ڪتاب جو نالو: اي روڊ ٽو مدينه
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2114 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 543 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب الطاف شيخ جي سعودي جي ان سفر جو آهي جنهن ۾ پاڻ کي هڪ نوڪري جي سلسلي ۾ سعودي وڃڻ ٿيو ۽ پاڻ سعودي جي شهر ينبو ۽ ان کان پوءِ ڪجهه وقت مديني رهيا. نوڪري ته نه ڪيائون پر اُتي مُشاهدي ۾ آيل گهڻيون ئي دلچسپ ڳالهيون هن سفرنامي ۾ قلم بند آهن. خاص طور سعودي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، رويا ۽ انهن ماڻهن جا حال جيڪي وٽن نوڪري لاءِ ويزا وٺي پُهچن ٿا. خاص ڪري ننڍي کنڊ جا ماڻهو جيڪي ٿوري معاوضي تي وڏو پورهيو ڪن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ آغا سليم
  • سعودي عرب ڏي تياري
  • سعودي عرب ڏي تياري
  • عربن بابت مختلف رايا
  • سعودي عرب وڃڻ لاء ڪاغذن جي تياري
  • سعودي عرب وڃڻ لاء ميڊيڪل
  • لاش کي وطن موڪلڻ مان ڪهڙو فائدو
  • مسافرن کي منجهائڻ جا ڪوڙڪا ۽ ڄارون
  • لکڻ جو فائدو
  • هن هوائي جهاز جا ٽئاليٽ
  • مسافر مٿي جو سور ٿين ٿا
  • سعودي عرب ۽ يورپ ۾ فرق
  • عربن جي ڊوڙ مصر ڏي
  • ينبو ۾ پهچڻ
  • هي شهر ينبو (ينبع)
  • حسن سان ملاقات
  • ڪجهه خرچ بچي
  • ڪير ٿو چوي ته غلامي ختم ٿي وئي آهي ؟
  • ينبو کان مديني
  • ميقات
  • حج
  • هتي جون عام زبانون
  • سعودي عرب جا رستا
  • موچڙو ڇٽيهه لڇڻو
  • موچڙو ڇٽيهه لڇڻو
  • عورتن لاءِ پڙدو
  • عورتن لاءِ پڙدو
  • عرب سٺا نيويگيٽر (Navigator)
  • بدر جو شهر
  • مديني ۾ داخل ٿيڻ
  • خالد جي گهر
  • مديني ۾ ماني:
  • مسجد نبوي ۾ فجر نماز:
  • عيد نماز
  • مسجد نبوي تاريخ جي روشنيءَ ۾
  • ٽَڪُ ونگي ور گهڻا....
  • سعودي عرب ۾ چوري نه برابر
  • سعودي عرب ۾ چوري نه برابر
  • مسجد نبوي ڏي رستو
  • مديني جون هوٽلون
  • سعودي عرب ۾ غربت به آهي
  • اسلام جي پهرين ٻانگ
  • مسجد نبوي ۾
  • مديني جون ٻيون مسجدون
  • اسان جو شاهه لطيف
  • ڪعبي تي حملو: حضور جن جي ولادت
  • ڪجهه سعودي عرب جي تواريخ جاگرافي بابت
  • سعودي عرب جا ماڻهو
  • اسلام جون فتحون
  • نئين سال تي روڄ پٽڪو
  • پاڪستاني رپيو ۽ پاڪستاني ماڻهو
  • سعودي عرب ۾ نوڪري جا ٽائيم
  • سعودي عرب جو جهنڊو
  • اسلام ۾ ڪو عيب ناهي
  • هي ڌرتي هي رڻ پٽ
  • ڪجهه معلوماتي ڳالهيون
  • سعودي عرب جون شامون
  • ويزا ملڻ جو طريقو
  • مجبور ماڻهو ۽ ٽڪنڊو
  • سعودي عرب ۾ نان سستا
  • ڪمپنيءَ جي نوڪري
  • سعودي عرب ۾ نوڪري جو مسئلو
  • کائي ڪيتريون ٿلهيون ٿيون آهن
  • عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال
  • عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال
  • عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال
  • سعودي عرب غريب هو
  • سعودي عرب غريب هو
  • سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اقامو
  • عربن جو چالاڪ ٿيڻ
  • هو ذهني مريض ٿي وڃي
  • سعودي عرب ۾ غريب پورهيت
  • ڇا سعودي عرب ۾ ڀَت پيو ورهائجي
  • ويزائن جو سودو
  • نوڪري ڏيڻ وارن ايجنٽن جا ڪم
  • نوڪري ملڻ واري لاءِ چتاءُ
  • هتي نوڪري ڪندڙن جي ڪهاڻي
  • سنڌ ۽ سنڌين کان واقف آهيو
  • مذهبي سوال جواب
  • سعودي عرب ۾ اخبار
  • مشهور عربي اخبارن جا مالڪ
  • عرب، عربستان ۽ اسلام
  • عربي نالن ۾ ابن ۽ ابو
  • مهراڻ هوٽل ينبو ۾ ...
  • اسلام ۾ فوٽو جي موڪل آهي يا نه . . .
  • ڪراچي موٽندي جدي ايئرپورٽ تي هاڻ جلدي ٽرو
  • گانا ۽ تقريرو
  • ڪنڊياري جون هوٽلون
  • ڇو ٿا مونکي پاڻ سان وٺي هلو
  • جلدي جانا چاهتا هي
  • تنگ آمد جنگ آمد
  • جدي ايئرپورٽ تي سفر تان موٽندي وقت
  • هر هڪ مونجهاري ۾
  • سعودي شرطو ماٺ ۾ آهي
  • ڀلي سون ۽ چانديءَ سان کيڏن
  • ڄڻ ٺارو شاهه جا فقير هجون
  • • مختصر مختصر

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر چونجاهه (54) سفرنامو اي روڊ ٽو مدينه اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مختلف دوستن گڏجي ڪئي آهي، جن ۾ عبدالحفيظ لغاري، عتيق الرحمان، محمد سليمان وساڻ، آفتاب کوهارو، رشيد سمون، عرس پريو، غلام قمبر وساڻ ۽ منظور ڪلهوڙو شامل آهن، سڀني جون مهربانيون. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ آغا سليم

    مهاڳ

    مان جڏهن به الطاف جا سفرناما پڙهندو آهيان، مون کي سنڌ جو اهو زمانو ياد ايندو آهي جڏهن سنڌيءَ لاءِ هن جي ديسَ جون سرحدون، سندس اباڻي ڳوٺ جي دنگ تي ختم ٿي وينديون هيون ۽ ان کان اڳتي پرديس شروع ٿي ويندو هو. مارئيءَ جي ساري وطن پرستي سندس ماروئڙن جي ملير تائين محدود هئي. اها ته تمام پوءِ جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي قومپرستن، مارئي جي ملير کي، ساريءَ سنڌ تي پکيڙي ڇڏيو. اسان جي لوڪ گيت واري ان ونيءَ لاءِ لاڙ به وڏو پرديس هو. جنهن، پنهنجي وَرَ کي اتر جون گرميون ڇڏي، لاڙ جي ٿڌڙي هوائن جي هنج ۾ وڃڻ کان ٿي جھليو ته:
    سهڻا، تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جھلندي سانءِ.
    ڪراچيءَ کان پنجاب ويندڙ ٽرين ۾ روهڙيءَ کانپوءِ، ورلي ڪو سنڌي نظر ايندو. هوندو ته وڌ ۾ وڌ گهوٽڪيءَ يا ڏهرڪيءَ تائين. سنڌ کان ٻاهر ڪو سنڌي ڏسبو هو ته ڏسڻ واري کان دانهن نڪري ويندي هئي ته “اڙي سنڌي.....!” حيرت ۾ ٻُڏل انهن ٻن اکرن ۾ سنڌيءَ جو سفر ڏانهن رويو پيو جھلڪندو هو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ساڳيءَ مٽيءَ مان پئدا ٿيڻ ۽ ساڳين هوائن ۾ ساهه کڻڻ واري هندو ۽ مسلمان سنڌيءَ جي سفر لاءِ سڀاءَ ۾ ايڏو تفاوت هو جو سنڌي هندوءَ لاءِ ساري دنيا سندس ٻرانگ ۾ هئي ۽ سنڌي مسلمان لاءِ ڳوٺ کان پرڀرو وهندڙ واهه جي پرئين ڪڙ به پرديس هئي. لطيف سائينءَ جي سُر سامونڊي جا وڻجارا به هندو هئا، جن کان، لنڪا جي سون جي سُڻي، سک سان ويهڻ نه ٿيندو هو، ۽ پرههَ جو پڳهه ڇوڙي کارو کيڙيندا هئا ۽ جعن جي وڻجاري ونجهه کي وَرَ وجھي پئي روئندي هئي.

    ڏٺي ڏيئاري، سامونڊيءَ سڙهه سنباهيا،
    وجھو وَرُ ونجهه کي، روئي وڻجاري،
    ماريندءِ ماري! پرههَ سور پرين جا

    سنڌ ورڪي ته ديسان ديس پيا وڻج واپار ڪندا هئا..... هڪ ئي ڌرتيءَ جي ٻن ڄاون جي سفر لاءِ سڀاءَ ۾ ايڏي تفاوت جو سبب ڇا هو؟ ان سوال جو جواب ته ڪو سماجي سائنس جو عالم ئي ڏيئي سگهي ٿو. مان ته رڳو پنهنجو اندازو ئي ٻڌائي سگهان ٿو، منهنجي خيالَ ۾ سڀائن جي ان تفاوت جو سبب ٻنهي جو جُدا جُدا سماجي سرشتو هو. سنڌي مسلمان قبائلي ۽ نيم جاگيرداڻي سسٽم ۾ جڪڙيل هو ۽ سنڌي هندو، ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ کان به اڳ، سرمائيداراڻي سماجي سرشتي ۾ داخل ٿي چڪو هو، ان ڪري ئي مسلمانن کيس واڻيو چوندو هو، جنهن جي لفظي معنٰي وڻج واپار ڪرڻ واري جي آهي....... پر هاڻي حالتون بدلجي چُڪيون آهن ۽ سنڌيءَ جي اندر ۾ پکڙيل تصوف ۽ قناعت جو ڪوهيڙو وٽڙڻ لڳو آهي. اڳي هن کي رڳو اڇي ماني ۽ اڇو لٽو گهربو هو، هاڻي هن کي اڇو ڪالر گهرجي ۽ اڇو ڪالر حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي وڏا ڏونگر ڏورڻا پون ٿا. هاڻي اڇي ڪالر واري جي وَني، پکو جھلي پرينءَ کي لاڙ وڃڻ کان نٿي جھلي، پر کيس زوريءَ پرديس ٿي اُماڻي، هوءَ ايئرڪنڊيشن کانسواءِ اُتر جي گرميءَ ۾ رهي نٿي سگهي. هاڻي سنڌي سڙهه سانباهي نڪري پيا آهن. مون هنزه جي سيءَ ۾ ڪنبندڙ پهاڙن ۾ بئنڪ ۾ نوڪري ڪندڙ سعيد آباد جو جمالي ڏٺو، گلگت ۾ ماستري ڪندڙ لاڙڪاڻي جو موريو ڏٺو، ڪشمير جي سرحدن جي برف پوش پهاڙن جي هنج ۾ سنڌي ڊاڪٽر ڏٺا ۽ الطاف شيخ کي دنيا جي هڪ بندرگاهه کان لنگر پٽي ٻئي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندي ڏٺو.......!

    اُنَ زماني ۾ سنڌيءَ ۾ ورلي ڪو سفرنامو ڇپيندو هو ۽ هاڻي ته رڳو الطاف شيخ جا الائجي ڪيترا سفرناما ڇپجي چُڪا آهن، منهنجي خيالَ ۾ ماضي قريب ۾ سنڌيءَ ۾ جيترا سفرناما ڇپيا آهن، پاڪستان جي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ايترا ڪونه ڇپيا آهن. اسان وارو نصير مرزا جيستائين ولايت وڃي تيسيتائين ڪنهن دوست جي ڳوٺ ويندو آهي ته سفرنامو لکندو آهي ۽ سندس هڪڙي دوست جو چوڻ آهي ته اسين انتظار ٿا ڪيون ته نصير مرزا ٽنڊي ٺوڙهي کان ريڊيو اسٽيشن تائين جو سفرنامو ڪڏهن ٿو لکي.......؟ سفرنامن جي ايڏي انگ مان به خبر پوي ٿي ته سنڌيءَ هاڻي ماني ڳڀي جي ڳولها ۾ يا سير سياحت لاءِ ٻيڙا ٻار ۾ وڌا آهن.
    الطاف جيترو سفر ڪيو آهي، ڪنهن زماني ۾ انگليند جو ڪو لارڊ الطاف کان چوٿين پتيءَ تي سفر ڪندو هو ته سندس سفر کي Grand Tour چيو ويندو هو. 1670ع ۾ Richard Lessels نالي هڪڙي سياح، روم ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي سياحت ڪئي ته سندس ان سياحت کي گرانڊ ٽوئر سڏيو ويو. پوءِ اهڙي سياحت جو ايڏو ته رواج پيو جو ماڻهو يورپ جي جدا جدا ملڪن جي سياحت ڪري اُتان جون رسمون، رواج ۽ فيشن سکي ايندا هئا ۽ انهن کي انگلينڊ ۾ اچي رائج ڪندا هئا. مٿهين طبقي ۾ اهڙو سفر ڪرڻ تهذيب جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو هو، ايستائين جو انگلينڊ جي راڻي، پنهنجي درٻارين کي سرڪاري خرچ تي، يورپ جي بادشاهن جي درٻارن ۾ موڪليندي هئي ته جيئن هو اتان درٻار جا اَداب سکي اچن ۽ پوءِ راڻي اهي آداب پنهنجي درٻار ۾ جاري ڪندي هئي. سر سڊني فلپ نالي، راڻي جو هڪڙي درٻاري، ٽي سال يورپ جي درٻارن ۾ درٻارين جا آداب سکندو رهيو..... آهستي آهستي ٻاهرين ملڪن ۾ اُٿڻي ويهڻيءَ ۽ فيشن جي اهل جو انگلينڊ ۾ ايڏو رواج پئجي ويو جو شاعرن، انهن تي ٺٺولي ڪرڻ شروع ڪئي. Restoration Dramatists موضوع تي طنزه ڊراما لکيا. سنڌيءَ ۾ به ايڏا ته سفرناما لکيا ويا جو سنڌي سياحن لاءِِ ڪالم لکجڻ شروع ٿيا ته سنڌي سفر تي ويندو آهي ته ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان اڳ ئي اُتان جي حسينه، ساڻس رومانس ڪرڻ لاءِ، سندس انتظار ۾ ايئرپورٽ تي بيٺي هوندي آهي.

    مون الطاف جا گهڻا سفرناما نه پڙهيا آهن جو چئي سگهان ته ڪهڙي ڪهڙي بندرگاهه تي، ڪهڙي ڪهڙي حسينه، ساڻس رومانس ڪرڻ لاءِ، سندس انتظآر ۾ بيٺي رهي، پر مان سمجھان ٿو ته ان معاملي ۾ الطاف نهايت خشڪ ثابت ٿيو آهي. ايسيتائين جو خيالي حسينائن سان رومانس جا خيالي مزا به وٺي نه ڄاڻي..... هن جي جنهن سفرنامي جو مان مهاڳ ٿو لکان، ان جو نالو پڙهي ئي ماڻهوءَ جي دل چوندو ته وضو ساري پوءِ سفرنامو پڙهڻ شروع ڪجي...... ساري سفرنامي ۾ رڳو ٻه عورتون نظر ٿيون اچن، هِڪَ سندس دوستَ جي زالَ آهي ۽ ٻي ڀيڻ، ٻئي گهر جي بورچي خاني جا ٿانوَ کڙڪائي الطاف کي ننڊ مان ٿيون جاڳائين ۽ الطاف ٿانون جي کڙڪي سان جاڳي، ننڊ جي کيپن ۽ مسجد نبويءَ ۾ نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ جي خواهش جي ڇڪتاڻ ۾ نظر ٿو اچي.
    الطاف جو هي سفرنامو سندس مدينه جو سفر جو Personal Account به آهي ته حاجين لاءِ رهنما ڪِتاب به آهي. ڪِتاب ۾ مديني جون مقدس ۽ تاريخي جايون پنهنجي جاگرافيائي ۽ تاريخي پس منظر سان نظر ٿيون اچن ته ساڳي وقت دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو به پنهنجن ڏکن ڏولاون ۽ اهنجن ايذائن سان نظر ٿا اچن. ڪفيل، ويزا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا، گهر تڙ وڪڻي، ويزا وٺي، ڳڀي جي ڳولها ۾ هِتي آيل مجبور ۽ بي وس انسان. ڪي هتي خوش آهن، ڪي ناخوش آهن. ڪي لاءِ رُکي سُکي به پنهنجي ديسَ ۾ چڱي، پر ڪن لاءِ (عينڪون وڪڻندڙ هڪ بنگالي) وطن توڙي يورپ ۽ آمريڪا کان به وڌيڪَ سُک چين سعودي عرب ۾ آهي. مقامي ماڻهو ڪنهن کي خيرات ڏيندو آهي ۽ ان سان هن کي جيڪا روحاني خوشي ٿيندي آهي، اها به ان ڏيڻ واري جي غرور جي بدليل صورت ئي هوندي آهي!

    سعودي عرب ۾ امن آهي ۽ لاقانويت ڪانهي. ان ڪري جو بادشاهه (جنهن جو اسلام ۾ تصور ئي ڪونهي) پنهنجي بادشاهت کي قائم رکڻ لاءِ اسلامي قانون جاري رکيا آهن، پر اُتي اسلامي ڀائپيءَ جو تصور اهو آهي جو پاڪستان يا دنيا جي ٻئي ملڪ مان آيل مسلمان ڀاءُ کي، غلام واري حيثيت حاصل آهي ۽ ساڻس اسلامي عدل اُهو ٿو ڪيو وڃي جو ڪو عرب سندس زال جي عزت ۾ هٿ ٿو وجھي ته به پوليس پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگالي مسلمان کي تنبيهه ٿي ڪري جو هنن کيس سوگهو جھليو هو.......!
    رياض جو ايئرپورٽ نهايت سهڻو ۽ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ آهي پر، مسافرن جي حالت هميشهه يتيمن ۽ ننڌڻڪن واري .... اميگريشن آفيسر ڪمپيوٽر جي Keys کي آڱرين سان ٺونگا هڻي، اڌ انگريزي ۽ اڌ عربي ۾، ڪمپيوٽر ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ پاسي وارن آفيسر کان پڇا ٿو ڪري ته انهن جا ڪمپيوٽر ڪم ڪن پيا يا نه؟ اهي وري مٿي تي ٻڌل رومال کي مختلف اسٽائيل ۾ set ڪري انڪار ٿا ڪن ۽ ڪمپيوٽر کي repair ڪرڻ واري جو انتظار ٿا ڪن ۽ مسافرَ بي وس، لاچار ۽ نڌڻڪا ٿيا قطار ۾ بيٺا آهن.......

    پاڪستان ڪُت خلق کي نيڻَ وارو جهاز...... ٽي سو مسافر ۽ ٻه ٽئاليٽ..... هر وقت ڇهه ست مرد ۽ عورتون در تي.....! ڪو در پيو کڙڪائي ته ڪو پريشان آهي...... ٽائيليٽ، ٽشو پيپرن ۽ پنن سان ڀريل...... ڪموڊ چوڪ ٿيل.... ويهڻ جي سيٽ تي ٻارن جو گند سان ڀريل نيپڪن..... انهن کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ نه ڪا باسڪيٽ ۽ نه ڪا ڊسپوزل بيگ.....
    اميگريشن واري جي غلطيءَ سان پاڪستاني مسافر جو ڪمپيوٽر نمبر هيٺ مٿي ٿي ويو آهي. هو سخت پريشان آهي، جو هن کي، ايئرپورٽ جي اندر نٿا ڇڏين..... پاڪستاني مُسافر کي اختياريءَ وارن کي سمجھائڻ ۾ اٺ ڪلاڪ لڳي ويا. مقرر وقت تي رواني ٿيڻ واري فلائيٽ وڃي ٿي Delay ٿيندي ۽ هاڻي مقرر ٽائيم ڏهين وڳي هلڻ جي بدران، آڌيءَ رات جو هڪ بجي هلندي..... ايئرپورٽ تي نفسانفسيءَ وارو عالم آهي ۽ ان نفسانفسيءَ ۾ الطاف سڀ کان پاسيرو ويٺو آهي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي پاڪستاني دوست جي سامانَ جي حفاظت به پيو ڪري ۽ دنيا جي مختلف ماڻهن جي سڀائن ۽ مزاجن جا چٽَ به پيو چَٽي. سست رفتار مليشيائي..... وڏا جُبا ۽ پٽڪا پاتل ڪارا ڊگها سوڊاني، جيڪي پاڪستانين وانگر داداگير به آهن....... ايئرپورٽ جي پَٽَ تي ويٺل روس جي مسلمان رياستن جا حاجي.... دولت منديءَ وارو ٽور ٽلندڙ برونائيءَ جا شهري...... ٻُچين ڏاڙهين ۽ سادن ڪپڙن وارا چيني.... ڀر ۾ تڏو وڇائي ٽن ڏينهن کان ويٺل تُرڪ..... الائجي سندن وطن واپس ورڻ جو وارو ڪڏهن ايندو....!؟

    ايئرپورٽ جو اهو منظر پڙهي مون کي ائين لڳوڄڻ اهو منظر الطاف جي حياتيءَ جي تمثيل آهي. هو زندگيءَ جي هَڻ وَٺُ ۽ نفسانفسيءَ ۾ ڦاٿل هوندي به ڄڻ سڀ کان پاسيرو ويٺو آهي ۽ جهاز به پيو هلائي ته سفرنامو به پيو لکي. سندس اهي سفرناما مختلف هنڌن، ملڪن ۽ جاين جون سماجي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي تاريخون به آهن ته اُتان جي رهاڪن جي مزاجن جا چٽ به آهن جن کي پڙهڻ سان دنيا وڌيڪَ حسين ۽ ماڻهو ڀائپيءَ جي رشتي ۾ وڌيڪَ ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو..... منهنجي خيالَ ۾ جيڪو ڪِتاب اهڙي قسم جا احساس جاڳائي ان کي اسين وڏو ادب سڏي سگهون ٿا.



    آغا سليم
    ايڊيٽر جاگو
    ڪراچي
    2 فيبروري 1997


    سعودي عرب ڏي تياري

    منهجي سعودي عرب ڏي وڃڻ جو ٻڌي سڀ کان گهڻو خوش منهجو والد ٿيو.
    “سعودي عرب وڃڻ وقت ايئرپورٽ تائين آء به ڇڏڻ هلندوسانءِ” بابا چيو. کين ڪراچي جو نئون اڏو ڏسڻ سان گڏ مونکي ڀلاري پٽ ڏي روانو ٿيڻ لاء همٿ افزائي ڪرڻي هئي. نه ته اسان وٽ ڀاڪر پائي يا روئي در تائين موڪلائڻ جي رسم شروع کان نه رهي آهي.
    ٻارنهن سالن جو هئس ته مونکي ڪيڊٽ ڪاليج موڪليو ويو هو.
    پهريون دفعو گهر کان پري وڃي رهيو هوس. لاڏلو ٻار هئس. پر وڃڻ وقت بابا اهڙو ڏيک ڏنو ڄڻ آئون ڀر واري گهر ۾ ٿوري دير لاء پيو وڃان، ماءُ، ڏاڏي ۽ پڦيون بابا جي ڊپ کان ويجهو نه آيون. ڏاڏي جنهن مونکي نپايو، تنهن اکين ۾ پاڻي آڻي ڪجهه ڏک ڀريا ڊائيلاگ چوڻ چاهيا ٿي پر بابا ان کي جهلي ڇڏيو. جيتوڻيڪ آءُ پنهجي خواهش سان وڃي رهيو هوس پر ان مهل منهنجي دل ايڏي ٻُڏي رهي هئي جو بابا، امان، پڦي يا ڏاڏي، ڪو به ڀاڪر پائي چوي ها ته ٻچو وڃي پيو، اڪيلو ڪيئن هاسٽل ۾ رهندو! ته آئون ان موڊ ۾ هوس ته بئگ اتي ئي اڱڻ ۾ رکي، وڃڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهان ها، پر ڪو به ويجهو نه آيو. آئون گهر جي چائنٺ ٽپي در کان ٻاهر نڪتس ڪنهن به موٽڻ لاء سڏ نه ڪيو.
    ان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان به ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي يا در وٽ بيهي موڪلائڻ واري scene اسان وٽ ٿئي ئي ڪانه. بابي جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان ويندڙ جي دل ويتر سست ٿئي ٿي. اهيو ايئن آهي جيئن ڪو ٻار ڌڪو کائي ته بهتر آهي ته ڏسجي ئي نه. لنوائي ڇڏجي. گهڻو ڌڪ نه لڳو هوندس ته پاڻهي ئي ماٺڙي ڪري اٿي ويندو. پر جي هن جي ڪرڻ سان وٺي گهوڙا پٽ ڪبي ته ٻچي کي الائي ڇا ٿي ويو ۽ ڳراٺڙيون پائي پڇبس ته بچي ته وئين توکي ڏاڍو ڌڪ لڳو، ته هن کي نه لڳو هوندو، ته به وٺي روئندو.
    بهرحال ٻين کي اهيو ڪيئن لڳي پر منهنجي پوء ڪڏهن به گهر ڇڏڻ تي دل سست نه ٿي.انٽر بعد چٽگانگ پڙهڻ ويس، ته به اڪيلو هوس. نه فقط ڳوٺ مان پر سڄي سنڌ مان آئون پهريون ۽ اڪيلو هوس. گهر مان ان وقت به ايئن ڪڍيو ويس ڄڻ گهٽيء ۾ ڪلاڪ ٻن لاء کيڏڻ پيو وڃان. ان وقت 63-1962ع ۾ بسين ٽئڪسين ويندي هوائي جهازن جو اهڙو تکو سلسلو نه هو جهڙو اڄ آهي. بئگ کڻي ٽانگي ۾ چڙهي هالا جي بس اسٽاپ تي وڃبو هو. بس جي انتظار ۾ ڪلاڪ چٽ.بس ايندي هئي ته اڄ وانگر اڌ ڪلاڪ ۾ ڊائريڪٽ حيدرآباد نه اچي ڇڏيندي هئي.هڪ هڪ ڳوٺ ۾ ساهي پٽيندي هلندي هئي. اڄ به انهن ڳوٺن جا نالا ڪنهن سهڻي شعر جي سِٽَ جيان ياد آهن. ڀٽ شاهه ،جاڙا واٽر، بائو ديرو، کنڊو، کيبر، مٽياري وغيره. ان بعد ٽرين رستي ڪراچي آيس، ٻئي ڏينهن هڪ هوائي جهاز ۾ ڍاڪا ۽ ٽئين ڏينهن ڌڪا ٿاٻا کائي چٽگانگ پهچي ويس. ان مان اهو فائدو ٿيو جو هر وقت هوش هواس کليل رکڻا پيا ٿي. ڪو ٻيو گڏ هلڻ وارو، ٻُڌائڻ وارو ۽ بار ڍوئڻ وارو نه هو. تعليم بعد جهازن جي نوڪري- سدائين سفر ۾. ڪراچي ۾ به جهڙو مهمان وانگر. ڪراچي ۾ جهاز جي هوندي ڪيترن مائٽن جا قضيا يا شاديون مراديون ٿيون هونديون پر جهاز جيsailing ڪري موڪل نه ملندي هئي . ڪڏهن مونکي ڏک ٿيندو هو به ته بابو يڪدم سمجهائيندو هو ته اها نوڪري کنئي اٿئي ته ان جي ڊيوٽي پوءِ ايئن ئي ڏيڻي پوندي. موڪل هرگز ڪرڻي ناهي.
    ڪي ڪي نوڪريون ٽيليفون آپريٽر کان ريل گاڏي هلائڻ وارن جون اهڙيون ٿين ٿيون جن ۾ عيد جي ڏينهن به نوڪري ڪرڻو پوي ٿي. ڳالهه پسن دناهي ته اهڙي نوڪريء ۾ ئي نه اچجي. اهيو ئي سبب آهي جو ڪيترن عرب ملڪن ۾ پاڪستانين کي نوڪري نه ٿي ملي جو هو هر عيد برات يا مائٽ مٽ جي موتي فوتي، غمي خوشي تي موڪلون ڪن ٿا ۽ وٺيو پنهجي ملڪ ڀڄن ۽ ڪيل واعدي کان دير سان ئي موٽن ٿا. ان معاملي ۾ سنڌين جون ته اڃا گهڻيون شڪايتون آهن ته هو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ به ٽِڪي نٿا نوڪري ڪن. منهجا به اهي ڪم هجن ها جيڪڏهن بابو شروع کان اهيو رويو اختيار نه ڪري ها.
    ان تان مونکي ياد آيو ته ڪيترن ماڻهن وٽ موڪلائڻ هڪ وڏي رسم آهي. چڱيء طرح نه موڪلائڻ تي ٻئي ڌريون دل ۾ ڪن ٿيون. ڪراچي ۾ سال کن هڪ جهازي دوست جي گهر سامهون رهڻ ٿيو.هو انهن ڏينهن ۾ سفينه عرب جهاز جو چيف انجنيئر هو. سفينه عرب جهاز مسافرن جو جهاز هو.عمري يا حج لاء ٻارهو ئي مسافر کڻي ايندو ويندو هو. هفتو ڪراچي ۾ رهندو هو.هفتو ڪراچي کان جدو لڳائيندو هو. ان بعد هفتو جدي ۾ ترسي وري ڪراچي ايندو هو ۽ ٻئي سفر جي تياري ڪندو هو. يعني هر مهيني سفينه عرب ڪراچي کان روانو ٿيندو هو ۽ ست ڏينهن گهر ۾ رهڻ بعد sailing واري ڏينهن تي صبح جو جنهن وقت اسان جو دوست گهران نڪرندو هو ته موڪلائڻ لاء منظر ڏسڻ وٽان هوندو هو. ماء پيء ۽ ڀائر ڀيڻون، ڀائيٽيا ڀاڻيجا وري وري ڀاڪر پائي موڪلائيندا هئس. (زال اڪثر ساڻس هلندي هئي) ڪيترا ته روئيندا به هئا. “مامون جلدي آنا”.ڪا ڀاڻيجي در تي بيهي رڙ ڪندي هئي. “ ڀاء وسارجان نه” ڪا ڀيڻ چوندي هيس . “پٽ شل ڪوسو واء به نه لڳئي. جهاز سنڀالي هلائجان” ماء چوندي هئس ( هاڻي Red Sea ۾ ڪوسو واء ته ڇا سال جا ڇه مهينا انجڻ روم ۾ ڄڻ باه هوندي آهي ۽ سنڀالي جهاز نه هلائيندو ته پاڻ به مرندو ٻين کي به ماريندو)
    بهرحال موڪلائڻ تي هڪ وڏو سين ٿيندو هو. پاڻ جيسين ڪار ۾ وهي ۽ ڪار هلي تيسين ڏهه پندرنهن گهر جي ڀاتين( جن ۾ عورتن جو تعداد وڏو هوندو هو) جون دانهون هونديون هيون. اوڙي پاڙي وارا درن ۽ درين جي اوٽ ۾ بيهي لقاءُ ڏسندا هئا . اسان جي گهر جو در سامهون هو سو اسين گهر ۾ ويٺي اهيو تماشو ڏسندا هئاسين ۽ جڏهن به ان قسم جون رڙيون ڪُوڪوُن ٿينديون هيون ته سمجهي ويندو هوس ته اڄ سفينه عرب جهاز لنگر کڻندو. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ريڊيو آفيسر به منهجا دوست هئا. منجهن ڪو ڪم هوندو هو ته هن موڪلائڻ واري چتاء تي ياد اچي ويندو هو ۽ کين فون ڪري وٺندو هوس جو پوء هو يڪا ٽي هفته غائب رهيا ٿي.
    سو مهيني ۾ هڪ دفعو سفينه عرب جي ڪراچي کان Sailing ٿيندي هئي ۽ اسان جي گهر اڳيان اهيو ڪم ٿيندو هو. آئون پنهجي دوست کي چيڙائيندو به هوس ۽ هو شڪي ٿي گهڻو ئي مائٽن مٽن کي سمجهائيندو هو پر سائين هو ڪٿي ٿا مڙن. مونکي چوندو هو تون ته ڇٽو پيو آهين. هڪ مائٽ مٽ ڳوٺ اٿئي ۽ ٻيو جهاز اهڙو اٿئي جو ڪراچي ڇڏي ٿو ته پوء يا نصيب سال ڏيڍ ٻاهر پيو ڦري، موٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي
    هڪ دفعي ٽي ڏينهن به نه ٿيا ته وري روڄ پِٽڪو ۽ موڪلائڻ لاء خدا حافظ ٿي ويو. وائڙو ٿي ويس ته هي اڃان هاڻ ته جهاز جي Sailing ٿي. ٽن ڏينهن ۾ موٽي به آيو ۽ وري وڃي پيو ڇا؟ ٻاهر نڪري رڙ ڪري دوست کان پڇيم جيڪو ٺهي ٺڪي ڪار ۾ ويٺو هو. شيشو هيٺ ڪري کلندي چيائين ان ڏينهن Sailing ڪينسل ٿي ويئي هئي سو موٽي آيو هوس،هاڻي وري وڃان پيو. دعا ڪر ته جهاز هلي ، انجڻ پرابلم اٿس.”
    ڪيترا ماڻهو ٻاهر وڃڻ کان اڳ مائٽن مٽن ، دوستن يارن کان Farewell دعوتون گهري وٺندا آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ مهيني ٻن يا سال ٻن جي ڪورس، نوڪري يا ڪنهن دوري جي جيترو ٿي سگهي ڳاله به نه ڪجي . ڪهڙي خبر ته آخري وقت تي اهيو پروگرام ڪئينسل ٿي وڃي ۽ اهيو ڪيترن سان ٿيو به آهي. ڪيترا ته خوش ٿي ٻاهر پهچندا به آهن. پوءِ حڪومت جي تبديلين يا ٻين سببن ڪري کين هفتي ٻن بعد واپس گهرايو ويندو آهي. ويچارا ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه ٿيندا آهن. ان ڪري ان سلسلي ۾ جيترو ماٺ (low profile ) ۾ رهجي اوترو بهتر. “ ڏسجي ڏسجي “ پيو ڪجي ته بهتر. باقي “عبرت” اخبار ۾ جيڪڏهن توهان پئسن تي ڪالم لکندا آهيو ته پوء مهينوکن اڳ ۾ ڀلي ٻڌايو ته جيئن وڃڻ تائين توهان جو حساب چڪتو ٿي سگهي.


    سعودي عرب ڏي تياري

    منهجي سعودي عرب ڏي وڃڻ جو ٻڌي سڀ کان گهڻو خوش منهجو والد ٿيو.
    “سعودي عرب وڃڻ وقت ايئرپورٽ تائين آء به ڇڏڻ هلندوسانءِ” بابا چيو. کين ڪراچي جو نئون اڏو ڏسڻ سان گڏ مونکي ڀلاري پٽ ڏي روانو ٿيڻ لاء همٿ افزائي ڪرڻي هئي. نه ته اسان وٽ ڀاڪر پائي يا روئي در تائين موڪلائڻ جي رسم شروع کان نه رهي آهي.
    ٻارنهن سالن جو هئس ته مونکي ڪيڊٽ ڪاليج موڪليو ويو هو.
    پهريون دفعو گهر کان پري وڃي رهيو هوس. لاڏلو ٻار هئس. پر وڃڻ وقت بابا اهڙو ڏيک ڏنو ڄڻ آئون ڀر واري گهر ۾ ٿوري دير لاء پيو وڃان، ماءُ، ڏاڏي ۽ پڦيون بابا جي ڊپ کان ويجهو نه آيون. ڏاڏي جنهن مونکي نپايو، تنهن اکين ۾ پاڻي آڻي ڪجهه ڏک ڀريا ڊائيلاگ چوڻ چاهيا ٿي پر بابا ان کي جهلي ڇڏيو. جيتوڻيڪ آءُ پنهجي خواهش سان وڃي رهيو هوس پر ان مهل منهنجي دل ايڏي ٻُڏي رهي هئي جو بابا، امان، پڦي يا ڏاڏي، ڪو به ڀاڪر پائي چوي ها ته ٻچو وڃي پيو، اڪيلو ڪيئن هاسٽل ۾ رهندو! ته آئون ان موڊ ۾ هوس ته بئگ اتي ئي اڱڻ ۾ رکي، وڃڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهان ها، پر ڪو به ويجهو نه آيو. آئون گهر جي چائنٺ ٽپي در کان ٻاهر نڪتس ڪنهن به موٽڻ لاء سڏ نه ڪيو.
    ان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان به ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي يا در وٽ بيهي موڪلائڻ واري scene اسان وٽ ٿئي ئي ڪانه. بابي جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان ويندڙ جي دل ويتر سست ٿئي ٿي. اهيو ايئن آهي جيئن ڪو ٻار ڌڪو کائي ته بهتر آهي ته ڏسجي ئي نه. لنوائي ڇڏجي. گهڻو ڌڪ نه لڳو هوندس ته پاڻهي ئي ماٺڙي ڪري اٿي ويندو. پر جي هن جي ڪرڻ سان وٺي گهوڙا پٽ ڪبي ته ٻچي کي الائي ڇا ٿي ويو ۽ ڳراٺڙيون پائي پڇبس ته بچي ته وئين توکي ڏاڍو ڌڪ لڳو، ته هن کي نه لڳو هوندو، ته به وٺي روئندو.
    بهرحال ٻين کي اهيو ڪيئن لڳي پر منهنجي پوء ڪڏهن به گهر ڇڏڻ تي دل سست نه ٿي.انٽر بعد چٽگانگ پڙهڻ ويس، ته به اڪيلو هوس. نه فقط ڳوٺ مان پر سڄي سنڌ مان آئون پهريون ۽ اڪيلو هوس. گهر مان ان وقت به ايئن ڪڍيو ويس ڄڻ گهٽيء ۾ ڪلاڪ ٻن لاء کيڏڻ پيو وڃان. ان وقت 63-1962ع ۾ بسين ٽئڪسين ويندي هوائي جهازن جو اهڙو تکو سلسلو نه هو جهڙو اڄ آهي. بئگ کڻي ٽانگي ۾ چڙهي هالا جي بس اسٽاپ تي وڃبو هو. بس جي انتظار ۾ ڪلاڪ چٽ.بس ايندي هئي ته اڄ وانگر اڌ ڪلاڪ ۾ ڊائريڪٽ حيدرآباد نه اچي ڇڏيندي هئي.هڪ هڪ ڳوٺ ۾ ساهي پٽيندي هلندي هئي. اڄ به انهن ڳوٺن جا نالا ڪنهن سهڻي شعر جي سِٽَ جيان ياد آهن. ڀٽ شاهه ،جاڙا واٽر، بائو ديرو، کنڊو، کيبر، مٽياري وغيره. ان بعد ٽرين رستي ڪراچي آيس، ٻئي ڏينهن هڪ هوائي جهاز ۾ ڍاڪا ۽ ٽئين ڏينهن ڌڪا ٿاٻا کائي چٽگانگ پهچي ويس. ان مان اهو فائدو ٿيو جو هر وقت هوش هواس کليل رکڻا پيا ٿي. ڪو ٻيو گڏ هلڻ وارو، ٻُڌائڻ وارو ۽ بار ڍوئڻ وارو نه هو. تعليم بعد جهازن جي نوڪري- سدائين سفر ۾. ڪراچي ۾ به جهڙو مهمان وانگر. ڪراچي ۾ جهاز جي هوندي ڪيترن مائٽن جا قضيا يا شاديون مراديون ٿيون هونديون پر جهاز جيsailing ڪري موڪل نه ملندي هئي . ڪڏهن مونکي ڏک ٿيندو هو به ته بابو يڪدم سمجهائيندو هو ته اها نوڪري کنئي اٿئي ته ان جي ڊيوٽي پوءِ ايئن ئي ڏيڻي پوندي. موڪل هرگز ڪرڻي ناهي.
    ڪي ڪي نوڪريون ٽيليفون آپريٽر کان ريل گاڏي هلائڻ وارن جون اهڙيون ٿين ٿيون جن ۾ عيد جي ڏينهن به نوڪري ڪرڻو پوي ٿي. ڳالهه پسن دناهي ته اهڙي نوڪريء ۾ ئي نه اچجي. اهيو ئي سبب آهي جو ڪيترن عرب ملڪن ۾ پاڪستانين کي نوڪري نه ٿي ملي جو هو هر عيد برات يا مائٽ مٽ جي موتي فوتي، غمي خوشي تي موڪلون ڪن ٿا ۽ وٺيو پنهجي ملڪ ڀڄن ۽ ڪيل واعدي کان دير سان ئي موٽن ٿا. ان معاملي ۾ سنڌين جون ته اڃا گهڻيون شڪايتون آهن ته هو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ به ٽِڪي نٿا نوڪري ڪن. منهجا به اهي ڪم هجن ها جيڪڏهن بابو شروع کان اهيو رويو اختيار نه ڪري ها.
    ان تان مونکي ياد آيو ته ڪيترن ماڻهن وٽ موڪلائڻ هڪ وڏي رسم آهي. چڱيء طرح نه موڪلائڻ تي ٻئي ڌريون دل ۾ ڪن ٿيون. ڪراچي ۾ سال کن هڪ جهازي دوست جي گهر سامهون رهڻ ٿيو.هو انهن ڏينهن ۾ سفينه عرب جهاز جو چيف انجنيئر هو. سفينه عرب جهاز مسافرن جو جهاز هو.عمري يا حج لاء ٻارهو ئي مسافر کڻي ايندو ويندو هو. هفتو ڪراچي ۾ رهندو هو.هفتو ڪراچي کان جدو لڳائيندو هو. ان بعد هفتو جدي ۾ ترسي وري ڪراچي ايندو هو ۽ ٻئي سفر جي تياري ڪندو هو. يعني هر مهيني سفينه عرب ڪراچي کان روانو ٿيندو هو ۽ ست ڏينهن گهر ۾ رهڻ بعد sailing واري ڏينهن تي صبح جو جنهن وقت اسان جو دوست گهران نڪرندو هو ته موڪلائڻ لاء منظر ڏسڻ وٽان هوندو هو. ماء پيء ۽ ڀائر ڀيڻون، ڀائيٽيا ڀاڻيجا وري وري ڀاڪر پائي موڪلائيندا هئس. (زال اڪثر ساڻس هلندي هئي) ڪيترا ته روئيندا به هئا. “مامون جلدي آنا”.ڪا ڀاڻيجي در تي بيهي رڙ ڪندي هئي. “ ڀاء وسارجان نه” ڪا ڀيڻ چوندي هيس . “پٽ شل ڪوسو واء به نه لڳئي. جهاز سنڀالي هلائجان” ماء چوندي هئس ( هاڻي Red Sea ۾ ڪوسو واء ته ڇا سال جا ڇه مهينا انجڻ روم ۾ ڄڻ باه هوندي آهي ۽ سنڀالي جهاز نه هلائيندو ته پاڻ به مرندو ٻين کي به ماريندو)
    بهرحال موڪلائڻ تي هڪ وڏو سين ٿيندو هو. پاڻ جيسين ڪار ۾ وهي ۽ ڪار هلي تيسين ڏهه پندرنهن گهر جي ڀاتين( جن ۾ عورتن جو تعداد وڏو هوندو هو) جون دانهون هونديون هيون. اوڙي پاڙي وارا درن ۽ درين جي اوٽ ۾ بيهي لقاءُ ڏسندا هئا . اسان جي گهر جو در سامهون هو سو اسين گهر ۾ ويٺي اهيو تماشو ڏسندا هئاسين ۽ جڏهن به ان قسم جون رڙيون ڪُوڪوُن ٿينديون هيون ته سمجهي ويندو هوس ته اڄ سفينه عرب جهاز لنگر کڻندو. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ريڊيو آفيسر به منهجا دوست هئا. منجهن ڪو ڪم هوندو هو ته هن موڪلائڻ واري چتاء تي ياد اچي ويندو هو ۽ کين فون ڪري وٺندو هوس جو پوء هو يڪا ٽي هفته غائب رهيا ٿي.
    سو مهيني ۾ هڪ دفعو سفينه عرب جي ڪراچي کان Sailing ٿيندي هئي ۽ اسان جي گهر اڳيان اهيو ڪم ٿيندو هو. آئون پنهجي دوست کي چيڙائيندو به هوس ۽ هو شڪي ٿي گهڻو ئي مائٽن مٽن کي سمجهائيندو هو پر سائين هو ڪٿي ٿا مڙن. مونکي چوندو هو تون ته ڇٽو پيو آهين. هڪ مائٽ مٽ ڳوٺ اٿئي ۽ ٻيو جهاز اهڙو اٿئي جو ڪراچي ڇڏي ٿو ته پوء يا نصيب سال ڏيڍ ٻاهر پيو ڦري، موٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي
    هڪ دفعي ٽي ڏينهن به نه ٿيا ته وري روڄ پِٽڪو ۽ موڪلائڻ لاء خدا حافظ ٿي ويو. وائڙو ٿي ويس ته هي اڃان هاڻ ته جهاز جي Sailing ٿي. ٽن ڏينهن ۾ موٽي به آيو ۽ وري وڃي پيو ڇا؟ ٻاهر نڪري رڙ ڪري دوست کان پڇيم جيڪو ٺهي ٺڪي ڪار ۾ ويٺو هو. شيشو هيٺ ڪري کلندي چيائين ان ڏينهن Sailing ڪينسل ٿي ويئي هئي سو موٽي آيو هوس،هاڻي وري وڃان پيو. دعا ڪر ته جهاز هلي ، انجڻ پرابلم اٿس.”
    ڪيترا ماڻهو ٻاهر وڃڻ کان اڳ مائٽن مٽن ، دوستن يارن کان Farewell دعوتون گهري وٺندا آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ مهيني ٻن يا سال ٻن جي ڪورس، نوڪري يا ڪنهن دوري جي جيترو ٿي سگهي ڳاله به نه ڪجي . ڪهڙي خبر ته آخري وقت تي اهيو پروگرام ڪئينسل ٿي وڃي ۽ اهيو ڪيترن سان ٿيو به آهي. ڪيترا ته خوش ٿي ٻاهر پهچندا به آهن. پوءِ حڪومت جي تبديلين يا ٻين سببن ڪري کين هفتي ٻن بعد واپس گهرايو ويندو آهي. ويچارا ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه ٿيندا آهن. ان ڪري ان سلسلي ۾ جيترو ماٺ (low profile ) ۾ رهجي اوترو بهتر. “ ڏسجي ڏسجي “ پيو ڪجي ته بهتر. باقي “عبرت” اخبار ۾ جيڪڏهن توهان پئسن تي ڪالم لکندا آهيو ته پوء مهينوکن اڳ ۾ ڀلي ٻڌايو ته جيئن وڃڻ تائين توهان جو حساب چڪتو ٿي سگهي.


    عربن بابت مختلف رايا

    سعودي عرب هيستائين نه پئي آيس. ان ڪري نه ته منهنجي هيڏانهن اچڻ لاء دل نٿي چاهيو پر ان ڪري جو موقعو ئي نٿي مليو. ٻين اکرن ۾ داڻو پاڻي نه پئي ٿيو.جهاز هلائڻ وقت ڪڏهن به اهڙو جهاز نه مليو جيڪو جدي ويندو هجي. جيڪي مسافر بدران جهازن تي منهنجا دوست هئا اهي ته خبر ناهي ڪيترا دفعا جدي وڃي چڪا هئا پر ڪارگو جهازن وارا پڻ حاجي ٿي چڪا هئا.
    جدي کان مڪي شريف تائين جو سفر ايئن آهي جيئن حيدرآباد کان نواب شاه يا دادو کان شڪارپور. سعودي عرب ۾ ريل گاڏي عام نه آهي پر روڊ رستا تمام سٺا آهن يعني جيئن دنيا جي سڌريل ملڪن جا ٿين. اسين پاڪستاني – خاص ڪري سنڌ جا رهواسي سڄي عمر سجاول ، بدين ، مورو، شهدادپور ۽ ڏوڪري قنمبر وارن ڀڳل رستن تي هلي هلي اهڙا ذهني ۽ جسماني مريض ٿي پيا آهيون جو ٻين ملڪن جا نارمل رستا ڏسي انهن اڳيان به صفت استعمال ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون ته رستا سٺا آهن. صاف رستا آهن. جيتوڻيڪ اهيا ساڳي ڳاله ڪنهن ملائيشيا ، سنگاپور ، ويندي ڪينيا، يا نائيجيريا جهڙي ملڪ جي ماڻهوء سان ڪبي ته هو يڪدم حيرت مان چوندو What do you mean? – يعني رستا ته ايئن ئي ٿيڻ کپن.هنن کي ڪهڙي خبر ته هڪڙا سندن رستا آهن جيڪي ٻارهو ئي مينهن ۾ پيا پسن. وڏيون وڏيون ٽرڪون پيون هلن ته به رستا آهن. ۽ هڪڙا سنڌ جا رستا آهن جيڪي موت جون کاهيون آهن. جيتوڻيڪ ٺهرائڻ تي في ڪلوميٽر خرچ اسان وٽ به ساڳيو اچي ٿو ۽ Labour charges (مزدوري) به گهٽ آهي.
    بهرحال هن کان اڳ منهجو هتي سعودي عرب ۾ داڻو پاڻي نه هو. هڪ دفعو حج جا فارم ڀريم. نالو به نڪتو پئسا به جمع ڪرايم ته اتي ڪويت کان سندن بندرگاه جي چارج سنڀالڻ لاء ليٽر اچي ويو ۽ مون اهو ئي سوچيو ته ڪويت جيڪو سعودي عرب سان ايئن گڏيو پيو آهي جيئن سنگاپور ملائيشيا سان يا هانگ ڪانگ ڪئينٽن چين سان. جتان روزانو بس مديني روانو ٿئي ٿي. آفيس ويندي ڪويت جي بس اسٽاپ تان روز لنگهندو هوس. پر پوء خبر پئي ته اڃان مونکي آئي مهينو اڌ به نه ٿيو آهي ان ڪري سعودي عرب وڃڻ لاء موڪل گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن بعد ملندي يعني حج لاء ٻئي سال وڃي سگهان ٿو. ۽ ٻئي سال ذوالحج اچڻ کان گهڻو اڳ مونکي پنهجي ڪراچي آفيس طرفان ٽوڪيو ( جاپان) موڪليو ويو. جتي هڪ نئون جهاز مالاڪنڊ ( جيڪو هينئر پنهجي مقرر زندگي پوري ڪري گريس پيرڊ ۾ سفر ڪري رهيو آهي) ٺهي رهيو هو. ان جي سنڀال ڪرڻي آهي ۽ جنهن جي مڪمل ٿيڻ تي ان کي هيڏانهن هوڏانهن- خاص ڪري آمريڪا (U.S.A) ۽ ڪيوبا ڏي وٺي وڃڻو هو.
    سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران، سعودي عرب کان آيل چئن عربن سان منهنجي تمام سٺي دوستي ٿي ويئي هئي. هو عمر ۾ مونکان ننڍا منهنجن ڀائيٽن ڀاڻيجن جيڏا هئا پر هڪ ئي هنڌ ڪم ڪرڻ ڪري سٺي واقفيت ٿي ويئي. منهنجو گهر به سندن پاڙي ۾ هو. زالن ٻارن سان رهندا هئا. ٻين کان ۽ هڪ ٻئي کان پڙدو ڪندا هئا پر منهنجي منهن تي پوندا هئا. انگريزي ڪمزور هين سو آفيس ۾ ان ڪم ۾ سندن مدد ڪندو هوس ۽ گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندن ٻار هوم ورڪ پڇڻ ۽ ڪمپيوٽر سکڻ لاء منهنجي ٻارن وٽ ايندا هئا. سئيڊن ڇڏڻ وقت انهن سعودي اچڻ لاء ڏاڍو زور ڀريو. پاڪستان پهچڻ تي به خط ۾ توڙي فون تي چوندا رهيا. هڪ دمام ۾ آهي ٻيو جدي ۾ ۽ ٽيون ينبو ۾. ٽئي بندرگاه آهن پر دمام جو بندرگاه سعودي عرب جي اوڀر جو بندرگاه آهي ۽ نار (Gulf) ۾ آهي ، جنهن جي ڀر ۾ دوحا،دبئي (U.A.E) آهن ۽ نار جي هن پاسي ايران آهي. ننڍي هوندي کان ڪتابن ۾ سمنڊ جي هن ٽڪري- نار جو نالو ايراني نار Persian Gulf پڙهياسين ۽ پاڪستان کان عربستان ۽ ايران تائين واري ويڪري سمنڊ جو نالو عربي سمنڊ. پر هاڻي جيئن ته هي هڪ سياسي مسئلو ٿي پيو آهي ۽ ايراني هن کي ايراني نار ۽ عرب هن کي عربي نار ٿا سڏين ان ڪري اسان به يورپي ڏاهن (Diplomats) وانگر فقط نار(Gulf) سڏينداسين. هي اهو مسئلو آهي جنهن تي فيصلو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي .
    جدو ۽ ينبو سعودي عرب جا اولهه وارا بندرگاه آهن ۽ ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۾ آهن. جنهن کي عربي ۾ بحر احمر سڏجي ٿو. هي ڳاڙهو سمنڊ عدن جي ڪنڊ کان وٺي سئيز ڪئنال تائين آهي. يورپ ويندي يا موٽندي جهازن جو هتان لنگهه ٿئي ٿو جو سئيز ڪئنال ميڊيٽرينن (ڀونچ) سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ کي ملائي ٿو. ڪراچي کان سامونڊي رستي ويندي وقت پهرين عدن اچي ٿو . ان بعد سعودي عرب جو هڪ ننڍو بندرگاه جيزان، تنهن بعد جدو ۽ پوء ينبو.
    منهجو پهرين ارادو جدي وڃڻ جو هو. پر جنهن دوست وٽ وڃي رهيو هوس ان جي جيزان بدلي ٿي ويئي . ان ڪري في الحال جدي ۾ رهڻ جو ارادو لاهي ڇڏيم. ان بعد دمام وڃڻ جو پئي سوچيم ته ينبو واري دوست حسن ويزا به موڪلي ڏني. نقشي ۾ ڏٺم ته ينبو مديني جي تقريبن ايترو ويجهو آهي جيترو مڪو جدي بندرگاه کي. وڃڻ جو پڪو ارادو ٺاهيم پر آفيس وارن موڪل نه ڏني، دل ۾ سوچيم ته هي ڪراچي واري جهازن جي نوڪري ڇڏي سعودي عرب هليو وڃجي جڏهن ته ويزا آهي ۽ اتي جا عرب دوست نوڪري لاء به چون پيا. ڪا انڌي منڊي نوڪري پاڻ وٽ يا ڪنهن ٻي آفيس ۾ ڪڍي وٺندا يا ٻيو نه ته ڪنهن دڪان اسٽور تي ئي ويهي وقت پاس ڪري سگهجي ٿو. مطلب آهي پاڪ جاين جي ويجهو رهڻ. اڃان ان ٻڏتر ۾ هوس ته اتي ڪئپتين بشير وسطڙو سان ملاقات ٿي . تنهن سختي سان روڪيو؛ “ عربن وٽ وڃڻ کان ماٺ ڪري اتي ويٺو هج” پاڻ ڪنهن زماني ۾ مون واري ارادي سان ويو هو پر Adjust ٿي نه سگهيو ۽ سگهو ئي موٽي آيو . عربن جي Behaviour جي جيڪا شڪايت ڪيائين ٿي ته مغرور آهن، اسان ايشين کي فقير ۽ نيچ ٿا سمجهن وغيره، ان جي ڳاله ٻين به ڪيترن ڪئي ٿي.
    ظهير بابر جيڪو مون وانگر جهازن جو چيف انجنيئر ٿي ملڪ ملڪ گهميو آهي، سئيڊن ۾ به مون وانگر ٻه سال رهي آيو آهي . تنهن سان صلاح ڪيم . تنهن فون تي کلي چيو؛
    “وڃ ڀلي . پر ............”
    “ پر ڇا -؟” مون زور ڏئي پڇيو مانس.
    “ اتي سوشل زندگي آهي ئي ڇا. تو جهڙو ماڻهو جيڪو يورپ، جپان ويندي آمريڪا ۾ رهيو ، اهو اتي سعوديءَ جي خشڪ زندگي ۾ ڇا محسوس ڪندو. ڏاڍي اڪيلائي لڳي ٿي “ . هن سمجهايو.
    “ پر آئون ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ به ته رهي آيو آهيان جيڪو هڪ جنگل آهي ۽ خاص ڪري آئون هڪ ٻيٽ جهڙي هنڌ تي هوس”. مون وراڻيو مانس
    “ اهو صحيح آهي . اتي به اڪيلائي آهي ، پر ان کي ماڻهو منهن ڏئي ٿو، ڇو جو مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي ته آزادي آهي. اتي اسان کي ڪو گهٽ سمجهي ٿو ته ڪو پاڻ جهڙو ۽ ڪو پاڻ کان مٿي به ته سمجهي ٿو. ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اچڻ وڃڻ جي آزادي آهي. پر سعودي عرب ۾ اتي جو مڪاني ماڻهو اسان کي ڌاريون ۽ ڌڪاريل سمجهي ٿو، اڇوت ۽ اڻ سونهون سمجهي ٿو. “ ظهير سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڳالهيون بنا شڪ جي حقيقت تي مبني هونديون آهن.
    وڃڻ جي جيڪا تياري ڪري رهيو هوس اها ٿڌي ڪري ڇڏيم. بئگ جا خالي ڪري ڇنڊائي هيم ان ۾ ڪپڙا وجهڻ بدران واپس اسٽور روم ۾ رکي آيس. “ تون هڪ دفعو وڃي چڪر ته ڏئي اچ. پوء به دل نه لڳئي ته موٽي اچجانء. “ بابي سمجهايو. پر مون “ ڪجهه مهينا رکي پوء ويندس.” چئي گالهه ٽاري ڇڏي. عرب دوست فون تي اچڻ جو پروگرام پڇيو.
    “ يار بس في الحال ارادو نه آهي. ڏينهن ٻن ۾ توکي ويزا واپس ٿو ڪريان.ڀلي ٻي ڪنهن کي موڪلي ڇڏ”. مون وراڻيومانس.
    “ ايئن نه سوچ. ويزا تو وٽ پئي هجي. اهيا سال لاء آهي .سال پورو ٿئي ته موڪلجانء ته وري رنيو ڪري موڪليندومانء. جڏهن به تنهجي اچڻ جو موڊ ٿئي ته رڳو فون ڪجانء ته ايئرپورٽ تان اچي وٺي ويندوسانء.” ينبو جي عرب دوست حسن وراڻيو.
    اسان جي هڪ ٻئي دوست محمد علي ڏيپلائي ٻڌي افسوس ڪيو. پاڻ اڄ کان ٻه ڏهاڪا کن سال اڳ چار پنج سال سعودي عرب ۾ رهي آيو هو. تنهن مونکي هڪ وار سعودي عرب وڃڻ لاء سمجهايو.” ميان عرب مغرور آهن ته ڀلي هجن،اسان جو هنن سان ڪهڙو واسطو. تنهجي اوڏانهن وڃڻ ڪري ٻين جو به ڀلو ٿي پوندو.هنن توکي ويجهڙائي کان ٻه سال ڏٺو آهي. تو جهڙو ماڻهو هنن لاء به ڪارآمد ثابت ٿيندو. تون ضرور وڃ. چئين ته ٽڪيٽ جا پئسا به ڏيائين پر وڃ ضرور.”
    شام جو عباسي شهيد اسپتال جو ڪن نڪ ۽ ڳلي جو سرجن اسان وارو دوست سرفراز شاه آيو. تنهن سان حال ڪيم ته عجيب وچٿر ۾ آهيان، ظاهري طرح ته عرب پنهجي ملڪ گهرائڻ جو ڏاڍو زور ٿا ڀرين. سئيڊن ۾ ٻه سال گڏ هئا، اتي به ڏاڍيون عزتون ڏيندا هئا. هاڻ ايئن نه ٿئي جو ٻيڙيون ساڙي – يعني نوڪري ڇڏي اتي پهچان ته هو سڃاڻن به نه.
    ڊاڪٽر سرفراز شاه پنهجا فلمي ٽهڪ ڏئي چيو؛ “ بابلا ! متان ويو آهين انهن عربن وٽ. مون سان گڏ (خبر ناهي ڪهڙي ملڪ جو نالو ورتائين شايد آسٽريا، جتي هو پلاسٽڪ سرجري پڙهيو آهي ) هڪ عرب هو. هر ڳاله آئون سمجهائيندو هومانس .هو مون کي Sir ,Sir ڪري سڏيندو هو. آخري ڏينهن ۾ چوي ته سعودي عرب هلان جتي هو مونکي پاڻ سان گڏ اسپتال ۾ وڏي نوڪري ڏيندو. چيومانس بابلا! مون ٻڌا هٿ. هتي تون جنهن تنهن اڳيان مونکي سر! سر! چوندو وتين. اتي پهچڻ سان مائٽن مٽن کي ٻڌائيندو وتندين ته “هَذا الرجال مسڪين” هي مسڪين ماڻهو پاڪستان کان هتي مون وٽ آيو آهي”
    پنهنجي ننڍپڻ جي دوست، ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ ڪموڊر اشفاق بيگ کي اهيو به ٻڌايم ته آئون وڃان پيو، پر چيو مانس؛ “جيڪڏهن سعودي عرب ۾ نوڪري ملي ته ڇا خيال آهي وڃڻ کپي يا نه؟”
    “ مائٽ آئون ته هرگز صلاح نه ڏيندس.”هن وراڻيو. اسان اسڪول جي ڏينهن کان يعني ڪيڊٽ ڪاليج کان هڪ ٻئي کي مائٽ چئون.
    “ڇو ڀلا-؟” مون وضاحت گهري مانس.
    “ بس عبادت ۽ حج لاء مڪي مديني وڃجي باقي نوڪري پورهئي لاء عربن جي دنيا ۾ هرگز نه رهجي. سخت ٽيڙيء خور آهن. ڪا social زندگي ناهي .اڪيلو ماڻهو بور ٿيندو رهي ٿو.”
    جيڪڏهن اڪيلائي آهي ته مونکي ضرور وڃڻ کپي ڀلي ڪو نه ڳالهائي، آئون اڪيلو رهڻ ۾ خوشي محسوس ڪندس. لکڻ پڙهڻ لاء وقت ملي ويندو.هتي ڪراچي ۾ ته سڄو ڏينهن ملڻ جلڻ ۾ پورو ٿئي ٿو. ڪا ذاتي زندگي نه رهي آهي .” مون چيومانس.
    “ اهو صحيح آهي ته هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو کي اڪيلائپ محسوس نه ڪرڻ کپي. ڪرنل ڪومبس ڇا چوندو هو جنهن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي اهو ڪڏهن به هن دنيا ۾ اڪيلو محسوس نه ڪندو. جنگل ۾ به هن کي ڪتان ساٿ ڏين ٿا. ڪتاب سڀ کان سٺا دوست آهن. پر تڏهن به هڪ حد ٿئي ٿي. ماڻهو سوشل جانور آهي . ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سان ملڻ جلڻ تي دل چوي ٿي”
    “ يار آئون وڃڻ چاهيان ٿو. ڪجهه عرصي لاء. مون سعودي عرب نه ڏٺو آهي. دل لڳي ته رهي پوندس، نه ته مهينو ٻه رهي موٽندس. منهجي ڇهه مهينا کن موڪل آهي . اها Avail ڪرڻ چاهيان ٿو.


    سعودي عرب وڃڻ لاء ڪاغذن جي تياري

    آئون پنهجي ڪم ۾ لڳي ويس. ٻن ٽن مهينن بعد نيٺ منهجي موڪل منظور ٿي. ويزا جو ليٽر هٿ ۾ هوم. سوچيم ته جڏهن موڪل شروع ٿيندي ته پوءِ پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو هڻائيندس ۽ ڏينهن ٻن بعد سعودي عرب روانو ٿي ويندس. سعودي عرب جي ايمبيسي- يعني ڪراچي وارو قونصل خانو اسان جي گهر جي ڀرسان ئي آهي. جنهن اڳيان روز ماڻهن جا ڌڻ ڏسندو آهيان. مون سمجهيو ته آئون ويزا جو ليٽر ڏيکاريندس ته ان ئي وقت ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا يا وڌ ۾ وڌ ٻئي ڏينهن تي پاسپورٽ کڻڻ لاء چوندا.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ سعودي عرب جي قونصل خاني وٽ پهتس ته خبر پئي ته يارهين بجي کلندو اڃان ته نوَ ٿيا آهن. موٽي گهر آيس. آئون يا مون جهڙا ٻيا ڪراچي جا ته کڻي گهر موٽي ويا هجن يا ڪنهن دوست وٽ پر اندروني سنڌ پنجاب کان پري کان آيل ويچارا ڪيڏانهن وڃن. نٽهڻ اس ۾ پڪي رستي جي ڪپرن تي بيٺا رهيا. يارهين بجي اندر اچڻ ڏنائون. ڊگهي لائين دريء اڳيان لڳي ويئي. جيسين دريء جو منهن کلي . اهو به شڪر جو مٿان ڇت هئي.” ڪنهن زماني ۾ ماڻهن کي کلي آسمان هيٺ اونهاري توڙي سياري ۾ قطار ٺاهي انتظار ڪرڻو پوندو هو.” هڪ همراه ٻڌايو. يارهين بجاء ٻارهين دري کلي. هر ڪو هڪ هڪ ٿي پنهجا ڪاغذ ڏيکارڻ لڳو. ڪن کي واپس پئي مليا. ڪن جا جمع پئي ٿيا، ڪن کي وري ڪنهن ٻئي ڏينهن اچڻ لاء چيو پئي ويو.مس مس منهنجو به وارو آيو – پوري ڏيڍ بجي . اڃان ته منهنجي پويان به ايترا هئا جو آخري همراه کي ٽي ٿي ويا هوندا .
    دريء تي پاڪستاني همراه ويٺو هو. حق جي ڳالهه ڪبي ته ٻن هفتن جي ڊوڙ ڊوڙان ۾ جيڪي هڪ ٻه نيڪ ماڻهو نڪتا ۽ اخلاق سان پيش آيا انهن مان هي به هڪ هو. سندس نالو عبدالباسط ٻڌايائين. سرحد جو همراه هو . عربي به آيس ٿي. هر هڪ کي چڱي طرح سمجهائي رهيو هو. باقي ٻيا ته آيل ماڻهن سان – جن ۾ وڏو حصو غريب مزور طبقي جو هو ، اهڙو برتاء ٿي ڪيو ڄڻ سڀ چور ۽ ڏوهاري اچي حاظر ٿيا هجون . قطار ۾ منهنجي پويان هڪ بزنيس مئن هو. تنهن به ساڳي ڳاله جو احساس ڏياريو ته اسان پاڪستانين کي جتي ڪٿي هيٺاهون سمجهو وڃي ٿو.
    دريء وٽ منهنجو وارو آيو ته همراه ٻڌايو ته منهنجي ويزا آيل آهي پر پنهنجو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ جيڪو عرب گهرائي پيو ان جي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي به کپندي ۽ عربيء ۾ درخواست به. هاڻِ اهي حاتم طائي وارا ست سوال هئا. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ، ڇاتيء جي ايڪسري سان گڏ فوٽو اسٽوڊيو مان نڪتل فوٽوءَ جي نيگيٽو ڪاپي - يعني ايڪسري ۾ منهنجون پاسراٽيون ته نظر اچن پر ٽاءِ سان فوٽوءَ جي نيگيٽو ڪاپي به ۽ درخواست خاص فارم تي عربيءَ ۾ لکيل –اهي شيون ڪٿان اچن . ملائيشيا، سئيڊن جپان وڃڻ لاء ته ميڊيڪل ڊاڪٽر شڪور قاضي يا سرفراز شاه کان به ڪرائي ويس ٿي، پر هي خاص قسم جو ميڊيڪل ڪٿان ڪرائجي.
    قطار ۾ ٻه ڪلاڪ کن بيهڻ جو اهو فائدو ٿيو ته ان جي راز جي به خبر پئي ته ٻاهر جيڪي فوٽ پاٿ تي ويٺا آهن انهن کي چار پئسا ڏيڻ سان هو عربي ۾ درخواست لکي ڏيندا ۽ ان قسم جو ڪٿان ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائجي اهو به ٻڌائيندا. بهرحال چار پئسا ته نه، انهن جي مقرر ۽ گهٽ ۾ گهٽ في چار سئو رپيا آهي . قطار ۾ بيٺل فيصل آباد جي هڪ همراه چيو، “ بهتر آهي انهن کي پئسا ڏئي ڪاغذ ٺهرائجن نه ته پاڻ ماڻهو پڄي نه ٿو سگهي،” هن ٻڌايو ته کيس پاسپورٽ ٺهرائڻو هو . اٺ سئو رپيا کن في هئي ۽ فٽ پاٿ تي ويهندڙ همراه چار سئو رپيا پنهجي في ٿي ورتي. مون اها بچائڻ چاهي . نتيجو اهو نڪتو جو مونکي ڪي ڏينهن ڊوڙڻو پيو ۽ هوٽل ۾ رهڻ جو بل ئي ٽيڻو چئوڻو ٿي ويو. ان کان علاوه پوليس رپورٽ لاء ٻه دفعا فيصل آباد وڃڻو پيو. وقت الڳ برباد ٿيو پئسو الڳ.
    سعودي سفارتخاني مان نڪري سڌو ڪئپٽن رشيد ابڙو جي آفيس ۾ آيس. دوست کي سعودي عرب فون ڪيم ته سندس شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي کپي . رشيد جي نمبر تي فئڪس ڪر.
    “ شام جو گهران وڃي فئڪس ڪندس .” هن چيو.
    شام جو جڏهن هن فئڪس ڪرڻ چاهي ته رشيد جي فئڪس مشين خراب هئي. هڪ ٻئي دوست جو نمبر ڏنو مانس. ان تي پهچي ويئي. پر ان جو گهر گلشن اقبال ۾ هو. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پهرين ان وٽان اها ڪاپي کڻي آيس ۽ پوء سعودي قونصل خاني جي اڳيان فوٽ پاٿ تي ويٺل هڪ همراه جي منهن ۾ ڏاڙهي ڏسي معتبر سمجهي ڪاغذن جو پڇيو مانس. تنهن ميڊيڪل رپورٽ لاء هڪ ڪلينڪ جو ٻڌايو، جيڪا بقول سندس، فقط ان ڪلينڪ جي رپورٽ سعودي عرب وارا قبول ڪن ٿا- (۽ جنهن فلم تي ايڪس ري ڪڍي ڏنائون اها فلم منهنجو دوست ڊاڪٽر ڏسي چوڻ لڳو ته ڪو رديء ۾ به نه وٺي) بهرحال ساڍا چار سئو رپيا وٺي عربيء ۾ اڳواٽ پر ٿيل فارم تي منهنجو نالو، پتو، پاسپورٽ نمبر ائڊريس وغيره جلدي جلدي لکي آخر ۾ مونکي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو.صحيح ڪري کڻي ڏسان ته ڪٿي الطاف لکي ويو آهي ته ڪٿي آفتاب .
    “ هي ڇا ڪيو اٿئي-؟” مون سندس غلطي ڏي اشارو ڪيو.
    مون سمجهيو ته هو شرمندو ٿيندو. پر وڏي آرام سان چيائين؛ سائين ڪو خاص فرق نه ٿو پوي.” ۽ ان تي اڇو چن هڻيِ نالو صحيح ڪري جلدي ۾ منهنجي حوالي ڪري ٻن ڳوٺاڻن سنڌين جا فارم ڀرڻ ۾ لڳي ويو.
    دل ۾ مون سوچيو ته اسان جا ڪيترا ماڻهو انهن معمولي غلطين ڪري ڪيترن ملڪن جي هوائي اڏن تي پريشان رهن ٿا. جپان، سنگاپور، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اتي جي پوليس نالي جي هڪ اکر جي ڦيرڦار تي به وڏو ڦڏو ڪري ٿي. Ahmad بدران Ahmed نٿا لکي سگهو. ڀلي کڻي اُچار ساڳيو احمد ٿئي . پر جيڪا اسپيلنگ پاسپورٽ تي آهي اهائي ٻين پنن تي هجڻ ضروري آهي. اهڙي حال ۾ الطاف بدران آفتاب يا موسي بدران عيسي لکڻ –مسافر کي پرديس ۾ ڪيڏو ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿو.
    ميڊيڪل لاء ٽئين ڏينهن ويس . وڃڻ وقت سعودي قونصلخاني وٽان لنگهي رهيو هوس ته فٽ پاٿ تي ساڳيو همراه مليو جنهن منهنجو فارم ڀريو هو .
    “ميڊيڪل تي پيو وڃان” ٻڌايومانس
    “سائين ڪو پرابلم هجي ته خذمت لاء حاضر آهيان،” هن چيو.
    ڇا مطلب-؟ پڇيومانس .
    “ ڪا بيماري هوندي به سئو سيڪڙو فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو.” هن ٻڌايو
    “ ٺهيو هنن جون هڪ ٻئي سان لائينون مليون پيون آهن.” مون دل ۾ چيو. “ ميڊيڪل جو ته پرابلم ناهي پر اهو ٻڌاء ته ماڻهن کان معمولي درخواست جا ساڍا چار سئو وٺو ٿا . ڇا اهو گهڻو ناهي ؟” مون هن کان پڇيو.
    سائين اسان کي سڀ ڪٿي ٿو ملي. اڌ به ملي ته به الائي ڇا ٿي وڃي .” هن چيو
    “ ته پوء ڪير ٿو کڻي -؟” مون پڇيومانس .
    بس سائين پوليس کي ڏيڻو پوي ٿو نه ته اهيا اسان کي ڊوڙايو ڪڍي. منٿلي الڳ ڏيون ان کان علاوه به هر هفتي ڏيڍ وڌيڪ پئسا وٺيو وڃن ته صاحب جا مهمان آيا آهن ماني لاء ڦوڙي ڪري پئسا ڏيو.


    سعودي عرب وڃڻ لاء ميڊيڪل

    ڪلينڪ تي پهتس ٻه ڪمپائونڊر پنهنجي ڪمن ۾ مشغول هئا. هڪ کي چيم ته ميديڪل لاء آيو آهيان. تنهن ٻئي وٽ موڪليو. ٻئي ميديڪل جي في پورا هزار رپيا پهرين ڳڻي ورتا. پوء اشاري سان چيو ته هلي ويهو. ٻيا به ٽي چار ويٺا هئا. وقت گذارڻ لاء هڪ کان سندس احوال ورتم . هو پنجاب پاسي جو هو.
    “ آئون ايئرڪنديشن جو مڪينڪ آهيان . سال لاء سعودي عرب وڃي رهيو آهيان. هزار ريال پگهار تي وڃان پيو.رهڻ جو بندوبست مالڪ ڪندو. ماني پنهجي ڪندس. اٺ هزار رپيا ويزا جي في ڏني اٿم، هزار هن ميديڪل جو ،ڇه هزار رپيا protectorate جي في ۽ انشورينس، اٺ هزار رپيا ٽڪيٽ جا- اهي سڀ پنهجي کيسي مان ڏيندس. منهنجو ڀاء به اتي ٿو ڪمائي ايترو ئي پگهار اٿس.”
    ساڻس گڏ جيڪو دوست آيو هو. ان کي جڏهن خبر پئي ته آئون ملائيشيا ۾ رهي آيو آهيان ته اتي جو پڇڻ لڳو.
    ڇو ڀلا-؟ مون پڇيومانس
    “آئون اوڏانهن نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو.” هن ٻڌايو.
    “ پر ملائيشيا وڃڻ لاء ته هتان پهرين ويزا وٺڻي پوندي آهي ۽ پورهئي لاء ته هنن وٽ پنهجا ئي چيني ۽ انڊين (ڏکڻ هندستان جا تامل) آهن. ڌارين کي ته هو اهڙن ڪمن لاء ورڪ پرمٽ نه ٿا ڏين، تون ڪيئن ويندين ؟” مون پڇيومانس.
    مون سٺ هزار رپيا هڪ ايجنٽ کي ڏنا آهن هن نوڪري لاء واعدو ڪيو آهي ،” هن ٻڌايو.
    “پڪ اٿئي ته هو موڪليندءِ “ مون پڇيومانس
    “ ها اسان جو سڃاڻو آهي . مونکي ۽ ٻين ٻن ٽن کي پاڻ سان وٺي هلندو ۽ اتي نوڪريءَ ۾ لڳرائيندو.”
    “هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ مزوري ۽ سستي پورهئي لاء سندن پنهجي ملڪ جا ئي چيني ۽ تامل جام آهن. ڌاريا جيڪي ائين لڪي پورهئي لاء پهچن ٿا انهن کان هيڪاندو گهڻو ڪم وٺن ٿا ۽ گهڻو پورهيو جنگلن ۾ ڪرائين ٿا- پوک جو يا وڻن جي ڪٽائي جو يا وري ڪارخانن ۾ . بهرحال اتي جي موسم مينهوڳي واري به آهي ته سخت گرمي ۽ مڇرن واري به. اهي ڳالهيون سڀ ڌيان ۾ رکي وڃجانءِ جو ايترو پئسو ڏئي به اتي پهچين پر اتي ڪم نه ڪري سگهين. مون کيس اتي جي حالتن بابت چتاء ڏنو.
    “ بس بازوئن ۾ سگه آهي ته ڪهڙو به پورهيو چوندا ته ڪرڻ لاء تيار آهيان. غريب آهيان . بيروزگار آهيان. قرض کڻي سٺ هزار ڏنا اٿم. جهڙو به مشڪل ڪم هوندو ته منهن ڏئي ويندوسانس. مڙس ماڻهو آهيان.” هن پختي ارادي سان ٻڌايو.
    ٻئي پاسي ويٺل ٻه ڄڻا سنڌي هئا. انهن مان هڪ سعودي عرب وڃي رهيو هو ۽ ٻيو کيس ڇڏڻ آيو هو.
    “ آئون مڪي ۾ ئي هڪ عرب وٽ ڊرائيور آهيان.” هن ٻڌايو.
    “ ڪيترا سال اتي ڪم ڪيو اٿئي؟” مون پڇيومانس.
    “ ٽي سال ۽ پوء موٽي آيس.هاڻ وري ٻن سالن بعد وڃان پيو.”
    “ پگهار ڇا ڏينئي ؟”
    “هڪ هزار ريال ڏين .” هن ٻڌايو.
    “ ماني ٽڪي .” مون پڇيومانس.
    “ماني ٽڪي پنهنجي ڪرڻي پوي ٿي، پر اها ڪا ايتري مهانگي ناهي. هڪ ريال جا چار خبس (نان) ملن ٿا. ڪنهن چٽڻي آچار سان ٻه کائڻ سان به پيٽ ڀرجيو وڃي. پر عربن وٽ ڪيترا دفعا ماني جي وقت بچت سچت ٿيندي آهي ته ٻوڙ پلاء اسان کي به ملي ويندا آهن. رهائش ۽ ميڊيڪل ڪفيل جي ذمي آهي.”هن ٻڌايو. هو خوش لڳو ٿي بقول هن جي مهيني ۾ پنج هزار رپيا بچت ٿيو وڃينس ۽ هتي ٻني ٻاري مان پنج سئو رپيا به نٿا ٿينس.
    ڪفيل ان عرب کي چئجي ٿو جيڪو عربستان ۾ گهرائي ٿو.
    اسان جا ايڪس ري، رت، پيشاب، بلڊپريشر ٽيڪنيشن ورتا. ان بعد آخر ۾ هڪ تازي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر نبض ڏسي روانو ڪيو. هو تپاس کان وڌيڪ اثر رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ لڳو ٿي. ميڊيڪل بدران هر هڪ کان سندس ڌنڌو ڌاڙي ۽ “سعودي عرب وڃي ڇا ڪندائو.” اهو حوال وٺڻ ۾ پورو هو. يا وري ان ڪوشش ۾ هو ته ڪو مسافر بلڊپريشر، ٽي بي، ڊائيبيٽيز جهڙي بيماري جو مريض هجي ته ان کي Exploit ڪيو وڃي .
    “سائين! ذيابطيس ڪي مريض تو نهين هو؟ اگر هو تو ابهي بتائو تاڪه ڪچه ڪرسڪون” هن سنڌي ڊرائيور کان پڇيو
    هاڻي اهڙا سوال پڇڻ جو ڇا مطلب جڏهن ته تپاس لاء هن ٽيڪنيشن کي پنهنجو پيشاب ڏنو آهي. تنهن جي معني ته رڳوSample ورتا وڃن ٿا. تپاس ڪنهن جو به ڪو نه ٿو ٿئي. پوء جڏهن ڪو مليريا، ٽائيفائيڊ، سله ۽ ٻين اهڙين بيمارين جا مريض ڌارين ملڪن ۾ پهچن ٿا – سعودي عرب جي ته خبر نه اٿم، پر جپان، انگلينڊ، سئيڊن، جرمني ويندي ملائيشا جهڙن ملڪن ۾ - ته پوء جهلجڻ تي هڪ هنگامو برپا ٿيو وڃي ته ان ملڪ ۾ مليريا يا ٽائيفائيڊ جهڙي بيماري ته آهي ڪانه، هن کي ڪيئن لڳي ۽ پوء نيٺ ثابت ٿيندو آهي ته پنهجي ملڪ مان کڻي آيو آهي . پر سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي ته ڊاڪٽر جي صحيح سان لکيو پيو آهي ته هي ته بلڪل ٺيڪ آهي . پوء دنيا اسان جهڙن ملڪن لاء اهو ئي تاثر وٺي ٿي ته هڪ ته ڊاڪٽر ۽ اسان جا ٻيا پروفيشنل ڄٽ آهن، ٻيو رشوت ۽ سفارش جو بول بالا آهي.
    منهجو نالو ۽ ڳوٺ جو نالو ٻڌي نوجوان ڊاڪٽر مون کي مان ۽ عزتون ڏيڻ لڳو جو سندس ڪاليج جي ڏينهن ۾ منهنجو هڪ مائٽ ۽ ڳوٺائي سندس پروفيسر هو. مون لاء يڪدم چانه گهرايائين ۽ افسوس ڪيائين ته آئون اجايو ايتري دير ڇو ويٺس ۽ قميصون ڪوٽ لاهي ڇو ايڪسري ڪڍائيندو رهيس. ڇو رت جو ٽيوب کن ڏنم، وغيره وغيره. آئون هن سڄي Process ۾ عجيب ڪيفيت محسوس ڪري رهيو هوس. هيستائين سڄي عمر سرڪار طرفان يا ڪمپني طرفان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ايندو ويندو رهيو هوس. پاسپورٽ کان ٽڪيٽ ۽ ٽئڪسي لاء پاڻهي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي نه ٿي پئي. هي پهريون دفعو هڪ عام ماڻهو وانگر هر شئي قطار ۾ بيهي پاڻ ڪرائڻ جي تجربي مان لنگهي رهيو هوس جيڪو ڪجه ائين هو جيئن ڪو ماڻهو سڄي عمر “ شوفر ڊرون” ڪار ۾ هليو هجي هاڻ ڪراچي ۾ عام بس ۾ “رش اوور “ ۾ سفر ڪري رهيو هجي.


    لاش کي وطن موڪلڻ مان ڪهڙو فائدو

    ٻئي ڏينهن مڙني ڪاغذن سان گڏ ميڊيڪل رپورٽ کڻي وري سعودي قونصلخاني جي دري وٽ پهتس. مس مس وارو آيو. ڪاغذ ڏسي دريء ڀرسان ويٺل ڪلارڪ چيو ته هڪ سرٽيفڪيٽ اڃا گهٽ آهي. سمجه ۾ نه آيو ته واقعي گهٽ آهي يا رشوت جي چڪر ۾ آهي ، پر پوء خبر پئي ته واقعي گهٽ هو. پاڪستان مان ويزا وٺڻ لاء اهو به ضروري آهي ته جيڪو عرب گهرائي پيو ان جي بزنس جو سرٽيفڪيٽ “سجل تجاري” هجڻ ضروري آهي.
    يورپ ۾ ٻه سال رهڻ دوران ڪيترن ئي ملڪن ۾ ننڍيون ننڍيون Trips لڳنديون هيون جن ۾ وڃڻ لاء ويزا خاطر آئون خاص ڪري ان عرب ( جيڪو مون کي دعوت ڏئي گهرائي رهيو هو) سان گڏ ڪڏهن جرمني ۽ ڊئنمارڪ جي، ته ڪڏهن ناروي پولينڊ جي سفارتخاني ۾ ويندا هئاسين ۽ گهڻو ڪري اتي جو اتي يا ڪلاڪ اندر ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا. هڪ سفارتخاني - شايد يونان يا ترڪي جي، پاسپورٽ رکي چيو ته سڀاڻي اچي کڻي وڃو ته اسان واري عرب دوست ڊزن کن عربي ۾ تکا لفظ چئي ڏنس ۽ مونکي چيائين: “ هي شرافت آهي هنن جي . اسان ڪي چور هجون ته پوء توهان ايئن تنگ ڪريو. هاڻ وري سڀان به موڪل ڪري هنن نوابن وٽ اچون. اڻ سڌريل ڪنهن جاء جا.”
    ۽ هاڻ سوچيم سعودي عرب وڃان يا نه وڃان پر جي ويس ته پنهنجي عرب دوست کي سندس سفارتخاني جو احوال ضرور ٻڌائيندس. جنهن جي Dealings مان بقول سندس: يا اسان ويزا وٺڻ وارا چور آهيون يا سفارتخاني وارا اڻ سڌريل آهن.
    منهنجي پويان بيٺل هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپاري نوعيت جي همراه ٻڌايو ته مونکي جيڪا ويزا آهي اها نوڪري جي ويزا آهي، ان لاء هڪ ته ان عرب کان سندس ڌنڌي جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ضروري آهي، ٻيو ته مونکي ان ويزا جي في ساڍا اٺ هزار رپيا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا.( جيڪا چه مهينا کن اڳ تائين فقط پنج سئو رپيا هئي) ۽ پوء Protectorate آفيس ۾ پڻ پنج ڇهه هزار رپيا ڏيڻا پوندا.
    “اهي ڇا جي لاء-؟” مون معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي.
    پروٽيڪٽوريٽ پاڪستاني حڪومت جو کاتو آهي، جيڪو پاڪستاني پورهيتن جو ولايت ۾ ديکڀال ڪري ٿو.مري وڃڻ تي سندن لاش وطن ڏي واپس ڪري ٿو.” هن ٻڌايو
    ديک بهال ته پاڪستانين جي جيڪا ٿئي پئي اها ته آئون به گذريل چوٿو صديء کان ڏسندو اچان، پر مري وڃڻ بعد لاش ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان کي به بخشيو نٿو وڃي ؟” مون مرڪندي هن کان پڇيو.
    “جيئن پنهنجي اباڻِ وطن ان کي دفن ڪيو وڃي “ هن ٻڌايو.
    “ ڇو-؟” مون پڇيو.
    “ جيئن پنهجي اباڻي قبرستان ۾ پنهجن مائٽن جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي .” هن ٻڌايو.
    “ان سان ڇا ٿيندو. گناهه معاف ٿي ويندا؟” مون پڇيو.
    “تڏهن به پنهجي ڌرتي تي ته ايندو.”
    “منهنجي خيال ۾ ته هي سڄي ڌرتي رب پاڪ جي آهي. بلڪه سڄي ڪائنات جنهن ۾ خبر ناهي ڪيتريون ڌرتيون ۽ سج چنڊ تارا آهن. هو ته رب العالمين آهي. عالمن جو رب. سڄي ڪائنات ۾ اسانجي هڪ ڌرتي جو گولو ته ٽٻڪي برابر آهي. ڌرتي جي چاهي هڪ ڪنڊ ۾ دفن ڪيو وڃي يا ٻي ڪنڊ ۾. قيامت جي ڏينهن سڀني کي اٿي پنهجي اعمالن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي، ويندي انهن کي به جيڪي بمن جي ڌماڪن ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃن...... ويندي اهي به جيڪي حادثن ۾ پرزا پرزا ٿيو وڃن........ جيڪي وچ سمنڊ تي جهازن ۾ مريو وڃن ۽ کين لاهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪبو آهي. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي لاش کي مڇيون ڳڀا ڳڀا ڪري وينديون آهن.” مون پنهجي پويان واري واپاري سيٺ ۽ ان پويان ٻيٺل هڪ سرمي جي دڪاندار مولانا کان ڪو صحيح جواب معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. پر ڪنهن نه ڏنو يا شايد ڪو به جواب ڏيڻ جي موڊ ۾ نه هو.


    مسافرن کي منجهائڻ جا ڪوڙڪا ۽ ڄارون

    گهر پهتس ته خبر پيئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي عرب دوست حسن ٻه دفعا فون ڪيو ۽ پڇي رهيو هو ته ڪهڙي فلائيٽ ۾ اچان پيو . هو ۽ سندس فئملي مونکي خوشيء سان آڌرڀاء ڪندا.
    “لڳي ٿو ته آئون شايد سعودي عرب نه وڃان. Formalities ايتريون آهن جو منهنجي موڪل ان ۾ ضايع ٿي ويندي. سال اڌ رکي پوء ڏسندس.” مون بابا سان ڳاله ڪئي.
    حسن کي فون ڪرڻ چاهي مٿي ،پر پڪ نه هئي ته آفيس ۾ هوندو، گهر ۾ يا دوستن يارن وٽ، پاڻ ته رئيس ماڻهو ٿيو آئون ٽن ٽن منٽن جا ٽي سئو رپيا ٽيليفون جا ڀريان. هاڻ هون ئي جلدي ناهي .جڏهن به پاڻ فون ڪيائين ته ٻڌائيندوسانس ته پروگرام ڪينسل ڪيو اٿم. ڪو بهانو ڏيندوسانس- ڪنهن مائٽ جي بيماري جو ، آفيس مان موڪلن نه ملڻ جو، ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه هجڻ جو، ڪنهن اهم گهرو ڪم جو. جيسين سندس فون اچي سوڇي وٺان ٿو.
    ان ڏينهن سندس فون نه آيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين بجي ڌاري آيو. کيس لمبي چوڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ بدران چيومانس ته ويجهڙائي ۾ اچڻ مشڪل آهي. لڳي ٿو ته ٻه ٽي هفتا لڳندا. تو خبر ناهي ڪهڙي ويزا موڪلي آهي . هاڻ هي سرٽيفڪيٽ ٿا گهرن.
    سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي آئون هيئنر ئي فيڪس ڪيان ٿو. ويزا مون نوڪري جي موڪلي آهي جيئن سڄي سال جا ڪاغذ ٺهرائي ڏيان. ان بعد سعودي عرب جي جنهن شهر چاهيندي اچي وڃي سگهندين ۽ جڏهن چاهيندي سعودي عرب ايندو ويندو رهندين. آئون به هتان فون ڪريان ٿو، تون فلاڻي عرب قونسلر سان مل جيڪو منهنجو مائٽ آهي .....”وغيره وغيره.
    دل ۾ چيم ته هي ڪو راٽرڊم، آمريڪا، سئيڊن، آسٽريا ناهي جتي عرب پيا ڪتر ٿين. هتي ته عرب صاحبن جي سيڪريٽرين جا سيڪريٽري ۽ انهن جي اسسٽنٽن جا ڪلارڪ ۽ پٽيوالا به منهن نٿا ڏين. بهرحال گهربل پنو ان ئي وقت هن موڪليو جيڪو ٻئي ڏينهن جمع ڪرايم. ۽ پوء مونکي پورن ڏهن ڏينهن بعد پاسپورٽ ويزا سميت کڻڻ لاء چيائون.
    ٻاهر نڪتس ته فٽپاٿ تي ويٺل عريض نويسن مان ڏاڙهيءَ واري جنهن ساڍا چار سئو رپيا وٺي عربيءَ ۾ درخواست لکي ڏني هئي تنهن چيو ته اهي رڳو گشا ٿا هڻن. ڏهن بدران گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن ڏينهن بعد اچجو. مونکي ان ٺڳ جي ڳالهه غلط لڳي. پر پوء خبر پئي ته هو ئي “نيڪ محمد سچار هو”. آئون ڏهن ڏينهن بعد روزانو ويندو رهيس.نيٺ ارڙهين ڏينهن بعد ويزا لڳل پاسپورٽ مليو. يعني هاڻي آئون ٽڪيٽ وٺي سعودي عرب وڃي سگهان ٿو .
    هاڻ سعودي عرب وڃڻ لاء جيئن ته آئون پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي رهيو هوس. ان ڪري مون سستي کان سستي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي ٿي. هڪ ايجنٽ کي فون ڪري ينبو شهر لاءِ پڇيم. تنهن وراڻيو: “ اڄ ڪلهه حاجين جي رش آهي ، ان ڪري ينبو لاءِ جدي بدران رياض کان ملي سگهندي. يعني ڪراچي، رياض ۽ ينبو.” رياض سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ۽ سعودي عرب جي تقريبا وچ تي آهي. جيئن کڻي چئجي ته لاهور پاڪستان ۾ آهي .
    “تون ڪيتري ۾ ڏئي سگهين ٿو؟” مون پڇيومانس.
    “ون وي ٽڪيٽ ايڪانامي ڪلاس جا نو هزار ٿيندا. اها آخري قيمت آهي .” هن ٻڌايو.
    دل ۾ مون سوچيو هنن سان ائين پڄي نه سگهبو. سو پنهجي ڀاء کي چيم، جنهن پنهجي دوست ٽريول ايجنٽ کان پڇي ٻڌايو ته اٺ هزارٿيندا.
    پر اڃا به پڪ ڪرڻ ۽ گهٽ ڪرائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي هڪ پراڻي ڪاليجي دوست محسن پنهور کي چيم، جيڪو پوليس کاتي ۾ آهي ۽ ظاهر آهي ان جي معرفت مناسب اگهه تي ملي سگهندي. تنهن چيو ته ڪلاڪ بعد هو ان جو گس ڪري ڏيندو. محسن کي ڪئپٽن رشيد ابڙي جي آفيس مان فون ڪيو هوم جيڪو پڻ محسن جو ئي ڪلاس ميٽ آهي. تنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي فون رکڻ مهل چيو:
    “لالا ٽڪيٽ کپنئي نه ؟ فلاڻي ٽريول ايجنٽ کان وٺ ان کان وڌيڪ ڪو سستي نه ڏيندءِ. هن محسن شريف ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر.”
    رشيد مونکي ان ٽريول ايجنٽ جو فون نمبر ۽ پتو ڏنو، جيڪو لي مارڪيٽ ۾ اکين جي اسپتال ڀرسان آهي. گهر پهتس ته محسن جو به فون آيو ۽ هن شيرٽن هوٽل ۾ ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان وٺڻ لاءِ چيو جنهن کان هو وٺندو آهي. ان کي فون ڪري محسن جو حوالو ڏنو مانس ته ڪراچي-رياض ـــ ينبوجي ٽڪيٽ جي آخري قيمت اٺ هزار ٽي سئو ٻڌائين.”
    ان بعد ڪئپٽن رشيد ابڙي واري همراه کي Contact ڪيم تنهن ست هزار ٽي سئو رپيا چيا ۽ منهنجو راضپو ڏيکارڻ تي ان ئي وقت گهر پڻ پهچائي ويو.ايتري گهٽ اگه تي ۽ ايڏي فرق تي ٽڪيٽ ملڻ عجب جهڙي ڳاله آهي. رشيد کي فون ڪري چيم ته ٽڪيٽ ته صحيح ڏني اٿس يا اڌ رستي تائين جي آهي. يا پٽ تي ويهڻ جي آهي ؟”
    “بلڪل صحيح هوندي. اسان سالن کان ان کان وٺندا اچون.” ٻئي ڏينهن محسن فون ڪيو ته آيا مون سندس سڃاڻي کان ٽڪيٽ ورتي يا نه:
    “ٽڪيٽ ورتيمانس ته ڪانه پر ان هوندي به مهرباني. ٿي سگهي ٿو وٺانس به ها پر پاڻ واري رشيد ابڙي بنهه سستي وٺرائي ڏني آهي. خبر ناهي گهر ۾ ڇپي ٿو ڇا. بهرحال هاڻ جي نقلي ٽڪيٽ جي ڪري ايئرپورٽ تي مونکي جيل ۾ وڌائون ته ڇڏائجان تون اچي.” مون کيس کلي ٻڌايو ۽ ان سان گڏ سعودي عرب وڃڻ لاءِ کائنس فون تي ئي موڪلايو.
    ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ هڪ ٻيو اهم ڪم جيڪو هتي لکڻ رهجي ويو آهي، جيئن ته مونکي ورڪنگ_ يعني نوڪري ڪرڻ واري ويزا هئي، ان ڪري ٽڪيٽ وٺڻ کان اڳ پاسپورٽ تي Protectorate آفيس جو ٺپو ضروري هو، ان لاءِ ساڍا پنج هزار کن في پڻ آهي، (جنهن جي رسيد ملندي آهي) ان بنا نه ايجنٽ ٽڪيٽ ڏيندو نه ايئرپورٽ وارا ڇڏيندا.
    نيٺ اهو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ آئون به تيار ٿي ويس. ڇو جو ويزا في، ميڊيڪل ۽ ٻيو خرچ ڪرڻ بعد آئون هڪ واپس نه موٽڻ واري نقطي تي پهچي چڪو هوس. مٿين آفيس جو سعودي قونصل خاني جي ٻاهران ويٺل فوٽ پاٿ وارن کان پڇيم ته ڪٿي آهي. هنن ان جو ڏس ٻڌايو ۽ ڪاغذ ڏسي هنن ٻڌايو ته مونکي ته في ڏيڻ تي به ٺپو لڳي نه ملندو، ڇو ته مون وٽ جيڪو نوڪري جي ڪانٽريڪٽ جو پنو آهي، اهو سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني مان اٽيسٽ ٿيل ناهي.
    منهنجي عرب دوست مونکي مهمان طور ڪجهه مهينا گهرائڻ چاهيو ٿي، هن کي وزٽ ويزا موڪلڻ کتي ٿي، پر هن کي ڪنهن دوست منهنجي فائدي خاطر صلاح ڏني ته هن کي ورڪ پرمٽ تي گهرائي، اقامه (سعودي عرب ۾ رهڻ ۽ واپار نوڪري ڪرڻ جو اجازت نامون) ٺهرائي ڏينس ته جيئن جڏهن وڻيس، تڏهن ايندو ويندو رهي. پر هن عرب همراهه کي اها خبر نه هئي ته اسان وٽ ڪهڙا قاعدا قانون آهن.
    “هاڻ ڇا ڪجي.” آئون دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هوس ته فوٽ پاٿ تي ساڳي ڏاڙهي واري عريض نويس جنهن ساڍا چار سئو رپيا وٺي مونکي عربي ۾ درخواست لکي ڏني هئي ۽ ميڊيڪل جي لاءِ هڪ خاص ڪلينڪ جو ڏس ڏنو هو، تنهن چيو ته هزار ڏيڍ ( جيڪو بنا رسيد جي ٿيندو) ڏيڻ سان ٺپو لڳي ويندو. ان ڳالهه جي تصديق سندس هم پيشي جي ٻين ماڻهن به ڪئي. پر هڪ ٽريول ايجنٽ اتي بيٺو هو تنهن چيو ته آئون پاڻ ڊائريڪٽر جنرل وٽ هليو وڃان جي هو اعتراض ڪري ٿو ته درخواست ڏيئي سگهجي ٿي ته اسان اتي پهچي تصديق ڪرائي ڪاپي موڪلينداسين ڇو جو ويزا ملڻ بعد هنن جي روڪڻ جو جواز ناهي.
    ۽ واقعي ٿيو به ائين. ڊائريڪٽر جنرل اها ئي ڳالهه ڪئي ۽ آئون ڪلاڪ ٻه ان آفيس ۾ ويٺو رهيس. هو ان وقت ئي هر ڪاغذ نيڪال ڪندو رهيو ٿي. پوءِ معلوم ٿيو ته اهي هڪڙا ڪوڙڪا ۽ ڄارون آهن، جن ۾ مسافرن کي وڪڙائي مختلف ماڻهو مختلف نمونن سان پئسا ڪڍن ٿا ۽ اصلي صاحب کي ڪا خبر ئي ناهي هوندي.


    لکڻ جو فائدو

    مٿين آفيس ڊرگ روڊ وٽ شهيد ملت روڊ تي نئين ٺهيل پل جي هيٺيان آس پاس ۾ آهي. شناختي ڪارڊ ٺاهن جي به اتي ئي آفيس آهي. ڳولڻ ۾ سو وقت لڳو، پر چڱو جو اچي نڪتس. هزار ٻارنهن سئو هڪڙا بچيا ۽ هڪ پراڻي ننڍپڻ جي دوست رشيد مغل سان به ملاقات ٿي وئي. سندس سيڪريٽري مون کي اندر ڇڏڻ جي موڊ ۾ نه هو پڇڻ لڳو ته صاحب ۾ ڪهڙو ڪم آهي.
    “دوست آهي ملڻ آيو آهيانس.” مون ائين ئي چيومانس. اهو سوچي ته سنڌي آفيسر آهي، جي ڪو ڪتاب يا اخبار ۾ منهنجو مضمون پڙهيو هوندائين ته ضرور سڃاڻندو.
    اندر گھڙيس ته رشيد کي مون سڃاڻي ورتو، جو ٽيهه پنجٽيهه سالن بعد به سندس چهري ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي، پاڻ منهنجو نالو ٻڌي مونکي سڃاتائين.
    رشيد مغل مشهور سنڌي افسانه نگار ۽ ايڊيوڪيشن کاتي جي آفيسر رشيده حجاب جو ننڍو ڀاءُ آهي. پاڻ ننڍپڻ جو وقت حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ رهيو. سندس گهر اسان جي ناني جي گهر ڀرسان هو جتي اسين موڪلن ۾ ڳوٺان اچي رهندا هئاسين ۽ رانديون ڪندا هئاسين. گاڏي کاتي جا اسان جا ٻيا همعصر ۽ چڱا مڙس جيڪي هن وقت ياد اٿم اهي هئا چاچي اسماعيل جو پٽ علي احمد بلا، چاچي قادر بخش جا پٽ عبدالغفور پَپا، نور احمد نون، مٽيارين جي چاچي صالح ميمڻ جا پٽ خالد هاشماڻي، طارق هاشماڻي، رشيد جو ٻيو ڀاءُ مقبول مغل، ٿورو اڳيان چاچي امداد قاضي جو پٽ جهانگير صديقي، قاضي اڪبر جو پٽ بشير قاضي ۽ عابد قاضي صاحب جو پٽ (مرحوم) اظهر گل قاضي، انهن مان ڪجهه اٺين ڪلاس کان پوءِ مون سان گڏ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڻ اچي شامل ٿيا.
    بهرحال مٿين ڪسرت يعني پاسپورٽ تي ٺپو لڳڻ بعد ٽڪيٽ به اچي وئي ۽ ٻن چئن چڱن مڙسن کان وري به پڪ ڪيم ته بابا ڏسو ته ڪاغذ پٽ صحيح آهن يا نه. ائين نه ٿئي جو آئون دوست کي ينبو پهچڻ جو اطلاع ڪريان ۽ هو منهنجو اتي جي ايئرپورٽ تي انتظار ڪندو رهي ۽ هتان اسانجي حڪومت جا چمچا ڪراچي ايئرپورٽ تان ئي مونکي جهاز ۾ وهڻ نه ڏين. ۽ چون : “فلاڻي يا فلاڻي ڪاغذ تي ٺپو لڳل ناهي”.
    هميشه وانگر احتياطن شوڪت نظاماڻي کي به چيم ته ڪنهن ايف آءِ اي يا انٽيليجينس واري کي به پارت ڪري ڇڏ، جيئن مونکي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين نه ڊوڙائين. هن ٻڌايو ته ان ڏينهن جن جي ڊيوٽي آهي انهن مان هڪ زرداريءَ کي هن چئي ڇڏيو آهي ته مونکي گائيڊ ڪري. هو اٺين بجي اسٽاف گيٽ تي هوندو.
    ايئرپورٽ تي بابا ۽ ٻين مائٽن کان موڪلائي اندر گھڙيس.
    “سائين ڪهڙي فلائيٽ ۾ هلڻو آهي؟” سامان کڻڻ واري سنڌي ۾ پڇيو.
    “مونکي ته سعوديا فلائيٽ ۾ رياض وڃڻو آهي پر پهريون ڀيرو تو سنڌيءَ کي هتي ڏٺو اٿم.” مون چيومانس.
    “سائين اچڻ ته گهڻائي چاهين ٿا پر ڪا نوڪري ملي به نه؟”. هن اهڙي ٽون ۾ وراڻيو ڄڻ چئي رهيو هجي ته رڳو اسان سنڌين تي الزام آهن ته سست آهيون، پر نوڪريون ڪٿي ٿيون ملن ۽ پوءِ ٿوري دير ترسي چيائين “هي به وڏين منٿن ميڙن ۽ جاکوڙن کان پوءِ ملي آهي”.
    “ڪٿي جو آهين؟” مون پڇيومانس.
    “سائين نواب شاهه جو.” هن ٻڌايو.
    يار ڪمال ٿو ڪرين نواب شاهه جو ٿي ڪري به نوڪري ڏکي ملي اٿئي! هو ڇا چوندا آهن ته “يار به چاڪي، سينڌ به اڻڀي” مون کلي چيو مانس ۽ هو سمجهي ويو.
    سائين وري به رئيس (غلام مصطفيٰ جتوئي) کي شابس هجي، پنهنجي تر جي ماڻهن جو خيال ڪري ٿو۔ حق جي ڳالهه ڪبي جتوئي صاحب توڙي سندس ٻچا پنهنجي راڄ توڙي علائقي جي ماڻهن تي هٿ رکن ٿا۔ ان خيال کان اسان جو ضلعو گهڻن کان سٺو آهي۔
    “شل وڌيڪ سکيو ۽ آباد هجي۔” مون وراڻيو مانس۔
    “هو سڌو سعودي ايئر لائين جي ڪائونٽر تي وٺي آيو ۽ خرچي وٺي موڪلايائين۔ اٺن ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ هو۔ آئون زرداريءَ يا ٻين کي ڏسڻ لاءِ اُٿيس جو سامان ويهه ڪلو بدران اٺاويهه ڪلو هو ۽ جيڪڏهن هو ان ا۾ مدد ڪري سگهيو ته ٺيڪ نه ته بئگ مان پنج ڪلو کن سامان۔ ۔خاص ڪري ڪتاب ڪڍي، ڳچي واري ٿيلهي ۾ وجهڻا هئا، جيڪو پاڻ سان کڻڻ ڪري توريو نه ٿو وڃي۔
    گيٽ وٽ اچي همراهن جو پُڇايم، پر انهن مان اڃان ڪو به نه پهتو هو۔ سندن ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ پنج ڏهه منٽ هئا۔ يونيفارم ۾ لنگهندڙ هڪ همراهه کان پُڇيم جيڪو حيدرآباد جي ڀٽي فئملي جو جو نوجوان هو۔ اتفاق سان منهنجن سفرنامن جو پڙهڻ جو شوقين هو سو منهنجو نالو ٻُڌي مون کي پاڻ هوائي جهاز تائين ڇڏڻ لاءي آيو۔ سندس نالو جهڙوڪر طارق ڀٽي چيائين۔ سندس ڊيوٽي ختم ٿي چُڪي هئي ۽ گهر وڃي رهيو هو، پر پوءِ به منهنجو جلدي جلدي سامان تورائي، پاسپورٽ ۽ ڪاغذ چيڪ ڪرائي هوائي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ اچي آخري منزل “ويٽنگ لائونج “ ۾ ڇڏيائين۔ هڪ دفعو لکڻ جي فائدي جو احساس ٿيو ته اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي.... اڃان طارق ڀٽي جهڙا نوجوان آهن، جيڪي نه فقط سنڌي ادب پڙهن ٿا، پر اسان جهڙن سنڌي ليکڪن جو خيال به رکن ٿا۔ )ٻين بانن جي اديبن جو ته هرڪو گهڻو خيال رکي ٿو....... حڪومت به ته عوام به.( باقي شوڪت نظاماڻي اهو نه پاڻ آيو ۽ نه ڪنهن کي موڪليائين.


    هن هوائي جهاز جا ٽئاليٽ

    ٽڪيٽ جو پهريون پرچو ڏيئي سامان تورائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي، پاڻ چڪاس ڪرائي، اميگريشن وارن کان Exit جو ٺپو هڻائي، ان بعد جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ انتظار گاهه (لائونج) ۾ ماڻهو پهچي ٿو ته ڄڻ دنيا جي اڌ خسارن کان آجو ٿيو وڃي۔ جهڙوڪر فوٽ بال کيڏڻ بعد وهنجي سهنجي ماڻهو تازو توانو ٿيو وڃي۔ ٿوري دير اڳ جا خوف ته خبر ناهي وڌيڪ سامان جا پئسا وٺندا يا نه، خبر ناهي ڪو ڪاغذ پٽ کُٽل آهي ڇا) جڏهن پنهنجو موت مري چڪا ته هاڻ آئون سڪون سان ايئرپورٽ جي سونهن جو جائزو وٺڻ لڳس۔ سئيڊن کان ايندي وقت ته ڪراچيءَ جو ايئرپورٽ اهڙو سٺو نه لڳي رهيو هو۔ جيتوڻيڪ ڏاڍي تعريف ٻڌي هئم ته ڪراچي وارو نئون ايئرپورٽ شروع ٿي چڪو آهي ۽ تمام سٺو ٺهيو آهي. پر پوءِ ان نئين جا به حال ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي. بين الاقوامي معيار جي ايئرپورٽن تي ڇا مسافرن کي ايترو دير سان سامان ملندو آهي؟ ڇا انٽرنيشنل ايئرپورٽن تي اهڙيون بي ڊوليون، ڳريون ۽ هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهڻ واريون ٽراليون هونديون آهن۔ ڇا اهڙا بدبودار ڪاڪوس هوندا آهن۔ جن ۾ موجود صفائي ڪندڙ همراهه جو صفائي بدران ٽِپ وٺڻ تي زور آهي. ڊسمبر جي مهيني ۾ موٽيو هوس۔ سياري باوجود به Arrival لائونج ۾ گرمي۔ حبس ۽ سگريٽن جو دونهون هو۔ پر هينئر ايئرپورٽ تمام سهڻو پئي لڳو۔ هر شئي صاف سُٿري هئي ۽ چمڪي پئي۔ وڏي ڳالهه ته هر شئيِ ڪم پئي ڪيو ۔ايئرڪنڊيشنڊ به هليا پئي۔ فون به ڪم پئي ڪيو، پاڻيءَ جي نلڪن مان به پاڻي اچي رهيو هو۔ “خبر ناهي ڇا ماجرا آهي.” دل م سوچيم. “يا شايد ڊپارچر لائونج پاڪستان کان ٻاهر ويندڙ مسافرن جو هال) سٺو ٺاهيو اٿن ۽ ارائيول لائونج (ٻاهران ايندڙ مسافرن جو هال) ائين ئي ٺاهيو اٿن۔ ڪنهن ڏينهن ايئرپورٽ اٿارٽي جي عبدالله مهيسر کان ضرور پڇندس يا رياض خميساڻي ۽ شفيق صديقي کان پڇندس جيڪي فلائيٽ انجنيئر آهن ۽ هِتي روز جا پنڌ اٿن۔”
    واچ ۾ وقت ڏٺم۔ نوَ کن ٿيا هئا۔ جهاز جي اڏام ساڍي ڏهين هئي۔ ڏهين تائين شايد ان هال ۾ ويهڻ بعد جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ چون۔
    آئون هاڻ هوائي اڏي جي عمارت ڏسڻ بدران مسافرن ڏي ڏسان ٿو جيڪي هڪ هڪ ٿي گڏ ٿيندا وڃن۔ گهڻي ڀاڱي پٺاڻ ۽ افغاني نظر اچن ٿا۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب جي تتل ريتي ۽ گرمي ۾ اسان جي ملڪ جا هي سخت جان ماڻهو ئي پورهيو ڪري سگهن ٿا۔ ڪجهه ٻين قومن جا به آهن پر گهڻا تڻا مزور طبقي جا آهن۔ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ٽائيپ پشاور جو ڏاڙهي سان همراهه منهنجي ڀرسان اچي ويٺو۔ مون سٺو موقعو ڏسي ساڻس خبر چار ڪئي۔ مون ته چاهيو ٿي ته ڪو اهڙو همراهه نڪري پوي جيڪو ينبو تائين وڃڻو هجي ته ان جي قميص جي ڪنڊ وٺي آئون به هلندو وڃان ۽ گهڻي ڀڄ ڀڄان کان بچي پوان. پر افسوس جو ان جهاز ۾، جيڪو رياض وڃي رهيو هو، ان ڏينهن هڪ به ينبو وڃڻ وارو نه هو. رياض جا ئي هئا يا وري اوسي پاسي جا، جن کي بس يا ٽئڪسي ذريعي رياض کان پنهنجن شهرن ڏي وڃڻو هو، جتي نوڪري ڪيائون ٿي.
    منهنجي ڀر ۾ ويٺل مولوي احسن ٻڌايو ته هو چارسده ڳوٺ جو آهي. پاڪستان نيوي مان رٽائرڊ ڪرڻ بعد هاڻ سعودي عرب جي اوڀر واري بندرگاهه جبيل ۾ ڪم ڪري ٿو.
    “جبيل ڪيئن ويندائو؟ رياض کان ته تمام پري آهي؟” سعودي عرب جا شهر منهنجا کڻي ڏٺل نه آهن، پر جاگرافيءَ جو شاگرد هجڻ ڪري ۽ ڪافي عرصو جهاز تي رهڻ ڪري اهم شهرن، خاص ڪري بندرگاههن جي ڄاڻ اٿم ته ڪهڙي ڪهڙي هنڌ تي آهن. رياض شهر وچ ۾ آهي ۽ اوڀر پاسي دمام، الخبر، دهران ۽ جبيل آهن ته اولهه ۾ جدو، ينبو، مڪو ۽ مدينو.
    “آئون دهران ۾ لهندس. اتان بس ۾ هليو ويندس.” هن چيو.
    “هي جهاز ته رياض پيو وڃي.” مون پنهنجي ٽڪيٽ کي هڪ وار وري پڙهي کيس چيو.
    “ها، پر پهرين دهران هلندو اتي ڪلاڪ کن ترسي پوءِ رياض ويندو.” هن ٻڌايو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ خبرون ڪندا رهياسين پر ڪا خاص خبر نه ٿي. نيٺ اچي جهاز ۾ چڙهياسين.
    منهنجو خيال هو ته سعودي جا هوائي جهاز تمام سُٺا هوندا، پر هي ته ائين ئي هو يا شايد پاڪستان مان ڪُت خلق کڻڻ لاءِ هن روٽ تي اهڙا جهاز رکيا ويا آهن. اسان واري جهاز ۾ ٽي سؤ کان مٿي ماڻهو هئا، پر ٽئاليٽ فقط ٻه هئا. ۽ ٻئي جهاز جي بلڪل آخر ڇيڙي تي کاٻي پاسي هئا. ٻنهي جا دروازا هڪ ٻئي جي ڀرسان. هونءَ هڪ کاٻي هجي ها ۽ ٻيو ساڄي ته به ٻاهر انتظار ڪندڙن جو اڌ هڪ پاسي اڌ ٻي پاسي ٿي بيهي ها. پر سڀني ماڻهن جو اُن ئي هنڌ ميڙو هو ۽ هيترن ماڻهن لاءِ گقط ٻه ٽئاليٽ هجن ته رش جو ڇا حال هوندو. هر وقت گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ماڻهو ٻاهر بيٺل نظر آيا ٿي. رکي رکي ماڻهن در کڙڪايا ٿي ته اندريون همراهه جلدي نڪري. جهاز ۾ ڪيتريون عورتون به هيون. جن کي به ساڳي پريشاني ٿي ٿي. پر مولوين جي هوائي جهاز جي ڪئبن Crew مان ڪنهن کان به اهو نه ٿي پڳو ته عورتن کي فرسٽ ڪلاس جي ڪاڪوس ڏي ئي کڻي موڪلين يا ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارن وارين عورتن کي، جن جا ٻار کين تنگ ڪري رهيا هئا.
    رياض کان ٿورو اڳ مون کي به ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ جو موقعو مليو. پر ڇا ٽئاليٽ جي حالت هئي. سڄو ٽشو پيپرن ۽ پنن سان ڀريو پيو هو. ڪموٽ چوڪ ٿيو پيو هو. ويهڻ جي سيٽ تي عورتون ٻارن کي صاف ڪري سندن نئپيون اتي ئي ڇڏي ويون هيون- هو به ڇا ڪن. انهن کي يا پنن کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ ڪا باسڪيٽ يا ڊسپوزل بئگ نه هئي. هونءَ کڻي اسان جا پاڪستاني گدلا آهن، پر هن اڏام ۾ سعوديه وارن جي اسان لاءِ لاپرواهي ظاهر ٿي ٿي. اڄ کان پنجويهه سال اڳ PIA يا شايد اٽلي جي هوائي جهاز ۾ روم ويو هوس. اهو جهاز ڪراچي کان اڏامي هن هوائي اڏي (دهران) تي تيل لاءِ بيٺو هو. ان دوران ڪيترائي صفائي وارا چڙهيا ۽ ٽئاليٽ ته چلڪائي ويا پر هر هڪ ماڻهوءَ جي سيٽ ۾ لڳل ائش ٽري به صاف ڪري ويا. پر هينئر دهران ۾ ڪلاڪ کن جهاز بيٺو رهيو، پر ڪو صفائي وارو نه آيو. اڄ جي پاڪستاني کي عرب جانور ٿا سمجهن، شايد. هوائي جهاز جي ٽي ويءَ تي ڪجهه دير ڪارٽون هلائي پوءِ هڪ انگريزي فلم شروع ڪيائون. اڃان ٺهي ٺڪي ويٺاسين ڏسڻ ته ٽي وي بند ٿي وئي. خبر ناهي ڇا ٿيس. ماڻهو ڪنن مان ٻڌڻ جا اوزار ڪڍي پاسا ورائڻ لڳا. يا وري ٽئاليٽ ڏي رُخ رکڻ لڳا.


