ڪتاب جو نالو: صحرا ۾ سُتل قذافي
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 03 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 898 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 473 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءَ ڪتاب ”صحرا ۾ سُتل قذافي“ مختلف مضمون ۽ بيانن کي سهيڙي قذافيءَ جي زندگيءَ جو خاڪو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪرنل قذافي جو سامراج دشمن روپ پاڻ ماڻهن لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • پنهنجي پاران
  • • منهنجو پُٽ، منهنجو صدر
  • • يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريقا جو خواب ڏسندڙ ڪرنل قذافي
  • • لبيا جي آزاديءَ لاءِ مسوليني سان جنگ جوٽيندڙ عرب هيرو: عمر ال مختار
  • • لبيا ۾ ”الفتح انقلاب“ جي چاليهين سالگرهه جو جشن
  • • آمريڪا جو تازو شڪار ڪرنل قذافي: يوسف سنڌي
  • • ڪرنل قذافي ۽ چي گويرا جي موت ۾ هڪجهڙائي
  • • ڪرنل قذافيءَ جا گهر ڀاتي
  • • صحرا ۾ سُتل ڪرنل قذافي
  • • قذافيءَ جو موت آفريقا جو تمام وڏو نقصان هو
  • • لبيا جي ’آزادي‘ ۽ انسان جي سامراجي شڪل! : شفقت قادري
  • • ڪرنل معمر قذافي : شيخ اياز
  • • معمر قذافي جو لبيا!
  • • فيڊل ڪاسترو جو بيان

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (130) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لبيا جي اڳوڻي صدر ڪرنل معمر قذافي تي لکيل ڪتاب ”صحرا ۾ سُتل قذافي“جو مرتب يوسف سنڌي آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرس حيدر آباد وٽان ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • پنهنجي پاران

    آمريڪا نيٺ ڪرنل قذافيءَ کي مارائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. کيس اقتدار تان لاهڻ ۽ مارڻ جي پويان هڪ ڊگهي رٿا بندي ۽ سالن جون ڪوششون هيون. آمريڪا پاران قذافيءَ کي اقتدار تان لاهڻ ۽ مارائڻ جي پويان جيڪي ٻه سبب هئا، انهن مان پهريون اهو هو ته آمريڪا ڪنهن به اهڙي حڪمران کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي جيڪو سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي... قذافيءَ به سدائين آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو. ٻيو وڏو سبب لبيا جو پئٽرول هو، جنهن تي آمريڪا جون اکيون هيون ۽ قذافيءَ جي موجودگيءَ ۾ ان پئٽرول جو هڪ ڦڙو به آمريڪا جي نصيب ۾ اچڻو نه هو.
    نيٽو فوج، آمريڪا جي اڳواڻي ۾ انساني حقن ۽ لبيائي عوام کي آزاد ڪرائڻ جي جيڪا ڪارروائي ڪئي، ان جي نتيجي ۾ قذافي جو اقتدار جو ته خاتمو ٿيو، پر لبيا جي عوام کان لڳ ڀڳ اهي سڀ سهولتون کسجي ويون، جيڪي قذافي جي دور ۾ کين حاصل هيون ۽ آمريڪا پاران لبيائي عوام کي خانه جنگيءَ جو تحفو مليو ۽ لبيا انتها پسندن جو ڳڙهه بنجي ويو آهي. هينئر لبيا داعش، القاعده ۽ ٻين انتها پسندن جي سرگرمين جو ڳڙهه بنيل آهي.
    هيءَ ڪتاب ”صحرا ۾ سُتل قذافي“ مختلف مضمون ۽ بيانن کي سهيڙي قذافيءَ جي زندگيءَ جو خاڪو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪرنل قذافي جو سامراج دشمن روپ پاڻ ماڻهن لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيو آهي.

    يوسف سنڌي
    3 سيپٽمبر 2015ع


    • منهنجو پُٽ، منهنجو صدر

    سنڌيڪار: الاهي بخش ٻانڀڻ

    پهرين سيپٽمبر 1969ع تي ابو مينار سويل خيمي کان ٻاهر نڪري، اوڀر طرف نهار ڪئي. پري تائين ڊگهي ڦهليل صحرا مان نڪرندڙ صبح جو سج، ايتري ۾ ابو مينار جي زال به خيمي کان ٻاهر نڪري اچي هن جي ڀرسان بيٺي پويان هنن جون ٻڪريون ۽ اُٺ هيڏي هوڏي گهمي ڦري رهيا هئا. ابو مينار بدوي ۽ صحرائي ماڻهو هو. هن جي زندگي گهمندي پئي گذري، سائو گاهه ڏسي خيما کوڙيندو هو. اڄوڪي ڏينهن يعني پهرين سيپٽمبر 1969 تي هي مسروط نالي ڳوٺ کان سوا سئو ميل ڏور پنهنجو خيمو لڳايو ويٺو هو. پئسا کپي ويندا هئس، يا ڀاتين لاءِ نئون ڪپڙو وٺڻو هوندس ته، ڪنهن ٻڪريءَ کي ڪن مان جهلي مسروط ڳوٺ ۾ وڪرو ڪندو هو، نه ته گهڻو ڪري دنيا کان ڏور. باقي ريڊيو ذريعي دنيا جون خبرون چارون پيو ٻُڌندو هو. ريڊيو هاڻ گهڻو پراڻو ٿي ويو هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ هن کي پنهنجي پٽ معمر قذافيءَ تحفي طور ڏنو هو.
    ابو مينار معمول مطابق ريڊيو کوليو. ريڊيو ته صبح جو پروگرام شروع ٿيڻ وارو هو. انائونسر ”اسلام عليڪم“ چوڻ کان پوءِ پروگرام جي شروعات ڪئي ۽ ان کان پوءِ اوچتو ريڊيو تي خاموشي اچي وئي. ريڊيو اسٽيشن جي انهي چپ چپات کي هڪ فوجي ساز ٽوڙي وڌو. ابو مينار لاءِ معمول جي ابتڙ هي ريڊيو تان ايندڙ پروگرام حيران ڪندڙ هو، هونئن سدائين انائونسر جي اسلام عليڪم چوڻ کان پوءِ هلڪي موسيقي وڄائي ويندي هئي، پر اڄ فوجي ڌن ٻُڌڻ ۾ آئي. فوجي ڌُن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، ريڊيو جي لهرن ذريعي هڪ آواز اُڀريو: ”لبيا واسيو!! شاهه ادريس جو تختو اونڌو ٿي چڪو آهي. لبيا هاڻ شهنشاهيت کان آجو ٿي ويو آهي. اسان جو ملڪ هاڻي خودمختيار ۽ آزاد هوندو. اسانجي ملڪ جو نئون نالو ”لبيا عرب جمهوري راڄ“ هوندو، اسان اهڙو معاشرو قائم ڪنداسيون، جنهن ۾ نه ڪوئي ظالم هوندو، نه جابر، نه آقا نه ئي ڪو غلام هوندو. ٻڌي ۽ ڀائيچاري جو جهنڊو ڦڙڪندو، ڏاڍن کان حساب ورتو ويندو.....”لبيا جا فرزند!!....... نوجوانو!!..... مزدورو!!...... هاريو! ۽.... هاڻ عمل جو وقت اچي ويو آهي.“ ابومينار کي آواز سڃاتل لڳو. هي آواز ابومينار جي پٽ معمر قذافيءَ جو هو، جنهن لبيا جي تاريخ جو اهو انقلابي اعلان پئي ڪيو.
    ابو مينار ريڊيو تي اعلان ٻڌڻ کان بعد سوچڻ لڳو ته ”هڪ بدوي خانه بدوش جي پُٽ کي هي مان ۽ مرتبو ڪيئن نصيب ٿي سگهي ٿو.“ معمر قذافي، شاهه ادريس جو تختو سواءِ ڪنهن رتو ڇاڻ جي اونڌو ڪري ڇڏيو. ان وقت شاهه ادريس تفريح لاءِ ترڪيءَ جي گادي واري هنڌ انقره ۾ هو. ان انقلاب جي پيڙهه ڪيترا سال اڳ ٻڌي وئي هئي. ۽ ان جي پورائي ۾ جيڪي ڪٺن پيچرا آيا، تن جو خاڪو هيٺين ريت آهي“
    لبيا جي ننڍڙي هوائي اڏي، صباح جو سمورو انتظام فرانسين جي هٿ هيٺ هو. اُن هوائي اڏي کان ڪجهه پنڌ تي 1959ع جي گرمين جي هڪ ڏيهاڙي نوجوانن جي هڪ ٽولي چوڪڙي هيٺان ويٺي هئي. ان ۾ معمر قذافي به هو،هي سڀ ضروري موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
    ڪجهه سال اڳ مصر ۾ شهنشاهيت جي تختي اونڌي ٿيڻ واري بغاوت، هنن نوجوانن جي سوچن ۽ خيالن جو روح ڦيرائي وڌو هو.جمال عبدالناصر جي سوئيز واهه کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري دليرانه اعلان، دنيا جي وڏي طاقتن کي ڏڪائي وڌو هئو. ان اعلان سبب آمريڪا جي پرڏيهي وزير فوسٽر ڊلس، برطانيه جي وزير اعظم انٿوني ايڊن ۽ فرانس جي وزير اعظم منڊيز جي آقائن کي ڪاري ضرب لڳي هئي. ناصر ڏکن ڏينهن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، لبيا جي نوجوانن محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته هنن جي ملڪ ۾ ڌارين جي لٽ ۽ ڦرمار شروع هلندڙ آهي ۽ شاهه ادريس پرڏيهي حاڪمن جي هٿن ۾ پتلو بڻجي چڪو آهي.تيل جهڙي نعمت سان ڀريل لبيا جو عام ماڻهو فقير ۽ غريب ٿي رهيو هو.
    عسڪري اڪيڊميءَ ۾ ڏانءُ ۽ ڄاڻ حاصل ڪندڙ نوجوان سوچڻ لڳا ته جيسين مصر وانگر لبيا ۾ شاهه ادريس جو راڄ ختم نه ٿيندو، تيسين خوشحالي اچڻ جو امڪان ڪونهي. ڪرنل معمر قذافي انهن مان وڌيڪ جوش ۽ جذبي وارو نوجوان هو. هي نوجوانن جي ذهن ۾ انقلاب جو ٻج پوکيندو رهيو هو.
    معمر قذائي ’سرت‘ نالي ڳوٺ کان ٻارهن ميل پري هڪ صحرائي خيمي ۾ ڄائو. هن جو ڳانڍاپو قذافي قبيلي سان هو. ان قبيلي جو باني مشهور برزگن قذاف آدم هو. معمر کي ورثي ۾ عربي دليري مليل هئي. قبيلي جي ٻارڙن جيان معمر به شروعاتي تعليم پنهنجي قبيلي جي فقهيه کان ورتي، پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ تيز ۽ ذهين هو. ملڪ ۾ اسڪولن جي تعداد گهٽ هئڻ ڪري پنهنجي ذهانت ۽ فقيهه جي سفارش ذريعي هن کي هڪ اسڪول ۾ ٻئي درجي ۾ داخلا ملي وئي. جڏهن ٽئين درجي ۾ پهتو ته هن جي بدوي پيءُ ابو مينار اُن علائقي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. معمر پنهنجي پيءُ سان گڏ ’سرت‘ جو هنڌ ڇڏي لبيا جي ننڍڙي هوائي اڏي صباح جي ڀرسان واري علائقي ۾ پهتو. تعليم جي شوق تحت هن کي هتي وري هڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. پنهنجي پيءُ سان گڏ معمر کي خانداني حالتن، صحرائي زندگي جي روايتن باعث خانه بدوش ٿي رهڻو پيو، انهن رنڊڪن جي هوندي به هن ڪنهن نه ڪنهن ذريعي پنهنجي تعليم جاري رکي.
    سنه1957 ۾ ڪرنل معمر قذافيءَ ثانوي مدرسي جو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو. هاڻ هن جي شعور ۾ واڌارو اچڻ لڳو هو. ۽ عرب ملڪن ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ مسئلن تي سوچڻ لڳو هو.
    ڪجهه عرصو اڳ مصر ۽ شام وچ ۾ ٻڌيءَ جو هڪ ٺاهه طئي ٿيو، عرب دنيا جو باشعور عوام سمجهڻ لڳو ته ان ٺاهه وسيلي عرب سهڪار جا اُمڪان وڌيڪ روشن ٿيندا پر جلدي هي ٺاهه ٽٽي پيو، ان ٺاهه ۾ ڦوٽ پوڻ کانپوءِ ردعمل جو هڪڙو احتجاجي سلسلو شروع ٿي ويو. پرڳڻي جي گاڌي واري هنڌ معمر قذافي پنهنجي ساٿين جو هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنهن ۾ اڳتي هلي ٻيا شهري شامل ٿي ويا، شهر جي پوليس سپرينٽڊينٽ شاگردن کان ناراض هو، ڇاڪاڻ جن هن جي خيال ۾ ته ملڪ جي امن امان کي ڌڪ رسائڻ ۾ شاگرد طاقت جو وڏو هٿ هوندو جلوس نعرا هڻندو اڳتي وڌي رهيو هو ته پوليس کين روڪيو.ته انبوهه جوش ۾ اچي ويو. سپرينٽڊينٽ شاگرد جي گهيري ۾ اچي ويو. معمر قذافي هجوم کي چيريندو پوليس سپرينٽڊينٽ وٽ پهتو. ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي اوندهي مُنهن ڪريل پوليس سپرينٽڊينٽ کي اچي سهارو ڏيئي مٿي اٿاريو معمر هن کي چيو ته جيڪڏهن پوليس رستي روڪ نه ڪري ته جلوس پنهنجي جڳهه تي پُرامن طريقي سان پهچي ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. پوليس جا حوصلا هيڻا ٿي ويا ۽ انبوهه مقرر هنڌ تي پهتو، جتي ٻين شاگردن سان گڏ معمر به جلوس کي خطاب ڪيو، بعد ۾ جلوس ڇڙوڇڙ ٿي ويو.
    هڪ رات معمر قذافي بورڊنگ هائوس پئي ويو ته اوچتو هڪ ڪار تيز بريڪ سان چرڙاٽ ڪندي هن جي ڀرسان بيٺي، ڪار مان ٻه ماڻهو ٻاهر آيا، جن کيس زوري پڪڙي ڪار ۾ ويهاريو ۽ هليا ويا. معمر کي ٻڌايو ويو ته هن کي محمد يوسف الفر جي سامهون حاضر ڪيو ويندو. محمد يوسف الفر بي هڪڙو وڏو مالدار شخص هو، هن جا اختيار پرڳڻي جي گورنر جيترا هئا. سندس اڳيان پيش ڪرڻ کان اڳ ڪرنل معمر قذافيءَ جي تلاشي ورتي وئي. ان کان پوءِ معمر کي ”بي“ جي ڪمري ڏانهن ڌڪيو ويو. محمد يوسف الفر، معمر قذافي کي ڏسڻ شرط ڀڀڪڻ لڳو.
    ”عرب اتحاد!!.........تقريرون!!...........جلوس!!..... جمال عبدالناصر جي مدح.......... الجيريا جي آزاديءَ جي پٺڀرائي.......... تنهنجو انهن سڀني معاملن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟تون ٿيندو ڪير آهين؟ شهر جو تو آرام ڦٽايو آهي، بيچيني ۽ افراتفري ڦهلائي ڇڏي اٿئي؟ جتي به ڏس اُتي تون تقريرون ٿو بيٺو ڪرين؟ هاڻ توکي مان چڱو سبق سيکاريندس. منهنجي هڪڙي اشاري سان توکي اسڪول مان نيڪالي ڏني ويندي. ۽ پوءِ توکي پرڳڻي جي ڪنهن به تعليمي اداري ۾ داخلا ملي نه سگهندي. ”بي“ ڪرنل معمر قذافيءَ کي ڌمڪيون ڏيندو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هن معمر کي ڳالهائڻ جو وارو ئي نه ڏنو، ٻئي ڏينهن تي معمر کي تعليمي اداري مان خارج ڪيو ويو، ”بي“ معمر جي تعليمي ادارن جي نيڪالي سان گڏ هڪ ٻيو به حڪم جاري ڪيو ته صوبي جي ڪنهن به تعليمي اداري ۾ هن کي داخلا نه ڏني وڃي. اُن سان گڏ هن کي بورڊنگ هائوس مان به ڪڍيو ويو هيو.
    معمر قذافيءَ کي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي آسودگيءَ کان بعد جنهن شئي سان پيار هو، سا تعليم هئي، هن کان اهو حق کسيو ته ويو، پر هن پوءِ به دل نه هاري، اڃان به هن تعليم مڪمل ڪرڻ پي چاهي. اهڙي طرح هڪ صوبي جي سڀني تعليمي ادارن مان نيڪالي ملڻ کان بعد 1962 ع ۾ هڪ ٻئي پرڳڻي جي تعليمي اداري ۾ وڃي داخلا ورتائين. اُتي به هن سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هن جي تعليمي مستقبل کي ڇيهو رسي پئي سگهيو. هي واقعو ڪرنل معمر قذافيءَ جي زندگيءَ ۾ اهم آهي، انگريزيءَ جو استاد جانسٽن جيئن ڪلاس ۾ اندر گهڙيو ته سڀئي شاگرد سواءِ معمر قذافيءَ جي پنهنجين پنهنجين جڳهن تان ادب ۾ اُٿي بيٺا. معمر قذافي پنهنجي جڳهه ته ويٺو رهيو. اهو ڏسي استاد جانسٽن خاموش ٿي ويو، حيقيقت ۾ معمر قذافيءَ کي اها خبر هئي ته هي انگريزي استاد هن جي پياري وطن لبيا، ۽ هن جي سياسي ڪونڌر جمال عبدالناصر تي سدائين ٽوڪون ڪندو رهندو آهي. معمر اهڙي ماڻهوءَ جي تعظيم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، معمر جي اڳيان جمال عبدالناصر جي تقرير پئي هئي، ان تي جانسٽن تپي باهه ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ”معمر ڪلاس مان نڪري وڃ.“ ”تون مون کي ڪلاس مان ڪڍي سگهين ٿو“ معمر قذافيءَ چيو ” هي اسڪول منهنجي وطن جو آهي. مان ڄاڻان ٿا ته توهان منهنجي ملڪ ۽ مذهب کي ٽوڪيندا رهو ٿا. ياد رک هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو توکي هن ڪلاس، اسڪول مان نه پر ملڪ مان ئي تڙيو ويندو.“جانسٽن جيڪو اڳ ڪاوڙيو ويٺو هو، تنهن معمر جو اهڙو کُتو جواب ٻڌو ته وڌيڪ شور ڪرڻ لڳو، ڪلاسن ۾ شور مچي ويو. خبر ناهي معاملو ڪٿان جو وڃي ڪٿي پهچي ها. انهيءَ وقت گوڙ ٻڌي هڪڙو استاد ڪلاس ۾ گهڙيو ۽ جانسٽن ۽ معمر قذافي کي سمجهائي خاموش ڪري ڇڏيائين. انهي ڏينهن معمر قذافي کي پرنسپال جي ڪمري ۾ گهرايو ويو. ڇو ته هن کي وڏي مشڪل سان ان پرڳڻي جي تعليمي اداري ۾ داخلا ملي هئي. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ معمر کي احساس هو ته هن جو خانه بدوش پيءُ غريب ماڻهو آهي. ۽ هومنجهس ۾ وڏيون اميدون سانڍيون ويٺو آهي . معمر اڻ ڄاتل خوف محسوس ڪندو پرنسپال جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. پرنسپال جو نالو سنيوسي نجار هو. هن معمر کي نه ڇڙٻيون ۽ نه ئي اسڪول کان خارج ڪيو.”معمر!“ پرنسپال چيو.”جيڪڏهن تون جمال عبدالناصر جي نقش قدم تي هلڻ گهرين ٿو ته ڀلي هَل. مون کي اُن ۾ خوشي ٿيندي پر ياد رک،جذبن جي اظهار ۾ هميشه خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي“
    19 آگسٽ 1964ع تي تلميدد جي ساحلي ڳوٺ ۾ انقلابي تحريڪ جا ڪارڪن گڏ ٿيا. سمنڊ جي ڪناري رونق لڳي پئي هئي. تفريح لاءِ ماڻهن جا ميڙ جمع ٿيا هئا. هي هنڌ تحريڪ جي گڏجاڻيءَ لاءِ انهيءَ ڪري چونڊيو ويو، جو هتي ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ خطرو نه هو. ٽولين ۾ ورهايل ڪارڪن ائين پئي لڳا ڄڻ تفريح لاءِ سمنڊ ڪناري آيا هجن. معمر قذافي پنهنجي ملڪي حالتن تي هميشه ويچار ڪندو رهندو هو. ملڪ ۾ اقتصادي بدحالي، حڪمران ٽولي جون عياشيون، فضول خرچيون، ۽ لاپرواهيون وڌي ويون هيون. ملڪ ۾ بدديانتي، اقربا پروري، رشوت ۽ نا انصافي چوٽ ته هيون. شاهه ادريس ۽ ان جا پوئلڳ تيل جي دولت سان شاهوڪار ٿيڻ لڳا. پرڏيهين جو اثر وڌيڪ هو. ڪيترن ئي پرڏيهي حڪومتن لبيا ۾ پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪري ڇڏيا هئا. لبيا جو عوام بُک ۽ بيروزگاريءَ ۾ وڪوڙبو ويو. معمر قذافي سرت جي تعليمي اداري ۾ ئي پنهنجن هم خيال شاگردن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. بعد ۾ انهن شاگردن ڳجهي طرح پرچاري مواد تيار ڪري ملڪ ۾ ورهايو. انقلاب جو ٻج ڇٽڪي چڪو هو. هاڻي ان جي آبياريءَ جو وقت هو. هنن جي انقلابي هلچل وڌيڪ تيزي سان ڦهلجڻ لڳي هئي. پوري ملڪ ۾ سندن هم خيال ۽ نظرياتي ماڻهو پيدا ٿي پيا.
    1964ع ۾ معمر قذافي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ملٽري اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي. بن غازيءَ جي فوجي اڪيڊمي ۾ هن پنهنجي تحريڪ کي نئين سري سان منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڳجهي مرڪزي ڪميٽي به ٺاهي وئي. اُن ۾ صرف فوجي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو.”Free Unitary Officers “ ان ڪميٽيءَ جا سرواڻ هئا. ان تنظيم سان گڏ هڪ ٻي تنظيم ”پاپولر ڪميٽي“ جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن جو ڪم لبيا جو شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ هم خيال ۽ نظرياتي ماڻهن سان رابطوقائم ڪرڻ هو. مرڪزي ڪاميٽي پنهنجا مختلف اجلاس مختلف هنڌن تي ڪندي هئي. سمنڊ جي ڪناري هڪڙو اجلاس اهڙي ته ڍنگ ۽ نموني سان ڪيو ويو، جو ائين پئي لڳو ڄڻ سڀئي نوجوانن تفريح يا پڪنڪ ملهائڻ لاءِ سمنڊ ڪناري آيا هجن. ان اجلاس ۾ طئي ٿيو، ته لبيا جون حالتون ايستائين نه بدلجنديون جيسين ملڪ ۾ مصر وانگر شاهه جو تختو اونڌو ڪري حڪومت تبديل نه ٿي ڪئي وڃي.ان اجلاس ۾ جتي انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻ جو قسم کنيو ويو، اُتي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبرن هي به قسم کنيو ته هو نائيٽ ڪلبن ۽ ٻين عيش عشرت جي جڳهن ۾ ڪڏهن به نه ويندا. ڪو به ڪارڪن شراب نه پيئندو. ان اجلاس ۾ ان سان گڏ سڀئي ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته: جيئن ته مرڪزي ڪميٽيءَ جا ميمبر پري پري ويٺل آهن، هنن کي ڪنهن هڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ ۾ نه صرف سفر جون تڪليفون سامهون آهن، پر ڪنهن به وقت پڪڙجي پوڻ جو انديشو موجود رهي ٿو. انهيءَ ڪري رازداري ۽ سفر جي سهوليت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ميمبرن گڏيل فنڊ مان موٽر ڪارون خريد ڪن. ان اهم ضرورت جي پورائيءَ لاءِ ميمبرن پنهنجين پگهارن جو گهڻو حصو ان فنڊ ۾ جمع ڪرايو هو.
    7 آڪٽوبر 1964ع ۽ ان کان پوءِ انقلاب جي مرڪزي ڪميٽيءَ جا لڪل ميڙ بن غازي ۽ مسروط ۾ ٿيا. انهن ۾ گهڻي ڀاڱي انهن مسئلن تي غور ڪيو ويو ته هو سرڪار جا ڳجهه هٿ ڪن ۽ هر رڪن تي ذميواري مڙهي وئي ته هو پنهنجي وت ۽ وس آهي پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي، نهايت خبرداريءَ سان معلومات مهيا ڪري.
    آگسٽ سنه 1965ع تي معمر القذافي کي بن غازي جي ڪيڊٽ ڪاليج مان گريجويشن جي ڊگري حاصل ٿي، ٿوري عرصي گذرڻ بعد شاهه ادريس جي حڪومت هڪ گروپ، فوجي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو،اُن ۾ معمر القذافي به شامل هو.هي فوجي ڏانءَ جو ڪورس، ساڍن چئن مهينن کن جو هو.بيڪن شيفلڊجي ملٽري ڪاليج ۾ هنن سان اڇوتن وارو سلوڪ روا رکيو ويو. اُن ڪاليج جو انچارج ميجر ”روڊنگز“ تعصبي انگريز هو. هن پهرئين ڏينهن ئي آفيسرن کان اهڙا سوال ڪيا، جيڪي هن جي عهدي ۽ ميزبانيءَ جي فرضن جي بنهه ابتڙ هئا. هن ڄاڻڻ ٿي گهريو، ته لبيا ۾ انقلابي تحريڪ جي صحيح صورتحال ڇاهي.؟ انگريز جو مفاد جيئن ته شاهه ادريس سان لاڳاپيل هو، ان ڪري لبيا ۾ انقلابي تحريڪ هنن جي اکين ۾ ڪنڊو هئي.
    مصر جي صدر جمال عبدالناصر، انگريزن کي جيڪو هاڃو رسايو هو، تنهن سبب ’ميجر روڊنگز‘ جڏهن به ناصرجو ذڪر ڪندو هو، ته ڳالهائڻ جو لهجو ڏاڍو ڪڙو ٿي ويندو هوس.ميجر روڊنگز چيو: ”اسان برطانوي توهان جي سلطنت جا چوڪيدار آهيون،“ اهو ٻڌي معمر القذافي کي حيرت ٿي، ۽ هن پنهنجي بي باڪي ۽ حق گوئي کان ڪم وٺندي چيو ته ”فلسطين اسان جو آهي.۽ ....... جمال عبدالناصر اسان جو سرواڻ آهي.....“اهو ٻڌي ميجر روڊنگز جي چهري جي رنگت ڦري وئي ۽ وري هن ڪڏهن به معمر قذافي سان سياسي معاملن تي نه ڳالهايو.
    بيڪن شيفلڊ جي ملٽري ڪاليج ۾ ڪرنل معمر قذافيءَ کي جيڪو ڪمرو مليل هو، ان جي ڀت تي هن پنهنجي صحرائي خيمي جي تصوير ٽنگي ڇڏي هئي. تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ جلدي معمر پنهنجي وطن پهتو. جتي ڳجهي انقلابي تحريڪ هن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هئي.
    جون سنه 1967ع تي اسرائيل مصر تي حملو ڪري ڏنو. عرب ملڪن ۾ بيچينيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. ان تي معمر قذافي جوش ۾ اچي ويو. هن اسرائيل خلاف گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي. پر مجبور هو.هن ڄاتو ٿي ته شاهه ادريس ڪو به اهڙو قدم نه کڻندو، جنهن سان برطانوي آقائن جي مفادن کي ڇيهو رسي سگهي. معمر قذافي ۽ سندس ساٿي ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ آتا هئا. معمرالقذافي جا ويجها ساٿي عبدالسلام جلود، مصطفيٰ الڪرابي، عبدالفتح يونس ۽ محمد المغريف انقلاب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هم خيال ماڻهن سان ڳانڍاپو قائم ڪيو ويو. عام ماڻهن سان رابطي قائم ڪرڻ سان ان تحريڪ ۾ نوري نجم ۽ هن جو ڀاءُ محمد نجم به اچي شامل ٿيا. هنن ٻنهن ڀائرن جو شهر ۾ خاص اثر رسوخ هيو. انقلابي تحريڪ کي، لبيا جي ڀروسي جوڳن ۽ هم خيال شهرين طرفان پٺڀرائي ملڻ لڳي. هاڻي انهن لاءِ ضروري هو ته لبيا ۾ انقلابي تحريڪ جي طاقت ۽ ان جي اثر رسوخ جي مظاهري ڪرڻ سان گڏ، اسرائيل جي پوئلڳن خلاف جذبن جو اظهار ڪيو وڃي. ۽ لبيا ۾ آمريڪا ۽ برطانيه جا جيڪي فوجي اڏا قائم آهن، تن کي تباهه ڪيو وڃي. ان آپريشن جون تياريون زورسان ٿين لڳيون. ان ڪم ۾ شهرين جي هڪ مناسب ڳاڻيٽي کي به تيار ڪيو ويو. هي آپريشن عبدالسلام ۽ عبدالفتح جي سپرد ڪيو ويو. آمريڪي ۽ برطانوي فوجي اڏن کي تباهه ڪرڻ جو ڏينهن ۽ وقت به مقرر ڪيو ويو. آپريشن شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٿوري ديرمس هئي ته هڪڙو توقع جي اُبتڙ واقعو پيش آيو. معمر قذافي کي بن غازي جي فوجي ڇانوڻيءَ مان تبديل ڪري طرابلس جي فرانسيسي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو. طرابلس ۾ هنن کي تعمير ٿيندڙ وائر ليس اسٽيشن جي ڪم جي نگرانيءَ سونپي وئي، هن کي طرابلس ۾ رهائش لاءِ هڪ شاندار بنگلو ڏنو ويو. معمر قذافيءَ تي اهڙي مهرباني اڳ ڪڏهن به نه ڪئي ويئي هئي. هن کي شڪ ٿيو ته: ”جنهن وقت هڪ لڪل آپريشن جون تياريون ٿي رهيون هيون، ته هن کي بن غازي، مان طرابلس ڏانهن تبديل ڪرڻ جي ،معنيٰ ڇا آهي، پڪ اعليٰ سطح جي آفيسرن کي ڪا ڀُڻڪ ڪن پئجي وئي آهي.“
    تڪڙ ۾ انقلابي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرايو ويو. معمر قذافي کي طرابلس ۾ اهڙن وسيلن ۽ ماڻهن جو ڏس ڏنو ويو، جيڪي اُن انقلابي مشن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن پيا.
    طرابلس ۾ اتاولائپ ڦهليل هئي، پورهيت هڙتال تي هئا. انقلابي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي پاران جاري ٿيل، پرچاري مواد کي ڳجهي طريقي سان پکيڙيو پئي ويو.
    طرابلس ۾ معمر وڏي جرئت جو مظاهرو ڪيو. هن پنهنجي شخصيت ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو هو. معمر قذافي پنهنجي سر پاڻ پرچاري مواد ورهائيندو وتندو هو. پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿي بازار طرف نڪري ويندو هو ۽ ماڻهن سان ڀريل بازار ۾ ڪار جي دري مان پمفليٽ ، ماڻهن ڏانهن اڇلائي ڪار تيزيءَسان ڊوڙائي، ماڻهن جي نظر کان اوجهل ٿي ويندو هو. طرابلس جي ماڻهن لبيا مان غير ملڪي اڏا ختم ڪرڻ لاءِ جلوس ڪڍيا، هڙتالون ڪيون، پر اُن جو اثر نڪو آمريڪين تي پيو ته ۽ نه ئي وري برطانوين تي. شاهه ادريس جي حڪومت آمريڪين ۽ انگريزن کي پنهنجو محافظ سڏيندي هئي. انهيءَ ڪري هيءَ عوام جي سموري هلچل بي سود ۽ بيڪار رهي. معمر قذافي اهڙيون حالتون ڏسي اُن نتيجي تي پهتو ته جيستائين فوجي انقلاب نٿو آندو وڃي، حالتون نٿيون بدلجي سگهن.
    تحريڪ جي هڪ ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلوڪيو ويو ته نون گريجوئيٽ ڪيڊٽن کي به تحريڪ ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن ان تي عمل ڪيو ويو ته ڏاڍا سٺا نتيجا آيا ۽ اڻ ڳڻيا ڪيڊٽ انقلابي تحريڪ ۾ اچي گڏيا. ان ڪري تحريڪ کي سٺي سگهه ملي وئي.
    مرڪزي ڪميٽيءَ جا اجلاس اهڙي ته رازداري سان ڪيا ويندا هئا. جو ملٽري اڪيڊميءَ ۾ جاسوسي کاتو، تحريڪ کان اڻ ڄاڻ رهيو. گڏجاڻيون اهڙن علائقن ۾ ٿينديون هيون، جتي ڪا به وُسهن، آبادي نه هوندي هئي. هڪ دفعي ائين به ٿيو جو لڪل گڏجاڻي لاءِ مرڪزي ڪميٽيءَ جا ميمبر هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا. جڏهن شادي جون رسمون ٿي ويون، تڏهن هڪ هڪ ٿي ميمبر اُتان کسڪندا ويا ۽ هڪ الڳ هنڌ تي گڏيا. جڏهن گڏجاڻي ختم ٿي ته سڀئي ميمبروري هڪ هڪ ٿي واپس شاديءَ واري گهر پهتا ۽ شادي جي ڪم کي لڳي ويا، ان جي ڪنهن کي به خبر نه پئجي سگهي.
    جنوري 1969ع تي هڪ حادثو ٿيو. جنهن سان انقلابي تحريڪ جي وجود ۽ ان جي ميمبرن جي زندگي خطري ۾ پئجي سگهي پئي. انقلاب آڻڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي،جنهن جي خبر رڳو مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي هئي. تاريخ 21 مارچ 1969ع هئي، جنهن تي لبيا جي حڪمران شاهه ادريس کي پنهنجي سالگره وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻي هئي. ڇانوڻين ۾ رهندڙ انقلابي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن کي، معمر قذافي پنهنجي هٿن سان لکيل هدايتون جاري ڪيون هيون. ”فري آفيسرز“ جيڪي انقلابي تحريڪ جو جوهر هئا، پوري طرح سان تياريون ڪري چڪا هئا.
    12 مارچ جي انقلاب آڻڻ واري تاريخ کي بدلايو ويو، ڇاڪاڻ جو معمر قذافي کي خبرپئي ته 12 مارچ 1969ع تي مصر جي مهان فنڪاره اُم ڪلثوم بن غازيءَ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهي آهي. عربن کي اُم ڪلثوم جي آواز سان جيڪو والهانه عشق هو، ان جي سڌ، معمر قذافي کي هئي، ته نه صرف بن غازي پر پوري لبيا جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو به اُم ڪلثوم جي راڳ ٻڌڻ لاءِ بن غازي، ۾ ڪٺا ٿيندا ۽ اهي هن جي سحرانگيز آواز ۾ ايتري حد تائين ته محو ٿي ويندا جو هو انقلاب ۾ پوري طرح حصو وٺي نه سگهندا. انهيءَ ڪري انقلاب آڻڻ جو ڪو ٻيو ڏينهن مقرر ڪرڻ ضروري ٿي پيو.
    معمر قذافيءَ کي طرابلس کان بن غازيءَ تائين سفر اختيار ڪرڻو پيو. ڪار وسيلي ان سفر ۾ عبدالحميد شمس ۽ عبدالحميد زيد هن سان گڏ هئا. ڊگهي صحرائي رستي تي هنن جو سفر ڏاڍو خطرناڪ ۽ اوکو هو. پر انهن کي بن غازي ضرور پهچڻو هو. رستي ۾ انهن کي حادثو پيش آيو، جيڪو انقلاب جا سمورا منصوبا خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ها. پر معمر قذافيءَ جي موقع شناسي ۽ بهادريءَ ان خطري کي ٽاري وڌو. انهيءَ وقت ڪار عبدالحميد شمس هلائي رهيو هيو، اوچتو ڪار جو اڳيون ڦيٿو هڪ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ڪار ڪلٽيون کائڻ لڳي. بريڪون بيڪار ويون. ان وقت معمر کي پنهنجي جان کان وڌيڪ ڪاغذن سان ڀريل لفافي کي بچائڻ ۽ سلامت رکڻ جو خيال ذهن ۾ هو، جيڪي هن پاڻ پنهنجي هٿن سان لکيا هئا.ان لفافي جي هٿ چڙهي وڃڻ سان انقلاب جي ٺهيل رٿا ظاهر ٿي پوي ها. سمورا انقلابي، تحريڪ جا روح روان گرفتار ڪيا وڃن ها. ڪار کي باهه لڳي وئي. هي جلندڙ ڪار مان مشڪل سان پاڻ بچائي ٻاهر نڪتا، معمر قذافي کي اطمينان هو ته هو ڳجهي ڪاغذن کي سلامتيءَ سان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويو هو.
    انقلاب جو ڪم مشڪل، خطرناڪ ۽ جان وٺندڙ هو. ڪرنل قذافيءَ لبيا جي ڪيترن اهم شهرن جو دوروڪيو. هن جي سفر کي هر هنڌ راز ۾ رکيو ويندو هو.
    حڪومت جي طرفان حڪم جاري ڪيو ويو، ته سڀ آمڊ ڊويزنون هڪ هنڌ، ’يعني باب العزيز ڪيمپ‘ ۾ ڪٺيون ٿي وڃن. سمورو بارود به هڪ ئي جگهه تي گڏ ڪيو ويو. ان حڪم نامي تي ڪرنل عبدالعزيز الصاعي جي صحيح ٿيل هئي. هونئن ته لبيا جو حڪمران شاهه ادريس هو، پر اصل ۾ ٻه ڀائر ڪرنل عبدالعزيز الصاعي ۽ عمرالصاعي حڪمران هئا. هر معاملي ۾ شاه ادريس هنن کان صلاحون وٺندو هو. هنن ڀائرن حڪومت اندر پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي. جيئن ته شاهه ادريس کي اولاد نه هو، انهيءَ ڪري هي خيال عام هو. ته شاهه ادريس جي وفات بعد لبيا ۾ هي ئي ماڻهو اقتدار تي قابض ٿي ويندا. هي ٻئي ڀائر آمريڪا ۽ برطانيه جي پٺڀرائي ڪندڙ هئا.
    فوجن ۽ بارود جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ واري حڪم، انقلابي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري وڌيون. هاڻي اهو تاثر پي ورتو ويو ته حڪومت کي انقلابي سرگرمين جي سُڌ پئجي وئي آهي. انهيءَ مسئلي کي ويتر حڪومت طرفان ٿاڦيل ٻن ڇاڙتن جي انسپيڪشن ٽيم وڌايون. ان ٽيم کي خصوصي مالڪي مليل هئي، هي هر فوج ڇانوڻي جو معائنو ڪري پئي سگهي. ان سان گڏ حڪم ناما جاري ڪرڻ جو حق پڻ هئس. ان منجهان هر انقلابي ڪارڪن کي کٽڪڻ لڳو ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.حڪومت جي هي قدم اجايا ۽ بيڪار ناهن. هر ڪو سمجهڻ لڳو ته اُن پٺيان ڪي راز آهن. حڪومت، ”فري آفيسرز“ تي ڪڙي نگراني رکڻ لڳي، معمر قذافي جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا. پر هن کي گرفتار نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو ملٽري انٽيلجنس جي گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو، ته جيڪڏهن معمر قذافيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، ته معلومات ۽ سرگرمين جي ڪا به ڄاڻ پئجي نه سگهندي، انهيءَ ڪري فيصلو ڪيو ويو ته هن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ رد ڪري صرف هن جي نگراني ڪئي وڃي.
    انهيءَ جي باوجود ”فري آفيسرز“ جيڪي انقلابي تحريڪ جي مرڪزي ڪيمٽيءَ جا ميمبر هئا، هڪ هنڌ هڪ اجلاس لاءِ ڪٺا ٿيا ۽ هن گڏجاڻي ۾ 24 مارچ 1969ع انقلاب جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
    ڪرنل معمر قذافي انهن ڏينهن ۾ بِن غازيءَ کان پنج ميل پري گاريونس جي وڏي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ هو. ان جو تعلق سگنلز ڪمپنيءَ سان هو. هي انقلاب جو وڏو ۾ وڏو اڏو هو. هتان ئي ملڪ جي باقي ڇانوڻين ۽ فوجي ڪيمپن ڏانهن انقلابي آفيسرن کي هدايتون ڪيون وينديون هيون. 24 مارچ 1969ع انقلاب جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
    ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن انقلاب جون ڳجهي نموني سان تياريون پئي ڪيون ويون، ته هڪ واقعو ٿيو. لبيا جو شاهه ادريس طرابلس ۾ پنهنجي محلات اندر عيش عشرت واري زندگي گهاريندو هو. سو اتان ڪجهه ڏينهن لاءِ طبروق ۾ برطانوي قلعي ڏانهن هليو ويو. هي قلعو مصر جي سرحد کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي هو، ان ڪري انقلابي رهنما انهيءَ شڪ ۾ پئجي ويا، ته شاهه ادريس کي لبيا ۾ برپا ٿيڻ واري انقلاب جي خبر پئجي وئي آهي ۽ هو پنهنجو محل ڇڏي طبروق جي قلعي ڏانهن هليو ويو آهي. ادريس لاءِ اتي مناسب بندوبست ٿيل هئو. طبروق کان ڪجهه ميل ڏور ”الام“جي جڳهه وٽ برطانيه جو هڪ مضبوط فوجي اڏو به قائم هو.
    مرڪزي ڪميٽيءَ جو هر رڪن سوچ ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ جو شاهه ادريس هنن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويو. هاڻي انقلابي ڪاميٽيءَ لاءِ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به چارو نه رهيو ته ٻيهر انقلاب جو ڏينهن مٽايو وڃي، لبيا جي فوجي بيرڪن، ڇانوڻين ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ آزاد انقلابي آفيسرن کي ڳجهي نموني هدايتون موڪليون ويون، ته 24 مارچ 1969ع جي انقلاب برپا ڪرڻ واري تاريخ مٽائي وئي آهي. ان کان پوءِ انقلابي مرڪزي ڪمٽيي وارن پرچاري مواد کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. گهڻي تعداد ۾ وڌيڪ عوام کي اشتهارن ۽ پمفليٽن ذريعي تيار ڪيو ويو. هي پرچاري مواد ڪرنل معمور قذافي پاڻ لکندو هو. بعد ۾ اُن جون اسٽينسل ڪاپيون سڄي لبيا ۾ ڦهلايون وينديون هيون.
    12 آگسٽ 1969ع تي لبيا جي فوج جي نمائندي، سنيوسي شمس الحق جي حڪم تحت هڪ وڏي فوجي ڪانفرنس بن غازيءَ ۾ ڪوٺائي وئي. ان ڪانفرنس لاءِ فوجي اڪيڊمي جي وڏي هال کي ڏاڍو خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو. فوجي ڪمانڊر ۽ آفيسرن کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا هئا. ان ڪانفرنس جو مقصد لبيا جي فوجي آفيسرن کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻو هو ته حڪومت لبيا جي اوڀر ۽ اولهه طرف وارين سرحدن (جيڪي مصر ۽ تيونس سان ملن ٿيو) لاءِ هڪ نئون دفاعي معاهدو تيار ڪيو آهي. ان دفاعي منصوبي جي سلسلي ۾ فوجي ڪمانڊرن ۽ آفيسرن کي حڪومت پنهنجي سرپرستي ۾ وٺڻ پئي گهريو. مقصد ته هنن اهو ڀي ظاهر ڪرڻ گهريو ته لبيا جي خودمختياري کي ڪنهن ٻئي کان نه پر مصر ۽ تيونس طرفان خطرو آهي. شاهه ادريس جي حڪومت مصر جي جمال عبدالناصر جي انقلابي خيالن کان ڊنل هئي. وري شاهه ادريس جا آمريڪي ۽ برطانوي مشير مصر ۽ تيونس تي دٻاءَ وجهڻ جون رٿون رٿي رهيا هئا. انهيءَ لاءِ نئون فوجي منصوبو بنايو ويو. شاهه ادريس جيڪو غير ملڪين جي هٿ ۾ رانديڪو بڻجي چڪو هو، تنهن ان دفاعي منصوبي جي منظوري ڏيئي ڇڏي هئي. ان منصوبي جو برطانيه کي خاص فائدو پهچڻ وارو هو. ڇو ته لبيا جي حڪومت کان برطانيه مڃايو هو، ته ان منصوبي جي پورائي لاءِ لبيا کي جهاز ڏنا ويندا، يعني برطانيا کي لبيا ڏانهن جهاز وڪرو ڪري ڏيڻ جو سٺو موقعو مليو.
    انقلابي تحريڪ سان لاڳاپيل فوجي آفيسر ۽ ماڻهو ان سازش جي حقيقت کان واقف ٿي چڪا هئا، تڏهن به هي ڪانفرنس منعقد ٿي. ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ انقلابي آفيسرن کي اهو فائدو پهتو، جو اهي سڀئي پنهنجو پاڻ هڪ هنڌ ڪٺا ٿيا هئا. ان مان فائدو وٺندي هنن ننڍيون ننڍيون ڏاڍي رازداريءَ ۽ خبرداريءَ سان ڪميٽيون ترتيب ڏنيون، جن لڪل گڏجاڻيون ڪيون.
    مختلف اطلاعن گڏ ٿيڻ کان پوءِ، مرڪزي ڪميٽيءَ جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئي ٿيو ته ”هاڻي وڌيڪ دير ڪرڻ ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي.لبيائي حڪومت جنهن طريقي سان آمريڪا ۽ برطانيا جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي کيڏي رهي آهي، سا هاڻي اسان لاءِ ڏاڍي هاڃيڪار ثابت ٿيندي. اڳ جي ڀيٽ ۾ پڪو پهه ڪيو ويو ته انقلاب جي تاريخ هاڻي تبديل نه ڪرڻي پوندي. جيڪا به گڏيل هاڪار تحت مقرر ڪئي وئي ان تي عمل شروع ڪيو ويندو.“
    هڪ رات هڪ نوجوان ڪيڊٽ معمر قذافيءَ ڏانهن وڌي آيو ۽ چيائين ”سائين اسان انقلاب لاءِ جانيون به قربان ڪري ڇڏينداسون. پر اسان کي انقلاب جي تاريخ جي خبر اڳ ۾ هجڻ گهرجي.“ معمر، نوجوان جذبي سان سر شار ڪيڊٽ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ڏاڍي اطمينان سان چيائين، ”بلڪل هاڻي ئي مان توهان کي انقلاب آڻڻ جي تاريخ ٻڌايان ٿو. نوجوان ڪيڊٽ!!..... انقلاب اڄ رات ئي اچي رهيو آهي.....!“

