ڪتاب جو نالو: نيوهالا کان نيويارڪ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2200 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 457 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب رشيد کرل جي نالي
  • مسافر پاران
  • هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق
  • پائلٽ سڌي ليڪ ۾ جهاز ڇو نٿو هلائي؟
  • هاڻ آمريڪا ۾ آچار۽ ڳڙ به ملي ٿو
  • آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز
  • آمريڪا ۾ پريالوءِ جو همراهه
  • مون سان پنهنجن ئي ويڌن ڪئي
  • ساڳيو “ڪاسائڪو” ڪم ڪندس
  • چارئي شير آمريڪا ۾
  • نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس
  • آمريڪا مفاصلن جو ملڪ
  • ظفر فاروقي ۽ رام رنگواڻيءَ جا ٻار
  • مائرن کي گهرجي ته ٻارن کي ننڊ جي دوا ڏين
  • بيماريءَ جو گهڻو راڳ نه ڳايو
  • ايمرجنسيءَ ۾ ائٽلانٽڪ ڪراس نه ڪندس
  • هڪ سنڌي کي به ايئرپورٽ تان موٽايو ويو
  • اسان لاءِ JFK ايئرپورٽ سهوليت وارو آهي
  • JFK ايئرپورٽ تي پيش ايندڙ هوائي حادثا
  • هر حادثي پويان مسلمانن جو هٿ
  • هالا جي ليليٰ، انڙپور جو رمضان آمريڪا ۾
  • مرحوم محمد صديق گاجڻي جو اولاد آمريڪا ۾
  • سڀ هتڙي ئي ته آهيون......
  • آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي
  • ڪينيڊيءَ جا قاتل ڪير هُئا؟
  • جئڪي اسان جي فئوريٽ، اوناسز اسان جو باس
  • ڪهڙو آمريڪا ؟
  • يورپين جو آمريڪا پهچڻ
  • آمريڪا وارن پنهنجين حڪومتن مان جان ڇڏائي
  • حيدرآباد نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏو ۽ ماڊرن هو
  • آمريڪا جي مختصر تاريخ
  • آمريڪا جي پنجاهين رياست هوائي ٻيٽ آهي
  • واشنگٽن جي سنڌي شام
  • آمريڪي فوج ۾ پهريون سنڌي
  • پروفيسر جاويد ڀٽو سان ملاقات
  • ابراهم لنڪن ٽپتائي نه هو
  • dream مارٽن لٿر ڪنگ جو خواب
  • لٿر ڪنگ جي ”I have a dream” مشهور تقرير آهي.
  • نجم جي دال جي ڇا ڳالهه
  • عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ امر سنڌو
  • پروفيسر جاويد ڀٽو ۽ نفيسه هودڀائي جي ڪهاڻي
  • ڪجهه نيويارڪ بابت
  • نيويارڪ جي ترقي ۽ مشهوري
  • نيويارڪ کي پُليون ۽ سرنگون ڳنڍين ٿيون
  • جهاز وارن لاءِ نيويارڪ جي نئروز ويرازانو اهم پُل آهي.
  • ماتلي جا ماڻهو به آمريڪا ۾ فراڊ پيا ڪن
  • ماتلي جا ماڻهو به آمريڪا ۾ فراڊ پيا ڪن
  • “ڪل هو يا نا هو” فلم ۾ نيويارڪ جي ويرازانو پُل
  • آمريڪا جي خوبصورت ندي- هڊسن ندي
  • فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ناهي...
  • نيويارڪ جون پراڻيون پُليون....
  • گمبٽ جي ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سان نيويارڪ ۾ مُلاقات
  • نيويارڪ جون ڪجهه ٻيون پُليون
  • نيويارڪ جون ڪجهه وڌيڪ پليون
  • آمريڪا کنڊن ۾ سڀ کان گهڻي هسپانوي هلي ٿي
  • نيويارڪ تي پهرين ڊچن قبضو ڪيو
  • ايڊسين، وال وٽمن ۽ مارلن برانڊو به ڊچ هئا
  • هي نيويارڪ جو علائقو بي رج نه پر بيروت آهي
  • پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻولين ۾ فرق
  • هيمون ڊرائينگ ۾ فيل ٿي پيو
  • اصحابي مسعب عمير جي نالي تي مسجد
  • امام رضا شاتا جرمني ڇڏي نيويارڪ آيو
  • هيري جي چونڊ سولي، سڱ جي چونڊ ڏکي آهي
  • ماکيءَ جهڙي مٺي آواز ۾ چيو ته مون کي قبول آهي
  • آئون بي عزتيءَ جي سرن سان اڏي وئي آهيان
  • مسلمان پنهنجي ملڪ ۾ پر اسلام ولائت ۾
  • اڄ بيبيون بڻجي ويون آهن...
  • آمريڪا گجراتي پٽيلن سان ڀريو پيو آهي.
  • ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا آمريڪا ۾ نٿي ملي!
  • ڪمينٽمينٽ به ڪا شيءِ ٿيندي آهي
  • شيزان هوٽل جو ميان عزيز ۽ آصف رشيد
  • اهو ڪيئن ٿا چئو ته مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن.
  • امام صاحب FBI جو ماڻهو هو
  • سنڌ ۾ ڪو بزنيس ڪري نه سگهندين
  • حبيب آمريڪن بئنڪ جو سنڌي مئنيجر
  • نديم جوڻيجو ۽ سندس زال سميرا قاضي
  • هميراڻي صاحب ٻارن سان ملڻ لاءِ آمريڪا آيو هو
  • سنڌ جون خبرون خوشيءَ جون نه آهن.
  • آمريڪا ۾ مهانگائيءَ سان گڏ بيروزگاري پڻ آهي
  • وزٽ ويزا وارو آمريڪا ۾ سوچي سمجھي نوڪري ڪري
  • ڳوٺ ڄمون آگامو (رتوديرو) جي محمد پناهه راڄپر جا پوٽا USA ۾
  • “ڇا ان کي چئبو آهي اسلام جي خدمت؟”
  • هاڻ تفريح به هٿن مان نڪري ويئي
  • بشير انصاري ۽ غلام مصطفيٰ ٻگھئي جا ٻار
  • نيو جرسي جي مشهور رٽگرز يونيورسٽي
  • ڪارنيل يونيورسٽي جتان منهنجي والد M.Sc ڪئي
  • ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ سندس گهرواري
  • Yala ۽ پرسٽن يونيورسٽي
  • تون ڪٿين آهي پرين ....
  • Zarina Baloch is a Talented Soul
  • آمريڪن ڪير آهي؟
  • آمريڪا جي ٻن صدرن جون ملندڙ ڳالهيون
  • “واسواڻي سينٽر نيو جرسيءَ ۾”
  • ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو حادثو
  • ڪجهه دلچسپ ۽ تاريخي ڳالهيون
  • نيويارڪ ۽ مئن هٽن جي جھمپا لاهيري
  • وڌ ياڌر سورج پرساد نائيپال (V.S. Naipaul)
  • ننڍي کنڊَ جي ليکڪن جا ڪتابَ آمريڪا ۾
  • نيويارڪ جا نرالا نالا
  • نيويارڪ جو بندرگاهه، ريل ۽ ٽئڪسيون
  • آمريڪا جا ڇهه ٽائيم آهن
  • آمريڪا ۾ دنيا جون اتاهيون عمارتون
  • واشنگٽن ۾ سب وي ۾ سفر
  • واشنگٽن ۾ ملائيشيا جو سفارتخانو ۽ UDC
  • 42 سالن بعد انور ميمڻ سان ملاقات
  • خالد هاشماڻي پاڻ به ايراني لڳي ٿو
  • خالد جا ڀاءُ ڀيڻ ۽ اقبال جماڻيءَ جا ٻارَ
  • انور ميمڻ جو مشهور انگريزي گانو
  • انور ميمڻ جو مشهور انگريزي گانو
  • ايرانين ۽ اسان ۾ فرق کرڙ وارو آهي
  • اقبال ترڪ ۽ سندس ڀائر
  • آمريڪن يونيورسٽين جا سنڌي گرئجوئيٽ
  • نيو جرسي جا بهترين تعليمي ادارا
  • دنيا جي وڏي ۾ وڏي لوهي مورتي
  • لبرٽي ۽ ايلس ٻيٽ ۽ مجسمو
  • مجسمي جي ڪجهه عضون جي ماپَ
  • ٻه اکر Ellis ٻيٽ بابت
  • ڊاڪٽر خميساڻي ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي جو احوال
  • واشنگٽن ۾منور لغاريءَ وٽ وڃڻ جو ارادو
  • دادو جو ابراهيم چنا نيوجرسيءَ ۾
  • خالد ۽ مسعود چنا هاڻ انجنيئر گهٽ طبيب وڌيڪَ آهن
  • نئچرل فوڊ واپرائڻ جو فئشن
  • طفيل چانڊئي بهن، بيد مشڪ ۽ لوسڻ جا فائدا ٻُڌايا
  • نواب شاهه جو شڪيل ميمڻ ۽ هن جا ڀائر ڀينر
  • حيدرآباد جو حڪيم نذير احمد شيخ
  • کڏن تي لغڙ اُڏائيندڙ هالا جو نجم نيويارڪ ۾
  • ٽنڊوجان محمد جو بابُو عبدالرحمان ۽ يوسف ڏاهري
  • پاڪستان جي شيءِ مفت ۾ به نه کپي
  • رميش ٿارواڻي ۽ مکي سروانند جو احوال
  • چڱو جو مون توهان کي جهاز گهمايو
  • ائٽلانٽڪ سٽي جوا خانن کان مشهور آهي
  • ڊيلاويئر ندي ۽ چيزاپيڪ خليج
  • چيزاپيڪ خليج جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب
  • فلڊلفيا جي ڪارن (شيدين) سان ڪير نه پُڄي
  • ڊاڪٽر خورشيد چنا ۽ ڊاڪٽر نصرت قاضي آمريڪا ۾
  • فلڊلفيا آمريڪا جي خوبصورت شهرن مان هڪ
  • ڪرندڙ تعليم ۽ ڌاڙيلن بابت لياقت عزيز جا ويچارَ
  • فلڊلفيا کان بالٽيمور ۽ پوءِ واشنگٽن
  • فلڊلفيا کان واشنگٽن ڊي سي
  • واشنگٽن شهر جا رستا ۽ گهٽيون
  • اڄ وري ياد آيا پنهنجا پيارا
  • منور جو هڪ ڪمري وارو گهر
  • منور جو هڪ ڪمري وارو گهر
  • منور جو هڪ ڪمري وارو گهر
  • واشنگٽن ۾ سنڌي شام
  • ائمبسڊر جان ڊبليو مئڪڊونالڊ ـــــ امن جو رکوالو
  • سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ هيءَ ڇوڪري ڪير آهي
  • حميرا رحمان بابت ٻه اکر
  • پليجي صاحب جي رلهي ۽ شوڪت نظاماڻيءَ جي اجرڪ
  • هتي هر شيءِ اوڌر تي ورتل آهي
  • منور جي ڪار جيڪا سندس ملڪيت آهي
  • هالا جي نجم ميمڻ جي آمريڪا پهچڻ جي ڪهاڻي
  • نجم هڪ گوريءَ سان شادي ڪئي آهي
  • ڇا اهي خوشيءَ جون ڳالهيون آهن
  • وائيٽ هائوس اڳيان احتجاج
  • ڊائنا آرٽز سان ملاقات
  • آئون انهن ڀوائتين يادگيرين کان ڇوٽڪارو چاهيان ٿي
  • ان تي بش بي چين ٿي مشرف کي فون نه ڪندو
  • ان پٺيان سندس سالن جي محنت آهي
  • سنڌ ۽ ان جي عوام لاءِ آزار بڻيل اسانجا اڳواڻَ
  • ڀيڙي ڀيڙي ٻڌ، سورائتي سندرو
  • آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (WSI)
  • انٽرنيٽ تان ورتل
  • پاڪستاني سفير جنرل جھانگير ڪرامت سان ملاقات
  • مليحا لوڌي ۽ اشرف جهانگير قاضي به هتي هئا
  • آئون ائين ئي اچي آمريڪا پهتو آهيان
  • نان ڊپلومئٽ جنرل صاحب سان ڪهڙا ويهي سور ليان
  • ڪجهه ٻٽي قوميت بابت
  • آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو ۽ قونصل خانا
  • پير جي ڳوٺ جو ڪليم خلجي ۽ سندس ڀائر ڀينرون
  • آمريڪن ڪانگريس مئن ٽام ٽانڪريڊو سان ڊنر
  • يوگا ذريعي به ماڻهن خوب پئسو ڪمايو آهي
  • نيويارڪ جي بخارا هوٽل جي مٺائي
  • ته اسانجو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي
  • شمع ۽ اسان جو ناناڻو خاندان
  • واشنگٽن جي ننڍن ريسٽورينٽ ۽ ان جا کاڌا
  • اِنَ ڏنگي ماڻهوءَ سان ملاقات ڪيئن ٿي؟
  • جابلو رياست جوهي رهاڪو ڳالهائڻ جو کرو آهي......
  • دلپي سنگهه سانڍ ۽ مئڊم ڪوسا
  • هيءَ ڊنر چڱي مهانگي پيئي
  • آمريڪي حڪومت جو ڍانچو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪياسي (81) امريڪا بابت سفرنامو نيو هالا کان نيويارڪ اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب رشيد کرل جي نالي

    رشيد کرل نه منهنجو ڳوٺائي آهي ۽ نه ئي وري ڪو اسان ساڳي اسڪول مان پڙهيا آهيون. البت سندس ننڍي ڀاءُ تسنيم کرل، اسان واري دؤر ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ضرور داخلا ورتي هئي. رشيد عمر ۾ به اسانکان ٽي سالَ کن وڏو آهي.
    رشيد سان مونکي اسانجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ 1960ع ڌاري خيرپور ۾ ملايو، جڏهن اسان نائون ڪلاس پاس ڪري، مئٽرڪ ڪلاس ۾ وڃڻ کان اڳ، ڳوٺ ۾ موڪلون گذاري رهيا هئاسين.
    خيرپور جي دوست شوڪت جماڻي لاءِ لکي چڪو آهيان، ته هن کي ننڍي هوندي کان نه فقط پاڻ کان وڏن سان ملڻ جو شوق هو، پر کيس قدرت طرفان ڳالهائڻ جي طريقي جو ڏانءُ به آيو ٿي. اسان هر سال موڪلن ۾ جڏهن هن جي گهر خيرپور ويندا هئاسين، ته هو صبح کان وٺي شامَ تائين شهر جي مختلف ماڻهن سان ملندو وتندو هو. آفيسر، سياستدان، سيد، پير، مائٽ مٽ ۽ پوءِ خيرپور جا ماڻهو کٽندا هئا ته سکر، راڻيپور ۽ گمبٽ وٺي هلندو هو. سڀ کان گهڻو سندس پاڙي ۾ رهندڙ وڪيل هادي بخش لاڙڪ صاحب وٽ ويندا هئاسين ۽ ٻئي نمبر تي جسٽس عبدالرحيم کرل صاحب وٽ. تنوير عباسي، نسيم کرل ۽ رشيد ڀٽي جهڙن خيرپور ۽ سکر جي اديبن سان شوڪت ملايو. هونءَ رشيد کرل شوڪت جي وڏي ڀاءُ محمد (نصير) جو ڪلاس ميٽ هو، جنهن سان هو ملڻ ايندو هو ته ساڻس شوڪت جي گهر به ملاقات ٿي ويندي هئي. تن ڏينهن ۾ هي خيرپور جي ممتاز ڪاليج مان انٽر ڪري چڪا هئا.
    جسٽس عبدالرحيم کرل صاحب شوڪت جماڻيءَ جي والد عبدالواحد جماڻي صاحب جو تڏهن کان دوست هو، جڏهن اڃا شوڪت وارا خيرپور لڏي نه آيا هئا ۽ ڀر واري ڳوٺ ٺيڙهيءَ ۾ ئي رهندا هئا. هادي بخش لاڙڪ صاحب شوڪت وارن جو پاڙيسري هجڻ کان علاوه جسٽس کرل صاحب جو نياڻو پڻ هو. جسٽس صاحب جي وڏي نياڻي نيلوفر جيڪا ليکڪا به آهي، هادي بخش لاڙڪ جي زال آهي. ڪجهه سالن بعد نسيم کرل ۽ رشيد کرل جي شادي به جسٽس کرل جي گهران ٿي، جيڪو هنن جو سڳو چاچو ٿئي.
    1857ع واري انڊين بلوي بعد ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڪافي اٿل پٿل ٿي. ڪيترائي پنجاب جا رهاڪو لڏ پلاڻ ڪري، هيٺ ڏکڻ طرف سنڌ ۾ اچي رهيا. رشيد کرل وارن جا وڏا به ان وقت راوي ۽ چناب ندين جي دوآبي واري علائقي مان لڏي، هيڏانهن اچي آباد ٿيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هنن جو وڏو خوشي محمد کرل هو.
    رشيد کرل جي ڏاڏي محمد صالح کي ٻه پٽ عبدالڪريم (رشيد جو والد صاحب)، عبدالرحيم جج ۽ هڪ ڌيءَ عظيم خاتون هئي. 1921ع ۾ مير علي نواز ٽالپر پنهنجي والد مير امام بخش جي وفات بعد خيرپور رياست جي تخت تي ويٺو. بقول پير علي محمد راشدي صاحب جي ته هي مير وڏو سخي مرد هو. هن هميشه هٿ کليو رکيو ۽ رعايا کي ڏيندو ئي رهيو. رشيد جي والد صاحب کي هن مير طرفان ئي زمينون مليون. مير علي نواز صاحب اهو مير آهي، جنهن جو پنجاب جي هڪ عورت باليءَ سان عشق ٿيو ۽ هن 1923ع ۾ ساڻس شآدي ڪئي. هن عشق کيس اڙدوءَ جو شاعر به بڻائي ڇڏيو ۽ سندس تخلص “ناز” هو. سندس ان عشق جو داستان KTN ٽي وي وارن “بالي” نالي ڊرامي ۾ پڻ ڏنو آهي.
    عبدالڪريم کرل صاحب ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي جو گريجوئيٽ نه هو، پر هن ان وقت جي عالمن کان عربي ۽ فارسي جو علم پرايو. پاڻ لاڙڪاڻي جي ڀر واري ڳوٺ سنهڙي جي مدرسي جو ڪافي عرصو شاگرد ٿي رهيو. فارسيءَ ۾ لکيل سندن شعر اڄ به موجود آهن. اسانجي ڳوٺ هالا جو قاضي اعظم صاحب سندن گهاٽو يار ۽ مداح هو.
    عبدالڪريم صاحب کي ڇهه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. سليم نالي وڏو پٽ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو نالو وري پنجين نمبر پٽ تي رکيو ويو، جيڪو (ڊاڪٽر سليم) جناح اسپتال ڪراچي Jinnah Postgraduate Medical Centre ۾ پئٿالاجي جو پروفيسر آهي. سندس زال ياسمين (راڻيپور جي مشهور ڊاڪٽر قادر بخش جي ڌيءَ) پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿي.
    سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل سندس ٻيو نمبر ٻار هو، جنهن جي شادي جسٽس کرل جي ٽيون نمبر ڌيءَ انيس فاطمه سان ٿي. نسيم کي پنج نياڻيون (فريال، زافرين، شارمين، ماريا ۽ سمن) ۽ هڪ پٽ فيصل آهي. نسيم کرل کان پوءِ رشيد آهي. سڀ کان ننڍو ڀاءُ نعيم آهي. جيڪو PPP طرفان گمبٽ جو MPA آهي. کين ٻه ڀيڻيون: عظيم خاتون (جسٽس عبدالرحيم جي پٽ خليل الرحمان جي گهرواري) ۽ عزيز فاطمه (عبدالقادر منگي صاحب جي گهرواري) آهي. اسان واري رشيد صاحب جي شادي جسٽس صاحب جي ڌيءَ جميلا سان ٿي، جنهن مان کيس ٽي ٻار آهن. وڏو شرجيل جنهن جي شادي روشن کهاوڙ جي ڌيءَ نصرت سان ٿي، اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي ۾ پوليس D.P.O آهي ۽ ٻيو نمبر پٽ راحيل ڪراچيءَ ۾ وڪيل آهي، ٽيون ۽ آخري ٻار ڌيءَ ساران اٿس.
    مونکي اڄ ڏينهن تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، ته رشيد جو سرڪاري کاتي ۾ نالو رشيد آهي يا فهيم، جو اسان گذريل 47 سالن کان جڏهن کان ساڻس سڃاڻپ ٿي آهي، کيس ٻنهي نالن سان سڏيندا اچون. هي انتساب لکڻ کان اڳ فون ڪري پهريون دفعو پڇيو مانس ته، يار تنهنجو نالو رشيد آهي يا فهيم؟
    ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين: “منهنجا پنج نالا آهن. امان اسان ڀائرن ۾ هر هڪ تي پنج پنج نالا رکيا.”
    “ڏاڍي ٻڌايئي. اسان ته تنهنجي ٻن نالن ۾ ئي منجهي پيا آهيون. باءِ دي وي ٻيا ڪهڙا آهن؟” مون پڇيومانس.
    “هڪ ته رشيد آهي ۽ ٻيو فهيم. ٽيون اٿم علي صالح، چوٿون محڪم دين ۽ پنجون نالو مون کان به وسري ويو آهي”
    مون رشيد جو پاسپورٽ، ڊگري يا برٿ سرٽيفڪيٽ وارو ڪاڳر نه ڏٺو آهي، جنهن تي سندس نالو پڙهي خبر پوي ته سندس سرڪاري کاتي تي اهو نالو آهي، پر پاڻ جڏهن سنڌ گورنمينٽ ۾ “هوم سيڪريٽري” هو، ته سندس آفيس جي ٻاهران لڳل تختي تي اي. آر کرل يعني عبدالرشيد کرل لکيل هو، ان ڪري پاڻ هتي کيس رشيد سڏيون ٿا. ان ڏينهن دراصل مونکي ڪنهن ٻئي سيڪريٽريءَ وٽ وڃڻو هو، جيڪو اڃان آفيس ۾ نه آيو هو، سو آئون سنڌ سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ جي ورانڊن ۾ واڪ ڪري ڏسي رهيو هوس، ته سنڌ حڪومت جا هتي ڪهڙا ڪهڙا کاتا آهن ۽ انهن جا سيڪريٽري ڪير آهن. رشيد کرل جو نالو پڙهي ساڻس ملڻ تي دل چاهيو، پر سندس آفيس جي در جا ٻئي طاق کليل ڏسي سمجھي ويس، ته صاحب اڃان نه آيو آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ ورانڊي ۾ بيٺل دربان کان پڇيم: “صاحب ڪهڙي وقت ايندو.”
    “صاحب ڪڏهوڪو اچي ويو آهي. ويٺو آهي.” هن ٻڌايو. مون پنهنجو ڪارڊ ڪڍي دربان کي ڏنو، ته جي هو ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف نه هجي ته آئون ملڻ اچانس. پر دربان ڪارڊ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو: “صاحب جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملاقاتيءَ کي جھليندو نه ڪر، سو توهان وڃي سگهو ٿا.”
    “واهه سائين واهه” مون اندر گهڙندي رشيد کي داد ڏنو. “ڄڻ ته ملائيشيا ۾ اچي ويو آهيان. جتي چاهي منسٽر وٽ وڃ يا گورنر وٽ، آفيس جا دروازا هر وقت کليل رهن ٿا”
    بهرحال مٿيون قصو لکڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته رشيد کي پهرين ڏينهن کان وٺي نياز ۽ نوڙت سان هلندي ڏٺو اٿم. هو کلڻو ملڻو، يار ويس ۽ سادگي پسند انسان آهي. هن هميشه پنهنجن پراون جي مدد ڪئي. آمريڪا جي هن سفر ۾ هڪ سنڌي همراهه تمام وڏي عهدي ۽ پئسي واري سان ملاقات ٿي. هن ٻڌايو ته هو جڏهن انجنيئرنگ جو شاگرد هو ته هن کي چارئي سال خرچ جو ڪجهه حصو رشيد کرل ڏيندو رهيو، جو پڙهائيءَ دوران هو بيحد غريب هو ۽ سندس غريب پيءُ وڏي عيال ڪري، سندس پڙهائيءَ جي خرچ جو پورائو ڪري نٿي سگهيو. هڪ پنجابي فئمليءَ جي برٿ ڊي فنڪشن ۾ منهنجي عمر جو سنڌ جو Settler، اهو ٻڌي ته آئون سنڌي آهيان، مون سان اچي مليو. پاڻ عمر جو وڏو حصو ڪنهن عرب ملڪ ۾ اعليٰ عهدي تي نوڪري ڪري، هاڻ ريٽائرمينٽ جي عمر آمريڪا ۾ پنهنجي اولاد وٽ گذاري رهيو آهي. هو مون کان ڪيتري دير رشيد کرل جو حال احوال وٺندو رهيو جنهن سان هو هڪ وڏو عرصي کان Out of contact هو. پاڻ ٻڌايائين ته رشيد جا مٿس وڏا ٿورا آهن. تعليم حاصل ڪرڻ بعد جڏهن هن کي نوڪري ملي، ته هن وٽ حيدرآباد ۾ رهائش جي ڪا سهوليت نه هئي، رشيد کيس بنا ڪنهن لالچ يا معاوضي جي ٻه سال پنهنجي گهر ۾ رهائيو.
    رشيد سان اسان هميشه چرچا ڀوڳ ڪندا رهون ٿا، پر هو ڪڏهن به ڪاوڙجڻ يا دڙڪو ڏيڻ بدران مرڪندو رهيو آهي. شوڪت جماڻي ۽ اسان جو هڪ ٻيو مرحوم دوست تاج بگٽي ته ساڻس شروع کان ڏاڍو فري رهيا. جيتوڻيڪ تاج بگٽي سنڌ يونيورسٽي ۾ سندس شاگرد به ٿي رهيو. انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي تاج ۽ شوڪت کي هڪ فنڪشن ۾ وڃڻو هو، پر سٺا ڪپڙا نه هين، هو رشيد وٽ آيا. انهن ڏينهن ۾ رشيد انٽرنيشنل هاسٽل جو وارڊن هو. آئون به هنن سان گڏ هوس. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو هڪ هڪ ٿي سندس بيڊروم مان ٿي باٿ روم ۾ ويا ۽ رشيد جي ڪٻٽ مان هڪ هڪ اوچي پينٽ پائي، مٿان پنهنجي شلوار چاڙهي ٻاهر نڪتا. بعد ۾ رشيد پنهنجون پتلونون ڳوليندو رهيو، بلڪه تاج بگٽي ته سندس پينٽ پائي سندس ڪلاس اٽينڊ ڪندو رهيو. آخر جڏهن کيس خبر پيئي ته ڪاوڙجڻ بدران کلي بُجا ڏيندي، کين چيائين: “هاڻ اهي پتلونون پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيو.” اڄ به اها ڳالهه ڪنهن محفل ۾ ٿيندي آهي ته اهو وقت ياد ڪري شوڪت کل ۾ ٻُڏي ويندو آهي.
    رشيد کرل سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ سان گڏ، اتي جيئن ته وارڊن پڻ هو ان ڪري کيس يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد جيڪي اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ پکڙيل هجڻ سان گڏ آمريڪا ۾ به جام نظر اچن ٿا، کيس سڃاڻن ٿا ۽ سڀ کيس سُٺن خيالن سان ياد ڪن ٿا جو بيورو ڪريٽ ۽ وڏيري هجڻ باوجود هن جي ڪڏهن به اها سنڌي ڪاموري يا وڏيري واري روايتي ذهنيت نه رهي آهي.
    رشيد کرل 16 آگسٽ 1941ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي والد مرحوم جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل جي اسڪول مان ورتي، جيڪو خيرپور رياست جي تعلقي گمبٽ ۾ آهي. ان بعد پري مئٽرڪ تائين خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول مان پڙهيو ۽ مئٽرڪ وري گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول مان ڪيائين. ان بعد ڪاليج جو پهريون ۽ ٻيو سال خيرپور جي گورنمينٽ ممتاز ڪاليج مان 1960ع ۾ ڪيائين. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن اسانجي خيرپور ۾ ساڻس پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي. ان ملاقات بعد رشيد هر هفتي ڏيڍ اسان وٽ پيٽارو ايندو هو يا اسين ساڻس حيدرآباد ملڻ ويندا هئاسين ــ جو هن حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي واري پراڻي ڪئمپس ۾ B.Sc آنرس جي داخلا ورتي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ رشيد جو ننڍو ڀاءُ تسنيم کرل پيٽارو ۾ آيو ۽ لياقت جتوئي، هادي بخش جتوئي، سکر واري عاشق شاهه (سيڪريٽري)، مرحُوم محسن پنهور (DIG)، هالا واري ڪئپٽن رشيد ابڙي ۽ ظفر شوري وارن جو ڪلاس ميٽ رهيو. مزي جي ڳالهه اها ته پيٽارو ڇڏڻ بعد تسنيم سان وري ملاقات نه ٿي آهي. پيٽارو ۾ هو لياقت هائوس ۾ رهندو هو، جنهن جو JUO يعني وڏو مانيٽر آئون هوندو هوس. هينئر خبر ناهي تسنيم جسماني بيهڪ ۽ طبيعت ۾ ڪيئن آهي. باقي تن ڏينهن ۾ صحت مند يعني متارو ضرور هو، پر هو صفا سڌو سادو مسلمان. هر وقت پنهنجن ڪلاس ميٽن ۽ ساڻس گڏ ڊارمينٽري ۾ رهندڙ درجن کن ڪئڊٽن جي دانهن کڻي ايندو هو، ته مونسان جهيڙو ٿا ڪن. رشيد به اچڻ سان ئي اها ڳالهه ڪندو هو ته منهنجي ڀاءُ سان سڀ وڙهن ٿا ۽ آئون کيس چوندو هوس ته خدا جا بندا سنڌي نه ٿي، جيڪي فقط روئي پنهنجو حق گهرن ٿا، ٿورو وڙهڻ به سک. ٻيو نه ته شاهد پرويز (هاڻ فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل) ۽ لياقت جتوئي (وفاقي وزير) جهڙن سنهڙن ۽ جسماني طرح ڪمزور ڇوڪرن کي ته تون به موچڙا هڻي سگهين ٿو. پر تسنيم جي آخر تائين اها رڙ هئي ته سائين مونکي ظفر شورو به ماري ٿو ته نصير قاضي به مونسان وڙهي ٿو. مزي جي ڳالهه اها ته اُهي سڀ اڄ به کيس ڀانئين ٿا ۽ ياد ڪندا رهنس ٿا. مونکان اڪثر پڇندا آهن ته تسنيم ڪٿي آهي، يڪو وڃي ڳوٺ وسايو اٿس ڇا.
    رشيد کرل جي اها همت ساراهه جوڳي آهي ته هڪ ڳوٺاڻو نينگر ٿي ڪري، هن B.Sc زولاجيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کنئي. ان بعد 1964ع ۾ هن M.Sc به ڪئي. سندس تنهن وقت جا ڪلاس ميٽ هئا:
    * محب الله شاهه (سيڪريٽري)
    * قمر الدين بلوچ (ڊائريڪٽر فشريز)
    * اقبال صمد (مئنيجر ريلويز)، وغيره
    M.Sc ڪرڻ بعد ان وقت جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان صاحب رشيد کرل کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ چيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ رشيد سان گڏ جيڪي پڙهائي رهيا هئا، انهن مان ڪجهه شخصيتون هي هيون:
    * ڊاڪٽر محي الدين ــ وائيس چانسلر قائد اعظم يونيورسٽي
    * ڊاڪٽر ممتاز قاضي ــ وفاقي وزير
    * عشرت حسين ــ گورنر اسٽيٽ بئنڪ
    * روشن ضمير ــ اڳوڻو هوم سيڪريٽري
    * تسنيم صديقي صاحب، وغيره
    رشيد کرل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران، سنڌ لا ڪاليج مان سال 68ــ1967ع ۾ وڪالت LL.B جا امتحان پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيا. تعليم دوران هو لا ڪاليج جي يونين جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. Law بعد رشيد کرل سال 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنس ۾ ڊپلوما ۽ ان بعد پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي. پاڻ 1965ع کان وٺي 1968ع تائين انٽرنيشنل هاسٽل جو وارڊن به ٿي رهيو.
    1968ع جي آخر ۾ ويسٽ پاڪستان فاريسٽ سروس وارن جو مقابلي جو امتحان ٿيو، جنهن ۾ رشيد کرل جي فرسٽ پوزيشن آئي ۽ هن کي سنڌ يونيورسٽي ڇڏي فاريسٽري ۾ M.Sc آنرز ڪرڻ لاءِ پشاور يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻي پئي. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڻ پهرين اسسٽنٽ ڪنزرويٽر ٿيو. پاڻ 1994ع تائين ٻيلي کاتي ۾ رهيو ان دوران کيس 1975ع ۾ هالينڊ وڃڻو پيو. جتي هن Aerial Photography & Remote Sensing ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي. ان کان علاوه حڪومت طرفان ٽي دفعا آمريڪا ۾ مختلف ڪورس ڪرڻ لاءِ پڻ هن کي وڃڻو پيو.
    1994ع ۾ رشيد سنڌ حڪومت جو هوم سيڪريٽري ٿي رهيو. ان بعد 96 ــ 1995ع ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جو سيڪريٽري ۽ ان بعد لئبر ۽ ٽرانسپورٽ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ 2001ع ۾ سنڌ حڪومت مان ريٽائرمينٽ حاصل ڪئي. اڄ ڪلهه رشيد ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو. ٻني ٻاري جي نگهبانيءَ لاءِ هن کي ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ خيرپور به وڃڻو پوي ٿو.
    آمريڪا ۾ هوس ته اتي رهندڙ اسانجا ڪيترائي گڏيل دوست ۽ رشيد جا شاگرد، رشيد بابت هر وقت پڇندا رهيا ٿي. سڀني کي رشيد جي صحت جو الڪو رهيو ٿي. جو هنکي ٽي دفعا هارٽ اٽئڪ ٿي چڪو آهي. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏي.


