سان ڏس سانگين جون پيا سيرون ڇوڙين ڙي!!
    *

    خوب خوشامدڙيا ڪي شاعر قوم جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾!
    ڪوڙ جي ڪوڏين خاطر آهن پورا بغلن ٺوڪڻ ۾!!
    *

    ايڊيٽر ڪي قوم جي اکين پيا وجهن ڏس ڌوُڙ ميان!
    سچّ کي سوريءَ چاڙهڻ خاطر ڪوڙئين ڇاپن ڪوُڙ ميان!!
    *

    هي هيڏو سارو دوکو دنيا ۾ ڪيئن سانگي ساهه کڻن!
    هي سڀ ماڻهو گڏجي مارن کي ٿا هاڃي منجهه هڻن!!
    *

    سچا شاعر صدين تائين سڏبا پيا “سرويچ” هتي!
    دوها هي دُک ڀريا تنهنجا پڙهبا پيا “سرويچ” هتي!!
    *


    ڪافي :: 1

    جلي پئي ڪا جيجل، جُهريل جهوپڙيءَ ۾،
    حياتي بَلا ٿي، آ چهٽيس نڙيءَ ۾!
    ويس ماس سارو هڏن تي سُڪي ڙي،
    گرهه ري ته گهوڙا گجر ٿي گُڪي ڙي،
    پيئي سا چوڙيلي، چُرڻ کان چُڪي ڙي،
    روئي رتّ ريٽو، سا هر راتڙيءَ ۾،
    جلي پئي ڪا جيجل، جهريل جهوپڙيءَ ۾!
    نڪا ليڙ آهيس لِڱن تي سڄي ڙي،
    بنا اَن داڻي ٿيس بُت ڀڄي ڙي،
    سڙي سيءَ اُس ۾ سا ويئي سڄي ڙي،
    رهيو مس پَسَهه ٿس وڃي پاپڙيءَ ۾،
    جلي پئي ڪا جيجل، جهريل جهوپڙيءَ ۾!
    ٽُٽي سَنڌ تنهنجا پيا سَنڌ کان ڙي،
    هڄي ويئي سا هاڃن ۾ هنڌ هنڌ کان ڙي،
    ڪڙهي ماس ويڙس ڪُلهي ڪنڌ کان ڙي،
    وڏا ڊام پئجي ويس ڍونگڙيءَ ۾،
    جلي پئي ڪا جيجل، جهريل جهوپڙيءَ ۾!
    سوين سور “سرويچ” سِرتي سٺائين،
    سدا لڄّ ليڙن ۾ پنهنجي لڪائين،
    وڏا ڏاڍن جا هر ڏينهن ڏٺا ئين،
    رکيئين سنڌ جو ته به ڀرم ڀونگڙيءَ ۾،
    جلي پئي ڪاجيجل، جهريل جهوپڙيءَ ۾!
    *


    ڪافي :: 2

    غير هٽي وڃ دور الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان،
    غيرت مند غيور الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    هوش سان منهنجي ڳالهه سڄي سڻ،
    توکي ته ڏيندس ڪين ڪڏهن پڻ،
    اِنچ وطن جو موُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    سنڌ جي هرهڪ چيز پياري،
    سون هجي يا هوئي واري،
    واري به اُن جي نُور الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    ڪين اُنهيءَ تي ڪجهه به سهان ٿو،
    عشق ۾ تنهنجي مست رهان ٿو،
    مست رهان مخمور الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    راهه انهيءَ جي جو ڀي روڪي،
    خوب لڳايان تنهن کي ٺوڪي،
    اکين منجهه اَنبوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان،

    موت کان ماڳهين ڪين مُڙان ٿو،
    توب بمن ۾ ڌوڪي گهڙان ٿو،
    مات ڪريان مغروُر الا!مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.
    زور زبر جو موڙي ڇڏيان ٿو،
    ناس ڪري ۽ ٽوڙي ڇڏيان ٿو،
    غيرن جو ته غروُر الا!مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    جوش منجهان جڏهن ڪاهه ڪيان ٿو،
    فوج سَڄيءَ مان پار پوان ٿو،
    پار به پهرين پوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    تيغ هلايان، تِير وسايان،
    فوج عدوءَ جي کوڙ کپايان،
    چوٽ ڪيان ڀرپوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    سنڌ وطن جي لاڪ لڙان ٿو،
    جنگ ۾ جنسي شينهن گُڙان ٿو،
    ڏيهه ڏڪايان ڏوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    جانِ عدوءَ جي مون کان جلي ٿي،
    هاڪ جهان ۾ منهنجي هلي ٿي،
    ملڪن ۾ مشهوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    هوش رکان ٿو “هوشوءَ” وارو،
    جوش ته “دودي”، “بلّوءَ” وارو،
    سَنڌ ڪندوسين سوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.

    سنڌيئڙا “سرويچ” سڀيئي،
    جانِ سان کيڏن، جُنگ اٿيئي،
    ٻالڪ، پوڙها جهوُر الا! مان سنڌ وطن جو سانگي آهيان.
    *


    ڪافي :: 3

    عُمَرَ هن ڏاڍ تنهنجي کان، ويو آ، ٿر سڄو ٿڙڪي،
    سٻاجهن سانگين تي ڄڻ-قيامت ڪا اچي ڪڙڪي.