    (فريڊ رڪ مسڪٽ جي ڪتاب ”ماءِ سن ماءِ پريزيڊنٽ“ جو خلاصو)
    (هلال پاڪستان مئگزين 28 مارچ 1982 ۽ 4- اپريل 1982 جي پرچن تان کنيل)
    *


    • يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريقا جو خواب ڏسندڙ ڪرنل قذافي

    عرب گوريلاويڙهه جي سرواڻ عمرالمختار جي ديس جو چاليهه سالن کان لڳاتار سربراهه رهندڙ معمر ابو مِينيار القذافي، جيڪو ڪرنل قذافيءَ جي نالي سان مشهور آهي، اهو عرب دنيا جي هڪ وڏي حصي جو هيرو رهيو آهي. مٿس آمريڪا پاران دهشتگرديءَ جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن، پر اُن جي باوجود هن جي ارڏائيءَ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي. پاڪستان جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو دوست 1976ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيل مسلم سربراهي ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو هو.
    7 جون 1942ع تي جنم وٺندڙ معمر قذافيءَ 1969ع کان لبيا جو حڪمران آهي. جيتوڻيڪ 1979ع کان وٺي وٽس ظاهري طور تي ڪو به عوامي عهدو يا لقب ناهي، تنهن هوندي به هو، سوشلسٽ پيپلز لبين عرب جهموريه، جي پهرين سيپٽمبر واري عظيم انقلاب جو سالار ۽ رهنما جو اعزاز حاصل رکندڙ آهي ۽ کيس Brotherly Leader and Guide of the Revolution چيو ويندو آهي. 8 جون 2009ع تي گبون جي عمر بونگي جي وفات کان پوءِ هو ٽيو نمبر ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ رياستي سربراهه بڻجي ويو آهي. فيبروري 2009ع ايٿوپيا ۾ ۾ 53 آفريڪي ملڪن جي يونين جو چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ اُتي گڏ ٿيل آفريڪي اڳواڻن کي خطاب ڪندي هن چيو ته، ”آءُ پنهنجي خودمختيار ملڪن کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريڪا(USA) ٺاهڻ لاءِ آئنده به زور ڀريندو رهندس.“
    قذافي پنهنجي هاري خاندان جو ننڍي ۾ ننڍو ٻار هو. سندس پيءُ جو نالو محمد عبدالسلام بن حامد بن محمد القذافي ابو مينيار هو، جيڪو 1985ع ۾ وفات ڪري ويو هو، جڏهن ته سندس ماءُ جو نالو عائشه بن نران آهي.
    قذافي ننڍي هوندي پنهنجي دوستن ۾ الجميل جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سندس دوست کيس ”سهڻو“ به چوندا هئا. هو سِرت (Sirte) علائقي ۾ پلجي وڏو ٿيو هو. هن روايتي مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1956ع کان1961ع تائين فيضان ۾ سيڀا پريپيئريٽري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي هئي. اِن اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ پنهنجن دوستن سان گڏجي هڪ ويڙهاڪ انقلابي قيادت پيدا ڪئي، جنهن اڳتي هلي ملڪ ۾ انقلاب آندو، قذافي لبيا جي پاڙيسري ملڪ مصر جي صدر جمال عبدالناصر کان متاثر هو، جيڪو عرب اتحاد جون اپيلون ڪندي صدارتي عهدي تائين وڃي پهتو هو. قذافيءَ کي 1961ع ۾ سندس سياسي سرگرمين جي ڪري سيڀا مان نيڪالي ڏني وئي هئي. هو 1963ع ڌاري بن غازيءَ ۾ ملٽري اڪيڊميءَ ۾ شامل ٿيو هو، جتي هن پنهنجي ڪجهه ويڙهاڪ ساٿين سان گڏجي لبيا مان اولهه جي حامي بادشاهت جي خاتمي لاءِ ڳجهي نموني ويڙهاڪ تحريڪ منظم ڪئي هئي.1965ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ کيس وڌيڪ سکيا لاءِ برطانيه جي برٽش آرمي اسٽاف ڪاليج (جنهن کي اڄڪلهه جوائنٽ سروسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج چيو وڃي ٿو.)موڪليو ويو هو، جتان موٽي هُو 1966ع ۾ سگنل ڪور جو ڪميشنڊ آفيسر بڻيو هو. ڪرنل قذافيءَ کي اٺ ٻار آهن، جن مان ست پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿس. سندس وڏو پٽ محمد قذافي کيس اُن زال مان ڄائو هو، جيڪا هن وقت کائنس پري آهي ۽ جيڪا ’لبين اولمپڪ ڪمپني‘ هلائي ٿي. سندس ٻيو نمر پٽ سيف الا السلام قذافي سندس ٻي زال مان آهي، جيڪو 1972ع ۾ ڄائو هو. هُو آرڪيٽيڪٽ آهي. سيف الا اسلام هڪ خيراتي ادارو (GIFCA) هلائي ٿو. اِهو ادارو اسلامي ويڙهاڪن هٿان پڪڙجندڙ، مخالفن جي آزادي لاءِ ڳالهين جو سلسلو هلائيندو رهيو آهي. ڳالهين جو اهڙو سلسلو خاص طور تي فلپائن ۾ هلندو رهيو آهي.2006ع ۾ پنهنجي پيءُ جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪرڻ کان پوءِ سيف الا اسلام ڪجهه وقت لاءِ لبيا ڇڏيو هليو ويو هو. چيو ٿو وڃي ته هو ملڪ کان ٻاهر بئنڪنگ ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ ويو هو. پر هن جلد ئي لبيا واپس اچي ماحوليات بابت سرگرمي شروع ڪندي ٻارن کي سيکارڻ شروع ڪيو هو ته، اهي لبيا کي صاف سٿرو رکڻ ۾ ڪيئن سندس مددگار ٿين.
    اِهو آمريڪا ۽ اٽليءَ کان به پئسا وٺڻ ۾ ملوث ڄاڻايو ويندو رهيو آهي. ڪرنل قذافيءَ جي ٽئين نمبر پٽ سعدي قذافي جي هڪ فوجي ڪمانڊر جي ڌيءُ سان شادي ٿيل آهي. اِهو ’لبين فٽبال فيڊريشن‘ جو سربراهه پڻ آهي.۽ اٽليءَ سميت سڀني پيشور ٽيمن سان کيڏي چڪو آهي.معمر قذافيءَ جو چوٿون پٽ معتصم باالله قذافي لبيا جي فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل هو. اِن مصر جي حمايت سان پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت ۾ مُک ڪردار جو الزام لڳڻ کان پوءِ مصر ڏانهن اڏام ڪئي. بعد ۾ قذافيءَ کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ پيءُ طرفان معافي ملڻ کان پوءِ هو لبيا موٽي آيو. هاڻي هو لبيا جي حڪومت ۾ قومي سلامتيءَ جو صلاحڪار آهي ۽ فوج جي اندر پنهنجو الڳ يونٽ پڻ رکي ٿو. جنهن جو هو پاڻ سربراهه به آهي.مبصرن جي راءِ آهي ته سيف الا السلام ۽ معتصم باالله پنهنجي پيءُ جا جا نشين ٿي سگهن ٿا.
    قذافيءَ جي اڪيلي ڌيءُ عائشه قذافي آهي. جيڪا وڪيلياڻي آهي. اِها عراق جي ڦاهي چاڙهيل اڳوڻي صدر صدام حسين جي بچاءِ وارن وڪلين جي ٽيم ۾ به شامل هئي. اِن 2006ع ۾ شادي ڪئي هئي. اڻ تصديق ٿيل خبرن موجب، قذافي جي هنج ورتل ڌيءُ حَنا اپريل 1986ع ۾ آمريڪا پاران لبيا تي بمباريءَ دوران مارجي وئي هئي.
    لبيا جو فوجي انقلاب
    پهرين سيپٽمبر 1969ع تي ڪجهه فوجي آفيسرن جي ٽولي قذافيءَ جي اڳوڻيءَ۾ ان وقت لبيا جي بادشاهه ادريس خلاف پُرامن فوجي انقلاب آندو، جڏهن بادشاهه ادريس ڪامينا وورلا ۾ علاج ڪرائڻ ويل هو. بادشاهه جي ولي عهد ڀائيٽي شهزادي حسن الردا المهدي السانوسيءَ کي فوجي آفيسرن هٽائي کيس گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ انهن لبيا مان بادشاهت ختم ڪري، نئين لبين عرب ريپبلڪ جو اعلان ڪيو هو ۽ ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ان وقت هڪ انقلاب ڪمانڊ ڪائونسل جوڙي قذافيءَ کي اُن جو چيئرمين چونڊيو ويو هو. 1970ع ۾ هن انهيءَ عهدي سان گڏ پاڻ کي ملڪ جو وزير اعظم پڻ بڻايو هو، پر 1972ع ۾ هن وزير اعظم جو عهدو ڇڏي ڏنو هو.
    اقتدار تي قبضي کان پوءِ ٻين فوجي انقلاب اڻيندڙ جي ابتڙ قذافيءَ پنهنجو پاڻ کي جنرل جي عهدي تي ترقي نه ڏني، پر اُن سرڪاري قاعدن موجب، ڪيپٽن مان ڪرنل جي عهدي تي ترقي قبول ڪئي. هن کان پوءِ هو ڪرنل جي عهدي تي ئي رهندو آيو آهي. جڏهن ته اولهه جي ملڪن جي فوج ۾ ڪرنل طرفان ملڪ جي حڪومت سنڀالڻ ۽ فوج جي ڪمانڊر ان چيف طور خدمتون انجام ڏيڻ تي تنقيد جي حوالي سان قذافيءَ جو چوڻ آهي ته، ”لبيا تي عوام جي حڪمراني آهي، جنهن ڪري کيس ڪنهن به وڏي فوجي عهدي جي ضرورت ناهي.“ پر اُن هوندي به قذافيءَ طرفان ڪرنل رهڻ وارو فيصلو انقلابي فوجي اڳوڻن ۾ ڪو نئون ناهي.
    مصر ۾ جمال عبدالناصر اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ڪرنل جي عهدي تي ئي رهيو هو ۽گهانا جي جيري رالنگس به فوج ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ کان وڏي عهدي ته. ترقي نه ورتي ساڳي طرح ال سلواڊور تي پڻ ليفٽيننٽ ڪرنل آسڪر اوساريو 1950ع کان 1956ع تائين، ليفٽيننٽ ڪرنل جوس ماريا ليمس 1956ع کان 1960ع ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جوليو ايڊلبرٽو رويرا 1962ع کان1967ع تائين حڪومت ڪئي هئي. ايٿوپيا جو اڳوڻو اڳواڻ مينگستو هائل ماريم پڻEPRDF طرفان هٽائڻ تائين ڪرنل ئي رهيو هو.
    قذافيءَ پنهنجي حڪومت جو بنياد عرب قومپرستيءَ ۽ عوامي ڀلائيءَ وارين پاليسين تي رکيو هو، جنهن کي سڌي سنئين عوامي جمهوريت جو نالو ڏنو هو، هن اِن حڪومتي نظام کي ”اسلامي سوشلزم“ پڻ سڏيو هو. جڏهن ته اِن خانگي شعبي ۾ ننڍين ڪمپنين ٺاهڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ وڏيو ڪمپنيون سرڪار ڪنٽرول ۾ ئي رکيون هيون. ڀلائيءِ، آزادي ۽ تعليم تي وڌيڪ زور ڏنائين قذافيءَ اسلامي نظام پڻ لاڳو ڪندي جوا ۽ شراب کي غير قانوني قرار ڏنو هو.
    20هين صديءَ ۾ هن کان اڳ جي انقلابي اڳواڻن جهڙوڪ:مائو ۽ سندس ننڍڙي ڳاڙهي ڪتابچي وانگر قذافيءَ پنهنجي سياسي فلسفي کي پنهنجي ”سائي ڪتاب“ ۾ بيان ڪندي پنهنجي سوشلسٽ اسلامي رياست جي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. سندس اهو ڪتاب 1975ع کان1979ع تائين ٽن جلدن ۾ ڇاپيو ويو هو.
    1977ع ۾ قذافيءَ دعويٰ ڪئي هئي ته لبيائي حڪومت”عوامي رياست“ يا ”عوام طرفان حڪومت“ ۾ تبديل ٿي هئي. نظرياتي طور تي لبيا عوام طرفان مقامي ڪائونسلن ۽ ڪميون ذريعي سڌو سنئون هلائي ويندڙ جمهوريت ۾ تبديل ٿي ويو. لبيا جي حڪومتي ڍانچي ۾ سڀ کان مٿانهون ادارو ”پيپلز ڪانگريس“ آهي، جنهن جو قذافي سيڪريٽري جنرل آهي، تنهن هوندي به صرف ٻن سالن کان پوءِ قذافي جمهوريت جي نئين فلسفي سان اتفاق ڪندي سڀئي حڪومتي عهدا ڇڏي ڏنا هئا.
    پاڪستان ۽ لبيا جي لاڳاپا
    پاڪستان، لبيا ۾ پنهنجو سفارتخانو ملڪ جي آزاد ٿيڻ کان 21 سال پوءِ 60 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ قائم ڪيو هو، تنهن هوندي به ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نالي ماتر ئي رهيا. ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان عرب دنيا سان دوستاڻا لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند هو ۽ لبيا جو انقلابي اڳواڻ ڪرنل قذافي پڻ عرب دنيا سميت مسلمان ملڪن وچ ۾ اتحاد قائم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو هو.اِهي ٻئي عالمي اڳواڻ اسلامي سوشلزم جا پڻ حامي هئا. اِنهن ۾ هڪ ٻي هڪجهڙائي اها به هئي ته، ٻنهي اڳواڻن سان پنهنجي پنهنجي ملڪ جو عوام جنون جي حد تائين محبت ڪندو هو. اهڙين هڪجهڙاين سبب 1970ع واري ڏهاڪي دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ لبيا جي ڪرنل قذافيءَ وچ ۾ هڪ ٻئي جي سياسي خيالن جي هڪ جهڙائيءَ سبب پيدا ٿيل سندس دوستيءَ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي شڪل ورتي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ حڪومتي سطح تي سهڪار ۾ اضافو ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۽ ڪرنل قذافيءَ جي لبيا وچ ۾ دوستيءَ جي جهلڪ ان وقت نظر آئي هئي، جڏهن 1971ع واري جنگ کان پوءَ تباهه ٿيل معيشيت کي بحال ڪرڻ لاءِ لبيا، پاڪستان جي تمام گهڻي اقتصادي مدد ڪئي. 1973ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ تباهي آندي هئي، تڏهن به لبيا ٻوڏ ستايلن جي تمام گهڻي مالي مدد ڪئي هئي.1974ع ۾ لبيا جي سينٽرل بئنڪ پاڪستان جي حبيب بئنڪ کي 50 ملين آمريڪي ڊالر قرض به جاري ڪيو هو. ساڳئي سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ گڏيل شپنگ ڪپمني قائم ڪئي وئي هئي.اُن کان پوءِ پاڪستان جي شهر لاهور ۾1974ع ۾ ٽئين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي ته قذافي پڻ ان ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ لاهور ۾ موجود ڪرڪيٽ گرائونڊ تي قذافي جي نالي پٺيان ”قذافي اسٽيڊيم“ جو نالو رکيو ويو هو.
    ٻنهي ملڪن جي عوامي اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي ڏانهن وڌايل دوستيءَ واري هٿ کي ٻنهي ملڪن جي عوام پڻ دل جي گهراين سان قبوليو هو، ان کان پوءِ لبياجي تعميراتي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪيترائي پاڪستاني شهري لبيا موڪليا ويا هئا ۽ هن وقت به 30 هزار پاڪستاني لبيا ۾ روزگار ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن هڪٻئي سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌايو هو ۽ علائقائي توڙي عالمي سطح تي هڪ ٻئي جي مفادن جي حمايت پڻ ڪئي هئي.
    اهو سلسلو1977ع تائين تيستائين هلندو رهيو، جيستائين اولهه جي ملڪن قذافي ۽ شهيد ڀٽو جي حڪومتن خلاف سازشون شروع نه ڪيون. ان دوران پاڪستان ۾ غير جمهوري قوتن کي شهه ڏئي حالتون خراب ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عوامي حڪومت ختم ڪري سندس خلاف نام نهاد قتل ڪيس هلايو ويو. چيو وڃي ٿوته ڪرنل قذافيءَ جنرل ضياءَ کي چيو هو ته، ” هو سندس جگري يار ذوالفقار علي ڀٽو کي زندهه سلامت سندس حوالي ڪري،“ پر آمريڪا جي مددگار جنرل ضياءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ان عوامي اڳواڻ کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ قذافيءَ جي ڪاوڙ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو هو. قذافيءَ کي ان وقت به ڪاوڙ آئي هئي، جڏهن روس افغانستان تي حملو ڪيو هو ۽ پاڪستان ۾ جنرل ضياءُ جي حڪومت اوچتو اوچتو آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا جي لاءِ جوڙيل حرفتن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سندس مُک اتحادي بڻجي وئي هئي. انهن سڀني واقعن کان پوءِ لبيا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڪٽيل رهيا، جيڪي تازو پاڪستان جي صدر آصف علي زرداريءَ جي لبيا جي دوري سان هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيا آهن، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن وچ ۾ هڪ ’ايم او يو‘ تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت هلندڙ سال جي آخر تائين 50 هزار هنرمند پاڪستانين کي روزگار ڪرڻ لاءِ لبيا موڪليو ويندو.