    الطاف شيخ
    ڪراچي
    1 آگسٽ 2006ع


    مسافر پاران

    منهنجي جهاز هلائڻ واري نوڪريءَ ۾ شروع وارا سال (1968ع کان 1972ع تائين) جنهن جنهن جهاز ۾ منهنجي نوڪري رهي، ان کي آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ پوءِ هفتن جا هفتا، ڪڏهن ته مهينا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف ننڍن وڏن بندرگاهن کان علاوه ڪئريبئن سمنڊ جي مختلف ٻيٽن: ٽرنيڊاڊ، ٽباگو، برمودا، ڪيوبا وغيره ڏي به وڃڻ لڳو رهيو ٿي.
    ان بعد اهڙو اتفاق ٿيو جو رٽائرمينٽ جي عمر سٺ سالن تائين، سامونڊي نوڪري جا باقي سال جهاز کي آمريڪا بدران يورپ، آفريڪا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي ئي وٺي وڃڻو پيو. نوان جهاز ٺهرائڻ توڙي پراڻن جهازن جي repair لاءِ به ٽوڪيو (جپان)، بوسان (ڪوريا) ۽ هانگ ڪانگ وڃڻو پيو ٿي يا وري بريمن، هئمبرگ ۽ لورپول.
    منهنجو آمريڪا جو هي سفر ٽيٽيهه کن سالن بعد پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ هڪ مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ نه پر، هڪ مسافر جي حيثيت ۾ هوائي جهاز رستي ٿيو آهي ۽ آمريڪا ۾ جيڪي ٽي چار مهينا کن رهيس، ان ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر اچڻ وڃڻ پڻ پاڻيءَ جي جهاز يا لانچ ۽ فيريءَ ذريعي نه، پر ڪار، بس ۽ ٽرين ۾ ٿيو آهي.
    آمريڪا جي هن سفرنامي ۾ نه فقط اڄ جي آمريڪا ۽ ان ۾ رهندڙ پنهنجن پراون ماڻهن، عمارتن ۽ واقعن جون ڳالهيون آهن، پر گذريل دور جون پڻ جھلڪيون آهن، جڏهن آئون ايڪهٺ ٻاهٺ سالن بدران چوويهه پنجويهه سالن جو جوان هوس.
    آمريڪا به دنا جو هڪ عجيب ملڪ آهي، جنهن کي سڀ کان گهڻا ماڻهو گاريون به ڏين ٿا ته پسند به ڪن ٿا. هي اهو ملڪ آهي جنهن لاءِ اسين چئون ٿا ته عربن جو دشمن آهي، پر آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين ۽ انڊين کان وڌيڪ جيڪي فلسطيني، لبناني، عراقي ۽ شامي عرب رهن ٿا، انهن کان کڻي پڇ ته هو آمريڪا جي تعريف ڪندي نٿا ڍاپن. چوندا آمريڪا اسان جو ابو امان آهي، جنهن اسان کي ڏکئي وقت ۾ جيءَ ۾ جاءِ ڏني. اسان کي اجھو ۽ لٽو مهيا ڪيو. هتي اسانکي نوڪريون ۽ پنهنجا ڌنڌا آهن ۽ پنهنجي وطن کان وڌيڪ هتي اسان سک چين ۾ آهيون. ايتري قدر جو اسانجا پنهنجا امير مسلمان ملڪ سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙا به اسانجو نه خيال ٿا رکن ۽ نه پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ٿا ڏين.
    اسان آمريڪا کي ڪافرن جو ملڪ سڏيون ٿا، پر آمريڪا ۾ پهچي چوڌاري نظر ٿي ڪجي ته جنهن رفتار سان آمريڪا جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ مسجدن جو تعداد وڌي رهيو آهي، ته حيرت ٿي ٿئي ۽ اها ته حقيقت آهي ته آمريڪا ۾ سڀ کان تيز رفتاريءَ سان جيڪو مذهب وڌي رهيو آهي، سو اسلام آهي.
    آمريڪا ۾ رهڻ دوران سوين ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون، انيڪ شهرن، جاين، جڳهين ۽ رستن تان هلڻ ٿيو. هر هڪ ماڻهوءَ، جڳهه ۽ رستي جو نالو ياد رکڻ ايترو آسان ڪم به نه آهي، خاص ڪري هن عمر ۾. ڪوشش ته تمام گهڻي ڪئي اٿم ته هر ڳالهه صحيح لکجي ۽ لکڻ بعد ان سلسلي ۾ واسطيدار ماڻهن يا انهن جي مائٽن ۽ دوستن کان سندن نالن، مختلف تاريخن ۽ واقعن جي تصحيح ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿم، پر انسان کان غلطي ٿيو وڃي، خاص ڪري جڏهن ايڏو جلدي جلدي ۾ لکجي. ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪا تاريخ يا ڪنهن جي مٽ مائٽ جو نالو مون طرفان يا ٽئيپ ڪرڻ واري طرفان غلط لکجي يا ڇپجي ويو هجي. ان لاءِ آئون اڳواٽ معافيءَ جو طلبگار آهيان ۽ هيٺ پنهنجون اي ميل ائڊريسون ڏئي رهيو آهيان، جيئن پڙهندڙ اهڙين غلطين جي نشاندهي ڪري سگهن، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هن ڪتاب جو ايندڙ ٻيو ڇاپو اهڙين غلطين کان آجو رهي.


    الطاف شيخ
    آڪٽوبر 2006
    altafshaikh2004@yahoo.com.uk
    altafshaikh2005@gmail.com


    هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق

    عرب امارات جو هوائي جهاز جيڪو چار سؤ کن مسافر دبئيءَ مان کڻي، پنهنجي منزل نيويارڪ ڏي وڃڻ جو سفر طئي ڪري رهيو هو، اهو هاڻ يورپ کنڊ جون آخري سرحدون گذرندو، ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان اڏامڻ لڳو، جنهن جي خبر اسان کي پنهنجي سيٽ اڳيان رکيل ٽي وي جي اسڪرين تان به پيئي ته جهاز جي پائليٽ به اعلان ڪيو ۽ ان سان گڏ ايئر هوسٽس مختلف هنڌن تي بيهي، جهاز جي مسافرن کي هڪ دفعو وري اها معلومات ڏني ته هوائي جهاز ۾ هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ تي، آڪسيجن جي سپلاءِ لاءِ، مٿي لڳل ٻوٿاڙو (Breathing mask) خودبخود ڪري پوندو، جنهن کي منهن سان لڳائي ساهه کڻي سگهو ٿا ۽ جهاز جي سمنڊ ۾ ڪرڻ تي سيٽن هيٺان رکيل لائيف جئڪيٽ پائي، پنهنجو بچاءُ ڪري سگهو ٿا. لائيف جئڪيٽ سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ٿي ۽ ان ۾ ٻڌل سيٽي ۽ ٽارچ سان پري کان ويندڙ ٻيڙي وارن يا جهاز جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي سگهو ٿا... وغيره وغيره.
    مون جهاز جي دريءَ مان هيٺ ڏٺو.... ڪپهه جهڙا ڪڪر هيٺ تري رهيا هئا. اهي نه هجن ها ته شايد سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ڏسي سگهان ها، جن جو هن ائٽلانٽڪ سمنڊ تي گهڻو ڪري هڪ ئي رخ هوندو آهي، اولهه ڏي آمريڪا کنڊ طرف يا اوڀر ڏي يعني آمريڪا کان يورپ يا آفريڪا کنڊ ڏي. ڪڪر نه هجن ها ته به جهاز ته نه، پر سمنڊ به نظر نه اچي ها، جو هي اسان جو جهاز چاليهه هزار فوٽن جي بلندي تي اڏامي رهيو هو، جتان هيٺ نظر پوڻ مشڪل ڳالهه آهي. زمين ۽ ان تي ٺهيل گهر گهاٽ، رستا لاريون يا سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ۽ ٻيڙيون فقط تڏهن ڏسي سگهجن ٿا، جڏهن جهاز لهڻ وارو يا چڙهڻ وارو ٿئي ٿو يا وري مٿانهينءَ Altitude تان هيٺ اڏام ڪري ٿو. هڪ دفعي اسلام آباد کان ڪراچي هوائي جهاز وٺي ايندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پائليٽ سان پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون ڪندي، هو ايڏو ته جذباتي ٿي ويو، جو هن نه فقط پنهنجي جهاز جي اڏام ۾ Deviation آڻي، جهاز کي پيٽارو مٿان لنگهايو، پر ڪافي هيٺ تي پڻ هلايو، جتان اسان ڪاليج جون عمارتون، رستا ۽ ٻي جنگ عظيم جو ڊٺل رن وي ڏسي سگهياسين ٿي. “هي آهي ته ڏوهه جهڙو ڪم”. هن چيو، “پر اڄ پنهنجي ڪاليج کي ڏسندا هلون، جتي جي ميدانن تي پاڻ رانديون کيڏيون، گهوڙي سواري ڪئي، سزائون کاڌيون ۽ پي ٽي پريڊ ڪئي.”
    پر لڳي ٿو ته ڪي ڪي هوائي جهاز هيٺاهين Altitude تي به هلن ٿا يا شايد ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻ مهل، ٽريفڪ نه هجڻ جي صورت ۾ هيٺاهين اڏام اختيار ڪن ٿا يا شايد اڄ کان اڌ صدي اڳ جي هوائي جهازن جي ايڏي بلند اڏام نه هئي جو 1968ع کان 1972ع واري زماني ۾، جڏهن آئون پاڻيءَ وارن جهازن (Ships) تي مئرين انجنيئر هوس ۽ جن جهازن کي هر وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا اچڻو پيو ٿي يا آمريڪا کان واپس يورپ ۽ آفريڪا ڏي وڃڻو پيو ٿي، انهن ڏينهن ۾ پنهنجي جهاز جي عرشي (deck) تي بيهبو هو ته مٿان اڏامندڙ KLM, PIA، برٽش ايئرويز ۽ ٻين هوائي ڪمپنين جا ڪمرشل هوائي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندي نظر ايندا هئا، تڏهن ته اسان کين ڏسي ٿڌو شوڪارو ڀريندا هئاسين ته هوائي جهاز هلائڻ وارا ڪيڏو نه خوش نصيب آهن، جو ڪجهه ڪلاڪن بعد منزل تي به وڃي پهچندا ۽ سڀاڻي جڏهن ته اسين اڃا هي سمنڊ جهاڳي رهيا هونداسين ته هو موٽندي به نظر ايندا.
    آمريڪا جو سفر به ته سفر آهي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان کي آمريڪا جهاز وٺي وڃڻو پوندو هو، تن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال به بند هو، ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ فقط ڳاڙهو سمنڊ ۽ ڀؤنچ سمنڊ Mediterranean سمنڊ اڪرڻ بدران، سڄو بحرهند (Indian Ocean) پار ڪرڻ لاءِ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري سندس هيٺ کاڏيءَ وٽ ڪيپ ٽائون بندرگاهه پهچڻو پيو ٿي، جيڪو Cape of Good Hope وارو سمنڊ سڏجي ٿو ۽ جتي اسان واري پاسي جو بحرهند آمريڪا جي ڪنارن کي ڇهندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ٽڪرائي ٿو. ڪراچي کان ان منزل (ڪيپ ٽائون) تائين پهچڻ ۾ به 15 ڏينهن کن لڳي ويا ٿي. ان وچ ۾ جتي ڪجهه سٺا ڏينهن ملندا هئا، اتي ڪجهه ڏينهن موزمبق چئنل وارا ۽ ڏينهن ٻه ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جا رلائي رکندا هئا ۽ پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ائٽلانٽڪ شروع ٿيندو هو، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي آمريڪا کنڊ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ هفتو کن لڳي ويندو هو، تنهن بعد ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل تائين پهچبو هو. پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي آخري حصي وٽان ڪنارو ڏئي گهانا، وينزوئلا، جئميڪا ۽ ڪيويا وغيره لتاڙي USA جي ڏاکڻن بندرگاهن هيوسٽن، نيو اورلينس، ميامي ۽ ٽئمپا پهچندا هئاسين. ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (بحر) جو هي سامونڊي حصو ڪئريبين سمنڊ سڏجي ٿو، جيئن اسان وٽ هندي وڏي سمنڊ (بحرهند) جو اهو حصو، جيڪو ڪراچي کي ڇهي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو.
    برازيل کان ڪئريبين سمنڊ لتاڙي ميامي يا نيو اورلينس پهچڻ ۾ به ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو ٿا وڃن. اهڙو ڏينهن ٻه اتان کان نيويارڪ تائين پهچڻ ۾ به لڳيو وڃي. سو پاڻي وارو جهاز هلائي هلائي، آخري هفتو ٻه ته ساڻا ٿي پوندا آهيون. سمنڊ تي آچر ڏينهن به جهاز هلائڻو پوي ٿو ۽ چار ڪلاڪ رات جا ۽ چار ڪلاڪ ڏينهن جا هر هڪ کي جهاز هلائڻو پوي ٿو، يعني چار ڪلاڪ جهاز هلائي، ماني کائي سمهڻو پوي ٿو. ننڊ ڪري هٿ منهن ڌوئي وري جهاز جي ڪنٽرول روم ۾ يا انجڻ روم ۾ ڊيوٽي تي! ڪراچي کان نيويارڪ ۽ واپس يا چين ۽ ملائيشيا کان نيويارڪ سفر ڪري ڪري اندازو ٿي ويو هو ۽ ڏينهن ڳڻڻ بدران آئون پنهنجي ٽٿ پيسٽ کي ڏسندو هوس. ڪراچي کان نيويارڪ پهچڻ ۾ مُني ٽٿ پيسٽ ختم ٿيندي هئي. هانگ ڪانگ کان نيويارڪ سڄي ٽٿ پيسٽ. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي ته ڪناري جي ڊيوٽيءَ وانگر سڄي رات ستو پيو هججي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن سُکاڻي يا تيل وارو، جهاز هلائڻ لاءِ “ڪواٽر” چئي اٿاريندو هو (يعني ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ هاڻ وڃي 15 منٽ بچيا آهن)، ته لڳندو هو ڄڻ هن ڪچيءَ ننڊ مان اچي اٿاريو هجي ۽ ٽي چار ڪلاڪ سمهڻ بدران لڳندو هو ڄڻ اڃان هاڻ مس اک لڳي هئي ته هن نڀاڳي اچي جاڳايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڊ جا خمار اهڙا چڙهيل هوندا هئا (خاص ڪري خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسم ۾ اهو عام آهي) جو ٻئي جي ڌونڌاڙي اٿارڻ تي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪٿي آهيون ۽ هي ڪير آهي ۽ ڇو ٿو اٿاري ۽ پوءِ يڪدم هوش اچي ويندو هو ته مار پاڻيءَ جي جهاز تي آهيون ۽ مسافر نه پر جهاز هلائڻ وارا جهازي آهيون. جلدي هٿ منهن ڌوئي چارج سنڀالجي ۽ جيڪي گذريل چئن ڪلاڪن کان جهاز هلائي رهيا آهن، انهن کي آجو ڪجي. ڪنجهندي ڪُرڪندي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ واش بئسن اڳيان بيهي سوچيندو هوس ته خبر ناهي نيويارڪ ڪڏهن ايندو ۽ اڃان ڪيترو سفر رهي ٿو. ان وقت ڏينهن يا تاريخون ڳڻڻ جو ڪنهن کي هوش! بچيل ٽٿ پيسٽ ڏسي اندازو لڳائيندو هوس ته سفر جو ڪيترو حصو پورو ٿيو ۽ باقي چوٿو حصو ٽٿ پيسٽ بچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن وڃي رهيا آهن. دل چوندي هئي ته ڪاش ائين ممڪن هجي، جو اڄ ئي ٽٿ پيسٽ کي نپوڙي چوٿي تائين پهچايان ۽ منهنجي ڪئبن جي پورٽ هول (دريءَ) مان نيويارڪ جون عمارتون نظر اچن. اهڙن موقعن ۽ مهلن تي آسمان مان ڪنهن هوائي جهاز جو آواز ايندو آهي ته پنهنجا ڪاليجي پائليٽ ساٿي ممتاز الحق، بلال حيدر، خالد ليا ۽ ٻيا ياد اچي ويندا هئا، جن اسان وانگر سامونڊي نوڪريءَ بدران هوائي جهاز جي نوڪري کنئي ۽ انهن مان ڪو PIA جو هوائي جهاز اڏائي نيويارڪ پيو ويندو هو ته ڄاڻ ته پهتو. ڪٿي هفتن جو سامونڊي سفر ۽ ڪٿي چند ڪلاڪن جو هوائي سفر!
    بهرحال اها منهنجي سوچ تڏهن جي هئي، جڏهن اڃان مون کي نيويارڪ هوائي جهاز ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو هو. بعد ۾ هوائي جهاز ۾ سفر جا موقعا مليا، پر ڪراچي کان يورپ تائين يا وڌ ۾ وڌ جپان تائين. آمريڪا جا بندرگاهه ڇڏڻ بعد هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد انهن ماڳن کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، پر پاڻيءَ واري جهاز ۾ نه، هوائي جهاز ۾. سو به سور ساهه کڻي نه، يعني جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي جو بار مٿي ۾ کڻي نه، پر هڪ مسافر جي صورت ۾ وڃي رهيو هوس. اسان جو دلپسند مزاح نگار حليم بروهي شاديءَ لاءِ چوندو آهي ته شادي سٺي شيءِ آهي، پر هجي ڪنهن ٻئي جي، اسان فقط دعوتي هجون ڀت کائڻ لاءِ. سو اسين جهازي به چوندا آهيون ته سامونڊي سفر تمام سٺي شيءِ آهي، بشرطيڪه جهاز ڪو ٻيو هلائي، اسين فقط مسافر هجون ۽ جنهن وقت وڻي ننڊون ڪريون، جنهن وقت وڻي جهاز جي عرشي تي پسار ڪريون ۽ سمنڊ جون لهرون ۽ ڪناري جا ماڻهو ڏسون. پر هاڻ ڪراچي کان نيويارڪ جي ارڙهن اڻويهه ڪلاڪن جي لڳاتار هوائي سفر ۾ اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته نه فقط هوائي جهاز هلائيندڙ، پر اسان مسافر به وڏي تڪليف ۾ آهيون ۽ ايترو وقت هڪ هنڌ ويهي ويهي، سانچي ۾ پيل شيءِ وانگر ان سانچي جي صورت اختيار ڪري ويا آهيون. ان کان ته مهيني جو سامونڊي سفر سٺو آهي، جنهن ۾ ڊگهو ٿي پلنگ تي سمهجي ٿو، عرشي تي واڪ ڪجي ٿي، والي بال ۽ باسڪيٽ بال کيڏجي ٿي، سئمنگ پول ۾ سئمنگ ۽ جهاز جي جمنازم هال ۾ باڊي بلڊنگ ۽ ورزش ڪري سگهجي ٿي ۽ جهاز (Ship) نه هلائيندڙ يعني مسافرن لاءِ ته اڃا به وڏي عياشي آهي. آئون اجايو هيترا سال هن سمنڊ (يعني اٽئلانٽڪ) ۽ پئسفڪ تي جهاز هلائڻ دوران پاڻ کي هوائي جهاز وارن سان ڀيٽي دُکي ٿيندو رهيس.


    پائلٽ سڌي ليڪ ۾ جهاز ڇو نٿو هلائي؟

    پاڻي جي جهاز تي ختم ٿيندڙ ٽٿ پيسٽ کي ڏسي آٿت ملندي هئي، ته ڄاڻ ته منزل آئي ۽ هن هوائي جهاز ۾ سامهون ٽي وي جي اسڪرين تي وڌندڙ ليڪ ڏسي خوشي ٿي ٿئي، جيڪا دنيا جي نقشي تي نيويارڪ طرف وڌي رهي آهي ۽ جنهن جي منهن تي تير (Arrow) بدران هوائي جهاز ٺهيل آهي. يعني اهو هوائي جهاز اسان جي جهاز کي Represent ٿو ڪري يعني نقشي تي جنهن ملڪ يا سمنڊ جي حصي تي اها ليڪ پهتي آهي، اُتي اسان جو هي جهاز آهي. آئون هر وقت ان نقشي ڏي ڏسان ٿو. ماني کائي وري ڏسان ٿو. ڪجهه دير رسالا ڪتاب پڙهي وري ان کي ڏسان ٿو. آئون اهو ئي سمجهان ٿو ته جهاز ڪافي اڳتي هلي چڪو آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جهاز 600 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان به مٿاهين رفتار تي وڃي رهيو آهي، پر اوڻهين انچن جي ٽي وي اسڪين تي لڳي ٿو ته اتي ئي بيٺو آهي. جونءِ برابر رفتار به نٿي چئي سگهجي جو جونءِ ته ان جي مقابلي ۾ ڪافي تيز ٿي هلي. انسان ڪنهن به ڳالهه مان خوش نظر نٿو اچي. فرحتي ڪرسيءَ تي ويهڻ باوجود دل ماندي آهي ته هن سانچي مان ڪڏهن نڪري ٻاهر چرپر ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ان جو وقت تڏهن ايندو، جڏهن ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ٺهيل دنيا جي نقشي تي اولهه طرف وڌندڙ ليڪ نيويارڪ تائين وڃي پهچندي ۽ اها ئي هڪ شيءِ آهي، جنهن کي ٽي وي جو ڪو ڊائريڪٽر، پروڊيوسر يا ڪئميرا مئن يڪدم اڳيان فاسٽ فارورڊ ڪري نٿو سگهي. ان ليڪ کي فقط هن جهاز جو پائليٽ جهاز کي نيويارڪ تائين پهچائي، مقرر ٽٻڪي تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ پائليٽ کي فقط اها اختياري آهي ته هو جهاز جي مالڪ ڪمپني جي ڀلي لاءِ جهاز کي Economical رفتار تي هلائي، جنهن ۾ هوائي جهاز جو مهانگو تيل آڪٽين جيترو سڙي، ان جي مقابلي ۾ گهڻي کان گهڻي رفتار حاصل ڪري سگهي. ان کان علاوه پائليٽ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو جهاز کي منزل ڏي سڌو وٺي هلي... مون اها ڳالهه جڏهن ڀرواري پريشان مسافر سان ڪئي (جيڪو مون وانگر سيٽ جي سانچي ۾ کُپي ويهي ويهي ٿڪجي پيو هو) ته هن يڪدم چيو. “پر هي نڀاڳو پائليٽ جهاز به ته سڌو نه پيو هلائي. ڪراچي کان دبئي آڻڻ وارو پائليٽ ته جهاز کي سڌو وٺي آيو، باقي هي دبئي کان هلندڙ ٻيو جهاز ته ڪڏهن ڪيڏانهن پيو وڃي ته ڪڏهن ڪيڏانهن. سڌو هلي ها ته لبيا، الجيريا، موراڪو مٿان ٿيندو، ائٽلانٽڪ ٽپي، هن وقت نيويارڪ به پهچي وڃي ها، پر هي مٿي يورپ ڏي جرمني، انگلينڊ وٽان ٿيندو، اتر طرف آئس لينڊ وٽان ڦرندو، هاڻ وري هيٺ ڏکڻ ڏي ڪئناڊا جي ويجهڙائي وٺندو، نيويارڪ ڏي پيو هلي. انگڙ ونگڙ ليڪ کي ڏسي هڪ ٻار به چوندو ته هي پائليٽ جهاز کي هيڏانهن هوڏانهن رلائيندو نيويارڪ ڏي پيو وڃي.”
    آئون چپ ٿي ٿو وڃان ته کيس هڪ عام ماڻهو جي حساب سان هن بيحد Sensible سوال جو سولو سڌو جواب ڪهڙي طرح ڏيان، جو جيئن هو جاگرافي ۽ نيويگيشن کان اڻواقف هوندي به مون جهازيءَ جي ڳالهه سمجهي سگهي.
    هن مون کان وري پڇيو، “ڇا پائليٽ غلط رستو وٺي منزل ڏي نه وڃي رهيو آهي؟”
    “نه.” مون وراڻيو.
    “ڇو ڀلا؟ توهان پاڻيءَ جا جهاز به ائين هلائيندا آهيو؟” هن کلندي مون کي چيو.
    “جي ها ۽ اهو ئي صحيح ۽ سڌو رستو آهي، جنهن ذريعي جهاز گهٽ وقت ۾ گهٽ تيل ساڙي، منزل تي پهچي رهيو آهي.” مون وراڻيو.
    “پر هي جهاز ته سڌي ليڪ ۾ وڃڻ بدران ڦڏي ليڪ ۾ پيو وڃي. ڇا ان ۾ يقين نه اٿوَ ته،
    An straight line is the shortest distance between two points?
    “جي ها اٿم ۽ هي پائليٽ به سڌي ليڪ ۾ پيو وڃي. هو ”Greater Circle” فالو پيو ڪري ۽ ان مطابق جيڪڏهن نقشي تي سڌي ليڪ هجي ها ته پوءِ پاڻ چئون ها ته پائليٽ غلط راهه وٺيو پيو هلي. اهو ان ڪري آهي جو دنيا رومال وانگر فليٽ نه، پر بال وانگر Sphere آهي، بلڪ بال ته بلڪل گول آهي، هيءَ ڪجهه بيضي وانگر آهي.”
    ڌرتيءَ تي ته پڪا ۽ ريل جا رستا اڳواٽ ٺهيل آهن، سو سواريون ان تان هلن ٿيون. سمنڊ ۽ هوا ۾ هرهڪ پنهنجو خيالي رستو ٺاهي، ان تان پنهنجي پاڻيءَ واري جهاز، ٻيڙيءَ يا هوائي جهاز کي وٺي هلي ٿو. جيڪڏهن سامونڊي ڪُنَ ۽ لهرون نارمل آهن، طوفان ٺريل آهن ته پوءِ پاڻي وارا جهاز ۽ هوائي جهاز آمريڪا وڃڻ لاءِ گريٽر سرڪل وارو ئي رستو اختيار ڪن ٿا. دنيا جي اتر اڌ گول ۾ اڏامندڙ جهاز اولهه ڏي ويندي، اتر ڏي لڙي هلن ٿا. ايتري قدر جو آرڪٽڪ ريجن ۾ کڻي نه پر ان جي ڪافي ويجهو پهچن ٿا. جيئن هن وقت اسان جي هوائي جهاز رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو عمل پائليٽ جي هوشياري ۽ ڄاڻ جو ثبوت ڏئي ٿو.
    هڪ عام ماڻهو جي معلومات لاءِ هتي فقط ايترو لکندس ته Great Circle اهو دائرو (چڪرو) آهي، جنهن جو Circumference ڌرتي جي گولي جي برابر آهي ۽ دنيا کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائي ٿو. سامونڊي يا هوائي جهازن سان واسطو رکندڙ، نيويگيشن، جاگرافي، هائر مئٿس سان واسطو رکندڙ ۽ پنهنجي پڙهندڙن جي يادگيريءَ لاءِ هتي فقط اهو چوندس ته:
    “The great circle on the spherical surface is the smallest curvature. And hence an arc (an orthodrome) is the shortest path between two points on the surface.”
    ۽ اهو پڻ ته:
    “The Great Circle serves as the analog of “straight lines” in spherical geometry (gnomonic projections).”