    مسافر مٿي جو سور ٿين ٿا

    منهنجي ڀرسان بهاولپور جو چاليهه پنجيتاليهه ورهين جو ڏاڙهي سان همراهه ويٺل هو. بيحد نيڪ ٿي لڳو. سڄي واٽ تسبيح پڙهندو هليو. آئون دريءَ پاسي ويٺل هوس. جڏهن به ايئر هوسٽيس اخبار ورهائڻ، ايمبارڪشن فارم ڏيڻ يا ماني لاءِ آئي ٿي ته پهرين مون کي وٺي ڏنائين ٿي پوءِ پاڻ ورتائين ٿي. نهايت صابرين انسان لڳو ٿي ۽ اهڙا ڪيترائي نيڪ پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا. جن ڪري ملڪ جي نيڪ نامي ٿيڻ کپي، پر هو ڇا چوندا آهن ته هڪ خراب مڇي سڄي حوض کي خراب ڪري ٿي. سو چند ماڻهن جي غلط حرڪتن ڪري سڄي ملڪ جو نالو بدنام ٿيو وڃي. ۽ خراب ماڻهو جيتوڻيڪ پاڪستان جي هيڏي وڏي آدمشماري ۾ ڪي گهڻا نه آهن. پر ايترو به هجڻ نه کپن. هندستان جي آبادي اسان کان اٺوڻي آهي، پر هنن جا غلط قسم جا ماڻهو اسان جي اٺين حصي جيترا به نه آهن. اهوئي سبب آهي جو يورپ ۽ آمريڪا ته ڇا پر مسلمان ملڪن ۾ به ڏسندائو ته انهن ۾ پاڪستان جي مقابلي ۾ انڊين گهڻا ۽ وڏا واپاري ۽ وڏين نوڪرين نظر ۾ ايندا. مزور طبقي ۾ به انڊيا جا- خاص ڪري بنگال، بهار، مهاراشٽرا، تامل ناڊو ۽ ڪيرالا جا گهڻا ملندا.
    مٿين همراهه سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۾ ٿوري غلط فهمي پيدا ٿي، جو پهرين مون سمجهو هو مٿي ڦريل ۽ مغرور آهي، پر پوءِ سمجهي ويس ته سندس ڳالهائڻ جو طريقو اهڙو کهرو ۽ اڇل مان آهي، نه ته ماڻهو سٺو ۽ الله لوڪ آهي. ساڻس ڳالهائڻ جي شروعات مون اهو پڇي ڪئي ته هو ڪهڙي نوڪري لاءِ وڃي رهيو آهي. هن زور سان وراڻيو: “او مون کي ته سعوديه ۾ ست سال ٿي ويا آهن. اتي Valve-man آهيان، پاڻيءَ جي وڏي پائيپ کولڻ بند ڪرڻ جو ڪم اٿم. پگهار ڪو خاص ناهي. اٺ سؤ ريال هوم. هاڻ هزار ٿيو آهي. پر شڪر آهي. بي ٻي سال مهيني لاءِ وطن وڃڻ جي موڪل ملندي اٿم. هوائي جهاز جا ڪئين چڪر هڻي چڪو آهيان. توهان جو پهريون دفعو آهي-؟”
    سندس ان آخري سوال کان لمحو کن اڳ ايئر هوسٽس اچي لنگهي، تنهن کان پڇيم ته آيا چانهه ملي سگهندي يا نه.
    هوءَ بي رخيءَ سان اڌ گابرو (سو به انڪاري) جواب ڏيئي هلي وئي. هڪ صبح کان چانهه نه ملڻ ڪري اسان جهڙي مستري ماڻهوءَ جو دماغ چڪرائي رهيو هو. ويتر چانهه ملڻ جي اميد بدران رکو جواب مليو سو اندر جو سور اڃان سهسائي رهيو هوس ته بهاولپور جي هن پاڙيسري پئسينجر جو هي عجيب سوال مون غلط انداز ۾ سمجهيو. هن جو مطلب هو ته سعودي پهريون دفعو پيو وڃين. پر مون کي لڳو ته منهنجي ڪمهلي چانهه گهرڻ تي هو مونکي ٽوڪي پيو ته آئون پهريون دفعو هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهيان. پر پوءِ پاڻ ئي وضاحت ڪيائين ته مون حقيقت ٻڌائيمانس.
    “ها مان سعودي عرب پهريو دفعو وڃي رهيو آهيان، بس قسمت ۾ نه هو ، سڄي عمر ٻين ملڪن ۾ گذاريم پر هيڏانهن نه اچي سگهيس نه وري ڪا اچڻ جي ڪوشش ڪيم” مون ٻڌايومانس. منهنجي جواب ۾ ڪجھ ڏک ۽ افسوس جو پهلو به صاف ظاهر هو
    “اهو ئي ته آئون چوان پيو ته ڪيڏي افسوس جي ڳالھ آهي سڄي دنيا ڏي ويندو رهين پر هن ملڪ ۾ نه آئين جتي خدا جو گهر آهي آئون غريب ٻچڙيوال ماڻهو آهيان، ڇا پگهار اٿم هن مهانگائي جي زماني ۾ هزار ريال يعني ساڍا اٺ هزار رپيا ڇا آهي ، ٽي هزار رپيا کن ته رڳو پيٽ ۽ گندي ڪپڙي تي ئي خرچ ٿيو وڃن ان هوندي به مون پاڻ ٽي حج ڪيا آهن منهنجو پيءَ فوت ٿي چڪو آهي پر ماءٌ کي حج ڪرايو اٿم ۽ ايندڙ سال انشاالله زال کي به حج ڪرائيندس” بس مون لاءِ ڪجھ دعا ڪجاءِ، “ مان وراڻيومانس: “هر انسان کي ٻي جهان جو به سوچڻ کپي هيءَ زندگي ڇا آهي. رڳو خون خرابا لڳا پيا آهن، ڪنهن کي پنهنجي حياتي جي ڇا خبر آهي، ڇا پڪ اٿئون ته دهران تائين به صحيح سلامت پهچنداسين؟ انسان کي پنهنجي ٻي ساھ جي به خبر ناهي. انڪري ماڻهو هن حياتي کي خواب سمجهي اصل زندگي لاءِ ڪو ثمر گڏ ڪري “ هن مونکي سمجهايو. ان بعد سگهو ئي دهران جو هوائي اڏو اچي ويو، هن موڪلايو. هن سان گڏ اڌ کن جهاز جا ٻيا مسافر به اتي ئي لٿا جن کي دهران يا اوسي پاسي جي شهرن، الخبر، دمام، جبيل، راس تنورا ڏانهن وڃڻو هو، انهن مان ڪي بندرگاھ آهن ۽ گهڻو ڪري منجهن تيل جا ڪارخانا آهن، جتي ڌارين ملڪن جا انجنئير، ڊاڪٽر توڙي مزدور طبقو ڪم ڪري ٿو، اهي شهر ايران، ڪويت، دبئي، دوحا کي ويجها آهن. ۽ ايراني يا عربي نار جا شهر سڏجن ٿا. جدو، ينبو، مڪو، مدينو، باحا، خميس، مشيط، مجران، نجران، جيزان اولھ سعودي عرب جا شهر ۽ بندرگاھ آهن، ۽ بحر الحمر (ڳاڙهي سمنڊ) وارا شهر سڏجن ٿا. سوڊان، جبوتي، صوماليا، مصر، اردن وغيرا هنن شهرن کي ويجهو آهن .
    جهاز ۾ باقي ڪي اڌ کن مسافر وڃي بچياسين. ڪجھ مسافرن هيٺ لهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪئبن جي عملي خاص ڪري چيف اسٽيورڊ جيڪو سوڊاني نسل جو عرب لڳو ٿي ۽ انگريزي ۽ عربي سٺي ڳالهائي رهيو هو ، تنهن سختي سان منع ڪئي ته اڳتي جي سفر جو ڪو به مسافر نه لهي. “ڇا ظلم آهي” منهنجي پويان ويٺل هڪ پنجابي نوجوان پنهنجي منهن پر چڱي زور سان چيو “ڪلاڪ جهاز بيهندو پر جهاز مان لهڻ نه ڏيندا، انسانيت به ڪا شيءَ آهي . شهر ڏي ته نه ڀڄي وينداسين. اتي ئي ٽرانزٽ لائونج ۾ پيا ڦرنداسين” حقيقت ۾ مون به اهوئي چاهيو ٿي ته هيترو وقت جهاز ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويهڻ بعد ڪجھ ٽهلڻ کپي، جيتوڻيڪ ٻاهر سخت اس ۽ گرمي هئي، جنهن مان لنگهي فرلانگ کن پري لائونج تائين وڃڻ تي عام حالتن ۾ ڪنهن جي به دل نه چوندي، پر جهاز ۾ ويٺي ويٺي هر هڪ ٿڪجي پيو هو، پر هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ڇا ٿو ڪري سگهجي . ويتر جهاز جو در کولي ڇڏڻ ۽ ايئر ڪان بند ڪرڻ تي جهاز ۾ به گرمي ٿي پئي. خبر پئي ته هتان ڪو مسافر به چڙهڻ وارو نه آهي، پر تڏهن به جهاز لاءِ بيهڻ ضروري هو، جئين ان ڪلاڪ ۾ ڪناري جا صفائي وارا جهاز کي صاف ڪري وڃن پر ڀنگي ته ڇا ڀنگين جو جمعدار به ٺلهي خانا پوري ڪرڻ لاءِ به نه پهتو ۽ جهاز ئي گندي حالت ۾ ائين هلڻ لڳو، مون ته ائين ئي سوچيو ته آيا هي وهنوار نارمل آهي يا پاڪستاني مسافرن جي هجڻ ڪري آهي! ڇا سنگاپور، ملائيشا، جاپان، ڪوريا يا ڪويت، يونان، جرمني، فرانس جا مسافر کڻي ايندڙ هن ڪمپني سعوديه جي جهاز سان سان به اها ئي ڪار ٿئي ها؟ اهڙي ئي گندي حالت ۾ اڏاريو وڃي ها؟
    خبر ناهي منهنجي دل ته نٿي مڃي ، ساڳئي وقت نه ان بابت ڄاڻ اٿم. ڪنهن سعودي ايئر ڪمپني جي سڃاڻي کان معلوم ڪندس ته پاڪستانين کي توهان جانور سمجهو ٿا يا ان کان به بدتر.
    هاڻ وري هڪ ٻيو دفعو ايئر هوسٽيس سڀني لاءِ شربت کڻي آئي آهي. هر هڪ سهوليت کي ڳولي ٿو . ڪو زمانو هو مسافرن جو نخرو کنيو ويندو هو. پر هاڻ مسافر مٿي جو سور آهن. چانھ يا ڪافي (سرو) ڪر معنا ڪنهن کي کنڊ وڌيڪ کپي، ڪنهن کي کير کپي ۽ ڪنهن کي پاڻي به کپي. ان کان بهتر آهي هڻ شربت سڀني جي منهن ۾ . سو به اڌ گلاس، گهڻو ڏيڻ سان وري باٿ روم ڏي اٿ ويھ ٿيندي، جيئن اسين پاڻي جي جهاز وارا مسافر جهاز هلائڻ کان “ڪارگو جهاز” هلائڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. جنهن ۾ وڌيڪ سُک ۽ آرام جي ننڊ ملي ٿي. تيئن هوائي جهاز جو ڪئبن عملو چاهيندو هوندو ته هوائي جهاز ڏينهن جو هلڻ بدران رات جو هلي سو به ٻارهين هڪ کان پوءِ اولهه طرف جيئن رات نه کُٽي ۽ مسافر اونداهه ۾ بيهوش پيا هُجن.


    سعودي عرب ۽ يورپ ۾ فرق

    هڪ بجي ڌاري هوائي جهاز هيٺين Altitude تي هلي رياض يعني الرياض شهر جي هوائي اڏي تي پهتو. ميلن ۾ پکڙيل ريتيءَ بعد عمارتون ۽ وڻراهه نظر آيا ۽ پوءِ رستن، جاين، مسجدن، منارن ۽ پارڪن هوٽلن سان ٽٻ ڀريل شهر. عربي ۾ ڪنهن شيءِ جي اڳيان ال لڳائڻ سان اها خاص شيءِ ٿيو پوي. جيئن مدرسا معنى اسڪول، پر المدرسا معنى ڪنهن خاص مدرسي جو ذڪر هلي رهيو آهي. جيئن مدينو معنى شهر المدينة لکڻ سان معنى خاص شهر. المدينة النبي يعني مدينة منورة. بهرحال عربن کي تيل ملڻ ۽ امير ٿيڻ بعد اسان وٽ به ڪيترن ماڻهن فئشن طور ال جو استعمال شروع ڪيو آهي ۽ المنظر ۽ الڪامل ته ٺهيو پر الپروين ۽ الگئراج جهڙا لفظ به نظر اچن ٿا جيڪي عرب پڙهي کين پنهنجائپ جو احساس ته شايد ٿئي يا نه، پر وايون ضرور بتال ٿينديون هوندن ته اها ڪهڙي عربي آهي . . ڇو جو عربي زبان ۾ پ ۽ گ جهڙا اکر آهن ئي ڪونه.
    رياض ايئرپورٽ تي ڪيترائي هوائي جهاز بيٺا هئا. ڪن مان سامان لهي رهيو هو. ان جي معنى اهي اڏامون به هاڻ پهتيون آهن ۽ اندر هال ۾ سامان پهچڻ تي وڏي پيهه پيهان رهندي. منهنجي اڳيان ويندڙ ايئرپورٽ جي هڪ همراهه کان معلوم ڪيم ته مون کي ينبو وڃڻو آهي، منهنجو ڪراچي ۾ ڏنل ينبو لاءِ سامان آٽوميٽيڪلي ينبو واري جهاز ۾ ٽرانسفر ٿي ويندو يا مون کي هتان پاڻ وٺي پوءِ ينبو واري جهاز ۾ ڏيڻو آهي.
    هتان سامان به کڻڻو اٿانوَ ته اميگريشن به ڪرائڻي اٿانوَ. ان بعد ينبو لاءِ ٿورو اڳتي ڊوميسٽڪ فلائيٽ جي هصي ۾ وڃڻو اٿانوَ.” هن ٻڌايو ۽ مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي ان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ شاباس ڏني. ظاهر آهي، نه ته آئون سيٽيون وڄائيندو وڃي ينبو واري جهاز ۾ چڙهان ها ۽ منهنجو سامان رياض ايئرپورٽ جي ڦرڻيءَ ۾ پيو ڦري ها. ينبو پهچي خبر پوي ها ته هر هڪ کي پنهنجا ٿيلها ملي ويا سواءِ منهنجي.
    مٿين ڳالهه لکڻ مان منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته پڙهندڙن مان ڪو ڏوانهين منزل ڏي وڃي رهيو هُجي ته سامان جي هر ايئرپورٽ تي پڪ ڪري. ڪراچي ۾ سامان وٺڻ وارو ڪلارڪ ته وڃي گهر سکيو ٿيندو. مصيبت ۾ توهان پئجي ويندائو. ڪڏهن ته ٻه ٽي ايئرپورٽ ۽ هوائي جهاز بدلاءِ ته به سامان جو فڪر ناهي، توهان کي آخري منزل تي هٿيڪو مليو وڃي. جيئن هڪ دفعو ڪراچي کان سئيڊن ويندي نه فقط ڊئنمارڪ ۾ هوائي جهاز مٽائڻو پيو پر آخر ۾ ڪوپنهيگن کان فيري (پاڻي واري جهاز) رستي مالمو (سئيڊن) اچي لٿاسين ۽ ڪراچيءَ ۾ ڏنل سامان مالمو ۾ ٻيڙيءَ مان لهڻ وقت اسان کي ڏنو ويو. هوائي اڏن يا هوائي ڪمپنين جو عملو هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين حفاظت سان سامان Shift ڪندو رهيو.
    رياض جي هوائي اڏي تي ان وقت نه فقط اسان جو جهاز لٿو هو، پر ٻيا به ٽي کن اسان جهڙن غريب ماڻهن سان ڀريل جهاز سريلنڪا، ڍاڪا ۽ دهليءَ کان پهتا هئا. اسي سيڪڙو کن شلوار قميص ۾ هئا. ڇو جو بنگالي ۽ انڊين به اڄڪلهه شلوار قميص پائين ٿا. خاص ڪري عرب ملڪن ۾. هر هڪ جي هٿ ۾ ٿيلها ۽ هڙون هيون. رڍن ٻڪرين وانگر سڀ ٿيلهجي اميگريشن واري هال ۾ اچي پهتاسين. جتي ايئرپورٽ جي سعودي عملي جي رڙ لڳي پئي هئي ته قطار ۾ ٿي بيهو. اڳيان هڪ ماڻهوءَ جو به نيڪال نه پئي ٿيو. ڪمپيوٽر سڀ جواب ڏئي ويا هئا. ڪو سئچ هيٺ مٿي ٿي ويو. جيسين نقص لڀي تيسين سڄو عملو هٿ تي هٿ رکي ويٺو رهيو. هر هڪ جي اڳيان سؤ سؤ ڏيڍ ڏيڍ سؤ ماڻهن جي قطار هئي ۽ ڪل ٻارنهن تيرنهن قطارون هيون. ننڍن ٻارن جو روڄ لڳو پيو هو. مون چوڌاري رياض ايئرپورٽ جي هن Arrival Lounge (ايندڙ مسافرن جي هال) ڏي نظر ڊوڙائي. بناوٽ توڙي سجاوٽ جي حساب سان لڳو ٿي ته ڪنهن امير ملڪ جي خوبصورت هوائي اڏي تي هجون. ڄڻ ڪنهن مشهور اولياءَ جي سهڻي درگاهه هجي ۽ وري مسافرن ڏي نظر ڪيم ٿي ته ڄڻ اسين خيرات جي ماني وٺڻ يا لنگر وٺڻ لاءِ فقير اچي گڏ ٿيا هجون. سڀئي ٿڪل ٿڪل ۽ منهن لٿل، سادن سودن ڪپڙن ۾ ٿيلها ۽ ٻيو هٿ جو سامان جهليو بيٺا هئاسين. ٿڪجڻ تي ڪڏهن پٽ تي هڙ رکي سون ٿي ته ڪڏهن ڪلهي تي، ڄڻ بئگون يا ٿيلها نه هُجن پر ٿالهيون ۽ ٿالهه هجن ۽ خيرات جي ماني ورهائڻ جو بيٺا انتظار ڪيون. سڀني جون نماڻيون نظرون اڳيان ويٺل چلڪندڙ يونيفارم ۾ عرب اميگريشن آفيسرن ڏي کتل هيون. خبر ناهي ڪنهن وقت ديڳ جو ڍڪ لاهي ورهائڻ شروع ڪن. خبر ناهي ڪنهن وقت ڪمپيوٽر صحيح ٿين ۽ هڪ هڪ جي پاسپورٽ ۽ ويزا جي چڪاس ٿئي ۽ ڊگهي قطار اڳتي رڙهي.
    دنيا جي انٽرنيشنل يا ڊوميسٽڪ ايئرپورٽن تي مون ڪڏهن به مسافرن جي چهرن تي ايڏي اداسي ۽ بيوسي نه ڏٺي جيتري سعودي عرب جي ايئرپورٽ تي ڏسي رهيو هوس. ڇا سبب ٿي سگهي ٿو. بلاشڪ هڪ ته اهو آهي ته يورپ توڙي جپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا جي هوائي اڏن تي مسافر گهر ڇڏي اچڻ بعد به خوش هوندا آهن جو هو ان ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ آيل هوندا آهن. پر هتي هي سوين غريب پٺاڻ، پنجابي، بنگالي، تامل، سنڌي، سري لنڪن، راجستاني بهاري، مارواڙي گهر جي خرچ هلائڻ جي پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا ٻار ٻچا ۽ ڪک ڇڏي هتي گهمڻ لاءِ نه پر پورهئي لاءِ آيا آهن. “پر پورهئي لاءِ ته لنڊن، پئرس، ڪوالالمپور، ٽوڪيو. ويندي ڪوپن هيگن، نيويارڪ جي هوائي اڏن تي به اسان جي ننڍي کنڊ جا هوندا آهن، انهن جي چهرن تي ته ايتري ادسي ڇو نه هوندي آهي، جيتري هتي ڏسي رهيو آهيان.” مون دل ئي دل ۾ سوچيو.جواب ڳولي نه سگهيس. پر پوءِ ڪجهه عرصو سعودي عرب ۾ رهڻ ۽ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد هتي ڊرائيوري ڪندڙ ملتاني ڊرائيور جي ڳالهه ۾ وزن سمجهان ٿو جيڪو ملائيشيا ۽ ايران ۾ به ڪُجهه عرصو ڪم ڪري چُڪو آهي.
    “هتي (سعودي عرب) جي پورهئي ۽ ٻين ملڪن جي پورهئي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.” هن ٻڌايو.
    “ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيومانس.
    “هتي جي هڪ ته موسم ڏکي آهي. ملتان کان به گهڻي گرمي ۽ اس آهي. وڻ ٽڻ ۽ ڇانوَ جو نالو ناهي. يورپ پاسي جي ملڪن جو سيءَ اوترو ئي خراب آهي. پر پورهيت ماڻهوءَ کي سيءَ ۾ فئڪٽري توڙي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي ويتر فرحت اچي ٿي. ٻي ڳالهه ته هتي ماڻهو عرب ڪفيلي ڪمپني مئنيجر وٽ ڄڻ غلام رهي ٿو. پهچڻ سان هو توهان جو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو رکي ٿو ۽ ڪيل واعدي مطابق (جيڪو اڪثر پاڻ ئي ڀڃندو رهي ٿو) توهان کي پورو پگهار يا سهولت نه ٿو ڏئي. ان لاءِ توهان ڪو به جهانگيري گهنڊ وڄائي نٿا سگهو. توهان ڪورٽن ۽ پوليس ٿاڻن تي پڪارڻ کان به مجبور آهيو. پوليس به مڪاني عرب جو ٻڌي ٿي. توهان جو نه. يورپ جي ملڪن ۾ ڪورٽ وڪيل تائين توهان جي پهچ نه آهي ته حڪومت يا اتي جون بهبودي جماعتون پنهنجي خرچ تي وڪيل به ڪري توهان کي انصاف ڏيارين ٿيون. پر هتي سعودي ۾ ماڻهو جهڙو مسڪين ۽ غريب. هر وقت مالڪ (عرب) جي موڊ ۽ جوجڪي (Whims) جو غلام رهي ٿو. پورهيت کي پنهنجي خبر نٿي پوي پر آهستي آهستي هو نفسياتي مريض ٿيندو وڃي.”
    عبدالرحمان ڊرائيور آهي. سندس مٿين ڳالهه ڪيتري حد تائين صحيح هجي، اهو بنا وڌيڪ جائزي وٺڻ جي چئي نٿو سگجي. پر سندس دليل پيش ڪرڻ جو طريقو مونکي وڻيو ۽ پڇڻ تي ٻڌايائين ته هن لاهور يونيورسٽي مان B.Sc ڪئي آهي. “نوڪري نه ملي سگهي. هڪ هنڌ ملي پر پگهار ايترو گهٽ هو جو ان مان پنهنجو پيٽ مس ٿي ڀريو. سو مجبوراً اهو وساري ته آئون پڙهيل آهيان، جتي جيڪا مزوري ملي ٿي اها ڪندو وتان.”
    “ڀلا تون هتي سعودي عرب ۾ نوڪري ڇو پيو ڪرين”. مون پڇيو مانس.
    “هڪ دفعو وري چوندس ته بس مجبوري. ملائيشيا ۾ خوش هوس، پر جيئن ته اتي ايجنٽ اسان کي غير قانوني طرح موڪليو هو، هڪ ڏينهن جهلجڻ تي مون کي ۽ مون جهڙن ٻين کي واپس وطن موڪليو ويو. هاڻي هتي آيو آهيان. سو به پنهنجي حڪومت جي مدد يا اوورسيز ايمپلائيمينٽ جي معرفت نه پر هڪ خانگي ايجنٽ کي چاليهه هزار ڏئي. جنهن مون کي هتي نوڪري وٺرائي ڏني.”


    عربن جي ڊوڙ مصر ڏي

    رياض پهچڻ تي ٻن ٽن ڪلاڪن بعد. . يعني ساڍي ٽين بجي ڌاري منهنجي رياض کان ينبو اڏام هئي. اڌ ڪلاڪ گذري ويو، پر منهنجي اڳيان ڊگهي قطار ۾ ڪا به کوٽ نه آئي. مون کي ڪيترائي وسوسا ورائي ويا. هن وقت جي قطار اڳتي رڙهي ۽ هڪ ماڻهو جي چڪاس تي پنج منٽ وٺن ته به ڪلاڪ ڏيڍ ۾ منهنجو وارو اچڻ مشڪل ٿيندو. مون ٻين قطارن ڏي ڏٺو اهي به اسان جي قطار جيڏيون ئي ڊگهيون هيون. مون اڳيان پويان پاسي وارين قطارن ۾، ڀر ۾ بيٺل همراهن کان پڇيو ته هنن کي اڳتي ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جيئن ڪو مون وانگر ينبو ويندڙ هجي ۽ پهرين به آيل هجي ته آئون به ان کي فالو ڪريان. پر جنهن کي پڇان اهو ئي ٻڌائي ته هن کي هتي رياض ۾ ئي رهڻو آهي يا ٻاهران بس وٺي ڀر پاسي واري ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻو آهي. ڪوبه ورائي اهو نه پيو پڇي ته منهنجو ڪهڙو مسئلو آهي يا ٻئي شهر وڃان پيو ته ڇا ڪرڻ کپي. چوڌاري جيڏنهن نظر ڪيم ٿي ته پورهيت ۽ هيٺين نوڪرين جا نظر آيا ٿي ( مٿيون نوڪريون هونئن به پاڪستانين کي ڏيندي عربن کي عار ٿئي ٿو. ان لاءِ يورپ ۽ آمريڪا کان گورا گهرائين ٿا، پوءِ ڀلي اهي اسان کان وڌيڪ جاهل ڄٽ هجن). مون هڪ ٻن کان ينبو شهر وڃڻ لاءِ پڇيو. پر هنن کي پنهنجي پاڪستاني ڳوٺ ۽ هتي سعودي عرب ۾ سندن پورهئي واري شهر، ڳوٺ يا گهتي کان علاوه ٻي فقط مڪي مديني جي خبر هئي. سعودي عرب جا ٻيا ڪهڙا شهر آهن، ڪهڙا بندرگاهه آهن. جاگرفي طرح ڇا بيهڪ اٿن. منهنجي تر جي هنن پاڪستاني، هندوستاني، سريلنڪن، بنگلاديشين کي ڪابه خبر نه هئي. هنن پنهنجو پاڻ کي چاڪيءَ جو اهو ڍڳو بنائي ڇڏيو آهي. (بلڪه مجبوراً ٿيڻو پوي ٿو) جنهن کي فقط پنهنجي عرب ڪفيل (چاڪيءَ) جي گهاڻي ۾ ڦرڻو آهي. پوءِ اهو گهاڻو (ڪم جي جاءِ) ڪارخانو هجي يا ٻني ٻارو، گهر هجي يا آفيس، هنن لاءِ اهائي جاءِ آهي، جتي ڇهه سال يا ڇهن مهينن جو مدو پورو ڪرڻو آهي. کانئن پڇڻ سان هو ويتر پريشان ٿي ويا ٿي. هو پنهنجن ئي فڪرن ۾ ڦاٿل هئا. منهنجي ديس جا غريب ماڻهو ڪالهه هن وقت تائين پنهنجن ٻچن ٻارن ۽ پنهنجن پٽن ڪکن تي هئا ۽ اڄ انهن کان ٽي هزار کن ميل پري هڪ اهڙي هنڌ تي اچي پهتا هئا. جتي هنن کي آرام جي زندگي نه پر سڄو سال پورهئي ۾ گذارڻو آهي ۽ عرب مالڪ جي مرضي تي هلڻو آهي. اهو مالڪ ڇا آهي؟ هڪ روايتي وڏيرو يا ٽين دنيا جو Typical ڪامورو آهي، جيڪو ڪمزور ۽ غريب کي رڳو ڇڙٻون ڏيڻ سکيو آهي. اميرن ۽ ڏاڍي اڳيان هن جو ڪانچ يا جبي ۾ مُٽ ٿو وهي. پوءِ اهو ڏاڍو مڙس تر جو صوبيدار هجي يا پوليس جو ڪو ٻيو عملدار يا ملٽري جو آفيسر هجي يا هتي عرب دنيا جي صورت ۾ صدام هجي، ڪلنٽن هجي يا ڪو ٻيو آمريڪن ڇاڙتو.
    مون عجيب گهُٽ ۽ مايوسي محسوس ڪئي. دل ۾ آيو ته وس پُڄي ته هينئر به موٽي وڃان. مڃان ٿو ته رياض جو ايئرپورٽ سهڻو، خوبصورت ۽ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ آهي. پر دنيا جي ايئرپورٽن تي مڪاني توڙي بين الاقوامي مسافر ڇا ائين يتيم ٻارن وانگر نڌڻڪا هوندا آهن. ڪوپن هيگن کان ڪراچي، نيويارڪ کان نيو دهلي، سنگاپور کان سئن فرانسسڪو .ڪهڙي ايئرپورٽ تي ائين هوندو آهي. منهنجي اڳيان بيٺل کان صلاح ورتم ته آئون اڳيان وڃي اميگريشن يا ڪسٽم آفيسر کان معلوم ڪري اچان ٿو. تيسين هو منهنجي جاءِ رکي. ڇو جو هاڻ ڏٺم ته منهنجي پويان به ايڏي ڊگهي قطار ٿي وئي هئي، جيتري اڳيان هئي. پر همراهه منهنجي جاءِ رکڻ جو ذمو نه کنيو.
    “هنن عربن جو ڪو ڀروسو ناهي. موٽي اچڻ تي توکي بيهڻ جي جاءِ ڏيڻ تي ماڳهين عرب پوليس وارو مون کي به قطار مان نه ڪڍي ڇڏي.” هن ڊڄندي چيو.
    ۽ واقعي هن جي ڳالهه صحيح لڳي ٿي جو هڪ ته آئون پاڻ به ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ آفيس عملي جو رويو ڏسي رهيو هوس، جن اسان کي معتبر يا معزز مسافر نه پر ڪيوبا کان ڀڄي آيل رفيوجي سمجهيو ٿي. ٻيو ته هيڏانهن ايندي وقت هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٻڌايو ته جدي ۾ هن هڪ دفعي قطار مان نڪري اڳيان وڌڻ ۽ ڪجهه پُڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سنتريءَ بنا ڪنهن ڳالهه ٻُڌڻ جي کيس سڀ کان آخر ۾ بيهاري ڇڏيو.
    واچ ۾ وقت ڏٺم. پاڪستان جو وقت ڏيکاري رهي هئي. تنهن کي ٻه ڪلاڪ پٺتي ڪري سعودي عرب جو وقت ٺاهيم، جيڪو ان وقت ٻه ٿيو. يعني ينبو ڏي ويندڙ اڏام ۾ باقي هڪ ڪلاڪ. ۽ جي فلائيٽ نڪري وئي ته پوءِ خبر ناهي ته ڇا ٿئي. هڪ طرف ينبو ايئرپورٽ تي مون کي وٺڻ لاءِ آيل دوست پريشان ٿي ويندو ۽ ٻئي طرف ڳوٺ مائٽ مٽ ته آيا ڪنهن ايئرپورٽ تي رات گذاري رهيو آهيان يا جيل خاني ۾. ڇو جو ڪويت ۽ سعودي عرب ۾ ڪيترا اهڙا به واقعا ٿيا آهن، جو عرب شرطي (پوليس واري) کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته ڏوهاري بدران فرياديءَ کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو اٿس ۽ پٺيان نه داد نه فرياد.
    آخر هڪ مصري اڏام جو فلائيٽ انجنيئر اتان اچي لنگهيو، تنهن کي بيهاري پنهنجو مسئلو ٻڌايم. پهرين ته هن عربن کي گهٽ وڌ ڳالهايو (عرب ته پاڻ به هو. منهنجو مطلب آهي سعودين کي) ديز اسٽوپڊ سعودين . . .وغيره وغيره. پوءِ سامهون بيٺل هڪ سعودي عرب کان پڇڻ ويو. پر هو ڪو ڪنهن اهڙي کاتي جو هو، جو هن کي انهن Technicalities جي ڪا ڄاڻ نه هئي، سو ظاهر آهي ته ڪو کڙ تيل نه نڪتو. پر مصري انجنيئر اهو سو ڪم ڪيو جو مون کي وٺي اچي قطار جي اڳيان سعودي اميگريشن آفيسر وٽ بيهاريو، جتي مون جهڙي مسئلي وارو هڪ سريلنڪن همراهه پڻ بيٺو هو.
    ٿورائي ڏينهن هتي سعودي عرب ۾ رهڻ کان پوءِ مون کي سگهو ئي ڄاڻ ٿي وئي ته سعودين ۽ مصرين جي پاڻ ۾ چانڊين مگسين واري لڳي ٿي. مصري، سعودين کي گاريون ڏيندا ته ڄٽ آهن. جاهل آهن، تعليم نه اٿن. اڻ آريا آهن. پر پهرئين ئي موقعي ملڻ سان مصري سعودي عرب ۾ نوڪري لاءِ هليو ايندو. کين عربي اچڻ ڪري اسان جي مقابلي ۾ سٺي نوڪري ۽ سٺا پورهيا ملن ٿا. هڪٻئي سان Communication (ساڳي زبان جي ڄاڻ) ڪري هڪ ٻئي سان سٺو گذارو ڪري سگهن ٿا. جيئن پاڪستان، هندستان ڀلي هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندو رهي، پر پاڪستان هندستان کان ٻاهر پاڪستاني هندستاني سڀ ۾ سٺا دوست ٿي هلندا ۽ گڏ رهندا. ڇو جو سندن زبان، کاڌو پيتو، ويس وڳو، ڪلچر ۽ معاشي مسئلا ساڳيا آهن. ساڳي وقت سعودي، مصرين کي وڌيڪ پنهنجو سمجهندي به سڀ کان گهڻيون گاريون مصرين کي ڏيندا ته مصري ديرو ڄمائي ويا آهن. مصري ملڪ کائي ويا آهن. هو سڀ کان گهڻو Allergic مصرين کان آهن، پر موڪلون گذارڻ لاءِ گهڻي کان گهڻا سعودي مصر ڀڄندا. پئسو خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ مصر جي شهرن جو رخ رکندا. تعليم ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ يا خريداري لاءِ مصر ڀڄندا. جيئن اسان وٽ هرڪو آمريڪا کي گاريون ڏي ٿو، پر هر ڳالهه لاءِ آمريڪا ڀڄي ٿو. ويندي ڌيئرن جا سڱ آمريڪن شهريت (گرين ڪارڊ) جي ساک تي ڏنا وڃن ٿا. آمريڪا ويزا جي آڇ لاءِ، لاٽري جو اعلان ڪري ٿي ته ننڍو وڏو، ملون مولوي، هر هڪ اوڏانهن وڃڻ جا خواب ڏسي ٿو. ڪو غريب آهي تڏهن به آمريڪا وڃڻ چاهي ٿو. ڪو امير آهي تڏهن به آمريڪا رهڻ چاهي ٿو. اهو ئي ڪجهه ڪجهه نمونو هيڏانهن آهي. هونءَ مصرين به پنهنجي ملڪ ۾ سعودي عرب جي امير ماڻهن لاءِ خوب عياشي جا اڏا کڻي کوليا آهن. بقول هڪ پاڪستانيءَ جي سعودي عرب جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ٽي وي کان اخبار رسالي تائين اجائي سجائي Censor هڻندي رهي ٿي ۽ مصر جهڙا ملڪ ٻاهرين دل سان سعودي عرب جي اهڙين پاليسين تي واهه واهه ڪن ٿا، پر اندر ئي اندر پاڻ وڃن وڌيڪ بي افعالا ٿيندا. ڇا ڪلب هوٽلون، مئي خانا مساج گهر ۽ عياشي جا اڏا مصر ۾ کلي پيا آهن ۽ غريب توڙي امير سعوديءَ جي ڊوڙ مصر طرف آهي. سعودي عرب پنهنجي ٽي وي کي وتي هيڪاندو مولوي بنائيندو ۽ پنهنجي پر ۾ خوش ته هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ٽي وي ۽ ريڊين ذريعي رڳو نصيحتون ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيو آهي ۽ هوڏانهن هر سعوديءَ جي گهر ۾ مصري ٽي وي کلي پئي آهي. جنهن تي ميڪ اپ سان سجيل ڌجيل اڌ اگهاڙي لباس ۾ مصري دوشيزائون “اشتعال انگيز” ناچ پيون ڏيکارين. رات جو دير دير تائين سعودي عرب جو عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۽ مڙسن کان لڪي مصري ٽي وي تي ايندڙ عشقي ڊراما ۽ فلمون ڏسن ٿيون. جيئن اسان وٽ هندوستاني Zee-Tv ايڏو مشهور ٿي وئي آهي. جو ڪيترن کي پاڪستاني چئنل کوليندي مهينا ٿي ويا آهن. اهڙيءَ طرح سعودي عرب جي ڪيترن رهاڪن کي اها به خبر ناهي ته سعودي عرب جي ٽي وي ڪهڙا پروگرام ڏئي ٿي. باقي اها خبر اٿن ته جنهن وقت به کول ته تقريرون پيو هلن. وزير يا سلطان ملڪ کي سٺي هلائڻ ۾ پنهنجي هٿ ٺوڪئي تعريف جا قصا پيا ڪن يا اسان وانگر حالات حاظره جي ڌم آهي. هتي جو خبرنامون به اسان وانگر ئي هڪ “جبر نامون” آهي. نتيجي ۾ سعودي عرب پنهنجي ٽي وي تان فقط فٽ بال مئچ ڏسن، باقي ڪمن لاءِ مصر، موراڪو، دبئي ۽ MBC جا ٽي وي چئنل زنده باد.
    مصري فلائيٽ انجنيئر کي مهرباني طور “شڪن” چيم، جيڪو لفظ جهاز ۾ عربي اعلان بعد ٻڌي ٻڌي سمجهي ويس ته شڪر معنى مهرباني. رکي رکي سعودي اميگريشن آفيسر حوالي پاسپورٽ ڪيم ٿي ته چيڪ ڪري سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جو (Entry) ٺپو هڻي ڏئي. هن ڪمپيوٽر جي بٽڻن (keys) تي آڱرين سان ٺونگا هڻي اڌ انگريزي ۾ اڌ عربي ۾ ڪمپيوٽر ۽ ان جي ڪمپنيءَ کي گاريون ڏنيون ٿي ۽ پاسن کان ويٺل ٻين عرب آفيسرن کان پڇيو ٿي ته انهن جا ڪمپيوٽر ڪم ڪن پيا يا نه. انهن به مٿي تي ٻڌل رومال ڪڏهن ڪهري Style ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي Set ۾ ڪري انڪار ڪيو ٿي ۽ ٺاهڻ واري جو انتظار ڪيو ٿي. خبر ناهي ڪنهنجو انتظار هو جيڪو اچي ٺيڪ ڪري. پر پوءِ خبر پئي ته رياض ايئرپورٽ جي بجلي ۽ نلڪن کان اليڪٽرانڪ جي ڪم جو ٺيڪو ڪوريا جي هڪ ڪمپنيءَ جي هٿ ۾ آهي. جنهنجو ماڻهو ڪمپيوٽر کي صحيح ڪرڻ لاءِ ان وقت اچي نڪتو. اڳتي هلي باٿ روم ۾ نلڪو ٺاهيندڙ هڪ ڪورين مڪينڪ دانهون ڪري رهيو هو ته عربن ۾ افعال ڪونهي. پئسو سو اچي ويو اٿن پر ڪنهن شيءِ جو قدر نه اٿن. منجهن Mis-handling گهڻي آهي.
    بهرحال مس مس ڪمپيوٽر صحيح ٿيو ۽ سريلنڪن ۽ مون کي پهرين آجو ڪيو ويو. باقي ڊگهي قطار خبر ناهي ڪڏهن واندي ٿي.


    ينبو ۾ پهچڻ

    اميگريشن مان نڪري يڪدم سامان کڻڻ لاءِ ڊوڙيس جو ينبو ويندڙ هوائي جهاز جي ڇٽڻ ۾ باقي ڪو ٿورو وقت وڃي بچيو هو. سامان وٽ ڪيترائي مصري، پاڪستاني، بنگالي، برمي پورٽر (قلي) سامان کڻائڻ لاءِ بيٺا هئا. مون انهن کان ينبو وڃڻ لاءِ هوائي اڏي جو مڪاني (Domestic) حصو معلوم ڪرڻ لاءِ اڙدو ۾ پڇيو. سندن ڏس پتي مان معلوم ٿيو ته چڱو اڳيان هلڻو آهي. سامان جيتوڻيڪ ڪو خاص نه هو. اڪيلي سر ٽراليءَ تي کڻي سگهيس ٿي. پر رهنمائي جي لاءِ ڪنهن جو هجڻ ضروري سمجهيم.
    “اوستائين پهچائڻ جو گهڻو وٺندين؟” مون اڳيان بيٺل پورٽر کان پڇيو.
    “ڏهه ريال.” هن وراڻيو. (يعني پنجاسي رپيا کن، اڄڪلهه سعودي ريال ساڍن اٺن رپين برابر آهي).
    “اهو اگهه تنهنجو آهي يا هتي جو مقرر ٿيل آهي.” مون پڇيو.
    “اهو ايئرپورٽ طرفان مقرر ٿيل آهي، مٿان جيڪي توهان کي وڻي اهو ڏجو.” هن فضيلت سان چيو.
    “بهتر ٿيندو اڳواٽ طئي ڪجي.” مون چيومانس. ڇو جو اهڙن هنڌن تي جتي وقت جي به کوٽ هجي اتي بعد ۾ بحث ڪرڻ ڌارئين مسافر جي فائدي ۾ نه آهي.
    “ٻارنهن کڻي ڏجو.” هن چيو. ۽ مون اندازو لڳايو ته همراهه شريف ٿو لڳي. ڪجهه لالچ ڪري ڪجهه مجبوري ڪري اهڙن هنڌن ۽ موقعن تي مسافر مان گهڻي کان گهڻو ڇنيو پٽيو وڃي ٿو. ڇو جو ڪن ڪن ملڪن ۾ مزورن کي مقرر ڪيل مزدوريءَ جو وڏو حصو رشوت طور کيس نوڪري ڏيڻ واري سپروائيزر کي ڏيڻو پوندو آهي يا پوليس کاتي کي.
    “سڀ پئسا توکي ملن يا ان جو حصو ايئرپورٽ وارن کي به ڏيڻو پوي ٿو.” مون پڇيومانس.
    “سڀ مون کي ملن.” هن وراڻيو. ۽ دل ۾ مون سوچيو ته اها سٺي ڳالهه آهي جو مزوري کي سڄي مزور ملي ٿي. ان تي ڪو سيٺ، ڪو دادا ديرو نٿو ڄمائي.
    “ڪٿي جو آهين؟” مون کي جيتوڻيڪ پاڪستاني لڳو ٿي. شڪل توري اڙدو ڳالهائڻ مان پر تڏهن به پڪ لاءِ پڇيومانس.
    “انڊيا جو.” هن ٻڌايو.
    “ڪهڙي هنڌ جو آهين؟.” مون تعجب مان پڇيو.
    “راجستان جو.” هن ٻڌايو.
    “راجستان ۾ اڙدو هلي يا ڪا ٻي زبان؟” مون پڇيومانس.
    “راجستان ۾ ڪيتريون ئي زبانون هلن ٿيون. اسين مارواڙي ڳالهايون. باقي اڙدو يا هندي ٿوري ٿوري آئي ٿي، وڌيڪ هتي اچي سکيس.”
    هتي ته توکي عربي سکڻ کپي.” مون کلندي چيومانس.
    “عربي به اچي وڃي، پر عربن سان ڪو واسطو ئي نٿو رهي. جتي رهون، کائون پيئون ۽ ڪم ڪريون ٿا. اتي سڀ پاڪستان هندستان جا ئي آهن. ويندي هتي ايئرپورٽ تي به انهن ئي ملڪن جا گهڻا آهن. باقي ٻيا انگريزي ڳالهائين ٿا.” هن ٻڌايو.
    ڳالهيون ڪندي ڪندي هن اچي مون کي ينبو ڏي ويندڙ هوائي جهاز واري ڪائونٽر وٽ پهچايو. سامان ۽ ٽڪيٽ ڏيئي ايئر ڪمپني جي آفيسر کان جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ ورتم ۽ اچي ان حصي ۾ ويٺس جتي مون جهڙا ينبو ڏي ويندڙ مسافر ويٺا هئا. سامهون وڏي هال جيترو حصو ننڍن ڪٽهڙن سان مسجد لاءِ وقف هو. چار پنج عرب ۽ هڪ ٻه ننڍي کنڊ جا همراهه پنهنجي هٿ جو سامان پاسي تي رکي نماز پڙهي رهيا هئا. مون سستي محسوس ڪئي. “ڪهڙي پٽ تي اچي پهتو آهيان. هرو ڀرو نماز جو وقت نه وڃايان.” منهنجي اندر جي انسان مون کي احساس ڏياريو. ٻي گهڙيءَ اٿي کڙو ٿيس. باٿ روم ۾ وڃي وضو ڪيم، جتي مٿي ذڪر ڪيل ڪورين مستري ڦٽل نل ٺاهيندي نظر آيو. گهر کان ٻاهر يا ولايت ۾ بوٽ ۽ جوراب لاهي پير ڌوئي وري جوراب چاڙهڻ . .خاص طرح سرد ملڪن ۾، اسان جهڙن سستن لاءِ نماز نه پڙهڻ لاءِ وڏو بهانو رهي ٿو.
    “ڳالهه ٻڌ،” منهنجي مٿين ڳالهه ٻڌي هڪ دفعي اردن جي جهازي انجنيئر عبدالڪيرم سئيڊن ۾ مون کي سمجهايو هو، “نماز پڙهڻي آهي ته ان مسئلي جو حل آهي. هڪ ته اڄ کان پوءِ مون وانگر بنا ڪهين وارو بوٽ پاءِ، جيئن بيٺي بيٺي لاهي پائي سگهين. ٻيو ته ضروري ناهي ته جوراب لاهي پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان پير ڌوئجن. گهران پير ڌوئي نڪرڻ تي وضو مهل ٺلها آلا هٿ جورابن سان ڍڪيل پيرن کي گهمائڻ ڪافي آهن.”
    اسان سان گڏ سئيڊن ۾ رهندڙ مسلمان ملڪن مان هڪ مٿيون اردني عبدلڪريم ۽ هڪ سوڊاني عبدالهادي تغالي (جيڪو خارطوم بندرگاهه جو وڏو آفيسر آهي) ٻئي انهن مسلمانن مان هئا جيڪي مسجد ۾ سڀ کان اڳ پهچندا هئا. ٻئي فخر سان چوندا هئا ته هنن ڪڏهن به روزو يا نماز نه وڃائي آهي. ٻنهي جي سڄي عمر يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ تعليم وٺندي ۽ اتي ئي نوڪري ڪندي گذري آهي ۽ آئون ٻين کي ۽ خاص پنهنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جا مثال ڏئي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته اهي به ته انسان آهن. هو ڪيڏو پرهيزگار ۽ متقي هجڻ جي باوجود ڪيترو نهٺا ۽ نماڻائي وارا آهن. سندن ڳالهه ڳالهه ۾ الحمدالله، ماشاالله يا دعا ڪجو گنهگار آهيون، جهڙا جملا هن وقت به ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن.
    سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض کان ينبو ويندڙ جهاز ايڏو ڪو وڏو نه هو. هڪ ٻه پاڪستاني يا هندوستاني به ويٺل هئا، پر گهڻي قدر انڊونيشي ۽ فلپينو هئا. جن گهرن ۽ ڪارخانن ۾ مزدوري ڪئي ٿي يا وري يورپ پاسي جا گورا هئا، جيڪي ينبو شهر جي پيٽرو ڪيميڪل فئڪٽرين ۾ انجنيئر يا ٽيڪنيشن هئا. سعوديه هوائي جهاز جي هن فلائيٽ ۾ به چانهه نصيب نه ٿي. هن اڏام ۾ پاڪستاني ايئرهوسٽس بدران مصري ۽ فلپينو ايئر هوسٽس هيون. سعوديه ايئر ڪمپني جي ايئر هوسٽس جي ڊريس ڪجهه اهڙي آهي جنهن ۾ هوءَ سڀ کان گهڻو ڍڪيل رهي ٿي. مٿي تي به ٽوپي ۽ ان مٿان رومال نما پوتي رهيس ٿي.
    رياض کان ساڍا ٽين بجي جهاز ٽيڪ آف ڪيو ۽ ساڍي پنجين بجي ڌاري ڳاڙهي سمنڊ جي هن بندرگاهه واري شهر ۾ هيٺ لهڻ شروع ڪيو. هڪ پاسي سمنڊ.... بحر الاحمر هو ۽ ٻي پاسي ريتي ئي ريتي. سمنڊ جي ڪناري وٽ عمارتون ۽ فئڪٽريون ئي فئڪٽريون نظر آيون. جيڪي جيئن جيئن جهاز هيٺ لهندو ويو ته چٽيون ۽ وڏيون ٿينديون ويون. ينبو جا هي تيل ڇاڻڻ ۽ صاف ڪرڻ جا ڪارخانا، دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا چيا وڃن ٿا. هونءَ سعودي عرب جو تيل آمريڪا ويندو هو جتي صاف ٿي مختلف شڪلين . .جهڙوڪ گاسليٽ، ڊيزل، آڪٽين، بينزين، ليوب آئل جهڙن جدا جدا Grades ۾ ٿيندو هو. جيڪو پوءِ آمريڪا دنيا جي مختلف ملڪن کي وڪڻندي هئي. ويندي سعودي عرب کي به انهن کان وٺڻو پوندو هو. پوءِ فيصل بادشاهه اهو ئي فيصلو ڪيو ته ڪچو مال ايئن موڪلڻ بدران ڇو نه اسان پاڻ وٽ ئي Process ڪيون ۽ آمريڪا ڇو ايڏو فائدو رکي. ڪيترا ماڻهو آمريڪا جي ڏمر کان ڊنا ٿي ته ايئن ڪرڻ سان آمريڪا بهادر ڪاوڙجي پوندو ۽ جيڪڏهن سعودي عرب تي حملو ڪيائين ته ڇا ٿيندو. جيڪو تيل يا مال قدرت ڏنو آهي اهو به هليو ويندو.
    “اسان کي ان بابت سوچڻ نه کپي. اهڙي صورت اچي وئي ته اسان رڻ پٽ ۾ رهڻ جا اڃان عادي آهيون. وري ساڳي رڻ پٽ ۾ جهوپڙو يا تنبو هڻي وڃي رهنداسين ۽ کير ۽ کجين تي گذارو ڪنداسين.” مرحوم شاهه فيصل چيو هو ۽ پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو. اڄ سعودي عرب نه فقط تيل جو وڏو Producer آهي، پر Processor پڻ آهي.


    هي شهر ينبو (ينبع)

    ينبو ڪو وڏو شهر ناهي. پرکليل کليل هجڻ ڪري آدمشاري جي خيال کان وڏو آهي. هونءَ به سعودي عرب ۾ ميدانن پٽن جي ڪا کوٽ ناهي. چوڌاري سوين ميلن تائين رڻ پٽ ۽ ريتي ئي ريتي لڳي پئي آهي. زمين تي تڏهن جهيڙو ٿئي، جڏهن ڪا ندي يا درياهه وهندو هجي جيئن پاڪستان هندوستان ۾ آهي. يا وري ڪو مينهن پوندو هجي جيئن ملائيشيا ۾ آهي يا وري هيڪاندا اوچا جبل هجن ها. جن تي برف پوي ها ۽ اونهاري ۾ گلئشر ۽ درياهه ٿي پاڻي مهيا ڪن ها ته ماڻهن جي ڇڪتاڻ رهي ها. هتي رڻ پٽ هجڻ ڪري ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي جهاز راني يا مڇيون مارڻ لاءِ رهيا ٿي يا وري جتي جتي نخلستان هئا. . پاڻيءَ جا چشما ۽ کجيءَ جا وڻ ٽڻ هئا. اهو ته هاڻ هن صدي جي چوٿي بلڪ اڌ بعد، تيل جي ملڻ ڪري هن ملڪن ۾ اهو ڪي ڪجهه اچي ويو آهي جيڪو آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به نه آهي. سعودي عرب ۾ ڪٿي به وڃي نڪرو . ننڍي کان ننڍي ڳوٺ ۾ به باٽلڊ واٽر ۽ ڪئڊبري چاڪليٽ ملن ٿا. پيپسي ۽ ميري بسڪيٽ ملن ٿا. خوشبودار جپاني ٽشو پيپر ۽ ڪوپن هيگن جي ڪوس گهر جي ڪٺل ڪڪڙ ملي ٿي. ٻارهوئي انب ۽ انگور ملن ٿا. پر شڪر آهي ته آدمشماري اڃان به گهٽ آهي. سڄي سعودي عرب جي پکيڙ ٻه ملين چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آدمشماري هڪ سؤ سورهن ملين! ان حساب سان جپان اسان کان به گهڻو ڳتيل آهي. جنهن جي آدمشماري اسان ئي جيتري آهي پر ڌرتيءَ جي پکيڙ اسان جي اڌ جيتري.
    ينبو شهر جيڪو پکيڙ ۾ ڄڻ حيدرآباد کان ڄامشوري تائين پکڙيو پيو آهي. پر آدمشماري فقط سٺ هزار اٿس. . يعني ڪوٽڙي يا سيوهڻ کان به گهٽ. اصل باشندن کان ٻيڻا ٽيڻا. . اٽڪل ڏيڍ لک کن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هتي رهن ٿا. جيڪي گهرن، دڪانن، عمارتن، رستن، ڪارخانن ۽ کجين جي باغن ۾ ڪم ڪن ٿا. ينبو شهر کي ٻه بندرگاهه آهن. ينبو شهر ۾ هڪ پراڻو بندرگاهه آهي جيڪو تجارتي بندرگاهه Commercial Port of Yanbu سڏجي ٿو ۽ ٻيو وچ شهر اسلام آباد وانگر نئون ٺهيو آهي ۽ واري آباد وانگر طريقي جو آهي. اسلام آباد گادي جو هنڌ آهي جِتي سرڪاري آفيسون ۽ سفارت خانا آهن. هتي پيٽرول ۽ پيٽرول سان واسطو رکندڙ ڪيميا جا ڪارخانا آهن. Petro-Chemical کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪارخانا آهن. جهڙوڪ پلاسٽڪ جا، رنگ روغن جا، ٿانون ۽ ڪاٺ جي ڪم جا، کاڌي پيتي جي شين جا...... شهر جو هي حصو ۽ بندرگاهه “ينبو انڊسٽريل پورٽ” سڏجي ٿو. هتي تيل ۽ گئس کڻڻ جا جهاز اچن ٿا. غير ملڪي انجنيئرن، ڪيمسٽن ۽ اعلى هنرمندن لاءِ هتي هڪ خوبصورت رهائشي علائقو آهي. جيڪو Royal Commission سڏجي ٿو.
    ينبو شهر يا بندرگاهه جي تواريخ ڪا خاص پراڻي ناهي. جن ڏينهن ۾ بابر هندستان جو بادشاهه هو، تڏهن کان هن جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو.... يعني سورهين صدي کان وٺي. ويهين صديءَ جو شروع وارو اڌ ينبو بندرگاهه حاجين لاءِ مشهور هو. مڪي ۽ مديني ايندڙ حاجي ينبو پورٽ ذريعي ايندا هئا، جيئن اڄ ڪلهه جدي کان اچن ٿا. ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ حاجين جي لهڻ لاءِ جدو مقرر ٿيو. هينئر به مصر، آلجيريا، لبيا، موراڪو ۽ يورپ پاسي کان سامونڊي جهازن جا مسافر ينبو ۾ لهي پوءِ باءِ روڊ مديني يا مڪي پهچن ٿا، جو سئيز ڪئنال ٽپڻ بعد پهرين ينبو اچي ٿو ۽ ويهن ڪلاڪن بعد جدو. پر پاڪستاني حاجين يا ٻين ايشيائي ملڪن کان ايندڙن لاءِ جدو ويجهو آهي.
    ينبو ايندي وقت، هوائي جهاز جي وڌيڪ هيٺ ٿيڻ تي سمنڊ جو ڪنارو صاف صاف نظر اچڻ لڳو. نيرو سمنڊ ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جا جهاز اکين ۽ دل کي وڻي رهيا هئا. پڪ اٿم ته منجهن رهندڙ جهاز جو عملو منهن مٿو پٽي رهيو هوندو جو کين ٻاهر نڪرڻ ۽ شهر گهمڻ ڦرڻ جي موڪل نه ملي هوندي. سعودي عرب جي بندرگاهن ۾ جهازين کي گهمڻ ڦرڻ جي موڪل ملي ئي ڪانه. گهڻيون دانهون ڪوڪون ڪرڻ تي هڪ حصي کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ملي. ڪيترا ته موڪل ملڻ تي به ٻاهر نه نڪرن جو ڪيترا ڏينهن سمنڊ تي جهاز هلائي، ڪناري تي پهچي، جهاز جي قيد مان آزاد ٿي جهازي/ خلاصي جيڪي ٺينگ ٽپا ۽ موج مستي ڪرڻ چاهي ٿو اها سعودي عرب ۾ نصيب نٿي ٿي سگهي. سعودي عرب ڪيترين ڳالهين ۾ ٻين پاڙيوارن ملڪن کان عجيب آهي. نه ٽي وي تي ڪنهن عورت جو ناچ گانو اچي نه ڪنهن آفيس دڪان ۾ عورت کي نوڪري ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. نه هوٽلن ۽ دڪانن جي لائوڊ اسپيڪرن تان ڪن ڦاڙ راڳ گانا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نه سئنيما هال ۽ ڊراما ٿيٽر آهن..... جيڪي دبئي، ڪويت ۽ مصر، موراڪو ۾ به آهن. بلڪ مصر ۽ مورڪو ته يورپ آمريڪا سان به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.


    حسن سان ملاقات

    جهاز پوري ڇهين بجي ينبو پهتو. جهاز مان پنڌ لهي Arrival Hall ۾ پهتاسين. اميگريشن ڪسٽم رياض ۾ ٿي چڪو هو، هينئر اسين مڪاني مسافرن جي صورت ۾ ائين پهتا هئاسين جيئن ڪو سکر کان نواب شاهه پهچي. هڪ ڪنڊ کان چند عرب پنهنجي روايتي لباس اڇي جبي ۾ بيٺا هئا، جنهن کي ثوب سڏجي ٿو. مٿي تي رکيل اڇو يا ياسر عرفات وارو ڳاڙهن ٽٻڪن واري رومال کي عمامه يا غتره سڏجي ٿو جيڪو ڪاري نوڙ (عقال) سان سوگهو جهليو وڃي ٿو. رومال هيٺان اڇي ٽوپيءَ کي طاقيا يا توفيا سڏجي ٿو. سکن وانگر عرب ثوب (جبي) ۽ غتري عقال ۾ هڪ جهڙا ئي لڳن ٿا. پري کان يڪدم سڃاڻڻ ڏکيو ڪم آهي. مون چوڌاري نظر ڊوڙائي پنهنجي هئنڊسم عرب دوست حسن کي ڳولڻ جي ڪئي پر ايتري ۾ پنهنجي بئگ ايندي ڏسي ان ڏي وڌيس ته سامهون بيٺل اڇن جبن وارن عربن جي جهڳٽي مان ڪنهن مونکي سڏ ڪيو. غور سان ڏٺم ته حسن هو. مون حسن کي هن عرب ڊريس ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو. سئيڊن ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ٻه سال گڏ هئاسين پر هو هميشه ڪمپليٽ سوٽ ۾ هوندو هو. سندس وار گهر ۾ به سيٽ رهندا هئا. حسن جي پري کان سڃاڻ ڪمپليٽ سوٽ ۽ وارن جو اسٽائيل هو.
    ۽ هاڻ اهي ٻئي غائب هئا. مٿو وڏي اڇي رومال سان ڍڪيل هو ۽ جسم جي چوڌاري تنبوءَ جهڙو پهراڻ (جُبو) جيڪو پيرن تائين هليو ويو ٿي.
    “هي ڇا ٿي ويو آهين. “ مون کلندي سندس ڊريس ڏي اشارو ڪري هٿ ملايو. هو منهنجي اشاري تي وائڙو ٿي ويو ۽ پاڻ کي ائين جانچڻ لڳو جيئن ڪنهن کي لڙڪيل اڳٺ يا پتلون جي کليل زپ لاءِ چئجي. کانئس وڌيڪ آءُ به پريشان ٿي ويس ته هي آء ڪنهن کي ٽوڪي رهيو آهيان هي ته هنن جي قو مي ۽ ٽرڊيشنل ڊريس آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته حسن يورپ ۾ ٻه سال رهڻ دوران ڪڏهن به نه پاتي نه وري ان ڊريس ۾ مون ڪڏهن سندس تصوير ڏٺي هئي. بهرحال هن جي ۽ پنهنجي تعجب کي ختم ڪرڻ لاءِ يڪدم سٺي سفر گذرڻ جي ڳالهه ڪيم. هن پنهنجي عرب دوستن کان موڪلايو ۽ مونسا گڏ ايئر پورٽ کان نڪري اچي ڪار ۾ ويٺو.
    “ تنهنجي رهائش جو الڳ بندوبست نه ڪيو اٿئون، “ هن چيو، جيسين تنهنجي فئملي اچي تيسين تون اسان جي ئي گهر هلي رهه، تنهنجي ڪمري ۾ ويسٽرن فرنيچر رکرايو اٿئون – يعني پلنگ، ڪرسي ٽيبل وغيره”.
    مون سندس ٿورو مڃيو، هفتو کن اڳ به ان بابت فون تي ٻڌائي چڪو هو. مون ان وقت به دل سان ٿورا مڃيامانس، ڇو جو سعودي عرب ۾ هڪ عرب فئملي سان پاڪستانيءَ جو ايڏو ويجهو رهڻ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. يورپ جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي، اتي سڀ بنا پڙدي پئي هليا. گهر پهچي حسن جي ٻارن احمد، وفا، وجدان، ايمان وغيره سان مليس، جيڪي هاڻ ڪافي وڏا ٿي ويا هئا. اسان کي الڳ ملڪن ۾ رهندي ٻه سال ٿي چڪا هئا. حسن کي هڪ پٽ پنڌرنهن سالن کن جو ۽ چار ڌيئر آهن. آخري ڌيءَ جو نالو آلاءِ آهي جيڪو قرآن شريف جي آيت “ فباي آلاء ربکما تکذبان “ تان ورتل آهي. آلاءِ جڏهن سئيڍن ۾ اسانجي پاڙي ۾ رهندي هئي ته تمام ننڍي هئي ان ڪري هاڻي مونکي سڃاڻي نه پئي سگهي، پر ٻين ٻارن سان گڏ هوءَ به منهنجي زال ۽ ٻارن جو پڇندي رهي.
    “تون صحيح وقت تي آيو آهين” حسن چيو، “آئون سرڪاري نوڪري سان گڏ بزنيس جو پڻ شوق ننڍي هوندي کان رکان ٿو، سئيڍن ڇڏڻ بعد آئون سمورو وقت ڪا انڊسٽري هڻڻ جو سوچيندو رهيس. شروع جا ڪاغذ پٽ سڀ مڪمل ٿي چڪا آهن، فئڪٽري هڻڻ لاءِ زمين به وٺي چڪو آهيان، جتي ڄاڻ ته ڪم شروع ٿيو. ان بعد فئڪٽري لڳڻي آهي، جيڪا پلاسٽڪ پي وي سي ۽ پي اي جا پائيپ ٺاهيندي. ڪامرس ۽ فائننس جو ته آئون پاڻ ڄاڻو آهيان، پر انجنيئرنگ جي الف ب جي به ڄاڻ نه اٿم مون چاهيو ٿي ته تو جهڙو مئرين انجنيئر منهنجي رهنمائي ڪري. دوستن ۾ هڪ توکي ۽ ٻيو يمن جي مبارڪ کي سڳن ڀائرن وانگر سمجهان ٿو. مبارڪ کي به چيو اٿم ته ڪجهه مهينا موڪل وٺي هتي اچي، ينبو سعودي عرب جو پر سڪون بندر گاهه آهي. تون هتي ئي رهي پئه.”
    حسن مونکي سئيڍن وارن ڏينهن کان سعودي عرب لاءِ چوندو رهيو ٿي. ينبو ۽ جدو بندرگاهن ڪري نه پر مديني ۽ مڪي کي ويجهو هجڻ ڪري هر مسلمان جي اها خواهش رهي ٿي ته مٿين پاڪ جاين يا انهن جي ڀر وارن شهرن ۾ رهجي، جيئن زيارت ٿيندي رهي. پر انسان نوڪرين، مٽن مائٽن ، ٻارن دوستن جي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿل رهي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي به ان ڄار مان نڪري نٿو سگهي .
    “آئون به هتي رهڻ چاهيان ٿو،” مون حسن کي چيو، “پر اڃان ڪجهه عرصي بعد ، هينئر آئون فقط مهينو ٻه رهي پوءِ هليو ويندس . حياتي رهي ۽ منهنجو رزق هتي لکيل هوندو ته ضرور وري اچي نڪرندس. “


    ڪجهه خرچ بچي

    سعودي عرب جي هن شهر ينبو، جنهن ۾ گذريل ٻن مهينن کان ٽڪيل آهيان، ان ۾ اسان جي گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽ هڪ وڏو ورڪشاپ آهي، جنهن جو مالڪ ته ظاهر آهي هتي جو عرب ئي هوندو پر ان ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني ۽ هندستاني آهن. هن ورڪ شاپ ۾ هڪ ته اليومينم جا در دريون ٺاهيون وڃن ٿيون، ڊگهين سڪشنس کي ڪٽي در درين جا چوڪ ۽ فريم ٺاهيا وڃن ٿا، يعني ڪٽنگ ورڪ ٿئي ٿو. ورڪ شاپ جي ٻئي حصي ۾ لوهي چادرن کي ڪٽي تيل يا پاڻي کڻڻ جون ٽئنڪيون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي ٽئنڪر گاڏين ۾ استعمال ٿين .
    شام جو واڪ ڪندي اتي جي ورڪرن کي ڪم ۾ رڌل ڏسندو آهيان. هڪ ڏينهن ان ورڪشاپ مان هڪ همراهه نڪري منهنجي ئي طرف ڏي وڃي رهيو هو سو ساڻس خبر چار ڪندو هليس.
    “مونکي هتي آئي ٽي سال ٿيا آهن، پر هاڻ هتي وڌيڪ رهڻ تي دل نٿي چوي.” هن ٻڌايو.
    “ ڇو ڀلا- ؟ مون پڇيومانس،
    “ بس ڪو خاص مزو ناهي ، هن سال شادي ڪري آيو آهيان ۽ زال سان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. “
    “ پگهار گهڻو ملئي ؟ “ مون پڇيو مانس،
    “ پنڌرنهن سئو ريال ملن ٿا، جيڪي پاڪستاني ٻارنهن هزار رپيا ٿي. تنهن مان سمجھيو ته کاڌي پيتي تي اڍائي هزار رپيا خرچ ٿيو وڃي، باقي پئسا ايترا گهڻا نه آهن جيترا ڪلاڪ سخت گرميءَ ۾ هي لوهه جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.”
    پاڻ گجرانوالا جو آهي ۽ ٻڌائين : “ لوهارڪو منهنجي ابن ڏاڏن جو ڌنڌو آهي. ايترو کڻي نه پر ان جي اڌ جيترو ته پنهنجي ملڪ ۾ به ڪمائي سگهجي ٿو.” کيس اڃا ڪم وار ڪپڙا پاتل هئا. شلوار قميص نه فقط لوهي ڪم ۾ ڪاراٽيل هيس پر لڳاتار پگهر ڪري سندس ڪپڙا ڳري چڪا هئا. پاڻ رات جي مانيءَ لاءِ رستي جي ٻئي پاسي تنور واري دڪان تان خبث (نان) ۽ ٻيو ڪجهه کائڻ جو سامان وٺڻ وڃي رهيو هو. سندس ڳالهائڻ ۾ سخت مايوسي ۽ هوم سڪئيس هئي.
    “ هتي ڪيئن آئين ...؟ مون پڇيومانس،
    “ منهنجو ڀاءُ هتي وٺي آيو. هو هتي ڪيترن ئي سالن کان آهي ۽ هن ورڪ شاپ جو فورمئن آهي . پهرين سال مونکي هڪ هزار ريال (يعني اٺ هزار رپيا کن) مليا، ان بعد هاڻ هي پگهار ٿيو آهي، پر هنن ٻن سالن ۾ هر شيءِ ايتري مهنگي ٿي وئي آهي ، جو پگهار اوترو ئي لڳي ٿو. “
    رستي جي ٻئي پاسي تائين آئون ساڻس گڏ هوس ان بعد هو نان وٺڻ لاءِ دڪان ۾ گهڙي ويو ۽ آئون واڪ لاءِ هليو ويس. موڪلائڻ وقت پاڻ سندس رهائش تي هلي ساڻس گڏ ماني کائڻ لاء وڏي قرب ۽ خلوص سان منٿون ڪيائين.
    “ اڄ ته نه پر ڪنهن ڏينهن تو وٽ اچي چانهه ضرور پيئندس، ڇو جو جنهن عرب وٽ رهيل آهيان اتي رڳو عربي چانهن ۽ ڪافي هلي ٿي. هتي آئي ٻه مهينا ٿي ويا آهن، پر دو پتي واري چانهه نه پيتي اٿم.” کيس چيم.
    اڄ وري ان لوهارڪي ڪارخاني وٽان لنگهي رهيو هوس ته مٿيون همراهه مليو. ڀر ۾ سندس وڏو ڀاءُ ۽ هڪ ٻيو ورڪر ڪارخاني اڳيان ڪجهه پوکڻ لاءِ ڪوڏر سان پٽ ٺاهي رهيا هئا. ساڻس سلام دعا ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ منير سان مليس .
    “ ڪريو خبر ڪيئن اچڻ ٿيو آهي ؟ هن پڇيو .
    “ بس ائين سمجهو ته گهمڻ لاء آيو آهيان. هن شهر جو هڪ عرب مونسان گڏ ٻه سال کن يورپ ۾ هو ۽ سٺي دوستي ٿي وئي . مونکي هيڏانهن اچڻ لاءِ ڏاڍو چيائين سو هليو آيو آهيان. “
    “ هتي نوڪري نٿا ڪريو؟” هن پڇيو.
    “ نه في الحال ته ارادو ناهي ، جيتوڻيڪ دوست عرب پڻ ڏاڍو چوي ٿو.” مون کانس پڇيو. “منهنجو ڇا ٿا پڇو ڄڻ اڌ عمر هتي گذري وئي آهي. سورنهن سترنهن سالن کان هتي آهيان. هي ينبو شهر هڪ ڳوٺڙو هو ۽ هن سڄي علائقي ۾ فقط هي اسان جو ڪارخانو هو. پاڻيء جي لائين ته هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ آئي آهي، پر اليڪٽرسٽي به هتي هن علائقي ۾ اڃان نه آئي هئي. پنهنجو جنريٽر هلائي ڪم هلائيندا هئاسين. هي سڀ بنگلا، رستا، دڪان جيڪي ڏسو ٿا سڀ منهنجي اڳيان ٺهيا آهن، مونکي هن علائقي جو هر باشندو سڃاڻي ٿو،”
    پاڻ اڄ جي سعودي عرب خاص ڪري هن شهر ينبو لاءِ ٻڌائين :
    “ ڪجهه سال اڳ تائين عربن جي خوشحاليءَ جو گراف مٿي ئي مٿي پئي ويو. هاڻ اهو حال آهي جيئن ميلو لڳي بس ٿيندو آهي.”
    “ ڇا مطلب؟ مون پڇيو مانس .
    “ ڏسو نه! جڏهن ميلو اوج تي هوندو آهي ته خوب رونق ۽ واپار وڙو هوندو آهي. ميلي جا ٽي ڏينهن پورا ٿيڻ بعد فقط دٻا ۽ خالي کوکا ميڙڻ وار فقير نظر ايندا آهن. سو هاڻي حالت وڃي اها رهي آهي ، يقين ڪريو هن اسان جي ڪارخاني ۾ سٺ سٺ ماڻهن به ڪم ڪيو ۽ روزانو پاڪستاني ڪرنسي ۾ لک لک رپئي جو ڪم هليو ٿي، هاڻي ڏهين هزار جو به نٿو هلي، پنج ماڻهو به ڪافي آهن. ڪنسٽرڪشن ورڪ جهڙو ٺپ ٿيندو وڃي. پهرين بئنڪون عربن کي خوب قرض ڏينديون هيون، عرب ڇا ڪندا هئا جو لکها رپيا پنهنجن پوڙهن پيءُ ڏاڏن نالي وٺي خوب گهر، دڪان ۽ فيڪٽريون به ٺاهيائون ۽ عيش به ڪيائون. حڪومت بنا وياج جي قرض ڏنو ٿي ۽ ويتر جي اهو پوڙهو مري ويو ٿي ته قرض کان آڱوٺو. هر مال سندس اولاد کي ڦٻيو، سو سياڻن عربن خوب فائدا ورتا ۽ ناڻو ٺاهيو، باقي جاهل بدو عرب جيڪي بيا بانن ۾ ٻڪريون چاريندا هئا اڄ به چاريندا وتن. هاڻ انهن مان ڪو سياڻو ٿي قرض کڻڻ چاهي ٿو ته حڪومت ڏيڻ کان مجبوري ڏيکاري ٿا .
    “ حڪومت ۽ هتي جا ماڻهو اڄ ڪلهه آمريڪا کان ڏاڍو ڊڄن ٿا . عراق جي صدام کي نه لهر نه لوڏو، اهو ئي عيش پيو ڪري جيڪو پهرين ڪيائين پئي، پر هنن عرب ملڪن لاءِ آمريڪا صدام جي روپ ۾ اهڙو گهر جو ڀيدي ۽ بگهڙ پئدا ڪيو آهي جو پري کان ويهي رڳو بڇ ٿو ڪري ته هي عرب ڊڄيو وڃن،
    “ خبر ناهي لڙائي به ڪهڙي ٺڙڪ ٺڳيءَ جي لڳي. آمريڪا پنهنجي مدي خارج بم کي ساڙي عربن کي چٺو ٺاهي ڏنو ته هيترا بم عراق تي لڳا، انهن جا هيترا ملين ڊالر، هيترا بم سمنڊ ۾ ڪريا انهن جا هيترا هزار ملين ڊالر هيترا اسان جا ماڻهو وڙهيا، انهن جا هيترا ملين پگهار – هاڻ ويٺو سعودي عرب سالن جا سال اهي چٽيون ڀري ، ختم ٿيڻ تي وري صدام کي هشي ڏيندا ته وڌ اڳيان ، اهو ئي حال ڪويت جو ڪري ڇڏيو اٿن، ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جپان جي به اهڙي حالت نه هئي جهڙي اڄ ڪلهه هنن عربن جي آهي ....”
    هو لڳاتار خبرون ڪندو رهيو . سندس ڳالهين ۾ ڪافي سمجهداري لڳي ٿي، سڄو ڏينهن ته هتي ڪارخاني ۾ لوهار ڪي ڪري ٿو! حالات حاضره تي هي جائزا الائي ڪٿان هٿ ڪيا اٿس “ مون دل ئي دل ۾ سوچي کانئس پڇيو:
    “ لڳي ٿو ته توهان اخبار روز پڙهو ٿا، جنهن مان توهان جي معلومات مڪمل رهي ٿي. “
    “ نه سائين اخبار ته نه پڙهندو آهيان ، پر منهنجا پڙهيل ڳڙهيل دوست آهن.... ڊاڪٽر، انجنيئر جيڪي موڪل واري ڏينهن مون وٽ انڊين فلمون به ڏسڻ ايندا آهن ته ڪچهري به ڪندا آهن. هڪ ته رايل ڪميشن ۾ وڏو آفيسر آهي، توهان چئو ته ان کي توهان لاءِ چوان ته ڪا نوڪري هٿ ڪري.”
    “ نه. منهنجي دل هتي نوڪري لاءِ چوندي ته آئون پنهنجي عرب دوست کي چوندس ، جنهن وٽ رهيل آهيان” مون چيو مانس.
    “ ڀلا حج تي هلو ته توهان کي وٺي هلون.”
    “ حج تي وڃڻ چاهيم ٿي ، پر ٿوري عرصي ڪري پاس نه ملي سگهي. هاڻي ته اڄ چوٿين ذوالحج جي تاريخ آهي، سڀان کان آفيسون بند آهن، پوليس کاتي مان هاڻي ٺپو لڳي نه سگهندو جو هلي سگهجي.” مون کيس ٻڌايو.
    “اسين ته وڃون پيا، هتان ستين تاريخ روانا ٿينداسين، “
    “توهان ڀلي وڃو جو توها ن وٽ پاس هوندي” مون چيو مانس
    “پاس ته پاڻ وٽبه ڪانهي. پر منهنجا رستا ۽ پيچرا ڏٺل آهن”
    جتان لڪي لڪي وڃي مڪي پهچندا آهيون. پوليس کي خبر به نه پوندي آهي. هن ٻڌايو.
    “توهان ڀلي هلو مون وراڻيومانس اهڙي نموني سان هلڻ تي منهنجي دل نٿي چاهي حياتي رهي ته ٻئي سال انشا الله حج ڪبو”
    “ هتي اڪيلائي محسوس ڪريو ته ڪچهريءَ لاءِ ايندا ڪريو. هي ڪارخانو آهي ۽ ڪنڊ تي هيٺ مٿي جيڪي ڪمرا آهن انهن ۾ اسين رهون ٿا” هن ٻڌايو.
    “ ضرور، “ مون کيس چيو ۽ پوءِ هتي جي موسم جو پڇيو ته سيارو به ٿئي يا نه .
    “ ٽي مهينا سيارو ٿئي ۽ موسم ٿڌيري ٿيندي آهي. مڙيئي سئيٽر پائڻ جهڙو ٿيندو آهي. ان بعد لڳاتار هيءَ گرمي ۽ اس رهي ٿي.” هن ٻڌايو، ساڻس گڏ ٽيون همراهه جيڪو هاڻ زمين ٺاهي رهيو هو، تنهن لاءِ پڇيومانس ته اهو ڪير آهي.
    هي انڊيا جو آهي ، راجستان جو، هن کي سال کن هتي ٿيو آهي ، هزار ريال تي ڪم ڪري ٿو، انڊيا ۽ بنگلاديش جا ماڻهو هزار ريالن کان گهٽ تي به ڪم ڪن ٿا ۽ هي عرب اڄ ڪلهه غريب پورهيتن کي هزار ريال ڏيندي به ڪيٻائين ٿا ۽ دل سست ڪن ٿا، بس هنن جو به ڏوهه ناهي ، اڃان ملڪ ۾ خوشحالي آهي، پر ڏسن پيا ته ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ٿيندو وڃن سو وڃن ڪنجوس ٿيندا، تڏهن ته ڏسو تا ته اسين به ٽماٽا ڀاڄي پوکڻ جي ڪوشش پيا ڪري ته جيئن ڪجهه خرچ بچي.”


    ڪير ٿو چوي ته غلامي ختم ٿي وئي آهي ؟

    هڪ ٻئي شخص ابراهيم سان ملاقات سندس دڪان تي ٿي. پاڻ رحيم يار خان کان پنڌرهن مهينا کن اڳ سعودي عرب جي هن شهر ينبو ۾ آيو هو، آئون سندس دڪان تي ٽيبل لئمپ لاءِ بلب وٺڻ لاءِ گهڙيس، پاڻ ٽيهارو سالن جو ٿيندو، سٿڻ قميص ۾ ۽ شڪل شبيهه مان سمجهي ويس ته پاڪستان يا هندستان جو آهي، هتي هن ملڪ ۾هڪ ته سعودي عرب جا عرب آهن جيڪي پنهنجي عربي ڊريس ۾ هلن ٿا، ٻيا عربي ڳالهائيندڙ مختلف عرب ملڪن جا آهن، جيئن ته مصر، يمن، اردن، عمان وغيره جا، انهن ۾ وري مصري گهڻا آهن ۽ گهنڊي وارن ۽ هلڻ چلڻ جي اسٽائيل مان کين سڃاڻڻ ڏکيو ناهي، آفريڪا جي ملڪن جا جيڪي عربي ڳالهائيندڙ شيدي آهن، اهي سوڊان جا آهن يا وري موريطانيا جا، سوڊان جا ٿلها متارا آهن ۽ مٿي تي سنڌين جهڙو پٽڪو ٻڌن ٿا، موريطانيا جا گهڻي ڀاڱي سنها آهن ۽ ملئين وانگر سنهو پٽڪو ٻڌن ٿا، ڏور ايشيا جي ملڪن مان فلپوينو ۽ اندونيشيا گهڻا آهن، جيڪي هڪ جهڙا لڳن ٿا، پر جيئن ته آئون ملائيشيا ۾ گهڻو رهيو آهيان سو کين شڪل توڙي ڳالهائڻ مان سڃاڻيو وڃان، انڊونيشين جي شڪل ۽ زبان ملئين جهڙي آهي، فلپينو پاڻ ۾ تگالوگ زبان ڳالهائين ٿا ۽ ٻين سان انگريزي .
    سعودي عرب ۾ ننڍي کنڊ جي هر صوبي جا ماڻهون نظر اچن ٿا. پر ٻه مهينا کن گذرڻ بعد به هن شهر ينبو ۾ ڪنهن سک يا سنڌيءَ کي اڄان نه ڏٺو اٿم . سنڌي جدي، مديني ۽ مڪي ۾ گهڻا آهن. خاص ڪري ٺٽي، دادو ۽ لاڙڪاڻي پاسي جا يا وري جيڪب آباد، سبي پاسي جا ٻروچ سنڌي، انڊيا مان ڏکڻ هندستان جا تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ گهڻا آهن، راجستاني به ڪافي آهن جو هنن لاءِ عربستان جي واري ۽ ريتي راجستان جيان آهي، بنگالي تمام گهڻا آهن پاڪستانين ۾ پٺاڻ ۽ افغاني آهن يا وري بهاول پور ۽ ملتان پاسي جا سرائڪي ڳالهائيندڙ نور پنجانوي سيڪڙو ماڻهن جو مزدور طبقو لئبر ڪلاس آهي جيڪو هتي جي پئٽرول ڪئميڪل فئٽرين ۾ ڪم ڪري ٿو يا عمارتن ۽ رستن تي يا دڪانن ۾ سيلز مئن جي حيثيت سان سندن پگهار اٺ سئو ريالن کان ٻارهن سئو تائين آهي، ڪن جو اٺ سئو کان به گهٽ آهي، خاص ڪري بنگالين، ڏکڻ هندستانين ۽ سريلنڪن جو، ڪن کي پنڌرنهن سئو ريال به ملن ٿا، هنن لاءِ رهائش جو بندوبست گهرائڻ وارو ڪري ٿو، ماني پنهنجي کائين، ڪن کي ماني به سندن عرب ڪفيل ڏئي ٿو. ماني نان ۽ ڀاڄي ايتر مهنگي نه آهي، ڪفيل ڇا آهي، اقامو ڇا آهي، اوپن ويزا ڇا آهي، ان جو احوال ٻئي ڪنهن هنڌ تفصيل سان ڪنداسين، هتي ابراهيم سان ڪجهه دير خبر چار جو احوال لکان ٿو، جيڪو چاليهه هزار رپين جي ويزا خريد ڪري هتي هن دڪان تي سيلز مئن جي نوڪري ڪري ٿو، کيس 1200 سئو ريال پگهار آهي.
    “ هتي ڪيئن ٿو لڳئي ؟ “ مون پڇيو مانس،
    “ بس سائين جيڪو جيسين هتي سعودي عرب ۾ نٿو اچي تيسين هن کي وڏي سڌ رهي ٿي، پوءِ هتي اچي احساس ٿئيس ٿو ته رکي سکي پنهنجي ملڪ جي چڱي آهي.” هن جنهن نموني سان ڳالهايو ان مان لڳو ته هو پڙهيل ڳڙهيل آهي، جيڪو پوءِ پاڻ به ٻڌائين ته يونيورسٽي مان ايم اي ڪري هتي آيو آهي.
    “ ڇا ڪجي پاڪستان ۾ نوڪري ملڻ محال آهي، سو هيڏانهن هليو آيس، پر يقين ڪري پگهار ايتري گهٽ آهي، جو چوڏنهن مهينن ۾ فقط پنجويهه هزار رپيا ڳوٺ موڪلي سگهيو آهيان ۽ اهڙو کڻي پنجويهه هزار رپين جو سامان موڪليو هوندم، جنهن عرب پئسن تي ويزا ڏئي گهرايم اٿم ان جي ئي اهڙي پٽ پٽ لڳي پئي آهي جو بس، مڪي يا مديني وڃن جي موڪل وٺڻ لاء به جيسين سئو ريال نه ڏيانس تيسين اجازت نامي جو ٺپو نه هڻي ڏيندو،” هن ٻڌايو.
    “عرب ايترو امير هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا ، “ مون ٻين کان به اهي ڳالهيون ٻڌيون هيون سو ان جو اظهار هن سان ڪيو.
    “سائين عرب توبنهن توبنهن ڪي ٿورا چڱا آهن نه ته اهڙا بدافعالا آهن جو ڳالهه ئي نه پڇو اسان مسلمانن جو هتي پاڪ جايون آهن، ان ڪري ماڻهون رهيو پيو آهي نه ته عربن جو اسان ڌارين سان ايڏو رويو خراب آهي جو بس، هتي دڪان تي ڏهه گراهڪ اچي ويندا آهن تڪليف نه ڏيندا، پر هڪ عرب اهڙي بدتميزيءَ سان اچي ڳالهائيندو جو اندر سڙي ويندو، تون تون ڪري ڳالهائيندو، اڇل مان شيءِ گهرندو، اگهه گهٽائڻ لاءِ زور ڪندو، شيءِ نه وڻندس ته اڇل مان ڦٽي ڪري ويندو يا پئسا به ايئن اڇلي ڏيندو ڄڻ اسان انسان ئي نه هجون، سندن ٻار به گهٽيءَ مان لنگهندي اسان کي ڀتر هڻدا، پر کين چيو نٿو سگهجي چئه کڻي ته مائٽ ته ٻار جو پاسو کڻندا، پر پوليس به توهان کي چوندي خيال ڪريو هيڏا سار ا ٿي ڪري ٻارن جي شڪايت ڪريو ٿا. ڪي ڪي ٻار يا وڏا اهڙا ظالم ۽ بد افعالا آهن جو منهن ۾ ٿڪي ويندا، ڪالهه جي ڳالهه آهي ڀر واري گهٽيءَ ۾ هڪ بنگالي همراهه جو دڪان آهي ان تي هڪ ٻيو بنگالي پنهنجي زال سان گڏ آيو، هڪ عرب ڇوڪري هن جي زال سان هٿ جي مستي ڪئي ان تي ٻين پاڪستانين ۽ هندستانين کڻي کيس سوگهو جهليو، گوڙ مچي ويو، پوليس اچي وئي ويچاري زال به پوليس کي روئي دانهن ڏني، پر پوليس ڪجهه نه ڪيو. ويتر اسانکي چيو ته ٻارن جون دانهون ڏيندي شرم نٿو اچنو ؟،
    ابراهيم ايترو ڀريل هوجو بنا ساهه پٽڻ جي ٻڌائيندو هليو.
    “ هون ءَ عربن کي کپي اسان جهڙن ڀر وارن ملڪن جي ماڻهن جي مجبوري مان فائدو وٺي ائين گهٽ پگهار تي رکڻ بدران دل وڏي ڪري اسان جي مدد ڪن، “ مون چيو ،” ڪو ڏينهن ڪهڙو ڪو ڏينهن ڪهڙو ، جي سعودي عرب تي ڏکيو ڏينهن اچي وڃي ته پاڙي جا ملڪ سکيا ستابا هوندا ته سندن به مدد ڪري سگهندا ، جيئن يورپ جي ملڪن ۾ ٿيندو رهيو آهي . “
    “ هي ڪڏهن به اسان جي مدد نه ڪندا، پاڪستان هندستان ته ٿيو پري اسين هتي سندن پاڙي ۾ ويٺا آهيون، عيد برات ڪڏهن کڻي ڪجهه ڏنو، اهو به نه، هر وقت چاهيندا ته کين ملي، هر وقت پئسي جي لڳي رهين، ٿي” ابراهيم ٻڌايو.
    “ هونءَ ڇا عرب غريب به آهن؟ سعودي عرب کي ايڏو تيل ۽ پئسو آهي جو ٻاهرين ملڪن جي چڙيا گهرن ۾ بيمار جانورن لاءِ به لکها ڊالر خيرات يا دوستي ياريءَ ۾ ڏئي ٿو سو سندن ملڪ جو ته هر ماڻهو امير هجڻ کپي” مو ابراهيم کان پڇيو”
    “نه ائين نه آهي، ڪي ايترا ته غريب آهن جو صبح جو توهان مون سان ڀاڄي مارڪيٽ ۾ هلي ڏسو، سڙيل ۽ ڪندون ڀاڄيون جيڪي دڪاندار اڇلائين ٿا اهي ميڙيندي نظر ايندا، شهرن ۾ هي جيڪي عرب ڏسو ٿا پئسي وارا آهن، باقي ٻهراڙي ۾ غريب ۽ بدو ٽائيپ آهن، يقين ڪريو عربن کي پنندي به ڏٺو اٿئون، پوءِ انهن مان ڪي نه ته سرڪار کان حاصل ڪري سگهيا آهن نه وري پنهنجو ٻوٽو ٻاريو اٿن. ڪن کي ته سرڪار طرفان به خوب مليو پر پنهنجن افعالن ڪري سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيائون، اڃان به ملندو رهي ٿو پر بجيٽ صحيح نه رکڻ ڪري جيڪي ڪجهه ملين ٿو اهو کايو کپايو کرڙيو ويٺا آهن. “
    ابراهيم جي دڪان ۾ ريڊيو، ٽي وي جي ائٽينائن کان وٺي انهن جا ننڍا ننڍا پرزا وڪامن ٿا، جيئن ڪنهن جي اليڪٽرڪ سامان جي ڪا شيءِ خراب ٿي پوي ته اها وٺي پنهنجي ٽي وي يا واشنگ مشين وغيرهه ۾ فٽ ڪري ان کي وري ڪم ۾ آڻي سگهي. ان کان علاوه بلب، تارون، سئچ اليڪٽرڪ جي ڪم جا ڪئين اوزار ۽ ٻيو قسمين قسمين هلڪو ڦلڪو توڙي قيمتي ۽ ڳرو سامان ــــ ريفريجريٽر جي ڪمپريسن تائين آهي. رکي رکي ڪو پاڪستاني هندستاني، فلپينو يا عرب سامان وٺڻ لاءِ آيس پئي جنهن سان هن عربي ۾ پڻ ڳالهايو ٿي. مون کانئس پڇيو ته عربي ڪيئن ۽ ڪيترن ڏينهن ۾ سکيو آهين - ؟
    “ بس مجبوري هر ڪم ڪرائي ٿي. مون ايم اي انگريزي ۽ ايڪانامڪس ۾ ڪئي. يونيورسٽي جي ماحول مان نڪري هتي آيس. نه عربي آئي ٿي ۽ نه هنن اليڪٽرڪ جي ننڍن وڏن اوزارن جا نالا. پوءِ پهرين جنهن دڪان تي هوس اتي هڪ ٻيو به پاڪستاني هو، جنهن کان ٽن مهينن ۾ چڱو سکي ويس ، جنهن کان پوءِ هن دڪان تي اڪيلو ڪم ڪرڻ لڳس، پر ڪيترن دڪاندارن کي عربي نٿي اچي ته به ڪم هليو وڃي جو اسان جا گراهڪ نوي پنجانوي سيڪڙو غير عرب آهن، ۽ جي عرب به آهن ته انهن جا ڊرائيور يا نوڪر اچن ٿا جيڪي فلپينو، پاڪستاني انڊين، انڊونيشين آهن، جيڪي اڙدو يا انگريزي ڳالهائين ٿا.” هن ٻڌايو.
    هي دڪان ڪنهن جو آهي؟ مون پڇيومانس.
    هي ۽ هن جهڙا ٻيا به پنج ڇهه دوڪان هڪ پاڪستاني همراهه جا آهن. هو بيحد امير آهي ۽ هتي جيڪو گهر آهي اهڙو ڪنهن عرب کي ورلي هوندو، وڏيون وڏيون ڪاورن اٿس، پر ظاهر آهي هتي ڪا به پراپرٽي پنهنجي نالي تي وٺي نٿي سگهجي، هر شيءَ ڪنهن عرب جي نالي ڪرڻي پوي ٿي، سڀان جي هو ناراض ٿئي ته پنهنجو قبضو ڄمائي سگهي ٿو. سو اهو آهي ته هتي هر وقت ۽ هر ڪنهن کي هتي جي مڪاني عرب باشندي جي حاضري ۾ رهڻو پوي ٿو، ڪنهن وقت به ڪاوڙجڻ يا ريچڪ اچڻ تي ٽپڙ ٻڌرائي سگهي ٿو، هن دڪان جو پاڪستاني مالڪ جيڪو اسانجي ئي شهر رحيم يار خان جو آهي، ايئر ڪنڊيشن جو مڪينڪ هو. هتي اڄ کان ارڙهن سال اڳ آيو ۽ پنهنجو ڌنڌو اچي شروع ڪيائين، خوب هلي ويس، هڪ مان ٻه ٻن مان چار دڪان ۽ هاڻ ته الائي ڇا ڇا ڪري ويوآهي، مون جهڙا چاليهه ماڻهون هن وٽ نوڪري ڪن ٿا، سامهون فوٽو اسٽوڊيو به هن جو آهي. ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن جا چار دڪان هن شهر ۾ مختلف هنڌن تي اٿس، هن ٻڌايو.
    “ ڀلا توکي هو وٺي آيو يا ڪو ٻيو ؟ مون پڇيومانس.
    “ آئون هڪ پاڪستاني ايجنٽ کان اوپن ويزا وٺي آيس، جيڪي هتي جي عربن کان خريد ڪري (پوءِ پنهنجو فائدو پڻ رکي) اسان جهڙن کي وڪڻن ٿا، پوءِ هتي ينبو ۾ پنهنجي هڪ ڳوٺاڻيءَ سان اچي رهيس ۽ نوڪري جي ڳولا ڪندوا رهيس. ٻن ٽن هفتن ۾ هيءَ نوڪري ملي وئي جو هنن هي نئون نئون دڪان خريد ڪيو هو ۽ هن تي ويهڻ لاءِ کيس ماڻهوءَ جي ضرورت هئي.” هن ٻڌايو.
    هتي اهو لکڻ پڻ ضروري آهي ته ڪيترن کي مهينا بلڪ سال ٿيو وڃن پر ابراهيم جهڙي نوڪري به نٿي ملي.... ڪالهه هڪ انڊين ريسٽورينٽ تي چانهه پي رهيو هوس ته ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته هو راجستان کان ٻه سال اڳ اسي هزار روپيه خرچ ڪري هتي آيو، پنجاهه هزار ويزا جا ايجنٽ جي معرفت عرب کي ڏنائين ۽ ٽيهه هزار راجستان کان بمبئي ۽ بمبئيءَ کان جدو ۽ ينبو اچڻ ۾ خرچ ٿيس، پر کيس اڃان تائين ڪا ڍنگ جي نوڪري نه ملي آهي. اتي انڊيا ۾ هو ڪاسائي هو. هتي هو روزگار لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڪا لڳاتار هڪ هنڌ واري نوڪري نٿي مليس. ڪڏهن ڪو مهيني ڏيڍ لاءِ گهر يا دڪان جي ڪم لاء رکي ٿو يا ڪنهن ڪنهن ڏينهن ڪٿي ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڏهاڙي ملي ٿي يا سامان ڍوئڻ لاءِ ڪو وٺيو وڃي. ان قسم جون رڳو هوائي روزيون ملن ٿيون.” هن ٻڌايو.
    “ ڇو ڀلا -؟ مون پڇيومانس.
    “ بس . مون جهڙا به ڪئين هزارين سعودي عرب ۾ بيروزگار پيا هلن. “هن ٻڌايو .
    “ واپس وڃڻ تي دل چوي ٿي؟” مون پڇيومانس،
    “ ها چوي ٿي، پر ڪجهه ته ڪمايان جو باقي رهيل قرض ڏئي آجو ٿي سگهان.” هن ٻڌايو.
    “ ڀلا ويزا خريد ڪري هتي اچڻ تي ڪيترو وقت هتي رهي سگهجي ٿو؟”
    “ جيترو وقت به ڪفيل (اهو عرب جنهن جي ويزا تي اچجي ٿو) رکي. ٻن سالن جي مونکي ويزا هئي هاڻ ٻن مهينن بعد اهو مدو پورو ٿيندو، وڌيڪ رهڻ لاءِ سندس اجازت نامي جي ضرورت پوندي، سو ظاهر آهي ته هو چاهيندو ته ڪجهه پئسو ڪڍان، سو هزار سوا ريال ته ضرور گهرندو، جيڪي ڏيندو سانس ته اميگريشن آفيس مان ٺپو هڻائي ڏيندو، نه ته نه. ڇو جوهتي هر ڪم هتي جي مڪاني ماڻهن يعني عربن جي معرفت ٿئي ٿو، عرب هٿ ڪڍي ڇڏين ته توهان ڪٿي جا به نه آهيو. هن جي شڪايت ڪرڻ تي توهان کي ان ئي وقت جيل به اچي سگهي ٿو. هو بيحد ڏکويل لڳو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل نه هو، سو ابراهيم وانگر ايترو گهڻو حسان نه هو ته هن سان ڪهڙي نموني سان عرب پيش اچن ٿا. پاڪستانين، هندستانين بنگالين ۽ سريلنڪائن کي عرب جانور مثل ٿا سمجهن، هرگز نه هن کي انهن ڳالهين جو احساس بلڪل نه هو، ڇو جو هن غريب لاءِ ته سندس وطن جا سيٺ، آفيسر، امير، ٺاڪر ساونت واپاري پڻ عربن کان گهٽ نه آهن جن وٽ ڪم ڪندڙن کي هر وقت ذليل ڪيو وڃي ٿو، گار گند سان سڏيو وڃي ٿو. نه وري هن کي ڪا گهر يا وطن جي لاءِ هوم سڪنيس يا ياد ستائي ٿي هن کي ته اهو ئي فڪر هو ته ناغي بنا کيس ڪا نوڪري پورهيو، ويندي اُسَ گرمي ۾ مزوري ملندي رهي، جنهن ماڻهو پنهنجو ۽ ڳوٺ ڇڏيل پوڙهن ماءُ پيءُ جو گذر سفر ڪري سگهي، اهڙي طرح ٻيا به هتي آهن جن کي نوڪري يا پورهيو نه آهي روز ان آسري تي صبح جو نڪرن ٿا ته وڃيو رات ٿئي ابراهيم ان هوندي وري به خوش نصيب آهي جو کيس دڪان ۾ سيلز مين جي نوڪري آهي جيتوڻيڪ هتي دڪان ۾ ڪم ڪرڻ جي ڍيوٽي به ڪافي ڊگهي ٿئي ٿي، صبح جو ڏهين کان وٺي اڳئين نماز تائين دڪان کليل رهن ان بعد، يعني هڪ بجي ڌاري هر ڪو گهر هليو وڃي وري پنجين بجي وچين نماز پڙهڻ بعد دڪان کولين ۽ رات جو يارهين تائين دڪان تي ويهڻو پوين ان وچ ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نماز تي اڌ ڪالڪ دڪان بند ڪرڻو پوي تو ٻانگ اچڻ سان هر دڪاندار کي يڪدم دڪان بند ڪرڻو پوي ٿو، دير ڪرڻ سان هزار ريال ڏنڊ ۽ جيل پڻ ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هزار ريال ڏنڊ عرب مالڪ يا ڪفيل سيلزمئن جي پگهار مان ئي ڪٽي ٿو. سو ان حساب سان سڄو ڏينهن ماڻهو دڪان بلي ٿيو وڃي کيس ڪا به آزادي نٿي ملي، بقول ابراهيم ۽ ابراهيم جهڙن ٻين حساس ۽ سوچ رکندڙن جي جيترو ماڻهو ڪمائي ٿو، ان کان وڌيڪ نفسياتي مريض ٿئي ٿو.
    “هينئر مونکي گهر ڇڏي چوڏهن مهينا ٿيا آهن،” ابراهيم ٻڌايو، ڪو اڌ لک رپيا مس بچائي گهر موڪلي سگهيس، پر ٻچن ٻارن کان پري رهڻ ڪري ڪيڏو ماڻهو پريشان ۽ ڊسٽرب رهي ٿو. ٻن سالن لاءِ هتي آيو آهيان باقي مهينا پورا ٿين ته آئون واپس وطن هليو ويندس، پنهنجي ملڪ ۾ تيل ناهي غربت آهي پر وري به پنهنجو ملڪ آهي، ماڻهون آزاد آهي، جيئن وڻيس تئين ڪري سگهي ٿو، هتي هر وقت ماڻهو ڊپ ۾ رهي ٿو ته متان ڪا غلطي ٿي وڃي يا نه به ٿئي، پر ڪنهن غلط فهمي جي بنياد تي ڪو جهلي نه وڃي هن ٻڌايو، “
    جيتوڻيڪ سندس دڪان جي سامهون عينڪون وڪڻندڙ بنگالي همراه جي هن کان ابتڙ سوچ نڪتي. هو هڪ عرب جو عينڪن جو دڪان هلائي ٿو. هن سان خبر چار ڪندي وقت هن ٻڌايون ته پنهنجي وطن توڙي يورپ آمريڪا کان وڌيڪ سک چين هتي سعودي عرب ۾ آهي.
    “ڏسونه سائين هتي جو قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري ڪيترو سٺو ماحول آهي. ڪو ڪرائيم (ڏوهه) نٿو ٿئي، ماڻهو لک ريال کيسي ۾ وجهي رات جو به اڪيلو گهمندو وتي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي، ڪٿان ڪنهن گولي هلڻ جو آواز نٿو اچي، ڪٿان ڪو گار نٿو ڏئي” هن ٻڌايو.
    ۽ اها واقعي حقيقت آهي ته هتي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ امن امان آهي ٿورا گهڻا ڏوهه هتي هن شهر ينبو يا سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ ته ڇا پر مڪي ۽ مديني ۾ به ٿيندا هوندا جو انسان نيڪ آهي ته ان کي شيطان به برغلائي ٿو. حضرت آدم جي اولاد هابيل قابيل کان وٺي انسان خون قتل ۽ ٻيا ڏوهه ڪندو اچي، پر اهو آهي ته انهن ڏوهن جي سڄي سعودي عرب ۾ ريٽ تمام گهٽ آهي. ان جو سبب هتي جو قانون آهي، جيڪو نه فقط سخت آهي، پر ان تي عمل به سختي سان ڪيو وڃي ٿو. چوريءَ جي حالت ۾ هٿ ڪپيو وڃي ٿو زنا يا چرس جي سمگلنگ جهڙن ڏوهن ۾ کلئي عام سر ڪپيو وڃي ٿو، جيئن ٻين لاءِ عبرت ۽ خوف پئدا ٿئي. سڄي شهر ۾ ڪو هڪ يا ٻه پوليس وارا نظر ايندا، پر سڀني ماڻهن جو ساه مٺ ۾ رهي ٿو ۽ ان هڪ وردي عام واري پوليس کي وڏي طاقت آهي. سڄي کاتي جو ان پويان فورس آهي. ڪنهن کي غلط ڪم ڪندي هو جهلي ٿو ته هن کي ڪو سلطان، شيخ سياستدان، وزير به ڇڏائي نه ٿو سگهي. هنن پوليس کاتو ئي الڳ ٺاهيو آهي، جيڪو مٿي ڊئريڪٽ بادشاهه يا نائب شهزادي وٽ جوابده آهي. ويندي هتي جا وڏا عرب به پوليس کان ڊڄن ٿا. اسان وانگر نه ته وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ (اسٽيٽس سيمبل) جو هڪ سانچو اهو به آهي ته قانون ڀڃجي ۽ پوليس کان نه ڊڄجي. ڪو ٽرئفڪ جي ڳاڙهي سگنل تي به گاڏي نه بيهاري ۽ پوليس جي سيٽي وڄائي ان کي ترسڻ لاءِ چوي ته ترسڻ بدران ان پوليس واري کي بُجو ۽ گار ڏئي پنهنجي ئي لئه ۾ هليو وڃي ته اسان وٽ اهو ماڻهو وڏي رهائي وارو سمجهيو وڃي ٿو. پوءِ اسان جو پوليس وارو به سسٽم سمجهي ويو آهي. ڏوهه ڪير ٿو ڪري هن کي اهو ڏسڻو نه آهي پر ڏوهه ڪندڙ ڇا آهي اهو ڏسڻو اٿس. جي ڏاڍو مڙس آهي ته هن جي اڳيان هٿ ٻڌي جي سائين جي سائين ڪري ٿو ۽ جي ڪمزور ڀلي شريف هجي ته به هن کي اک ڏيکاري دٻ پٽيس ٿو.
    ابراهيم جي دڪان ۾ اليڪٽريڪ ۽ اليڪٽرانڪ دنيا سان واسطو رکندڙ ڪئين شيون وڪامن ٿيون. “ اهو ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جو سامان آهي - ؟ مون کانئس پڇيو.
    “ ڪيترن ئي ملڪن جو آهي. “ هن وارڻيو، “ جاپان، آمريڪا، ملائيشيا، ڪوريا، تائيوان ويندي انڊيا ۽ پاڪستان جو به آهي، پر اڄ ڪلهه سڀ کان گهڻو آمريڪا جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي انڊيا جو آهي. انڊيا کي اسين گهٽ وڌ ڳالهايون ٿا پر ايران ، افغانستان ۾ ته ڇا سڄي عربستان ۾ سندس ساک ۽ ڌاڪو آهي. هنن جا واپاري توڙي سفارت خانا ايترا چست ۽ سياڻا آهن جو انديا کي خبر ناهي ڪٿي وڃي بيهاريو اٿن، هو چڱي طرح جائزو وٺن ٿا ته ڪهڙي شيءِ جي ضرورت آهي ۽ هو ان جي پهچ لاءِ پنهنجي انڊسٽري ۽ واپاريءَ جي همت افزائي ڪن ٿا، بزنيس مئن جون پنهنجي توڙي ڌارين ملڪن ۾ راهون هموار ڪن ٿا. ائين نه ته هنن لاءِ رانديڪون وجهي مسئلا پئدا ڪن. رڳو سعودي عرب ۾ ڏسو ته انڊين هندن جون فائو اسٽار هوٽل اوبيرا کان وٺي ننڍيون وڏيون هوٽلون ڪيتريون ئي آهن ۽ جتي ڪٿي آهن. مونکان ته ڪو انڊيا جي ٺهيل شيءِ وٺڻ جي گهر ڪندو آهي ته آئون ان جهڙي پاڪستان جي ٺهيل شيءَ هوندي آهي ته پهرين اها وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. “
    هن واشگ مشين جي ڪجهه ننڍن پارٽس جون بند ٿيل دٻيون ڪڍي ڏيکاريون، جنهن جهڙيون انڊيا ۽ ڪوريا جون به هيو پر مختلف برانڊ نالن سان، اهي ڏسي مونکي تعجب لڳو، ڇا واقعي پاڪستان ۾ اهڙا اليڪٽرڪ جا پارٽ به ٺهن ٿا؟ “ مون پڪ ڪئي.
    هائو ڏسو کڻي، “هن دٻي تي ڇپيل ميڊ ان پاڪستان ڏيکاريو، “ پر مون ٻڌو آهي ته ڪيتريون پاڪستاني شيون سٺيون ۽ بين القوامي معيار جو نٿيون ٺاهيون وڃن، “ مون چيو.
    “بلڪل صحيح ٺهيل آهن ۽ صحيح ڪم پيون ڪن اسين بار بار انهن فئڪٽرين کان گهرائيندا رهون ٿا. اڳ ۾ ته بلب به گهرائيندا هئاسين، پر هاڻ بلبن جون ڪيتريون ئي فئڪٽريون سعودي عرب ۾ لڳي ويون آهن. هونءَ ڪي ڪي - خاص ڪري سوٽي ڪپڙي جون شيون ته پاڪستان ۾ تمام سٺيون ٺهن ٿيون، پر انهن ۾ فنشنگ سٺي نه رکڻ ڪري مار کايو وڃن. هتي جاپان جو اڇي رنگ جو ڪپڙو تائيه سڀ ۾ مهانگو ۽ اوچو آهي، جنهن مان امير عرب پنهنجا جبا ( توپ) ٺهرائين ٿا، توهان کي تعجب لڳندو ته اهو پاڪستاني ڪپڙو آهي، جيڪو جپان پنهنجي هنر ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ان کي لسو ۽ وڌيڪ چلڪندڙ بنائي پنهنجي ملڪ جو ٺپو هڻي مهانگو ڪري وڪڻي ٿو. “ ابراهيم ٻڌايو.
    اتي هڪڙو عرب دڪان تي چڙهيو ۽ ٽي وي جي ائنٽينا لاءِ پڇيائين. سندس دڪان تي ٻن ٽن قسمن جون ائنٽينائون رکيل هيون جن مان هڪ ڪڍي ڏنائينس.
    “هن ائنٽينا کي هتي جا عرب مڇن واري ائنٽينا سڏين ٿا. “ عرب جي وڃڻ بعد ابراهيم مونکي ٻڌايو. “ ڇو جو هن کي پاسن کان ٻه مُڇن وانگر لوهي پروجيڪشن آهن. هن ائنٽينا لڳائڻ سان مصر جي ٽي وي صاف نظر اچي ٿي. مصر جو عرب دنيا ۾ ڪافي اثر آهي....... تعليم ۽ ڪلچر لاءِ پڻ هو مصر جو رخ رکن ٿا. “ مون چيو.
    “هتي جي عربن جو اخلاقي ڏيواليو به مصر ڪڍيو آهي. ستياناس ڪري ڇڏي اٿس. پڙهائي ۽ علم لاءِ گهٽ باقي عياشي لاءِ هتي جا عرب مصر ڀڄن ٿا. توهان مصر جي ٽي وي ڏٺي آهي؟” ابراهيم مونکان پڇيو.
    “نه. ايم بي سي ڪڏهن ڏسندو آهيان يا ڪويت ۽ دبئي جي.” مون وراڻيو، “هاڻ ايم بي سي عربي پروگرامن جي ٽي وي آهي. جيڪا لنڊن مان ٽيليڪاسٽ ٿئي ٿي. ان تي به ايتري بيحيائي نه هوندي جيتري مصري ٽي وي تي آهي. اهڙا اهڙا پروگرام ڏين ٿا جو يورپ جون ٽي ويون به شرمائين . سعودي عرب جي ٽي وي کڻي. برقعو پائي مولوياڻي ٿيو ويٺي آهي. پر ڇا ٿيو؟ هتي جا عرب ته مڇن واري ائنٽينا ذريعي سڄو ڏينهن مصري ٽي وي ويٺا ڏسن. مصري به تيئن وڃن ٿا ٽي وي جا پروگرام اوگهڙا وارا ڪندا. هاڻ ته هر ڪو سمجهي ٿو ته سعودي ٽي وي فقط فٽ بال ڏسڻ لاءِ آهي، باقي سڄو وقت مصري ٽي وي زندهه باد. ايتريقدر جو سعودي عرب جون ڪيتريون ڪمپنيون پنهنجا پروڊڪٽ ( شيون) وڪرو ڪرڻ لاء مصر جي ٽي وي ذريعي اشتهار ڪرائين ٿا. “
    “ عرب گهمڻ خاطر به مصر ڏاڍو وڃن ٿا. “ مون کيس ٻڌايو. تازو ڪانو ٽريول ايجنٽ جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملير ڪراچي جي ناياب صديقي سان مليو ويو هوس. ان وقت هو سخت بزي هو.
    “ خير ته آهي “ مون پڇيومانس.
    “ هي حج وارا ڏينهن ايڏو سخت بزي هوندو آهيان جو ماني لاء به گهر وڃي نه سگهندو آهيان. سو زال به هي ڏينهن مائٽن وٽ جدي هلي ويندي آهي. “ هن ٻڌايو
    سعودي عرب ۾ ذوالحج مهيني جا پهريان ٻه هفتا کن هتي عام موڪل ٿئي. آفيسون، اسڪول، ڪاليج بند رهن سو ناياب ٻڌايو ته امير عربن جي ڊوڙ جدي هوندي آهي سو سڄو ڏينهن ٽڪيٽون بڪ ڪرڻ ۾ گذرندو آهي.
    حج تي وڃن؟ مون پڪ ڪئي.
    “ حج تي به ڪجهه وڃن ، پر ڪيترن جو زور عياشي ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ مصر ڏي هوندو آهي.”
    ان وقت هو لڳاتار جدي ــــ عمان ــــ جڪارتا ــــ عمان ــــ جدي جي لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽون بڪ ڪرائڻ لاءِ فون تي مشغول هو، جنهن لاءِ پوءِ ٻڌائين ته هتي جو هڪ عرب جنهن جي اردني عورت سان دوستي آهي، اهو جدي کان عمان (اردن) وڃڻ چاهي ٿو، جتان پوءِ هن کي وٺي جڪارتا گهمڻ ويندو ۽ پوءِ واپسي تي عمان هن کي ڇڏي جدي موٽڻ چاهي ٿو، سو ان جي لاءي ٻه سيٽون رزرو ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهيان.
    اسانجي پاڙي ۾ رهندر عرب جو پٽ جيڪو تازو ڪاليج پورو ڪري هڪ وڏي نوڪري ۾ لڳو آهي، سو پنهنجن ٻين ٽن سعودي عرب جي دوستن سان گڏ ٻه ڏينهن اڳ مصر روانو ٿيو. ڪنهن ٻڌايو ته هونءَ سعودي عرب جا ماڻهو ٿائيلينڊ پاسي ڏاڍو ويندا هئا، پر پوءِ بئنڪاڪ ۾ سعودي سفارت خاني جي آفيسر جي قتل بعد سعودي حڪومت پنهنجن ماڻهن کي ٿائيلينڊ گهمڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. فقط اهم واپاري ميٽنگ جي بهاني وڃي سگهجي ٿو، سو هنن لاءِ مصر ويجهو ۽ سولو ٺڪاڻو آهي، خاص ڪري اتي ٻولي به عربي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪمزور هجڻ ڪري هنن کي مصر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سهوليت رهي ٿي.
    ينبو شهر جي مٿين دڪان واري سيلز مئن ابراهيم ٻڌايو ته ڪنهن سعودي عرب وار مصر مان شاديون ڪن ٿا. سعودي عرب ۾ سخت پڙدو آهي، وڌ ۾ وڌ سوٽ ماساتن کي ڏسن ٿا ۽ پوءِ ڪيترن جي زوري يا ارينج شادي ڪاميا ب نٿي وڃي. مصر ۾ هڪ ته پڙدو ناهي، ٻيو خوب فئشن، ناز نخرو ۽ سونهن آهي . پوءِ هتي جا عرب نوجوان توڙي وڏا جڏهن مصر ۾ پڙهڻ، گهمڻ يا واپار بهاني وڃن ٿا ته هڪ اڌ سان دل لڳيو وڃين، ان ڪري هتي ڪيترا اهڙا ٻار آهن جن جون مائرون مصري آهن ۽ انهن جي اثر رسوخ ڪري هتي سعودي عرب ۾ مصر جا ڪيترا ماڻهو نوڪرين ۽ واپار ۾ آهن. ان ڪري اسين مصرين لاءِ چوندا آهيون ته هو سعودين جا سالا آهن “
    “ڀلا پاڪستان جا ايترا ماڻهو گهٽ ڇو آهن . هونءَ آهن ته سهي پر جيترو سعودي عرب اسان کي ويجهو آهي ۽ هڪ مسلم ملڪ جي حيثيت ۾ اسان جا ماڻهو جيترا هتي هجڻ کپن اوترا نه آهن ڇو ڀلا؟” مون ابراهيم کان پڇيو.
    “ اڄ ڪلهه هي جيڪي فلپينو يا انڊين اچن پيا، اهي اسان کان ڪو هوشيار نه آهن. پر هو انگريزي ڳالهائڻ ۾ تکا آهن. ان ڪري هر ڪو اهو سمجهي ٿو ته هو اسان کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل آهن، جيتوڻيڪ سندن انگريزي گرامر يا اچار جي لحاظ سان صحيح ناهي، پر هنن جي ملڪ ۾ انگريزيءَ جو ايترو واهپو آهي جو هڪ جاهل مزور به اڌ اکري ڳالهايو وڃي. اسان جو يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ به ڳالهائيندي هٻڪي ٿو، شرمائي ٿو يا ڄاڻ نه اٿس، جيڪي سمجهو چئي سگهو ٿا. اسان جو پاڪستاني انگريزي ڳالهائي يا ٻڌي نٿو ته کيس سمجهه ۾ به نٿي اچي، ڪو تڪڙ ۾ ڳالهايو وڃي ته هن جون وايون بتال ٿيون وڃن ته هو ڇا چئي ويو، ۽ پوءِ جلد جواب نه ملڻ تي ٻيو اهو ئي سوچي ٿو ته ڪهڙي ڄٽ سان واسطو پيو آهي، جيڪو نه ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه منهنجي ڳالهه سمجهي سگهي ٿو. هوڏانهن هڪ فلپينو يا انڊين ڦڙ ڦڙ انگريزي ڳالهائي ٿو” ابراهيم ٻڌايو.
    ۽ هن اهو پڻ ٻڌايو (جنهن کان آئون به واقف آهيان) ته اڄڪلهه عربن هر شيءَ ٺيڪي تي ڏني آهي. مثال طور سرڪاري اسپتال جو ڪم ٻن يا ٽن سالن هلائڻ لاءِ سرڪار ٺيڪي جو اعلان ڪري ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر کان ڪمپائونڊر ، وارڊ بواءِ ۽ ٽيڪنيشن مهيا ڪرڻ پڻ اچي وڃي ٿو. پوءِ اهو ٺيڪو ڪنهن مڪاني عرب کي ئي ملي ٿو، اهو عرب پوءِ مقرر ڪمن لاءِ يا سڄي اسپتال هلائڻ لاءِ گهٽ تي ٺيڪو ڪنهن انگريز، آمريڪن، جپاني يا ڪورين کي ڏئي ٿو. اهي پوءِ ڳولا ڪن ٿا ته گهٽ پگهار وارا ماڻهو هٿ ڪجن، جيئن هو به بچائي سگهن ۽ عرب کي به کارائي سگهن، پوءِ ڊاڪٽر مصر مان، ته نرسون فلپائين مان ، ته وارڊ بواءِ ۽ ٽيڪنيشن وغيره انڊيا مان گهرائين ٿا، هاڻي پاڪستاني به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا، ۽ هتي سعودي عرب ۾ ئي ڪيترائي بيروزگار اوپن ويزا تي ڦرن پيا، پر هنن يورپين يا عربن جون ٽيمون انٽرويو وٺن ٿيون ته انڊين ، فلپينو، سريلنڪن ويندي بنگالي جي مقابلي ۾ پاڪستاني انگريزي ۾ ڪمزور هجڻ ڪري هو انٽرويو وٺندڙ کي مطمئن نٿو ڪري سگهي. انٽرويو وٺندڙ يا هتي ڪاروبار هلائيندڙ اهو چاهي ٿو ته ڪم ڪندڙ کي عربي ۽ انگريزي ٻئي زبانو نه ته هڪ ته سٺي اچي اسان جيڪي انگريزيءَ ۾ هوشيار هئاسين هاڻ پٺتي پئجي ويا آهيون اسان وٽ عربيءَ کي زور وٺائڻ جو جيڪو شروع ۾ پرگرام هيو اهو به نه ٿي سگهيو. ان ڪري ٻئي زبانون جن ۾ اسان ڀڙ هجون ها، هاڻ ڪنهن ۾ به نه رهيا آهيون، “ هن ٻڌايو.
    ساڳي ڳالهه اسان جي پاڙي جي هڪ پاڪستاني بقالا واري ڪئي. بقاله ننڍو پيڊي نما دڪان ٿئي ٿو. جيئن پاڻ وٽ رهائشي علائقن جي ڪن گهٽين جي ڪنڊ وٽ دڪان ٿين، جن ۾ ضرورت جي هر شيءِ صابڻ، بسڪٽ کان مٿي جي سور جي گوري ۽ سئي سڳو ملي سگهي ٿو. عرب دنيا اهڙن بقالن سان ڀري پئي آهي، هن بقالا (دڪان) تي پڻ هڪ پاڪستاني ميانوالي پاسي جوڪم ڪري ٿو. پاڻ هنر مند آهي، کيس ٿورو گهڻو بجلي جو ڪم ۽ پلمبري (نلڪن) جو ڪم به اچي ٿو پر انگريزي سٺي نه هجڻ ڪري کيس اڃا ڪٿي نوڪري نه پئي ملي، “مس مس هن دڪان تي هڪ عرب رکيو آهي. سڄو ڏينهن ويهڻو پوي ٿو، ايئر ڪنڊيشن به اهڙو مرزيل آهي جو سڄو ڏينهن پگهر ۾ شل رهجي ٿو. پگهار به اٺ سئو مس ٿو ڏئي، مهيني پوري ٿيڻ تي چوندو ته هن دفعي ڪمائي سٺي نه ٿي آهي، اٺ سئو بدران ست سئو وٺ. هاڻ آئون هتي ڪنهن کي دانهن ڏيان ته مون سان ظلم آهي. گهڻو گوڙ ڪندس ته چوندو نڪر ٻاهر ته ان پيٽ قوت کان به ويندس” هن مونکي ٻڌايو ۽ پوءِ جڏهن خبر پيس ته آئون ملائيشيا، سنگاپور ۽ جپان پاسي رهي چڪو آهيان ته يڪدم پنهنجي لاءِ پڇيائين ته هو جپان وڃي سگهي ٿو.
    “ آئون ته سرڪاري طرح ويس ۽ ان کي به سال ٿيا . اڄ ڪلهه جون خبر ناهي ڇا حالتون آهن، ان وقت ته ٽوڪيو ايئرپورٽ تي جيڪو پهچندو هيو ان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا ويزا ڏيندا هئا. هاڻ ٻڌو اٿم ته پاڪستاني جپان ۾ گهمڻ لاءِ به نٿو وڃي سگهي، ويزا جو نه فقط پنهنجي ملڪ مان بندوبست ڪرڻو اٿس، پر جيسين ڪو جپاني ان جو ذمون يعني اسپنسرشپ نه ڏئي ، تيسين هو وڃي نٿو سگهي”
    “نه سائين آئون غير قانوني طرح وڃڻ جو پڇي رهيو آهيان” هن چيو، “اها ته بنه خبر نه اٿم”. وراڻيو مانس.
    “نه سائين ماڻهو سٺ سٺ هزار رپيا ڏئي ايجنٽن ذريعي جاپان وڃن پيا ۽ پوءِ جيڪو ويو آهي، اهو اتي خوش آهي. ڪو به دانهون نٿو ڪري. آءُ به پئسا گڏ ڪري رهيو آهيان ته ڪو مونکي اوڏانهن موڪلي” هن ٻڌايو.
    ساڳي ڳالهه هڪ ٻن ٻين به ڪئي ۽ نه فقط پاڪستانين پر بنگالين به، جيڪي هتي (سعودي عرب) جي نوڪري کي هاڻي سخت تڪليف وارو سمجهن ٿا. پگهار گهٽبو پيو وڃي، مهانگائي ۽ مڪاني عرب ماڻهن جون تڪليفون وڌنديون وڃن. مٿئين دڪاندار (ايم اي پاس ڪيل ابراهيم) کان پُڇيم ته ڇا هو به سعودي عرب جي هيءَ نوڪري ڇڏي جپان وڃڻ جو سوچي رهيو آهي.
    “نه آئون غير قانوني طرح وڃڻ نه چاهيندس، ڇو جو پوءِ هر وقت ساهه مُٺ ۾ رهي ٿو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن به وقت پوليس جهلي سگهي ٿي ۽ جنهن وٽ ڪم ڪجي ٿو اهو پڻ جيئن وڻي تيئن Exploit ڪري ٿو.” ابراهيم ٻڌايو.
    “ان خيال کان هيءَ سعودي عرب واري نوڪري قانوني چئي سگهجي ٿي.” مون پڇيومانس.
    “ها، قانوني ته آهي، پر هن کي نوڪري نه پر غلامي ئي چئي سگهجي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته اڄڪلهه Slavery ختم ٿي چُڪي آهي، پر سعودي عرب هي نوڪري هڪ غلاميءَ جو قسم ناهي ته ٻيو ڇا آهي. هتي جي عرب کي گهر لاءِ نوڪر يا ڊرائيور کپي يا دڪان لاءِ ڪم وارو ته ان لاءِ هو اسان کي سعودي عرب ۾ اچڻ لاءِ ويزا موڪلي ٿو. ان لاءِ به چاليهه پنجاهه هزار خرچي طور اسان کان گهري ٿو. ان بعد اسين پنهنجي ٽڪيٽ، ڀاڙا ڀتا ڀري هتي پهچون ٿا. پوءِ بنهه گهٽ پگهار تي هو اسان کان پورهيو وٺي ٿو ۽ پورهيو به چڱي طرح وٺي اسان جو تيل ڪڍي ٿو. هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سندس “لکت ۾ موڪل” بنا چريو به نٿا سگهون. يعني ڪم واري ڏينهن تي ته نه پر جمع ڏينهن موڪل واري ڏينهن به ڀر واري شهر ۾ به آزادي سان وڃي نٿا سگهون. پگهار ۾ ڪو عرب ڦڏو ڪري ته سندس ڪم ڇڏي به نه ٿا سگهون، جو پهرين ڏينهن ئي هو اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو ڪري رکي ٿو. پر جي کيس اسان جي ضرورت نه پوي ته اسان کي ٻئي وٽ نوڪري ڳولڻ جي به موڪل ناهي. ٻئي وٽ تڏهن نوڪري ڪري سگهجي ٿي جڏهن اهو پهريون ڪفيل عرب لئبر ڪورٽ ۽ اميگريشن کاتي ۾ هلي اسان کي اجازت نامون ڏئي اچي. ان لاءِ به هو ٻيو نه ته سؤ ٻه سؤ ريال خرچي گهري ٿو، نه ته موڪل بنا پوليس جهلي ويندي. هي غلاميءَ جو قسم ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڪير ٿو چوي ته غلامي ختم ٿي وئي؟” هن ڏک مان چيو.