    نه هيڏيون ڪنهن ڪڏهن ڪييون-پنهنواريون قيد ۾ پييون،
    انهيءَ ڏهڪاءُ ڪنان ويئيون-ڌنارن جون دليون ڌڙڪي.

    ڪڏهن چاريم پهون پهري-پيم زنجير اڄ زهري،
    ڪِرن شل ڪوٽ سڀ قهري-ٽِماڙيون هي پَوَن ٽڙڪي.

    ڀِٽن پاسي ڀليرين سان-کُنڀيون کاڌم کٿيرين سان،
    پٽيم گولون گگيرين سان-ڊگهين لامن مٿان لڙڪي.

    ڳنوارين جا ته ڳڻ ڳايو-روئان “سرويچ” سِر نايو،
    اڃا تائين نه ڪو آيو-مٺن وانگين منجهان وڙڪي.
    *


    ڪافي :: 4

    ڪي هوشو ڪي دودا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي،
    ڪي “بلّوءَ” ۽ بانڪا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي!
    هجي ديس جن کي پَسهه کان پيارو،
    وِڙهن ويرين سان ڪري وير وارو،
    ڏسن ڪين ڪڏهن، ڪو سانوڻ سيارو،
    سي ڳڀرو ۽ ڳوڌا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي،
    ڪي هوشو ڪي دودا ڄڻيو جيڏڙيون ڙي!
    ڏيو تن کي پينگهن ۾ لوڏي هي لوليون،
    ڇٺيءَ ۾ ئي تن کي ٻُڌايو هي ٻوليون،
    ته دشمن کي ماريو، هڻي گُرز گوليون،
    سي جرنيل جوڌا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي،
    ڪي هوشو ڪي دودا ڄڻيو جيڏڙيون ڙي!
    ڪهاڙين سان ڪوڏيا، ڪڏندا اچن جي،
    لٺين لوڙهين ساڻ، لڏندا اچن جي،
    ۽ ميدان ۾ مانجهي ٽڏندا اچن جي،
    سي ڪرنيل ڪوپا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي،
    ڪي هوشو ڪي دودا ڄڻيو جيڏڙيون ڙي!
    اُهي لال سانڍيو لڙن سنڌ لئي جي،
    رکي سِر تريءَ تي وڙهن سنڌ لئي جي،
    جيئن سنڌ لئي جي، مرن سنڌ لئي جي،
    سي “سِرويچ” سوڍا، ڄڻيو جيڏڙيون ڙي،
    ڪي هوشو ڪي دودا ڄڻيو جيڏڙيون ڙي!
    *


    ڪافي :: 5

    سنڌڙي توتان گهور ٿيان، او سِرويچن جي سُرخ زمين،
    توتان سِر ۽ ساهه ڏيان، او سِرويچن جي سُرخ زمين.

    تون ۾ اکڙيون کوليم،تو ۾ هوش سنڀاليم منهنجي ماءُ،
    تنهنجي سائيءَ ڌرتيءَ مان پڻ، سُندر سُندر آيم ساءُ،
    تنهنجي جذبي هيٺ جيان، او سرويچن جي سُرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........

    ٿڌڙو ٿڌڙو صاف ۽ سُٿرو، منهنجي مَن لئي آ اڪسير،
    ماکيءَ مصريءَ کان به ملّذذ، مٺڙو جهڙو مينهين کير،
    تنهنجو پاڻي پاڪ پيان، او سرويچن جي سُرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........

    تنهنجي هنج هندوري وانگر، جنهن منجهه جهوٽا کاڌم جام،
    تنهنجي جوٽ تي جاڳي جاڳي، نيٺ ته ايندو ٿم آرام،
    تنهنجي پڳ تي ساهه پٽيان، او سرويچن جي سرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........

    منهن مٿي ۾ مَليان تنهنجي، مُشڪ کان وڌ جا آهي مِٽي،
    سيني تنهنجي تي ڏيان سڪرون، من کي ٺاريان ڪجهه ته مِٺي،
    سينڌ سندءِ تي سجدا ڏيان، او سرويچن جي سُرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان.......

    تو ۾ دودو دريا خان ۽ “هوشوءَ” جهڙا شينهن هزار،
    توتان ڪونڌر ڪنڌ ڏين جي، ناهي تن جو انت شُمار،
    تن کي صبح شام سڏيان،او سرويچن جي سُرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........

    توسان پختا پيچ پيا، “سِرويچ” سڏايان جيجل ڙي،
    تنهن جا ڳُڻ ۽ ڳالهيون، ڳلين ۾ پيو ڳايان جيجل ڙي،
    توسان نباهي نينهن نيان، او سرويچن جي سُرخ زمين،
    سنڌڙي توتان گهور ٿيان........
    *


    ڪافي :: 6

    منهنجي مٺڙي ملڪ تي، موجون ملهاريون هوُنِ شال!
    ڀاڳين جي “ڀوُن” مٿي، بوندون بهاريون هوُنِ شال!

    ڏيهه ساري ۾ نه ڪوئي، ڪِٿ هجي ڏوٿي ڏکيو،
    سادڙا سانبي گذارن، جيئن سدا سنهجو سُکيو،
    سانگين جي سيم جون ساريون ئي ساريون هوُنِ شال!
    مُنهنجي مٺڙي ملڪ تي........