    هاڻ آمريڪا ۾ آچار۽ ڳڙ به ملي ٿو

    مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جيئن ئي مون 1968ع کان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شروعات جي فقط ڪجهه سفرن ۾ ڪولمبو، هانگ ڪانگ، چين ۽ يورپ پاسي (روس، رومانيا، بلغاريا، لبنان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن ۾) جهازن کي وٺي وڃڻ کان علاوه باقي عرصو 1972ع تائين، چار سال کن لڳاتار، منهنجو مختلف جهازن تي گهڻو وقت آمريڪا جي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو.
    انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرائي پوءِ آمريڪا ڏي وٺي وڃڻو پيو ٿي. رستي تي ڪئريبين سمنڊ جي ويسٽ انڊيز بندرگاهن: ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو ۽ ڪڏهن برمودا ۽ هوانا (ڪيوبا) ۾ ساهي پٽي يا سامان لاهي، پوءِ آمريڪا جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ پهرين پهچڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڃان Container سروس شروع نه ٿي هئي. جهاز بندرگاهن ۾ گهڙندو هو ته ٻاهر نڪرڻ جو نالو نه وٺندو هو. سامان ٽرڪن ذريعي ٿورو ٿورو ٿي پيو بندرگاهن ۾ ايندو هو، جنهن کي نيٽ ذريعي جهاز تي چاڙهيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ ڪري سامان جون ٽرڪون بندرگاهن ۾ نه پهچنديون هيون ۽ سامان چاڙهڻ يا لاهڻ وارا مڪاني مزدور به ويٺا آرام ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته فيڪٽريءَ ۾ مال تيار نه هجڻ ڪري جهاز ڀرجڻ جو ڪم بند ٿي ويندو هو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ اسان جهازين (جهاز هلائيندڙن) جا مزا هئا. بندرگاهه ۾ رهڻ لاءِ ڪافي ڏينهن ملي ويندا هئا. هاڻ ته بندرگاهن ۾ ڇهه اٺ ڪلاڪ به مس ملن ٿا، جو جهاز پهچڻ کان اڳ سامان ڪنٽينرن ۾ بند ٿيل ملي ٿو ۽ لاهڻ مهل به جهاز ڏينهن ٻن ۾ سڀ ڪنٽينر لاهيو هليو وڃي ۽ پوءِ پيو ڪنٽينرن مان سامان نڪري ٽرڪن ۾ چڙهي ۽ ان ملڪ جي مختلف شهرن ڏي روانو ٿئي. يعني اڄ ڪلهه جهازن کي بندرگاهه ۾ گهٽ بيهڻو پوي ٿو ۽ سمنڊ ۾ گهڻو هلڻو پوي ٿو. اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ سامونڊي نوڪري جا اهي ڏينهن مزيدار ۽ رنگين ٿين ٿا، جيڪي ڏينهن بندرگاهه ۾ ترسڻو پوي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسين جهازي اهو ئي چاهيون ٿا ته جهاز تي سامان جيترو آهستي آهستي چڙهي ۽ جيترا گهڻا ڏينهن بندرگاهه ۾ بيهي اوترو سٺو. چوڻي مشهور آهي ته هر Seafarer (جهازيءَ) جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته هن جو جهاز بندرگاهه ۾ پهچي ته دڪي (Jetty) جي مزدورن جي اسٽرائيڪ هجي. نه اهي ڪم ڪن ۽ نه جهاز تي سامان چڙهي ۽ نه جهاز بندرگاه مان ٻاهر نڪرڻ جو نالو وٺي. ساڳي وقت جهازن جا مالڪ اهو ئي چاهين ٿا ته هنن جا جهاز بندرگاهه ۾ بيهڻ بدران گهڻي کان گهڻو وقت سمنڊ ۾ هلندا رهن، ڇو جو جهاز مالڪن کي تڏهن ئي گهڻو ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سامان کڻي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائين ٿا. سامان کڻائي ڀاڙو، سامان جي مالڪن کان سمنڊ ۾ سفر جي مفاصلي يا ڏينهن موجب ملي ٿو. جهاز جي بندرگاه ۾ بيهڻ تي ويتر مالڪ جو خرچ ٿئي ٿو. ڪراچي جهڙي بندرگاه ۾ به رڳو هڪ ڏينهن جي پارڪنگ في چار پنج لک رپيا آهي. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي خرچ آهن. اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ هڪ طرف سمنڊ تي جهاز جا لوڏا، جهاز هلائڻ جون پريشانيون ۽ اوجاڳا آهن ته ٻئي طرف بندرگاهه ۾ آرام ۽ خوشين جي زندگي آهي.
    اسان جي ڏينهن ۾ يعني منهنجي سامونڊي زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾، آمريڪا جو سفر تمام ڊگهو ضرور هو (بلڪ انهن سالن ۾ اڃا به وڏو هو جو سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري سڄي آفريڪا کي ڦيرو ڪري، پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئاسين) پر هڪ دفعو آمريڪا پهچڻ بعد في الحال موج مزي ۾ اچي ويندا هئاسين، جو آمريڪا جا ڪارا مزدور هميشه ڦڏي بازيون ڪري، پاڻ به سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ کان هڙتال ڪيو ويٺا هوندا هئا، ته اسان کي به سمنڊ ڏي منهن ڪرڻ کان بچايو ويٺا هوندا هئا. ٻي ڳالهه ته گهڻو تڻو سامان آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن لاءِ ئي چڙهندو لهندو هو، جيڪي بندرگاهه هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجها آهن، جو وڏي ۾ وڏو سفر به ڏينهن ٻن جو مس ٿئي ٿو، نه ته ڪيترائي بندرگاهه فلڊلفيا، بالٽيمور، نيوارڪ، نيويارڪ وغيره جهڙا, ته فقط چند ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن ۽ اسان هڪ بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ رهڻ بعد چند ڪلاڪ جهاز هلائي، وري ٻئي بندرگاهه ۾ پڙِ هڻي بيهي رهندا هئاسين. اهڙي طرح ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا آمريڪا ۾ گذري ويندا هئا، پوءِ ورلي ڪو ڪيوبا، برمودا يا وڌ ۾ وڌ آفريڪا جي بندرگاهن: ڊڪار (سينيگال) ۽ عابد جان (آوري ڪوسٽ) لاءِ سامان کڻي وڃڻو پوندو هو. جتان پوءِ وري جهاز کي USA وٺي اچڻو پوندو هو. نيويارڪ، نيو اورلينس، هوسٽن، بالٽيمور، فلڊلفيا، سواناهه، بئٽن روج جهڙن بندرگاهن ۾ ته ايترو وقت ۽ ايترا دفعا وڃڻ ٿيو، جو پنهنجي ڳوٺ هالا ۽ حيدرآباد جي گهٽين جي به ايتري ڄاڻ نه ٿي، جيتري آمريڪا جي مٿين شهرن جي.
    انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ سنڌ جا ماڻهو ته گهٽ هئا، پر پاڪستان جي ٻين صوبن جا به نه هئڻ برابر هئا. حلال گوشت ۽ ٻين شين جهڙوڪ چپاتي، نان، آچار، مٺائي ملڻ ناممڪن ڳالهه هئي. اسان جو جهاز جنهن بندرگاهه ۾ پهچندو هو، اتي رهندڙ اسان جي وطن جا ماڻهو ڪا نه ڪا سڃاڻپ پيدا ڪري، جهاز تي پهچي ويندا هئا ۽ پنهنجي وطن جا کاڌا کائي، هنن کي خوشي ٿيندي هئي. نيويارڪ ۾ نور احمد نظاماڻي، يوسف ڏاهري، بشير مغل، سليم شاهه ۽ ڊاڪٽر ابڙي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. شهر جا چڪر هڻي ماني جهاز تي اچي کائيندا هئاسين. ڪڏهن هنن وٽ کائڻ ٿيندو هو ته گوشت ڪنهن يهوديءَ جي دڪان تان وٺي، گهر ۾ رڌيندا هئا، پوءِ ڊبل روٽيءَ سان ئي کائڻو پوندو هو. ڪٿان اٽو ملي ۽ ڪير چپاتي يا نان پچائي؟ پر هاڻ جڏهن ٽيٽيهن سالن بعد آمريڪا جي انهن بندرگاهن کي ڏسان ٿو ته نه فقط انهن وڏن شهرن ۾، پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ حلال گوشت جا دڪان آهن ۽ نه فقط مصري ۽ فلسطيني ڪاسائي نظر اچن ٿا، پر پنجابي ۽ پٺاڻ به جام آهن. بالٽيمور ۾ هڪ سنڌي عاشق لاکو نالي به مليو، جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجي ڳوٺ (سکر ضلعي) جي ڪاليج ۾ هڪ بهترين ليڪچرر هو، پر آمريڪا جي لاٽري واري ويزا ملڻ بعد هتي بهترين ڪاسائي آهي ۽ بقول سندس جيتري ڪمائي آمريڪا ۾ Meat Shop ۾ آهي، اوتري ٻئي ۾ نه آهي. هو ٻڪري ۽ ڍڳي ذبح ڪرڻ بعد جنهن نموني ۽ تکي رفتار سان جديد مشينن ذريعي، ان جانور جون، گراهڪن لاءِ ٻوٽيون ٺاهي ٿو، اهو قابل داد آهي. محنتي ماڻهو هر فيلڊ ۾ محنتي ٿئي ٿو، جهڙو هو هڪ قابل ۽ محنتي استاد هو، اهڙو ئي هو ڪاسائي آهي. هن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ لاءِ هر وڏو دڪاندار آڇ ڪري ٿو، پر هن هاڻ ٻن ٻين پاڪستانين سان ملي بالٽيمور ۾ پنهنجو دڪان کوليو آهي. بهرحال آمريڪا ۾ اڄ ڪلهه نه فقط حلال گوشت سولائيءَ سان ملي ٿو، پر “پڪي پڪاين” چپاتين، اڦراٽن، نانن جو ملڻ به آسان ٿي ويو آهي ۽ نه فقط انڊين ۽ پاڪستاني دڪانن تي، پر هتي جي گورن آمريڪين جي دڪانن تي به، هر ديسي شيءِ ويندي آچار، دال، سوجي، ميدو، لونگ ڦوٽا، هيڊ، مُستي، گدامڙيءَ کان وٺي رڌ پچاءَ جا ٿانوَ: وٽا، ڪريون، لوٽا، ويلڻ، چاڏيون ۽ توا رکيا آهن. ان کان علاوه اهو ڪهڙو آمريڪا جو شهر آهي، جنهن ۾ انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون نه آهن، جن ۾ ڏهي بڙن ۽ ڪبابن کان وٺي ڇولا، چڪن تڪا، پڪوڙا ۽ مٺائيون نه ٿيون ملن!


    آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز

    هتي انهن پاڪستانين لاءِ، خاص ڪري سنڌين لاءِ، جيڪي ملڪ کان ٻاهر نه نڪتا آهن يا جيڪي نوڪريءَ کي آفيسري سمجهن ٿا ۽ هو فقط اهڙي نوڪريءَ کي سٺو سمجهن ٿا جنهن ۾ هنن کي اڇا اجرا ڪپڙا پائي، پنهنجي مرضيءَ سان آفيس وڃڻو پوي، جنهن ۾ پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو وٺڻو پوي، غريب عوام کي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح تنگ ڪري پگهار کان وڌيڪ حرام جو پئسو اوڳاڙڻو پوي، انهن لاءِ هي لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته ٻاهر جي ملڪن ۾ ائين ناهي. اتي هڪ وڏي آفيسر کي به پورهيو ڪرڻو پوي ٿو ۽ عوام جي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ ۽ ڪنهن حد تائين جپان ۽ ملائيشيا جهڙن سڌريل ايشيائي ملڪن ۾ پڻ، جنهن جو مثال ملائيشيا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اتي هڪ پوليس جو ايس پي به روڊ تي بيهي ماڻهن جي مدد ڪرڻ دوران عام ماڻهوءَ کي Sir چئي مخاطب ٿئي ٿو. منهنجي پڇڻ تي هڪ وڏي آفيسر وراڻيو: “قانون جي عزت ڪندڙ هر ماڻهو اسان جو باس آهي. عوام جي ڏنل ٽئڪس مان ته اسان کي پگهار ملي ٿو ۽ اسان جي ٻچن جو گذر سفر ٿئي ٿو.”
    بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته سڌريل ملڪن اندر ان ۾ ڪابه خرابي يا گهٽتائي نٿي سمجهي وڃي، ته ڪو ڪهڙي نوڪري ڪري ٿو. هر نوڪري جنهن مان ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿئي، سٺي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پوءِ اها نوڪري کڻي ڊاڪٽر جي هجي يا نرس جي، پائليٽ جي هجي يا ايئرهوسٽس جي، چوڪيدار جي هجي يا ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ هڪ مزور جي، واڍي يا رازي جي هجي يا ڪاسائي يا ٽيچر جي. آمريڪا توڙي يورپ ۾ هرهڪ کي ايمانداريءَ سان نوڪري يا پورهيو ڪري، حق حلال جي روزي ڪمائڻي پوي ٿي ۽ هر اهو ماڻهو جيڪو محنت مزوري ڪري، حق حلال جي ڪمائي حاصل ڪري ٿو، اهو سوسائٽيءَ ۾ عزت حاصل ڪري ٿو، پوءِ اها نوڪري يا پورهيو کڻي ڪهڙو به هجي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا اسان جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آمريڪا ۾ پيٽرول پمپن تي ڪم پيا ڪن يا ٽيڪسي پيا هلائين. هڪ اهڙي ڊاڪٽر وٽ به منهنجو رهڻ ٿيو، جيڪو پاڪستان مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه سال ان اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بعد آمريڪا آيو، جتي هن سال ٻه ڊاڪٽري ڪرڻ بعد هڪ پيٽرول پمپ خريد ڪيو ۽ هن محسوس ڪيو ته هن جو مائينڊ ڊاڪٽري پيشي کان بزنس ۾ وڌيڪ Active آهي، ان ڪري هن ڊاڪٽري ڇڏي پيٽرول پمپ تي ڌيان ڏنو. اڄ هن جو پيٽرول پمپ بالٽيمور شهر ۾ وڏي ۾ وڏو پيٽرول پمپ آهي ۽ ان سان گڏ سيون اليون ۽ مسٽر ڊونٽ جهڙا ٻه ٽي دڪان پڻ هن جا آهن. هن سان گڏ جيڪي ٻه چار ڊاڪٽر آيا ۽ هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽري ڪري رهيا آهن ۽ کين سٺو پگهار ملڻ ڪري هو خوش آهن، پر ڊاڪٽريءَ بدران پيٽرول پمپ هلائڻ وارو ڊاڪٽر هنن سڀني ۾ بهتر ۽ خوشحال آهي. جيتوڻيڪ شروع وارا سال هن ڊاڪٽري ڇڏي، ڪم سکڻ لاءِ ڌارين جي پيٽرول پمپ تي مزور ٿي ڪم ڪيو.
    سو هتي آمريڪا ۾ اها ڳالهه هرگز خراب نه ٿي سمجهي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ پورهئي وارا ڪم عيب سمجهيا وڃن ٿا. ان ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ رازا، واڍا، سيلزمين، ٽيڪسي ڊرائيور، اسٽور ڪيپر، چوڪيدار ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجي وطن پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي نٿا ٻڌائين. اتر سنڌ جي هڪ سنڌي ٽيڪسي ڊرائيور مون کي منع ڪئي ته آئون سندس ڪهاڻي ضرور لکان، پر اهو ڪنهن کي نه ٻڌايان ته هو آمريڪا ۾ ٽيڪسي هلائي ٿو.
    “خبر اٿئي.” مون کيس کلندي چيو، “مون کان جي Choice پڇين ته مون کي سڀ کان بهتر ٽيڪسي هلائڻ لڳي ٿي. خاص ڪري جي پنهنجي ٽيڪسي آهي. ڇو ته هر ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجي پاڻ جو باس آهي، جنهن وقت وڻيس ان وقت هلائي. رات جو ننڊ نه اچيس ته به روڊ تي هليو اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه ٽيڪسي ۾ هر قسم جو ماڻهو ويهي ٿو، ڀاڙو وٺڻ کان علاوه هن جي ڪهاڻي به ٻڌي سگهجي ٿي.”
    “هي جاب وڻي ته مون کي به ٿي، پر پنهنجي ملڪ ۾ ان کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري پنهنجن کان لڪايان ٿو.” هن ٻڌايو.


    آمريڪا ۾ پريالوءِ جو همراهه

    اسان جيئن ئي سامونڊي نوڪريءَ ۾ داخل ٿياسين ته سمنڊ جي لوڏن ۽ جهاز جي انجڻين اهڙو ته بيزار ڪيو جو اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ هڪ انگلينڊ ۾ ۽ ٻيو نيويارڪ ۾ جهاز ڇڏي ڏنو ۽ وڌيڪ پڙهڻ يا ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ بدران ٽيڪسي هلائڻ لڳا. اڄ هو ٻئي اسان سڀني کان خوشحال ۽ سکيا آهن. سو آمريڪا (USA) جهڙن ملڪن ۾ ڳالهه سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪريءَ جي ناهي، پر محنت جي آهي. جيڪو محنت ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري ٿو، اهو خوشحال زندگي گذاري ٿو ۽ حق حلال جي پورهئي کي هتي عيب هرگز نٿو سمجهيو وڃي. منهنجي اِها ڳالهه ٿي سگهي ٿو پنهنجي ملڪ ۾ رهي ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي، پر آمريڪا ۾ پهچي هرهڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچيو وڃي. ان ڪري ڪيترن کي سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهي، اها ڳالهه تعجب خيز لڳندي ته پريالوءِ جو عاشق لاکو جيڪو سکر ۽ خيرپور جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ته ٽيچر ۽ ليڪچرر هو، اهو بالٽيمور ۽ ائٽلانٽڪ سٽيءَ ۾ ڪاسائي آهي. پر هتي آمريڪا جي رهندڙ جي نظر ۾ جهڙو پورهيت ٽيچر، ڊاڪٽر، حجم آهي، تهڙو ڪاسائي، جيڪو ڊاڪٽرن وارو ائپرن پائي، ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ رکيل جديد مشينن ذريعي گوشت کي ڪَٽي، ٻئي ڪمري اندر قطار ۾ بيٺل گراهڪن کي واري واري سان ڏئي ٿو ۽ انهن گراهڪن ۾ آمريڪا جا ڪاروباري ماڻهو به آهن ته جج، ڊاڪٽر، فلمي ايڪٽر به.
    آمريڪا جو هي سنڌي رهواسي عاشق لاکو صاحب، سکر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ جي حاجي واحد بخش لاکي جو پٽ آهي. کيس ٻيا به ٽي ڀائر آهن. حاجي مشتاق جيڪو رٽائرڊ استاد آهي ۽ حاجي ممتاز جيڪو زمينداري ڪري ٿو ۽ کانئس وڏو آهي ۽ الطاف نالي ننڍو ڀاءُ پريالوءِ جي هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد آهي. سندن والد صاحب سرڪاري کاتي Irrigation ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
    سنڌ جو ڳوٺ پريالوءِ سکر شهر لڳ نيشنل هاءِ وي تي آهي ۽ خيرپور کان سکر طرف ويندي اٽڪل 15 کن ڪلو ميٽر ٿيندو. عاشق لاکو هن ڳوٺ ۾ 12 مئي 1969ع تي ڄائو. ميٽرڪ پنهنجي ڳوٺ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. گريجوئيشن BA ۽ اسلامي ڪلچر ۾ MA شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪري، پريالوءِ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو. هن آمريڪا اچڻ کان اڳ اٽڪل ٻارهن سال پڙهايو.
    “توهان جو آمريڪا اچڻ ڪيئن ٿيو؟” مون عاشق لاکي کان پهرين ملاقات ۾ پڇيو هو، جيڪا بالٽيمور جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز تي ٿي. آئون لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر منور عباسيءَ جي گهر رهيل هوس، جتي حيدرآباد جو مشهور بئنڪ آفيسر غلام مصطفيٰ پلهه به اچي نڪتو ۽ سڀ گڏجي هتي جي جامع مسجد ۾ جمعي تي آياسين، جتي نماز بعد اوچتو لاکو صاحب ملي ويو هو.
    “ادا آمريڪا ته ڇا مون کي ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد يا ڪراچي ۾ رهڻ جو به ڪو خواب خيال نه هو.” عاشق ٻڌايو.
    “پوءِ ڀلا هي ڪم ڪيئن ٿي ويو؟” مون کلندي پڇيومانس.
    “ٿيو هيئن جو سن 1998ع ۾ آئون عمري لاءِ سعودي عرب ويو هوس.” لاکي صاحب پنهنجو احوال ٻڌايو، “اتي پنهنجي ميرپور ماٿيلي جي دوست غلام محمد ڏهر جي گهر ويس ته هو پنهنجي پٽ ڊاڪٽر عبيدالله لاءِ آمريڪا جي ويزا جو لاٽري فارم ڀري رهيو هو. مون پڇيومانس ته هي ڪير ڀري سگهي ٿو، جنهن جي جواب ۾ هن مون کان پڇيو ته آيا مون وٽ پنهنجا ٻه فوٽا هوندا. مون پنهنجي ٻٽونءَ مان پنهنجا فوٽا ڪڍي کيس ڏنا ۽ هن فوٽو اسٽيٽ فارمن مان ٻن تي مون کان صحيحون وٺي، باقي خالي جايون مون پاران پاڻ پُر ڪري، پنهنجي پٽ جي فارم سان گڏ پوسٽ ڪيا.
    “ڀلا آمريڪا (USA) پهچڻ تي ڪهڙي شهر ۾ آيئو.” مون پڇيومانس.
    “آئون پهرين ورجينيا رياست ۾ آيس، جتي اسان جي ڀرواري “پير جي ڳوٺ” جو رهواسي ڪليم خلجي رهيو ٿي. ڪليم خلجي ان وقت واشنگٽن ۾ اسان جي پاڪستان ايمبيسيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هن مون کي مهينو کن پاڻ وٽ رهايو ۽ ڏاڍي خدمت ڪئي، جيستائين مون کي نوڪري ملي.”
    آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر واشنگٽن (ڊي سي) جتي آمريڪا جي صدر جي آفيس پينٽاگون ۽ دنيا جي ملڪن جا سفارتخانا آهن ۽ ڀرواري رياست ورجينيا ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جو شهر راولپنڊي. ڪيترا ماڻهو جيڪي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪن ٿا، اهي درياهه جي ٻي پار ورجينيا رياست ۾ ئي رهن، جتي راولپنڊي وانگر اسلام آباد کان وڌيڪ سستائي آهي.
    ڪليم خلجي اڄ ڪلهه وري پاڪستاني ايمبيسي ۾ آهي. هو ان وقت پهريون مدو ختم ڪري پاڪستان هليو ويو هو، جتي سال ٻه رهي، هاڻ وري هتي آيو آهي. اسان جي ايمبيسي جي سفير جنرل ڪرامت جهانگير سان ملاقات بعد آئون سندس آفيس ۾ به ڪجهه دير اچي ويٺو هوس. مون کيس بيحد محنتي، ڪم جو ڄاڻو ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارو آفيسر محسوس ڪيو. سندس تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنداسين. اتفاق اهڙو جو عاشق لاکي سان نه فقط آمريڪا ۾ ملاقات ٿي، پر ٽي چار مهينا آمريڪا ۾ رهي وطن موٽي رهيو هوس، ته اسان جو نه فقط هوائي جهاز ساڳيو هو، پر سيٽون به ڀر ۾ هيون ۽ نه فقط جهاز ۾ پر دبئيءَ جي هوائي اڏي تي اٺ ڪلاڪ ترسڻ دوران پڻ خبرون ڪندا رهياسين.
    “ڀلا ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن وڃو؟” مون عاشق کان پڇيو.
    “هر سال وڃان ڪڏهن ته ڇهين مهيني به.” عاشق وراڻيو.
    “شاباس هجناوَ! ايترو سگهو سگهو!! چئبو ته جيڪو ڪمائيندا هوندائو، ان مان هر سال لک ٻه هوائي جهاز جي ٽڪيٽن ۾ خرچ ٿي ويندو هوندانوَ؟” مون پڇيو.
    “ڇا ڪجي. ان کان علاوه هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا مائٽن کي فون ٿو ڪريان، پوءِ به اسان جي ڳوٺ ۾ مون کي چوندا آهن ته ڪهڙو ته ڪٺور دل آهين، جو ايڏو ڏور هليو ويو آهين. هن ڀيري ته اڃان چار مهينا به نه ٿيا آهن، ته وري ڳوٺ پيو وڃان.”
    “خيرَ ۾؟”
    “گرين ڪارڊ ته مون کي هتي اچڻ سان مليو هو. اڳئين دفعي ڳوٺان ٿي آيو هوس ته مون کي هتي جو (USA) جو پاسپورٽ به مليو، جنهن جي ملڻ سان منهنجي زال ۽ ٻارن آمريڪا جي ويزا ۽ گرين ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مهيني کن بعد کين انٽرويو لاءِ اسلام آباد گهرايو ويو ۽ هاڻ مون کي اطلاع مليو آهي ته هنن جا ڪاغذ پٽ ٺهي ويا آهن ۽ کين پاڻ وٽ آمريڪا گهرائي سگهان ٿو.”
    “مبارڪون هجنئي. منهنجي خيال ۾ توهان پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ جا پهريان آمريڪن سٽيزن (شهري) ٿيائو؟”
    “جي ها، پر گرين ڪارڊ ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ آهي.” عاشق لاکي ٻڌايو.
    “ڀلا هتي آمريڪا ۾ توهان جا ويجها دوست ڪير آهن؟” مون عاشق کان پڇيو.
    “هتي آمريڪا ۾ اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ پريالوءِ، پيرجوڳوٺ ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن جا ڪيترائي رهن ٿا. نيويارڪ ۾ نذير احمد مخدوم آهي، ورجينيا ۾ عرفان جماڻي آهي، واشنگٽن ۾ اڄڪلهه وري ڪليم خلجي آيو آهي، ان کان علاوه حسنين شيخ آهي، پي آءِ اي ۾ حبيب الله آهي، جنهن جو ڀاءُ بلال وري لاس اينجلس ۾ آهي. پير جي ڳوٺ جو حبيب مغل پڻ هتي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ آهي.”