    ينبو کان مديني

    ينبو (عربي ۾ ينبع لکيو وڃي ٿو) کان مدينو اڍائي سوءَ کن ڪلوميٽر آهي. رستا تمام ويڪرا آهن. جن کي صحيح معنيٰ ۾ هاءِ وي يا سپر هاءِ وي چئي سگهجي ٿو ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هڪ ئي رفتار سان گاڏي هلائي سگهجي ٿي. گاڏيون به هتي وڏيون ۽ طاقتور آهن. بيوڪ، شيورليٽ، مارڪس خبر ناهي ڪهڙيون گاڏيون آهن ۽ انهن جا ماڊل به هڪ ئي وقت هتي نظر اچن ٿا. سٺن رستن ۽ تکين گاڏين جي ڪري مٿيون مفاصلو مديني ۽ ينبي جو ٻن ڪلاڪن جو آهي. اهڙي طرح جدي کان مڪو آهي. جيڪو پنجاهه ڪلو ميٽر کن گهٽ آهي. جدو ۽ ينبو ٻئي ڳاڙهي سمنڊ جا بندرگاهه آهن. سعودي عرب کي هڪ پاسي ايراني نار (Gulf) آهي ته ٻئي پاسي بحر الاحمر (ڳاڙهو سمنڊ). جدو ۽ ينبو ڳاڙهي سمنڊ جا ٻه مشهور بندرگاهه ائين آهن جئين سنڌو ندي تي ڪوٽڙي ۽ روهڙي. اڃا به هڪ بندرگاهه جيزان نالي آهي جيڪو سمجهو ته ٺٽي وٽ آهي. سنڌو نديءِ تي ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ ۽ بندر هالا پراڻا، ٻڍا پور ۽ درٻيلي جهڙا اچن ٿا. اهڙي طرح سعودي عرب جا ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا بندرگاهه هن ڳاڙهي سمنڊ تي آهن. پر اهي ايترا ننڍا آهن جو انهن جي بين الاقوامي ليول تي ڪا خاص مشهوري ناهي. انهن ۾ واپار وڙي لاءِ ننڍا مڪاني ٻيڙا ۽ بتيلا اچن. ڪن ۾ مهاڻا پنهنجن لانچن (Motor Boats) سا رهن ٿا ته ڪن ۾ سعودي عرب جي نيوي وارن، ڪوسٽ گارڊ ۽ اميگريشن وارن جون چيڪ پوسٽون آهن. جيڪي بارڊر ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي هلندڙ ٽريفڪ تي نظر رکن ٿا. جئين ڪو قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪري. ڪو زمانو هو اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ تائين.. ڪو پاسپورٽ يا اميگريشن گهڻي نه هئي. ماڻهو شناختي ڪارڊ کڻي هلڻ کان غير واقف هئا. ملڪن جون منجهيل حدون هيون. آدمشماري گهٽ هئي. ماڻهن جون ضرورتون گهٽ هيون. ڏوهه گهٽ هئا. هٿيارن ۽ نشي جي شين جي سمگلنگ نه هئي. وڌ ۾ وڌ هيرا سمگل ٿيندا هئا. ماڻهو هڪ کان ٻئي ملڪ تائين ائين آيا ويا ٿي جئين ماتلي کان تلهار يا گهوٽڪي کان سکر اچجي. پوءِ ٻي وڏي لڙائي بعد هر هڪ پنهنجي طبعي، اخلاقي، معاشي صورت مضبوط رکڻ لاءِ ليڪا ۽ لائينيون، پاسپورٽ ۽ ويزائون ٺاهڻ شروع ڪيون. جيئن ماڻهن جي چرپر تي نظر رکي سگهجي. نه ته ڪو زمانو هو ته هند سنڌ جا ڪيترا ماڻهو پاڻي واري جهاز ۾ جاءِ نه ملڻ تي يا ڀاڙو نه هجڻ تي پيرين پيادا منزلون ڪندا اچي مڪي مديني نڪرندا هئا. پور پيو ته موٽي ويندا هئا. نه ته اتي ئي ٽڪي پوندا هئا. سعودي عرب کان اڳ يمن اچي ٿو. ڪيترا ته ايندي يا واپس ويندي اتي به ترسي پيا. جن مان ڪيترن جو اولاد اڄ به هنن پٽن تي رهي ٿو. خاص ڪري ڪيترا سنڌي ته اڃان تائين پنهنجي سڃاڻپ قائم رکندا اچن ۽ السندي جي نالي سان سڏجن ٿا. بلڪه السندي هاڻ هنن جو فئملي نالو آهي. اهي سڀ پنهنجي شوق ۽ زيارت ڪارڻ نه ويا. ڪيترا وقت جي حاڪمن جي دعوت تي گهرايا ويا. بنو اميه، عباس، فاطمي....... هر دور ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو تن ڏينهن ۾ آمريڪا مان نه پر سنڌ مان گهرايا ويندا هئا. آمريڪا ته هاڻ ٻه سئو سال کن اڳ ظاهر ٿيو آهي. هي سنڌي عالم ستين اٺين صدي کان عرب ڌرتي تي مشهور هئا. چون ٿا ته قرآن شريف جو پهريون ترجمو به سنڌي ۾ ٿيو. سنڌي نه فقط مخلتف علمن ۽ هنرن لاءِ عربستان رهيل هئا پر واپار وڙي ۽ پوک لاءِ پڻ. اڄ به ڪيترن شهرن ۾ خاص ڪري مڪي، مديني ۾ سنڌين جا دڪان آهن. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي سنڌ مان ئي شاديون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي زبان ۽ ڪلچر کي قائم رکيو. ڪي مڪاني ماڻهن سان رشتن ناتن ۾ ڳنڍجي ويا. اڄ هنن کي سنڌ جي زبان يا ڪلچر جي خبر ناهي. پر السندي سندن ذات هلندي اچي. اڄ به مديني جي چوڌاري کجين جي باغ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌ جا ماڻهو ڪم لاءِ اچن ٿا جيڪي خيرپور، سکر، جيڪب آباد پاسي جا آهن. ڪي ته ويجهڙائي ۾ آيل آهن يعني ويهه پنجويهه سالن کان ۽ سنڌي يا ٻروچڪي ڳالهائين ٿا. مسجد نبوي ۾ عيد نماز بعد ڪنڌ ڪوٽ جا ڪجهه ميراڻي ٻروچ ۽ قبر ۽ لاڙڪاني جا ڪجهه مير جت ۽ ٻرڙا ذات جا همراهه مليا. جن ٻڌايو ته هو سالن کان هتي مديني ۾ رهن ٿا ۽ هتي جي کجيءَ جي باغن ۾ ڪم ڪن ٿا. هو سنڌ ۾ به اهو ڪم ڪندا هئا. ڪي ته فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ به ڪم ڪن ٿا.


    ميقات

    بهرحال جدو ۽ ينبو، سعودي عرب جا ٻه وڏا بندرگاهه آهن. هڪ مسافرن جي اچڻ وڃڻ کان ته ٻيو تيل جي ڪارخانن (Heavy Industry) کان. ڪوٽڙي ۽ روهڙي جي وچ ۾ صحيح فاصلي جي هن وقت خبر نه اٿم پر جدي ۽ ينبي جي وچ ۾ 350 ڪلو ميٽر فاصلو آهي. مصر، شام، عراق، اردن، لبنان، ترڪي وغيره کان سامونڊي يا خشڪي رستي ايندڙ مسافر پهرين ينبو اچن ٿا. ان بعد مڪي، مديني يا جدي وڃن ٿا. رستي تي هڪ هنڌ اچي ٿو جتان عمري ۽ حج جي مسافر کي عام ڪپڙا لاهي احرام پائڻو پوي ٿو. احرام اڇي ڪپڙي جون ٻه اڻ سبيل چادرون ٿين ٿيون. هڪ دُن کان مُرين تائين هيٺيون جسم ڍڪڻ لاءِ..يعني گوڏ طور ڪم اچي ٿو ۽ ٻي مٿيون جسم ڍڪڻ لاءِ ...چادرن بدران وڏا ٽوال به استعمال ڪري سگهجن ٿا. احرام پائڻ بعد مرد ماڻهو جو مٿو اگهاڙو هجڻ ضروري آهي ۽ احرام بعد ڪجهه ڳالهين جي پابندي لڳي ٿي. يعني اهي شيون حرام ٿيو وڃن (جنهن تان نالو احرام پيو آهي) مثال طور ننهن ڪترڻ، مٿو يا منهن ڍڪڻ، خوشبوءِ لڳائڻ، شڪار ڪرڻ يا زمين تي رهندڙ شڪار کي ڊوڙائڻ وغيره.
    مڪي شريف حج يا عمري لاءِ ويندي وقت ڪن خاص هنڌن تي پهچڻ کانپوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ احرام ٻڌڻو پوي ٿو. اهڙن هنڌن کي ميقات سڏجي ٿو. حضور صلعم جن مڪي جي چوڌاري ڪجهه هنڌ اهڙا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جن کانپوءِ حج ۽ عمري جي مسافر کي احرام ٻڌڻ کپي. ان تي پابندي نه ڪرڻ وارو گنهگار ٿئي ٿو. ڀُل ۾ بنا احرام جي حرم تائين پهچڻ واري کي ان ڏوهه جي عيوض ٻڪري يا رڍ جي قرباني ڏيڻ کپي.
    موجوده حڪومت جئين ڪو نئون رستو مڪي ڏي ٺاهي ٿي ته احرام جي پابندي واري جاءِ شروع ٿيڻ واري هنڌ مسافرن جي اطلاع لاءِ ميقات جو وڏو بورڊ لڳرايو ڇڏي، جئين هر هڪ چڱيءَ طرح آگاهه رهي. بلڪه انهن هنڌن تي حڪومت وڏا ڪمرا ۽ هال ٺهرائي ڇڏيا آهن. جئين مسافر آرام سان ڪپڙا بدلائي احرام ٻڌي سگهن.
    ينبو کان مديني ويندي وقت ميقات جي جاءِ مديني کان ٿورو پهرين اچي ٿي. مديني بعد اسان جدي هليا ويا سين ۽ واپس ينبو ٻئي رستي تان موٽياسين. جنهن تي پڻ ميقات جو بورڊ لڳل آحي. اهي بورڊ سعودي عرب جي مڪاني ماڻهن يا انهن لاءِ آهن جيڪي ڀر وارن ملڪن مان اچن ٿا. جئين شام، مصر، ترڪي وغيره. جدي کان مڪي ڏي ويندڙ مسافر جنهن رستي کان وڃن ٿا، اهو ٻيو رستو آهي، اتي پڻ ميقات واري هنڌ تي بورڊ لڳل آهن. موراڪو، الجيريا، ٽيونيشيا، ماريطانيا، سوڊان وغيره کان مڪي ايندڙ مسافر جدي پهچي پوءِ مڪي ڏي ويندي رستي تي ميقات وٽ احرام ٻڌن ٿا. پر پاڪستان کان ايندڙ مسافرن کي کپي ته هو ڪراچي کان ئي احرام ٻڌي پوءِ هوائي جهاز ۾ چڙهن. ڇو جو هوائي جهاز کي ڪراچي کان جدي ايندي ميقات وٽان پهرين لنگهڻو پوي ٿو. ان ڪري اهي مسافر جيڪي ڪراچي کان احرام نٿا ٻڌن انهن کي کپي ته پائيليٽ کان معلوم ڪري ميقات اچڻ کان اڳ هوائي جهاز ۾ ئي احرام ٻڌن ۽ تلبيه چون، يعني؛ لبيڪ اللهم لبيڪ لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ. (اي الله آئون حاضر آهيان. آئون حاضر آهيان، تنهنجو ڪو شريڪ ناهي.) تلبيه احرام ٻڌڻ سان ئي ٽي دفعا پڙهڻ کپي ۽ پوءِ به هر وقت پڙهندو رهڻ کپي.


    حج

    بهرحال حج هڪ فرض ۽ عبادت آهي. جنهن ۾ ڪيتريون شيون ادا ڪرڻيون پون ٿيون، جن جو هڪ خاص طريقو آهي جنهن بابت حضور صلي الله عليه وسلم جن چڱيءِ طرح سمجهايو آهي. انهن ڳالهين جو تفصيل حج يا عمري جي هر ڪتاب ۾ ڏنل ٿئي ٿو. ان کان علاوه حاجين جي سهولت لاءِ چارٽ پڻ ورهايا وڃن ٿا. حج ڏينهن ويجها اچڻ تي هن شهر ينبو جي مسجدن ۾ “سعودي ينبو پيٽرو..ڪيميڪل ڪمپني” وارن انگريزي ۽ عربي ۾ اهڙا چارٽ ڇپائي اڳئين صف وٽ پکيڙي رکيا هئا. ان ۾ ٽن مختلف قسمن جي حجن، افراد (Ifrad) اقران (Iqran) ۽ تمتع (Tamatu)جا طريقا ڏنل آهن ته حاجين کي اٺين ذولحج تائين ڇا ڪرڻ کپي. جيئن ته اٺين کان اڳ طواف ۽ سعي ڪرڻ کپي. طواف خانه ڪعبه جي چوڌاري ست چڪر ڏيڻ کي چئجي ٿو۽ سعي جي لفظي معنيٰ ڊوڙڻ آهي، مسجد الحرام جي ويجهو صفا ۽ مروهه نالي ٻه ٽڪريون آهن. جن جي وچ ۾ ڊوڙي يا هلي ست چڪر ڏيڻا پون ٿا. هي حضرت اسماعيل جي والده بيبي هاجره جي خاص عمل جو يادگار آهي. بيبي هاجره پنهنجي ٿڃ تي پٽ اسماعيل لاءِ پاڻي جو ڳولا ۾ هنن ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙي هئي. هوءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ ڊوڙندي رهي ۽ الله کان دعا گهرندي رهي ته ڪٿان پاڻي ملي وڃي. ساڳي وقت هن کي ٻار جو به اونو هو. جنهن کي ڇڏي ٽڪرين جي ٻئي پاسي وڃڻ نٿي چاهيو. جڏهن ستون چڪر ڏئي دعا گهري رهي هئي ته هن حضرت اسماعيل جي پيرن وٽان چشمي جي صورت ۾ پاڻيءَ جو ڦوهارو نڪرندو ڏٺو. هي پاڻي اڃان تائين هلندو اچي. جنهن کي زم زم جو پاڻي سڏجي ٿو. اهڙي طرح ٻين تاريخن تي منا، عرفات، مزدلفه وڃڻ ۽ اتي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. ان جو احوال لکيل آهي.


    هتي جون عام زبانون

    هتي سعودي عرب ۾ هر شيءَ عربي ۽ انگريزي ۾ لکيل آهي. رستن توڙي دڪانن ۾ شين جا نالا انهن زبانن ۾ نظر اچن ٿا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪن انگريزي به هلي ٿي ته برٽش انگريزي به. يعني ڪٿي ڪلر (رنگ) جي اسلپيلنگ(Color) آهي ته ڪٿي(Colour) . ڪو پيٽرول چوي ته ڪو گئس ته ڪو بينزين. عام طرح شهرن ۽ دڪانن تي گهڻي انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. ڇو جو دڪانن، هوٽلن، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ مئنيجر کان سيلز مئن تائين، انجنيئر ڊاڪٽر کان مزدور نرس تائين ڌارين ملڪن، انڊيا، پاڪستان، مصر، سوڊان کان فلپين، انڊونيشيا تائين جا ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ ۾ انگريزي ڳالهيائين ٿا. عرب ڪٿي ڪٿي ڪنهن وڏي عهدي ۽ خاص هنڌ تي نظر ايندو. عرب مان هتي منهنجو مطلب سعودي عرب جو عرب آهي. ائين ته مصر، شام، اردن، يمن جا ماڻهو به عرب ٿيا. پر اهي هتي سعودي عرب ۾ اسان وانگر ڪت خلق سمجهيا وڃن ٿا. هتي جو سعودي همراهه چاهي کٽل هجي، ڄٽ هجي، اندران گنجي ڦاٽل هجيس پر ٻاهران اڇو جبو ۽ مٿي تي رومال نوڙ ٻڌي ائين پيو هلندو ڄڻ تر جو ايم پي اي، ايم اين اي هجي يا ڳوٺ جي صوبيدار جو گهاٽو يار.

    سعودي عرب ۾ انگريزي بعد عربي گهڻي هلي ٿي ۽ ايتري ئي اردو يا هندي هلي ٿي. ڇو جو هتي مزور ۽ اڻ پڙهيل طبقو وڏو آهي جيڪو هندستان، پاڪستان، بنگلاديش جو آهي. جنهن کي عربي يا انگريزي ايتري نٿي اچي جيتري اڙدو..پوءِ هو چاهي مردان، گلگت، ڪوئيٽا جو پاڪستاني هجي يا نواکلي، ڊاڪا، چٽگانگ جو بنگالي هجي. هندستان جي اتر وارين رياستن جا ته سڀ اڙدو سمجهن ٿا جنهن کي هو هندي سڏين.. پر هتي مون ڏٺو آهي ته ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، تيلگو، مارواڙي، ڪوڪني ڳالهائيندڙ به ڀڳل سڳل اڙدو ڳالهايو وڃن جو هتي هنن جي اها مجبوري آهي. جيتوڻيڪ ملائيشيا، سنگاپور ۽ سريلنڪا پاسي رهندڙ ڏکڻ هندستانين کي اڙدو /هنديءَ جو لفظ به سمجهه ۾ نٿو اچي. اتي انهن لاءِ تامل زبان ائين آهي جئين اسان وٽ پاڪستان ۾ اڙدو.
    بهرحال سعودي عرب ۾ تامل ۽ تيلگو ڳالهائيندڙ به اڙدو ۾ ٻين سان ڪميونيڪيٽ ڪن. ويندي سريلنڪا جا تامل هندو ۽ سنهالي ٻڌ پڻ. ڇو جو هتي هو ٻين رياستن جي ماڻهن سان گڏ هڪ ڪمري ۾ رهن ۽ پورهيو ڪن ٿا. ڪيترا عرب پڻ اڙدو سمجهن ٿا، جيڪي پاڪستان هندستان مان پڙهيا آهن يا اوڏانهن گهمڻ ۽ عياشيءَ لاءِ وڃن ٿا. جنهن عرب جي گهر ۾ آئون رهيل آهيان، ان ۾ ڪم ڪندڙ مائي توڙي ڊرائيور فلپين جو آهي، جن جي انگريزي ڳالهائڻ ڪري هنن جا ٻار پڻ انگريزي جا ڪيترا لفظ سکي ويا آهن. سو اهڙي طرح دبئي، دوحا، ابو ڌابي، شارجه وانگر سعودي عرب ۾ پڻ اڙدو جو وڏو اثر آهي. شايد ان کي ڌيان ۾ رکي هتي جي هڪ عرب پبلشر حسام ۽ سندس ڀاءُ محمد علي حافظ هتان اڙدو اخبار “اردو نيوز” نالي ڪڍي آهي. جنهن جو وڪرو روز بروز وڌي پيو. هن ڪجهه جنگ ۽ ڊان وارو نمونو رکيو آهي ۽ ان کي نه فقط پاڪستان جا پر هندستان جا اڙدو پڙهندڙ پڻ خريد ڪن ٿا. پاڪستان کان ايندڙ جنگ اخبار جيڪا هتي ٽئين ڏينهن پهچي ٿي ساڍن ٽن ريالن ۾ ملي ٿي . ان بدران جدي مان نڪرندڙ هيءَ اخبار ان ئي ڏينهن تي صبح ساڻ ملي ٿي ۽ فقط ٻن ريالن ۾ . ۽ جيڪڏهن ڪو مهيني جو خريدار ٿئي ٿو ته کيس فقط هڪ ريال ۾ گهر پهچائڻ جو بندوبست ڪيو اٿن. جيتوڻيڪ هتي ڪا به اخبار يا خط پٽ گهر پهچائڻ جو نه بندوبست آهي ۽ نه رسم رواج . پر مارڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مٿين پبلشرن اخبار پهچائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. هنن پبلشرن جو سعودي عرب ۽ يورپ مان ڪل سورهن اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا. سندن دلچسپ احوال اڳتي ڪٿي ڏبو.
    اڙدو بعد چوٿين زبان جيڪا هاڻ مشهور ٿي رهي آهي اها فلپين جي ماڻهن جي تگالوگ آهي. فلپين جا تمام گهڻا ماڻهو سعودي عرب ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ ڪيترا اسان جي افغانين وانگر فقط مادري زبان تگالوگ ڳالهائين ٿا. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. جيئن اسان وٽ روس جي اڳوڻين رياستن جي ماڻهن جي اچڻ ۽ خريداري ڪرڻ ڪري ڪراچي جا ڪيترائي دڪاندار روسي، ازبسڪتاني يا تاجڪستاني ٻوليون ڳالهائين ٿا. تيئن هتي جا ڪجهه دڪاندار. ويندي پاڪستاني انڊين به ٿوري گهڻي تگالوگ ڳالهائين ٿا.
    ٽي وي تي سڀ چينل انگريزي ۽ عربي جا آهن ٽي ٻولي فرينچ جا ٻه کن چئنل آهن. عرب دنيا ۾ خاص ڪري موراڪو، ماريطانيا، الجيريا، تيونس، لبنان، مصر پاسي فرينچ زبان تمام عام آهي. جيئن اسان وٽ انگريزي آهي. سعودي، دبئي يا ڪويت جي ٽي ويءَ تان ڪڏهن ڪڏهن پاڪستاني ڊرامه يا اندين فلمون به ڏيکارين ٿا. پر اڙدو يا هندي ڏسڻ جي شوقينن لاءَ هندستاني زي ٽي وي دلپسند چئنل آهي. ويندي اسان جا پاڪستاني به سڄو ڏينهن مارڪيٽ جي چوواٽن تي انڊين کي گاريون ڏئي گهر ۾ سڄو وقت زي ٽي وي ڏسن ٿا. ان ڳالهه کي مد نظر رکي هتان نڪرندڙ اخبار “اردو نيوز” ۾ ٽي وي ۽ فلم تي تقريبا سڄو صفحو هوندو آهي. جنهن ۾ نوي سيڪڙو انڊيا جي اداڪارن ۽ آرٽسٽن جا فوٽا ۽ خبرون هونديون آهن. باقي ڏهه سيڪڙو پاڪستاني اداڪارائن بابت هوندو آهي. جن جا هر وقت اهي بيان پڙهي مون جهڙو به بيزار ٿي پيو آهي ته “ مونکي انڊيا جي فلاڻي ڊائريڪٽر/پروڊيوسر فلاڻي انڊين هيرو سان فلم ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو آهي..... يا وري..... آئون سوچي رهي آهيان وغيره وغيره.


    سعودي عرب جا رستا

    ينبو (ينبع) جي ايئر پورٽ کان گهر تائين وٺي ايندي منهجي عرب دوست حسن هن شهر ينبو بابت پڇيو ته ڪيئن ٿو لڳي.
    “مالمو کان ظاهر آهي ته هي مختلف ٿو لڳي “ مون سئيڊن جي شهر مالمو سان هن شهر کي ڀيٽي چيو جتي اسان ٻئي فئملين سان ٻه سال هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هئاسين “ پر ينبو مون لاءَ اجنبي ناهي. هن قسم جا چورس گهر جنهن جو ڏکڻ کليل هجي، هي رڻ، هي واري ۽ هي موسم مون لاءَ اوپري ناهي. پاڪستان جي جنهن صوبي سان منهنجو واسطو آهي جاگرافي طرح ينبو ۽ سعودي عرب وانگر آهي. مونکي رڳو اها خوشي ٿي آهي ته تنهنجو شهر مديني کي بلڪل ويجهو آهي.”
    تون چاهين ته صبح جو مديني وڃي شام جو ئي موٽي سگهين ٿو. منهنجا ٻه ڀيڻو يا اتي جا آهن. انهن وٽ تون ترسي به سگهين ٿو.
    “پر پهريون دفعو ڪو مديني وڃي ته ان سان گڏ رستا ڏسڻ چاهيان ٿو، پوءِ پاڻهي پيو ايندس ويندس” مون ٻڌايومانس.
    منهنجا ڪاغذ پٽ...... يعني اقامو ٺهڻ ۾ مهينو لڳي ويو. اقامو نوڪريءَ ڪرڻ جي اجازت ويزا هوندي آهي ۽ بقول پاڪستاني انجنيئر جي اقامو ڄڻ گرين ڪارڊ آهي. ان بنا سعودي عرب ۾ رهڻ غير قانوني سمجهيو وڃي ٿو. جنهن جي سزا جيل پڻ آهي.
    ذوالحج جا شروع وارا ٻه هفتا سعودي عرب ۾ ڄڻ موڪل ٿئي. ورلي ڪا آفيس کليل رهي. دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ به ماڻهن جي حاضري گهٽ هوندي آهي جو ڪيترا حج تي وڃن. ٻيا مائٽن مٽن دوستن سان ملن. جيترا ڌارين ملڪن جا حج لاءِ اچن ٿا اوترائي سعودي عرب جا به حج تي وڃن. جيئن هن سال ڌارين ملڪن کان ڏهه لک کن ماڻهو حج لاءِ آيا ۽ اهڙي طرح سعودي عرب جي مختلف شهرن جا به ڏهه لک ماڻهو حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪي ويا. سعودي عرب جي هر ماڻهوءَ کي پنجن سالن ۾ هڪ دفعو حج جو اجازت نامو ملي ٿو. اها پاس وڻيس ته پاڻ استعمال ڪري يا ٻئي ڪنهن کي ڏئي. اسان کي هن سال حج لاءَ پاس نه ملي سگهي. حسن چيو ته بهتر ٿيندو ته پاڻ مديني حج وارن ڏينهن ۾ هلون. خاص ڪري ستين کان ڏهين ذوالحج وارن ڏينهن ۾ جڏهن حاجي سڀ مڪي ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ مديني ۾ رش گهٽ رهي ٿي. ان وقت آرام سان حضور صلعم جن جو روضو ڏسڻ ۽ مسجد نبوي ۾ نماز پڙهڻ جو موقعو ملي ويندو. انهن ڏينهن تي فقط مديني ۽ اوسي پاسي جي شهرن جا ماڻهو پهچن ٿا. ان بعد حاجين کي موقعو ڏنو وڃي ٿو.
    اسان عيد نماز مسجد نبوي ۾ پڙهڻ لاءِ ينبو کان هڪ ڏينهن اڳ نڪتا سين. حسن پنهنجي ڪار کڻڻ بدران ڀاڙي تي کڻڻ چاهي ٿي.
    “منهنجي ڪار ۾ ڪجهه رولو لڳي ٿو” هن ٻڌايو “۽ هتي جي رستن تي اهڙي ڪار هرگز نه کڻجي جو رستي تي دوکو ڏئي”.
    اهو ائين آهي جيئن ملائيشيا جا جنگل پار ڪرڻ وقت ۽ سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ سياري ۾ هاءِ وي تي هلڻ مهل خبردار رهڻ کپي جو اتي ڪار بيهي وئي خاص ڪري رات جو ته ٻاهر بڪري ٺاهي به نه سگهبي، جو زهريلا جيت جڙا هڪ طرف پٽيندا ته جنگلي جانورن جو الڳ خوف. اهڙي طرح سئيڊن، ناروي جي سيءَ ۾ گاڏي ۽ هيٽنگ سسٽم بيٺو ته سمجهو ته ماڻهو برف ٿي ويو. ٻاهر نڪري ڦيٿو بدلائڻ ۾ ئي هٿ کيرا ٿيو وڃن.
    اسان جو ارادو پوري پنجين بجي ينبو ڇڏڻ جو هو جيئن سانجهي ۽ سمهڻي نماز تي مديني هجون. صبح کان حسن ۽ Avis, Budget ٻين Rent a Car (مسواڙ تي ڪار ڏيندڙ) ڪمپنين کي فون ڪندو رهيو. پر موڪلن ڪري ڪا به ڪار مسواڙ تي ملي نه سگهي. آخر ٽين بجي ڌاري ڊرائيور کي پنهنجي آفيس جي بيوڪ ڪار ڏنائين ته چيڪ ڪرائي اچي. جيڪو پنجين ڌاري موٽيو ۽ جيسين سندس زال ۽ ٻار تيار ٿي گاڏيءَ ۾ اچن تيسين ساڍا ڇهه ٿي ويا. هلڻ وقت حسن پنهنجي فلپينو ڊرائيور کان پڪ ڪرڻ لاءِ وري پڇيو ته آيا ڪار هاڻ صحيح آهي يا نه. ڊرائيور ها ها ڪندو رهيو ۽ مون سوچيو ته هتي جي همراهن وٽ ايڏيون وڏيون ڪارون آهن جو خراب ٿيڻ تي اڪيلي سر ڌڪو به نه ڏئي سگهجي. بيوڪ، مارقس، امپالا وڏيون شيورليٽ آمريڪا جي رستن تي ئي نظر اچن ٿيون يا وري هتي سعودي عرب ۾ .تيل جي مهانگائيءَ ٻين چڱن خاصن ملڪن جا هڻي ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن.
    سعودي عرب ۾ باءَ روڊ هي منهنجو پهريون دفعو هو. مون هتي جا رستا جن جي گهڻي تعريف ٻڌي هئي ۽ هن طرح جو زميني سطح (Surface) ڏسڻ چاهيو ٿي ته آيا سنڌ وانگر لسو ئي لسو آهي يا ملائيشيا وانگر هيٺاهون مٿانهون. ٽيهه چاليهه ميل کن هلڻ بعد ئي آئيڊيا ٿي وئي ته هتي جا رستا تمام سٺا ۽ Systematic طريقي سان ٺهيل آهن. اسان جو هڪ ڪليگ ڪيپٽن ڪمال حيدر جيڪو ڪجهه سال سعودي عرب رهي چڪو آهي، تنهن ڪراچي ۾ سعودي عرب جي رستن ۽ بندرگاهن جي تعريف ڪندي چيو ته اهي آمريڪا جي مقابلي جا آهن. آمريڪا کان جي سٺا نه آهن ته انهن جهڙا ته ضرور آهن. سو ان جو اندزو ٿي ويو جڏهن موري جهڙو شهر “ينبو” کان خيرپور جهڙي شهر “مديني” (يعني آدمشماري جي حساب سان) ڏي ويندڙ رستو اهڙو هاءِ ڪلاس آهي ته هنن جا هاءِ ويز مديني کان مڪي، مڪي کان جدي، جدي کان رياض، رياص کان دمام وغيره ڇا ٿي سگهن ٿا. جيڪي پڻ اڳتي هلي پوءِ ڏسڻ جو موقعو مليو. شهر ٿه سڄو سوڊيم ۽ مرڪري بلبن جي روشني جي ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي. پر شهر ڇڏڻ کان پوءِ به ٽيهارو کن ميل رستي تي لڳل ٻٽا ٻٽا طاقتور بلب ڏينهن جو ڏيک ڏين ٿا.
    آمريڪن ليکڪا ايرڪا جونگ پنهنجي هڪ ڪتاب (شايد Fear of Flying) ۾ لکيو آهي ته ملڪ جي ترقي يا اخلاق جي خبر ان ملڪ جي ڪاڪوسن مان لڳائي سگهجي ٿو. پر دنيا جي ڪيترن ملڪن جا چڪر هڻڻ بعد آئون انهن ڳالهين جو اندازو ان ملڪ جي رستن مان لڳائيندو آهيان. جنهن ملڪ جو ايئرپورٽ کان شهر ويندڙ اهم رستو ئي صحيح نه هجي ته اهو ملڪ ڇا ٿي سگهي ٿو. سعودي عرب، آمريڪا (يعني يو ايس اي)، سئيڊن ۽ جپان جهڙن ملڪن جا لسا ۽ ويڪرا رستا ڏسي سندن اميريءَ جي خبر پئي ٿي ته ملڪ ۾ پيسو آهي. پوءِ قدرتي تيل ۽ سرسبز ڌرتي مان پئدا ٿيل فصل مان کين پئسو مليو آهي. جيئن سعودي عرب ۽ يو ايس اي کي، يا ماڻهو محنتي آهن. پورهيو محنت ڪري ڪارخانا فئڪٽريون هڻي ملڪ امير ٿيو آهي. جيئن جپان، سئيڊن، ناروي، فنلينڊ ، انگلينڊ، فرانس وغيره. ڪن ملڪن جا رستا کڻي ايترا ويڪرا نه آهن. پر سندن سٺي حالت ۽ ٽريئفڪ کي ڊسيپلين سان هلندو ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ کڻي آمريڪا جهڙو امير نه آهي. پر مڇي ماني وارو ضرور آهي ۽ سندس ماڻهو ايماندار آهن. جن اهڙو صحيح رستو ٺاهيو آهي جواصلي حالت ۾ هلندو اچي. ڪٿي به ڀڳل ٽٽل ۽ چتيءَ لڳل ناهي. ڪي ملڪ ملائيشيا جهڙا آهن. جن جا رستا پڻ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مقابلي جا آهن. سندن ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي جو ڏينهن رات مينهن پيا پون ته به رستا اهڙي جا اهڙا. سخت مينهن ۾ به فل اسپيڊ ۾ پيو هل. ڪا پرواهه ناهي. نه فقط مضبوط رستو آهي، پر ان کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو ڪٿي به پاڻي نٿو بيهي. ملائيشيا جهڙن ملڪن جا انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ڪي آسمان تان آيل ملائڪ نه آهن. اسان جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جهڙا ئي آهن. پاڻ اسان جا انجنيئر تعليمي ڊگرين ۾ گهڻن کان گهڻا آهن. پر فرق صاف ظاهر آهي.


    موچڙو ڇٽيهه لڇڻو

    سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران منهنجو هڪ ڪليگ آفريڪا جي هڪ ملڪ جو پڻ هو. سندس واسطو ڪنهن سياسي فئملي سان آهي. زال جي مائٽي ۾ پڻ سرڪاري ڪامورا اٿس. سندس نوڪري ڪا خاص نه آهي پر مٿاهون پئسو اٿس. سئيڊن ۾ سندس رهڻي ڪهڻي ۽ اسٽائيل ڏسي پهرين دل ۾ تصور ڪيم ته مار! سندس ملڪ جي اڪانامي تمام سٺي آهي ۽ وڏو ڪو امير ملڪ آهي. منهنجو سندس ملڪ پهرين نه وڃڻ ٿيو هو، نه ان بابت گهڻي ڄاڻ هيم. سئيڊن ڇڏڻ بعد سندس دعوت تي هفتو کن سندس ملڪ وڃڻ ٿيو. ملڪ ۾ ماڻهن جي حالت ڏسي افسوس ٿيو ته اسان جي ڪليگ جهڙا چند ماڻهو وتن ملڪ جا خزانا پنهنجين ذاتي عياشين ۽ کوکلن شانن ۾ ضايع ڪندا ۽ ملڪ وڃي پيو ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو. پهرين ڏينهن هو جيتوڻيڪ مونکي شهر جي هڪ ٻن چڱن رستن تي ڦيرائيندو رهيو..... يعني اهي ٻين رستن کان وري به چڱا هئا. پر آخر ڪيستائين؟ هڪ ٻن ڏينهن بعد شهر جي ٻين رستن تان به لنگهڻو پيو. ميل ڏيڍ ڪو سنئون سبتو رستو هجڻ بعد وري کڙ کٻڙ، ڀڳل ٽٽل يا کوٽائي جو ڪم هلندڙ، پاڻ به شڪي ٿيندو هو جو سئيڊن جي سٺن رستن تان هلندي آئون ساڻس هميشه رستن مان ملڪ جو اندازو لڳائڻ واري فلاسافيءَ تي ڳالهائيندو هوس. سو هينئر شڪي ٿي چوڻ لڳو. “يار اسان جي ملڪ ۾ مينهن جي ڪري رستن جو ستياناس ٿيو وڃي. سئيڊن ۾ به برفباري بدران ههڙا مينهن پون ته خبر پوين.”
    آءُ چپ رهيس. کيس ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن ملڪن جو مثال نه ڏنم. مثال به ڪيئن ڏيانس. مين ني مجنون پي لڙڪپن مين اسد. سنگ اٺايا تو سر ياد آيا، وارو حساب هو. سڀاڻي هو مون وٽ اچڻو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سيوهڻ ڏيکارڻ وقت کيس ڀڳل ۽ چتين لڳل رستن جو ڪهڙو سبب ڏيندس. جڏهن ته اسان وٽ اها برسات به نٿي پوي. اسان وٽ ڪيترا رستا ته بقول شاعر، افسوس مجهي ان غنچون په هي جو بن کلي مرجهاگئي. يعني ڪيترا رستا ته سيمينٽ گهٽ ريتي گهڻيءَ ڪري مينهن جي پهرين وسڪاري کان اڳ ڀُر ڀُر ٿيو وڃن. ۽ پلاننگ جي ڇا ڳالهه ڪجي، ننڍي هوندي کان ڪراچي حيدرآباد جي شهرن جي کوٽائي پئي ڏسجي ته اچي عمر هيءَ ٿي آهي ، پئي هلي. ڪڏهن ٽيليفون جو تارون پيون وڇائجن ته ڪڏهن بجليءَ جون. زمين هيٺ وڇايل ردي ۽ (Sub Standard) پائيپ سڙي ڪٽجي ويا آهن. جن جو پاڻي سميو مٿي رستي تي ٻين بارش ٻوڏ پيو ڪري. سو اهڙي صورت ۾ سعودي عرب جا رستا ڏسي لڳي ٿو ته اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپري”. ڪي ڪي مسلمان ملڪ اڳتي به وڌي رهيا آهن.
    ۽ سعودي عرب جي رستن تي ٻرندڙ بجلين جي ڇا ڳالهه ڪجي. جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. جنهن جي ڌرتي هيٺان تيلن جا درياهه پيا وهن ان کي اهو سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت ته لالٽين ۾ تيل به آهي يا نه، سڄو ملڪ تيل لڳو پيو آهي. سڄو ملڪ اليڪٽرانڪ پاور ۽ اليڪٽرڪ جنريٽر لڳو پيو آهي. پيو تيل نڪري. پيو تيل ڇاڻجي، پيو تيل ايڪسپورٽ ٿئي۽ پيون بتيون ٻرن! ڀلي پيون ٻرن، في الحال ته سئو ٻه سئو سال ته خير جهڙي ڳالهه آهي پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. ينبو جهڙي ننڍي شهر جي پرائمري اسڪولن جي به هر ڪمري لاءِ ايئر ڪنڊيشنر آهي هڪ اهڙي اسڪول ۾ موڪل واري ڏينهن جمعي تي وڃڻ ٿيو. چوڪيدار کي اربع تي ايئر ڪنڊيشنر بند ڪرڻ وسري ويا هئا، پئي هليا. هتي اسڪولن، ڪاليجن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ خميس ۽ جمعو موڪل ٿئي. خانگي آفيسن ۾ فقط جمعو موڪل ٿئي. دڪان سڄو هفتو کليل رهن. رات جو به ٻارهن هڪ تائين کليل رهن ٿا. بلڪ گهڻا ماڻهو رات جو گهمڻ ۽ خريداري لاءِ نڪرن جو ڏينهن جو گرمي ٿي ٿئي. رات ٺري ٿي. هنن وارياسن ڀٽن جي رات جي ڇا ڳالهه ڪجي. حيدرآباد ڄامشوري جهڙي موسم رهي ٿي. ملڪ ۾ امن امان آهي. پئسن جا پرس کڻي اڪيلي سر زالون دير دير تائين پيون هلن. سونن سان ڀريل دڪان (شوڪيسن ۽ ڀتين تائين) کليا پيا آهن. نه چوڪيدار نه گن مين. مجال آهي جو ڪا ڪک جي به چوري ٿئي. چوريءَ ته ڇا چوريءَ جي نيت ڪندي به وڏا وڏا چور ڇرڪندا هوندا جو کين سندن هٿ ياد ايندو هوندو جيڪو چوريءَ جي حالت ۾ ڪٽيو وڃي ٿو.
    اهڙي طرح ڀلي ڪا سعودي عرب جي عربياڻي هجي يا ٻي ڪا هندستاني، ڪاري ڪپڙي ۾ سڄي ويڙهيل هجي يا منهن ۽ مٿو اگهاڙي، مصري ، فلپينو، ڪورين يا ڪا ٻي يورپي عورت هجي. ڪو واٽهڙو هن سان هٿ چراند ته ڇا پر وات سان رمارڪ يا اکين سان اک ٻوٽ به نه ڪندو. هتي جي اسلامي ڳرين سزائن وڏن وڏن ڪاٽڪن کي صحيح ڪري ڇڏيو آهي ۽ هرڪو صحيح معني ۾ ملان مولوي ٿيو پيو هلي. ڀلي پوءَ منهن تي ڏاڙهي هجيس يا نه. اهو پوءِ اسان جا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ پهچي ڦڙ ڦڙ شوبازي ڪن ٿا. جو کين خبر آهي ته اسان وٽ قانون ناهي. بلڪ ائين چئجي ته قانون آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي. پوءِ اسان جي ملڪ ۾ ڏاڙهين وارا به ڪلف لڳل ڪپڙا پائي مڇ کي وٽ ڏئي، سگريٽ جو سوٽو هڻيو وتن آئي وئي تي چٿرون ۽ رمارڪ بازي ڪندا. هتي سعودي عرب م هر ڪو (Extra Ordinary) شريف ٿيو زالن جي ڀرسان ائين ٿو لنگهيو وڃي ڄڻ هو ماڻهو نه پر رڍ هجي. الائي اها ڪهڙي ڪرامت آهي. پر بقول اسان جي هڪ ايراني دوست جي “ هتي قانون ۽ ان جي سختي سان عمل آهي. اها ڪرامت موچڙو آهي جيڪو ڇٽيهه لڇڻو آهي” هو ڇا چوندا آهن.
    People are not honest
    But the system makes them honest.


    موچڙو ڇٽيهه لڇڻو

    سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران منهنجو هڪ ڪليگ آفريڪا جي هڪ ملڪ جو پڻ هو. سندس واسطو ڪنهن سياسي فئملي سان آهي. زال جي مائٽي ۾ پڻ سرڪاري ڪامورا اٿس. سندس نوڪري ڪا خاص نه آهي پر مٿاهون پئسو اٿس. سئيڊن ۾ سندس رهڻي ڪهڻي ۽ اسٽائيل ڏسي پهرين دل ۾ تصور ڪيم ته مار! سندس ملڪ جي اڪانامي تمام سٺي آهي ۽ وڏو ڪو امير ملڪ آهي. منهنجو سندس ملڪ پهرين نه وڃڻ ٿيو هو، نه ان بابت گهڻي ڄاڻ هيم. سئيڊن ڇڏڻ بعد سندس دعوت تي هفتو کن سندس ملڪ وڃڻ ٿيو. ملڪ ۾ ماڻهن جي حالت ڏسي افسوس ٿيو ته اسان جي ڪليگ جهڙا چند ماڻهو وتن ملڪ جا خزانا پنهنجين ذاتي عياشين ۽ کوکلن شانن ۾ ضايع ڪندا ۽ ملڪ وڃي پيو ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو. پهرين ڏينهن هو جيتوڻيڪ مونکي شهر جي هڪ ٻن چڱن رستن تي ڦيرائيندو رهيو..... يعني اهي ٻين رستن کان وري به چڱا هئا. پر آخر ڪيستائين؟ هڪ ٻن ڏينهن بعد شهر جي ٻين رستن تان به لنگهڻو پيو. ميل ڏيڍ ڪو سنئون سبتو رستو هجڻ بعد وري کڙ کٻڙ، ڀڳل ٽٽل يا کوٽائي جو ڪم هلندڙ، پاڻ به شڪي ٿيندو هو جو سئيڊن جي سٺن رستن تان هلندي آئون ساڻس هميشه رستن مان ملڪ جو اندازو لڳائڻ واري فلاسافيءَ تي ڳالهائيندو هوس. سو هينئر شڪي ٿي چوڻ لڳو. “يار اسان جي ملڪ ۾ مينهن جي ڪري رستن جو ستياناس ٿيو وڃي. سئيڊن ۾ به برفباري بدران ههڙا مينهن پون ته خبر پوين.”
    آءُ چپ رهيس. کيس ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن ملڪن جو مثال نه ڏنم. مثال به ڪيئن ڏيانس. مين ني مجنون پي لڙڪپن مين اسد. سنگ اٺايا تو سر ياد آيا، وارو حساب هو. سڀاڻي هو مون وٽ اچڻو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، سيوهڻ ڏيکارڻ وقت کيس ڀڳل ۽ چتين لڳل رستن جو ڪهڙو سبب ڏيندس. جڏهن ته اسان وٽ اها برسات به نٿي پوي. اسان وٽ ڪيترا رستا ته بقول شاعر، افسوس مجهي ان غنچون په هي جو بن کلي مرجهاگئي. يعني ڪيترا رستا ته سيمينٽ گهٽ ريتي گهڻيءَ ڪري مينهن جي پهرين وسڪاري کان اڳ ڀُر ڀُر ٿيو وڃن. ۽ پلاننگ جي ڇا ڳالهه ڪجي، ننڍي هوندي کان ڪراچي حيدرآباد جي شهرن جي کوٽائي پئي ڏسجي ته اچي عمر هيءَ ٿي آهي ، پئي هلي. ڪڏهن ٽيليفون جو تارون پيون وڇائجن ته ڪڏهن بجليءَ جون. زمين هيٺ وڇايل ردي ۽ (Sub Standard) پائيپ سڙي ڪٽجي ويا آهن. جن جو پاڻي سميو مٿي رستي تي ٻين بارش ٻوڏ پيو ڪري. سو اهڙي صورت ۾ سعودي عرب جا رستا ڏسي لڳي ٿو ته اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپري”. ڪي ڪي مسلمان ملڪ اڳتي به وڌي رهيا آهن.
    ۽ سعودي عرب جي رستن تي ٻرندڙ بجلين جي ڇا ڳالهه ڪجي. جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. جنهن جي ڌرتي هيٺان تيلن جا درياهه پيا وهن ان کي اهو سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت ته لالٽين ۾ تيل به آهي يا نه، سڄو ملڪ تيل لڳو پيو آهي. سڄو ملڪ اليڪٽرانڪ پاور ۽ اليڪٽرڪ جنريٽر لڳو پيو آهي. پيو تيل نڪري. پيو تيل ڇاڻجي، پيو تيل ايڪسپورٽ ٿئي۽ پيون بتيون ٻرن! ڀلي پيون ٻرن، في الحال ته سئو ٻه سئو سال ته خير جهڙي ڳالهه آهي پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. ينبو جهڙي ننڍي شهر جي پرائمري اسڪولن جي به هر ڪمري لاءِ ايئر ڪنڊيشنر آهي هڪ اهڙي اسڪول ۾ موڪل واري ڏينهن جمعي تي وڃڻ ٿيو. چوڪيدار کي اربع تي ايئر ڪنڊيشنر بند ڪرڻ وسري ويا هئا، پئي هليا. هتي اسڪولن، ڪاليجن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ خميس ۽ جمعو موڪل ٿئي. خانگي آفيسن ۾ فقط جمعو موڪل ٿئي. دڪان سڄو هفتو کليل رهن. رات جو به ٻارهن هڪ تائين کليل رهن ٿا. بلڪ گهڻا ماڻهو رات جو گهمڻ ۽ خريداري لاءِ نڪرن جو ڏينهن جو گرمي ٿي ٿئي. رات ٺري ٿي. هنن وارياسن ڀٽن جي رات جي ڇا ڳالهه ڪجي. حيدرآباد ڄامشوري جهڙي موسم رهي ٿي. ملڪ ۾ امن امان آهي. پئسن جا پرس کڻي اڪيلي سر زالون دير دير تائين پيون هلن. سونن سان ڀريل دڪان (شوڪيسن ۽ ڀتين تائين) کليا پيا آهن. نه چوڪيدار نه گن مين. مجال آهي جو ڪا ڪک جي به چوري ٿئي. چوريءَ ته ڇا چوريءَ جي نيت ڪندي به وڏا وڏا چور ڇرڪندا هوندا جو کين سندن هٿ ياد ايندو هوندو جيڪو چوريءَ جي حالت ۾ ڪٽيو وڃي ٿو.
    اهڙي طرح ڀلي ڪا سعودي عرب جي عربياڻي هجي يا ٻي ڪا هندستاني، ڪاري ڪپڙي ۾ سڄي ويڙهيل هجي يا منهن ۽ مٿو اگهاڙي، مصري ، فلپينو، ڪورين يا ڪا ٻي يورپي عورت هجي. ڪو واٽهڙو هن سان هٿ چراند ته ڇا پر وات سان رمارڪ يا اکين سان اک ٻوٽ به نه ڪندو. هتي جي اسلامي ڳرين سزائن وڏن وڏن ڪاٽڪن کي صحيح ڪري ڇڏيو آهي ۽ هرڪو صحيح معني ۾ ملان مولوي ٿيو پيو هلي. ڀلي پوءَ منهن تي ڏاڙهي هجيس يا نه. اهو پوءِ اسان جا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ پهچي ڦڙ ڦڙ شوبازي ڪن ٿا. جو کين خبر آهي ته اسان وٽ قانون ناهي. بلڪ ائين چئجي ته قانون آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي. پوءِ اسان جي ملڪ ۾ ڏاڙهين وارا به ڪلف لڳل ڪپڙا پائي مڇ کي وٽ ڏئي، سگريٽ جو سوٽو هڻيو وتن آئي وئي تي چٿرون ۽ رمارڪ بازي ڪندا. هتي سعودي عرب م هر ڪو (Extra Ordinary) شريف ٿيو زالن جي ڀرسان ائين ٿو لنگهيو وڃي ڄڻ هو ماڻهو نه پر رڍ هجي. الائي اها ڪهڙي ڪرامت آهي. پر بقول اسان جي هڪ ايراني دوست جي “ هتي قانون ۽ ان جي سختي سان عمل آهي. اها ڪرامت موچڙو آهي جيڪو ڇٽيهه لڇڻو آهي” هو ڇا چوندا آهن.
    People are not honest
    But the system makes them honest.


    عورتن لاءِ پڙدو

    هتي دڪان صبح جو يارهين کلن. ان بعد هڪ بجي ڌاري اڳئينءَ جي ٻانگ اچڻ سان بند ٿين. نماز بعد هرڪو وڃي گهر ۾ آرامي ٿئي ۽ پوءِ پنجين بجي ڌاري وچين نماز بعد وري دڪان کلن. جيڪي ٻارهين هڪ تائين بلڪ ڪي ڪي هوٽلون ته ٻي تائين کليل رهن ۽ رمضان جي سحري تائين لڳاتار کليل رهن. فقط سانجهي ۽ سمهڻي نماز تي اڌ ڪلاڪ کن لاءِ بند ٿين. ٻانگ اچڻ تي هرڪو دڪان بند ڪري ٻاهر نڪري ٿو ۽ ٻانگ جي ختم ٿيڻ تائين سڀني دڪانن تي شٽر يا دروازا اچيو وڃن ۽ ڪاروبار بند ٿيو وڃي. مسلمان دڪاندارن مان ڪي مسجد ڏي نماز لاءِ روانا ٿيندا آهن ته ڪي گهر ڏي. يا ٻين غير مسلمانن سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهن ٿا. جتي دڪان آهن اتي ئي رهائش جا فلئٽ آهن. ڪراچي جي بوهري بازار وانگر. دڪانن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ هتي جي عربن اتي ئي ويجهو رهائش جو بندوبست ڪيو آهي. ان ڪري هنن کي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا دڪان بند ڪرڻ ۽ کولڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿئي. اڳين نماز کان وچين نماز تائين جيڪي ٽي چار ڪلاڪ دڪان بند ڪن ٿا، ان ۾ وڃيو گهر آرامي ٿين پر سانجهي ۽ سومهڻي نماز تي دڪان بند رکڻ وارا اڌ ڪلاڪ به ڊوڙ پايو پنهنجي ڪمري ۾ اچيو نماز به پڙهن ته ماني ٽڪي به کائين.
    ٻانگ بعد ڪڏهن ڪڏهن هتي جي مذهبي پوليس جيڪا متاوا سڏجي ٿي. اوچتي چڪاس لاءِ نڪري ويندي آهي ته ڪير نماز تي نه ويا آهن. دڪان کليل هجڻ جي صورت ۾ هزار ريال ڏنڊ آهي . اهو ضرور آهي ته هتي چوري چڪاري نه برابر آهي. ان ڪري دڪان بند ڪرڻ ۾ دڪاندارن کي وڏو کٽراڳ نٿو ڪرڻو پوي. رڳو نالي ماتر لوهي ڄاري يا شٽر ڏيو ڇڏين. ڪيترو ئي سامان دڪان جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي ئي رکيو رهي ٿو يا دڪان ٻاهران لڙڪندو رهي ٿو.
    سعودي عرب ۾ ڪابه عورت دڪان، فئڪٽري يا آفيس ۾ ڪم نٿي ڪري. نڪي عورت کي ڪار هلائڻ جي اجازت آهي. ان معاملي ۾ هي ملڪ مردن ۽ رڳو مردن جي ئي دنيا آهي. عورت خريداريءَ لاءَ گهر کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي پر پاڻ کي ڍڪي. پوءِ چاهي مسلمان هجي يا ڌارئين يورپي غير مسلم. ان ڪري هتي جون عربياڻيون توڙي انگريز، يورپي يا اسان جي ننڍي کنڊ جون عورتون ڪارو برقعو يا گائون (جنهن کي عبايا سڏجي ٿو) پائي ٻاهر نڪرن. ڪيتريون يورپي عورتن جو مٿو ڍڪيل نه هوندو آهي. پر عربياڻين، پاڪستانين، انڊين ويندي ڪورين فلپينين عورتن جو حجاب (ڪاري ٻيڻي ٿيل ٽڪنڊي ڪپڙي) سان ڍڪيل هوندو آهي. باقي اسلامي نقطي نظر کان منهن ۽ هٿ اڻ ڍڪيل رهن ٿا. پر ڪي ڪي هتي جون عربياڻيون پنهنجي شهر يا پاڙي ۾ منهن تي به ڪارو ڪپڙو ڏئي هلن. جيڪو انهن وٽ سنهو ٿئي ٿو. جنهن مان ڏسي سگهن. ڪي ڪاري رومال سان نڪ جي اڌ تائين منهن ڍڪين ۽ حجاب سان نرڙ تائين مٿو. پوءِ فقط ٻه اکيون نظر اچن ٿيون. جن مٿان اُس يا ڪارو اوچو فيشني چشمو پائين. پر اهو منهن ڍڪڻ وارو سخت پڙدو فقط پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري ڳوٺ يا شهر ۾ ٿئي. جدي جهڙي شهر ۾ وڏن مُلن مولوين جو عربياڻيون زالون منهن اگهاڙا ڪري سمنڊ ڪنارن تي پيون ٽهلن يا مئڪڊونلڊ، ڪينٽڪي دڪانن ۾ ملڪ شيڪ ۽ شربتن جا آرڊر ڏين. منهنجو پڻ ڪجهه اهڙن سان سندن زالن سميت نڪرڻ ٿيو. ان ڪري لکي رهيو آهيان. سڀني جي ڳالهه ڪون ٿو ڪريان.
    بهرحال اهو منهن ڍڪڻ پڙدو حڪومت جي قاعدي قانون يا مذهبي خيال کان نه پر رسم رواج کان آهي. جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ پهچڻ سان عورتون پڙدو ڪن ٿيون. ڪراچي، اسلام آباد ۾ ائين پيون هلن. پر ڪي ڪي ته ڪراچي، لنڊن جهڙن شهرن ۾ به نه فقط ڪاري وڏي چادر يا گائون پائي نڪرن ٿيون. پر سڄو منهن به ڍڪيو هلن. ۽ ان پڙدي مطابق به مختلف رايا آهن ته اسلام فقط غير اخلاقي ڊريس کان منع ڪري ٿو. عورت کي پاڻ ڍڪي هلڻ کپي. سواءَ منهن ۽ هٿن جي عورت جي جسم جو ٻيو حصو ڌارئين کي نظر نه اچڻ کپي. ان سلسلي ۾ هتي جي هڪ عرب قرآن جي آيت ٻڌائي. “اي نبي، پنهجين زالن، ڌيئرن ۽ ايمان آڻيندڙ عورتن کي چئو ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪپڙن سان ڍڪي هلن.” بقول هن عرب جي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪجهه علمائن ان آيت جو مطلب “منهن کي ڍڪڻ جو” ڪڍيو آهي ۽ هنن جو خيال آهي ته عورت لاءِ منهن ڍڪڻ پڻ ضروري (Obligatory) آهي.
    پر بقول شيخ الباني جي، جيڪو اڄ ڪلهه مٿاهين درجي جو عالم ۽ اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو. عورت لاءِ منهن ڍڪڻ ضروري ناهي. پر جي ڍڪي ته بهتر آهي. يعني (Preferable) آهي، پر (Obligatory) ناهي.
    هتي جي عربي مولويءَ ان سلسلي ۾ هيءَ حديث ٻڌائي ته “حضور صلي الله عليه وسلم جن جي سالي اسما بنت ابوبڪر رضه هڪ دفعو سنهي ڪپڙي جو وڳو پائي گهر ۾ آئي. حضور صلعم جن هن کي چيو” اسما جڏهن عورت بلوغت جي عمر تي پهچي ته هن جي جسم جو ڪو به حصو نظر نه اچڻ کپي. (۽ پوءِ پنهنجي منهن ۽ هٿن ڏي اشارو ڪندي چيو) سواءِ هن ۽ هن جي.” ۽ ان حديث مان ته لڳي ٿو ته عورت لاءِ منهن ڍڪڻ ضروري نه آهي. ٻين لفظن ۾ منهن اگهاڙو ڪري هلڻ سان کيس ڪو گناهه نه ٿيندو، پر جي ڍڪي هلي ٿي ته سٺي ڳالهه آهي.” هن عرب سمجهايو.
    سو هتي جي مردن جي دنيا ۾ عورتون به نظر اچن ٿيون، پر پڙدي ۾. وڌ ۾ وڌ ڪن ڪن عورتن جو منهن ۽ ڪراين تائين هٿ نظر اچن ٿا. اهو ئي پڙدي جو طريقو ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي آهي. خاص ڪري عورت لاءِ مٿو اگهاڙو رکڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. هيڏانهن عرب توڙي آفريڪا ۽ ملائيشيا پاسي ننڍيون ڇوڪريون توڙي عورتون مٿي تي چڱي طرح ڪانٽن ۽ ٽاچنين سان رومال ٻڌي هلن. جنهن مان مٿي جو هڪ وار به نظر نٿو اچي. مٿي جي ڍڪڻ واري ان ٽڪنڊي رومال کي عرب “حجاب” سڏين ٿا ته ايراني “روسريءِ” ۽ ملئي ۽ انڊونيشين “تودونگ” سڏين.


    عورتن لاءِ پڙدو

    هتي دڪان صبح جو يارهين کلن. ان بعد هڪ بجي ڌاري اڳئينءَ جي ٻانگ اچڻ سان بند ٿين. نماز بعد هرڪو وڃي گهر ۾ آرامي ٿئي ۽ پوءِ پنجين بجي ڌاري وچين نماز بعد وري دڪان کلن. جيڪي ٻارهين هڪ تائين بلڪ ڪي ڪي هوٽلون ته ٻي تائين کليل رهن ۽ رمضان جي سحري تائين لڳاتار کليل رهن. فقط سانجهي ۽ سمهڻي نماز تي اڌ ڪلاڪ کن لاءِ بند ٿين. ٻانگ اچڻ تي هرڪو دڪان بند ڪري ٻاهر نڪري ٿو ۽ ٻانگ جي ختم ٿيڻ تائين سڀني دڪانن تي شٽر يا دروازا اچيو وڃن ۽ ڪاروبار بند ٿيو وڃي. مسلمان دڪاندارن مان ڪي مسجد ڏي نماز لاءِ روانا ٿيندا آهن ته ڪي گهر ڏي. يا ٻين غير مسلمانن سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهن ٿا. جتي دڪان آهن اتي ئي رهائش جا فلئٽ آهن. ڪراچي جي بوهري بازار وانگر. دڪانن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ هتي جي عربن اتي ئي ويجهو رهائش جو بندوبست ڪيو آهي. ان ڪري هنن کي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا دڪان بند ڪرڻ ۽ کولڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿئي. اڳين نماز کان وچين نماز تائين جيڪي ٽي چار ڪلاڪ دڪان بند ڪن ٿا، ان ۾ وڃيو گهر آرامي ٿين پر سانجهي ۽ سومهڻي نماز تي دڪان بند رکڻ وارا اڌ ڪلاڪ به ڊوڙ پايو پنهنجي ڪمري ۾ اچيو نماز به پڙهن ته ماني ٽڪي به کائين.
    ٻانگ بعد ڪڏهن ڪڏهن هتي جي مذهبي پوليس جيڪا متاوا سڏجي ٿي. اوچتي چڪاس لاءِ نڪري ويندي آهي ته ڪير نماز تي نه ويا آهن. دڪان کليل هجڻ جي صورت ۾ هزار ريال ڏنڊ آهي . اهو ضرور آهي ته هتي چوري چڪاري نه برابر آهي. ان ڪري دڪان بند ڪرڻ ۾ دڪاندارن کي وڏو کٽراڳ نٿو ڪرڻو پوي. رڳو نالي ماتر لوهي ڄاري يا شٽر ڏيو ڇڏين. ڪيترو ئي سامان دڪان جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي ئي رکيو رهي ٿو يا دڪان ٻاهران لڙڪندو رهي ٿو.
    سعودي عرب ۾ ڪابه عورت دڪان، فئڪٽري يا آفيس ۾ ڪم نٿي ڪري. نڪي عورت کي ڪار هلائڻ جي اجازت آهي. ان معاملي ۾ هي ملڪ مردن ۽ رڳو مردن جي ئي دنيا آهي. عورت خريداريءَ لاءَ گهر کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي پر پاڻ کي ڍڪي. پوءِ چاهي مسلمان هجي يا ڌارئين يورپي غير مسلم. ان ڪري هتي جون عربياڻيون توڙي انگريز، يورپي يا اسان جي ننڍي کنڊ جون عورتون ڪارو برقعو يا گائون (جنهن کي عبايا سڏجي ٿو) پائي ٻاهر نڪرن. ڪيتريون يورپي عورتن جو مٿو ڍڪيل نه هوندو آهي. پر عربياڻين، پاڪستانين، انڊين ويندي ڪورين فلپينين عورتن جو حجاب (ڪاري ٻيڻي ٿيل ٽڪنڊي ڪپڙي) سان ڍڪيل هوندو آهي. باقي اسلامي نقطي نظر کان منهن ۽ هٿ اڻ ڍڪيل رهن ٿا. پر ڪي ڪي هتي جون عربياڻيون پنهنجي شهر يا پاڙي ۾ منهن تي به ڪارو ڪپڙو ڏئي هلن. جيڪو انهن وٽ سنهو ٿئي ٿو. جنهن مان ڏسي سگهن. ڪي ڪاري رومال سان نڪ جي اڌ تائين منهن ڍڪين ۽ حجاب سان نرڙ تائين مٿو. پوءِ فقط ٻه اکيون نظر اچن ٿيون. جن مٿان اُس يا ڪارو اوچو فيشني چشمو پائين. پر اهو منهن ڍڪڻ وارو سخت پڙدو فقط پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري ڳوٺ يا شهر ۾ ٿئي. جدي جهڙي شهر ۾ وڏن مُلن مولوين جو عربياڻيون زالون منهن اگهاڙا ڪري سمنڊ ڪنارن تي پيون ٽهلن يا مئڪڊونلڊ، ڪينٽڪي دڪانن ۾ ملڪ شيڪ ۽ شربتن جا آرڊر ڏين. منهنجو پڻ ڪجهه اهڙن سان سندن زالن سميت نڪرڻ ٿيو. ان ڪري لکي رهيو آهيان. سڀني جي ڳالهه ڪون ٿو ڪريان.
    بهرحال اهو منهن ڍڪڻ پڙدو حڪومت جي قاعدي قانون يا مذهبي خيال کان نه پر رسم رواج کان آهي. جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ پهچڻ سان عورتون پڙدو ڪن ٿيون. ڪراچي، اسلام آباد ۾ ائين پيون هلن. پر ڪي ڪي ته ڪراچي، لنڊن جهڙن شهرن ۾ به نه فقط ڪاري وڏي چادر يا گائون پائي نڪرن ٿيون. پر سڄو منهن به ڍڪيو هلن. ۽ ان پڙدي مطابق به مختلف رايا آهن ته اسلام فقط غير اخلاقي ڊريس کان منع ڪري ٿو. عورت کي پاڻ ڍڪي هلڻ کپي. سواءَ منهن ۽ هٿن جي عورت جي جسم جو ٻيو حصو ڌارئين کي نظر نه اچڻ کپي. ان سلسلي ۾ هتي جي هڪ عرب قرآن جي آيت ٻڌائي. “اي نبي، پنهجين زالن، ڌيئرن ۽ ايمان آڻيندڙ عورتن کي چئو ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪپڙن سان ڍڪي هلن.” بقول هن عرب جي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي ڪجهه علمائن ان آيت جو مطلب “منهن کي ڍڪڻ جو” ڪڍيو آهي ۽ هنن جو خيال آهي ته عورت لاءِ منهن ڍڪڻ پڻ ضروري (Obligatory) آهي.
    پر بقول شيخ الباني جي، جيڪو اڄ ڪلهه مٿاهين درجي جو عالم ۽ اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو. عورت لاءِ منهن ڍڪڻ ضروري ناهي. پر جي ڍڪي ته بهتر آهي. يعني (Preferable) آهي، پر (Obligatory) ناهي.
    هتي جي عربي مولويءَ ان سلسلي ۾ هيءَ حديث ٻڌائي ته “حضور صلي الله عليه وسلم جن جي سالي اسما بنت ابوبڪر رضه هڪ دفعو سنهي ڪپڙي جو وڳو پائي گهر ۾ آئي. حضور صلعم جن هن کي چيو” اسما جڏهن عورت بلوغت جي عمر تي پهچي ته هن جي جسم جو ڪو به حصو نظر نه اچڻ کپي. (۽ پوءِ پنهنجي منهن ۽ هٿن ڏي اشارو ڪندي چيو) سواءِ هن ۽ هن جي.” ۽ ان حديث مان ته لڳي ٿو ته عورت لاءِ منهن ڍڪڻ ضروري نه آهي. ٻين لفظن ۾ منهن اگهاڙو ڪري هلڻ سان کيس ڪو گناهه نه ٿيندو، پر جي ڍڪي هلي ٿي ته سٺي ڳالهه آهي.” هن عرب سمجهايو.
    سو هتي جي مردن جي دنيا ۾ عورتون به نظر اچن ٿيون، پر پڙدي ۾. وڌ ۾ وڌ ڪن ڪن عورتن جو منهن ۽ ڪراين تائين هٿ نظر اچن ٿا. اهو ئي پڙدي جو طريقو ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي آهي. خاص ڪري عورت لاءِ مٿو اگهاڙو رکڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. هيڏانهن عرب توڙي آفريڪا ۽ ملائيشيا پاسي ننڍيون ڇوڪريون توڙي عورتون مٿي تي چڱي طرح ڪانٽن ۽ ٽاچنين سان رومال ٻڌي هلن. جنهن مان مٿي جو هڪ وار به نظر نٿو اچي. مٿي جي ڍڪڻ واري ان ٽڪنڊي رومال کي عرب “حجاب” سڏين ٿا ته ايراني “روسريءِ” ۽ ملئي ۽ انڊونيشين “تودونگ” سڏين.


    عرب سٺا نيويگيٽر (Navigator)

    انهيءَ ڏينهن مديني ويندي ڪافي دير ٿي وئي. مون چاهيو ٿي ته ڏينهن جي روشني ۾ ئي مديني تائين وڃي نڪرجي پر بدر شهر ۾ پهچڻ سان سج لهي ويو. اها سا آئيڊيا ٿي وئي ته هتي جي ڌرتي ڪٿي ميلن جا ميل لسي ۽ رڻ پٽ آهي ته ڪٿي ملائيشيا وانگر ٽڪريون ئي ٽڪريون. پر ملائيشيا وانگر ڪٿي به ساوڪ ته ڇا پر گاهه به نظر نٿو اچي. ڪٿي ڪٿي کجين جا باغ يا هٿ جي پوک جا ٽڪراٽا آهن. جبل ۽ ٽڪريون به بلڪل ٺوڙهيون ٺوڙهيون. ظاهر آهي جتي سڄو ڏينهن سج جي سخت تپش رهي ۽ مينهن ڦڙو به ڪو ڪڏهن ڪڏهن وسي، اتي اهڙي ئي ڌرتي ٿئي ٿي. ڪن ڪن هنڌن تي جبل ٽڪريون ائين نظر آيون جيئن دادوءَ ويندي لڪي جا جبل نظراچن ٿا. ڪٿي ڪٿي رڻ پٽ ائين ڏيک ڏئي ٿو ڄڻ ڄامشوريءَ کان ڪراچيءَ پيو وڃجي. پنهنجي عرب دوست کي چيم ته هاڻ پڪا رستا ٺهيا پيا آهن. جيڪي وٺي هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃون ٿا. سو به ايئر ڪنڊيشنڊ ۽ تيز رفتار ڪارن ۾. اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ يا ٻين شهرن ڏي پيرين پيادو اٺن تي هلڻ ڪيڏو ڏکيو ۽ وڏي دل جو ڪم هو. ان کان علاوه نيويگيشن جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي هوندو.”
    “ها، بلڪل صحيح ٿا چوين. جتي چوڌاري جبل ئي جبل يا رڻ پٽ لڳا پيا هجن اتي رستو ڳولڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي.” منهنجي عرب دوست حسن چيو، “۽ اهو سفر ڏينهن جو ڪرڻ تي سخت گرمي ۽ اس جي تکي روشني اکيون ٿي ڪڍي ۽ رات جو موسم ٿڌي ٿي ٿئي پر اونداهه ۾ رستو ڳولڻ ڏکيو.”
    پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عرب شروع کان سٺا نيويگيٽر رهيا آهن. هو انگريزن، پورچوگيزن کان به اڳ ٻيڙا کڻي آفريڪا، انڊيا، چين، ملايا کان وڃي نڪتا. هنن جي نيويگيشن، جهازراني ۽ جهاز سازيءَ جي بنيادي ڄاڻ کي ٻين استعمال ڪيو ۽ وڌيڪ Improvement آندي. خارطوم، ممباسا، دارلاسلام، سرانديب..... هي سڀ عربي زبان جا لفظ آهن، جيڪي انهن هنڌن تي پهچي عربن رکيا. هو نه فقط سمنڊن جا ڄاڻو رهيا آهن. پر خشڪيءَ جا به، هو خشڪي رستي سمرقند، بخارا، تاشقند، باقو ۽ چين کان وڃي نڪتا.” مون چيو مانس.
    اسان کي سج، چنڊ ۽ تارن ذريعي رستا ڳولڻ جي کيڏ آئي ٿي. “حسن چيو.” ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته توهان عرب سٺا ماهر نجوم (Astronomer) پڻ ٿي گذريا آهيو. توهان وٽ نه مينهن پوي نه جهڙ ٿئي. آسمان ٻارهوئي صاف لڳو پيو آهي. رات جو نه گرمي ٿئي نه سيءُ پوي. سو هن صدي جي بجلي پنکي اچڻ کان اڳ توهان اسان سنڌين وانگر اڱڻ ۾ سمهندا هئائو ۽ جيسين ننڊ اچي تيسين آسمان ۾ اکيون وجهي چنڊ تارن جي علم (Astronomy) ۾ توهان ڀڙ ٿيندا هئائو. اڄ به توهان عربن جا ڪتاب ۽ تارن تي رکيل نالا اسان پڙهون ٿا. الطائر، الحمل، بيتل گوز، ازمٿ.. اهي سڀ اصل ۾ عربي نالا ته آهن. جيڪي هاڻ انگريزي ٻولي ۾ اچي ويا آهن.”
    هن ملڪ ۾ جتي رهڻ ڏکيو هو. جتي گرمي، ريتي ۽ اس جو راڄ هو ۽ آهي، اتي قدرت هن ملڪ کي نوازيو پڻ آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انسانن جون پاڪ جايون هنن پٽن تي آهن. وڏا وڏا پيغمبر ۽ آخري رسول محمد صلي الله عليه وسلم هن ڌرتي تي پيدا ٿيو. چنڊ ڏي سفر ڪرڻ وارو آمريڪن نيل آرم اسٽرانگ جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو. تنهن کان جڏهن پڇيو ويو ته چنڊ تان يا خلا مان پنهنجي ڌرتي ڪيئن ٿي لڳي ته هن ان جي سونهن جي تعريف ڪندي چيو ته سڀ کان صاف ۽ چٽو عربستان (Arab-Peninsula) نظر آيو ٿي. سعودي عرب مٿان ڪڪر ڪوهيڙو يا ڌنڌ دونهون نه هجڻ ڪري بلڪل صاف نظر اچي ٿو. ويتر اس جا ڪرڻا ريتي تي پوڻ ڪري ڌرتيءَ جو هي حصو وڌيڪ چلڪندڙ نظر اچي ٿو.
    چون ٿا ته نيل آرم اسٽرانگ پوءِ سگهو ئي مسلمان ٿيو هو. اهو پڻ هڪ عجيب واقعو آهي. راڪيٽ ۾ سفر بعد ڪجهه سالن يا شايد ڪجهه مهينن بعد هو دنيا جي ٽوئر تي مصر به آيو. مصر جون پراڻيون ۽ تواريخي مسجدون ڏسڻ لاءِ غير مسلمانن کي به اجازت آهي. هو هڪ مسجد ڏسي رهيو هو ته نماز جو وقت اچي ٿيو ۽ مُلي ٻانگ ڏني. ٻانگ ٻڌي هو وائڙو ٿي ويو ۽ ٻين کان پڇيائين ته اها ڇا آهي ۽ ان جو مطلب ڇا آهي. کيس اسلام جي رڪنن بابت ٻڌايو ويو ته نماز انهن مان هڪ فرض آهي، جنهن جي سڏ لاءِ ڏينهن ۾ پنج دفعا هيءَ اذان ڏني وڃي ٿي ۽ انسان ذات کي ياد ڏياريو وڃي ٿو ته الله وڏو آهي . الله کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ناهي. اچو نماز لاءِ، اچو پنهنجي بهبودي (فلاح ) لاءِ.
    اهو ٻڌي نيل آرم اسٽرانگ مسلمان ٿيو ۽ چيائين ته آئون جڏهن راڪيٽ ۾ چنڊ ڏي وڃي رهيو هوس ته مونکي خلائن ۾ هر وقت اهو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهي ڪهڙا آواز (سڏ) آهن. ڪهڙي زبان جا آهن ۽ ڇا مطلب اٿن. اڄ هيءَ ٻانگ ٻڌي مونکي چٽيءَ طرح ياد اچي رهيو آهي ته بلڪل هوبهو هي آواز هئا.


    بدر جو شهر

    ينبو کان مديني ويندي بدر جو شهر يڪدم اچي ٿو...... سٺ ست ڪلوميٽرن بعد. حسن اتان گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرايو. پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندڙ هڪ پاڪستانيءَ تيل وڌو ۽ تامل ڪم واري شيشا صاف ڪيا. ستاويهن ريالن جو تيل پيو.
    “چئبو ته هتي رڳو ڪار وٺجي، پيٽرول ته ڄڻ مفت جو ٿيو”. مون چيو.
    “ڇهه مهينا کن اڳ هن کان سستو هو. هاڻ ٻيڻي قيمت ڪئي اٿن”. حسن ٻڌايو. “هاڻ گاسليٽ ، گئس، ڊيزل- هر تيل ٻيڻو ڪيو ويو آهي.”
    حسن کي چيم ته اسلامي تواريخ ۾ بدر جو نالو اسان به پڙهيو آهي، خاص ڪري بدر جي لڙائي بابت.
    “بلڪل هي شهر اهو آهي. مديني ۽ ينبي جي وچ ۾ هن شهر بدر ۾ اها لڙائي لڳي هُئي. هينئر هي وڏو شهر ٿي ويو آهي، پر تن ڏينهن ۾ هي ڳوٺڙو هو.” حسن ٻڌايو.
    حضور صلعم جن جي ولادت 570 ع ۾ ٿي. چاليهه سالن جي ڄمار ۾ (611ع ۾) هنن تي وحي لٿو. ان بعد حضور صلي الله عليه وسلم جن مڪي جي ماڻهن اڳيان اسلام جي پرچار ڪئي. پاڻ سڳورن صلعم ماڻهن کي چتاءُ ڏنو ته هو غلط راهه تي آهن. “اسان سڀني جو، سڄي ڪائنات ۽ عالمن جو خلقڻهار ۽ مالڪ هڪ الله آهي.” هي اهو دور هو جنهن ۾ ان وقت جي عربن مختلف بتن کي پنهنجو ديوتا ٺاهي رکيو هو. هنن پهرين نبين حضرت ابراهيم، اسماعيل کان حضرت موسيٰ ۽ عيسيٰ جا ڏنل نياپا وساري ڇڏيا هئا. هنن نبين پڻ الله جي هڪ هجڻ جو پيغام ڏنو هو. پر هاڻي هي عرب پٿرن مان ٺهيل بتن، لات ، منات، ازا وغيره جي پوڄا ڪرڻ لڳا هئا ۽ انهن اڳيان جهڪيا ٿي. هنن مان ڪن الله جي رسول جي ڳالهه مڃي، پر گهڻا مخالف ٿي بيٺا.
    هڪ ڳالهه هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته حج اسلام جي اچڻ کان اڳ به هو. خدا جو گهر ڪعبو جيڪو حضرت ابراهيم جي ڏينهن ۾ ٺهيو. ان کي ڏسڻ لاءِ هر سال اوسي پاسي جا عرب ايندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسلام اچڻ تائين ان ۾ رکيل بتن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. مديني کان حج تي آيل ماڻهن کي جڏهن اسلام جي خبر پئي ته انهن واپسي تي مديني ۾ ٻين کي به وڃي ٻڌايو ته مڪي ۾ محمد صه نالي هڪ شخص پاڻ کي الله جو رسول ٿو سڏائي ۽ چوي ٿو ته هي بت وغيره ڪجهه به نه آهن . هي ديوتا جن جي پاڻ پوڄا ڪريون ٿا. انهن کي ڪا طاقت ناهي. اسان سڀني جو مالڪ ۽ خلقڻهار هڪ الله آهي. ٻئي سال مديني کان مڪي حج تي آيل ماڻهن حضور صلعم جن کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ جواب حاصل ڪري خوش ٿيا ۽ الله جي رسول صه جون ڳالهيون کين سچيون لڳيون ۽ آهستي آهستي مديني جا ماڻهو پڻ مسلمان ٿيڻ لڳا. جيتوڻيڪ مڪي جي ڪيترن ماڻهن لاءِ هي انا جو سوال هو ته هو انهن بتن کي ڇڏي ڏين جن کي هنن جي ابن ڏاڏن پوڄيو. ڪيترا مڪي جا ڪافر نه فقط حضور صلعم جن جي پر ٻين جي به خلاف ٿي بيٺا جن اسلام قبول ڪيو. آخر ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي ۽ جيئن جيئن ماڻهو اسلام قبول ڪندا ويا. تيئن تيئن مڪي جي ماڻهن جي دشمني وڌندي وئي. اهو ڏسي مديني جي ماڻهن حضور صه جن کي مديني اچي رهڻ جي دعوت ڏني. پاڻ صه ڪجهه عرصو انتظار ڪيائون. پر پوءِ الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيڻ تي مسلمانن جي هن ننڍڙي ٽوليءَ مديني ڏي هجرت ڪئي. مديني کي انهن ڏينهن ۾ يثرب سڏيندا هئا. حضور صه جن جي پهچڻ تي يثرب شهر کي مدينة النبي يعني نبيءَ جو شهر ۽ مدينته المنوره يعني روشنيءَ جو شهر سڏڻ لڳا.
    مڪي کان مديني جو هي سفر (هجرت) عيسوي سن 622 ع ۾ ٿيو ۽ هن هجرت بعد اسلامي ڪئلينڊر شروع ٿيو. يعني هي هڪ اهم تواريخي واقعو هو. جنهن بعد مسلمانن هر ڳالهه هن واقعي جي ڀيٽ ۾ ڪئي ٿي. يعني فلاڻي شيءِ هجرت کان ٽي سال پوءِ ٿي يا پنج سال اڳ ٿي، وغيره. اڄ ڪلهه هجري سن 1416 آهي. معنيٰ حضور صه جن کي مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ کي 1416 سال ٿي ويا آهن. ڪو ائين چئي سگهي ٿو ته 622 عيسوي سن ۾ هجرت ٿي ۽ هينئر ان کي 1416 سال ٿي ويا آهن. يعني 622 ۾ 1416 جوڙ ڪرڻ سان 2038 عيسوي ٿيڻ کپي. پر اڄ ڪلهه عيسوي سن 1997 ع آهي. اهو ڀلا ڪيئن؟ پهرين دفعي آئون به اهو سوچي منجهي پيو هوس، پر پوءَ ياد آيو ته اسان جو هجري سال چنڊ جي مهينن مطابق ٿئي ٿو ۽ عيسوي سال کان پندرنهن ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو.
    622 عيسوي سن ۾ مديني پهچڻ بعد مڪي ۾ رهندڙ “اڃان نه مسلمان ٿيلن” سان مديني جي مسلمانن جي پهرين لڙائي 623 ع ۾ هن شهر بدر ۾ لڳي. مسلمانن جي لشڪر ۾ ٽي سئو کن ماڻهو مس هئا ۽ دشمنن جي لشڪر ۾ هزار کان به مٿي، پر تڏهن به سوڀ مسلمانن جي ٿي. هن لڙائيءَ ۾ حمزي، بلال ۽ عليءَ رضه پڻ حصو ورتو هو. هن لڙائي ۾ ابو جهل مارجي ويو هو. بدر جي لڙائي جو تفصيل پيرائتي نموني احوال مارٽن لنگس جي ڪتاب “محمد” (Muhammad-his life based on the earliest sources) ۾ آهي. مارٽن لنگس 1909 ۾ لنڪا شائر انگلينڊ ۾ ڄائو. 1932ع ۾ آڪسفورڊ مان ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1983 ۾ مسلمان ٿيو. سندس اسلامي نالو ابوبڪر سراج دين آهي. 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان هن ڪتاب کي بهترين ڪتاب چونڊيو ويو. (پاڪستان نيوي طرفان خير خاطر هي ڪتاب ڇپائي ميمبرن ۽ نوجوان ٽهيءَ کي ڏنو ويو آهي. )
    بد جي لڙائي ۾ چون ٿا ته مسلمانن جي مدد لاءَ ملائڪن حصو وتو. مٿين ڪتاب موجب ملائڪن جي موجودگي سڀني محسوس ڪئي. پر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اهي فقط ٿورن ماڻهن کي ۽ مختلف حدن تائين آيا. ڀر واري ڳوٺ جا ٻه ڄڻا جبل تي چڙهي ان لڙائي جو نظارو ڪرڻ ويا هئا. جئين اها ختم ٿيڻ تي پهتي، انهن اهو سوچيو ته ڇڏيل مال کڻي سگهجي. هو بيٺا هئا ۽ سندن اڳيان هڪ ڪڪر واچوڙي وانگر تکو لنگهي ويو، جنهن ۾ ڪئين گهوڙي سوار هئا. اهو ڏسي دهشت کان هڪ جي ته اتي ئي دل بيهي وئي ۽ مري ويو ۽ ٻئي خوف ۽ حراس جي عالم ۾ واپس گهر پهچي اها ڳالهه ٻين سان ڪئي.
    بدر جي جنگ ۾ هڪ ايمان وارو دشمن جي لشڪر جي هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ هن جي پويان ڊوڙي رهيو هو، ويجهو پهچي اڃان وار ڪرڻ واروهوس ته ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت هن جو ان کان اڳ ئي سر ڪپي ڇڏيو. ڪيترن کي وري مختصر ساعت لاءِ ملائ نظر آيا. هو گهوڙن تي سوار هئا جن جا پير زمين تي هرگز نٿي لڳا. هنن کي اڇا پٽڪا ٻڌل هئا ۽ سندن اڳواڻ حضرت جبرئيل کي هئڊي رنگ هو پٽڪو هو.
    بهرحال بدر جي هن لڙائي ۾ ملائڪن جي مدد جو احوال قرآن پاڪ جي اٺين سوره الانفال ۾ به آيل آهي.
    اسان کي بدر جي شهر ۾ رات ٿي وئي. اڄ کان پورا چوڏهن سئو سال اڳ هن هنڌ حضور صه جن پنهنجن پهرين مسلمان ساٿين سان گڏ آيا هئا. تن ڏينهن جو هي ننڍڙو ڳوٺڙو اڄ جو وڏو شهر بنجي چڪو آهي. آدمشماري جٿي ڪٿي وڌي وئي آهي. اليڪٽرسٽي ڪري سڄو شهر بلبن جي روشني ۾ چمڪي رهيو آحي. اڄ پڪا رستا ۽ گاڏيون آهن ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ آسان ٿي پيو آهي. پر اڄ کان چوڏهن صديون اڳ هنن پٽن تي پيرين پنڌ يا اٺن تي سفر ڪرڻ جو تصور نلڪل مختلف هو. هن شهر مان لنگهندي هن شهر لاءَ سندس تواريخي حيثيت ڪري چاهت ۽ عزت محسوس ڪريان ٿو.


    مديني ۾ داخل ٿيڻ

    بدر کان اڳ ۽ پوءِ به ڪي ننڍا ڪي وڏا شهر ايندا رهيا. جهڙوڪ الجديد، المعجز، الحمرا وغيره جن جي پنهنجي تواريخي حيثيت آهي. اسين اهي اڪرندا، رستي تي لڳل هدايتون ۽ نالا پڙهندا اچي مديني پاڪ جي ويجهو پهتاسين. سمهڻي نماز ۾ اڃان وقت هو ۽ اسان چاهيو ٿي ته اها اچي مسجد نبوي ۾ پڙهجي. پر افسوس جو شهر جي ٿورو ڀلجڻ ڪکري ۽ ٿورو ٽريئفڪ ۾ ڦاسڻ ڪري وقت تي نه پهچي سگهياسين. جنهن جو ظاهر آهي ته مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو جو آئون هتي پهريون دفعو آيو هوس. مونکي مديني ۾ پاڻ سان اٿڻ واري حسن جو ته ننڍپڻ ئي هن شهر ۾ گذريو هو. هو مئٽرڪ تائين مديني ۾ پڙهيو. هينئر به سندس ٻه شادي شده ڀيڻيون مديني ۾ رهن ٿيون. جن مان هڪ جي مڙس عمر السريحي جي گهر اسان کي رهڻو هو. انهن کان علاوه حسن جا ٻيا به ڪيترائي ويجها مائٽ ۽ دوست مديني ۾ رهن ٿا. هن لاءِ مدينو ائين هو جئين مون لاءِ هالا يا چٽگانگ............ جِتي آون رهيس ۽ پڙهيس.
    مديني شهر جي ويجهو اچڻ تي حسن اها جاءِ ڏيکاري جنهن کي ميڪات سڏجي ٿو. حج تي روانا ٿيندڙ مسلمان هتان کان احرام ٻڌن ٿا. هن لنگهه کان خاص ڪري اهي گذرن ٿا، جيڪي عراق، شام، ڪويت، ترڪي کان باءِ روڊ مڪي وڃن ٿا. شهر جي ويجهو اچڻ تي اهي بورڊ پڻ نظر اچن ٿا. جن ذريعي غير مسلم کي تاڪيد ڪيل آهي ته هو سڌو رستو وٺي شهر ۾ گهڙڻ بدران سرڪيولر رستو وٺي شهر جي ٻاهران ئي ٻاهران لنگهي وڃن. ڇو جو مڪو ۽ مدينو ٻه اهڙا شهر آهن، جن ۾ اندر اچڻ جي فقط مسلمانن کي اجازت آهي. سعودي عرب جي هر شهر ۾ توهان کي هندو، سک، عيسائي، ٻڌ، چيني، يورپي، آفريڪن ۽ آمريڪن ملندا، پر مڪي ۽ مديني ۾ ڪنهن به غير مسلم کي اچڻ جي اجازت ناهي. ان ڪري مڪي ۽ مديني ۾ غير مسلم جو ڪو به پروجيڪٽ يا فئڪٽري ناهي. اگر آهي ته ان ۾ ڪم ڪرڻ وارا سڀ مسلمان آهن. جيئن مسجد نبويءَ جي بلڪل ڀر ۾ اوبيراءِ هوٽل آهي، جنهن جو مالڪ هڪ انڊين هندو آهي، پر هن هوٽل ۾ ڪم ڪرڻ وارا سڀ مسلمان رکيا اٿس.اهڙي طرح حرم پاڪ کي ايئر ڪنڊيشن رکڻ جو پلانٽ ڪنهن آمريڪن يورپين فرم جو آهي ۽ اهي ان جي نگهباني ڪن ٿا. پر جيئن ته هنن کي شهر ۾ اندر اچڻ جي اجازت نه آهي ان ڪري هنن مين پلانٽ شهر کان ٻاهر (پنجويهه ڪلوميٽر کن پري) هنيو آهي، جتان ٿڌي هوا پائيپن ذريعي مسجد ۾ پهچائي وڃي ٿي.
    مختلف شهرن جا رستا مديني وٽان لنگهن ٿا، جيئن ته رياض کان جدي، يا دمام، الخبر، جبيل، انزاهه، تبوڪ کان طائف ۽ جدي ويندي اهي رستا مديني مان گذرن ٿا. پوءِ مسلمان ته شهر جو چ مان لنگهي سگهن ٿا. پر اهي گاڏيون جن ۾ غير مسلم آهن، اهي شهر جو ٻاهريون ڦيرو ڪري لنگهن ٿيون. اسان سڌو شهر ڏي وڌيا سين ۽ جيئن جيئن اڳيان وڌندا رهياسين، رستا، دڪان، گاڏيون، روشنيون، ماڻهو وڌندا ويا. حسن مونکي چيو ته نبي صلعم جي شهر مديني ۾ گهڙڻ وقت اسلام عليڪم يا نبي محمد رسول الله، اسلام عليڪم عمر فاروق، اسلام عليڪم ابوبڪر صديق، اسلام عليڪم اصحابه ڪرام چوڻ کپي. مون سندس چوڻ موجب سلام ڪيو. سندس ٻار جيڪي مديني ۾ ايندا ويندا رهن ٿا، انهن کي خبر هئي جيڪي اڳهين سلام ڪري چڪا هئا.
    “هاڻ هي سڌو ئي سڌو رستو نبي پاڪ صلعم جي روضي مسجد النبوي تي پهچي ٿو. جتي آسمان ۾ گهڻي روشني نظر اچي رهي آهي، بلڪل اتي هيٺ روضو پاڪ آهي. ٿورو اڳيان هلڻ تي هڪ هڪ ٿي مسجد جا منارا نظر اچڻ لڳا”. انهن ۾ ايترا ته مرڪري بلب لڳل هئا جو رات جي وقت به ائين پئي لڳو ڄڻ ڏينهن هجي، اسين اڳيان وڌندا وڌندا اچي ويجهو پهتاسين.
    “مسجد جي چوڌاري ايترو ته ڪم هلندو رهي ٿو جو هر دفعي اچڻ تي نوان رستا ۽ نيون عمارتون نظر اچن ٿيون.”حسن چيو. جيڪو هن شهر جي گهٽيءَ گهٽي کان واقف آهي. جو هن ننڍپڻ اسڪولي تعليم تائين مديني جي هنن گهٽين ۾ گذاريو. جنهن رستي کان اسين مسجد طرف وڌي رهيا هئاسين ان تي ڪم هلي رهيو هو، ان ڪري تيرن جي نشاني مطابق اسان ٻيو رستو اختيار ڪيو، جيڪو هوٽل بهاالدين، هوٽل نخيل، هوٽل اوبيراءَ وغيره جي بلڪل ويجهو وڃي نڪتو. جيڪي مسجد جي ٻٺين درن وٽ آهن، جتي وضو ڪرڻ جون جايون آهن. پر پري پري تائين ڪٿي به رستي جو ڪم خالي نه ملي سگهيو، جتي کڻي ڪار پارڪ ڪجي. نه وري ان وقت مسجد اندر هلي سگهيا سين ٿي جو حسن ٻڌايو ته عشاءَ نماز بعد مسجد بند ڪئي وڃي ٿي. اسان اهوئي هاڻ پروگرام ٺاهيو ته فجر نماز تي اچبو ۽ ٻئي ڏينهن عيد هئي سو عيد نماز به هتي ئي پڙهبي.


    خالد جي گهر

    اسان جي عرب دوست حسن کي چار ڀيڻون آهن. هڪ ينبو ۾ ئي رهي ٿي. جنهن جو مڙس الشيخ الزارع اتي جي جامع مسجد جو پيش امام آهي. هڪ ڀيڻ رياض ۾ اٿس، جنهن جو مڙس فارين سروسز ۾ آهي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ سعودي سفارت خاني جو فرسٽ سيڪريٽري آهي ۽ ٻه هتي مديني ۾ رهن ٿيون، هڪ جو مڙس عمر السريحي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ آهي اسان کي مديني وارا ڏينهن عمر جي گهر رهڻو هو. جنهن جو گهر جنت البقيع جتي ختم ٿئي ٿي ان بعد ٻه چئن رستن ٽپڻ بعد بقري پولي ڪلينڪ ۽ رياض بئنڪ اچي ٿي. ان بعد شارع الشافعي تي آهي. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي هڪ پاڪستانيءَ جو بقاله الجنوب نالي دڪان آهي.
    اسين عمر جي گهر پهتاسين ته ان وقت ڪم نه هو. رات جا ڏهه کن ٿيا هئا. هي ڪي زال مڙس پنهنجي پٽ حسام سان چند منٽن لاءِ ٻاهر نڪتا هئا. بلڪ اسان جي مانيءَ لاءِ ڪجهه وٺڻ ويا هئا جو اسانجي اطلاع کين پهرين جو هو. اسان سمجهيو ته خبر ناهي ڪنهن وقت اچن، سو ڪجهه گهٽيون ٻئي پاسي حسن جي زال جي ڀاڻيجيءَ جي گهر هليا وياسين. جتي انهن کي ڪجهه سامان ڏيڻو هو. ان گهر ۾ پهتاسين ته ان جو مڙس خالد الجهوحاني به ان وقت پهتو هو ۽ اسان کي اندر هلڻ لاءِ زور ڀريائين. چوي ته ٿورن منٽن لاءِ به هلو. پوءِ نيٺ هليا سين. اهو ته آءُ به ڏسي چڪو هوس ته عربن جي مهمان نوازي ۽ ٿوري دير لاءِ ترسڻ به گهڻو هوندو آهي. پهرين خاص قسم جي ڪافي ٿرماس ۾ آئي، جيڪا ڪتل سان گڏ ننڍن پيالڙين ۾ سرو ڪئي وئي. اڌ کان به گهٽ اها پيالي ڀري ويندي آهي ۽ جي وڏو ڍُڪ ڀرجي ته هڪڙو نه ته ننڍا ٻه ڍُڪ ٿين. ٿرماس جهلڻ وارو خالي پياليءَ کي وري وري ڀريندو ويندو آهي. آئون ڪتل کائڻ جو شوقين ۽ هي ڪتل به مديني جي اعليٰ جنس هئي. سو ڪتل جي شوق ۾ ڪڙي ڪافيءِ جو ڦاهو ڦڪيندو رهيس. ڳالهه ٻولهه ۾ ته حصو وٺي نٿي سگهيس جو دستور موجب هو عربي ڳالهائي رهيا هئا. اسين سنڌي اڙدو توڙي ٻيون زبانون ڳالهائڻ وارا پنهنجي ٻولي ۾ ڪجهه نه ڪجهه انگريزي جا لفظ به ڳالهائيندا آهيون. پر عربن کي ڏٺو اٿم ته اهڙي نج عربي ڳالهائين ٿا جو آفيس (اعمال)، ٽيليفون (هاتف) اسڪول (مدرسه) جهڙن عام انگريزي لفظن جا به عربي لفظ چوندا. نتيجي ۾ ڌاريون آئيڊيا به نٿو لڳائي سگهي ته بحث ڪهڙي ڳالهه تي پيو هلي. ها اهو ضرور محسوس ٿيندو آهي ته بحث هلي رهيو آهي. عرب سنڌين وانگر وڏيون کيڪارون ۽ خوش خير عافيتون ڪري ملندا، پوءِ اجايو سجايو بحث کڻي وهندا. ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري اسرائيل ۽ آمريڪا کي يا پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائي رُسي اُٿندا. پر خالد جي ڳالهائڻ جو ٽون مونکي بيحد ڌيرج ۽ تحمل وارو لڳي رهيو هو. حسن وچ ۾ ايترو ضرور ٻڌايو ته خالد جاگرافيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ هاڻ نوڪري به ڪري ٿو ته پي ايڇ ڊي لاءَ ريسرچ به.
    خالد جي ڊرائنگ روم مان به لڳو ٿي ته هن جو واسطو جاگرافيءَ سان آهي. سامهون واري ڀت ۾ ٻه اڀريل نقشا هڪ مڪي شهر ۽ آس پاس جو ۽ ٻيو مديني شهر جو هو. هن قسم جا پلاسٽڪ جا اڀريل نقشا مون پهريون دفعو ڏٺا. جنهن مان هر هڪ شيءَ جبل، ماٿريون، رستا وغيره صاف صاف ظاهر ٿيا ٿي ته فلاڻو جبل يا ٽڪري ڪٿي آهي. ڪيتري اتاهين آهي وغيره. نقشن جي هيٺيان ڪتابن جا خانا (Racks) هئا، جيڪي سڀ ڪتابن سان ڀريل هئا. هڪ خاني ۾ ڪجهه رسالا به هئا، جن جي وچ ۾ ڪجهه ڪاپيون نئشنل جاگرافڪ مئگزين جون هيون. جن جي سائيز ۽ هيڊي رنگ مان سمجهي ويس. هي پهريون عرب جو گهر هو جنهن ۾ مونکي ڪتاب نظر آيا، نه ته عربن جي گهرن ۾ ڪا اخبار به ورلي نظر اچي ٿي، عربي ادب ۾ وڏا وڏا شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، پر سعودي عرب جي ننڍي ٽهيءَ کي ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ بدران وڊيو ۽ آڊيو ڪئيسٽ خريد ڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو شوق آهي. منهنجي کاٻي پاسي رائٽنگ ٽيبل مٿان ڀت تي سڄي عربستان جو نقشو هو. سعودي عرب سان گڏ يمن، عمان، قطر، مسقط وغيره پڻ ان ۾ اچي ويو ٿي، وقت گذارڻ لاءِ نقشي ۾ مختلف شهر، بندرگاهه، جبل، ماٿريون، رڻ پٽ ۽ سمنڊ ڏسندو رهيس. ڪافيءَ بعد جوهر (Peppermint) واري چانهه آئي، جيڪا نارمل ڪوپ جي اڌ جيتري ماپ جي گلاسن ۾ ڏني وئي، چانهه، ڪافي، ڪتل وغيره رکي رکي خالد جي زال کڻي آئي ٿي ۽ ڊرائنگ روم جي ٻاهر بيهي در کڙڪايو ٿي، جنهن جي جواب ۾ خالد اٿي در کولي سير مان سامان ورتو ٿي. خالد جو زور هو ته اسان ماني هنن وٽ کائون. جنهن لاءِ اسان انڪار ڪندا رهياسين جو چانهه، ڪافي، ڪتل، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ پستا بادام کائڻ بعد هاڻ وڌيڪ کائڻ جي ضرورت نه رهي هئي، وڌ ۾ وڌ کڻي کير جو گلاس پيئجي ها يا ڪا هلڪي سئنڊوچ.
    حسن اڃا ڪچهري جي موڊ ۾ هو. پر چڱو جو سندس گهرواريءَ زنانه خاني مان نياپو موڪليو ته هاڻ اٿجي. سو موڪلائڻ لاءِ اٿي کڙاٿياسين. اٿڻ مهل مون خالد کي انهن ٽن National Geographic مئگزينن ڏي اشارو ڪري چيو ته اهي ٽئي پڪ اُهي Volume آهن، جن ۾ سعودي عرب بابت تفصيلي مضمون آيا آهن.
    “نه”، هن وراڻيو، “هي ٽي ڪاپيون ائين ئي مونکي هٿ اچي ويون سي رکيون اٿم. دراصل هتي هيءَ مئگزن نٿي ملي جو هن ۾ ڪي ڪي اگهاڙيون تصويرون ٿين ٿيون.” خالد تمام سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالهايو جيڪا ٻڌي مونکي ۽ حسن کي به تعجب لڳو.
    پر 1964ع، 1966۽ 1984ع جا پرچا جن ۾ سعودي عرب بابت آيو آهي، ان ۾ ڪا به اهڙي تصوير ناهي.” مون کيس ٻڌايو. “ته پوءِ اسانجي حڪومت يا مذهب جي خلاف هوندو، تڏهن سينسر ٿيل آهن.” خالد وراڻيو.
    “نه، ڪو خاص خلاف لکيل ناهي” هونءَ مونکي خالد جي ڳالهه دل سان لڳي ته مغربي پريس وارا جڏهن به عربن تي يا اسلام تي لکن ٿا ته ان ۾ ڪجهه ڪجهه هٿ ٺوڪيون ۽ وڌاءَ واريون ڳالهيون به لکيو وڃن، پر هي مضمون انهن مغربي (يورپي) همراهن لکيا آهن جيڪي تازا مسلمان ٿيا آهن. جن ڪجهه پنهنجي سچائيءَ خاطر ۽ ڪجهه خدا جي خوف کان ڪوڙ تمام گهٽ لکيو آهي. ٻين لفظن ۾ هنن عربن جون هٿ ٺوڪيون اوڻايون پوڻايون گهٽ لکيون آهن. نه ته عربن جي عياشي، عربن جي هٿ ڦاڙ، عربن جي بيوقوفي جون سچيون ڪوڙيون ڳالهيون مغربي پريس وارا پنهنجن ملڪن ۾ ويهي ائين لکن ٿا جيئن اڙدو پريس جا نمائندا ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ جي مختلف پهلوئن تي لکن ٿا. پر مٿين مضمونن ۾ سواءِ هڪ بن ڳالهين جي ٻيون ڳالهيون صحيح ۽ حقيقت تي مبني آهن. البت غلط ڳالهين مان هڪ اها لڳي ٿي (جيڪا بقول مضمون لکندڙ جي) ته هو فوڪر جهاز ۾ جدي کان رياض سفر ڪري رهيو هو.” جنهن ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو ويٺل هئا. هڪ سعودي عرب جو شهزادو پنهنجن چئن زالن سان به ويٺل هو. جيڪي سخت پڙدي (برقعي) ۾ ڍڪيل هيون. سندن فقط پير نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ ڊگهين کڙين وارا سينڊل هئا،” هاڻ هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته سعودي عرب جا شهزادا ائين فوڪر جهازن ۾ نه پيا هلن. هلو کڻي اسلام ۾ چئن شادين جي اجازت آهي، جنهن کي مغربي پريس وارا هر وقت Exploit ڪندا رهن ٿا. پر هر هڪ چئني زالن کي ساڻ وٺي ڪو نه پيو هلي. جيئن انڊين فلم “امر اڪبر انٿوني” ۾ هڪ ڏاڙهي وارو مسلمان ڏيکاريو اٿن ته سئنيما ٿيٽر ۾ پنهنجن زالن کي ڪارن برقعن ۾ وٺي آيو آهي. ٻي ڳالهه ته پڙدو ڪندڙ عرب عورتن جا هٿ ته ڏسي سگهجن ٿا، پر پير نه، ڇو جو هن پاسي جيڪي عورتون پڙدو ڪن ٿيون، اهي پنهنجو سڄو جسم، مٿو ويندي پير ڍڪين ٿيون باقي منهن ۽ هٿ خالي ڇڏين ٿيون. بهرحال مٿئين قسم جي هڪ اڌ ڳالهه اسان جا مغربي ليکڪ مڙيئي الله جي ڏني مان هڻي ڇڏيندا آهن. جيئن عربن جي زندگي ۽ اسلام کان اڻ واقف مغربي پڙهندڙن جو وات ڦاٽي وڃي. موڪلائڻ وقت خالد کي چيم ته مٿين مئگزين جون ٽئي ڪاپيون مون وٽ هتي (سعودي عرب) ۾ ئي آهن ۽ ينبو (ينبع) پهچي توکي موڪليندس.
    ٻاهر نڪري حسن ٻڌايو ته هي عليءَ جو ڀاءُ اٿئي.
    “ڪهڙو علي...؟” مون تعجب ۾ پڇيو.
    “جنهن وٽ توکي ڪراچي جي سعودي قونصلخاني ۾ موڪليندو هوس.” حسن ٻڌايو.
    “پر هڪ ڳالهه آهي خالد ۽ عليءَ ۾ وڏو فرق آهي! خالد تمام ملنسار، قربائتو ۽ شريف سڀاءُ جو آهي، سندس ڀاءُ، جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرين ته چوانءَ ته غرور وارو آهي، يا شايد پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ پهچي هر هڪ عرب پاڻ کي هيڪاندو گهڻو مٿاهون سمجهي ٿو ۽ اسان جهڙن مڪاني ماڻهن کي نٿو کنگهي.”
    مونکي ياد آيو ته آئون جڏهن حسن جو خط کڻي هن عرب آفيسر وٽ ڪراچي ۾ سندس قونصل خاني پهتو هوس ته هن چڱي طرح رخ ته نه ڏنو، پر ڪاغذ پٽ به پاڻ ڏسڻ بدران ٻئي هڪ پاڪستاني ڪلارڪ حوالي ڪري ڇڏيا. ان وقت مون ايترو دل ۾ نه ڪيو هو جو اهو ئي سوچي ته حسن کي نه سڃاڻندو هوندو، پر هاڻ خبر پئي ته هو هنن جو ويجهو مائٽ آهي، يعني سندس زال جي ڀاڻيجيءَ جومڙس. بهرحال اها به ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، ڇو جو حسن بذات خود سٺو ماڻهو آهي. يورپ ۾ رهيو آهي، ان ڪري مون سان ڀائرن وارو برتاءُ اٿس، ۽ مونکي جتي ڪٿي گهر جي ڀاتين وانگر وٺيو پيو هلي. نه ته گهڻو تڻو سڀني عربن جو اسان پاڪستاني هندستاني يا ٻين غير عربن سان بيحد رکو نمونو نظر اچي ٿو.