    ٻانهن لوڏي ٻاگهيون، ٻانَهين سان ٻنين ۾ گُهمن،
    لال لوين جون ليارن ۾ ٻڌي لوڏون لُڏن،
    سينڌ سُرهيءَ ساڻ ساڻيهه ۾، سنگهاريون هوُنِ شال!
    منهنجي مٺڙي ملڪ تي.........

    جوت جهِر مِر سان جڙيل جهانگين جي جوُ، جوُ، جوُ هجي،
    گهر اڳيان گُجرون مِڙن گوهن جي گهوُ، گهوُ، گهوُ، هجي،
    ڪنڌ هيڏي ساڻ ڪانڌن سان ڪنواريون هوُن شال!
    منهنجي مٺڙي ملڪ تي............

    عام کي اُلڪو نه اونو آب داڻي جو هجي،
    ڀاڳ بالا ۽ بلند ڀاڳين جي ڀاڻي جو هجي،
    ڌڻ چرن ڌاڃور تي ۽ خوش ڌنارون هوُن شال!
    منهنجي مٺڙي ملڪ تي..........

    شاهه جون وايون وٿاڻن ۽ وڻن ۾ گونججن،
    بيت ساڻون جا مٺا جهر جهنگ ۾ جهونگارجن،
    روز ريجهون ۽ رهاڻيون، روح واريون هوُنِ شال!
    منهنجي مٺڙي ملڪ تي........

    مرض مهنگايون مڙئي مارن ڏي ماڳهين مُنهن نه ڪُن،
    صاف دل “سِرويچ” سانگي، سڀ سُکيا ساوا هجن،
    ڏيهه ساري ۾ ته ڏينهاڻي، ڏياريون هوُن شال!
    منهنجي مٺڙي ملڪ تي........
    *


    ڪافي :: 7

    روز سهي سنڌ سوُر الا! سنڌي ڍولڻ،
    اڃا ويٺا ڏسو، خوش ٿي پيا کلو! ير! حيف اَٿَوَ.

    ساريو سُهاڳ پنهنجو روئي نماڻي،
    ماري مرض ڪئي آهي چُور الا! سنڌي ڍولڻ،
    اڃا ويٺا ڏسو، خوش ٿي پيا کلو! ير! حيف اَٿَوَ.

    جنهن جيجل ڏنيون لوليون لاڏ منجهان،
    اُن تي ظالم ڪئي آ گهوُر الا! سنڌي ڍولڻ،
    اڃا ويٺا ڏسو، خوش ٿي پيا کلو! ير! حيف اَٿَوَ.

    ويرين کي ته يارو وَرَ ڏئي هڻون اڄ،
    اَکين منجهه اَنبور، الا! سنڌي ڍولڻ،
    اڃا ويٺا ڏسو ، خوش ٿي پيا کِلو! ير! حيف اَٿَوَ.

    سنڌڙي کان سِر ڪير جهليندو،
    “سرويچ” مرڻ منظور الا! سنڌي ڍولڻ،
    اڃا ويٺا ڏسو، خوش ٿي پيا کِلو!ير! حيف اَٿَوَ.
    *


    ڪافي :: 8

    ڌنارن ري هتي منهنجي، لڳن دل ۾ پيا دم دم ڌَڪ،
    پَون چوڙيلين ڌاران، ٿا چم ۾ چِير دل ۾ چَڪ!

    هِنيون جيڏين سان هُت هيري، ڀِٽن ڀر پاس هر ڀيري،
    ڦُلن ڦرهين تان ڦر ڦيري، ڦڪيم ڦوڳن جا ڦوُڪي ڦَڪ!

    ڌنارين جو چوان ڇا دم، هوُ سيرت سونهن ۾ سالم،
    هوُ حورون هيچ ڪن هڪدم، اچن اوڍي جڏهن اَجرڪ!

    ٻنين ۾ ٻاجهري نِسري، مٺا آڀون جيهي مصري،
    مڙيئي ميوا وڃئي وسري، مٺي کائي ڏسين جي مَڪ!

    هيءَ سِڪ “سرويچ” ٿم سانڍي ته مِٽ مُئيءَ جا ٿين ڪانڌي،
    ۽ پوري مڙهه سندم سانبي، رکن ڏوٿي هٿن سان ڏَڪ.
    *


    ڪافي :: 9

    وسايو ڙي! بادل ٿڌي بوُند بوُند!

    وطن جا ته وڙڪي گهمون گهيڙ گسڙا،
    سڄڻ ساڻ ڳايون وچينءَ ويل ولڙا،
    ڪريون ريلڙين ۾ ويهي راند روُند،
    وسايو ڙي بادل ٿڌي بوُند بوُند!

    وٺون واس وس جا وڃي وِيءَ ور ۾،
    مٺا کير ماهيا پِيون ٿاڪ ٿر ۾،
    ڪُڏون لِڪلڪوٽي حبيبن سان هوُند،
    وسايو ڙي بادل ٿڌي بوُند بوُند!