    مون سان پنهنجن ئي ويڌن ڪئي

    عاشق لاکي سان جڏهن پهريون دفعو جمعي نماز تي ملاقات ٿي هئي ته هن ملڻ سان مون کي چيو هو ته هو مون کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهم ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهي، ته هن سان آمريڪا ۾ ڪيڏو ظلم ٿيو آهي. ان وقت ڪجهه ٻيا سنڌ جا دوست به اچي مليا، خاص ڪري شڪارپور جو اعجاز ابڙو جنهن سان گڏ پروگرام موجب بالٽيمور جي ڀرواري ڳوٺ East Rolling Cross وڃڻو هو، جنهن تڪڙ پئي ڪئي. تنهن هوندي به عاشق کي پاسي تي وٺي چيم ته خير ته آهي، هتي جي حڪومت توکي گهرائي هاڻ ويزا يا پاسپورٽ نٿي ڏئي ڇا؟
    “نه. اها ڳالهه ناهي.”
    “هتي جي ڪارن سان تنهنجو جهيڙو ٿي پيو آهي؟” مون پڇيومانس جو ويجهڙائيءَ ۾ اهڙيون به ڪيتريون ڳالهيون ٻڌي چڪو هوس، ته اسان جي وطن جا نوان آيل، جيڪي هتي جي بلئڪ ڪميونٽي جي غريب علائقن ۾ رهن ٿا، اهي انهن طرفان رکي رکي تشدد جو شڪار ٿيندا رهن ٿا، جو هتي جا شيدي غربت، بيروزگاريءَ ۽ نشي پتي ڪري ننڍا وڏا ڏوهه ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري ڦر ۽ چوريءَ جا.
    “نه. اها به ڳالهه ناهي. مون سان ته پنهنجن ئي ٺڳيون ڪيون آهن.” عاشق ٻڌايو.
    “چڱو مون کي پنهنجو نمبر ڏئي ڇڏ، ڪڏهن نويڪلي ملاقات ٿي ته خبرون ڪنداسين.” مون کانئس نمبر وٺندي چيو، جو بالٽيمور ۾ اعجاز ابڙو وٽ منهنجا آخري ٻه ڏينهن هئا. ان بعد مون کي جارجيا ۽ الباما رياستن ڏي، ڏکڻ طرف وڃڻو هو جتي جي بندرگاهن ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جهاز وٺي ايندا هئاسين ۽ انهن بندرگاهن بابت احوال منهنجي شروع جي سفرنامن ۾ لکيل آهي.
    هاڻ اسين ساڳي هوائي جهاز ۾ نيويارڪ کان دبئي سفر ڪري رهيا هئاسين ۽ ٻئي واندا ويٺا هئاسين. ڪجهه دير عاشق به پنهنجي اڳيان لڳل ٽي ويءَ جا ٻه چار چئنل گهمائي ڏٺا ۽ پوءِ ڪجهه دير تسبيح پڙهي کيسي مان چيغم ڪڍيا، جيڪي دوا جي گورين وانگر هڪ پتري تي ٻن قطارن ۾ جملي ڏهه هئا. هڪ کي دٻائي پاسي کان ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ هاڻ باقي پترو کيسي ۾ واپس رکڻ وارو هو ته هڪ مون به گهريومانس.
    “ڀلا هڪڙو مون کي به ڏي ته آئون به ويهي تو وانگر چٻاڙيان، ته ڪجهه ته وقت پاس ٿئي.”
    “نه هي تنهنجي لاءِ نه آهن.” عاشق يڪدم چيو، جنهن مان مون کي ڪجهه چرچو لڳو، پر جڏهن ڏٺم ته مون کي هڪ به ڏيڻ بدران واپس کيسي ۾ رکي ڇڏيائين ته تعجب لڳم.
    “ڇو سائين خير ۾؟ شگر جو مريض ته آئون نه آهيان، جو مون کي ٽِڪي چاڪليٽ نه کائڻ کپي.” مون چيومانس.
    “نه. ڳالهه هيءَ آهي ته هي چيغم دوا جا آهن، هنن ۾ ڪجهه نڪوٽين پيل آهي. مون سگريٽ پيئڻ بند ڪيا آهن، سو ڊاڪٽر ڪجهه ڏينهن لاءِ هي چٻاڙڻ لاءِ ڏنا آهن، جيئن سگريٽ بند ڪرڻ جي تبديليءَ جو جسم تي اوچتو اثر نه پوي.”
    “ڏينهن ۾ ڪيتري سموڪنگ ڪندا هئائو؟” مون پڇيومانس.
    “شروع ۾ ته سموڪنگ ورلي ڪا ڪندو هوس، پر پوءِ پريشانين ڪري وڌي ويئي ۽ اهڙو عادي ٿي ويس جو هر وقت سگريٽ جي ٻاڙ لڳڻ لڳي.” عاشق ٻڌايو ۽ ان ئي وقت سندس پهرين ملاقات واري ڳالهه ياد آئي، جيڪا هن مون کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ هي وقت اهڙو هو جو هو سڪون سان ٻڌائي سگهيو ٿي ۽ آئون به سڪون سان ٻڌي سگهيس ٿي.
    “عاشق! تو پهرين ڏينهن ٻڌايو هو ته توسان هتي ڪنهن دوکيبازي ڪئي ۽ اهو ڪو ڌارئين ملڪ جو نه پر پنهنجو ئي هو.”
    “بس سائين ولايت ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي ڀروسو نه ڪجي. مون گذريل ٽن چئن سالن ۾ حق حلال جو ۽ هٿن جي پورهئي سان ڏاڍو پئسو ڪمايو، پر مون کي پنهنجن ئي جن تي مون ڀروسو ڪيو، ڦري ويا.”
    عاشق جي ڳالهه مون لاءِ نئين نه هئي. منهنجي اڳيان ڪيترائي اهڙا مثال هئا، جن ۾ پرديس ۾ ڪيترن کي پنهنجن هم زبان، هم مذهب يا ڳوٺ وارن پهرين همدردي ڪري پوءِ سندن ترا ڪڍيا هوندا. ڪجهه سال اڳ هڪ اسان جو دوست، پنهنجي وڏي عهدي واري سرڪاري نوڪري ڇڏي، گهر ۽ زمينون وڪڻي، ڪئناڊا وڃي Settle ٿيو، ته هاڻ اتي بزنس ٿو ڪريان. کيس سندس ڪاليج جي ئي هڪ سينئر گشا پتا هڻي، اهڙي بزنس ۾ لڳايو، جتي هن جو سمورو پئسو پنهنجي ڪاليجي ساٿيءَ ڏي هليو ويو. نوڪري به ويئي ته گهر به ويو ۽ زمينون به! اهو به شڪر جو هن وٽ آمريڪا جي پيٽروليم جهڙي سبجيڪٽ ۾ اعليٰ ڊگري هئي ۽ عمر ۾ به اڃا ننڍو هو، هڪ عرب ملڪ ۾ نوڪري ملي ويس. هاڻ سندس ٻار به اتي پڙهي رهيا آهن ۽ گهر وٺڻ لاءِ نئين سنئينءَ بچت ڪري رهيو آهي.
    منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ جنهن سڄي عمر ابوڌابيءَ ۾ نوڪري ڪئي ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي آمريڪا ۾ هڪ پنهنجي ئي مائٽ سان گڏ بزنس شروع ڪيو. پر چند مهينن ۾ هن کي خبر پئجي وئي ته سندس مائٽ هن سان فراڊ ڪري، پنهنجو ۽ هن جو پئسو ڪڍي، آمريڪا مان ئي ڀڄي ويو آهي. اسان واري ڪلاس ميٽ هن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جيسين هو همراهه آمريڪا موٽي اچي ۽ هن تي ڪيس هلي، تيسين هن جا مهانگا وڪيل پنهنجي اڌ في اوڳاڙي چڪا آهن.


    ساڳيو “ڪاسائڪو” ڪم ڪندس

    عاشق لاکي جي ٽريجڊي به اهڙن ڪيسن کان مختلف نه هئي. هر پرديسي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي چاهي ٿو ته هن کي جلد از جلد ڪٿي ڪو پورهيو ملي وڃي، جيئن ٻين تي بار ٿيڻ بدران هو پنهنجي ڪمائي کائي. ورلي ڪي خوش نصيب هوندا، جن کي پنهنجي تعليم ۽ ڊگرين جي آڌار تي ۽ انهن مطابق آمريڪا ۾ نوڪريون مليون هونديون، نه ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به پهرين اسٽورن ۽ دڪانن تي مزوري ڪن يا هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن تي بئراگيري يا سيلزمين ٿي ڪم ڪن. بهرحال ڪم ڪرڻ واري ۾ همٿ ۽ محنت جو جذبو هجي، باقي جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي حق حلال جي ڪمائي لاءِ ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪرڻ ڪا بي عزتي ناهي ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ هڪ مزور به چڱو خاصو ڪمائي ٿو. بلڪ ڪيترن وائيٽ ڪالر جابس (آفيسرن) کان وڌيڪ هڪ مزور ڪمائي ٿو. عاشق ٻڌايو ته هن کي ورجينيا رياست ۾ (جتي هو پنهنجي ڳوٺ جي دوست ڪليم خلجي وٽ رهيل هو) هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان (سلاٽر هائوس) تي ڪم ملي ويو.
    “سائين مون گهر ۾ ڪڏهن هٿ ۾ ڇري نه کنئي هئي، پر پوءِ مون يڪدم فيصلو ڪري ورتو ته يار عاشق هتي ڳوٺ واري ماستري ته هرگز نه ملي سگهندي ۽ پورهيا سڀ پورهيا آهن. مون کي محنت سان گڏ هن ۾ دل لڳائي سکڻ کپي. پوءِ مون ايترو ته خيال سان ڪم سکيو ۽ ڪيو جو آئون گوشت ڪٽڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿي ويس. ٻڪري هجي يا ڍڳي، جديد مشينن تي لڳل ڪاراين ۽ Cutters ذريعي سڄي جانور جون گهٽ وقت ۾ بهترين نموني جون ٻوٽيون ٺاهي سگهيس ٿي. ڇهن مهينن اندر ورجينيا، واشنگٽن ۽ ڀروارين رياستن مئري لئنڊ ۽ ڪئرولينا ۾ رهندڙ مسلمانن ۾ منهنجو نالو مشهور ٿي ويو.”
    “مالڪ ڪير هو ۽ گهڻو پگهار ڏيندو هئي؟” مون پڇيو.
    “ان دڪان جو مالڪ ڪراچيءَ جو هڪ ڪاسائي هو. هو مون کي هفتي جا 250 ڊالر يعني پنهنجا 15 هزار کن روپيه ڏيندو هو. هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي هئي، پنج ڏينهن ڪم هلندو هو، يعني ان حساب سان روزانو ٽي هزار روپيه ملندا هئم. رهائش ان سلاٽر هائوس ۾ فري هئي. عيد تي ماڻهن منهنجو ڪم ڏٺو ته تعجب کاڌو. عيد جا ٻه ڏينهن موڪل وارا خوب پئسو ڪمايم. بهرحال ڪجهه مهينن بعد لاهور جو هڪ ڪاسائي دڪاندار اچي منهنجي پٺيان لڳو ته آئون هي دڪان ڇڏي، هن وٽ هلي ڪم ڪريان ته هو مون کي پگهار به دل وٽان ڏيندو.
    آخرڪار مون هن وٽ ڪم شروع ڪيو. هو مون کي هفتي جا يعني پنج ڏينهن ڪم ڪار جا چار سؤ ڊالر ڏيڻ لڳو. ڪنهن هفتي پنج سؤ ڊالر به ڏيندو هو. ظاهر آهي ته آئون کيس ڪم به اهڙو ڪري ڏيندو هوس. ٽي سال مون هن وٽ مزوري ڪئي، ان بعد هن مون کي پنهنجي دڪان ۾ ڀائيواريءَ جي آڇ ڪئي. اسان هڪڙو ٽيون پارٽنر به کنيو يعني هرهڪ جو ٽيون حصو ٿيو. دڪان ۽ ان ۾ رکيل سڀني مشينن جي ماليت ڪَٿي، ان جو ٽيون ٽيون حصو اسان پنهنجي بئنڪ بيلنس مان ڏئي، دڪان جا مالڪ ٿياسين.”
    “ڀلا هي ڪم ڪنهن وڪيل اڳيان لکپڙهه ۾ ٿيو يا ائين زباني؟” مون وچ ۾ عاشق جي ڳالهه روڪي پڇيو.
    “هي سڄو ڪم ائين ويساهه تي ٿيو، جو ٽئي ڄڻا گذريل ٽن سالن کان هڪ ٻئي کي ويجها هئاسين ۽ هن ئي دڪان ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين. ڪنهن کي به ڪنهن جي نيت تي ذرو به شڪ نه هو. ان هوندي به دڪان جي مالڪ کان قرآن تي هٿ رکرائي، هن کي پئسا ڏناسين. پر افسوس جو هو سال اندر بدديانتيءَ تي لهي پيو ۽ ان سال جا سڀ پئسا هضم ڪري ڀڄي ويو. ان بعد باقي بچيل همراهه مون سان شامل ٿي ڪم ڪرڻ جي رضامندي ڏيکاري. اسان هر ڳالهه لکت ۾ ٺاهي. سال ڏيڍ هن سان صحيح ڪم هلندو رهيو، ان بعد هن مون کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي، سڄو دڪان پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو. مون کي جو خبر پيئي ته منهنجا هوش خطا ٿي ويا. غريب ماڻهو پرديس ۾ وڃان ته وڃان ڪيڏانهن. جنهن وٽ به وڃان ته مون سان همدردي ڪرڻ بدران الٽو مون کي دڙڪا ڏئي ته اهڙي بيوقوفي ڇو ڪيئي. آخر هڪ نيڪ انسان يهودي وڪيل منهنجي ڳالهه ٻڌي، مون سان واعدو ڪيو آهي ته هو هي ڪيس بنا في وٺڻ جي وڙهندو ۽ هتي جي ڪورٽ مان مون کي انصاف وٺي ڏيندو. وڪيل جو نالو رچرڊ ڊبليو مور آهي ۽ هتي جو وڏو آڙيڪاپ وڪيل آهي. هڪ اڌ شنوائي هلي آهي ۽ مون وارو پارٽنر سخت پريشان آهي، جو هر شيءِ لکت ۾ آهي ۽ انشاءَ الله هڪ اڌ شنوائي بعد ڪيس جو نتيجو ظاهر ٿي ويندو، تيسين آئون ڳوٺان چڪر هڻي ٿو اچان.”
    “ڀلا ڳوٺان موٽڻ بعد ڪهڙو ڌنڌو ڪرڻ جو ارادو آهي.” مون عاشق کان پڇيو.
    “ڌنڌو يا نوڪري ٻي ڪا ڪرڻي ناهي، اهو ئي ڪاسائيءَ وارو پورهيو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ رب پاڪ مون کي قابليت بخشي آهي. ماڻهن وٽ منهنجي صاف سٿري ڪم جي ساک ۽ عزت آهي ۽ محنت سان جي هي ڪم جاري رکندو هلان ته هن ۾ سٺي ڪمائي آهي.”
    توهان جي ڳوٺ جون ڪي اهم شخصيتون؟” مون عاشق لاکي کان پڇيو.
    “ڊي آءِ جي نثار صديقي صاحب، جيڪو سکر ڊويزن جو ڪمشنر به رهي چڪو آهي، اسان جي اسڪول ۾ ٽيچر هو. ڊاڪٽر عبدالغفار ميمڻ جيڪو آرمي ۾ ميجر آهي، اهو پڻ اسان جي ڳوٺ جو آهي.”
    “توهان جي ڳوٺ جو نذير شاهه سڃاڻين؟” مون کي اوچتو ياد آيو.
    “نه.” عاشق وراڻيو.
    “ٿي سگهي ٿو ته تون نه سڃاڻندو هجين، جو هو ننڍي هوندي کان ڳوٺ کان ٻاهر رهيو. هو عمر ۾ توکان گهڻو وڏو ۽ مون کان ٻه ٽي سال ننڍو هو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ نذير شاهه نالي مون کان ٽي سال کن جونيئر ٻه ڪئڊٽ هئا. هڪ سکر جي عاشق شاهه ۽ جاويد شاهه وارن جو ڀاءُ ۽ ٻيو ٻڌائيندو هو ته هن جو پريالوءِ ڳوٺ آهي. ڪاليج بعد هو ڪجهه سال پاڪستان ۾ هو، ان بعد هو مون کي ٻه ٽي دفعا ناروي پاسي مليو.هاڻ تهِ ان کي ويهارو سال اچي ٿيا آهن، جو هن جي خبر نه اٿم ته ڪٿي آهي، پر اها پڪ اٿم ته هو پريالوءِ جو آهي جو ان ڳوٺ جو نالو مون پهريون دفعو هن کان ٻڌو هو.”
    “ڀلا توهان جي ڳوٺ جي ڪا اهم تاريخي عمارت، درگاهه يا مندر مسجد؟” مون عاشق لاکي کان پڇيو.
    “مخدوم محمد اسماعيل جي مزار آهي، جنهن کان اسان جو ڳوٺ مشهور آهي.” عاشق ٻڌايو.
    آخر ۾ هتي اهو لکڻ به ضروري ٿو سمجهان ته عاشق لاکو صاحب نه فقط نيڪ انسان، تعليم يافته نوجوان، سٺو ٽيچر ۽ ذبحه جي ڪم جو ماهر آهي، پر قرآن مجيد جو ياد حافظ پڻ آهي. پاڻ قرآن پڙهڻ ۽ حفظ ڪرڻ جو ڪم ننڍي هوندي مڪمل ڪيائين جڏهن هو اٺين ڪلاس ۾ هو. سندس استاد هئا، قاري محمد حسن سميجو ۽ حافظ غلام حسين ڍاليٽ. سندس شادي 2002ع ۾ ڳوٺ مان ٿي ۽ کيس ٻن سالن جي اسرا نالي ڌيءَ آهي.


    چارئي شير آمريڪا ۾

    آمريڪا جهڙي ڏورانهين ڏيهه ۾ جِتي ڪنهن زماني ۾ هم وطني ورلي ڪو ملندو هو، اتي اڄ ڪلهه، باوجود ڏکين اميگريشن قانونن، هوائي جهاز جي ڳرن ڀاڙن ۽ نوڪرين جي کوٽ جي، پنهنجا جِتي ڪٿي نظر اچن ٿا. نه فقط نيو يارڪ، واشنگٽن، بالٽيمور، هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾ (جيڪي ڄڻ آمريڪا جا قاسم آباد ۽ نسيم نگر آهن) پر ننڍن ڳوٺن ۾ به. آمريڪا جي ڪن شهرن ۾ ته ڪن ذاتين وارا خاص ڪري ڏاهري، قلباڻي، فاضلاڻي، عباسي، ابڙا، چنا، لغاري، ميمڻ، شيخ ۽ سومرا ته ايترا آهن، جو لڳي ٿو ته اهي ذاتيون سنڌ جون نه پر ڪولمبس پٺيان آيل اسپيني ماڻهن جون هجن.
    ڪو زمانو هو، يعني سٺ جي ڏهاڪي جا آخري سال ۽ ستر جا شروعاتي سال، جڏهن جهاز هلائڻ جي ڪري مونکي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ رهڻو پوندو هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي هم زبان يا هم وطن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پئبو هو.... هو ورلي ڪنهن شهر ۾ نظر ايندا هئا..... سو به نيويارڪ ۽ هيوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾. شهرن کان پري ٻهراڙيءَ ڏي نڪرڻ تي پاڪستاني ته ڇا، پر انڊين به نظر نه ايندو هو! ۽ هاڻ حال اهو آهي، جو آمريڪا جي ڳوٺن ۾ به انڊين ٽي وي چئنل پيا هلن. اڳ ۾ ڪو ڌاريون ملندو هو ته اسان سان به زوريءَ زوريءَ پيو ڳالهائيندو هو، هاڻ پنهنجي هم زبان سان ملڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو ته پهرين ڪنهن سان ملجي. اسان جي ڳوٺ جي نينگري ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس گهوٽ ڊاڪٽر رمضان انڙ ڪيڏو خلوص سان پنهنجي آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندا رهيا، پر افسوس جو چئن مهينن دوران هنن وٽ وڃي نه سگهيس. اهو ئي سوچيندو رهيس ته ساڻن واشنگٽن SANA جي فنڪشن ۾ ٽي ڏينهن ڪچهري ٿي، هاڻ ٻين سان ملجي، پوءِ جي ٽائيم مليو ته آخر ۾ کڻي ڏسبو. پر آخر تائين ڏينهن کٽي پيا، ملڻ لاءِ نوان نوان ماڻهو نه کٽا. ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس فيمليءَ تي اڳتي هلي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، جيئن اسان جي اڄ جي نوجوان کي اتساهه (Inspiration) ملي ته ڪيئن ڳوٺ ۾ رهندڙ، گهٽ آمدني واري ليليٰ جي والد پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري.
    آمريڪا ۾ منهنجي ملاقات هڪ ته سنڌ جي انهن مختلف ماڻهن سان ٿيندي رهي، جيڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ، نوڪري چاڪريءَ يا تعليم خاطر هِتي Set آهن ۽ ٻيو پنهنجي پراڻي ڪاليج “ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو” جي ساٿين سان، جيڪي نه فقط اسان جي پيٽارو اولڊ بئائز ايسوسيئيشن (Petarians) جا ميمبر آهن، پر هنن هِتي آمريڪا ۾ هڪ الڳ چئپٽر PANA جي نالي سان پڻ ٺاهيو آهي، يعني پيٽارين ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا. ان کان علاوه جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي انهن جهازين سان ملڻ کي ترجيح ڏيندو رهيس جيڪي مون سان گڏ پڙهيا يا جن مون سان گڏ جهاز هلايا يا جيڪي منهنجا ملائيشيا ۾ شاگرد ٿي رهيا. انهن مان ڪيترا هِتي Set آهن ۽ پنهنجي پروفيشن سان واسطو رکندڙ ڪم ڪن ٿا يا ان کي خير آباد چئي، ٻيو ڪو ڌنڌو ڪن ٿا. جيئن پهرين به هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته اسان جي ڪجهه ساٿين جهازن جي ڏکين امتحانن يا سامونڊي ڏاکڙن کي منهن ڏيڻ بدران آمريڪا ۽ انگلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ٽئڪسي اچي هلائي يا برگر اچي وڪيائون ۽ اڄ هنن کي نه فقط انهن ملڪن جي Citizenship حاصل آهي، پر خوشحالي به ۽ اڄ پڻ ان خوشحاليءَ ۽ پاسپورٽ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا جهڙن ملڪن ڏي رُخ رکن ٿا. مون کي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو مليو هجي، جنهن چيو هجي ته هو آمريڪا ۾ خوش نه آهي يا هو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هِتي ولايت ۾ سڪون نٿو محسوس ڪري. ڪيترائي اهو ضرور چوندي ٻڌا ويا ته آمريڪا ۾ فزيڪلي گهڻو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، پر هنن کي هِتي ذهني سڪون آهي. هنن جي چوڻ مُطابق هِتي سڪون سان عبادت ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي هر هڪ کي آزادي آهي. هِتي محنت ۽ پورهئي جو سٺو اجورو ملي ٿو.... امن امان آهي.... ها اسان جي ماڻهن کان اهو ضرور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پرديس ۾ رهي کين ڳوٺ جي ياد اچي ٿي.... دوست احباب ياد اچن ٿا... پر ساڳي وقت اهو به چيائون ٿي ته ڳوٺ ۽ مائٽن جي سڪ ۾ هِتان وڃجي ٿو ته پوءِ، ڳوٺ پهچي ڪجهه ڏينهن بعد اهڙو بيزار ٿيو پئجي جو افسوس ڪرڻو پوي ٿو ته ڇو آياسين. “پاڻ وٽ ساڙ، حسد ۽ اڻ سَهپ آهي. ان کان هِتي ولايت ۾ سک چين آهي.” ڪيترن جي واتان اهو ٻڌم ۽ اسان جي ديسي ڪميونٽيءَ کي هِتي عيد برات تي پاڻ ۾ ملندو ۽ enjoy ڪندو ڏسي لڳي ٿو ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي حقيقت پڻ آهي.
    آمريڪا ۾ رهندڙن ڪيترن هم وطنين کان ته جڏهن پڇيم ته عيد جهڙن ڏينهن تي توهان پنهنجن مائٽن کي ياد نٿا ڪريو ته اهو ئي جواب مليو ته سڀ هِتي ئي ته آهن. نيو جرسيءَ ۾ جِتي آئون رهيس ٿي، اتي پيٽارو جو مون کان گهڻو جونئر ۽ منهنجن ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطڙو جو دوست خيرپور جو فلڪ شير به رهيو ٿي. هن وٽ اسان جي گهڻي اچ وڃ رهي. بيحد قربائتو ۽ ٻين جو خيال رکڻ وارو نوجوان آهي. سندس ٻيا ڀه ڀائر ميجر خورشيد ۽ ڪوهه شير به پيٽارو جا پڙهيل آهن هو پاڻ ۾ ڪل پنج ڀائر ۽ ٻه ڀيڻيون آهن. چوٿين ڀاءُ جو نالو ارض شير ۽ پنجين جو انجم شير آهي.
    سندس ٻن ڀيڻن مان وڏي ڊاڪٽر شاهه جهان جيڪا LMC جي گريجوئيٽ آهي، پنهنجي مڙس حفيظ آرائينءَ سان گڏ لاهور رهي ٿي، باقي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر فردوس جيڪا ڊينٽل سرجن آهي هِتي نيوجرسي ۾ آهي. سندن والده ڪڏهن ڪوهه شير وٽ ته ڪڏهن فلڪ شير وٽ نيوجرسي ۾ رهي ٿي. عيد ويجھي اچڻ تي سندس والده کان پڇيم: “ادي توهان پنهنجن پٽن کي ته عيد تي ياد ڪندا هوندا؟”
    “ها وڏو پٽ جيڪو پيٽارو بعد آرمي ۾ ويو، اهو اسلام آباد ۾ آهي، ان کي ياد ڪندي رهان ٿي.” هن ٻڌايو.
    “۽ باقي پٽن کي نه ڇا؟” مون سوال ڪيو.
    “اهي هِتي آمريڪا ۾ ئي ته آهن. منهنجو فقط خورشيد پاڪستان ۾ آهي، باقي چارئي شير هِتي آهن.” هن مرڪندي وراڻيو. سندس چرچي واري نموني ۾ نه فقط ڏنل جواب پر سندس پٽن جا نالا اسان سڀني کي وڻندا آهن. ڪو آسمان جو شينهن (فلڪ شير) ته ڪو جبل جو شينهن (ڪوهه شير)، ڪو تارن جو شينهن (انجم شير) ته ڪو ڌرتي جو شينهن (ارض شير). فلڪ شير وارن جو اصل ڳوٺ خيرپور ميرس جي ڀرسان آهي، جِتي سندن ڏاڏي علي بخش صاحب جو 1898ع ۽ والد عبدالله صاحب جو 1928ع ۾ جنم ٿيو. 1985ع ۾ سندن والد صاحب جي وفات بعد هي آمريڪا هليا آيا.


    نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس

    منهنجو هيءُ سفر گذريل سفرن کان ان ڳالهه ۾ بلڪل مختلف آهي جو پراڻا سفر ڊيوٽي (نوڪري) ڪري ڪرڻا پيا ٿي، جن ۾ سفر کي شيڊول مطابق رکڻ ضروري هوندو هو. انهن ۾ سفر قائم رکڻ لاءِ جهاز هلائڻو پيو ٿي، خرابيءَ جي حالت ۾ جهاز کي صحيح ڪرڻو پيو ٿي، يعني اسان جو سڄو وقت گهمڻ بدران جهاز جي سار سنڀال لهڻ پٺيان لڳو ٿي. ڪڏهن وقت بچيو ٿي ته ان ۾ ماڻهن سان ملي سفرنامي لاءِ خبر چار لکيم ٿي. پر هن سفر ۾ ماڻهن سان ملڻ ۽ خبر چار حاصل ڪرڻ لاءِ هي سفر ڪري رهيو آهيان. وقت، ڊيوٽي ۽ شيڊول کان هن دفعي بلڪل آزاد آهيان. هي سفر سفرنامي لکڻ لاءِ اختيار ڪيو اٿم. آمريڪا اهو ملڪ آهي جِتي ٽيٽيهه سال اڳ 1968ع کان 1972ع تائين جهاز وٺي اچڻ جي سلسلي ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ۽ هاڻ ان ملڪ (آمريڪا) جا اهي ماڳ (بندرگاهه)، هڪ دفعو وري ڏسڻ آيو آهيان. ان وچ ۾ کڻي چئجي ته مسي سپي ندي، ڊيلاور ندي يا مڊسن ندي يا آمريڪا جي ٻي ڪا ندي کڻي کڻجي ته ان مان ڪافي پاڻي وهي چڪو آهي. سياسي ۽ سماجي طرح، ويندي مذهبي ۽ ٽيڪنالاجي طور آمريڪا ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون آهن. افغانستان مان روسين جو تڙجي وڃڻ، سوويت يونين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد آمريڪا جو اڪيلي سر دنيا جي طاقت بڻجڻ ۽ نائن اليون جو حادثو، افغانستان سان لڙائي، عراق سان لڙائي، مسلمانن لاءِ اميگريشن جون سختيون.... وغيره وغيره.... تيل جي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ به آمريڪا ۾ پنهنجا ڪافي اثر ڏيکاريا آهن ۽ ڪافي تبديليون آنديون آهن. ظاهري طرح به ته ذهني طرح به.... انهن شين جو اثر مڪاني ماڻهن تي پيو آهي ته ڌارين ۽ اميگرينٽس تي به.
    آمريڪا پکيڙ جي خيال کان ڏٺو وڃي ته هڪ ملڪ نه، پر ڪئين ملڪ آهن ۽ واقعي ڪنهن زماني ۾ هن ملڪ جا الڳ حصا ۽ رياستون هيون. ڪي فرينچن حوالي ته ڪي ڊچ، هسپانوي ۽ انگريزن حوالي. پاڻ ۾ وڙهي جُهڙي، گڏجي، ڌار ٿي هاڻ وري سڀ هڪ ٿي ويا آهن. هاڻ يڪو هڪ ملڪ آهي، هڪ ئي حڪومت، فوج، سڪو ۽ ڪلچر آهي، جيتوڻيڪ ڪو ڪو قانون سڄي ملڪ جو ساڳيو آهي ته ڪو قانون مختلف رياستن جو ٿوريءَ گهڻيءَ ڦيرڦار سان الڳ آهي. الاسڪا ۽ هوائي رياستن کي ڇڏي، باقي جيڪي 48 رياستون هڪڙو ئي چَڪُ ٺاهين ٿيون انهن ۾ چار ٽائيم زون آهن، يعني هڪ ئي ملڪ USA ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. ڪراچيءَ کان ڍاڪا تائين فاصلي ۾ هڪ ڪلاڪ کن جو فرق ٿو اچي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتر آمريڪا کنڊ جو هي ملڪ USA جنهن کي اسين عام طرح “آمريڪا” سڏيون ٿا، ٻين ملڪن کان ڪيڏو وڏو آهي. پاڻيءَ جي جهاز ۾ جتي ڪراچيءَ کان انڊيا جو سڄو اولهه وارو ڪنارو پورو ڪري، ڪولمبو (سريلنڪا) تائين پهچڻ ۾، اسان کي ٻه ڏينهن لڳندا هئا، اتي فقط آمريڪا USA جو اوڀر وارو ڪنارو پورو ڪرڻ ۾ يا فقط ڏاکڻي بندرگاهه هيوسٽن کان اتراهين بندرگاهه بوسٽن پهچڻ ۾، چار ڏينهن لڳي ويندا هئا ۽ هي ملڪ ويڪر ۾ يعني اوڀر واري شهر نيويارڪ کان اولهه واري شهر لاس اينجلز (يا سئن فرانسسڪو) تائين اٽڪل ساڍا چار هزار ڪلو ميٽر مفاصلو آهي، يعني ڪار رستي پهچڻ ۾ پنج ڏينهن لڳن ٿا. مون پنهنجو سفر اوڀر واري ڪناري وارين رياستن تائين محدود رکيو ڪنهن دوست يا سڃاڻوءَ جو مون کي پاڻ وٽ گهرائڻ جو فون آيو ٿي، ته يڪدم نقشو ڏسي ڳالهائڻو پيو ٿي. آمريڪا لاءِ نڪرڻ کان اڳ اسان جي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند جو فون ايندو رهيو، ته آئون پنهنجن ڀاڻيجن وٽ لهڻ بدران، پهرين هن وٽ ڪولوروڊو پهچان ۽ ڪجهه ڏينهن ترسي پوءِ نيو جرسي وڃان، جو ڪراچيءَ کان جنهن هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز ۾ آمريڪا وڃي رهيو هوس، ان جو ڪراچي کان آمريڪا (USA) جي ڪنهن به هوائي اڏي تي لهڻ جي ٽڪيٽ ساڳي هئي، پر آئون نيويارڪ جي هوائي اڏي JFK (جيڪو ڪينيڊي جي نالي آهي) تي لهي پيس، جو اتان نه فقط نيو جرسي رياست ويجهي آهي، پر ان جو اهو ڳوٺڙي جهڙو شهر اوينيل پڻ جتي مون کي شروع جا ڏينهن پنهنجن ڀاڻيجن وٽ رهڻو هو.
    آمريڪا جو “جي ايف ڪينيڊي” ايئرپورٽ سمجهو ته نيويارڪ رياست جي پوڇڙ واري علائقي Queens وٽ آهي، جيڪو بروڪلن سان ڳنڍيل آهي. ڪئينس، بروڪلن، مئن هٽن، اسٽيٽن آئلينڊ ۽ برونڪس وغيره ننڍڙا ٻيٽ ملي نيويارڪ شهر ٺاهين ٿا. JF ڪينيڊي ايئرپورٽ کان نيو جرسي جو اهم شهر نيوارڪ يا ڀروارا ننڍڙا ڳوٺ Avenel، ووڊبرج، Iselin، راهه وي، لنڊين، ڪولونيا وغيره ڪلاڪ ٻن جي پنڌ تي آهن. ايئرپورٽ تي لهي ڪار ذريعي ڪئنس کان بروڪلن ۽ پوءِ هڊسن نديءَ تي ٺهيل هتي جي مشهور پل ويرازانو (verazano Narrows) برج ٽپي، اسٽيٽن (Staten) ٻيٽ تي پهچي وڃجي ٿو. اسٽيٽن ٻيٽ تان پلين ۽ ڪراسنگ ذريعي ڪيترائي رستا، نيو جرسي جي لئنڊ تي پهچائين ٿا، جن مان آئوٽر برج ڪراسنگ ۽ Goethals پل پڻ آهن. وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو حصو آهي، اهو نيوارڪ خليج (Bay) سڏجي ٿو. اهو ٽپندي جهاز هلائڻ وارا پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي هن نيوارڪ خليج ۾ اچي لنگر ڪيرائبو هو. هڪ پاسي مئن هٽن جو پاسو هو ۽ پري کان آزاديءَ جو مجسمو پيو نظر ايندو هو ته ٻئي پاسي نيو جرسيءَ جو اهم ۽ مشهور هوائي اڏو نيوارڪ. تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ويجهو هجڻ ڪري نيو جرسي جي بندرگاهه نيوارڪ جي ايتري اهميت نه هوندي هئي پر هاڻ ته هڪ ٻئي پويان هوائي جهازن کي نيوارڪ جي هوائي اڏي تي لهندو چڙهندو ڏسي، تعجب ٿو لڳي. بلڪه هن پهرين ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر ۾ ئي پنهنجيون وايون بتال ٿينديون محسوس ٿين ٿيون. چوڌاري اوچيون اوچيون عمارتون، ور وڪڙ کائيندڙ رستا ۽ انهن رستن تان ڦٽندڙ انيڪ برانچ Exit روڊ ۽ ٻاهران ڌوڪي ايندڙ رستا ۽ انهن رستن تي ٽريفڪ جو اڻ کٽندڙ سلسلو، خاص آمريڪا لاءِ ٺهيل وڏيون مهانگيون ۽ نئين ماڊل جون ڪارون، قدم قدم تي چمڪندڙ ۽ ڀڙڪيلا پوسٽر، فئڪٽريون، چين اسٽور، هوٽلون، موٽلون ۽ خوبصورت ريسٽورينٽون ڏسي، آئون گهٻرائجي وڃان ٿو ته آئون ڪيئن گهمي ڦري سگهندس. آئون پنهنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪرڻ لڳس جيئن ڇاڇري يا ڇلگرين جهڙي ڏورانهن ڳوٺ جو ڪو ڳوٺاڻو، پهريون دفعو ڪراچيءَ جي ڪنهن پيهه پيهان واري علائقي ۾ اچي نڪري. آئون هتي جي پٽن سان هڪ دفعو وري فئميلر ٿيڻ تائين، اهو سوچيندو رهيس ته اڄ کان 33 سال اڳ تائين هتي جي شهرن ۾ پهرين ڏينهن ئي ڪيئن نه اڪيلو گهمڻ لاءِ نڪري پوندو هوس. اڄ جي آمريڪا جي ٽرئفڪ، عمارتون ۽ هڪ ٻئي هيٺان مٿان لنگهندڙ رستا ڏسي، جيڪو مون تي خوف طاري ٿي رهيو آهي، ان جو سبب آمريڪا جو وڌيڪ Urbanized ۽ ماڊرن ٿي وڃڻ آهي يا منهنجو پوڙهو ٿي وڃڻ. دنيا جا شهر ڪيڏو تيز رفتاريءَ سان وڌي رهيا آهن. ويندي اسان جو ڪراچي، حيدرآباد، لاهور ۽ پشاور پڻ.


    آمريڪا مفاصلن جو ملڪ

    آئون جڏهن پهريون دفعو 1969ع ۾ نيويارڪ شهر ۾ رهي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس، ته منهنجو والد (گل محمد شيخ) پنهنجي تعليم جي ڏينهن واري نيويارڪ بابت مون کي ٻڌائڻ لڳو. پندرهن سال اڳ وارو اهو نيويارڪ مون کي پنهنجي وقت جي نيويارڪ جي مقابلي ۾ هڪ ڳوٺڙو ٿي لڳو. 1972ع تائين منهنجو نيويارڪ وڃڻ ٿيندو رهيو ۽ هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد جي هن نيويارڪ ۽ نيوارڪ کي ٿو ڏسان ته هو مون وارو نيويارڪ به اڄ جي نيويارڪ جي مقابلي ۾ ڳوٺ هو. ايڏي ٽرئفڪ، ايترين لارين ۽ موٽرن کي رستن تي ميلن جي قطارن ۾ هڪ ٻئي پويان ويندو ڏسي آئون پنهنجي ڀاڻيجي ثمير کان پڇان ٿو ته ڪي آمريڪن گهرن ۾ به آهن يا سڀ پنهنجيون ڪارون ڪڍي رستن تي نڪري آيا آهن. رامچند کان ڪولوروڊو کان فون ايندو رهي ٿو ۽ هتان ڪراچيءَ کان سندس ڀاءُ نولراءِ اوڏ جو به ته آئون ڪولوروڊو ضرور وڃان. آئون آمريڪا جي نقشي تي نهار ڪيان ٿو. مار! ايڏو پري ۽ هاڻ ڊاڪٽر رامچند جي فون اچڻ تي کيس چوان ٿو ته، نه بابا! ايڏو پري تو وٽ ڪير ايندو؟
    “يار ڪمال ٿو ڪرين! پري ته سان فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس آهي!! اسان ته پنجن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهيون.” رامچند پنهنجي ڌيرج واري اسٽائيل ۾ سمجهائي ٿو ۽ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳي ٿو ڄڻ ڪراچي کان ڪنڊيارو يا دادو جيترو فاصلو هجي. اهي به ته پنج ڪلاڪن جي پنڌ تي آهن پر پوءِ يڪدم هوش اچي ٿو ته، نيويارڪ کان ڪولوروڊو جتي رامچند رهي ٿو ايترو وڏو فاصلو آهي جو سڄي پاڪستان کي ڊگهو ڪري ان جي وچ ۾ رکجي ته، به گهڻي جاءِ بچي.
    “ڇا مطلب! پنج ڪلاڪ؟” مون حيرت مان سوال ڪيو.
    “جي ها، پنج ڪلاڪ.” رامچند ان ساڳي ٿڌاڻ واري لهجي ۾ جواب ڏنو، “منهنجو مطلب آهي باءِ ايئر.”
    “نيويارڪ کان تو وٽ اچڻ کان ته بهتر آهي، ته ان ڀاڙي ۾ ٻئي سال ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هليو وڃان. مفاصلو ۽ هوائي ڀاڙو ساڳيو آهي. پلس ملائيشيا ايئر ڪمپني ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهائش مفت ٿي ڏئي.” مون کلندي رامچند کي ٻڌايو.
    سو امريڪا (USA) مفاصلن جو ملڪ آهي، جتي جي ڪو چوي ٿو ته هُو توهان جي ويجهو رهيل آهي، سو به گهٽ ۾ گهٽ سئو کن ميل توهان کان پري هوندو. رميش ٿارواڻي نيو جرسي کان واشنگٽن، عرفان جماڻي واشنگٽن کان بالٽيمور يا فلڊلفيا ۽ فلڪ شير ورجينا کان ائٽلانٽڪ سٽي مون کي ائين وٺي هلندا هئا، ڄڻ ڪلفٽن کان ايمپريس مارڪيٽ يا قاسم آباد کان سنڌ يونيورسٽي پيا هلن. اهو آهي ته آمريڪا ۾ هر هڪ وٽ نئين گاڏي آهي (اوڌر تي ئي ورتل صحيح)، بهترين رستا آهن (جن تي هلڻ جو هر سڏ پنڌ تي ٽئڪس Toll ڏيڻو پوي ٿو)، قاعدو قانون آهي (جنهن جي خوف کان ئي سهي) هر هڪ خبرداريءَ سان گاڏي هلائي ٿو ۽ ايڏو ٿڪ نٿو ٿئي. هاڻ ته اردو ۽ هندي گانن جي FM اسٽيشن به کلي وئي آهي. سوين انگريزي ريڊيو اسٽيشنون هڪ طرف، هيءَ ديسي اسٽيشن ٻئي طرف، جنهن تان هر وقت وڄندڙ هندي گانن ۽ پاڪستاني غزلن جي ڌن تي، اسان جا ماڻهو گاڏيون هلائيندا رهن ٿا، سفر طئي ڪندا رهن ٿا.


    ظفر فاروقي ۽ رام رنگواڻيءَ جا ٻار

    آمريڪا ۾ رهڻ دوران شڪارپور جي آپا شيرين فاروقي جي پٽ فرخ سان ملاقات نه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ آخري ڏينهن ۾ خبر پيئي ته هو ان ئي رياست نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿو، جتي منهنجو گهڻي کان گهڻو وقت رهڻ ٿيو. شروع ۾ ته مون وٽ فرخ جو اتو پتو نه هو. انبن جي موسم ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو انب ڏيڻ ويو ته هن کي ظفر ڀائيءَ مون لاءِ فرخ جو فون نمبر ڏنو ته آئون سندس پٽ سان آمريڪا ۾ ضرور ملان.
    آپا شيرين ۽ سندس مڙس ونگ ڪمانڊر ظفر فاروقيءَ سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، اڄ کان چاليهه سال کن اڳ کان رهي آهي جڏهن فرخ اڃا چئن پنجن سالن جو هو. ٻنهي جي تعليم سان واسطو رهيو آهي. آپا ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ جي وومين ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿي ۽ هاڻ ڪلفٽن ۾ “گرين بيلٽ آمريڪن” نالي اسڪول هلائي ٿي. احمد ظفر شروع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ (1957 ۾) فزڪس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيو بعد ۾ ايئر فورس join ڪيائين جتي چوڏهن سال کن ايئرو ناٽيڪل ڪاليج ۾ فزڪس ۽ اٽامڪ هٿيارن بابت پڙهايائين. ايئر فورس مان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد دوها (قطر) جي ملٽري اسڪول ۾ اٺ سال پڙهايائين. ان بعد هو آمريڪا جي ميريلئنڊ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سندن ٻئي ٻار وڏو پٽ فرخ ۽ ننڍو فرحان به عرب ملڪن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم آمريڪا مان ورتي. فرخ آمريڪا ۾ ئي شادي ڪري، اتي ئي ٽڪي پيو. ننڍو فرحان پاڪستان هليو آيو. ويجهڙائيءَ ۾ ايمرو بئنڪ جي نوڪري ڪرڻ بعد ۽ هاڻ هانگ ڪانگ ۾ آهي.
    منهنجو ٻه ٽي سال اڳ جو ڇپيل ڪتاب “تيستائين گڊ باءِ” آپا شيرين کي منسوب ٿيل آهي جنهن ۾ مون سندن تفصيلي احوال ڏنو آهي خاص ڪري تعليمي حوالي سان. آپا شيرين جو تعلق شڪارپور جي پڙهيل لکيل فئملي سان آهي. سندس والد صاحب عبدالرحمان شيخ مشهور وڪيل هو ۽ ڏاڏو الاهي بخش شيخ صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪشنر ٿي رهيو ۽ وڏو چاچو سردار بهادر محمد بخش تعليمي درسگاهن کان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هوءَ امتياز ۽ مقبول شيخ جي وڏي ڀيڻ آهي.
    آپا شيرين جي وڏي پٽ فرخ جو نمبر ملڻ سان، مون سندس گهر فون ڪيو. سندس ڌيءَ آمنا فون کنيو، جنهن کان خبر پئي ته هو آفيس جي طرفان ٽوئر تي ڪئليفورنيا ويو آهي. مون پنهنجو نالو ۽ نمبر کيس لکايو، پر هفتو ٻه جڏهن ٿي ويو ته وري ٻيو دفعو فون ڪيم. پاڻ گهر ۾ نه هئا، رڪارڊنگ مشين ۾ پنهنجو نياپو درج ڪرايم ۽ پوءِ اهو سوچي ماٺ ٿي ويس. ته جيتوڻيڪ سندس والدين سان منهنجي روبرو يا خط و ڪتابت ذريعي ملاقات ٿيندي رهي ٿي پر فرخ کي ته مون آخري دفعو تڏهن ڏٺو، جڏهن ٽئين چوٿين ڪلاس ۾ هو، سو هن کي هاڻ ڪهڙي ياد يا ڄاڻ ته الطاف انڪل ڪير آهي.
    بهرحال ان دوران آئون واشنگٽن هليو ويس ۽ پوءِ جيتوڻيڪ وري نيو جرسي اچي رهيس پر مسواڙ جو گهر بدلائڻ تي ٽيليفون نمبر به بدلجي ويو. هوڏانهن ڪئليفورنيا مان موٽڻ تي فرخ مون کي فون ڪري مون لاءِ نياپا ڇڏيا پر اهو گهر ۽ فون نمبر ڪڏهوڪو ڇڏي چڪو هوس. ان جي خبر مون کي فرخ کان تڏهن پئي جڏهن آئون ان ڏينهن تي جن سان نه مليو هوس انهن کي فون تي خدا حافظ ڪندي فرخ کي به وري کڻي فون ڪيم، اهو سوچي ته ڪراچي پهچي آپا شيرين وارن کي اهو ته چئي سگهندس، ته توهان جو پٽ انگريز مائيءَ سان شادي ڪري انگريز ٿي ويو آهي ۽ ٽي دفعا فون ڪرڻ تي به اسان کي نٿو سڃاڻي. پر پوءِ ان آخري دفعي تي فون جي گهنٽي وڳي ته فرخ پاڻ ئي کنيو ۽ وڏي حب سان کيڪار کڙي ڪئي. اهو به ان وقت معلوم ٿيو ته هن جي نوڪري جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ آهي پر رهائش ان ئي ساڳي رياست ۾ اٿس، يعني اسين هڪ ٻئي جي ويجهو ئي رهون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ ويجهو ويجهو رهڻ وارو يا جيڪو چئي ته پاڙي ۾ ٿا رهون، ان جو گهر به توهان جي گهر کان ايترو پري هوندو جيترو نوابشاهه کان خيرپور ميرس ۽ آمريڪا ۾ اهو مفاصلو پاڙي جو ئي سمجهڻ کپي. جيئن اسان جي ماسيءَ چيو ته سندس پڦيءَ جي پٽ عبدالعليم (جمو) بروهي ۽ ڌيءَ آپا تاج (مسز حنيف صديقي) سان ضرور ملانِ. هاڻ ڀاءُ جمو ته ورجنيا رياست ۾ رهي ٿو ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سنڌين جي ڪيترن ئي فنڪشنن ۾ ملي ويو. آپا تاج کي فون ڪيم ته هوءَ ته لاس اينجلس جي ڀر واري هڪ شهر سئن ڊياگو ۾ رهيل هئي. پاڻ ۽ سندس پٽ شفيق صديقي (جيڪو مون وارن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ به هو) مون کي پنهنجي گهر گهرائڻ جون وڏي حب سان دعوتون ڏنيون پر سائين نيويارڪ يا نيو جرسي کان پئسفڪ سمنڊ واري پاسي جي شهر سئن ڊياگو وڃڻ معنيٰ ڪراچي کان جدي واري مفاصلي جي به ٻيڻ اڍائوڻ. ڪار يا بس ۾ وڃڻ تي سر هليو وڃي ۽ هوائي جهاز جي ايڏي ڳري ٽڪيٽ جو ان کان گهٽ ڀاڙو ته ڪراچي کان هانگ ڪانگ تائين جو آهي. موٽڻ تي ماسي اهو ئي دل ۾ ڪندي رهي ته آپا تاج هئي ته ساڳي ملڪ ۾. هاڻ آمريڪا ڪو سنگاپور يا برمودا ٻيٽ ته نه آهي جو ٽئڪسي ذريعي ڪلاڪ ۾ سڄي ٻيٽ جو ڦيرو ڪري وٺجي. ان معاملي ۾ آمريڪا (USA) پاڪستان به نه آهي، ڇو جو پاڪستان هيڏو وڏو ملڪ هوندي به آمريڪا جي ڇهين ستين حصي جيڏو آهي. آمريڪا (USA) جي جملي پکيڙ ساڍا نو ملين چورس ڪلوميٽر آهي.
    بهرحال آپا شيرين جو پٽ مون کي پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چوندو رهيو پر هاڻ مون کي سامان پئڪ ڪري چوويهه ڪلاڪن اندر نيو جرسي ڇڏي، نيويارڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻو هو. فرخ 1988ع کان آمريڪا۾ رهي ٿو. پاڻ يونيورسٽي آف ميريلئنڊ مان اڪائونٽس ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد نيويارڪ مان ايم بي اي ڪئي. ان بعد وال اسٽريٽ جي انويسٽمينٽ بئنڪنگ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس آئرش آمريڪن زال جؤن (Joan) به نيويارڪ ۾ ڪنٽرول اڪائونٽس آهي.
    “انڪل الطاف هاڻ جهاز نه هلايو؟” فرخ پڇيو.
    “نه. هاڻ اخبارون رسالا پڙهان ۽ انهن لاءِ ڪالم لکان. Do you know that?” مون ٻڌائي کانئس سوال ڪيو.
    “ها انڪل مون کي خبر آهي. توهان جو عبرت اخبار ۾ ڪالم ايندو آهي.” فرخ چيو. اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي.
    “اهو ته سنڌيءَ ۾ ايندو آهي، پوءِ ڪيئن پڙهين؟” مون پڇيو.
    “اسان جي آفيس ۾ هريش مون سان گڏ ڪم ٿو ڪري- هو هر هفتي توهان جو انٽرنيٽ تي ڪالم پڙهي مون کي به ٻڌائيندو آهي.”
    “چئبو ته هريش وري اچي ساٿ نڀايو. منهنجا سلام چئجانس ۽ انشاءَ الله هاڻ ٻئي دفعي توهان سان ضرور ملبو.” مون فرخ کان موڪلايو.
    هريش سنڌ جي مشهور وڪيل ۽ زميندار رام رنگواڻيءَ جو وڏو پٽ آهي. شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن ظفر فاروقي وارا ڪراچيءَ ۾ حسين ڊيسلوا فلئٽس ۾ رهندا هئا، ته هي به اتي ئي رهندا هئا. هريش آپا شيرين جي ننڍي ڀاءُ امتياز (طارق) سان گڏ مهراڻ انجنئيرنگ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪئي. امتياز سول سروس جا امتحان ڏيئي سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري ۽ پوءِ سياست ۾ داخل ٿي وزير به ٿيو. هريش آمريڪا هليو آيو. هريش جا ٻيا ٻه ننڍا ڀائر مڪيش ۽ سنيل جيڪي ڊاڪٽر ٿيا، اهي به آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ آمريڪا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو اٿن. هريش انجنيئر آهي جنهن Stealth Bomber جي Chip ايجاد ڪئي. هي بامبر جهاز رڊار جي اسڪرين تي نه اچڻ ڪري چوري ڇپي مار ڪيو وٺي. ڊاڪٽر سنيل جي هن وقت خبر نه اٿم، باقي ڊاڪٽر مڪيش رنگواڻي اڄڪلهه ڪئمبرج، اوهيو رياست ۾ سئڪاٽرسٽ (نفسيات جو ماهر) آهي. ڊاڪٽر مڪيش وارن جي پڦي يعني ديوان رام رنگواڻي جي ڀيڻ، پشپا رنگواڻي به ڊاڪٽر آهي ۽ انگلينڊ جي رابن هڊ ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر آهي.