    (ڪاوش مئگزين آچر 12 جولاءِ 2009ع)
    *


    • لبيا جي آزاديءَ لاءِ مسوليني سان جنگ جوٽيندڙ عرب هيرو: عمر ال مختار

    آڪٽوبر 1911ع ۾ ايڊمرل ڪيپو فئرافيلي (Cappo Farafelli) ۽ سندس جنگي ٻيڙا جڏهن تريپوليءَ ويجهو آفريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي پهتا هئا ته اٽليءَ لبيا جي فتح ڪيل علائقي جي حڪمران طور ترڪيءَ جي اعتراضن توڙي مقامي ماڻهن جي مخالفت جي ڪا به پرواهه نه ڪئي هئي. انهن قبضي ڪيل علائقن جا سمورا پرڏيهي معاملا پنهنجي هٿ وس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. ڪانسٽن ٽنپول(Constantinpole) پنهنجن ماڻهن کي (جن مان اڪثر اٽليءَ جي فوجين طرفان تريپوليءِ تي لڳاتار ٽن ڏينهن تائين ڪيل بمباريءَ کان اڳ ڀڄي لڪي ويا هئا) هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اِٽليءَ، لبيا تي پنهنجي فتح حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
    اٽليءَ جي عملدارن اِن ڳالهه تي زور ڏنو هو ته، ”لبيا جا ماڻهو اٽليءَ سان سچا ۽ انهن سان مڪمل طور تي ٻڌل هئا.“ ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ، اهو جنگين جو هڪ سلسلو هو، جيڪي جنگيون عظيم اڳواڻ عمر ال مختار جي اڳواڻيءَ ۾ عرب گوريلن ۽ لبيا تي قبضو ڪري ويٺل اٽليءَ جي حڪومت وچ ۾ وڙهيون ويون. عمر ال مختار لبيائي عوام کي پنهنجي وطن سان حب ۽ فرض بابت سجاڳ ڪري اولهه طرفان ملندڙ ان مهڻي کي رد ڪري ڇڏيو هو ته، ”عربن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ناهي هوندو.“

    گوريلا ويڙهه جي حڪمت عمليءَ جو ماهر
    عمر ال مختار 1912ع ۾ مصر جي سرحد ويجهو بل هر’لگ بورگا‘ وٽ، جيڪو بن غازيءَ کان پري نه هو، جي ٿوري ئي فاصلي تي منظم طريقي سان مزاحمتي جنگ جي شروعات ڪئي. اِهو هڪ خاموش استاد تيزيءَ سان صحرا ۾ گوريلا ويڙهه وڙهڻ واري حڪمت عمليءَ جو ماهر بڻجي ويو، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ملڪ جي جاگرافيءَ کان ٻين ڪيترن کان وڌيڪ واقف هو.
    ال مختار پنهنجي وڏي پئماني تي متحرڪ ٽولن جي ريگستان ڏانهن باغي ٿي وڃڻ کان اڳ (جيڪو اٽليءَ لاءِ راز بڻيل آهي) مهارت ۽ ڪاميابيءَ سان وڙهيل جنگين دوران اڳواڻي ڪئي.
    ال مختار ۽ سندس گوريلن، اٽليءَ جي قابض قوت جي خلاف وڙهيل جنگ دوران سندن ٺڪاڻن تي حملا ڪري، سندس فوجين تي اوچتا حملا ڪري ۽ سندن سامان جي رسد بند ڪري ۽ سندس رابطي جا ذريعا ڪٽي تباهه ڪري کين ٿڪائي وڌو هو، هو گهڻي وقت کان سانوسي (Sanusi) مزاحمتي تحريڪ جو غير تڪراري اڳواڻ هو، جيڪا عرب دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي هئي. سانوسي هڪ صوفي مسلڪ آهي، جنهن جو بنياد سِڊي محمد محمد بن علي سانوسيءَ 1843ع ۾ سائرنائڪا ۾ رکيو هو.
    جيتوڻيڪ اٽليءَ شروع ۾ لبيا تي پنهنجي قبضي کي لبيا جي ساحلي شهرن تائين محدود رکيو هو، جهڙوڪ: تريپولي، بن غازي مصراتا ۽ درنا، پر ان کان پوءِ اهم جنگيون ڪنهن ٻئي هنڌ وڙهيون ويون. ڇاڪاڻ جو لبيا جا سڀ ماڻهو پنهنجي ملڪ تي قبضي خلاف متحد ٿي بيهي رهيا هئا. صرف جبلن ۽ ريگستانن جي ڳوٺن جا ڪي چند ماڻهو جنگ کان ٻاهر رهيا هئا. اپريل 1915۾ گهارتبياهه جي جنگ کان پوءِ (جنهن ۾ اٽليءَ جا هزارين فوجي مارجي ويا هئا) اِٽليءَ جي فوجين کي لبيا تي مڪمل ڪنٽرول ته حاصل نه ٿي سگهيو هو، تنهن هوندي به اِنهن لبيا تي سرسي ضرور حاصل ڪري ورتي هئي.
    لبيا جا ماڻهو بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي ڌرتيءَ جي آجپي جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ عمر ال مختار طرفان منظم ڪيل مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا هئا. انهن مان اڪثر ’جبل المختار‘ ۾ لڪي ويا هئا، اوتر اوڀر لبيا ۾ موجود ان جبل کي ”سائو جبل“ به چيو وڃي ٿو، جتان گوريلن بدبخت اٽليءَ جي ماڻهن تي خوني حملا شروع ڪيا هئا.پنهنجي شڪست جي خوف کان روم جي مشهور فوجي سربراهه پيٽرو بيڊو گليو (Pietro Badoglio) لبيا ۾ حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. کيس اٽليءَ خلاف ٿيندڙ مزاحمت کي فوري طور تي ڪلچڻ لاءِ سامان ڍوئڻ واسطي گهوڙي گاڏيون ڏئي ۽ مزاحمتي قوتن خلاف غير انساني سلوڪ سميت سڀئي طريقا اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اهڙي اختيار ۽ پٺڀرائي حاصل هئڻ ڪري ان فوجي آفيسر لبيا جي گوريلن خلاف ڪاروائي ڪئي ۽ سندن مددگار عام ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون، جن جو ڏوهه صرف اهو هو ته اُهي مزاحمتي تحريڪ جا مددگار بڻيل هئا.
    بعد ۾ پيٽرو بيڊو گليو ۽ آزاديءَ جي ويڙهاڪن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان پوءِ اٽليءَ جي ذريعن اِهي ڪوڙيون خبرون هلايون ته، مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻ ال مختار مڪمل طور تي گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا. ان جي باوجود ال مختار سان ”ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو“ جي بنياد تي معاملا طئي ڪيا ويا. آڪٽوبر 1929ع تائين ال مختار اهڙي طرح ڏي وٺ ذريعي معاملا طئه ڪرڻ جي مخالفت ۽ اُن تي تنقيد ڪندو رهيو، اِن دوران هن پنهنجي گوريلن جي عمل ۽ مزاحمتي تحريڪ کي نئين سر منظم ڪيو.
    جڏهن پيٽرو بيڊو گليو جون ظالماڻيون ۽ غير انساني ڪاروايون به ناڪام ٿي ويو هيون ۽ مزاحمتي تحريڪ کي ختم ڪري نه سگهيو ته، فاشزم جي سردار مسولينيءَ پنهنجي هڪ ٻئي وڏي درجي جي جنرل روڊ الفو گريزانيءَ کي لبيا ۾ آزاديءَ جي ويڙهاڪن کي مڪمل طور تي ڪچلڻ لاءِ موڪليو.
    اٽلي جي فوجي سربراهه گريزيانيءَ جون عمر ال مختار خلاف قهري ڪاروايون هن مسئلي تي تاريخدانن وچ ۾ اختلاف آهي، پر چيو ٿو وڃي ته، گريزياني انهيءِ شرط تي لبيا وڃڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو هو ته، ”مسوليني کيس اجازت ڏئي ته، هو لبيا ۾ اٽليءِ جي قانون ۽ قاعدن کان مٿانهون قدم کڻڻ جي لاءِ به آزاد هوندو.“ گريزيانيءَ جيڪو تجويز ڪيو هو، اُهو اِهو هو ته، ”لبيا تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي لاءِ لبيا جي اَڌ انساني آباديءَ کي انتهائي ظالماڻي طريقي سان ۽ بنا ڪنهن جهجهڪ جي قتل ڪيو وڃي، “گريزيانيءَ ال مختار ۽ سندس ساٿين کي مصر کان ملندڙ مدد هر صورت ۾ روڪڻ چاهي. اُن لاءِ هن سڀ ڪجهه ڪيو، ايتري قدر جو هن ڏکڻ لبيا ۽ مصر جي سرحد سان بارديت سليمان پورٽ کان الجگبوب تائين 300 ڪلو ميٽر ڊگهي ٻه ميٽر اوچي ۽ 3 ميٽر ويڪري ديوار اڏڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو هو.
    ان کان وڌيڪ ظلم جي انتها ڪندي هن الاغائلها، المغرون، سولوق ۽ الا بيار سميت ڪيترن ئي هنڌ تي ڪنسٽريشن ڪئمپونConcentration Camps)) قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جتي لبيا جي هزارين شهرين کي اٽلي جي فوج جي نگرانيءَ هيٺ رهڻ تي، مجبور ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو اهڙي گرفتاري ۽ قيد کان بچي ويا هئا، اهي الاخدارجبل تي چڙهي ويا يا ريگستان ۾ لڪي عذاب واري زندگي گذاري رهيا هئا. انهن حالتن ۽ ڪارواين جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ مرد، عورتون، ٻار۽ پيرسن موت جو کاڄ بڻيا، انهن جي موت ۾ سڌو سنئون عوام آڏو ڦاهيون ڏيڻ، گوليون وسائي قتل ڪرڻ ۽ اڻ سڌي طرح بيماريون ۽ بک شامل آهن.
    گريزيانيءَ 1929ع کان 1931ع تائين هڪ لک لبيائي ماڻهن کي پنهنجي بدنام عذاب گهرن ۾ قيد رکيو ۽ هالا خميس، نصر ۽ مارڪو بوگيرو جهڙن ليکڪن(جن لبيا جي آزاديءَ جي ويڙهاڪ عمر ال مختار جو ورثوLegacy of Libyan Freedom Fighter Omar Ali Mukhtar عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو جرنل آف نارٿ آفريڪن اسٽيڊيز ۾ ڇپيو ويو) لکيو هو ته، ” گريزيانيءَ جي ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ 40 هزار لبيائي شهري موت جو کاڄ بڻايا ويا هئا، اِنهن ڪئمپن ۾ انهن جي زندگي انتهائي اذيتناڪ هئي، جنهن ڪري بک ۽ بيماريءَ سبب هزارين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا.اٽليءَ جي آرمي هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر ٽوڊيسڪي موجب، ”مئي 1930ع کان سيپٽمبر 1930ع تائين 80 هزار لبيائي شهرين کي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. اٽليءَ جا فوجي هڪ ئي وقت 300 ماڻهن کي گهرن مان کنڀي کڻي ويندا هئا ۽ وڃي کين ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ بند ڪندا هئا. 1930ع جي پُڄاڻيءَ تي سمورن خيمن ۾ رهندڙ لبيائي شهرين کي ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، اِنهن ڪئمپن ۾ 55 سيڪڙو لبيائي موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا.“
    لبيا جي هڪ انتهائي مڃيل تاريخدان محمود علي الطيب جو چوڻ هو ته، نومبر 1930ع دوران اِنهن ڪئمپن ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 17 لاش دفنايا ويندا رهيا. ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ رهندڙ لبيائي شهرين کي انتهائي غير معياري کاڌو کارايو ويندو هو ۽ گوريلن جي حالت ان کان به گهڻي خراب هئي.
    اهو چوڻ ته، ال مختار ۽ سندس گوريلن کي، مقامي ماڻهن جي جاسوسيءَ واري عمل جي مدد سان ڳولي، اٽليءَ جي فوجي هوائي حملن ۽ ٻين ڪاروائين وسيلي بي عمل ڪيو ويو هو. سراسر خام خيالي آهي. 1931ع جي شروع ۾ گوريلن وٽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي پئي هئي ۽ ان کان گهڻو اڳ ۾ سندن خلاف اهم هٿيار ۽ ميزائيل هلائجي چڪا هئا، اهڙي درندگيءَ جي باوجود ال مختار پنهنجي آزاديءَ جي جنگ جاري رکي هئي. ايتري قدر جو هو سخت بيمار به ٿي پيو هو.
    عمر ال مختار جي گرفتاري ۽ ڦاهي
    عظيم مقصد لاءِ 20 سالن تائين هڪ انتهائي ظالم ۽ طاقتور قوت مسولينيءَ جي اٽليءَ خلاف گوريلا ويڙهه وڙهندي ال مختار هڪ اوچتي حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو. جنهن کان پوءِ اٽليءَ جي فوج کيس 11 سيپٽمبر 1931ع تي بِن غازي شهر کان150 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ظلتان شهر ويجهو ريگستان مان گرفتار ڪري ورتو. گرفتاريءَ کان پوءِ يا ته هُو مسلسل ويڙهه سبب ٿڪجي يا قدرت طرفان عطا ڪيل پنهنجي لافاني عظمت سبب خاموش رهيو. هن پنهنجي صورتحال کي سمجهي ۽ پنهنجي مقدر کي قبولي ورتو هو. جيلر ال مختيار جي پنهنجي ارادي تي پختي رهڻ واري عمل سبب کائنس تمام گهڻو متاثر هئا. عمر ال مختيار کان پڇا ڳاڇا ڪندڙ ڪيترن ئي فوجي آفيسرن بعد ۾ اِهو اعتراف ڪيو هو ته، ” جڏهن هُن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي هئي يا مٿس تشدد ڪيو ويندو هو ته، عمر ال مختار سندن اکين سان اکيون ملائي کين قرآن پاڪ مان امن جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو هو.“
    بعد ۾ اهو ئي ٿيو، جنهن جي اميد هئي. ال مختار خلاف ’ڪينگرو ڪورٽ‘ ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ کيس موت جي سزا ڏني وئي. ال مختار قرآن پاڪ جي هِن جو آيت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ڦاسيءَ جي سزا جي آجيان ڪئي هئي: (ترجمو) ”اسان خدا جي طرف کان آيا آهيون ۽ خدا ڏانهن ئي موٽڻ گهرجي.“
    اِٽليءَ جي ڊڪٽيٽر مسولينيءَ کي اميد هئي ته، ان ڪراڙي ويڙهاڪ کي، سندس گرفتاريءَ جي پنجن ڏينهن کانپوءِ 16 سيپٽمبر 1931ع تي ڪنسنٽريشن ڪئمپ ۾ سندس ڪيترن ئي پوئلڳن آڏو تڪڙي ڦاسيءَ سان لبيا جي مزاحمتي تحريڪ ختم ٿي ويندي، پر تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته لبيا جي مزاحمتي جنگ عمر ال مختار جي شهادت سان جيتوڻيڪ ڪجهه ڪمزور ضرور ٿي هئي، پر اِها خاموش نه ٿي هئي.
    اٽلي، عالمي جنگي معاهدن، عالمي قانون يا هڪ ڪراڙي فرد لاءِ انساني همدردي کان اکيون ٻوٽي فيصلو ڪرڻ سان پنهنجي اخلاقي حيثيت وڃائي ويهي رهيو هو. اهڙين ڪمزور حالتن جي باوجود ال مختار، جيڪو هاڻي ”صحرائي شينهن“ (نمر ال صحارا) جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو، اُهو اڪثر اٽليءَ وارن جي دلين ۾ اهڙو خوف پيوند ڪري ويو، جيڪو سڄي عرب دنيا ۾ ڪا تحريڪ به سندس ڦاسيءَ واري سزا خلاف پيدا نه ڪري سگهي.
    ورثو ۽ لبيا تي اثر
    عمر ال مختار جي زندگيءَ جي آخري سال بابت 1981ع ۾ رليز ڪيل فلم (Lion of the Desert) ۾ گهڻو ڪجهه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اِن فلم جي مُک اداڪارن ۾ اينٿوني ڪئين، اوليور ريڊ ۽ اِريني پپاس شامل آهن. اِن فلم جي آخري منظر ۾ هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي ڦاسي ڏيندي ڏيکاريو وڃي ٿو، جڏهن ته سندس چشمو فرش تي ڪرندي نظر اچي ٿو، هڪ نينگر اُن ٽٽل چشمي جا شيشا ميڙي پنهنجي ماءُ کي ڏئي ٿو، شايد لبيا جي عطيم هيري طرفان نشاني سمجهي سانڍي رکڻ لاءِ هو ائين ڪري ٿو.
    ال مختار جي جدوجهد جا لبيا جي حقيقي زندگيءَ تي تمام گهڻا ۽ گهرا اثر پيا، ايتري قدر جو اُتان جا بادشاهه، انقلابي ۽ فوجي حڪمران پڻ کيس پنهنجي قومي هيرو جي طور ياد ڪندا آهن. اڄڪلهه به سندس تصوير لبيا جي ڏهه دينار واري نوٽ تي نظر اچي ٿي، تنهن هوندي به اهڙن انگن اکرن ۽ تصويري ڪردار کان وڌيڪ سندس تاريخي ڪردار کي اهميت لبيا اندر توڙي لبيا کان ٻاهر سڄي دنيا طرفان ملي ۽ عرب قومپرستيءَ جون مختلف صورتون پڻ سندس تاريخي ڪردار جي اثر هيٺ جڙيون آهن.
    سالن جو عرصو گذرڻ کان پوءِ به عمر ال مختيار جي ياد اٽليءَ جي قابض ٽولي خلاف نفرت ۽ اڳتي هلي اقتدار جي بکين حڪمرانن خلاف جدوجهد جي علامت بڻجي وئي. ال مختيار هر قسم جي حالتن ۾ لبيا واسين کي پنهنجي ملڪ جي حفاظت، ان سان پيار ۽ سندن آزاديءَ جو سبق سيکاريو، هن پنهنجي قوم کي مذهبي ماڻهوءَ طور وڙهڻ پڻ سيکاريو. هر جنگ ۾ خدا تعاليٰ جا لفظ اُچاري اهو بارو ڪرائڻ سيکاريو ويو ته، ’لبيا تي صرف لبيا جي ماڻهن کي ئي حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل آهي.‘ اهو چئي ڳالهه ختم ڪرڻ ۾ ئي حفظ ۽ امان ٿيندو ته، لبيا جي ايجاد ڪيل نئين قومپرستيءَ جديد دنيا ۾ به ڌارين جي قبضي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اِن کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته، لبيا جا شهري اڄ به پنهنجي حقن تان دستبردار ٿيڻ کان انڪاري آهن.
    عمر ال مختار هڪ سٻاجهي طبعيت وارو ماڻهو هو، جنهن جو پسمنظر پڻ حليم هو.هن پنهنجي مادر وطن لبيا جي ڌرتي ڇڏڻ بجاءِ مسوليني جهڙي آمر سان ٽڪر کائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي عوام کي اٽليءَ جي قبضي خلاف متحد ڪرڻ سان گڏ ان جو شانائتي انداز ۾ بچاءُ ڪندي ڦاهي قبول ڪئي، پر ڌارين جي قبضي کي قبول نه ڪيو.
    عمر ال مختار کانپوءِ هٿيار بند جدوجهد جون اُڀريل ”ٽي لهرون“
    عمر ال مختار جي شهادت کانپوءِ عرب دنيا ۾ پنهنجي حقن لاءِ جيڪا هٿياربند ويڙهه ٿيندي رهي آهي. اُن ۾ پڻ ال مختار جي نالي کي علامتي انداز ۾ کنيو ويو آهي. عرب ويڙهاڪن عمر ال مختار جي نالي تي فوجي بريگيڊس ٺاهي پنهنجن دشمنن جي خلاف ويڙهه وڙهڻ شروع ڪئي، اِنهن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ لبيا ۾ ”عمر الا مختار بريگيڊس“ جيڪا او ايم بي(OBM)جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي، ٺاهي، جنهن هٿياربند ڪارواين جا 18 واقعا ڪيا. اهڙي طرح 1986ع، 2001-2000 ۽2004-2006 ۾ اهڙي نوعيت جي ٿيل مختلف واقعن کي ”ٽي لهرون“ (Three waves) جو نالو ڏنو ويو. او ايم بي هڪ گهڻ قومي گروپ آهي، جيڪو هٿياربند ڪاروايون ڪري ٿو.
    1986ع ۾ ”نيشنل رووليوشنري ڪمانڊ عمر ال مختار“ پهريون ڀيرو منظر عام تي آئي ۽ اِن لبنان ۾ برطانيه ۽ آمريڪا جي مفادن تي حملا ڪيا. اِنهن حملن کي لبيا خلاف آمريڪا جي جارحيت سان جوڙيو ويو.
    3 آگسٽ 1986ع تي قبرض ۾ اڪروتريءَ وٽ برطانوي فوجي اڏي تي مارٽرس، راڪيٽن ۽ گرينڊس سان حملو ڪيو ويو. اِن حملي جي ذميواري ”يونائيٽيڊ نصيرتي آرگنائيزيشن“ قبول ڪئي، جنهن جو ”عمر ال مختار مارٽر گروپ“ سان تعلق هو. اِن ئي گروپ بيروت ۾ برطانيه جي سفارتڪار جي رهائش گاهه تي به حملو ڪيو هو،
    اِنهن جي ٽئين ڪاروائي 1986ع ۾ ٿي هئي، جڏهن اِنهن بيروت ۾ هڪ آمريڪي شهري فرئنڪ هربرٽ ريڊ کي يرغمال بڻايو هو. اِن جي ذميواري ”عرب رووليوشنري سيلس- ال مختار بريگيڊ“ قبولي هئي. اِنهن مغويءَ کي 44 مهينن تائين يرغمال بڻايو هو. واشنگٽن پوسٽ لکيو هو ته، ”آمريڪا جي لبيا تي ٿيل بمباريءَ کانپوءِ اِن گروپ 1986ع ۾ آمريڪي شهري پيٽر ڪلبرن کي به يرغمال بڻائي ماري ڇڏيو.“
    اپريل1986ع ۾ اِنهن برطانوي شهرين کي پڻ قتل ڪيو ويو هو. دنيا لبيا جي اڳواڻ ڪرنل قذافيءَ جي 1960ع ۽ 1970 جي ڏهاڪي کان ڪيل ويڙهاڪ ڪارواين کي پڻ ال مختار جي پيروي قرار ڏئي ٿي.
    مٿئين پهرين لهر هئي. ٻئي لهر اُها هئي، جڏهن فلسطين ۾ ”فورس آف عمر ال مختار“ جوڙيو ويو هو. جنهن اسرائيل ۽ مقبوضه علائقن ۾ اسرائيل تي حملا ڪيا هئا. اِن گروپ جو به تعلق او ايم بي سان هو. اِن 2000۽ 20001 ۾ اهڙا ست حملا ڪيا هئا.’ ال خليج‘ اخبار مطابق، ”فورسس آف ال مختار“ جو حماس سان تعلق آهي. اِهو ٻيو گروپ 1998ع ۾ ظاهر ٿيو هو. اِن مائون ۾ يهودي آبادڪارن تي حملو ڪيو هو.
    ٽئين لهر اِن کي ٿو چيو وڃي ته، عراق ۾ آمريڪا جي مداخلت کانپوءِ مختلف ملڪن ۾ جيڪي ڪاروايون ٿيون آهن، اُن ۾ پڻ عمر ال مختار ۽ صلاح الدين ايوبي بريگيڊس کي شامل ڪيو پيو وڃي.
    اِنهن ٽنهي لهرن ۾ لبنان جي گهرو ويڙهه، انتفاده ۽ عراق جي تڪرار کي ڄاڻايو ٿو وڃي.