    مديني ۾ ماني:

    خالد جي گهران نڪرڻ مهل ساڍا ڏهه ٿي رهيا هئا، رستي تي هڪ هوٽل وٽ حسن ڪار روڪي ڪجهه کائڻ لاءِ وٺڻ چاهيو جيئن رات جي وقت ٻين جي گهر پهچڻ تي هنن کي تڪليف نه ٿئي. ان ريسٽورنٽ ۾ مختلف قسمن جا ميوا انهن جون رسون Juices ۽ ڪڪڙ ۽ ڳائي جو شاورما وڪامي رهيو هو. شاورما عرب دنيا جو خالص ڪواب جو ڊش آهي. لوهي شيخ تي چڙهيل گوشت کي اليڪٽريڪلي پچايو وڃي ٿو، ان بعد پڪل گوشت جو مٿيون تهه تکي ڇريءَ سان ڪوري سلاد ۽ چٽڻين سان گڏ ڊبل روٽيءَ جي وچ ۾ وجهي سئنڊوچ ٺاهيو وڃي ٿو. لبناني سيٺ اٺ کن شورما (سئنڊوچن) ۽ مئنگو جيوس جا پئسا وٺي گهربل شين جون Chits ڏنيون. انبن جي جيوس ته اتي جو اتي هڪ سوڊاني ڪم وارو ٺاهي رهيو هو، جنهن اٺ کن گلاسن جي جيوس هڪ وڏي پلاسٽڪ جي بوتل ۾ وجهي ڏني. مئي مهيني جا آخري ڏينهن هئا، حساب لڳايم ته پاڪستان يا انڊيا ۾ اڃان انب مارڪيٽ ۾ نه آيا هوندا، هي پڪ ڪينيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ جهڙن ملڪن جا انب هوندا، جتي اهڙي موسم آهي جو سال ۾ انب جو وڻ ٻه دفعا ٻور جھلي ٿو. مون سوڊانيءَ کان انهن انبن جو پڇيو.
    “مونکي پڪ نه آهي” هن وراڻيو. “پر گهڻي ڀاڱي فروٽ انبن، ڪيلن ۽ اسٽرابيري سيمت ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن مان اچي ٿو.”
    گذريل ڏهاڪو سالن ۾ ڀاڄين ۽ ميون ۾ ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جا ملڪ ڪيترن ايشيائي ملڪن کي ملهه ماري ويا آهن. ڪو زمانو هو جو فلپين جو ڪيلو، انڊيا ۽ پاڪستان جو انب ۽ مصر جو سنگتڙو يورپ جي ملڪن ۾ مشهور هو. پر هاڻ ڪيترن ئي ميون ۽ ڀاڄين ۾ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ گوءِ کڻي ويا آهن. اوچي جنس، صحيح ۽ سٺي پئڪنگ، وقت تي مال جو پهچاءُ ڪري هو هر ڳالهه ۾ مٿڀرا ٿي ويا آهن.
    شاورما (ڪواپ) ٺاهڻ تي مصري همراهه بيٺل هو ۽ ڊبل روٽيون ٺاهي ڏيڻ تي ملئي ڇوڪرو هو. سڄي سعودي عرب ۾ ڪيترائي انڊونيشئي نظر اچن ٿا، جو انڊونيشيا ۾ ڪافي غربت ۽ بيروزگاري آهي. ملائيشيا جون اهڙيون حالتون نه آهن، جو هو روزگار خاطر پرديس جا ڌڪا کائين. مون هن کان سندس ڳوٺ جو پڇيو ته ڪٿان جو آهين؟”
    “جوهور بارو-!” هن وراڻيو. ان ڳالهه مونکي ويتر تعجب ۾ وڌو جو جوهوربارو ته ملائيشيا جي امير شهرن مان آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي روزگار کان وڌيڪ ڀلاري شهر مديني ۾ رهڻ جو شوق هجي، واقعي خوش نصيب آهن، ههڙا ماڻهو جيڪي روضي پاڪ جي هيڏو ويجهو رهن ٿا، مون سامهون مسجد نبوي جي منارن ڏي ڏٺو، جيڪي مرڪزي بلبن جي تکي روشني ۾ ڏينهن جو ڏيک ڏئي رهيا هئا.
    دڪان تان پئڪ ماني وٺي حسن جي ڀيڻوئي عمر سريحي جي گهر پهتاسين، هو اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. سندن گهر پهرين ماڙ تي فلئٽ ۾ هو. خوش خيرعافيت ۽ ڪافيءَ جي دستوري دور بعد ماني جي لاءِ پلاسٽڪ جي چادر وڇائي وئي. مون (۽ حسن پڻ) اهو ئي سوچيو ته اسان جا آندل شاورما ۽ مئنگو جوس کائڻ لاءِ رکيا ويندا. پر اسان جي اچڻ جو ٻڌي عمر ماني جي بندوبست لاءِ نڪري ويو هو ۽ سڀ ڪجهه تيار ڪرائي آيو هو. پوءِ عربن جي روايتي دعوت وارو عربي ڀت، يعني وڏي ٿالهه ۾ اڇا چانور ان مٿان رڌل ٻڪرو اچي ويو. ان سان گڏ اسان وارو آندل شاورما پڻ. بک فقط عمر کي ئي هئي جو اسان ته گهڻو ڪجهه کائي پهتا هئاسين. تڪلف طور ڪجهه چانور ۽ شاورما مون به پليٽ تي رکي چانورن جا ڪڻا چڳڻ لڳس. هونءَ بک ۾ به اهو اڌ پڪو اڌ ڪچو گهيٽو (Lamb) کائڻ مون کان زور هو. ڪجهه چرٻي جي بوءِ ڪري اسين پاڪستاني رڍ کائڻ پسند نٿا ڪريون، ٻڪري جو گوشت ضرور شوق سان کائون ٿا.
    مانيءَ بعد چانهه جو دور هليو. ان بعد حسن ۽ مون لاءِ اتي ئي ڊرائنگ روم ۾ هنڌ وڇايا ويا. ان وقت ڏيڍ اچي ٿيو هو. چئين بجي فجر نماز تي هلڻو هو، بتيون وسائيندي ٻه ٿي رهيا هئا. مونکي ته سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا ننڊ به ايندي يا نه. ۽ جيڪڏهن ننڊ اچي به وئي ته فجر مهل ڪير اٿاريندو. پر آئون چپ رهيس، پڪ هيم ته عمر ئي اٿاريندو. هو ڪو به نماز جو وقت نٿو ڇڏي. آئون اهو سوچي ليٽي پيس ته رات جا نه پر منجهند جا ٻه ٿيا هجن ۽ مونکي ننڊڪرڻ بدران ائين ليٽي چيلهه سڌي ڪرڻي آهي. ڇو جو رات جي ننڊ ڪرڻ معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڪلاڪ ويا. ويتر اڄ ته سڄي ڏينهن جو ٿڪ هو سو سمهڻ سان بيهوش ٿي وڃڻ جو انديشو هو. ان ڪري اڌ جاڳ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪيم. ڄڻ ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ايندڙ طوفان کان جهاز کي اڪارڻو آهي، بهرحال ليٽي ليٽي دعائون گهرندو رهيس ته فجر نماز مسجد نبوي ۾ پڙهڻ جو موقعو ملي. رکي رکي اک لڳي به وئي ٿي پر پندرهن ويهن منٽن بعد اک کلي ٿي ۽ يڪدم واچ ۾ وقت ڏٺم ٿي. ان دوران حسن کي جاڳندو ۽ باٿ روم ويندو ڏٺم. وري اک لڳي وئي ۽ کلي ته ان وقت ساڍا ٽي ٿيا هئا ۽ هاڻ وڌيڪ سمهڻ بدران نماز جي تياري لاءِ اٿيس. باٿ روم هڪڙو ئي هو سو ان ئي وقت حسن کي به اٿارڻ بدران پهرين آئون هٿ منهن ڌوئي وضو ڪري ڪپڙا بدلائڻ لڳس، ٻاهر نڪتس ته حسن هلڻ لاءِ تيار بيٺو هو. مون کيس باٿ روم استعمال ڪرڻ جو اشارو ڪيو.
    “يار مان ستوئي نه آهيان، ماني گهڻي کائڻ ڪري بدهضمي ٿي پئي آهي. سوير وهنجي به چڪو آهيان ۽ هاڻي تنهنجو انتظار پئي ڪيم.” حسن وراڻيو.


    مسجد نبوي ۾ فجر نماز:

    اسان تکا تکا هيٺ لٿاسين، عمر فجر نماز جو وقت چار ٻڌايو هو ۽ هينئر چئن ۾ ڪي پنج منٽ مس هئا، خبر ناهي اٿڻ لاءِ هن چئين جو ٽائيم ٻڌايو يا ٻانگ جو يا نماز شروع ٿيڻ جو. اسان ڪار ۾ ويهي مسجد طرف روانا ٿياسين، جيتوڻيڪ حسن ته چيو هو ته ستين، اٺين، نائين ۽ ڏهين ذوالحج تي مديني ۾ گهٽ ماڻهو هوندا آهن ۽ سڄي رش مڪي ۾ هوندي آهي، پر مونکي ته هينئر به ماڻهن ۽ ڪارن جي رش ڏسي تعجب لڳو. حسن ڪار کي پارڪ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا، پر مديني جي ان حصي جي ڪنهن به گهٽيءَ ۾ جاءِ نه پئي ملي. مؤذن الله اڪبر الله اڪبر چيو، پهرين مون سمجهيو ٻانگ ٿو ڏئي، پر پوءِ اهو معلوم ڪري ته نماز لاءِ تڪبير هڻي رهيو آهي، سخت پريشان ٿياسين ته هاڻي ڪار مان ڪيئن جان ڇڏائجي. ماڻهو چوڌاري مسجد طرف ڊوڙي رهيا هئا، “ڪاش اسان به بنا ڪار جي اچون ها ته سٺو هو.” مون حسن کي چيو ۽ کيس رستي تي ئي ڪار ڇڏي نماز تي هلڻ لاءِ صلاح ڏني، پر ڀر ۾ بيٺل شرطي (پوليس واري) اشاري سان اسان کي وچ رستي تي ڪار بيهارڻ کان جهليو.
    “ڏس ته صحيح ايترو به خيال نٿو اچيس ته اسان جي نماز هلي ويندي.” مون حسن کي چيو.
    “هن کي قانون جي ڪارروائي ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ رستي تي ٽرئفڪ جئم ناهي ڪرڻي. ڏوهه اسان جو آهي، اسان کي اڃان به اڳ نڪرڻ کتو ٿي” حسن چيو. اتي فندق النخيل وٽ ڪجهه جاءِ ملي وئي. جتي حسن جي پلنگ جيڏي يبوڪ ڪار پارڪ ٿي وئي ۽ اسان مسجد ڏي ڊوڙڻ لڳاسين. در وٽ پهچي مون شڪر جو ساهه کنيو ته هاڻ جماعت سان ملي وينداسين پر اندر تائين پهچڻ ۾ اڃان وڏو اڱڻ هو. پيش امام الحمد پورو ڪري هاڻي سورة الرحمان جو رڪوع پڙهڻ شروع ڪيو. مسجد کي چوڌاري دروازا آهن، جن مان مون ڏٺو ته انيڪ مرد توري عورتون مسجد جي اندرئين هال ڏي وڌي رهيون هيون، جيئن جماعت سان شامل ٿي سگهجي، هونءَ ته ڏينهن جو سخت گرمي ٿئي ٿي، پر ان وقت ڪافي ٺار هو. چوڌاري رات ۽ اوندهه هئي، پر مسجد ۾ ٻرندڙ انيڪ بلبن ۾ مسجد وارو حصو ائين لڳو ٿي ڄڻ ڏينهن هجي. جماعت سان ملڻ لاءِ حسن کان اڳيان ٿي آئون ڊوڙڻ لڳس، پر ترڪڻي فرش بابت مونکي حسن خبردار ڪيو. هونءَ جماعت سان نماز پڙهندي آءُ هر وقت اهو چاهيندو آهيان ته امام ننڍيون سورون پڙهي، پر اڄ خوش ٿي رهيو هوس ته چڱو جو امام وڏي سوره کنئي آهي. چوڌاري ماڻهن جي تکي تکي هلڻ جو آواز ۽ امام جو آواز هو، جيڪو بيحد سريلي آواز ۾ “فباي آلاءِ ربڪما تڪذبان.” چئي رهيو هو. اسان جي باوجود تکي هلڻ جي به اسان پهرين رڪعت ۾ جماعت سان گڏجي نه سگهياسين. بهرحال ٻي رڪعت امام سان گڏ پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي.
    فجر نماز بعد حسن چيو ته عيد نماز ٻن ڪلاڪن بعد ٿيندي، هاڻ چئين ته واپس هلون ان بعد اچون يا ويٺا هجون.
    “بهتر ٿيندو ته ويٺا هجون.” مون وراڻيومانس ۽ مون ڏٺو ته فجر تي آيل ماڻهن جو اسي سيڪڙو کن اسان وانگر ئي ويٺو رهيو ۽ پوءِ عيد نماز تائين ماڻهو ايندا ئي رهيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي مسجد ڀرجي وئي. عرب، غير عرب، اڇا، ڪارا، شلوار قميصن ۾ پاڪستاني هندستاني، پتلونن ۽ جين ۾ ايراني، ترڪ، ملئي، چيني، برمي، يورپي خبر ناهي ڪهڙن رنگن، قد بتن ۽ پوشاڪن ۾ ماڻهو هئا. اسان کي کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڇٽين هيٺان جاءِ ملي وئي. صبح جي ٿوري اڇاڻ ٿيڻ تي ڇٽيون بند ٿي ويون، يعني اهو حصو بنا ڇت جي ٿي ويو، حسن ٻڌايو ته اس تکي ٿيڻ مهل اهي ڇٽيون وري بند ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي Electrically Controlled آهن.


    عيد نماز

    عيد نماز ۾ اڃان به ڪلاڪ کن هو. مون حسن کي اڳيان وڃي روضو پاڪ ڏسڻ جو خيال ڏيکاريو.
    “وڃين ته ڀلي وڃ پر هن وقت مشڪل اٿئي، ظهر نماز تي ئي وڃي سگهندين، جو هن وقت بيحد گهڻي رش آهي.” حسن چيو. پر مون اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. عيد نماز لاءِ صفون ٺاهي ماڻهو هڪ ٻئي جي ڀر ڀر ۾ ايترو ته سوڙهو ٿي بيٺل هئا جو ڏاڍي مشڪل بعد اٺ ڏهه صفون کن مس اڳتي وڌي سگهيس، مجبوراً پٺتي موٽيس جو حسن جي ڀر ۾ رکيل جاءِ وڃڻ جو به انديشو هو ۽ هن وقت منهنجو حسن سان گڏ ويهڻ ضروري هو، جو اڃان گهر موٽڻ وارو رستو ياد نه ٿيو هوم. واپس پنهنجي جاءِ ڏي وڃڻ وقت هڪ هنڌان لنگهي رهيو هوس ته ٻه همراهه سنڌي ٽوپين ۾ ويٺل ڏسي کين سلام ڪري پڇيومان ته هو ڪٿي جا آهن. “اسين عمراڻي آهيون، حيدرآباد جا، هتي نوڪري ڪريون ٿا.” هنن ٻڌايو.
    سندن ڀر ۾ ترڪ ويٺل هئا، انهن جي پويان عرب، انهن جي پويان روس جا ڪنهن آذربائيجان جهڙي رياست جا همراهه. آخر اچي حسن جي ڀرسان ويٺس.
    “اڳتي وڃي نه سگهيس. واقعي ڏاڍا ماڻهو آهن.” مون حسن کي چيو.
    “هونءَ ته ايترا نه هجن ها، پر عيد نماز ڪري نه فقط مديني شهر جا پر اوسي پاسي جا رهاڪو به اڄ آيا آهن.” حسن ٻڌايو.
    اسين عيد نماز شروع ٿيڻ تائين قرآن شريف کڻي پڙهندا رهياسين. ٻيا انيڪ آيل نمازي پڻ قرآن پڙهندا رهيا. قرآن شريف جون هزارين ڪاپيون چوڌاري ٿنڀن وٽ ٺهيل مدنن تي رکيل هيون. حسن هڪ پنهنجي لاءِ ۽ هڪ مون لاءِ کڻي آيو. مون پنهنجي ڪاپي بدلائي ٻي کڻي آيس، جيڪا اسان پاڪستانين لاءِ ڇپيل آهي. حسن کي چيم ته ٻئي عربي ۾ آهن، پر اسان جيڪو قرآن شريف پڙهون ٿا ان تي زير زبرون وغيره چٽي طرح ڏنل آهن ۽ اسان کي اهو پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، مونکي ڪنهن ٻڌايو ته سعودي حڪومت سڀ هڪ جهڙا قرآن شريف ڇپائڻ چاهيا ٿي پر پوءِ ان ۾ جنرل ضيا جي ڪوششن سان سعودي حڪومت ڳالهه مڃي ۽ اسان لاءِ اهي ڇپرايا جيڪي اسين پاڪستان ۾ تاج ڪمپنيءَ ۽ ٻين ڪمپنين جا ڇپيل قرآن پڙهون ٿا، مونکي به ان ڳالهه جو پهرين احساس نه هو، پوءِ ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ سعودي عرب جي سفارت خاني جي عرب سفير ڪنهن دعوت ۾ مونکي قرآن شريف جو تمام وڏو ڇاپو ڏنو جيڪو مون پڦي کي اچي ڏنو، جيئن هن کي ان قرآن جا وڏا اکر هجڻ ڪري پڙهڻ ۾ آساني ٿئي. پر پوءِ هن ٻڌايو ته هن کي ان کان پاڪستاني ڇاپو پڙهڻ ۾ سولو لڳي ٿو، انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ به اهو پڙهيو وڃي ٿو. باقي سوڊان، لبيا، تيونيشيا، مصر جهڙن ملڪن ۾ جتي عربي ڳالهائي وڃي ٿي، اتي سعودي عرب وارو ڇاپو پڙهيو وڃي ٿو. جو ڪنهن ڪنهن اکر مٿان زير زبر نه آهي، ته به عربي سمجهڻ ڪري هنن کي پڙهڻ ۾ تڪليف نٿي ٿئي.
    عيد نماز ۽ خطبي بعد ماڻهن جي رش گهٽڻ لڳي. ذوالحج جي عيد ڪري ڪيترن کي قربانيءَ لاءِ وڃڻو هو. ٻين کي پنهنجن ڏورانهن ڳوٺن ڏانهن. جيتوڻيڪ اڃان سون جي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا .پر اهي ايترا نه هئا جو اڳتي روضي پاڪ ڏي هلي نه سگهجي. عيد نماز بعد نه حسن ڀاڪر پائي عيد مبارڪ ڪئي ۽ نه مون ۽ نه ٻين ڪيترن ملڪن جي ماڻهن. جيتوڻيڪ آئون غور سان ڏسي رهيو هوس ته هتي جيڪا رسم هجي، هڪ ڀاڪر يا ٽي ڀاڪر پائي يا هٿ ملائي ملڻ جي آئون به ائين ڪريان. پر هتي جي عربن اهڙو ڪو به وهنوار يا ريت رسم نه ڏيکاري، ان مان لڳو ته اهي ٽي دفعا ڀاڪر پائي عيد ملڻ اسان وٽ پاڪستان هندستان ۾ ئي رسم آهي. جنهن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي. ها، هڪ ڳالهه البت نوٽ ڪيم، چيو ويندو آهي ته عيد نماز بعد عيد جو خطبو ٻڌڻ به اوترو ئي ضروري آهي جيتري عيد نماز. مون ملائيشيا توڙي سئيڊن جي مسجدن ۾ عيد نماز پڙهڻ وقت ڏٺو ته نماز پوري ٿيڻ بعد واقعي هر هڪ نمازي پنهنجي جاءِ تي ويهي خاموشي سان خطبو ٻڌو ٿي. هتي مديني جي هن اهم مسجد نبوي ۾ به نماز بعد سڀ پنهنجي جاءِ تي خطبو ٻڌي رهيا هئا. پر وچ وچ تي ڪجهه همراهه اٿي کڙا ٿيا ٿي ۽ ٽي ٽي دفعا ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي عيد مبارڪون ڏين لڳا، اهي سڀ سٿڻن قمصين ۾ هئا. يعني اسان جا پاڪستاني ئي هئا. گهڻا تڻا پنجاب پاسي جي ٻهراڙين جا هئا، جن کي لڳي ٿو ته ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي، اسان جي ڳوٺ هالا ۾ به عيد نماز ختم ٿيڻ سان ڪيترا ٻهراڙي کان آيل بنا خطبي ٻڌڻ جي اٿي کڙا ٿيندا آهن.
    منهنجو عرب دوست حسن، ٻيا عرب ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جا ماڻهو نه ڪنهن سان مليا ۽ نه وري مون ئي ڪنهن سان ملي عيد مبارڪ ڪئي. ها البت اڳئين ۽ وچين نماز تي مونکي جيڪو سنڌي ٽوپي، پٽڪي يا سنڌي ڳالهائيندي مسجد اندر يا ٻاهر مليو ٿي ته ان کي هڪ ڀاڪر پائي عيد مبارڪ ڪري خبر چار پڇيم ٿي ته هو سنڌ جي ڪهڙي شهر جو آهي ۽ ڇا ڪري ٿو. گهڻا تڻا اتر سنڌ جي ڳوٺن جا هاري نظر آيا، جيڪي هتي مديني ۾ يا ان جي آس پاس کجيءَ جي باغن ۾ ڪم ڪن ٿا.


    مسجد نبوي تاريخ جي روشنيءَ ۾

    حضور صلعم جن کي جڏهن رب پاڪ طرفان هجرت جو حڪم ٿيو ته نبوت جو اهو تيرهون سال ۽ صفر جو مهينو هو يعني سن 622 جي 12 سيپٽمبر واري رات جو حضور صلعم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ مڪو ڇڏي غار ثور ڏي روانا ٿيا. ڪافرن جي حملي کان بچڻ لاءِ پاڻ ان غار ۾ ٽي راتيون رهيا. ٽن راتين بعد پاڻ مديني شريف (يثرب) ڏي روانا ٿيا. 23 سيپٽمبر 622 تي پاڻ مديني شهر کان ٽي ميل کن اورتي قبا نالي جاءِ تي پهتا، جتي حضرت عمر بن عوف حضو رجن جي مهماني ڪئي. هيءَ اها جاءِ آهي جتي اسلام جي سڀ کان پهرين مسجد (مسجد قبا) جو بنياد رکيو ويو. اها مسجد اهم سمجهي وڃي ٿي. منهنجي عرب ميزبان حسن ٻڌايو ته حضور صلعم جن جڏهن مديني ويجهو (مسجد قبا وٽ) پهتا ته مديني شهر جا ماڻهو سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اتي پهتا. ساڻن گڏ شهر جا ٻار به مليا هئا. جن خوشيءَ وچان دڦ تي جيڪي راڳ ڳايا اهي اڄ به ٻارن کي ياد آهن ۽ ڳائيندا رهن ٿا:
    طلع البدر علينا، من ثنيات الوداع،
    وجب الشڪر علينا، مادعيٰ داع
    ايها المبعوت فينا، جئت بالامر بالمطاع
    جئت شرفت المدينه، جئت يا خير داع.....
    حضور صلعم جن سومر ڏينهن قبا ۾ پهتا هئا، ان بعد جمع ڏينهن مديني جي ماڻهن سان گڏ مديني شهر روانا ٿيا. رستي تي جمعي نماز جو وقت ٿيو ته پاڻ نماز پڙهايائون ۽ خطبو ڏنائون.
    مديني منوره ۾ حضور صلعم جن جو شاندار استقبال ٿيو. هر هڪ اهو چاهيو ٿي ته حضور صلعم جن هن جا مهمان ٿين، نيٺ اهو ئي فيصلو ته اٺڻي (ڏاچيءَ) جي مهار ڇڏي ڏجي. هوءَ جيڏانهن وڃي تيڏانهن وڃڻ ڏجيس ۽ ڏسجي ته ڪٿي ٿي ويهي. اها ڏاچي سڀ کان اڳ ان جاءِ تي اچي ويٺي جتي هينئر مسجد نبوي آهي، پر اڃان حضور جن ان تان لٿا ئي مس ته ڏانچي وري هلڻ لڳي ۽ بنو نجار جي پاڙي ۾ حضرت ايوب انصاري رضه جي گهر جي سامهون اچي ويٺي.
    مديني شهر ۾ جيڪو سڀ کان پهريون ڪم حضور جن شروع ڪرايو اهو مسجد ٺهرائڻ جو هو. مسجد لاءِ حضور صلعم جن اها جاءِ پسند ڪئي. جتي پهرين ڏانچي ويٺي هئي. اها زمين خريد ڪئي وئي ۽ مسجد جو بنياد حضور صلعم جن پنهنجن هٿن سان رکي ان جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو. مسجد نهايت سادگي سان ٺاهي وئي، ڀتيون ڪچين سرن جون ٺاهيون ويون. ڇت کجيءَ جي پنن جي ۽ ٿنڀا کجيءَ جي ٿڙن مان ٺاهيا ويا، هن مسجد جي ڊيگهه 105 فٽ ۽ ويڪر 90 فٽ ۽ ڇت ڏهه فٽن تي ٺاهي وئي. مسجد جي اڀرندي ڪنڊ وٽ هڪ ڇت وارو صفو ٺاهيو ويو. جتي سٺ ستر اهڙا اصحابي رهيا ٿي جن جو نه گهر هو ۽ نه ڪو روزگار، فقط علم دين ۽ فيض نبوي حاصل ڪرڻ لاءِ اتي ٽڪيل هئا. ان ڪري مسجد جو اهو حصو اڄ به اصحاب صفه کان مشهور آهي.
    قبلي جو رخ ان وقت تائين بيت المقدس يعني اتر طرف هو. ان ڪري اتر واري ڀت کي ڇڏي باقي ٽنهي ڀتين ۾ ٽي دروازا ڪڍيا ويا هئا. سترهن مهينا کن بيت المقدس ڏي منهن ڪري نمازون پڙهڻ بعد هجرت جي ٻئي سال الله تعاليٰ طرفان بيت الله شريف ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. تڏهن ڏکڻ وارو دروزاو بند ڪري اتر طرف هڪ دروازو ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ ڪلهه باب مجيدي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    خيبر جي لڙائيءَ جي فتح بعد حضور صلعم جن مسجد جي ڊيگهه ۾ 45 فٽ ۽ ويڪر ۾ 60 فٽن جو واڌارو ڪرايو ته مسجد چورس عمارت ٿي پئي. جنهن جو هر هڪ پاسو 150 فوٽ ٿيو ٿي.
    حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي دور خلافت ۾ هن مبارڪ مسجد ۾ ڪا به ردو بدل نه آندي وئي. حضرت عمر رضه سترهين هجري ۾ مسجد جي ڊيگهه 210 فٽ ويڪر 180 فٽ ڪرائي ۽ ڇهه دروازا ٺهرايا. موجوده باب الاسلام ۽ باب النساء ان دور جا يادگار آهن. البت مسجد جي سادگي اهائي قائم رهي.
    حضرت عثمان رضه 23 هجري ۾ خليفو ٿيو ته هن ڀتين ۽ ٿنڀن کي پٿرن سان ٺهرائي انهن تي گل چٽ ٺهرايا. قبلي ڏي ڀت کي اڳيان وڌائي ان هنڌ تي آندو جتي اڄ آهي. ان ڀت ۾ هڪ محراب به ٺهرايو. جيڪو اڄ به محراب عثمان رضه جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ اڏاوت سن 29 هجري ۾ شروع ٿي ۽ 30 هجري ۾ ختم ٿي.
    ان کانپوءِ بنو اميه دور خلافت ۾، عمر بن عبدالعزيز سن 88 هجري ۾ وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ مسجد کي وڏو ۽ سهڻو بڻايو ۽ مسجد جي ڊيگهه 300 فٽ ۽ ويڪر 250 فٽ ڪرائي، ٿنڀ سنگ مرمر جا ٺهرايا. ڇت تي به سون جو پاڻي لڳرائي نقاشي ڪرائي. هي ڪم 91 هجري تائين جاري رهيو.
    ان بعد عباسي خليفن به هن مسجد جي واڌاري ۾ ڪجهه حصو ورتو. خاص ڪري اڱڻ تمام وڏو ڪرايو . ان بعد تقريباً ست سؤ سالن تائين مسجد ان ئي حالت ۾ قائم رهي. مهدي عباسيه 161 هجري ۾ مسجد جو اڱڻ وڌرايو ان بعد 678 هجري ۾ تلائون صالحيءَ ٽامي جي ڄارين سان گڏ قبو خضرا ٺهرايو. جيڪو مسجد جي ڇت کان مٿاهون آهي ۽ اڄ تائين ان حالت ۾ آهي.
    888 هجري ۾ مصر جي قاتبيا بادشاهه روضي شريف جي فرش کي تبرڪ طور ان قديم حالت ۾ ڇڏي باقي جي ڪافي مرمت ڪرائي، ان بعد سلطان سليمان روميءَ ڏهين صدي جي وچ ڌاري روضي مبارڪ ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳرايو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.
    حجري شريف ۾ سرنگ لڳائڻ جو واقعوسن 557 هجري ۾ ٿيو. هي ماڻهو عيسائي هئا، جن سرنگ ذريعي جسم مبارڪ کي کڻي وڃڻ چاهيو ٿي. پر هو پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيا. ان بعد مصر جي بادشاهه نورالدين حجري جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽائي ان کي ڌاتوءَ سان ڀرائي ڇڏيو. جيئن ڪو به قبر تائين پهچي نه سگهي.
    ترڪن جي دور ۾ به مسجد مبارڪ ۾ چڱو خاصو واڌارو ٿيو. ترڪ جيڪي پنهنجو پاڻ کي خدامِ ڪعبه سڏائيندا هئا، مسجد نبوي جي اندروني حصي جو شان اڄ تائين انهن جي ياد ڏياري ٿو. ڳاڙهي رنگ جا ٿنڀا ۽ انهن تي سونهري گل چٽ انهن جي زماني جو ئي يادگار آهن.
    ان بعد سلطان عبدالعزيز ابن سعود مرحوم 1368 هجري ۾ مسجد جي آسپاس جي گهرن ۽ دڪانن کي خريد ڪري ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪرايو. 1372هجري ۾ سلطان سعود بن عبدالعزيز مديني منوره اچي هن ڪم جي شروعات ڪرائي، مسجد جي واڌري ۾ هڪ خاص ڳالهه ياد رکڻ ضروري آهي ته اصل مسجد ۽ ان جون مقدس جايون جهڙوڪ روضه اقدس، گنبذ خضرا، حجره مبارڪ، مقصوره شريف، اصحابِ صفه جو ورانڊو ۽ ٻيون تاريخي شيون انهي اصلي حالت ۾ رکيون ويون آهن، انهن ۾ ٿورو به ڦيرڦار نه آندي وئي آهي. مسجد کي وڏو ڪرڻ ڪري پهرين هن کي پنج دروازا هئا، هاڻ ڏهه ڪيا ويا آهن، ترڪي جي سلطان عبدالمجيد جي ياد ۾ بابِ مجيدي کي جيئن جو تيئن ڇڏيو ويو آهي. پهرين مسجد نبوي ۾ پنج منارا هئا، هاڻ ان جي چئن ڪنڊن تي چار منارا آهن.


    ٽَڪُ ونگي ور گهڻا....

    عيد نماز بعد حسن سان گڏ مسجد جي اڳئين حصي تائين آيس. حسن ٻڌايو ته هيءَ اها جاءِ آهي جتي حضور صلعم جن بيهي خطبو ڏيندا هئا ۽ نماز پڙهائيندا هئا. پاڻ ٻڌائين ته ان هنڌ کان سندن روضي پاڪ تائين جي حصي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ٽڪرو جنت جو ٽڪرو آهي. اسان روضي پاڪ جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ماڻهن جي گهڻي رش ۾ اسان اڳتي وڌي نه سگهياسين. حسن پري کان بيهي دعا گهرڻ لاءِ چيو.
    “ٻين کي ڌڪا ڏئي اڳتي وڌڻ بدران پاڻ هتي بيهي به دعا گهري سگهون ٿا.” حسن چيو.
    ان بعد اسان گهر موٽياسين، حسن جو ڀيڻويو ان وقت اسان لاءِ نيرن جو ڪجهه سامان وٺي گهر ۾ گهڙي رهيو هو. هن شايد ڪنهن ٻي ڀر واري مسجد ۾ فجر ۽ عيد نماز پڙهي هئي. نيرن لاءِ پٽ تي وڇايل غاليچي مٿان پلاسٽڪ جي چادر وڇائي وئي، جنهن مٿان مختلف قسمن جا پنير، ماکي، ڪتل، ڌورو ۽ کير رکيو ويو. ٻين لاءِ سليماني چانهه مون لاءِ کير واري چانهه آئي. حسن جو پيٽ اڃان صحيح نه هو، تنهن گراهه اڌ کائي بس ڪئي. مون ماکيءَ سان نان کاڌو ۽ پنهنجو ۽ حسن جي حصي جو ڌورو کاڌو. حسن مديني ۾ پنهنجي ٻئي ڀيڻوئي ۽ ٻين مائٽن سان عيد ملڻ چاهي ٿي. مونکان منهنجي مرضي پڇيائين ته آيا آئون به ساڻس هلندس يا گهر ۾ ترسندس.
    “تون ڀلي وڃ. تون سچو وقت انهن سان عربي ڳالهائيندين ۽ آئون بور ٿيندس. ان کان بهتر آهي آئون ٿوري دير سمهي پوءِ اڳئين نماز مسجد نبوي ۾ وڃي پڙهان.” مون حسن کي چيو.
    “اڪيلو مسجد تائين پهچي ويندين.؟” حسن پڇيو.
    “انشاءَالله تعاليٰ پهچي به ويندس ۽ گهر تائين موٽي به ايندس.” مون حسن کي پڪ ڏني.
    “وري به رستو نه ڳولي سگهين ته هنن نمبرن تي مونکي يا منهنجن ڀيڻوين سان Contact ڪجانءَ.” حسن چيو.
    حسن ۽ عمر ٻاهر نڪتا ته آئون چادر تاڻي سمهي رهيس. حسن جي ڀيڻ ۽ زال وئڪيوم ڪليئر کڻي ڊرائنگ روم صاف ڪرڻ لڳيون پر آئون ڪنڊ ۾ اکيون پوري سمهي رهيس. گهر جي صفائي بعد پوءِ هو ڪچن ۾ رڌ پچاءَ ۾ مشغول ٿي ويون. پئي ٿانون ۽ ديڳڙن جي ٺڪاٺوڪي ٿي. سمجهي ويس ته هتي يورپ وارو نه پر اسان پاڪستانين وارو نمونو آهي. بلڪ سنڌين وارو. جتي مرد ڪچهريون ڪن ۽ گهمن ڦرن ۽ سندن زالون، ڀيڻون، مائرون سڄو ڏينهن گهر جو پورهيو ڪن. پوءِ گهمي ڦري اچڻ تي پهرين مرد کائين پوءِ عورتون. ديڳڙن ۽ چمچن جي ٺڪاٺڪيءَ ۾ به مونکي ننڊ اچي وئي. رکي رکي ٿالهه يا ديڳڙي جو ڍڪ ڪِريو ٿي ته اک کلي ٿي، نه ته وري کونگهرن ۾ هوس جو هڪ ته سخت ٿڪ ۽ اوجاڳو هو ۽ ٻيو ڌورو حد کان وڌيڪ کاڌو هوم ان جا نشا هئا. اک کلڻ تي واچ ڏي ڏٺم ٿي ته ڪٿي اڳئينءَ نماز جو وقت نه نڪري وڃي ۽ هيڏي منزل ڪري هتي پهچڻ بعد نماز مسجد ۾ جماعت سان ادا ٿيڻ کان رهجي نه وڃان. جيڪي ماڻهو هتي رهيا پيا آهن. انهن لاءِ ته مڙيئي خير آهي. باقي مون جهڙا گنهگار جيڪي قسمت سان هتي اچن ٿا انهن کي هتي پهچي ائين ننڊون ڪرڻ نٿو جڳائي جو نماز جو وقت به هلي ويو ته پوءِ منهن ۾ ڇا رهندو.
    سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
    آرٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري! ڦوري سيئن،
    ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي-؟
    ۽ اسين گنگهار به سڄي عمر خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ڌڪا ٿاٻا کائي اچي هاڻ هن پٽ تي پيا آهيون، نه چڱي طرح نماز اچي ٿي نه قرآن، رول ٻار وانگر سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي موٽي اچي گهر جي چانئٺ تي پيا آهيون. ان ماڻهوءَ وانگر جنهن سڄي عمر ڪجهه نه سکيو هاڻ ڪهڙو پورهيو ڪري ڪمائي سگهندو.
    ٽَڪُ ونگي وَر گهڻان، ڪتيان ڪُڄاڙو؟
    ڪاپي مٿان ڪيترو، آڻيان اڌارو؟
    جي وَر ڏئي وارو، ته سونهان سرتين وچ ۾!


    سعودي عرب ۾ چوري نه برابر

    اڄ ڪلهه مديني ۾ اڳين نماز جو وقت ڏيڍ آهي. منهنجي اک کلي ته ساڍا ٻارنهن ٿي رهيا هئا. ائين لڳو ڄڻ پڪي ننڊ ئي هاڻي شروع ٿي هجي. دري جو پڙدو هٽائي ڏٺم. تکي روشني ۽ اڻ پوري ننڊ ڪري اکيون پوسرڻ لڳيون. دل ننڊ ڪرڻ تي چئي رهي هئي. ڪلاڪ کن ٻيو به جيڪر سمهي نماز هتي گهر ۾ يا گهر سامهون واري مسجد ۾ کڻي پڙهجي. ٻاهر نڪري مسجد نبوي تائين ته کڻي پڇائيندو پڇائيندو پهچي وڃان واپس هن گهر ڪئين پهچندس، جيڪو مسجد کان ڪافي پري آهي ۽ تمام سوڙهين گهٽين ۾ آهي. مسجد تائين خبر ناهي ڪيترو پنڌ آهي، ههڙي اس ۽ گرمي ۾ ايترو پنڌ ڪري به سگهندس يا نه ڇو جو ڪار رستي ته تمام وڏو رستو لڳو ٿي. دريءَ تي پڙدو ڏئي هڪ دفعو وري سمهي رهيس پر مزو نه آيو. ماڻهون سڄي عمر عبادتن ۾ گذاريو ڇڏين، پر هتي ميل پنڌ جو ڪري جماعت سان نماز نٿي پڙهي ٿئي. جهاز جي انجڻ روم ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ پنجيتاليهه ڇاهيتاليه ڊگريون گرميءَ ۾ بيٺي پير نوڪري ٿي سگهي ٿي. گهمڻ خاطر ممباسا، ڊڪار، مپوتو، ملاڪا جهڙن گرم شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلي سگهجي ٿو، پر هتي عبادت لاءِ نٿو نڪتو ٿئي. وڌ ۾ وڌ پنڌرهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ جيترو پنڌ ٿيندو. مٿي تي ڄاري واري آر جي اڇي ٽوپيءَ بدران رانديگرن واري ٽوپي پائي سگهجي ٿي. اڇي عينڪ بدران رنگين چشمو پائي سگهجي ٿو ۽ سڄي واٽ ته اس به نه هوندي. ڪٿي ته عمارتن ڀرسان ڇانوَ مان لنگهه ٿيندو ۽ رستي ڀلجڻ جي بچاءِ لاءِ پاڻ سان پنو پينسل کڻي نڪري سگهجي ٿو ۽ مسجد نبوي تائين رستي تي ايندڙ هر اهم دڪان عمارت يا ٻي پڪي نشاني نوٽ ڪندو وڃان. بهرحال ننڊ کان پاڻ آجو ڪريان نه ته پوءِ مهل وڃڻ بعد منهنجو ضمير مون کي ئي ملامت ڪندو. اسان ننڊن جي شوق ۾ عبادتون، پورهيا، ڊيوٽيون ڪم سڀ ڪجهه وڃايو ڇڏيون. شايد انهيءَ ڪري اسان جي شاعرن اسان کي ننڊ کان پاسو ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي جو اسان ننڊن جا وڏا شوقين ثابت ٿيا آهيون. شاهه لطيف به تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي مهل ويهڻ جي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊ ڪندي نه ملي جهڙا نياپا ۽ چتاء ڏنا آهن.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن شاهه لطيف ستو پيو هو ته هڪ ڀاڄيءَ واري اچي هوڪو ڏنو. پاڻ ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ويٺل فقيرن کي چيائون: “ٻڌانوَ ته هن ڇا چيو؟”
    ““سائين هو ته ڀاڄيون وڪڻي رهيو آهي سوئا، پالڪ ۽ چڪا.”
    “نه،” شاهه لطيف وراڻيو، “ستا پلڪ چڪيا.”
    بهرحال اکيون پوري سمهڻ بدران ڪجهه دير جاڳڻ ڪري هاڻ هوش اچڻ لڳو ۽ چادر پري ڪري اٿي ويٺس. حسن جو هنڌ سندس ڀيڻ يا زال ويڙهي ڪنڊ ۾ رکي وئي هئي. مون اٿي بيهي چادر ۽ کيس نما اوڍڻي تهه ڪئي، ان مٿان وهاڻو ۽ ان مٿان اسپنج جو گاديلو چئوڻو ڪري ٺاهي رکيم. سعودي عرب ۾ جپانين واري هي ڳالهه مون کي وڻي ته هو گهڻو تڻو پٽ تي ويهي ماني کائين ٿا ۽ پٽ تي سمهن ٿا. ڇا جا ڳرا پلنگ ۽ کٽون ۽ ڇا جا ڊائننگ ٽيبل ۽ منگهڻن هاڻيون ڪرسيون. مهمانن لاءِ هر گهر ۾ سنها اسپنج (فوم) جا ڇهه ست گاديلا ٿين، جيڪي اسٽور روم ۾ اڀا ڪري رکن. جيترا مهمان اچن اوترا اهي گاديلا ڪڍي هر هڪ کي ڏين، جن مٿان چادر ۽ هڪ وهاڻو رکي مرد ڊرائينگ روم ۾ ۽ زالون بيڊ روم ۾ ماچيس جي تيلين وانگر قطار ۾ سمهن. انهن گاديلن جي ٿولهه ٽي انچ کن ٿئي. ڊيگهه ڇهه فٽ ۽ ويڪر ٻه فوٽ کن.
    پنهنجو هنڌ پاسي تي رکي ايئرڪنڊيشنر بند ڪيم ۽ وضو ڪري گهر کان ٻاهر نڪتس. سعودي عرب ۾ لڳي ٿو ته چوري نه برابر آهي ۽ سيڪيورٽي، سيفٽي ايتري حد درجي جي آهي جو هي ته پاڪ شهر مدينو آهي، پر ينبو جهڙي بندرگاه ۾ به گهرن جا در ـ مين گيٽ کان اندرين بيڊ روم تائين ۽ اسٽور روم جا دروازا کليا پيا آهن. مهمان ته ڇا گهر جا ڀاتي به هليا ويندا آهن ته به تالي جي ضرورت ناهي. اها هڪ وڏي ڳالهه آهي، جيڪا دنيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي. ڪو کڻي ڇا به چئي پر سعودي عرب ۾ چوري چڪاري ناهي. ڇو نه آهي ان جو سبب خدا جو خوف سمجهو يا ڏوهه جي جهٽ پٽ سخت سزا (هٿ ڪپڻ) پر ڪنهن طريقي سان Law & Order جي حالت مضبوط آهي. پوليس واري (شرطي) جي نالي سان چڱن خاصن جو ساهه ٿو وڃي. پوليس جو ڪو وڏو آفيسر ته ڇا جونئير ٽيٽيهرن جهڙا ڇوڪرا جن جو نه قد بت آهي نه رعب تاب پر پوليس جي وردي ۾ ملبوس هجڻ ڪري وڏا وڏا داداگير (هتي جا يا اسان جي ملڪ جا) انهن کان ڪن ٿا هڻن ۽ هتي شرافت جا پتلا بڻجيو هلن ٿا.
    سو ڪمرو ڇڏڻ مهل ضروري ناهي ته گهر جي مالڪن کي ٻڌائجي ته آئون وڃان پيو، پٺيان منهنجو ۽ توهان جو قيمتي سامان پيو آهي ان جو خيال ڪجو يا در کي لاڪ ڪري ڇڏجو. ها اچڻ وقت در تي ڪڙو هڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن گهر ۾ رهندڙ عورتون چڱي طرح پڙدو ڪري سگهن. ان بعد ڪاٺ جي ڦيرڻي يا ٻاهر لڙڪندڙ رسي ذريعي اندريون ڪنڍو کولي اندر اچي سگهجي ٿو.


    سعودي عرب ۾ چوري نه برابر

    اڄ ڪلهه مديني ۾ اڳين نماز جو وقت ڏيڍ آهي. منهنجي اک کلي ته ساڍا ٻارنهن ٿي رهيا هئا. ائين لڳو ڄڻ پڪي ننڊ ئي هاڻي شروع ٿي هجي. دري جو پڙدو هٽائي ڏٺم. تکي روشني ۽ اڻ پوري ننڊ ڪري اکيون پوسرڻ لڳيون. دل ننڊ ڪرڻ تي چئي رهي هئي. ڪلاڪ کن ٻيو به جيڪر سمهي نماز هتي گهر ۾ يا گهر سامهون واري مسجد ۾ کڻي پڙهجي. ٻاهر نڪري مسجد نبوي تائين ته کڻي پڇائيندو پڇائيندو پهچي وڃان واپس هن گهر ڪئين پهچندس، جيڪو مسجد کان ڪافي پري آهي ۽ تمام سوڙهين گهٽين ۾ آهي. مسجد تائين خبر ناهي ڪيترو پنڌ آهي، ههڙي اس ۽ گرمي ۾ ايترو پنڌ ڪري به سگهندس يا نه ڇو جو ڪار رستي ته تمام وڏو رستو لڳو ٿي. دريءَ تي پڙدو ڏئي هڪ دفعو وري سمهي رهيس پر مزو نه آيو. ماڻهون سڄي عمر عبادتن ۾ گذاريو ڇڏين، پر هتي ميل پنڌ جو ڪري جماعت سان نماز نٿي پڙهي ٿئي. جهاز جي انجڻ روم ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ پنجيتاليهه ڇاهيتاليه ڊگريون گرميءَ ۾ بيٺي پير نوڪري ٿي سگهي ٿي. گهمڻ خاطر ممباسا، ڊڪار، مپوتو، ملاڪا جهڙن گرم شهرن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلي سگهجي ٿو، پر هتي عبادت لاءِ نٿو نڪتو ٿئي. وڌ ۾ وڌ پنڌرهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ جيترو پنڌ ٿيندو. مٿي تي ڄاري واري آر جي اڇي ٽوپيءَ بدران رانديگرن واري ٽوپي پائي سگهجي ٿي. اڇي عينڪ بدران رنگين چشمو پائي سگهجي ٿو ۽ سڄي واٽ ته اس به نه هوندي. ڪٿي ته عمارتن ڀرسان ڇانوَ مان لنگهه ٿيندو ۽ رستي ڀلجڻ جي بچاءِ لاءِ پاڻ سان پنو پينسل کڻي نڪري سگهجي ٿو ۽ مسجد نبوي تائين رستي تي ايندڙ هر اهم دڪان عمارت يا ٻي پڪي نشاني نوٽ ڪندو وڃان. بهرحال ننڊ کان پاڻ آجو ڪريان نه ته پوءِ مهل وڃڻ بعد منهنجو ضمير مون کي ئي ملامت ڪندو. اسان ننڊن جي شوق ۾ عبادتون، پورهيا، ڊيوٽيون ڪم سڀ ڪجهه وڃايو ڇڏيون. شايد انهيءَ ڪري اسان جي شاعرن اسان کي ننڊ کان پاسو ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي جو اسان ننڊن جا وڏا شوقين ثابت ٿيا آهيون. شاهه لطيف به تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي مهل ويهڻ جي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊ ڪندي نه ملي جهڙا نياپا ۽ چتاء ڏنا آهن.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن شاهه لطيف ستو پيو هو ته هڪ ڀاڄيءَ واري اچي هوڪو ڏنو. پاڻ ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ويٺل فقيرن کي چيائون: “ٻڌانوَ ته هن ڇا چيو؟”
    ““سائين هو ته ڀاڄيون وڪڻي رهيو آهي سوئا، پالڪ ۽ چڪا.”
    “نه،” شاهه لطيف وراڻيو، “ستا پلڪ چڪيا.”
    بهرحال اکيون پوري سمهڻ بدران ڪجهه دير جاڳڻ ڪري هاڻ هوش اچڻ لڳو ۽ چادر پري ڪري اٿي ويٺس. حسن جو هنڌ سندس ڀيڻ يا زال ويڙهي ڪنڊ ۾ رکي وئي هئي. مون اٿي بيهي چادر ۽ کيس نما اوڍڻي تهه ڪئي، ان مٿان وهاڻو ۽ ان مٿان اسپنج جو گاديلو چئوڻو ڪري ٺاهي رکيم. سعودي عرب ۾ جپانين واري هي ڳالهه مون کي وڻي ته هو گهڻو تڻو پٽ تي ويهي ماني کائين ٿا ۽ پٽ تي سمهن ٿا. ڇا جا ڳرا پلنگ ۽ کٽون ۽ ڇا جا ڊائننگ ٽيبل ۽ منگهڻن هاڻيون ڪرسيون. مهمانن لاءِ هر گهر ۾ سنها اسپنج (فوم) جا ڇهه ست گاديلا ٿين، جيڪي اسٽور روم ۾ اڀا ڪري رکن. جيترا مهمان اچن اوترا اهي گاديلا ڪڍي هر هڪ کي ڏين، جن مٿان چادر ۽ هڪ وهاڻو رکي مرد ڊرائينگ روم ۾ ۽ زالون بيڊ روم ۾ ماچيس جي تيلين وانگر قطار ۾ سمهن. انهن گاديلن جي ٿولهه ٽي انچ کن ٿئي. ڊيگهه ڇهه فٽ ۽ ويڪر ٻه فوٽ کن.
    پنهنجو هنڌ پاسي تي رکي ايئرڪنڊيشنر بند ڪيم ۽ وضو ڪري گهر کان ٻاهر نڪتس. سعودي عرب ۾ لڳي ٿو ته چوري نه برابر آهي ۽ سيڪيورٽي، سيفٽي ايتري حد درجي جي آهي جو هي ته پاڪ شهر مدينو آهي، پر ينبو جهڙي بندرگاه ۾ به گهرن جا در ـ مين گيٽ کان اندرين بيڊ روم تائين ۽ اسٽور روم جا دروازا کليا پيا آهن. مهمان ته ڇا گهر جا ڀاتي به هليا ويندا آهن ته به تالي جي ضرورت ناهي. اها هڪ وڏي ڳالهه آهي، جيڪا دنيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي. ڪو کڻي ڇا به چئي پر سعودي عرب ۾ چوري چڪاري ناهي. ڇو نه آهي ان جو سبب خدا جو خوف سمجهو يا ڏوهه جي جهٽ پٽ سخت سزا (هٿ ڪپڻ) پر ڪنهن طريقي سان Law & Order جي حالت مضبوط آهي. پوليس واري (شرطي) جي نالي سان چڱن خاصن جو ساهه ٿو وڃي. پوليس جو ڪو وڏو آفيسر ته ڇا جونئير ٽيٽيهرن جهڙا ڇوڪرا جن جو نه قد بت آهي نه رعب تاب پر پوليس جي وردي ۾ ملبوس هجڻ ڪري وڏا وڏا داداگير (هتي جا يا اسان جي ملڪ جا) انهن کان ڪن ٿا هڻن ۽ هتي شرافت جا پتلا بڻجيو هلن ٿا.
    سو ڪمرو ڇڏڻ مهل ضروري ناهي ته گهر جي مالڪن کي ٻڌائجي ته آئون وڃان پيو، پٺيان منهنجو ۽ توهان جو قيمتي سامان پيو آهي ان جو خيال ڪجو يا در کي لاڪ ڪري ڇڏجو. ها اچڻ وقت در تي ڪڙو هڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن گهر ۾ رهندڙ عورتون چڱي طرح پڙدو ڪري سگهن. ان بعد ڪاٺ جي ڦيرڻي يا ٻاهر لڙڪندڙ رسي ذريعي اندريون ڪنڍو کولي اندر اچي سگهجي ٿو.


    مسجد نبوي ڏي رستو

    منهنجي دوست حسن جي ڀيڻوئي عمر جي فلئٽ مان هيٺ لهي رستي تي آيس. منجهند جي وقت سخت گرميءَ ڪري سعودي عرب ۾ رستن جو اهو عالم هوندو آهي جيڪو سياري ۾ يورپ جي رستن جو آڌيءَ رات جو! سعودي عرب ۾ زندگي سج لٿي کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. سنڌ جا رهاڪو سعودي عرب جون ٽاڪ منجهندون چڱي طرح تصور ڪري سگهن ٿا جو سنڌ ۾ به اهو ئي حال ۽ اها ئي گرمي آهي. فرق فقط اهو آهي جو سنڌ ۾ چيڪي مٽي ۽ گهٽ گهوٽيءَ ۾ هڪ اڌ وڻ ٽڻ آهي ۽ هتي ڪجهه به نه ۽ زمين پٿرائين يا ريتيءَ هاڻي آهي، جن جيCrystal نموني جي ذرڙن تي سج جي روشني وڌيڪ reflect ٿي اکين ۾ چڀڳ ٿي. ان ڪري اونهاري ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙن لاءِ اس جو چشمو ايترو ئي ضروري آهي جيترو سياري ۾ يورپ جي برفاني ملڪن ۾ جتي اس جا ڪرڻا برف تان reflect ٿي اکين کي ڇيهو رسائي سگهن ٿا. خاص ڪري سج جي روشني ۾ موجود Ultra violet يا Infra red قسم جا شعاعي ڪرڻا ـ جيڪي هڪ ننڍڙي ليول تائين جتي جسم لاءِ فائيديمند آهن، اتي انهن جي گهڻائي جسم لاءِ نقصانڪار آهي.
    گهر مان نڪرڻ وقت سوچيو هوم ته پنهنجي اندازي موجب روانو ٿيڻ بدران وقت بوقت ماڻهن کان پڇندو صحيح ۽ سڌو رستو وٺي مسجد نبوي تائين ويندس، جيئن واپسي تي به اهو ئي وٺي اچان ۽ ٻين نمازن تي به اچڻ وڃڻ ۾ آساني رهي. پر هاڻ ٻاهر نڪرڻ تي ڪوبه ماڻهون ڇيڻو نظر نه آيو ۽ پنهنجي idea مطابق اڳتي وڌيس جيڪو دراصل ڪار رستي اچڻ لاءِ صحيح ۽ oneway رستو هو. چند قدم هلڻ تي ئي هڪ ڪار عمر جي گهر کان پنج ڇهه گهر پري واري در وٽ اچي بيٺي. منجهس پٽڪن سان سوڊاني عرب ٻارن سميت هئا، جيڪي قرباني جا ٻڪرا ذبح ڪرائي انهن جو گوشت کڻي موٽيا هئا. عراق جي لڙائيءَ کان پوءِ يمن، سوڊان ۽ اردن جي رهاڪن کي حج کان علاوه نوڪري يا گهمڻ جي ويزا تي بندش آهي، ڇو جو عراق، ڪويت ۽ سعودي عرب واري لڙائيءَ ۾ هنن عراقين جو پاسو کنيو هو ۽ کليو کلايو سعودي عرب جي خلاف ڳالهايو هو. “اسان کي ڪيترائي ثبوت آهن ته انهن ملڪن سمجهيو ته عراق، سعودي عرب تي به قبضو ڪري ويندو ۽ پوءِ سعودي عرب جا حصا پتيون ڪري کڻنداسين. پر ائين نه ٿيو. آمريڪا اسان جي مدد ڪئي ۽ عراق جنگ هارائي. اردن، فلسطين، يمن ۽ سوڊان جهڙا ملڪ ڏٺا ٿي پيا ۽ اسان کي به خبر پئجي وئي ته هو اسان جا همدرد نه آهن” هڪ سعودي عرب جي نيول آفيسر ٻڌايو.
    هاڻي انهن ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومتن کي ته مڙيئي خير آهي باقي اتي جي غريب عوام لاءِ اهو نقصان ٿيو آهي ته کين سعودي عرب ۾ ڪابه نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي اجازت ناهي. جيتوڻيڪ يمن وارن لاءِ سعودي عرب ته ڄڻ ٻيو گهر هو. کين ويزا جي به ضرورت نه هوندي هئي. ڪيترائي يمني سعودي عرب ۾ هميشه لاءِ رهيل هئا. عراق واري لڙائيءَ ۾ انهن مان وڏو حصو پنهنجو الهه تلهه کڻي يمن هليا ويا. هاڻ هو واپس سعودي عرب اچڻ لاءِ تمام گهڻو پڇتائين ٿا، پر سعودي عرب جي حڪومت ڪنهن قول کين واپس اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي. ان خيال کان ان وقت جي پاڪستاني حڪومت صحيح قدم کڻي سعودي عرب جو پاسو کنيو ۽ عراق جي ان جارحيت کي ننديو (جيتوڻيڪ پاڪستان جي ڪيترن شهرن جي عوام بيوقوفي ۽ جذبات ۾ اچي صدام جو پاسو کڻي هن جي حق ۾ نعرا هنيا هئا. حڪومت به جي ائين ڪري ها ته اڄ غريب پاڪستاني، سعودي عرب ۾ نوڪريون وڃائي ويهن ها.” بهرحال هي جيڪي سوڊاني يا يمني جيڪي سعودي عرب ۾ اڄ ڪلهه نظر اچن ٿا اهي هينئر جا آيل نه پر تمام پراڻا آهن ۽ ڪيترن جي ته سعودي Citizenship آهي. مون پاڙي ۾ رهندڙ هنن سوڊانين کان مسجد نبويءَ جو ڏس پڇيو، جن مونکي پٺئين پاسي ڏي مڙڻ لاءِ چيو جيڪو واقعي شارٽ ڪٽ هو ۽ شافعي نالي گهٽيءَ مان ٿي اچي مين روڊ تي پهتس ۽ هاڻي مونکي ساڄي پاسي وڃڻو هو، پر تنهن هوندي به رستي تان ٻن مصري ڪاسائين کان پڪ ڪيم جن جا اڇا ڪپڙا رت جي ڇنڊن سان ڀريل هئا ۽ هٿ ۾ ڪات ۽ ڪاتيون هيون. هو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ قربانيءَ جون ٻڪريون، ڍڳيون ۽ اٺ ڪهڻ لاءِ واجهائي رهيا هئا. اڄ جي ڏينهن تي ڪاساين جي ضرورت ڪري ڪيترا غير تجربيڪار به ڪوس ڪري پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن. في ٻڪري جي سئو ريال ڪهائي. ڪيترا ته کل منڍي ۽ گوشت به ڪاسائي حوالي ڪريو ڇڏي. هنن مون کي جنت البقيع وٺي اڳيان سنڌو وڃڻ جو اشارو ڪيو.جنت البقيع مديني منوره جو پراڻو قبرستان آهي، هن ۾ ڪيترائي هزار اصحاب سڳورا دفن ٿيل آهن. حضرت عثمان، حضرت سيد ابو سعيد خدري، حضرت خديجه ۽ ميمونا کي ڇڏي باقي حضور جن جون ازواج، حضرت امام حسن، حضرت امام زين العابدين، حضرت امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق، حضرت سيده فاطمه الزهرا، حضرت حليمه سعديه، حضور جن جون پڦيون، حضرت امام اسماعيل، مطلب ته حضور جن جو سمورو خاندان ۽ هزارين اصحابي سڳورا هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. آئون قبرستان جو ٻاهريون پاسو وٺي اڳيان اڳيان آيس. قبرستان ختم ٿيڻ بعد ڪجهه عمارتون جن ۾ آفيسون ـ خاص ڪري مختلف ملڪن جا قونصل خانا ۽ هوٽلون شروع ٿي ويون. انهن ۾ هڪ الجيريا جو قونصل خانو لڳو ٿي، جنهن جو وڏو جهندو سڄي عمارت تي پکڙيل هو. سامهون ٻه بنگالي نموني جا همراه اچي رهيا هئا. مون ساڻن بنگالي زبان ۾ ڪيمن آشين. ڀالو تو ـ خير خبر ڪئي ته هنن ٽٽل ڦٽل اڙدوءَ ۾ جواب ڏنو.
    “توهان ڪٿي جا آهيو ـ ؟” مون پڇيومان.
    “ڪيرالا انڊيا جا.” هنن جواب ڏنو.
    “ڪمال آهي سائوٿ انڊين کي ته اڙدو يا هندي بنه نه ايندي آهي.” مون چيومان.
    “پر هتي اچي سکي ويا آهيون جو سڀ هندي/اڙدو ڳالهائين ٿا.” هنن وراڻيو.
    “هونءَ ته توهان جي زبان ته تامل يا مليالم هوندي.” مون پڪ ڪئيمان.
    “مليالم. توهان ڪٿي جا آهيو؟” هنن مون کان پڇيو.
    “آئون ڪراچي جو آهيان. مونکي مسجد نبويءَ جو ڏس ڏيو.” مون چيومان.
    “هتان سڌو رستو ڪراس ڪري پوءِ وچين گهٽي وٺي مٿي هوٽل (فندق) الانصاري ڏي هلندين ته مسجد جا منارا نظر ايندءِ.”


    مديني جون هوٽلون

    عرب ملڪن ۾ عربي کان پوءِ ٻئي نمبر تي اڙدو ۽ انگريزي هلي ٿي. اڙدو (جنهن کي هندستان جا هندي سڏين ٿا) نه فقط پاڪستاني ۽ اتر هندستان جا ڳالهين ٿا پر ڏکڻ هندستان، بنگلاديش، نيپال ۽ افغانستان جا پڻ ڳالهائين ٿا. ايتري قدر جو مسجد نبوي ۾ به ڪيترين ڳالهين جي نشاندگي جا بورڊ عربي، اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. جيئن غسل خاني لاءِ لکيل آهي، يا مسجد ۾ اندر گهڙڻ کانپوءِ ٿورو اڳيان ڪيترن هنڌ بورڊن تي عربي ۾ لکيل آهي. ساعد علي ترڪ الممر خاليا ۽ ان جي هيٺان اڙدوءَ ۾ لکيل آهي: راستہ کو کھلا رکھنے میں مدد کیجئے ۽ ان بعد انگريزيءَ ۾ آهي: Please don't sit in the pathway..
    ٿورو اڳتي هلڻ بعد سامهون منارا نظر اچي ويا يعني مون کي آئيڊيا ٿي وئي ته ڪار ۾ پهچڻ لاءِ وڏو ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو ۽ پيدل اچڻ ۾ گهٽ پنڌ آهي. آئون هاڻ منارن جي سنوت ۾ اڳتي وڌندو رهيس. اسين ننڍا هئاسين ته اسان جي مرحوم ڏاڏي اسان کي پينگهي ۾ لوڏڻ وقت هميشه اهي راڳ، مولود يا بيت چوندي هئي جنهن مان سندس مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ بيحد گهڻي سڪ ظاهر ٿيندي هئي. اڄ به انهن راڳن جون سِٽون ياد آهن. مديني جون گهٽيون گهمان، روضي پاڪ ۾ حاضري ڏيان، ڪڏهن ڏسنديس حضور جن جي مسجد، جڏهن ايندم پري کان نظر مسجد جا منارا ـ وغيره. اڄ خاص ڪري هيئنر پيدل مسجد ڏي ويندي سامهون منارن تي نظر پوڻ سان آئون پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳس جو قسمت مونکي آڻي هتي بيهاريو آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي سَڌون ۽ سِڪون ڪن ٿا. اسان جي مرحوم ڏاڏي ڪئين سال مڪي مديني اچڻ جون انتظار ڪندي رهي. سفر اڻانگا هئا. جهازن جا ڀاڙا ڀتا کڻي ايڏا ڳرا نه هئا، پر ماڻهن وٽ پئسو نه هو. نه پگهار وڏا هئا ۽ نه زمينن تان مليو ٿي. چيٽ جي فصل لهڻ تي ڪيترن زميندارن جي گهرن ۾ فقط کائڻ لاءِ ڪڻڪ بچندي هئي. خريف جي فصل تي اڪثر چار پئسا ملندا هئا، جن مان قرض کي منهن ڏبو هو يا جاءِ جو ليپ ٿيندو هو. آخر هڪ ڏينهن اهو ڀلارو ڏينهن آيو جڏهن اسان جي ڏاڏيءَ جي سالن جي مراد پوري ٿي. هوءَ حج تي رواني ٿي. وڏي عمر جي ٿي وئي هئي، پر چاڪ چوبند هئي. حج ڪرڻ بعد ٻئي يا ٽئي ڏينهن هن کي سخت بخار ٿيو ۽ ٻي ڏينهن گذاري وئي. کيس هتي ئي دفن ڪيو ويو. پاڻ هميشه هن پار اچڻ جون دعائون گهريائين ٿي موٽڻ جون نه. شايد سندس اهي دعائون رب پاڪ پوريون ڪيون.
    آئون پنڌ ئي پنڌ تکا تکا قدم کڻندو مسجد ڏي وڌندو رهيس. فندق (هوٽل) النخيل بلڪل سامهون هئي. پوءِ مسجد جي بلڪل در وٽ هوٽل بهاءالدين جديد نظر آئي. مونکي واچ نه هئي سو هوٽل ۾ وقت معلوم ڪرڻ لاءِ گهڙي ويس. اندازو لڳايم ته پنڌ ۾ ويهه منٽ کن لڳا ۽ نماز م اڃان اڌ ڪلاڪ کان مٿي هو. وقت سان گڏ مون هوٽل جي مسواڙ هڪڙي مقرر هجڻ بدران مختلف مهينن ۾ مختلف رهي ٿي. جيئن اڄ ڪلهه حج جي ڏينهن ۾ سڀ کان گهني آهي. اهڙي طرح محرم ۽ رمضان ۾ به ڪافي گهڻي رهي ٿي. باقي مهينن ۾ اڌ جيتري يا ان کان گهٽ ٿيو وڃي. مسجد نبوي جي چوڌاري ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون آهن. ڪيتريون اٺ اٺ ڏهه ڏهه ماڙ ٺهي رهيون آهن. انهن هوٽلن مان ڪيترين جا مالڪ يا مينيجر پاڪستاني آهن. سعودي عرب جي قانون موجب ڪوبه ڌارئين ملڪ جو ماڻهون زمين، دڪان يا گهر خريد ڪري نٿو سگهي. پوءِ ڪيترا ڌاريا ماڻهون مڪاني عرب جي نالي تي اڻ سڌي طرح خريد ڪن ٿا. پوءِ سڄو ڪم ڀروسي تي هلي ٿو. ڪي عرب ته ايماندار به آهن. جيڪي حصو پتي مقرر ڪيو وڃي ٿو، اهو مفت ۾ حاصل ڪري خوش آهن. ڪي ته بقول هڪ اسان جي پيٽاڙي جي دوست جي لالچي ۽ ٺڳ به آهن. هن پنهنجيون زمينون وڪڻي هڪ عرب جي نالي مڪي ۾ عينڪن جو دڪان ڪڍيو. ڪجهه سالن بعد جڏهن ڌنڌو هلڻ لڳو ته عرب ماڳهين هن تي قبضو ڪري هن کي ڀڄائي ڪڍيو. زوريءَ قبضي ڪرڻ لاءِ هن تي ڪيترائي الزام هني ماڳهين جيل ۾ روانو ٿي ڪيائينس. نيٺ اسان واري همراه ڏٺو ته هتي جي زوراور عربن اڳيان ڌارئين ڪمزور جي ڪا نٿي هلي سگهي. هڙ ملڪيت ڇڏي جان بچائي وڃي ڳوٺ ڊگڙيءَ کان نڪتو. اڄ ڪلهه لاهور پاسي ٺيڪيداري ڪري ٿو. بهرحال اهڙا هتي عام ڪيس آهن. ان ڪري اڄ ڪلهه ڌاريا ماڻهون هتي تيسين invest نٿا ڪن جيسين حڪومت يا ملڪي سفارتخانو support نتو ڪري. پر تنهن هوندي به مڪي ۽ مديني ۾ اڃان به ڪيترائي پاڪستان هندستان جا مسلمان ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ نظر اچن ٿا. اهو ئي حال هتي جي ننڍين هوٽلن جو آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته انهن ننڍين هوٽلن ۾ گهڻو ڪري يڪا قافلا رهن ٿا. هڪ هوٽل جنهن کي پاڪستاني پٺاڻ هلايو ٿي، تنهن کان خالي ڪمري جو پڇيم ته ٻڌائين ته هن هوٽل جا سڀ ڪمرا هر سال پشاور کان ايندڙ حاجين لاءِ بڪ ٿيل آهن، جيڪي ٽولا ٽولا ٿي پاڪستاني ٽريول ايجنٽ يا مڪاني معلم ذريعي اچن ٿا. هڪ ئي هوٽل ۾ هڪ ئي تر جا هڪ ئي زبان ڳالهائيندڙ رهن سان کين Homesickness گهٽ محسوسو ٿئي ٿي. کين وطن کان دور هوندي به پهنجائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ۽ وطن جي خبر هڪ ٻئي کان پوندي رهي ٿي. اهڙي طرح ڏٺم ته سنڌين جون به ڪي ڪي فئوريٽ هوٽلون ۽ عمارتون آهن، جن جا سڀ فلئٽ سکر پاسي يا نوابشاهه ۽ حيدرآباد کان آيل همراهن سان ڀريل هئا. هڪ ۾ سکر جو ڊي آئي جي راهو خان بروهي ۽ دادو جو جاويد لغاري ۽ ٻيا دوست ڳوٺائي رهيل هئا، جيڪي حج ڪرڻ بعد هيڏانهن مدينه منوره ۾ آيا. اهڙي طرح هڪ مسواڙ جي عمارت بدين ۽ ماتلي پاسي جي نظاماڻين لاءِ بڪ ٿيل هئي، جيڪي ٻن ڏينهن بعد مڪي شريف کان اچڻا هئا.


    سعودي عرب ۾ غربت به آهي

    حرم پاڪ (مسجد نبوي) جي چوڌاري رستن تي ڪي ڪي ته تمام وڏيون هوٽلون پڻ آهن، جن ۾ سئمنگ پول ۽ ڊسڪوٿي ۽ بار کڻي ناهي پر باقي لحاظ کان فائيو اسٽار هوٽلون آهن 7 بيحد جديد آهن ـ خاص ڪري شارع اباذر تي يا شارع الستين تي. هوٽل بهاء الدين، الجزيره، گرين پئلس جهڙين هوٽلن جي هونءَ عام طرح روز جي مسواڙ ٽي سئو کن ريال آهي، پر اڄ ڪلهه حج ڏينهن ۾ توڙي رمضان، محرم يا ٻين خاص ڏينهن تي جڏهن تمام گهڻا ماڻهون مديني ۾ اچن ٿا ته مسواڙ ڊبل ڪئي وڃي ٿي. هنن هوٽلن جي چوڌاري برونائي، ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪويت ۽ گلف جي عربن عربياڻين کي ڏسي سمجهي ويس ته انهن هوٽلن ۾ گهنو تڻو امير ملڪن جا رهن ٿا، جيڪي نه فقط اعليٰ رهائش چاهين ٿا، پر مسجد نبوي جي ويجهڙائي به. جيئن هوٽل مان نڪرڻ تي کين وڏو پنڌ ڪرڻ بدران فقط چند وکون کڻڻيون پون. بهرحال هر مسجد خدا جو گهر سمجهي وڃي ٿي، جتي هر مسلمان حاضري ڀري ٿو. پر بيت الله ۽ هيءَ مديني جي مسجد نبوي خاص مسجدون آهن، جتي سڄي دنيا جا مسلمان اچيو گڏ ٿين. اڇا ڪارا، ڀورا، هئڊا، ڪڻڪ رنگا ۽ مشڪي رنگن جا. امير توڙي غريب، نوڪر توڙي حاڪم، پنهنجي ملڪ ۾ ست پڙدا ڪري هلندڙ توڙي منهن اگهاڙا، سڀ اچيو هتي گڏ ٿين. اڙدو جو شعر ياد ٿو اچم ته :

    ايڪ هي صنف مين کڙي هوگئي محمود و اياز،
    نه ڪوئي بنده رها نه ڪوئي بنده نواز

    دنيا جي ٻين ملڪن ۾ گهمڻ خاطر آيلن ۾ غريب به هوندا، پر اهڙا غريب نه جهڙا غريب سڪ جا ستايل هتي اچن ٿا. ڪو غريب پئسو گهٽ هجڻ ڪري گهمڻ (Tourism) جو نه سوچيندو پر هي اهو پٽ آهي جنهن تي پهچڻ لاءِ ثمر هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڄي عمر پئسو پئسو ڪري بچائين ٿا.
    هتي پهچي هو فقط عبادت جو ئي سوچي سگهن ٿا. هنن ۾ اها طاقت ناهي جو ڪا قيمتي شيءِ وٺي سگهن. ان جو انداز ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مسجد نبوي جي ٻاهران جيڪي انيڪ دڪان آهن، انهن ۾ ڪجهه زيورن جا به آهن. زيور ڇا آهن شو ڪيس ۽ ڀتيون سونن ڳهن سان ڳاڙهيون ٿيون پيون آهن. مسجد مان نڪرڻ بعد ڪي انهن دڪانن جو رخ رکندي نظر اچن ٿا. جن مان ڪيترن وٽ ايترو پئسو آهي جو اگهه جي به گهڻي پڇ پڇ نٿا ڪن. ڪي ويچارا اسانجهڙن غريب ملڪن جا غريب ماڻهو تسبي ۽ ڪتل وٺندي به سوچيندا رهن ٿا. ڪيترا ويچارا ته رڳو دڪانن ٻاهران ڏسندا رهن ٿا. پنهنجي ملڪ دوستن، يارن، مٽن مائٽن لاءِ ڪجهه وٺي هلڻ ته ڇا پر ان وقت پنهنجي پيئڻ لاءِ پيپسي وٺندي به سوچين ٿا ته جيڪر ڪٿان پاڻي ملي وڃي ته سٺو. ڀاڙو ڏئي هيسيتائين پهچڻ لاءِ ئي هنن ويچارن ڪشالا ڪڍيا هوندا. هي دنيا جا عجيب رنگ ڏسندي عجيب احساس ٿئي ٿو ته هن دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو پيا آهن. عربن جي گهرن ۾ رهندي اهو به ڏسان پيو ته هر وقت هاضمي جي گورين يا ڦڪيءَ تي زور اٿن. سعودي عرب جي ڪيترن شهرن جي گهٽين ۾ اهو به ڏسي رهيو آهيان ته ڪچري جي دٻن مان ٻن ٽن ڏينهن جا اڇلايل خبث (نان) ماڻهون چونڊي ڪڍي کائين ٿا ـ خاص ڪري بنگالي، سائوٿ انڊين ۽ هاڻي پاڪستاني پڻ. ڪو سعودي عرب کان پري ويهي شايد منهنجي هن ڳالهه تي يقين نه ڪري، پر اها حقيقت آهي. هتي اچڻ کان اڳ مون به اهو ٿي سوچيو ته سعودي عرب اهڙو امير ملڪ آهي جتي رڳو پئسو ۽ دولت آهي. ڪوبه غريب ناهي. ائين واقعي آهي، پر مڪاني عربن لاءِ ـ جيڪي ٻي هر ڳالهه پٺيان خوب پئسو خرچ ڪن ٿا، پر ڌارين ملڪن کان آيل پورهيتن کي مزوري ڏيڻ ۾ ڏينهون ڏينهن وڃن ڪنجوس ٿيندا. ظالم زميندار وانگر هو ڀائين ته پورهيت (هارين) جي حصي مان به ڦٻايو وڃي. قرض کڻي ڀاڙا ڀري هتي پهچڻ تي توهان کي ههڙي ملڪ ۾ چار هزار پاڪستاني رپيا مهيني ۾ پگهار ڏنو وڃي ته توهان جي ڇا حالت ٿيندي ـ جتي کير سستو سستو آهي تڏهن به ٻٽيهين رپئي سير آهي. هن پاسي پهرين رڳو پاڪستاني ايندا هئا، پر هاڻ بيروزگاري وڌڻ ڪري ڏکڻ هندستان، بنگلاديش، سريلنڪا جهڙن ڏورانهن هنڌن کان غريب پورهئي لاءِ اچن ٿا ۽ اڄ ڪلهه هتي سعودي عرب ۾ پورهئي کان وڌيڪ (بيروزگار ـ پورهيت) نظر اچن ٿا. Demand کان وڌيڪ Supply آهي. ۽ ان مان هتي جا عرب پورو پورو فائدو وٺي رهيا آهن. سنڌ جي ڏورانهين ڳوٺ جي زميندار وٽ به باگڙي ڀيل اهڙو ڦاٿل ناهي جهڙو هتي عربن وٽ اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو. مجبور ٿي هن کي گهٽ پگهار تي به پورهيو قبول ڪرڻو پوي ٿو. اڄ ڪلهه هن پاسي ڪيترا اهڙا مزور، پورهيت، ڪلارڪ، سيلزمئن، ڊرائيور نظر اچن ٿا، جو پگهار فقط 500 ريال اکرين پنج سئو ريال آهي ـ پاڪستاني پنج هزار روپيا به نه ٿيا. ڪيترن هنڌن تي اهڙا ماڻهو به مليا جن کي فقط ٽي سئو ريال مهيني جو پگهار ملي ٿو. هاڻ ٽن سئو ريالن وارو ويچارو ايتري گهٽ اجوري مان قرض لاهي، پنهنجي بيمار ماءُ ڀيڻ جي دوا لاءِ پئسا موڪلي يا پنهنجي پيٽ تي خرچي. هن کي مجبوري ڪچري جي دٻي مان ماني ڪڍي کائڻ لاءِ آماده ڪري ٿي، جو هن کي اسان جي ملڪ جي فقير جيتري به اميد نه آهي ته پنڻ تي ڪو کيس ماني ڀور ڏيندو.
    آئون مسجد نبوي جي چوڌاري دڪانن ۽ هوٽلن ڏي هڪ دفعو وري نظر ڊوڙايان ٿو. هڪ ٻه دڪان اک ۾ ائين ڪريان ٿو جيئن پاڻي جي جهاز جو Navigator سمنڊ تي رستو ياد رکڻ لاءِ Buoy يا Beacon کي ياد رکندو آهي. مسجد مان واپسي تي انهن دڪانن جي سڌ ۾ اچي اها ئي گهٽي وٺي، واپس به ان رستي کان وڃڻو اٿم، جنهن کان آيو آهيان.
    مسجد ۾ گهڙڻ سان هڪ هنڌ بيهي هڪ دفعو سڄي مسجد جو overview وٺان ٿو. هي مسجد جيڪڏهن سن 632 واري صورت ۾ هجي ها (جڏهن حضور صلعم جن وفات ڪئي) ته اسان لاءِ احترم جوڳي هجي ها، پر ان کي ايترو وڌايو ۽ سهڻو ڪيو ويو آهي جو Architecture جي نقطي نگاهه کان به هڪ اعليٰ مسجد ٿي پئي آهي، جنهن تي موجوده حڪومت توڙي ان کان اڳ جي ماڻهن بنا ڪنهن شڪ جي خوب پئسو خرچ ڪيو آهي ۽ مسجد کي تمام وڏو ڪيو آهي. صبح جي وقت عيد نماز بعد حسن ٻڌائي رهيو هو ته ڪجهه سال اڳ هن مسجد جي اڱڻ واري حصي تي گهر ۽ دڪان هئا. پوءِ هتي جي بادشاهه فهد جيڪو مڪي واري ۽ هن مسجد جو خادم سڏائي ٿو (Custodian of Two Holy Mosques) هن مسجد کي وڏو ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا دڪان ۽ عمارتون خريد ڪيون. پهرين ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا، پر پوءِ فهد بادشاهه کين سمجهايو ته ڏينهون ڏينهن حاجين جو تعداد وڌندو رهي ٿو ۽ نمازين جي سهوليت لاءِ اسان کي هن مسجد کي وڏو ڪرڻ کپي. اهي زمينون حاصل ڪرڻ لاءِ مالڪن کي تمام وڏا اگهه ڏنا ويا، جيئن هو ڪجهه پرڀرو پنهنجي ڏنل گهر يا دڪان کان تمام وڏو ۽ سهڻو ٺهرائي سگهن.


    اسلام جي پهرين ٻانگ

    ڪجهه ڏينهن اڳ بلال نالي هڪ انگريزي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو، جيڪو H.A.L Craig لکيو آهي. هي اهو ليکڪ آهي، جنهن (Muhammad - Messenger of God) نالي 1975ع ڌاري هڪ فلم ٺاهي هئي، جيڪا ڪجهه مسلمان ملڪن جي سئنيمائن ۾ هلي هئي. هن انگريز مصنف لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن کي اسلام جي Deep & Sympathetic ڄاڻ هئي. سندس لکيل ڪتاب Bilal ـ حضرت بلال جي ئي زباني چيل ڪهاڻي آهي. حضرت بلال حضور صلعم جن جي آخري سالن ۾ ساڻن گڏو گڏ رهيو. خاص ڪري هجرت کان وفات تائين حضرت بلال شيدي هو يعني ڪارو هو. هو مڪي ۾ ڄائو ۽ حبش (Abyssinia) جي هڪ غلام جو پٽ هو. مڪو انهن ڏينهن ۾ بت پرستي کان مشهور هو. هڪ خدا تي ايمان آڻڻ تي هن تي سندس مالڪ سخت ظلم ڪيا. حضرت ابوبڪر صديق هن کي سندس مالڪ کان خريد ڪري آزاد ڪيو. پاڻ اسلام جو پهريون ٻانگو (موذن) هو. سندس حضور صلعم جن سان ويجهڙائي جو اندازو ان ماب لڳائي سگهجي ٿو ته حضور جن کي صبح جو اٿارڻ جو ڪم به حضرت بلال تي سونپيل هو. حضور جن جي وفات کان پوءِ ڏک ۾ حضرت بلال جي ٽنگن ۾ اها طاقت نه رهي ۽ پوءِ فقط ٻه دفعا ٻانگ ڏنائين. هڪ دفعو حضرت عمر جي چوڻ تي يروشلم ۾ جڏهن يروشلم فتح ڪيو ويو ۽ ٻيو دفعو، ڪيترن سالن گذرڻ بعد، جڏهن هو حضور صلعم جن جي روضي جي زيارت لاءِ مديني آيو ته حضور صلعم جن جي ڏهٽن حسن ۽ حسين کيس آخري دفعو ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيو. پاڻ انڪار ڪري نه سگهيو. جيتوڻيڪ اهو فجر جو وقت هو، پر مديني جون هي گهٽيون، حضرت بلال جي ٻانگ ٻڌڻ لاءِ ڀرجي ويون. ماڻهن جي اکين ۾ ڏک ۽ خوشي جا ڳوڙها اچي ويا. حضور صلعم جن جي وفات کان پوءِ اڄ حضرت بلال وري ان مسجد ۾ بانگ ڏئي رهيو هو جيڪا حضور صلعم جن سان گڏ ٺاهي. حضرت بلال جي وفات جي تاريخ جي خاطري نه آهي، پر شايد اهو عيسوي سال 644 يعني هجري سال ٻاويهه هو.
    هن ڪتاب ۾ بلال پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي پهرين ٻانگ جو ذڪر ڪيو آهي. “هي مسجد ٺهي راس ٿيڻ تي لڳو ته اڃان به منجهس ڪا کوٽ آهي. اهو شايد علي هو جنهن مسجد جي ڇت ڏي اشارو ڪري اسان جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته ماڻهن کي نماز جي سڏ لاءِ مٿي ڇت تي ڪو سگنل هجڻ ضروري آهي. ڪنهن صلاه ڏني ته نماز جي وقت جهنڊو چاڙهيو وڃي. شايد عمار چيو. ڪنهن چيو ڇو نه گهنڊ وڄايو وڃي. ڪنهن چيو ته توتارو وڄايو وڃي. حضور جن به ماٺ ڪري ٻڌندا رهيا، پاڻپاڻ ان بحث ۾ حصو ٿي ورتائون نه رد ٿي ڪيائون. اسين سڀ سوچيندا رهياسين. ڪنهن به ڳالهه مان سڀ مطمئن نٿي ٿيا. گهنڊ ڪن ٿو کائي. توتارو مٿو ٿو چڪرائي. دهل به صحيح نٿو رهي. جهنڊو ڪڏهن ڪنهن طرف ڦڙڪندو ته ڪڏهن ڪنهن طرف، وڏي ڳالهه ته هو ستل کي اٿاري نه سگهندو.
    ۽ پوءِ مون عبدالله بن زياد کي ڏٺو جيڪو آهستي آهستي ٿي حضور جن ڏي سرندو آيو. هن ڪجهه حضور جن کي چوڻ چاهيو ٿي. مون اٿي پنهنجي جاءِ کيس ڏني، جيئن هو حضور جن جي ڀر ۾ ٿي ويهي. مون خواب ڏٺو آهي يا رسول الله هن چيو، ۽ ان ۾ خواب ۾ مون ماڻهوءَ جي آواز کي نماز لاءِ اسان کي سڏيندو ٻڌو آهي. ماڻهوءَ جو عام آواز. مون حضور جن جي منهن مبارڪ ڏي ڏٺو. سندن اکين مان ڳوڙها ڪري رهيا هئا. هو عبدالله ڏي جهڪيو، هائو. اهو ائين ئي ٿيندو. تنهنجو خواب رب طرفان آهي. اهو ائين ئي ٿيندو، جيئن تون چوين ٿو. نماز جي سڏ لاءِ انساني آواز استعمال ڪيو ويندو.
    “ان ڳالهه جو فيصلو ٿيڻ بعد منهنجي دل ۾ هو ته ڪنهن جي آواز ۾ سڏ ڏنو وڃي ـ ڪنهن ٻار جي، وڏي جي، عورت جي، پوڙهي جي. اهو سوچي رهيو هوس ته حضور جن جو هٿ منهنجي ڪلهن تي محسوس ٿيو. 'تنهنجي آواز ۾، بلال.' هر هڪ مون ڏي مڙي ڏٺو. مون سوچيو به نه هو ته آئون هڪ شيدي ۽ غلام ٿي ڪري اڄ ايڏي عزت حاصل ڪندس. حضور جن هڪ دفعو وري مون ڏي نهاريو ۽ چيو: 'تنهنجو سڀ ۾ سٺو آواز آهي بلال. ان کي استعمال ڪر.'
    'الله جا رسول! مون کي ڇا چوڻو آهي؟' مون حضور جن کان پڇيو.
    'الله جي تعريف ڪر. هن جي رسول جو ٻڌاءِ. نماز لاءِ سڏ ڪر۽ الله جي تعريف ڪر. ايترو ئي ڪافي آهي. هاڻي مٿي چڙهي نماز لاءِ سڏ ڏي.' حضور جن مون کي چيو.
    آئون اٿي کڙو ٿيس ۽ مٽيءَ جي ڇت تي پاڻ کي ڇڪي چڙهيس. هيٺ سڀ مون ڏانهن نهاري رهيا هئا. حضور جن ٽئي نمبر ٿنڀ وٽ هئا، ڀر ۾ ابوبڪر ۽ عمر هئا. حضور جن جي هٿ جي اشاري ڏيڻ تي مون ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي. اسلام جي اها پهرين ٻانگ هئي.
    الله اڪبر، الله اڪبر (الله تمام وڏو آهي).
    آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. آئون شاهدي ٿيو ڏيان ته حضرت محمد (صلي الله عليه والسلم) الله جو رسول آهي. نماز لاءِ اچو. نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اچو. الله تمام وڏو آهي. الله تمام وڏو آهي.
    “اڄ اها ٻانگ، روزانو پنج دفعا جتي جتي اسلام آهي، ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اها ٻانگ جيڪا مون (بلال) سڀ کان پهرين ڏني، خبر نه پيم ته منهنجي وات تي ڪيئن ايندي وئي. اهو سڀ قدرت طرفان منهنجي دل ۾ ايندو ويو. الله بيشڪ تمام وڏو آهي. ٻانگ ڏئي هيٺ لٿس ته حضور جن مونکي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڇا ته اسان جو نرالو جوڙو هو. الله جو رسول هڪ حبشي غلام جي ڀر ۾ ويٺو هو. ڪا دير اسان ماٺ ۾ ويٺا رهياسين ۽ پوءِ نماز پڙهائڻ لاءِ پاڻ اٿيا ۽ منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو:
    'بلال، اڄ تو هن مسجد کي مڪمل ڪري ڇڏيو.'
    مون الله جو هن عزت افزائي لاءِ شڪرانو ڪيو.”


    مسجد نبوي ۾

    نصيرآباد (لاڙڪاڻي) جي حاجي علي محمد چنا مون کي اهو محراب ڏيکاريو جتي حضور جن بيهي خطبو ڏيندا هئا۽ نماز پڙهائيندا هئا. حاجي علي محمد چنا سان منهنجي ملاقات مسجد جي در وٽ ئي ٿي. وضو لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار وڏا هال انڊر گرائونڊ آهن جيڪي ٻه ٻه منزلون هيٺ هليا وڃن ٿا. هيٺ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ۽ ويندي Escalators لڳل آهن. مٿي چڙهي آءٌ ڪنهن هم وطني پاڪستانيءَ جي ڳولا ۾ هوس جيئن ان سان گڏ مسجد ۾ وڃان ۽ هو مون کي ڪجهه ٻڌائي سگهي. ايتري ۾ سنڌي ٽوپي ۾ علي محمد کي اڪيلو ڏٺم. پڪ ٿي ويم ته آهي ته پاڪستاني پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته بلوچ يا سنڌي هجي. سلام دعا ڪرڻ بعد علي محمد پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايائين ته هو ڪيترن سالن کان مديني جي ڀر واري ڳوٺ ۾ مڪينڪ جو ڪم ڪري ٿو. اڳئين نماز ۾ اڃان وقت سو پاڻ مونکي مسجد ۽ روضي پاڪ جو هڪ هڪ حصو ڏيکارڻ لڳو. “هي حجرو اهو آهي جتان حضور جن نماز پڙهائيندا هئا. هي ڀر ۾ ٻيو حجرو اها جاءِ آهي جتان حضرت عمر نماز پڙهائيندو هو. مونکي جڏهن به وجهه لڳندو آهي ته آئون مديني ۾ اچي حضور جن جي روضي جو ديدار ڪندو آهيان ۽ مسجد نبويءَ ۾ نماز پڙهندو آهيان. هيءَ اها جاءِ آهي جتان ڪو پنندڙ خالي نه ويو آهي. منهنجي دل جون مرادون هميشه پوريون ٿيون آهن. الله شال سڀني مسلمان مومينن جي دلين جون مرادون، نيڪ ارادا ۽ خوشيون پوريون ڪري.” هن دعا گهري.
    واقعي هي اهو در آهي جنهن تي اچڻ لاءِ هر مسلمان تمنا رکي ٿو.

    آپ ڪي در سي ڪوئي نه خالي گيا
    يار رسول الله يا حبيب الله
    اپني دامن ڪو ڀر ڪٿ سوالي گيا

    هڪ قواليءَ جا ٻول منهنجي دماغ ۾ اچن ٿا. شايد اهي صابري قوال جا آهن، جن جي هيءَ مشهور قوالي ڪيترا دفعا ٻڌي اٿم.

    “تحليون ڪي عجب هي فضا مديني مين
    نگاهِ شوق ڪي هي انتها مديني مين
    غم حيات نه خوف سزا مديني مين
    اِدهر اُدهر نه بهٽڪتي پهرو خدا ڪي ليي
    مديني چلين، آئو مديني چلين”

    مسجد نبوي ۾ اڄوڪي ڏينهن تي، ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ سڀني چيو پئي ته واقعي گهٽ ماڻهو آهن جو عيد واري ڏينهن تي حاجي سڀ مڪي ۾ هوندا آهن. مديني ۽ اوسي پاسي جا ماڻهو صبح جو فجر ۽ عيد نماز پڙهڻ بعد هڪ ٻئي سان عيد ملڻ هيڏانهن هوڏانهن ڳوٺن ۾ هليا وڃن ٿا. سو اسان کي روضي پاڪ تائين اچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دقت پيش نه آئي. اسان ان جي سامهون بيهي دعائون ۽ سلام پڙهيا. حضور جن جي قبر کان علاوه حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق جي قبر پڻ هتي آهي. چوٿين قبر جي جاءِ خالي ڇڏي وئي آهي.
    روضي جي چوڌاري پتل جون ڄاريون آهن، جن جي ڀر ۾ بيٺل پوليس وارا ماڻهن کي ٿورو پرڀرو بيهي دعا گهرڻ لاءِ چون ٿا، ڇو ته ڪي ڪي ايمان جا ڪچا يا اڻ ڄاڻ انهن ڄارين کي هٿ لائين ٿا يا چميون ڏين ٿا، جيڪو گناهه جو ڪم آهي ۽ شرڪ ڏي رغبت ڏياري ٿو. حج تي هڪ ڪتاب حفيظ عنايت الله جو تمام سٺي رهنمائي ڪري ٿو. ان ۾ پڻ ان بابت تنبيه ڪيل آهي:
    “مسجد نبويءَ ۾ ماڻهون ڀتين، ڪنڍن ڪڙين، پٿرن ڄارين وغيره کي چمن ٿا. سلام عرض ڪرڻ وقت به مواجهه شريف (جتي حضور جن جي قبر آهي) جي ڄارين تي اکيون رکي چمن ٿا. درٻان جي چوڻ تي به انهن تي ڪو اثر نٿو ٿئي. ائين ڪرڻ بلڪل حرام ۽ جاهليت جي نشاني آهي. اهڙين ڳالهين کان مسلمانن کي پاڻ کان بچائڻ کپي. رب پاڪ شل اهڙين ڳالهين کان مسلمانن کي محفوظ رکي جن سان ثواب بدران عذاب ملي ٿو.”
    ساڳي صفحي تي هڪ ٻي به تنبيه ٿيل آهي: “حرم شريف يعني مسجد نبوي ۾ اسان کي سمهڻ يا اجايون سجايون ڳالهيون ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي. ائين ڪرڻ سان مسجد نبوي جي برڪتن کان محروم رهجيو وڃجي. اسان کي کپي ته مسجد نبوي ۾ جيڪو وقت ويهون درود شريف، تلاوت ۽ ذڪر۾ گذاريون”
    دعا سلام پڙهن دوران علي محمد چنا ۽ آئون هڪٻئي کان پري ٿي وياسين. هڪ ٻه دفعو مون علي محمد ڏي نظر ڪئي. هو يڪسوئيءَ سان دعا گهري رهيو هو. سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. هن هنڌ تي ماڻهن جي وڌندڙ پيهه پيهان ۾ اسان اڳيان پويان ساڄي کاٻي ٿيندا رهياسين. پوءِ سگهو ئي اڳين (ظهر) نماز جي تڪبير لڳي ۽ روضي پاڪ جي کاٻي پاسي مون کي جاءِ ملي وئي. ڀر ۾ چين يا منگوليا پاسي جا مسلمان بيٺل هئا. صفون سڌيون ڪرڻ مهل اڳيان پويان ڏٺم ته ڪيترائي سٿڻن قميصن ۾ به هئا، جن ۾ ڪيترن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي به هئي.
    “ڇا شان آهي هن جاءِ جو جتي دنيا جي هر ڪنڊ پاسي جا مسلمان اچيو گڏ ٿين. سنڌي مهاجر، پنجابي پٺاڻ، ڪرد يمني، سرب هندستاني، بلوچ بنگلاديشي ـ هر هڪ جا پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ کڻي ڪهڙا به سياسي جهڳڙا هجن، پر هتي هر هڪ ڪيڏو امن ۽ سڪون سان هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺو آهي. ننڍو توڙي وڏو، امير توڙي غريب پاڻ کي فقط انسان سمجهي ٿو. هر هڪ پنهنجن پنهنجن ڏوهن گناهن جي پنهنجي پروردگار کان معافي وٺڻ ۾ مشغول آهي. اڄ هن جاءِ تي جتي آئون ويٺو آهيان گذريل چوڏهن سئو کن سال ۾، هر روز پنج دفعا جي نماز جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ چويهه لک ماڻهو ويهي، نماز پڙهي چڪا هوندا. اڄ منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي هتي اچڻ ۽ نماز پڙهڻ جو موقعو نصيب ٿيو آهي.
    نماز بعد گهر تائين پهچڻ ۾ مون کي ڪا تڪليف پيش نه آئي. مون رب جو شڪر ڪيو. نه ته ڪار ۾ ويندي وڏو چڪر ڪرڻ ڪري مون سمجهيو پئي ته گهر کان مسجد تمام پري آهي. پر چڱو جو همٿ ڪري رستو ڳولي ورتم. منجهند جي ماني بعد حسن وارن وري پڇيو ته آيا آئون هنن سان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندس يا پنهنجي منهن رهڻ چاهيان ٿو. مون پنهنجي سر نڪرڻ ۾ بهتر سمجهيو، ڇو جو ان ۾ نه فقط آئون مسجد نبوي پهچي نماز پڙهي سگهيس ٿي، پر پنهنجي مرضي مطابق سنڌي، اڙدو، انگريزي، ملئي زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن سان ملي سگهيس ٿي، جيڪي زبانون مونکي آيون ٿي. حسن فقط انهن عربن وٽ وٺي هليو ٿي جن فقط عربي ڳالهائي ٿي.


    مديني جون ٻيون مسجدون

    منجهند جي ماني تي حسن جي ڀيڻوئي عمر جي ٻن ڀائرن ۽ والد صاحب سان ملاقات ٿي. اهي سڀ عمر جي گهر ماني تي آيل هئا. عربن جي دعوت معنيٰ وڏي گول ٿالهه ۾ اڇا چانور، ان مٿان پڪل يا رڌل رڍ. اسان جو حيدرآباد وارو دوست حاجي محمد سليمان شيخ چوندو آهي ته عرب کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. واقعي هو نه فقط شوقين آهن، پر سندن ڏند ڏاٺون به سخت آهن جو اڌ ڪچو گوشت به چٻاڙيو وڃن. سڄي رڍ، جتي به کائڻ جو موقعو مليو ته ان جو گوشت اڌ گابرو پڪل هو. آئون اهڙن موقعن تي آچار سان چانور کائيندو آهيان يا ڀت ۾ پيل ڪشمش سان. جيتوڻيڪ حسن پوري ڪوشش ڪري رڍ جي ڪن حصن جو نرم گوشت ڪڍي منهنجي پليٽ ۾ وجهندو آهي. عمر جي پيءُ کي اڙدو آئي ٿي. هو مونسان رکي رکي اڙدو ۾ ڳالهائيندو رهيو. خاص ڪري مسجد نبوي ۾ نماز پڙهڻ بابت حديثون ٻڌائيندو رهيو ته مسجد نبوي جي هڪ نماز هزار نمازن برابر آهي ۽ مسجد الحرام (ڪعبه الله) جي نماز هڪ لک نمازن برابر آهي.
    مسجد نبوي کان ٽي ميل کن جي فاصلي تي مسجد قبا آهي، جيڪا مسلمانن جي پهرين مسجد آهي. مسجد حرام، مسجد نبوي ۽ مسجد اقصيٰ بعد هيءَ مسجد ٻين مسجدن کان افضل چئي وڃي ٿي. رسول الله فرمايو:
    ان صلوٰت رڪعتين فيه ڪعمرت.
    (مسجد قبا ۾ ٻه رڪعتون نماز جو ثواب عمري مثل آهي.)
    هن مسجد ۾ ٻه محراب آهن. هڪ ٽيونس جي صدر حبيب بورقيبه ويجهڙائيءَ ۾ ٺهرايو ۽ ٻيو ننڍڙو محراب ورانڊي کان ٻاهر آهي، جتي حضور صلعم جن جي اٺڻي (سواريءَ جي ڏانچي) ويٺي هئي.
    مسجد قبا جي رستي ۾ قبا جي ويجهو کاٻي هٿ تي هڪ جديد طرز جي گهر جي پٺيان اڇي رنگ جو گنبذ نظر اچي ٿو. اها مسجد جمع سڏجي ٿي. هتي حضور صلعم جن مديني منوره اچڻ تي پهرين نمازِ جمع ادا ڪئي هئي.
    انهن مسجدن کان علاوه مسجد غمامه، مسجد الشمس، مسجد خمسه، مسجد الفتح، مسجد بني قريظه، مسجد البقيع پڻ مديني منوره شهر جون مشهور مسجدون آهن.


    اسان جو شاهه لطيف

    مديني جي گهٽين ۾ هلندي هلندي ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال ايندو اٿم ته ٿي سگهي ٿو ته اسان جو سنڌي شاعر شاهه لطيف به ڪڏهن هتي آيو هجي. اهي ئي خيال مونکي سريلنڪا جي شهرن توڙي اوسي پاسي جي سمنڊن ۾ ڦرندي ايندا آهن جنهن بابت شاهه لطيف ڪيترائي شعر چيا آهن. آيا هنن پٽن تي شاهه ڀٽائي آيو هو يا نه، هن سامونڊي سفر ڪيا يا نه، پر اهو ضرور آهي ته هن جي Oceanography توڙي جاگرافي بابت ڄاڻ ڪافي وسيع لڳي ٿي. مندن موسمن، جهازن ۽ جهازين جي احساسن جو هن بلڪل صحيح نقشو چٽيو آهي ۽ هن وقت رسول پاڪ صلعم جي هن شهر مديني منوره ۾ هلندي هلندي ڪجهه شاهه جا شعر ياد اچي رهيا آهن.

    مديني جا مير! سڻ منهنجا سڏڙا،
    سرڻ تنهنجيءَ سير، تون پار لنگهائيين پيڙا.

    مديني جا گهوٽ! سڻ منهنجا سڏڙا،
    ڪج، محمد! موٽ، عاصي تنهنجي آسري.


    مديني جا ڄام! سڻ منهنجا سڏڙا،
    آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سير ۾.

    پرهه پکي آيو صبح سوارو،
    روضي پاڪ رسول جي هنيائين هاتارو،
    مانجهين ڪيو مارو، چڙه مير محمد عربي.


    ڪعبي تي حملو: حضور جن جي ولادت

    حضور صلعم جن جي ولادت 570ع ۾ ٿي. سندن ڄمڻ کان اڳ سندن والد عبدالله هن شهر مديني ۾ گذاري ويو هو. اهو سال هڪ اهم سال چئي سگهجي ٿو. هن سال يمن جي حاڪم پنهنجي اهم هاٿي سان گڏ ڪعبي تي حملو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر قرآن جي 105 سوره الفيل ۾ آهي.
    انهن ڏينهن ۾ يمن تي حبش Abyssinia وارن جو قبضو هو، جيڪو ملڪ ڳاڙهي سمنڊ جي ٻي پاسي آفريڪا جو آهي. پر جهڙي نموني سان انگلنڊ جي هٿ ۾ هندسگتنا هوندو هو ۽ انگلنڊ طرفان لائسراءِ حڪومت ڪندو هو، اهڙي طرح ابراحاه ناهي يمن ۾ Vice Regent هو. ظاهر آهيته هو عيسئاي هو.اسلام اڃان نه آيو هو، پر ڪعي جي حضرت ابراهيم جي ڏينهن کان وٺي وڏي اهميت هئي. بقاعدي هر سال حج ٿيندو هو. ماڻهو پري پري کان ايندا هئا.هن کي الله جو گهر سمجھيو ويندو هو، پر هڪ الله جي عبادت ڪرڻ بدران ان ۾ اکيل انيڪ بتن جي پوڄا ٿيندي هئي. ڪعبي جي نگهباني وقت جي اهم ماڻهوءَ حوالي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ان جو انچارج عبدالمطلب ـــ حضور صلعم جن جو ڏاڏو هو.
    يمن جو اڄ ڪلهه گاديءَ جو هنڌ صنعا Sana آهي ۽ تڏهن به اهوئي هو. عربستان جي رڻ پٽ ۾ صنعا ائين بلنديءَ تي شهر آهي جيئن پاڻ وٽ ڪوهه مري، ايوبيا. ابراحاه صنعا شهر ۾ هڪ عاليشان گرجا گهر Cathedral ان خيال کان ٺاهيو ته جيئن سڄي عرب دنيا جا ماڻهو حج لاءِ مڪي وڃڻ بدران هتي صنعا جي هن گرجا گهر ۾ اچي گڏ ٿين. هن ان گرجا گهرکي بيحد اوچو ۽ سهڻو ڪري ٺهرايو هو. ان جي بناوت لاءِ هن راڻي شيبا جي رد ڪيل محلاتن جو پٿر استعمال ڪيو. سون ۽ چانديءَ جا ڪراس (Cross) ٺهرايائين. ڏورانهين هنڌن تان عاج ۽ ايبوني هٿ ڪري Pulpits ٺهرايائين ۽ پنهنجي حاڪم نيجس Negus کي لکيائين: “مون تنهنجي نالي هڪ اهڙو مندر ٺهرايو آهي، جنهن جهڙو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به پنهنجي حاڪم لاءِ نه ٺاهيو هوندو ۽ آئون تيسين سک سان نه سمهندس جيسين سڀني عربن کي ڪعبي ڏي وڃڻ بدران هيڏي نه موڙيان.”
    اهو ٻڌي حجاز ۽ نجد (هاڻوڪي سعودي عرب) جا عرب ڪاوڙجي پيا. قريش قبيلي جي مائٽيءَ جي هڪ قبيلي ڪاناح جا ماڻهو صنعا (يمن) وڃي ان مندر جي ڊاهه ڊوهه ڪري موٽي آيا.
    ابراحاهه کيجو اها خبر پئي ته هو باهه ٿي ويو ۽ ڪعبي کي ڊاهي تڙپٽ ڪرڻ جو هن عهد ڪيو هو وڏو لشڪر وٺـي مڪي طرف روانو ٿيو. لشڪر سان گڏ هاٿي پڻ هو. رستي تي ڪجهه عرب قبيلن هن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو ان ۾ ڪامياب نه ٿيا. ابراحا مڪي جي ٻاهران پڙاءُ وجهي پنهنجن ڪجهه ماڻهن کي ڦرلٽ لاءِ موڪليو جن ٻئي مال سان گڏ ٻه سؤ اٺ به آندا، جيڪي عبدالمطلب جا هئا. قريش ۽ ٻين قبيلن اهو ئي فيصلو ڪيو ته مقابلو ڪرڻ کان بهتر آهي ته پاسو ڪجي.
    هوڏانهن ابراحاه مڪي شهر جي وڏي کي گهرايو ته جيئن هن کي ٻڌائي سگهي ته هو ڪنهن سان وڙهڻ بدران فقط ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ آيو آهي. قريش قبيلي جو عبدالمطلب مترجم سان گڏ ابراحاه وٽ پهتو، جنهن پڇيس ته حملي کان اڳ جيڪڏهن هن کي ڪنهن شيءِ جي گهر ڪرڻي هجي ته ڪري. عبدالمطلب کيس ٻڌايو ته سندس فوج هن جا ٻه سؤ اٺ کنيا آهن، جيڪي موٽايا وڃن.
    ابراحاه تعجب مان چيو: “ مون سمجهيو ته تون پنهنجي مذهب ۽ ڪعبي جي بچاءَ لاءِ چوندين پر تون اٺ گهري رهيو آهين؟”
    “ان ڪري جو، “ عبدالمطلب وراڻيو، “ آئون اٺن جو مالڪ آهيان. اهڙي طرح ڪعبي جو به مالڪ آهي، هن کي پاڻ بچائيندو.”
    ابراحاه اٺ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عبدالمطلب موٽي اچي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي صلاح ڏني ته شهر ڇڏي ٽڪرين تي هلي ويهجي ۽ پوءِ پاڻ ڪعبي جي در جي گول ڪڙي ۾ هٿ وجهي رب پاڪ کي ان جي سلامتيءَ لاءِ ٻاڏايو. ان بعد پاڻ به ٽڪرين ڏي روانو ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن ابراحاه ڪعبي تي حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو. سندس هاٿي مڪي طرف هلڻ بدران گوڏن تي جهڪي ويو ٿي. پٺيان موڙڻ تي وري هليو ٿي. ابراحاه لاءِ اها صاف نشاني هئي ته هو حملي ڪرڻ بدران موٽي وڃي ۽ وڏي نقصان کان بچي وڃي. پر هن کي پنهنجي طاقت تي گهمنڊ هو ۽ سندس اها خواهش هئي ته ماڻهو ڪعبي بدران سندس ٺهيل گرجا گهر تي گڏجاڻي ڪن. ان ڪري موٽڻ بدران ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ اولهه طرف کان آسمان ڪارو ٿيندو نظر آيو ۽ عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. آواز ۽ اونداه وڌندي وئي ۽ پوءِ سندن مٿان پکين جا انبار ئي انبار هئا. جيستائين نظر وئي ٿي اوستائين پکي ئي پکي هئا. جيڪي بچي نڪتا انهن ٻڌايو ته اهي Swifts (ابابيلن) جهڙا پکي هئا. هر هڪ پکي وٽ چڻن جيڏيون ٽي ٽي پٿريون هيون. هڪ چهنب ۾ ۽ ٻه هر هڪ پير جي چنبي ۾. هنن هيٺاهون لامارو ڏيڻ وقت اهي پٿريون ڇڏيون ٿي جيڪي ايڏيون ته سخت هيون ۽ اهڙي ته رفتار سان لڳيون ٿي جو جسم کي چيري ويون ٿي. پٿريون لڳڻ سان ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڌپ پئدا ٿي ٿي. ڪيترا اتي جو اتي مري ويا. ڪيترا خوف ۽ هراس ۾ پٺيان پير ڪري ڀڄڻ لڳا. ابراحاه خود به رستي تي مري ويو.
    مٿئين حملي جو پڻ ذڪر قرآن شريف جي 105 سورة الفيل ۾ آهي. انهن پکين جي حملي واري معجزي وقت عبدالمطلب جو پٽ عبدالله مڪي ۾ موجود نه هو. هو واپار سانگي فلسطين ۽ شام ڏي هڪ قافلي سان گڏ روانو ٿيو هو. واپسي تي هو پنهنجي ڏاڏيءَ جي مائٽن وٽ هتي مديني ۾ ٽڪي پيو جيڪو ان وقت يثرب سڏبو هو. هو هتي سخت بيمار ٿي پيو. عبدالمطلب پنهنجي پٽ حارث کي هيڏانهن مديني ڏي روانو ڪيو ته پنهنجي ڀاءُ عبدالله جي پرگهور لهي ۽ چاق ٿيڻ تي مڪي وٺي اچڻ ۾ مدد ڪريس.
    مديني (يثرب) پهچڻ تي حارث کي پنهنجي ڀاءُ عبدالله جي وفات جي خبر پئي جيڪو نه فقط هن لاءِ پر واپسي تي مڪي پهچڻ تي ٻين مائٽن عزيزن لاءِ پڻ وڏو ڏک ثابت ٿيو. سندس زال آمنا کي مڙس جو وڏو صدمو رسيو، هن لاءِ هاڻ فقط اهو ٻار سهارو هو جيڪو اڃان ڄائو نه هو.
    ڪجهه هفتن بعد هي ٻار جنهن جو نالو محمد صلعم رکيو ويو، هن جهان ۾ آيو. آمنا ان وقت پنهنجي چاچي جي گهر ۾ هئي. هن عبدالمطلب ڏي ماڻهو موڪليو ته اچي پنهنجو پوٽو ڏسي. عبدالمطلب پنهنجو پوٽو پنهنجين ٻانهن تي کڻي ڪعبي ڏي روانو ٿيو، جتي هن لاءِ دعا گهري ۽ خدا جو شڪرانو ادا ڪيو، جنهن هن کي پوٽي جي تحفي سان نوازيو هو. ان بعد هن کي پنهنجي ماءُ آمنا ڏي کڻي آيو. واٽ تي ڪجهه دير لاءِ پنهنجي گهر وارن کي پڻ ڏيکاريو. در تي سندس ننڍو پٽ (يعني حضور صلعم جن جو چاچو) عباس مليو، جيڪو ان وقت ٽن سالن جو هو.
    “ هي تنهنجو ڀاءُ آهي، هن کي پيار ڪر.” عبدالمطلب پنهنجي پٽ عباس اڳيان نئون ڄاول ٻار محمد صلعم جهلي بيٺو. عباس هن کي چمي ڏني.*
    *Chapter VII,
    The year of the Elephant
    Muhammad – his life based on the earliest sources By Martin Lings.


    ڪجهه سعودي عرب جي تواريخ جاگرافي بابت

    ' سعودي عرب ' نالو جيڪو اڄ ڪلهه دنيا ۾ پئسي ۽ تيل ڪري هيڪاندو مشهور ٿي ويو آهي، اهو ڪو بيحد پراڻو ناهي. اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ته ڇا پر اڄ کان فقط هڪ سؤ سال اڳ به ڪنهن کان جيڪڏهن ' سعودي عرب ' ملڪ جو پڇجي ها ته هو لٺ سان مٿو ڦاڙي ها. عربستان ضرور هو، يمن ضرور هو. پر اهو پٽ، اها ڌرتي جنهن کي اڄ ڪله سعودي عرب سڏيون ٿا ان جي هڪ حصي کي حجاز سڏيو ويو ٿي، جنهن ۾ مڪي، مديني جهڙا مذهب ۽ واپاري وڙي کان مشهور شهر آهن، ان کان مٿڀري علائقي واري حصي کي نجد سڏيو ويو ٿي. ساڄي پاسي سوين ميلن ۾ واري ئي واري _ بيابان رڻ پٽ آهي جتي نه پوک ٿئي ٿي نه ماڻهو ڇيڻو رهي ٿو، جنهن کي عربي ۾ رب الخالي ۽ انگريزي ۾ Empty Quarter سڏجي ٿو.
    سعودي عرب سمجهو ته ائين هو جيئن پاڪستان. 1947ع کان اڳ پاڪستان جو ڪو وجود نه هو. جنهن کي اڄ پاڪستان سڏيون ٿا اهو هندستان جو حصو هو يا اهو حصو مختلف ٽڪرن جي ڌرتي هئي، جيئن ته سنڌ، بلوچستان، سرحد، اولهه پنجاب، اوڀر بنگال وغيره. تيئن سعودي عرب جيڪو اڄ اسان نقشي تي ڏسون ٿا ان جو وجود 23 سيپٽمبر 1932 کان پوءِ ٿيو ۽ هي ملڪ عربستان جي هڪ خاندان سعود جي ملڪيت سمجهي وڃڻ لڳي ۽ اڄ ڏينهن تائين ان جو قبضو آهي. سعودي عرب جو پهريون بادشاهه ابن سعود هو يعني سعود جو پٽ. 1953ع ۾ ابن سعود ايڪهتر سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، جنهن بعد سندس انيڪ پٽن مان هڪ کي بادشاهه ٺاهيو ويو. هن جو نالو سعود ابن عبدالعزيز هو. ( يعني وڏي سعود جو پوٽو ٿيو.)
    عرب دنيا ۾ ڪيترا پنهنجي اصلي نالي بدران پٽ جي نالي (ابو فلاڻو) يا پيءُ جي نالي (بن فلاڻو) سان سڏجن ٿا. بهرحال سعود ابن عبدالعزيز گهڻو وقت هلي نه سگهيو ۽ 1958ع ۾ تخت جون واڳون مرحوم ابن سعود جي هڪ ٻئي پٽ فيصل بن عبدالعزيز کي سونپيون ويون. فيصل جي ڏينهن کان سعودي عرب ترقي جي راهه تي آهي. ملڪ مان پيٽرول نڪرڻ ڪري وارا نيارا ٿي ويا آهن. پر اهو آهي ته بادشاهه، شهزادا ۽ حڪومت ان مان سک ۽ عيش حاصل ڪرڻ سان گڏ عوام جي ڀلي ۽ بهبودي لاءِ به ڪوشان آهن، نه ته تيل ته نائيجيريا، انڊونيشيا، لبيا، عراق ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ به جام نڪتو آهي. پر ڪيترا ملڪ هيڪاندي عياشي، پئسي جي غلط استعمال ۽ هنگامن فسادن کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجي اشتهار بازي پويان ناڻو ناس ڪندا رهن ٿا. اڄ سعودي عرب، يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن سان ڪلهو ملائي رهيو آهي. ڇا سندس تعليم، قاعدي قانون، امن امان جو بلند معيار آهي، ڇا ترقي ڏي سندس قدم آهي. اهو ملڪ جتي اڻ پڙهيل ۽ اڻ ڊسيپيلنڊ بدو، ۽ واري ۽ ريتي هئي اتي پڪن رستن جي ڄار، اسپتالون، اسڪول، دنيا جا وڏي ۾ وڏا ايئرپورٽ، وڏي ۾ وڏيون فئڪٽريون (خاص ڪري پيٽروليم پراڊڪشن جون)، بندرگاهه ۽ ان جا نظام آهن. امير (King) فيصل نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ پر اسان جهڙن ايشيائي ۽ يورپي ملڪن ۾ به مشهور ٿيو. 25 مارچ 1975ع تي فيصل کي قتل ڪيو ويو. سندس قتل سندس ئي ڀائٽي شهزادي فيصل ابن مسائد ابن عبدالعزيز ڪيو فيصل بعد سندس ڀاءُ خالد تخت تي ويٺو. بادشاهه خالد 13 جون 1982ع تي اوچتو وفات ڪئي، جنهن بعد سندس ننڍي ڀاءُ فهد کي گادي نشين بنايو ويو ۽ اڃان تائين سعودي عرب جو بادشاهه آهي. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ عبدالله ابن عبدالعزيز Crown Prince تخت جو شهزادو آهي، يعني فهد جي مرڻ کانپوءِ سعودي عرب جو اهوئي بادشاهه ٿيندو. عبدالله ابن عبدالعزيز 1962ع کان نئشنل گارڊ جو ڪمانڊر پڻ آهي.