    مائرن کي گهرجي ته ٻارن کي ننڊ جي دوا ڏين

    اسان جو جهاز نيويارڪ جي JFK ايئرپورٽ تي صبح جو نائين وڳي ڌاري پهتو هو. هيءَ فلائيٽ يورپ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پاسي واري ملڪن لاءِ سڀ ۾ بهتر آهي. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي جا اهم ۽ مشغول ماڻهو صبح ساڻ نيويارڪ پهچي، سڄو ڏينهن آفيس يا بزنيس جون ميٽنگون اٽينڊ ڪري شامَ ڌاري هن ئي جهاز ۾ يورپ، آفريڪا يا ايشيا موٽيو وڃن. ايندي ۽ ويندي وقت جڏهن سڄي رات هوائي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندو رهي ٿو ته هو پنهنجي ننڊ پوري ڪن ٿا، جيئن صبح جو فريش ٿي پنهنجي ڪم تي پهچي وڃن. اسان جي پوئين سيٽ تي ويٺل هڪ ايشين فيملي جو ننڍو ٻار رکي رکي روئي رهيو هو. مون ڏٺو ته اوسي پاسي ۾ ويٺلن کي اها ڳالهه نٿي وڻي جو هنن جي ننڊ ڊسٽرب ٿي رهي هئي. اهڙن موقعن تي عورتن کي کپي ته ٻارن کي ڪجهه اهڙي دوا پيارين جيئن هنن کي هنن ڊگهين اڏامن ۾ ننڊ اچي وڃي ۽ مائرون توڙي ٻيا مسافر سک ۾ سفر ڪري سگهن..... خاص ڪري اهي جن کي جهاز مان لهي، گهر وڃي ننڊون ڪرڻيون نه آهن، پر سڌو آفيس ڏي ڊوڙڻو آهي، جِتي اهم ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻيون آهن. ان جو احساس مون کي ان ڪري به گهڻو ٿئي ٿو جو هڪ دفعي مون کي پنهنجي ڪراچي آفيس طرفان جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ هوائي جهاز رستي جپان موڪليو ويو. منهنجي ٽوڪيو لاءِ ڪراچيءَ کان فلائيٽ شامَ جو هئي. سڄو ڏينهن آفيس ۾ گذاري، شام جو ايئرپورٽ پهتس. سڄي رات سمهڻ جو آسرو هو، پر چوماسي (Monsoon) وارين هوائن ۽ طوفانن ڪري منيلا (فلپين) تائين سڀني مسافرن جي حالت خراب رهي، ان بعد جڏهن موسم ۽ جهاز ۾ سڪون طاري ٿيو ته منيلا مان سوار هڪ فيملي جا سال ٻن جا ٻار روئيندا رهيا ۽ سڄي سفر ۾ ننڊ نه برابر ٿي سگهي. ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لٿس ته مٿي ۾ سور کان علاوه اکيون پوسريون ٿي. دل چيو ته هوٽل ۾ سامان رکي، ڪجهه ڪلاڪ سمهي رهان، پر ايئرپورٽ تان وٺڻ لاءِ آيل مڪاني آفيس جو انچارج مون کي سڌو جهاز تي وٺي آيو. ظاهر آهي ان وقت نَوَ ٿي چُڪا هئا. جهاز جا آفيسر توڙي جپان جي شپ يارڊ جا ڪم وارا اٺين وڳي کان جهاز تي پهچي چڪا هئا ۽ ڪيترن اهم ڪمن کي شروع ڪرڻ لاءِ انهن تي بحث مُباحثو ڪري آخري فيصلو ڪرڻو هو ۽ هِتي هڪ هڪ منٽ قيمتي هو... سو حالتون ڪٿي ٿيون ڪلاڪ ٻن لاءِ سمهڻ ڏين. سڄو ڏينهن جهاز جي انجنين ۾ هلندڙ ڪم جي چڪاس ۽ اهم مسئلن تي ميٽنگون هلنديون رهيون، پر رکي رکي مون کي اهو ئي خيال ايندو رهيو ته منيلا مان چڙهندڙ ان فلپيني ماءُ مون جهڙن مسافرن سان ڪيڏو ته ظلم ڪيو. جهاز ۾ چڙهڻ سان ڪاش هوءَ جيڪر پنهنجن جاڙن ٻارن کي ڪا دوا پياري سمهاري ڇڏي ها. ميڊيڪل سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي، امل جهڙو نشو گهوٽي ٻارن کي پيارڻ بدران ضرور ڪي دوائون ايجاد ٿي چڪيون هونديون، جن جا چند ڦڙا ٻار کي پرسڪون ۽ گهاٽي ننڊ ڏياري سگهن ٿا. هوائي جهاز مان لهڻ بعد پاڻ مائي وڃي گهر آرامي ٿي هوندي. منجھند جي ماني به پاڻ رڌڻ بدران هوٽل تان گهرائي هوندائين، باقي اسان کي سڄي ڏينهن جا سور ڏئي ڇڏيائين.


    بيماريءَ جو گهڻو راڳ نه ڳايو

    اسان جو هي جهاز دبئي کان اڏاڻو به ڏيڍ ڪلاڪ دير سان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پائلٽ ڪجهه رفتار وڌائي نيويارڪ ايئرپورٽ (JFK) تي صحيح وقت تي آڻي لاٿو. دبئيءَ ۾ جهاز جي اڏام ۾ Delay ٿيڻ تي مُسافرن ۾ سخت پريشاني ۽ بي چيني هئي ته نيويارڪ پهچي جيڪي هنن کي مقرر وقت موجب ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻيون آهن يا بزنيس Deals ڪرڻيون آهن، انهن جو ڇا ٿيندو. دير ان ڪري ٿي جو جهاز ۾ چڙهندڙ هڪ ٻار کي الٽيون اچي ٿيون. هي پاڪستاني فئملي هئي، جنهن ۾ ماءُ پنهنجن چئن ٻارن ۽ پوڙهي سس ۽ سهري سان ڪراچيءَ کان سفر ڪري رهي هئي. دراصل هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي هڪ ته اڳهين Air-Sickness جو عارضو هو، ويتر ڪراچي کان دبئي تائين ڪجهه موسم صحيح نه هجڻ ڪري، هن کي پُورو ٽائيم اٻڙاڪ ۽ الٽيون هلنديون رهيون. ايتري قدر جو هن جهاز ۾ مليل ماني به نه کاڌي. دبئي پهچي اسان کي جهاز بدلائي، هن ٻئي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جيڪو نيو يارڪ (USA) هلڻو هو. دبئي ۾ لهڻ ۽ هن جهاز جي هلڻ جي وٿي فقط اڌ ڪلاڪ هئي. بهرحال هيءَ ٻارن واري فيملي به اسان وانگر ڊوڙندي ڊوڙندي هن جهاز ۾ پهتي، جِتي باقي مُسافر اڳهين سفر لاءِ تيار ويٺا هئا. هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين پريشانيءَ جي حالت ۾ ڊوڙڻ ڪري هنن جو هي ٻار ڪافي نستو محسوس ڪري رهيو هو، ويتر هن جهاز جو ايئرڪنڊيشن اڃان نه هلي رهيو هو، سو جِتي اڳهين ويٺل مُسافر گُهٽ محسوس ڪري رهيا هئا، اتي اسان نوان آيل به منجھي پياسين ۽ الٽيون ڪڍڻ واري ٻار کي ويتر چڪر اچي رهيا هئا، جيڪي گرمي ۽ ٻوسٽ نه هجڻ ڪري جيڪر نه اچن ها. ايتري ۾ پاسي کان لنگهندڙ هڪ ايئر هوسٽس کان ٻار جي ماءُ کڻي پڇيو ته هنن وٽ ڪا مٿي جي سور جي گوري هوندي، جيئن هوءَ پنهنجي ٻار کي جنهن کي گذريل اڏام کان دل ڪچي ۽ الٽيون ٿي رهيون آهن، ڏئي سگهي. ايئر هوسٽس جي دماغ ۾ الائي ڇا آيو يا هن پاڻ کي هيڪاندو گهڻو سمارٽ ٿي سمجھيو، جو هن کي اهو اچي شڪ ٿيو ته هي ٻار ڪو بنهه بيمار آهي ۽ سفر جي لائق ناهي ۽ ان جي خاطري ڪرڻ لاءِ گوري ڏيڻ بدران مٺو مٺو ٿي ٻار جي ماءُ کان پڇڻ لڳي ته هو ڪڏهن کان بيمار آهي ماءُ اهو سوچي ته شايد هوءَ مون سان همدردي ٿي ڪَري ۽ بيماري مُطابق ڪا گوري ٿي ڏيڻ چاهي، هن کي ٻڌايو ته “مٿي جي سور کان علاوه ڪراچي کان دبئي تائين الٽيون ڪڍندو آيو آهي.” ۽ ويتر ٻار به هراس ۾ بنهه سست ٿي پيو.
    ايئر هوسٽس هاڻ ڪجهه سخت مزاجيءَ سان ماءُ کي چيو، “پوءِ اهڙي بيمار ٻار کي وٺي ڇو نڪتا آهيو. آئون ترس ته ڊاڪٽر کي ٿي گهرايان.” ماءُ اڃان به معصوميت ۽ ڪجهه ڪجهه مونجھاري ۽ پريشانيءَ ۾ اهو ئي چوندي رهي ته ڊاڪٽر کي چئو ته ڪا دوا ڏئيس ته الٽي بند رهيس، آئون پاڻ سان گوريون کڻي نڪرندي آهيان، پر هن دفعي وسري ويون.”
    جهاز جي ايئرهوسٽس هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، چڙ مان اڳيان هلي ويئي. مون يڪدم پٺيان مڙي (جو منهنجي سيٽ هنن جي بلڪل اڳئين قطار ۾ هئي) جلدي جلدي اڙدوءَ ۾ هنن کي چيو ته بيماري جو گهڻو راڳ نه ڪريو، هيءَ بدمعاش ائرهوسٽس توهان کي هِتي لهرائي ڇڏيندي.
    دراصل ڳالهه اها هئي ته ٻار ڪو serious بيمار نه هو. ڪراچي ايئرپورٽ تي به پورو ٽائيم ڊوڙيو ڊڪيو پئي. هن کي ايئر سڪنيس جو اثر هو، جيڪو وڏن کي به ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ هن کي هراس به ٿي پيو هو ته هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ هو ڪجهه ڪجهه نفسياتي طرح بيمار ٿي پيو هو ۽ اهڙا واقعا پاڻي يا هوائي جهاز جي سفر دوران ٿيندا رهن ٿا ۽ جن جي ڄاڻ اسان کان وڌيڪَ هن ٿلهي ۽ وڏي عمر جي ايئرهوسٽس کي هجڻ کپي ها، پر ايئرهوسٽس جهڙي شرلاڪ هومس ٿي پئي هئي، جنهن کي هن ڪيس ۾ ڪا وڏي ڳالهه نظر آئي ٿي. ٻي ڪا وڏي ڳالهه نه پر اها ئي ته ٻار ڪنهن اهم بيماري ۾ مبتلا آهي، جنهن کي هن اهم سفر ۾ کڻڻ جوکي جو ڪم ٿي پوندو.


    ايمرجنسيءَ ۾ ائٽلانٽڪ ڪراس نه ڪندس

    هونءَ ته هر هوائي سفر اهم آهي، پر اهي سفر جن ۾ ائٽلانٽڪ جهڙو وڏو سمنڊ طئي ڪرڻو پوي ٿو وڌيڪَ اهم آهي. سفر ۾ ايمرجنسي جي حالت ۾ انساني جان کي هر صورت ۾ بچائڻ جي بين الاقوامي قانون موجب جهاز کي پنهنجي شيڊول کي ڇڏي، ويجھي ايئرپورٽ تي لهڻو پوي ٿو، جيئن مسافر جي جان بچي سگهي. پوءِ ان لاءِ جهاز جي ڪمپنيءَ کي کڻي ڪيڏو به نقصان رسي. هن ايئر هوسٽس جي دماغ ۾ اها ئي ڪا چرخي هلي رهي هئي ته هي ڇوڪرو ته صفا بس ٿيو پيو آهي، ڪٿي اڌ رستي تي سڪرات ۾ نه هليو وڃي ۽ جهاز جي ڪمپني سورن ۾ پئجي وڃي.هونءَ دراصل هن ايئرهوسٽس جو به ڏوهه ناهي. Serious قسم جي حالتن کي جهاز جي عملي کي پرکڻ ۽ جهاز جي ڪمپني جي مالڪن کي آگاهه ڪرڻ کپي، جيئن مُسافر ۽ هوائي جهاز (۽ ان جا مالڪ) وڏي نقصان کان بچي وڃن. اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون ئي هوائي ڪمپنيون مٿين مهينن سان پيٽ واريون (حاملا) عورتون پنهنجن جهازن ۾ نه ٿيون کڻن، جيئن فلائيٽ دوران ڪا ايمرجنسي نه ٿي پوي ۽ فلائيٽ کي Divert ڪري، ڪنهن ويجھي ايئرپورٽ تي لاهڻو پوي. ۽ جِتي پري پري تائين ڪو هوائي اڏو نه هجي، چوڌاري اٿاهه سمنڊ هجي، اتي هوائي جهاز توڙي پاڻ جو جهاز هلائيندڙ عملي جي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻي جي جهاز جو سيڪنڊ ۽ پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ دوران منهنجي هميشه اِها ڪوشش هوندي هئي ته ڪم جي ڄاڻوءَ کان علاوه بهتر صحت وارو عملو رکيو وڃي، جيئن هو پنهنجي لاءِ ۽ ٻين ساٿي جهاز هلائڻ وارن لاءِ مسئلو پيدا نه ڪن. ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ وقت ته آئون اهو چاهيندو هوس ته اهو انجنيئر يا خلاصي کڻي گهٽ کڻجي، پر جيڪو ذهني طرح سفر ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هجي يا بيمار هجي، ان کي اهڙي اڻانگهي سفر تي کڻي نه نڪرجي. هونءَ ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، انسان کي ڪا خبر نٿي پوي، پر تڏهن به ڏسي وائسي اهڙو جوکم نه کڻجي، جو جهاز تي نه آپريٽنگ ٽيبل ۽ نه وري ڪو سوين ميلن تائين ويجھو بندرگاهه. بهرحال هِتي هن هوائي جهاز ۾ هڪ ماءُ بهتر دوا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻار جي بيماري شد مد سان ٻڌائي رهي هئي ۽ جهاز جي ايئر هوسٽس پائلٽ ۽ مڪاني عملي کي آگاهه ڪري، هن ٻار کي سفر ڪرڻ کان روڪرائي رهي هئي. ٻين لفظن ۾ ٻار سان گڏ ماءُ کي ۽ ٻين ننڍن ٻارن کي، ٿي سگهي ٿو سس سهري کي به دبئي لهڻو پوي، جو ٻار چاهي بيمار هجي يا نه اڪيلي سر دبئي ۾ لهي، علاج ڪري ڏينهن ٻن بعد اڪيلو سفر ڪيئن ٿي ڪري سگهيو. ان دوران مون هڪ ٻه دفعا ننڍڙن جملن ذريعي هن کي سختيءَ سان چيو ته ٻار ايترو بيمار نه آهي ۽ هن جي گهڻي ڳالهه نه ڪريو، نه ته ماڳهين لاهي ڇڏيندانوَ. پر هنن کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ تفصيل سان آئون کين ٻڌائي نه ٿي سگهيس، جو هنن اڳيان جهاز جي گرائونڊ جو چڱو عملو اچي گڏ ٿيو هو. باقي مسافر به سخت پريشان هئا ته هاڻ رڳو جهاز اڏامي پوءِ ڀلي هنن ٻن ٽن مُسافرن کي لهڻو به پوي. اهاٻي ڳالهه آهي ته هنن جو لهڻ به جلدي جو ڪم نه ٿئي ها، جو سندن سامان موٽائڻ لاءِ وري سڄي جهاز جو سامان لاهڻو پوي ها، جو اڪثر ڪا بئگ ڪيڏانهن ڪا بئگ ڪيڏانهن رکجيو وڃي ٿي. ايتري ۾ پائلٽ به اچي ويو، ان هن ٻار ۽ هن سا گڏ سفر ڪرڻ وارن جي پاسپورٽن جي گهر ڪئي ۽ ساڳئي وقت جهازران ڪمپني جي ڊاڪٽر کي گهرايو. ڊاڪٽر جيتوڻيڪ جلدي اچي ويو، پر هو فيصلو نه پيو ڪري سگهي ته آيا هن ٻار کي ڪا serious بيماري آهي، جنهن لاءِ لاهڻ کپيس يا نه ۽ ساڳي وقت ٻار کي سفر ڪرڻ جي موڪل ڏيڻ لاءِ دل نه پيو ٻڌي، جو ان رستي تي ٻار کي ڪجهه ٿي پيو ته ڊاڪٽر جي ته نوڪري وئي، پر ڪمپني به سورن ۾ پئجي ويندي. هن ٻه ٻيا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر گهرايا، جيئن اهي جنرل چڪاس ڪري، پنهنجي راءِ ڏيئي سگهن. ٿوري دير ۾ هڪ عرب ۽ هڪ ملئي ڊاڪٽر اليڪٽرانڪ مشين سان گڏ چڙهيا ۽ ٻار جو بلڊ پريشر ۽ ٻيو ڪجهه جيڪو ميڊيڪل لحاظ کان ضروري ٿئي ٿو، تپاس ڪيو ويو. تيستائين مون پهرين واري ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته آئون به هن فيملي سان گڏ گڏ ڪراچي کان Travel ڪري رهيو آهيان، مون کان جي حقيقت پڇو ته ٻار فقط نفسياتي طرح Upset آهي ۽ هن کي موسم خراب هجڻ ڪري ايئر سڪنيس ٿي هئي ۽ هاڻ اڳتي جي سفر لاءِ نفسياتي طرح خوفزده آهي. توهان اجايو هن غريب فيملي کي يا اسان مسافرن کي تنگ نه ڪريو ۽ جهاز کي اڏامڻ ڏيو.
    “مون کي پڻ ائين لڳو ٿي، پر هاڻ ڀلي هي اسپيشلسٽ پنهنجي راءِ ڏين.” ڊاڪٽر چيو.
    بلڊ پريشر، ٽيمپريچر يا ٻيو ڪجهه جيڪو هن کي تپاس ڪرڻو هو، سڀ نارمل نڪتو. ڪجهه هن جي رپورٽ ڪري ڪجهه آمريڪن ڊاڪٽر جي ڏڍ تي، جيڪو هن فيملي جي بلڪل پٺئين سيٽ تي ويٺل هو، جيئن آئون هنن جي اڳئين سيٽ تي، فلائيٽ کي پنهنجي پروگرام موجب هلڻ لاءِ اوڪي ڪيو ويو. نڀاڳي ايئر هوسٽس جنهن هي سڄو ممڻ مچايو، ان وري مٿي جي سور جي به گوري نه آندي ۽ ساڳي وقت ٻار جي ماءُ به حالتن سان سمجھوتو ڪري ماٺ ڪري ويهي رهي. مٿي جي سور يا الٽيون بند ڪرائڻ جي گوريءَ بدران ماڳهين هنن کي پرديس ۾ لهڻو ٿي پيو. اڃان به پنهنجو وطن ڪراچي هجي ها ته به هڪ ٻه ڏينهن ترسي پوءِ وري سفر ڪرڻ سولو ڪم هو، دبئي جهڙي پرديس ۽ مهانگي ملڪ ۾ هي هيترا ڄڻا ڪٿي سامان کڻي هوٽلن ۾ رلن ها ۽ کين وري ڪڏهن آمريڪا وڃڻ لاءِ ايتريون سيٽون خالي ملن ها. اهو لکڻ وسري ويو ته پهرين ڊاڪٽر تپاس کان اڳ کين لهڻ لاءِ وارننگ پڻ ڏني، جنهن تي پوڙهي سس ۽ سهري دبئي ۾ لهڻ کان احتجاج ڪيو، ته نه فقط ڊاڪٽر بلڪه ڀر ۾ بيٺل جهاز جي پائلٽ به چڙ مان کين اهو ئي چيو ته آئون توهان جي ڪري ٻين ٽن سؤ مسافرن کي ته نه رلائيندس. ايمرجنسي واري صورت ۾ آئون ڪڏهن به ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس نه ڪندس.


    هڪ سنڌي کي به ايئرپورٽ تان موٽايو ويو

    بهرحال خوشيءَ جي اها ڳالهه ته آخر ۾ سڀ خير ٿي ويو، جهاز سڀني مُسافرن کي نه فقط کڻي اڏاڻو، پر نيويارڪ جي JFK هوائي اڏي تي صحيح وقت تي آڻي لاٿو. رستي تي آمريڪن گورو ڊاڪٽر هر هر ان ٻار جي خيريت پڇندو رهيو، بلڪه الٽين يا ننڊ جي ڪا گوري به ٻار کي ڏنائين جو هو ننڊون ڪندو هليو. JFK ايئرپورٽ تي لهڻ سان تکو تکو اميگريشن واري اڏاوت ڏي وڌيس، جو آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجن ڀاڻيجن ٻڌايو هو ته ڊگهي قطار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ کان ايڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي جو ڪلاڪ لڳيو وڃن، ان ڪري جهاز مان لهڻ بعد جلدي جلدي اچي قطار ۾ بيهڻ کپي. پر هن ڀيري ڪو اتفاق ئي هيو جو ائين نه ٿيو. جيتوڻيڪ مسافر نه فقط اسانجي جهاز جا هئا، پر ان وقت آيل ٻن ٻين هوائي جهازن جا به هئا. پر اميگريشن تي ويٺل تمام وڏو عملو هو، ان ڪري جلدي وارو اچي ويو. ڪيترن کي پڇا لاءِ پوليس الڳ الڳ ڪمرن ۾ وٺي پئي وئي. پر منهنجي اهڙي ڪا چيڪنگ نه ٿي، سواءِ ٻن ٽن سوالن جي جيڪي اتي جو اتي پڇيا ويا ته هِتي ڪٿي رهندين، هِتي ڪهڙي خيال کان آيل آهين..... وغيره. آمريڪا جي اميگريشن جون جيڪي تنگ ڪرڻ واريون خبرون ٻڌيون هيونسين، انهن سان واسطو نه پيو. ٿي سگهي ٿو ته آئون وڏي عمر جو هوس، هن کان اڳ به اچي چڪو هوس يا ڪئناڊا، جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جون منهنجي پاسپورٽ تي Multiple ويزائون لڳل هجڻ ڪري هنن منهنجي ۽ مون مان پنهنجي، جلد جان آزاد ڪئي. ويزا لاءِ سوچيو هوم ته ٽن مهينن لاءِ چوندوسان ۽ پوءِ وڌيڪَ رهڻ لاءِ وري apply ڪندس، پر مون کان پڇڻ بنا ئي هنن ڇهن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏنو. اها ڳالهه شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪنهن به ملڪ جي ويزا ان جي سفارتخاني مان ملڻ بعد به اهو ملڪ ٻڌل نٿو رهي. جيئن اسلام آباد مان آمريڪا جي سفارتخاني منهنجي پاسپورٽ تي پنجن سالن جي Multiple Visa هڻي ڏني هئي، پر آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچڻ وقت هنن جي اميگريشن جي عملي تي منحصر آهي ته هو مون کي في الحال ڪيتري وقت لاءِ رهڻ ڏين ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪن ڳالهين جي بنياد تي (جيڪي هنن لاءِ ٻڌائڻ ضروري نه آهن) هڪ ڏينهن به رهڻ نه ڏين ۽ ان ئي پيرين موٽائي ڇڏين.
    اسان جي فلائيٽ مان به ٻن مُسافرن کي داخلا کان انڪار ڪيائون ۽ هنن کي ٻي فلائيٽ ۾ پنهنجي ملڪ پاڪستان واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو جو هنن کان جيڪي سوال ڪيا ويا، انهن جا جواب هنن ڪوڙ جي بنياد تي ڏنا. هنن ڪا معلومات لڪائڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ هو جھلجي پيا. بهرحال واپس موٽڻ وارا مُسافر يا اهي مُسافر جن کي ڪمرن ۾ وٺي ڊگهي Interrogation ڪئي وئي ٿي، اهي سڀ ننڍيءَ ٽهيءَ جا لڳا ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته هنن فقط اسان پاڪستانين سان اهو وهنوار نٿي ڪيو جو کڻي چئجي ته اسان مسلمان هئاسين ان ڪري اسان سان هنن سختي ڪئي، پر هنن ساڳيو حال انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل مُسافرن سان به پئي ڪيو.
    ان ئي وقت واپس موٽائڻ وارن ۾ هڪ سنڌي همراهه به هو.... شايد حيدرآباد پاسي جو. هو اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ رهيل هو، هاڻ وري مهينو کن ڳوٺان رهي واپس آمريڪا آيو هو، پر اميگريشن هُن کي هِن دفعي سندن ملڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. شڪ آهي ته هنن وٽ پڪا ثبوت موجود هئا، ته هي همراهه سچ پچ جو شاگرد نه هو. ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي اسٽوڊنٽ ويزا تي آمريڪا ۾ نوڪريون ڪري رهيو هو ۽ يونيورسٽي کان گهڻو وقت غير حاضر ئي رهيو ٿي.
    اميگريشن بعد پنهنجو سامان ٻه بئگون کڻي ڪسٽم چيڪنگ واري حصي ۾ پهتس، جنهن جي منهن وٽ بيٺل ڪسٽم آفيسر رکي رکي (At Random) ڪنهن هڪ ٻن کي چيڪنگ لاءِ ڪسٽم سيڪشن ۾ موڪليو ٿي (جِتي ڪيترائي ڪسٽم آفيسر مُسافرن جون بئگون کولي چڪاس ڪري رهيا هئا) باقي گهڻي ڀاڱي مُسافرن کي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اشارو ڪري رهيا هئا، جن ۾ خوش قسمتيءَ سان آءٌ به هوس، نه ته وري بئگون کولڻيون پون ها. بئگ کولڻ سولي آهي، پر وري ان کي بند ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿئي ٿو. اهو ائين آهي جيئن ڪا کڏ کوٽي، ان مان نڪتل سموريءَ مٽيءَ کي وري واپس وجهڻ جي ڪوشش ڪجي. بهرحال دنيا جي هر ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بعد هڪ مسافر کي آزادي واري خوشي ٿئي ٿي، پوءِ اهو آزاديءَ جو احساس چوڏهين آگسٽ تي کڻي نه ٿيندو هجي. نيويارڪ شهر ۾ پهچڻ لاءِ ٽرين ۽ ٽئڪسيون بيٺيون هيون، پر مون کي سامهون منهنجو ڀاڻيجو ثمير واسطڙو نظر اچي ويو، جنهن سان گڏ سندس ڪار ۾ سڌو اچي نيوجرسيءَ کان نڪتس.