    عمر ال مختار جي ذاتي زندگي
    عمر ال مختار1858ع ۾ لبيا جي علائقي ’ورقام‘ ۾ ڄائو هو. ڪجهه تاريخدان سندس ڄمڻ جو سال کان 1856-1862ع جي وچ ۾ ڄاڻائين ٿا. سندس ڇٺيءَ جو نالو ’عمر ال مختار بن عمر بن فرحت‘ هو. جيڪو فرحت نسل جي غيث خاندان جو حصو هو. اِها لبيا جي علائقي بَرِقا جي لاڏائو قبيلي منافا جي هڪ شاخ چئي وڃي ٿي. سندس پيءُ پڻ پنهنجي جوان مڙسيءَ ۽ ويڙهو مڙس جي طور سڃاتو ويندو هو. سندس امڙ جو نالو عائشه بنت مهارب هو، سندن امڙ، عمر ال مختار ۽ پٽن کي سچائي ۽ اسلام جا سبق ڏئي پاليو هو.
    وڏي ٿيڻ کانپوءِ ال مختار کي احمد شريف السنوسيءَ طرفان هڪ سنوسين اسڪول ۾ اُستاد مقرر ڪيو ويو هو. ال مختار جو، الحج محمد عمرال مختار نالي اڪيلو پٽ به هو، ال مختار پنهنجي وطن لبيا تي قابض اٽليءِ جي فوج خلاف 20 سال گوريلا ويڙهه وڙهڻ کان پوءِ 1931ع ۾ لڳ ڀڳ73سالن جي ڄمار ۾ اٽليءَ جي قابض فوج جي هٿ لڳي ويو هو. پر ان کان اڳ ۾ هن پنهنجن هزارين گوريلن ۽ هلڪن هٿيارن جي مدد سان اٽليءَ جي 20 هزارن کان وڌيڪ فوجي ٽولي جي قهري ڪارواين کان 20 سال تائين پاڻ به بچايو هو ۽ اٽليءَ جو قابض حڪمرانن کي پڻ ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياريو هو. جنهن جو اعتراف لبيا جي محڪوم ماڻهن ۽ ال مختار خلاف قهري ڪاروايون ڪندڙ اٽليءَ جي جنرلن پڻ ڪيو هو.
    عمر ال مختار تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندڙاٽليءَ جي جنرل گريزياني طرفان لبيا جي اِن مهان هيرو جي ذات تي ڪيل تبصري مان پڻ سندس بهادري ۽ همت جي تصديق ٿئي ٿي. جنرل گريزيانيءَ هڪ هنڌ چيو هو ته، ”وچٿري قد جو بُت ۾ ڀريل، اچي مٿي ۽ اچي ڏاڙهيءَ وارو عمر ال مختار تيز ۽ حاضر دماغ رکندڙ هو. هو مذهبي معاملن جي پڻ موچاري ڄاڻ رکندو هو. اِن جو واضح ۽ فيصلائتو ڪردار هو، هو پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ بنا ڪنهن مصلحت جي تڪڙا ۽ موقعي تي فيصلا ڪرڻ جي اهليت رکندڙ شخصيت هو. اها حقيقت آهي ته هو مذهبي ۽ غريب ماڻهو هو، پر تنهن هوندي به سنوسي شخصيتن ۾ سندس اهم ۽ فيصلائتو ڪردار هو. “
    ان کان پوءِ هڪ مصنف اي ڊيل بوڪا، ال مختار بابت هِن طرح لکيو آهي.”عمر ال مختار هڪ مذهبي عقيدو رکندڙ هو. هو پيدائشي ويڙهاڪ نه هو، پر هو انهيءَ فوجي سياسي جماعت جو خالق پڻ هو، جنهن چئن گورنرن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اٽليءَ جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چٻرايا هئا.“
    عمر ال مختار پنهنجي مستقل مزاجيءَ سان بنا ڪنهن مصلحت جي پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ اٽليءَ جي فوج خلاف ويڙهه وڙهي، شهيد ٿيڻ کان پوءِ لبيا جي عوام جو هيرو بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ويو. اهو ئي سبب آهي جو لبيا جي آزادي کان پوءِ هُو ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ شهنشاهن ۽ فوجي توڙي انقلابي حڪمرانن جو پڻ قومي هيرو رهيو ۽ هر حڪمران کيس قومي شهيد مڃڻ لاءِ مجبور ٿيو.
    عمر ال مختار طرفان ادا ڪيل قومي ڪردار مان لڳي ٿو ته، هو ڄُمندي ئي ڄام هو ۽ سندس امڙ کيس هنج ۾ ئي وطن سان محبت ۽ سچائيءَ لاءِ جان قربان ڪرڻ جو سبق پڙهايو ويو. عرب ملڪن ۾ عمر ال مختار ته هاڻي روڊن، رستن، هوٽلن، ثقافتي مرڪزن ۽ تعليمي ادارن جو به هڪ نالو بڻجي ويو آهي. هو نه صرف جديد عرب قومپرستيءَ جو هڪ اهم هيرو ليکجي ٿو، پر سندس نالو آزاديءَ جو حوالو بڻجي ويو آهي. عمر ال مختار جي وفات کان پوءِ فلسطين ۾ 1931ع ۾ پهرين تصويري نمائش ٿي هئي، جنهن ۾ سندس پينٽنگس ٺاهي کيس شاندار خراج پيش ڪيو ويو هو.
    عمر ال مختار جنهن دور ۾ ۽ جنهن طاقت سان ٽڪر کاڌو هو، سا جهڙي تهڙي ڪانه هئي، پر اُها پنهنجي دور جي هڪ ظالم ترين مسولنيءَ جي حڪومت هئي. اِن کي للڪارڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه نه هئي، پر ال مختار پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي قدمن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي توهين سمجهي ان خلاف ويڙهه وڙهي، شهادت ماڻي، عرب دنيا جي غيرت جو هڪ گيت بڻجي ويو.

    (ڪاوش مئگزين 21 جون 2009ع)


    • لبيا ۾ ”الفتح انقلاب“ جي چاليهين سالگرهه جو جشن

    پهرين سيپٽمبر 2009ع جي رات جو، رمضان جي مهيني جي گرميءَ ۾، ڀونوچ سمنڊ جي ٿڌين هوائن ۾ لبيا جي گاديءَ واري شهر تريپوليءَ جي گرين اسڪوائر ۾ لبيا جي عظيم انقلاب جي 40هين سالگرهه جون جڏهن رنگارنگيءَ تقريبون شروع ٿيون ته، 1969ع ۾ انقلاب جي وقت 27 سالن جي عمر جو ۽ هن وقت 67 سال جي عمر جو ڪرنل قذافي وڏي جوش مان هٿ لوڏي ماڻهن کي سندن نعرن جا جواب ڏيئي رهيو هو. ڪرنل قذافي، جنهن کي ”برادر ليڊر آف دي رووليوشن“ چيو وڃي ٿو، کي طوطائي رنگ وارو يونيفارم پاتل هو، جنهن تي روايتي طور تي ڪيترائي ميڊل ۽ ٻيا اعزاز لڳل هئا. هُو پنهنجن مهمانن سان گڏ مارچ پاسٽ ڏسي رهيو هو، جنهن ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ آفريقي يونين جي ملڪن جي فوجين پڻ علامتي انداز ۾ حصو ورتو هو.
    جمال ناصر مصر تي 14سال حڪمراني ڪئي ۽ هُو دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. عراقي صدر صدام حسين عراق تي 27 سال حڪمراني ڪئي ۽ کيس عراق تي آمريڪي قبضي کانپوءِ ڦاسي ڏني ويئي. اهڙي طرح شام جي حافظ ال اسد ملڪ تي 29سال حڪومت ڪئي ۽ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. پر ڪرنل قذافي گذريل چاليهين سالن کان اقتدار ۾ آهي، جنهن ڪري کيس عرب ۽ آفريڪي ملڪن جو سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ حاڪم سمجهيو وڃي ٿو. هن 27 سالن جي عمر ۾ انقلاب آندو هو، جنهن کان پوءِ هن لبيا ۾ هڪ نئون نظام لاڳو ڪري، ان کي عوام جي حڪومت چئي 40 سالن تائين ڪاميابيءَ سان پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي. ڪرنل قذافيءَ 1970ع ۾ تيل جي شعبي کي قومي ملڪيت ۾ وٺي توانائي جي عالمي تنظيمن جو اُن تان ڪنٽرول ختم ڪري ڇڏيو هو.
    معمر قذافي سامراجيت خلاف ويڙهه جي نعري هيٺ دنيا اندر ڪيترن ئي انقلابي گروپن جي مدد ڪئي هئي. اِهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ اولهه جا ٻيا ملڪ 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ دنيا اندر ٿيندڙ هٿياربند ڪارواين جو الزام ڪرنل قذافيءَ تي هڻندا رهيا هئا. اِهو ئي سبب آهي، جو اُن وقت جي آمريڪي صدر ريگن قذافيءَ کي Mad dog of the Middle East (وچ اوڀر جو ڇتو ڪُتو) قرار ڏنو هو. ريگن 1980ع ۾ تريپولي ۽ لبيا جي مکيه بندرگاهه بِن غازيءَ تي بمباريءَ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. اِن جي جواب ۾ لبيا اِٽليءَ جي ٻيٽ لمپيدوسا تي قائم آمريڪي فوجي اڏي تي ٻه اسڪڊ ميزائيل هنيا هئا، پر اهي نشاني تي لڳڻ بدران سمنڊ ۾ ڪريا هئا.
    1988ع ۾ آمريڪا ۽ لبيا جي وچ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب تڏهن ٿي هئي. جڏهن اسڪاٽلينڊ جي لاڪربيءَ مٿان اُڏام ڪندڙ آمريڪا جي هوائي جهاز کي بمباري ڪري ان ۾ سوار 259ماڻهن ۽ هوائي اڏي تي بيٺل 11 ماڻهن سميت ڪل 270 ماڻهن سان گڏ تباهه ڪيو ويو هو. جڏهن تي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ لبيا جا لاڳاپا اڃا وڌيڪ تڏهن خراب ٿيا، جڏهن آمريڪا چيو ته، ”لبيا ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“اِن کان پوءِ آمريڪا ۽ گڏيل قومن مٿس پابنديون مڙهيون. بعد ۾ صورتحال ۾ تڏهن ٺاپر اچڻ شروع ٿي، جڏهن قذافيءَ 1999ع ۾ لاڪربي حملي ۾ مبيبا طور تي ملوث پنهنجي شهري عبدالباسط ال ميگراهيءَ کي برطانيه جي حوالي ڪيو ۽ پنهنجو نيو ڪليئر پروگرام ختم ڪري عالمي ماهرن کي اهو ڏيکاريو. اِن کان پوءِ لبيا هڪ نئين رُخ ۾ هلڻ لڳو، جنهن ۾ ان پنهنجي ملڪ اندر اولهه جي سيڙپڪاريءَ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ آمريڪا سان سفارتي لاڳاپا ٻيهر بحال ڪيا.ڪرنل قذافيءَ پنهنجي ”الفتح انقلاب“ کانپوءِ پاڻ وٽ رڳو هڪ عهدو ناهي رکيو، هُو اِهي عهدا بدلائيندو رهيو آهي. انقلاب کان پوءِ هن پنهنجي فوجي وردي لاهي سفاري سوٽ ۽ ڪاري رنگ واري عينڪ پائڻ شروع ڪئي، پر قذافيءَ چي گويرا جي اسٽائيل ۾ پاڻ کي اولهه جي مخالف طور اُڀاريو. اِڻ پاڻ کي ڪئپٽن مان رڳو ڪرنل تائين ترقي ڏياري. جڏهن ته هو فوج جو سربراهه پڻ هو، قذافيءَ کي هڪ دانشور، سياسي مفڪر ۽ اُن کان به وڌيڪ قومي اڳواڻ ۽ رهبر سمجهيو ويندو آهي.
    لنڊن جي ڪئٿم هائوس ۾ وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي پروگرام جي مئنيجر رابرٽ لووي (Robert Lowe) جو چوڻ آهي ته، ”ڪرنل قذافيءَ جون ڪي عجيب عادتون آهن، سندس لباس، تنبو ۽ سندس عورت باڊي گارڊس، جيڪي رنگين ۽ ڪنهن حد تائين پاڳل نظر اينديون آهن، سندس اهڙين عجيب عادتن جو مثال آهن. اِن مان اِهو نظر اچي ٿو ته هو تمام گهڻو چالاڪ ۽ خبرداريءَ سان سياست ڪندڙ سياستدان آهي.“
    عرب دنيا ۾ عمر ال مختار، جمال عبدالناصر ۽ ياسر عرفات کانپوءِ عرب قومپرستيءَ جي هڪ وڏي آواز ڪرنل قذافي پاران 2 سيپٽمبر 2009ع کان پنهنجي ملڪ لبيا جي گاديءَ واري شهر تريپوليءَ ۾ 40 سال اڳ آندل انقلاب جي سالگره جو هفتو ملهائڻ وارين تقريبن ۾ فوجي بينڊس،400 رقص ڪندڙن، تفريح فراهم ڪندڙ هوائي اڏامن، انقلابي گيتن ۽ ٻين پروگرامن ذريعي انقلاب جو رومانس چڱي طرح محسوس ڪرايو پيو وڃي. هوڏانهن تريپوليءَ جي ڪچين پڪين عمارتن کي رات جي سَمي رنگبرنگي بلبن سان سينگاري ويڪرن رستن تي فوجي پريڊ ڪري ۽ فضا ۾ آتش بازي ڪري لبيائي عوام ۾ پنهنجي آزاديءَ ۽ انقلاب جي جذبي کي تازو ڪيو پيو وڃي. قديم شهر جي ڀتين کي ٻيهر رنگ روغن ڪرائي اُنهن کي نئون ڪيو ويو آهي.
    لبيا جي هر شهر توڙي ڳوٺ جي عمارتن مٿان ملڪ جي سائي رنگ وارا جهنڊا ڦڙڪندي ۽ ڦوڪڻا اُڏامندي نظر اچن پيا. جڏهن ته هڪ ميلي ۾ هزار اٺن کي سينگاري پڻ پيش ڪيو ويو، اِنهن تقريبن جي شروعات اولمپڪ راندين جي طرز تي ڪئي ويئي هئي.
    آفريڪا ۽ ٻين عرب ملڪن مان آيل اڪثر حڪومتي سربراهه، جيڪي فوجي ورديءَ ۾ ملبوس هئا، سي لبيا جي ٻن مُنهن واري عقاب جي پاڇي ۾ بيٺا هئا، جتي ”عظيم الفتح انقلاب“ جا نعرا لڳي رهيا هئا. لبيا جي جديد فوجي طاقت جو پڻ مظاهرو ڪيو ٿي ويو، جنهن جو اِهو پيغام هو ته، ”لبيا جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي حاصلات تي ناز آهي.“
    اِن موقعي تي بدوي قبيلي جا ماڻهو ناچ پيش ڪري رهيا هئا. اِٽليءَ جي ڇوڪرين جي هڪ گروپ رقص پيش ٿي ڪيو. جڏهن ته لبيا تي اِٽليءَ طرفان ڪيل قبضي خلاف لبيا جي جنگ کي به اجاڳر ڪيو ويو هو. لبيا تي اٽليءَ 1911ع ۾ قبضو ڪيو هو. جيڪو ٻي عالمي جنگ تائين رهيو هو. اِن قبضي خلاف لبيا جي عظيم گوريلا اڳواڻ عمر المختار هڪ وڏي گوريلا ويڙهه وڙهي ڦاسيءَ چڙهي ويو هو. اِن موقعي تي بيٺڪيت جي خلاف وڙهندڙن کي اجتمائي طور تي ڦاهين تي لٽڪائڻ واري موضوع تي هڪ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو هو. ٻارن پنهنجي قومي لباس ۾ گيت پيش ڪيا. سالگرهه جي موقعي تي ميڊيا جي مختلف ذريعن جي مدد سان لبيا جي پنج هزار سالن جي تاريخ کي اُجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اِن تقريب ۾ عورتن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
    قذافيءَ کان عمر ۾ ٽي سال ننڍي ۽ انقلاب آڻيندڙ ”فري آفيسرس موومينٽ“ جو ميمبر خالد ال هجنيءَ جو چوڻ آهي ته، ”هيءُ اسان جي لاءِ ٻين سڀني فيسٽيولس کان وڏو فيسٽيسول آهي.“ لبيا ۾ انقلاب جي چاليهين سالگرهه جي تقريبن جي منتظمين جو چوڻ آهي ته، جشن ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڊگهي عرصي تائين دنيا ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار رهندڙ ۽ دنيا جي ملڪن کي تيل فراهم ڪندڙ لبيا، سالن تائين اقتصادي ۽ ٻين پابندين کي مُنهن ڏيڻ کانپوءِ اڄ به پنهنجي انقلاب جي حفاظت ۽ سڄي دنيا سان آزاد واپار ڪري رهيو آهي،“
    تنهن هوندي به ٽڪراءَ واري سياست ڪرنل قذافيءَ جو پيڇو ناهي ڇڏيو. تازو تڪرار تڏهن سامهون آيو. جڏهن 20 آگسٽ 2009ع تي لاڪربي بمباري (جنهن جي نتيجي ۾ 270 ماڻهو مري ويا هئا) هي الزام هيٺ آيل لبيائي شهري عبدالباسط الميگراهيءَ کي اسڪاٽ لينڊ جي حڪومت بيماريءَ جي بنياد تي آزاد ڪيو ۽ جڏهن هُو لبيا پهتو ته ڪرنل قذافيءَ سندس هيرو جهڙو استقبال ڪيو ويو. اهڙي عمل تي برطانيه ۽ آمريڪا ۾ قذافيءَ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. عبدالباسط الميگراهي 1988ع ۾ پان ايم ايئر لائن تي ٿيل بمباريءَ جي الزام هيٺ سزا آيل اڪيلو شخص هو، جنهن کي اسڪالينڊ حڪومت انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي ۽ ڊاڪٽرن سندس نه بچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
    لبيا جي حڪومت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بشمول اولهه جي ملڪن جي سربراهن کي پنهنجي انقلاب جي 40هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. پر اِن ۾ يورپ جي اهم ملڪن جي سربراهن شرڪت نه ڪئي.
    ٻئي طرف لاطيني آمريڪا جي ملڪ وينزويلا جي اڳواڻ ”هيو گوشاويز“ جي شرڪت جشن کي نئين معنيٰ ڏيئي ڇڏي. پاڪستان جي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ، ماضيءَ ۾ لبيا تي قبضو ڪندڙ ملڪ اٽليءَ جي وزير اعظم سلويو برلوسڪوني، زمبابوي جي صدر رابرٽ موگابي ۽ سوڊاني صدر عمر حسن البشير سميت وڏي تعداد ۾ آفريڪي اڳواڻن پڻ اِن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تريپوليءِ ۾ ”آفريڪن يونين سمٽ“ پڻ رکي ويئي هئي. لبيا ۾ ’سينٽر پيس سيليبريشن‘ جي سربراهه فلپ اسڪف چيو ته، ”لبيا کي دنيا لاءِ ٻيهر کوليو پيو وڃي. اڄ اسان جو اهو ئي بنيادي پيغام آهي. ان ۾ فرانس ۽ برطانيه جون ڪمپنيون پڻ شامل آهن.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو لبيا ۾ هزارين پرڏيهين جي پرجوش آجيان ڪئي پئي وڃي . انهن کي وڏي تعداد ۾ ويزائون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته لبيا اڳ ۾ ائين ڪڏهن به نه ڪيو آهي.“
    ڪرنل قذافي ماضيءَ ۾ دنيا ۾ هٿياربند انقلابي گروپن جي مدد ڪندو رهيو هو. پر هاڻي اِهي اطلاع آهن. اِن اهڙو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو آهي. اِن جو هڪ مثال اهو به آهي ته اولهه جي ملڪن لاڪربي بمباري واري واقعي ۾ لبيا جي رهواسي عبدالباسط کي ملوث ڄاڻائيندي ان ۾ مارجي ويل 270 ماڻهن جي معاوضي طور في فوتي هڪ ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو لبيا کان مطالبو ڪيو هو. ان سان گڏ انهن لبيا کان عبدالباسط الميگراهيءَ جي ٻانهن به گهري هئي، پر ڪرنل قذافيءَ اِن واقعي جي ذميواري قبول ڪرڻ کانسواءِ ئي عبدالباسط کي اسڪاٽ لينڊ جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ هن معاوضي واري رقم ادا ڪرڻ سان گڏ ائٽمي توانائي واري عالمي اداري جي انسپيڪٽرن کي پڻ لبيا جي ائٽمي پلانٽن جو معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. ائين ڪري، قذافيءَ لبيا تان جنگ جا ڪڪر ٽاري ڇڏيا هئا ته دنيا سندس اهڙي فيصلي کي دانشمنداڻو فيصلو قرار ڏنو هو.
    لبيا ۾ سياسي جماعتن تي اڄ به پابندي پيل آهي ۽ هيٺين سطح تي حڪومتي ڪاروهنوار ٽائون هال ڪميٽين ذريعي هلايو پيو وڃي. ڪرنل قذافي ملڪ ۾ لاڳو ڪيل اهڙي حڪومتي نظام جو بچاءُ ڪندي چوي ٿو ته، ”لبيا جو عوام سندس انتظام ڪاريءَ مان خوش آهي. عوام جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن ۽ اسان لبيا ۾ اهو حڪومتي نظام هلائينداسين، جيڪو اسان جي عوام جا بنياد مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت رکندڙ هوندو.“ هن پنهنجي مٿان اقتدار تي قبضو ڪرڻ وارا الزام ۽ اولهه جي ملڪن طرفان ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو هو. هِن وقت لبيا ۾ تيل جي ڳولا واسطي تيل ڪمپنين لاءِ دروازا کلي ويا آهن ۽ اهي لبيا ۾ روڊ رستا تعمير ڪرڻ، ريلوي لائينون ۽ ٽيليفون جون لائنيون وڇائڻ ۽ اسڪولن جون عمارتون اڏڻ لاءِ لبيا جي حڪومت سان معاهدا ڪري رهيون آهن.