    سعودي عرب جا ماڻهو

    سياسي طرح سعودي عرب 1932ع ۾ جنم ورتو آهي. هونءَ جاگرافيائي طرح عربستان هڪ يڪو ٽڪرو (Arabian Peninsula) سمجهڻ کپي، جنهن ۾ يمن، عمان، قطر، دبئي، دوحا ويندي ڪويت اچي وڃي ٿو. عربستان کي عربيءَ ۾ جزيرة العرب به سڏيو وڃي ٿو. يعني عربي ٻيٽ. ڇو جو نقشي ۾ ڏسبو ته عربستان جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي. اوڀر ۾ ايراني (عربي) نار ۽ عماني نار وارو سمنڊ، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ (هندي وڏي سمنڊ جو حصو) ۽ اولهه ۾ ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea)۽ اتر ۾ اردن ۽ عراق جا رڻ پٽ آهن. ڏهه لک چورس ميلن تي پکڙيل هي عربستان (Arabian Peninsula)سياسي طرح مختلف ملڪن ۾ ورهايل آهي. سڀ ۾ وڏو ملڪ سعودي عرب آهي، جنهن جي ايراضي 865000 چورس ميل (2240000 چورس ڪلوميٽر) کن آهي. ان کان علاوه ڪويت، بحرين جو ٻيٽ، قطر، U.A.E(دبئي عجمان وغيره)، عمان ۽ يمن آهي.
    اڄ ڪلهه پيٽرول جي دولت ڪري سعودي عرب، ڪويت، دبئي وغيره سکيا ستابا ۽ امير ملڪ ٿيڻ ڪري مشهور ٿيا آهن، يا اسلام کا پوءِ مڪو مدينو _ حجاز مشهور هو نه ته اسلام کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ڪعبي ۽ واپار وڙي جي ڪري فقط مڪي جو شهر مشهور هو، نه ته سڄي عربستان ۾ يمن وڌيڪ ناليرو هو، جتي راڻي شيبا جو تخت ۽ تاج هو. حاظرالموت وارو علائقو به يمن ۾ اچي ٿو. عدن به يمن جو بندرگاهه آهي، جيڪو هن صدي جي پهرين اڌ تائين سنگاپور، هانگ ڪانگ، دبئي، لاس پاماس جهڙن بندرگاهن کان به گهڻو مشهور هو. سندس مقابلي جو بندرگاهه ۽ واپار جو مرڪز فقط ڪولمبو هو، جيڪو پڻ عدن وانگر اهم جاگرافي هنڌ تي آهي، جتان جهازن جو گهڻو لنگهه ٿئي ٿو.
    حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ يمن تي Abyssina (حبش) وارن جو قبضو هو. ۽ هنن چاهيو ٿي ته مڪي ۾ حج تي ماڻهن جو اچڻ گهٽائي يمن ڏي ڪيو وڃي. انهن ڏينهن ۾ اسلام اڃان نه آيو هو، پر بهرحال حج لاءِ عرب دنيا جا ماڻهو ڪعبي ايندا هئا، جِتي پوڄا لاءِ ڪيترائي بت رکيل هئا. يمن وارن ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ حملو ڪيو، پر ان جي الله تعالى طرفان پکين جي روپ ۾ مدد آئي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ آهي ۽ هن ڪتاب ۾ پڻ لکي چڪو آهيان.
    سعودي عرب جا رهاڪو سني مسلمان آهن ۽ گهڻو ڪري امام حنبلي جا پوئلڳ آهن، جيئن پاڪستان هندستان پاسي جي ماڻهن جو امام حنفي (767 - 699) جي خيالن School of Thoughts سان تعلق آهي ۽ ملائشيا پاسي جي سني مسلمانن جو امام شافعي سان، جيڪو سن 767 ۾ ڄائو ۽ 820 ۾ وفات ڪئي ۽ چوٿون امام مالڪ ابن اناس، جنهن جو آفريڪا پاسي گهڻو اثر رسوخ آهي. پاڻ 715 ۾ ڄاوا ۽ 795ع ۾ وفات ڪيائون.
    اسان وٽ وهابيءَ جو لفظ فقط استعمال ڪيو وڃي ٿو، بلڪ ڪن صورتن ۾ ان جو غلط استعمال ٿئي ٿو. خاص ڪري سنڌ ۾. چوندا فلاڻو وهابي آهي. پڇبو ڇا مطلب؟ وراڻيندو دين کان ڦريل آهي. پڇبو ڪيئن ڦريل آهي؟ وراڻيندا: ڳوٺ جي پيرن فقيرن کي نٿو مڃي. اسان جي ڳوٺ ۾ به الٽو انهن ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو جيڪي دراصل اسلام مذهب تي صحيح طرح عمل ڪن ٿا ۽ شرڪ کان پاسو ڪن ٿا. اسان وٽ جاهليت هجڻ ڪري انهن کي دين کان ڦريل سمجهيو وڃي ٿو جيڪي قبرن، جهنڊن وڻن ٽڻن، پڙن جي پوڄا نٿا ڪن. جيئن اڄ ڪلهه اسان جي ڳوٺ ۾ مولوي خالد نالي هڪ نوجوان اسلام جي صحيح تعليم ڏيڻ ڪارڻ شرڪ جي ڪمن کان منع ٿو ڪري ته ڪيترا ماڻهو، خاص ڪري اهي ملان مجاور جن جي ڪمائي ۽ روزگار ماڻهن کي قبرن جي پوڄا ڪرڻ، ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ ۽ ساٽن سوڻن ڏي رغبت ڏيارڻ آهي، اهي احتجاج ڪن ٿا.
    قرآن ۾ جيڪي آهي يا حضور صلعم جن جيڪي فرمايو.... اهو صحيح اسلام آهي. ان کان وقت بوقت مختلف دورن ۽ هنڌن تي ماڻهو ڦرندا رهيا آهن ۽ Deviation آڻيندا رهيا آهن. پوءِ ڪونه ڪو نيڪ انسان انهن کي صحيح راهه تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو، جيڪا قرآن ۽ سنت مطابق آهي. اڄ کان ٽي سؤ سال کن اڳ سن 1703ع ۾ اهڙو هڪ مرد مجاهد محمد بن عبدالوهاب نالي پئدا ٿيو. هو نجد ۾ رهيو ۽ سڄي عمر اسلام دين تي هلڻ لاءِ ماڻهن کي چوندو رهيو. جيڪي جيڪي بدعتون پئدا ٿي پيون هيون، هن انهن جي نشاندهي ڪئي ۽ قرآن ۽ سنت مطابق هلڻ لاءِ تلقين ڪئي. ڪيترن ماڻهن پنهنجو ڌنڌو چمڪائڻ لاءِ غلط ڳالهين کي کڻي ايجاد ڪيو هو، جيڪي شرڪ ۾ اچن ٿيون. بن عبدالوهاب انهن کي بند ڪرايو ۽ اسلام جي قاعدن قانونن تي سختي سان هلڻ لاءِ چيو. محمد بن عبدالوهاب سني مسلمان هو ۽ هن سنت رسول تي هلڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري اهو غلط آهي ته وهابين ۽ سنين جا ٻه گروپ ٺاهيا وڃن. وهابي به سني آهن.
    سعودي عربن لاءِ ٻيو کڻي ڇا به چيو وڃي ته هو مغرور آهن، ڄٽ آهن، عياش آهن، خرچائو آهن وغيره، پر اهو آهي ته هنن جو هڪ الله ۾ وڏو ويساهه آهي. هو الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ ڪري شرڪ جهڙو ڪم نٿا ڪن، جيڪو اسلام ۾ سڀ کان وڏو گناهه جو ڪم آهي. هو اگهائي سگهائي، غريبي اميري، ڏک سک ۾ سنئون سڌو رب پاڪ سان رجوع ٿين ٿا. ڪوڙن پيرن فقيرن، قبرن مزارن، جهنڊن تابوتن اڳيان هٿ ٻڌي نٿا بيهن. مري ويلن جي قبرن تي چادرون چاڙهي انهن کي يا انهن جي چوڌاري لڳل ڄارين کي چميون ڏيئي پنهنجي ڪاروبار، نوڪري يا اولاد جي گهر نٿا ڪن. هنن جو پڪو يقين آهي ته ڏيڻ وارو الله آهي، جئين شاهه لطيف به چيو آهي ته ' تون ڏئين تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن'. پر اها شاهه لطيف جي بدقسمتي آهي جو پويان سندس پيغام کي سمجهڻ بدران وتن سندس ئي قبر کي چميون ڏيندا ۽ ان مٿان پڙ چاڙهيندا. ويندي حضور صلعم جن جي روضي پاڪ جي ڄاريءَ کي به ائين چمڻ جي اجازت ناهي جو اها ڳالهه شرڪ ۾ اچيو وڃي ٿي. بيت الله ۾ رکيل پٿر حجر اسود کي فقط چميو وڃي ٿو، ان ڪري جو ان لاءِ رب پاڪ کان حڪم ٿيل آهي. تڏهن ته حضرت عمر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن حجر اسود کي چمي ڏيندي چيو هو: “ رب پاڪ طرفان حڪم ٿيل آهي تڏهن توکي چمي ڏيان ٿو نه ته تون ته هڪ پٿر آهين.”


    اسلام جون فتحون

    جيتوڻيڪ اسلام کان اڳ عيسائين توڙي يهودين هڪ خدا کي مڃيو ٿي. يعني حضرت عيسيٰ توڙي حضرت موسيٰ يا ان کان اڳ حضرت احضور براهيم، حضرت نوح يا ٻين نبين هڪ خدا کي مڃڻ لاءِ تلقين ڪئي ٿي، جيڪو عالمن جو رب آهي پر پوءِ وقت بوقت انهن نبين جي قوم پنهنجي نبيءَ جو صحيح پيغام وساريندي رهي. حضور جن جي ڏينهن ۾ ڪعبي ۾، جيڪو خدا جو گهر چيو وڃي ٿو ۽ حضرت ابراهيم ٺهرايو، منجهس ڪئين قسمن جا بت رکيل هئا، جيڪي مختلف ڪمن جي پوئواري ڪرڻ جا ديوتا سمجهيا ويا ٿي. انهن جي پوڄا پاٺ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا. حضور صلعم جن 570ع ۾ ڄاوا، چاليهه سالن جي ڄمار ۾ مٿن وحي لٿو ۽ پاڻ ڪريمن اسلام جي تبليغ ڪئي، يعني اهو سال 610ع کن هو. پاڻ 632ع ۾ وفات ڪئي. ويهه ٻاويهه سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ حضور صلعم جن نه فقط مديني ۽ مڪي جي ماڻهن کي اسلام جي گهيري ۾ آندو، پر سڄو عربستان مسلمان ٿي ويو ۽ پوءِ هڪ صديءَ اندر جيڪي مسلمانن کي دنيا ۾ فتحون نصيب ٿيون، اهي دنيا جي تاريخ جو ڪارنامو آهن.
    640ع تائين مسلمانن فلسطين ۽ شام تي سوڀ حاصل ڪري ورتي. عراق 641ع ۾، مصر 642ع ۾، ٽرپوليٽانيا (لبيا) 647ع ۾، پرشيا 650ع ۾ ۽ افغانستان 640ع ۾ فتح ڪيو. ٽيونيشيا 693ع ۾، الجيريا ۽ موراڪو 705ع ۾ عربن جي هٿ ۾ آيا. سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب 712ع ڌاري فتح ڪيو ويو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ اسپين پڻ. ۽ 632ع ڌاري مسلمان فرانس جي وچ کان وڃي نڪتا هئا، جتي سندن اڳتي وڌڻ توئرن روڪيو. جن ڏينهن ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي، انهن ڏينهن ۾ عراق جو گورنر حجاج بن يوسف هو. حجاج بن يوسف 661ع ۾ ڄائو هو ۽ 714ع ۾ مري ويو.


    نئين سال تي روڄ پٽڪو

    سعودي عرب وارياسو ملڪ آهي. مينهن تمام ٿورو ٿو پوي سو به سياري ۾. اونهاري ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي، ان سان گڏ ڪٿي ڪٿي خشڪ موسم آهي (يعني پگهر نٿو ٿئي) ڪٿي گهم پڻ آهي. سياري ۾ پورا پنا سيءَ ٿين ٿا. وچ واري حصي (نجدي واري) ۾ گهڻو سيءُ ٿئي ٿو جو اهو حصو Najd Plateau سامونڊي ليول کان ڪافي مٿڀرو آهي.
    سعودي عرب جي قومي زبان عربي آهي. پر اسڪولن ۾ انگريزي به پڙهائي وڃي ٿي. انگريزي کان علاوه ٻي زبان فرينچ پڙهي وڃي ٿي. ٽي وي چئنل به عربي ۽ انگريزي بعد فرينچ آهن. موراڪو، ٽيونيشا، آلجيريا جهڙن عرب ملڪن ۾ ته عربي بعد فرينچ هلي ٿي ۽ ٽئي نمبر تي انگريزي.
    سعودي عرب ۾ تاريخ ۽ سال (ڪئلينڊر) هجري وارو هلي ٿو، جنهن جي شروعات حضور صلعم جن جي مڪي کان مديني هجرت آهي. پوسٽ آفيس ۾ توڙي اميگريشن آفيس ۽ ٻين هنڌ هجري سن ۽ تاريخ وارو ٺپو لڳي. ڪن ڪن هنڌن تي هجري سن سان گڏوگڏ عيسوي سن به لڳايو وڃي ٿو. هجري سال جي نئين ڏينهن تي _ يعني پهرين محرم تي هڪ ٻئي کي نئين سال جون مبارڪون ڏين. ڪيتريون نوڪريون ۽ ڌنڌا ڌاڙي سال جي نئين ڏينهن (پهرين محرم) کان شروع ڪن. ۽ پهرين محرم خوشيءَ جو ڏينهن تصور ڪيو وڃي ٿو. ملائشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جي ملڪن ۾ پڻ پهرين محرم خوشيءَ جو ڏينهن هوندو آهي ۽ ان ڏينهن تي اتي جا مسلمان موڪل ڪن. منهنجي ايراني همراهن سان دوستي ۽ ويجهڙائي يورپ ۾ ٿي. مون کين پهرين جنوري تي Happy New Year جو ڪارڊ موڪليو. مونکي تعجب لڳو ته ان جي جواب ۾ هنن پهرين محرم تي سال نو مبارڪ جو ڪارڊ موڪليو آهي. پر اسان وٽ پاڪستان هندستان ۾ اهو حساب ناهي، محرم جي پهرين تاريخ کان روڄ پٽڪو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو محرم جا پهريان ڏينهن ڪابه Transaction (ڌنڌو ڌاڙي) قبول نه ڪندا آهن. جيتوڻيڪ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ ڪربلا جي واقعي جو غم سني توڙي شيعن کي برابر ٿيڻ کپي پر هنن ڏينهن تي ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي کان شڪوه شڪايتون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته مارا ماري جا واقعا به درپيش اچن ٿا. جنهن جهڙو نقل نظير نه عرب ملڪن ۾، نه آفريڪي ملڪن ۾ ۽ نه ڏور ايشيا جي مسلمان ملڪن ۾ نظر اچي ٿو. الائي ڇو هر ڳالهه ۾ اسان جي ملڪ جو ماڻهو موت جو شڪار ٿئي ٿو.


    پاڪستاني رپيو ۽ پاڪستاني ماڻهو

    سعودي عرب جي سڪي جو نالو سعودي ريال آهي. هڪ ريال ۾ سؤ هلالا آهن، پر فقط پنجاهه ۽ سؤ هلالن جو سڪو نظر اچي ٿو سو به ٽيليفون لاءِ ڪم اچي ٿو، نه ته ڏيتي ليتيءَ لاءِ نوٽ هلن. اهي نوٽ، هڪ، پنج، ڏهه، پنجاهه، سؤ ۽ پنج سؤ ريالن جا آهن. هڪ پوڻن چئن سعودي ريالن برابر آهي _ جيڪو تقريباً سالن کان هلندو اچي. ڪو زمانو هو سعودي ريال ٻن اڍائي رپين ۾ ملندو هو. هاڻ پاڪستاني رپئي جو اگهه ايترو ڪري پيو آهي جو ساڍي اٺين رپئي ريال ملي ٿو ۽ روزانو ٽڪو پئسو وڌندو رهي ٿو. سعودي عرب وڃڻ وارن لاءِ بهتر آهي ته ڪراچي مان ئي پاڪستاني رپيا مٽائي ريال وٺي اچن. هتي به مٽجيو وڃن، پر پنج ڏهه پئسا وڌيڪ اگهه تي ملن ٿا سو به مڪي مديني ۽ رياض جهڙن وڏن شهرن ۾. هي شهر ينبو جنهن ۾ اڄ ڪلهه آئون رهيل آهيان ان جي ڪنهن به بئنڪ تان پاڪستاني رپيا نٿا مٽجن، البت آمريڪي ڊالر، برٽش پائونڊ ۽ جرمن مارڪ سان گڏ هندستاني رپيا ۽ ڪوريا جا وان به بدلجيو وڃن ٿا. مون وٽ پنج هزار کن پاڪستاني رپيا هئا، جيڪي مون مٽائي ريال ورتا ٿي جيئن هتي استعمال ڪري سگهان. مون سمجهيو سولائيءَ سان مٽجي ويندا ۽ جڏهن ضروت پوندي تڏهن مٽائيندس. آخر هڪ ڏينهن اهڙو اچي ويو جو کيسي ۾ هڪ ريال به نه هجي، منهنجو عرب دوست به فئملي سان رياض ويل هو. پاڪستاني پئسا کڻي مٽائڻ لاءِ نڪتس ته تلخ حقيقت کان واقف ٿيس ته پاڪستاني وٺڻ سڪو لاءِ ڪا بئنڪ به تيار ناهي. ڪجهه همراهن ٻڌايو ته ان لاءِ مديني يا مڪي وڃڻو پوندو جتي ڪجهه پرائيوٽ دڪاندار Money Changer پاڪستاني رپيا به مٽي ڏين ٿا. بهرحال پنهنجي پر ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته من ڪٿان مٽجي ملن، جو ٻي بجي کان اڳ ۾ مونکي ڊرائيونگ لائسنس جي ٻه سؤ ريال کن في ڏيڻي هئي. آخر هڪ ٻڌايو ته فلاڻي روڊ تي بئنڪ رجالي ۾ پاڪستاني پئسا مٽجيو ملن ٿا. اتي پهتس ته رسيپشن تي ويٺل عرب منهنجي ڳالهه نه سمجهي ۽ نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هٿ جي اشاري سان ڪائونٽر تي ويٺل هڪ ٿلهي پاڪستاني ڏي اشارو ڪندي پنهنجي جان ڇڏائي.
    آئون اڳيان وڌي ان وٽ ويس. هو لاهور جو رهاڪو هو ۽ پنجابي گاڏڙ اڙدو ۾ خير عافيت ڪري مونکان ڪم پڇيو.
    “هي پنج هزار رپيا مٽائڻا آهن.” مون چيومانس.
    هن هٿ جي اشاري سان دريءَ اندر پئسا ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مون سک جو ساهه کنيو. هن نوٽ ڳڻي هڪ لفافي ۾ وڌا ۽ کيسي مان ٻٽون ڪڍي امان ننڍا وڏا نوٽ ڪڍي ٻٽون خالي ڪيائين. نوٽ ڳڻي منهنجي حوالي ڪري چيو:
    “ست ريال گهٽ آهن. ٻئي ڪنهن ڏينهن وٺي وڃجانءِ”
    آئون ڪا گهڙي کيس تعجب مان ڏسندو رهيس ته هيءَ ڪهڙي بئنڪ آهي جنهن ۾ بئنڪ ۾ ويٺل همراهه پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍيو پئي ڏئي ۽ بئنڪ ۾ هڪ ريال به نه آهي. منهنجي گهوري ڏسڻ تي هن سمجهيو ته مونکي باقي ست ريال به کپن سو ڀر ۾ ٻئي ڪائونٽر تي ويٺل عرب کي عربيءَ ۾ ڪجهه چئي ست ريال وٺي مونکي ڏنا.

    “ خبر ناهي ڪهڙي حساب سان ڏنا اٿس. ڳڻيان ته سهي،” مون دل ئي دل ۾ چيو ۽ مليل نوٽ ڳڻڻ لڳس. ڪجهه هڪ هڪ ريال جا نوٽ هئا، ڪجهه پنجن ۽ ڏهن جا. هڪ سؤ جو به هو. ڪل پنج سؤ ريال ٿيا. يعني مون ڳڻڻ ۾ غلطي ڪئي. ڇو جو منهنجي حساب موجب پنج هزار رپين جا مونکي ٿورا ٿورا ته به 560 يا 570 ريال ملڻ کپن جو انهن ڏينهن جي مارڪيٽ ريٽ ساڍي اٺين رپئي بدران پوڻي نائين رپئي في سعودي ريال ڏئي ته به 570 ريال ٿيا. مون هڪ دفعو وري ڳڻيا ته پنج سؤ ريال ٿيا.
    “توهان گهڻا ڏنا آهن _ ؟” مون کانئس پڇيو.
    “پنج سؤ ريال.” هن وراڻيو.
    “ڪهڙي حساب سان _ ؟” مون پڇيو.
    “ڏهين رپئي ريال جي حساب سان.” هن ٺهه پهه وراڻيو.
    “ڏهين رپئي_!” تعجب مان مونکان رڙ نڪري وئي. ۽ پوءِ پاڻ کي پاڻهي ٿڌو ڪري کانئس ڌيرج سان پڇيو: “ڇا ڏهين رپئي ريال حد درجي جو مهانگو نه آهي.”
    “بئنڪ طرفان نه پر پنهنجي طرفان توکي مٽي پيو ڏيان،” هن مونکي سمجهايو. “اسان جي بئنڪ ۾ پاڪستاني رپيا نه مٽبا آهن. تون مجبور ٿو ڏسجين ان ڪري توکي آئون پنهنجي کيسي مان مٽي پيو ڏيان. زال کي پئسا موڪلڻ لاءِ مونکي هونءَ ئي مٽائڻا هئا سو ان ڪري توکي ريال ڏئي پاڪستاني پيو وٺان.”
    “ اهو ته صحيح آهي پرتوهين يا توهان جي زال هتي يا پاڪستان ۾ ريال مٽائيندي ته هن کي ساڍي اٺين رپئي سان ئي مٽجي ملندو.” مون هن سان دليل بازي ڪئي، جنهن جي جواب ۾ هن ڀرواري کان ڏهن ريالن جو ٻيو هڪ نوٽ وٺي منهنجي هٿ تي ائين کڻي رکيو ڄڻ فقير کي ڏجي. ڪا گهڙي منهنجي دل ۾ آيو ته پنهنجا پئسا واپس وٺانس (جيڪي هن ڏيڻ بدران ڦٻائڻ ئي چاهيا ٿي تڏهن ته ڏهه ريال ڏئي مونکي سرچائڻ جي ڪوشش ۾ هو.) پر پنهنجي مجبوري ڏسي چپ ٿي ويس.
    “سوال ڪو ڏهن ريالن جو ناهي،” مون کيس ڏهين ريالن جو نوٽ واپس ڪندي چيو.” پر ڪو ته اصول هجڻ کپي. منافعي ڪمائڻ ۽ ٻئي جي مجبوري مان فائدو وٺڻ جي به هڪ حد ٿيندي آهي.”
    مون سندس چهري ڏي چتائي ڏٺو. مون سمجهيو کيس ان ٺڳيءَ تي افسوس ٿيندو پر هو ڪو اهڙي ٿلهي کل جو هو جو ڪو اثر نه ٿيس. ڏهين جو نوٽ ڀر واري همراهه کي واپس ڪري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو.
    بئنڪ مان ٻاهر نڪرڻ وقت مون دل ۾ سوچيو ته سڄي عمر آئون يهودين، تامل ۽ چيني واپارين کي گاريون ڏيندو رهيو آهيان ته مسافرن کي ڦرين ٿا. ٺڳين ٿا. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ايڏي اگهه تي غير ملڪي ناڻو نه بدلائيو، جيترو هن منهنجي ملڪي مسلمان ڀاءَ مونکي ٺڳيو آهي.


    سعودي عرب ۾ نوڪري جا ٽائيم

    سعودي عرب جو ٽائيم اسان کان ٻه ڪلاڪ پٺتي آهي. يعني سعودي عرب ۾ سج اسان وٽ اڀرڻ بعد ٻه ڪلاڪ کن رکي پوءِ اڀري ٿو. هتي سعودي عرب ۾ صبح جا ڇهه هوندا آهن ته پاڪستان ۾ اٺ. هتي منجهند جا ٻارهن هوندا آهن ته پاڪستان ۾ ٻه.
    سعودي عرب ۾ سرڪاري ۽ خانگي آفيسن جا مختلف وقت آهن. سرڪاري آفيسون صبح جو ساڍين ستين کلن ۽ منجهند جو اڍائي بجي بند ٿين. هڪ بجي ڌاري اڳين نماز جي ٻانگ اچي. هر آفيس ۾ هڪ ڪمرو مسجد طور ڪم اچي جنهن کي نماز پڙهڻي هوندي آهي ڏهن پنڌرهن منٽن ۾ جماعت سان يا پنهنجي منهن پڙهي اچي. پنهنجي ڪم کي لڳندو آهي. هڪ اسان جي ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال آهي جنهن جو ڪمپائونڊر دانهون ڪري مريضن کي پيو چوندو آهي: “ بابا ٻن ڪلاڪن کان ٻڌائي رهيو آهيان ته ڊاڪٽر صاحب نماز تي ويو آهي پر وريو وريو اچيو پڇو ته ڊاڪٽر ڪڏهن ايندو. توهان ته نماز نٿا پڙهو پر ٻين کي ته پڙهڻ ڏيو.”
    نماز کي جنهن نموني سان اسان وٽ پنهنجي مقصد لاءِ Exploit ڪيو وڃي ٿو، ائين شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿيندو هجي. غير سرڪاري آفيسون ، جهازراني ڪمپنيون، واپار وڙي جا تجارتي ادارا ۽ آفيسون صبح جو 8 بجي کلن ۽ ٻارهن وڳي بند ٿين. وري چئين بجي کلن ۽ اٺين بجي بند ٿين. يا ڪي ڪي خانگي آفيسون اٺين بجي کلن ۽ هڪ بجي بند ٿين. ۽ پوءِ شام جو پنجين بجي کلن ۽ اٺين وڳي بند ٿين.
    هفتي ۾ خميس ۽ جمعو سرڪاري آفيسن لاءِ موڪل ٿئي ۽ ٻين لاءِ خميس جو اڌ ۽ جمعي جو سڄو ڏينهن موڪل ٿئي. رمضان جي مهيني ۾ سڀني لاءِ ڊيوٽي جو وقت (Working Hours)صبح جو ڏهين کان شام جو ٽي وڳي تائين ٿئي ٿو.
    سال ۾ ٻه وئڪيشنون ٿين. هڪ رمضان جي عيد واري جيڪا 25 رمضان کان 5 شوال تائين هلي _ اڳيان پويان خميسون جمعا ملائي ٻه هفتا کن موڪل ٿئي ۽ ٻي ذوالحج جي عيد واري موڪل جيڪا پنجين ذوالحج کان پنڌرهين ذوالحج تائين هلي، جيڪا پڻ وڃيو ٻه هفتا کن ٿئي. شهرن ۾ دڪان، هوٽلون رات جو نائين ڏهين تائين کليل رهن بلڪ ڪي ڪي دڪان ته يارهين ٻارهين تائين به کليل هوندا آهن. ڏينهن جو نمازن جي وقت تي ٿوري دير بند رهن. رمضان جو مهينو ته سڄي رات دڪان کليل رهن ۽ شهر ۾ رونق هوندي آهي. هونءَ به هتي ڏينهن جو گرمي ۽ اس ڪري ۽ ويتر رمضان ۾ روزي ڪري ڏينهن جو ورلي ڪو ٻاهر نڪري ٿو.
    سعودي عرب وارن جو قومي ڏينهن 23 سيپٽمبر آهي. جنهن تاريخ تي 1932ع ۾ بادشاهه عبدالعزيز السعود عربستان جون مختلف رياستون: نجد، حجاز، عاصر، الاحصا ملائي هڪ ملڪ سعودي عرب ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو پهريون بادشاهه ٿيو.
    سعودي عرب ۾ بادشاهي راڄ Monarchy آهي. قرآن شريف ملڪ جو آئين (Constitution) سمجهيو وڃي ٿو. وزيرن جي ڪائونسل ملڪ جي بادشاهه سان گڏ ملڪ جي ليجسليٽو ۽ Executive اٿارٽي آهي. سعودي عرب ۾ ويهه کن وزارتون آهن. ان کان علاوه ڪيتريون ئي سرڪاري آرگنائيزيشنون ۽ ٻيا ادارا آهن. ملڪ جو بادشاهه ٻن پاڪ مسجدن جو نگهبان (Custodian)پڻ آهي. ان ڪري هتي جي بادشاهه کي خادمين حرمين شريف پڻ سڏيو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه ملڪ جو بادشاهه فهد بن عبدالعزيز آهي ۽ وليعهد شهزادو عبدالله بن عبدالعزيز آهي _ جيڪو ڊپٽي پرائيم منسٽر پڻ آهي. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڊپٽي پرائيم منسٽر شهزادو سلطان بن عبدالعزيز پڻ آهي. شهزادو سلطان ڊفينس ۽ Aviation جو وزير ۽ انسپيڪٽر جنرل پڻ آهي.


    سعودي عرب جو جهنڊو

    سعودي عرب ملڪ جو سرڪاري نالو “ المملڪة العربية السعوديه” (Kingdom of Saudi Arabia) آهي. سعودي عرب جو جهنڊو سائي رنگ جو آهي، جنهن جي وچ تي اڇي رنگ سان ڪلمو لکيل آهي، جنهن جي هيٺان اڇي رنگ جي تلوار آهي.
    دنيا ۾ سرڪاري طرح ڏک جو اظهار ڪرڻ تي ملڪ جو جهنڊو هيٺڀرو (Half Masted) ڪيو ويندو آهي پر سعودي عرب هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جو جهنڊو ڪڏهن به هيٺڀرو نٿو ڪيو وڃي.
    سعودي عرب جو سرڪاري نشان ٻه تلوارون ۽ انهن جي مٿان وچ ۾ کجيءَ جو وڻ آهي. سعودي عرب جي سندن سرڪاري بروشر موجب ايراضي نو لک چورس ميل (اٽڪل ساڍا ٻاويهه لک چورس ڪلوميٽر) آهي. گهڻي ڀاڱي رڻ پٽ ۽ ٽڪر جبل آهن. وڏي ۾ وڏو جبل ڏهه هزار فوٽ آهي. سڄي عربستان جا پنج حصا ڪيا وڃن ته سعودي عرب چار حصا ٿيندو باقي هڪ حصي ۾ يمن، عمان، ڪويت، دبئي وغيره ايندو.
    سواري لاءِ سعودي عرب ۾ اٺن گهوڙن کان موٽر ڪارون، بسون، هوائي جهاز ۽ پاڻي جا جهاز آهن. دمام کان رياض تائين ريل گاڏي به آهي. ريل جي پٽن جي اٽڪل هزار کن ڪلوميٽر ڊيگهه آهي. سامان ڍوئڻ لاءِ ٽي هزار کن دٻا اٿس ۽ مسافرن لاءِ سؤ کن ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ آهن. انهن کي ڇڪڻ لاءِ پنجاهه کن انجڻيون Locomotives آهن. رڻ پٽ بيابان ۾ ريل هلائڻ _ جتي واري اڏامڻ ڪري ريل جي پٽن کي هر وقت صاف ۽ چٽو رکڻ وڏي محنت جو ڪم آهي. پر بهرحال اهو ڪم به هتي سعودي عرب ۾ هلندو رهي ٿو.
    سعودي عرب جي گاديءَ جو هنڌ رياض آهي. جدو، ينبع، دمام ۽ جيزان اهم بندرگاهه آهن. مڪو شريف ۽ مدينه منوره پاڪ شهر آهن، ان کان علاوه سعودي عرب جا ٻيا مشهور شهر آهن: طائف، جبيل، الخبر، حائل، بريده، عنازه، الراس، هفوف، ابها، نجران، بريده، ابقيق، راس تنوره، الخرج، دهران، اجوف، الباحہ، خميس مشيط، العضيليہ . . . وغيره وغيره.


    اسلام ۾ ڪو عيب ناهي

    هڪ دفعي اسلام تي ڪجهه دوست ڳالهائي رهيا هئا. اسان جي ٽولي ۾ هڪ يورپي دوست به هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مسلمان ٿيو آهي. سندس نالو عبدالله آهي. پاڻ تمام گهڻيون حديثون پڙهيون اٿس ۽ اسان کي به ان جي آڌارتي سمجهائي رهيو هو ته ٻئي جي گلا نه ڪجي. محفل ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي اها ان محفل جي امانت سمجهي اتي ئي ڇڏجي. ڍنڍورو نه پٽجي. ٻين جي عيبن تي پڙدو وجهجي.
    “حضور صلعم جن ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون ٻڌايون آهن. انهن تي اسان عمل ڪيون ته جيڪر اسان ۾ جهيڙا جهٽا پئدا نه ٿين،” عبدالله چيو، “مونکي ته ڪڏهن سوچي تعجب لڳندو آهي ته حضور صلعم جن جيڪي نه پڙهيل هئا ۽ نه ان زماني ۾ اسڪول ڪاليج هئا تن اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي سڄي دنيا ۾ هميشه جي لاءِ سڦل ثابت ٿيون آهن. سندن ڪي ڪي ڳالهيون جن تي ان وقت تصور ڪندي به عجب لڳو ٿي اڄ چوڏهن سؤ سالن بعد حقيقتون لڳن ٿيون. پاڻ چيائون ته آخري وقت ۾ اها حالت ٿيندي جو مارڻ واري کي اها خبر نه پوندي ته آئون ڇو ماريان پيو ۽ مرڻ واري کي اها ڄاڻ نه هوندي ته هو ڇو ماريو پيو وڃي. اڄ اهو سچ ڏسي رهيا آهيون. پاڻ فرمايو هئائون ته اهو وقت اچڻو آهي جو اٺ اٺڻيون بيڪار سمجهيون وينديون ۽ ان وقت يعني اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ ڪنهن ٿي سوچيو ته اڳتي هلي تيل پيٽرول ايجاد ٿيندا، ڪارون ڊيزل انجڻيون نڪرنديون جن تي اٺن بدران سواري ٿيندي ۽ ڍڳين مينهن جو کير تازي صورت ۾ يا دٻن ۾ پئڪ ٿي آسٽريليا، نيوزيلنڊ، ڊئنمارڪ، جپان کان هتي جي وڏن شهرن ۾ ڇا ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين پهچي ويندو ۽ اٺڻين (ڏانچين) جي کير يا ان جي گوشت کي ڪو پڇندو به نه.”
    ان بعد ڳالهه اچي نڪتي ته حضور صلعم جن جو آسمانن ڏي سفر روحاني هو يا جسماني. اسان ۾ ويٺل هڪ مصري عالم چيو ته ان لاءِ ڪجهه پڪي طرح ڪنهن ڪتاب ۾ نٿو ملي. ڪيترين ڳالهين مان ثبوت ملي ٿو ته اهو جسماني هو جو حضور جن شام کان ايندڙ قافلا رستي تي ڏٺا. بيت المقدس بابت جيڪو ٻڌايو اهو پڻ صحيح هو. بهرحال ڪيترا ماڻهو _ خاص ڪري غير مسلم ان تي بحث ڪن ٿا ته اهو ناممڪن آهي. پر قدرت کي وڏي طاقت آهي. اسان پنهنجي گهٽ عقلي ڪري ڪيترين ڳالهين تي اعتبار نٿا ڪريون يا ڪيتريون ڳالهيون اسان جي محدود سمجهه کان ٻاهر آهن. اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ ته ان رفتار تي به ڪنهن کي يقين نٿي آيو ته ڪار جيتري رفتار ممڪن آهي. پوءِ ڪارون ايجاد ٿيون. جهاز ايجاد ٿيا جيڪي ڇهه ست سؤ ميل ڪلاڪ جي رفتار سان هلن ٿا. هاڻ راڪيٽ ايجاد ٿيا آهن، جيڪي هزارين ميلن جي رفتار سان سفر ڪن ٿا. اهڙي طرح ڪو زمانو هو جو غير مسلم اسان تي کلندا هئا ته هي قرآن ۾ ڇا آهي ته سج چوڌاري ڦري ٿو. سائنس ته اهو ثابت ڪيو آهي ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي، سج Stationary آهي. اڄ طاقتور دوربينين، ڪئميرائن، ڪمپيوٽرن جي ايجاد بعد اسان کي اها ڄاڻ پئي ته اسان جي شمسي نظام Solar System وانگر خبر ناهي ته ڪائنات ۾ ڪيترا سولر سسٽم آهن، جيڪي نه فقط پنهنجي پنهنجي سج جي چوڌاري ڦري رهيا آهن. پر انهن جا سج به هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهن.


    هي ڌرتي هي رڻ پٽ

    ينبو (ينبع) کان رابغ، ينبو کان بدر، بدر کان مديني، مديني کان جدي، جدي کان مستوره _ هي حجاز جا اهي شهر آهن جن ڏي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر جو وقت ڪاٽڻ لاءِ آئون پنهنجي عرب دوست سان يا ڪار/ بس جي ڊرائيور ۽ ٻين مسافرن سان خبرون ڪريان ٿو يا ڪو ڪتاب / اخبار پڙهان ٿو. يا ڪا ڳالهه ياد اچڻ تي پنهنجي رف ڪاپي تي لکان ٿو جيئن اڳتي هلي ان تي تفصيل سان لکي سگهان. هن وقت به حجاز جي مٿين ڪجهه شهرن مان لنگهندي، رکي رکي لکي رهيو آهيان. ٻه چار سٽون لکي وري بس جي دريءَ مان چوڌاري نهاريان ٿو ۽ سوچيان ٿو _ حال جي حالتن بابت ماضيءَ جي گذري ويل ڳالهين ۽ معرڪن بابت.
    دريءَ مان هڪ دفعو وري ڏسان ٿو. بس ايئرڪنديشنڊ آهي، پر ٻاهر جي سخت اس مان گرمي ۽ تپش جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. پري پري تائين ريتي ۽ واري نظر اچي ٿي يا ڪو بنا وڻن جي ٽَڪري/جبل. هيءَ گرمي، هيءَ ريتي، هي بيابان جتي نه وڻ ٽڻ آهي نه پکي پکڻ. پر مونکي هيءَ ڌرتي عزيز آهي. مون لاءِ هي پٽ قابل احترام آهي. هنن رستن تان لنگهندي پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان _ ان ڪري نه ته تيل ڪري هي ملڪ دنيا جو امير ترين ٿي ويو آهي. ان ڪري نه ته هتي ٽي وي جو بٽڻ دٻائڻ سان پنڌرهن چئنلن مان Choice ڪري سگهجي ٿو. هنن پٽن تان لنگهندي عقيدت سان هنن رستن، ٽڪرين رڻ پٽن ۽ انهن ۾ موجود ڳوٺڙن کي ان ڪري چتائي نه ڏسي رهيو آهيان ته اڄ ڪلهه هتي دنيا جا چاڪليٽ، چيونگ گم، چيز ۽ چپس ملن ٿيون. مون لاءِ هي پٽ قابل احترام آهن ڇو جو هي اهي پٽ آهن جتان انسانيت جو رهنما، هن دنيا تي صدين کان پئدا ٿيندڙ نبين جو آخري نبي، محمد صلعم ۽ ان جا ساٿي سڄڻ، مائٽ، عزيز اڄ کان چوڏهن سؤ کن سال اڳ هتان نه ته هُتان، هن راهه رستي تان نه ته هن پيچري پنڌ تان لنگهي مديني کان بدر، مڪي کان مديني، مديني کان ينبي سفر ڪيو هو.


    ڪجهه معلوماتي ڳالهيون

    ڪجهه اسلامي معلومات جون نوٽ ڪيو اٿم ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ جيڪي ضروري سمجهي هتي ڏئي رهيو آهيان.
    حضور صلعم جن جي هجرت کان ڏيڍ سال اڳ نماز شروع ٿي ۽ روزو مديني پهچڻ (يعني هجرت) کان پوءِ ڏيڍ سال رکي فرض ٿيو. جهاد ٻي هجري ۾ فرض ٿيو ۽ شراب ٽي هجري ۾ حرام ٿيو. مڪي جي فتح 8 هجري ۾ ٿي. وياج نائين هجري ۾ حرام قرار ڏنو ويو. حج پڻ نائين هجري ۾ فرض ٿيو. حضور صلعم جن ڏهين هجري ۾ حجة الوداع ادا فرمايو.
    طهر جي رسم ٻي هجري ۾ شروع ٿي ۽ چنبن وارا پکي ۽ گڏهه ستين هجري ۾ حرام ٿيو. عيسوي سن لکڻ بدرا هجري سن لکڻ جي شروعات حضرت عمر جي ڏينهن کان شروع ٿي ۽ ٻانگ ڏيڻ جي ابتدا پهرين هجري کان ٿي. حضور صلعم جن تي سڀ کان پهريون ٻه نمازون فجر ۽ وچين فرض ٿيون. فجر جي نماز جي ٻانگ ۾ “الصلوة خير من النوم” جو واڌارو حضرت بلال جي ڏنل صلاح تي قبول ڪيو ويو.
    حضور صلعم جن جي معراج جي سواري براق بيت المقدس ۾ لهڻ واري جاءِ ابراق سڏجي ٿو ۽ يهودي ان ڀت کي گريه چون ٿا. نبين جو تعداد هڪ لک چوويهه هزار آهي. جنهن مان ٽي سؤ پنڌرهن رسول يعني صاحب ڪتاب هئا. ڪل هڪ سؤ صحيفا ۽ چار آسماني ڪتاب (توريت، انجيل، زبور ۽ قرآن) رمضان جي مهيني ۾ نازل ٿيا. حضرت آدم عليه السلام تي ڏهه صحائف، حضرت شيش عليه السلام تي پنجاهه، حضرت ادريس عليه السلام تي ٽيهه ۽ حضرت ابراهيم تي ڏهه صحائف لٿا. توريت عبراني زبان ۾ حضرت موسى عليه السلام تي، انجيل آرامي زبان ۾ حضرت عيسى عليه السلام تي، زبور سرياني زبان ۾ حضرت دائود عليه السلام تي ۽ قرآن عربي زبان ۾ حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم تي لٿو.
    + حضرت آدم عليه السلام کي ' ابوالبشر' حضرت نوح عليه السلام کي (آدم ثاني)، حضرت ابراهيم عليه السلام کي (آدم ثالٽ) حضرت شعيب عليه السلام کي (خطيب الانبيا)، حضرت يونس عليه السلام جيڪو شارڪ مڇيءَ جي پيٽ ۾ چاليهه ڏينهن رهيو (ذوالنون) ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي (خاتم الانبياء) چيو وڃي ٿو.
    + حضرت آدم عليه السلام ۽ حضرت عيسى عليه السلام بنا پيءُ جي پيدا ٿيا. حضرت آدم جي ٻن پٽن قابيل ۽ هابيل جو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ قابيل هابيل کي ماري رکيو. دنيا جو هي پهريون قتل هو. قاتل پنهنجي ڀاءُ جو لاش کڻي پريشان هو ته هڪ ڪانگ پنهنجي چهنب سان زمين کوٽي هن کي زمين ۾ دفن ڪرڻ جو اشارو ڏنو.
    + حضرت آدم عليه السلام پوک جو ڪم ڪندو هو. حضرت نوح عليه السلام سڀ کان پهرين جهازسازي جو فن ايجاد ڪيو. حضرت موسى عليه السلام ٻڪريون چاريندو هو. حضرت ابراهيم عليه السلام پوک ۽ عمارت سازي جو ڪم ڪيو. حضرت عيسى عليه السلام ڪپڙا رنڱڻ جو ڪم ڪيو. حضرت ادريس عليه السلام درزڪو ڌنڌو ڪيو پاڻ علم نجوم جو به ماهر هو. حضرت صالح عليه السلام صابڻ ايجاد ڪيو. حضرت دائود عليه السلام لوهار جو ڪم ڪيو. حضرت هارون تجارت ڪئي. حضرت يعقوب ۽ حضرت شعيب عليه السلام ٻڪريون چاريون. حضرت يوسف اناجَ جو واپار ڪيو. حضور صلعم جن پڻ ٻڪريون چارڻ ۽ واپار جو ڪم ڪيو.
    + حضرت آدم عليه السلام جنهن وقت جنت مان دنيا ۾ آيو، ان وقت صبح فجر جو وقت هو. پاڻ سڀ کان پهرين ٻه رڪعتون شڪرانو نماز ادا ڪئي. اڳئين (ظهر) جي نماز سڀ کان پهرين حضرت ابراهيم عليه السلام پڙهي جڏهن الله تعالى هن کي نمرود جي باهه کان نجات ڏياري. عصر (وچين) نماز سڀ کان پهرين حضرت يعقوب عليه السلام ان وقت پڙهي جڏهن جبرئيل هن کي حضرت يوسف جي خوشخبري ٻڌائي.
    مدينه منوره جي معنى روشنين جو شهر آهي. هن شهر کي نالي مطابق رکڻ لاءِ سعودي حڪومت هن کي واقعي روشنين جو شهر بنائي ڇڏيو آهي. رات جو به ڏينهن لڳي ٿو. مسجد نبوي اندر ۽ چوڌاري ايترا ته مرڪري بلب لڳل آهن جو ان جي روشني پري پري تائين پهچي ٿي.
    حضور صلعم جن اسلام جي روشني هن شهر کان چوڌاري پري پري تائين پکيڙي. جبرالٽر کان انڊيا تائين. چين کان موراڪو تائين. جنوري 1966ع جي نئشنل جاگرافڪ رسالي ۾ سعودي عرب واري مضمون ۾ مديني تي لکندي آخر ۾ مضمون جو ليکڪ Thomas Abercrombie لکي ٿو ته :
    Arabia shone with the light of Islam long before Edison’s electric illumination. It prospered without oil wells, occupied the deserts without trucks and fertilizers, conquered great distances without jet planes.


    سعودي عرب جون شامون

    سعودي عرب جو هي شهر ينبو جنهن ۾ آئون رهيل آهيان، خاص چهچٽي ۽ رونق وارو هنڌ قديمي گهٽين وارو آهي، جيئن ڪراچي ۾ بوري بازار ۽ صدر آهي. ڪراچي ۾ ڪلفٽن، طارق روڊ ۽ خبر ناهي ڪهڙن هنڌن تي نوان، اوچا وڏا ۽ ماڊرن دڪان ۽ شاپنگ سينٽر کلي ويا آهن، پر انگريزن جي ڏينهن کان صدر جي رونق ۽ اسٽائيل اڃان هلندو اچي. ڌاريون آيل پاڻي جي جهاز جو خلاصي توڙي هوائي جهاز جو مسافر صدر جو چڪر ضرور هڻي ٿو. ساڳي وقت پنجاب ۽ سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن کان آيل وڏيرو توڙي غريب پورهيت صدر مان ضرور گذري ٿو. ٺلهو ڏسڻ وائسڻ توڙي خريداري لاءِ. اهڙي طرح مون ڏٺو آهي ته دنيا جي ڪيترن شهرن جا ڪي ڪي حصا اهڙا آهن جتي گهڻي کان گهڻو ماڻهو اچن ٿا ۽ شهر جو اهو حصو هڪ قسم جي Meeting place به ٿيو وڃي. سنگاپور، هانگ ڪانگ، سکر، حيدرآباد ته ڇا مديني پاڪ ۾ به مون ڏٺو ته جيتوڻيڪ سڄي شهر ۾ ڪيترائي سهڻا سهڻا شاپنگ سينٽر کلي ويا آهن، پر جيڪا رونق ۽ چهچٽو حرم پاڪ جي اڳيان دڪانن ۽ هوٽلن تي آهي، اهو ٻئي هنڌ ناهي. جيتوڻيڪ ڪيتريون گهٽيون قديمي ۽ سوڙهيون آهن، پر گهڻي کان گهڻا ماڻهو اتان خريداري ڪن ٿا. چانهه پاڻي يا ماني ٽڪي لاءِ پنهنجي پنهنجي کيسي جي حيثيت موجب ننڍي يا وڏي هوٽل مان ماني پڻ اتي کائين ٿا. اهڙن هنڌن تي ننڍيون ننڍيون هوٽلون به خوب هلن ٿيون. هر قسم جو کاڌو اڦڙاٽن نانن کان پورين سنبوسن تائين ملي ٿو.
    اهڙي طرح ينبو جي هن وچ شهر واري علائقي ۾ رونق آهي. سوڙهين سوڙهين گهٽين ۾ به ننڍيون ننڍيون ڪيتريون ئي قسمين قسمين هوٽلون آهن........ پاڪستاني، بنگالي، مدراسي، فلپينو. اهڙي طرح دڪان به بوري بازار وانگر سٿيا پيا آهن. جيترا خريدار اوترا ٺلها شام گذارڻ وارا نظر ايندا. دڪانن جون ٿلهيون مصرين، فلپينن، بنگالين سان ڀريل نظر اينديون. پاڪستاني ۽ انڊين به نظر ايندا پر انهن ۾ ڌڪين تي وهڻ جي عادت ايتري شايد نه آهي. آئون به ڪنهن ڏينهن ڊگهي واڪ تي نڪري پوندو آهيان، جو هتي رستا ويڪرا ۽ فٽ پاٿ ڪشاده آهن. هڪ دفعو هلڻ شروع ڪر ته هلندو ئي رهه. ائين نه ته ڪٿي گٽر کليل هجڻ ڪري رستي جي ئي پاسي وڃڻو پوي يا ڪٿي گاڏي وارو فٽ پاٿ روڪيو ويٺو آهي. يا ڪٿي گئريج واري پنهنجو ويلڊنگ پلانٽ ۽ ڀڳل انجڻ رکي فٽ پاٿ ڀري ڇڏيو آهي. هرگز نه. پڪو رستو معنى پڪو رستو. گاڏيون پيون ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر جي رفتار سان هلن. ۽ فٽ پاٿ معنى فٽ پاٿ. ميلن تائين پيو هل. اهڙي واڪ ته اڄ ڪلهه ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن ۾ به نٿي ڪري سگهجي. اسان وٽ ڪنهن گهر اڳيان فٽ پاٿ تي باغباني ڪئي آهي ته ڪنهن لوڙهو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪنهن هنڌ ڪچري جا ڍير گڏ ٿيا پيا آهن ته ڪنهن گهر اڳيان بينچون يا ٿلها ٺهيا پيا آهن. ڪنهن وري گهر اڳيان فٽ پاٿ کي اهڙو لسو ڪري ڇڏيو آهي جو تکي رفتار ۾ ان هنڌ پير رکڻ سان ڦهڪو ڪري سگهو ٿا. سو هن شهر ينبو (توڙي سعودي عرب جي ٻين شهرن) جي اها ڳالهه مونکي وڻي ته ننڍو وڏو بي خوف خطر واڪ ڪري سگهي ٿو. جن کي حيدرآباد، ڄام شوري پيٽاڙو جي فرحت بخش موسم وارين راتين جو احساس هوندو، انهن کي خبر هوندي ته سعودي عرب جهڙن هنڌن تي جيڪي Desert يا Semi Desert آهن، راتيون / شامون تمام ٿڌيون ۽ Pleasant ٿين ٿيون. ويتر گهم نه برابر هجي ته پوءِ ان جهڙي صحت مند موسم ٻي ناهي. سڄو ڏينهن جي خزان اچي ٿي ته روزانو رات جو بهار اچي ٿي. ڏينهن جو به هتي جي گرمي ڪراچي جهڙن هنڌن کان مختلف آهي، جو هتي گهم ناهي. ان ڪري جنهن کي حبس يا گهٽ چئجي، اها ناهي ۽ پگهر نٿو ٿئي. جيتوڻيڪ کليل آسمان هيٺان اس ۾ بيهڻ باهه ۾ پوڻ آهي، پر ڪنهن عمارت ۾ اندر ٿي بيهڻ يا ڇٽي جھلي بيهڻ سان ايتري تڪليف ناهي ۽ پنکي بنا به ماڻهو رهي سگهي ٿو. ان ڪري منهنجو ميزبان ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهي ته اسان کان تيل هليو ويو، بجلي هلي وئي ته به گذارو ڪري وينداسين. ايئرڪنڊيشن ته ڇا بنا پنکي جي به رهي سگهون ٿا ۽ اها حقيقت آهي. منهنجي ڪمري کي فقط هڪ دري آهي. ان جو هڪ طاق کوليندو آهيان تڏهن به سٺي هوا ايندي آهي. رات جو ڪڏهن پنکي جي به ضرورت نه پوندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن عربن وٽ پئسو اچي ويو آهي سو هر ڪمري ۾ Window Type ايئرڪنڊيشنر ائين لڳو پيو آهي جيئن پاڻ وٽ ڇت جو پکو.
    بهرحال موسم بابت اها ڳالهه منهنجو ميزبان دوست ڪندو آهي، باقي ٻين ڳالهين ۾ بيزاريءَ مان چوندو آهي:
    “اسان جي نوجوان ٽهي تباهه ٿيندي وڃي. رڳو آرام پسند ۽ عياش ٿيندي وڃي. اسان جا نوجوان رڳو سک ۽ سهنج ڳوليندا وتن. جي ڏکيو ڏينهن اچي ويو ته هي ڪيئن رهي سگهندا.”


    ويزا ملڻ جو طريقو

    بهرحال هتي جي موسم ۽ سٺن رستن جو فائدو وٺي ڪنهن ڏينهن ڊگهي واڪ تي نڪري ويندو آهيان ته ڪنهن ڏينهن هن شهر جي مٿين ذڪر ڪيل رونق واري حصي ۾ وڃي بيهندو آهيان. پوءِ مختلف مهانڊن ۽ قد بت جا ماڻهو ۽ انهن جا مختلف Action ڏسندو آهيان. ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل چاهيندي اٿم ته خبرچار به ڪندو آهيان. پنهنجي ملڪ ۾ ڊيوٽي بعد هرڪو بزي هوندو آهي. ڪنهن کي ٻئي سان ڳالهائڻ جو وقت نه هوندو آهي جو هر هڪ پنهنجي ٻارن ٻچن، مٽن مائٽن، دوستن يارن سان رهي ٿو، جن سان پنهنجي ڳالهائڻ جي ڪوٽا پوري ڪري ٿو. مون ڏٺو آهي ته کاڌي خوراڪ وانگر هر هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ جي به پنهنجي پنهنجي حد آهي. هڪ ماڻهو ڀلي ڳالهائڻ ٻولهائڻ يعني ڪچهريءَ جو وڏو شوقين هجي پر هڪ حد پوري ٿيڻ بعد هو به ٿڪجيو پوي ۽ پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ کان ڀڄي ٿو.
    اهڙي طرح هڪڙو مون وانگر کڻي اڪيلائي پسند هجي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ملڻ جلڻ کان ڀڄندو هجي، پر ته به هو سڄو ڏينهن ماٺ ۾ رهي نٿو سگهي. ٿورو گهڻو هو ضرور ڳالهائڻ چاهي ٿو. سو هتي ٿورو يا گهڻي ڳالهائڻ وارو ڳوليندو وتندو آهي ته ڪنهن سان ڪچهري ڪجي جو هتي هرڪو اڪيلو آهي ۽ ساڳي رسم، رواج ڪلچر ۽ زبان ڳالهائيندڙ جتي ڪٿي نٿو ملي. هڪ اهو به سبب آهي جو سڄو ڏينهن پورهيو يا ڊيوٽي ڏيڻ بعد غريب غربو شهر جي ههڙن هنڌن تي اچيو گڏ ٿئي ۽ ڪنهن سان به ڳالهائڻ تي توهان کي سٺي موٽ ملي ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن دڪان ۾ ڪم ڪندڙ کي چئجي ته “ ڪر خبر اها نوڪري ڪيئن ٿي لڳئي. مالڪ سٺو هلئي ٿو يا نه؟” _ ته هو ائين به چئي سگهي ٿو ته تون ڪير ٿيندو آهين پڇڻ وارو. پر هتي يا ههڙن پرديس وارن هنڌن تي جتي نه فلم نه ٿيٽر نه پارڪ نه فئملي لائيف، اتي هرڪو ڳالهائڻ لاءِ آتو آهي. خوش هجي يا ڏکويل، هو پنهنجي اندر جا حال توهان کي ٻڌائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ چاهي ٿو.
    هن وچ شهر واري حصي ۾ جتي PIA جي آفيس به آهي ته هڪ ڪراچي پان هائوس به. ٿوري ٿوري فاصلي تي _ سؤ سوا سؤ قدمن جي فاصلي تي ٻه چار پٺاڻ موچي پڻ پٽ تي چادر وڇايو ويٺا آهن. بلڪ فٽ پاٿ تي جيڪڏهن ڪنهن جو دڪان آهي ته هنن پٺاڻن جو يا سامهون مسجد ابوبڪر اڳيان ٽماٽا ۽ ڏندڻ وڪڻندڙ پوڙهن مصرين جو. پر اهي فقط وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نماز بعد ڪلاڪ اڌ لاءِ هوڪا ڏئي پنهنجو سامان وڪڻن. روز سوچيندو هوس ته هنن پٺاڻن سان خبرچار ڪجي، خاص ڪري سندن ڌنڌي بابت. سعودي عرب جهڙي امير ملڪ ۾ جتي ماڻهو چميل يا بوٽ ڇڄڻ تي اهو اڇلي وڃي نئون وٺندا هوندا، اتي کانئن ڪير ٽوپا ڏيارڻ اچي ٿو.
    اڄ ابو صديق فوٽو اسٽوڊيو تان ڊرائيونگ لائسنس لاءِ فوٽو ڪڍرائي ٻاهر نڪتس ته سامهون هڪ پٺاڻ کي جوتا ڳنڍيندو ڏسي اچي ڀرسان بيٺوسانس. سلام دعا ڪرڻ بعد سندس ملڪ يعني ڳوٺ جو پڇيومانس.
    “ آئون دير جو آهيان. هتي آئي مونکي اڍائي سال ٿي ويا آهن.” هن ٻڌايو. پاڻ ٽيهن پنجٽيهن سالن جو ٿيندو.
    “ ڪفيل ڪير اٿئي؟” مون پڇيومانس. منهنجو مطلب هو ڪهڙي عرب گهرايو اٿس. ڇو جو ڪن ملڪن ۾ توهان ائين وڃي سگهو ٿا. يعني سامان جي بئگ ٺاهي ٽڪيٽ وٺي سڌو وڃي اتي نڪرو. ايئرپورٽ تي پهچڻ مهل اميگريشن آفيسر توهان کي هنن جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ٽن يا ڇهن، يا ويندي سال کن رهڻ جي ويزا جو ٺپو پاسپورٽ تي هڻي ڏيندو. توهان پيا اتي گهمو ڦرو ڪير توهان جو نالو نه وٺندو. پر هاڻ اسان پاڪستانين لاءِ اهڙا ملڪ ڪي وڃي ايڪڙ ٻيڪڙ بچيا آهن. شايد بنگلاديش، سري لنڪا جهڙا. نه ته ملائيشيا، ٿائيلينڊ، ترڪي، ايران کان انگلنڊ، جپان ائين وڃي نڪربو هو. پر هاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان ملڪ جي ايمبسيءَ مان اجازت نامون وٺڻو پوي ٿو. جنهن کي ويزا سڏجي ٿو. ۽ جيڪڏهن ايمبسيءَ ويزا نه ڏني ته پوءِ توهان ٽڪيٽ وٺي ڀلي ان ملڪ جي هوائي اڏي تائين وڃي پهچو، پر هوائي اڏي جي اميگريشن پوليس توهان کي ايئرپورٽ مان نڪري شهر جو رخ ڪرڻ نه ڏيندي. ٻي فلائيٽ ۾ توهان کي توهان جي خرچ تي پنهنجي ملڪ موڪليندي. پئسو يا ٽڪيٽ نه هجڻ تي توهان جي ملڪي يعني پاڪستاني سفارت خاني سان Contact ڪندا ته توهان کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي جو توهان غير قانوني طرح آيا آهيو. ڪي وري اهڙا نواب ملڪ آهن جن جي ويزا سندن سفارت خانن (ايمبسين) مان به تڏهن ملندي جڏهن سندن ملڪ جو ڪو ماڻهو توهان جو ذمو کڻي. جيئن اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين لاءِ جپان، دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ _ ويندي ملائيشيا پڻ ٿي پيو آهي. يعني هاڻ ملائيشيا يا دبئي جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ڪراچي يا اسلام آباد ۾ سندن سفارت خانن مان اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. جيڪا هو تڏهن ڏين ٿا جڏهن ڪو دبئي يا ملائيشيا جو رهاڪو لکت ۾ ذمو کڻي ته ڪجهه ٿي پيو ته ان لاءِ هو ٻڌل آهي. ڪن ملڪن ۾ ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ به اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي گهڙڻ نٿا ڏين. چاهي کڻي اتي جو ڪو ماڻهو ذمو کڻي. مثال طور برونائي. برونائي جهڙي ملڪ ۾ ڌاريون ماڻهو تڏهن وڃي سگهي ٿو جڏهن اتي ڪا سرڪاري طرح نوڪري ملي. ساڳيو حال سعودي عرب جو آهي. پر سعودي عرب ۾ هڪ عام ماڻهو به توهان کي نوڪري ڏئي سگهي ٿو. توهان هن جي اجازت سان هن وٽ ڪم لاءِ اچي سگهو ٿا.


    مجبور ماڻهو ۽ ٽڪنڊو

    اڄ ڪلهه بي روزگاري ايتري وڌي وئي آهي جو اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو هنن ملڪن جي ماڻهن کي منٿون ڪن ٿا ته توهان اسان کي گهرايو. پوءِ ڀلي نوڪريون نه ڏيو، اسان پاڻ ئي اچي ڳولينداسين. بلڪ هنن عربن کي اسان جا ماڻهو پئسي جي آڇ ڪن ٿا ته اسان کي گهرايو اسان نوڪري ته پاڻهي ڳولينداسين، پر جيڪي پگهر جي پورهئي جو ڪمائينداسين ان مان توهان کي به حصو ڏينداسين. اسان جا ڪيترا ماڻهو اهڙي طرح سعودي عرب، ڪويت ۽ گلف جي وارياسن پٽن تي ساڙيندڙ اس ۾ ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جو به پيٽ پالي رهيا آهن ته ان ڪمائي جو حصو هتي جي رهاڪو عربن کي به ڏئي رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته اها بيحد ڪريل ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. جڏهن ته عربن کي خدا هونءَ ئي تيل ۽ سون جهڙين شين سان نوازيو آهي. نه فقط ايترو پر گهڻا تڻا عرب ان شرط تي مزورن کي گهرائين ٿا ته محنت مزوري ته پاڻهي اچي ڳوليون اسان کي اڳواٽ حصو پتي ڏيو. ڇو جو هنن عربن ڏٺو ته ڪيترا ڌارين ملڪن جا اچن ٿا، پر هنن کي ڪو پورهيو ته ملي ڪونه ٿو. ان کان بهتر آهي اڳواٽ پئسو وٺجي. هاڻ هو ويزا جا پنجاهه سٺ هزار وٺن ٿا. اسان جي تر جي غريب ملڪن جا ماڻهو ٽڪيٽ جا الڳ پئسا ڀرين، ويزا جي خرچي الڳ ڏين. ان بعد هتي رهائش ۽ کاڌي جا پئسا الڳ ڀري روزانو نوڪري ڳولڻ لاءِ ڪوشش ڪن. ڪن کي ملي ڪي ويچارا قرضي ٿي موٽن. ڪنهن کي ڪا چڱي نوڪري ملي ٿي ته ڪي لالچي عرب هر وقت وڌيڪ به پٽ سٽ ڪندا رهن ٿا ۽ هي اسان جي ملڪ جو مزور هتي جي ڪفيل (يعني جنهن عرب ويزا ڏئي گهرايو آهي) جي هٿن ۾ مجبور آهن جيڪو ڪنهن وقت به هنن کي واپس ڪري سگهي ٿو. پوليس ۾ ڪا انڌي منڊي دانهن ڏئي کين هميشه لاءِ جيل اماڻي سگهي ٿو ۽ هتي سعودي عرب يا ڪويت جهڙن ملڪن ۾ ڪي اسان جي ملڪن جيان يا ملائيشيا، انگلنڊ جيان نه ڪورٽ ڪچهريون آهن نه وڪيل ۽ انسان ذات جي بهبوديءَ جون انجمنون _ جيڪي اچي ڇڏائين. ۽ نه وري غريب جي دانهن حاڪم ۽ عوام تائين پهچائڻ واريون اخبارون ۽ خبر رسان ايجنسيون. غريب پورهيت لاءِ هڪ طرف سندس معصوم بکايل ٻچا آهن، ٻئي پاسي راڪاس جهڙو ڪفيل آهي ۽ ٽئي طرف اها ڪمپني يا Employerجنهن وٽ پورهيو ڪري ٿو. بقول اسان جي محلي ۾ رهندڙ هڪ حيدرآباد دکن جي درزيءَ جي مجبور ماڻهو ان ٽڪنڊي جي وچ ۾ پيڙبو رهي ٿو ۽ عمر کان اڳ پوڙهو ٿيو وڃي.


    سعودي عرب ۾ نان سستا

    صحيح معنى ۾ ڏٺو وڃي ته عرب دنيا جي نوڪري غلاميءَ جي شڪل آهي. مجبور انسان جي Exploitation آهي. جتيون ڳنڍيندڙ پٺاڻ جنهن جو نالو ابراهيم آهي، تنهن پنهنجي ڪفيل جو نالو ٻڌائيندي چيو: “ آئون ڪم پنهنجو ڪريان ٿو. هن جي فقط ويزا تي هتي آيس.”
    “ گهڻا پئسا خرچ ٿيئي؟” مون پڇيومانس.
    “ سائين ستر هزار رپيا خرچ ٿيا. پنجاهه هزار ويزا جا عرب کي ڏنم، پنج هزار اسان جي ڳوٺ جي ايجنٽ کي جيڪو هتي ڪم ڪري ٿو ۽ عربن کان ويزائون وٺي ڳوٺ ۾ اچي وڪڻندو آهي ۽ پنڌرهن هزار کن ڀاڙو دير کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان هيڏانهن اچڻ جو.”
    “ ان کان علاوه عرب ڪفيل کي اڃان به ڏين يا بس؟” مون پڇيومانس.
    “ ٻه سال پورا ٿيڻ تي Renewal (نئون ڪرڻ) جو ٺپو هڻائڻ ويو هوس ته ساڍا ٽي هزار ريال (يعني ٽيهه هزار رپيا کن) وري ورتائين.”
    “ پوءِ تو ڏنس؟” مون پڇيومانس. ابراهيم جواب ڏيڻ بدران مون ڏي ڪا دير تعجب مان گهوري ڏٺو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ڪهڙيون احمقن واريون ڳالهيون پيا ڪريون. پوءِ بوٽ کي ٽانڪو هڻندي چيو:
    “ ڇا ڪجي. مجبوري آهي. نه ڏيانس ها ته پوليس کي چئي واپس پاڪستان موڪلي ها. پاسپورٽ به هر ڪفيل پاڻ وٽ سوگهو ٿو رکي، سو ڀڄي ٻئي شهر به وڃي نٿو سگهجي.”
    “ ڀلا مهيني ۾ گهڻو ڪمائين؟” مون پڇيومانس.
    ڪڏهن اٺ سؤ ريال ڪڏهن ڇهه سؤ ڪڏهن ست سؤ.” هن ٻڌايو ۽ منهنجو ماٺ ٿي وڃڻ تي هو سمجهي ويو ته آئون ان کي گهٽ سمجهي تعجب کائي رهيو آهيان، ڇو جو ست سؤ يا خاص ڪري ڇهه سؤ ريال ته پنج هزار رپيا ٿيا ۽ پنج هزار رپيا پاڪستان ۾ ته وڏي ڳالهه ٿيا، پر هتي سعودي عرب جي معيار موجب اهو ڪو ايڏو وڏو ناڻو ناهي، جتي پنجبين ريالين(يعني 42 رپئي) ڪلو ڪيلا آهن. 15 ريالين ڇانهين آهي. پاڻيءَ جي بوتل به اٺين رپئي آهي. شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين بس جو ڀاڙو ٻه ريال (17 رپيا) آهي. سا به بس نه پر پڪ اپ. مسافر بس فقط جدي، مڪي ۽ رياض ۾ هلي ٿي. سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ توهان کي سواري ناهي ته پوءِ وهندڙ رستي تي ٿي بيهو. جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا اوڏانهن ڪو عرب پيوويندو ته في ماڻهو ٽي ريال وٺي لفٽ ڏيندو. ان ڪم لاءِ گهڻو ڪري بدو ۽ ڳوٺاڻا عرب پڪ اپ کڻي شهر ۾ پيا هلندا آهن. رستي تي جيڪو بيٺل ڏسندا ان کي ٽن ٽن يا ٻن ٻن ريالن ۾ ويهاريندا ويندا آهن.
    اسان جا غريب پورهيت هتي پهچي پوءِ ڪوڪا ڪولائن يا بوتلن جا پاڻي نه پين. اڃ لڳين ته ڪنهن مسجد جي ڪولر يا گهرن ٻاهران لڳل سبيل جو پاڻي پيئن يا پنهنجي گهر جي باٿ روم جي نلڪي جو ٿڌو ڪوسو پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائين، جيئن اهي چار پئسا به سندن ٻچن کي اسڪول لاءِ پنو پينسل يا بسڪيٽ ٽافي وٺڻ ۾ ڪم اچي سگهي. فروٽ ۽ مٺايون کائڻ بدران ڀاڄي يا چٽڻي سان نان کائي پيٽ ڀري شڪر ڪن. اهو آهي ته هتي جي سرڪار اٽي جهڙين شين کي Subsidize ڪيو آهي. يعني انهن تي ٽئڪس ته نه هنيو اٿس، ويتر ان جي قيمت جو ڪجهه حصو خزاني جي ٽجوڙيءَ مان ڏئي ٿي. ان ڪري اٽي جون شيون سستيون آهن. خاص ڪري نان جن کي هتي خبث سڏين ۽ اسان جي نانن کان ٿلها ٿين ٿا ۽ ٺرڻ بعد به نرم رهن ٿا. بقول هڪ پاڪستاني دوڪاندار سلطان جي، “ پنهنجا نان ايترا سنها آهن جو ڏهه يارهن نانن جي تور مس مس ڪلو ٿيندي ۽ هتي جا چار نان ڪلو ٿين ۽ هڪ ڏيڍ نان مان پيٽ ڀرجيو وڃي. هتي جا چار نان (خبث) هڪ ريال ۾ ملن. يعني هڪ نان ٻي رپئي ٿيو جيڪو اسان جي ٻن اڍائي نانن برابر ٿيو ۽ اها قيمت سالن کان ساڳي هلندي اچي. اهو ته اسان جي رپئي جي قيمت ڪري پئي آهي، ان ڪري هڪ ريال جا اسان کي ساڍا اٺ رپيا ٿا لڳن. پر اڄ کان ڏهه پنڌرهن سال اڳ جڏهن سعودي ريال پاڪستان جي ٽن رپين برابر هو، تڏهن به هڪ ريال ۾ چار خبث مليا ٿي. اهي ملڪ جن جي ايڪانامي سٺي ٿي وئي آهي، انهن لاءِ ته اڃان به سستائي ٿي. جيئن اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ ملائيشيا جي ڊالر جي قيمت چار رپيا کن هئي ۽ سعودي ريال برابر هو. هاڻ ملائيشيا جو ناڻو ايترو طاقتور ٿيندو وڃي جو ملائيشيا جو ڊالر پنڌرهن سورهن رپيا ٿي ويو آهي ۽ ملئي ڊالر ۾ هڪ بدران ٻه سعودي ريال ملن ٿا. يعني ملڪ جي ايڪانامي سڌرڻ ڪري اتي جي ماڻهن کي پئسي ڏوڪڙ ۾ وڏو فائدو رسيو آهي.


    ڪمپنيءَ جي نوڪري

    “ سائين ڪمپنيءَ جي هزار سوا پگهار کان وري به بهتر آهي.” دير علائقي جي جوتا ڳنڍيندڙ پٺاڻ، مونکي گهڻي دير سوچيندو ڏسي پنهنجي ڪمائي بابت پنهنجي راءِ پيش ڪئي. “ ڪيئن ڀلا_؟” مون پڇيومانس. مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سعودي عرب جي هر شهر ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ــــ مڪاني ۽ ڌارين ملڪن جون مختلف ڪم ڪن ٿيون. مثال طور هتي جي سرڪار کي ڪا اسپتال هلائڻي آهي، هوءَ ٻن يا ٽن سالن لاءِ ڪنهن ڪمپنيءَ کي ٽينڊر ذريعي ٺيڪو ڏيندي. يعني جنهن گهٽ پئسن جي آڇ ڪئي. پوءِ اها ڪمپني مختلف ملڪن مان ڳولي ڳولي گهٽ پگهار وارا ڊاڪٽر، نرسون، وارڊ بواءِ وغيره وٺي ايندي، جيئن پگهار ڏيڻ بعد به ڪمپني کي اڌواڌ فائدو رسي. اهڙي طرح بندرگاهه جي ڪم هلائڻ لاءِ، ڪا سرڪاري فئڪٽري، ڪارخانو هلائڻ لاءِ يا ڪٿي سرڪاري جايون، اسڪول، آفيسون ٺاهڻ لاءِ مختلف ڪمپنين کي ٺيڪو ملي ٿو. گهڻو ڪري اهو ٺيڪو هتي جي مڪاني عرب جي ڪمپني کي ملي ٿو. اهو وري ڪجهه پئسا ڪميشن طور حصو پتي رکي ڌارئين ملڪ جهڙوڪ جپان، انگلنڊ، ڪوريا، جرمني جي ڪنهن ڪمپني حوالي اهو ٺيڪو ڪري ٿو، جيڪو ان جا ڄاڻو هجن. (اڄ ڪلهه گهڻي کان گهڻو آمريڪا جون ڪمپني وارا نيارا ڪري رهيون آهن) اهي ڪمپنيون پوءِ مختلف ڪمن لاءِ ننڍا ٺيڪيدار ڳولين ٿيون. مثال طور عمارت ۾ اليڪٽرڪ جي ڪم لاءِ ٺيڪو ڪنهن انڊين فرم کي ڏنو وڃي ٿو، ڪاٺ جي ڪم جو ڪنهن پاڪستاني، بنگلاديشي يا ويندي هنن جي ڪنهن ننڍي سعودي ڪمپنيون کي ڏنو وڃي ٿو. پينٽنگ جو ڪنهن ٻئي کي. پوءِ اهي ڪمپنيو ضرورت مطابق انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ٻين غريب ملڪن کان ڪوشش ڪري سستا ۽ مجبور پورهيت وٺيو اچن. مجبوري وارا ان ڪري جو انهن کان ڏکيو سکيو ڪم وٺڻ تي به هو نه ڪڇندا جو هو مجبور آهن، هنن کي ٻيو ڪو روزگار ناهي. ڪڏهن ڪلاڪ ٻه ڪم وڌيڪ وٺي اوور ٽائيم نه ڏيندن ته به مجبور ماڻهو چوندو ڇا ڪجي. وڌيڪ ڪڇندس ته اها به نوڪري ويندي. ۽ اهي ڪمپنيون مزور کان وٺي هنرمند تائين کي ست اٺ سؤ ريالن کان ٻارهن پنڌرهن سؤ ريالن تائين ڏين ٿيون _ بقول کجين جي باغ ۾ پورهيو ڪندڙ هڪ سنڌيءَ جي ته سائين پوءِ جتي مرغو ڦاٿو. ۽ هن ابراهيم نالي پٺاڻ کي شايد هزار کن ريالن جي پگهار تي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ملي ٿي پر هن ڪمپنيءَ وٽ سرون کڻڻ، پٿر ڍوئڻ يا مزور ٿي ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ کان فٽ پاٿ تي چادر وڇائي جوتا ڳنڍڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو:
    “ سائين ڪمپنيءَ جي ڪم جي هڪ ته خبر نٿي پوي. ڇهه اٺ مهينا هليو بند ٿيو وڃي ۽ ڪم کان جواب مليو وڃي ۽ ٻي ڳالهه ته پگهار وقت تي نٿا ڏين. اسان جي ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو ڪمپنين ۾ ڪم ڪن ٿا. پگهار ملڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي مهينا به دير ٿيو وڃي. ٻچن کي وقت تي پئسو نه ملندو ته هو ان لپ ڪٿان وٺندا.”
    “ ڀلا مهيني ۾ تنهنجو ڪيترو خرچ اچي؟” مون پڇيومانس
    “ سادو سادو کائڻ تي به ٻه سؤ ريال خرچ اچيو وڃي.” هن ٻڌايو.
    “ رهائش جو ڇا ڪرين ؟ مون پڇيومانس.
    هڪ ڪمرو مسواڙ تي اسان ٽن ڄڻن ورتو آهي. هر هڪ ستر ستر ريال مسواڙ ڏئي.”
    “ اهي ڪٿي جا آهن ؟ مون پڇيومانس.
    “ پاڪستان جا ئي آهن. بلڪ اسان جي علائقي دير جا آهن.” هن ٻڌايو.
    “ اها ته سٺي ڳالهه آهي جو توسان گڏ تنهنجا سڃاڻا واقفڪار رهن ٿا، جن سان پنهنجي زبان ۾ حال اوريندو هوندين ۽ پرديس ۾ اڪيلائيءَ جو احساس نه ٿيندو هوندئي. خط پٽ به هڪ وٽ ايندو هوندو ته ٻين کي به ڳوٺ جو حال احوال معلوم ٿي ويندو هوندو.” مون چيومانس.
    “ خط پٽ ته اسان پوسٽ ذريعي موڪليون ئي ڪونه. هتي جي يا پنهنجي ٽپال کاتي جو اهڙو سلسلو آهي جو خط ئي رليو وڃي. سگهو سگهو تڏهن به هفتي ڏيڍ ملي ٿو. اسان جي پاسي جا ايترا ته ماڻهو آهن جو هر هفتي هڪ ٻه دير وڃي ئي وڃي ٿو. جنهن هٿان خط موڪلي ڏيڍ ريال في خط تي بچايون.” هن ٻڌايو.
    ان تان مونکي ياد آيو ته هونءَ هميشه ٻين ملڪن کان پاڪستان جي پوسٽ سستي هوندي آهي. پر هي پهريون دفعو ڏسان پيو ته سعودي کان پاڪستان خط موڪلڻ تي ڏيڍ ريال لڳي ٿو، جيڪو ٻارهن رپيا کن ٿيو ۽ پاڪستان کان سعودي موڪلڻ تي سترهن رپين جو ٽڪليون لڳن ٿيون.
    “ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو اٿئي _ ؟ مون کانئس پڇيو.
    “ ها اتي به سال سوا کن ڪم ڪري چڪو آهيان.” هن وراڻيو.
    “ ڀلا هتي بهتر محسوس ڪرين ٿو يا ڪراچيءَ ۾؟”
    “ مون لاءِ جهڙو ڪراچي پرديس تهڙو هي پرديس...”
    پر تڏهن به ڪراچيءَ ۾ ٻيا به تنهنجا ڪيترا ڳوٺائي ۽ پاسي اوسي جا پٺاڻ آهن.” مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي چيو.
    “اهي ته، مون ٻڌايو ته هتي به آهن، رڳو منهنجي ننڍڙي ڳوٺ جا پنڌرهن سورهن هتي ينبو ۾ آهن. اهڙي طرح اوسي پاسي جي ڳوٺن جا به ڪيترائي آهن. ڪيترا ته مائٽ مٽ اٿم.”
    “ڀلا پئسي جي معاملي ۾ ڪٿي گهڻي بچت ٿئي ٿي؟” مون پڇيومانس.
    “هتي گهڻي بچت ٿئي ٿي. ڪراچي ۾ هزار رپيو کن مس بچيو ٿي.” هن ٻڌايو.
    مون حساب ڪيو ته هتي کيس اٺ سؤ ريال مهيني ۾ ڪمائي ٿئي. جنهن مان ٻه سؤ بقول سندس مانيءَ تي خرچ اچي ٿو ۽ ستر اسي مسواڙ تي ڏئي ۽ ويهه کن نسوار سگريٽ تي ته به پنج سؤ ريال- يعني چار هزار کن رپيا مهيني ۾ بچائي ڳوٺ موڪليندو هوندو. مون اهو حساب ڪري کيس ٻڌايو. هن ان کي درست ڪندي چيو:
    “چار هزار نه پر ٻه هزار رپيا کن ٻارن لاءِ گهر موڪليان. بچن برابر چار هزار کن ٿا، پر ورتل قرض جي هر مهيني ٻه هزار رپيا قسط.” هن ٻڌايو.
    “ڪهڙو قرض؟” مون تعجب مان پڇومانس.
    “هتي اچڻ لاءِ ويزا، ٽڪيٽ ۽ ڪميشن لاءِ جيڪي ايجنٽ کي ستر هزار ڏنم اهي هر مهيني ٻه ٻه هزار ڪري چئن سالن ۽ ٻن مهينن ۾ پنجاهه قسطون ڪرڻيون آهن.” هن ٻڌايو.
    “پر ٻن هزارن جي حساب سان ته پنجٽيهه قسطون ٿيون.”
    “ها. پر ائين مفت ۾ اڄڪلهه ڪير ٿو قرض ڏئي؟ جنهن کان قرض ورتو اٿم ان انهيءَ حساب سان ستر هزارن بدران لک رپيا گهريو آهي.” هن ٻڌايو.
    “ڀلا هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.” مون پڇيومانس، “هينئرته کڻي شام آهي. سج لهڻ تي آهي. پر سڄو ڏينهن جڏهن سخت گرمي ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙي نٽهڻ اس ۾ بنا ڪنهن ڇپر جي هتي ڪيئن ويهين ٿو.؟
    “آئون ڏينهن جو نه ويهندو آهيان. روز هن وقت ايندو آهيان جو ماڻهو ڇيڻو شام کان اچڻ شروع ڪن ٿا ۽ رات جو ٻارهين هڪ تائين ميلو متو پيو آهي. ڏينهن جو هرڪو گهر ۾ ويهي يا نوڪري تي وڃي.” هن ٻڌايو.
    “ته پوءِ اهو سٺو آهي ته توکي گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن جو اس ۾ نڪرڻو نٿو پوي ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ آرام ڪرين ٿو. مون چويمانس.
    “نه آئون ڏينهن جو ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو روزانو مزدوري يا پورهئي لاءِ ڀٽڪندو آهيان. پر ڪا ملي ئي ڪانه ٿي. هُن بيحد ڏکويل ۽ مايوس لهجي ۾ چيو.


    سعودي عرب ۾ نوڪري جو مسئلو

    هنن امير عرب مُلڪ ۾ اڃان نه آيل، پاڪستان، هندوستان، سريلنڪا يا بنگلاديش جا ماڻهو ۾ ويهي اهو سوچيندا هوندا ته ڪو هتي (سعودي عرب ۾) ڪئين پورهيا ۽ ڌنڌا ڌاڙيون لڳيون پيون آهن ۽ انهن جي عيوض اجوري ۾ عرب پرس کولي غريب پورهيتن جا کيسا ڀرين ٿا. پر ايئن ناهي. هن دِير جي پٺاڻ ابراهيم جو ته وري به ڪو ڌنڌو آهي پر ڪيترا اهڙا آهن جيڪي پيٽ خاطر روزانو گهٽ پگهار تي بار ڍوئڻ ۽ مزوري جهڙا ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو سدورو ڏينهن ٿئي ٿو جنهن ۾ کين پورهيو نصيب ٿئي ٿو. هو پنهنجي ڪنهن اهڙي ڳوٺائي يا مائٽ مٽ وٽ ٽڪيا پيا آهن جنهن کي نوڪري آهي. ڪيترن کي نيٺ ڪا نه ڪا مليو به وڃي ٿي پر مطلب اهو آهي ته هيڏو خرچ ڪري به هيڏانهن پُهچڻ بعد به ڪنهن نوڪري يا پورهئي جي پڪ ناهي. جي ملي به وڃي ٿي ته سُٺي پگهار جي پڪ ناهي ۽ هاڻي سُٺي پگهار وئي ڏينهنڙ ڇا سال ٿي ويا. عراق ۽ ڪويت جي لڙائي بعد عربن لاءِ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ڏُکيا ڏينهن اچي رهيا آهن. هو ٻي کي ڏيڻ بدران اِن چڪر ۾ آهن ته ٻي مان ڪڍجي ڪيئن؟
    مٿين پٺاڻ وانگر هڪ حيدرآباد دکن جي درزيءَ سان خبر چار ٿي جيڪو جهڙي تهڙي چؤديواريءَ ۽ ڇت هيٺيان ڪپڙا سِبي ٿو. اهو ڪمرو يا ڪوٺي مالڪ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ بلاڪ رکي ٺاهي ڏِني اٿس. جنهن جي ويزا تي هُو گذريل اٺن نون سالن کان آهي. گلف جي جنگ بعد هن درزي هن مُلڪ ۾ پئسي جي ايتري سختي ٿيندي ڏِٺي آهي جو هاڻ هو هتي رهڻ بدران واپس هندستان وڃڻ چاهي ٿو. “عرب ڪفيل توکي مهيني ۾ گهڻو پگهار ڏي؟” مون پُڇيومانس.
    “توبهه ڪريو. هو مون کي ڇا ڏيندو؟ هُن هي ڪمرو ٺاهي ڏنو آهي ته ويهي پورهيو ڪريان. هٿ جو هُنر اٿم. مشين ڌاڳو سُٽ به پنهنجو ٿو وٺان ان هوندي به مهيني ۾ ڪمائي مان هزار سوا هن کي ڏيان ٿو.” هُن ٻڌايو.
    “اهو هر مهيني مقرر اٿئي يا مهيني ۾ گهٽ وڌ.؟” مون پُڇيومانس.
    هونئن ته مقرر هو پر هاڻ سوا سال کان اُها ڪمائي نه رهي آهي ۽ منهنجو ڪفيل عرب پاڻ به ڏسي ويٺو ته ڇا ٿو مليم. پوء ان سارو ڏيو جان ڇڏايانس.” هُن ٻُڌايو.
    “پوءِ پنهنجو دُڪان ڇو نه ٿو ڪڍين؟” مون چيومانس.
    “هتي سعودي عرب ۾ ڪوبه پنهنجو دُڪان کولي نه ٿو سگهي. پنهنجو خريد ڪندو ته به ڪفيل جي نالي ۾ رهندو. جي هو ڪڏهن به بگڙي پيو ته توهان جو هڙ ويو. ۽ نه ڪي وري کيس ڇڏي ٻي وٽ ڪم ڪري سگهان ٿو جو منهنجو پاسپورٽ هن وٽ سوگهو آهي. ٻي وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ واپس وطن وڃي وري ٻي ويزا وٺي اُن تي اچڻو پوندو ۽ هڪ دفعو وري هيڏو خرچ ڪرڻ بعد ٻي وٽ ماڻهو سوگهو ٿيو وڃي. ۽ هُن جي مرضي تي هلڻو ٿو پوي. پاسپورٽ هُن وٽ رهي ٿو. توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟”
    هي درزي جيڪو حيدرآباد دکن جو آهي. اردو تمام سُٺي ڳالهائي ٿو. سندس ڳالهين ۽ اخلاق مان لڳي ٿو ته سُٺي گهر جو ۽ سُلجهيل انسان آهي. پڙهيل ڳڙهيل پڻ ضرور هوندو. پر حالتن جي مجبوري جي ڪري هتي هن حال ۾ آهي. پڙهيل جي نه به آهي ته به حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو اٿس. کيس افسوس آهي ته جيتوڻيڪ مُسلمانن کي (يعني عربن کي) رب پاڪ دولت سان مالا مال ڪيو پر هنن دولت کي ايترو صحيح طرح استعمال ۾ نه آندو آهي جيترو آڻڻ کپي. ويتر عادتون بگڙجي ويون اٿن. ٻار هوشيار ٿيڻ بدران سڪيلڌا يا جنهن کي چئجي ته کرجي پيا آهن. ڊگريون حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جهڙا ڌنڌا به نه ٿا پُڄنن. رڳو ڀائين ته مئنيجر ٿي ويٺا هُجون. ڪم ٻيا پيا هنن پاران ڪن. اسان جهڙن مُلڪن جي ماڻهن کي ته غلام سمجهن ٿا.
    هن ٻُڌايو ته اسان جي مُلڪ جي ماڻهن کي هتي گهڻو رهڻ نه کپي. ٻه چار سال ڪمائي، پئسو بچائي، پنهنجي مُلڪ ۾ پنهنجو ڌنڌو ڪرڻ کپي. نه ته هتي ماڻهو ذهني مريض ٿي پوي. پنهنجي مُلڪ ۾ انسان جنهن آزاديءَ سان هلي سگهي ٿو انهي جو احساس هتي اچي ٿئي ٿو. جنهن پئسي لاءِ ماڻهو هتي اچي ٿو اهو هڪ ته ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي. عربن پنهنجو ضرورتون ۽ شؤق ايترا وڌائي ڇڏيا آهن جو سندن ئي پورت مُشڪل سان ٿئي ٿي. ٻي ڪنهن کي وڏي دِل ڪري پورهئي جو اجورو ڏيندي ٻَرو چڙهين ٿو. پئسي جي حالت اها وڃي ٿي آهي جو اڄ کان ٻه سال اڳ وڳي جا 45 ريال سلائي وٺندا هئاسين. هينئر وڳي جا 30 ريال آڇ ٿئي ٿي. عرب عورتون يا مردن سندن وڳا کنيو اچن ۽ چون ٽيهن ۾ سِبي ڏين ته ڏي نه نه ٺهيو. مجبورن ها ڪرڻي پوي ٿي. جو اڄ ڪلهه هڪ ته ورلي ڪو گراهڪ اچي ٿو ۽ جيڪو اچي ٿو ان کي به جي موٽائي ڇڏبو ته کائبو ڇا؟ هونئن ٻن وڳن جا نوي ريال ملندا هئا. هينئر ٻن جا سٺ ملن ٿا. جنهن مان ڏهه پندرنهن ته ڌاڳو، ٻيڙو، سئي کايو وڃي، جو اهي سيون به هاڻ وڃن مهانگيون ٿينديون. يعني ٻن وڳن تي چاليهه پنجاهه ريال مس ٿا ملن. هن درزي جهڙا دُڪان يا هلڪي ڦُلڪي سيڌي سامان جا دُڪان عرب دنيا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ملندا. گهر ٺهرائڻ مهل ڪيترا عرب اڱڻ واري ٻاهرين ڀت سان هڪ يا ٻه دُڪان به ٺهرايو ڇڏين. پوءِ انڊيا پاڪستان مان ڪو درزي يا دُڪاندار گهُرايو ويهارين ته سندن گهر جا ڪپڙا به مُفت سِبي ڏي. ۽ ٻين جا سِبي جيڪي ڪمائي اُن مان به کين حصو پتي ڏي. يعني گهر ويٺي ٻي جي پورهئي ۽ مزدوريءَ مان چانهه پاڻي جو خرچ ڪڍيو ويٺا آهن. “سياڻا چئبا”.ڪنهن چيو.
    “جي نه به هئا ته هاڻي ٿي ويا آهن.” ٻئي چيو.
    “اهڙي نموني پئسو ڪمائڻ کي ڪو سياڻپ سڏي ٿو ته پوءِ واقعي سياڻا سڏبا.” ٽئين چيو.


    کائي ڪيتريون ٿلهيون ٿيون آهن

    درزيءَ چيو ته هتي نوڪريءَ جو به عجيب سلسلو آهي. هاڻ ته ڪي رهيون ناهن. اڄڪلهه اسانجي ملڪ جا ڏسڻا وائسڻا انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ايئن پيا ڦيريون پائن پر جڏهن جاوا ڪرڻ جهڙا ڏينهن هئا ته ڪيترا مستري، ڪمپائونڊر، سوٽ ڪوٽ پائي، عطر هڻي انگريزي ۾ گٽ مٽ ڳالهائي، وڏن پگهارن تي انجنيئري ۽ ڊاڪٽري جهڙيون نوڪريون وٺي خوب ڪمايائون. عربن کي ڪاخبر به ڪانه ٿي پئي. پوءِ جڏه ٻين اهو اهو ڪين ته هاڻ وري اصلي ڊاڪٽر ۽ انجنيئرن تي به شڪ ڪن ٿا. ڪنهن شيءِ جي صحيح قيمت ڏيندي به لڳين ٿو ته ڪو کين ڦري ٿو. جيتوڻيڪ يورپي ۽ آمريڪن هينئر به کين ڦري رهيا آهن پر کين ڪا به خبر ڪانه ٿي پوي. ان جي ڪسر وري اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن جو رت چوسي پوري ڪن ٿا. سندس دڪان جي ڀتين ۾ سوراخ ۽ لڙڪيل سئچ ڏسي چيومانس:
    “هڪ ڳالهه مون هتي سعودي عرب ۾ نوٽ ڪئي آهي ته Construction جو معيار اوچو ناهي. اسان وٽ ڳوٺ ۾ بنا نقشي جاءِ ٺهندي ته به ڀتيون سڌيون، دروازن جا چونڪ توڙي تاڪ صحيح ماپ جا، اليڪٽرڪ جو ڪم بيحد پختو هوندو. هتي هي تنهنجو دڪان ته کڻي تنهنجي عرب ڪفيل جهڙو تهڙو ٺهرايو آهي، پر ويندي سٺن سٺن گهرن ۽ آفيسن جو خراب حال آهي. ويندي درن درين جا ڪنڍا صحيح نظر نه ٿا اچن. جنهن گهر ۾ آئون رهيل آهيان ان تي مالڪ خرچ تمام وڏو ڪرايو آهي. ويندي باٿ روم ۾ اٽليءَ کان ٽائيلون گهرائي هنيون اٿس. پر ڇا رازن ۽ واڍن ان جي ستياناس ڪئي آهي. سرن جي درزن مان سيمنٽ ٻاهر نڪتو پيو آهي. فرش جي ليول سڌي ناهي. ڪٿي اڌ سر جي جاءِ آهي ته پوءِ اڌ ماپ مطابق ڪٽي هڻڻ بدران چوٿو سر جو هڻي باقي جاءِ تي سيمنٽ هڻي ڇڏيو آهي. بتيون ۽ پنکن جا سئچ به اهڙي خراب نموني جا هنيا ويا آهن جو بنگلي کي ٺهي اڃان ٻه سال به نه ٿيا آهن ته سئچ جو باڪسون ڀت مان نڪري هيٺ پيون لڙڪن ۽ جيڪي لڳل آهن انهن مان ڪي سئچ هيٺ ڪرڻ سان بتي ٻري ٿي ته ڪن کي مٿي ڪرڻ سان.”
    “سڄي سعودي عرب جو اهو حال آهي. هاڻ مڙيئي جدي ۽ رياض ۾ مڪان سازيءَ جو اتاهون معيار ٿي رهيو آهي نه ته گهڻن هنڌن تي اهو حال آهي. دراصل هتي هر ڪم ٺيڪي ۽ سب ٺيڪي تي ٿئي ٿو. وچ ۾ هر هڪ پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو رکڻ چاهي ٿو. پوءِ آخر ۾ اصل ڪم ڪرڻ واري لاءِ ڪو خاص نٿو بچي. هاڻ ٽيهه ريال ڏهاڙي تي مجبور واڍو، رازو، مستري ئي ڪم ڪندو. ڇو جو ٽيهه ريال يعني اڍائي سؤ رپيا ته هن کي پاڪستان هندستان ۾ به ملي سگهن ٿا. جتي جي موسم هتي جي کوري جهڙي نه هجڻ ڪري هو فرحت محسوس ڪري ٿو. ٺيڪ آهي ته توهان کڻي هن کي پنجاهه ريال ڏيو ٿا، پر اهو به ته سوچيو ته هو منو لک رپيا کن خرچي سال ٻن جي ويزا وٺي آيو آهي ته قرض لاهڻ بعد سراسري هن کي ٽيهه ريال مس ٿا وڃيو بچن. ۽ ايترن ٿورن پئسن ۾ ته سٺو رازو پاڪستان هندستان ۾ به نٿو ملي. توهان جي ڪم جو معيار چاهيو ٿا ته پوءِ پئسو خرچ ڪريو. پر هتي خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ گهڻو تڻو ڪم ٺيڪي ۽ خاناپوري تي هلي ٿو. آفيسن جي ديک ڀال ۽ بندرگاهه ۽ هوائي اڏا ته ٺهيو اسپتالن جو ڪم به ٺيڪي تي هلي ٿو. پوءِ ظاهر آهي جيترو توهان خرچ ڪندائو اوترو سٺو ڪم ڪرڻ وارو ملندو. مجبور ۽ پريشان پورهيت کي قرضي بنائي توهان هتي گهرائي ۽ ڪم جو اجورو جڏهن گهٽ ڏيو ٿا ته هو ڪهڙو سٺو ڪم ڪندو. ڀلي کڻي قابل واڍو رازو هجي.
    “دراصل عربن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي، پر کين خرچڻ جو ڍنگ نه آيو آهي.” حيدرآباد دکن جي درزيءَ ٻڌايو.
    “ڪيئن ڀلا-؟” مون پڇيومانس.
    “ڪيئن ڀلا! بس ائين ئي. ڏسو کڻي ته کيس اها به خبر نٿي پوي ته ڪهڙين شين کي گهڻي اهميت (Priority) ڏجي ۽ ڪهڙين کي گهٽ. ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي ته به ان پٺيان پيو خرچ ٿيندو ۽ ٻي شيءِ جيڪا زندگي لاءِ ضروري آهي ته ان جي اهميت ئي نه. ٽشو پيپرن جا دٻا وٺي هڪ بدران ٽي ٽي چا چار پنا ڪڍي فرش تان چانهه اگهڻ جهڙا ڪم پيا ڪبا ( جنهن لاءِ ڪو ڪپڙي ڀور رکي سگهجي ٿو) پر ٻار کي هفتي کان پينسل لکڻ لاءِ ناهي ته اها وٺڻ لاءِ ٻي ڏينهن تي ڪم پيو رکبو. اهڙي طرح ڪي ڪي کاڌا پيتا اجايا ۽ هيڪاندا وٺي کائيندا رهن ٿا. صحيح آهي توهان وٽ پئسو اچي ويو آهي ۽ توهان جي ملڪ ۾ دنيا جي هر شئي ملي ٿي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هر ويلي تي ڍير پنير، آچار، ماکيون، چاڪليٽ کائجن- خاص ڪري ههڙي گرم ملڪ ۾. ٺيڪ آهي يورپي کائين ٿا يا ٽي وي تي اشتهار اچن ٿا، ان جو مطلب اهو ناهي ته هر شئي وٺندا رهو. يا وري اجايو سجايو گهمڻ. گهڻو زور مصر، ترڪي، اردن ۽ موراڪو ڏي آهي جتي عياشي به آهي ته عربي به ڳالهائي وڃي ٿي. جن کي انگريزي اچي ٿي ته اهي يورپ جي ملڪن ڏي به رخ ڪن ٿا.” درزيءَ ٻڌايو.
    هي درزي لڳي ٿو عربن کي ويجهڙائي کان ڏسي چڪو آهي. سندس پيٽ ۾ ڪئين ڳالهيون لڳيون ٿي. ڪيتريون زبان تي آڻي وري کائي ويو ٿي. شايد اهو سوچي ته آئون هڪ اجنبي آهيان ۽ جمع جمعو ست ڏينهن به نه ٿيا اٿم ساڻس واقف ٿيڻ ۾. ڪڏهن وري شڪ ٿيندو اٿس ته آئون تفصيل سان ڇو ٿو پڇان. هاڻ جي کيس چوان ته ليکڪ آهيان اخبار لاءي اسٽوري يا سفرنامو لکڻ جي ڳولا ۾ آهيان ته ايترو ڳالهائڻ ۽ ٻڌائڻ تي به سينسر هڻي ڇڏيندو .
    درزيءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته هتي سعودي عرب ۾ درزين جي دڪان ۾ اندر گهڙڻ لاءِ دروازي کان علاوه دري پڻ ٿئي. عورتون ٻاهر رستي تي بيهي دريءَ مان ڪپڙو ڏين. ماپ بدران پنهنجو پراڻو وڳو ڏين. ڪڏهن هڪ وڳو ماپ لاءِ ته ٻيو ڊزائين لاءِ ڏين. ڪڏهن ماپ جي وڳي سان گڏ انسٽرڪشن به ڏين ته ڪڇن وٽ ويڪرو ڪجانءِ. پيٽ وٽ هن وڳي کي ڍرو جهلجانءِ. ڊيگهه ۾ ٿورو گهٽ رکجانءِ ۽ پوءِ وڳو کڻڻ وقت جهيڙو هوندو آهي ته پيٽ وٽ گهڻو ويڪرو نه ڪيو اٿئي، اڃان سوڙهو آهي وغيره وغيره. پوءِ اهڙن موقعن تي هي اسان جو پاڙي وارو درزي پنهنجي منهن اڙدو ۾ ڀڻڪندي چوندو آهي: “ڪارن برقعن ۾ ويڙهجي اچن ٿيون. هاڻ مون کي ڪهڙي خبر ته کائي کائي ڪيتريون ٿلهيون ٿي پيون آهن.”


    عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال

    منهنجي خيال ۾ پڙهندڙن کي هتي سعودي عرب ۾ گهمڻ يا نوڪريءَ لاءِ اچڻ بابت اهو ڪجهه ٻڌايو وڃي، جيڪي ڪجهه مون هتي اچي معلوم ڪيو آهي.
    سعودي عرب جي ٻن شهرن مڪي ۽ مديني ۾ اسان مسلمانن جون پاڪ جايون آهن. مڪي ۾ حج لاءِ اچڻ هر مسلمان لاءِ فرض آهي ۽ اڄ ڪلهه سعودي حڪومت يا هُن کان اڳ واريون حڪومتون ان فرض پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن مسلمان کي مڪي مديني اچڻ کان هرو ڀرو نه ٿيون روڪين. اها ٻي ڳالهه آهي ته نظام صحيح رکڻ لاءِ هر ملڪ کي هڪ مقرر تعداد حاجين جو موڪلڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ مڪي ۽ مديني پهچڻ لاءِ حاجين کي جده يا ڪڏهن ينبو ۾ لهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. سو دنيا جي مختلف ملڪن کان هر سال مسلمان عمري ۽ حج لاءِ جده هوائي اڏي ۽ بندرگاهه تي لهي باءِ روڊ مڪي اچن ٿا ۽ مقرر وقت رهڻ بعد کين واپس وڃڻو پوي ٿو.


    عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال

    منهنجي خيال ۾ پڙهندڙن کي هتي سعودي عرب ۾ گهمڻ يا نوڪريءَ لاءِ اچڻ بابت اهو ڪجهه ٻڌايو وڃي، جيڪي ڪجهه مون هتي اچي معلوم ڪيو آهي.
    سعودي عرب جي ٻن شهرن مڪي ۽ مديني ۾ اسان مسلمانن جون پاڪ جايون آهن. مڪي ۾ حج لاءِ اچڻ هر مسلمان لاءِ فرض آهي ۽ اڄ ڪلهه سعودي حڪومت يا هُن کان اڳ واريون حڪومتون ان فرض پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن مسلمان کي مڪي مديني اچڻ کان هرو ڀرو نه ٿيون روڪين. اها ٻي ڳالهه آهي ته نظام صحيح رکڻ لاءِ هر ملڪ کي هڪ مقرر تعداد حاجين جو موڪلڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ مڪي ۽ مديني پهچڻ لاءِ حاجين کي جده يا ڪڏهن ينبو ۾ لهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. سو دنيا جي مختلف ملڪن کان هر سال مسلمان عمري ۽ حج لاءِ جده هوائي اڏي ۽ بندرگاهه تي لهي باءِ روڊ مڪي اچن ٿا ۽ مقرر وقت رهڻ بعد کين واپس وڃڻو پوي ٿو.


    عرب ملڪن ۾ نوڪريءَ جو احوال

    منهنجي خيال ۾ پڙهندڙن کي هتي سعودي عرب ۾ گهمڻ يا نوڪريءَ لاءِ اچڻ بابت اهو ڪجهه ٻڌايو وڃي، جيڪي ڪجهه مون هتي اچي معلوم ڪيو آهي.
    سعودي عرب جي ٻن شهرن مڪي ۽ مديني ۾ اسان مسلمانن جون پاڪ جايون آهن. مڪي ۾ حج لاءِ اچڻ هر مسلمان لاءِ فرض آهي ۽ اڄ ڪلهه سعودي حڪومت يا هُن کان اڳ واريون حڪومتون ان فرض پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن مسلمان کي مڪي مديني اچڻ کان هرو ڀرو نه ٿيون روڪين. اها ٻي ڳالهه آهي ته نظام صحيح رکڻ لاءِ هر ملڪ کي هڪ مقرر تعداد حاجين جو موڪلڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ مڪي ۽ مديني پهچڻ لاءِ حاجين کي جده يا ڪڏهن ينبو ۾ لهڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. سو دنيا جي مختلف ملڪن کان هر سال مسلمان عمري ۽ حج لاءِ جده هوائي اڏي ۽ بندرگاهه تي لهي باءِ روڊ مڪي اچن ٿا ۽ مقرر وقت رهڻ بعد کين واپس وڃڻو پوي ٿو.


    سعودي عرب غريب هو

    1960ع تائين سواءِ چند ماڻهن جي، جن باقي زندگي مڪي مديني جي گهٽين ۾ گذارڻ پنهنجي زندگي جي وڏي تمنا سمجهي ٿي، ٻيا حاجي موٽي پنهنجي وطن ويا ٿي. هنن پاڪ پٽن تي رهڻ هر مسلمان لاءِ خوش نصيبي آهي ۽ هرڪو رهڻ چاهي ٿو، پر انسان کي دنيا کي منهن به ڏيڻو آهي. ٻارن ٻچن جون ذميواريون، گهر ٻار هلائڻ لاءِ پورهيو نوڪري ۽ دنيا جي ٻين جهنجهٽن کي منهن ڏيڻ لاءي هر حاجي حج بعد پنهنجي اباڻي وطن ويو ٿي. ۽ هونءَ به اسلام اها ئي تلقين ڪري ٿو ته دين سان گڏ دنيا کي به منهن ڏيو. اسلام اهو هرگز نه ٿو چوي: ٻچا ٻار ڇڏي، جوابدارين کان ڀڄي سمورو وقت مسجد جي ڪنڊ ۾ ويهي عبادت ڪريو. بهرحال جنهن کي حالتن اجازت ڏني ٿي اهي سعودي عرب رهي به پيا ٿي. هن صديءَ جي پهرين اڌ تائين سعودي عرب ڪو امير ملڪ نه هو. بلڪه مڇي ماني وارو به نه هو. جيڪو هتي رهيو به ٿي ته ان کي پيٽ قوت لاءي ڪشالن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. گرم موسم ۾ پورهيو ڪرڻ به ڏکيو. ملڪ ۾ رڳو واري ئي وري ۽ غربت. ڌنڌو ڌاڙي به ڪهڙو ڪجي. ڪي عرب ته ايترو غريب هئا جو حج جي ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن کان حج تي ايندڙ انهن کي اچي خيرات ڏيندا هئا. کاڌو پيتو به اتيرو نه هو ۽ جيڪي هو سو مهانگو هو. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي اسان جي ڳوٺ جا امير ماڻهو حج تي ويندا هئا ته کائڻ جون ڪيتريون شيون کڻي ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ برما، گڏيل هندستان وغيره دنيا ۾ سکيا ستابا ملڪ هئا. ايتري قدر جو اوسي پاسي جي ملڪن جي ماڻهن پاڪستان هندستان ۾ رهڻ چاهيو ٿي ۽ اسان جي ماڻهن کي ٻين ملڪن ۾ رهڻ جو شؤق نه هو. ويندي 1964ع ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ انڊين ۽ پاڪستانين کي چيو ويو ته حڪومت جي نئين پاليسي مطابق هڪ ملڪ جا شهري ٿي رهو ته هنن ملائيشيا جو پاسپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڪستاني ۽ هندستاني ٿي ملائيشيا ۾ مهمان جي حيثيت ۾ عارضي طور رهڻ قبول ڪيو. “پنهنجي پاڪستان هندستان ۾ سڀ ڪجهه آهي، هتي ملائيشيا سنگاپور ۾ رکيو ئي ڇا آهي. رڳو مڇر ۽ مينهن آهي. نه اسپتالون نه اسڪول، نه وڏا شهر نه Hygenic Condistions” اسان جي ماڻهن چيو ٿي ۽ هنن صحيح چيو ٿي. کين اها ته خبر نه هئي ته سندن ملڪن جو اڳتي هلي ڇا حال ٿيندو. يا ملائيشيا ۽ سنگاپور کي رٻڙ، تيل، سون ۽ سٺا ليڊر ملڻ ڪري ٻن ڏهاڪن ۾ اهي ملڪ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندا. ساڳي طرح سعودي عرب ۾ به ڊٻون ۽ واري هئي. عام طرح ماڻهو ته ٺهيو پر نالي جا شهزادا ۽ امير به ڪي خاص شاهوڪار ۽ دنيا جي سهولتن سان مالا مال نه هئا. اڄ به 1964ع جي نئشنل جاگرافڪ مخزن ۾ سعودي عرب جي گهرن ۽ ماڻهن کي ڏسجي ٿو ته غربت ظاهر ٿئي ٿي- جيتوڻيڪ تيستائين تيل نڪري چڪو هو ۽ ملڪ ۾ ناڻي جي آهستي آهستي آمد شروع ٿي رهي هئي. ان کان اڳ ته ويتر غربت هئي. اسان جو ڊاڪٽر سرفراز شاهه کلي سندس هڪ عرب ڊاڪٽر دوست جي زباني ٻڌائيندو آهي (جيڪو ويانا - آسٽريا ۾ ساڻس گڏ پلاسٽڪ سرجري جي اعليٰ تعليم وٺي رهيو هو) ته هو- عرب ڊاڪٽر چوندو آهي ته هنن جا وڏا ڪي امير نه هئا. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب جو بادشاهه به غريب هو. پاڻ گوڏ ٻڌي جبو ڌوئندو هو ۽ پوءِ جبو سُڪڻ تي اهو پائي گوڏ ڌوئندو هو.”


    سعودي عرب غريب هو

    1960ع تائين سواءِ چند ماڻهن جي، جن باقي زندگي مڪي مديني جي گهٽين ۾ گذارڻ پنهنجي زندگي جي وڏي تمنا سمجهي ٿي، ٻيا حاجي موٽي پنهنجي وطن ويا ٿي. هنن پاڪ پٽن تي رهڻ هر مسلمان لاءِ خوش نصيبي آهي ۽ هرڪو رهڻ چاهي ٿو، پر انسان کي دنيا کي منهن به ڏيڻو آهي. ٻارن ٻچن جون ذميواريون، گهر ٻار هلائڻ لاءِ پورهيو نوڪري ۽ دنيا جي ٻين جهنجهٽن کي منهن ڏيڻ لاءي هر حاجي حج بعد پنهنجي اباڻي وطن ويو ٿي. ۽ هونءَ به اسلام اها ئي تلقين ڪري ٿو ته دين سان گڏ دنيا کي به منهن ڏيو. اسلام اهو هرگز نه ٿو چوي: ٻچا ٻار ڇڏي، جوابدارين کان ڀڄي سمورو وقت مسجد جي ڪنڊ ۾ ويهي عبادت ڪريو. بهرحال جنهن کي حالتن اجازت ڏني ٿي اهي سعودي عرب رهي به پيا ٿي. هن صديءَ جي پهرين اڌ تائين سعودي عرب ڪو امير ملڪ نه هو. بلڪه مڇي ماني وارو به نه هو. جيڪو هتي رهيو به ٿي ته ان کي پيٽ قوت لاءي ڪشالن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. گرم موسم ۾ پورهيو ڪرڻ به ڏکيو. ملڪ ۾ رڳو واري ئي وري ۽ غربت. ڌنڌو ڌاڙي به ڪهڙو ڪجي. ڪي عرب ته ايترو غريب هئا جو حج جي ڏينهن ۾ ڌارين ملڪن کان حج تي ايندڙ انهن کي اچي خيرات ڏيندا هئا. کاڌو پيتو به اتيرو نه هو ۽ جيڪي هو سو مهانگو هو. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي اسان جي ڳوٺ جا امير ماڻهو حج تي ويندا هئا ته کائڻ جون ڪيتريون شيون کڻي ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ برما، گڏيل هندستان وغيره دنيا ۾ سکيا ستابا ملڪ هئا. ايتري قدر جو اوسي پاسي جي ملڪن جي ماڻهن پاڪستان هندستان ۾ رهڻ چاهيو ٿي ۽ اسان جي ماڻهن کي ٻين ملڪن ۾ رهڻ جو شؤق نه هو. ويندي 1964ع ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ انڊين ۽ پاڪستانين کي چيو ويو ته حڪومت جي نئين پاليسي مطابق هڪ ملڪ جا شهري ٿي رهو ته هنن ملائيشيا جو پاسپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڪستاني ۽ هندستاني ٿي ملائيشيا ۾ مهمان جي حيثيت ۾ عارضي طور رهڻ قبول ڪيو. “پنهنجي پاڪستان هندستان ۾ سڀ ڪجهه آهي، هتي ملائيشيا سنگاپور ۾ رکيو ئي ڇا آهي. رڳو مڇر ۽ مينهن آهي. نه اسپتالون نه اسڪول، نه وڏا شهر نه Hygenic Condistions” اسان جي ماڻهن چيو ٿي ۽ هنن صحيح چيو ٿي. کين اها ته خبر نه هئي ته سندن ملڪن جو اڳتي هلي ڇا حال ٿيندو. يا ملائيشيا ۽ سنگاپور کي رٻڙ، تيل، سون ۽ سٺا ليڊر ملڻ ڪري ٻن ڏهاڪن ۾ اهي ملڪ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندا. ساڳي طرح سعودي عرب ۾ به ڊٻون ۽ واري هئي. عام طرح ماڻهو ته ٺهيو پر نالي جا شهزادا ۽ امير به ڪي خاص شاهوڪار ۽ دنيا جي سهولتن سان مالا مال نه هئا. اڄ به 1964ع جي نئشنل جاگرافڪ مخزن ۾ سعودي عرب جي گهرن ۽ ماڻهن کي ڏسجي ٿو ته غربت ظاهر ٿئي ٿي- جيتوڻيڪ تيستائين تيل نڪري چڪو هو ۽ ملڪ ۾ ناڻي جي آهستي آهستي آمد شروع ٿي رهي هئي. ان کان اڳ ته ويتر غربت هئي. اسان جو ڊاڪٽر سرفراز شاهه کلي سندس هڪ عرب ڊاڪٽر دوست جي زباني ٻڌائيندو آهي (جيڪو ويانا - آسٽريا ۾ ساڻس گڏ پلاسٽڪ سرجري جي اعليٰ تعليم وٺي رهيو هو) ته هو- عرب ڊاڪٽر چوندو آهي ته هنن جا وڏا ڪي امير نه هئا. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب جو بادشاهه به غريب هو. پاڻ گوڏ ٻڌي جبو ڌوئندو هو ۽ پوءِ جبو سُڪڻ تي اهو پائي گوڏ ڌوئندو هو.”


    سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اقامو

    بهرحال اهو ته ٿيو هڪ چرچو يا Figurative نموني جي ڳالهه پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سواءِ مذهبي جاين جي ڌارين ملڪن جي مسلمانن توڙي غير مسلمانن کي سعودي عرب جو ڪو شهر اهڙو پر ڪشش نٿي لڳو جتي هو رهي پون. نه موسم جي خيال کان نه ٻني ٻاري کان. نه اسپتالن اسڪولن کان نه ڌنڌي ڌاڙيءَ کان. نه ڪشمير جهڙن نظارن نه ممبئي جهڙي بزنيس ۽ واپار وڙي کان. پر پوءِ جيئن جيئن سعودي عرب وٽ تيل ايندو ويو ۽ ڌنڌا پورهيا نوڪريون واپار وڌڻ لڳا تيئن تيئن ماڻهن هن پاسي جو رخ ڪيو. ماڻهن جي روز برزو تعداد وڌڻ ڪري مسئلا پڻ وڌڻ لڳا ۽ هتي جي حڪومت فيصلو ڪيو: “قائدو قانون سخت ڪيو وڃي، نه ته ملڪ ۾ پئسو ۽ خوشحالي ته اچي ويندي پر ان سان گڏ ڏوهه فساد هڪ طرف وڌندا ته موقعي پرست اسان جي ملڪيتن تي قبضو الڳ ڪري ايندا ۽ پوءِ تنبوءَ مان عرب ٻاهر اٺ اندر وارو مثال ٿي پوندو. هونءَ به ظاهر آهي ته غريب کي ڪير پڇندو آهي پئسي اچڻ تي اسان جا (غريب ملڪن جا) ڪيترائي مائٽ پئدا ٿي پوندا آهن ۽ ڪيترا ڌارين ملڪن جا مسلمان مذهب جو بهانو ڪري رهي پوندا.”
    نتيجي ۾ هونءَ جنهن حج بهاني جدي ۾ پهچي رياض، دمام يا جدي ۾ ئي ترسي نوڪري يا دڪان کولي ڌنڌو پئي ڪيو، ان تي سختي ڪئي وئي. حاجين جي جدي لهڻ تي هنن کي ان ئي وقت بسين ذريعي مڪي نيو ويو ٿي ۽ سندن هيڏاهن هوڏانهن ترسي پوڻ تي نظر رکي وئي ٿي ۽ پوءِ جڏهن ڏٺائون ته مڪي مديني ۾ به ماڻهو ترسي پون ٿا ته اڃان به وڌيڪ سختي ڪيائون ۽ سزائون ۽ جيل به وڌائي ڇڏيائون. ايندڙ سال کان ٻڌجي پيو ته جدي پهچڻ تي هر مسافر کان پاسپورٽ وٺي کيس هڪ ڪارڊ ڏنو ويندو، جيڪو پنهنجي ملڪ وڃڻ وقت جدي ۾ واپس ڪري پنهنجو پاسپورٽ وٺڻو پوندس. ڇو جو نوڪري ڌنڌو حاصل ڪرڻ لاءي پاسپورٽ ڏيکارڻو پوي ٿو. اهو ئي نه هوندو ته ڪٿي به نوڪري نه ملي سگهندي ۽ هو سعودي عرب ۾ غير قانوني طرح ترسڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
    نوڪري لاءِ هونئن ته ڪو عمري يا حج بهاني اچي نوڪري ڳولي سگهيو ٿي پر هاڻ سعودي حڪومت پنهنجن ماڻهن کي چئي ڇڏيو آهي ته کين آفيس يا گهر لاءِ ماڻهوءَ جي ضرورت پوي ته هو پهرين سعودي حڪومت کان موڪل وٺن ۽ پوءي اهو اجازت نامو “Visa” همراهه ڏي موڪلين جنهن کي هو دڪان، گهر يا آفيس لاءِ گهرائڻ چاهين ٿا. پوءِ ان همراهه کي ويزا وارو ڪاغذ ملڻ تي هن کي پنهنجي پاسپورٽ سان گڏ پنهنجي ملڪ ۾ موجوده سعودي سفارتخاني ۾ ڏيکارڻو پوي ٿو. جنهن تصديق ڪري سندس پاسپورٽ تي سعودي عرب ۾ اچڻ جوٺپو هنيو وڃي ٿو. ان بعد هو ٽڪيٽ وٺي سعودي عرب ۾ ان عرب وٽ اچي سگهي ٿو، جنهن هن کي گهرايو آهي. سعودي عرب پهچي هن کي پنهنجو پاسپورٽ عرب ڪفيل کي ڏيڻو آهي، جيڪو پاسپورٽ اميگريشن ۾ ڏيکاري هن لاءِ ڇهه مهينن، سال يا ٻن سالن لاءي اقامو ٺهرائي ٿو. اقامو هڪ قسم جي Work Permit ۽ سعودي عرب ۾ رهڻ جي پاس آهي. اقامو نه ٺهرائڻ تي هو فقط ڇهه مهينا رهي سگهي ٿو. بهرحال هر ڌارئين کي سعودي عرب ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت جيسين اقامو ملي تيسين پاسپورٽ، ان بعد اقامو کيسي ۾ وجهي هلڻو آهي. پوليس طرفان وقت به وقت چڪاس ۾ هن کي اهو ڏيکارڻو آهي. نه هجڻ جي صورت ۾ في الحال هن کي جيل اندر ڪيو وڃي ٿو. شروع شروع ۾ جيسين ماڻهن ۾ عادت ٿئي ۽ ڳالهه سمجهن ته هتي جو قاعدو قانون سخت آهي ڪيترا بنا پاسپورٽ يا اقامي جي ٻاهر نڪري پوندا هئا يا کين کڻڻ وسري ويندو هو. پوءِ ڪيترا جهلجي پيا ۽ گهڻيون ئي منٿون ڪيائون ته هو غير قانوني طور هتي نه آيا آهن، هنن وٽ اقامو آهي ۽ فلاڻي ڪمپني ۾ ڪم ڪن ٿا. پر سائين هتي جو شرطو (پوليس وارو) پوءِ ڪنهن جو مِٽ نه يار. هڪ دفعو هڪ عام پوليس واري به ڪنهنکي جهلي اندر ڪيو ته پوءِ هتي جو ڊي سي، ايس پي، ايم اين اي، ايم پي اي وڏيرو پير ڀلي پيو پويان هن جي بچاءُ لاءِ فون ڪري يا جتيون گسائي. پوليس وارو هتي سڀ کان سگهارو آهي. اهو ئي سبب آهي (شايد)، جو سڄي شهر ۾ جيتوڻيڪ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پوليس وارا نظر اچن ٿا- سي به جونيئر ڇوڪراٽ ٽائيپ، پر مجال آهي جو ڪو مستي فساد ڪري. شريف توڙي لوفر لڙو سڌي چال چلت سان هلي ٿو.
    بهرحال هتي هر ڌارئين وٽ، ثبوت طور ته هو قانوني طرح هتي ڪم يا واپار لاءِ آيو آهي، اقامو رکڻو پوي ٿو، جيڪو پاسپورٽ جي سائيز جو چئن صفحن جو ڪتابچو آهي. ان ۾ هتي آيل جو نالو، ملڪ جو نالو، پاسپورٽ نمبر، ڪيتري مدي تائين هتي آهي ۽ ڪهڙي شهر ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪهڙي ڪفيل (سعودي عرب جي باشندي) کيس سعودي عرب ۾ گهرايو آهي، لکيل رهي ٿو.