    اسان لاءِ JFK ايئرپورٽ سهوليت وارو آهي

    آمريڪا ويندڙ هر پاڪستاني توڙي انڊيا جي ماڻهوءَ واتان JFK ايئرپورٽ جو نالو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڄڻ هيڏي وڏي ملڪ آمريڪا ۾ اهو ئي هڪ ايئرپورٽ هجي، جنهن تي اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو اچيو ٿا لهن.
    پر اها ڳالهه ناهي، آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ هوائي اڏو آهي، جيڪو اسان جهڙن ملڪن جي بين الاقوامي اڏن کان به وڏو ٿيندو. هر اڏي تي نه فقط ڪيترين ئي مڪاني ۽ بين الاقوامي جهاز ڪمپنين جا جهاز لهن ٿا، پر ماڻهن جا ذاتي هوائي جهاز پڻ. آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان ڪيترن وٽ نه فقط ذاتي هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر آهن، پر ڪن وٽ ته هوائي اڏا به پنهنجا آهن. پر JFK (جي ايف ڪي) ايئرپورٽ بنا شڪ جي نه فقط آمريڪا جو پر دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ مشغول ترين هوائي اڏو آهي ۽ اهو نيويارڪ ۾ هجڻ ڪري اسان جي پاسي جي ماڻهن کي سولو ٿو لڳي، جو نيويارڪ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن کان علاوه اسان وارن ايشيائي ملڪن کي به وڌيڪَ ويجھو آهي، جيئن لاس اينجلس وغيره جپان ۽ پئسفڪ سمنڊ وارن ملڪن کي ويجھو آهي. ٻي ڳالهه ته آمريڪا ۾ مون ڏٺو آهي ته مختلف ملڪن جا مختلف ڳڙهه آهن، جِتي ان ملڪ جا ماڻهو وڌيڪَ پنهنجائپ محسوس ڪن ٿا.
    اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو شروع کان نيويارڪ جي ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ رهيا ۽ اڄ به هنن جو ڪو مائٽ يا سڃاڻو اچي ٿو ته هو ا تي رهڻ پسند ڪري ٿو، جيئن پرديس ۾ هم وطن، هم زبان، هم مذهب ۽ هم ڪلچر وارن جي ويجھو رهي. آمريڪا اچڻ تي اسان جي پاسي جي ڪُجهه ماڻهن کي نوڪريون يا ڌنڌا آمريڪا جي ڊڪوٽا، ڪنساس، اتاح جهڙين رياستن ۾ به ملن ٿا، پر پوءِ هو پهرين موقعي ملڻ تي نيويارڪ ڏي هليا اچن. وڌ ۾ وڌ نيويارڪ جي ڀر وارن رياستن نيوجرسي، پينسلوانيا، ميري لئنڊ، ڪنيڪٽِڪٽ ۽ ماسا چوسيٽ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هنن جو ٻيو نمبر وڏو ڳڙهه ٽيڪساز جو شهر هوسٽن ۽ اوسو پاسو آهي يا وري واشنگٽن ۽ ورجينا وغيره. بهرحال انهن سڀني هنڌن تي هوائي اڏا آهن، پر دنيا جي هر هوائي ڪمپنيءَ جو جهاز، ويندي اسان جي پي آءِ اي جو ڊائريڪٽ نيويارڪ ضرور اچي ٿو. عرب امارات وارن جو هوائي جهاز جنهن ۾ مون سفر ڪيو، روزانو نيويارڪ اچي ٿو، ان ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ نيويارڪ مان چڙهڻ يا لهڻ سولو ٿئي ٿو. هو پنهنجي وطن پهچي پنهنجي موڪلن جي آخري ڏينهن تائين پنهنجن سان گذاري، نيويارڪ پهچن ٿا. پوءِ اتان ئي ٻئي هوائي جهاز ذريعي يا ريل يا بس ذريعي، پنهنجي رهائش يا نوڪريءَ واري جاءِ تي هليا وڃن ٿا. هاڻ مڙيئي اڏامون وڌڻ ڪري، اسان جا ڪي ڪي ماڻهو واشنگٽن يا نيو اَرڪ جهڙن هوائي اڏن تي به لهن ٿا، پر گهڻائي اڄ به نيويارڪ جي هوائي اڏي JFK کي بهتر سمجھي ٿي، جيڪو نيويارڪ شهر جي ڏکڻ اوڀر واري Queens جي جئميڪا (Jamaica) واري علائقي ۾ آهي، هي هوائي اڏو 1942ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽ پهرين ڪمرشل اڏام پهرين جولاءِ 1948ع تي لٿي ۽ سندس نالو “نيويارڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ” رکيو ويو، پر پوءِ 1963ع ۾ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينڊي جي قتل بعد هُنَ جي نالي ڪيو ويو.
    1948ع ۾هي ايئرپورٽ ٺهڻ وقت هڪ هزار ايڪڙن تي هو، پر هاڻ اهو وڌي وڌي پنج هزار ايڪڙن تي ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هزار کن ايڪڙ CTA (سينٽرل ٽرمينل ايريا) جا به اچي وڃن ٿا ۽ آمدرفت جو اهو عالم آهي جو هر وقت هڪ ٻئي پٺيان جهاز لهن ۽ چڙهن پيا. نيويارڪ پوسٽ اٿارٽي جيڪا هن هوائي اڏي ۽ نيويارڪ شهر جي ٻين هوائي اڏن (نيو اَرڪ لبرٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، لاگئارديا ايئرپورٽ، ٽيٽرو بورو ايئرپورٽ وغيره) کي هلائي ٿي، تنهن جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته هن هوائي اڏي تي گذريل سال چار لک کن هوائي جهاز لٿا ۽ چڙهيا ۽ هن سال ته اڃا به وڏو نمبر ٿئي ۽ ان حِساب سان سمجھو ته ڪلاڪ ۾ پنجيتاليهه پنجاهه کن جهاز وڃي ٿيا ۽ هڊسن درياهه جي ٻي ڀر نيو اَرڪ واري هوائي اڏي جو به ذري گهٽ اهو ئي حال آهي. نيويارڪ کان نيوجرسي باءِ روڊ ويندڙ جڏهن نيويارڪ جي هوائي اڏي وٽان لنگهندا هوندا ته هنن کي احساس ٿيندو هوندو ته ڪيئن نه هوائي جهاز هڪ ٻئي پويان لهن ۽ چڙهن پيا. نيويارڪ ۽ نيو اَرڪ هڊسن نديءَ تي ائين آهي، جيئن سنڌو نديءَ تي ڄامشورو، حيدرآباد يا وري مورو، دادو.
    سڄي هفتي جي اڏامن جو بورڊ ڏٺم ته سؤ کن اهڙيون هوائي ڪمپنيون هيون، جن جا هوائي جهاز باقاعدگي سان هن ايئرپورٽ (JFK) تي اچن ٿا، جن مان ڪيترن جو روز جو اچڻ لڳو رهي ٿو.
    نيويارڪ جو هي هوائي اڏو JFK شروع شروع ۾ IDLE Wild هوائي اڏو به سڏبو هو، جو هن هوائي اڏي جو هڪ حصو نيويارڪ جي آئيڊل وائلڊ گولف گرائونڊ تي هو ۽ هن هوائي اڏي جو IATA ڪوڊ پڻ IDL هو. هي ڪوڊ اهو ٿئي ٿو، جيڪو سامان جي ٽئگ تي به لڳايو وڃي ٿو، يعني خبر پوي ته اها بئگ ڪهڙي ايئرپورٽ تي لاهڻي آهي. بهرحال هاڻ هن هوائي اڏي جو ڪوڊ (JFK) ئي آهي. آمريڪا ۾ چار اهـڙا هوائي اڏا آهن، جيڪي آمريڪا جي صدرن سان منسوب آهن.
    1964ع جي هن هوائي اڏي بابت ڳالهه ياد اچي ٿي، جڏهن اسان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ ۾ وٺي رهيا هئاسين، تن ڏينهن ۾ اسان جا فئوريٽ ڳائڻا انگلينڊ جا بيٽلز هئا. هي چار ڳائڻا پنهنجي وڏن وارن ۽ پاپ گانن ڪري مشهور هئا. انهن کانپوءِ مائيڪل جيڪسن ئي دنيا جو مشهور ڳائڻو ٿيو. 1964ع ۾ هو ڳائڻ لاءِ جڏهن آمريڪا آيا ته هنن جو هن ايئرپورٽ JFK تي وڏي پئماني تي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هنن ڳائڻن جا آمريڪا جا پرستار خاص ڪري ڇوڪريون، ايتريون ته اچي گڏ ٿيون ۽ هنن سان ملڻ لاءِ هنگامو پيدا ڪيو جو پوليس کي لاٺي چارج ڪرڻي پيئي ۽ هي گوڙ گمسان تاريخي ٿي پيو، جنهن جو احوال دنيا جي اخبارن ۽ ريڊين ۾ ايندو رهيو. اسان به روز وڏي شوق سان انهن ڳائڻن جون خبرون پڙهندا ۽ ٻڌندا هئاسين. ٽي وي ته اڃان اسان جهڙن ملڪن ۾ آئي ڪانه هُئي. ان وقت جا ڪلاس ميٽ چوندا هئا ته اسان به جهاز هلائڻ جهڙا ڏکيا ڪم ڪرڻ بدران گٽار کڻي ڳايون ها ۽ اسان جا به وار ڊگها ۽ سر سٺو هجي ها ۽ آمريڪا جو کڻي نه پر چٽگانگ ۽ اوسي پاسي جي شهرن جون بنگالي ڇوڪريون پوليس جو گهيرو ٽوڙي اسان کي اچي گلن جا هارَ پارائين.


    JFK ايئرپورٽ تي پيش ايندڙ هوائي حادثا

    JFK ايئرپورٽ جيتوڻيڪ تمام وڏو آهي، جنهن ۾ هڪ بدران نَوَ کن ٽرمينل آهن هر هڪ ٽرمينل اسان جي جناح ٽرمينل کان چؤڻو پنجوڻو آهي، پر واسطي واري اڏام تائين پهچڻ لاءِ هر قسم جي سهوليت رکيل آهي. توهان بس ۽ ٽئڪسي کان علاوه ايئرپورٽ تائين ايندڙ خاص ٽرين Air Train JFK ذريعي شهر کان سولائيءَ سان پهچي سگهو ٿا ۽ هن “جي ايف ڪي ايئر ٽرين” ريل گاڏيءَ ذريعي، توهان ايئرپورٽ کان نيويارڪ سٽي سب وي يا لانگ آئيلينڊ روڊ تائين پڻ پهچي سگهو ٿا. ڪوالالمپور، لندن ۽ نيويارڪ جهڙن هوائي اڏن تي هي وڏو سُک آهي. اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ هن قسم جي سواري بيحد سستي آهي ۽ جِتي ٽئڪسي هڪ سؤ ڊالرن کان به مٿي وٺي، اتي هن ايئر ٽرين ۾ پنج ڊالر (ٽي سؤ روپيه) ڏيئي توهان هاورڊ بيچ ۽ ڪئميڪا اسٽيشن تائين پهچي سگهو ٿا ۽ هڪ دفعو توهان جئميڪا اسٽيشن تائين پهچي ويائو ته پوءِ اتان ڪيتريون ئي ٽرينون (سب وي گاڏيون) مڊ ٽائون ۽ لوور مئن هٽن ڏي وينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه هيءَ ٽرين ايئرپورٽ اندر هڪ ٽرمينل کان ٻئي تائين مفت ۾ هلي ٿي. توهان ڪنهن غلط نمبر واري ٽرمينل تي جي پهتا آهيو ته ٽئڪسي لاءِ پريشان ٿيڻ بدران هن ٽرين ذّريعي منٽن ۾ پهچي سگهو ٿا.
    11 سيپٽمبر 2001ع واري حملي بعد هي هوائي اڏو JFK پهريون هوائي اڏو هو، جيڪو يڪدم بند ڪيو ويو هو.
    آمريڪا مان سفر ڪندڙ مسافر کي هميشه کپي ته هو معلوم ڪري ته سندس ايئر لائين جو هوائي جهاز ڪهڙي ٽرمينل تان اڏامي ٿو. JFK ايئرپورٽ ته تمام وڏو آهي، جنهن تي نو کن ٽرمينل آهن. آخري وقت تي ايئرپورٽ تي پهچي هڪ هڪ ٽرمينل تان پڇا ڪري وقت وڃائڻ بدران ٽڪيٽ وٺڻ مهل ئي معلوم ڪري ڇڏجي ته ڪهڙي ٽرمينل تان اڏام ٿيندي. پر جي توهان ڪراچي کان رٽرن ٽڪيٽ ورتي آهي ته آمريڪا ۾ ان هوائي ڪمپني جو ٽرمينل هميشه لاءِ مقرر آهي. جيئن اسان جي ملڪ جي هوائي ڪمپني PIA جا هوائي جهاز ٽرمينل نمبر چوٿين تان اڏامن ٿا، پوءِ اهي چاهي کڻي ڪراچي ويندا هجن، مانچسٽر، فرئنڪفرٽ يا دبئي ۽ پئرس. اهڙي طرح مصر جي هوائي ڪمپني EGYPT AIR، اسرائيل جي EPAP، دبئي جي EMIRATES، هالينڊ جي KLM وغيره جا هوائي جهاز پڻ هن چوٿين نمبر ٽرمينل تان اڏامن ٿا.
    دنيا جو هي هوائي اڏو JFK جيڪو هيڏو مشغول آهي، ان تي ظاهر آهي ته ڪجهه نه ڪجهه حادثا به ضرور ٿين ٿا. هن وقت 1990ع جو هڪ هوائي حادثو ڌيان ۾ اچي رهيو آهي، جيڪو ڏکڻ آمريڪا جي بوئنگ 707 جهاز کي هن ايئرپورٽ تي درپيش آيو ۽ تيل (Fuel) جي کوٽ ڪري پڻ هوائي اڏي بدران نيويارڪ جي هڪ ننڍڙي ٽائون Coveneck ۾ ڪرئش ٿي ويو. جهاز ۾ Crew سميت 158 مُسافر هئا، جن مان 73 ته ٿڏي تي ئي مَري ويا، باقي 85 سخت زخمي ٿي پيا.
    هي هوائي جهاز سائوٿ آمريڪا جي ملڪ ڪولمبيا جي شهر Bogata کان نيويارڪ لاءِ نڪتو هو. نيويارڪ جيتوڻيڪ وقت تي پهچي ويو، پر ان ڏينهن نيويارڪ ۾ سخت ڪوهيڙو ۽ ڌنڌ هُجڻ ڪري جهازن کي لهڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي ۽ جيسين واري سان هڪ هڪ ٿي لهي، تيسين ٻين کي مٿي اڏام جاري رکڻ لاءِ چيو پئي ويو ۽ هي بدنصيب جهاز انHolding Pattern ۾ هو. جهاز کي نيويارڪ شهر مٿان گهمرا ڏيندي ڪلاڪ گذري ويو، پر اڃان وارو نه پئي آيس ۽ ان هولڊنگ دوران هن جي Reserve ٽئنڪ جو تيل به ختم ٿيندو رهيو، جيڪو ايترو هو جو اهو جهاز نيويارڪ بدران آمريڪا جي ٻئي شهر بوسٽن ۾ آرام سان وڃي لهي ها ۽ پوءِ مُسافرن کي اتان باءِ روڊ نيويارڪ پهچايو وڃي ها، جيڪا هڪ عام ڳالهه آهي ۽ ههڙين ايمرجنسين ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، پر هِتي ائين نه ٿي سگهيو. هوائي اڏي وارا اِهو ئي سوچيندا رهيا ته ٻين هوائي جهازن وانگر، هن هوائي جهاز ۾ به تيل اڃان ڪافي موجود هوندو ۽ جهاز جو پائليٽ اهو ئي سوچيندو رهيو ته هاڻ اجھو ٿي هيٺ لهڻ جي اجازت ملي. اهڙي طرح هن جهاز کي نيويارڪ مٿان اڏامندي 77 منٽ ٿي ويا ۽ هاڻ هنن وٽ ايترو تيل به نه بچيو جو جهاز کي بوسٽن وٺي وڃي سگهن. ڪجهه زبان جو به چڪر ٿي پيو. جهاز هلائيندڙ عملو هسپانوي هو ۽ هو جيتوڻيڪ ايمرجنسي جون دانهون ڪندا رهيا، پر ايمرجنسي بدران انگريزيءَ جو لفظ Priority چوندا رهيا، يعني هنن ايئرپورٽ تي جلدي لهڻ کي ترجيح ٿي ڏيڻ چاهي. اسپيني ڊڪشنري مطابق پرارٽي جو مطلب ايمرجنسي آهي، پر انگريزي زبان ۾ اهو لفظ الڳ معنيٰ ٿو رکي. آخر ايئرپورٽ طرفان پُڇڻ تي هوائي جهاز وارن ٻڌايو ته هاڻ جهاز ۾ تيل ڪو پنج منٽ مس وڃي بچيو آهي. ان تي ايئرپورٽ وارن “واري” واري جهاز کي ڇڏي هن کي لهڻ جو موقعو ڏنو.
    پائليٽ جهاز کي هيٺ لاٿو، پر هن کي 500 فوٽن کان به هيٺ Wind Shear ملي ويو ۽ جهاز حد کان وڌيڪَ هيٺ ٿي ويو. ايئرپورٽ وارن پائليٽ کي فقط 1500 فٽن واري Wind Shear کان آگاهه ڪيو هو ۽ ان کان هيٺ جي ڄاڻ نه ڏني. نتيجي ۾ پائليٽ کان ايئرپورٽ واري ائپروچ Miss ٿي وئي. هن رن وي تي لهڻ لاءِ ٻي Approach ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ئي وقت جهاز جو تيل بلڪل ختم ٿي ويو. بس ان ئي وقت جهاز جي نمبر چار انجڻ بند ٿي وئي ۽ ان جي پويان باقي ٽي انجڻيون به بند ٿي ويون. هوائي جهاز جو اليڪٽرڪ پاور بند ٿيڻ تي جهاز ۾ به اوندهه انڌوڪار ٿي وئي ۽ جهاز لانگ آئيلينڊ تي JFK کان پنڌرنهن ميل پري وڃي ڪريو.
    مٿيون جهاز هڪ ٽڪريءَ سان لڳي ٻه اڌ ٿي پيو. جهاز ۾ Explosion نه ٿي جو جهاز ۾ پيٽرول جو ڦڙو به نه هو ۽ 85 کن مسافر بچي ويا، نه ته هڪ ئي ڌماڪي ۾ سڀ سڙي سگهيا ٿي. خراب موسم ۽ رات جي اونداهي ڪري زخمين کي ڳولڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئي.
    بدنصيب هوائي جهاز وارن هن JFK ايئرپورٽ تي ڪيس داخل ڪيو ته ٽرئفڪ ڪنٽرول وارن جو ڏوهه آهي، جيڪو ڪيس ڪافي مهينا ڪورٽ ۾ هلندو رهيو، ان بعد ان ڳالهه تي راضپو ٿيو ته اهي مسافر کي مقرر عيوضي جو چاليهه سيڪڙو ڏيندا، باقي هوائي جهاز ڪمپني وارا نقصان ڀريندا.


    هر حادثي پويان مسلمانن جو هٿ

    مٿئين قسم جا ٻيا به ڪجهه حادثا هن هوائي اڏي سان وابسته آهن، جيڪي لهڻ وقت يا اڏام وقت هوائي جهازن کي درپيش آيا، پر سڀ کان مشهور آمريڪن ايئرلائينز جي جهاز (ايئر بس A300-600 جيٽ) وارو آهي، جيڪو 12 نومبر 2001ع تي آيو.
    آمريڪا جو هي جهاز JFK ايئرپورٽ تان اڏامڻ(Take Off) بعد نيويارڪ شهر جي علائقي Queens ۾ Crash ٿي پيو. جيئن ته هي حادثو يارهين سيپٽمبر بعد يڪدم درپيش آيو، ان ڪري سڄي آمريڪا ۾ هاءِ گهوڙا مچي وئي ته هن حادثي پويان پڪ اُسامه بن لادن جهڙي Terrorist جو هٿ آهي ۽ هن جهاز کي ٽيڪ آف مهل ڪنهن دهشتگرد زمين تان ائنٽي ايئر ڪرافٽ گن يا راڪيٽ ذريعي شوٽ ڪيو آهي. ويتر ماڻهن اهو ئي ڏٺو ته هن هوائي جهاز ۾ پهرين باهه جا شعلا ڀڙڪيا، ان بعد جهاز ڦاٽي پيو ۽ سندس ٽڪرا ٽڪرا چوڌاري پکڙجي ويا. بهرحال ٽن سالن بعد يعني 26 آڪٽوبر 2004ع تي انويسٽيگيشن رپورٽ ظاهر ڪرڻ تي خبر پيئي ته اهو حادثو Rudder (جنهن سان پاڻي يا هوائي جهاز جو طرف بدلائبو آهي) ان کي حد کان وڌيڪَ استعمال ڪرڻ سبب ٿيو. دراصل هوا جي هڪ رخي تيزي Turbulence کي منهن ڏيڻ لاءِ “ڪَو پائلٽ” رڊر کي لڳاتار موڙي رکيو ۽ انجڻ جو بنياد کان نڪرڻ ڪري تيل جي ٽئنڪ مان تيل Leak ٿي پيو ۽ جهاز کي باهه وڪوڙي وئي. جهاز تي جيڪي 260 ماڻهو هئا، انهن مان هڪ به نه بچيو، بلڪه زمين تي هلندڙ پنج ماڻهو ٻيا به مري ويا، جن مٿان جهاز جا گرم ٽڪرا اچي ڪريا. هوائي جهاز جي ڪمپنيءَ جهاز ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ تي ڪيس ڪيو آهي ته هنن جهاز صحيح مٽيريل مان نه ٺاهيو ۽ ٺاهڻ وارن جو مؤقف آهي ته هنن صحيح طرح ٺاهيو هو، پر هوائي جهاز اڏائڻ واري ڪمپنيءَ جا پائلٽ ۽ Crew صحيح طرح تربيت يافته نه هئا، جن کي رڊر (سُکاڻ جي Characteristics جي ڄاڻ نه هئي.
    Aircraft tail fins are designed to with stand full rudder in one direction at maneuvering speed. However, they are not usually designed to with stand on abrupt shift in rudder from one direction to the other.
    بهرحال اسين دنيا جي مشهور هن JFK ايئرپورٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. انگريزي فلمن جا شوقين هن ايئرپورٽ کان ضرور واقف هوندا جو ڪيتريون ئي انگريزي فلمون هن ايئرپورٽ تي فلمايون ويون آهن. ڪيترين ئي فلمن جون ڪهاڻيون سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح هن ايئرپورٽ JFK نيويارڪ سان لاڳاپيل آهن. انهن مان 1990ع جون ٻه مشهور فلمون Goodfellas ۽ Quick Change آهن. هڪ ٻي فلم جيڪا پڻ مشهور ٿي، سا سن 2000ع جي Final Destination آهي، پر سڀ کان مشهور 2002ع جي فلم (Catch me If you Can) ٿي. هن جي ڪهاڻي 1960ع جي ڏينهن تي ٻڌل آهي. هن فلم کي ڪيترائي اڪيڊمي ايوارڊ مليا. گذريل سال جيڪي هن ايئرپورٽ جي حوالي سان فلمون ٺهيون آهن، تن ۾ خاص خاص هي آهن:
    1. The Terminal
    2. Taxi
    3. White Chiks

    دي ٽرمينل فلم ۾ ان ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هن ايئرپورٽ تي ڦاسيو پوي. هن کي هِتي جي اميگريشن وارا آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏين، جيئن هينئر مون سان گڏ اسان واري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ٻن نوجوانن کي داخلا جي اجازت نه ڏني وئي، جيتوڻيڪ هنن کي پنهنجي ملڪ مان آمريڪن سفارتخاني طرفان پنجن سالن جي Multiple ويزا ملي آهي، پر ڪن ڳجھن سببن ڪري (جن جي ٻڌائڻ لاءِ اميگريشن کاتو ٻڌل نه آهي) انهن مسافرن کي هِتان نيويارڪ جي هن هوائي اڏي JFK تان واپس پنهنجي وطن پيا موڪلين، جِٽان هو آيا آهن. “دي ٽرمينل” فلم جو هي همراهه جنهن کي آمريڪا جي Entry نه ملي آهي، پنهنجي ملڪ به نٿو وڃي سگهي جو اتي انقلاب اچي چڪو آهي ۽ هن کي جان جو خطرو آهي. هن فلم جو به اهو ئي ڊائريڪٽر Steven Spielberg آهي، جنهن 2002ع ۾ “ڪئچ مي اِف يو ڪئن” فلم ٺاهي.
    دي ٽرمينل فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارن ۾ ٽام هانڪس، ڪئٿرين زيٽا، اسٽينلي ۽ چي مڪبرائيڊ آهي فلم وارا اهو ئي چون ٿا ته ان جي ڪهاڻي ائنڊريو نڪول لکي آهي، پر ڪيترن کي اِهو ئي لڳي ٿو ته اها ڪهاڻي مرحان ڪريمي نالي هڪ هڪ ايراني “رفيوجي” جي زندگي مان Inspire ٿي لکي وئي آهي، جنهن جي سياسي پناهه جا ڪاغذ گم ٿيڻ ڪري کيس 1988ع کان وٺي پئرس جي چارلس ڊي گال ايئرپورٽ تي زندگي گذارڻي پئي.
    ائين ته مٿئين ايراني همراهه تي فرانس وارن فرينچ زبان ۾ 1993ع ۾ (Tombes du ciel) فلم ٺاهي، جنهن جي اها ئي theme هئي ۽ چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جي ئي پس منظر ۾ Set ڪئي وئي.


    هالا جي ليليٰ، انڙپور جو رمضان آمريڪا ۾

    شروع ۾ هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر رمضان انڙ ۽ ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو بابت لکي چڪو آهيان، جيڪي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جا گريجوئيٽ آهن ۽ اڄڪلهه آمريڪا جي رياست مئسيچوسيٽ جي شهر ورڪاسٽر Worcester ۾ رهن ٿا منهنجي ساڻن ملاقات واشنگٽن ۾ ٿي. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي چئن ڏينهن واري سالياني ميلي نما گڏجاڻيءَ ۾، آئون به واشنگٽن ۾ ٽڪيل هوس. ٻئي ڏينهن چانهه جي وقفي ۾ آئون دوستن سان ملي رهيو هوس ته ليليٰ ۽ رمضان به اچي مليا. پاڻ 35 سالن جي ڄمار جا ٿيندا. هٿ ڏيئي ليليٰ مون کان پڇيو ته : آئون کيس سڃاڻا ٿو.
    “نه” مون وراڻيو.
    “آئون به ساڳي ڳوٺ هالا جي آهيان ۽ توهان جا سفرناما پڙهي مون کي ٻاهر نڪرڻ جو شوق ٿيو.” هن ٻڌايو.
    “ڏاڍو سُٺو. اها مون لاءِ همت افزائي آهي. نوجوانن کان ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي لکڻ جي شوق کي قائم رکان ٿو. هونءَ توهان تمام وڏو جمپ ڏنو آهي: نيو هالا کان نيويارڪ تائين”.
    “توهان مون کي اڃان نه سڃاتو! آپا عذرا سڃاڻو، جنهن توهان جي ڀائيٽن کي به پڙهايو آهي.” ليليٰ پڇيو.
    “بس بس. سڃاڻي ويس. توهان غلام محمد ڪيريو صاحب جي ڌيءَ آهيو.” مون ٻڌايو مانس.
    ڊاڪٽر ليليٰ جي وڏي ڀيڻَ عذرا هالا جي روشن تارا اسڪول ۾ ڪافي عرصو ٽيچر ٿي رهي. هوءَ قابل ۽ سخت Discipline واري هجڻ باوجود ٻارن جي دلپسند ٽيچر ٿي رهي آهي. اسڪول مان گسائڻ تي پنهنجن ڀائٽن ۽ ڀاڻيجن جون عذرا کي مون به سفارشون ڪيون هونديون. اڄ سندس ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڊاڪٽر، انجنيئر، پوليس، فوج ۽ ٻين ادارن ۾ آهن. روشن تارا اسڪول ۾ پڙهائڻ بعد پاڻ حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي رهي ۽ پوءِ هالا جي ڪاليج جي پرنسپال به ٿي رهي. سندس شادي حيدرآباد جي ٽنڊو آغا جي رهواسي عبدالخالق قريشي سان ٿي ۽ اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ ئي رهي ٿي. عذرا ڏهن ڀائرن ڀيڻن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
    مون سان گڏ ڊاڪٽر مٺل وقاسي، آغا ظفر ۽ سندس زال زيب النساءِ، ڊاڪٽر خميساڻي ۽ ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو بيٺل هئا. آغا ظفر مون سان گڏ ڪيترن ئي جهازن تي اليڪٽريڪل انجنيئر جي حيثيت سان Sail ڪيو، ان بعد هِتي آمريڪا ۾ اَچي Set ٿيو ۽ اڄڪلهه آمريڪن جهازن جي هڪ سروي ڪمپنيءَ ۾ وڏو آفيسر آهي. سندس زال زيب النساءِ ڀُٽو پڻ اسان جي ڳوٺ هالا جي آهي ۽ سائين غلام رضا ڀُٽو جي ڌيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار نواز علي ڀٽو ۽ هِتي آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر انور ڀُٽو جي ننڍي ڀيڻَ آهي. زيب النساءِ کي ٻڌايم ته سندس والد صاحب، منهنجو پيءُ (گل محمد شيخ) ۽ ليليٰ جو پيءُ غلام محمد ڪيريو هڪ ئي عمر جا هئا (ٽئي 1920ع ۾ ڄاوا) ۽ گڏ پڙهيا. ليليٰ جو پيءُ وڏي عيال وارو هو ۽ ٻهراڙي ۾ رهيو ٿي. هن جو وڏو Credit آهي جو هن محنت ڪري، پنهنجن نياڻين کي به پڙهايو، جيتوڻيڪ هي اهو دور هو جنهن ۾ اڃان ڇوڪرين جي پڙهائي به عام نه ٿي هئي ۽ پري پري تائين ڪو گرلس اسڪول به نه هو.
    ڊاڪٽر ليليٰ ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر رمضان سان سانا جي چئن ڏينهن واري هن فنڪشن ۾ ٻي به ملاقات ٿي. ڊاڪٽر رمضان جي مائِٽي اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ وزير علي شوري سان هجڻ ڪري آئون کيس 1958ع ۽ 1959ع وارن ڏينهن جون يادون ٻڌائيندو رهيس، جڏهن اسان حيدرآباد ۾ وزير شوري جي گهر ايندا هئاسين، جيڪو تلڪ چاڙهيءَ تي پگٽ اسڪول ڀرسان هو، جنهن جي سامهون سليم قريشي جو “ادبيات” نالي ڪِتابن جو دڪان ان وقت ۾ وڏي ڳالهه هوندو هو. وزير شوري جو والد صاحب دائود شورو اسان جو ڏاڍو خيال رکندو هو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص کان پيٽارو شفٽ ٿيڻ تي هو اسان کي پنهنجي ڳوٺ ٻڍاپور به وٺي هليو هو. سندس ٻيو پٽ ظفر شورو جيڪو وزير کان ٽي سال ننڍو آهي سو پڻ پيٽارو ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌ جي بلڪه پاڪستان جي اهم شخصيت لياقت جتوئي، ڊي آءِ جي مرحوم محسن پنهور، هادي بخش جتوئي، پائلٽ ممتاز الحق، ائڊمرل فاروق رشيد ۽ جنرل سيد پرويز جهڙن جو ڪلاس ميٽ هو، پر افسوس جو هن پاڻ گهڻي ترقي نه ڪئي.
    وزير شورو وارن جو وڏو چاچو رمضان شورو صاحب سنڌ جي اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن انگريزن جي ڏينهن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اعليٰ عهدن تي رهيو، سندن اولاد به اعليٰ تعليم يافته آهي، جن سان منهنجي بعد ۾ ڪراچي ۽ ولايت (خاص ڪري لنڊن) ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ڊاڪٽر ليليٰ جي مڙس ڊاڪٽر رمضان هنن سڀني کي سڃاتو ٿي ۽ هر هڪ جو حال احوال ٻڌائيندو رهيو. پاڻ محمد صالح انڙ صاحب جو فرزند آهي ۽ سندس اصل ڳوٺ ٻڍاپور جي ڀروارو ڳوٺ انڙپور آهي. ليليٰ ۽ رمضان جي ڄاڻ سڃاڻ ڄامشوري ۾ تعليم دوران ٿي ۽ شايد فائنل ييئر ۾ هئا ته سندن شادي ٿي. کين پنج ٻار آهن. حرا ٻارهن سالن جي وڏي ڌيءَ آهي، ان بعد پٽ دانيال پوءِ مشعل ۽ پوءِ ٻه جاڙيون ڌيئون ساران ۽ سُرهي اٿن. رمضان ٻڌايو پئي ته سُرهيءَ جو نالو سندس (يا شايد ليليٰ) جي ڏاڏيءَ تان رکيو اٿن.
    مٿي به لکي آيو آهيان ته ڊاڪٽر ليليٰ جي والد صاحب سائين غلام محمد ڪيريو کي شاباس هجي جو هُنَ ڳوٺ ۾ رهي ڪري ۽ گهٽ روزگار جي باوجود ٻارن کي گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياري. خاص ڪري نياڻين کي! هالا جهڙي شهر ۾، جِتي انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين جو اسڪول نه هو، اتي ڊاڪٽر ليليٰ ۽ سندس ڀينرن بئائز اسڪول مان پڙهي به تعليم حاصل ڪئي. پروفيسر عذرا ۽ ڊاڪٽر ليليٰ کان وڏي ڀيڻَ شميم آهي، جيڪا پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ پنهنجي مڙس ڊاڪٽر گلشن ميمڻ سان گڏ نوابشاهه ۾ ئي پرئڪٽس ڪري ٿي. ڊاڪٽر ليليٰ کان هڪ ننڍي ڀيڻ نسيم ڪيريو انجنيئر آهي، هن جي ۽ سندس مڙس عثمان ڪيريو جي B.E ٿيل آهي. سندس هڪ ڀاءُ حسين ڪيريو به B.E اليڪٽريڪل ۾ آهي، جنهن جي زال فهميده ڊاڪٽر رمضان انڙ جي ڀيڻ ٿئي. ڊاڪٽر ليليٰ جي هڪ ڀيڻ جنت ڪيريو پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي مڙس ابوبڪر سومرو سان گڏ ٽنڊو محمد خان ۾ رهي ٿي. ولايت ۾ (پاڪستان کان ٻاهر) ڊاڪٽر ليليٰ کان علاوه سندس ٻه ٻيون ڀيڻيون به رهن ٿيون. هڪ سڀ ۾ ننڍي، جنهن جو نالو سورٺ ڪيريو آهي ۽ جنهن جي شادي انجنيئر فياض ميمڻ سان ٿي آهي اها فئملي سميت لنڊن ۾ رهي ٿي ۽ هڪ ان کان وڏي ياسمين، جيڪا هِتي پاڪستان ۾ فزڪس جي ليڪچرار هئي، پنهنجي انجنيئر مڙس جاويد قريشي سان گڏ هاڻ ڪئناڊا ۾ رهي ٿي.