    (ڪاوش مئگزين 6 سيپٽمبر 2009ع)
    *


    • آمريڪا جو تازو شڪار ڪرنل قذافي: يوسف سنڌي

    20 آڪٽومبر2014ع تي، بريڪنگ نيوز طور ڪرنل قذافي جي مارجي وڃڻ جي خبر سان گڏ لبيا جي عبوري ڪائونسل اهو اعلان ڪيو ته هو جلد ئي قذافي جي 42 سالن جي آمريتي دور کان لبيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪندا، جيڪو ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪيو ويو ۽ آمريڪا سميت اُلهندن ملڪن انهي اعلان جي آجيان ڪئي. بظاهر ته ڪرنل قذافيءَ جي اقتدار جو خاتمو ۽ مارجڻ ”لبيا جي عوام جي جيت“ قرار ڏنو پيو وڃي، پر اصل ۾ اها جيت ڪنهن جي آهي ۽ ان جي پويان ڪنهن جا ڪهڙا مقصد آهن، ان جي لاءِ ٿورو ماضيءَ ۾ وڃڻو پوندو.
    لبيا، 24 ڊسمبر 1951ع تي اٽليءَ جي غلاميءَ مان آزاد ٿيو. آزاديءَ کان پوءِ سنوسي اڳواڻ شاهه ادريس حڪومت جون واڳون سنڀاليون، پر هو ڪو سٺو حڪمران ثابت نه ٿيو. لبيا ۾ تيل جي لڀجڻ کان پوءِ هو اولهه جي ملڪن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو. اولهه جون تيل ڪمپنيون لبيا مان تيل ڪڍي پنهنجا اثاثا وڌائينديون رهيون، پر اُن تيل جو لبيا جي عوام کي ڪو به فائدو نه ٿيو، جنهن ڳالهه نه رڳو لبيا جي عوام، خاص ڪري فوجي آفيسرن کي سخت ڪاوڙائي وڌو. نيٺ 1969ع ۾ 27 سالن جي ڪيپٽن معمر قذافيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ پُرامن انقلاب جي ذريعي شاهه ادريس سنوسي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري لبيا مان بادشاهت جو خاتمو ڪيو ويو. جلدي ئي قذافي ڪرنل بڻجي ويو ۽ اهو فوجي عهدو سندس نالي جو حصو بڻجي ويو. ڪرنل قذافيءَ جي حڪومت جيڪو پهريون قدم کنيو، اهو انهن آئل ڪمپنين جي خلاف هو. هن کين چيو ته هُنن نئين سري کان معاهدا صحيح نه ڪيا ته انهن ڪمپنين کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍيو ويندو. ڪرنل قذافيءَ ڪمپنين جي مالڪن کي ٻڌايو ته، ”اسين گذريل پنجن هزارن سالن کان تيل کانسواءِ زندگي گذاريندا آيا آهيون، هاڻ پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪجهه سال تيل کانسواءِ رهي سگهون ٿا.“
    ڪرنل قذافيءَ جون ڌمڪيون ڪارگر ثابت ٿيون ۽ لبيا پنهنجي تيل جي آمدنيءَ جو وڏو حصو حاصل ڪري پهريون ترقي پذير ملڪ بڻجي ويو اڳوڻا مالڪ ڪرنل قذافيءَ جي اها همت ڪڏهن به وساري نه سگهيا ۽ هو کين اک جو ڪنڊو بڻجي کٽڪندو رهيو. قذافي به ماٺ نه رهيو، هن به اولهه جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. هن سڄي دنيا ۾ انهن اسلامي ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جي مالي ۽ اخلاقي مدد شروع ڪئي، جيڪي سامراجي مقصدن جي خلاف وڙهي رهيو هيون.
    اولهه ۽ لبيا ۾ ان وقت تڪرار گهڻو وڌيو، جڏهن 1988ع ۾ اسڪاٽ جي لاڪربي واري هنڌ ”پان ايم“ جو هڪ مسافر جهاز ڦاٽي تباهه ٿيو، جنهن ۾ 270 ماڻهو مارجي ويا آمريڪا اُن واقعي جو لبيا کي ذميوار قرار ڏنو ۽ گُهر ڪئي ته واقعي جي ذميدارن کي سندن حوالي ڪيو وڃي. قذافيءَ جي انڪار تي گڏيل قومن لبيا تي معاشي ۽ واپاري پابنديون هنيون، جنهن جي نتيجي ۾ لبيا اولهائين دنيا کان ڪٽجي ويو. نيٺ 1999ع ۾ لبيا ٻئي گهربل همراهه گڏيل قومن جي حوالي ڪيا.
    2003ع ۾ اوچتو ڪرنل قذافيءَ اولهه جي خلاف موقف ۾ تبديلي ڪري دوستيءَ جو هٿ وڌايو، جنهن جي نتيجي ۾ لبيا پنهنجو ائٽمي منصوبو ختم ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ لبيا ۽ اولهائين ملڪن، خاص ڪري آمريڪا جي وچ ۾ ٻيهر واپاري لاڳاپا قائم ٿيا. برطانوي وزير اعظم ٽوني بلئير لبيا جو دورو ڪيو، پر هن پنهنجي دليراڻي ”انا“ ڪٿي به نه ڇڏي، هو جڏهن اٽلي پهتو ته هن پنهنجي سيني تي شهيد عمر الا مختيار جي تصوير نمايان انداز ۾ لڳائي رکي هئي. ائين جڏهن هن پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو ته هن کي ”لولي لنگڙي“ قرار ڏيئي گهر ڪئي ته بيٺڪي طاقتن ماضيءَ ۾ آفريقين تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، انهن جي بدلي ۾ کين ست کرب ڊالر ڏنا وڃن. اولهه جي حڪمرانن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جي گهٽ حڪمرانن مڙسي ڪئي هوندي.
    1969ع ۾ جڏهن ڪرنل قذافي حڪومت سنڀالي ته هو نوجوان، خوبصورت ۽ جوشيلي شخصيت هو مالڪ هو. هن پنهنجي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي نين راهن تي وٺي وڃڻ ٿي چاهيو. سندس چوڻ هو ته هو ڪو حڪمران ڪونهي، پر عوام مان ئي آهي، تنهن ڪري هن ملڪ جو نالو ئي ”عرب جمهوريه لبيا“ رکيو. پوءِ ڪرنل قذافيءَ تيل جي اُپت مان عظيم عوامي رٿائن جي شروعات ڪئي. انهن ۾ سرفهرست ”هٿرادو دريائي منصوبو“هو، جنهن موجب ڏکڻ ۾ موجود آبي ذخيرن مان مٺي ۽ تازي پاڻيءَ کي خشڪ اُترين شهرن ۾ آندو ويو. ان سلسلي ۾ ريگستان جو سينو چيري اهو درياهه ٺاهيو ويو آهي. هاڻ اهو درياهه ستر سيڪڙو لبيائي رهاڪن کي پاڻي فراهم ڪري ٿو. هيڏانهن اولهه جي حسد جي حد اها آهي ته انهن جي جهازن بمباري ڪري، انهي درياهه سان لاڳاپيل پائپ لائينون اڏائي ڇڏيون ته جيئن قذافيءَ جي حامي اُترين شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي.
    ڪرنل قذافي جي دور ۾ عوام کي ڪيتريون ئي سهولتون حاصل هيون، جن ۾ مفت بجليءَ جي فراهمي، بنا وياج جي قرض، علاج ۽ تعليم جي سستي فراهمي، کاڌي پيتي جي شين جو اڌ قيمت تي وڪرو جهڙيون سهولتون شامل هيون. قذافيءَ جي دور ۾ فليٽ اڏرائي عوام کي سستن اگهن تي مهيا ڪيا ويا. ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ايترا ته گهٽ هئا، جو ڪو به ماڻهو سولائيءَ سان ٿورن پئسن ۾ چڱو خاشو گهمي ڦري سگهيو ٿي. هڪ ماني جي قيمت پاڻ واري حساب موجب 50 پئسا هئي. مطلب تي لبيائي عوام کي حڪومت پاران هر ممڪن سهولتون ڏنل هيون ۽ ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي جو نالو نشان به نه هو.
    جن سببن جي ڪري ڪن عرب ملڪن جهڙوڪ: تيونس، مصر ۽ يمن وغيره ۾ حڪومتن جي خلاف تحريڪون هليون، لبيا ۾ انهن جو وجود ئي نه هو. پوءِ ڪهڙو سبب هو، جو هڪدم ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ويئي. دراصل اُن جو بنيادي سبب قذافي جي آمريت ٻُڌائي وڃي ٿي.
    ڪرنل قذافي تي پهريون وڏو ۽ اڪيلو الزام اهو هو ته هو آهستي آهستي آمر بڻجي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ هن حڪومت جي اعليٰ عهدن تي پنهنجي پٽن ۽ مٽن مائٽن کي مقرر ڪيو هو. اها ته حقيقت آهي ته طاقت قابل ۽ لائق حڪمرانن ۾ به بگاڙ پيدا ڪري ٿي ڇڏي. انساني تاريخ ۾ اهڙا کوڙ مثال موجود آهن ۽ قذافي به طاقت جو مرڪز بڻجي پاڻ کي انساني ڪمزورين کان بچائي نه سگهيو. لبيا جي مخالف ڌر جي دعويٰ هئي ته 1975ع کانپوءِ جڏهن قذافيءَ اقتدار تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي ته حڪومت يا سندس پاليسين تي تنقيد تي پابندي وڌي ويئي ۽ مخالف ڌر جي سڀني پارٽين کي زبردستي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ مخالف قتل ٿيڻ يا غائب ٿيڻ لڳا ۽ ڪيترن ئي مخالف ڌر جي اڳواڻن يورپ ۾ جلاوطني اختيار ڪئي.
    ڪرنل قذافيءَ تي هڪ ٻيو الزام هي هو ته هن پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ته هو ڪرپشن ڪرڻ لڳا. هنن سرڪاري رٿائن ۾ ڪميشنون کاڌيون ۽ ڦرلٽ جا ٻيا طريقا اختيارڪيا، جيڪي ترقي پذيرملڪن ۾ عام آهن. ان ڪرپشن به خاص ڪري اوڀر لبيا جي رهاڪن کي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جتي زندگي جو معيار ڪجهه گهٽ آهي.
    ٻئي طرف قذافي جي حمايت ڪندڙ ماهرن جو اهو چوڻ هو ته اولهندي ملڪن 2003ع کانپوءِ لبيا سان واپاري لاڳاپا ته بحال ڪيا، پر هنن لبيا ۾ هڪ اهڙي حڪومت ٿي چاهي، جيڪا سندن واپاري مفادن جو تحفظ ڪري ۽ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي اها خواهش هئي ته لبيا جي تيل جو ذخيرو سندن قبضي ۾ اچي، اهي دنيا جا ڏهون نمبر وڏا تيل جا ذخيرا آهن، تنهن ڪري هنن ڳجهي نموني لبيا تي حڪومت جي مخالفن سان لاڳاپا وڌايا ۽ انهن کي پاڻ وٽ هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون.
    ملڪ ۾ سڀ کان پهرين مظاهرا اوڀر لبيا جي شهرن بن غازي، البيضا، درنا ۽ بن وليد ۾ شروع ٿيا. انهن شهرن ۾ حڪومت عوام جي لاءِ عوامي فليٽن جي اڏاوت ڪرائي رهي هئي. پر انهن جي ٺهڻ ۾ دير ٿي وئي. اهي مظاهرا سياسي اڳواڻن ۽ نوڪري شاهيءَ جي ڪرپشن جي خلاف هئا. قذافي حڪومت هڪدم 24 ارب ڊالرن جو پئڪيج جو اعلان ڪيو ته جيئن عوام کي سستون ۽ معياري رهائشگائون مهيا ٿي سگهن. ان قدم سان مظاهرا ختم ٿي ويا. جنوري جي آخر ۾ حڪومت مخالف ڌر جي هڪ اڳواڻ جمال الحاجي کي گرفتار ڪيو ويو.مٿس الزام هو ته هو ماڻهن کي حڪومت جي خلاف پيو ڀڙڪائي .بس ان گرفتاريءَ کي بهانو بنائي آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ قذافي مخالف اڳواڻن ”فيس بوڪ“، ٽويٽر۽ ٻين سوشل ويب سائٽس جي ذريعي پنهنجين حمايتين تي زور ڀريو هو ته حڪومت جي خلاف اُٿي کڙا ٿين. نتيجي ۾ 17 فيبروري تي بن غازي، درنا، البيضا سميت اوڀر لبيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ حڪومت جي خلاف مظاهرا ٿيا، انهن مظاهرا جي خاص ڳالهه اها هئي ته گهڻا مظاهرين هٿياربندن هئا، تنهنڪري هنن جڏهن سرڪاري آفيسن تي حملا ڪيا ته سندن پوليس سان ٽڪراءُ ٿيو ۽ ڪجهه ماڻهو مارجي ويا. پوءِ ته اوڀر لبيا ۾ بغاوت پکڙجي ويئي. حڪومت مخالف تنظيمن اتحاد ڪري ”عبوري ڪائونسل“ ٺاهي، جنهن جي فوج سرڪاري فوج سان وڙهڻ لڳي، جيئن ئي گهرو ويڙهه شروع ٿي ته آمريڪا ۽ نيٽو باغين تي هٿيارن ۽ پئسن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ انهن جديد هٿيارن جي ٻَل تي باغين ننڍن ننڍن شهرن ته قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، نيٺ هنن طرابلس تي به قبضو ڪري ورتو.
    لبيا ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيندي ئي آمريڪا، برطانيه، فرانس، اٽلي ۽ نيٽو جي جهازن لبيا جي سرڪاري ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪري ڏنا انهن حملن جي پويان سندن اهو ئي پراڻو راڳ هو، جيڪو هنن افغانستان، عراق ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن تي حملن دوران ڳايو هو ته هنن انساني جانين جي بچاءُ ۽ ”جمهوريت“ جي خاطر لبيا تي حملو ڪيو آهي. حقيقت ۾ لبيا تي اهو حملو هڪ سوچيل رٿا هئي، جنهن جي ذريعي هنن هڪ ئي ڌڪ سان ڪيترائي شڪار ڪرڻ تي چاهيا. اولهندي ميڊيا جو سڄو زور اُن ڳالهه تي هو ته قذافيءَ جي شروع کان ئي اها ڪوشش هئي ته هو سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري ته جيئن اهي عالمي سطح تي هڪ سگهارو بلاڪ بڻجي سگهن. هن جي اها به ڪوشش رهي ته آفريقي ملڪ گڏجن، جيئن هو اولهه جي سازشن ۽ بدمعاشين مان جند ڇڏائي سگهن. تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي، ته اهو قذافي ئي هو، جنهن آفريڪا کنڊ کي پهريون جديد انقلاب عطا ڪيو ۽ سڄي دنيا آفريقا کنڊ ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٽيلي فون، ٽيلي ويزن ۽ ريڊيائي نشريات، وغيره جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيو. سُڌ ۽ سماع جو اهو انقلاب 1992ع ۾ شروع ٿيو، جنهن صدر قذافيءَ جي رٿ تي 45 آفريڪن ملڪن ” اسڪوم“ يعني ريجنل ”آفريقن سيٽلائٽ ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن“ جو بنياد رکيو. اها تنظيم ٺاهي آفريقي ملڪن پنهنجو مواصلاتي گروهه ٺاهڻ ٿي چاهيو ته جيئن سڄي آفريقا کنڊ کي خبر رساني (ٽيلي ڪميونيڪيشن) سستي ۽ سولائي سان ٿي سگهي. ان زماني ۾ آفريقا کنڊ ۾ ٽيلي فون ڪال سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي هوندي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته آفريقي ملڪ يورپ جا مواصلاتي گرههَ استعمال ڪرڻ تي مجبور هئا ۽ هو هر سال 50 ڪروڙ ڊالر يورپي ملڪن کي في طور ادا ڪندا هئا. اُن وقت هڪ مواصلاتي گرهه 40 ڪروڙ ڊالرن ۾ ٿي ٺهيو. ائين جيڪڏهن آفريقي ملڪن کي پنهنجو مواصلاتي سيٽلائٽ ملي ها ته هو هر سال 50 ڪروڙ ڊالرن جي خرچ کان بچي پون ها. پر سوال اهو هو ته اهي 40 ڪروڙ ڊالر اچن ڪٿان؟ آفريقي ملڪن عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، يورپ ۽ آمريڪا جا دروازا کڙڪايا، پر واعدن جي ته ڪا کوٽ نه هئي، هو 14 سالن تائين مختلف حيلن بهانن سان اها رقم ڏيڻ کان لنوائيندا رهيا. ڳالهه پڌري هئي، جيڪڏهن آفريڪي ملڪن جو پنهنجو سيٽلائيٽ هجي ها ته اهي هر سال 50 ڪروڙ ڊالر جي فائدي کان محروم ٿي وڃن ها ’نيٺ قذافي‘ اُن غلاميءَ کي ختم ڪيو. هن سيٽلائيٽ خريد ڪرڻ جي لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر ڏنا. آفريقن ڊولپمينٽ بئنڪ 5 ڪروڙ ڊالر ڏنا ۽ باقي پئسا ويسٽ آفريقن ڊولپمينٽ بئنڪ طرفان آيا، ائين 26 ڊسمبر 2007ع تي آفريقي ملڪ پنهنجو سيٽلائيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    اولهه جي نظرن ۾ ائين قذافي کين سخت مالي نقصان پهچايو، ڇو ته ائين يورپي ملڪ نه رڳو 50 ڪروڙ ڊالرن جي سالياني فيءَ کان محروم ٿي ويا، پر آفريڪي ملڪ کي 40 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ کان به محروم ٿي ويا، جنهن جو وياج هو سالن تائين پيا کائين ها. قذافيءَ جو ٻيو وڏو ”ڏوهه“ اهو هو ته هن آفريقا کنڊ کي اولهه جي مالياتي ڄار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ٿي چاهيو، ان غرض سان ڪجهه وقت اڳ هن آفريقي مالياتي فنڊ، آفريقي مرڪزي بئنڪ ۽ آفريقي سيڙپڪاري بئنڪ جي قيام جو اعلان ڪيو هو. هن چاهيو ٿي ته ”اسٽينٽ بئنڪ آف لبيا“ وٽ جيڪي 30 ارب ڊالرن جا اثاثا آهن، انهن سان اهي ٽيئي انقلابي مالياتي رٿائون شروع ڪجن، پر لبيا ۾ بغاوت شروع ٿيڻ سان ئي اوباما حڪومت هڪدم اسٽيٽ بئنڪ آف لبيا جا اهي 30 ارب ڊالر منجمند ڪري ڇڏيا. ائين قذافيءَ جو اهو خواب پورو ٿي نه سگهيو. هن جي خواهش هئي ته آفريقا کنڊ ۾ ڊالر يا فرانڪ جي بدران هڪ آفريقن ڪرنسيءَ جو راڄ هجي. اها خواهش سامهون رکي سمجهي سگهجي ٿي ته قذافيءَ جي خلاف بغاوت جنم وٺڻ سان ئي آمريڪا ۽ فرانس، قذافي تي ڇو بمباري شروع ڪري ڇڏي، سندن وڏيرپ جو داءُ تي لڳل هئي؟
    قذافيءَ جي قتل سان في الحال ته اولهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو آهي، قذافي جي موت تي اولهه ۽ قذافي مخالف ڌريون هڪٻئي کي مبارڪون ڏيئي رهيا آهن، انهن حالتن ۾ وينز يويلا جي صدر هيوگر شاويز جو اهو بيان ذڪر جوڳو آهي ته ”ڪرنل قذافيءَ جو نالو تاريخ جي صفحن تي هڪ شهيد جي حيثيت سان لکيو ويندو.“ ڪرنل قذافي کي رومانوي خيال رکندڙ انقلابي ۽ آفريڪي ”چي گويرا“قرار ڏنو ويو آهي. جيئن ته قذافي غير ملڪي آپريشن جي دوران ماريو ويو، تنهن ڪري امڪان اهو آهي ته هو اولهه جي خلاف مزاحمت جي علامت بڻجي ويندو. قذافيءَ جو قتل اُن آمريڪي خواهش جو پورائو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جي اُن خواهش تي عملدار آمد ڪرڻ جو حصو هو، جنهن جو هن قذافيءَ جي قتل کان 2 ڏينهن اڳ لبيا جي دوري دوران اظهار ڪندي هيلري چيو هو ته، ”قذافي کي قتل يا گرفتار ڪرڻ گهرجي.“
    شهيد معمر قذافي ڊگهي عرصي تائين لبيا جي علامت رهيو هو. جيتوڻيڪ لبيا جي عوام جي هڪ حصي سندس خلاف بغاوت ڪئي ۽ نيٽو جي مدد سان قذافي مخالفن کيس اقتدار تان هٽائي ماري ڇڏيو، پر پوءِ به دنيا جا تمام گهڻا ماڻهو سندس هڪ شهيد ۽ اولهه جي خلاف ويڙهو اڳواڻ طور احترام ڪندا رهندا. هاڻ اهو ڪو راز نه رهيو آهي ته فرانس، برطانيه ۽ آمريڪا جي فوجين، باغين جو ساٿ ڏنو هو. هاڻ قذافي جو نالو اولهه جي خلاف جدوجهد ڪندڙ پنهنجي سگهه وڌائڻ لاءِ استعمال ڪندا.
    هن وقت لبيا جو آئيندو ڪو چٽو ڪونهي. گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ کان اڳ لبيائي عوام جي زندگيءَ جو معيار ڪافي بُلند هو، پر هاڻ ٺهيل جڙيل شهر، رستا، سلامتي، نظم ۽ ضبط ماضي بڻجي چڪو آهي ۽ اها ڳالهه لڪيل ڪونهي ته جنهن ملڪ ۾ آمريڪا ۽ سندن اتحادي مقامي ڇاڙتن جي مدد سان پنهنجا خيما کوڙين ٿا، انهن ملڪن جو آئيندو ڪو سٺو نٿو هجي.

    (روزاني عبرت-3 نومبر 2011ع)
    *


    • ڪرنل قذافي ۽ چي گويرا جي موت ۾ هڪجهڙائي

    20 آڪٽوبر 2011ع تي ڪرنل قذافيءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس جيڪي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن، انهن مان نظر اچي ٿو ته سندس لاش سندس اباڻي شهر سرت توڙي مصراته ۾ ائين پَٽ تي رکيل آهي. ۽ سندس مخالف سندس چوڌاري ائين گهيرو ڪيو بيٺا آهن، جيئن سندس پسنديده انقلابي اڳواڻ ’چي گويرا‘ کي آمريڪي سي آءِ اي جي ايجنٽن بوليويا جي آمريتي حڪومت جي ڪارندن سان گڏجي ماري، پٽ تي بنا شرٽ جي سندس لاش رکي. اُن جي چوڌاري بيٺل هئا. هنن ٻنهي اڳواڻن ۾ عجيب هڪجهڙائي اِها آهي. ته، هي ٻئي ڄڻا آمريڪا هٿان ماريا ويا ۽ ٻنهي جو قتل آڪٽوبر مهيني ۾ ٿيو. ڪرنل قذافيءَ کي 20 آڪٽوبر 2011ع تي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته چي گويرا کي 9 آڪٽوبر 1967ع تي قتل ڪيو ويو هو.
    ڪرنل قذافيءَ جي قتل جي ڪهاڻي ڪجهه هِن طرح آهي ته هن خلاف گذريل اٺن مهينن (15 فيبروري2011ع کان) شروع ٿيل اندروني احتجاج، جنهن کي هن ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ته، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ لبيا کي ”نو فلاءِ زون“ قرار ڏنو. جنهن کان پوءِ نيٽو جي هوائي فوج 19 مارچ کان ڪرنل قذافيءَ جي اهم ٺڪاڻن، هٿيارن جي ڊيپن ۽ سندس وفادار ماڻهن تي بمباري شروع ڪري ڏني. مٿان آسمان مان نيٽو فوجون بمباري ڪري ڪرنل قذافيءَ جي قوت کي ڪمزور ڪري رهيو هيون ته، هيٺان باغين جي نالي ۾ قذافيءَ جا ذاتي مخالف قبيلا ۽ انهن سان شامل ڪيل سي آءِ اي جا پگهاردار ماڻهو هٿياربند ڪاروايون ڪرڻ لڳا. اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ ڪرنل قذافيءَ جو هڪ پُٽ طرابلس ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيا گهر ڀاتي الجزائر ڏانهن هليا ويا. پٺتي ڪرنل قذافيءَ پنهنجي پٽ معتصم ۽ ساٿين سان گڏجي مخالفن سان وڙهندو رهيو.
    اِن ويڙهه دوران جيئن باغي سندس ملڪ جي اهم شهرن ۽ ملڪ جي گاديءَ واري شهر طرابلس تي قابض ٿي ويا ته هيءُ پنهنجو گاديءَ وارو شهر ڇڏي، پنهنجي اباڻي شهر سرت ڏانهن روانو ٿيو.
    آخر ۾ قذافي ۽ سندس ساٿي، سندس اباڻي شهر سرت ۾ وڃي گڏ ٿيا، جتي باغين سان هِنن جي ويڙهه ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندي رهي. جڏهن ڪِرنل قذافيءَ ۽ سندس ساٿين اِهو ڏٺو ته هو سرت ۾ ويهي وڌيڪ وقت تائين ويڙهه جاري نه رکي سگهندا ته، هنن اتان ڪنهن ٻئي پاسي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    اُن سلسلي ۾ 22 ۽ 23 آڪٽوبر جي انٽرنيشنل هيرالڊ ٽربيون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، 20 آڪٽوبر جي پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ڪرنل قذافي ۽ سندس ساٿي ڀونوڇ سمنڊ واري شهر (سرت) ۾ قائم ڪيل پنهنجون کاهيون خالي ڪري، اولهه طرف وڃڻ لڳا ۽ سندس قافلو اڃا ٽي ڪلوميٽر يا ٻه ميل مس اڳتي هليو هوندو ته، ان تي آمريڪا جي پريڊيٽر ڊرون ۽ فرانسيسي جنگي جهاز حملو ڪيو. ان حملي ۾ قذافيءَ جي قافلي جون ٻه ٻيون گاڏيون نشانون بڻيون، جنهن ڪري قافلو اڳتي وڌڻ بدران اُتي رڪجي بيهي رهيو. ان حملي ۾ ڪرنل قذافي محفوظ رهيو، پر سندس باقي قافلو ڇڙوڇڙ ٿي ويو. ان کانپوءِ ڪرنل قذافيءَ جا مخالف باغي به فوري طور تي اُن جاءِ تي پهتا، جتي انهن ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو ڀرسان پيل ڪاٺين ڏانهن لِڪڻ جي لاءِ ڀڄي رهيا هئا.“
    اخبار ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته، ” سرت ۾ باغين جي فيلڊ اڳواڻ محمد لليث جو چوڻ آهي ته، ڪرنل قذافي پنهنجي جيپ کي ڀڄائي وڃي ڊرينج جي پائيپ ۾ لِڪو، جڏهن سندس ساٿين، باغين تي فائرنگ شروع ڪري ڏني ته، ڪرنل قذافي ان پائيپ مان ٻاهر نڪتو، ان وقت هِن جي هڪ هٿ ۾ ڪلاشنڪوف، ته ٻئي هٿ ۾ پسٽل هيو. هن ٻاهر اچڻ سان ئي چيو، ڇا پيو ٿئي؟“ ”بعد ۾ هن کي زخمي ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کيس زخمي حالت ۾ پڪڙيو ويو، جنهن تي هن کين چيو ته، ”مون کي ڇڏيو.“ اِن کان پوءِ باغين کيس رائفلن جا بٽ هڻڻ ۽ سندس وارن کان ڇڪڻ شروع ڪيو. هڪ ڄڻي سندس مٿي ۾ رائفيل جو بٽ هنيو، جنهن سبب سندس سمورو مُنهن رتورت ٿي ويو.“
    ”مصراته جو 21 سالن جو قذافي مخالف ڇوڪرو، عمران شعبانم جيڪو دعويٰ ٿو ڪري ته، سڀ کان پهرين هن ۽ سندس ساٿين ڪرنل قذافيءَ کي ڳولي لڌو هو، اُهو ٻڌائي ٿو ته ڪرنل قذافيءَ کي اڳ ۾ ئي سندس مٿي ۽ ڇاتيءَ تي زخم رسيل هئا، جن مان رت وهي رهيو هو.“
    سرت مان رپورٽنگ ڪندڙ فري لانس صحافي عورت هولي پڪيٽ جو چوڻ آهي ته، ” بعد ۾ ڪرنل قذافي جي مڙهه کي هڪ ايمبولينس ۾ مصراته نيو ويو، جتي ايمبولنس جي اندر ڏهه ويڙهاڪ ويٺل هئا.“
    ڪرنل قذافيءَ جي قتل بابت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽيءَ جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن لاءِ لبيا جي نيشنل ٽرانزيشنل ڪائونسل جي سربراهن چيو آهي ته، اِهي ڪرنل قذافيءَ جي قتل جي جاچ ڪندا. ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته، قاتل مقتول جي خون جي جاچ ڪرائيندا!!
    قذافيءَ جي قتل کان پوءِ حامد ڪرزئيءَ جهڙو لبيا جو نئون وزيراعظم محمود الجليل ۽ لبيا جا ٻيا نوان حاڪم ٻهڪي رهيا هئا، پر انهن جي اندر ۾ ”مُئل قذافيءَ“ جو ويٺل خوف تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن اِنهن قذافي، سندس پٽ معتصم ۽ لبيا جي دفاع واري اڳوڻي وزير ابوبڪر يونس جي لاشن کي 25 آڪٽوبر جي صبح جو لبيا جي صحرا ۾ ڪنهن اهڙي گمنام جاءِ تي، ڳجهي طريقي سان دفن ڪري ڇڏيو، جهڙي طرح سنڌ ۾ انگريزن سورهيه بادشاهه جي لاش کي ڪنهن گمنام جاءِ تي دفن ڪيو هو.
    جڏهن اِهي ڪرنل قذافيءَ جو لاش ظاهر ڪري، ڪنهن ظاهري جاءِ تي دفن ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، ته پوءِ اهي ڪيستائين ڪرنل قذافيءَ کي ماڻهن کان لِڪائي سگهندا؟ دنيا جي ميڊيا ڀل ته اڄ لبيا ۾ ماڻهن جا جشن ڏيکاري، ڀل ته اِهي پهرين سيپٽمبر 1969ع تي لبيا ۾، ڪرنل قذافيءَ جي آندل انقلاب کي رد ڪري، 23 آڪٽوبر 2011ع کي لبيا جي آزاديءَ جو ڏينهن قرار ڏين، پر جڏهن چپ ٿي ۽ ٽڙي پکڙي ويل ماڻهو، گڏ ٿيندا، ۽ جڏهن اولهه جي ملڪن جي مڪاريءَ تان پردو کڄندو، تڏهن قذافيءَ ۽ لبيا جا ٻيا مارجي ويل ماڻهو لبيا جي صحرائي مان اُٿي پوندا.