    عربن جو چالاڪ ٿيڻ

    هونءَ هڪ شهر کان ٻئي شهر اقامي وارن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت هئي، پر پوءِ ان سان به گڙٻڙ پيدا ٿي. ڪو پنهنجي شهر ۾ نوڪري ڪرڻ بدران ٻئي ۾ پيو ڪري ۽ جهلجڻ تي پوليس کي ٻڌائي ته هو هينئر هتي آيو آهي. خاص ڪري حج وارن ڏينهن ۾ هر ڪو مڪي مديني پهچيو وڃي ۽ خاص حج لاء آيل ماڻهن لاءِ پريشاني پيدا ٿي ڪئي. هاڻ نئون قانون اهو ٺهيو آهي ته ڌارئين پورهيت يا نوڪري توڙي واپار ڪندڙ کي ڪفيل (جنهن وٽ ڪم ڪري ٿو) جي ئي شهر ۾ رهڻو آهي. ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ هن کي ڪفيل کان ليٽر وٺي وڃڻو آهي ته هو هيترن ڏينهن لاء فلاڻي تاريخ کان وڃي رهيو آهي.
    هتي ڪم ڪندڙن کي صحيح طرح نظر ۾ رکڻ لاءِ اهو به قانون آهي ته هنن کي اقامو ملڻ بعد سندن پاسپورٽ ڪفيل پاڻ وٽ رکندو. يعني ايئن نه ٿئي جو ڪفيل ڀاڙو ڀتو ڀري ڪنهن ڊرائيور، بورچي، سيلز مئن کي بنگلاديش يا پاڪستان مان گهرائي ۽ هو سڄو سال نوڪري ڪرڻ بدران هفتي ٻن بعد پنهنجي ملڪ ڀڄي وڃي يا ٻئي هنڌ وڃي پورهيو ڪري. حقيقت اها آهي جو اڄڪلهه ورلي ڪو عرب ڀاڙو ڏئي مزور يا پورهيت گهرائي ٿو. بي روزگاري کان بيزار ٿي ڪيترا ويچارا قرض کڻي ڀاڙو ته پنهنجو ڏئي هتي پهچن ٿا، پر کين ڪم لاءِ گهرائڻ خاطر جيڪا ويزا (اجازت نامو) عرب موڪلي ٿو ان کي مٺائي طور خرچي ڏين ٿا. بلڪه سڀ ڪجهه هوندي به ڪيترا عرب غريب پورهيت کان گهري وٺن ٿا، جيڪا ڏهه پندرهن هزار روپين کان ٿيندي اڄڪلهه پنجاهه سٺ هزار روپيا وڃي ٿي آهي. پهرين ايئن ٿيندو هو ته پورهيت کي پگهار ملڻ تي ان جو حصو ڪفيل پنهنجي خرچي سمجهي رکندو هو، هاڻ ته هڪ طرف غريب پورهيت بي وس ۽ مجبور ٿي پيو آهي ته ٻئي طرف هتي جا عرب ايترو لالچي ٿي پيا آهن جو پورهيت کان پهرين پئسا گهرن ٿا، متان هو مهيني اڌ بعد ڀڄي وڃي (ڀلي کڻي ٽڪيٽ به پنهنجي ڪري آيو هجي)، بلڪه هاڻ ته اسان جي ملڪن ۾ ئي اهڙا دلال نڪري پيا آهن جيڪي Man Power سپلاء ڪندڙ ايجنسين جي نالي سان سعودي عرب ڏي ويندڙ غريب پورهيتن کان سندن ملڪ ۾ ئي پئسا وٺي عرب ڪفيل ڏي سعودي عرب موڪلين ٿا جنهن ۾ ڪجهه حصو پنهنجو به هڻن ٿا. ڪجهه ڪجهه اهو حال لڳي ٿو جيڪو اڄ کان صدي سوا اڳ يورپي آفريڪي شيدين کي غلام بڻائي آمريڪا ڏي وڪري لاءِ موڪليندا هئا.
    شروع شروع ۾ هتي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪري جا موقعا (jobs) گهڻا هئا پر کين ماڻهو نه پئي مليا. مونکي ياد آهي ته 1969ع ڌاري سول انجنيئرن کي کڻڻ لاءِ ڪجهه عرب ڪراچي جي ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ اچي رهيا ۽ انٽرويو پئي ورتائون. اسان جي هڪ ٻن دوستن شڪارپور جي زين پٺاڻ ۽ ڪشمير جي انور خان ان وقت فائنل ييئر BE جو NED مان امتحان ڏنو هو ۽ رزلٽ لاءِ انتظار پئي ڪيائون. ٻئي پاڻ پڙهائيءَ جو خرچ ڀريندا هئا. مائٽن کان وٺڻ بدران عبدالقدوس علوي صاحب جي فرم ۾ نقشن ٺاهڻ جو ڪم ڪري ڪاليج جي فيس ڏيندا هئا يا قرض کڻندا رهيا ٿي. اهي به انٽرويو لاءِ ويا. اچي ٻڌايائون ته سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ نوڪري ملي آهي. مهيني ۾ ٽي هزار کن ريال پگهار جي آڇ ڪئي اٿن، هر سال اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ به مفت ۽ مهينو موڪل به. انٽرويو وٺندڙ عربن فيصلي لاءِ هڪ هفتو ڏنو آهي جيئن ها ڪرڻ تي هو اسان کي اتان ويزا موڪلين. اسان مان ڪن صلاحون ڏنن ته وڃو، ڪن چيو متان انهن چرين عربن وٽ ويا آهيو. موسم خراب، رڳو ريتي ۽ ڌوڙ، ان کان پنهنجي ملڪ ۾ ڀلا آهيو. مٿين ٻن همراهن کان علاوه ٻه ٽي ٻيا جيڪي هنن کان سينيئر هئا ۽ اڳهين هتي هزار ڏيڍ جي نوڪري ۾ لڳل هئا، تن ته وڃڻ کان انڪار ڪيو. زين ۽ انور خان جي به وڃڻ تي دل نٿي چاهي پر پوءِ اهو سوچيائون ته اڃان هاڻ فائنل ييئر جي رزلٽ نڪتي آهي. خبر ناهي پاڪستان ۾ ڪڏهن نوڪري ملي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وٽ پيو رهجي ۽ قرض به ڪافي ٿي ويو آهي سو جيڪڏهن عرب Employee ڏهه هزار روپيا کن Advance ۾ ڏئي جيڪو هنن تي قرض آهي ته اهو لاهي هلن. عربن اهو به قبول ڪيو ۽ هي اوڏانهن روانا ٿي ويا. ملڪ (سعودي عرب) ۾ پئسو پئي آيو ۽ چوڌاري خوشحالي هئي ۽ هنن همراهن جا به پگهار پئي وڌيا. ان کان علاوهه ٻيون به سهوليتون ملين پئي.
    اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ جا انهن ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ سعودي عرب هليا ويا. ڪي ميديڪل ڪاليج جا ليڪچرار ٿيا ته ڪي بئنڪن ۾، ڪي ٽيڪنيشن ته ڪي انجنيئر. پگهار به کين سٺا پئي مليا، ڊيوٽي جا ٽائيم Working Hours به سٺا هئا ۽ موڪلون به اهي پئي ملين جيڪي سعودي عرب جي سرڪاري آفيسن ۾ آهن. ڪي اڃان تائين اتي آهن، ڪي ڪجهه سال نوڪري ڪري ڪمائي جو چڱو پئسو خرچڻ بعد به بچائي کڻي آيا ۽ اچي جايون جڳهيون ٺهرايائون. اهو سلسلو سڄي پاڪستان ۾ قائم رهيو. سال پٺيان سال گذرڻ تي هر هڪ جي وات تي سعودي عرب جي نوڪري اچي وئي. هونءَ سعودي ڏي نوڪريءَ لاءِ ويندي هرڪو تن من هڻندو هو هاڻ اکيون پوري هر ڪو وڃڻ لڳو. عرب ڏهن ڄڻن کي کڻڻ لاءِ، انٽرويو لاءِ ڪراچي يا لاهور پنڊي اچن ته هونءَ جو مشڪل سان ست اٺ ماڻهو هلڻ لاء تيار ٿيندا هئا، هينئر ڏهن بدران پنجاهه ماڻهو اميدوار ٿيو پيا اچن. سٺو پگهار ۽ وڌيڪ سهوليتون گهرڻ بدران گهٽ تي به هائوڪار ڪندا وڃن. عربن به ڏٺو ته جڏهن چار هزار ريال پگهار بدران ٽي هزار بلڪه اڍائي هزار تي به ڪم وارو مليو وڃي ته ان کي چار هزار ڇو ڏجن. ۽ پوءِ اڃان به جيئن سال تي سال پيو پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ آدمشماري هيڪاندي وڌي ۽ هوڏانهن شروع ۾ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري پئسو ڪمائي ايندڙن کي ڏسي ماڻهون جو وات پاڻي ٿيو، تيئن ويئي ماڻهن (ڪم ڪندڙن جي Supply وڌندي) جيڪي ڀر واري ڳوٺ ۾ به نه نڪتا هئا اهي به سعودي عرب هلڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا. (ان سان گڏ دبئي، ڪويت، ابوظهبي وغيره پڻ). عربن جو ڪم آسان بنائڻ ۽ پنهنجو ٽڪو پنجو رکڻ لاء پاڪستان ۾ ايجنٽ حضرات نڪري پيا، جن عربن کي چيو: “بادشاهو توهان ڇو پيا ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ پاڪستان ۾ خوار خراب ٿيو، توهان پنهنجن بنگلن ۾ ئي رهو يا وڃي يورپ جون هوائون کائو. توهان رڳو اسان کي حڪم ڪيو. بندرگاهه جي ڌڪي لاءِ مزورن کان وٺي ڊاڪٽر، انجنيئرن تائين جيڪي کپانو ته رڳو تعداد ٻڌايو. توهان هر هڪ کي ٽي هزار ريال پگهار ڏيڻ ٿا چاهيو اسان توهان کي ٻن ٻن هزار ريالن تي به وٺي ڏينداسين. سئو مزورن تي توهان جو هر مهيني هڪ لک ريال فائدو ٿيندو. ان مان فقط پهرين مهيني جي بچت لک ريال اسان کي ڏجو”.


    هو ذهني مريض ٿي وڃي

    انڌو گهري هڪ اک هتي ٻه پيون ملن. هڪ پيٽرول مان مفت جي انڌي ڪمائي ۽ ٻيو مزورن جي پورهئي مان به پئي بچت ٿئي. هنن لاءِ ته ٽي هزار ريال مهيني ۾ مزوري ڏيڻ ڪجهه نه هو، پر هتي ته ٻن هزارن ۾ ڪم پيو هلي. سو عربن خود اچي مزور يا انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ هنرمند ڪاريگر ڳولڻ بدران اهو ڪم ايجنٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايجنٽ حضرات ڳولي ڳولي ڳوٺن مان اهڙا مزور ۽ ڪاريگر موڪلڻ لڳا جيڪي ان گهٽ پگهار تي به راضي هجن. سندن سعودي عرب ۾ رهائش ۽ کاڌي جو عرب ڪفيل بندوبست ڪيو ٿي. ڪجهه سالن بعد انڊيا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن جا ايجنٽ عربن وٽ پهچي ويا ته اسان ته توهان کي اڃان به گهٽ پگهار تي ماڻهو هٿ ڪري ٿا ڏيون. ٻه هزار به نه، فقط ڏيڍ ڪافي آهي ۽ رهائش لاءِ کين الڳ ڪمرو ڏيڻ بدران کين ڀلي هڪ ئي ڪمري ۾ ٽي ٽي ڪري رکو ۽ ڊاڪٽر انجنيئر تائين توهان کي ٻه اڍائي هزار ريالن ۾ وٺي ٿا ڏيون ۽ کين فيملي هائوس ڏيڻ بدران سنگل روم ڏيو. سائين واهه واهه ٿي وئي. عرب هاڻ پاڪستان کي ڇڏي انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن مان ماڻهو گهرائڻ لڳا ۽ مجبور ماڻهو ڇا نه ٿو ڪري. غريب ماڻهو گهٽ پگهار تي به ايندا رهيا. بيروزگار رهڻ بدران هنن ڪجهه ڪمائڻ چاهيو ٿي.
    ان بعد انسان جي مجبورين اڃان به نئون رخ ڌاريو. گهٽ پگهار تي به ايترا راضي ٿي ويا ٿي جو انهن جو وڏو حصو رهجي ويو ٿي. انهن مان ڪن کي Idea آئي ته جيڪڏهن عرب کين سعودي عرب ۾ رڳو گهرائين ته اتي پهچي ڪونه ڪو روزگار هو پاڻهي ڳولي سگهندا. هنن ۽ ايجنٽن اهڙن غريب عربن کي Approach ڪيو جن کي نوڪر، بورچي يا ڊرائيور وغيره جي ضرورت نه هئي. هنن کي چيو ويو ته توهان فقط گهرائڻ جي ويزا (اجازت نامو) ڏيو، همراهه پنهنجي ڀاڙي تي ايندا ۽ توهان ڀلي هنن کي نوڪر ڪري نه رکو، هو پاڻهي نوڪري ڳوليندا ۽ جيڪو پگهار ملندن ان جو مهيني ۾ چوٿون حصو توهان کي به پيا ڏيندا. ڳالهه ته واهه جي ٿي وئي. هڪ ٻئي کي ڏسي ڪيترن ئي عربن پنهنجي ويزا تي ماڻهو گهرايا. ڪن ته ڪوڙا سچا دڪان يا ڪارخانن جو ٻڌائي سعودي عرب سرڪار کان وڌيڪ مزور گهرائڻ جي اجازت ورتي ۽ انهن ويزائن تي ماڻهو گهرائي گهر ويٺي پنهنجي ڪمائي ڪرڻ لڳا. هي ايئن آهي جيئن ڪو ڳوٺان غريب مجبور بيروزگار وٺي اچي ڪراچي يا اسلام آباد ۾ ڇڏجي ۽ پوءِ جنهن جنهن کي ڪنهن ڪارخاني يا ريلوي اسٽيشن تي مزوري ملي وڃي يا ڪنهن هوٽل يا گهر جي صفائي جي نوڪري ملي وڃي ته انهن کان هنن جي ڪمائيءَ جو حصو وٺندو رهي. نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ۾ دانهن ڏئي ته ڳوٺان ڀڄي آيا آهن يا بنا موڪل جي آيا آهن، کين ٻڌرائجي يا ڏنڊي جي زور تي واپس موڪلجي.
    بهر حال سائين ڪجهه سال اهو سلسلو رهڻ بعد هڪ ٻيو طريقو نڪتو. اسان جي ملڪن (پاڪستان، هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش) جي ايجنٽن ته ڇا ڪوريا، فلپين (۽ هاڻي ويجهڙائي ۾ انڊونيشيا) جي ايجنٽن عربن کي چيو ته مهيني مهيني ڪميشن وٺڻ جي چڪر ۾ به ڇو ٿا پئو. ڇو جو ڪيترن کي پورهيو ملي نٿو يا سخت پورهئي ۽ موسم کان ڊڄي مهيني ٻن بعد ڀڄيو وڃن. ان کان بهتر آهي ته ويزائون اسان کي ڏيو ته اسان اهڙن ماڻهن کي وڪڻي ڏيون جيڪي سعودي عرب ۾ اچي نوڪري ڪرڻ يا ڳولڻ کان اڳ پنجاهه سٺ هزار روپيا ڏين. پوءِ ڀلي اهي اچي توهان ئي وٽ نوڪر ٿي بيهن يا ڪنهن ٻئي وٽ. ۽ هاڻ، اڄڪلهه، گهڻو تڻو اهو سلسلو هلي رهيو آهي. ننڍي کنڊ جا ماڻهو توڙي فلپين، انڊونيشيا يا ڪن غريب ملڪن (مثال طور، مصر، لبنان، شام، يمن) جا ماڻهو پنجاهه سٺ هزار جي ويزا يعني ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو اجازت نامو، خريد ڪري هتي اچي نوڪري جي ڳولا ڪن ٿا. انهن جو تعداد هاڻي هتي ايترو وڌي ويو آهي جو جاين يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ايترا بي روزگار مزور پاڪستان جي ڪيترن شهرن ۾ نظر نه ايندا، جيترا هتي جي شهرن ۾ نظر اچن ٿا. هر ڪو غريب بيروزگار اهو سوچي پنهنجو اجهو يا زمين ڀور، وهٽ يا زالن جا ڳهه ڳٺا وڪڻي وياج تي قرض کڻي ويزا (جيڪا بنا نوڪري ملڻ واري ويزا Open Visa آهي) وٺي هتي ان آسري تي اچي ٿو ته هتي پهچڻ سان کيس وڏي پگهار واري نوڪري ملي ويندي ۽ جيئن شروع جي سالن ۾ سندس ڳوٺائي يا سڃاڻا هتي سعودي عرب ۾ اچي امير ٿي ويا تيئن هو به ٿي ويندو. پر افسوس جو هتي جون مايوس ڪندڙ حالتون کيس ذهني ۽ جسماني مريض بڻائي ڇڏين ٿيون. هتي اچي اچي هو ڏينهن رات نوڪري جي ڳولا ڪري ٿو.هتي جا مڪاني ماڻهو به هن جي مجبوريءَ مان پورو پورو فائدو وٺن ٿا. کين ڪم واري جي ضرورت آهي ته به پگهار تي هن سان Bargain ڪري گهٽ کان گهٽ ڏين ٿا.


    سعودي عرب ۾ غريب پورهيت

    ڪراچيءَ ۾ اسان جي گهر ۾ ٻهاري ڏيڻ لاءِ لڇمي نالي هڪ گجراتي هندو عورت ايندي هئي. هن ٻڌايو ته هن هاڻ جو پُٽ ابوڌابيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو ان ڪري هن کي پورهئي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت. پر پوءِ کانئس پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن کي پاڪستاني چار هزار روپين برابر پگهار ملي ٿو. مون کي ته يقين ئي نه آيو ور ور ڏئي پڪ ڪئيمانس.
    “ڀلا ماني ٽڪي ۽ رهائش ؟ “ مون پڇيو مانس.
    “رهائش لاءِ اتي مالڪ جي هڪ گئراج ۾ ٻين ٻن ڄڻن سان رهيل آهي. باقي ماني پنهنجي ڪري. رُکو سکو کائڻ تي به هزار ڏيڍ روپيا خرچ اچيو وڃيس. باقي مون ڏي موڪلي”. هن ٻڌايو.
    “يعني مهيني ۾ اڍائي هزار روپيا توکي موڪلي.” مون چيو مانس.
    “نه،” هن درستي ڪندي ٻڌايو، “هزار ڏيڍ هر مهيني قرض جي قسط ۾ به ڏيون جو نوڪري تي موڪلڻ وقت ايجنٽ چاليهه هزار رشوت ۾ ورتا هئا ۽ چيو هئائين ته ان مان 35 هزار ته عرب کي ڏيڻا آهن ۽ اها به سچ پچ اسان کي غريب سمجهي مهرباني ڪيائين. نه ته ٻيا جيڪي وڃن پيا، اهي ته پنجاهه سٺ هزار ٿا ڀرين.” هن ٻڌايو هو. اها پڪ هُيَم ته هوءَ ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي پر تنهن هوندي به جهڙو اعتبار ئي نه اچي. هاڻ هتي پهچي ڏسان پيو ته هن بلڪل صحيح چيو. هتي ڪيترا پورهيت چار سئو، پنج سئو ريال مهيني جي پگهار تي به پورهيو ڪن پيا، جيڪو پاڪستاني روپين ۾ چار هزار ٿيا. ڪجهه بنگالي ته اهڙا به مليا جيڪي فقط ۽ فقط ٽن سئو روپين ۾ ههڙي گرمي ۾ بيڪري جي سخت باهه تي اٽو ڳوهي نان پچائڻ جهڙو ڪم ڪري رهيا آهن.
    “ٽي سئو ريال ته تمام گهٽ پگهار آهي؟ يعني سعودي عرب جي مهانگائي واري ملڪ ۾ پاڪستاني اڍائي هزار ته ڪجهه به ناهي؟” مون هڪ کان پڇيو.
    “بس ڇا ڪجي، ڪفيل پگهار نٿو وڌائي. نڪي ٻئي وٽ ڪم ڪرڻ ڏئي ٿو. چئي ٿو مون توکي پنهنجي ويزا تي گهرايو آهي مون وٽ ئي ڪم ڪر نه ته پنهنجي ڀاڙي تي ڳوٺ هليو وڃ. آئون ڀاڙو تڏهن ڏيندس جڏهن سڄو سال مون وٽ ڪم ڪندين. هاڻ هڪ ته ڍاڪا تائين وڃڻ جو ڏيڍ هزار ريال ڀاڙو ڪٿان آڻيان. ٻيو ته اتي پهچي به ڇا ڪريان. ٻه ٽي سئو ٽڪن (روپين) جي به نوڪري نٿي ملي.” هن ٻڌايو.
    “ڀلا هتي پهچڻ لاءِ پئسا ڏنئه يا نه.” مون پڇيومانس.
    “نه، ايجنٽ چيو ته جي سٺي پگهار واري نوڪري کپانوَ ته پنجاهه هزار ڏيو، ۽ مون وٽ پائي به نه هئي.” هن ٻڌايو.
    “پوءِ ٽن سئو ريالن مان ڇا بچائي سگهين ٿو؟ “
    “ڇا بچائي سگهندس ؟ “ هن الٽو مون کان سوال ڪيو، “پيٽ تي ئي خرچ ٿيو وڃن.”
    “ ته ڀلا ايتري گهٽ پگهار تي توکي اچڻ ئي نه کپي ها ؟ “ مون چيومانس.
    “صحيح ٿا چئو پر مون اهو سوچيو ته ڏينهن جو ڊيوٽي ڏيڻ بعد شام جو ڪنهن جي گهر جي ٻهاري يا ڪار ڌوئڻ جهڙو ڪم ڪري ٻه ٽي سئو ٻيا به ڪمائي وٺندس.” هن ٻڌايو.
    “پوءِ اهو به ڪم ڪرين ؟ “ مون پڇيومانس.
    “ڪرڻ لاءِ ته تيار آهيان، پر ملي ڪٿي ٿو، ڪيترائي مون جهڙا پورهئي لاء پيا شهر جون گهٽيون ماپين ۽ جتيون گسائين پر ڪو پورهيو نٿو ملي.” هن ٻڌيو. هن جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي. اسان جي کنڊ جا ڪيترا ماڻهو خاص ڪري هندستان ۽ بنگلاديش جا بنگالي خالي دٻو ۽ ڪپڙو کڻي گهر گهر اڳيان مالڪن ڏي نماڻين اکين سان پيا نهاريندا ته من ڪو ڪار ڌوئڻ لاءِ چوي. هڪ کي ڌوئندو ڏسي پڇيم ته گهڻو ملئي ٿو؟
    “بس ڇا ٿو چئي سگهجي. صاحب جي مرضي تي آهي. ڪو ٽي ريال ڪو ٻه ريال ڪو هڪ ريال به ڏئي ٿو. هڪ ٻن سان پڪي مهيني جو حساب ٻڌل آهي. اهي سئو ريال کن مهيني ۾ ڏين.” هن ٻڌايو. پر اهي به خوش نصيب آهن جن کي ايترو پورهيو به مليو وڃي. ڪيترن کي ته مهينن جا مهينا پورهيو نٿو ملي، پوءِ اهي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن وٽ هنن جي ننڍڙي ڪمري ۾ دال ماني کائي نوڪري ملڻ جي آسري تي ٽڪيا پيا آهن. جيتوڻيڪ دال به هتي ڪافي مهانگي آهي. پاڪستان ۾ جيڪا روپئي جي ڇولن جي ڀريل ساسر ملي ٿي، ان جي اڌ جيتري هتي هڪ ريال ۾ ملي ٿي. ۽ سوڙهين گهٽين جي عام رواجي ننڍين پاڪستاني هندستاني هوٽلن ۾ ٻوڙ جي پليٽ ست ريال يعني سٺ روپئي آهي. ڪيترا پورهيت ان مانيءَ جو تصور نه ٿا ڪري سگهن. وڏين هوٽلن يا دڪانن تان ڪجهه وٺي کائڻ ته ٿيو پري جي ڳالهه. مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙن دڪانن ۾ جيڪي يورپ آمريڪا ۾ سستي کان سستا سمجهيا وڃن ٿا، انهن ۾ به هتي چئن ريالين پٽاٽو چپس جي پليٽ آهي. ان کي ماڻهو سستو چون ٿا، پر Depend ٿو ڪري ته ڪير وٺي رهيو آهي؟ هتي جو عرب جنهن وٽ پئسو جام آهي، يا يورپي انگريز جنهن کي وڏو پگهار ٿو ملي يا هڪ بنگالي پاڪستاني پنج سئو ريالن کان هزار ٻارهن سئو ريال وٺڻ وارو پورهيت !


    ڇا سعودي عرب ۾ ڀَت پيو ورهائجي

    شهر جي ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ هڪ دڪان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ پاڪستانيءَ هتي سعودي عرب ۾ اڄ ڪلهه گهٽ پگهار ۽ بيروزگاري جو ذڪر ڪندي چيو:
    “سائين مان توهان کي ڇا ٻڌايان ته پنهنجي ملڪ ۾ ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته هتي سعودي ۾ ڀت پيو ورهائجي. پر هاڻ ڀت ورهائڻ وارا ديڳڙا اونڌا ڪري ويٺا آهن ۽ ڏسڻا وائسڻا پنجين پنجين سئو جي نوڪريءَ لاءِ ليلائي رهيا آهن. جتي آئون رهان ٿو اتي ڪجهه پاڪستاني پنجن ڇهن مهينن کان ٽڪيل آهن. غريب روز نوڪريء لاءِ شهر ۾ واجهاين ٿا پر کين اڃان نه ٿي ملي. ڪنهن ڪنهن ڏينهن ڪا مزوري لڳي وڃين ٿي نه ته اسين نوڪرين وارا کين ڏيون جنهن مان اڀرو سڀرو پيٽ ڀرين ٿا. قسم کڻي توهان کي ٻڌايان ٿو، يقين نه اچيو ته هلي ڏسو ته هو ڪهڙي حالت ۾ پٽ تي چادر وڇايو ليٽيا پيا آهن. سندن جسم تي هڏا ۽ چمڙي وڃي بچي آهي، ماس ته ڄڻ آهي ئي ڪونه. “ هن چيو.
    “مونکي خبر آهي.” مون وراڻيومانس. شهر ۾ روزانو ڪيترائي بي روزگار نظر اچن ٿا، جيڪي ويزا (سعودي عرب ۾ گهڙڻ جي پرمٽ) خريد ڪري هتي پهچڻ تي نوڪري جي ڳولا ۾ آهن. ڪيترا ته ڊاڪٽر ۽ انجنيئر، مڪينڪ، ٽيڪنيشن، ڊرائيور ۽ نوڪر جي ويزا تي هتي اچي پنهنجي تعليم مناسب نوڪري ڳولي رهيا آهن. خانگي اسپتالن ۾ ڪڏهن ڊاڪٽر جي ضرورت پوي ٿي ته پوءِ اسپتال وارا ههڙن بي روزگارن کي گهٽ پگهار تي رکن ٿا ۽ ٻاهران نٿا گهرائين. کين خبر آهي ته هتي آيل بي روزگار پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ بي روزگار کان وڌيڪ مجبور آهي ۽ هو چاهي ٿو ته نه کان گهٽ پگهار تي به نوڪري ملي وڃي.”
    هتي هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته هتي اچڻ جو سوچڻ يا اچڻ کان اڳ هرهڪ هتي جي موجوده حالتن کي ضرور نظر ۾ رکي. سچ ته هي آهي ته هتي (سعودي عرب) ۾ اچڻ کان اڳ مونکي به ايترا تفصيل معلوم نه هئا ۽ نه سمجهه ۾ آيو ٿي. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عرب مليا ٿي، پر اتي انهن جو ٻيو نمونو رهي ٿو، پنهنجي ملڪن ۾ ٻيو. ظاهر آهي ته ڪي exceptional ڪيس به ٿين ٿا. جيئن جنهن عرب دوست وٽ آيو آهيان اهو پڙهيل ڳڙهيل ۽ انگلينڊ ۽ يورپي ملڪن ۾ رهڻ ڪرڻ ڪري ٻين کان بلڪل مختلف ۽ سٺي طبيعت جو آهي. يا شايد آءُ هن وٽ دوست جي حيثيت ۾ رهيل آهيان. نوڪري يا واپار وهنوار ۾ ٿي سگهي ٿو هن جو ٻيو رويو ٿئي ها. بهرحال هن ملڪ جي ماڻهن جي هڪ پنهنجي انفرادي طبيعت ٿئي ٿي ۽ ٻي اجتمائي. مجموئي طور عرب جي طبيعت، يعني اڄ جي عرب جي طبيعت ڦرندي ويرم نٿي لڳي. ٿي سگهي ٿو ڪو توهان کي پاڪستان مان ڪم لاء آڻڻ وقت مٺو ٿي ڳالهائي پوءِ هتي اچي نه فقط رخ بدلائي پر ڪيل واعدا به پورا نه ڪري. ائين به عام طرح ٿيندو رهي ٿو. ٻيو ته اهو سوچي اچڻ ته اوپن ويزا وٺي سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پاڻهي نوڪري ڳولي لهبي، تمام ڏکيو ڪم آهي. ڇو جو هتي پهچڻ سان پاڻ جهڙي درجن غريب ملڪن جا سوين بيروزگار نوڪريءَ لاءِ واجهائيندا نظر اچن ٿا ۽ ڪيترا توهان جي سوچيل گهٽ پگهار کان به تمام گهٽ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هڪ پاڪستاني کان پڇيم ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني گهڻا ڇو نه آهن؟
    “ نه، آهن ته سهي” هن وراڻيو.
    “آهن پر اوترا نه آهن جيترا هجڻ کپن. پاڪستان سعودي عرب جو ذري گهٽ پاڙيسري ملڪ آهي، مذهب ساڳيو آهي، ڪلچر ۽ موسم به اسان جي ملڪ سان ملي ٿي. (جيئن ڏکڻ هندستان جا ملائيشيا يا سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ ڪم ڪندي وڌيڪ آساني محسوس ڪن ٿا جو ٻنهي ملڪن ۾ لڳاتار مينهن، گهاٽا جهنگل، جيت جڙا ۽ گهم واري گرمي آهي تيئن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد جي ماڻهن لاء سعودي عرب جي جاگرافي ۽ موسم سُوٽ ڪري ٿي) هئڻ ته هيئن کپي ته اسان جي ملڪ جا هتي وڌيڪ هجڻ کپن ۽ انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ هندستان جي ڏاکڻي علائقن جا، انهن لاءِ سعودي عرب ايئن آهي جيئن مينهن لاءِ تتل واري يا اُٺ لاءِ ملائيشيا جو مينهن ۽ گپ.”
    “ان جو وڏو سبب اهو آهي ته عرب پگهار جي معاملي ۾ ڪنجوس ٿيندا وڃن. هو به ڏسن ٿا ته گهٽ پگهار تي به ماڻهو ملن پيا ته گهڻو ڇو ڏجي. سو چئين پنجين سئو ريالن تي ڪهڙو پاڪستاني ايندو، پر بنگالي، تامل، برمي ان کان گهٽ تي اچن پيا ۽ ايندا رهندا. پاڪستاني اوپن ويزا خريد ڪري پوءِ هتي ڪنهن چڱي نوڪري ءَ جي ڳولا لاءِ ضرور اچي ٿو پر هاڻ چڱيون نوڪريون خواب ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترا اچي پڇتائين ٿا. ڪيترن کي اڃان خبر ناهي ۽ اڃان ايندا رهن ٿا ۽ ايندا رهندا. جتي هنن عرب ملڪن اسان جهڙن ملڪن جي غريب ماڻهن کي سکيو ستابو بنايو آهي اتي ڪيترن غريبن کي وڌيڪ غريب پڻ بڻايو آهي.” هن ٻڌايو.
    “اهو ڀلا ڪيئن” مون پڇيو مانس.
    “ظاهر آهي قرض کڻي يا الهه تلهه وڪڻيو جڏهن اسان جي ماڻهوءَ کي هتي اچيو معلوم ٿئي ٿو ته پاڪستان جهڙي نوڪريءَ جو به هتي آسرو ناهي ته پوءِ نفسياتي ۽ ذهني طور مريض ٿيو پوي.”
    سو بنا نوڪريءَ جي هن پاسي ڪو سوچي سمجهي اچي جيسين ڪو سندس مائت يا سٺو دوست ذمو کڻي ۽ جيسين نوڪري ملي تيسين پاڻ سان رهائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ جو بندوبست ڪري. ڇو جو هتي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو وڏو مسئلو آهي ۽ هر هڪ جي پنهنجي اڀري سڀري رهائش آهي جيڪا کين سندن ڪفيل طرفان مليل آهي. ڪيترا کڻي پنهنجي دوست يا مائٽ کي رهائڻ چاهين ته به سندن عرب ڪفيل ٿي سگهي ٿو ته اعتراض ڪري. نه وري هنن ملڪن ۾ سنگاپور، جپان، ملائيشيا جهڙا پارڪ ۽ ريلوي اسٽيشنون آهن جن جي بينچن تي ويهي نئون آيل پرديسي ڏينهن ٻه گذاري سگهي.


    ويزائن جو سودو

    هن پاسي ايندڙ اهي همراهه جن کي ملڪ مان نڪرڻ کان اڳ ئي نوڪرين جي آڇ ٿي چڪي آهي انهن کي وري اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته مناسب پگهار کان علاوه رهائش جو به بندوبست ان ۾ شامل آهي يا نه، ڇو جو ٿورا گهڻا پئسا هجڻ ڪري مانيءَ جو مسئلو ته حل ٿي سگهي ٿو، ڊبل روٽي يا نان (خبث) کائي پر رهائش جو ڇا ٿيندو ۽ بنا بجلي ۽ ايئرڪنڊيشن جي هتي جي کڏڙين جهڙن ڪمرن ۾ رهڻ تمام ئي مشڪل ڳالهه آهي.
    مٿي لکيو اٿم ته ڪيترا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر هتي نوڪري ڳولڻ لاءِ اچڻ وقت ڊرائيور يا نوڪر (Servant) جي ويزا تي اچن ٿا. ڇو جو ڊاڪٽر جي ويزا ته فقط اهو عرب ڏئي سگهندو جنهن کي اسپتال هجي پر نوڪر، آيا، بورچي ۽ ڊرائيور هر عرب گهرائي سگهي ٿو. پوءِ ڪيترن عربن کي ڪم واري جي ضرورت ناهي يا اگر آهي ته به انهن وٽ ايترو پئسو ناهي جو بورچي، بئرو يا ڊرائيور رکن. پوءِ هو پنهنجي سعودي سرڪار کان ماڻهو گهرائڻ لاءِ ٺلهي اجازت (Visa) وٺي اها ضرورت مند پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي يا ڪنهن ٻئي کي پنجاهه هزار روپين کن ۾ وڪڻي ڏين ٿا، جيڪو هتي اچي پاڻهي پاڻ لاءِ نوڪري ڳولي ٿو. يعني ان عرب کي گهر ويٺي هڪ ويزا تي پنجاهه هزار روپيا ملي ويا (۽ جي بورچي، ڊرائيور ۽ نوڪر، ٽن جي ويزا ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏيڍ لک ملي ويس) ۽ وٺڻ وارو هتي سعودي عرب ۾ پنهنجي خرچ تي اچي پنهنجي قابليت ۽ Demand مطابق نوڪري پاڻهي ڳوليندو وتي. اهڙي ويزا کي اوپن ويزا سڏين ٿا، يعني ويزا ڏيڻ وارو عرب نوڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل ناهي ۽ ويزا وٺندڙ لاءِ ضروري ناهي ته اها نوڪري ڳولي جيڪا ويزا تي لکيل آهي. هو ڊاڪٽر آهي ته ڀلي ڊاڪٽري ڳولهي، هوائي جهاز جو پائيلٽ آهي ته هتي جي ايئر ڪمپنين کان پائيلٽ جي خالي پوسٽ جو پڇائيندو وتي. ڪيترا عرب اهڙي طرح پنهنجي مليل ڪوٽا جون ويزائون وڪڻي ان ڪمائيءَ کي حق حلال جي ڪمائي ۽ پنهنجو حق سمجهن ٿا. ڪيترن عربن ته هتي Man Power Supply جي نالي سان آفيسون کڻي ڪڍيون آهن جن وٽ هڪ عرب کي ٻيو عرب ڏسيو پنهنجي ڪوٽا جون ويزائون اچيو وڪڻن ۽ پوءِ اهو آفيس وارو عرب، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ ويزائون کڻي اچي اتي جي دلالن سان سودي بازي ڪري ٿو ۽ جيڪو گهڻو اگهه ڏئيس ٿو ان کي وڪڻي ٿو. دلال (ايجنٽ) وري پنهنجي ان تي ڪميشن رکي انهن مجبور بيروزگارن کي وڪڻي ڏين ٿا جيڪي هِتان هُتان ڪري سندن منهن گهريل قيمت اڳيان اچي رکن.
    ڪراچي ۾ هڪ دفعي شيرٽن هوٽل جي لائونج ۾ بيٺو هوس ته هڪ پاڪستاني مرد ۽ هڪ عورت جيڪي ايجنٽ هئا، ويزائن بابت ڳالهائي رهيا هئا. سعودي عرب کان ڪو عرب ان هوٽل ۾ آيو هو ۽ ٽيهارو کن ويزائون وڪڻي رهيو هو. شهر جا ڪيترائي ايجنٽ اچي گڏ ٿيا هئا. جيڪي هن کي پنهنجي پنهنجي آڇ ڏئي رهيا هئا. هي ٻه دل شڪستا ٿي موٽي آيا هئا ۽ ان سلسلي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مون به سندن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي کانئن احوال ورتو. هنن ٻڌايو ته عرب هر هڪ ويزا جا سٺ هزار گهري رهيو آهي ۽ ظاهر آهي پندرهن هزار کن اسان کي به فائدو رکڻ کپي جنهن بعد ان جي قيمت منو لک ٿئي ٿي، پر مني لک ۾ وٺڻ واري کي تمام مهانگي پوندي جو اڄ ڪلهه سعودي عرب ۾ سٺن پگهارن واريون نوڪريون آهن ڪٿي ۽ ماڻهو ايترو با خبر ٿي ويا آهن جو هاڻ سوچي سمجهي وٺن ٿا. سو اهڙي صورت ۾ يڪيون ٽيهه ويزائون وٺي پئسا سيڙائڻ اسان لاءِ سٺو نه ٿيندو.


    نوڪري ڏيڻ وارن ايجنٽن جا ڪم

    ڪڏهن ڪڏهن هتي جي ڪنهن ڪارخاني، فئڪٽري، اداري يا اسپتال لاءِ هيٺين درجي جي مزور Unskilled-Labour کان وٺي سپروائيزر، انجنيئر، ٽيڪنيشن، اڪائوٽنٽ، مئنيجر وغيره جي ضرورت پوي ٿي. هو پاڪستاني ايجنٽن کي ٺيڪو ڏين ٿا ته فلاڻي فئڪٽري هلائڻ لاءِ اسان کي هي اسٽاف هڪ سال يا ٻن سالن لاءِ ٺيڪي تي کپي. اسان فلاڻي پوسٽ لاءِ هيترو فلاڻي لاءِ هيترو پگهار ڏينداسين، يعني هر مهيني جملي هيترا پئسا ڏينداسين، توهان اسان کي سڄو اسٽاف پهچايو. پوءِ اهي ايجنٽ پاڪستاني اخبار ۾ اشتهار ڏين ٿا ته سعودي عرب ۾ نوڪري لاءِ هي هي پوسٽون خالي آهن، مڪينيڪل انجنيئر هيترا، اليڪٽريڪل انجنيئر هيترا، مڪينڪ هيترا، اليڪٽريشن، فٽر، ويلڊر، ڊرائيور ۽ هيلپر هيترا کپن. پوءِ هنن وٽ ڍير درخواستن جو گڏ ٿيو وڃي جو ملڪ ۾ بيروزگاري ڏاڍي آهي يا جيڪو نوڪري ۾ آهي به ته اهو خوش ناهي. ڪيترن کي ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق ڀريو بيٺو آهي. بهر حال ايجنٽن جي چونڊ جو پنهنجو طريقو هوندو آهي ۽ ضروري ناهي ته توهان ان عهدي جا لائق هجو. مڪينيڪل انجنيئر جي پوسٽ لاءِ توهان وٽ ڀلي انجنيئرنگ جي بيچلر يا ماسٽرس ڊگري هجي. ڏهن سالن جو تجربو ۽ علم هجي. ايماندار ۽ پورهيت هجو پر ٿي سگهي ٿو ايجنٽ توهان بدران ان ماڻهوءَ کي اها پوسٽ ڏئي جيڪو ناتجريبڪار ۽ فريش گريجوئيٽ هجي پر تمام گهٽ پگهار ۾ راضي ٿئي، گهر يا ڌار ڪمري جي گهُر نه ڪري. هڪ ڪمرو ٻين ٻن ڄڻن سان share ڪري ان ۾ وقت گذاري. اهو ان ڪري جو ايجنٽ ڪمپنين کان جيڪو پگهار وٺن ٿا (جيتوڻيڪ اهو به گهڻو ناهي) ان کان تمام گهٽ تي ماڻهو ڳولين ٿا جيئن باقي بچت سندن کيسي ۾ وڃي. يا وري انهن کي چونڊين ٿا جيڪي کين رشوت طور گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻن مهينن جي پگهار جي اڳواٽ آڇ ڪن ٿا.
    بهر حال ان چڪر ۾ اڪثر صحيح ڪم وارو ماڻهو نٿو وڃي ۽ صحيح طرح ڪم نه هلڻ ڪري ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي ته ڀائي هي پاڪستاني انجنيئر يا ڊاڪٽر ڪهڙا آهن. توهان کي سٺا ڪم وارا به ملي سگهن ٿا. پر نه انهن کي سندن ڪم مطابق پگهار ڏيندائون ۽ نه سهوليتون ته پوءِ اهڙائي ملندانو. ان ۾ ڏوهه پاڪستان يا بنگلاديش يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو نه ٿيو. ڏوهه عرب ۽ ايجنٽ جو آهي جيڪي وچ مان پئسو کائڻ چاهين ٿا.
    هڪ ٻئي قسم جي فراڊ جون به دانهون اسان جهڙن ملڪن ۾ ٻڌڻ ۾ آيون آهن. ايجنٽ حضرات ڪڏهن ڪڏهن نوڪري لاءِ ڪوڙا ۽ وڏا اشتهار ڏيندا، پوءِ هر هڪ درخواست ڏيندڙ کان هزار رپيا يا ٻه يا ٽي هزار ڊپازٽ طور وٺي رکندا ته فائنل چونڊ ٿيڻ بعد اڻ چونڊيلن کي واپس ڪنداسين. هرڪو سعودي عرب جي نوڪري جي شوق ۾ هزار يا ٻه هزار رپيا ايجنٽ وٽ جمع ڪرائيندو ته جي ملي وئي ته هزار ٻه هزار ڪجهه نه آهن ۽ جي نه ملي ته پئسا موٽي ملندا. اهڙي طرح ايجنٽ وٽ ٻه چار لک گڏ ٿيو وڃن، جن مان هو ڊفينس سرٽيفڪيٽ يا بانڊ وٺي ڇهه اٺ مهينا پئسي کي ڪم آڻي ٿو. ڪو آفيس ۾ اچي پڇي يا فون ڪري ته ان کي چوندو: “ بس هاڻ ايندڙ مهيني چونڊ لاءِ عربن جي delegation اچڻي آهي اسان کي پاڻ به سخت انتظار آهي. روز هنن لاءِ هوٽل ۾ ڪمرا بڪ ٿا ڪرايون. وغيره وغيره.” پوءِ هڪ هڪ کي ڊوڙائي ڪن کي پئسا واپس ڪن، ڪن جا کايو وڃن. يا وري هڪ ٻئي اشتهار تي پنج هزار رپيا خرچي ٻين مان پئسا ڪڍي پهرين کي ڏين. ڪي ايجنٽ ته پئسو کائي آفيس کي تالو هڻي ڀڄيو وڃن. پر ان طريقي سان فقط هڪ دفعو کائي سگهن ٿا. مٿيون طريقو مال ڦٻائڻ لاءِ سٺو آهي ۽ ملڪ ۾ ڏهائي هڪ سيڪڙو به بيوقوف موجود آهن ته تمام گهڻا آهن ۽ ٺڳن جو ڪاروبار هلندو رهي ٿو.


    نوڪري ملڻ واري لاءِ چتاءُ

    ڪنهن کي سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڊاڪٽري، انجنيئر يا ڪا ٻي آفيسر ليول جي نوڪري ملي وڃي يا پورهئي مزوري يا دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪرڻ جي نوڪري ته هن کي پگهار ۽ رهائش کان علاوه ڪنگ ڪنڊيشن ۽ Working Hours جو به ضرور معلوم ڪرڻ کپي. خبر پئي ته توهان کي ڪنهن ٻيٽ يا جنگل بيابان جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هلندڙ ڪم تي رکيو ويو آهي جتي ڪو پاڪستان هندستاني به ناهي جنهن سان کڻي دل جو حال پنهنجي زبان ۾ اوريو يا جتي فلپين ڪوريا چين يا ٻئي ملڪ جا اهڙا ماڻهو توهان سان ڪم ڪن ٿا، جن سان توهان نڀائي نٿا سگهو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو پرديس ۾ توهان کي پريشاني رهي ۽ ويتر جي پگهار به گهٽ آهي ته پوءِ وڏو عذاب ٿو رهي، ڇو جو خراب هنڌن يا حالتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار ته چڱو هجي.
    هن شهر ينبو کان پنجاهه ڪلوميٽر کن پري هڪ ڳوٺ ۾ هڪ پنجويهن سالن کن جو مڪينڪ مليو جيڪو لاهور کان آيو آهي. بيحد ناخوش لڳو ٿي. چي:
    “ هيڏانهن موڪليندڙ پاڪستاني ايجنٽ اسان کي ٻڌايو ته مڪي جي ڀرسان ڪم ڪرڻو آهي ۽ اسان کي گهٽ پگهار جو به ايترو افسوس نه پئي ٿيو. پر هتي پهچي خبر پئي ته مڪو ته اڍائي سؤ ڪلوميٽر پري آهي جتي هڪ اڌ ڏينهن جي موڪل ۾ ته وڃي موٽي نٿا سگهون، پر ويجهو شهر ينبو به پنجاهه ڪلوميٽر ڏور آهي. پاڻ ورڪنگ اورس (ڊيوٽي جي ڪلاڪن) جي به شڪايت ڪري رهيو هو ته ڏهه ڪلاڪ پورهيو ورتو وڃي ٿو. صبح جو ستين کان ٻارهين تائين ڪم ڪريون ٿا وري ٽي کان رات جو اٺين تائين _ بلڪه نو به ٿيو وڃن. يعني سڄو ڏينهن پورهئي ۾ زندگي گذري ٿي. ڪا پنهنجي زندگي ته رهي نٿي. ٻارهن کان ٽي بجي تائين ۾ ٻه ڪلاڪ ملن ٿا جو اڌ ڪلاڪ گهر پهچڻ ۾ ۽ اڌ ڪلاڪ وري گئريج تي موٽڻ ۾ لڳيو وڃي. سو انهن ٻن ڪلاڪن ۾ نماز به پڙهون. ڀاڄي ڀتي رڌي به کائون. يقين ڪريو گهر ۾ مون ڪڏهن چانهه به نه ٺاهي پيتي هئي. هتي سڄو ڏينهن مزوري ڪرڻ بعد ٻارنهن سؤ ريال ملن ٿا، جيڪي کڻي ڏهه هزار رپيا ٿيا پر مونکي ڪيترن ڳالهين جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. زال ٻارن کان پري. دوستن ساٿين کان پري. ۽ جنهن عرب جو گئراج آهي اهو ته ڳالهائڻ جو بدافعالو آهي پر اسان جو جيڪو فورمئن پاڪستاني آهي ان جو به ڄڻ ته انسانيت سان ڪڏهن واسطو ئي نه پيو آهي. ڄڻ اسان ماڻهو نه پر حيوان هجون. ڏهه هزار رپيا ڇا ملن ٿا ڄڻ اسين سندن زر خريد ٻانها هجون. جيتوڻيڪ ان مان به ٻه هزار کن ته ماني تي خرچ ٿين ٿا. پاڪستان ۾ آئون جنهن گئريج تي ڪم ڪندو هوس اتان مونکي ساڍا ٽي هزار رپيه ملندا هئا. اهڙا ٻه هزار رپيا پرائيويٽ ڪم ڪري ٺاهي وٺندو هوس ۽ اهي ساڍا پنج هزار رپيا هنن ڏهن هزارن کان گهڻو بهتر آهن. ڪم ڪرڻ ۾ به پاڪستان ۾ مزو هو. سڀ پنهنجو پاڻ ۾ هئاسين. سڄو ڏينهن چرچو ڀوڳ لڳو رهندو هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن ماڻهو نه آيو يا ٿورو دير سان آيو ته به هلي ويندو هو. هتي هڪ منٽ دير سان اچون ٿا ته پنهنجو پاڪستان ئي فورمئن عرب کي چئي ڪلاڪ جا پئسا ڪٽرائي ٿو. بس رڳو دعا ڪريو ته حج ڪرڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن ڇڏي. اهو ٿي وڃي ته پوءِ منهنجو هتي اچڻ سجايو ٿيو.”


    هتي نوڪري ڪندڙن جي ڪهاڻي

    پر پنجويهن سالن جي بنگالي رشيد جي ڪهاڻي _ پورهئي جي ڪلاڪن کان وڌيڪ خراب آهي. هو هڪ عرب جي دڪان ۾ ٽن سالن کان سيلز مئن آهي، يعني شيون وڪڻي ٿو. هڪ ته هتي دڪانن تي ڪم ڪرڻ وارن جو سڄو ڏينهن ضايع ٿيو وڃي. صبح جو نائين ڏهين کان ظهر نماز تائين دڪان کولڻو پوي ٿو. ان بعد وري عصر جي نماز بعد پنجين کان کولڻو پوي ٿو ته رات جا يارهن ٻارهن ته روز ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن گراهڪن جي لڳاتار آمد ڪري هڪ به ٿيو وڃي. جمعي جي ڏينهن دڪان بند رهن، پر ڪي ڪي کولين. “منهنجي ڪفيل جي حڪم موجب آئون به جمع نماز بعد دڪان کوليان يعني ڏيڍ ٻي بجي کان وٺي رات جو ٻارهين تائين. يعني اهو به ڏينهن ڊيوٽي ٿيو. سڄو ڏينهن پيرن ڀر بيهي مختلف زبانن جي گراهڪن سان مٿو هڻڻو پوي ٿو. خاص ڪري ڪي ڪي پوڙها ۽ ننڍا عرب ڇوڪرا ته هر قيمت تي ايتري گهوپي ڪن ٿا جو پنهنجي جيڪر شيءِ هجي ته کين خيرات ۾ ڏئي جان ڇڏائجي.” هن ٻڌايو.
    “ٽي سال هتي رهڻ دوران ڀلا عمرو يا حج ڪيو اٿئي_؟” مون پڇيومانس.
    “ ڪفيل (عرب مالڪ جنهن گهرائي نوڪري ڏني اٿم) موڪل ئي نٿو ڏئي. دڪان جو سامان کٽندو آهي تڏهن ڏينهنڪ جدي وڃي موٽندو آهيان. صبح جو سوير هتان ينبو مان نڪرندو آهيان، ٻارهين هڪ بجي ڌاري بس اچي جدي جي مين بازر ۾ ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ وچين نماز کان وٺي رات جو دير تائين ضروري ۽ گهربل شين جي خريداري ڪري پڪ اپ جي اڏي تي سامان پهچائي رات جو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري اچي بس ۾ چڙهندو آهيان، جيڪا صبح جو هتي ينبو ۾ اچي ڇڏيندي آهي. ڪلاڪ ٻه آرام ڪرڻ بعد وري اچي دڪان کوليندو آهيان. حج لاءِ ٽي چار ڏينهن موڪل ۽ ڪفيل جي پاس کپي، سا اڃان ته ڪانه ٿي ملي.” هن ٻڌايو.
    وري به رشيد بنگاليءَ جهڙا هتي خوش آهن. ننڍا آهن، پڙهيل ڳڙهيل نه آهن. پنهنجي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن دڪان تي بيهن ته هزار رپيا به مس ملين ۽ هتي کين ڏهه هزار مليو وڃن. سندس ٻه ڀائر، ڀيڻويو ۽ چاچو به هتي ئي هن شهر ۾ ڪم ڪن ٿا. ڳوٺ جا ته ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. سندس ڀيڻ به هتي رهي ٿي جو سندس ڀيڻويو گهڻو ڪمائي ٿو ۽ گهڻي پگهار وارو ٻار رکي سگهي ٿو. ان جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته هو اڄ کان ٻارهن تيرهن سال اڳ بنگلاديش کان هتي آيو. نه فقط جسماني طرح سگهارو آهي ۽ سڄو ڏينهن اس ۽ گرمي ۾ ڊوڙندو وتي پر عقل ۾ به تکو آهي. جنهن ڪفيل عرب وٽ نوڪر ٿي آيو ان جو حد کان وڌيڪ ڪم ڪيائين. هڪ دڪان مان ٻه ۽ ٻن مان چار ڪرائي ڏنائينس ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا مائٽ مٽ اهڙا گهرائي ڏنائين جيڪي سڄو ڏينهن پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا. ڪيترا ڪم هو ڪميشن تي به ڪري ٿو. سندس عرب ڪفيل کي مڇيءَ جو ٺيڪو آهي. هو محنت ڪري ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهڻي کان گهڻي مڇي وڪڻي کانئس ڪميشن به وٺي ٿو. سو هنن کي هتي نوڪري ڪرڻ مان فائدو آهي ۽ ڪفيل کي هنن مان _ جيڪي گهٽ پگهار تي سڄو ڏينهن پورهيو ڪن ٿا. کيس هڪ فوٽو گرافي جو دڪان آهي جنهن تي ڇهه ڇوڪرا ڪم ڪن ٿا. ڇهه ئي بنگالي پاڻ ۾ مائٽ آهن ۽ مٿين بنگالي همراهه کين هتي آندو آهي. اهي صبح جو ستين کان دڪان کولين ٿا، جيئن صبح جي وقت آفيس وارا کانئن فوٽو ڪاپي ڪرائي سگهن. وچ ۾ ماني يا نماز تي وڃن ٿا، نه ته رات جو ٻارهين تائين دڪان کوليو ويٺا آهن. هاڻ ان جاءِ تي ستين اٺين سؤ ريالن تي اسان جو پاڪستاني شايد ايترو ڪم نه ڪري سگهي پر هي بنگالي خوش آهن، ڄڻ گهر جو گهر ۾ ويٺا آهن. وڏي ڳالهه ته ٿورو ڪمايل پئسو به سندن ملڪ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ ان مان پلاٽ گهر يا پنهنجا دڪان کولي سگهن ٿا پر پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه ايتري مهانگائي ٿي وئي آهي جو هتان ڪجهه سال ڪمائي ويندڙ مزور ماڻهو ڪا خاص ملڪيت نٿو ٺاهي سگهي.


    سنڌ ۽ سنڌين کان واقف آهيو

    هڪ ڏينهن ٽي چار پاڪستاني ڇوڪرا ڪراچي ۽ نواب شاهه جا پڻ مليا. سج لٿي مهل ڪنهن دڪان تان نان، ڌورو، کير، ڊبل روٽي وٺي هاڻ پنهنجي مليل ڪوارٽر تي کائڻ پئي ويا. هي بيحد خوش هئا. هنن ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان کان هتي آئي ٽي مهينا ٿيا آهن ۽ هتي تيل جي وڏن نلڪن Valves ٺاهڻ جي فئڪٽري ۾ Manufacture ورڪ يا شايد Maintenance جو ڪم ڪن ٿا. کين هتي جي Valves ڪمپني پاڪستان مان وٺي آئي آهي. کين ويزا وغيره لاءِ پئسه نه ڏيڻا پيا. ٽڪيٽ به ڪمپنيءَ ڏنن. مهيني ۾ هزار ريال کن پگهار ملين ٿو ۽ هو خوش ان ڪري آهن جو هڪ ته هو ڪو خاص پڙهيل نه آهن. بي اي يا پوليٽيڪنڪ مان ڪا ڊپلوما ورتي اٿن. جنهن جي آڌارا تي پاڪستان ۾ ڪا اهڙي تهڙي نوڪري ملڻ جو به آسرو ناهي. ٻيو ته هي سڀ پهرين کان سڃاڻا آهن سو هتي به ڪم مهل يا شام جو گڏ گڏ رهن ٿا. ان ڪري اڪيلائي محسوس نٿا ڪن ۽ ٻيو ته هو نه شادي شده آهن ۽ نه مائٽن جون مٿن ڪي ذميواريون آهن، سو جيڪي ڪمائيندا سندن ئي ٿيندو ۽ هو هڪ عزم ڪري آيا آهن ته ٻه ٽي سال پنهنجا حال افعال وڃائي به پئسو ڪمائبو ۽ بچائبو. هي ٻه ٽي سال گهمڻ ڦرڻ يا ڪپڙي گندي تي خرچ ڪرڻ بدران غريب پورهيتن وانگر ٿي رهندا، جيئن ٻن ٽن سالن اندر گهڻي کان گهڻو بچائي سگهن. پوءِ جيڪي ٻه اڍائي لک بچائي سگهيا ان مان ڪراچيءَ ۾ اچي ڪو ننڍڙو پنهنجو دڪان کوليندا. ۽ اهو سندن عزم ۽ پڪو ارادو ۽ مستقبل ۾ بهتر زندگي گذارڻ جي اميد، کين حال جي سخت ڪم ۾ به خوش رکيو ويٺو آهي.
    بدر شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ ٽي چار سکر پاسي جا هاري مليا. هو هتي کجين جي باغن ۾ مزوري ڪن ٿا. يعني هتي عرب زميندار جي باغ ۾ باغائي، هاري يا پرويهت _ جيڪي به سڏيو، مهيني جي پگهار تي سالن کان ڪم ڪن ٿا. هڪ همراهه کي ته ٻارهن سال ٿي ويا آهن، جنهن وري پوءِ پنهنجن ٻين مائٽن ۽ ڳوٺائين کي هتي آندو. (هينئر چٽي طرح ياد نه اٿم پر شايد وارهه يا قمبر جو ٻڌايون. هڪ همراهه ته شهدادڪوٽ جو به هو.) مون کانئن پگهار جو پڇيو.
    منجهن جيڪو پراڻو هو، تنهن ٻڌايو ته کيس ڏيڍ هزار ريال ملن ٿا ۽ ٻين کي هزار کن ريال. هزار ريال اڄ ڪلهه جي ريٽ مطابق اٺ هزار کن رپيا ٿيا.
    “پوءِ توهان خوش آهيو يا نه” مون پڇيومان. مون سمجهيو ته هو ٿوري پگهار جي شڪايت ڪندا.
    “ الله جو شڪر آهي.” هنن وراڻيو.
    “ پر ڪيترا ته دانهو ٿا ڪن ته هزار ريال پگهار ڪجهه به نه آهي. مهنگائي وڌي وئي آهي.” مون چيو.
    “ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي،” انهن مان هڪ جواب ڏنو جيڪو لڳو ٿي ته ڪي درجا پڙهيل به هجي.
    “ پر ڳوٺ جي مقابلي ۾ اسان هتي سکيا محسوس ڪريون ٿا.”
    “ اهو ڀلا ڪيئن؟ مون پڇيو.
    “ اسان هارين نارين، پورهيتن مزورن لاءِ جهڙي سنڌ جي گرمي تهڙي هتي جي گرمي. جيستائين ڪمائيءَ جو سوال آهي ته ڳوٺ فصل لهڻ تي به ايترو نٿي مليو جو بچت ٿئي. سڀ قرضين حوالي هو. هتي اسان کي سال تي اڌ منو لک ٿئي ٿو، جيڪو اسان جي زميندار کي به نٿو ٿئي. رهائش عرب جي ڏنل آهي. ماني ٽڪي ڪا اوچي ڪانه ٿا کائون، جيڪا ڳوٺ به نٿي کاڌيسين. پاڻ هتي هفتي ڏيڍ ڪڏهن گوشت به چکون ٿا.” هن وراڻيو.
    “ ڀلا توهان جي عرب ڪفيل يعني زميندار جو توهان سان ڪيئن رويو آهي. يعني ڪيترن عربن لاءِ _ خاص ڪري اڻ پڙهيل زميندار، ڪارخانيدار ۽ دڪانن جي عرب مالڪن لاءِ چيو وڃي ٿو ته موڊ تي هلن ٿا. ريچڪ اچين ٿو ته سٺو هلن ٿا، نه ته ڪڏهن ڪڏهن دڙڪو دهمان ڪن ٿا.” مون چيومانس.
    “ سائين ڳالهه ٻڌو. توهان پاڻ به سنڌي آهيو. سنڌ ۽ سنڌين کان واقف آهي. پنهنجو پڙهيل يا اڻ پڙهيل زميندار، وڏيرو ڇا گهٽ جاهل آهي؟ هو غريب هارين، ڪمين ڪڙمين سان ڪهڙو سلوڪ هلن ٿا ان جي توهان سان ڪهڙي ڳالهه ڪيون. هي سعودي عرب پرديسين لاءِ قيدخانو ضرور آهي، پر اسان سنڌي غريبن لاءِ پنهنجو وطن به قيدخاني کان گهٽ ناهي. سنڌي زميندار وڏيري جي نظر ۾، هن وٽ ڪم ڪندڙ سنڌي هاري، هڪ غلام ۽ زر خريد ٻانهي مثل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ۽ ان قيد خاني کان وري به هي بهتر آهي. پنهنجي ديس ۾ نه اسان جو سر سلامت نه ٻارن ٻچن جو.”
    “ ڇا ٻار ٻچن سان هتي رهو؟” مون پڇيومان.
    “ نه. پر ڳوٺ جي مقابلي ۾ هتي پگهار سٺو ملڻ ڪري پنهنجي ٻارن کي شهر (سکر، خيرپور، روهڙي) ۾ رکيو اٿئون جتي هو پڙهي به رهيا آهن.” هنن مان هڪ ٻڌايو.
    “ منهنجي ته پٽ ڪاليج به پورو ڪيو آهي. هن سال حج تي سائين شاه صاحب (خورشيد شاهه وزير تعليم) کي عرض ڪيم ته سائين ڪٿي اسان جي ڇوڪري کي به لڳرائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهيو آهي پر اسان جي ڳوٺ مان ته ڪو ماستر يا پوليس وارو به اڃان نه ٿيو آهي. سائينءَ کي الله خوش رکي. تر جي ماڻهن جا هو مڙيئي ڪم ڪري ٿو.” ٻئي همراهه ٻڌايو.
    “ ڀلا هي ڳالهيون (مضمون) اخبار ۾ ڏيان ته ڪنهن لاءِ نياپو يا سلام دعائون ڏيڻ چاهيندئو.” مون پڇيومان.
    “ ٻيو ته ڪو نياپو يا احوال ڪونه آهي، تبوڪ ۾ رهندڙ اسان جي سڀني ڳوٺائين کي سلام رسن.” هن چيو.
    “ هتي جي اخبار جي نه پر سنڌي اخبار جي ڳالهه ڪريان ٿو.” مون ٻڌايومان.
    “ سنڌ جڏهن وڃو ته اسان جا خط کڻي وڃجو ۽ اتان پوسٽ ڪجو.” هنن مان هڪ چيو.
    “ ضرور. آءُ ياد رکندس. وڃڻ وقت توهان وٽان خط کڻندو ويندس. مون چيومان. سعودي عرب ۾ ايترا ته پاڪستاني، هندستاني، فلپيني رهن ٿا جو انهن ملڪن جا هوائي جهاز روزانو اتي جا ماڻهو کڻي وڃن ٿا. ڪيترن هنڌن تي پاڪستاني رپئي واري ٽڪيٽ ٻي رپئي ۾ ملي. جيڪا لفافي تي هڻي وطن ويندڙ همراهن کي اتي پهچي خط پوسٽ ڪرڻ لاءِ ڏين. يعني هتان پوسٽ ڪرڻ تي ڏيڍ ريال (تيرهن رپيا) خرچ ڪرڻ بدران ٻن رپين ۾ پوسٽ ٿيو وڃي. هتان پوسٽ ٿيل خط ڏهن ڏينهن ۾ پهچي. تنهن کان ٻي رپئي جي ٽڪلين وارو پاڪستان مان پوسٽ ٿيل خط ٻن ڏينهن ۾ پهچيو وڃي.


    مذهبي سوال جواب

    هوائي جهاز هلڻ بعد ايئر هوسٽس پاڪستان جي جنگ ۽ سعودي عرب جون ٻه انگريزي ٻه عربي اخبارون اڳيان وڌايون. جنگ ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ئي پڙهي چڪو هوس. باقي سعودي عرب ي ٻن انگريزي اخبارن : سعودي گزيٽ ۽ عرب نيوز مان Arab News کنيم.
    يورپ ۾ هوس ته منهنجا عرب دوست (يعني سعودي عرب جا) ڪڏهن ڪڏهن Arab News اخبار گهرائيندا هئا. اها اخبار بين الاقوامي معيار مطابق ڪيئن آهي، ان بابت چئي نٿو سگهان. پر اها اخبار پڙهي پڙهي ان لاءِ هڪ قسم جو ٽيسٽ Develop ٿي پيو هو. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اها اخبار پڙهندو هوس. (دڪان تان وٺي نه) _ جو هاڻ اهڙي به ضرورت ناهي جو ويهه رپيا ڏئي آغاز سپر مارڪيٽ يا هوٽل پرل ڪانٽيننٽل جي سموڪرس ڪارنر تان وٺان جتي اها اخبار وڪامي ٿي. گهٽيءَ مان لنگهندڙ جهوني پراڻي واري کي چئي ڇڏيو هوم ته ماڻهن کان تور ۾ اخبارون وٺندي ڪڏهن عربي نيوز جا پرچا ملي وڃنئي ته مونکي ٻيڻ تي وڪڻي ڏجانءِ. ۽ هو مهيني اڌ ٻين رسالن سان گڏ ان اخبار جا به ڪجهه پرچا ڏئي ويندو هو. ان اخبار جو وچيون صفحو وڻندو اٿم جنهن تي قاهل جو عرب دنيا سان واسطو رکندڙ ڪارٽون، پڙهندڙن جا خط _ جيڪي گهڻو ڪري سعودي عرب ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني هندستاني ۽ بنگلاديشي جا هوندا آهن ۽ خاص ڪري اربع ۽ جمع تي نڪرندڙ اسلامي صفحو جنهن ۾ ڪنهن اسلامي ڳالهه تي تفصيلي مضمون هوندو آهي ۽ ٻيا پڙهندڙن جي مذهبي مونجهارن جا جواب هوندا آهن. هي سوال جواب ائين هوندا آهن جيئن جنگ، اخبار جهان ۽ ٻين ڪيترين اخبارن رسالن ۾ اسان وٽ به قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ سوال جواب ايندا آهن. پر انهن ۾ مختصر جواب هوندا آهن. هي تفصيل ۽ سمجهاڻين سان هوندا آهن ۽ اسان جهڙن جاهلن لاءِ علم جي روشني هوندا آهن. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ماحول ۾، جتي ڪو مذهبي مونجهارو پيدا ٿي پوي ته نه مائٽ ويجهو نه مفتي مولوي ويجهو اتي هن قسم جا سوال جواب سچائي جي راهه ڏيکارين ٿا ۽ غلط فهمي دور ڪن ٿا. اهي صحيح مذهبي ۽ اخلاقي رستو ڏيکارين ٿا. سوال پڇندڙ کڻي ڪير به هجي پر ڪيترا سوال ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان جا به ساڳيا هجن. قبرن تي وڃڻ کپي يا نه. بزرگن اوليائن معرفت رب کان دل جون مرادون پنڻ کپن يا نه. قرآني آيتن جا تعويذ ٻڌڻ کپن يا نه؟ سوئر جي گوشت کائڻ تي ڇو منع آهي. اکيون بند ڪري نماز پڙهڻ کپي يا نه. اسلام ۾ فوٽو گرافي جي اجازت آهي يا نه. ڪنهن عزيز مائٽ جو ٽيجهو ڪجي يا نه. مائٽ مٽ جي مرڻ تي ڪهڙي قسم جو ڏک ڪجي. وغيره وغيره.
    ان تان مونکي ياد آيو ته اسان وٽ ٻهراڙي يا ڳوٺن ۾ گهڻي مذهبي تعليم ناهي. هاڻ پاڻ مدرسا ۽ صحيح قسم جا مولوي واعظ ڪندا رهن ٿا. اسڪولي ڪتابن ۾ پڻ گهڻي کان گهڻي معلومات ڏنل آهن. ننڍو هوس ته اسان جي ڳوٺ جي گهٽيءَ جي مسجد (حافظ حيات مسجد) ۾ ڪنهن نمازيءَ کي نماز پڙهندي وڇونءَ ڏنگي وڌو. آئون به ان مسجد ۾ ان نماز تي هوس. چٽي طرح ياد اٿم ته رمضان جو مهينو هو ۽ تراويح نماز هئي. جنهن کي ڏنگ لڳو ان کي سڀ شاباش ڏيندا رهيا ته هن نماز ڀڃڻ بدران ڏنگ کائڻ قبول ڪيو. سندس ڀر ۾ بيٺل جماعتين مان هر هڪ ٻڌائي رهيو هو ته جنهن وقت آئون رڪوع ۾ هوس ته ان وقت وڇون منهنجي اڳيان اچي لنگهيو ۽ مون چيو آئون ته بچي ويس اڳيان الائي ڪنهن جو خير ناهي. وغيره وغيره. اها ڳالهه گهرن ۾ توڻي بازار جي چونڪ ۾ ڏينهن ٻه ٿيندي رهي ته فلاڻو همراهه پڪو مومن آهي. پڪو صابرين آهي جو نماز کي قائم رکڻ لاءِ ڏنگ کاڌائين.
    ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ اهڙي قسم جي سوال جو جواب پڙهي مونکي تعجب لڳو ته اهو ڪم غلط هو. يعني انسان کي پنهنجي جان بچائڻ کپي. سوال هو ته اکيون پوري نماز پڙهڻ کپي ته ان جي جواب ۾ اسلام جي ڄاڻ رکندڙ مولويءَ جواب ڏنو آهي: “ اکيون کولي نماز پڙهڻ بهتر آهي. ڇو جو اکيون پوري، خاص ڪري ٻني ٻاري يا کلئي ميدان ۾ نماز پڙهندي ڪو زهريلو جيت جڻيو (يا زهريلو نه هجي) سامهون ايندي خبر نه پئجي سگهندي. توهان کي اها خبر هجڻ کپي ته نماز پڙهڻ دوران نانگ يا وڇون ويجهو اچي نڪري ته ان کي مارڻ جي اجازت آهي. ۽ ان کي مارڻ لاءِ توهان کي کڻي ڪهڙي به چرپر ڪرڻي پوي ته به نماز نٿي ڀڄي.” وغيره.
    سعودي عرب جي هن اخبار “ عرب نيوز” جي ان قسم جي ديني مسئلن جا سوال جواب ڪيترا ماڻهو گڏ ڪري ڇپرائي چاهه ڏيکاريندڙ ماڻهن ۾ ورهائي خير جو ڪم ڪن ٿا. ڪراچي جو محمد عارف ( فون نمبر 2310941 ۽ 2427495) ۽ بدرالدين دراني (فون نمبر 7770001) ۽ اسلام آباد جو عبداللطيف (فون نمبر 400069) پڻ ڇهه سؤ صفحن کن جا ٻه واليوم Dialogue نالي ڇپرائي سالن کان ماڻهن ۾ تقسيم ڪري رهيا آهن. هتي سعودي عرب ۾ پڻ ٻڌو اٿم ته هڪ امير مصري ماڻهو هن اخبار جا اهي صفحا مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ ضرورتمندن کي ڏئي ٿو. مونکي به عرب نيوز اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽر عبدالمنان ٻڌايو.


    سعودي عرب ۾ اخبار

    هن اخبار عرب نيوز ۾ پاڪستاني پڻ چڱا ڪم ڪن ٿا ۽ هاڻ هن اداري اردو نيوز نالي اڙدو ۾ پڻ اخبار ڪڍي آهي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪافي ڪامياب ٿي آهي. سعودي عرب ۾ ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا. ڪيترا هندستان جا مسلمان پڻ اڙدو پڙهي سگهن ٿا. هونءَ عام اخبار انگريزي يا عربي ٻن ريالن ۾ ملي ٿي. ڪراچي کان ايندڙ جنگ جيڪا هتي ٽي ڏينهن پهچي ٿي اها به ساڍي ٽين ريالي ملي ٿي. سو ان مقابلي ۾ هيءَ اردو نيوز هڪ ريال ۾ گهر ويٺي پهچڻ تي اخبار جو گهٽ شوقين به وٺڻ چاهي ٿو. جيڪي عرب دنيا ۾ نه آيا آهن انهن کي اها ٿي سگهي ٿو ڄاڻ نه هجي ته هتي ٽپال وانگر اخبار جو به گهر ۾ پهچائڻ جو بندوبست ناهي. جتي جتي انگريزن جو راڄ رهيو اتي باقاعدي گهٽين ۽ رستن جا نالا به آهن ۽ ٽپال تار ورهائڻ لاءِ ٽپالي سسٽم به آهي. باقي ٻين ملڪن ۾ ورلي ڪو آهي. خط لاءِ به هر هڪ کي روز وڃي پنهنجي ليٽر باڪس ڏسڻي پوي ٿي. اخبار به دڪان تان هلي وڃي ائين وٺجي ٿي جيئن پٽاٽا، بصر يا سگريٽ ۽ ڊبل روٽي وٺجي. ان ڪري هر مهيني ڪيترا ڏينهن اخبار وٺڻ رهجي وڃي. ڪيترا ته ان سوران پڙهن ئي ڪونه. پر هاڻ ارود نيوز اخبار نڪرڻ بعد هن اخبار جو گهر گهر ۾ ورهائڻ جو بار بار اعلان ٿي رهيو آهي ته توهان سال جا خريدار ٿيو ته اخبار توهان کي گهر ويٺي پهچايون. يعني ان لاءِ هڪ اهو شرط رکيو ويو آهي ۽ ٻيو اهو ته اها سهوليت فقط ڇهه ست وڏن شهرن لاءِ رهندي.
    سعودي عرب ۾ اخبار جي تواريخ ڪا خاص ناهي. هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ صحيح معنى ۾ اخبارون ڇپجڻ شروع ٿيون آهن، نه ته ائين ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ وفائي صاحب جي “آزاد” اخبار وانگر نڪتي ٿي. عرب نيوز انگريزي جي پهرين ۽ باقاعدي اخبار آهي جنهن کي گذريل مهيني ويهه سال پورا ٿيا. جنهن جي دعوت هتي هجڻ ڪري مونکي به ڏني وئي. هونءَ به هن جي پبلشر ڀائرن: هشام علي حافظ ۽ محمد علي حافظ سان مونکي ملڻ جو شوق هو.
    هشام ۽ محمد علي وارن انگريزي اخبار پڙهڻ جي ضرورت محسوس ڪري 1974ع ۾ هيءَ اخبارArab News ائين ڪڍي جيئن حيدرآباد مان قاضي اڪبر جي پٽن: محمد علي ۽ ايوب وارن ڪاوش اخبار ڪڍي. ڪاوش وانگر عرب نيوز به شروع کان مشهور ٿي وئي. مون قاضي اڪبر جي پٽن جو مثال ڏنو آهي، جو انهن سان هنن ڀائرن جون ڪافي ڳالهيون ملن ٿيون. هن عرب محمد علي جرنلزم ۾ ايم.اي ڪئي آهي ته پاڻ واري ڪاوش اخبار جي محمد علي به جنرلزم ۾ ايم.اي ڪئي اهي. هشام پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم.اي ڪئي آهي. ايوب جي خبر نه اٿم ته ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ گرئجوئيشن ڪئي اٿس. هنن ڀائرن جو والد علي عبدالقادر حافظ ۽ چاچو عثمان پڻ اخبار سان وابسته هئا ۽ مديني مان المدينه نالي اخبار ڪڍندا هئا، جيڪا اڃان تائين ان نالي سان هلندي اچي. اهڙي طرح پاڻ واري علي ۽ ايوب جي والد قاضي محمد اڪبر ۽ چاچي قاضي عبدالمجيد عابد جو پڻ اخبار سان واسطو رهيو ۽ سندن عبرت اخبار اڃان هلندي اچي. پاڻ وارو علي ۽ ايوب عمر ۾ ننڍا آهن. اميد آهي ته هن عرب علي ۽ هشام جي عمر تائين پهچي هنن وانگر ٻيون ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا ڪڍي وٺندا. هشام ۽ محمد عليءَ جو ادارو: سعودي ريسرچ ائنڊ پبلشنگ ڪمپني (SRPC) ڪل سورهن اخبارون ۽ رسالا عربي، انگريزي ۽ اڙدو ۾ ڪڍن ٿا. انهن مان Arab News پهرين اخبار هئي ۽ اردو نيوز هينئر تازو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو مختصر احوال مٿي به لکيو اٿم.


    مشهور عربي اخبارن جا مالڪ

    هشام ۽ محمد علي مديني منوره ۾ ڄاوا ۽ وڏا ٿيا. اتان ئي اسڪول پڙهيا ۽ القاهره يونيورسٽي مان ايم اي ڪرڻ بعد ملٽري اڪيڊمي مان وڌيڪ ڊگري حاصل ڪيائون. ان بعد سعودي عرب موٽي اچي ڪجهه سال سرڪاري نوڪري ڪيائون. اخبارنويسيءَ جو شوق کين ننڍي هوندي کان ئي هو ۽ اسڪول ۾ هئا ته پيءُ جي عربي اخبار المدينه ۾ ڪم ڪندا هئا. جيڪا 1937ع کان شروع ڪئي وئي هئي. ڪجهه عرصي بعد ان اخبار جا چيف ايڊيٽر ٿي پڻ رهيا. 1970ع ڌاري سعودي عرب ۾ تيل ۽ پئسي جي وڏي آمد سان گڏ ملڪ ۾ جتي ڪٿي Construction جا ڪم هلڻ لڳا ۽ جتان ڪٿان فارينر اچڻ لڳا. هنن ڏٺو ته انهن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ انگريزي اخبار جو هجڻ بيحد ضروري آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ملڪ ۽ سعودي عرب بابت خبرون چارون پڙهي سگهن.
    “ اسان وٽ انگريزي اخبار نويسي لاءِ اسٽاف جي کوٽ هئي،” هشام ٻڌايو، “ پوءِ احمد محمود کي المدينه اخبار مان وٺي آياسين. يمن جي اخبار عدن ڪرونيڪل جو مشهور جرنلسٽ فاروق لقمان اچي ويو. پاڪستان مان ڪيترا اخبار نويس گهرائي ورتاسين ۽ جدي ۾ مديني روڊ تي هڪ گئراج مان هن اخبار جا پهريان پرچا ڪڍڻ شروع ڪياسين. ٽي هزار کن ڪاپيون ڇپيندا هئاسين ۽ سڀ وڪامي وينديون هيون. پوءِ الله جي فضل سان ڏسندي ئي ڏسندي اخبار جو تعداد وڌندو ويو.”
    عرب نيوز جي وڪري وڌڻ بعد هنن لنڊن مان “ الشرق الاوسط” نالي عربي ۾ اخبار ڪڍي جنهن عربي اخبار کي بين الاقوامي سطح تي آندو. ان بعد عربي رسالو “ المجالہ” ۽ هڪ انگريزي رسالو Saudi Business Magzineڪڍيو. ان بعد عربي رسالو “سيدتي”، “المسلمون” ۽ “الرياضة” ۽ ٻيا ڪيترا رسالا اخبارون ڪڍيون. اهي ملڪ جي مختلف طبقن جي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. هن وقت تائين هنن 24 رسالا ۽ اخبارون ڪڍيون آهن، جن مان 16 اڃان تائين هلندا اچن باقي اٺ بند ڪيا ويا. مديني ۾ جن جن عربن وٽ رهيس يا مليس انهن کان مٿين اخبارن جي پبلشرن جي والد جو پڇڻ تي هنن علي عبدالقادر حافظ جي ڏاڍي تعريف ڪئي ٿي. “اسان جي شهر جي ڪيترن تعليم يافته ۽ مختلف نوڪرين ۾ وڏين پوسٽن تي پهچائڻ ۾ علي ۽ هشام جي والد علي عبدالقادر جو هٿ آهي. هن نه فقط نبيءَ صلعم جي شهر مديني مان اخبار جاري ڪئي، پر ڪيترن غريب ٻارن کي تعليم ڏني. پاڻ ۽ سندس ڀاءُ عثمان گڏجي بيابانن ۾ رهندڙ بدو ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ۽ تعليم وٺندڙ ٻارن ۽ انهن جي مائٽن کي پئسي جي به آڇ ڪئي، ڇو جو مائٽن ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏڻ کان ڪيٻايو ٿي جو سندن اٺ ۽ رڍون ڪير چاريندو. ان بعد ملڪ جي بادشاهه عبدالعزيز حڪم جاري ڪيو ته هر ٻار کي روزانو حڪومت طرفان اڌ ريال ڏنو وڃي.
    علي عبدالقادر حافظ عربي ادب ۽ تاريخ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. پاڻ اخبار نويس هجڻ سان گڏ شاعر پڻ هو. سندس عربي ۾ لکيل ڪتاب “ مديني جي تاريخ” تمام گهڻو مشهور آهي. اهو ڪتاب پاڻ پنهنجي حياتي ۾ آل حسن صديقي کان اڙدو ۾ ترجمو ڪرائين، جيڪو هن وقت ڇپائي هيٺ آهي. پاڻ حضور صلعم جن جي شهر مديني ۾ ڄائو ۽ ان ئي شهر ۾ 24 اپريل 1988ع تي وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.


    عرب، عربستان ۽ اسلام

    حضور صلعم جن جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ عربستان (جيڪو ان وقت حجاز سڏبو هو ۽ هاڻ نجد وغيره ملائي سعودي عرب ٿو سڏجي) ۾ ڪهڙي حالت هئي؟ سڄو عربستان وارياسو علائقو هو سو ظاهر آهي هي ڪو خوشحال ملڪ نه هو. يمن جو وري به ڪو حال هو. باقي عربستان ۾ مڪو فقط اهڙو شهر هو جيڪو واپار جو مرڪز هو سو به ڪعبي جي ڪري. عربستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو حج تي ايندا هئا. ڪعبي ۾ ٽي سؤ کان مٿي بت رکيل هئا، جيڪي مختلف قبيلن، ڳالهين، ڪمن ۽ ڪاميابين لاءِ هئا. انهن جي زيارت لاءِ ماڻهو پري کان هلي ايندا هئا جو هنن جو عقيدو هو ته فلاڻو بت اولاد ٿو ڏئي، فلاڻو واپار جي ڪاميابي، وغيره. عزا، ۽ لات بت اهم ديوتا هئا. ماڻهن جي اچڻ ڪري (ٻين لفظن ۾ ميلو لڳڻ ڪري) مڪي جي ماڻهن ۽ مجاورن جو خوب ڌنڌو ۽ ڪمائي هلي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو حضور صلعم جن هڪ خدا کي پوڄڻ لاءِ چيو ته ابوسفيان جهڙن جون وايون بتال ٿي ويون ته جي ماڻهن کي ان ۾ يقين ٿي وڃي ته فقط هڪ خدا آهي ته هي سڀ ديوتا بيڪار ٿي ويندا ۽ جي الله جتي ڪٿي موجود آهي ته پوءِ ڪير هلي ملي هنن بتن اڳيان اچي نذرانو رکندو.
    بهرحال انهن ڏينهن ۾ مڪو کڻي چئجي ته هڪ واپاري مرڪز Commercial Centre هو ۽ ان بعد مدينو ۽ طائف جهڙا شهر هئا. ٻيو مڙيئي خير هو. ينبو يا جدو به ننڍا بندرگاهه هئا جن کي فشنگ وليج چئي سگهجي ٿو. جدي کان ينبو بندرگاهه وري به بهتر هو جو سامونڊي يا خشڪي رستي ماڻهن جو هتان گهڻو لنگهه هو. اهو شام، عراق ۽ مصر کي وڌيڪ ويجهو آهي. پر انهن ڏينهن وارو ينبو ڳوٺ هن اڄ واري ينبو کان ڪجهه پري آهي ۽ ينبو نخيل سڏجي ٿو. ان بعد هي شهر ينبو البحر ٺهيو ۽ هاڻ هنن ڏهن ويهن سالن ۾ ويهه ڪلوميٽر اڃان پري نئون ينبو الصناعيہ ٺهي رهيو آهي، جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي پيٽروليم انڊسٽري آهي. ينبو جي پوزيشن هالا جيان آهيان. جيئن هالا پهرين هالڪنڊي هو. ان بعد سنڌوندي جي ڪناري تي جيڪو هاله شهر ٿيو اهو هاله پراڻا سڏجي ٿو، جنهن کان ٻه ميل کن پري ۽ نيشنل هاءِ وي تي اڄ وارو شهر هالا نوان سڏجي ٿو.
    حضور صلعم جن جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ اڄ جي سعودي عرب (حجاز، نجد) ويندي يمن جا عرب شام، عراق ۽ مصر ڏي واپار لاءِ ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پڪا رستا ۽ موٽر لاريون نه هيون. ماڻهو اٺن جي قافلن تي روانا ٿيندا هئا. ڦرلٽ به هلندي هئي، ان ڪري اڪيلي ڪو ورلي نڪرندو هو. ٽولن جي صورت ۾ نڪرندا هئا. جيئن مٺي، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو جي ماڻهن جو رخ ميرپورخاص هوندو آهي، تيئن مڪي مديني طائف ۽ ٻين هنڌن جا عرب شام ڏي ويندا هئا _ جتي گهڻو تڻو واپار عيسائين ۽ يهودين جو هلندو هو. هو هنن عربن کان مذهبي طور بهتر سمجهيا ويندا هئا، جو هنن جو هڪ خدا هو. هنن مڪي مديني جي عربن جا ڪيترائي ديوتا هئا ۽ ڪافر سڏبا هئا. سڏائيندا ته سڀ عرب هئا، پر مذهب جي خيال کان ڪي عيسائي عرب هئا ته ڪي يهودي عرب ته ڪي ڪافر يا بتن جا پوڄاري عرب. ويندي مديني ۾ به ڪيترا يهودي هئا. حضور صلعم جن جي هجرت ڪري اچڻ مهل به مدينو (جيڪو ان وقت يثرب سڏبو هو) يهودين سان ڀريل هو. پر سڀ ۾ واپار جو وڏو مرڪز شام (Syria) هو. حضور صلعم جن به پهرين پنهنجي چاچي ابو طالب سان واپاري Trips تي شام ڏي ويندا هئا جتي جي هڪ عيسائي پادري (باحيره نالي) اڳڪٿي ڪئي هئي ته عرب قوم ۾ هڪ نبي پئدا ٿيڻ وارو آهي ۽ هن جي ڏينهن ۾ اهو موجود هوندو ۽ پوءِ ڪن ڪتابن موجب آهي ته حضور صلعم جن جو قافلو جڏهن اچي هتي منزل انداز ٿيو (جنهن هنڌ کي بوسترا سڏجي ٿو) ته ان پادريءَ (Christian monk) سڀني عربن کي مانيءَ جي دعوت ڪئي. جنهن ۾ هن حضور صلعم جن جي ڪلهي تي پيغمبر بنجڻ جي خاص نشاني ڏسي ۽ ڪجهه سوال جواب پڇي ابوطالب کي خبردار ڪيو: “ هي ٻار (ان وقت حضور صلعم جن ڏهن يارهن سالن جا هئا) اهم شخصيت آهي، جنهن بابت اسان جي ڌرمي ڪتابن ۾ ڏنل آهي. هن جو تون بيحد خيال ڪر جو ڪنهن يهوديءَ کي ان علم جي خبر پئجي وئي، جيڪا مونکي آهي ته هو هن کي نقصان رسائيندو.”
    بهرحال انهن ڏينهن ۾ عربستان نه واپار وڙي ۾ اتاهون هو نه اناج پوک ۾ ۽ نه ڪنهن ملٽري طاقت ۾. ننڍڙيون ننڍڙيون حڪومتون يا کڻي چئجي ته عربن جا راڄ هوندا هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ ڪڏهن وڙهندا پيا هئا ته ڪڏهن ٺهندا پيا هئا. نه تهذيب يافته هئا نه وري ڪو عقل ۾ اڪابر. گهڻي ڀاڱي ته بدو هئا. ٻڪريون چارڻ لاءِ ڪڏهن ڪٿي رهي پوندا هئا ته ڪڏن ڪٿي انهن ڏينهن ۾ دنيا ۾ (جيڪا به محدود دنيا هئي. چين کان اسپين تائين، رومانيا بلغاريا کان مالي ماريطانيا تائين) ٻه وڏيون حڪومتون هنن جي آسپاس هيون. هڪ ايرانين جي ساساني سلطنت ٻي يورپ پاسي جي بازنطاني (Byzantines) رومن سلطنت. اهي ٻه وڏيون طاقتون هيون، جن جا هي عرب قبيلا يا راڄ (Vassals) مطيع هئا. هنن کي جيئن ايراني حڪم ڪندا هئا ائين مڃيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هو کين پنهنجو پاڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا هئا ته پيا هڪ ٻئي کي چڪين ۽ تباهه ٿين.
    يعني ان دور ۾ عرب نه ملٽري ۾ زور هئا نه حڪومت ۾. هاڻ ان تناظر (Scenario)جو ٿو سوچجي ته هڪ عرب جنهن کي عربي کان سواءِ ٻي ڪا زبان نٿي آئي، جنهن ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا ملٽري اڪيدمي، مدرسي مان تعليم ۽ تربيت نه ورتي هئي. جنهن ڪا گهڻي دنيا به نه ڏٺي هئي (سواءِ ننڍپڻ جي انهن چند چڪرن جي جيڪي هن واپار جي سلسلي ۾ اتر ڏي شام ويندڙ قافلن سان گڏ هنيا)، هڪ نئي نياپي (قرآن) سان دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو ۽ سندس پيغام مختلف تهذيبن، زبانن، قومن جي ماڻهن جي زندگي کي معنى ڏئي ڇڏيندو ۽ جيڪو اڄ تائين ڏيندو رهي ٿو. چين (جنهن جي ڪانسو ۽ ينان علائقن جا ٻن ڪروڙن کان مٿي ماڻهو مسلمان آهن) کان سينيگال آفريڪا تائين، روس (وولگا ماٿري، سائبيريا، ڪزاخستان، ازبڪستان، ترڪمستان، ڪرگزستان) کان هندستان تائين. واقعي ڪمال جي ڳالهه آهي. قدرت جو ڪرشمو آهي، جيڪو حضور صلعم جن ڪري ڏيکاريو.
    حضور صلعم جن 570ع ۾ مڪي ۾ ڄاوا. ٺيڪ آهي مڪي ۾ ٿورو گهڻو کڻي واپار وڙو هو، پر هڪ دفعو وري لکندس ته ڪا ملٽري طاقت نه هئي. ايرانين ۽ رومين جيڪي وڏيون آفتون ۽ طاقتون هيون انهن جي مقابلي ۾ عرب هڪ پٺتي پيل ۽ جاهل قوم هئي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪا چانڊين يا منگسين جهڙي قوم جيڪا پاڻ ۾ کڻي وڙهندي رهي: پر اڄ جي طاقتور آمريڪا يا گڏيل روس جي مقابلن ۾ ڇا حيثيت رکي ٿي. اهو ئي حال عربن جو هو. وڏين طاقتن هنن کي (عربن کي) ڪا حيثيت ته نٿي ڏني پر کنگهيو به ڪونه ٿي. ڪو ڪم ڪڍڻو هين ته کين حڪم سان يا ٽيڪر سان ڪرائيندا وتندا هئا نه ته کين ڇڏي ڏيندا هئا ته پيا پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي وڌيڪ تباهه ۽ ڪمزور ٿين.
    580ع ۾ جڏهن حضور صلعم جن ڏهن سالن جا هئا ته غاسي عربن (Ghassanid Arabs) جيڪي رومن سلطنت جي حڪم جا غلام هئا تن لغميڊ Lakhmid عربن جي راڄ تي حملو ڪيو، جيڪي ساساني حڪومت جا مطيع هئا. وڏي خونريزي ٿي ۽ عرب عربن کي ئي ناس ڪندا رهيا. ان ۾ عربن جي گادي جي هنڌ حرا کي ساڙي ناس ڪيو ويو. جيڪو عراقي رڻ پٽ ۾ شهر هو.
    اٺيتاليهن سالن بعد، 628ع ۾ جڏهن حضور صلعم جن 58 سالن جا هئا ۽ اسلام جي تبليغ ڪندي ويهه سال ٿي ويا هئن، عربن کي (جيڪي هاڻ مسلمان ٿي هڪ ٿي ويا هئا)، دلاسو ڏئي رهيا هئا ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هڪ ڏينهن رومن ۽ ايراني (Persian)سلطنتون فتح ڪنداسين. پاڻ ان وقت انهن سلطنتن جي اڳواڻن کي اسلام قبول ڪرڻ جا خط لکيا. هڪ خط هرڪيولس ڏي جيڪو بازنطاني (Byzantine) شهنشاهه هو ۽ ٻيو ايراني شهنشاهه ڏي. ايراني حاڪم هڪ عرب کان ان قسم جو خط حاصل ڪري باهه ٿي ويو. هن پنهنجي سخت بي عزتي سمجهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي يمن ۾ رهندڙ گورنر کي هي حڪم جاري ڪيو: “حجاز جي ڌرتيءَ تي جيڪو اوچتو هڪ عرب پيدا ٿيو آهي ان مون ڏي هڪ اهڙو خط لکيو آهي جو آئون سوچي به نٿو سگهان. ڪي ٻه اعتبار جوڳا ماڻهو هڪدم حجاز روانا ڪر ته هن کي زنجيرن ۾ ٻڌي مون وٽ وٺي اچنس. جيئن آئون پاڻ هن کي اهڙي خط جي سيکت ڏيان. جيڪڏهن هو هلڻ کان انڪار ڪري ته هڪدم فوج موڪلي انهن عربن کي تباهه ڪر ۽ سندن ان اڳواڻ جو سر مون ڏي موڪل.”
    خدا جي قدرت ۽ ڇا اسلام جو شان _ ايراني حاڪم کي ان وقت اها ڳالهه خواب خيال ۾ به نه هئي ته پورن پنڌرهن سالن بعد عرب ايران کي فتح ڪندا ۽ ايران هميشه لاءِ مسلمان ٿي ويندو.
    سو اسلام نه فقط مذهب هو، پر پنهنجو پاڻ ۾ وڙهيل عربن لاءِ ٻڌي، طاقت ۽ فتح جي علامت هو. اسلام نه فقط عربن کي هڪ ٿي رهڻ جو سبق ڏنو، پر دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ اهو نياپو ڏنو ته چاهي ڪنهن جو ڇا به رنگ، قوم يا زبان هجي، پر هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي. الله جي نظرن ۾ اهو انسان نيڪ آهي جيڪو اسلام تي صحيح طرح هلي ٿو. جيڪو نيڪ ڪم ڪري ٿو جيڪو گهڻي کان گهڻي عبادت ڪري ٿو.


    عربي نالن ۾ ابن ۽ ابو

    عربي نالن ۾ ابن ۽ ابو لفظن جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڏسان پيو ته عربن کي به مونجهارو ٿئي ٿو. ابن يا بن معنى پٽ ۽ ابو معنى پيءُ.
    سعودي عرب ۾ پهريون پٽ ڄمڻ تي پيءُ پاڻ کي اصلي نالي سان سڏائڻ بدران پنهنجي پٽ جي نالي سان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، جيئن اسان جي عرب دوست جو اصل نالو پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ تي حسن آهي، پر شاديءَ بعد جيئن ئي احمد نالي پٽ ڄايس ته کيس مائٽ مٽ، دوست يار، حسن بدران ابو احمد سڏڻ لڳا. سندس زال جنهن جو اصل نالو آسيه آهي، پر هاڻ هن کي سڀ ام احمد سڏين. سئيڊن ۾ اسين گڏ رهندا هئاسين ته مونکي ان terminology جي خبر نه هئي ۽ اسان کين حسن ۽ آسيه سڏيندا هئاسين. هينئر هتي سعودي عرب ۾ سندن گهر ۾ رهڻ بعد پهرين ڏينهن ئي ڪنهن جو فون آيو. ان وقت گهر ۾ ڪير نه هو. مون کنيو. ڪا عورت عربي ۾ ڪنهنجو پڇي رهي هئي. مونکي سمجهه ۾ نه اچڻ تي هن ٽٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ چيو: “ پليز ڪال محمد.”
    مون وراڻيومانس: “گهر ۾ هن وقت ڪير ڪونهي ۽ محمد نالي ته هتي ڪير رهي ئي ڪونه ٿو. احمد ضرور آهي.”
    هن ڪاوڙ ۾ فون کڻي رکيو. ٿئنڪ يو به نه چيو.
    شام جو حسن آيو ته هن کي ٻڌايم ته سندس غير حاضري ۾ ڪنهن جون فون آيو هو پر محمد جو پئي پڇيائين. حسن ڪجهه دير سوچي چيو ته محمد نه پر ام احمد جو پڇيو هوندائين.
    “ اهو ڪير آهي ؟” مون پڇيو.”
    “ هتي منهنجي زال آسيه کي ام احمد سڏين ٿا ۽ مونکي ابو احمد. اهو هتي جو هڪ پراڻو رواج آهي.”
    “ پوءِ ڀلا ڪنهن کي پٽ نه هجي ته؟” مون حسن کان پڇيو.
    “ اهي به ڪنهن نه ڪنهن نالي سان سڏائين ٿا. ڪيترا ته شادي وقت کان يا ان کان اڳ کان ڪنهن نالي سان سڏائين، پوءِ ڀلي پٽ ڄمين يا نه. يا دير سان ڄمڻ ڪري ٿي سگهي ٿو پوءِ اهو نالو پٽ تي رکن به يا نه. جيئن پاڻ وارو لبناني يار ابو علي آهي.” حسن لبنان کان آيل اسان جي دوست محمود لاءِ ٻڌايو، جنهن کي اسان محمود بدران ابو علي سڏيون ٿا.
    بهرحال پٽ جي نالي سان سڏائڻ مان اهو فائدو آهي ته خاندان ۾ چاچا، ماما، نانا، مختلف مائٽين بدران هرهڪ هڪ ئي نالي سان سڏجي ٿو ۽ مونجهارو نٿو رهي. نه ته اسان وٽ _ خاص ڪري ڳوٺن ۾ اهو مونجهارو عام آهي. پاڙي جو ڪو ٻار اچي چوندو ته ماما ڪتاب گهريو آهي يا چاچا اخبار گهري آهي. هاڻ سائين ان ماما يا چاچا کي سڃاڻڻ لاءِ پهرين ته معلوم ڪجي ته هي ٻار ڪنهنجو پٽ آهي. پوءِ ان _ يعني ٻار جي پيءُ ڪٿان شادي ڪئي ان بعد مامي جي خبر پوندي. پر جي ان همراهه کي شوڪت نظاماڻي وانگر گهڻا سالا آهن ته سر ويو ته هاڻ ان ٻار جي خبر ناهي ڪهڙي مامي ڪتاب گهرايو آهي. پر ان ماما چاچا چوڻ بدران فقط ابو جاويد يا ابو الهورايو چيو وڃي ته يڪدم سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڪير ٿي سگهي ٿو.
    هونءَ اسان وٽ سنڌ جي به ڪيترن شهرن ۾ نالن جو اهو عربي وهنوار هلي ٿو _ خاص ڪري دادو لاڙڪاڻي پاسي. دادوءَ ۾ ته امن ماءُ، ڪوڏوءَ ماءُ، موهني ماءُ، سڪندر ماءُ ۽ جاويد پيءُ جهڙا نالا عام آهن. هونءَ به ان قسم جون ڪيتريون عرب ريتون رسمون سنڌ ۾ پراڻيون هلندڙ آهن.


    مهراڻ هوٽل ينبو ۾ ...

    ينبو (ينبع) شهر جي هڪ مين روڊ تي ڪڏهن ڪڏهن واڪ ڪندو آهيان. هي رستو شهر کان نڪري سڌو مديني منوره ڏي وڃي ٿو. ينبع جو ڪمرشل بندرگاهه به هن رستي تي آهي ۽ سندس مين گيٽ جي سامهون هڪ وڏي مسجد آهي. سج لٿي مهل جيڪڏهن هن مسجد جي ويجهو هوندو آهيان ته سانجهي نماز لاءِ ان ۾ هليو ويندو آهيان. مسجد جي ڀرسان ٻه چار دڪان ۽ هڪ هوٽل مهراڻ نالي آهي. پاڪستانين جون سڄي سعودي عرب ۾ جام هوٽلون، ريسٽورنٽون ۽ دڪان آهن. جن مان ڪيترن جي نالن مان ئي معلوم ٿيو وڃي ته اهي پاڪستاني آهن جيئن ته مطعم پاڪستان، مطعم اسلام آباد، مطعم جهلم وغيره. اهي گهڻو ڪري پنجاب ۽ سرحد جي رهاڪن جون آهن. خاص ڪري هاءِ وي يا روڊ سائيڊ تي ٺهيل هوٽلون هتي به پٺاڻن جون آهن جيئن هڪ ٻئي هنڌ لکي آيو آهيان ته هتي بسين، ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالن جا ڊرائيور پاڪستاني آهن.
    هڪ ٻه دفعو هن مهراڻ هوٽل بابت معلومات وٺڻ لاءِ ويس پر ان وقت سانجهيءَ جي وقت هوٽل جو مالڪ يا مئنيجر بدران چوڪيدار ۽ هڪ ٻه نوڪر مليا جيڪي کاڌي جي تياري ۽ ٽيبل ڪرسيون صاف ڪرڻ ۾ مشغول هئا. سعودي عرب ۾ کاڌي پيتي جي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن تي مارو سمهڻي (عشا) نماز بعد ٿئي ٿو. سو منهنجي واڪ ڪرڻ واري وقت تي اها هوٽل (مهراڻ) هميشه خالي نظر ايندي آهي.
    “هن ۾ گهڻا ڪهڙي قسم جا گراهڪ اچن ٿا.” مون ڪم ڪندڙ بنگالي بئري کان پڇيو.
    “هر قسم جا چن ٿا. پر گهڻا پاڪستاني ۽ عرب اچن ٿا.” هن ٻڌايو.
    ساڳي نالي جي هوٽل مديني ۽ بدر شهر ۾ پڻ نظر آئي. پر وقت نه هجڻ ڪري معلوم ڪري نه سگهيس ته ڪنهن جي آهي. نالي جي ڪري مونکي لڳو ٿي ته ڪنهن سنڌيءَ جي هجي. پوءِ هڪ ڏينهن ينبو (ينبع) شهر اندر هڪ ٻي مهراڻ هوٽل نظر آئي. ان ڏينهن واندو به هوس سو چانهه جي بهاني ويهي رهيس. چانهه جو بل ڏيڻ وقت مئنيجر ٻڌايو ته سعودي عرب ۾ ڪيتريون ئي مهراڻ نالي هوٽلون آهن. جن جو مالڪ سيالڪوٽ جو معشوق علي آهي. سڀ کان وڏيون ۽ سٺيون جدي ۾ آهن. کاڌي ۾ سندن خاص Specialty چڪن تڪا، تندوري چڪن، پران (گانگٽ) ڪراچي، ڪورما (برياني) آهي. چڪن يا مٽن تڪو ٻارهين ريالين يعني پاڪستاني سؤ رپين جو آهي، باقي هر قسم جي ٻوڙ جي پليٽ ستين ريالين _ يعني سٺ رپئي جي آهي. چانهه جو ڪوپ يا بوتل هڪ ريال يعني ساڍي اٺين رپئي جي آهي.
    هن شهر واري مهراڻ هوٽل جي ڀرسان هڪ ٻي وڏي ۽ مشهور هوٽل شيراز آهي. هڪ پاڪستاني کان پڇيم: هيءَ اها شيراز هوٽل ته نه آهي، جيڪا ڪراچي ۾ قاديانين جي شايد هئي ۽ ماڻهو هنن کي ڪافر ڪافر چئي نه فقط هوٽل جو نقصان ڪندا رهندا هئا، پر شيراز پراڊڪٽس جون جئم، جيليون، چٽڻيون، آچار وٺڻ کان به منع ڪندا هئا.”
    همراهه منهنجي ڳالهه سمجهي طنزيه مرڪيو ۽ ڀر ۾ انڊين هندن ۽ فلپينين جي هوٽل ڏي اشارو ڪندي چيائين: “ها. هڪ هي مسلمان ملڪ آهن هڪ پنهنجا. پاڻ وٽ هرڪو پاڻ کي Holier than thou سمجهي ٿو ۽ وتي ٻين سان نفرتون ڪندو. ڏينهون ڏينهن پاڻ پاڪستانين مان برداشت جو مادو نڪرندو وڃي. پر هي ملڪ ڏس. مڪي مديني کان سواءِ هنن جي هر شهر ۾ هر ملڪ ۽ هر مذهب جا ماڻهو امن امان سان پيا هلن. ڪيڏو پرسڪون ماحول آهي.”


    اسلام ۾ فوٽو جي موڪل آهي يا نه . . .

    پنهنجي پاڙي جي مسجد جي خالد نالي امام سان منهنجي سٺي عليڪ سليڪ ٿي وئي آهي. هو نماز ۾ قرآن جون ننڍيون ننڍيون سورون پڙهندو آهي. سندس آواز تمام صاف ۽ چٽو آهي. پاڻ پنجٽيهن سالن کن جو ٿيندو. ڪاري ڊگهي ڏاڙهي اٿس. هٿ ۾ هر وقت ڏندن صاف ڪرڻ لاءِ لئيءَ يا ڪنهن ٻئي وڻ جو ڏندڻ هوندو اٿس. سندس تلاوت ٻڌي مونکي محسوس ٿيو ته ڪي ڪي لفظ آئون صحيح طرح نٿو اچاريان. اسين جڏهن ننڍا هئاسين ته ڳوٺن ۾ قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ڪي سٺا مولوي نه هئا. ٿورو گهڻو ڪلاس روم ۾ پڙهايو ويندو هو يا پاڙي جي ڪا پوڙهي مائي پڙهائيندي هئي. مون سوچيو ته هي امام جيڪڏهن سندس آواز ۾ مونکي ٽيهين سيپاري جون ننڍيون ننڍيون سورون ڪئسٽ ۾ ٽيپ ڪري ڏئي ته پوءِ آئون واڪ مئن ٽيپ رڪارڊر ذريعي ياد ڪندو رهان.
    مسجد مان نڪري بوٽ پائڻ وقت اسان جي اڪثر گڏجاڻي ٿيندي هئي، پر عربي نه اچڻ ڪري فقط سلام ڪري هڪ ٻئي کي مرڪ سان کيڪاريندا هئاسين. هڪ ڏينهن نيٺ مونکي دل ۾ آيو ته آئون ساڻس انگريزيءَ ۾ ڳالهائي ته ڏسان. ٿي سگهي ٿو هو ٿوري گهڻي انگريزي سمجهندو هجي، يا لهجي مان منهنجو مطلب سمجهي وڃي يا ڪنهن ٻئي اهڙي واقفڪار عرب کي وٺي اچي جيڪو انگريزي ۾ تعارف ڪرائي کيس ترسڻ جو اشارو ڪري ٻاهر وڃي مليومانس ۽ انگريزي ۾ تعارف ڪرائي کيس قرآن جون ننڍيون سورون ٽيپ ڪري ڏيڻ لاءِ چيو. مونکي اهو معلوم ڪري تعجب ۽ خوشي ٿي ته نه فقط هن منهنجي ڳالهه سمجهي پر کيس مونکان به سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ آمريڪن لهجي ۾ اهڙي ڦر ڦر ڪري ڳالهائڻ لڳو جو منهنجا ٺپ ٺري ويا. خبر پئي ته هو آمريڪا ۾ پنج سال رهي انجنيئرنگ ۾ پوسٽ Graduation ڪري آيو آهي.
    ٻئي ڏينهن هو مون لاءِ ڪئسٽ ٽيپ ڪري آيو ۽ مسجد مان نڪرڻ وقت مونکي پاڻ سان گهر وٺي آيو، جيڪو مسجد جي پويان ٻه گهٽيون ڇڏي ٽيءَ ۾ آهي. چانهه پياري پوءِ ڪئسٽ ٻڌائڻ لاءِ مونکي پنهنجي ڪار ۾ اچي وهاريائين.
    “مون وٽ گهر ۾ الڳ ٽيپ رڪارڊر ڪونهي. ڪار جي ٽيپ تي ئي ٻڌندو آهي. هي ڪئسٽ منهنجي آواز ۾ ته نه آهي، پر هن شهر ينبو جي اسلامڪ سينٽر مان کڻي آيو آهيان.” هن ٻڌايو.
    بهرحال ان کان پوءِ اسين هڪ ٻئي سان ڪافي فري ٿي ويا آهيون ۽ هن پنهنجا ٻه چار ٻيا به دوست ملايا آهن. هڪ ڏينهن جدي کان آيل ٻه مولوي ملايائين. اسان گڏجي سندس گهر چانهه پيتي. موڪلائڻ مهل دل چاهيو ته ساڻن گڏ هڪ ٻه فوٽو ڪڍرائجي. پر کانئن پڇندي ڪيٻائي رهيو هوس. تازو پاڪستان ۾ هڪ ٻه اهڙا مثال ٿيا جو کڻي فوٽو ڪڍ ته ڪي خوش ڪي وري ڪفر جون فتوائون ڏيڻ شروع ڪريو ڏين. ٻيو ته ٺهيو ڪراچي جي شيرٽن هوٽل ۾ ڪويت جي قومي ڏينهن واري گڏيل ڊنر تي هڪ ٽي وي جي فنڪاره به فوٽو لاءِ منع ڪندي اهو سبب ڏنو ته فوٽو ڪڍڻ بت پرستي آهي. وڏو گناهه جو ڪم آهي. وغيره.
    موڪلائڻ مهل مون مٿين مولوين سان پنهنجي شوق جو اظهار ڪيو. “Can we have a group photograph? “ چئي آئون ليڪچر ٻڌڻ _ يعني ڪفر جي فتوى ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پر مونکي تعجب لڳو جڏهن منهنجي سوال جي جواب ۾ سڀني هڪ آواز ۾ وراڻيو: “Why not?” ۽ جيسين آئون ڪئميرا ۾ بئٽري وجهي فوڪس ڪيان تيسين هو تعجب مان ڏسندا رهيا ته آئون اهڙي ڳالهه لاءِ ڇو اجازت وٺي رهيو آهيان. اهو ته سمجهيم ٿي ته فوٽو ڪڍڻ جي خراب سمجهيو وڃي ها ته سعودي عرب جي هن شهر ينبع ۾ ايترا سارا فوٽو گرافن جا دڪان هرگز نه هجن ها جن جي ٻاهران ماڻهن جا ڪيترن ئي پوزن ۾ فوٽو ٽنگيل آهن. نه فقط هتي ينبو ۾ پر مونکي اهو ڏسي تعجب لڳو ته فوٽو گرافرن جا دڪان مديني شريف ۾ به آهن. جتي نه فقط فلم رول ۽ ڪئميرائون وڪامن ٿيون، پر انهن جي ڊيولپمنيٽ ۽ پرنٽنگ به ٿئي ٿي.
    هڪ مولويءَ کان فوٽو گرافي بابت پڇيم ته هن اهو جواب ڏنو ته ان جو دارو مدار نيت تي آهي. فوٽو گرافي مان بيشمار فائدا آهن. ٻارن جي اسڪولي داخلا جي ڪارڊن کان وٺي پاسپورٽن تي فوٽو استعمال ٿين ٿا. جيڪي تمام ضروري آهن ۽ ڏوهن جي روڪ ٿام لاءِ به ڪتب اچن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو غلط ڪم لاءِ فوٽو استعمال ڪري ٿو ته ان جي منع آهي. جنهن جو مثال Pornography به آهي.
    هن مولوي جو اهو رايو هو ته : “اسلام ۾ بت statue ۽ Engraving جي ته منع آهي، پر فوٽو گرافي جيڪا حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ته نه هئي (يعني ڪئميرا جي لينس ذريعي نڪتل تصوير) پر اها جيڪڏهن سٺي ڳالهه لاءِ استعمال ڪئي وڃي ته ڏوهه ناهي. پر ڪنهن جي تصوير ان جي پوڄا خاطر لڳائي وڃي ته اهو غلط ڪم آهي، جيئن ڪيترن ملڪن ۾ اتي جي حاڪمن مذهبي پيشوائن ۽ پيرن جون تصويرون Leader Worship لاءِ لڳايون وڃن ٿيون. ڪيترا ماڻهو اوليائن، ولين، بزرگن، پيرن، مولوين، درگاهن جي مجاورن ۽ درگاهن جي فوٽن کي چميون ڏيندا رهن ٿا، اها هڪ قسم جي پوڄا آهي، ان نيت سان فوٽو رکڻ گناهه آهي. باقي ڪنهن خاص ياداشت يا سڃاڻپ خاطر فوٽو رکي سگهجي ٿو.”
    فوٽن جي سلسلي ۾ ملائيشا هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪنهن به مسلمان جي گهر ۾ ماڻهو ته ڇا پر پکي جانور جي به تصوير ٽنگيل نظر نٿي اچي. ملئي ماڻهن جي گهرن جي ڀتين تي يا قرآن شريف جون آيتون ٽنگيل نظر اچن ٿيون يا وري گلن جون تصويرون. پر هتي سعودي عرب ۾ هن شهر ينبو توڙي جدي، مديني ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ ٻيون نه پر فئملين جون گروپ تصويرون ضرور نظر اچن ٿيون.


    ڪراچي موٽندي جدي ايئرپورٽ تي هاڻ جلدي ٽرو

    ينبو (ينبع) کان جدي پي آءِ اي جي مسافرن سان بس ۾ اچي رهيو هوس. ينبو، بدر ۽ مديني پاسي جا جيڪي ماڻهو PIA ۾ ڪراچي يا اسلام آباد وڃن ٿا، انهن کي PIA مٿين شهرن مان ايئرڪنڊيشن ڪوچ ۾ جدي مفت پهچائي ٿي. روز اڳئين نماز کان پوءِ ٻي بجي ڌاري ينبي وارو ڪوچ جدي لاءِ PIA جي آفيس وٽان نڪري ٿو. هتي هانڪ نالي ڪمپني آهي جيڪا مختلف ڪمپنين کي ڪوچ، بسون، موٽر ڪارون ۽ ٻئي قسم جي ٽرانسپورٽ روز يا مهيني جي حساب سان مسواڙ تي ڏئي ٿي. پي آءِ اي وارن به انهن کي چئي ڇڏيو آهي.
    ان ڏينهن جدي ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ ينبو جي PIA آفيس کام Hanko جي هن ڪوچ ۾ چڙهيس. ڏهاڪو کن مسافر هئا، جن ۾ هڪ فلپينو هو جنهن کي ڪراچي بعد PIA جي ساڳي جهاز يا ٻئي ۾ منيلا وڃڻو هو. ڇهه ست ڄڻا پشاور پاسي جا هئا ۽ هڪ عارف نالي همراهه جيڪو منهنجي پٺيان ويٺو هو، اهو ڪوه مري جو هو ۽ ڪراچي بعد کيس اسلام آباد لهڻو هو. ڊرائيور سان گڏ هئنڪو ڪمپني جا ٻه ڄڻا ٻيا به هئا جن مان وڏي ڏاڙهي سان نور احمد نالي پينٽر هو ۽ ٻيو ڪنهن ٻي گاڏي جو ڊرائيور هو جيڪا جدي ۽ ينبو جي وچ ۾ مستوره نالي شهر جي هڪ ورڪشاپ ۾ Repair ٿي رهي هئي، اتي ان کي لهي اها گاڏي کڻڻي هئي. ٽئي ڄڻا پاڪستاني هئا.
    “توهان جي ڪمپني ۾ ٻيا به پاڪستاني آهن؟” مون پڇيو مان.
    “هائو. ڊرائيور ۽ ڪافي مڪينڪ پاڪستاني آهن.” ڊرائيور ٻڌايو.
    “ اهو توهان لاءِ سٺو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي سان اڙدو يا پنجابي ۾ خبرون ڪندا رهو ٿا. اهي ڪمپنيون جتي ڪو فلپين جو تگالوگ ڳالهائيندڙ آهي ته ڪو سري لنڪا جو تامل ڳالهائيندڙ ته ڪو سوڊان جو عربي ڳالهائيندڙ آهي ته انهن کي بوريت ۽ اڪيلائيءَ جو احساس گهڻو ٿئي ٿو.” مون چيو مان ۽ ڏاڙهي واري همراهه نوراحمد کان سندس احوال پڇيو.
    “ آئون Painter آهيان. گاڏيءَ تي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪجهه لکڻو هوندو آهي ته اهو لکان. جيئن ڏهاڪو کن ههڙا ڪوچ PIA وارن کي اسان جي ڪمپنيءَ ڏنا آهن ته انهن جي ٻاهران انگريزي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۽ عربي ۾ الخطوط الجوي پاڪستان لکيو اٿم. وري جڏهن Contract ختم ٿيندو ته پوءِ ٻي ڪنهن ڪمپني جو نالو لکندس. هينئر آرامڪو وارن جو ٺيڪو ختم ٿيو آهي سو هر گاڏي تان آرامڪو جو نالو ڊاهي ان ڪمپنيءَ جو نالو لکندس، جيڪا مسواڙ تي وٺندي.”
    مسافر پاڪستاني هجن ڊرائيور پاڪستاني هجي ۽ گاڏيءَ ۾ ٽيپ رڪارڊر هجي ته معنى گانا وڄڻ ضروري ٿيا پوءِ ڀلي اها گاڏي سنڌ پنجاب ۾ هلي يا حجاز نجد ۾. ۽ گانا به فل آواز تي هلندا. پر اهو به شڪر جو هن ڪوچ ۾ جيڪي فقط ٻه اسپيڪر لڳل هئا انهن مان هڪ ڊرائيور جي مٿان ڇت ۾ لڳل هو ۽ ٻيو بلڪل پٺيان. آئون وچ ۾ ويٺل هوس. ان ڪري منهنجا ڪن فل آواز بدران ماڊريٽ آواز تي : “ ميري زندگي هي نغمه ميري زندگي” يا : “وه دل کهان سي لاؤن، تيري ياد جو بهلادي”
    يا : “پيار کرکي هم پچهتائي، ايک پل خوشي کي خاطر . . . “
    جهڙا گانا ٻڌندو رهيس. نه ته يارو! ينبي کان جدي چئن ڪلاڪن جي هن سفر ۾ منهنجا ڪن هليا وڃن ها. اهي گانا ٽيهن سالن کان پيا وڄن ۽ پيا ٻڌون ۽ ٻڌون.
    ينبع (ينبو) شهر جون حدون ڇڏڻ تي يڪدم چيڪ پوسٽ آئي جنهن جي اطلاع لاءِ اڳواٽ ٻه کن بورڊ لڳل آهن. “نقطه تفتيش _ “Check Post بورڊن تي عربي ۽ انگريزي ۾ لکيل هو. ٺهيو، مونکي اڄ خبر پئي ته هي جو پوليس جي ڪهاڻين ۾ تفتيش جو لفظ ٻڌبو آهي اهو عربي لفظ آهي. ۽ نقطو پڻ عربي جو لفظ آهي. پوليس جي ٺهيل پوسٽ اڳيان ڊرائيور گاڏي تمام آهستي آهستي ڪئي. سامهون آفيس جي ڪمري ۾ ٽي چار شرطا يعني پوليس وارا ماني کائي رهيا هئا. پري کان ئي اشارو ڪيائون ته ڀلي روانا ٿي وڃو. ڊرائيور زور زور سان کين وڏا سلام ڪيا. ڪجهه اسان ماڻهن جي احساس ڪمتري ڪري ڪجهه اسان (ويٺل مسافرن) تي اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته پوليس وارا ڊرائيور جا سڃاڻا آهن ۽ هي جو اسان کي بنا ڏسڻ جي ڇڏي ڏنائون ۽ هٿ جو اشارو ڪري چيائون ته هليا وڃو اها مهرباني ڊرائيورن جي سڃاڻپ ڪري ٿي. ڊرائيور جي ڪيل ٻن ٽن سلامن مان هڪ جو به هنن جواب نه ڏنو. ٻين لفظن ۾ هنن کنگهيو به ڪونه. دراصل هو ته ان وقت ماني تان اٿڻ بدران پري کان ئي اشاري سان اسان کي ڄڻ اهو چئي رهيا هئا ته هاڻ جلدي هلو. ٽرو. پويان ايندڙن جو رستو نه روڪيو.