    ٿئي ڏيهه ڏُکيو ته خوشحال سارو،
    وري وانگين جو وري شال وارو،
    لهي کاهوڙين تان کپت کنونس کوُند،
    وسايو ڙي بادل ٿڌي بوُند بوُند!

    وڃي سنڌ “سرويچ” سنيگار جي جيئن،
    هلي هير هر پار هُٻڪار جي جيئن،
    ٿئي سائو ساڻيهه ورن واءُ وَهوُند،
    وسايو ڙي بادل ٿڌي بوُند بوُند!
    *


    ڪافي :: 10

    سدا والي وسائج هي، وطن منهنجي ولهارين جو،
    ڏسان جنهن ۾ ته شل آئون، متل منڊل ملهارين جو.

    لهي سڀ ڏنجهه ڏولائو، ٿئي مارن سان ميلائو،
    پَسان ساڻيهه سُکيو سائو، سندم سورهيه سنگهارين جو.

    هينئن تان سڀ لهي هورو، ٻُڌان هر ماڳ تي مورو،
    اچي ڪو دور ۽ دورو، دُکن ماريل ڌنارين جو.

    جبل جهنگل کي برسائين، رِڻن جي رونقون لائين،
    الاهي ڪر الله سائين، تون اَن پاڻي پنهنوارين جو.

    ڏسان “سرويچ” ساڙيهه ۾،اُتر، ٿر، لاڙ، کاري ۾،
    اڃان ئي ڏيهه ساري ۾، اُچو ڳاٽو ڳنوارين جو.
    *


    وائي :: 1

    سرتيون! پڇو جي سچ! وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئڻ سڀ سنڌ سان.

    مون تي منهنجيءَ مادر جا ميان! ڳُن ته ڳڻڻ کان ڳچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئن سڀ سنڌ سان.

    سنڌڙيءَ تان سِر گهورڻ خاطر، عاشق ڪُڏندو اچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئن سڀ سنڌ سان.

    “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” نعري انهيءَ تي نچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئڻ سڀ سنڌ سان.

    جيسين جيئندس ٻرندو رهندو، من ۾ اِهو ئي مچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئڻ سڀ سنڌ سان.

    قول انهيءَ ۾ قادر ڄاڻي، ڪوڙ نه آهي ڪچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئڻ سڀ سنڌ سان.

    ساري حياتي “سرويچ” ميان تون، پوُر انهيءَ ۾ پچ وو الا،
    منهنجو مرڻ جيئڻ سڀ سنڌ سان.
    *


    وائي :: 2

    سونهي نانءُ سونهاري سان ٿو ٿاريلين جو ٿاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    جڳ سڄي ۾ جَهرڪي مَرڪي هرهنڌ جنهن جي هاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    جنهن جي خاڪ کٿوري جهڙي، جنهنجو پاڻي پاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    پاڪ بنايئين پاڙي وارا، پاڻ اڳيئي پاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    جنهن جي جوڌن دودن جي آ، دنيا اندر ڌاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    “هوشو” جنهن جو هاڪارو ۽ “حيدر” هيبتناڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    سينڌ پٽين سان ساهيڙيون جِت، ڀاڳياڻيون بيباڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    مِٽّي جنهن جو مُشڪ ۽ عنبر، خوشبوءَ واري خاڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    ور ور ڏيئي تن تي يارو، ويري ڏي پيو واڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.

    سانگي سڀ “سرويچ” انهيءَ جا، دوُلهه دهشتناڪ،
    الا! هي ٿاريلين جو ٿاڪ.
    *


    وائي :: 3

    مارو منهنجا ڍول، سانگي منهنجا ڍول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    ماکي مصريءَ کان ڀي مِٺڙا، ٻاٻاڻن جا ٻول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    وِهان وڌاڻي ويس انهن جو، لويون لاک رتول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    لوين ۾ هُت لوياريون ائين، جهڙي پڪل ڪا گول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    مانڌاڻيون، مَٽ، ماٽيون، تن جون ٽيئي ٽنڊيلا ٽول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    گُرڙن، گولن، گگرالين مان جهانگين ڀريا جهول،
    سي ڪيئن وساريان سيڻ آئون.

    ساڻيهه ۾ “سرويچ” سدائين، عيدون عيش اَلول،
    سي ڪيئن وساريان سين آئون.
    *


    وائي :: 4

    وِيَڙم نيڻ سُڪي،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙي ڳاڙي.

    چُوڙيلين ۽ چونرن لاءِ، ٿييس چوُر چُڪي،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙي ڳاڙي.

    پنهنوارن ڪا پيرُن جي لَپ، مُئيءَ ڏي ڪانه مُڪي،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙي ڳاڙي.

    ٻاٻاڻن کان ڪانه ملي ٿم، ٻاجهه سندي او! ڪابه ٻُڪي،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙي ڳاڙي.

    ساعت ۾ “سرويچ” پُڄان من، ڍاٽين پاس ڊُڪي،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙي ڳاڙي.
    *


    وائي :: 5

    ساري سڀ ته ڄمار
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.

    جيئي جيجل سنڌڙي، اِيءَ تَنَ منجهه روز تنوار،
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.

    سوُنَهنِ پنهنجيءَ “سيم” ۾ سارو ڏينهن سنگهار،
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.