    (ڪاوش مئگزين 30 اپريل 2011ع)
    *


    • ڪرنل قذافيءَ جا گهر ڀاتي

    لبيا جي شهيد حڪمران ڪرنل معمر قذافيءَ پنهنجي سياسي اصولن جي تصنيف ”گرين بوڪ“ ۾ لکيو آهي ته، ”هڪ مرد خاندان کان سواءِ ڪابه قيمت ۽ سماجي حيثيت نٿو رکي،“ پر هن وقت سندس پنهنجن نون (9) ٻارن تي مشتمل ڪٽنب منتشر ٿي چڪو آهي. اچو ته هيٺ سندس پنهنجن 9 ٻارن جي موجوده صورتحال جانچيون، جيڪا هن ريت آهي:

    سيف الاسلام قذافي
    هيءُ پنهنجي پيءُ جو سياسي جانشين هو، جيڪو 1972ع ۾ ڄائو هو. هن جي موجوده پوزيشن بابت 25 آڪٽوبر تي، شام جي ٽي ويءَ تان نشر ٿيل هڪ وڊيو پيغام ذريعي اِهو ميڊيا ۾ آيو ته، هِن چيو آهي ته، ”هيءُ لبيا ۾ آهي. ۽ پنهنجي والد جو پلاند ڪندو يا لبيا ۾ ئي پنهنجي جان ڏيندو،“ هيءُ پنهنجي پيءُ جو ٻيو نمبر فرزند هو ۽ جيڪو قذافيءَ جو پسنديده پُٽ ۽ سياسي جانشين هو،
    هيءُ آخر ۾ ”بني وليد“ شهر ۾ پنهنجي والد جي محلات ۾ اهو اعلان ڪندي ڏٺو ويو هو ته، هن باغين جي چيلهه ڀڃي وڌي آهي، حالانڪ باغين جي اسپيشل فورس اِن اعلان کان چند ڪلاڪ اڳ اعلان ڪيو هو ته، اِنهن کيس گرفتار ڪري ورتو آهي.“ هي تربيت ۽ تعليم جي لحاظ کان انجنيئر هو ۽ 2008ع ۾ هن کي ’لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس‘ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني هئي، بعد ۾ اُن يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر، سيف الااسلام طرفان ڏيڍ ملين پائونڊن جي چندي قبول ڪرڻ واري انڪشاف تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
    هن لبيا جي اڳوڻي قابض ملڪ اٽليءَ کان لبيا کي تلافي ڏياري ۽ لبيا جي حڪومت اندر سڌاري جي اُميد ٿي ظاهر ٿيو ۽ ملڪ جو ”لڪل وزيراعظم“ سڏيو ويندو هو، پر ڪرنل قذافيءَ خلاف لبيا ۾ شروع ٿيل مظاهرن کي ڪلچڻ لاءِ هن پاڙيسري ملڪن مان سپاهي ڀرتي ڪيا ۽ هر ممڪن طريقي سان عوامي احتجاج کي دٻائڻ جو ڪوشش ڪئي.(سيف السلام قذافي کي ڪجهه وقت پوءِ نائجيريا جي سرحد ويجهو گرفتار ڪيو ويو ۽ باغين سندس آڱريون ڪپي ڇڏيون. هو هن وقت لبيا ۾ قيد آهي.)



    محمد قذافي
    هيءُ لبيا جي سڀ کان وڏي ٽيليڪميونيڪيشن اداري جو چيف هو، هو 1970ع ۾ پيدا ٿيو ۽ لبيا ۾ شروع ٿيل ويڙهه بعد الجزائر فرار ٿي ويو ۽ اڃا اُتي ئي آهي. هيءُ ڪرنل قذافي جو سڀ کان وڏو پُٽ آهي.
    هن طرابلس مان عرب ٽي وي الجزيره کي فون ڪيو هو ته، ”باغي فوجي سندن گهر کي گهيرو ڪري ويٺا آهن،“ پر بعد ۾ قذافيءَ جي وفادار فوجين هن کي اُتان ڪڍي الجزائر ڀڄائي ڇڏيو.
    هو پاڻ سان پنهنجي ماءُ صفيه، ڀيڻ عائشه ۽ ننڍي ڀاءُ هني بال کي به الجزائر وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو،

    سعدي قذافي
    هن کي آخري دفعي الوليد شهر ۾ ڏنو ويو هو. هن جي باغي فوجي هٿان گرفتاري جا افواهه هئا، پر هن جي موجوده پوزيشن جي خبرڪانهي، سعدي پنهنجي پيءُ جي خاص حلقي جو ماڻهو هو. افواهن مطابق هن جي گرفتاري سندس ڀاءُ سيف سان گڏ ٿي هئي، پر اها به پڪي خبر ڪانهي. سعدي فوٽبال جو شوقين هو. هو لبيا جي اسپيشل فورس جو ڪمانڊر به هو ۽ هڪ وڏو بزنس مين به هو.
    هن ڪيترين آمريڪي فلمن ۾ به پيسو سيڙايو هو. هو اٽلي ۾ فٽبال ميچون به کيڏندو هو. شاهد چون ٿا ته، هن بن غازي شهر ۾ بي هٿيار مظاهرين مٿان پنهنجن سپاهين کان فائرنگ ڪرائي هئي. وڪي ليڪس مطابق”هو مغرور، عياش ۽ ويڙهاڪ طبيعت وارو هو ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڪيترا دفعا اُتي جي پوليس سان به وڙهي پيو هو.“ هو نشي واريون شيون ۽ شراب واپرائڻ، پارٽيون ڏيڻ ۽ پنهنجي پيءُ جي هدايتن جي خلاف ٻاهرين ملڪ ۾ وڃي عيش ڪرڻ لاءِ بدنام هو.
    هن جي هڪ اڳوڻي گرل فرينڊ ٻڌايو آهي ته، ”هن ڪينس جي شهر ۾ سندس سالگرهه تي 5 لک پائونڊن ۾ هڪ مشهور ڳائڻ واري گروپ کي گهرايو هو ۽ هيءُ هڪ ارب پائونڊن جي اسپورٽس ڪار هلائيندو هو.“ سندس اِن گرل فرينڊ وڌيڪ ٻڌايو ته، ” هو پنهنجي پسند جي هر شيءَ هر قيمت تي وٺي وٺندو هو ۽ ان جي ادائيگي هميشه ٻيا ماڻهو ڪندا هئا.“

    هني بال قذافي
    هيءُ 15 آگسٽ تي لبيا مان الجزائر پهتو هو. هن کي شپنگ يعني جهاز رانيءَ جو شوق هو. هو ڀڄڻ کان اڳ طرابلس جي دفاع ۾ پنهنجي ڀاءُ سعدي قذافيءَ سان گڏ هو، هني بال به عياشين ۽ فضول خرچين لاءِ مشهور هو. هو يورپ ۾ پوليس وارن سان وڙهندو رهندو هو ۽ اتي جي عدالتن جا مٿس ڏنڊ پوندا رهيا هئا.

    معتصم قذافي
    هيءُ لبيا جي فوج جو سيڪيورٽي چيف هو ۽ 1977ع ۾ ڄائو هو. هيءُ آخر تائين پنهنجي پيءُ سان گڏ رهيو ۽ باغين کيس 20 آڪٽوبر تي زنده پڪڙي شوٽ ڪري ڇڏيو.
    هيءُ حڪمرانيءَ لاءِ پنهنجي ڀاءُ سيف الا اسلام جو رقيب هو. بريگا شهر وٽ ٿيل لڙائي ۾ هن باغي فوج خلاف لبيا جي سرڪاري فوج جي قيادت ڪئي هئي.

    سيف العرب قذافي
    هن جو جنم 1982ع ۾ ٿيو. هيءُ 30 اپريل تي پنهنجي گهر تي نيٽو جي هوائي جهازن جي بمباريءَ ۾ مارجي ويو هو.
    اِن گهر تي ٿيل بمباريءَ وقت قذافي پاڻ به گهر ۾ موجود هو، پر هو بچي ويو. هو ميونخ جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهيو هو،

    عائشه قذافي
    هيءَ 1976ع ۾ ڄائي. هيءَ شاهه خرچ، حسين ۽ فيشن جي شوقين آهي. هيءَ پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي ۽ صدام حسين جي دفاع جي ٽيم ۾ به شامل هئي. بعد ۾ هيءَ صدر بش کي پادر اڇلائي هڻندڙ عراقي صحافي منتظر الزيدي جي به وڪيل بڻي هئي. هيءَ لبيا اندر هڪ وڏو خيراتي ادارو به هلائيندي هئي. عائشه لبيا جي فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل به هئي. الجزائر فرار ٿيڻ بعد اُتي هن کي هڪ ڌيءَ به ڄائي هئي.

    خميس قذافي
    هيءُ 1983ع ۾ ڄائو، هن بابت اطلاع آهن ته، هيءَ باغي فوجين هٿان مارجي چڪو آهي. هيءَ لبيا جي سڀ کان سخت فوجي يونٽ، جنهن کي ”خميس برگيڊ“ چيو ويندو هو. ان جو ڪمانڊر هو. باغين سندس لاش هٿ اچي وڃڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي.

    حنا قذافي
    هيءَ 1988ع ۾ قذافي جي محل تي اُن وقت جي آمريڪي صدر ريگن جي ڪرايل بمباريءَ ۾، چيو ويو هو ته، مارجي ويئي هئي، پر حقيقت ۾ هيءَ ان حملي ۾ زخمي ٿي هئي ۽ برطانوي ڊاڪٽرن جي علاج بعد ٺيڪ ٿي ويئي هئي. هن وقت لبيا ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ شاپنگ لاءِ لنڊن ايندي رهندي آهي.

    (ڪاوش دنيا 30 آڪٽوبر 2011ع)
    *


    • صحرا ۾ سُتل ڪرنل قذافي

    ڪلهه ڪرنل قذافيءَ جي پهرين ورسي هئي. هن کي گذريل سال (2011ع) ۾ 20 آڪٽوبر تي سندس اباڻي شهر سرت ۾ سندس مخالفن، آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي مدد سان پڪڙي، گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو. ۽ پوءِ 25 آڪٽوبر تي سندس لاش کي ان صحرا ۾، ڪنهن گمنام جاءِ تي دفن ڪيو ويو، جنهن صحرا مان گذري لبيا جي باغي ۽ گوريلا اڳواڻ عمر مختار اٽليءَ جي ڊڪٽيٽر مسولينيءَ خلاف لبيا جي آزاديءَ لاءِ جنگ وڙهي هئي. ۽ قذافيءَ وانگر پڪڙجي، ڦاهيءَ چاڙهي ماريو ويو هو. هِنن ٻنهي جي موت ۾ فرق رڳو اِهو هو ته عمر مختار کي ڦاهي ڏني ويئي هئي. جڏهن ته ڪرنل قذافي کي گوليون هڻي ماريو ويو هو، ٻنهي جي موت پٺيان ساڳئي ئي قوت هئي. عمر مختار کي مسولينيءَ مارايو ۽ ڪرنل قذافيءَ کي آمريڪا مارايو.
    اولهائين ميڊيا اڄ به ڪرنل قذافيءَ کي ”ڊڪٽيٽر“ لکي ٿي. ۽ کيس هڪ وڏو ڏوهي ڪري پيش ڪري ٿي، پر اِها ساڳي ميڊيا اُنهن آمرن کي ڪڏهن به بُرو ناهي چوندي، جيڪي آمريڪي مفادن جا رکوالا هوندا آهن. جيئن تازو ڳجهي طريقي سان ايٿوپيا جو مري ويل آمر ميلس زيناوي آهي، جنهن 21 سالن تائين ايٿوپيا تي راڄ ڪيو، پر آمريڪا سندس خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي، اُلٽو سندس ڀرپور مدد ڪندي رهي. پري ڇو وڃجي؟پاڪستان جو ئي مثال وٺو. هتي صدر ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کي يارهن يارهن سال بربريت جي بيشمار ڪارواين باوجود، ڇو اسان تي مسلط ڪري رکيو هو؟ ان ڪري جو اهي آمر آمريڪا جي مفادن جا هتي چوڪيدار هئا. پر ڪرنل قذافيءَ جو معاملو ان کان ابتڙ هو، باوجود اِن جي ته ڪرنل قذافيءَ آخر ۾ ڪو کاٻي ڌر جي سوچ جو نه رهيو هو. ۽ هِن جي اندران 1960ع، 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن واري آمريڪا دشمني به گهڻي ڀاڱي نڪري چڪي هئي، پر آمريڪا هن کي پنهنجو دشمن سمجهڻ ختم نه ڪيو هو، تڏهن ئي ته گڏيل قومن کي وچ تي آڻي، اُن کان ڪرنل قذافيءَ خلاف قرارداد پاس ڪرائي، اُن تي نيٽو پاران حملا ڪرائي(جيڪي 19 مارچ 2011ع کان شروع ٿيا هئا) پورن ستن مهينن ۾ کيس مارائي، سندس لاش گم ڪري ڇڏيو.
    ڪرنل قذافيءَ خلاف فوجي ڪاروائي جو مقصد اهو ئي ٿي ٻڌايو ويو ته، ”هيءَ ڊڪٽيٽر آهي ۽ 42 سالن کان ملڪ تي راڄ ڪري رهيو آهي. ۽ سندس ملڪ ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.“
    جي ائين هو به سهي، تڏهن به آمريڪا يا اقوام متحده ڪير ٿيندا آهن، ٻين قومن جي تقديرن جا پنهنجي پسند وارا فيصلا ڪرڻ وارا؟
    ٺيڪ آهي. ڪرنل قذافي ته ماريو ويو. پر هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ لبيا جي شهر بن غازيءَ ۾ آمريڪي سفارتڪار سميت چار آمريڪي مارجي چڪا آهن.۽ هاڻي خود گذريل هفتي هڪ آمريڪي عملدار پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته، لبيا ۾ القاعده جي سرگرمين ۽ موجودگيءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اِن جي معنيٰ اِها ٿي ته لبيا ۾ ڪرنل قذافيءَ کي ماري، سندس حڪومت ختم ڪري، انتهاپسند ڌرين لاءِ ئي رستو صاف ڪيو ويو.
    هينئر ڪرنل قذافيءَ جي قتل کي پورو هڪ سال ٿي چڪو آهي، پر لبيا ۾ مستحڪم حڪومت قائم ناهي ٿي سگهي. اُتي چونڊون به ٿي چڪيون آهن. ڪرنل قذافيءَ سان گڏ سندس پٽ معتصم کي به پڪڙي ماريو ويو هيو، ان کان اڳ سندس هڪ ٻيو پٽ سيف العرب 30 اپريل تي نيٽو جهازن جي حملي ۾ مارجي ويو هيو، سندس هڪ پٽ سيف الاسلام قيد ۾ آهي، جنهن تي ’انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ‘ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، سندس گهر واري صفيه، ڌيءُ عائشه ۽ هڪ پُٽ هني بال جلاوطن آهن، سندس ٻين پُٽن، محمد قذافي، سعدي قذافي، خميس ۽ ڌيءُ حنا قذافيءَ جي ڪا خبر ناهي ته، اِهي ڪٿي آهن، پر پوءِ به لبيا ۾ استحڪام ناهي.
    اِن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي رَڳو ڪرنل قذافيءَ کان پلاند وٺڻو هيو، رڳو ان کي مارڻو هو، باقي انهن جو لبيا جي عوام سان ائين ڪا همدردي ڪا نه هئي، جيئن انهن کي دنيا جي ٻين مظلوم ۽ محڪوم ملڪن جي ماڻهن سان ڪا همدردي ناهي هوندي.
    سو، ڪرنل قذافي، جيڪو هڪ دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، جمال ناصر، شاهه فيصل، حافط الاسد، ياسر عرفات ۽ انور سادات جو ساٿي هو. اڄ اُهو لبيا جي صحرا جي ڪنهن گمنام ڪُنڊ ۾ واريءَ هيٺ آرامي آهي، پر هِن جي اِها ننڊ نيٺ ته ختم ٿيندي ۽ لبياجي عوام وري پنهنجين صفن مان ڪنهن هڪ اهڙي اڳواڻ کي جنم ڏيندو، جيڪو تيل جي ذخيرن سان مالا مال پنهنجي ملڪ کي پرڏيهي پرماريت مان ڪڍي، ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندو. ]انور[

    (ڪاوش دنيا 21 آڪٽوبر 2012ع)
    *


    • قذافيءَ جو موت آفريقا جو تمام وڏو نقصان هو

    (گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ رابرٽ موگابي جو خطاب)

    ] سيپٽمبر 2012ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ رڳو هڪ ئي آواز گونجيو ۽ اُهو هو زمبابوي جي 88 سالن جي عمر جي صدر رابرٽ موگابي جو، جيڪو1980ع ۾ برطانيه کان زمبابوي جي آزاديءَ جي وقت کان وٺي، زمبابوي جو سربراهه رهندو پيو اچي. هِن پنهنجي تقرير ۾ آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي ڪردار تي سخت تنقيد ڪندي، ڪرنل قذافيءَ جي قتل تي کلي ڳالهايو. هيءُ ڪنهن ملڪ جو شايد پهريون اڳواڻ آهي، جنهن ڪرنل قذافيءَ جي قتل کي هن بين الاقوامي فورم تي ننديو، اسان سندس اِن خطاب مان چونڊ ٽڪرا هتي پيش ڪريون ٿا.[

    ”آمريڪا2003ع ۾ وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جو بهانو بڻائي، عراق جو تيل چُوسڻ لاءِ، اُن تي حملو ڪيو هيو......گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڻ کي پنهنجي ”بيعزتي“ ڪرائڻ لاءِ گذريل سال لبيا ۾ نيٽو کي آپريشن وسيلي سويلين جي تحفظ لاءِ تمام ضروري اُپاءِ، (all necessary measures) وٺڻ لاءِ اختيار ڏنا. تمام ضروري اُپائن، جو مقصد ڊپلوميٽڪ ڪوڊ ۾ فوجي مداخلت کي چيو ويندو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي قدم سان آخرڪار قذافيءَ جي حڪومت ختم ڪئي ويئي، جنهن جو نتيجو باغين هٿان ڪرنل قذافيءَ جي قتل جي صورت ۾ نِڪتو.“
    ]جنرل ڪائونسل ۾ رابرٽ موگابي جي خطاب کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ آمريڪي صدر براڪ اوباما تقرير ڪئي هئي، جنهن ۾ هِن لبيا جي شهر بن غازيءَ ۾ 11 سيپٽمبر تي مارجي ويل پنهنجي سفارتڪارڪِرس اسٽيونس ۽ ٽن ٻين آمريڪين جي قتل کي ننديو هو، رابرٽ موگابي اِن حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته [”اسان سڀني کي اِن (قتل) تي افسوس آهي. ۽ اسان سڀئي اِن ڳالهه تي متفق آهيون ته، اِهو هڪ دکدائڪ موت هو، جنهن جي اسان مذمت ٿا ڪريون، اسان جهڙي جذبي سان آمريڪا سان گڏجي اِن دکدائڪ موت جي مذمت ڪريون ٿا، ته ڇا آمريڪا به اسان سان گڏجي لبيا جي رياست جي سربراهه ڪرنل قذافيءَ جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندو؟ اِهو (قذافيءَ جو موت) هڪ نقصان هيو. اِهو تمام وڏو نقصان هو. اِهو آفريقا جو نقصان هو، اهو آفريقا جو ٽريجڪ نقصان هو.“
    ”اولهه جي 18 ملڪن تي ٻڌل نيٽو جو مشن، لبيا جي شهرين جو تحفظ ڪرڻ هو، پر اِهو مشن قذافي ۽ سندس خاندان کي مارڻ ۾ تبديل ٿي ويو، اِهو انهن کي ڳولي بي رحميءَ سان مارڻ ۾ تبديل ٿي ويو. اسان ڏٺو (گڏيل قومن جي چارٽر جو) باب ستون انهن جي خاندان کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي بي ايمانيءَ سان هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو.“
    ]گڏيل قومن جي چارٽر جو باب ستون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي سفارتي ۽ اقتصادي پابنديون لڳائڻ کان وٺي فوجي مداخلت ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻ جا اختيار ڏئي ٿو.[
    ”وڏي بي رحميءَ سان (لبيا تي) بم ڪيرايا ويا، جن ۾ ڪيترائي شهري پڻ مارجي ويا. ڇا اِهو اُهو تحفظ هيو، جنهن جو اختيار اِنهن کي چارٽر جي ستين باب تحت مليو هو؟ تنهن ڪري قذافيءَ جي موت کي به لازمي طور تي اُن دکدائڪ انداز ۾ ڏسڻ گهرجي، جهڙي طرح ڪرس اسٽيون (آمريڪي سفارتڪار، جيڪو بن غازيءَ ۾ ماريو ويو) جي موت کي ڏٺو ٿو وڃي. اسين اِنهن ٻنهي جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا.“

    (ڪاوش دنيا-21 آڪٽوبر 2012ع)
    *


    • لبيا جي ’آزادي‘ ۽ انسان جي سامراجي شڪل! : شفقت قادري

    مان پاڻ کي هتي دوستن ۾ موجود محسوس ڪري رهيو آهيا. توهان جيڪو اسان لاءِ ڪيو، مان تنهن کان چڱي ريت واقف آهيان. توهان جي مدد کانسواءِ اسان جو انقلاب ممڪن ئي نه ٿي سگهي ها.‘
    (فاڪلاو هافيل چيڪو سلوواڪيا جو پهريون بورا جوا صدر.)

    ڪهڙو انقلاب؟ فاڪلاو هافيل جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو هو، اولهه جي جن سامراجي حڪمرانن کي جنهن انقلاب جي خبر ٻڌائي رهيو هو، سو انقلاب نه پر رد- انقلاب هو. چيڪو سلواڪيا مان سوشلزم جو خاتمو ڪري، سرمائيداريءَ جي نفاذ کي سموري سرمائيدار دنيا ’انقلاب‘ جو نالو ڏنو هو ۽ ڏسو ته اُن عوام مخالف انقلاب جو اڳواڻ ڪهڙي ريت پنهنجن آقائن جي خدمتن جو اعتراف ڪري رهيو آهي. چيڪوسلواڪيا جي ڳالهه ته ڪجهه پراڻي (1989ع) آهي ۽ ماڻهن جي ذهنن تان شايد ميسارجي به چڪي هجي. ماڻهو شايد اهو به وساري چڪا هجن ته ڪهڙيءَ ريت يوگوسلاويه جي اڳوڻي صدر ’سلوبوڊان ملاسووچ‘ کي عالمي ڏوهاري قرار ڏئي ختم ڪيو ويو، جنهن جو حقيقي ڏوهه صرف ۽ صرف ايترو هو، جو هن پنهنجي ملڪ کي سامراجي يلغار کان بچائڻ ٿي گهريو. ماڻهن کان شايد صدام به وسري ويو هجي (جيڪو دراصل انهن سامراجين جو ئي پاليل هو، پر جڏهن هو انهن جي پڪڙ مان نڪري ويو ته پوءِ کيس رستي تان هٽائڻ لازمي ٿي پيو). صدام ڏوهاري هو، قاتل هو، پر ڇا صدام عراق ۾ ايترا ماڻهو ماريا، جيترا عراق کي آزاد ڪرائيندڙ سامراجي فوج ماريا آهن؟دنيا ۾ مظلومن جا ٻه قسم آهن هڪڙا ’قدر-لائق‘ مظلوم ۽ ٻيا جيڪا قدر جي لائق نه آهن. قدر لائق مظلوم اُهي آهن جيڪي سامراج مخالف حڪمرانن هٿان ’ظلم‘ جو شڪار ٿين ٿا، اهڙن مظلومن جو باقاعده حساب ڪتاب رکيو وڃي ٿو، جهڙوڪ: ايران، عراق، شام، ڪيوبا، اُتر ڪوريا، وينزويلا، بُوليويا، وغيره جا ’مظلوم‘ .مظلومن، جو ٻيو قسم يعنيٰ اُهي مظلوم جيڪي سامراجي جنگ جو شڪار ٿين ٿا، سي قدر لائق مظلوم نه آهن، اهڙن مظلومن جو ڪو حساب ڪتاب نٿو رکيو وڃي. اهڙن مظلومن ۾ سامراجي جنگ جو شڪار ٿيندڙ 20 لک ڪوريائي، 40 لک ويٽنامي، 40 لکن کان وڌيڪ ڪانگو جا رهاڪو، فلسطيني، عراقي، افغاني، سعوديءَ جون عورتون ۽ پورهيت، بک ۽ بيماري ۽ آمريڪي معاشي نظام سبب هر ڏينهن مرندڙ 24000 ٻار وغيرهه ، هنن مظلومن جو موت دراصل دنيا کي ’آزاد‘ رکڻ جي قيمت آهي! اها قيمت ادا ڪري ئي دنيا (در اصل سامراج) پنهنجي پاڻ کي ’آزاد‘ رکي سگي ٿو.
    سو اها ڳالهه واضع ٿيڻ گهرجي ته اسان جڏهن لبيا تي ڳالهايون، لبيا جي مظلومن تي ڳالهايون ته گڏوگڏ اها ڳالهه به واضع ڪري ڇڏيون ته اسان ڪهڙن مظلومن بابت ڳالهائي رهيا آهيون: قدر-لائق مظلوم يا ناقابِل قدر مظلوم. اچو ته مظلومن جي ڪهاڻيءَ کي جديد دور جي هڪ اهم موڙ کان شروع ڪريون.