    گانا ۽ تقريرو

    گاڏي هاڻ وري اسپيڊ سان هلڻ لڳي. رستي جي ساڄي پاسي ايندڙ وڏي بورڊ تي لکيل مدينو منوره جي سامهون 205 ڪلوميٽر لکيل هو ۽ جدي جي سامهون 325 ڪلوميٽر ۽ ان جي پويان واري بورڊ تي جدي ۽ مديني ڏي الڳ الڳ رستا ڦٽڻ جا اشارا هئا. يعني اڳتي هلي هڪ جنڪشن تي پهچڻ بعد اسان کي جدي لاءِ ساڄي هلڻو پوندو. هن کان اڳ مديني ويا هئاسين ته کاٻي وارو رستو اختيار ڪيو هئوسين.
    ڊرائيور ختم ٿيل ڪئسٽ ڪڍي ٻيو وڌو.
    “له آئي پهر کهان پر قسمت همين کهان سي،
    يه تو وهي جگه هي گذري تهي هم جهان سي.”
    مون ڊرائيور ڏي غور سان ڏٺو. ڪو پنجويهه ٽيهه ورهين جو ٿيندو. گاني جي ڌن تي جهومندي گاڏي هلائيندو رهيو. اهي گانا ته اسان جي جواني جي ڏينهن جا هئا. اسين پڙهائي وارن ڏينهن ۾ ڪاليج ۽ اڪيڊمين جي ورانڊن ۾ جهونگاريندا هئاسين. ڪراچي، ڪولمبو، چٽگانگ، گوهاٽي (ڪلڪتو) جي ريڊيو اسٽيشن تي انهن گانن جي فرمائش جا خط موڪليندا هئاسين ۽ پوءِ هڪ هڪ گاني ۽ پنهنجي نالي ٻڌڻ جو انتظار ڪندا هئاسين. ڪمال آهي جو هر فيلڊ ۾ ترقي ۽ نواڻ اچي وئي آهي پر پاڪستاني عشقيه سوز ۽ فراق جا اهي ئي گٺل گانا هلندا اچن.
    “ کوئي نهين هي پهر بهي هي مجهکو،
    کيا جاني کس کا انتظار . . . “
    اهو 1964ع _ جو ٽاپ گانو هوندو هو. اڄ ٽيهن سالن بعد اهو گانو مڙيئي سُريلو لڳي ٿو. هن وانگر ته رڌي کڻي نٿو سگهان پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته کائڻ سان سٺي کاڌي جي تعريف نه ڪري سگهان. ڳائي آئون به نه سگهندو آهيان پر گانن ٻڌڻ جو شوقين ضرور.
    رستي تي لڳل بورڊ تي فاصلو ڏٺم. جدو 250 ڪلوميٽر، رابغ 90 ڪلوميٽر ۽ مستوره 60 ڪلوميٽر، هر ڪئسٽ ۾ هڪ ٻه گانو ڪو ٻڌڻ لائق هو، نه ته باقي مٿي جو سور هو. يعني اسان لاءِ. ڊرائيور لاءِ ته نه هوندو. هڪ ٻه مسافر کونگهرا هڻي رهيا هئا. ڏاڙهي سان ويٺل نور احمد هاڻ وڌيڪ گانا هلائڻ بدران ڊرائيور کي ديني تعليم جو ڪئسٽ هلائڻ لاءِ چيو. ڇو جو انهن گانن ۾ ڪجهه ٻٽي معنى وارا واحيات به لڳي رهيا هئا. ڄڻ نواب شاهه کان حيدرآباد واري بس ۾ جلال ۽ روبينه مستاني جا گانا پيا هلن. احمد پنهنجي اڳيان رکيل دٻي مان هڪ ڪئسٽ ڪڍي، ڊرائيور کي ڏنو جيڪو ڊاڪٽر حسن الدين جو علم پرائڻ تي هو. صاف آواز ۽ سٺي نموني سان سمجهائڻ جي ڪري سڀڪو ٻڌڻ لڳو. سندس تقرير ۾ تمام سٺا سٺا مثال پيش ڪيل هئا ۽ سائنسي انداز ۾ يعني دليل بازي سان ڳالهيون سمجهايل هيون.
    “واعظ ڪرڻ وارو ڊاڪٽر حسن الدين احمد ڪير آهي؟” مون نور احمد کان پڇيو.
    “جده يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. پاڻ جماعت اسلامي جو سرگرم رڪن آهي.” هن ٻڌايو ۽ مون سندس ٻيا ڪئسٽ کڻي انهن جا عنوان ڏٺا.
    _ حضور صلعم کا طريقه تعليم
    _ صفات باري تعالى
    _ حڪمت نماز
    _ جنت ڪا طلبگار
    ڊاڪٽر حسن کان علاوه ڊاڪٽر فرحت علي برني جا ڪئسٽ پڻ هئا، جنهن لاءِ پڻ نوراحمد ٻڌايو ته جده يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ڪجهه عنوان جن تي هن جون تقريرون ڪئسٽن ۾ رڪارڊ ٿيل هيون اهي هن ريت هئا:
    _ معاشرتي برائيان
    _ رشتيدارون سه تعلقات
    _ ايمان که تقاضه
    مٿين کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪئسٽ هئس، جن ۾ ڪجهه مولانا ابوعلى مودودي جا هئا ۽ ٻيا قاري محمد اشرف هاشمي (اهميت نماز عنوان تي). حافظ محمد ادريس جا (تحريڪ اسلامي که عالمي اثرات، مومن که سات صفات)، سيد منور حسن جا (نفعه بخش تجارت) ۽ ٻين عنوان تي هيس.
    “هي ڪٿان ورتا اٿئي _؟ “ مون پڇيو مانس. مون سمجهيو ڪراچي مان ڪنهن دڪان تان ورتا اٿس.
    “ هي جدي جي فلاڻي مارڪيٽ ۾ فلاڻي دڪان تا ورتا اٿم.” هن ڏس ٻڌايو، جيڪو مون لاءِ سولو نه هو. جدو شهر اڄ ڪلهه ايڏو وڏو ٿي ويو آهي جو ڪنهن گهٽي گهوٽي ۾ ڪنهن جو گهر يا دڪان ڳولڻ لاءِ هن وٽ مفت جي پيٽرول واري گاڏي هجي، باقي ٽئڪسي ۾ پهچڻ معنى سؤ ريالن جي شاپنگ لاءِ ٿيا پنج سؤ ريال ڀاڙي پٺيان ضايع ڪرڻا. جدي ۽ مڪي جي اهم رستن تي وري به بس هلي ٿي. سعودي عرب جي باقي شهرن ۾ بس سروس ڪانهي. جيڪا يورپ آمريڪا توڙي اسان جهڙن ملڪن ۾ شروع کان آهي. هتي سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي فئڪٽري يا آفيس جي بس ۾ چڙهي وڃن ۽ موڪل مهل اها کين خاص خاص هنڌن تي لاهي. پر جي اها ڪمپنيءَ جي بس يا ڪوچ ڇڏائجي وڃي يا پنهنجي پرائيويٽ ڪم لاءِ ڪيڏانهن وڃڻو آهي ته پنهنجي گاڏي ڪڍو (جيڪڏهن اٿانوته) يا ڪنهن دوست کي منٿ ميڙ ڪريو. پر جيڪڏهن توهان مزور طبقي سان تعلق رکو ٿا ۽ ننڍي کنڊ جا هتي نوي سيڪڙو ڪم ڪندڙ پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا جن وٽ نه پنهنجي گاڏي آهي نه سندن ڪنهن دوست هم ساٿيءَ وٽ آهي _ پوءِ انهن لاءِ اهوئي طريقو آهي ته رستي تي ٿي بيهن ۽ لنگهندڙ کان لفٽ وٺن.
    سعودي عرب جي شهرن جي رستي تي بيهڻ سان يڪدم لفٽ مليو وڃي. وڏا وڏا عرب به اچيو گاڏي بيهارين، پر ان لفٽ جا ٻه يا ٽي ريال وٺن. ڪڏهن ته هڪ ريال ۾ به سرچيو وڃن. ڪيترن هنڌن ۽ رستن تي ڳوٺن جا عرب ٻن سيٽن واري پڪ اپ کڻيو سڄو ڏينهن پيا شهر ۾ ڊوڙائين. رستن تي بيٺل مسافرن کي به کڻن ته سندن بار به ڍوئين. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏا وڏا امير عرب امپالا، شيورليٽ، بيوڪ جهڙين وڏين گاڏين وارا به توهان کي لفٽ ڏئي ٻه ريال يعني سترهن رپين کن جي گهر ڪندا. هو کڻي ڪيترو به امير هجن پر سوچيندا هوندا ته خالي گاڏي ۾ ٻه ٽي ڄڻا وهارڻ سان ست اٺ ريال مفت ۾ مليو ٿا وڃن جن مان سگريٽ چانهه جو خرچ نڪري ويو ته به سٺو. جيئن ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ امير امير گهرن جون زالون جهونا پراڻا وٺڻ واري کي پراڻيون گڏ ٿيل اخبارون وڪڻندي نظر اينديون آهن ۽ رپيو اڌ في سير تي مٿي اوڳارڻ تي بيٺيون بحث ڪنديون آهن.


    ڪنڊياري جون هوٽلون

    ڊرائيور گاڏي ڍري ڪندي رستي جي ساڄي لين ۾ اچي هيٺ ڪچي تي لٿو. رستي جي ٻنهي پاسي مسافرن جي ساهي پٽڻ لاءِ هوٽلون هيون. سعودي عرب ۾ آمريڪا، سئيڊن ۽ دبئي وانگر ساڄي پاسي گاڏي هلائبي آهي ۽ ڪار ۾ Steering Wheel کاٻي پاسي ٿئي ٿو. سعودي عرب ۾ اڌ کان وڌيڪ وڏين لارين، بسن، ٽرڪن، ٽرالرن ۽ ڪوچن جا ڊرائيور پاڪستان جي پنجاب ۽ صوبي سرحد جا آهن. انهن جي ٿڪ ڀڃڻ، ماني ٽڪي کائڻ، نماز وضو لاءِ يا رات گذارڻ لاءِ هاءِ وي رستن جي ٻنهي پاسن کان ڪيتريون ئي پاڪستاني نالن سان پاڪستانين جون هوٽلون (مطعم)، دڪان (بقاله) ۽ ورڪ شاپ (ورشه) آهن. ڪن ڪن ٽرالرن ۽ ٽرڪن جي پويان “ مان کي دعا جنت کي هوا، . . . . وغيره ڊائلاگ به لکيل نظر اچن ٿا.
    مون رستي جي پاسي تي لڳل بلو بورڊ تي اڳيان پويان شهرن جا نالا پڙهيا. رابغ 30 ڪلوميٽر، جدو 190 ڪلوميٽر، مڪو 210 ڪلوميٽر، ۽ بورڊ جي ٻئي پاسي مديني، بدر ۽ ينبو (ينبع) شهر جو فاصلو لکيل هو. جنهن شهر جي ٻاهران اسان جو ڪوچ اچي بيٺو هو ان جو نالو مستوره هو. جهاز تي فئملي سان گڏ رهڻ دوران يا يورپ جپان ۾ ڪابه عرب فئملي ملندي هئي ته اها منهنجي زال کي سندس هم نام هن شهر جو ٻڌائيندي هئي، جنهن جي معنى خوشحالي چئي وڃي ٿي، جيڪو نالو پاڪستان ۾ ته ايترو عام ناهي، پر ملائشيا ۽ انڊونيشيا ۾ تمام گهڻو آهي.
    آئون هن شهر مستوره ۾ پهرين به پنهنجي عرب ميزبان سان گڏ آيو هوس، جنهن جا ڪجهه مائٽ هتي ۽ ڪجهه هتان کان ويهه پنجويهه ميل پري رڻ پٽ ۽ اهڙي پهاڙي علائقي ۾ رهن ٿا، جتي ڪوبه رستو نه هجڻ ڪري ڪار موٽر پهچي نٿي سگهي. ماڻهو پنڌ وڃن يا وري اٺن تي.
    “ گذريل سال مون به ڪار هتي ڇڏي ڏانچيءَ تي چڙهي انهن پوڙهن مائٽن ۽ اصل ڳوٺ جي رهاڪن سان ملڻ ويو هوس. نه ته هو دل ۾ ڪن ها ته يورپ ۾ رهي آئون پنهنجي اصليت وساري ويٺو آهيان.” حسن ٻڌايو هو. هن اهو به ٻڌايو ته اڃان اڳيان هڪ ڳوٺ آهي. (هن وقت نالو ياد نه پيو اچيم) اتي حضور صلعم جن جي والده دفن ٿيل آهي.
    ڊرائيور جنهن هوٽل جي اڳيان ڪوچ اچي بيهاريو ان جو نالو نوٽ ڪيم : مطعم نعمت ڪده پاڪستان. فندق ۽ مطعم ۾ شايد هوٽل ۽ ريسٽورنٽ وارو فرق آهي. فندق وڏين رهائش وارين هوٽلن جو نالو ٿئي. جيئن فندق حيات، فندق شيرتن وغيره ۽ مطعم فقط کاڌي پيتي جون ۽ اهو لفظ مطعم طعام مان ئي نڪتل هوندو. عربي ۾ ڪيترن اسمن اڳيان (م) لڳائڻ سان انهن جو هنڌ ٿيو وڃي. جيئن سجدو ۽ مسجد، درس ۽ مدرسو، صلو ۽ مصلو وغيره. ڀر واري هوٽل مطعم الوفا به پاڪستانين جي آهي. ٻنهي هوٽلن تي چانهين جا هنڊا چڙهيل ۽ دال ۽ ڪڙهائيءَ جا اڌ ڍڪيل وڏا پتيلا هئا. مسافر، ڊرائيور ۽ هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ سڀ سٿڻ قميص ۾ هئا. اهي ئي پاڪستاني اسٽائيل ٽيبل ۽ ڪرسيون ۽ تڏا هئا. اڳهين ويٺل مسافرن جي رڙ پئي پئي ته پاڻي کپي. پيپسي کپي. پر بئرا پگهريل ۽ مر لڳل گنجين، اٽي لڳل سٿڻن ۾ انهن پهرين آيل مسافرن کي ڇڏي اسان نون آيلن کان آرڊر وٺڻ لاءِ پهچي ويا. اسان جي ڪوچ مان لٿل مسافر دال ڀاڄي نانن يا چانهه جو آرڊر ڏئي ڪنڍي بنا سنداس (ڪاڪوس) ڏي روانا ٿيا. ٻيا اتي ئي جڳ مان ٿڌو پاڻي گلاس ۾ نائي ان سان اتي جو اتي هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙيون ڪرڻ لڳا. پاڪستان مان ڪنهن جي اکين تي پٽي ٻڌي هن هوٽل ۾ اندر ويهاري چئجيس ته سعودي عرب ۾ ويٺو آهين جنهن لاءِ اڄ ڪلهه دنيا اهو ئي چوي ٿي ته آمريڪا جهڙو ماڊرن ٿي ويو آهي ته مونکي پڪ آهي ته توهان جي ان ڳالهه کي بي ڍنگو چرچو سمجهي گار نه ته بجو ڏئي چونداو ته ڪنڊياري يا سڪرنڊ جي بس اسٽاپ جون هوٽلون ڪڏهن کان سعودي عرب ۾ ٿيون آهن.


    ڇو ٿا مونکي پاڻ سان وٺي هلو

    مطعم نعمت ڪده پاڪستان ۽ مطعم الوفا جي ڀر ۾ بقاله وفا ۽ بقاله العرب آهي. رستي جي ٻئي پاسي باقي هوٽلن کان وڏي ۽ سهڻي ريسٽورنٽ (يا شايد هوٽل آهي) جنهن جو نالو ساحل ريسٽورنٽ آهي.
    “ دوده پتي چانهه آهي _ ؟” مون چانهه ٺاهيندڙ پٺاڻ کان پڇيو.
    هن خبر ناهي ڪيتري دير کان کير ۾ ڪڙهندڙ چانهه جي پتيلي جو ڍڪ لاهي ڪوپ سان چانهه ڪڍي ڇاڻيءَ ذريعي گلاس ۾ وجهي ڏني.
    “مهرباني. ڪتني ڪي هي؟ “ مون پڇيومانس.
    “ايڪ ريال ڪي.” هن وراڻيو ۽ سندس هٿ تي ان ئي وقت ڪنگ فهد جي فوٽوءَ وارو هڪ ريال جو نوٽ رکي پنهنجو پاڻ کي آجو سمجيهم. يعني هاڻي جنهن وقت به ڊرائيور هلڻ جي ڪئي، جنهن ڪوچ بيهارڻ وقت ويه منٽن جي Stay جو اعلان ڪيو هو، ته جتي آيو گلاس ڦٽو ڪري هلبو ۽ پوءِ بئري کي ڳولي چانهه جي قيمت ادا ڪرڻ جو کٽراڳ نه رهندو. چانهه جو ڍڪ ڀري ڏٺم. واهه جي ڪڙڪ ٺهيل هئي. عرب دنيا ۾ اهڙي چانهه ملڻ مشڪل آهي. هيءَ ننڍي کنڊ جي خاص Speciality آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ عدن ۽ سنگارپور تائين پکڙيل هئي. بلڪه پاڪستان ۽ هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ ته هن کي سنگاپوري چانهه سڏبو هو. پر هاڻ سنگاپور ۾ تازي کير ۾ چانهه ڪاڙهڻ بدران چانهه جي ڪاڙهي ۾ گهاٽو Condensed کير وجهن جيڪو چانهن کي هيڪاندو مٺو چاش جهڙو ۽ اڇو کير جهڙو بڻايو ڇڏي.
    دل ۾ آيو ته چانهه ٺاهيندڙ پٺاڻ کان پڇان ته اها چانهه ڪيئن ٺاهي اٿئي يا ڪهڙي پتي استعمال ڪئي اٿئي، پر ان قسم جي سوال جي پچر ڇڏي ڏنم جو ٻه ڏينهن کن اڳ ۾ ينبع (ينبو) شهر جي هڪ حيدرآباد دکن جي هوٽل “دکن دربار” ۾ چانهه پيئڻ بعد چانهه جي واکاڻ ڪندي چيم:
    “توهان جي هوٽل جي ڏاڍي سٺي چانهه آهي. ڪيئن ٿا ٺاهيو؟”
    مون سمجهيو ته هو خوش ٿي نه فقط ٻڌائيندو _ جنهن جي ٺاهڻ جو ضرور هڪ عام طريقو ئي هوندو ۽ ان ۾ ڪهڙي وڏي ڪاريگري يا هنرمندي هوندي، هو لکي ڏيڻ لاءِ به زور ڀريندو. پر وڏي ٽانءِ ۾ وراڻيائين:
    “نهين جي يه تو هماري ايڪ خاص رسيپي هي.”
    “ ڌوڙ وڃي پاءِ،” مون دل ۾ چيو. حق تي اسان جي ننڍي کنڊ جو اڇو منهن ٿيو آهي. يورپ، آمريڪا راڪيٽ، ڪمپيوٽر ۽ الائي ڇا ڇا ايجادون ڪري انهن جون واٽون ۽ ترڪيون رسالن، ڪتابن، ريڊيو ۽ ٽي وين ذريعي دنيا جي عوام ۾ عام پيو ڪري ۽ هتي اسان جا مرد توڙي عورتون ٻاجهر جي ماني پچائڻ جي ترڪيب به پيون راز ۾ رکن. بيضو ترڻ کي ڪاريگري پيون سمجهن. وڌ ۾ وڌ ان چانهه ۾ کڻي ڦوٽو، لونگ، مٺي ڪاٺي يا ٻي ڪنهن اهڙي شيءِ جي ذرڙي وڌي هوندءِ _ ان ۾ ڪهڙو زعفران، شيري يا رم، يا ٻيا سورهن مسالا وڌا هوندءِ. چانهه جو گلاس کڻي ڀر واري بقالا (دڪان) ۾ گهڙيس. ان ئي وقت وچينءَ جي ٻانگ هلي رهي هئي. مون سمجهيو ته دڪان بند آهي، پر در کولڻ سان کلي ويو بلڪ ٻه چار گراهڪ ٻيا به بيٺا هئا ته مون کانپوءِ به هڪ ٻيا ٻيا به گهڙيا. دڪاندار ايندڙن کي رڳو ڪڏهن منٿ ميڙ سان ڪڏهن بيزاريءَ سان چوندو رهيو ته خدا جي واسطي دڪان جو در بند ڪري اندر گهڙو. ڇو ٿا مونکي به پاڻ سان پاڪستان وٺي هلو.
    پهرين مونکي سندس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سندس ان جملي چوڻ وقت آئون کانئس سوال ڪرڻ وارو هوس ته شهرن ۾ ته ٻانگ جي پهرين لفظ الله اڪبر ٻڌڻ سان گراهڪن کي يڪدم ٻاهر ڪڍي دڪان بند ڪن ٿا، پر هتي ٻانگ ختم ٿي وڃڻ بعد به خريداري هلي رهي آهي. پر پوءِ دڪاندار کان اهو ٻڌي سمجهي ويس ته هو ڇو اسان کي ٻاهريون در بند رکڻ جي تاڪيد ڪري رهيو آهي. جيئن ٻاهران چيڪ ڪندڙ متاوا (مذهبي پوليس وارو) سمجهي ته دڪان بند آهي. ڪاروبار بند آهي. نه ته ٻي صورت ۾، ٻانگ کان وٺي فرض نماز پڙهڻ دوران دڪان کليو رکڻ يا ڪاروبار قائم رکڻ واري تي پهريون دفعو هڪ هزار ريال ڏنڊ ۽ ٻئي دفعي تي کيس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي ٿو.


    جلدي جانا چاهتا هي

    مون رستي تي کائڻ پيئڻ لاءِ سيون اپ جو دٻو (جيڪو پاڪستان ۾ ٻارهين رپئي ملي ٿو ۽ هتي هڪ ريال جو يعني ساڍي اٺين رپئي جو)، ٻن ريالن جا ٻه ڪٽڪئٽ چاڪليٽ ۽ هڪ ريال جو ڪيڪ پيس وٺي دڪان کان ٻاهر نڪتس. ڊرائيور اڃان ماني کائي رهيو هو.
    “ اڃان ڪيترو وقت آهي هلڻ ۾ _ ؟” مون پڇيو مانس.
    “ بس ويهه منٽن بعد هلون ٿا.” هن ٻڌايو.
    آئون رستو ٽپي ٻي پاسي جي هوٽلن ۽ دڪانن جو جائزو وٺڻ ويس. انهن تي به ڪاروبار هلي رهيو هو. شايد هي مسافرن جي سهوليت لاءِ هجڻ ڪري نماز واري ٽائيم تي به کليل رهن ٿا، جو ٻي صورت ۾ مسافر کي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هونءَ به سفر ۾ نماز مختصر ڪرڻ جي سهوليت مليل آهي.
    آئون پندرنهن ويهه منٽ چڪر هڻي موٽيس. رستي تي اڏامندڙ واري بوٽ اندر گهڙي وئي. بوٽ کي ڇنڊي پير ڌوتم ۽ پوءِ ڊرائيور کان هلڻ جو پڇيم. هن مونکي پير ڌوئيندو ڏسي سمجهيو ته آئون نماز پڙهڻ چاهيان ٿو سو تنهن وڏي دل سان چيو.
    “ سائين ڀلي نماز پڙهو. مونکي به پڙهڻي آهي. اڃان ڏهه منٽ آهن.”
    “اها به ڳالهه صحيح آهي، “ مون دل ۾ سوچيو، “بوٽ ته هونءَ ئي آلو ٿيو ان کان وضو ڪري نماز پڙهي وٺجي.”
    هوٽل جي ڪنڊ ۾ کروت ٺهيل هو جنهن ۾ ٽي ٽي چار چار ماڻهو ٿي نماز پڙهي رهيا هئا. مون، ڊرائيور ۽ هڪ ٻن ٻين نماز پڙهي. الله ڊرائيور جي من ۾ وڌي يا سندس اڳهين اهو پروگرام هو جو نماز بعد وڌيڪ ويهه مينٽ ترسڻ بدران اچي بس (ڪوچ) ۾ ويٺو. ڳڻيون ته هڪ همراهه کٽل جنهن جي خبر سولائيءَ سان پئجي وئي ته فلپينو کٽل آهي، جيڪو ورڪ شاپ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻئي فلپينو وٽ ڪچهري ۾ ويهي رهيو هو. ٻه چار هارن ڏيڻ تي هو وريو ۽ اچي منهنجي ڀرسان ويٺو.
    “ ايئرپورٽ تي خير ۾ هلي رهيو آهين؟” مون کانئس پڇيو، “ڪنهن سان ملڻ لاءِ، ڪنهن کي خدا حافظ چوڻ لاءِ يا تون پاڻ پيو وڃين؟”
    “ آئون پاڻ منيلا پيو وڃان پر خبر ناهي منهنجي اڏام ڪنهن وقت آهي.” هن چيو.
    “ٽڪيٽ تي ڏس. اڏام جو وقت لکيل هوندو.” مون چيومانس.
    “ ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ ڊرائيور وٽ آهي. خبر ناهي ڇو نٿو ڏئي.” هن چيو.
    مون اڳيان ويٺل ڏاڙهي واري نوراحمد کان پڇيو ته هن جو پاسپورٽ وغيره ڊرائيور وٽ ڇو آهي.
    “ اهي ماڻهو جيڪي نوڪري جو مدو پورو ڪري وڃي رهيا آهن يعني (خروج) (ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ) وارا آهن انهن جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ايئر ڪمپني ڊرائيور حوالي ڪندي آهي، جيڪو ايئرپورٽ تي پهچي اهي ۽ ماڻهن جون ٻانهون اميگريشن آفيسر حوالي ڪندو آهي. جيڪو پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻي مسافر کي جهاز واري پاسي ڪندو آهي جيئن اتان هو پنهنجي ملڪ هليو وڃي ۽ سندس لڪي يا ظاهر ظهور ڀڄي سعودي عرب جي سرزمين تي موٽڻ نه ٿئي.” هن مونکي اڙدوءَ ۾ ٻڌايو، جيڪو مون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري هن فلپينو همراهه کي ٻڌايو. اهو پڻ ڊرائيور جي ٻڌائڻ تي اطلاع ڪيومانس ته اڏام ڏهين بجاءِ دير سان ٿيندي.
    رستي تي لڳل بورڊ وٽان لنگهندي مفاصلو پڙهيم. رابغ شهر اچڻ ۾ هاڻ ڏهه ڪلوميٽر هئا. جدي ۾ 170، مڪي لاءِ ٻه رستا ويا ٿي هڪ جدي مان ٿيندو جيڪو اڍائي سؤ ڪلوميٽر هو ۽ ٻيو رابغ شهر کان پوءِ جدي کان گهڻو اڳ کاٻي ڏي مڙي ويو ٿي، جنهن رستي ذريعي مڪو ٻه سؤ کن ڪلوميٽر هو.
    رکي رکي رستي تي ننڍا بورڊ نظر آيا ٿي، جن تي الله اڪبر، الحمد الله، سبحان الله، استغفرالله، بسم الله جهڙا لفظ لکيل هئا. يعني سفر دوران پنهنجو وقت الله جي ذڪر ۾ گذاريو. ڪٿي ڪٿي خبرداريءَ سان گاڏي هلائڻ جي تاڪيد جو بورڊ نظر آيو ٿي، جيئن پاڻ وٽ هاءِ وي تي لکيل آهي.
    The life
    You save
    May be
    Your own.
    يا “ ٻه ٻار اکين جا ٺار،” اهڙي طرح سعودي عرب جي هاءِ وي تي اڪثر هن قسم جا عربي ۽ انگريزي ۾ لکيل بورڊ نظر اچن ٿا:
    السرعته قاتلته _ رفتار قاتل آهي.
    Are you
    Buckled up?
    I am.
    يا “ مونکي رفتار سان پيار ناهي” پيار لفظ بدران دل جي شڪل يعني ابتو “لال پان” ٺهيل. پر رستي تان لنگهندڙ هر گاڏي ڪجهه ٻي ئي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته هتي هر هڪ تيز رفتار چاهي ٿو. هر گاڏي زوڪاٽ ڪندي لنگهي ٿي. جلدي جانا چاهتا هي الله ميان ڪي پاس، منهنجي پويان ويٺل ڪوهه مري جي عارف هڪ تيز رفتار ڪار کي اوور ٽيڪ ڪندي وقت چيو. هڪ ٻيو بورڊ به ٻه ٽي دفعا نظر آيو، جنهن تي ٽن سٽن ۾ لکيل هو “خطر، خفف سرعته، عبور شا حنات” معنى نٿي اچيم، پر سمجهان ٿو ته اهو به رفتار گهٽائڻ لاءِ آهي.


    تنگ آمد جنگ آمد

    وقت گذارڻ لاءِ پٺيان ويٺل عارف سان ڳالهائڻ لاءِ مڙيس. “توهان ڪيتري عرصي کان آهيو؟ مون پڇيو مانس.
    “ پنج ڇهه مهينن کان،” هن وراڻيو.
    “پر توهان ته هن پاسي جا چڱا واقفڪار لڳو ٿا.”
    “ ها. انڪري جو هتي آئي ٽي سال ٿيا اٿم. باقي وقت املج ۾ هوس، جيڪو يمبو کان اڳتي شهر آهي،”
    “ ڇا ڪريو؟ “ مون پڇيو مانس.
    “ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهيان.” هن وراڻيو
    هتي ڪمپنيءَ جو مطلب گهڻو ڪري ڪنسٽرڪشن ڪمپني آهي. هن کي ڪجهه لفظ انگريزيءَ جا ڳالهائيندو ٻڌي چيومانس.
    “ تون مونکي پڙهيل ڳڙهيل لڳين ٿو.”
    “ مئٽرڪ تائين پڙهيل آهيان.” هن وراڻيو. مون دراصل سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ پاڪستانين جي گهڻي Involvement بابت هن جي راءِ وٺڻ چاهي ٿي.
    “ اڄ ڪلهه پاڪستانين لاءِ ٻڌجي پيو ته هو عربن سان جهيڙا ڪن ٿا _ خاص ڪري ڪفيل سان جيڪو کين گهرائي ٿو.” مون پڇيومانس.
    “ سائين ڳالهه ٻڌو، جيترو ماڻهو پاڪستان ۾ ڇهن مهينن ۾ سوچي ٿو اهو هتي هڪ ڏينهن ۾ سوچي ٿو.” هن مونکي ٻڌايو پر مون سندس ڳالهه نه سمجهي.
    “ ڇا مطلب؟” مون پڇيو.
    “ ڏسو! هتي هر هڪ گهر ٻار کان پري تن تنها اڪيلو پيو آهي. ۽ اڪيلو ماڻهو به جي گهمڻ جي خيال کان ڪيڏانهن وڃي ٿو ۽ مالي مشڪلاتون نه اٿس ته پوءِ هو خوش ۽ پرسڪون آهي. پئسو آهي ته ڏينهن ۾ ٻه دفعا به پنهنجي ملڪ فون ڪري ٻارن ٻچن جو حال احوال معلوم ڪري سگهي ٿو ۽ اگهائي سگهائي ۾ دوستن يارن کي چئي هنن جو علاج ڪرائي سگهي ٿو پر هڪ غريب ههڙن ملڪن ۾ اچيو پريشان ٿيو وڃي، پنهنجي پورهئي ۽ پيٽ لاءِ به پريشان ٿئي ٿو ته پٺيان ڇڏي آيل ٻارن لاءِ به. جيڪو هتي پورهيو مزوري ملي ٿي اها به ڏسو ٿا. پورهيو سخت، پگهار تمام گهٽ. ان هوندي به ڀلا مهينو پورو ٿيڻ تي غريب پورهيت کي ان جي پورهئي جو ته اجورو ڏنو وڃي. اهو ته اسلام ۾ به آهي ته پورهيت کي هن جي پگهر سڪڻ کان اڳ پورهئي جو اجورو ڏنو وڃي. پر هتي ڪيترا اهڙا ظالم عرب ڪفيل به آهن جيڪي چار چار پنج پنج مهينا گذرڻ بعد به پگهار پورو نٿا ڏين. وڌ ۾ وڌ کيس سؤ سوا مهيني ۾ ڏين ٿا ته جيئن بک نه مري. ڪجهه کائي جيئرو رهي جيئن پورهيو ڪندو رهي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو هو پٺيان ڇڏي آيل ٻارن جو ويٺو سوچي. قرض کڻي پنجاهه سٺ هزار جي ويزا وٺي هتي جو پهتو آهي ان قرض لاهڻ جون سوچون کيس سمجهڻ نٿيون ڏين. ننڊون حرام ٿيو وڃنس. جسماني، ذهني توڙي نفسياتي طرح هو وڃي Unbalance ٿيندو. پوءِ نيٺ اها حد اچيو وڃي جنهن ۾ نه هو صحيح فيصلو ڪري سگهي ٿو ۽ نه پاڻ تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. پوءِ پگهار ۽ پئسن لاءِ ڪفيل سان تکو ٿو ٿئي ته هو هن سان همدردي ۽ انصاف ڪرڻ بدران وڌيڪ گهٽيس ٿو. پوليس به غريب پورهيت جي نه ڳالهه سمجهي ٿي ۽ نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پوءِ ڪيترا ڪاوڙ ۾ يا پاڻ بچائڻ ۾ عرب سان وڙهن ٿا. نتيجي ۾ سزا به کين ملي ٿي جو هڪ ڌر مضبوط آهي ٻي ڪمزور. ڪمزور پورهيت کي ڀڄڻ تائين جي واهه نه آهي جو هن جو پاسپورٽ ڏاڍي وٽ قابو آهي. پوءِ پگهار ۽ پورهئي کان ته وڃي هليو ويتر هتي جي سخت ۽ گرم جيلن ۾ بيمار ۽ چريو ٿيو پوي. ۽ هو ملڪ به اهڙي جو آهي جنهن جي نه گادي واري هنڌ جا سرڪاري ڪامورا نه سفارت خاني وارا مدد ڪن ٿا ۽ هر ڪو _ اسان جي ملڪ جي سرڪار توڙي دنيا جا ماڻهو اهوئي چون ٿا ته ڏوهه هنن جو آهي. پاڪستاني جهيڙاڪ آهن. پر ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته هڪ غريب جيڪو قرض کڻي ويزا خريد ڪري، ٻارن کي پٺيان اڪيلو ڇڏي هتي ڇا جي لاءِ آيو آهي. هو ڪمائڻ لاءِ آيو آهي وڙهڻ لاءِ هرگز نه. پر هن کي ان راهه تي مجبور آندو وڃي ٿو. تنگ آمد جنگ آمد وارو حساب ٿئي ٿو.” هن ٻڌايو.
    “ ڀلا تون پنهنجي نوڪريءَ مان خوش آهين_؟” مون پڇيو مانس.
    “ سائين سچ پڇو ته هرگز نه. پر هاڻ جو اچي نڪتو آهيان ته ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو. ستر هزار قرض کڻي آيو آهيان هاڻ جيسين اهو لهي. پگهار ايترو گهٽ آهي جو جهڙو تهڙو ٻچن ٻارن جو پيٽ ڀرجي ٿو ۽ ٿورو ٿورو ٿي قرض لهي ٿو. جيڪو وياج جي ڪري اصل ورتل رقم کان ڪافي مٿي ٿيو وڃي.” هن ٻڌايو.
    “ قرض لهڻ بعد ڇا ارادو اٿئي_؟” مون پڇيو مانس.
    “ هڪ سال اڃان وڌيڪ هتي پورهيو ڪندس، ان بعد پنهنجي ملڪ ۾ ئي هلي هٿ پير هڻندس. ايترو پورهيو ڪرڻ تي پنهنجي ملڪ ۾ به پيٽ گذر ٿي سگهي ٿو. ڇو جو هاڻ هن پاسي نه پگهار سٺا رهيا آهن ۽ نه عربن جي اها مضبوط ايڪانامي رهي آهي. شروع سال جيڪي گذاريم انهن ۾ به ڪو حال هو. بهرحال مونکي افسوس ناهي جو آئون جنهن مشن (Mission) هيٺ آيو هوس اها الله جي فضل سان پوري ڪئي اٿم.” هن ٻڌايو.
    “ڪهڙي مشن؟” مون تجسس پڇيس.
    “ مون حج ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ والدين کي حج ڪرائڻ چاهيو ٿي. سو مون پاڻ حج ڪيو. والد صاحب کي گذريل سال حج تي گهرايم ۽ هاڻ ايندڙ سال والده کي حج ڪرائيندس. ان کان علاوه مون قرآن شريف جو تفسير پڙهي پورو ڪرڻ چاهيو ٿي اهو مولانا مودودي جا ڇهه جلد پڙهي پورا ڪيا اٿم. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا حديث ۽ فقي جا ڪتاب پڙهيا اٿم. آئون ان خيال کان بيحد خوش آهيا.” هن ٻڌايو.
    “ ماشا الله. الله توکي وڌيڪ خوش رکي. پاڪستان کان تنهنجي واپس اچڻ تائين آئون جي ينبي ۾ هئس ته ضرور ملنداسين.” مون کيس پنهنجي ائڊريس ڏيندي چيو.
    بس جي ڊرائيور جدي ايئرپورٽ جي ٻاهران لاهي چيو واپسي تي جيڪو مون سان ينبو هلڻ چاهي ته اسان جي ( PIA وارن طرفان) بس هن هنڌ تي توهانکي روز ملندي.


    جدي ايئرپورٽ تي سفر تان موٽندي وقت

    جدي ايئرپورٽ تي به هڪ نفسانفسي وارو عالم هوندو آهي. حج تي ويندي وقت نه پر پنهنجن ملڪن ڏي واپس ورڻ وقت. هونءَ به سفر اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ دوستن ۽ ڀائرن جي به ڪڏهن ڪڏهن کٽ پٽ ٿيو پوي. ڪي ورلي صابرين ۽ وڏي برداشت جي قوت رکڻ وارا ٿين ٿا، جيڪي سڄو سفر خيرخوبيءَ سان ڪري موٽن ٿا. ان ڪري سياڻا چوندا آهي ته سفر تي ڪڏهن به پنهنجي پاڙي واري، مائٽ مٽ يا دوست سان نه نڪرجي. جيئن سفر دوران ڪجهه غلط فهميون يا مونجهارا ٿي پون ته سفر ختم ٿيڻ تي هرڪو پنهنجي گهر وڃي سکيو ٿئي ۽ ان جو اثر هميشه لاءِ قائم نه رهي.
    بهرحال جدي ايئرپورٽ تي خاص ڪري حج کان پوءِ جو نظارو عجيب هوندو آهي. حج تي ويندي وقت هرهڪ کي پورو پنو سامان هوندو آهي. گهران نڪتي اڃان ٻه ڏينهن به نه ٿيا هوندا هرڪو هڪٻئي تان قربان پيو ٿيندو آهي. دل ۾ جايون پيو ڏيندو آهي. پر واپسي تي هڪ مسافري جو ٿڪ هوندو آهي، ٻيو گهر ٻار ڳوٺ جي هر هڪ کي سڪ هوندي آهي، ٽيون هرهڪ سامان سان لڏيل گڏهه هوندو آهي، جنهن کي سامان وٺڻ مهل تي خبر نه پوندي آهي پر پوءِ آخري وقت سنڀالڻ تي حالت هوندي اٿس. هڪ طرف گهڻي وزن جو فڪر جو هوائي جهاز ۾ فقط ويهه ڪلو کڻڻ جي اجازت ٿئي ٿي، تنهن جا ڪا ڪمپني پنجويهه ڪلو ڇڏي ۽ PIA وارا اڪثر ٽيهه به ڪندا آهن. پر ٽيهه ڪلو ۽ پنج اٺ ڪلو جي هئنڊ بيگ تقريباً مڻ بار ٿو ٿئي، جيڪو گهر کان بس ۾. بس کان ايئرپورٽ تائين، وري ايئرپورٽ جي در کان اندر تورائڻ واري ڪائونٽر تائين گهلڻ مهل ڪيترا افسوس ڪندا آهن ته اجايا کڻي ڪن سن ورتاسين. ان جون ڪسرون ڪجهه گهر پهچي ڪڍندا آهن. جڏهن خوش ٿي ٻارن ٻچن مٽن مائٽن ۾ سامان ورهائي بس ڪندا آهن ته معلوم ٿيندو اٿن ته ڪو به خوش ناهي، جنهن کي ٿورو مليو اهو ته وڌيڪ ملڻ جي اميد رکيو ويٺو هو، پر جنهن کي وڌيڪ مليو اهو اڃان به وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو سوچي رهيو هو ۽ هاڻ سڀ منهن سڄايو پيا هلن. “ بکون ڪاٽي، نمازون وڃائي، بار ڍوئي توهان لاءِ ڳولي ڳولي پسند جون اوچيون اوچيون شيون وٺي آيس يا آياسين، پر توهان جو آهي سو ڪروڌ لڳو پيو آهي.” اهڙا ڊائلاگ اڪثر عام هوندا _ چاهي بئنڪاڪ مان ڪو ٿي آيو هجي يا حج عمري تان.
    سامان جي ڪائونٽر تي گهڻو سامان ڏجي ٿو ته معنى مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ ڪارگو جو ڀاڙو تقريباً هزار رپيا في ڪلو جي حساب سان چٽي ڀرڻي پوي ٿي ۽ ڪڏهن افسوس ٿئي ٿو ته ڪيترين شين جي ايتري قيمت ئي نه آهي ۽ وري جي پڪائي ڪري پاڻ سان ڪئبن ۾ کڻڻ لاءِ گهڻو کڻ ته ان تي به هوائي ڪمپنين کي اعتراض هوندو آهي جو هو فقط هڪ ننگ (بريف ڪيس يا ٿيلهو) کڻڻ ڏيندا آهن يا ڪڏهن ٻه به. ان کان وڌيڪ هجڻ تي موٽائي به ڇڏين ٿا (ڪڏهن ڪڏهن. خاص ڪري يورپ پاسي.)
    مسافر لاءِ هڪ مسئلو ٻيو به ٿيندو آهي. سامان گهڻو آهي معنى وڏيون بئگون هٿ ڪر جيڪي کڄن ئي نه. يا کڻ ته ان ئي وقت انهن جا ڪڙا ٽٽا. ۽ جي ڪڙا يا هئنڊل نڪتا معنى ان جهڙي ٻي خواري ناهي _ خاص ڪري جي گهر ڇڏي چڪا آهيو ته، پر جي گهر ۾ ئي ڇڄي پيو آهي ته پوءِ يا هڪوار سامان ڪڍي موچيءَ کان سبرائي اچو يا ڪو وڏو نوڙ يا نئلان جو رسو هٿ ڪري بئگ کي چوکنڀو ٻڌو، جنهن سان توهان جي بئگ ته سوگهي ٿي ويندي ۽ کڻي به سگهندائو، پر پهرين کان کڻڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي ۽ هٿن ۾ جلد لڦون نڪرن ٿيون. ۽ جي سامان ننڍين بئگن ۽ ٿيلهين ۾ بند ڪريو ٿا ته پوءِ توهان جا ٻه غريب هٿ ڇا کڻي ڇا کڻي سگهندا. هتي هندو ڌرم جي اها ديوي هجي جنهن کي ڪيترائي هٿ ٿين. اها ئي توهان کي سامان کڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
    ايئرپورٽ تي پهچي ڪيترن کي پنهنجون ٽڪيٽون، پاسپورٽ يا ٻيا ضروري ڪاغذ ياد ايندا آهن جيڪي گهر وساري ايندا آهن يا اتي ايئرپورٽ تي هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن. ڪي پنهنجو پاسپورٽ ٻئي ساٿيءَ کي ڏئي باٿ روم ويندا آهن، جتان پنهنجن ئي خيالن ۾ اميگريشن چيڪ ڪرائي هوائي جهاز ۾ چڙهڻ واري لائونج کان اچي نڪرندا آهن ۽ پوءِ بنا پاسپورٽ جي نه کين واپس ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ملندي آهي ۽ نه پاسپورٽ جهلڻ وارن کي اندر لائونج ۾ اچڻ جي. پوءِ هونديون اٿن پوليس ۽ اميگريشن وارن کي منٿون. هتي جو پوليس وارو (شرطو) نه مسافرن جي اڙدو، سنڌي، گجراتي، سرائڪي سمجهي نه اسان جا مسافر هتي جي شرطي جي عربي سمجهن.


    هر هڪ مونجهاري ۾

    ڪڏهن ڪڏهن ڌارئين ملڪ ۾ اچڻ مهل (خاص ڪري هتي سعودي عرب ۾ جنهن جي جدي هوائي اڏي تان هي مضمون لکي رهيو آهيان)، پاسپورٽ تي صحيح طرح نمبر نه لڳڻ ڪري واپسي تي موٽڻ وقت اهو ڪئنسل ڪرڻ ۾ اميگريشن واري کي ڏکيائي ٿيندي آهي. سعودي عرب يا ڪنهن به ملڪ ۾ اچڻ مهل مسافر جو نالو. ائڊريس ۽ ٻيا Particulars ڪمپيوٽر ۾ feedڪيا وڃن ٿا، جنهن جو نمبر پاسپورٽ تي هٿ سان، يا Sticker سان يا ٺپي ذريعي هنيو وڃي ٿو. واپسي تي پڪ ڪرڻ لاءِ ته اهو مسافر واقعي پنهنجي وطن روانو ٿيو هن جو نمبر ڪمپيوٽر تي آڻي ڪٽيو وڃي ٿو. ٻي صورت ۾ پوليس هن جي ڳولا ۾ رهي ٿي.
    جدي ايئرپورٽ ۾ گهڙڻ وقت سکر واري فضل قريشيءَ جو هڪ مائٽ محمودالله قريشي مليو. ساڻس گڏ هڪ دوست به هو. هو حج بعد ڪراچي وڃي رهيا هئا. ٿوري دير بعد ايئرپورٽ جي اندرين حصي ۾ محمود الله کي اڪيلو ڏٺم. هو پنهنجي دوست لاءِ سخت پريشان هو، جنهن جو ڪمپيوٽر نمبر هيٺ مٿي ٿيڻ تي هن کي اندر ڇڏي نه رهيا هئا _ جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر خراب هجڻ ۾ اميگريشن واري جو ڏوهه هو. هنن هاڻ ڇپيل رڪارڊ گهرائي ان تي چيڪ ڪرڻ چاهيو ٿي. مون ۽ هن هڪ ٻن آفيسرن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عربن کي جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي. عربن جي ان چريائپ جو توهان جي اندازو نٿا لڳائي سگهوته معنى توهان جو هن پاسي اچڻ نه ٿيو آهي. سک سان گهر ويٺا آهيو. هاڻ ايئرپورٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي ۽ محمو الله جي سامان جي حفاظت به ويٺو ڪريان ته هي مضمون به ويٺو لکان ۽ هو محمود جيڪو مون وانگر صبح کان گهران نڪتو آهي ۽ هن وقت رات جا اٺ اچي ٿيا آهن هڪ پاڪستاني آفيسر سان گڏ هڪ دفعو وري هتي جي پوليس آفيسرن کي سمجهائڻ ويو آهي ۽ هيڏانهن فلائيٽ جو اهو عالم آهي جو وڃي Delay ٿيندي. هاڻ مقرر وقت ڏهين بجاءِ آڌي رات جو هڪ بجي هتان هلندي. جيڪا ڪراچي صبح جو ڇهين ستين پهچندي. ڪلاڪ ٻه ته اتي به ڪسٽم ۾ لڳندو، ان بعد حاجين کي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ پهچي شام ٿي ويندي _ يعني هتي ويٺل ڪيترن مسافرن کي گهر پنهنجن ڪکن ۾ پهچڻ ۾ اڃان به چوويهه ڪلاڪ کپن. اسان جهڙن ملڪن جا ايئرپورٽ، هوائي جهاز، ٽڪيٽ سسٽم وري به آرگنائيزڊ آهن. پر هتي جدي ايئرپورٽ تي ڪن ڪن کي ته خبر به ناهي ته سندن جهاز ڪڏهن ايندو ۽ اچڻ بعد ڪهڙا چڙهندا ڪهڙا رهندا. ترڪي وارا ٽن ڏينهن کان تڏو وڇائي هتي ايئرپورٽ تي ستا پيا آهن. سانجهي نماز بعد انهن مان ٻه ڄڻا : ناجي گونري ۽ حسين ڪرخير، منهنجي ڀرسان اچي ويٺا. نه کين منهنجي زبان سمجهه ۾ آئي نه هنن جي مونکي پر ايترو سمجهيم ته هو چئي رهيا هئا ته هاڻ ته پئسا به وڃن ختم ٿيندا، پر ڪو اتو پتو نه آهي _ هوائي جهاز اچڻ جو. خبر ناهي اسان کي مڪي مان ئي جهاز کڻندو يا رياض مان کڻڻو هوس. مطلب ته ايئرپورٽ تي (خاص ڪري هن جدي جهڙي ايئرپورٽ تي) گهڻا تڻا مونجهاري ۾ نظر اچن ٿا.


    سعودي شرطو ماٺ ۾ آهي

    ڪجهه پوڙها پوڙهيون _ بلڪ تمام گهڻا _ پنجاهه سٺ کن ملائيشيا جي رياست ترنگانو ۽ ڪئنتان جا پڻ ڦري رهيا آهن. ملئي وري اهڙا Slow، سست ۽ ڌيرج وارا ٿين جو ههڙي موقعي تي پنهنجو به وقت وڃائين ته ٻين جو به. هيڪاندو گهڻو Cautious ۽ هيڪاندي گهڻي پڇا ڪندا وتندا. اڇن پٽڪن، جبن ۾ڪارا ڊگها شيدي سوڊان جا آهن. جيڪي وري هيڪاندا Tough ۽ رف آهن ۽ ٿورو گهڻو اسان پاڪستانين وانگر داداگيري کان به ڪم وٺجن ٿا. ايئرپورٽ تي موجود مسافرن ۾ نه فقط حاجي آهن، پر اهي ريگيولر مسافر به آهن، جيڪي هتي نوڪري ڪري هاڻ موڪلن تي پنهنجي وطن وڃي رهيا آهن. انهن ۾ فلپينو تمام گهڻا آهن _ مرد توڙي عورتون. سندن سامان ۽ جسم جي چڱي طرح چڪاس ورتي پئي وڃي. ويندي سندن جوتا به لهرائي Scanning مشين ۾ چيڪ ڪيا پيا وڃن. عورتن کي ڪمري اندر وٺي پوليس واريون عورتون ڪپڙن ۽ جسم جي چڪاس ڪري رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو پوليس کي ڪا اهڙي قسم جي انٽيليجنس رپورٽ ملي هجي جنهن موجب هي چڪاس ڪري رهيا آهن. ڪيترا سوڊاني مرد پٽڪن سان ۽ سوڊاني عورتون اڌ تاڪئي جي وڳي ۾ سامان جون هڙون پنهنجي اڳيان رکي خارطوم وڃڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي هوائي جهاز جو انتظار ڪري رهيون آهن. پهرين هتي لائونج ۾ وهڻ لاءِ ڪرسين تان جهيڙو ٿين ۽ هاڻ پڪ هوائي جهاز ۾ ٿيندن، سامان رکڻ تي. مون ڪڏهن به مسافرن کي هيترو هٿ جو سامان پاڻ سان کڻي جهاز ۾ چڙهندي نه ڏٺو. ڀلي کڻي سيٽ هيٺان رکن، سيٽ مٿان لاڪر ۾ رکن، جوٽن تي رکن پر ان کان به گهڻو آهي. اهڙي هوائي جهاز جو ڪئبن ڪريو به منهن مٿو پٽيندو هوندو. پر اهو به شڪر آهي ته جدي کان خارطوم فقط ڪلاڪ جو سفر آهي. ايئر هوسٽسون به ڏسان پيو ته ڪافي ٿلهيون متاريون ڍڳو پير پيران آهن. هينئر ته ان کي گهڻو وقت ٿيو. گهڻو اڳ پنڌرهن ويهه سال کن اڳ خارطوم کان By Air شايد قاهره آيو هوس. هوائي جهاز ۾ جيتريون سيٽون هيون ان کان وڌيڪ سوڊاني ويهي رهيا. ڇا جا نمبر ڇا جا بورڊنگ ڪارڊ. ڪي ته هوائي جهاز اندر ٻن سيٽن جي قطارن جي وچ واري لنگهه تي پٿر ماري ويهي رهيا. بهرحال اهو اڃان شروع جو دور هو هاڻ ته پڪ اهڙي لٻڙ سٻڙ نه ٿيندي هوندين. پر هي ڪپڙن جا تاڪيا، نئشنل جون استريون، سانيو جون فوڊ فئڪٽريون، بريف ڪيسون، ٿرماس _ سي به ٻه ٻه ٽي ٽي جهاز ۾ ڪٿي رکيا ويندا. ڏسڻ وٽان نظارو هوندو. سامان ڍوئڻ ۾ هي مرد ته مرد پر زالون به پورٽ قاسم جي ڌڪي تي ڪم ڪندڙ مزور جيترو بار کڻيو بيٺيون آهن. سوڊاني زالن جي ٻنهي ڳلن تي اونها چيهڪ آهن، جيڪي خاندان ۽ قبيلي جي نشاني ۽ سڃاڻ خاطر ننڍي هوندي ڏنا وڃن ٿا. هاڻ مڙيئي اهو رواج ڪجهه ڪجهه گهٽجندو وڃي، خاص ڪري شهرن ۾. هڪ ڪنڊ ۾ پٽ تي روس جي مختلف ۽ مختصر رياستن: تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمستان، آذربائيجان پاسي جا حاجي پنهنجي جهاز جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪيتريون ڪرسيون خالي آهن، پر هنن کي پٽ تي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ ۾ وڌيڪ آرام ملي ٿو.
    ٿوري دير اڳ سمهڻي (عشاء) جي ٻانگ آئي. ڪافي ماڻهو نماز لاءِ اٿيا پر اڌ جيترا ويٺا رهيا. عورتن ۾ سوڊاني ۽ ملئي عورتون ڌار جماعت ٺاهي نماز پڙهڻ لڳيون. ڪيترا ماڻهو ايئرپورٽ جي دڪان تان بچيل پئسن جي شاپنگ ۾ مشغول رهيا. فلائيٽون جيئن ته سڀني ملڪن جو Delay ٿي ويون آهن، جيئن PIA جي ڏهين بجي واري هاڻي هڪ بجي آهي، تيئن فلپين جي ساڍي ڏهين بدران ٻي بجي آهي. اهڙي طرح ٻيون. مسافر ويچارا ڇا ڪن. ويهيو ويهيو ٿڪجيو پون ته اٿيو ڪرسين کي ڦيرو ڏين يا باٿ روم ڏي وڃن. بک کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪئنٽين جو رخ پڻ ڪن ٿا ۽ اهڙي موقعي تي ڪئنٽين وارن جي الله ٻڌي آهي، مرضي سان کل پيا لاهين. چانهه جو ڪوپ 6 ريالن (پنجاهه رپئي) جو، تريل پٽاٽن جي پليٽ اٺين ريالن جي _ ان مان ٻين شين جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. حج تي آيل حاجي سڀ امير ته نه هوندا. پر ڪيترا پنهنجي پيٽ لاءِ يا ٻارن ڪارڻ اٿيو ڦاهو ڦڪين. سعودي شرطو ان معاملي ۾ ماٺ ڇو آهي.


    ڀلي سون ۽ چانديءَ سان کيڏن

    ڪئنٽين جي ڀر ۾ سوين پروجيڪٽر بلبن جي روشني ۾ وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور آهي، جنهن جي مختلف سيڪشنن ۾ ڪئميرائون، واچون، عطر، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر، واڪ مئن، پرس، ميڪ اپ جو سامان ۽ ٻيو اليڪٽرونڪ جو سامان آهي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ هڪ ٻن شين جا اگهه پڇيم. خبر ناهي هي ڪهڙا اگهه آهن ۽ ايڏن وڏن اگهن تي دنيا ۾ خبر ناهي ٻيو ڪٿي شيون وڪامن ٿيون. گهٽ ۾ گهٽ سنگاپور، هانگ ڪانگ، دبئي، ٽوڪيو جهڙن هوائي اڏن تي ته ايڏي مهنگائي ناهي ۽ خبر ناهي ڪير ههڙن دڪانن تان خريداري ڪن ٿا. ٿوري دير بعد انڊونيشا ايئر لائين جون ايئر هوسٽس نموندار ٿيون ۽ ان بعد ان جهاز جا پئسينجر هلڻ شروع ٿيا. ملئي ۽ انڊونيشي ماڻهن جي شڪل ۽ زبان ملي ٿي، پر افسوس جو انڊونيشين جي ايڪانامي ايڏي مضبوط ناهي، ان ڪري هو ملئي ماڻهن کان غريب آهن، جنهن جي خبر سندن پوشاڪ مان پئجيو وڃي.
    ٿورو دير بعد ملئي مهانڊن جا ماڻهو ايئرپورٽ جي هن لائونج ۾ گهڙيا. ڇا سندن ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٺا هئا. عورتن توڙي مردن جي هڪ هڪ شيءِ مان سندن اميريءَ جو اظهار ٿيو ٿي. ويندي عينڪون به سون جون هين. يورپ جي اعلى ڪمپنين جا پرس ۽ بئگون سندن هٿن ۾ هيون. ڪير ٿي سگهن ٿا. مون دل ئي دل ۾ سوچيو پر پوءِ سندن هٿ ۾ جهليل جهاز ۾ چڙهڻ جي بورڊنگ ڪارڊ تي برونائي ملڪ جو نشان (Logo)ڏسي سمجهي ويس ته هي برونائي جا آهن. ۽ جي برونائي جا آهن ته پوءِ ڀلي ان کان به اوچا وڳا پائين. جيڪو ملڪ ٽنڊو الهيار تعلقي جيڏو هجي. جنهن جي آدم شماري ڪنڊياري شهر کان به گهٽ هجي ۽ جنهن جي پيٽرول مان ڪمائي پاڪستاني جي سالياني بجيٽ کان ڏهوڻي هجي اهي واقعي روپي ۽ چانديءَ سان رانديون کيڏين. سندن فلائيٽ ۾ به دير هئي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنج ڏهه منٽ هيڏانهن هوڏانهن صوفن تي ويهي مٿين بيان ڪيل ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏي رخ ڪرڻ لڳا. اهو دڪان جنهن ۾ رکيل شين جا ڳرا اگهه ڏسي ڪجهه دير اڳ مون اهو پئي سوچيو ته هن مان ڪير خريداري ڪندو هوندو. هاڻي هي برونائي جا پئسن وارا همراهه پنهنجن ٻارن ۽ مائٽن لاءِ باقي رهيل پئسي مان عطرن جون شيشيون، ڪئميرائون ۽ ٻيو قيمتي سامان جنهن جلدي جلدي ۾ وٺڻ لڳا اهڙي جلدي ۾ ته اسان گجر ۽ گائنٺيا به نٿا وٺون.
    هڪ ڪنڊ ۾ ست اٺ ٻچي ڏاڙهين وارا سادن ڪپڙن ۽ پراڻن چتين لڳل ٿيلهن ۽ ڳوڻن ۾ ٻڌل سامان کي اڳيان رکي اڏام جو انتظار پيا ڪن. کين به PIA ذريعي ڪراچي، ان بعد اسلام آباد ۽ پوءِ مٿي چين وڃڻو آهي. سندن سامان ۾ وال ڪلاڪ ۽ وڏا ٿرماس نظر اچي رهيا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ڪهڙي خيال کان ورتا اٿن. چين ۾ ته اهي شيون جام ۽ سستيون ٺهن ٿيون. پر لڳي ٿو هو ڪنهن اهڙن ڏورانهن جابلو علائقن ۾ رهن ٿا جتي اهڙين شين جا دڪان نه آهن، ان ڪري مڪي مان اهي شيون خريد ڪيون اٿن. ان کان علاوه زم زم جو پاڻي ۽ هرهڪ وٽ هڪ يا ٻه قرآن جون ڪاپيون آهن. ڪئين سال چين ۽ روس ۾ اسلام تي بندش رهي. مسجدون ۽ مدرسا بند ڪيا ويا ۽ هاڻ روس جي ٽٽڻ بعد ماڻهن جون مذهب لاءِ دٻايل خواهشون وري اڀريون آهن.
    ٿوري دير کان پوءِ محمود الله کي ڳولڻ لاءِ اٿيس. جدي جو ايئرپورٽ رياض جيڏو کڻي وڏو نه آهي، پر تڏهن به چڱو خاصو آهي. اڄ ڪلهه حاجين جي ڪري سڄو ٽٻ رهي ٿو. آئون هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڦري آيس، پر محمود جو ڪو اتو پتو نه پيو. هي ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. هاڻ آئون ڪوشش ڪريان ۽ هن ٻنهي همراهن کي ڏسان ته ڪيڏانهن ويا. سامان هڪ پاڪستاني (ڪوهه مري جي همراهه) حوالي ڪيم، جيڪو مون سان گڏ ينبو کان جدي بس ۾ آيو هو.
    هيڏانهن هوڏانهن Search Rescue تي نڪرڻ کان اڳ ڪئنٽين مان پيپسي وٺڻ لاءِ وڌيس ته ڏسان ته محمود ۽ سندس رهجي ويل دوست اتي بيٺا آهن.
    “ ڪريو خبر ڇو ترسايونس؟” مون محمود کان پڇيو.
    “ بس اهوئي جيڪو چيم. عربن سان ڪير پڄي. ڪمپيوٽر سندن خراب مصيبت ۾ اسين. چڱو جو پوءِ ڇپيل ڪاغذ اچي ويا نه ته ڌارئين ملڪ جي ايئرپورٽ تي سر وڃي ها. آئون جي هليو وڃان ته به هو اڪيلو ۽ جي هن ڪري ترسي پوان ۽ پوءِ هن جو ڪيس Clearٿئي ته هن کي چوندا تون ڀلي پاڪستان هل. باقي مونکي وري ويهاري ڇڏين ها ته فلائيٽ ڇو مس ڪئي.”


    ڄڻ ٺارو شاهه جا فقير هجون

    ساڍي يارهين بجي اڙدو ۽ انگريزي ۾ انائونس ٿيو ته پيلي بورڊنگ ڪارڊ وارا يعني PK 237 اڏام وارا پنهنجو ڪارڊ ڏيکاري PIA طرفان مفت ۾ ماني هلي وٺن. يعني ڀت جو سڏ ٿيو. ڪنهن زماني ۾ اڏام اڌ ڪلاڪ به Late ٿيندي هئي ته ماني يا ڳري چانهه، پيسٽري وغيره کارائي ويندي هئي. اها سٺ ۽ ستر جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي. پوءِ اهي فئشن ئي ختم ٿي ويا. مسافر ويري امپارٽنٽ پرسن بدران موري کان نواب شاهه هلندڙ بس جو مسافر سمجهيو وڃڻ لڳو. اڏام کان ٻه چار ڪلاڪ اڳ اچي قطار ۾ بيهي ۽ فلائيٽ Delayٿيڻ جي صورت ۾ ته ويٺو ايئرپورٽ لائونج جي ٽي ويءَ تي اشتهار ڏسي.
    ماني جي سڏ تي ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويا. پنجاهه سٺ ملئي مرد ۽ عورتون جيڪي مون سمجهيو ته سندن هوائي جهاز MAS ۾ وينديون اهي به اچي قطار ۾ بيٺيون ۽ خبر پئي ته PIAجون مسافر آهن. ڪراچي کان پوءِ ڪولالمپور وينديون ۽ اڏام ۾ 800 کن مسافر ويهندا. ماني تي سخت پيهه پيهان رهي. منهنجو نمبر ته بلڪل آخري ڏهن ۾ هو. مس مس مانيءَ جو پئڪ دٻو مليو ته ويهڻ لاءِ ڪا ڪرسي نظر نه آئي. گهڻي دير ڪري مسافر سخت بک ۾ هئا ۽ هر هڪ ڀت ٻوڙ ۽ گوشت جي ڪٽليٽ کائڻ ۾ ائين جنبي ويل هو ڄڻ ٽي وي جي مقابلي پروگرام ۾ سڀ کان اڳ کائي پورو ڪرڻ تي انعام ملندو. ملئي کائڻ جا ڍرڙا آهن اهي به ڏٺم ته وڏا وڏا گرانهه وات اندر ائين وجهندا ويا جيئن مينهن کان ٽپڙ اندر ڪجن. آخر هڪ هنڌان لنگهندي ٻن ڄڻن کي سنڌي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي ڀرسان ويهي رهيس. هڪ موري جو ميهر چانڊيو هو جيڪو اسلام آباد ۾ شبير چانڊيو (غيبي خان چانڊيو جو سيڪريٽري) نڪتو ۽ ٻيو پراڻي سکر جي مسجد حنفي جو پيش امام. هڪ ٻئي جي ڄاڻ سڃاڻ ڪئيسين. شبير مونکي دل ۾ جايون ڏيڻ لڳو. پر آئون صوفا سيٽ تي جيڪا ٿوري گهڻي جاءِ هئي اها Share ڪري ساڻس ويٺس. اهو ٻڌي آئون ٺري پيس ته ميهر چانڊئي نه فقط منهنجا ٻه چار ڪتاب پڙهيا آهن پر رکي رکي انهن جا نالا به ڏيڻ لڳو. سامهون واري ٽيبل تي به سنڌي ويٺل هئا، جن مان هن وقت فقط هڪڙي _ سيد زاهد شاهه جو نالو ياد اٿم جيڪو سکر جو آهي ۽ شايد تعليم جو فيڊرل وزير خورشيد شاهه جو مائٽ آهي.
    ميهر هتي سعودي عرب ۾ ٻه چار دفعا اچي چڪو آهي ۽ هن جو ڪافي ڳوڙهو مشاهدو لڳو ٿي. آئون گهڻي بڪ ڪرڻ بدران سندس ڳالهيون غور سان ٻڌڻ لڳس. هو عربن جي رويي مان خوش نه هو. “کين اهو ماڻهپو نه آهي ته ٻئي کي به انسان سمجهجي ۽ عزت ڪجي. بدو بدو عرب رات وچ ۾ آفيسر ۽ پئسي وارا ٿي ويا آهن ته ٻئي کي انسان ئي نٿا سمجهن. ننڍا ننڍا، ٽرڙا ٽرڙا ڇوڪرا پوليس ۾ آهن. ڪنهن جو حيا نٿا ڪن. آفيشل ڊيلگيشن کي به اها عزت نٿا ڏين. هڪ دفعي اسان بلوچستان جي گورنر سان گڏ سرڪاري دوري تي آيا هئاسين. پوليس ويندي گورنر صاحب جو به خيال نه پئي رکيو. ائين رکائي سان ڳالهائين پيا ڄڻ ٺارو شاهه جا فقير هجون.”
    “ توهان جو ڪو مائٽ مٽ هتي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪونه ڪري.” مون پڇيو.
    “ نه سائين ڪير ڪندو. هنن کي بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا، هندستان جو بيحد غريب ۽ مجبور مزور ملي ويو آهي، هاڻ ايتري گهٽ پگهار تي ڪهڙو سنڌي يا پنجابي پٺاڻ هنن وٽ جيل جهڙي زندگي گذاريندو.”