    سيڪي کائن سنگڙا، هو ٻهراڙيءَ جا ٻار،
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.

    لوئيارن جي آهي لڳي، اڄ لوُن لوُنءَ منجهه لغار،
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.

    سنڌڙيءَ ۾ “سرويچ” ڏسان شل، ساوڪ سونهن سُڪار،
    آئون ساهه گهورينديس سنڌ تان.
    *


    وائي :: 6

    سُرها سيڻ سنگهار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مَٽيان؟

    پوُئي ٻڌم پَساهه سان، پکا ۽ پنهنوار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مٽيان؟

    درد دُکايم دونهان دل ۾، دَم دَم ياد ڌنار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مٽيان؟

    نيڻ ٽمايم ننڊ ۾، سُئڙم رات سنڀار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مٽيان؟

    ويل نه وسرن هيڪڙي هو وانگيئڙا وينجهار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مٽيان؟

    اڄ به نڪري اُن ريءَ اندر مان اوڇنگار،
    آئون ماڙين تي ڪيئن مٽيان؟
    *


    وائي :: 7

    مِٽ نه موٽيم ڪوئي، حال وڃايم روئي،
    ماڙين مَاري مارِي آهيان.

    لاکيڻن جي لاءِ لُڇندي، ليڙون ٿيئڙم لوئي،
    ماڙين مَاري مارِي آهيان.

    وار نه ويڙهينديس هي ڪڏهن، ڌنارين ري ڌوئي،
    ماڙين مَاري مارِي آهيان.

    ڏوٿين مونڏي ڪانه مُڪي، ڪا ڏونئرن سندي ڏوئي،
    ماڙين مَاري مارِي آهيان.

    جو سائينءَ لکيو “سرويچ” ادا هت، لوڙيان ويٺي سوئي،
    ماڙين مَاري مارِي آهيان.
    *


    وائي :: 8

    هردم هَنيڙا يار،
    ڏونگر ڏاڍا ڏنگ ڏُکيءَ کي.

    هينئڙي ۾ هِت هوتن جا ٿيا، مون کي هئول هزار،
    ڏونگر ڏاڍا ڏنگ ڏُکيءَ کي.

    پٿّرپٻ جا پيرن مان ويا، اُڪري آرو پار،
    ڏونگرڏاڍا ڏنگ ڏُکيءَ کي.

    ڏِيل ڏهيون ٿي ويڙم سارو، ووڙيندي وڻڪار،
    ڏونگر ڏاڍا ڏنگ ڏُکيءَ کي.

    ساڻي ٿي”سرويچ” سان منهنجا، صاحب ربّ ستار،
    ڏونگر ڏاڍا ڏنگ ڏُکيءَ کي.
    *


    وائي :: 9

    ڏاڍا لڳڙم ڏينهن،
    سرتين ڌاران ڪوٽ ڪَڙن ۾.

    گوندر گاٺون دل ۾ پاتيون، گهوڙا گهاريان ڪيئن؟
    سرتين ڌاران ڪوٽ ڪَڙن ۾.

    بادل مان برسات وسي جئين، اکڙيون برسن ائين.
    سرتين ڌاران ڪوٽ ڪَڙن ۾.

    جيئن جيئن تاڙو روز تنواري، تن ٿو تڙپي تيئن،
    سرتين ڌاران ڪوٽ ڪَڙن ۾.

    سپني ۾ “سرويچ” ڏٺا ٿم، مارن پاسي مينهن،
    سرتين ڌاران ڪوٽ ڪَڙن ۾.
    *


    وائي :: 10

    رتڙو روئان پيئي زار،
    رانجهن يار، رُسي وئين ڇا کان.

    مون نه اڃا سِڪ لاٿي تومان، ويهي ڪا وينجهار،
    ڍولڻ يار، رُسي وئين ڇا کان.

    تو ۾ منهنجي من جو آسون، هُئڙيون هوت هزار،
    راڻل يار، رُسي وئين ڇا کان.

    مون ٿي ڄاتو منهنجي ٿيندين،دل جو تون ئي هار،
    دلبر يار، رُسي وئين ڇا کان.

    معاف ڪجانءَ منهنجا مِٺڙا، مونڏي جا به ميار،
    محسن يار، رُسي وئين ڇا کان.

    تنهنجي ٿي “سرويچ” کي آهي، پلپل ۾ هت روز پچار،
    سوڍل يار، رُسي وئين ڇا کان.


    گيت

    سانوڻ جا هي ڏينهن سَدورا،
    جن ۾ من ٿو ڳائي مورا!

    محبت ڀريا مينهن وسن ٿا،
    نئين سِر ننڍڙا نينهن ڄمن ٿا،
    پِرت پَلر جو پاڻي پيئو،
    ڳلّ ڪري ٿي ڳورا ڳورا،
    سانوڻ جا هي ڏينهن سَدورا!
    جن ۾ من ٿو ڳائي مورا!

    ٿڌڙيون ٿڌڙيون برسن بوُندون،
    ڀونئر ولين تان ڪن ٿا ڀُون ڀُون،
    ويل وچينءَ جو ونڊجن ويهي،
    پيار پرينءَ سان ڪورا ڪورا،
    سانوڻ جا هي ڏينهن سَدورا!
    جن ۾ من ٿو ڳائي مورا!