    آمريڪا پنهنجو قبلو ڪيئن مٽايو:
    ويٽنامي جنگ ۾ شڪست کائيندڙ آمريڪي سامراج سموري دنيا اندر ويٽنامي جنگ خلاف هلندڙ تحريڪ جي نشاني تي هو، ويتر سارتر- برٽرينڊ رسل آمريڪن وار ڪرائيم ٽربيونل قائم ڪري آمريڪي سامراج کي وائکو ڪري ڇڏيو. ان ٽربيونل واضع ڪيو ته آمريڪي سامراج جنگي ۽ انساني حقن جو ڏوهاري آهي. سارتر احتجاج طور آمريڪا وڃڻ کان ئي انڪار ڪيو. سمورا انسان دوست ماڻهو ان دور جي ٻن سڀ کان وڏن فيلسوفن(سارتر۽ رسل) جي راءِ سان متفق هئا ته آمريڪا ڏوهاري نمبر ون آهي. آمريڪي شاگردن فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ويٽنام جنگ مخالف تحريڪ جيتري وڏي ڪا جنگ مخالف تحريڪ شايد ئي ڪا ٻي هجي! اُن جنگ آمريڪي سامراج جي جمهوريت، انساني آزادي وغيرهه جهڙا پوش پٽي ڇڏيا هئا. آمريڪا لاءِ هاڻ ٻه رستا هئا: يا ته جنگ کان ئي ٽري پاسو ڪري، يا انهن ئي انساني حقن جي سلامتيءَ جو نعرو هڻي جنگ ڪري جن حقن جي لتاڙ جو ڏوهاري آمريڪا کي قرار ڏنو ٿي ويو. اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت نه آهي ته آمريڪي سامراج ڪهڙو دڳ ورتو. جنگ سامراج جو جيئدان آهي. 1945ع ۾ ٻين مهاڀاري لڙائيءَ جي انجام کانپوءِ آمريڪا سڌي ۽ اڻسڌيءَ ريت لڳ ڀڳ 50 ملڪن اندر جنگ ڪئي آهي. ۽ 30 آزادي پسند ۽ انقلابي تحريڪن کي ڪچليو آهي. اُهي سڀ سامراجي وارداتون دنيا جي ’آزادي برقرار رکڻ‘ (مطلب تي دنيا کي ڪميونزم کان بچائڻ) لاءِ ادا ڪيل قيمت طور ٿوري گهڻي ’لبرل ڪِرِ ڪِرِ‘ عيوض قبوليون وينديون هيون. پر ويٽنامي جنگ مخالف تحريڪ اهڙي هلت تي ’فل اسٽاپ‘ لڳائي ڇڏيو. هاڻ جنگ صرف جنگ نه رهي، پر اخلاقي ذميواري ٿي پئي! هاڻي جي آمريڪي حڪمران طبقو جنگ ڪندو ته به صرف ۽ صرف دنيا جي ’مظلومن‘ کي ’ظالمن‘ کان بچائڻ جي اهم اخلاقي ذميواري نباهڻ لاءِ ئي ڪندو. ڀلا ڪير ڪنهن کي اخلاقي ذميواري نباهڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ هاڻي سامراجي جنگ سامراجي مفادن خاطر نه پر ‘انسانيت‘ جي خاطر لڳي ٿي! جي سامراج ٻچاپڙو نه هجي ها ته سڌو سنئون چئي ڏي ها ته مونکي اوهان جو مال ٿو گهرجي. ڏيو ٿا يا جنگ ڪريان! بلڪل ائين جيئن اڳوڻا بيٺڪي سامراج چوندا هئا، پر موجوده سامراج ٻچاپڙو آهي. جمهوريت جي ڦهلاءَ لاءِ جنگ ڪجي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ جيترو عوام موت جو کاڄ ٿئي ٿو، اوترو ته ’ظالم‘ حڪمرانن جي راڄ دوران به نه ٿو ٿئي. پوءِ دنيا ان تي سوال ڇو نه ٿي اُٿاري؟ جيئن چيو ويندو آهي ته سرمائيداريءَ ۾ ڪا به شئي مفت ۾ ناهي ملندي، پوءِ اها جمهوريت يا آزادي ئي ڇو نه هجي؟ هر شئي جي ڪا نه ڪا قيمت هوندي آهي. ۽ جمهوريت، آزاديءَ جي قيمت آهي، سامراجي يلغار، لکين ماڻهن جو قتلام، نيو لبرل سرمائيدار معاشي پاليسيون، بک، بدحالي، سماجي تباهي، ان قيمت جي عيوض ’آزاد ڪيل‘ ماڻهن کي هڪ ڪاغذ ملندو آهي، جيڪو هو هر چوٿين پنجين سال استعمال ڪندا آهن: سياسي اصطلاح ۾ ان ڪاغذ کي ”ووٽ“ چئجي ٿو. هاڻي عراق جا ماڻهو اهو ڪاغذ استعمال ڪري رهيا آهن. تازو لبيا جا ماڻهو به اهو ڪاغذ استعمال ڪرڻ جا اهل ٿيا آهن.
    سرمائيدار طبقو پنهنجي مخصوص گروهي مفادن کي عمومي سماجي مفاد ڪري پيش ڪندو آهي. سرمائيدار طبقي جي اهڙي پيشڪاري صرف ۽ صرف تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي جڏهن سرمائيدار طبقو حاڪم طبقو هجي. سماج جي ٻين هڙني طبقن جا مفاد گروهي مفاد ڪري پيش ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته سرمائيدارن جا گروهي مفاد ڪُل سماجي مفاد ڪري ليکبا آهن. اهو سرمائيدار طبقي جي مفاد ۾ آهي. ته هر اليڪشن ۾ مهانڊا ته مٽبا رهن، پر بنيادي استحصالي، معاشي، سماجي ڍانچو نه مٽجي. مهانڊن جي اهڙي پرامن مٽ سٽ کي بورجوا جمهوريت چئجي ٿو. اولهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهڙو ئي نظام لاڳو آهي. انهن سماجن ۾ جمهوريت ادارتي آهي. ٻين لفظن ۾ ته انهن سماجن ۾ جمهوريت صرف ۽ صرف مهانڊو مٽائڻ تائين محدود ٿي چڪي آهي. سو جڏهن آمريڪي سامراج ۽ ان جا طفيلي اڳوڻا يورپي سامراج عراق، لبيا يا ٻين ملڪن اندر جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن ته اها جمهوريت صرف مُهانڊن جي تبديلي ڪري ليکڻ گهرجي. سامراج جي مدد سان آزاد ڪيل اهڙن سماجن جي بنيادي معاشي ڍانچي تي سامراج جو ئي قبضو رهندو آهي. ٽين دنيا، خاص ڪري لاطيني آمريڪا جمهوريت جي هڪ نئين شڪل ’عوامي جمهوريت‘ کي جنمي رهي آهي جنهن جو بنيادي ڪم ئي معاشي ۽ سماجي پاليسين تي عوامي ڪنٽرول قائم ڪرڻ آهي. جمهوريت جي اهڙي شڪل سامراجي مفادن سان سڌو سنئون ٽڪراءِ ۾ آهي، اُن کي آمريڪي سامراج لاءِ وينزويلا، ايل سلواڊور، بوليويا، جهڙا ملڪ قابل قبول نه آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو کي هڪ اهم ڳالهه چئي هئي ته ”غلطيون هر ماڻهوءَ ۾ هونديون آهن، مون به غلطيون ڪيون آهن، پر ياد رک ته هي فوجي مون کي منهنجين غلطين جي ڪري نه پر منهنجي چڱائين جي ڪري ڦاهيءَ تي لٽڪائي رهيا آهن!“ اهو اهم سبق آهي جيڪو هر ان حڪمران کي سکڻو پوندو آهي، جيڪو اڌ انقلاب برپا ڪري ٿو ۽ غلطين سان گڏ پنهنجيون چڱايون به برقرار رکي ٿو. جي هو مڪمل برو ٿي وڃي. پنهنجي آندل اڌ انقلاب تان ئي هٿ کڻي وڃي ته سندس حياتي توڙي اقتدار بچي ويندا.
    لبيا جي ڪرنل قذافيءَ جڏهن سعودي حڪمرانن ۽ انگريز سامراج جي ڳيجهو ’وهابي بادشاهت‘ جو تڏو ويڙهي، لبيا جا دروازا سامراج ۽ رجعت پسندعرب مذهبي بادشاهتن لاءِ بند ڪيا، تڏهن کان ئي هو انهن قوتن جي نشاني تي هو. عرب دنيا ۾ هڪڙا ليڊر ته جمال ناصر، حافظ الاسد، قذافي ۽ ياسر عرفات جهڙا هئا، ته ٻيا سعودي.خليجي رياستن تي حاوي رجعت پسند بادشاهه ۽ امير. عرب دنيا جي ڏينهن رات جي مالڪي ڪنهن وٽ هوندي، سامراج مخالف ’آمرن‘ جهڙوڪ: جمال ناصر، حافظ لاسد، قذافي ۽ عرفات جهڙن ‘ٽرڙن دهشتگردن‘ وٽ يا قابل اعتماد بادشاهن وٽ؟ اهو بنيادي سوال آهي جيڪو سامراجي پاليسيءَ جو محور رهيو آهي. رجعت پرست عرب بادشاهن کي سامراجي ڦرلٽ جو گهڻو خوف آهي يا عرب ترقي پسند، سامراج مخالف جمهوري، قومي تحريڪن جو؟ عرب بادشاهه صدر بش کان خوف کائيندا آهن يا ياسر عرفات جهڙي اڳواڻ کان. مارڪسي سائنس موجب سماج جا بنيادي تضاد ئي اهم هوندا آهن. ۽ بنيادي تضادن جي ڪري ئي ٻاهريان تضاد عمل پذير ٿي سگهندا آهن. ٻه قطبي دنيا (سامراج جو بلاڪ ۽ اڳوڻو سماجوادي بلاڪ) جيستائين موجود هو ته عرب دنيا اندر به اها ورڇ واضع هئي. سامراج مخالف عرب قومي تحريڪون ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ترقي پسند سماجوادي بلاڪ سان سلهاڙيل رهيون آهن(مثال طور اُتر ڪوريا طرفان فلسطيني ويڙهاڪن جي تربيت ڪرڻ) قذافي به ان دور جي پيداوار آهي، جنهن دور جمال ناصر ۽ ياسر عرفات کي پيدا ڪيو هو. سندس لبيا (جنهن کي هاڻي نيٽو، افغانستان مان موٽندڙ جهادين ۽ القاعده گڏجي آزاد معنيٰ ختم ڪيو آهي) سا به ان دور جي پيدا ڪيل رياست هئي. قذافيءَ تي سڀ کان وڏو الزام آمريت ۽ دهشتگرديءَ جي امداد جو هو (ساڳيو الزام جمال ناصر ۽ ياسر عرفات تي به هو). پر آمريت ڇا آهي؟ قذافيءَ جي آمريت شخصي هئي يا ادارتي؟ اولهه يورپي ۽ آمريڪي جمهوريتون ادارتي جمهوريتون آهن. پر ڇا اُتي آمريت آهي؟ آمريت مان مراد آباديءَ جي اڪثريت تي اقليت جي حڪمراني، اهڙي طرز جي حڪمراني، جنهن ۾ آباديءَ جي مرضي يا راضپو شامل نه هجي. ڪيئن طئي ٿيندو ته قذافيءَ جي حڪمراني آمريتي هئي ۽ آباديءَ جي اڪثريت هن سان گڏ نه هئي؟ سامراجي ميڊيا، سي.اين.اين، بي.بي.سي الجزيره، ثابت ڪندا يا لبيا جي سماجي اوسر ۽ ماڻهن کي ملندڙ مراعتون؟
    جڏهن قذافي لبيا جي رجعت پسند بادشاهه شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪيو (ياد رکو ته لبيا جي باغين وارو جهنڊو اهو ساڳيو بادشاهه ادريس وارو آهي) تڏهن لبيا انگريز سامراج جي هڪ چونڪي هو ۽ سندس تيل تي سامراجي ڪمپنين جو قبضو هو ۽ لبيا آفريقا جي غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو هو. اڄ جڏهن نيٽو ۽ جهادين گڏجي لبيا کي ’آمر قذافيءَ‘ کان آزاد ڪرايو آهي ته لبيا آفريقا جو امير ترين ملڪ آهي. لبيا جي شهرين جو معيار زندگي سموري آفريقا ۾ سڀ کان مٿي آهي، سائوٿ آفريقا کان به مٿي، نيلسن منڊيلا هڪ ڀيري قذافيءَ تي لڳندڙ آمريت جي الزامن بابت ورندي ڏيندي چيو ته ”قذافيءَ سان تعلق ٽوڙڻ لاءِ اهي اسان تي زور ڀري رهيا آهن، جن اڄ تائين آفريقا اندر آمرن کي تاتيو آهي.“ قذافيءَ جي ‘آمريت‘ ۾ ماڻهن کي هي سهولتون ميسر هيون:
    مفت تعليم، مفت صحت، مفت بجلي، زرعي زمين ۽ ٻج مفت، نئين شادي شده جوڙي لاءِ زندگي شروع ڪرڻ واسطي 50 هزار ڊالر (لڳ ڀڳ45 لک پاڪستاني رپيا)، ساڍا ڇهه پاڪستاني رپيا ليٽر پيٽرول، ڪار جي خريداريءَ تي اڌ قيمت سرڪار ڏيندي. 89 سيڪڙو تعليم، عمومي حياتيءَ سراسري 75 سال، في ماڻهو آمدني 12،320 آمريڪي ڊالر (مطلب 91 هزار پاڪستاني روپيا في مهينو)،97 سيڪڙو آباديءَ کي پاڻي، نيڪاسي ۽ ٻين شهري سهولتن جي فراهمي، بينڪ کان قرض کڻڻ تي ڪو به وياج نه، ملڪ تي ڪو به پرڏيهي قرض نه (قذافي دور جو لبيا آفريقا جو اڪيلو ملڪ هو جنهن تي ڪو به پرڏيهي قرض نه هو. موجوده ڀاڙيتو حڪومت پنهنجي جدوجهد جي شروعات ئي عالمي سامراج کان ڏيڍ ارب ڊالر جي قرض کان ڪئي آهي) . جڏهن سائوٿ آفريڪا جي في ماڻهو آمدني 6 هزار ڊالر (لبيا جي اڌ جيتري) ۽ سراسري عمر صرف 52 سال آهي. (هي انگ اکر ورلڊ بئنڪ جا آهن). برازيل جي هڪ صحافيءَ ’جيارجيز بوردڪان‘ جنهن جو تعلق برازيل جي سڀ کان وڏي ميڊيائي اداري سان آهي، تنهن لبيا بابت هڪ رپورٽ تيار ڪئي، پر اُن رپورٽ کي ڪڏهن به ’آن ايئر‘ نه ڪيو ويو. بوردڪان قلم وسيلي لبيا بابت پنهنجا تجزيا ونڊيندو رهيو آهي. بوردڪان جو چوڻ آهي ته لبيا ۾ ڪو به گهر يا دڪان ڪرائي تي ڏيڻ غير قانوني هو. مطلب تي جي اوهان وٽ هڪ کان مٿي گهر يا دڪان آهن ته اهو گهر يا دڪان ڪرائي تي ڏيڻ غير قانوني هو. مطلب تي جي اوهان وٽ هڪ کان مٿي گهر يا دڪان آهن ته اهو گهر يا دڪان سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي انهن ماڻهن کي ڏيندي جن وٽ گهر يا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ دڪان نه آهن(هَل! ايترو ظلم ويچارن مالدارن سان!). بوردڪان لکي ٿو ته جيڪي لبيائي ڪم نه ڪندا هئا، يا بيروزگار هئا تن کي 7000 آمريڪي ڊالرن جيترو ماهوار الائونس ملندو هو. سڀ کان وڌيڪ مزي جي ڳالهه اها آهي ته لبيا ۾ شين جون الڳ الڳ قيمتون نه هيون. هر شئي جي هڪڙي قيمت هئي: 3 آمريڪي ڊالر جي برابر! ڪو 50 ڪلو چانور وٺي يا کاڄرو تيل يا ڪا ٻي شئي، قيمت اها ئي ساڳئي هئي، ان جي ابتڙ اهي سامان جن جو واسطو عوام جي ڀلائيءَ سان نه هو (جهڙوڪ ٽاءِ، سموڪنگ پائيپ وغيره) انهن تي تمام ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيل هئا.(50 ڪلو چانور 3 ڊالر ته ٽاءِ 200 ڊالر! واقعي نفيس ۽ نازڪ مالدارن سان ظلم هو.) اهڙي ’آمريت‘ ته هر ڪو چاهيندو! خود آمريڪا جو عوام جيڪو آمريتي معاشي پاليسين جو شڪار آهي، سو به قذافيءَ جهڙي آمريت چاهيندو!
    1994ع ۾ جڏهن آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، نيلسن منڊيلا کي قذافيءَ سان دوستي ختم ڪرڻ جو چيو ته موٽ ۾ نيلسن منڊيلا بل ڪلنٽن کي هي جواب ڏنو هو: ” اهي جن کي اسان جي ۽ صدر قذافيءَ جي دوستيءَ تي ڪاوڙ لڳي ٿي سي ڀلي کوهه ۾ ٽپو ڏين“ جيارجيز بوردڪان مطابق قذافيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي سامراج تي اعتماد ڪري نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻڻ هو. (اُن ڳالهه جو اعتراف سيف الاسلام قذافيءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پڻ ڪيو هو. 2003ع ۾ آمريڪي ۽ يورپي سرمائيدارن لبيا تان پابنديون هٽائڻ جي عيوض قذافيءَ کي نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻڻ جو شرط رکيو. جيڪو هن قبول ڪيو. سيف الاسلام مطابق اُتر ڪوريا ۽ ايران کين اولهه جي اصل مقصدن کان آگاهه ڪيو هو، پر هنن انهن جي آگاهيءَ تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، ڇو ته هو سرمائيدار دنيا جا لڳ ڀڳ سمورا شرط مڃي چڪا هئا ۽ کين انهن ملڪن مان ڪو خطرو محسوس نه پئي ٿيو)

    قصو هڪ اهم رپورٽ جو
    اولهه جي جنگ حامي ميڊيا، لبرل دانشورن، چوٿين انٽرنيشنل جي ٽراٽسڪائسٽن، عرب ليگ ۽ نيٽو اسان اٻوجهن کي ٻڌايو ٿي ته قذافي پنهنجي عوام مٿان ظلم جا جبل ڪيرائي ڇڏيا آهن. هزارين ماڻهن جو قتلام ڪيو اٿس، بنيادي جمهوريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي اٿائين، وغيره وغيره. انهن سڀني جي اُبتڙ گڏيل قومن جي اداري جنرل اسيمبلي جي ذيلي اداري ’هيومن رائٽس ڪائونسل‘ 4 جنوري 2011(تاريخ ياد رکجو4 جنوري 2011 مطلب لبيا مٿان نيٽو جي يلغار کان صرف هڪ مهينو اڳ!) پنهنجي هڪ ’رپورٽ آف دي ورڪنگ گروپ آن دي يونيورسل پيرياڊڪ رويو، لبين عرب جهموريا‘ جي نالي سان شايع ڪئي هئي. اها رپورٽ انتهائي دلچسپ آهي، ڇو ته ان رپورٽ جو بنياد ڪم ئي لبيا اندر انساني حقن جي جانچ پڙتال ڪرڻ هو. اها رپورٽ هنن ملڪن جي نمائندن طرفان تيار ڪئي وئي هئي: ڊينمارڪ، چين، اٽلي، هالينڊ، موريطانيا، سلوينيا، نڪاراگوا، روس، اسپين، انڊونيشيا، سويڊن، ناروي، ائڪوڊور، هنگري، سائوٿ آفريقا، مالديپ، فلپائين، چلي، سنگاپور، جرمني، آسٽريا، قزاقستان، ليٽيويا، انگولا، نائجيريا، ڪانگو، برونڊي، زيمبيا، روانڊا، برڪينا فاسو، جبوتي، ڪوت دي لاووغ، سينيگال ۽ زمبابوي. ان رپورٽ ۾ لکيل آهي: ’لبين عرب جمهوريا جو ان ڳالهه ۾ ويساهه آهي ته انساني حقن جو دفاع عوام جي عمومي ترقيءَ لاءِ لازمي آهي. 1969 جي عظيم الفتح انقلاب جي اولين ڪمن ۾ برابري ۽ مَت ڀيد جو خاتمو پڻ شامل هو ۽ 1977 ۾ عوامي راڄ لاڳو ڪيو ويو. 1988 ۾ لبين عرب جمهوريا عظيم سائو اعلان نامو پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته سڀ انسان برابر ۽ آزاد پيدا ٿيا آهن، عورتن ۽ مردن ۾ ڪو فرق نه آهي. 1991 ۾ بنيادي آزادين جي قانون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو. لبيا انساني حقن جي عالمي قانونن جي پابند رهي، جنهن ۾ عالمي انساني حقن وارن قانونن کي لبيا جي اندروني قانونن کان به وڌيڪ فوقيت حاصل رهي آهي. انساني حقن جا اهي قانون لبيا جي ڪورٽن تحت سڌو سنئون لاڳو ٿيڻ جوڳا آهن...... نمائندا اُن نتيجي ته پهتا آهن ته انساني حقن جا قانون تمام واضع ۽ سيبتي انداز ۾ لبيا جي قانوني سرشتي جو حصو آهن. عوام جي بنيادي حقن جي بچاءُ خاطر قانوني ضمانتون مليل آهن ۽ جيڪڏهن انساني حقن جي قانونن جي ڪا لتاڙ ٿئي ٿي ته ڏوهاريءَ کي قانون آڏو پيش ڪيو وڃي ٿو. عدالتون بنيادي انساني حقن جي حفاظت ڪن ٿيو. جنهن ۾ ‘آفيس آف دي پبلڪ پراسيڪيوٽر‘ انهن جي مدد ڪري ٿي. 2007 ۾ نيشنل هيومن رائٽس ڪميشن جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو بنياد پيرس پرنسيپلز آهن...... ليبن عرب جمهوريا انساني حقن جي حفاظت جي ضامن آهي جنهن ۾ نه رڳو سياسي، پر معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق پڻ اچي وڃن ٿا.‘
    ’ نه رڳو سياسي، پر معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق‘! مطلب لبيا جي ماڻهن جا ڪي به سياسي حق ڦٻايل نه آهن، نه صرف ايترو بلڪ ماڻهن کي معاشي حق (جهڙوڪ روزگار جي ضمانت، رياستي امداد) ۽ سماجي، ثقافتي حق پڻ مليل آهن! پر اسان جا لبرل دانشور، پني تي ليڪا ڪڍي تبديليءَ جا نقشا چٽيندڙ جملا باز ليکاري، ويندي انقلاب، مارڪس، لينن جا ’اصل‘ وارث ڪوٺرائيندڙ ٽراٽسڪائي اسان کي ته اهو ٻُڌائيندا رهيا ته قذافي آمر هو! يا هي ڪوڙا آهن يا هي ۽ ان جهڙيون ٻيون اڻڳِڻيون رپورٽون ڪوڙيون آهن.
    پوءِ قذافيءَ کي اُن رڪارڊ جي بدلي ۾ ڪجهه دوستيون به مليون ته ڪجهه دشمنيون به، پر قذافيءَ جا دوست آمريڪي صدر جمي ڪارٽر (جنهن ويٽنامي جنگ) کانپوءِ انساني حقن جي پروپيگينڊا کي آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنب ٺاهيو هو)، فرينچ. انگريز، عرب بادشاهتون نه پر آءِ آر اي (آئرش ريپبليڪن آرمي)، نيلسن منڊيلا جي اي اين سي، فيڊل ڪاسترو، هوگو شاويز جهڙا ناقابل اعتماد آمر ۽ دهشتگرد هئا. سامراجي ميڊيا جي پروپيگينڊا جي ڪري دنيا ۾ اهو ته مشهور ٿي ويو ته قذافي آمر آهي، پر اها ڳالهه ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻڌائي وئي آهي. ته جمهوريت جو اهڃاڻ ٿي اُڀرندڙ نيلسن منڊيلا سائوٿ آفريڪا جو صدر ٿيڻ کانپوءِ قذافيءَ کي سائوٿ آفريقا جو سڀ کان وڏو ميڊل ڏنو؟ ڪيترن ماڻهن کي پتو آهي ته قذافيءَ جي عوام دوست عملن کان متاثر ٿيندي نيلسن منڊيلا پنهنجي ڏوهٽي جو نالو قذافي رکيو؟ آفريڪا توڙي يورپ ۾ هلندڙ آزاديءَ ۽ انقلاب تحريڪن جي مالي امداد ڪندڙ قذافي ڪڏهن به اولهه جي سامراج لاءِ قابل قبول نه هو، تڏهن به نه جڏهن 1908 کانپوءِ هن اولهه؟ جي سرمايي لاءِ لبيا جا دروازا کولي ڇڏيا.