    • مختصر مختصر

    • سعودي عرب جي مجموعي طور آب هوا تمام سٺي آهي. (بلڪه رڳو هوا جنهن کي Weather چئجي، باقي آب (پاڻي) جو سڄي عرب دنيا ۾ مسئلو آهي. ڏينهن جو گرمي ضرور ٿئي ٿي، پر رات جي وقت خشڪ، ٿڌي ۽ صحت مند هوا لڳي ٿي. بيمار ڪو ورلي ٿئي ٿو. بلڪه ٻاهران آيل بيمار به پاڻ کي صحت مند سمجهي ٿو. پر شرط اهو آهي ته ڏينهن جو اس ۾ هلڻ کان پرهيز ڪري. پاڻ سان ڌوپ ڇٽي کڻي هلي يا مٿي تي ٽوپي تنهن مٿان بوڇڻ، ٽوال، پٽڪو يا ڪو ڪپڙو اهڙي طرح رکي جو نه فقط سندس مٿو چڱي طرح ڍڪجي پر ڪياڙي ۽ ڪنڌ پڻ. ائين ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ کي جهولي ۽ ڏينهن لڳڻ کان بچائي سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب توڙي سنڌ، راجستان يا ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ آفريڪا جا اهي ملڪ جيڪي خط استوا کي ويجهو آهن ۽ Desert يا Semi Desert علائقا آهن اتي ٽوپي يا پٽڪو ٻڌڻ عام آهي، جنهن جو پڇ (آخري ڇيڙو) پٺيان ائين لاڙيو ويندو آهي جيئن ڪنڌ ڍڪجي سگهي.
    سعودي عرب جهڙي وارياسي رڻ پٽ ۾ جتي هوا ته بيشڪ آهي ۽ تمام سٺي پر پاڻي لاءِ ماڻهو ڦڙي ڦڙي لاءِ پيو سڪي. نه آهن عراق، سنڌ مصر وانگر درياهه دجله، سنڌو، نيل نه ملائيشيا انڊونيشيا وارا مينهن. پاڻي اچي ته ڪٿان اچي. ڪٿي ڪٿي چشما آهن جن تي ماڻهن جو گذر ٿيندو هو. هاڻ تيل جي پئسي مان امير ٿيڻ بعد سعودي عرب پاڻيءَ جو بندوبست جتي ڪتي ڪرايو آهي. مشينري جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻي مان مٺو پاڻي الڳ ڪري ٿي ان کي Desalination Plant سڏجي ٿو. اهي مشينون جدي، ينبو ۽ سمنڊ جي ٻين ڪنارن تي هڻي مٺو پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو دور دراز شهرن ۽ ڳوٺن کي مهيا ڪيو وڃي ٿو. اهو پاڻي نج حالت ۾ پيئڻ سٺو ناهي جو ان ۾ تيزابيت رهي ٿي. اهڙي پاڻي ۾ هميشه ڪجهه Chemicals ملائي پوءِ پيئڻ جو ڪم آڻجي ٿو. جهازن تي پڻ ان قسم سان پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پاڻي ٺاهيندڙ ان مشينري کي Fresh Water Evaporatorسڏجي ٿو. سعودي عرب جي پاڻيءَ جي ايڏي تعريف نٿي ڪري سگهجي جو اهو پاڻي هٿرادو ٺهيل آهي ۽ جتي ڪٿي ساڳيو آهي سواءِ انهن هنڌن جي جتي چشمي جو پاڻي آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ان حصي ۾ موجود معدنيات مطابق چئي سگهجي ٿو ته ڪهڙي قسم جو Mineral Water آهي.
    • سعودي عرب ۾ مڇر تمام گهٽ نظر اچن ٿا. ملائيشيا ۽ پاڪستان ويندي آمريڪا (USA) ۾ به مڇر جام آهن. پر هتي بنهه نه برابر آهن. سج لهڻ بعد به ٻاهر اڱڻ تي ويٺو هج يا رستي تي واڪ پيو ڪر مجال آهي جو ڪو مڇر يا جيت جڙو تنگ ڪري. اهڙو سک سئيڊن ۾ هو. سئيڊن جي صفائي سٺائي ۽ Hygienic Condition جو جواب ناهي. ان جو مطلب اهو ناهي ته سعودي عرب ۾ به صفائي سٺائي جو اهو معيار آهي. عربن وٽ جيترو پئسو ۽ سهولتون موجود آهن اوترا هنن جا نه گهر صاف سٿرا آهن ۽ نه گهر کان ٻاهر جون گهٽيون. هونءَ هڪڙو تاجپور يا نصرپور جو رهاڪو جدي يا رياض جي ڪنهن علائقي جو چڪر هڻي اچي ته اهو ضرور تعريف ڪندو جو اسان جي سنڌ جي ڳوٺن يا شهرن جون Sanitary System کان وٺي صحت ۽ صفائيءَ جون حالتون بيحد خراب آهن. باقي هونءَ دنيا جي معيار تي سعودي عرب اوترو صاف سٿرو ناهي جيترو سئيڊن، ناروي، سنگاپور، جپان جهڙا ملڪ آهن. سعودي عرب ۾ مڇرن ۽ جيتن جڙن جو نه برابر هجڻ جو وڏو سبب هتي جي گرم موسم آهي، جنهن ۾ نازڪ قسم جا جيت جڙا زنده رهيو نٿا سگهن. سئيڊن پاسي وري سخت سيءَ ڪري اهڙا جيت جڙا مريو وڃن، پر ساڳي وقت صفائي هجڻ ڪري مک جهڙا ساهوارا به نه آهن. باقي سعودي عرب ۾ نه رڳو عام مکيون پر ڪاريون وڏيون ٿلهيون مکيون به اڏامندي نظر اينديون. انهن گند جي دٻن جي جيتوڻيڪ روز صفائي ٿئي ٿي، پر ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندي انهن مان ايڏي ڌپ نڪري ٿي جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سامهون وارن گهرن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا رهن.
    سعودي عرب جو گهڻو حصو گهم کان بچيل آهي. گهم (Humidity) هوا ۾ موجود پاڻيءَ جي حصي کي سڏجي ٿو. گرميءَ ۾ پگهر نه نڪري ته معنى گهم ناهي. جيئن اندروني سنڌ ۾ گهم گهٽ آهي. ڪراچيءَ ۾ گهڻي گهم ڪري جسم جو پگهر نه سڪندو آهي. چٽگانگ جهڙن سامونڊي ڪنارن تي ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته گهم ٿئي ٿي جو ڪپڙا به دير سان سڪن. گهم (هوا ۾ موجود پاڻيءَ جي ڦڙن) ڪري بسڪيٽن جو پاڪيٽ کولڻ بعد ڏينهن ٻن ۾ ان ۾ موجود بسڪيٽ آلا ٿيو وڃن. پر سعودي عرب ۾ گهٽ يا نه برابر گهم ڪري بسڪيٽ، پٽاٽو چپس جهڙيون شيون آليون نٿيون ٿين. ان معاملي ۾ سئيڊن جهڙا ملڪ سڀ ۾ بهتر آهن. جتي سيءُ ۽ ٻيو خشڪ هوا ڪري هر شيءِ هر وقت تازي ۽ سوڪ (Crispy) رهي ٿي. پليٽ ۾ کليل بسڪيٽ مهينو رکيا هوندا ته به اهڙا جا اهڙا. لوڻ يا کنڊ کي دٻي ۾ به بند ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مهينن بعد به ان جو ڪڻ ڪڻ ڌار ڌار ۽ سڪل نظر ايندو. نه گهم نه گرمي. نه مڇر نه مک، نه چچي نه چيلاٽو.
    • سعودي عرب لاءِ چيو وڃي ٿو ته Man’s World آهي يعني جتي ڪٿي مرد ئي مرد نظر اچي ٿو ۽ مرد جي ئي هلي ٿي. عورت پڙدي ۾ گهر اندر ئي گهڻو وقت گهاري ٿي. جدي، رياض، دمام جهڙن شهرن جون ٽيليفون ڊئريڪٽريون کولي ڏسان ٿو ته رڳو مردن ئي مردن جا نالا نظر اچن ٿا. ڪٿي به ڪو مريم، زيب النساءِ، الهه بچائي يا الهه وسائيءَ جو نالو نظر نٿو اچي، رڳو بچايا ۽ وسايا نظر اچن ٿا.
    • هتي سعودي عرب ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڪستانين سان ملي کائن خير عافيت پڇندو آهيان. گهڻي ڀاڱي پاڪستانين کي هتي جي عربن سان شڪايت آهي ته هو ڪنهن جا به همدرد نه آهن. خاص ڪري پاڪستانين سان ته هنن جو وهنوار سٺو ناهي. عربن وعدي جا توڙي ڏيتي ليتي جا سٺا نه آهن. عرب سان گڏ نه واپار ڪجي نه ڪنهن عرب وٽ نوڪري ڪجي.
    پهرين ڏينهن کان اهي ڳالهيون ٻڌي مونکي عجيب خيال ايندا هئا ته آيا هتي سعودي عرب ۾ رهجي يا هليو وڃجي. وري عربن جون اهي ڳالهيون پنهنجي دوست حسن سان ڀيٽيندو هوس ته هو ته مونکي بلڪل مختلف لڳندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ويٺل ٻن ٽن پاڪستانين ۽ انڊين کي چيم ته مونکي ان تي يقين نٿو اچي ته عرب اهڙا آهن.
    “ ان ڪري جو،” انهن مان هڪ ٻڌايو، “جنهن عرب وٽ تون رهين ٿو اهو پڙهيل ڳڙهيل آهي. هڪ تعليم يافته ۽ جاهل عرب ۾ وڏو فرق آهي.”
    ۽ پوءِ ٿورو عرصو وڌيڪ رهڻ تي ئي محسوس ڪيم ته اها حقيقت آهي ته پڙهيل ڳڙهيل عرب بهتر ماڻهو آهي. نه فقط پڙهيل ڳڙهيل پر اهو جنهن کي سٺو Exposure مليو آهي، جيڪو دنيا جي سٺن ماڻهن سان اٿيو ويٺو آهي. ڪيترا عرب جن دنيا جو صحيح طرح جائزو نه ورتو آهي، اهي ته اهوئي سمجهن ٿا ته ايشيا جا ماڻهو _ خاص ڪري پاڪستان، هندستان، سري لنڪا، بنگلاديش جا اسين بنهه ڄٽ ۽ بکيا آهيون، جن کي مهيني ۾ ست اٺ سؤ ريال ڏيڻ به هنن لاءِ وڏي ڳالهه آهي جو ڄڻ پنهنجي ملڪ ۾ اسان کي ڪجهه به نٿو ملي ۽ قدرت اسان کي اٺن، گڏهن وانگر پئدا ڪيو آهي جن کان مزوري ۽ بار کڻائڻ جهڙا ڪم وٺجن. کائڻ ۽ رهائش لاءِ جهڙو تهڙو جيڪي اچي سو ڏئي ڇڏجين.”
    • عرب دنيا ۾ ست ۽ ستر جو انگ گهڻو ڪري “ گهڻائي” لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪو چوي ته ٻئي وٽ ستر اٺ آهن. يعني هن جو مطلب اهو ناهي ته هن وٽ ٽيهه گهٽ سؤ اٺ آهن. پر هن جو مطلب اهو آهي ته هو امير آهي ۽ هن وٽ ڪيترائي اٺ آهن. (جن جو تعداد ستر کان گهٽ يا وڌ به ٿي سگهي ٿو) اهوئي مطلب ستن جي انگن سان آهي جيڪو اسان وٽ سنڌ ۾ به ساڳي مطلب لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيئن چئبو آهي ته ‘ شل ست پٽ ڄمنئي‘ _ مطلب ته گهڻائي پٽ ڄمنئي.
    • عرب ڳالهه ڳالهه ۾ الحمدالله، سبحان الله ۽ خاص ڪري تعريف بعد ماشاالله چون ٿا. چوندا فلاڻي جو پٽ ڏاڍو سهڻو آهي يا فلاڻي جو گهر تمام وڏو آهي، پوءِ يڪدم ماشاالله چوندا. ان ڏينهن مديني ويندي ڪار ۾، اسان جي ميزبان عرب حسن پنهنجي زال آسيه کي چيو:
    “ الطاف پاڙي جي ٻارن کان ٻه ٽي سوال پڇيا ڪنهن به صحيح جواب نه ڏنو سواءِ پنهنجي پٽ احمد جي.”
    اهو ٻڌي اُم احمد (يعني آسيه) فخر مان چيو:
    “ ٻيو نه ته وري. آئون ته اڳهين توکي چوندي رهان ٿي ته پنهنجو پٽ احمد بيحد هوشيار آهي.”
    احمد جيڪو پڻ اسان سان گڏ هو تنهن پنهنجي ماءُ جي جملي ختم ٿيڻ تي يڪدم چيس : “ امان ماشاالله ته چئه.”
    • اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو هر ڳالهه جو حد کان وڌيڪ ردِ عمل ڏيکاريون ٿا. بيحد جذباتي ثابت ٿيا آهيون. خاص ڪري مذهب جي معاملي ۾ ته اهي ڪم ڪريو وهون جو خود مسلمان ملڪ اسان تي کلن ٿا. مونکي اهو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڪيتريون مذهبي ڳالهين ۾ هي عرب ملڪ اها ئي روزمره جي نارمل زندگي گذارين ٿا ۽ ماٺ ۾ رهن ٿا. اسان ئي واويلا مچائيندا رهون ٿا. اسان جي ئي ملڪ ۾ پوليس لاٺي چارج ڪري ٿي ۽ آخر ۾ نتيجو اهوئي نڪري ٿو ته اسان جا ئي ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا. اسان جي ئي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم ٿئي ٿو.
    اڄ ڪلهه چرار شريف وارو واقعو دنيا جي مختلف ٽي وي اسٽيشنن تان ٻڌايو پيو وڃي. ان جي ظلم جون خبرون سڄي دنيا ڏسي ۽ ٻڌي رهي آهي. چرار جنهن ۾ درگاهه حضرت شيخ نورالدين ولي ۽ جامع مسجد کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترا مسلمان سڙي ويا آهن. ان ظلم جي خلاف پاڪستان ۾ آواز اڀاريو ويو پر چند ميل هيڏانهن سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ۽ عرب ملڪن ۾ ڪو به خاص ردِ عمل نه ٿيو آهي. ڄڻ دنيا جي ٻئي ڪنهن مسلمان جو ان ظلم ۽ بي عزتيءَ سان واسطو ئي ناهي. اهو ڄڻ ته هندستان جي گهرو معاملي جي ڳالهه هجي. پر جي دنيا جي ٻين عرب ۽ مسلمان ملڪن جو واسطو آهي ته به ان لاءِ ڄڻ پاڪستان منهن ڏيڻ لاءِ ويٺو آهي. فقط ناراضگيءَ جي اظهار لاءِ بيان طور ٻه اکر به نٿا چون. انڊيا ۾ مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي بي عزتي پئي ٿئي، پر هيڏانهن روز اخبارن ۾ فوٽا پيا ڏسجن ته عرب وزير يا سلطان هندستان جي سفير يا ٻين اهم هندستاني ماڻهن سان گڏ دعوت ۾ بيٺا آهن. هندستان طرفان ٺهيل هوٽل يا ڪنهن ٻئي واپاري پروجيڪٽ جي ڪو عرب شهزادو يا وزير رسم افتتاح پيو ڪري.
    انڊيا اسلام ۽ مسلمانن سان هيڏيون تعديون ڪندو وتي، پر اڄ به سعودي عرب، دبئي، ڪويت ۾ پاڪستان کان وڌيڪ تعداد ۽ ڌنڌي ۾ انڊيا جا ماڻهو آهن ۽ هتي جا عرب هندستان جي اسان کان وڌيڪ عزت ڪن ٿا. انهن سان دوستي رکن ٿا. پر ان ۾ اسان کي واويلا ۽ منهن مٿو پٽي عربن کي ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجي حڪومت کي ڏجي جنهن جا سفارت خانا ملڪ لاءِ ڪو خاص ڪم نه پيا ڪن. ڪو سٺو اميج نه پيا ڏين.
    هڪ عرب کي چيم : هندستاني حڪومت اتي رهندڙ مسلمانن کي هيئن مارائي رهي آهي، پر توهان ڪو جلسو جلوس يا هنگامو هڙتال نٿا ڪريو. اسان ڏسو ڪيڏو گوڙ ٿا ڪريون.”
    مون ڏي غور سان نهاري جواب ڏنائين: “منهنجي خيال ۾ ته اهو صحيح ناهي. هندستان ۾ چار مسلمان مري ويا، ان جي احتجاج ۾ سڄي پاڪستان ۾ گوڙ ٿيا. پوليس نڪري آئي. ماڻهن انهن تي پٿراءُ ڪيو. پوليس گولي هلائي. ڪجهه گولين ڪري، ڪجهه چپجڻ ڪري پنڌرهن کن ماڻهو مري ويا. چئن مسلمانن جي مرڻ تي پاڪستان پنهنجا پنڌرهن مسلمان يا هندو ماري ڪهڙي کيپ کٽي؟ اها ساڳي ڳالهه ڊپلوميسي سان به مڃرائي سگهجي ٿي. هڪ ڏوهه جو جواب ان کان وڏي ڏوهه سان ڏيڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي؟ انڊيا جيڪڏهن مسجد ۽ مسلمان شهيد ڪيا ته ان جي سزا هڪ ٻئي انسان کي ته نه ڏجي، ڀلي کڻي اهو هندو هجي. توهان جي ملڪ کان وڌيڪ هندو ته سعودي عرب ۾ رهن ٿا، پر انهن کي مارڻ ۽ گهر ساڙڻ ۾ ڪهڙي اسلامي خذمت آهي؟”
    • عرب ڪو بيوقوفي جهڙو ڪم ڪري ٿو ته اسان جا ماڻهو (ايشيا جا) توڙي يورپي گورا اهوئي چون :
    “ اهي عرب بدو آهن سو بدوئي رهندا.”
    بهرحال هنن کي منهن تي نه چون پر پنهنجي منهن چون.
    مونکي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته ڪيترا عرب ٻين عربن کي ڄٽ چوڻ لاءِ پڻ ساڳيو لفظ بدو استعمال ڪن ٿا. ڪو عرب جڏو يا بيوقوفي وارو ڪم ڪندو ته ٻيو کيس چڙ مان بدو چوندو _ جيئن انگريزيءَ ۾ ڪنهن کي Stupid چئجي.
    • جدي ۾ اسان حسن جي ماسيءَ جي گهر رهياسين. ان جو مڙس سعودي عرب جي ايئر فورس ۾ آهي. ڪنهن زماني ۾ هو ڪراچي جي ڪورنگي ايئرفورس بيس ۾ به ڪم ڪري ويو آهي يا شايد فقط ٽريننگ لاءِ آيل هو. سعودي عرب جا ڪيترائي فوجي پاڪستان ۾ تعليم ۽ ٽريننگ لاءِ اچن ٿا. کيس ڪجهه ڪجهه اڙدو به آئي ٿي. مونکان منهنجي ڳوٺ جو پڇيائين.
    “دراصل منهنجو ڳوٺ ڪراچي کان پري آهي.” مون ٻڌايومانس.
    “ تڏهن به ڪهڙو آهي، ڇو جو آئون سڄي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پڻ رهيو آهيان.” هن ٻڌايو.
    ان بعد پاڻ ٻڌائين ته هو سنڌ جي سکر ۽ جيڪب آباد شهرن ۾ ڪجهه عرصو رهيو آهي. پاڻ جنرل ضياالحق مان تمام گهڻو متاثر هو.
    “ توهان جو هڪ زبردست ليڊر هليو ويو.” هن چيو.
    “ ڪهڙو؟” مون پڇيو.
    “ ضياالحق. هن آمريڪا سان واهه جي ويڙهه ڪئي. وڏو ڏاهو ڪانءُ هو. آخري وقت مرڻ کان اڳ به جهاز ۾ ڇڪي آمريڪن سفير کي وهاريائين. گهڻو ئي هن چيو ته ضيا مونکي ڪم آهي پر ضيا نه ڇڏيس. هو هميشه ائين اٽڪلون ڪري موت کي آڱوٺو ڏيکاريندو رهيو پر آخر ۾ آمريڪن به مجبور ٿي پيا.”
    هن ٻڌايو ته سعودي عرب جي حالت اڃان به بهتر هجي ها پر عراق ۽ ايران جي جنگ، ان بعد عراق ۽ ڪويت جي جنگ سندن ايڪاناميءَ کي وڏو ڇيهو رسايو آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته اڄ ڪلهه سعودي عرب حڪومت هر قسم جا هنرمند ۽ پورهيت ڌار ڌار ملڪن مان گهرائي ٿي. نه ته پهرين رڳو ٻن ٽن ملڪن مان آيا ٿي.
    “ ڇو ڀلا _ ؟” مون پڇيو مانس.
    “ عراق سان لڙائي دوران يمنين عراق جو پاسو کنيو. يمن جي حڪومت سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ سڀني يمنين کي اسان جو ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو. هنن اهو سوچيو ته يمنين جي نڪرڻ ڪري سعودي عرب لولو لنگڙو ٿي ويندو ۽ واقعي ائين ٿي وڃي ها جو اسان جي ملڪ جا ڪيترا ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون ڪاروبار هنن جي هٿن ۾ هئا. پر پوءِ خير ٿي ويو. هنن جي وڃڻ تي اسان انهن جي بدلي جا ماڻهو ٻين ملڪن مان گهرائي ورتا. هاڻ ان حادثي بعد اسان هڪ ئي ملڪ جا ماڻهو نٿا گهرايون. هينئر ڊاڪٽر ۽ نرسن جي ضرورت هئي، جيڪي هونءَ اسان مصر ۽ پاڪستان مان گهرائيندا هئاسين پر هاڻ انڊيا، بنگلاديش، فلپين، انڊونيشيا ۽ برما مان پڻ گهرايا. پاڪستان جي به ڪيترن ماڻهن انصاف ڪرڻ بدران عراق جي صدام جو پاسو کنيو هو.” هن شڪايت ڪئي.
    • ان ڏينهن هتي جي هڪ اخبار ۾ خبر آئي ته باحا علائقي جي گورنر شهزادي محمد ابن سعود حڪم جاري ڪيو آهي ته ايندڙ مهيني کان رستي تي هلندڙ رول اٺن کي جهلي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ ڪندي ۽ انهن کي نيلام ذريعي وڪڻي ڇڏيندي. اهو پڻ ته انهن جي مالڪن جي خبر پوڻ تي انهن تي ڏنڊ پڻ وڌو ويندو.
    سعودي عرب ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندي ڪيترن هنڌن تي اٺن جا ڌڻ نظر اچن ٿا. اٺن جا مالڪ به ڏسن ٿا ته انهن کي ڪير چوري ڪندو. اهو ملڪ جنهن ۾ واچ، منڊيءَ جهڙي شيءِ چورائڻ جي به ڪو همٿ نه ٿو ڪري اتي اٺ کي ڪير کڻندو. ان ڪري ڏينهن جا ڏينهن انهن کي بيابانن ۾ ڇڏي پاڻ گهر ۾ وڃيو سکيا ٿين. اُٺ پنهنجي منهن ڪک پن چرندا رهن ٿا. پر جي ڪجهه نٿو ملي ته به هنن ۾ وڏي Stamina آهي. اٺ کاڌي ۽ پاڻيءَ بنا هفتو به جيئرو رهي سگهي ٿو.
    بيابانن ۾ چرندي چرندي اهي رول اٺ پڪي رستي (Main Road) تان به اچيو نڪرن ۽ ٽرئفڪ لاءِ وڏو مسئلو پئدا ڪن ٿا. هڪ دفعو اسان کي به جدي کان رابغ شهر ڏي ايندي مليا هئا. ڪافي دير ٽرئفڪ جئم رهي. ڪي اٺ ته هارن ڏيڻ تي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رستو ڇڏڻ بدران منهن سامهون پڪو رستو وٺي هلندا رهيا. مونکي به ان ڏينهن احساس ٿيو ته هاٿين، ڀولڙن، هرڻن، سرڻين کان اٺ وڏو مٿي جو سور آهي.
    ملائيشيا ۽ سريلنڪا جي رستن تي ڪڏهن ڪڏهن هاٿي نظر اچن ٿا. پر اهي ايترا گهڻا نه هوندا آهن ۽ هاٿي بيحد هوشيار جانور آهي. گهڻو ڪري رستي تان پاڻهي لهيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڳرو جانور آهي. کل به تمام سخت قسم جي اٿس. Head on Collision تي به سندس مرڻ يا چُرڻ محال آهي. توهان ي ئي نقصان رسي ٿو. ناروي ۽ سئيڊن جي رستن تي هرڻين جا ڌڻ نظر اچن ٿا. هرڻ کڻي هلڪو، ننڍو يا گهٽ خوفائتو جانور آهي، پر هن جو ڇال ڏئي رستي تي اچڻ ڊرائيور کي منجهايو ڇڏي. جيئن سعودي عرب ۾ خاص خاص هنڌن تي اٺن جا بورڊ لڳل آهن ته هتان اٺن جي لنگهڻ جي اميد آهي تيئن سري لنڪا ۾ هاٿين جا ۽ ناروي سئيڊن ۾ هرڻن جا بورڊ آهن. ملائيشيا ۾ هاٿين کان علاوه ٻيو جانور جيڪو رستي تان ڪار هلائيندڙن کي تنگ ڪري ٿو اهو ڀولڙو آهي. ڀولڙا هميشه ٽولن ۾ نڪرن ۽ هر هڪ ٽولي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سؤ کان به مٿي ڀولڙا ٿين ٿا. اهي رستن تي يا رستن جي ڪناري ٺهيل هوٽل وارن کان علاوه گهر جي مالڪن کي به تنگ ڪن ٿا. کاڌي پيتي جي شين کڻڻ کان علاوه ٿانو ٿپا به ڀڃيو وڃن. ملائيشيا جي جنهن ڳوٺ ۾ آئون رهندو هوس ان ڳوٺ جي رهاڪن چورن جي ڊپ کان نه پر ڀولڙن جي نقصان کان بچڻ لاءِ سڄي ڳوٺ کي لوهي لوڙهو ڏياريو هو ته اهي اندر نه اچن.
    مٿين جانورن کان علاوه سرڻيون به تنگ ڪن ٿيون، پر اهي ڪار جي ڊرائيورن کي نه پر هوائي جهازن جي پائلٽن کي ئي تنگ ڪن ٿيون. خاص ڪري بمبئي جهڙن شهرن ۾ جتي پارسي ماڻهن جا Tower of Silence آهن، جتي هو مري ويل مائٽ جي لاش کي سرڻن ۽ ڳجهن حوالي ڪن ٿا.
    • سعودي عرب اها سرزمين آهي جنهن تي حضور صلعم جن جنم ورتو. پاڻ آخري نبي صلعم هئا. هيءَ اها ڌرتي آهي جنهن جي پاڪ شهرن : مڪي ۽ مديني کان اسلام شروع ٿيو ۽ دنيا جي سڄي گولي تي پکڙجي ويو. مسلمانن جي حڪومت ڌرتيءَ جي هن خطي کان شروع ٿي، ايران، مصر، هند، سنڌ، چين، اسپين تائين پکڙجي وئي. هڪ اهو به وقت هو جو مسلمانن جو راڄ رومانيا، بلغاريا تائين وڃي پهتو. انگريزن انڊيا تي وڏو عرصو حڪومت ڪئي ته به ٻه سؤ کن سال. هوڏانهن عرب اسپين ۾ اٺ سؤ سال رهيا.
    • ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته سعودي عرب جي غريب ۽ وارياسي ڌرتي جنهن تي ماڻهو پاڻيءَ جي گلاس لاءِ آتو هو، ان جي هيٺان دنيا جي سموري تيل جو ڏهه سيڪڙو ندين ۽ نالن جي صورت ۾ وهي رهيو آهي. اهو ملڪ جنهن جا لالٽين يا ڏيا ٻرڻ لاءِ انڊيا کان حيدرآباد دکن جي نواب طرفان تيل ذرو ايندو هو، اڄ اهو ملڪ ايڏي تيل جو مالڪ آهي جو سڄي دنيا ۾ تيل جا جهاز موڪلي ٿو.
    • سعودي عرب جنهن جا صدين تائين فقط چار پنج شهر مڪو، مدينو، طائف، بدر، جدو، ينبو ڪچين پڪين عمارتن جا ننڍڙا ڳوٺڙا هئا، جن ۾ ايترو به سک ۽ سهوليت (Public Ammentities) نه هئي جيتري تن ڏينهن جي شڪارپور، فتح پور سڪري، سريلنڪا يا برما جي ڳوٺن ۾ هئي. اڄ سعودي عرب جو هڪ هڪ شهر يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن جو مقابلو ڪري ٿو. هتي جي روڊ رستن، هوائي اڏن ۽ اسپتالن جو مقابلو نيويارڪ، لنڊن، جنيوا ۽ پئرس به نه ڪري سگهندو.
    • سعودي عرب جي شهرن جي هيڏي سک ۽ ترقيءَ هوندي به ملڪ جي اڌ آدمشماري بدو ۽ خانه بدوش ٿي رهڻ پسند ڪري ٿي. ڪيترا سعودي عرب جا شهري عمارتن ۾ رهڻ بدران تنبو ڪلهن تي رکي وتن اڻ کٽندڙ ڊيزرٽ ۾ ٻڪريون، رڍون ۽ اٺ چاريندا. ڏهه لک کن هتي جا باشندا هارپو به ڪن ٿا. جتي جتي خيابان يا پاڻيءَ ذرو آهي اتي پوک ڪن. درياهه ۽ ڍنڍون، نارا ۽ نديون ته هن ملڪ ۾ آهن ئي ڪونه ۽ نه وري ڪو مينهن پوي ٿو. ڪوهڪ اڌ ڏينهن ڦڙ ڦڙ پوڻ کان علاوه سڄو سال آسمان بنا ڪڪرن جي نظر اچي ٿو.
    • رياض کان جهاز اڏاميو. رستا گهر، وڻ ٽڻ نظر آيا_ پر فقط ڪجهه منٽن لاءِ جبل تويق لتاڙڻ بعد وري رڻ پٽ ئي رڻ پٽ. واري ئي واري. ڪو گهر نظر نه آيو. ڪو ڳوٺ ڏسڻ ۾ نه آيو. ڪو کجيءَ جو باغ نظر نه آيو. الرب الخالي وارو علائقو سوين ميلن تائين خالي ئي خالي آهي. ڪو ماڻهو ڇيڻو، وڻ ٽڻ، پکي پوپٽ ناهي. سخت بيابان، رڻ پٽ آهي.
    • ينبو ايئرپورٽ تي حسن منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. هو عربي ڊريس ۾ عرب لڳي رهيو هو. سئيڊن ۾ ٻه سال گڏ هئاسين. هڪ ئي پاڙي ۽ هڪ ئي آفيس ۾ هئاسين، پر مون ڪڏهن به هن کي عربي ڊريس پائيندي نه ڏٺو. هر وقت سوٽ ڪوٽ ۾ هوندو هو. اڄ پهريون دفعو هن کي پنهنجي قومي ڊريس ۾ ڏٺم: “ ماڊرنائيزيشن ينبو ڳوٺ جي شڪل بدلائي ڇڏي آهي.” حسن مونکي کيڪاريندي هن شهر بابت ٻڌايو. ينبو (ينبع) ۾ ڄاول، يورپ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ حسن پاڻ کي ٻنهي هنڌ هڪ جهڙو ۽ نارمل محسوس ڪري ٿو.
    • ينبو ماڊرن ٿي ويو آهي، پر ان هوندي به ڪٿي ڪٿي پراڻي تهذيب ۽ ڪلچر جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جمعي نماز بعد مسجد جي ٻاهران پٽ تي لڳايل کاڌن، ڪپڙن، ڀاڄين ۽ سامان جا رنگين دڪان ۽ عرب، سوڊاني ۽ مصري دڪاندارن جو گراهڪن کي سڏڻ لاءِ رڙيون. حسن ٻڌايو ته هي جمعي مارڪيٽون چوڏهن سؤ سالن کان هلنديون اچن. فقط وڪڻڻ وارا ۽ خريدار بدلبا رهن ٿا.
    • اڄ پاڪستان کان آيل ڊان اخبار ۾ آيل هو ته ڪتي جي چڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون اثر نه ڪري رهيون آهن ۽ ڪيترا مريض تڙڦي مري رهيا آهن. دوائون يا ته خراب ٿي چڪيون آهن يا مدي خارج (Expire) ٿيڻ ڪري اثر ڇڏي ويون آهن.
    پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ غير پاڪستاني توڙي پاڪستاني اهڙين خبرن تي تعجب کائين ٿا ته ٻين شين جي کوٽ ۽ خرابي ته پاڪستان ۾ عام ٿيندي وڃي پر دوائن مان به ماڻهو نٿا مڙن. ۽ جيستائين ڪتن جو سوال آهي ته ان تي يورپي ملڪ کڻي تعجب نه کائين جو اتي ڪتو عام پالتو جانور آهي، پر مسلمان ملڪ بيحد حيران ٿين ٿا ته پاڪستان ڪهڙو مسلمان ملڪ آهي، جتي ڪتي جهڙو نجس جانور ائين عام ڦرندو رهي ٿو. ملائيشا ۾ به مسلمانن جي ڳوٺ ۾ ڪتو نظر نه ايندو. شهر ۾ جتي چيني رهن ٿا اتي ڪتا ضرور آهن. پر اهي ماڻهن جا پاليل آهن. انهن جي ڳچيءَ ۾ ڪتي جو رجسٽريشن نمبر هوندو، جنهن مان مالڪ جي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ صحت کاتو وقت بوقت ڪتن جي چڪاس ڪندو رهي ٿو ته آيا انهن جا مالڪ کين باقاعدگي سان ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ گهربل دوائون ۽ سيون لڳرائيندا رهن ٿا يا نه. پر پاڪستان جو نمونوئي نرالو آهي . پاڪستان ۾ ڪي ٿورا هندو رهن ٿا انهن وٽ ڪتا نظر نه ايندا. اهڙي طرح ٿورا عيسائي رهن ٿا. انهن مان ڪي ڪتا ضرور پالين ٿا پر انهن جي صفائي سٺائي جو خيال ڪن ٿا. پاڪستان مسلمانن جو ملڪ آهي. مسلمانن کي ڪتي کان پري رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر دنيا جا رول ۽ بيمار ڪتا گهڻي کان گهڻا پاڪستان جي گهٽين ۾ ملندا.
    هتي سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي شهرن جي انيڪ گهٽين جو چڪر هڻڻ بعد اهو احساس ٿيو اٿم ته هتي ته ڪتا بنهه نه آهن. جدي جي هڪ وڏي مارڪيٽ ۾ هرڻن، مورن ۽ ٻين جانورن پکين سان گڏ ڪجهه اعلى نسلن جا ڪتا وڪامي رهيا هئا، جيڪي دڪاندار ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن جا ڊپلومئٽ وٺن ٿا، يا رڍن، ٻڪرين جي سنڀال لاءِ بدو عرب وٺن ٿا. بهرحال ڪنهن به گهر اڳيان يا گهٽيءَ ۾ ڪوبه پالتو يا رول ڪتو نظر نه آيو اٿم. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڪتا _ خاص ڪري مرضيل ڪتا عام نظر ايندا. شهرن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ آهن. ٻين ڳوٺن جي ڳالهه نه ڪندس پر پنهنجي ڳوٺ هالا جي شايد ڪا گهٽي هجي، جنهن ۾ اهو آزار نه هجي. ٻيو ته ٺهيو مسجدن اڳيان به ڪتا ۽ سندن ڪفتي نظر ايندي. گرميءَ جي موسم ۾ نالين ۾ ويٺا هوندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مان پسيل پڇ لوڏي لنگهندڙن کي کيڪار ڪندا. رهواسين کي هميشه اها شڪايت هوندي آهي ته ميونسپالٽيءَ وارا انهن جو نيڪال نه ٿا ڪن ۽ ميونسپالٽيءَ وارا اهوئي چوندا آهن ته مارڻ لاءِ نڪرون ٿا ته پاڙي جا ماڻهو ڪتا لڪايو ڇڏين ۽ اسان کي پٽين ٿا ته گناهه جو ڪم ٿا ڪريون.
    بهرحال ان هوندي به واسطيدار کاتو ڪتن کي کٽائڻ لاءِ وسنئون نٿو گهٽائي. هڪ اهڙي عملدار ملاوٽ جي دانهن ڪندي زهر لاءِ چيو ته ڪريون سو ڪريون ڇا. ٻه دفعا پئسا ضايع ٿي ويا. هڪڙو ڪتو به نه مئو هجي نج زهر ته اثر ٿئي.
    • عرب دنيا ۾ ڪيترائي سنڌي ملندا. اڄ ڪلهه هتي تيل جو پئسو اچڻ ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو اچي نڪتا آهن. نه ته اڳ زماني ۾، سفر جي ڏاکڙن ڪري گهڻي ڀاڱي ماڻهو فقط هند سنڌ کان ايندا هئا. ڪيترن سنڌين جون وڏيون Contributions آهن _ ادب، تاريخ، ڪلچر ۽ ٻين شاخن ۾، واپار وڙي ۾ به سنڌي صدين کان هتي ايندا رهيا. ڪي هتي رهي هتي جا ٿي ويا. اڄ به سندن پوٽا، پڙپوٽا، يا تڙپوٽا پاڻ کي سنڌي (السندي) سڏائين ٿا. ڪيترن عرب معلمن جي ذات السندي آهي. جدي ۾ هڪ روڊ جو نالو پڻ السندي آهي. مون کي به اوچتو خبر پئي. ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن مان نڪرڻ وقت ڪار کي پويان ڦيرائي مين روڊ تي اچي رهيا هئاسين ته پوئين روڊ تي ان جو نالو شارع السندي پڙهيم.
    • جدي جي دنيا عجيب آهي. صحيح معنى ۾ يورپ لڳي ٿو. نه فقط عمارتن رستن، دڪانن هوٽلن کان پر ماڻهن جي چهرن ۽ پوشاڪ مان به. اسان جي ميزبان جي زال جيڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻين عورتن وانگر پاڻ کي ڪاري برقعي ۾ صفا ڍڪي هلي ٿي. ويندي هٿن پيرن تي به جوراب پائي، سا به جدي پهچڻ تي اهڙي انگريز ٿيو پئي هلي، جو ڇا ڳالهه ڪجي. اها ته وري به پڙهيل ڳڙهيل آهي. نوڪري به ڪري ٿي ۽ يورپ ۾ به رهي آهي. خاص ڪري سئيڊن جهڙن ماڊرن ملڪ ۾ ٻه سال رهي آهي. پر اهي عرب عورتون جيڪي پهريون دفعو ڳوٺان نڪرن ٿيون، سي به ڏسان پيو ته Latest فئشن جي ڪپڙن ۾، لالي، سرخي، روج سان سينگارجي پيون هلن. هو چمچي ڪانٽي سان چڪن ۽ فرينچ فرائيز کائين ٿيون. پاڻ مونکي شرم ٿيو ۽ مون پنهنجي ميزبان کي ٻه دفعا چيو ته آئون پري ڌار ٽيبل تي وڃي ٿو ويهان، پر هن جي زال (جنهن جي منهن تي ته هونءَ به ويهان ٿو) سان گڏ سندس عرب ساهيڙين به اڌ انگريزي اڌ عربيءَ ۾ چيو ته مڙيئي خير آهي. اتي ئي ويٺو هج. ۽ آئون فرائيڊ چڪن بدران ڪا دير عجب کائيندو رهيس ته هي مُليون، مولوياڻيون جيڪي ينبو شهر کان جدي تائين ڪاري برقعي ۾ ويڙهجي سيڙهجي سلطانا ڊاڪو ٿيو پئي آيون سي هن هوٽل وٽ وئن بيهڻ سان برقعا ان ۾ ئي ڇڏي مون سان گڏ هوٽل ۾ ائين داخل ٿيون ڄڻ ڪنهن اسٽيج شو تي فل ميڪ اپ ۾ فلمي اداڪارائون اچن.
    هوٽل جي چوڌاري نظر ڪيم. سڄي هوٽل يورپي عورتن، مردن ۽ هتي (سعودي عرب) جي فئملين سان ڀريل هئي. ان جي معنى تي هتي جيڪي عربياڻيون بنا پڙدي جي ويٺيون آهن انهن مان به ڪيتريون مون سان آيل عربياڻين وانگر ڳوٺاڻيون هونديون. مون ته عرب عورت کي _ خاص ڪري ڳوٺ جي عورتن کي (جيڪي سڄو وقت برقعن ۾ ڍڪيل نظر اچن ٿيون) انهن کي ڄٽ ۽ پراڻي زماني جو سمجهيو ٿي (سواءِ پنهنجي دوست جي زال جي، جيڪا پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ نوڪري ڪري ٿي) پر جدي جي ان ٽرپ بعد مونکي راءِ بدلائڻي پئي. ڇو جو هو ويٺيون کڻي گهرن ۾ آهن، پر سڄو ڏينهن ٽي ويءَ تان يورپ جا چئنل جو ويٺيون ڏسن. نه رڳو يورپ پر ان جي مقابلي ۾ مصر، موراڪو ۽ دبئي ٽي وي پڻ آهي. ايتري قدر جو MBC ، MTV ۽ ZEE ٽي وي تي انهن جي مقابلي ۾ شريف سمجهڻ کپي. اصول موجب سعودي عرب وارن کي فقط پنهنجي ملڪ جا چئنل ڏسڻ کپن جن تان رڳو تقريرون، خبرون، واعظ، فٽ بال راند ۽ ٻارن جا پروگرام اچن ٿا. ڊش ائنٽينا لڳائڻ منع آهي. پر هر هڪ پنهنجي گهر جي کڏ تي اِها لڪائي لڳائي آهي. ۽ ان تي حڪومت اکٻوٽ ڪري ڇڏي. بقول هتي جي هڪ دڪاندار جي جيئن ملڪ جي عوام به خوش رهي ته ملان مولوي به.
    • جدي شهرجا رستا ڪنهن به يورپي شهر جي نون رستن سان ڀيٽي سگهجن ٿا. شهر کي ٽن چئن حصن ۾ ورهائيندڙ ڊگها ۽ ويڪر رستا اتر ڏکڻ ڏي ويندڙ جن کي ٿوري ٿوري فاصلي تي اوڀر اولهه ويندڙ رستا ڪٽين ٿا. جڳهه جڳهه تي رستن جا لکيل نالا ۽ ٽرئفڪ کي سٺي طرح رکڻ لاءِ سگنل بتيون ۽ ويڪرا چوواٽا آهن. هر چؤواٽي (چوراهي) جي وچ تي ڪا نه ڪا رکيل شيءِ. يورپ پاسي اگهاڙين عورتن جا Statues نظر اچن ٿا يا قومي ليڊرن جا بت. پر جدي ۾ ڪنهن چوراهي تي هوائي جهاز رکيل آهي ته ڪنهن تي وڏو گلدستو. ڪنهن تي وڏي سائيڪل ته ڪنهن هنڌ ڪڻڪ جو سنگ، جنهن جي ڊيگهه گهٽ ۾ گھٽ ارڙهن فوٽ ٿيندي ۽ ٽامي يا پتل جهڙي ڌاتوءَ مان ٺهيل لڳي ٿو.
    • جدي يا سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا دڪان هوٽلون ۽ سامان نظر اچي ٿو. پر گهڻي ڀاڱي سڀ Americanized لڳن ٿا. هتي جا عرب آمريڪا کي گهڻو فالو ڪن ٿا. آمريڪا مان گهڻو متاثر آهن. آمريڪا کي سٺو دوست سمجهن ٿا. آمريڪا جي سسٽم جي گهڻي تعريف ڪن ٿا. هڪ روڊ تي ڪيتريون ئي فاسٽ فوڊ جون هوٽلون نظر آيون (شايد Desalination Road تي) ڪينٽڪي، مئڪڊونالڊ، پوپائي، وينڊي، سابارن، پيزا، ومپي وغيره فقط ڪينٽڪي بدران دجاج ڪينٽڪي لکيل نظر اچي ٿو. آئون سوچيندو رهيس ته اهو دجاج ڇا ٿي سگهي ٿو. پوءِ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته دجاج چڪن جو عربي لفظ آهي. دجاج معنى ڪڪڙ. ڊيسيلينيشن روڊ تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جو ڪارخانو Desalination Plant آهي، جنهن تان جدي جي هن رستي تي اهو نالو پيو.
    ينبو ۽ مديني جهڙن شهرن بعد جدو ڄڻ يورپ لڳي ٿو. هر شيءِ ۾ تبديلي اچيو وڃي. روڊ رستا، دڪان هوٽلون ويندي ماڻهو ۽ سندن لباس. جدي ۾ عرب عورتون به يورپي عورتن وانگر ماڊرن لڳن ٿيون. رنگ ته هونءَ ئي اڇو اٿن. هونءَ ننڍن شهرن ۾ ورلي ڪا عربياڻي نظر اچي ٿي. ايندي ته به ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل شڪيل. ويندي منهن ۽ اکين تي به ڪارا رومال ٻڌي عجيب مسخرن وانگر پيون هلنديون آهن جن کي ڌارين ملڪن جا ماڻهو _ يورپي، جپاني ڪورين توري مصر، موراڪو جهڙن مسلمان ملڪن جا ماڻهو تعجب مان ڏسندا آهن.
    جيئن پهرين لکي چڪو آهيان ته مون به کين بنهه ڄٽ ٿي سمجهيو، پر پوءِ جدي پهچي اندازو لڳايم ته عرب عورتون ڪي اهڙيون چريون به نه آهن. گهر ئي گهر ۾ ويٺي ويٺي ٽي وي جا نت نوان پروگرام ۽ فئشن جا رسالا پڙهي پڙهي وڏيون هوشيار ٿي ويون آهن. هو اڃان به وڌيڪ سمارٽ لڳن پر هڪ هڪ جي پويان ڌڻ ٻارن جو هجڻ ڪري منجهيل ۽ پريشان رهن ٿيون. ٿورا ڪي عرب مرد آهن جيڪي ٻارن جي نفسيات، صحت ۽ تعليم ڏي ڌيان ڏين ٿا، نه ته جيئن وڻي تيئن انهن جي ماءُ ڪري. ۽ آئون ڏسي رهيو آهيا ته ننڍي کان وڏي ٻار جي رڙ تي هن کي چاڪليٽ، آئس ڪريم، بسڪيٽ يا ڪو رانديڪو ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ٻار جي مسئلي تي غور ڪرڻ بدران هن کي نت نيون شيون ڏئي کاريو وڃي ٿو. هي هر مسئلو پئسي سان حل ڪرڻ چاهين ٿا.
    • عرب مهمان نوازي به سنڌين جيان آهن. پنهنجي عرب دوست سان جنهن گهر ۾ وڃان ٿو هو کائڻ پيئڻ ۽ رات ٽڪڻ بنا نٿو ڇڏي. ۽ پوءِ نيرن جي ماني هجي يا منجهند رات جي يا ٺلهي شام جي چانهه. ضرورت کان وڌيڪ مهمانن اڳيان رکيو وڃي ٿو. جنهن مان ڪيترو ضايع زيان به ٿئي ٿو.
    هڪ ته هتي جا ماڻهو _ مديني، ينبي، جدي توڙي ٻين شهرن ۾ مهمان لاءِ هر شيءِ ڌار ڌار ٺاهين ٿا. رات جي مانيءَ تي مٺي ۾ جيلي ۽ پڊنگ ٺاهيندا ته هر مهمان لاءِ ڌار ڌار پيالي ٺهندي. يڪو وڏي پيالي ۾ نه ٺاهيندا جنهن مان هر هڪ پنهنجي مرضي مطابق ڪڍي کائي. نتيجي ۾ هڪ طرف ٿانو جو ڍير ٻئي طرف کاڌي جو زيان جو ڪو چمچو اڌ کائي بچايو ڇڏي. اهڙي طرح سلاد، ڌورو، ماکي، چٽڻي ۽ ٻيون شيون. صبح جو نيرن تي به چار پنج مهمان هوندا ته هر هڪ کي ڌار ڌار پليٽن ۾ مکڻ، ڌورو، ماکي، بيضو وغيره ملندو. عورتون ايتري اهتمام سان نه کائين. اهي مردن جي کائڻ بعد ڌار هڪ هنڌ ويهي گهڻو ڪري بچيل سچيل کائين. وڏي ٻڪري جي دعوت هوندي آهي ته به پهرين مرد ماڻهو اوطاق تي يا ڌار ڪمري ۾ کائين. ان بعد بچيل عورتن ڏي روانو ٿئي _ پوءِ ڀلي اهي مرد ساڳي فئملي جا هجن جن کان ڪو پڙدو نه هجي.
    شادين مرادين يا عيدن موڪلن تي ڀائر، پٽ، ناٺي ۽ سؤٽ ماسات اچي گڏ ٿين. پوءِ عورتون ٿانو ڌوئڻ، رڌڻ پچائڻ ۽ چانهن ٺاهي موڪلڻ ۾ رڌل رهن. مرد حضرات پتي راند ڪن، حقو پيئڻ، آڏي ابتي سياست تي بحث مباحثو ڪن. ڦري گري گاريون به آمريڪا کي ڏين ته خوش به آمريڪا مان ٿين. آمريڪي شين جي تعريف ڪن. آمريڪا ۾ گذاريل ڏينهن جون چشڪا ڏئي ڳالهيون ڪن. رات جو هڪ، ٻه ڪڏهن ته ٽي چار ٿي وڃڻ به خير جي ڳالهه آهي. سندن بحث مباحثو يا دنيا جي خبرچار جي ڄاڻ ڪابه اپرائتي نه هوندي آهي. ٻڌڻ وارن جو به وقت جو زيان ته ڪرڻ وارن جو به. نه پڙهن اخبار رسالو نه ڏسن ٽي وي تان خبرون. نه پڙهن ڪتاب نه پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جون اونهيون پُر علم ڳالهيون ٻڌن، سو وائڙي قسم جي عنوانن کان علاوه ٻيو ڇا ويهي ڳالهائيندا. اهو ڪارن جي ماڊلن جون ڳالهيون. اهو هوٽلن جي ڪمرن جي ڊيڪوريشن جون ڳالهيون. جيڪي اسان وٽ به جاهل وڏيرا ويٺا ڪندا آهن. زالون خوش ته سندن مرد وڏي عقل جون ڳالهيون پيا ڪن. رکي رکي ڪو مرد ماڻهو زناني پاسي وڃي حڪم هلائي ايندو. هاڻ ڪافي ٺاهي موڪليو. هاڻ چانهه ٺاهه موڪليو. هاڻ بيضا ۽ ڪواب تري موڪليو.
    هڪ شهر رابغ ۾ هڪ اهڙي عرب دوست جي گهر ڪچهري ۾ رات جا چار ٿي ويا. ان بعد نيرن ٺهي آئي سا به وڏي پئماني واري. منهنجي اوٻاسين جو ڦهڪو هو. آخر گهر جي ميزبان مونکي ڊرائنگ روم جي ڀر وارو ڪمرو کولي ڏنو. آئون ته وڃي ستس باقي همراهن ڪچهري جو وري دور شروع ڪيو. صبح جو ڇهين بجي اک کلي ته به عربيءَ ۾ بحث مباحثا هلي رهيا هئا. (پڪ آمريڪا کي گاريون هونديون) آئون وري سمهي رهيس. اٺين بجي اک کلي ته ان وقت همراهه ستل هئا. ڊرائنگ روم ۾ ماٺ هئي. منهنجي ڪمري جي ڀر ۾ ڪچن هئي، جنهن ۾ صبح ٿيڻ سان ٿانون ڌوپڻ، ٻارن جي دانهن جا آواز شروع ٿي ويا. پوءِ آئون جاڳندو رهيس. رکي رکي ڪنهن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏنگائي کان جهليو ٿي ۽ دڙڪو ڏيئي سڏ ڪيو ٿي : “ تعال هنا. حيوان اجلس.” ٻارن ماٺ ڪئي ٿي ته عورتن هڪ هٺي لڳائي ڪچهري شروع ڪئي. سندن تڪڙو ڳالهائڻ مان فقط ڪي ڪي عربي جا لفظ جهٽي پئي سگهيس تن جي به معنى نه اچڻ ڪري مطلب نٿي سمجهيم، پر عربي زبان جو لهجو enjoy ڪندو رهيس. ساڄي پاسي واري ڀت جي دريءَ وٽ رڍ يا شايد ٻڪر ٻڌل هو، جنهن جو رکي رکي رانڀاٽ اهڙو ته ڪنن ۾ ٻُريو ٿي ڄڻ منهنجي پلنگ جي سيرانديءَ کان ٻڌو پيو هجي.
    صبح جا اٺ ٿي ڏهه ٿيا. ڏهه ٿي منجهند جا ٻارهن ٿيا. اسان وارا سڀ مرد حضرات کونگهرن ۾. اٿڻ جو پري پري تائين ڪو اولڙو نه هو. رات جاڳي بور ٿيس ۽ هاڻ چانهه لاءِ واجهائي رهيو هوس. گهر ۾ رهائش بدران الڳ جاءِ (اوطاق) تي رهائش هجي ها ته ٻاهر نڪري گهٽيءَ جو چڪر هڻجي ها. ڪنهن هوٽل تان ئي کڻي چانهه پيئجي ها. هاڻ چانهه نه پيئڻ ڪري جاڳڻ جو مزو نڪري ويو ۽ ٻڪر جي رنڀن سمهڻ نه پئي ڏنو. هڪ بجي اڳين جي ٻانگ آئي. ان بعد ٻه ٿيا پوءَ ٽي ۽ چار. ان بعد مس مس هڪ هڪ ٿي اٿيو. اوچتو ٻڪري جي ڦاٽ به بند ٿي وئي. خبر ناهي ڪنهن وقت چپ ٿي ويو. ان بعد مانيءَ تي سڄو ٻڪر روسٽ ٿيل ڏسي سمجهي ويس ته اهو ٻڪر ساڳيو آهي جنهن تي ٻي بجي ڌاري ڪاتي ڦرڻ بعد ماٺ ٿي وئي.
    ننڊ مان اٿي جهڙو تهڙو منهن ڌوئي، سڀ ماني تي اچي ويٺا. گهر جون عورتون تيسين خالي ٿيل ڊرائنگ روم ۾ اچي هنڌ بسترا ويڙهڻ لڳيون. ماني کائي اوگرايون ڏئي وري مرد حضرات اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺا ۽ حقي ۽ چانهه جو دور شروع ٿيو ته هلندو رهيو. منهنجي ميزبان دوست ٻڌايو ته هن قسم جي روٽين هر عرب جي گهر ۾ عام آهي. ۽ آئون ان غير ڊسيپلينڊ زندگي تي سوچيندو رهيس ته ان حد تائين وقت وڃائڻ ۽ ان قسم جي Luxury واري زندگي گذارڻ اسان جهڙن ٽين دنيا جي ماڻهن لاءِ جائز آهي يا نه. ڀلي کڻي اهو ملڪ سعودي عرب هجي يا ڪويت. ڀلي کڻي هن وٽ اڻ ميو ناڻو هجي ۽ عياشي جو سامان.
    • سعودي عرب ۾ ڏينهن سج لهڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. سڄو ڏينهن سخت اس ۽ گرمي جي ڪري ماڻهو ٻاهر گهٽ نرڪن. وچين نماز بعد آهستي آهستي ٿي ماڻهو گهرن کان نڪرڻ شروع ڪن. مغرب نماز بعد هتي جي مارڪيٽ ۾ وڏو چهچٽو ۽ رونق اچي وڃي ٿي. هوٽلن، دڪانن ۽ رستن تي ماڻهو ئي ماڻهو (گهڻي ڀاڱي مرد حضرات) نظر اچن ٿا. ڌاريا ته اڪيلا ئي رهن ٿا ۽ سندن زالون پنهنجي پنهنجي ملڪ رهن. باقي عربن جون زالون مردن جي ٻاهر نڪرڻ بعد لڪي لڪي T.V تان پنهنجا دلپسند چئنل ڏسن يا پاڙيواريءَ کان پنهنجي مڙس جي ڪرتوتن جي investigational رپورٽ ٻڌن. جنهن ۾ ڪنڪرنجهه حقيقت ته ڪجهه افسانو هوندو آهي. مڙسن بابت ان قسم جون گلائون ۽ کوجنائي رپورٽون گهر ۾ ڪم ڪندڙ حبشي عورتون ۽ فلپينو ڊرائيور زالن جي ڪنن تائين پهچائين. زالون هر وقت ان خوف ۾ هونديون آهن ته اجهو ٿو سندن مڙس ٻي (يا ٽي) شادي ڪري.
    • سعودي عرب جو ساڄي پاسي وارو اڌ کان وڏو حصو ته واري ئي واري آهي، جنهن کي ار _ رب _ ال _ خالي سڏجي ٿو. باقي اڌ جنهن ۾ مڪو، جدو، مدينو، ينبو، طائف ۽ ٻيا شهر آهن، اهو به واري ۽ ريتيءَ جي ڊٻن جو علائقو آهي. ينبو کان جدي ويندي وقت بس جي دريءَ مان ڏٺم ته رڳو واري ئي واري نظر آئي ٿي. واريءَ جي هڪڙي سمنڊ بعد ٻيو سمنڊ شروع ٿيو ٿي. پري کان ڪنهن ڳوٺڙي ڪنهن بندرگاهه وانگر ڏيک ڏنو ٿي. ننڍيون عمارتون ۽ ٻه چار وڻ جيڪي انهن ڳوٺڙن مان لنگهندي منٽن ۾ گم ٿي ٿي ويا. وري ساڳي ريتي ۽ ريتي. ڊٻون ئي ڊٻون. وارياسا ميدان ۽ ٽڪريون_ جن ۾ ڪٿي ڪٿي ٽٻڪن وانگر سوين چرندڙ ٻڪريون ۽ اٺ! الائي غريب جانور سڪل ڌرتيءَ تان ڇا ڇا چونڊي کائين ٿا. خبر ناهي هيءَ وارياسي ۽ پٿرائين ڌرتي هنن جانورن لاءِ ڪهڙو گاهه پٺو پيدا ڪري ٿي.
    • سعودي عرب جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل مولوي کان پڇيم:
    “ هر روز آدمشماري وڌي رهي آهي. اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟” منهنجو اشارو ڌرتي جي پئداوار ۽ اناج ڏي هو، جيڪو هو چڱي طرح سمجهي ويو ۽ وراڻيائين:
    “ اهو رب پاڪ ئي ڄاڻي ٿو، جنهن انسان توڙي جانور کي پئدا ڪيو آهي. گهڻو اڳ کي ڇڏيو رڳو سؤ يا ٻه سؤ سال اڳ ڏسو ته هن ڌرتيءَ تي ڇا آدم شماري هئي. اڄ جي آدمشماريءَ جو هڪ ننڍڙو حصو هئي. ان وقت جيڪڏهن ڪنهن کي چئجي ها ته 1996ع ڌاري هيتري آدم شماري ٿي ويندي ته هن کي يقين ئي نه اچي ها. ۽ ان تي ته بلڪل نه اچيس ها ته ايترن ماڻهن لاءِ کاڌي ۽ ڪپڙي گنديءَ جو ڇا ٿيندو. پوءِ قدرت جيڪا پئدا ڪري ٿي اها ئي اڳتي جو حساب سمجهي ٿي. جتي آدم وڌندو ويو اتي پوک جا طريقا ماڊرن ٿيندا ويا. گهر ۾ رڌڻ پچائڻ توڙي مشينين جي هلڻ لاءِ ڪوئلو، تيل، گئس ايجاد ٿي ويو. ۽ اهي شيون نه هجن ها ته دنيا جا سڀ وڻ ۽ ڪاٺيون هيستائين ختم ٿي وڃن ها. پر هينئر به ضروري نه آهي ته ڪوئلو تيل گئس هميشه لاءِ هلندو. آخر ته هڪ ڏينهن کٽندو ۽ اها ڄاڻ به قدرت کي آهي ته ان جي ختم ٿيڻ تي يا ان کان اڳ ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون نيون شيون نڪري اچن جيڪي انسان جي ضرورتن جو پورائو ڪن.”
    اڄ ڪلهه موسم ۽ مينهوڳيءَ ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اهڙا هنڌ جتي مينهن نه برابر پوندو هو اتي هاڻ ٿورو ٿورو وسڻ شروع ٿيو آهي. ملائيشيا انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ ايڏو مينهن وسي ٿو جو ملڪ جي ضرورت لاءِ ان جو هڪ سيڪڙو مس آهي. ۽ ان مينهن جو ڪو هڪ ٻه سيڪڙو سعودي عرب يا سنڌ راجستان جهڙي وارياسي رڻ پٽ ۾ وسي وڃي ته اهو فصل ۽ ايترو اناج ٿي وڃي جو ملڪ جي ضرورتن کان به ڪئين دفعا وڌي وڃي. اڄ کان سؤ سال اڳ به ڪنهن سوچيو هو ته هي عربستان اڄ جي صورت اختيار ڪري سگهندو. ڪاري ڏامر جهڙي تيل جي زور تي قدرت هن ملڪ کي هيترو نوازيندي. اڳتي هلي هي ملڪ اڃان به وڌيڪ سکيو ستابو ٿئي يا ڪي ٻيا اهڙا ملڪ جتي اڃان تائين رڃ ۽ سڃو آهي، اتان ڪا اهڙي شيءِ نڪري اچي جيڪا کيس امير بنائي. يا موسم جي ڦيري ڪري هيءَ ڌرتي سرسبز شاداب ٿي وڃي. ٻئي پاسي ڪي سکيا ستابا شهر ۽ ملڪ گهڻي مينهن ۽ سمنڊ چڙهڻ ڪري ٻڏي وڃن. سج جي ٿوري گرمائش ڪري هڪ طرف خط استوائي ملڪ تباهه ٿي وڃن. ٻئي پاسي اتر ۽ ڏکڻ قطب وارن ملڪن جون برفون وٽڙڻ ڪري اهي سرسبز ملڪ ٿي وڃن، جتي اهڙي ۽ ايتري پئدائش ٿئي جيڪا دنيا جي باقي عوام جو پيٽ ڀري سگهي.
    • سعودي عرب ۾ ايترا ته ڌاريان ماڻهو ڪم ڪن ٿا جو ڪيترن هنڌن تي ائين لڳي ٿو ڄڻ سعودي عرب نه پر فلپين هجي. ڪوريا هجي يا انڊيا پاڪستان هجي يا وري مصر هجي.
    رايل ڪميشن جي اسپتال ۾ رڳو فلپينو ۽ فلپينو آهن. نرسون به ته ڊاڪٽر به. ويندي وارڊ بواءِ ۽ صفائي وارا پڻ. ڪو هڪ ٻه انڊين يا مصري ڊاڪٽر نظر اچن ٿا باقي چوڌاري فلپينو ئي فلپينو آهن. پهرين نظر ۾ ته ائين لڳو ڄڻ هيءَ فلپين وارن اسپتال کولي آهي، پر پوءِ خبر پئي ته اها سعودي عرب وارن جي آهي جن ان کي هلائڻ لاءِ فلپينو ٺيڪيدار کي ٻن سالن جو ٺيڪو ڏنو آهي. ان دوست ٻڌايو ته هن کان اڳ هن اسپتال جو ٺيڪو انڊين حوالي هو ۽ رڳو سائوٿ انڊين تامل نظر آيا ٿي. اهڙي طرح اڄ ڪلهه ينبو بندرگاهه جي Maintenance ڊپارٽمينت ۾ رڳو بنگالي ۽ بنگالي نظر اچن ٿا. هونءَ سعودي عرب ۾ سڀ کان گهڻا مصري آهن ۽ هر ڪم ۽ کاتي ۾ آهن. آفيس دڪانن کان ٻني ٻاري ۽ رازي مزور جو ڪم مصري ڪن ٿا.
    • هڪ دفعي لبناني ڊرائيور سان گهر اچي رهيو هوس. رستي تي وقت گذارڻ لاءِ پڇيومانس.
    • “ ڪڏهن آيو آهين _ ؟”
    • “ نو مهينا ٿيا آهن ته بيروت کان هتي آيو آهيان.” هن وراڻيو.
    • “ڪهڙو ڪم ڪرين_؟” مون پڇيومانس.
    • “ Winston سگريٽن جو Salesman آهيان.”
    • “ پگهار ڇا ملنئي_؟” پڇيومانس.
    • “ اڍائي هزار ريال ۽ ڪميشن به.” هن وراڻيو.
    • “ ڪميشن گهڻي ملنئي _ ؟”
    “ ڪميشن هر مهيني نه ملندي اٿم. جنهن مهيني مقرر حد Target کان وڌيڪ سگريٽ وڪڻندو آهيان يعني Sale ٿيندي آهي ان مهيني فائدي تي ويهه سيڪڙو ملندو اٿم _ جيڪو چار پنج سؤ ريال ٿئي.” هن ٻڌايو.
    “ڀلا توکان علاوه ٻيو ڪو لبناني هن شهر ينبو ۾ رهي ٿو _ ؟”
    “ خبر ناهي. مونکي ته اڃان هتي فقط ٻه لبناني مليا آهن.” هن ٻڌايو.
    “ چئبو ته لبناني گهٽ آهن. ڀلا مصري؟” مون سوال ڪيومانس. جنهن جي جواب ڏيڻ کان اڳ پهرين ته پنهنجي سيٽ تان ٿورو اڇليو پوءِ وراڻيائين: ڪاٿوئي ڪونهي. جتي ڪٿي مصري نظر اچن ٿا.” ڪار جو ڊئش بورڊ کولي اشارو ڪيائين. “ان ۾ به ٿي سگهي ٿو ته ڪو مصري ويٺل هجي.” اڳيان رکيل اخبار کڻي چيائين ته “ ان جي هيٺان به مصري هوندءِ. ينبو (ينبع) سڄو شهر مصرين سان ڀريو پيو آهي.”
    “ لبنان جو ڀلا ڇا حال آهي _ ؟ مون پڇيومانس.
    “ ڪو خاص سٺو ناهي. سٺو هجي ها ته پوءِ ڪمائي پورهئي لاءِ هتي نه اچون ها.” هن ٻڌايو ۽ آئون ڪا دير بيروت ۽ طرابلس ۾ پنهنجي ننڍپڻ جا گذاريل ڏينهن جو احوال کيس ٻڌائيندو رهيس، جڏهن لبنان سڀني عرب ملڪن ۾ سکيو ۽ امن وارو ملڪ هو.عرب ملڪن جا امير ماڻهو گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش لاءِ بيروت ۽ طرابلس جي ڪلبن ۽ فائيور اسٽار هوٽلن ۾ ايندا هئا. خريد فروخت لاءِ هتي ايندا هئا. عربي ۽ فرينچ پڙهڻ لاءِ هتي جا اسڪول ڪاليج مشهور هئا. مغرب ۽ مشرق جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي لباس ۾ آزادي سان گهمندا هئا. اڄ اهو بيروت ۽ طرابلس موهن جو دڙو ٿي ويو آهي. اڄ اهو ملڪ کنڊهر ٿي ويو آهي. اڄ اتي جا دڪان ۽ بندر بازاريون ڊٺيون پيون آهن. اڄ اهي ٽورسٽن جا ٽولا نظر نٿا اچن. اڄ ان لبنان ۾ ملڪي رهواسين: عيسائي ۽ مسلمانن ۾ پيار محبت نه رهيو آهي. جهيڙي جهٽي، خونريزي ۽ نفرتن هن ملڪ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.
    • ينبي کان مديني ويندي رستي تي ٻه ٽي دفعا مسافرن ۽ گاڏيءَ جي چڪاس لاءِ پوليس چوڪي اچي ٿي. پوليس چوڪي اچڻ کان اڳ ان بابت بورڊ لڳل آهي، جيئن ڊرائيور اڳواٽ خبردار ٿي وڃي ۽ گاڏيءَ جي رفتار گهٽائي. ان بورڊ تي لکيل عربي جا لفظ ڄاتل سڃاتل، ڏٺل وائٺل يا ٻڌل لڳا.
    “ نقط تفتيش” آئون زور سان پڙهان ٿو. ڪار هلائيندڙ منهنجو عرب ميزبان منهنجي واتان اهي لفظ ٻڌي سمجهيو ته شايد آئون ان جي معنى معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.
    “ نقط تفتيش معنى آهي چيڪ پوسٽ.” هن ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري ساعت خاموش رهي چيو. “ ڪڏهن ڪڏهن عام استعمال ۽ سمجهه ۾ ايندڙ لفظن بدران عربيءَ جا اهڙا لفظ ڪتب آندا وڃن ٿا جيڪي فقط خاص سبجيڪٽن جي ڪتابن ۾ مٿاهن درجن جا شاگرد ئي پڙهي سگهن ٿا. عام ماڻهو ته اڄ جي اخبار ۽ ٽي وي تان انگريزي فلمون ڏسي ڏسي پوليس اسٽيشن يا چيڪ پوسٽ وڌيڪ سمجهي ٿو.
    دل ۾ چيم : “ تو عرب _ سو به هڪ پڙهيل ڳڙهيل عرب لاءِ پنهنجي عربي زبان جا اهڙا لفظ ڏکيا آهن ته اسان ڌارين لاءِ توهان عربن يا ايرانين جا نقط تفتيش، ابر آلود، باهمي ڪشيدگي، مورد الزام، عدم تدبر، مظمرات ۽ ٻيا اهڙا لفظ ڪيترو ڏکيا، منجهائيندڙ ۽ بور هوندا جن سان اسان جي ملڪ جون اخبارون ڀريل رهن ٿيون ۽ ڪالم نگار اهڙا لفظ استعمال ڪري فخر محسوس ڪن ٿا.
    • هتي رهندڙ پاڪستاني کان پڇيم: “ تون پاڪستان جي ٽي ويءَ جون خبرون ٻڌڻ بدران انڊيا جي ٽي ويءَ جو خبرون ڇو ٿو ٻڌين؟”
    “ هڪ ته، “ هن وراڻيو، “ پنهنجي ٽي وي جي خبرن ۾ روزانو اڌ کان وڌيڪ وقت ملڪ جي صدر، وزيراعظم ۽ ٻين خاص وزيرن جي ڪيل تقريرن جا ڊگها ڊگها حصا ۽ دورا ڏيکاري بور ڪن ٿا. . .”
    “ اها ته ڳالهه صحيح ٿو ڪرين، “ مون چيومانس، “ ۽ ٻيو؟”
    “ ۽ ٻيو ته جيڪا خبرن ۾ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي اها اسان جهڙن ماڻهن جي سمجهه ۾ نٿي اچي. ڪيترا لفظ ته اسان اچاري به نٿا سگهون. مطلب سمجهڻ ته پوءِ جي ڳالهه آهي”
    جيتوڻيڪ انڊيا جي خبرن ۾ به ڪي ڪي هندي ۽ سنسڪرت جا ڏکيا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا پر ان جي مقابلي ۾ لڳي ٿو ته اسان وٽ هيڪاندا گهڻا عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ استعمال ٿين ٿا جو ٻڌندڙ جو ڌيان خبر معلوم ڪرڻ بدران لفظن جي معنى ڳولڻ ۾ وچڙندو رهي ٿو.
    • سعودي عرب ۾ تيل جام آهي. سمجهون ٿا. ان ڪري ان سان واسطيدار ڪيتريون شيون سستيون آهن. مڃيون ٿا. اليڪٽرسٽي انهن مان هڪ آهي. پر ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته کنڊ جي ڪارخاني جو مالڪ هر ويلي تي ويهي کنڊ ڦڪي.
    ڪيترن گهرن ۽ دڪانن اڳيان ڏينهن جو به پيون ٽيوب لائيٽون ٻرن. ڪن ڪن دڪانن اڳيان توڙي اندر منجهند مهل به وڏا وڏا مرڪري بلب پيا ٻرن جيتوڻيڪ انهن جي ۽ ايترن سارن بلبن جي روشنيءَ جي رات جو به ضرورت ناهي، جو ايڏي تيز روشني (ڀلي کڻي مفت جي هجي) اکين کي ئي نقصان رسائي ٿي. ساڳيو حال گهرن جو آهي. ڊراينگ روم توڙي بيڊ روم، ڪچن توڙي ڪاڪوس بلبن سان ڀريل نظر ايندو ۽ گهڻو ڪري اڻ ڍڪيل بلبن سان. يعني روشني ڊئريڪٽ اکين ۾ لڳي ٿي. ڪيترن گهرن ۾ جنهن طرف ڏي ٻار ٽي وي ڏسن ٿا ان ئي طرف بلب نظر اچن ٿا. يا سمهي پڙهڻ لاءِ ٽيبل لئمپ رکڻ بدران ڇت ۾ لڳل بلبن جي روشني تي ڪم ٽپايو وڃي ٿو. ان قسم جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکي هڪ عربن تي ڪاوڙيل پاڪستانيءَ چيو: “ عربن کي پئسو ضرور اچي ويو آهي، پر رهڻ جو طريقو نه آيو آهي.”
    • سعودي عرب ۾ مڪاني ڪمپنين مان ڪانو (Kanoo) چڱي خاصي مشهور آهي. سڄو نالو “ يوسف بن احمد ڪانو” جون آفيسون نه فقط سعودي عرب جي وڏن شهرن ۾ نظر اچن ٿيون پر گلف جي ڪيترن ملڪن ۾ آهن.
    “ يوسف بن احمد ڪانو” فئملي بزنيس آهي جيڪو سؤ سال کن پراڻو آهي. هن ڪمپنيءَ جو چيئرمين احمد علي ڪانو آهي، جيڪو يوسف جو پٽ آهي. هنن جو بزنيس اڄ ڪلهه سڄي دنيا سان هلي ٿو، پر خاص آفيسون سعودي عرب جي شهرن: دمام، رياض ۽ جدي ۾، بحرين، عمان، شارجا، دبئي، ابوڌابي ۽ لنڊن ۾ آهن ۽ برانچ آفيسون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن. سندن خاص ڪم ٽريول ايجنسي جو آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڌنڌا، ڪارخانا، فئڪٽريون ۽ آفيسون اٿن. جيئن ته ڪانو شپنگ ايجنسي، ڪانو هيوي مشينري ۽ پارٽس، ڪانو ائڊمنسٽريشن سروس جيڪا آفيسن ۾ فرنيچر ۽ ڪمپيوٽر وغيره مهيا ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙ عملو پڻ. ڪانو وارا Oil-Fields کي پڻ ضرورت جون مشينون ۽ انهن جي مرمت ۽ سروس جي ڪم جو ذمون کڻن ٿا. يورپ جي ڪيترين ڪمپنين سان هو حصي ڀائيوار آهن. ان کان علاوه انشورنس پراپرٽي جو ڪم پڻ ڪن ٿا. بهرحال عرب دنيا ۾ ڪانو فئملي اها ميمڻ فئملي آهي، جيڪي پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ بدران ان کي واپار ۾ لڳائي پنهنجي ڪٽنب ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن ٿا.
    • سعودي عرب ۾ ريتي ۽ سخت گرمي آهي. شهرن کان ٻاهر نڪر ته ميلن جا ميل _ بلڪه سوين ميل ڪو وڻ ٽڻ، ڪو چشمو ڪو گل ٻوٽو نظر نٿو اچي. ڪو پکي پوپٽ يا ڪا مک مڇر نظر نٿو اچي. ڪٿي ڪٿي ڪو ساهوارو نظر اچي ٿو ته اهي اٺ ۽ رڍون آهن.
    • جدي شهر جو چڪر هڻندي شهر جي مختلف گهٽين ۽ رستن جا نالا لکندو ويس. ڪي ڪي رستا شهرن جي نالن تي آهن جيئن ته مدينا روڊ، القاهره اسٽريٽ، فلسطين روڊ، الاندلس روڊ، مڪا روڊ وغيره ڪي ماڻهن جي نالن تي آهن، ڪي سعود فئملي جي حاڪمن ۽ شهزادن نالي، ڪي مذهبي رهنمائن، خليفن، امامن نالي جيئن ته ملڪ عبدالعزيز اسٽريٽ، ملڪ فهد اسٽريٽ، خالد بن وليد روڊ. ٿي سگهي ٿو طارق بن زياد ۽ يوسف بن حجاز روڊ به هجن. امام شافعي روڊ ته هو ۽ ٿي سگهي ٿو امام حنفي، امام حنبلي، امام مالڪي روڊ به هجن. هڪ رستي جو نالو آهي علي بن ابو طالب روڊ. هڪ ٻئي رستي جو نالو پڙهيم: زينب بنت رسول الله اسٽريٽ. جدي جا ڪجهه ٻيا رستا ۽ روڊ جن تان ان ڏينهن لنگهه ٿيو: الحمرا ڊسٽرڪٽ، ڪارنچ روڊ، ستين اسٽريٽ، بلديه اسٽريٽ، پاڪستاني ايمبسيءَ جي اسڪول وٽان پڻ لنگهه ٿيو، جيڪو تاج الدين المڪي اسٽريٽ تي عزيزه ڊسٽرڪٽ ۾ آهي.
    • عربن ۾ رات جو دير سان سمهڻ ۽ ڏينهن جو دير سان اٿڻ جي عادت وڃي ڏينهون ڏينهن وڌندي. مڃان ٿو ته سج لٿي کان پوءِ ٿڌڪار ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ٻاهر نڪري گهمي ڦري ٿو، پر ٻارهين بجي تائين رلڻ يا گهر ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس يا اسڪول ڪاليج ۾ اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ اوٻاسيون ڏيئي پهچڻ نه صحت لاءِ سٺو آهي نه قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ بهتر آهي. ڪيترن گهرن ۾ ته رات جو ٻارهين تائين جاڳڻ ته هڪ عام ڳالهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي يا صبح جا چار به ٿيو وڃن. ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن منجهند جو ٻارهين هڪ بجي اٿن. اڳئين زماني جا عرب عبادت خاطر رات جو اوجاڳو ڪندا هئا ته به صبح جو فجر نماز تي پهچي ويندا هئا.
    رابغ شهر ۾ جنهن عرب دوست عبدالعزيز جي گهر ٽڪيس اهو جيتوڻيڪ مون وانگر جلد ستو، پر ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ جو نالو ئي نه وٺي. آئون پرايو گهر سمجهي سوير ئي اٿي تيار ٿي ويهي رهيس ۽ هاڻ پنهنجي من کي ذري ذري چانهن جا خواب نه ڏسڻ لاءِ ڌتاريندو رهيس. نيٺ ساڍي يارهين بجي عبدالعزيز اٿيو. سوڊاني نوڪرياڻيءَ کي ڪجهه کاڻ پيئڻ لاءِ آڻڻ جو چيو. مونکي پڪ هئي ته ان ۾ چانهن ضرور هوندي جو عبدالعزيز ڪافي عرصو هوسٽن (ٽيڪساز) USA ۾ رهيو آهي ۽ پڪ چانهه جو عادي هوندو.
    قراقري ٽوپي جهڙي مٿي واري ڪاري سوڊاني حبشڻ اڇي ٿالهه ۾ ٻه کير جا گلاس، ڊئنمارڪ ۽ هنگري جا پنير (Cheese) حلاوة ۽ جنبہ، ۽ تمر کڻي آئي. ڳالهه مزو نه ڏنو. صبح جي وقت ساري خدائي ايڪ طرف چائي ايڪ طرف، نيٺ کير جو گلاس کڻي ڍڪ ڀريم ته کٽو کٽو لڳو. اهو ئي سمجهيم ته کريل کير آهي ۽ شڪل ٺاهي گلاس واپس رکيم.
    “ لڳي ٿو کير صحيح ناهي.” مون چيو.
    “ کير ناهي، پر لسي آهي،” عبدالعزيز سمجهايو، “ اسان عربن جي صدين کان اها تهذيب هلندي اچي ته صبح جو اٿڻ سان رڍ جي کير جي لسي ۽ تمر (ڪتل) کائيندا آهيون.”
    صبح کان چانهه نصيب نه ٿي هئي. دماغ اڳهين توائي هو سو ٺهه پهه عبدالعزيز کي چيم: Hell with you” ٻين لفظن ۾ ڌوڙ اٿئي پئي. اها رڍ جي کير جي لسي تنهنجا ڏاڏا پڙڏاڏا صبح جو نيراني اٿي پيئندا هئا ۽ نه ٽاڪ منجهند جو. مون لاءِ چانهن گهراءِ ۽ ان سان گڏ خبث (نان) ته ڪتل سان ئي ماني کاوان. ڇو جو تنهنجي منجهند جي ماني شام جو پنجين بجي ايندي جيسين ٻڪرو ڪسي ۽ اڌ ڪچو اڌ پڪو رڌجي. “
    • عبدالعزيز تازو آمريڪا کان آيو آهي. اتان هڪ ريڊيو ٽائيپ (Device) وٺي آيو آهي. اهو UHF ۽VHF آهي يعني تمام وڏي فريڪنسي جو آهي. ميلن جي ايراضي ۾ جيڪي ٽيليفون آهن انهن جون ڳالهيون ٻڌي سگهجن ٿيون. عبدالعزير سڄو ڏينهن اهو ريڊيو هٿ ۾ جهلي ويٺي فون ٻڌا. خاص ڪري ڇوڪرين ۽ زالن جا. ڪڏهن ڪڏهن اڙدؤ ۾ ڳالهه ٻولهه تي آواز مٿي ڪري مونکي ٻڌڻ لاءِ چيو ٿي. مون کي هن جا اهي ڪم عجيب لڳا، جو اسان کي ته اها ئي مذهبي تعليم ڏني وئي آهي ته ڪنهن جو راز معلوم نه ڪجي. ڪنهن جي ڳالهه لڪي نه ٻڌجي. ڪنهن جو خط بنا موڪل جي نه پڙهجي. هي ته عرب آهن هنن ته اهي سڀ حديثون عربي ۾ پڙهيون هونديون. سوچيندو رهيس ته عبدالعزيز کي ڪيئن ٻڌائجي ته اهو گناهه جو ڪم آهي. هڪ ڏينهن هو ان ريڊيو تي ڪنهن عاشق معشوق جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ته پٺيان اچي سهرو بيهي رهيس. کيس خبر ئي نه پئي ته هو پٺيان آهي. سهري کي وري اها خبر نه پئي ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟ ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر يا ڪجهه ٻيو. هن عبدالعزيز کان پڇيو، جنهن کي مجبور ٿي ٻڌائڻو پيو. آئون به تجسس مان ڏسندو رهيس ته ڪهڙو رمارڪ ڏئي ٿو. عبدالعزيز جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد ڪا دير ماٺ ٿي ويو. ان بعد اکيون بند ڪري عبدالعزيز کي چيو: “ اهو حرام آهي.” ان بعد عبدالعزيز گهڻوئي پنهنجي سهري کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ايئن وقت گذارڻ ۽ وندر خاطر ٻڌي ٿو، پر جواب ۾ سندس سهرو “حرام حرام” چوندو رهيو ۽ نيٺ اهو بند ڪرڻو پيس.
    • بگ مئڪ فاسٽ فوڊ Fast Food تي سيلز مئن تامل، فلپينو ۽ انڊونيشي ڇوڪرا هئا. جيسين پٽاٽا ترجن انڊونيشي سيلز مئن ڇوڪري سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندو رهيس. ملئي ۽ انڊونيشي زبان ۾ اوڻهيئي ويهين جو فرق مس آهي. ملڻ سان پڇيو مانس: “ ملئي آهين.”
    ڏکويل لهجي ۾ چيائين: “ ملائيشيا وارن کي ٻاهر ڌڪا کائي نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هنن جي ايڪانامي ايڏي مضبوط آهي جو هو پاڻ ڌارين کي پورهئي لاءِ گهرائين ٿا.”
    “ پر انڊونيشيا ۾ به ملائيشيا وانگر تيل ۽ رٻڙ آهي؟” مون چيومانس.
    “ هائو،” هن وراڻيو، “ پر ملائيشيا جهڙا سٺا سياستدان، حاڪم ۽ Stability اسان جي ملڪ انڊونيشيا ۾ ناهي.”
    • عينڪ جي دڪان تي ڪم ڪندڙ محمد صادق نالي ٽيهارو ورهين جي همراهه کي سٺي اڙدو ۾ ڳالهائيندو ڏسي پڇيو مانس ته هو ڪٿي جو آهي. وراڻيائين: “ حيدرآباد دکن جو.”
    “ تڏهن اڙدو ايتري سٺي اٿئي.” چيومانس. کانئس انڊيا جو پڇندو رهيس ته مسلمانن لاءِ ڪيئن آهي.
    “ بلڪل صحيح آهي. اسين بلڪل خوش آهيون. مهانگائي به ايتري ناهي. پاڪستان ۾ اٽي، چانور، ڪپڙي گندي، ريڊيو، ٽي وي، موٽر سائيڪل جا اگهه وڃن آسمان سان ڳالهيون ڪندا.” هن چيو.
    “ توکي ڪيئن خبر پئي؟” مون پڇيومانس.
    “ مونسان گڏ ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا. انهن جي ڳالهين مان اندازو لڳائيندو آهيان. جيتوڻيڪ هو مون کان لڪائيندا آهن ۽ اظهار نه ڪندا آهن، پر آئون سمجهي ويندو آهيان. ڪي ته مڃيندا به آهن ته پاڪستان ۾ سڀ مسلمان رهن ٿا، پر پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا. ان خيال کان اسان وٽ انڊيا ۾ امن امان آهي. ڪجهه علائقا آهن جن ۾ مسلمانن ۽ هندن جا فساد ٿين ٿا. جڏهن ٿين ٿا تڏهن خوف حراس رهي ٿو. نه ته هونءَ انهن علائقن ۾ به توهان سڪون سان گهمي ڦري سگهو ٿا. عورتون اڪيليون هلي چلي سگهن ٿيون. نوڪريون ڪري سگهن ٿيون. بسن گاڏين ۾ مردن سان گڏ سفر ڪري سگهن ٿيون. ڪو ڪنهن جو ائين نالو نٿو وٺي جيئن پاڪستان ۾ آهي.” هن ٻڌايو.
    “ توکي جي Choice هجي ته پاڪستان ۾ رهڻ پسند ڪندين؟ مون پڇيومانس.
    “ آئون انڊيا ۾ وڌيڪ باحفاظت ۽ پُرسڪون محسوس ڪريان ٿو. انڊيا به اسان جي ڌرتي آهي. جي ان تي هندو ۽ عيسائي رهن ٿا ته ڇا ٿي پيو. ملائيشيا، سنگاپور، مصر، بنگلاديش ۾ به ته هندو ۽ عيسائي رهن ٿا. ٻيا ملڪ ته ڇڏ پر سعودي عرب ۾ (سواءِ مڪي ۽ مديني شهرن جي) ڪيترا هندو، سک، عيسائي، ڪرسچن رهن ٿا. ڪو ڪنهن جو نالو نٿو وٺي. انسان جنهن ڌرتي تي پئدا ٿيو آهي ان جي عزت ۽ حفاظت ڪري. دراصل عوام جو ٻيڙو سياستدان ٻوڙين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ملڪ جو هندو توڙي اسان جا مسلمان پنهنجي سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي هڪ ٻئي سان ويڙهائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن توهان جا سياستدان اسان انڊيا ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ سچو يا ظاهري پيار ڏيکارڻ لاءِ جيڪي بيان ڏين ٿا انهن جو اسان تي ويتر اگرو اثر پوي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ سان Loyal هجڻ ۾ شڪ ڪيو وڃي ٿو.”
    • ينبو بندرگاهه ۾ گوا جي اسسٽنٽ انجنيئر سڪندر تحصيلدار ٻڌايو ته هو نيوي (يعني انڊين نيوي) مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هتي آيو. مون تعجب مان پڇيومانس:
    “ پر تون ته مسلمان آهين. مون ٻڌو آهي ته مسلمانن کي انڊيا وارا آرمي نيوي وغيره ۾ نٿا رکن.”
    “ اهو آهي ته گهٽ رکن ٿا پر رکن ڇو نٿا. آخر اسان جو وطن ته انڊيا ئي آهي. اسان کي ان جي حفاظت لاءِ وڙهڻ به کپي. 1971ع واري لڙائي ۾ ته مونکي انڊين حڪومت بهادري جو تمغو ڏنو هو.” هندستان جي مسلمان نيول آفيسر چيو.
    • سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي غريب ملڪن جا غريب ماڻهو پورهيا نوڪريون ڪن ٿا. گس پنڌ، ڪنهن دڪان تي، ٽيليفون بوٿ وٽ ٽيليفون جو انتظار ڪندي، مسجد ٻاهران جتي جتي ڪو پاڪستاني، بنگالي افغاني، انڊونيشين يا فلپينو ملندو اٿم ته کانئس هن ملڪ سعودي عرب بابت سندس تاثر پڇندو آهيان. ڪي سعودي عرب کي جيل کان به بدتر سمجهن ٿا ته ڪي پرسڪون جاءِ. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن.
    • ڪو زمانو هو سعودي عرب ۾ نوڪري يا محنت مزوري ڪرڻ واري کي سٺو پگهار ۽ سٺيون سهوليتون ملنديون هيون. هاڻ ڪنهن به قسم جو خاص اجورو نٿو ملي. بهاولپور جو هڪ نوجوان ڪار مڪينڪ مليو، جيڪو پنهنجي هڪ هزار ريال پگهار مان خوش نه هو. هڪ هزار ريال اڄ ڪلهه پاڪستاني ساڍن اٺن هزار رپين برابر آهن.
    “ ٽي سؤ ريال ته مانيءَ تي خرچ ٿيو وڃن،” هن ٻڌايو، “ باقي ست سؤ ريال معنى ڇهه هزار رپيا مس ٿيا.”
    بهاولپور ۾ هن کي ساڍا ٽي هزار رپيا گئراج جي مالڪ پگهار ڏنو ٿي. شام جو پرائيويٽ ڪم ڪرڻ مان ايترو ملي ويس ٿي جو مهيني ۾ پنج هزار رپيا ٿي ويس ٿي.
    “ هاڻ هزار سوا لاءِ ٻار ٻچا ڇڏي هتي پرديس ۾ اچي ڌڪا کائڻ بيوقوفي آهي.” هن ٻڌايو. “ مونکي ته اهو چيو ويو ته ڪم واري جاءِ مڪي جي ڀرسان آهي. پوءِ هتي اچي معلوم ٿيو ته مون سان ۽ مون جهڙن ٻين سان ٺڳي دولاب ڪيو ويو آهي. مڪو ته پري ٿيو پر مدينو به ٻه سؤ کن ڪلوميٽر پري آهي. ڏينهن ٻه موڪل ته ٺهيو پر منٽ ٻه ڪم تي پهچڻ ۾ دير ٿي ٿئي ته عرب ڪفيل (جنهن وٽ ڪم ڪيون ٿا) اکيون ڪڍي دڙڪا ڏئي ٿو ۽ سڄي ڪلاڪ جو پگهار ڪٽي ٿو. واپس به موٽي نٿا سگهون جو سال جي Contract تي صحيح وٺي اسان جو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو رکي ڇڏيو اٿس. پنهنجي وطن مائٽ مٽن کي به دل جو سور ٻڌائي نٿا سگهون جو هو به پريشان ٿيندا. هڪ هڪ ڏينهن ڪري ڳڻيون پيا ته ڪڏهن هن جيل مان آزادي ملندي. پنهنجي وطن ۾ ته چانهه به زال ٺاهي پياريندي هئي، پر هتي ڪچو ڦڪو پاڻهي رڌي کائجي ٿو. مهانگائي ايتري آهي جو دڪان يا هوٽل تان ڪو چڱو وٺي کائي به نٿو سگهجي جو پوءِ ڪجهه بچندو ئي ڇا جو ٻچن کي موڪلجي. شل نه هتي ڪو بيمار ٿئي. اسپتالون ته گهڻيون ئي وڏيون آهن پر سڀ مڪاني عربن لاءِ آهن ۽ اهي ڏينهن ويا هليا جڏهن مفت علاج ٿيندو هو. هينئر مٿي جي سور جي گوري لاءِ به پئسا ڏيڻا پون ٿا ۽ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ اڪيلو اڪيلو رهي وڌيڪ بيمار ٿجي ٿو. ڪنهن کي وقت آهي حال پڇڻ جو. هرڪو پورهئي تي هليو وڃي. نه ويندو ته عرب ڪفيل سندس پگهار ڪٽيندو.”
    • ساڳي مڪينڪ سان گڏ بنگالي هيلپر ڇوڪرا هئا. ڏسان ته اهي بيحد خوش ۽ مست هئا. سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هڪ ته هنن کي ايترو ڪم نٿو اچي جو پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن گئراج تي مستري جو ڪم ڪن ۽ ٻيو ته هنن کي پنهنجي ملڪ هزار رپين واري نوڪري به نٿي ملي، ان خيال کان هتي جا هزار ريال وڏي ڳالهه آهي جيڪي سندن سڪي ۾ تيرهن هزار ٽڪا (رپيا) ٿيا. ٽي ڳالهه ته هو ننڍي عمر جا ڇوڪرا آهن، شادي شده نه آهن، سو اڪيلي سر لاءِ اهي تمام گهڻا آهن. چوٿين ڳالهه ته بهاولپور وارو هر مهيني ڇهه هزار ڳوٺ لاءِ بچائي ٿو ۽ هي ٻارهن هزار رپيا (ٽڪا). پر جي هي بنگالي بهاولپور واري جيترو بچائين يعني ڇهه هزار ٽڪا ته به بنگالين جا هي ڇهه هزار وڌيڪ طاقتور آهن جو انڊيا وانگر بنگلاديش ۾ رهائش جو معيار سادو سودو آهي ۽ ماڻهو ايتري پئسي مان بيحد خوشحال زندگي گذارين ٿا ۽ ايتري بچت مان هنن بنگالين جي فئملي ڪوميلا شهر جي امير ترين فئملين مان سڏجي ٿي. “ جڏهن کان اسين هتي سعودي عرب آيا آهيون، اسان جي ماءُ مهيني جي هر پهرين جمعي تي پاڙي جي عورتن کي ڀات، ماش ابنگ دال، جي دعوت ڪندي آهي.” يعني “ ڀت مڇي ۽ دال” کائي به خوش ٿين ٿا، اسان وٽ ايترو نخرو وڌي ويو آهي جو ڪنهن فقير کي بنگالين وارو اهو پاڻي پسيو ڀت ۽ ڇڊڙي رس واري دال ڏئي ته اهو به وٺندي منهن ٺاهيندو.
    • گھٽيءَ جي مسجد ۾ هڪ غريب ڦاٽل ڪپڙن ۾ مليو. پڇڻ تي ٻڌائين ته هو مارواڙي آهي. هتي ٻهراڙي ۾ هڪ عرب زميندار وٽ هارپو ڪري ٿو. منهنجي لاءِ اها نئين ڳالهه هئي جنهن تي هن ٻڌايو ته هتي سعودي عرب ۾ ڪيترا مارواڙي، راجستاني ۽ گهوٽڪي سکر پاسي جا سنڌي هارپو ڪن.
    “ گهڻو پگهار ملنئي؟” مون پڇيومانس.
    “ اٺ سؤ ريال.” هن ٻڌايو.
    “ بس. اهو تمام ٿورو نه آهي؟ “ مون تعجب مان پڇيومانس.
    “ ها. پر اهو به چڱو آهي. ڪي ٿورا پراڻا هاري آهن جن کي هزار ريالن جو ملي ٿو نه ته اڄ ڪلهه جيڪي اچن پيا انهن کي پنج سؤ ڇهه سؤ ريال ڪي مس ملن ٿا. پوءِ جتي مرغو ڦاسي. هڪ دفعو هتي ڪو اچي ويو ته پوءِ عربن جي ئي رحم ڪرم تي رهي ٿو.” هن ڏکويل لهجي ۾ ٻڌايو.
    هارپو ۽ ٻيو پورهيو ڪندڙن کي سندن ملڪ پاڪستان هندستان وغيره ۾ اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو _ يعني ڪانٽريڪٽ ۾ اهوئي چيو وڃي ٿو ته کين کاڌو عرب ڪفيل (مالڪ) ڏيندو. سعودي عرب پهچڻ کان اڳ هرڪو اهو سمجهي ٿو ته عرب امير ماڻهو آهن، کاڌي پيتي جا شوقين آهن. الائي ڪهڙا مال کارائيندا. ان بابت ڪيترن پورهيت مزورن روئڻهارڪو ٿي ٻڌايو ته: “عرب پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ خاص ڪري گورن يورپين لاءِ وڏا مهمان نواز ۽ سخي آهن. باقي اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي ڪجهه ڏيندي ساهه ٿو وڃين. ڪيترا دفعا ته بچيو سچيو به تڏهن ڏيندا جڏهن اهو خراب ٿيڻ تي هوندو. خبث (نان) جيڪي هتي سستا آهن اهي به ڪڏهن ڪڏهن سينئاريل ڏيندا. ڪنهن کي دانهن ڏجي ڪنهن سان فرياد ڪجي.”
    • گذريل سال ڪراچي ۾ هڪ دعوت ۾ ٻه چار دوست ويٺا هئاسين ته عربن جون اچي ڳالهيون نڪتيون _ يعني اڄ جي عربن جون. ڊاڪٽر سرفراز شاهه پنهنجو تجربو ٻڌايو ته عربن کي جيترو پئسو آيو آهي اوترو ڪنجوس ٿيندا وڃن. ڏيڻ بدران ڀائين ته ٻين مان ڪڍجي. هرڪو ڀانئي ته گهڻي کان گهڻو پئسو هٿ ڪجي.
    ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ڪنهن کان ٻڌل لطيفو ٻڌايو ته اڄ ڪلهه جو عرب Acts تي عمل ڪري ٿو. اي عرب، سي ڪئمل (اٺ)، ٽي ٽينٽ (تنبو) ۽ ايس Strategy (واري چال). هن چيو ته عرب ڪجهه ڏيڻ بدران هر هڪ مان ڪجهه ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهي. هن رڳو هڪ دفعو اٺ کي پنهنجي تنبوءَ ۾ اچڻ ڏنو هو، جنهن لتون هڻي کيس ڪڍيو. هاڻ هو اهڙو سياڻو ٿي ويو آهي جو پنهنجي ملڪ ۾ به ڪنهن کي رهڻ نٿو ڏي. گهرائڻ کان اڳ سندس ڪڍڻ جو بندوبست ۽ قانون ٺاهي ٿو. ۽ هو هاڻ ڪنهن کي ڏيڻ بدران رڳو وٺڻ ئي وٺڻ چاهي ٿو.
    هڪ ٻئي دوست شوڪت جماڻيءَ چيو: “ اسان جي کنڊ جا ماڻهو، پاڪستاني توڙي هندستان، بنگلاديشي توڙي سريلنڪن ڪيڏو محنتي آهن. پر هنن کي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي مقابلي ۾ سندن پورهئي جو ڪيترو ته گهٽ اجورو ملي ٿو.”
    • المکتبا ڪتابن جي دڪان ۾ بئنگلور جي سيلزمئن چيو: “اڄ جا عرب استاد آهن. سندن ڪم نڪريو وڃي ته ٻين کي وساريو ڇڏين. هتي نوڪريون ڪندڙ ڌارين ماڻهن لاءِ سعودي عرب هڪ کليل جيل آهي.”
    • هر بندرگاهه کي هڪ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪم بندرگاهه ۾ هلندڙ ٽگ بوٽس جي Maintenance رکڻ آهي. ٽگ Tug ننڍا جهاز ٿين ٿا جن ۾ طاقتور انجڻ ٿئي. ٽگ جو ڪم جهاز کي ڇڪڻ يا ڌڪو ڏئي پاسي تي ڌڪي (Jetty) سان لڳائڻ آهي. هر بندرگاهه کي سندس حيثيت سارو ڏهه پنڌرهن يا ويهه کن اهي ٽگ جهاز ۽ ٻيون موٽر لانچون ٿين، انهن کي صحيح رکڻ لاءِ مسترين، مڪينڪ، اليڪٽريشن ۽ هيلپرن وغيره جو عملو ٿئي ٿو جيڪو هتي سعودي عرب جي ينبو پورٽ ۾ سٺ ستر آهي. ڪراچي جي ڪي پي ٽي ۾ سؤ کن هوندو. ان عملي جي مٿان اسسٽنٽ ۽ مئرين چيف انجنيئر ٿين ٿا. ڪراچي توڙي پورٽ قاسم ۾ هيٺين ورڪر کان وٺي مٿين انجنيئر تائين سڀ پڪي نوڪري وارا ٿين جيڪو سسٽم وري به بهتر آهي. پر هتي ينبو توڙي جدي ۽ دمام جي بندرگاهه جو مختلف مختلف سسٽم آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ صحيح ناهي ۽ بندرگاهه جي خراب ڪارڪردگي جو سبب بڻبو آهي. هتي ڇاهي جو بندرگاهه جو ڪم هلائڻ لاءِ هر هڪ کاتي جو ٺيڪو ڏنل آهي. انجنيئرنگ جو کاتو هلائڻ جو ٺيڪو هتي جي هڪ عرب ڪمپني صيانڪو نالي کنيو آهي. بندرگاهه جي انتظاميا طرفان (جنهن جو وڏو باس منهنجو دوست آهي) ان ڪمپنيءَ کي مثال طور هڪ اليڪٽريشن لاءِ ٽي هزار ريال ڏين ٿا. پر ٺيڪو کڻندڙ ڪمپني ڪوشش ڪري هزار سوا هزار ريالن وارو اليڪٽريشن ڪنهن غريب ملڪ مان، ڪو مجبور ۽ بيروزگار گهليو اچي، جنهن وٽ گهربل سرٽيفڪيٽ سو هجي باقي تجربي ۽ ڪم ۾ کڻي ڪهڙو به هجي. ظاهر آهي گهٽ پئسن ۾ اهڙو ئي ملندو. پوءِ ٽن هزارن مان سوا هزار کيس ڏين ۽ اهڙو ٻه سؤ ٽي سؤ وارو گڏيل رهائش وارو مسواڙي ڪمرو باقي ڏيڍ هزار پنهنجي کيسي ۾. اهڙي طرح هر مزور، هر مستري ۽ انجنيئر جي اصل پگهار مان وچ واري ڪمپني پئسو کائي. بندرگاهه جي ڪرندڙ معيار تي روزانو پنهنجي دوست سان بحث هلندو آهي ۽ هو به ان تي مون سان سهمت آهي ته ائين گهٽ پئسن سان ڪير سٺو ڪم ڪندو. پر حڪومت جي پاليسي ڪري مجبور آهن. هڪ ڏينهن مونکي ٻڌائين ته هنن وٽ اڃان به اسسٽنٽ چيف انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي جاءِ خالي آهي. بندرگاهه جو چيف انجنيئر سٺي پوسٽ آهي. دوست کي چيم ته ان لاءِ منهنجي هڪ پاڪستاني دوست مئرين انجنيئر کي رک، جيڪو اڄ ڪلهه نوڪريءَ ۾ ناهي ۽ هو تجربيڪار ۽ محنتي آهي. مون ان دوست سان فون تي ڳالهايو. هو اچڻ لاءِ تيار هو، پرٻن مهينن بعد. اسان اهو فيصلو ڪيو ته اها نوڪري متان ڪنهن ٻئي کي ملي سو في الحال آئون apply ڪري اها ڀريان. ٻن مهينن بعد دوست جي اچڻ تي منهنجو عرب دوست منهنجي استعيفى منظور ڪرائي هن کي رکرائيندو.
    مون واري عرب دوست صيانڪو ڪمپني کي منهنجي رکڻ لاءِ چيو. ڪمپنيءَ جي مئنيجر مونکي گهرائي انٽرويو ورتو ۽ ٻڌائين ته هنن کي ڪو چيف انجنيئر مليو ڪون ٿي. “ توهان کي چيف انجنيئر ڪري رکنداسين، پر ڪمپني جي پاليسي موجب پهرين اسسٽنٽ چيف انجنيئر ڪري رکنداسين ۽ مهيني سوا بعد پروموشن ڏئي چيف انجنيئر ڪنداسين. توهان اسان جي باس جا دوست آهيو ان ڪري پگهار ساڍا چار هزار ريال ڏينداسين ۽ پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ تي وڌائينداسين.” هنن مونکان پاسپورٽ جي به گهر ڪئي. مون کانئن سوچڻ لاءِ ٻه ٽي ڏينهن گهريا. انٽرويو وٺندڙ سعودي مئنيجر پنهنجو نالو حامد ٻڌايو. انگلنڊ ۾ گهڻو رهڻ ڪري سٺي انگريزي پئي ڳالهائين. آئون پگهار مان نه پر سندس انگريزي، ڏاڙهي، ۽ اسلامي ڳالهيون ٻڌائڻ ڪري بيحد متاثر ٿيس. اٿڻ مهل چيائين: “ مشورو صلاح ڀلي ڀتين سان به ڪجي پر پگهار جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجانءِ جو حديث آهي (خبر ناهي آهي به يا نه) ته اهو ڪم بهتر رهي ٿو جيڪو راز ۾ رکيو وڃي ٿو.”
    کانئس موڪلائي ورڪ شاپ جو چڪر ڏنم. چاليهه پنجاهه کن ڏکڻ هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪم وارا هئا. ڇهه کن پاڪستاني پٺاڻ به هئا. سڀ بيزار لڳي رهيا هئا ۽ گهٽ پگهار جون دانهون ڪري رهيا هئا. چيف انجنيئر پوسٽ تي ڪير ڪو نه هو. پر انهن پوسٽن ته جيڪو ائڪٽنگ انجنيئر ۽ اسسٽنٽ چيف انجنيئر هو اهو بمبئي جو هڪ مسلمان هو. تنهن ٻڌايو ته گهٽ پگهار ۽ صبح جو 7 کان شام جو پنجين تائين _ ڏهه ڪلاڪ ڪم ڪري ڪوبه خوش ناهي. ڪمپني رڳو سندن پگهار جا پئسا کايو ويٺي آهي. ڪم ڪرڻ لاءِ سنوان سبتا اوزار به نه آهن. مون چڱي طرح هڪ هڪ شيءِ جو جائزو لڳايو ته اها ڳالهه صحيح لڳي ۽ محسوس ڪيم ته هيڏي پئسي هوندي ڇا بندرگاهه جا حال آهن. ان کان ته اسان جهڙن غريب ملڪن جا بندرگاهه ۽ انهن جي ڪارڪردگي بهتر آهي.
    شام جو دوست حال احوال ورتو. پگهار جو پڇيائين. ٻڌايومانس ته هي آهي جيتوڻيڪ هن اهو ٻڌائڻ لاءِ جهليو آهي. مون وارو دوست اهو ٻڌي سخت ڪاوڙيو ته ڪمپني وارن کانئن ڇهه هزار وٺي مونکي ساڍا چار چيا آهن. يعني ان تي به کائڻ چاهين ٿا ۽ ٻيو ته هينئر ئي چيف انجنيئر جي پوسٽ ڇونٿا ڏين. بهرحال مونکان صلاح پڇيائين ته ڇا ڪجي.
    “ مونکي ته انٽرويو وٺڻ وارو مسٽر خالد نيڪ ۽ پرخلوص انسان لڳو ٿي. هونءَ به آئون موڪلون گذاري رهيو آهيان، مهينو ٻه نوڪري ڪريان ٿو، ان دوران پروموشن ڏنائون ته پاڪستاني دوست کي اچڻ لاءِ سگنل ڪندس نه ته روڪي ڇڏيندس.” مون پنهنجي راءِ ڏني.
    “ چڱو ڀلا اهو به صحيح آهي. تون هونءَ ئي گهر منهنجي ۾ رهندي. ماني ٽڪي به مون وٽ اٿئي. گاڏي پڻ. سو مهيني ٻن لاءِ نوڪري صحيح آهي. تنهنجي دوست جو ڪم ٿي ويندو. هونءَ جيتوڻيڪ ڪمپني وارن انصاف نه ڪيو آهي. هيترو چوڻ ۽ پارت ڪرڻ جي باوجود به اها پوسٽ ۽ پگهار نه ڏنو اٿن جيڪو ڏيڻ کپي. بهرحال تون ڀلي آچر ڏينهن Contract تي صحيح ڪر.” هن چيو.
    آچر ڏينهن صبوح جو پهتس. ڪمپني جي مئنيجر مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ بعد تمام مٺي مٺي چانهه پياري، ان بعد فارم تي نالو ائڊريس پاسپورٽ نمبر لکي مونکان ٻه ٻه صحيحون ورتائين ۽ پوءِ ان بعد فارم مونکان وٺي ان تي پگهار ساڍا ٽي هزار لکي هيٺ ڪامائن ۾ اوور ٽائيم ۽ کاڌي سميت انگريزي ۾ لکي چيائين: “ مونکي افسوس آهي ته طيءِ شده پگهار في الحال اسين ڏئي نٿا سگهون. مهيني ٻن بعد توکي چيف انجنيئر پوسٽ جي ترقي ڏئي پوءِ ساڍا چار هزار ڪنداسين.”
    آئون ڪا دير هن ڏاڙهي واري شخص جي منهن کي چتائي ڏسندو رهيس، جنهن ٻه چار ڏينهن اڳ مونکي ديني ڳالهيون ٻڌايون هيون. انهن ۾ هڪ اها به ٻڌائي هئائين ته مسلمان کي وعدو پاڙڻ کپي. زبان ڪري ڦرڻ نه کپي، وغيره. يعني تو نوڪري ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي سو هاڻ ڦري نه وڃجانءِ. اڄ هي پاڻ هڪڙيون ڳالهيون ڪري ٻيون پيو ڪري. ڪيترن پاڪستانين کان اهو ضرور ٻڌو هوم ته عرب هڪڙن Terms & Conditions تي وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ سعودي عرب پهچي ٻين تي ڪم وٺن ٿا. اهي ڳالهيون ٻڌي مونکي يقين نه ايندو هو. اڄ ان راز جي به خبر پئي ته بلڪل سچ آهي. مون ان Contract کي اتي ئي واپس وٺي ڦاڙيو ۽ دوست کي ڪار موڪلڻ لاءِ چيو ته مونکي اچي کڻي وڃي. ڪمپني جي مئنيجر مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه منٿ ميڙ ته آئون نوڪري قبول ڪريان ته گهر ويٺي مونکي به پيو ملندو ۽ سندس به فائدو ٿي ويندو. پر آئون ٻاهر اچي بيٺس.
    مون واري عرب دوست کي خبر پئي ته هن ان ئي وقت پنهنجي آفيس مان فون تي عربيءَ ۾ هن ڪمپني جي مئنيجر سان جهيڙو ڪيو. جواب ۾ هو معافيون ۽ پگهار وڌائي پنج هزار ريال ڪرڻ لاءِ چيو. اها ڳالهه گهر پهچي رات جي ماني تي عرب دوست مون سان ڪئي. مون کلي چيومانس: “ هاڻ ڀلي ڏهه هزار چوي پر مونکي ۽ پڪ منهنجي دوست کي هتي ڪم ۾ مزو نه ايندو . ٻي ڳالهه ته ههڙن نيڪ ماڻهن جا به هي حال.”
    • هتي جي ريفائنري (تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخاني) ۾ ڪم ڪندڙ هڪ پاڪستاني انجنيئر سعودي عرب جي زندگي بابت چيو: “ هتي پگهار تمام گهٽ ڏين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن هڪ طرف مهانگائي وڌي رهي آهي ٻئي طرف پگهار گهٽجي رهيا آهن. مجبوري آهي ان ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو نوڪري پورهئي لاءِ هيڏانهن اچن ٿا ۽ ايندا رهندا. هڪ طرف اڻ پڙهيل ۽ مزور طبقو ايندو رهي ٿو ته ٻئي طرف پڙهيل به. ڊگريون حاصل ڪرڻ جي باوجود به نوڪري نٿي ملي. انسان چانهه پاڻي جي خرچ لاءِ به محتاج رهي ٿو ته پوءِ رشوت طور پئسا ڏئي به هو هيڏانهن نوڪري جي ڳولا ۾ اچي ٿو. پنهنجي ملڪ مان هيڏانهن ايندي هو خوش ٿين ٿا پر پوءِ هتي جون حالتون کين پريشان ڪريو وجهن. عزت ۽ پيار بدران هتي جي عربن طرفان کين نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سٺي پگهار بدران کين گهٽ پگهار تي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. ان پگهار ۾ به عرب ڪفيل ڪٽوتي ڪندو رهي ٿو يا وقت تي ڏيڻ بدران منٿون ڪرائي پوءِ قسطن تي ڏئي ٿو. نتيجي ۾ مائٽ مٽ ڇڏي هتي آيل غريب پورهيت پريشان ۽ Psycho (نفسياتي مريض) ٿيو پوي.
    • هڪ پاڪستاني دڪاندار کان سندس ڌنڌي ڌاڙي جو پڇيم. هن جو ٽيپ رڪارڊرن ۽ واچن جو دڪان آهي جيڪو تمام سٺو هلي ٿو. وراڻيائين: “ سٺو هلي ٿو پر بيزار ٿي پيو آهيان.”
    “ ڇو ڀلا _ ؟ “ مون پڇيومانس.
    “ ڪفيل تنگ ٿو ڪري.” جواب ڏنائين ۽ وڌيڪ ٻڌايائين ته پاڻ ڏهه سال اڳ هتي آيو ۽ هي دڪان ۽ سامان سندس آهي، پر جيئن ته سعودي عرب ۾ ڪو به ڌاريون پنهنجي نالي ڪجهه به نٿو خريد ڪري سگهي، ان ڪري ڪنهن عرب جي نالي ڪرڻو پوي ٿو. يعني ملڪيت دڪان يا گهر هتي جي مڪاني عرب نالي لکيو وڃي ٿو. ان جي عيوض ان عرب ڪفيل کي به هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو.
    ڪيترا سال هي دڪان نه پئي هليو ته به آئون کيسي مان گهربل رقم هن ڪفيل کي ڏيندو رهيس. هاڻ سال ٻن کان ڪجهه سٺي ڪمائي شروع ٿي آهي ته هن مونکي تنگ ڪري ڏنو آهي ته مهيني جي ٻڌل رقم سان گڏ فائدي مان به اڌو اڌ ڏي. هن سال نئين گاڏي ورتم ته اها به هفتو ٻه هلائڻ جي بهاني وٺي واپس نه ڪيائين. هاڻ جي وڌيڪ چوانس ٿو ته ماڳهين دڪان تان ٿو لاهي جو هر شيءِ هن جي نالي تي آهي. وڌيڪ گوڙ ڪرڻ تي جيل به اماڻي سگهي ٿو. هتي مون جهڙي ڌارئين جو ڪير داد فرياد ٻڌندو.
    • ڪمپيوٽر مرمت ڪرڻ واري اليڪٽرانڪ انجنيئر هڪ ڏينهن سچي ڪئي ته هن جو اصل نالو ابو معين ناهي جنهن سان سڏائي ٿو. اهو ٻڌي مونکي تعجب لڳو. پاڻ ناظم آباد ڪراچي جو رهاڪو آهي ۽ هتي سال کن کان آهي. منهنجي هن سان پهرين هفتي ئي ملاقات ٿي هئي ۽ منهنجي ڪيترن جهازي دوستن کي سڃاتائين ٿي. آئون چوندو هوسانس ته ڪراچي پهچي انهن کي تو بابت ٻڌائيندس. اڄ مونکي چيائين ته هنن کي آئون ابو معين چوندس ته نه سڃاڻندا جو سندس اصل نالو ٻيو آهي. اهو ٻڌي مونکي ٻه ڳالهيون ڌيان ۾ آيون. يا ته هي هندو يا عيسائي آهي ۽ هتي اچي مسلمان ٿيو آهي يا پنهنجي ملڪ ۾ ڪو ڏوهه ڪري نالو بدلائي هتي آيو آهي جو اهي ٻئي ڳالهيون هتي عام آهن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته انهن ڳالهين جو هن شريف ماڻهوءَ سان واسطو ناهي.
    “ منهنجو نالو رفيق آهي،” هن ٻڌايو، “ هتي جا عرب اسان کي ان نالي سان جڏهن سڏين ٿا ته هنن جو مقصد اسان کي نيچ ۽ ڪريل سمجهڻ آهي. هتي رفيق لفظ گار برابر سمجهيو وڃي ٿو جيڪو گهڻو تڻو پاڪستانين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري ان نالي سان آئون پاڻ کي سڏائڻ نٿو چاهيان”
    • مٿيون ڪجهه ڳالهيون سعودي عرب ۾ نوڪري يا پورهئي لاءِ ايندڙن لاءِ لکيو اٿم ته جيئن هو هتي جي حالتن جي صحيح Assessment ڪري سگهن ۽ کين ڄاڻ هجي ته ائين به ٿئي ٿو.
    • سعودي عرب جي ڪجهه عربن ۽ ٻين ڌارين مسلمانن (مصرين سوڊانين وغيره) جا نالا به تاملن جي نالن وانگر چڱا ڏکيا آهن. اڙدو سنڌي اچڻ ڪري ۽ قرآن شريف پڙهڻ جي ڪري به ٿوري گهڻي عربيءَ جي ڄاڻ ٿي آهي ۽ اسان کي سمجهه ۾ اچيو وڃن. آئون ته ذري ذري پڇڻ بدران يڪدم چوندو آهيان ته پني تي عربي ۾ لکو. هونءَ به عربي جا ڪيترا نالا هو کڻي صحيح طرح پڪارين ٿا پر اسان کي ته تڏهن سمجهه ۾ اچن ٿا جڏهن اسان ان ٽون ۾ ٻڌون ٿا، جنهن کان واقف آهيون. يا ٻيو طريقو اهو ئي آهي ته عربي ۾ لکو. اهو ائين آهي جيئن ڪو عرب اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ميدلي ۽ اڌ پتا جهڙا نالا ٻڌندو ته کيس هرگز يقين نه ايندو ته اهي مسلمانن جا نالا آهن، جيسين کيس لکي نه ڏيکارجي ته اهي نالا آهن: اميد علي ۽ عبداالفتاح.
    آئون پنهنجي پر ۾ ڪوشش ڪري صحيح طرح نالا اچاريان ٿو ته به هتي جي عربن کي شڪايت رهي ٿي ۽ جيئن هو شدمد سان لفظ چون ٿا ائين اسان کان اچاريو نٿو ٿئي. سئيڊن ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ عرب دوست يحيٰ جي پٽ عبدالله کي مون سان هميشه اها شڪايت هئي ته “ انڪل مونکي صحيح نالي سان نٿو سڏي.”
    نيٺ سندس پيءُ کي چيم ته صحيح ڇا ٿيندو.
    “ عبدالله” هن آهستي ڪري اُچاريو.
    “ آئون به ته ائين عبدالله چوان ٿو _ “ مون چيومانس.
    هن پني تي لکي چيو “ تون عبدالله نه پر ابدلا سڏين ٿو.”
    وراڻيومانس: “ پڙهيل ڳڙهيل آهيان تڏهن نه ته اسان جي ٻهراڙين ۾ ڪيترا ايترو به صحيح نٿا اچارين ۽ اڪثر ادلا اچارين.”
    بهرحال اسان لاءِ بهتر اهو آهي ته ننڍي هوندي کان ٻار کي ڪجهه عربي پڙهايون جيئن غلط اچارڻ جي گناهه کان بچي سگهي ۽ عرب ملڪن ۾ کيس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آساني رهي. دنيا ۾ انگريزي ڳالهائيندڙن کان پوءِ ٻئي نمبر تي اسان جو واسطو عربن سان پوي ٿو.
    • مختلف ملڪن جي Toilets (ڪاڪوسن) تي ان ملڪ جي زبان ۾ خواتين ۽ حضرات لکيل رهي ٿو، جيئن انگريزيءَ ۾ مردن واري ڪمري ٻاهران جينٽل مئن ۽ عورتن واري جي ٻاهران ليڊيز. پر اڄ ڪلهه گهڻو ڪري نالن بدران مرد ۽ عورت جي منهن جي تصوير لڳل هوندي آهي. ڪيترن هنڌن تي اها ايترو ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿي جو فرق ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ جي ٻئي ڪاڪوس هڪ ٻئي جي ويجهو نه آهن ته ڪيترا عورتن جي تصوير کي به مرد جي سمجهن ٿا.
    هتي جي بندرگاهه واري آفيس ۾ ٻئي Toilets گڏ آهن، پر ٻاهران لڳل تصويرون هڪ ٻئي سان ايترو مليل آهن جو نيٺ هتي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان پڇڻو پيو ته Gents جو ڪهڙو آهي.
    “ ٻئي Gents جا آهن.” هو عجيب لاپرواهي ۽ جلدي ۾ ٻڌائي هليو ويو. پوءِ مون محسوس ڪيو ته سعودي عرب اهو ملڪ آهي جيڪو مردن جو ملڪ چئي سگهجي ٿو. دڪانن تي ڪم ڪندڙ توڙي آفيسن ۾ نوڪري ڪندڙ مرد ئي مرد آهن.
    هڪ سعوديءَ کان پڇيم ته آيا هي قانون رڳو مرد نوڪري ڪن، هتي آهي يا ٻين عرب ملڪن ۾ به. بيزاريءَ مان وراڻيائين: “ اهو رڳو هتي آهي. مصر، موراڪو، دبئي، ٽيونيشيا ۾ ته بڪنيون پائي عورتون سمنڊ جي ڪناري تي ليٽيون پيون آهن. “
    “ پوءِ ڀلا اهي سٺو ڪن ٿا يا توهان سعودي عرب جا ماڻهو ؟ “
    “ ڪير سٺو ڪن ٿا ڪير خراب اهو نه پڇ. باقي اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جنهن کي وجهه لڳي ٿو اهو اکيون ٺارڻ لاءِ اوڏانهن ڀڄي ٿو. ساڳيو حال ٽي ويءَ جو آهي. سعودي عرب جي ٽي وي ڏسڻ بدران اسان مصر ۽ موراڪو جي ڏسون ٿا. ويندي ايم بي سي ۽ زي ٽي وي ڏسون ٿا.” هن وراڻيو.
    مونکي لڳي ٿو ساڳيو حال اسان جي ٽي وي جو ٿيڻ وار آهي جنهن جون مدي خارج ڪمپئرر ۽ ڳائڻيون نڪي ٿيون پوڙهيون ٿين نڪي ٿيون جان ڇڏين. پنجن سالن کان پوءِ پاڪستان اچ ته به اهي ساڳيا ڳائڻا ۽ ساڳيا مسخرا. ٻئي نئين کي وارو ئي نٿا وٺڻ ڏين. تنوجا جي ڌيءَ ڪاجول به رٽائرڊ پئي ٿئي پر هتي اسان وٽ تنوجا جي ماءُ جيڏيون به هار سينگار ڪري هيروئن ٿيو پيون اچن. ڀلي ڳچيءَ جو ماس به پيو لڙڪين.
    • هتي سفر دوران بس ۾ يا ڪار ۾ ننڍا ٻار هوندا آهن ته هو عربي ۾ ننڍا ننڍا گيت، ڪتاب بيت يا انگ کوڙا راڳ جي انداز ۾ ڳائيندا آهن.
    هڪ ته جيڪو ٻڌي ٻڌي مونکي به ياد ٿي ويو آهي:
    هگرا بگرا
    گلي امي
    عيدل عشره
    يا هڪ ٻيو:
    ٽي ٽي ايمٽا
    بابا ايمتا
    خبر ناهي اصل اچار ته ڇا آهن، پر مونکي ڪجهه ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ٻارن جو سڀ کان گهڻو پاپيولر راڳ “ بابا سافر مڪا” جيڪو هن ريت آهي :
    بابا سافر مڪا _ جبلي صندوق قمقع
    والصندوق مالہ مفتاح _ والمفتاح عبدالنجار
    والنجار يبغى الفلور _ والفلور عندالصلطان
    والصلطان . . . . . وغيره وغيره

    مٿيون راڳ ائين آهي جيئن پاڻ وٽ :

    “ پئسو لڌم پٽ تان، تنهن جو ورتم گاهه،
    گاهه ڏنم ڳئون کي، ڳئون ڏنو کير،
    کير ڏنم امڙ کي، امڙ ڏنو لولو،
    لولو ڏنم ڪانو کي، ڪانو ڏنو کنڀ،
    کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،
    گهوڙي تي چڙهي گهم چڙهي گهم _
    چندن ڦٽاڪو، جيئي تنهنجو ڪاڪو...

    • هتي سعودي عرب ۾ فلپينو ۽ ٻيا ڌاريا اڪثر چڍين ۾ ڊوڙندا ( Jogging ڪندي) نظر اچن ٿا. ڀرسان سعودي يا ٻين عرب ملڪن جون زالون پڻ ڪارن برقعن ۾ لنگهنديون رهن ٿيون.
    ڪو به آسمان نٿو ڪري.
    اسلام لاءِ ڪو خطرو نٿو سمجهيو وڃي.
    جنهن ڏينهن ڪراچيءَ کان هتي سعودي آيو هوس، ان کان ٻه ڏينهن اڳ ڊفينس سوسائٽي ۾ ٻن فرينچ پوڙهن کي چڍين ۾ جاگنگ ڪرڻ تي ماڻهن اعتراض ڪيو هو. ڪيترن هنن کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ آئندي ائين نڪرن ۾ نڪرڻ کان منع ڪيو هو. غلط سلط انگريزيءَ ۾ سمجهايو هو ته “ بابا دس از مسلم ڪنٽري . . . “ وغيره وغيره. اڃان ته اهو واقعو ڪراچي جي هڪ فئشنبل علائقي ۾ ٿيو هو. ٻي ڪنهن هنڌ ٿئي ها ته ٿي سگهي ٿو کين موچڙا به هڻن ها. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. بين الاقوامي ليول تي فارينرس کي ڇا Impression ملندو هوندو. اسان کي هر ڳالهه ۾ اسلام خطري ۾ نظر اچي ٿو. اسان جي سوچ ڪيترو Non-objective آهي. دبئي، قاهره، ڪويت، رباط ۾ عورتون اسڪرٽ پائي پيون هلن، انهن لاءِ هتي جو يا اتي جو ڪو مُلان مولوي اعتراض نٿو ڪري، باقي اسان جي ملڪ ۾ مرد جي چڍي پائڻ تي به اعتراض ڪيو وڃي ٿو. وڏي ڳالهه ته هو ته غير مسلم هئا جيڪي چڍي پائي ڊوڙي رهيا هئا. اسان جا پٺاڻ ڀائر ڪراچي ۾ ٺهندڙ عمارتن اڳيان ۽ سنڌي ڀائر ريلوي اسٽيشن تي ريل جي سامهون ڪانچ ۾ اندر هٿ وجهي ڪلاڪن جا منهن وٽ ساريندا رهن ٿا. ان تي ڪنهن کي اعتراض نٿو ٿئي. اهو ثواب جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اسان هر ڳالهه کي پنهنجي مرضي مطابق آڻڻ لاءِ کڻي اسلام کي وچ ۾ آندو آهي.
    • ساڳيو حال اخبارن ۽ ٽي وي جو آهي. اسان وٽ ٽاءِ ڪافر جو لباس سمجهيو وڃي ٿو. هن پاسي جي عرب ملڪن ۾ اهڙي ڳالهه کي ڪو کنگهي ئي ڪونه ٿو. آفيس دڪانن تي ته ٽائيون ٻڌيو هلن پر مسجدن ۾ ٽائي سان نماز پيا پڙهن. هڪ ٻن مولوين کان پڇيم ته مون تي ائين کلڻ لڳا ڄڻ چئي رهيا هجن: “ توهان پاڪستان هندستان جا به عجيب مسلمان آهيو. عجيب سوال پڇو ٿا. عجيب ڳالهيون کوٽي انهن کي تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي مسئلا ۽ اجايا بحث مباحثا پئدا ڪيو ٿا.”
    • هڪ دوست ٻڌايو ته پاڪستان ٽي وي تان اڄ ڪلهه هڪ ڊارمو چار پنج قسطون هلڻ بعد بند ڪيو ويو آهي ڇو جو انهن ۾ هڪ عورت Jeans پتلون پاتي آهي. عجيب ڳالهه آهي. هتي ته عربياڻيون گهرن ۾ به جينز پايو پيون هلن. ڪو به اعتراض نٿو وٺي. ائين ته پوءِ ڊرامي ۾ عشقي ڊائلاگ ۽ ٻيون ڳالهيون به صحيح نه آهن. بلڪه پوءِ ته ٽي وي به صحيح ناهي ۽ بند ڪرڻ کپي. باقي اهو ڇا ته ڪارو منهن ضرور ڪجي پر ڪوئلي مان نه پر بوٽ پالش مان.
    • هوائي جهاز جيئن ئي ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏي سعودي عرب طرف اڏاميو هئو ته ايئر هوسٽس سعودي عرب جون اخبارون ڏنيون. مون ته سمجهيو ته عربستان جي اخبارن ۾ عورتن جا فوٽا نه هوندا. هوندا ته به برقعي ۾ ڍڪيل. پر پهرين ڏينهن ئي يورپي عورتن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون عرب نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڏسي حيرت ٿيم، ۽ هاڻ ته روز ڏسندو رهان ٿو. اسان جي جنگ، ڊان يا جاڳو اخبارن ۾ اهڙا فوٽو ڇپجن ته انهن اخبارن جي مالڪن کان ايڊيٽرن تائين مٿن ڪفر جون فتوائون صادر ٿين ۽ موچڙا کائين.
    • ڪڏهن ڪڏهن عرب ملڪن توڙي ملائيشيا انڊونيشيا پاسي جا مسلمان اسان ننڍي کنڊ جي مسلمانن تي تعجب کائين ٿا ته اسين ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون جيڪي درگاهن، پيرن فقيرن جي قبرن ۽ مقامن تي وڃون ٿا. جهنڊن، گهوڙن ۽ تابوتن کان دل جون مرادون پنون ٿا پر الله تي ڀروسو نه اٿئون، مسجد ۾ نظر نٿا اچون. نه نماز پڙهون ٿا ۽ نه نماز پڙهندڙ جو احترام ڪريون ٿا. وڏا شهر ته ٺهيو پر ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪيترن هنڌن تي نماز جي وقت تي به زور زور سان ريڊيو، ٽي وي يا ٽيپ رڪارڊر وڄندو رهي ٿو. ايتري قدر جو مسجدن جي ڀر وارا دڪان به ماٺ نٿا ڪن. اهي ڳالهيون اسان کي ته عجيب نٿيون لڳن جو ننڍي هوندي کان اهو ماحول ڏسندا اچون پر هڪ ڌاريون ماڻهو _ پوءِ اهو چاهي عرب ملڪ جو مسلمان هجي يا يورپ آمريڪا جو نو مسلم، هو جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جون غير اسلامي ۽ غير اخلاقي ڳالهيون ڏسي ٿو ته وائڙو ٿيو وڃي ته اسان پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جا ڪهڙا مسلمان آهيون.
    مٿي غير اسلامي سان گڏ غير اخلاقي ان ڪري لکيو اٿم جو توڙي کڻي يورپ جي ملڪ ۾ مسلمان نه آهن ۽ جيتوڻيڪ هنن وٽ ميوزڪ تي بندش ناهي ته به هو ڪڏهن به وڏي آواز تي ريڊيو يا ٽي وي وڄائي ٻئي جو سک نٿا ڦٽائين . مسلمان ملڪن ۾ لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪندي به خيال رکيو وڃي ٿو ۽ گهڻو ڪري فقط ٻانگ ئي لائوڊ اسپيڪر تي ڏني وڃي ٿي. ان بعد خطبو ۽ تڪبير بنا اسپيڪرن جي پڙهيو وڃي ٿي جيئن فقط مسجد ۾ ويٺل ٻڌي سگهن. آئون هيترن ملڪن جي ڪيترن شهرن ۾ رهيو آهيان. نماز لاءِ ٻانگ فقط هڪ دفعو ٻڌبي آهي. وڌ ۾ وڌ هڪ ٻي ڏورانهين مسجد جي جيڪا تمام آهستي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته اها ڪا ڏورانهين هنڌ کان آهي. پر اسان وٽ هڪ ته مسجدون ويجهيون ٺهيل آهن. (ڀلي هجن. سٺي ڳالهه آهي بشرطيڪه نمازين سان ڀريل هجن) ٻيو هر مسجد مان فل واليوم تي ٻانگ ڏني وڃي ٿي ۽ هڪ جا اڃان ٻه لفظ شروع ئي نه ٿيندا ته ٻي جي ٻانگ شروع ٿيندي، ان پٺيان ٽي ۽ چوٿين. ٻڌڻ واري کي صحيح طرح سمجهڻ ۾ نه پيو ايندو. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ ته ائين ٿي رهيو آهي.
    • سعودي عرب ۾ تيل نڪرڻ ۽ دولت جي اچڻ ڪري هنن وٽ يورپ ۽ آمريڪا جا اهي اهي واپاري، ڪارخانيدار ويندي ٺڳ بشني اچڻ لڳا آهن جن کي هن کان اڳ عرب دنيا جي نه خبر هئي ۽ نه هنن ان بابت ڄاڻ رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي. هينئر به عربن مان پئسو ڪڍڻ خاطر هنن جي ظاهري طرح تعريف ۽ چمچاگيري ڪن ٿا پر دل سان هنن جي عزت يا سٺائي جا گڻ ڳائڻ بدران کين جاهل، بيوقوف، ڇسو، عياش سمجهن ٿا. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ ڪجهه حقيقت به آهي) مغربي دنيا لاءِ عرب اهو ماڻهو آهي جيڪو هوائي جهاز اغوا ڪري ٿو. چار شاديون ڪري ٿو. زالن کي گهر ۾ قيد رکي پاڻ ٻاهر عياشي ڪري ٿو. مذهب جي نالي تي خون خرابو ڪري ٿو. هو يا ٻڪريون رڍون چاريندڙ بدو آهي يا حد کان وڌيڪ عياشي جي زندگي گذاريندڙ. ٻنهي صورتن ۾ گهٽ تعليم يافته آهي.
    هتي سعودي عرب ۾ جن جو آئون مهمان آهيان اهي عرب آهن. ڪي ڪي سرڪاري نوڪرين ۾ اهم عهدي تي آهن. ڪي وڏا بزنيس مئن ۽ ڪي انڊسٽري جا مالڪ آهن. هو واپار ۽ مشينري جي سلسلي ۾ برٽش ۽ يورپين کي گهرائيندا رهن ٿا.. مڇين ڦاسائڻ لاءِ ٻيڙيون خريد ڪرڻ کان وٺي مختلف شين جي فئڪٽرين لڳائڻ يا يورپي شين جهڙوڪ رنگ روغن کان ايئر ڪنڊيشنرن جي ايجنسي کڻڻ لاءِ هو مونکان صلح وٺن ٿا ۽ پوءِ يورپين سان ڳالهائڻ ۽ هنن پاران Deal ڪرڻ لاءِ گهڻو تڻو مونکي حصو وٺڻو پوي ٿو جو منهنجن عرب دوستن جي نه ايتري انگريزي سٺي آهي ۽ نه ايتري مشينريءَ جي ڄاڻ اٿن. بزنيس ميٽنگن کان پوءِ آئون آيل يورپي مهمانن سان هوندو آهيان. هو عربن بابت عجيب سوال پڇندا آهن ۽ سندن دماغ ۾ عربن لاءِ عجيب ڳالهيون هونديون آهن. هنن کي عربن جي هر ڳالهه خراب لڳندي آهي. خاص ڪري عربن جي ڊريس تان پنهنجي منه سخت ٺٺولي ڪندا آهن.
    آئون هتي جي گرم موسم ڏسي اندازو لڳائيندو آهيان ته پوشاڪ جي معاملي ۾ بيوقوف عرب نه پر يورپي آهن. سوٽ ٽاءِ وغيره انگلنڊ ۽ يورپ جي ٿڌي موسم ۾ ته هلي سگهي ٿو پر هتي جي موسم لاءِ هي جبو ۽ مٿي تي رومال جيڪو پٺيان ڪنڌ کي به ڍڪي ڇڏي ضروري آهي. جبو (ڊگهي قميص) پائڻ سان هن ۾ هر وقت هوا ڦاٿل (Trapped) رهي ٿي جيڪا Insulation جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٻاهر جي گرم _ بلڪ سخت گرم لڪ کان بچاءُ ڪري ٿي جيڪا جيڪر جسم کي ساڙي رکي. جبي جو اڇو رنگ سج جا گرم ڪرڻا Reflect ڪري ٿو، يعني ڪيترا Ultra Violet ۽ ٻيا گرم ۽ خطرناڪ Rays اڇو رنگ موٽائي ٿو. (ڪارو رنگ جذب ڪري اندر موڪلي ٿو) ساڳي وقت مٿي تي ٻڌل رومال مٿي ۽ ڪنڌ کي تپشStroke Sun کان بچائي ٿو. نئين ماڻهوءَ کي کڻي اها ڊريس عجيب لڳي، پر پوءِ ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ بعد هر هڪ کي احساس ٿئي ٿو ته هتي مٿو ۽ ڪنڌ ڍڪڻ ضروري آهي. ويندي جپان ۽ ڪورين ڪم وارا به پنهنجو مٿو ۽ ڪنڌ ٽوال سان ويڙهي پوءِ کلئي آسمان هيٺان ڪم ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪاري چشمي جو استعمال پڻ گهڻو ڪن ٿا.
    • سعودي عرب کي ظاهر آهي تيل جام آهي، پئسو جام آهي. ان ڪري غريب غُربو هاڻ ايئرڪنڊيشنر afford ڪري سگهي ٿو. ويتر اليڪٽرڪ سٽي به سستي آهي سو ڏينهن رات ايئرڪنڊيشنر پيا هلن. ڪيترن ڪمرن ۾ ته ضرورت ( Room Capacity) کان به وڏا ايئر ڪنڊيشنر لڳل آهن.
    آئون هڪ ته ايئر ڪنڊيشنر جو گهڻو استعمال پسند نٿو ڪريان ۽ ٻيو منهنجي ڪمري ۾ هيڪاندو گهڻي طاقت وارو لڳل آهي. آڌي رات کان پوءِ ٿڌ به ٿئي ٿي جو واري ۽ جبل جيترو جلد تپي ٿو اوترو ئي جلد ٿڌو ٿئي ٿو. سو آڌي رات کان پوءِ ته ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جي بنهه ضرورت ناهي. پر عربن لاءِ ايئرڪنڊيشنر ضرور هلي، پوءِ چاهي کين بلاڪيٽ پائي سمهڻو پوي. منهنجي ڪمري جي پويان پاڙي وارو گهر مليل آهي. جنهن جي هيٺين ٻن ڪمرن ۽ مٿين ڪمري جي ايئرڪنڊيشنرن جي پٺ منهنجي ڪمري ڏي آهي.هڪ دفعي پنهنجو ايئرڪنڊيشنر بند ڪري دريون کولي سمهڻ چاهيم. پر ٽن چئن فوٽن جي فاصلي تي پاڙي وارن جي هلندڙ ٽن ايئر ڪنڊيشنرن جو گڏيل گوڙ ايڏو هو جو ڄڻ جهاز جي انجڻ پئي هلي. نتيجي ۾ دريون بند ڪري پنهنجو ايئر ڪنڊيشنر هلائڻو پيو ۽ هاڻ گهر ڇڏي اهڙي فلئٽ ۾ وڃي رهڻ چاهيان ٿو جتي پنهنجي ۽ پاڙي وارن جي ايئرڪنڊيشنرن کان جان بچي سگهي.
    مٿين ڳالهه پنهنجي عرب دوست سان ڪيم ته هن به ان مسئلي کي مڃيو ته اهو هڪ اهڙو Necessary Evil ٿي پيو آهي جنهن مان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پئي آهي. ايئرڪنڊيشنر جي غير قدرتي ٿڌ هڏن جو سور ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان جي گوڙ ٻارن توڙي وڏن جي ڪنن توڙي دماغي پڙدن تي اثر ڪيو آهي.
    • سئيڊن ۾ رهائش دوران منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عرب خالد چيو ته آمريڪا جي سعودي عرب تي حملو ڪيو ته هنن تي ڪو خاص اثر نه پوندو. عرب ڏکن ۽ تڪليفن تي هريل آهن ۽ هو اڄ به چمپل ۾ پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا. هو تنبوءَ واري زندگي گذاري سگهن ٿا.

    خالد اها ڳالهه ڪري رهيو هو جيڪا هتي جي بادشاهه فيصل ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي صدر يا سيڪريٽريءَ کي چتاءُ طور چئي هئي: “ اسان توهان جي هر ڳالهه نه مڃينداسين. جي اسان جي ملڪ تي حملو ڪري هي تيل جي بدلي مليل دولت کسيندائو ته به اسان تي ڪو خاص اثر نه ٿيندو. اسان اڄ به رڻ پٽ جي زندگي گذاري سگهون ٿا.”
    اها ڳالهه مون هينئر پنهنجي عرب ميزبان حسن سان ڪئي. هن ان کي ٺلهي هام قرار ڏئي چيو: “ ڪنهن عرصي تائين اهو صحيح هو. هاڻ اسان سعودي ايڏو عياش ٿي ويا آهيون جو الله خير ڪري. شل نه ڏکيا ڏينهن موٽي اچن. ڪنهن ۾ به هاڻ اها سهپ نه رهي آهي. ڇا هاڻ اڄ جو عرب سڪل ڪتل ۽ ڏانچيءَ جو کير تي گذارو ڪري سگهندو؟ ڇا ههڙي گرميءَ ۾ رڻ پٽ تي تنبو لڳائي رهي سگهندو جنهن جي گهر، آفيس، دڪان، ڪار ۾ هر وقت ايئرڪنڊيشنر هلندو رهي ٿو. ڇا هر وقت پيپسي ۽ مختلف ميون جا رس پيئڻ وارو اڄ جو نوجوان عرب ٻاڙو پاڻي پي سگهندو؟ هرگز نه. سو اهي فقط ڳالهيون وڃي رهيون آهن . . . عرب صدين کان سخت جان Rough ۽ Tough سمجهيو ويندو هو پر اهو هاڻ نازڪ مزاج، عياش ۽ سست ٿي پيو آهي. هن کي پنهنجي ئي پيٽرول جي دولت Hostage بنائي ڇڏيو آهي. اسان هر وقت آمريڪا جهڙي پاور جي هٿ هيٺ آهيون. پنهنجي عياشي قائم رکڻ لاءِ هر وقت هن اڳيان فقيرن وانگر جهولي جهلي بيٺا آهيون. غلط يا صحيح جيڪي آمريڪا چئي ٿو ان کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون.”
    • پٺيرو ويندڙ عرب کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سعودي عرب جي شهر ينبو ۾ پهچڻ تي ٻئي يا ٽئي ڏينهن جمعو هو. پنهنجي عرب دوست سان گڏ جمعي نماز تي ويس. شهر جي رستن جي اڃان ڄاڻ نه هيم. هو به ويجهي مسجد ۾ وٺي وڃڻ بدران ڪار ۾ هڪ ڏورانهين ۽ وڏي مسجد ۾ وٺي هليو. اسان دير سان پهتا هئاسين ۽ سٺي مسجد نمازين سان ڀرجي چڪي هئي. آئون ورانڊي ۾ ئي هڪ ٿنڀي وٽ ٽيڪ ويهي رهيس. جبي ۾ منهنجو عرب دوست وڌيڪ بهتر جاءِ جي ڳولا ۾ اندرين هال ۾ هليو ويو جتي ايئرڪنڊينشنر هلي رهيا هئا. نماز ختم ٿيڻ بعد پنهنجي عرب دوست کي ڳولڻ مسئلو ٿي پيو. آئون پٺيان هوس اڳيان بيٺل سوين عرب سڀ هڪ جهڙا لڳي رهيا هئا. سڀني کي اڇا جبا ۽ اڇا (يا ڳاڙها) رومال هئا. اسان وٽ ته سڃاڻڻ سولو آهي. ڀلي کڻي ڪو پٺيرو پيو وڃي. ڪپڙي جي رنگ مان کيس سڃاڻي سگهجي ٿو. مٿي تي رکيل ٽوپي يا رومال جي رنگ يا ڊزائين مان. جي مٿو اگهاڙو آهي ته سندس وارن جي سينڌ ۽ شيپ مان ( لسا آهن يا گهنڊيدار، ٿورا آهن يا گهڻا) وغيره. پر پٺيرو ويندڙ عرب ۽ رڍن جي ڌڻ ۾ ڪنهن جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. مون سان به ان ڏينهن مسجد ۾ اها جٺ ٿي. پوءِ عرب دوست کي ڳولڻ بدران مسجد جي ٻاهران اچي بيٺس جتي هن پاڻ مونکي ڳولي لڌو.
    • جيتريون ڪڪڙيون عرب کائين ٿا لڳي ٿو ته قيامت کان اڳ، بلڪه گهڻو گهڻو اڳ، هن جهان مان ڪڪڙين جا نسل غائب ٿي ويندا.
    • عرب دنيا ۾ حقي جو استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڪيترن ئي گهرن ۾ حقو نظر اچي ٿو. ڪچهري دوران يا مانيءَ بعد هر هڪ ڦوڪ ڀريندو رهي ٿو. يورپين ۽ جپانين عربن جو اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ مختلف رنگ، شڪلين ۽ سائيزن ۾ چلمون ٺاهيون آهن. جيڪي چلمون گهٽ مڪسر جيوسر وڌيڪ لڳن ٿا. ڦوڪ ڀرڻ لاءِ نڙ اسان جي سنڌي چلم وانگر ڊگهو ڏنڊي جهڙو هجڻ بدران پلاسٽڪ جي پائيپ وانگر ڊگهو ۽ لچڪيدار (Flexible) آهي، جنهن کي ڦوڪ ڀرڻ بعد حقي جي چوڌاري ويڙهي رکيو وڃي ٿو. جنهن گهر ۾ آئون رهان ٿو، انهن جي حقي جو نڙ ٻٽي پائيپ جو آهي. يعني نڙ مٿان هڪ ٻيو ويڪرو پائيپ چڙهيل آهي جيئن حقو ڇڪڻ وقت ان جو دونهون ڦڦڙن تائين ان ئي ٽيمپريچر تي پهچي جنهن تي چلم جي ٽوپيءَ مان نڪري رهيو آهي. يعني مٿيون ويڪرو پائيپ Insulation جو ڪم ڪري ٿو. پهرين ڏينهن ان ويڪري پائيپ واري حقي کي مون Vaccum Cleaner سمجهيو هو.
    حقي جو استعمال نه فقط گهرن ۾ پر خاص خاص هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ به هلي ٿو. هڪ دفعي منهنجو هڪ عرب دوست لنڊن جي هڪ اهڙي گهٽي ۾ وٺي هليو هو جتي رڳو عربن جون ريسٽورنٽون هيون ۽ هر ريسٽورنٽ ۾ پنج ڇهه حقا رکيل هئا.
    • هتي سعودي عرب ۾ اچي ڪن ڪن ڳالهين تي تعجب لڳم. مون سمجهيو ته هتي سعودي عرب ۾ قريشي، صديقي، فاروقي، عثماني ذاتين وارا ڪيترائي ماڻهو هوندا. اهي ذاتيون اسان وٽ اوچي درجي جون تصور ڪيون وڃن ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ اوچي هجڻ جو Image ڏنو وڃي ٿو. پر هيڏانهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. ساڳي طرح سيد ذات آهي. هند سنڌ ۾ جيترا سيد نظر اچن ٿا ان حساب سان ته مون سمجهيو اڌ عربستان سيد هوندا جو ظاهر آهي سڀ سيد هند ۽ سنڌ ۾ ته نه لڏي آيا هوندا. پر هتي ان بابت به نااميدي ٿي. اهڙي طرح شيخ ذات. هتي مسجد جي امام کي الشيخ چيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا اهڙا به شيخ نظر ايندا جن سواءِ عيد نماز جي مسجد جي چانئٺ نه ٽپي هوندي، جيتوڻيڪ شيخن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هنن جا وڏا عربستان کان آيا يا هندن مان مسلمان ٿيا. ٻنهي صورتن ۾ کين وڌيڪ نيڪ نمازي هجڻ کپي. بهرحال ملائيشيا وانگر هتي سعودي عرب ۾ پڻ اها ڳالهه آهي ته نيڪ ان کي سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو جيڪو نيڪ آهي ۽ نه جنهن تي شيخ، سيد يا قريشي صديقي جي ليبل لڳل آهي.
    • اسان وٽ تسبي کي چمڻ يا قرآن شريف تي ٽي ٽي چار چار پوٽڙيون چاڙهڻ کي ئي اهم سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت هتي جي هڪ عرب مولويءَ سمجهايو ته تسبيءَ يا مصلي کي چمڻ يا سيني سان لائڻ سان ثواب نٿو ملي. پر ان جي پڙهڻ ۽ ان تي ويهي عبادت ڪرڻ سان ثواب ملي ٿو. ساڳي طرح قرآن مٿان ڏهه پوتڙيون چاڙهي مدن يا ڪٻٽ مٿان رکي ڇڏڻ کان بهتر آهي ته ان کي پڙهجي. اڃان به بهتر آهي ته ان جي معنى سمجهجي ۽ ان ۾ ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪجي.
    • هڪ عرب پڇيم : “ تون پڪو پاڪستاني آهين؟”
    “ ڇا مطلب؟” مون ڳالهه نه سمجهي وڌيڪ پڇيومانس.
    “ منهنجو مطلب آهي،” هن ٻڌايو ، “ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي پاڪستاني سڏائين ٿا، پر آهن افغاني. هنن هتان هتان پاڪستاني پاسپورت هٿ ڪيو آهي. انهن ئي ڪافي پرابلم پيدا ڪيا آهن.”
    • اڳ ۾ رڳو United Kingdom ٻڌبو هو يعني برطانيا. ان بعد ٿائلنڊ وارن پنهنجي ملڪ کي Kingdom of Thailand سڏائڻ شروع ڪيو. هاڻ وري سعودي عرب جي حاڪمن کي شوق کنيو آهي ڪنگڊم آف سعودي عرب (المملڪة العربيہ السعود) سڏائڻ جو. ان ڏينهن پوسٽ آفيس تان خط وٺڻ ويس ته پوسٽ ماستر تاڪيد ڪئي ته ان پاڪستاني خط لکندڙ کي آئون ٻڌائي ڇڏيان ته هن ملڪ جو نالو ٺلهو سعودي عربيہ نه لکي بلڪ Kingdom of Saudi Arabia لکي. “ جي سائين” ڪري جان ڇڏايم ۽ پنهنجو رجسٽرڊ خط ورتم. هاڻ هن مئٽرڪ فيل عرب پوسٽ ماستر کي ڇا ٻڌايان ته اڄ ڪلهه جڏهن هر ملڪ جو عوام جمهوريت چاهي ٿو، اتي پنهنجي ملڪ کي ڪنگڊم سڏائڻ گار برابر ئي لڳي ٿو.
    • لڳي ٿو ته انگلنڊ ۽ يورپ ۾ ايڏي بيروزگاري وڌي وئي آهي جو اتي جا گورا سعودي عرب ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ اهڙو ڇتا ٿي پيا آهن، جو ٽي يا چئين هزار ريالن ۾ انجنيئري يا ڊاڪٽري پيا ڪن. اهڙي صورت ۾، ۽ اهوئي سبب آهي جو هاڻ پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ هتي سعودي عرب ۾ سپروائيزري، ڊرائيوري، مڪينڪ ۽ مزوري جهڙيو ٻارهين سؤ ۽ هزار ريالن واريون نوڪريون وڃي بچيون آهن. پر هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي اهي به ختم ٿينديون وڃن جو هڪ ته عربن جا پنهنجا خرچ وڌي ويا آهن، گلف واري جنگ ڪري سعودي عرب تي قرضن جا ڪوٽ چڙهي ويا آهن، ظالم وڏيري وانگر ڪيترن عربن کي مزور يا پورهيت کي پورو اجورو ڏيندي ٻرو چڙهي ٿو ۽ وڃن ڏينهون ڏينهن ڪنجوس ٿيندا ۽ وڏي ڳالهه تي هنن پاڪستانين کان به وڌيڪ غريب، زماني جا ستايل ۽ مجبور ماڻهو ڳولي لڌا آهن ۽ هزار ٻارهن سؤ بدران هنن کي ست سؤ اٺ سؤ ريالن تي بنگلاديش، سري لنڪا، برما ۽ ڏکڻ هندستان جا ماڻهو مليو وڃن.
    • عرب اڇي رنگ جي اوچي ڪپڙي جو جبو پائين ٿا. اسلام ۾ مرد کي سون پائڻ کان منع ڪيو ويو آهي، پر ڪيترن عربن کي سوني واچ، سوني منڊي ۽ سونا ٻيڙا عام آهن. عربي پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل بدو، پر اوچي انڊپين کيسي ۾ رکڻ جو شوق ڪندو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته پيرن ۾ بوٽ پائڻ بدران چمپل پائي ٿو ــــ سو به ڪيترن کي ڇنل يا بي ڊولو هوندو. اڌ پير ۾ اڌ پير کان ٻاهر. ٿورو ئي Nervous ٿيڻ تي عرب سگريٽ ڪڍي دکائيندا يا تسبيءَ جا ڪڻ تکو تکو سوريندا يا وري مٿي تي ٻڌل رومال جا پلئه هيڏانهن هوڏانهن ائين پيا درست ڪندا جيئن عورتون هر هر گسڪندڙ پوتيءَ کي مٿي تي ٺاهينديون آهن.
    • هيترا سال بلڪ صديون گرميءَ ۾ گذارڻ بعد هاڻ عربن جي عياشي ٿي آهي. پيٽرول جي پئسن مان هنن دنيا جو هر سک ماڻڻ شروع ڪيو آهي. اهو سک ۽ عياشي ڪو ٽيهه پنجٽيهه سالن کان شروع ٿيو آهي نه ته پٺتي سوين سال هليو وڃجي ته سعودي عرب رڳو ريتي ۽ رڻ پٽ هو. ماڻهو ٻاڙي پاڻي لاءِ به سڪندا رهيا. چين توڙي هند سنڌ ۾ صدين کان ويندي موهن جي دڙي جي ڏينهن کان درياهه وهيا ٿي. وڻڪار ۽ بارشون هيون. پوکون ۽ پکي هئا. کائن، شڪار ۽ سواري لاءِ انيڪ جانور ۽ رهائش لاءِ سهڻيون جايون هيون، پر هتي عربستان ۾ ڪجهه به نه هو. سو هاڻ جي عرب پيٽرول جي دولت تي عيش ڪن ٿا ته ڀلي ڪن. هر هڪ پنهنجي پر ۾ لئه ڪئي آهي ۽ ٻئي کي پڇيو ناهي.
    هڪ ڳالهه عربن جي تعريف واري خاني ۾ ضرور لکجي. جڏهن سعودي عرب، ڪويت پاسي ڏکيا ڏينهن هئا. گرمي، لڪون ۽ ڌوڙ هئي. رڳو گدرن، ڪتل ۽ ڌوري تي گذر هون ته به هو ٿرين وانگر پنهنجي ئي ماڳ تي رهيا. ائين نه ته هاءِ گهوڙا ڪري پنهنجو وطن ڇڏيائون ٿي. آمريڪا وڃڻ لاءِ گرين ڪارڊ هٿ ڪيائون ٿي.
    • سعودي عرب ۾ ڀاڄي ڪچي کائي وڃي ٿي. ڪابه ڀاڄي ڪٿي به رڌل نظر نٿي اچي سواءِ واڱڻن پٽاٽن جي. اسان وٽ ته ٽماٽن ۽ پتائي گجرن کي به رڌي رڌي چٽڻي ڪيو وڃي ٿو.
    • اڄ پاڪستان کان هڪ همراهه فون ڪري مونکان صلاح ورتي ته جيڪر هو پاڪستان کان سعودي عرب بسڪيٽ Export ڪري ته ڌنڌو ڪيئن رهندس.
    اسان جي ماڻهن جي معلومات ڪيتري گهٽ آهي. اهو ارادو هو ڏهه پنڌرهن سال اڳ ڪري ها ته ڪا ڳالهه هئي. هينئر هتي سعودي عرب ۾ هر شيءِ جون اهي اهي فئڪٽريون کلي ويون آهن جيڪي معيار ۽ قيمت ۾ اسان کان بهتر شيون ٺاهين ٿيون. سعودي عرب لاءِ اها هڪ وڏي Achievement آهي ته گذريل سال هتي ايتري ڪڻڪ ٿي جو هنن ٻاهر Export ڪئي. سعودي عرب جيتوڻيڪ رڻ پٽ آهي، پر پوک ۽ مال ڌارڻ ۾ ايترو اڳتي وڌي ويو آهي جو تازو کير به هتي ئي دٻن ۾ پئڪ ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ ملندڙ ٻاويهين رپئي وارو لٽر جو ملڪ پئڪ يا حليب ايترو سوادي ناهي جيترو هنن جو اڍائي ريالن ۾ ملندڙ سعودي نالي وارو لٽر جو دٻو. هتي مئري ٽائيپ بسڪيٽن جو پئڪيٽ هڪ ريال يعني ساڍي اٺين رپئي ملي ٿو. آئون نٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ ايتري هوندو. ٻه سال اڳ به ڏهين رپئي هو هينئر ٻارهين تيرهن رپئي هوندو. هاڻ اهو هتي جڏهن پنڌرهن سورهين وڪيو وڃي تڏهن وڃي پاڪستاني واپاريءَ کي فائدو ٿئي. پر ايتري ۾ هتي ڪير وٺندو. ان کان ته بهتر آهي ايترن پئسن ۾ هتي جا ٻه پئڪ وٺجن جيڪي اسان جي بسڪيٽن کان وڌيڪ سوادي آهن.
    • سعودي عرب به عجيب ملڪ آهي. نه برابر مينهن پوي ٿو. گرمي ئي گرمي. اس ئي اس. چوڌاري سوين ميلن تائين ريتي ۽ ڻ پٽ. ظاهر آهي نه ڪڪر گڏ ٿين نه مينهن پوي ته پوءِ فقط واري ئي واري هوندي. بهرحال سعودي عرب عجيب رڻ پٽ آهي. ڪيترا ملڪ آهن جن جي چوڌاري سمنڊ به نه آهي ته به ٻارهوئي جهڙ مينهن لڳا پيا آهن. هيڏانهن سعودي عرب سواءِ هڪ طرف جي باقي ٽن طرفن کان سمنڊن جي گهيري ۾ آهي ته به مينهن نه آهي!
    • ڪيترا اهو چون ٿا ته پيٽرول سعودي عرب ۾ خوشحالي آندي آهي. هڪ ڏينهن جڏهن پيٽرول بند ٿيندو ته سعودي عرب لولو لنگڙو ٿي ويندو.
    قدرت جا راز قدرت ڄاڻي ٿي. ٿي سگهي ٿو هوءَ هن پٽ تي اڃان به مهربان ٿئي. اڄ ڪلهه آهستي آهستي موسمون بدلجي رهيون آهن. جتي مينهن گهڻا پوڻ کپن اتي گهٽجي رهيا آهن. جتي ٿورا پوڻ کپن اتي هر سال وڌي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو هڪ اهڙو ڦيرو اچي جو سعودي عرب ۾ ملائيشيا، سري لنڪا، ڏکڻ هندستان وانگر مينهن وسڻ شروع ٿي وڃن. آخر اها قدرت جيڪا اوڏانهن مينهن وسائي ٿي هيڏانهن به وسائي سگهي ٿي. هن وقت منهنجي اڳيان سعودي عرب جو نقشو ٽيبل تي وڇايل آهي. هي سڄو ملڪ مينهن جي معمولي وسڪارن سان سرسبز سائو ٿي سگهيٿو ۽ هيڏي وڏي ايراضيءَ ۾ ٿيندڙ پوک سڄي دنيا جي ماڻهن جو پيٽ ڀري سگهي ٿي.
    • ملائيشيا وانگر سعودي عرب جي اخبارن ۾ به قرآن شريف جون آيتون نٿيون ڏنيو وڃن. ڪيترو به خيال رکيو وڃي پر اخبار اهڙي شيءِ آهي جيڪا هيڏانهن هوڏانهن اڇلبي رهي ٿي ۽ اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ آيتون هجڻ ڪري ڪيڏي بي ادبي ٿئي ٿي.
    • عرب نيوز انگريزي اخبار جو اڌ صفحو ننڍن ننڍن اشتهارن Classified Ads لاءِ وقف ٿيل آهي، جنهن ۾ بيروزگار، جن کي نوڪري جي ضرورت هوندي آهي يا اهي سيٺ ڪارخانيدار جن کي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، اشتهار ڏين ٿا. رهائش لاءِ جاءِ ڳولڻ لاءِ پڻ هي اشتهار مدد ڪن ٿا. جدي جهڙي وڏي شهر ۾ اڪثر ٽي چار ڄڻا گڏجي هڪ ڪمرو يا فلئٽ مسواڙ تي وٺن، پوءِ انهن مان هڪ يا ٻه ساٿي هليا وڃڻ تي وري اشتهار ڏين، جيئن ضرورتمند حصو ڏئي اچي رهي. هي اشتهار پڙهندڙن لاءِ مفت آهن. ان ڪري اهو اڌ صفحو هيشه ڀريل هوندو آهي. ڪي ته برٿ ڊي، شادي ۽ عيد جون مبارڪون به هن صفحي ذريعي پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي موڪلين پوءِ کڻي اهي ڪيرالا يا ڪولمبو جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ رهندا هجن، جن تائين هن اخبار جي خوشبو به نه پهچندي هجي.
    هڪ جائزي موجب نوڪري جي ڳولا بعد ٻي نمبر تي جنم ڏينهن جا گهڻا نياپا Greetings هوندا آهن، خاص ڪري زالن ڏي. نوي سيڪڙو ڌاريان هتي اڪيلي سر رهن ٿا. سندن فئملي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ (وطن) ۾ رهي. اهڙن نياپن ۾ Wish you a happy married life به عجيب جملو هوندو آهي. پاڻ مڙس هيڏانهن ٻن يا ٽن سالن جو ڪانٽرئڪٽ پيو ڪري ۽ زال پنجاب يا مهاراشٽرا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ سندس خط اچڻ جي اوسيئڙي ۾ ڪانو (يا ڪبوتر) پئي اڏائي ۽ جدي مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ۾ هنن لاءِ “ خوشحال شادي شده زندگي” جي مبارڪن جي ڌم لڳي پئي آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه انهن ڪالمن کي پڙهڻ سان ڌيان ۾ اچي ٿي ته اسان پاڪستانين کان انڊيا جا رهاڪو هڪ ته هتي گهڻا رهن ٿا ۽ ٻيو اسان کان وڌيڪ آرگنائيزڊ آهن. هو اڪثر پاڻ ۾ ملندا رهن ٿا. اهم ڏينهن _ مذهبي توڙي ثقافتي، نه فقط پنهنجو پاڻ ۾ ملهائين ٿا پر هتي جي مڪاني عربن کي به شامل ڪن ٿا. ڪيترن عربن کي اسان کان وڌيڪ انڊيا جي ماڻهن (مسلمانن توڙي هندن) سان وڌيڪ همدرديون آهن.
    عربي پڙهيو نه آهيان، ان ڪري عربيءَ جي گهڻي ڄاڻ نه اٿم _ خاص ڪري گرامر کان ته بلڪل اڻ واقف آهيان. پهريون دفعو جڏهن سعودي عرب کان آيل هڪ لفافي تي پاڪستان بدران الباڪستان ۽ ڪراچي بدران ڪراتشي پڙهيو ته تعجب لڳم ۽ ان وقت معلوم ٿيو ته پ ۽ چ جا اکر فارسيءَ ۾ ته آهن پر عربي ۾ نه آهن ۽ عربي ۾ پ بدران ب لکيو وڃي ٿو ۽ چ بدران تش.
    سنڌي زبان ۾ ته ماشاالله ٻاونجاهه اکر آهن، پر عربيءَ ۾ ڪيترن اکرن جي کوٽ هجڻ ڪري ڪيترا انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ مختلف نموني سان لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته اسپين کي اسبانيا سڏيو وڃي ٿو، يوگنڊا کي اوغنڊا ڇو جو عربي ۾ گ جو اکر ناهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ عرب دنيا ۾ بنغلاديس ۽ سنغافوره سڏيا ۽ لکيا وڃن ٿا. ٽوڪيو طوڪيو لکيو وڃي ٿو ڇو جو عربي ۾ ٽه جو اکر نه آهي ۽ واشنگٽن جيڪو واشنغطن هجڻ کپي پر فقط واشنطن سڏيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ کي هانج ڪونج ۽ مالٽا بيٽ کي الجزيره مالطہ سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾ چاڊ تشاد آهي ۽ پوءِ ڀلا “ جوتشي” ڪهڙي بلا جو نالو ٿي سگهي ٿو. هڪ عطرن، پرسن ۽ اعلى قسم جي تحفن جي دڪان ٻاهران وڏن اکرن ۾ جوتشي لکيل هو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر سندس اصل انگريزي نالو پروڙي نه سگهيس. شايد توهان ڳولي سگهو. بهرحال جوتشي اٽلي جي مشهور ڪمپني Gucci (گچي) جو نعم البدل آهي. جپان کي عرب دنيا ۾ اليابان، ملائيشيا کي مليزيا ۽ سئزرلئنڊ کي سويسرا سڏيو وڃي ٿو.
    ڪن ڪن شهرن ۽ ملڪن جو عربي زبان ۾ نالو بلڪل مختلف آهي. جيئين ته ڪيرو شهر قاهره سڏجي ٿو ۽ اهڙي طرح جرمني المانيا سڏجي ٿي ۽ آسٽريا التمسا، موراڪو المغرب، انڊيا الهند ۽ ڪومرو ٻيٽ جزرر القمر سڏجن ٿا. هڪ ٻه ٻيا به اهڙا لفظ آهن جيڪي پڙهڻ سان يڪدم سمجهه ۾ نٿا اچن. شڪولاتہ چاڪليٽ لاءِ آهي ۽ شاڪاغو آمريڪا جو Chicago شهر آهي
    هن شهر ينبو (ينبع) جي PIA آفيس جي الياس طارق ٻڌايو ته سال کن اڳ هن آفيس جو مئنيجر علي خان ڪلهوڙو هو. “ هو تمام پڙهيل ڳڙهيل ۽ چرچائي مڙس آهي. انهن ڏينهن ۾ تون هجين ها ته هن سان ڪچهري ڪري توکي مزو اچي ها.”
    علي گل سان منهنجي هڪ بيحد مختصر ملاقات پهرين جي ضرور آهي. علي گل 1950ع ۾ حاجي دائم ڪلهوڙي ڳوٺ (تعلقي موري) ۾ ڄائو. 1972ع ۾ بين القوامي تعلقات ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ ايم.اي ڪئي. فرانس مان 1975ع ۾ ايڪس _ ان پرونس يونيورسٽي مان اتر آفريڪا جي تحريڪن جي موضوع تي Specialization ڪئي. کيس عربي، فرينچ ۽ انگريزي ٻولي اچي ٿي. پاڻ پهرين قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هو، ان بعد PIA ۾ آيو. هو ينبو ۽ مڪي شريف ۾ ٻه ٻه سال رهي چڪو آهي. اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ڪارپوريٽ مئنيجر آهي ۽ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جلد ئي جدي ۾ بدلي ٿيڻ واري اٿس.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259609
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