    سُرها سُرها واس وڻن ۾،
    جانب پهرن جام ڌڻن ۾،
    مٺڙا تن جا ٻول ٻُڌڻ لئي،
    هينئڙي ۾ ٿئي هورا کورا،
    سانوڻ جا هي ڏينهن سَدورا!
    جن ۾ من ٿو ڳائي مورا!

    پيارا پيارا پيار وڌن ٿا،
    وِرهن جا واپار ٿين ٿا،
    بيت برهه جا بِينن تي پوءِ،
    ڇَن ۾ ڳائين ڇوڪر ڳورا،
    سانوڻ جا هي ڏينهن سَدورا!
    جن ۾ من ٿو ڳائي مورا!
    *


    گيت :: 2

    سُندر سُندر صاف سونهارو،
    جڳ سڄي جي اک جو تارو،
    نانءُ ڀَلي سان، ناميارو سو،
    آهي ديسان ديس!
    الا! شل جيئي پنهنجو ديس!

    وڻندڙ وڻندڙ ڏاڍو والله،
    وڌندو رهندو انشاءَ الله،
    مرڪو مورک ميري من سان،
    ماپيو پيو ماپيس!
    الا! شل جيئي پنهنجو ديس!


    جنهن ۾ قُرب ڪچهريون پياريون،
    جنهن ۾ ميلا موج ملهاريون،
    جنهن جي ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ آ،
    الفت جي آبيس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    هيرون ۽ هُٻڪارون جنهن ۾،
    ٿڪلن لئي ٿڌڪارون جنهن ۾،
    وڻ وڻ واس کٿوريءَ جي سان،
    ور ور ڏيو واسيس!
    الا! شل جيئي پنهنجو ديس!

    مارو موج ملهائن جنهن ۾،
    گل ڦل جام لڳائن جنهن ۾،
    هِيرن موتين سان هر نينگر،
    ڇانيو پئي ڇانئيس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    سانوڻ توڙي سياري سائين،
    آڌين آڌين راتين تائين،
    هرڪا ڳوري ڳاٽ اُچي سان،
    ڳِيئن ۾ ڳائيس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    جنهن جون ريتون رسمون پنهنجون،
    جنهن جا راز ۽ رمزون پنهنجون،
    جنهن جي جهانگين وانگين جو آ،
    وهوا جهڙو ويس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    گِجّ ۽ ڪنجرا، چُنڙيون چولا،
    سچ پچ لاهن اندر اولا،
    چنڊن وانگر چمڪن جنهنجا،
    اَجرڪ لُنگي کيس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    هرهڪ گُجري چاڙهيو گوڏي،
    لاڏ منجهان پئي تنهن کي لوڏي،
    هرهڪ سوڍو ساهه برابر،
    سارو ڏينهن سانڍيس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!

    ڪافين، واين، بيتن سان ڏس،
    نظمن، غزلن، گيتن سان ڏس،
    ساور ڏينهن “سرويچ” هتي پيو،
    سهڻو سينگاريس!
    الا!شل جيئي پنهنجو ديس!
    *


    گيت :: 3

    اَکڙيون ائين نه نايو نار!
    اَکڙيون جهليو لُڙڪن لار!

    پلپل ڇو ٿيون هاريو پاڻي،
    ايندا دلبر اڄ يا صبحاڻي،
    لهندا هڪدم هؤل هينئين تان، دوست پسي دلدار!
    اکڙيون ائين نه نايو نار!

    دم دم ۾ پيا درشن ٿيندا،
    وِرهه وڇوڙا وڍجي ويندا،
    ڪامل ايندا ڪوڏ منجهان ۽ ٿيندا قرب قرار!
    اکڙيون ائين نه نايو نار!

    مُحب مِلندا موتيءَ داڻا،
    پيار ونڊيندا پيارل پاڻا،
    گوندر گهُٽجي گهُٽجي مرندا، گهر تڙ بنبا سڀ گُلزار!
    اکڙيون ائين نه نايو نار!

    ترسو ترسو تڙپڻ ڇڏيو،
    بادل وانگر برسڻ ڇڏيو،
    جهومو جهومو جوت پسايو، ڄاڻ ڪَ آيا آيا يار!
    اکڙيون ائين نه نايو يار!
    *


    گيت :: 4

    نيٺ ٿيو نروار پيارا،
    پکڙيو هر ڪنهن پار پيارا،
    گهر گهر ۾ ڏس ڳائي ويٺو، ٻڍڙو توڙِي ٻار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    ازلئون آهي آخر تائين،
    رهندو روشن منهنجا سائين،
    وڌندو رهندو جيسين آهي، جُڙيل هي جنسار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    ڪارين ڪارين راتين ۾ سو،
    بوندن ۽ برساتين ۾ سو،
    کِنوڻين وانگر چلڪي چمڪي، چوڏس ۽ چوڌار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    پَڪلن گولن کان ڀي مٺڙو،
    مٺڙن ٻولن کان ڀي مٺڙو،
    لعل لبن جي شربت کان ڀي، آهي لّذت دار پيارا!
    تهنجو منهنجو پيار پيارا!