    قصو جاسوسن جو: یہ دوستی ہم نہیں توڑیں گے!
    قذافيءَ جي زندگي اولهه جي آفريقي مفادن لاءِ ڪيترو خطرناڪ هئي ان جو اندازو هن جاسوس جي اعترافن مان لڳائي سگهجي ٿو.
    برطانيه جي خفيه ايجنسي ’ايم. آءِ فائيو‘ جي ايجنٽ ڊيوڊ شيلر (هي همراهه هينئر فرانس ۾ قيدي بڻايل آهي). بي.بي.سيءِ کي ٻڌايو ته برطانيه جي ايجنسي ايم.آءِ سڪس لبيا جي انتها پسند مذهبي ٽولي کي 160000 آمريڪي ڊالر ڏنا آهن ته جيئن هو ڪرنل قذافيءَ کي قتل ڪن. اِهو واقعو 1996 جو آهي. بي.بي.سيءَ تان سندس بيان نشر ٿيڻ کانپوءِ سرڪار سندس پويان پئجي وئي ۽ هي همراهه فرانس ڀڄي ويو، پر برطانوي سرڪار جي درخواست تي فرانس جي سرڪار ڊيوڊ شيلر کي گرفتار ڪيو. دهشتگردن، مذهبي انتهاپسند، تيل ۽ برطانوي، آمريڪي سامراج جي اها ’دوستي‘ ڪا نئين نه آهي. 1953 ۾ ايران ۾ مصدق جي لبرل ۽ قومپرست حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ’مولانا حضرات‘ کي استعمال ڪيو ويو، جيڪي عوامي ميڙن ۾ ڌماڪا ڪري، اُتي ايران جي ترقي پسند ۽ سماجوادي پارٽيءَ (تودهه پارٽي) جا پمفليٽ اڇلائي ويندا هئا ته جيئن ماڻهو سمجهن ته اصل ۾ سوويت يونين ۽ ايراني ڪميونسٽ، سوشلسٽ مصدق کي هٽائڻ چاهين ٿا. افغانستان ۾ ته اها مُلان- سامراج دوستي وڌي وڻ ٿي ويئي. افغانستان ۾ آمريڪي ڊالرن تي ٿيندڙ جهاد کان ته دنيا واقف آهي، پر ڪي واقعا اهڙا به ٿيا جيڪي اڄ سوڌو عوام آڏو ڪو ورلي آيا هجن. گهڻن ماڻهن کي خبر آهي ته القاعده سان بظاهر ويڙهه ڪندڙ نيٽو 1993 ۾ ڪيئن آذربائيجان جي روس نواز صدر کي تختي تان هٽائڻ واسطي القاعده جي عرب ويڙهاڪن کي استعمال ڪيو؟ ان آپريشن جي نگراني سي آءِ اي جا ٽي گماشته رچرڊسيڪورڊ، هيري ايڊرهولٽ ۽ ايڊ ڊيئربورن ڪري رهيا هئا. آمريڪي هوائي جهازن وسيلي عرب ۽ ٻين جهادين کي افغانستان مان کڻي آذربائيجان پهچايو ويو، جتي هنن پنهنجن ’يارن‘ سان گڏجي هڪ ’آمر‘ جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ ’جمهوريت‘ آندي! جهادين ويڙهه وڙهي آذربائيجان کي ’ڪافر‘ روس جي اثر کان آجو ڪرايو، جڏهن ته آمريڪن آذربائيجان ۾ اهڙو ’جمهوري‘ صدر آندو، جنهن باڪو جي تيل جي کوهن جا منهن آمريڪي ڪمپنين لاءِ کولي ڇڏيا.اهڙي قسم جي آپريشنن ۾ آمريڪي جانين جي ضايع ٿيڻ جو ڪو خدشو نه هوندو آهي، جي ڪا ’شهادت‘ ٿيندي به آهي ته انهن جي جيڪي ٿيڻ ئي شهيد چاهيندا آهن.’بسنتي‘ ويرو جي هنج ۾ ۽ شهيد ’جئي‘ حورن جي! بوسينيا 1995-1992۽ ڪوسوو 1997-1998 ۾ پڻ اهڙو عمل دهرايو ويو.اُتي به جهادين کان مدد ورتي وئي ته جيئن ويڙهه ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿئي! متان وساريو ته انهن ملڪن اندر نيٽو فوجن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ’انساني همدردي‘ جي آڙ وٺي سامراجي يلغار ڪئي، جنهن جو اصل مقصد اڳوڻي يوگوسلاويه کي ختم ڪري اتي ننڍيون ننڍيون ڳيجهو رياستون قائم ڪرڻ هو ته جيئن تيل جي پائيپ لائين جو منصوبو مڪمل ٿي سگهي. اڳوڻو يوگوسلاويائي صدر ’سلويودان ملاسووچ‘ ان ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو اولهه جي ميڊيا کي ياد آيو ته سلوبودان ملاسووچ هڪ آمر ۽ انسانيت جو قاتل آهي. بين الااقوامي عدالت مان سندس وارنٽ ورتا ويا ۽ سموري جهان آڏو کيس جنگي ڏوهي ڪري پيش ڪيو ويو. گڏيل قومن جو ادارو بيٺو ئي ملڪن جي جاگرافيائي سرحدن جي آڌار تي آهي. ان اداري جو بنيادي اصولن منجهان هڪ اصول هي آهي ته ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن ۾ ڦيرڦار يا انهن اندر گهڙي ڪا ڪاروائي نه ڪندو. پر نوي جي ڏاڪي ۾ اهو سڀ تبديل ڪيو ويو. اڳي ’آزاد دنيا‘ کي سويت يونين ۽ ڪميونسٽن کان بچائڻون هو. جڏهن اهو بهانو نه رهيو ته پوءِ جنگ لاءِ هڪ نئون جواز پيدا ڪيو ويو. انسانيت جي بچاءُ خاطر ملڪن اندر مداخلت، انساني حق! هي ته اهو ئي نعرو آهي جيڪو ستر جي ڏهاڪي کان وٺي آمريڪي جنگي مداخلت جو بنياد رهندو پئي آيو. هاڻي اهو نعرو صرف نعرو نه پر بين الااقوامي قانون بڻجي ويو. ان ئي قانون تحت لبيا تي سامراجي چڙهائي ڪئي وئي. ميڊيا کان ويندي لبرل دانشورن، مشهور فيلسوفن ۾ مقبول ٿي ويندڙ هي نعرو ڪيترو نه وڻندڙ ۽ فرحت بخش آهي! 1999۾ فرانس جي مشهور فيلسوف برنارد هينري ليوي ’انسان دوست‘ فوجي ڪاروائيءَ کي ساراهيو هو. ساڳئي برنارد هينري ليويءَ لبيا جي شهر بن غازيءَ وڃي لبيا اندر نيٽو جي ’انسان دوست فوجي ڪاروائي‘ کي پڻ ساراهيو آهي.
    لبيا اندر سامراجي فوجي جنگ کي ڪاميابيءَ سان ’انساني همدرديءَ جو مشن‘ ڪري پيش ڪيو ويو. سامراج سان گڏوگڏ اها سامراجي ميڊيا جي ’نفسياتي ويڙهه‘ جي به فتح ڪري ليکڻ گهرجي! اها ٽين جنگ آهي جنهن جو جواز سڀ کان پهريان ميڊيا وسيلي جوڙيو ويو، ڪجهه ماڻهن جي مارجڻ کي ’انساني الميو‘ قرار ڏيندي نيٽو کي جنگ تي لاٿو ويو. پهريان يوگوسلاويه، پوءِ عراق ۽ هاڻي لبيا. ملڪن جي اندروني تضادن کي پنهنجن سامراجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ سامراجي پاليسيءَ جو پراڻو باب آهي. جن تاريخ پڙهي آهي ۽ جن کي ويسر جو مرض ناهي وڪوڙي ويو تن کي ياد هوندو ته 1954ع ۾ گوئٽي مالا جي چونڊيل عوام دوست صدر ”هاڪوبو آربينز گزمان“ جڏهن آمريڪي مفادن کي ٿڏيندي، پنهنجي ملڪ جا وسيلا پنهنجي عوام تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس هٽائڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ايلن ڊليز ’آزادي جي فوج‘ لبريشن آرمي، تيار ڪئي. هاڪوبو آربانيز چونڊيل هو، يا نه هو، ان ڳالهه جو سامراجي جنگي مفادن تي جو به اثر ناهي پوندو (ان ڳالهه ڪو اثر صرف ۽ صرف لبرل ٻچاپڙن دانشورن تي پوندو آهي، جيڪي سمورو وقت جمهوريت، جمهوريت ڪندا آهن.) آربانيز جو ڏوهه اهو هو ته هن ملڪ مان جاگيرداريءَ جو خاتمو ڪيو ۽ گوئيٽي مالا ۾ سڀ کان وڏي جاگيردار آمريڪي ڪمپنيون هيون! اهڙي آمر کي ڪيئن برداشت ڪبو؟ سو تڙ تڪڙ ۾ لبريشن آرمي به ٺهي وئي، لبريشن ريڊيو به شروع ٿي ويو. ان ڪارِخير ۾ لاطيني آمريڪا جي آمريڪا نواز اصلي آمرن وڌي چڙهي بهرو ورتو ته هاڪوبو آربانيز جي پيدا ڪيل بيماري جلد ئي سموري خطي کي وڪوڙي وڃي ها! عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ چي گويرا به ان وقت گوئيٽي مالا ۾ هو ۽ پنهنجن اکين سان اهو سامراجي تماشو ڏسي رهيو هو. ان واقعي چي گويرا کي سامراجي ’آزادي‘ جو اصل مطلب سمجهايو. ’هاڪوبو آربانيز‘ کي هٽائي ’آزادي جي ويڙهاڪن‘ کي حڪومت ڏني وئي، جن ڪيترن ئي سالن تائين گوئيٽي مالا ۾ قتلام ڪيو، قتل ٿيندڙ ۾ ترقي پسند، ڪميونسٽن کان ويندي ريڊ انڊين به هئا.اهڙي قسم جو هڪ ٻيو واقعو ڪيوبا ۾ ٿيو. ڪيوبا جي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلاب کانپوءِ آمريڪا ڀڄي ويندڙ ڀاڄوڪڙ ڪيوبن جا هٿيار، دهشتگرد جٿا تيار ڪيا ويا هئا. 1961ع ۾ کين تيار ڪري، ڪيوبا کي ’آزاد‘ ڪرائڻ لاءِ ڪيوبا جي هڪ علائقي پلايا گرون (بي آف پگس) تي لاٿو ويو. پنج آمريڪي جنگي بحري جهاز تيار بيٺا هئا ته جيئن ئي هي ’آزاديءَ جا جوڌا‘ اشارو ڪندا، تيئن ئي ڪيوبا تي حملو ڪري ڏبو. سندس سرڪار کي ڪيوبا جي قانوني سرڪار ڄاڻائي سندس مدد واسطي آمريڪي هٿيار قوتن کي لاٿو ويندو. اهو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها. جيڪڏهن سي آءِ اي پاران تاتيل انهن ’آزاديءَ جي جوڌن‘ کي وقت ملي وڃي ها. پر ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻن صرف ٽن ڏينهن اندر ئي کين مٽي چٽرائي ڇڏي ۽ آمريڪي بحري جنگي جهاز اشاري جو انتظار ئي ڪندا رهيا. ساڳئي طرح جي قذافي جون فوجون جلد ئي بن غازيءَ جي ’غازين‘ کي مات ڏئي وجهن ها ته هوند اڄ لبيا جي شڪل ٻي هجي ها! اسان ڏٺو ته هڪڙن ملڪن ۾ سامراجي مداخلت ڪامياب ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻين ۾ نه، ان جو اصل جواب ان ملڪ جي سياسي ڊانچي ۾ ڳولهڻ گهرجي.
    سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ ڪيترن ئي اڳواڻن کي ’ايمان‘ ياد آيو. ڪي توبهه طائب ٿي عالمي آقا جا مڪمل مطيع ٿي ويهي رهيا ته ڪي وري آقا ڏانهن نرم رويو اختيار ڪرڻ لڳا.(جيئن سنڌ ۾ به ٿيو، ڪن وڃي چلا ڪٽيا ته ڪن ڪامريڊ مائوزيتنگ کان بعيت واپس وٺندي جناح جي هٿ تي بعيت ڪئي.) ڪرنل قذافيءَ به سامراج ڏانهن نرم رويو رکڻ شروع ڪيو. ائين نه آهي ته هو سامراج تي يا سامراج هن تي اعتبار تي ڪيو، پر اڳوڻي لبيا ۾ پرڏيهين جي ڪم ڪار ۽ چرپر تي سخت نگراني هئي، فوجي قوت تي ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ سامراج ائين سمجهندو هو ته لبيا وٽ ايٽمي قوت آهي. معاشي پاليسين توڙي ملڪي معشيت تي رياست جو مڪمل ڪنٽرول هو. پوءِ سامراج سان ويجهڙائيءَ جي ڪري لبيا ۾ پرڏيهي ڪمپنين کي اچڻ جي ڇوٽ ڏني وئي، معاشي پاليسين تي رياست جي پڪڙ ڍري ڪئي وئي. (قذافيءَ جو پُٽ سيف الاسلام انهن سڌارن جو باني هو ۽ انهن سڌارن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ڪي ٻيا نه بلڪ اڄوڪي لبيائي حاڪمن مان ٻه اهم ڪردار ۽ نيٽو جا پگهاردارمحمود جبرائيل ۽ يوسف ساواني آهن. انهن ٻنهي همراهن جو ڪم لبيا اندر مارڪيٽ اڪانامي کي نافذ ڪرڻ هو. نئين معاشي پاليسين سماج جي ڪن حصن کي مراعتون ڏنيون ته وري ڪي حصا انهن مان متاثر به ٿيا. جن کي مراعتون مليون سي سڌارن جي سست رفتار کان چڙيل هئا ۽هڪ ڌڪ سان ئي مارڪيٽ اڪانومي جي نفاذ جي حامي هئا (جيئن روس ۾ بورس يلسن ڪيو.) پر قذافيءَ جي موجودگي معاشي سڌارن جي رفتار تي اثر انداز ٿي رهي هئي. لبيا تي نيٽو جي حملن کان ڪجهه وقت اڳ ۾ آمريڪي ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺي قذافيءَ ڄڻ انهن کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته سندن خواهشن جو پورائو ايترو تڪڙو نه ٿي سگهندو. يوسف ساواني، جيڪو نيٽو جا حملا شروع ٿيڻ کان اڳ سيف الا اسلام جي سڌارن واري اداري جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيو، تنهن ”ٽائيم ميگزين“ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ’سيف الا اسلام گهڻو ڪجهه ڪري ٿي سگهيو، لڙائي شروع ٿيڻ کان 6 ڏينهن اڳ مون کيس صلاح ڏني ته پنهنجي پاڻ کي حڪومت کان مڪمل طور ڌار ڪري بيهاري، بغاوت ڪري ۽ پرڏيهه هليو وڃي. جي هو ائين ڪري ها ته لبيا جا ماڻهو سندس ٿورائتا هجن ها ۽ شايد هو نئين لبيا ۾ اهم رتبي تي هجي ها!‘ پڙهندڙ سمجهي ويا هوندا ته انهن لفظن جو ڪهڙو مطلب آهي. جيڪي به وقت تي قذافيءَ کي ڇڏي باغين (ٻين لفظن ۾ نيٽو) سان شامل ٿين ها تن کي نئين لبيا اندر اهم رتبا ملن ها.سيف الااسلام ائين نه ڪيو. قذافي ۽ سندس پُٽ کي پتو ئي نه پيو ته سامراج کي رام ڪرڻ واسطي هنن جن قوتن تان پنهنجي پڪڙ ڍري ڪئي آهي، سي ڪيتريون نه طاقتور آهن! اڄ سيف الا اسلام جيل ۾ آهي ۽ سندس ماضي جا صلاحڪار لبيا تي حڪمراني ڪري رهيا آهن، سندس پيءُ ڪرنل قذافي اُن ملڪ (فرانس) جي جنگي جهازن جي بمباريءَ جو نشانو بڻيو، جنهن جي صدر نڪولس سرڪوزيءَ جي اليڪشن جا فنڊ هن فراهم ڪيا هئا!
    نئين لبيا اندر ’ماٺار‘ بلڪل به نه آهي. انهن قوتن جن جا رسا قذافيءَ ڍرا ڪيا، تن سندس اقتدار سميت عوام دوست لبيا جي به تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي. اڄ تريپوليءَ تي سيڪيولر نه پر القاعدا جي اڳواڻ عبدل هاڪم بحلحاج عرف عبدل حاڪم ال هسديءَ جي حڪمراني آهي. هن همراهه جو قصو به نهايت دلچسپ آهي، جي اسان هن جي ڪهاڻي سمجهي وياسين ته پوءِ اسان کي نيٽو جي ’انسان دوست فوجي مداخلت‘ جي ڪهاڻي به سمجهه ۾ اچي ويندي. همراهه اٽليءَ جي اخبار ’ايل سول‘ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ’هو لبيا مان پاڻ جلاوطن ٿيو هو.‘ جڏهن هن کان سندس پاڻ هرتي جلاوطنيءَ جو سبب پڇيو ويو ته هن وراڻيو.’ لبيا ۾ اظهار جي، سوچ جي ڪا آزادي نه هئي!‘واهه! مطلب ته اولهه جي صحافين کي اهو ئي ٻڌايو جيڪو هو پاڻ ٻڌڻ چاهين ٿا! پوءِ کانئس سوال ڪيو ويو ته هو لبيا مان جلاوطن ٿي ڪيڏانهن ويو؟ هاڻي اظهار جي، سوچ جي آزادي چاهيندو سو انهن ملڪن جو رخ ڪندو، جن ۾ اهي موجود هجن جيئن اولهه يورپ، سويڊن، ڊينمارڪ، جرمني وغيره پر ترسو! ڏسو ته اظهار جي، سوچ جي آزاديءَ جو ڪوڏيو هي جوان ڪهڙي ملڪ ڏانهن منهن ٿو ڪري، هي همراهه ٻيو ڪيڏانهن نه پر سعودي عرب ويو، جتان افغانستان پهتو! بيشڪ سعودي عرب ۽ طالبانن جو افغانستان دنيا اندر ’اظهار‘۽ ’سوچ جي آزاديءَ‘ جا مضبوط قلعا آهن!؟ هي همراهه افغانستان ۾ هڪ ٻي انسان دوست، آزادي دوست، انقلاب دوست تنظيم القاعده ۾ شامل ٿيو. افغانستان تي آمريڪي حملي کانپوءِ هي همراهه هڪ ٻئي ’عوام دوست‘ ملڪ (پاڪستان) پهتو جتان 2002 ۾ پشاور مان گرفتار ڪيو ويو. پاڪستان کيس آمريڪا جي حوالي ڪيو. آمريڪا کيس 2007 ۾ لبيا واپس موڪليو! ظاهر آهي ته هن انسان دوست، جمهوريت دوست، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ڪوڏئي کي آمريڪا لبيا اندر گُل پوکڻ لاءِ ته نه موڪليو هوندو! هن کي لبيا اندر ان ’انساني دوستي‘، ’جمهوريت‘، اظهار ۽ سوچ جي آزاديءَ لاءِ ماحول تيار ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جن جا نظارا هو سعودي عرب، افغانستان ۽ مشرف جي پاڪستان ۾ ڏسي آيو هو. هن همراهه جو چوڻ آهي ته ’اسان دهشتگرد نه آهيون، ا سان سادا مسلمان آهيون!‘ هن همراهه اڄوڪي ٽريپولي شهر جو فوجي ڪمانڊر آهي. ان ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟ نيٽو طرفان کٽيل ’آزاد‘ لبيا جي حفاظت ڪندڙ هي همراهه ڀلي ’سادو‘ مسلمان هجي، پر اسان ايترا ’سادا‘ مسلمان نه آهيون، جو هن تعلق کي نه سمجهي سگهون.

    (ٻه ماهي ”سماجواد“ جنوري
    فيبروري 2012ع ٿورن سان ورتل)


    • ڪرنل معمر قذافي : شيخ اياز

    ڪرنل معمر قذافي شهيد ڀُٽي سان قذافي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي هم خياليءَ ۽ رفاقت جي اظهار لاءِ هٿ ملائي هوا ۾ لهرايا ته سامعين جي روم روم کڙي ٿي وئي، ان کي ڪيئي سال ٿيا. آمريڪي صدر جمي ڪارٽر شهيد ڀُٽي ۽ معمر قذافيءَ کي پنهنجو انتقام لاءِ چونڊيو، ڇو ته هن جي نظر ۾، ٻئي آمريڪا جي خارجه پاليسيءَ جا مخالف هئا. شهيد ڀُٽي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ وانس جو خط آمريڪي سفارت خاني جي سامهون وڃي ڏيکاريو هو ۽ چيو هئائين ته هُن جي خلاف سازش ٿي رهي آهي. شهيد ڀُٽو ته بين الاقوامي سازشن جو شڪار ٿي ويو ۽ هُن تي جو عتاب نازل ٿيو، اُهو ساري دنيا کان ڳُجهو نه آهي. ڪرنل قذافي گردن سڌي رکي ۽ آمريڪي ڊائنوسار سان مقابلو ڪندو رهيو. 1988ع ۾ پئن آمريڪن فلائيٽ (103Pan American Flight ) تي لبيا بم اُڇلايا ۽ ان ڪاروائيءَ ۾ ملوث ٻه ماڻهو آمريڪا جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته آمريڪا لبيا تي اقتصادي پابنديون وڌيون، ان وقت کان لبيا، مهانگائي، افراطِ زر، قلت، بيچئنيءَ مان گذري رهي آهي، جيتوڻيڪ لبيا جو ليڊر معمر قذافيءَ اڃا تائين اڏول بيٺو آهي ۽ ابتر حالات کان بيپر واهه آهي.
    جديد لبيا جنهن جي آدمشماري 33,50000 کان به مٿي آهي ۽ ايراضي 679362 چورس ميل آهي، هڪ آزاد ۽ خودمختيار عرب رياست آهي، جنهن کي لبيا جي عرب جمهوريه جي سوشلسٽ ريپبلڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اُن ۾ ڪيئي ڪارخانا لڳايا ويا آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه ڏهاڪا اڳ اُن جي معشيت زرعي هئي، نَوَن ڪارخانن ۾ ٻين شين کان علاوه سيمينٽ، لوهه وغيره ڌاتن جون شيون 1970ع ۾ ٺهڻ لڳيون. اُن کان پوءِ مغربي يورپ، يوگوسلاويا ۽ جپان جي فَرمن کي ڪيئي نيوڪلئير اسٽيشنون ۽ ڀاري صنعتون قائم ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو، جن ۾ پيٽرول کي ٻارڻُ ڪري ڪم آندو ويو. لبيا ۾ اڳيون صنعتون مڇر مارڻ، سامونڊي ڪنارن تي لوڻ ٺاهڻ، چمڙي جو سامان، غاليچا ۽ اوڙهڻيون، ٽامي ۽ ٽين جون شيون، ڪنڀار ڪو ڪم ۽ ٻيا گهرو هنر آهن. لبيا جا صنعتي مزدور پهرين ٿورا هئا، پر پوءِ تيل جي پيدائش ۾ واڌاري سان 1971ع ۾ تيل جي ڪمپنين تي زور ڀريو ويو ته لبيا مان وڌيڪ مزدور کڻن، لبيا ۾ تيل جا ڪافي ذخيرا آهن. ۽ اُن جي بر آمدات، درآمدات کان گهڻي آهي. تيل کان سواءِ لبيا جي قدرتي گئس به اُن جي برآمدات ۾ شامل آهي. اولهه جرمني اسپين ۽ جپان سان اُن جي واپاري ڏي وٺ آهي. سيپٽمبر 1969ع تي لبيا جي بادشاهه جو، معمر قذافيءَ ۽ ٻين نوجوان آفيسرن تختو اونڌو ڪيو، قذافيءَ ڀُٽي وانگر اسلامي سوشلزم جي ذريعي حڪومت ڪئي ۽ ڪيئي ٻاهرين ملڪن جون ٺاهيل ڪمپنيون قوميائي ڇڏيائين .
    1977ع ۾ قذافي رسمي طور مملڪت جو سربراهه ٿيو. هن 1979ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ انقلاب کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ۾ جنبي ويو ۽ لبيا ۾ هر سربراهه کان اڳرو رهيو. لبيا يورپ جي اڪثر ملڪن کي تيل برآمد ڪري رهي هئي ۽ ان ڪري اُن جي آمدني ڪافي وڌي وئي. وچ اوڀر ۽ اُتر آفريڪا ۾ لبيا عرب قوم پرستي ڦهلائي رهي هئي ۽ اُن ڪري اسرائيل ۽ يو.ايس جي دشمنيءَ جي علامت ٿي پئي هئي. 1980ع جي وچ ڌاري مغرب ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڪٽوتي لبيا جي اقتصاديات تي بُرو اثر وڌو. ساڳئي وقت يو ايس لبيا کي بين الااقوامي دهشتگرديءَ جو اڏو سمجهيو ۽ اُن کي هڪ ڌاڙيل قوم جي صورت ۾ ڏٺو. 1986ع ۾ يو ايس لبيا ۽ اُن جي آسپاس بمن سان حملا ڪيا، جنهن کان پوءِ مٿي ذڪر ڪيل واقعو ظهور پذير ٿيو.
    تازو معمر قذافيءَ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ”بل ڪلنٽن اهي لفظ هن سان منسوب ڪيا آهن ته هو يو ايس لاءِ وڏو خطرو آهي. ڪلنٽن نوجوان آهي ۽ ويٽنام جي جنگ ۾ گوڙ بکيڙا ڪرائيندو هو. سي آءِ اي هن کي ڪينيڊي وانگر مارائيندي، اسان هن کي هٿياربند ڪار تحفي طور موڪلي رهيا آهيون،“ قذافيءَ اها طنز ڪئي، تڏهن هڪ آمريڪي صحافيءَ هن کان پڇيو، ”تون سڀ کان وڏي غلطي ڪهڙي ڪئي آهي؟“ ان تي جواب ڏنائين ته، ”رڳو اها ته مون جنگ سدائين لاءِ جاري نه رکي، جتي به اڳرائي ڪئي ويندي هجي، اُتي ويڙهه ختم نه ڪرڻ گهرجي.“ هن پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي چيو ته، ”ڪي ماڻهو جي اسان وٽ انقلاب پسند ٿي آيا، بعد ۾ دهشتگرد(Terrorist )ٿي پيا. مثال طور هن ان کان نابري واري ته هن کي آءِ آر اي جي سوچيل ڪاروائيءَ جي ڄاڻ هئي ۽ هاڻي ته آءِ آر اي وارا شهرين کي ماري رهيا هئا ۽ ملٽري ۽ شهرين ۾ ڪو به فرق نه ٿي ڪيائون، پر هن انگولا کي مدد ڪئي ۽ زمبابوي جي موگابي کي به مدد ڪئي ۽ اُهي دهشتگرد نه آهن. گذريل ڊسمبر ۾ فلسطيني شدت پسند احمد جبريل ۽ ابوندال جي ٽريپوليءَ ۾ آيا هئا، اُهي به قذافيءَ جي نظر ۾ دهشتگرد نه هئا ۽ نه وري اندال لبيا ۾ ديرو ڄمايو هو ۽ نه هو جيترو رهيو هو ۽ نه وري هن آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي هئي.“
    قذافيءَ وڌيڪ چيو ته جي جبريل ڪجهه ڪري ها ته هُو ان جو اعتراف ڪري ها. هن ايران جي دهشتگرديءَ سان به پنهنجي لاتعلقي ڏيکاريندي چيو ته، ”ايران کي آمريڪا سان دشمنيءَ لاءِ پنهنجو سبب آهي. آمريڪا ايران جو سِويلين(Civilian) جهاز ڪيرايو هو.“ فلسطين جي هيبران تي حملي جي باري ۾ هن چيو ته، ”فلسطينين کي روز هيسايو ٿو وڃي ۽ هنن تي حملا ڪيا ٿا وڃن. هن کي پنهنجي بچاءُ جو حق آهي.“ هُن اهي لبيا جا شهري انهن جي اجازت کان سواءِ آمريڪا جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جن تي آمريڪا خلاف دهشتگرديءَ جا الزام آهن. هن چيو ته ”اسان کي ان مان نقصان جو پهتو سو پهتو، باقي يورپ کي ٺيڪا ۽ نوڪريون لبيا ۾ نه ڏنيون وينديون ۽ تيل به نه موڪليو ويندو.“ اهو جواب هن تڏهن ڏنو، جڏهن هن کي چيو ويو ته پابنديون لبيا جي تيل جي برآمدات گهٽائي ڇڏينديون ۽ لبيا جي عوام کي مشڪلات سان منهن ڏيڻو پوندو. آخر ۾ هن چيو ته، ”منهنجي چهري کي مسخ ڪيو ويو آهي. هو اهو نٿا ڄاڻن ته مان شاعر به آهيان. هو اهو نٿا ڄاڻن ته مان افسانا نويس به آهيان ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي، معاشيات ۽ تاريخ جو پروفيسر به رهيو آهيان. جي مان اڳواڻ نه هجان ها ته مان ليکڪ، ادبي ماڻهو ۽ اُستاد هجان ها.“ مٿئين سوال جي جواب مان ائين ٿو لڳي ته قذافي آمريڪا سان ضد وڌائڻ نٿو چاهي ۽ ڪجهه ڊِنو آهي ۽ اها ڳالهه ئي لبيا ۽ اُن جي عوام جي حق ۾ آهي. هن هڪ تجربيڪار انقلابيءَ جي لنبي زندگي گذاري آهي ۽ سياست جا نشيب و فراز ڏٺا اٿائين ۽ اُن جي بٺيءَ ۾ پچي پڪو ٿيو آهي، پر شهيد ڀُٽي وانگر قذافي به پارسي شاعر وانگر دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته:
    پروانه زمن، شمع زمن، گل زمان آموخت،
    افروختن و سوختن و جامه دريدن،
    (ترجمو: پرواني به مون کان سکيو، شمع به مون کان سکيو ۽ گل به مون کان سکيو، ڀڙڪو ڏيڻ، جلڻ ۽ پنهنجو پاند ليڙون ڪرڻ.)

    (روزاني برسات 11 اپريل 1994ع)
    *


    • معمر قذافي جو لبيا!

    1_معمر قذافيءَ صحرا ۾ائين ساوڪ وڇائي آهي، جو نيڻ نهار تائين ساوڪ صحرا جي گود کي ڍڪي ڇڏيو آهي.

    2_لبيا ۾ پوکي راهي به ڪمال جي آهي، ريگستان ۾ مٽي جي تهه وڇائي پوکي راهي ڪئي ويئي آهي.

    3_ هڪ ڏينهن اسين گرين اسڪوائر (طرابلس) ۾ وَڙڪي رهيا هئاسين، جو هڪ هنڌ اسان هڪ ميڙ کي ڏٺو، تجسس سبب اسين ان ۾ شامل ٿي وياسين، مون سوچيو ته هنگامو ٿي پيو آهي، پر پُڇڻ تي خبر پئي ته ماڻهو هڪ دڪان تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، معلوم ٿيو ته مذڪوره دڪاندار مقرر اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺي رهيو هو، جنهن جي شڪايت علائقي جي پيپلز ڪميٽيءَ کي ڏني ويئي. جنهن جي اجلاس ۾ ڪاروائي جي دوران دوڪاندار جي خلاف شڪايت جائز ثابت ٿي. جنهن تي ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته کيس دوڪان هلائڻ جو ڪو به حق ڪونهي، دڪاندار مزاحمت ڪئي، جنهن جي جواب ۾ ماڻهن دوڪان تي پٿراءُ ڪيو ته جيئن دوڪان بند ڪرائي سگهجي. حڪومت جو اهو انداز عجيب ۽ غريب آهي، (ڇا پاڻ وٽ وڌيڪ اگهه وٺندڙ دوڪاندارن سان ڪا اهڙي جُٺ ٿي سگهي ٿي؟)

    4_ طرابلس ۾ گرين اسڪوائر کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان کي آزاديءَ جو چوڪ به چيو وڃي ٿو، پراڻي طرابلس جي ڪناري موجود اهو چوڪ وڏين بازارين ۽ سمنڊ طرف ويندڙ رستي کي ملائي ٿو، ڪنهن وقت هتي هڪ مزار هئي. پر ڪرنل قذافيءَ جڏهن ملڪ ۾ فرقي بنديءَ جو مسئلو نبيريو ته اها مزار به ويندي رهي. چون ٿا ته ڪرنل معمر قذافي ملڪ جي سڀني عالمن کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته ڇا اوهين مڃو ٿا ته الله هڪ آهي؟ جواب مليو”هائو“، قرآن هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، رسول هڪ آهي؟ جواب مليو ”هائو“، اهو ٻڌي ڪرنل قذافي چين ته پوءِ مونکي هڪ متفق اسلامي نظام ڏيو، آئون اوهان کي ٽي مهينا ڏيان ٿو، ٽي مهينا گذري ويا پر عالم پنهنجي تفرقي بازيءَ جي ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيا ته ڪرنل قذافي سڀني کي مارڻ جو حڪم ڏنو ۽ قوم کي چيو ته ” هاڻ آئون ٻڌائيندس ته اسلام ڇا آهي؟“ان وقت گرين اسڪوائر تي قائم مزار به ڊاٺي ويئي.(صفحو 74) (طارق خورشيد جي ڪتاب ”سوئي دار“ تان ورتل)
    *


    • فيڊل ڪاسترو جو بيان

    ڪيوبا جي اڳوڻي صدر فيڊل ڪاسترو، ليبيا جي اڳوڻي اڳواڻ ڪرنل قذافي جي قتل ۽ کيس اقتدار کان الڳ ڪرڻ لاءِ نيٽو کي ڏوهاري قرار ڏنو. هن قذافي جي مڙهه جي بي حرمتي ڪرڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”انهن قذافيءَ جي مڙهه جي ايئن نمائش ڪئي، ڄڻ اها انهن جنگ جي نتيجي ۾ ڪا ٽرافي کٽي هجي“ هن جو چوڻ هو ته هيءَ قاتلاڻو فوجي اتحاد آهي، جيڪو انساني تاريخ ۾ انتهائي سفاڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪاسترو، قذافي کي پنهنجي مزاحمت جو ساٿي قرار ڏيندو رهيو آهي ۽ آمريڪا کي پنهنجو نظرياتي دشمن تصور ڪندو رهيو آهي.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267704
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