    ٻانهيارين جي ٻولين ۾ سو،
    وو-وو ولڙن لولين ۾ سو،
    گونجي سينڊن، بوڙينڊن ۾، تنبوري جي تار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!
    مخفي مخفي ميلاپن ۾،
    آهُن سُڏڪن آلاپن ۾،
    وڇڙيل جي ورلاپن وانگر، دردن جي آ، ڌار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    هنج ۾ لڏندڙ جهوٽن کان سو،
    ڪَنجري جي گل ٻوٽن کان سو،
    ٿڌڙو ٿڌڙو سُرهو سُرهو، ڀنڙي بُو، بهار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    مينديءَ رتڙا پير ۽ هٿڙا،
    ناز نوان ۽ تڪڙا تڪڙا،
    مُرڪون مينڍون منهن تي مِٺڙيون، چپڙن جي چشڪار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    شاهه جي بيتن، واين ۾ ڏس،
    سّچل جي تون ڪافين ۾ ڏس،
    ساميءَ جي ته سلوڪن ۾ پڻ، جڳمڳ جلويدار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!

    سورهيه ۽ سرويچن وانگي،
    ڪين ڏسي ٿو تار ۽ تانگهي،
    لهرين ويرن وڪڙن مان سو، ڌوڪي پئي ڌو پار پيارا!
    تنهنجو منهنجو پيار پيارا!


    گيت :: 5

    جهانگيئڙن جي جُو تي اڄ پُڻ، جهڙ ڦڙ – جهڙ ڦڙ ميگهه ملهار،
    سرها ڏاڍا ٿيا سنگهار
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    ڪالهوانڪر ڪڙ ڪاٽ وڄن جا، ڪڪرن ڪيئي آهي ڪار،
    هوڏانهن سرتين ڪيا سينگار،
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    ڇٻ ڇٻ ڇاڇر ڇيل ڇنن ۾، ڇولين لائي آ ڇڇڪار،
    تڙ ترايون تارو تار،
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    اِنڊلٽ اُڀ ۾ اهڙي، جهڙي تازي پرڻيل هوئي ڪنوار،
    جنهن کي ڳهه ڳٺا ۽ هار،
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    کاهڙ پاسي کيٽن ۾ اڄ، چڙين چنگن جي چونگار،
    کرڪين جي ٻُڌ کِل کينڪار،
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    کِل کِل کير وٽيءَ پيا کيڏن، خوش ٿي ٻهراڙيءَ جا ٻار،
    پاتئون ڳاڙها پُسين هار،
    ويس وسڻ جا پاتا يار!

    سائين! تون “سرويچ” کي ميلئين، دوست مٺا دلدار،
    جن جي پل پل آهي پچار،
    جيڪي سونهن سندا سردار!
    ويس وسڻ جا پاتا يار!
    *


    گيت :: 6

    هن سنڌڙيءَ جي سُرهاڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ ڀلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    هي چهه چهه ساوا چيٽ ڏسو؛
    هي کڙندڙ کلندڙ کيٽ ڏسو؛
    هن ساين سهڻين ٻنين ۾؛
    اڄ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    هيءَ ٿر بر ۾ ٿڌڪار ڏسو؛
    هيءَ هنڌ هنڌ تي هُٻڪار ڏسو؛
    هن پنهنجي دلبر ڌرتيءَ تي،
    اڄ مينهن جي مانڊاڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    هي رنگ برنگي روپ ڏسو؛
    هي دوديرين جا ڌوپ ڏسو؛
    هوءَ لال لياري لامن تي؛
    آ، لوين لالاڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    هي ڪڻ ڪڻ مان هِت ڪيچ ڏسو؛
    هي سنڌڙيءَ جا “سرويچ” ڏسو؛
    هي سونهن سگهارا سوڍا پنهنجا؛
    ساٿ ڌڻي سرواڻ بلي!!
    هي موج ڀريو مهراڻ بلي!!
    *


    لوڪ گيت

    نَڪ ۾ نه ڦلڙي، او! چيچ نه ڇلڙو،
    ڙي! ٻانهن نه سڳڙو؛
    ڪنن نا والڙيون؛
    ڙي، ادڙيون اٻالڙيون !!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    هٿن نه مُنڊي، او! ڳچيءَ نه هسيون،
    ڙي! ٻُٽيون ۽ ٻُسيون،
    ڏيهه ۾ ڏکالڙيون،
    ڙي، ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    سِر تي نه پوتي، او! بُت تي نه چولو،
    ڙي! جيءَ منجهه جهولو،
    اکڙيون تان آلڙون،
    ڙي، ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    پيرن نه جُتـڙي، او! سٿڻ تان ليڙون،
    ڙي! چڳن ۾ چيڙون،
    بکيون ۽ بي حالڙيون،
    ڙي، ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    ڇپر نه ڇنو، او! پکو نا پيهي،
    ڙي! ڏکيا ٿيا ڏيهي،
    ڳڻيان ڇا ڳالهڙيون،
    ڙي! ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    عيدون ۽ نه خوشيون، آ روئڻ ۽ راڙو
    ڙي! سورن جو ساڙو،
    ساريون ساريون سالڙيون،
    ڙي! ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    ساڻا ساڻا سنڌ او! سُڪلون تان ڇاتيون،
    ڙي! لنگهڻ ۾ راتيون،
    لُڇن ٿيون لالڙيون،
    ڙي! ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!

    مُنهن تي نا ماس چپن نا مُرڪون،
    ڙي! سورن جون سُرڪون،
    پيئن پيالڙيون،
    ڙي! ادڙيون اٻالڙيون!!
    او! ڌيئڙيون اٻالڙيون!!
    *


    لوڪ گيت :: قومي جمالو

    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسان سِريون ڏيئي سنڌ ورتي ـ هو جمالو.
    اسان گوليون کائي سنڌ ورتي ـ هو جمالو.
    اسان جيل جهاڳي سنڌ ورتي ـ هو جمالو.
    اسان قيد ڪاٽي سنڌ ورتي ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    پنهنجا شهزادا شاگرد الا ـ هو جمالو.
    جيڪي مانجهي آهن مرد الا ـ هو جمالو.
    جن کي سنڌڙي جو آ درد الا ـ هو جمالو.
    جيڪي هارين جا همدرد الا ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين شير آهيون شير الا ـ هو جمالو.
    اسين واري ڄاڻون وير الا ـ هو جمالو.
    اسين وارث پنهنجي ويس جا ـ هو جمالو.
    اسين والي پنهنجي ديس جا ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    الحمد اڄ آزاد آهيون ـ هو جمالو.
    پنهنجي ديس ۾ آباد آهيون ـ هو جمالو.
    پنهنجي شان سان اڄ شاد آهيون ـ هو جمالو.
    اسين دودن جو اولاد آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين قومن جي تقدير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين صاحبِ توقير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ڀونگر جي شمشير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين اونداهه ۾ تنوير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين مياڻي جا مٿير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين دولهه ۽ دلير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ملڪن جا معمار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ساٿ جا سالار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين ڪوٽ آهيون ننگ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين جُنگ آهيون جَنگ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين ڀاڳيا آهيون ڀاڳ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين مالڪ پنهنجي ماڳ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين ماڃر جا تان مير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ڪينجهر جي تصوير آهيون ـ هو جمالو.
    اسين مڪليءَ جا مور آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌڙيءَ تان گهور آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسـين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين ڀٽائيءَ جا ڀار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سچل جا ڙي يار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين هوشوءَ جا حُبدار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين دودي جي للڪار آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين راڻا آهيون راڄ جا ـ هو جمالو.
    اسين ڪوڏيا آهيون ڪاڄ جا ـ هو جمالو.
    اسين گهوٽ اڻ موٽ آهيون ـ هو جمالو.
    اسين فولادي سڀ ڪوٽ آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين ڍاٽي آهيون ڍٽ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين خان آهيون کٽ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين موئن جي تان ساک آهيون ـ هو جمالو.
    اسين اُميدن جي باک آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اسين ڪاڪ جا تان خان آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ڪاهوءَ جا نشان آهيون ـ هو جمالو.
    اسين راڻا “رنيءَ ڪوٽ” جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين سوڍا نيرن ڪوٽ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    جيئي پنهنجي سنڌ سائي ـ هو جمالو.
    جنهن ۾ “اختر” جهڙي ڌيءَ ڄائي ـ هو جمالو.
    جيڪا مردن جو مَٽ آهي مائي ـ هو جمالو.
    جنهن کي وانگين جي آ وات وائي ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اچو سنڌ جا غدار ماريون ـ هو جمالو.
    اچو ملڪ مان مڪار ماريون ـ هو جمالو.
    اچو ديس جا اغيار ماريون ـ هو جمالو.
    اچو موذي سڀ مُردار ماريون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ـ هو جمالو.

    اچو موج ۾ مهراڻ آڻيون ـ هو جمالو.
    اچو سنڌ ۾ سرهاڻ آڻيون ـ هو جمالو.
    اچو لوين ۾ لالاڻ آڻيون ـ هو جمالو.
    اچو مينهن جي مانڊاڻ آڻيون ـ هو جمالو.
    اچو سنڌ کي خوشحال ڪريون ـ هو جمالو.
    اچو مارو مالا مال ڪريون ـ هو جمالو.

    جيئو جيئو ڀاڳيا ڙي ـ هو جمالو.
    پنهنجا ڀاڳ ٻيهر جاڳيا ڙي ـ هو جمالو.
    پنهنجا ساز سُر ساڳيا ڙي ـ هو جمالو.
    پنهنجا ويري سڀئي واڳيا ڙي ـ هو جمالو.
    اچو سنڌ کي خوشحال ڪريون ـ هو جمالو.
    اچو مارو مالا مال ڪريون ـ هو جمالو.

    اسين بهادر ۽ بيباڪ آهيون ـ هو جمالو.
    اسين دشمن جي لئي ڌاڪ آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌيئڙا “سرويچ” آهيون ـ هو جمالو.
    اسين ڀائر آهيون ڀيچ آهيون ـ هو جمالو.
    اسين سنڌي آهيون سنڌ جا ڙي ـ هو جمالو.
    اسين سورهيه ماڻهو سنڌ جا ڙي ـ هو جمالو.

    هو جمالو ڙي ڍولڻ ـ هو جمالو.
    جمالو جوڌن سان ـ هو جمالو.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267739
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387997
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