    مرحوم محمد صديق گاجڻي جو اولاد آمريڪا ۾

    هونءَ ڪو زمانو هو جو آمريڪا جهڙي ڏورانهين ملڪ جي وڏن شهرن ۾ به ڪو ورلي هم وطني پاڪستاني يا سنڌي نظر ايندو هو. هاڻ ته اهو ڏسي تعجب ٿو لڳي ته فقط اسان جي ڳوٺ هالا جا ئي ڪيترا آمريڪا ۾ رهن ٿا. اُهي نه فقط وڏن شهرن ۾ پر ڳوٺن ۾ به رهن ٿا، ويندي آمريڪا جي ڏورانهين رياست هوائي جي ٻيٽ هونو لولو تي به اسان جي ڳوٺ هالا جو ڊاڪٽر خالد زمان آهي. خالد ٽي وي جي حوالي سان سنڌ ۾ بيحد مشهور آهي. سندس والد صاحب محمد صديق گاجڻي هالا جي پهرين چند شاگردن مان هڪ هو، جن مئٽرڪ ڪئي. ٻيا ساڻن گڏ هئا، ڊاڪٽر اشرف متقي (مشهور طبيب عبدالغنيءَ جو فرزند)، سائين غلام رضا ڀُٽو، محمد سعيد انصاري (ڪمانڊر نجم انصاري جو والد ۽ سينيٽر عبداللطيف انصاريءَ جوسهرو) ۽ منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ.
    سائين صديق گاجڻي صاحب جهڙو صورت جو سهڻو هوندو هو تهڙو سيرت جو پاڻ نيڪ ۽ ايماندار آفيسر ٿي رهيو، جنهن جي دشمن به شاهدي ڏيندا. سندن آخري پوسٽون ڊائريڪٽر فوڊ ۽ ان بعد ڊپٽي ڪمشنر هيون. پاڻ 1985ع ۾ ڇاهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون. پاڻ بيحد محنتي، تعليم جا طالبو ۽ يار ويس ماڻهو هئا. کين ست پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. وڏو پٽ ڊاڪٽر نذير ڄامشوري مان MBBS ڪرڻ بعد انگلينڊ هليو ويو، جِتي FRCS ڪيائين ۽ اتي هڪ آئرش ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيون ٿيون. منهنجو جهاز انگلينڊ ويندو هو. خاص ڪري ڊنڊي، هل (اسڪاٽلينڊ) پاسي ته ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿي ويندي هئي. پاڻ اسان سڀني کان اڳ هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويو. کيس ڪئنسر ٿي پيئي هئي ۽ 1995ع ۾ وفات ڪيائين.
    سندس ٻيو نمبر ڀاءُ کانئس سال ڏيڍ ننڍو ڊاڪٽر الطاف ميمڻ آهي، جنهن سان هن وقت هِتي آمريڪا ۾ مُلاقات ٿيندي رهي ٿي. ڊاڪٽر الطاف وارن جي يا کڻي چئجي ته سندن والد چاچا صديق گاجڻي جي، عام طرح ذات ته ميمڻ سڏجي ٿي، جو هالا جو ذري گهٽ سڄو شهر ميمڻ سڏيو وڃي ٿو، پر وڌيڪَ سڃاڻپ Identification لاءِ Sub-castes نکون ۽ پاڙا آهن، جيڪي مختلف ماڻهن تي هنن جي هنرن، اصل هنڌن تان جِتان هو هالا ۾ اچي رهيا يا ڪنهن وڏي جي نالي تي آهن. جيئن يونساڻي يا سوفياڻي، متقي، پروگرام، کيبرائي (کيبر کان آيل) اهڙي طرح هنن جا وڏا جيڪي وچ ايشيا، افغانستان ۽ ايران کان ايندڙ مختلف لشڪرن سان گڏ هِتي پهتا، جيڪي گاجڻي گاج رياست/علائقي جا هئا. حيدرآباد جي ٽنڊو ٺوڙهي وارن مرزائن وانگر (جن جي مرزا قليچ بيگ وارن سان مائِٽي آهي ۽ جن جا وڏا روسي رياست جارجيا کان آيا) هالا جي گاجڻين جي به پنهنجي Identity سڃاڻپ آهي. هي سڀ گهڻو ڪري قدآور، گوري رنگ جا، خوبصورت، Thorough gentlemen علم جا طالبو ۽ پورهيت آهن.
    سائين محمد صديق گاجڻيءَ جو ٻيو نمبر پٽ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جيڪو گذريل 25 سالن کان هِتي آمريڪا ۾ رهي ٿو، تنهن نوڪري (تعليم ڏيڻ) کان وڌيڪَ علم حاصل ڪرڻ (طالب علم ٿي رهڻ) کي گهڻو وقت ڏنو آهي.
    واشنگٽن جي هڪ هوٽل ۾ سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي شعبي جي اڳوڻي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر جاويد ڀُٽو صاحب ۽ سندس گهر واري نفيسه هود ڀائي (اڳوڻي ڊان جي نمائندي ۽ هاڻ وائيس آف آمريڪا جي ڊائريڪٽر) طرفان هڪ هوٽل ۾ ڏنل دعوت ۾ ڊاڪٽر الطاف جيڪو منهنجي اڳيان هو، مون تي نظر پوڻ تي، يڪدم بيهي هيڊ ٽيبل تي اڳيان ويهڻ لاءِ مون کي رستو ڏيڻ چاهيو. مون کيس زوريءَ اڳيان ڪيو.
    “نه سائين توهان اسان جا مهمان به آهيو ته وڏا به.” ڊاڪٽر الطاف مون کي Convince ڪرڻ لڳو.
    “نه اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر، توهان اسان لاءِ اهم علمي شخصيت آهيو ۽ سڀ کان مٿانهين درجي جي.” مون ڊآڪٽر الطاف ميمڻ کي چيو. هو چرچو سمجھي کلندو رهيو ۽ ساڻس گڏ حميرا رحمان ۽ جاويد به مرڪڻ لڳا.
    مون اتي موجود سڀني کي ٻڌايو، “خبر اٿانوَ هالا اهو اهم شهر آهي، جنهن جاماڻهو ڪيترن ئي اعليٰ قسم جي تعليمي ادارن جا هيڊ ٿيا. هن حميرا رحمان جي والد صاحب جناب حسن علي عبدالرحمان ميمڻ، ڊاڪٽر حسن ميمڻ، عبدالرزاق ميمڻ، سائين احمد علي انصاري ۽ ٻيا ڪيترا ملڪ جي يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جا پرنسپال ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيا. اتفاق اهڙو آهي جو هن وقت ڪو به هالا جو ماڻهو ڪنهن به وڏي تعليمي اداري جو هيڊ نه آهي، جيڪي هئا سي به رٽائرڊ ٿي ويا. اهڙي صورت ۾ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ اسان لاءِ اهم آهي جو سڀ کان گهڻو تعليم يافته آهي ۽ نيويارڪ جي الباني يونيورسٽيءَ ۾ ڊين آهي.”
    پري کان خالد هاشماڻي بيٺو هو. تنهن اها ڳالهه ٻڌي پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏنو. “نه بابا؟”
    “نه بابا وري ڇا. سچ ٿو چوان.” مون وراڻيو.
    “يار ڊاڪٽر الطاف معاف ڪجانءِ.” خالد هاشماڻي پنهنجو Sense of Humor قائم رکندي، ڊاڪٽر الطاف کي چيو، “اسان ته هيستائين توکي پاڻ جهڙو سمجھيو ويٺا هئاسين. يارو! اڄ ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر الطاف کي خاص عزت جي نِگاهه سان ڏسجو.”
    جواب ۾ منهنجي پٺيان بيٺل مامي جموءَ (عبدالعليم بروهيءَ) خالد هاشماڻيءَ جو تڪيو ڪلام ورجايو:
    “نه بابا!”
    اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جڏهن NED ڪاليج مان B.E ڪري رهيو هو ۽ پاڪستان چوڪ جي مشهور هاسٽل ميٺارام ۾ رهندو هو ته منهنجي انهن ڏينهن ۾، هن سان آخري ملاقاتون ٿيون. منهجو جهاز ڪراچي ايندو هو ته الطاف ۽ هالا جو هڪ ٻيو انجنيئر مرحوم عبدالعزيز بنون (جيڪو الطاف کان شايد هڪ سال سينيئر هو) مون وٽ جهاز تي ايندا هئا ۽ آئون شهر مان موٽندو هوس ۽ مانيءَ جو ٽائيم هوندو هو ته هنن وٽ ميٺارام هاسٽل ۾ ماني کائي ايندو هوس. ميٺارام هاسٽل ۾ ولي محمد جي ميس مشهور هئي. ڊاڪٽر الطاف 1972ع ۾ سول انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پروجيڪٽ “Structural Design of a Gymnasium” هو.
    ڊاڪٽر الطاف سان ان بعد وري ڪراچيءَ ۾ ملاقات نه ٿي. هن ايشين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان 1975ع مان انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس (M.E) ڪئي ۽ ان بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف پٽسبرڪ مان Environmental Engineering ۾ MSc 1979ع ۾ ڪئي. کيس ساڳي يونيورسٽيءَ مان MPW (ماسٽر آف پبلڪ ورڪس) جي ڊگري مليل اٿس. اڳتي هلي هن ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ان بعد هِتي (USA) ۾ ئي نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رياستن جي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ بعد گذريل ٻن سالن کان نيويارڪ جي الباني يونيورسٽي ۾ (Dean) آهي. ان کان اڳ 1997ع کان 2004ع تائين يونيورسٽي آف ميريلئنڊ ۾ اڪيڊمڪ ڊائريڪٽر ۽ پروفيسر پڻ ٿي رهيو هو.
    ڊاڪٽر الطاف ميمڻ (گاجڻي) کانپوءِ ٽيون نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر نثار آهي، جنهن ڪراچيءَ جي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي، هو ٽي سال کن ايران به رهيو. اڄ ڪلهه ڪراچي جي اسڪن سينٽر ۾ چمڙيءَ جي بيماريءَ جو Specialist ماهر آهي. ان بعد ڊاڪٽر سليم پرويز صوفي صاحب آهي، جيڪو سدائين گيڙو ڪپڙا پائڻ ڪري سڄي حيدرآباد ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان MBBSڪرڻ بعد ٻه سال انگلينڊ رهيو، پر هن کي نه لنڊن پسند آيو نه ڪراچي. راڻي ايلزبيٿ طرفان مليل “ڪڏهن نه سج لهندڙ” حڪومت ۽ ملڪ جو پاسپورٽ ڦاڙي جو اچي حيدرآباد جي سٽيزن سوسائٽي ۾ رهيو آهي ته سندس ٻار به اچي يونيورسٽين ۾ پهتا آهن. گهر، مسجد ۽ ٻارن کي ٽيوشن ڏيڻ سندس خاص مشغلو آهي. کيس ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ آهي، جيڪي پڻ پنهنجي پيءُ، چاچن ۽ ڏاڏي وانگر پڙهائيءَ ۾ سٺي پوزيشن کڻي رهيا آهن.
    ڊاڪٽر صوفي بعد پنجون ڀاءُ امير آهي، جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ بدران انجنيئر ٿيو. پاڻ ڪجهه سال سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ بعد واشنگٽن هليو آيو ۽ هاڻ ٻارن ٻچن سميت هِتي آمريڪا ۾ رهي ٿو. پاڻ ۽ سندس زال ٻئي نوڪري ڪن ٿا. بقول سندن هنن ملڪن ۾ فزيڪل ڪم کڻي آهي، يعني ڊيوٽي ايمانداري سان ۽ گهڻي ڏجي ٿي، پر ذهني سڪون تمام گهڻو آهي. ڪو به جيتري محنت ڪري ٿو ته ان کي ان جو Reward مليو وڃي ۽ هِتي آمريڪا ۾ ٻارن جي اعليٰ تعليم ۽ بهتر نوڪريون حاصل ڪرڻ جو مستقبل آهي.
    چاچا صديق جو ڇهون پٽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ ڊاڪٽر سرفراز آهي. هو اڄڪلهه لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ئي ڪم ڪري ٿو ۽ ڪڏهن حيدرآباد ته ڪڏهن اباڻي گهر هالا ۾ رهي ٿو، جِتي سندس پڦيون پڻ رهن ٿيون.
    سندن ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد زمان جو احوال شروع ۾ ڪري چڪا آهيون؛ جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر کان وڌيڪَ ٽي وي آرٽسٽ جي حيثيت سان سڃاڻن ٿا. ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ فرزانا جي شادي مٽياري ۾ ٿيل آهي۽ هوءَ اتي ئي رهي ٿي.


    سڀ هتڙي ئي ته آهيون......

    بهرحال اسان آمريڪا ۾ رهندڙ هالا جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر ليليٰ ۽ ان جي ڀيڻ ياسمين کان علاوه سائين غلام رضا ڀُٽو صاحب جو فرزند ڊاڪٽر انور ڀُٽو ۽ ان جي ڀيڻ مسز آغا ظفر ۽ چاچا صديق گاجڻي جي ٽن پٽن کان علاوه نجم ميمڻ جيڪو آمريڪا جي لاٽري اسڪيم ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ هِتي آيو، جنهن جو دلچسپ احوال اڳتي هلي تفصيل سان لکبو، عرساڻي فئملي جا ڪيترائي ميمبر، مشهور شاعر ۽ پرنسپال سليم هالائيءَ جو پوٽو رضوان ابڙو، نصير ابڙو جج جي ڌيءَ ثميرا ۽ ٻيا هِتي آمريڪا ۾ رهن ٿا. اهي سڀ اهي آهن جن سان منهنجي پهرين کان واقفيت آهي. منهنجي ڳوٺ جا ضرور ٻيا به ڪيترائي هوندا جيڪي آمريڪا جي ڏورانهين رياستن ۽ شهرن ۾ رهيل هُجن، جن کان فقط سندن دوست ۽ ويجھا مائٽ ئي واقف هجن. جيئن هڪ ڏينهن بالٽيمور جي بندرگاهه ۾ پنهنجي ڳوٺ جي جهازي انجنيئر شاهنواز سومرو سان ملاقات ٿي. مون سمجھيو هو اڃان تائين جهازن تي آهي ۽ سندس جهاز هن بندرگاهه بالٽيمور ۾ ڪو آيل آهي، پر هن ٻڌايو ته هن جهازي نوڪري ڏهاڪو کن سال اڳ ڇڏي ڏني ۽ هِتي ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد هِتي ئي نوڪري ۾ لڳي ويو ۽ هاڻ کيس پنهنجو بزنيس آهي، جنهن ۾ هِتي جا مڪاني ماڻهو به نوڪري ڪن ٿا. پاڻ ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پورٽلينڊ شهر کان ٻن ڏينهن کان هِتي آيل هو ۽ اهو واقعي عجيب اتفاق هو جو اسان ٻنهي جو بالٽيمور ۾ هجڻ ڪري ملاقات ٿي وئي، نه ته آمريڪا جي جنهن رياست Oregon ۾ هن جو گهر ۽ بزنس آهي، اها هِتان، نيويارڪ يا بالٽيمور کان ايترو پري آهي جيترو ڪراچي کان سنگاپور. بهرحال مطلب اهو آهي ته اڄڪلهه آمريڪا (USA) جهڙو ڏورانهون ملڪ به ڌاريون يا اوپرو نٿو لڳي. سنڌ جي به هر شهر هر ڳوٺ جو ڪو نه ڪو ماڻهو مليو وڃي. هر هڪ جو ڪو نه ڪو ويجھو نه ته ڏورانهون مائٽ مٽ مليو وڃي ۽ اها اڪيلائي ۽ ڌاريائپ محسوس نٿي ٿئي، جيڪا ٽيهه چاليهه سال اڳ هِتي USA ۾ ٿِي ٿي. ڪن ڪن ڳوٺن، ذاتين ۽ قبيلن جا ته ايترا ماڻهو آهن جو “سڀ هتڙي ئي ته آهيون” وارو چرچو ياد اچي ٿو.
    ڪنهن قيديءَ سان ڪو به ٻاهران ملڻ نٿي آيو. هڪ ڏينهن جيلر پڇيس سڄو سال گذري ويو آهي، پر توسان ڪو به ٻاهران ملڻ نه آيو آهي. قيديءَ ٻڌايس ته هن جو ڪو به مٽ مائٽ ناهي جو ملڻ اچي.
    “ڀلا ڪو سوٽ ماسات؟”
    “نه سائين.”
    تنهن تي جيلر حيرت مان چيس، “پوءِ هِتي جيل ۾ اڪيلائي محسوس نه ٿو ڪرين؟”
    “نه سائين ڇا جي اڪيلائي. سڀ مائٽ مٽ هتڙي ئي ته آهن.”
    سو اسان جي ڳوٺ جي عرساڻين يا ٺٽي جي قلباڻين، ٽنڊو محمد خان جي ڏاهرين، ماتلي ۽ ٽنڊو سومرو پاسي جي نظاماڻين ۽ ٻين ڪيترن کي هر سال وڏا وڏا ڀاڙا ڀري ڳوٺ وڃي مائٽن مٽن سان ملڻ جي ڪا ضرورت ناهي، جو انهن مان گهڻي ڀاڱي هِتي آمريڪا ۾ ئي رهن ٿا.


    آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي

    ٻه چار لفظ آمريڪا جي صدر ڪينيڊي بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيڪو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (جڏهن اسان انٽر ڪري، پروفيشنل تعليمي اداري ۾ جهاز رانيءَ جو علم سکڻ لاءِ گهڙيا هئاسين) اسان شاگردن جو مشهور ۽ دلپسند ماڻهو هو. آئون صدر نٿو چوان، اهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هو.
    اڄڪلهه يعني گذريل ويهن ٽيهن سالن کان ڏسان پيو ته آمريڪا جو هر صدر عتاب ۾ آهي يعني سڄي دنيا جون گاريون کائيندو رهي ٿو. دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو وس پڄي ته هو رهڻ به آمريڪا USA ۾ ٿو چاهي، ساڳي وقت گاريون به آمريڪا جي عوام ۽ حڪومت کي ڏئي ٿو. پر سٺ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن ڪينيڊي آمريڪا جو پنجٽيهون صدر چونڊجي آيو هو، ته هو پنهنجي دلچسپ شخصيت ۽ خوبصورت شڪل ڪري نوجوان طبقي ۾ ائين پاپولر هو جيئن ڏهاڪو کن سالن بعد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پسند ڪيو ويو هو. اسان جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اسان ڪئڊٽن ٿي سگهي ٿو ته ڪينيڊيءَ کي ان ڪري به پسند ڪيو ٿي ته هو سٺو نيول آفيسر هو. هن جي ان بهادري ۽ همٿ کان هر ڪو واقف هوندو ته 1943ع ۾ (جڏهن اڃان ٻي جنگ عظيم هلي رهي هئي) ۽ هي هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ نما جهاز تي ڪمانڊنگ آفيسر هو ته هڪ وڏي جپاني destroyer جهاز هن جي مٿان جلهه ڪري، سندس ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪينيڊي جيتوڻيڪ تمام گهڻو زخمي ٿي پيو، پر تنهن هوندي به هن اڪيلي سر، اونداهي ۽ طوفاني رات ۾ بچي ويلن کي مشڪل مان ڪڍي سلامتيءَ سان ڪناري تي اندو.
    آمريڪا جو هي صدر ڪينيڊي (سڄو نالو جان فزگرالڊ ڪينيڊي) ليکڪ به هو. هن کي سندس هڪ ڪِتاب Profiles In Courage تي پلٽرز پرائيز به مليو. هي ڪِتاب 1956ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو ۽ اسان جي مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي لئبرريءَ ۾ ان جو ٻيو يا ٽيون ڇاپو موجود هو، جنهن کي ڪيترن ئي ڪئڊٽن شوقَ سان پڙهيو. ان کان اڳ هارورڊ ڪاليج مان 1940ع ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ وقت جيڪا هن Why England Slept ٿيسز لکي، سا به بيحد دلچسپ آهي ۽ اِهو ڪِتاب پنهنجي وقت جو Best Seller ڪتاب پڻ رهيو.
    ڪينيڊي آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو صدر هو. هن لاءِ دنيا جي ماڻهن کي پيار يا همدردي شايد ان ڪري به آهي جو هن جيتوڻيڪ چڱا ڪم پئي ڪيا پر هن کي صدارت دوران قتل ڪيو ويو. سندس اصل قاتلن جو اڄ ڏينهن تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. مرحوم ڀُٽي وانگر سندس تقريرن جا به ڪي ڪي جملا نوجوان ٽهي ۾ ڏاڍا مشهور هوندا هئا. سندس Inaugurat تقريرَ جو هي جملو مون کي اڄ به ياد آهي جيڪو ان وقت اسان ٻڌي واهه ڪئي هئي ۽ رکي رکي ورجائيندا رهندا هئاسين.
    “Ask not what your country can do for you, ask what you can do for your country”
    ڪينيڊيءَ جا وڏا آئرلينڊ کان آمريڪا آيا هئا. پاڻ 1917ع ۾ مئساچوسيٽ رياست جي شهر بروڪلائين ۾ ڄائو. سندس اٺ ڀائر ۽ ڀينرون هئا. هو انٽرنيشنل رليشن ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد نيوي ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ تي بوسٽن واري علائقي مان ڊيموڪريٽ ڪانگريس مئن چونڊيو. 1953ع ۾ سينيٽ ۾ داخل ٿيو. ان ئي سال جئڪلين سان شادي ڪيائين. 1961ع واري اليڪشن ۾ ريپبلڪ جي نمائندي رچرڊ نڪسن جي مقابلي ۾ اليڪشن کٽي، ملڪ جو پنجٽيهون صدر ٿيو.
    ڪينيڊي جي ڏينهن ۾ روس به زور تي هو. اڄ وانگر آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور نه هو. ڪن ڪن ڳالهين ۾ ته لڳندو هو ته روس آمريڪا کان گهڻو طاقتور ۽ خوفناڪ آهي. ڪينيڊي جي ڏينهن ۾ روس پنهنجي حامي ملڪ ڪيوبا ۾ نيوڪليئر ميزائيل فٽ ڪرڻ ٿي چاهيا. ڪيوبا ٻيٽ آمريڪا (خاص ڪري ان جي فلوريڊا رياست) کان سڏ پنڌ تي آهي. سڄي دنيا تجسس ۾ اچي وئي ته هاڻ اجھو ٿو آمريڪا جو ٻيڙو ٻُڏي ۽ آمريڪا جو ننڍي عُمر جو صدر ڪينيڊي، جنهن کي صدر ٿئي اڃا سال به نه ٿيو، اهو ٿو هيٺائين وٺي. ڇو جو ٻيءَ صورت ۾ دنيا نيوڪليئر جنگ جو شڪار ٿي ويندي. پر ڪينيڊي وڏي دليري سان روس کي اهڙو ته دڙڪو ڏنو، جو هو چوويهه ڪلاڪن اندر ڪيوبا مان پنهنجا ميزائيل پٽرائي جِتان آيو هو اوڏانهن روانو ٿي ويو. ان وقت ئي ڪيترن ڏاهن اها ڳالهه ڪئي ته روس رڳو ٻاهريون ڀڀڪو ڪري رهيو آهي باقي اندران کوکلو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن اچي پٽ پوندو. بهرحال، جيڪو هر هڪ محسوس پئي ڪيو ته ڪينيڊي جي دڙڪي تي روس آمريڪا جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھي چوندو ته تنهنجي اهڙي يا تهڙي.... سو نه ٿيو. هڪ دفعي وري ڪينيڊيءَ جي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس نوڪري پڪي ٿي وئي ۽ هو پنهنجي Goal ڏي وڌڻ لڳو، جيڪو هو:
    “A work of law and free choice, banishing the world of war and coercion.”
    بهرحال روس کُلي طرح وري آمريڪا جو نالو نه ورتو. يونائيٽيڊ نئشن جي اسيمبلي ميٽنگن ۾ خروشچيف پنهنجو جوتو لاهي ٽيبل تي ٺوڪيندو رهيو. ڪيوبا جو فِڊل ڪاسٽرو پڻ گجگوڙ ڪندو رهيو پر بقول اسان جي پيٽارو جي ساٿي ڪمڊور زين العابدين شاهه جي (جيڪو آمريڪا ۾ ڪافي وقت رهيو آهي) ۽ ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت کان واقف آهي) ڪيوبا جا اهي فقط هوائي دڙڪا هئا. بهرحال روس جي آمريڪا کي ڌڪ پٽيو ته اهو ويٽنام جنگ ۾، جنهن جو بدلو آمريڪا وارن افغانستان مان روسين کي ڀڄائي لٿ پٿ ڪيو.


    ڪينيڊيءَ جا قاتل ڪير هُئا؟

    22 نومبر 1963ع تي ڪينيڊي پنهنجي زال سان گڏ تقريري دوري تي ٽيڪساز رياست جي شهر دلاس مان، کليل موٽرڪيڊ ۾ لنگهي رهيو هو، ته کيس گولي لڳي ۽ پنهنجي زال جئڪلين جنهن کي پيار مان جئڪي سڏيندو هو، ان جي ٻانهن ۾ وڃي ڪريو.
    آمريڪا جي هن صدر ڪينيڊيءَ جِتي جيئري ڪيتريون ئي حيران ڪندڙ ڳالهيون ڪري ڏيکاريون، ويندي ناسا طرفان خلا ۾ راڪيٽ ڇڏڻ جو پروگرام به ڪينيڊيءَ شروع ڪرايو، اتي سندس وفات بعد به سندس ڪيترين ئي ڳالهين سندس ملڪ جي ماڻهن سان گڏ دنيا کي به حيران ڪري ڇڏيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته دنيا جي اهڙي اهم ماڻهوءَ جي قتل جي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي ته ان قتل جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا ۽ اصل قاتل اهو ئي هو جنهن کي پوليس اڳيان ڪيو يا ڪو ٻيو.
    22 نومبر 1963ع تي جمعي ڏينهن ساڍي ٻارهين بجي ڪينيڊي جي کليل موٽر ڪار تي گولين جو وسڪارو ٿيو. شامَ جو ستين بجي اوسوالڊ (Lee Harvey Oswald) نالي هڪ همراهه کي ڊلاس شهر جي هڪ پوليس واري کي مارڻ جي ڏوهه ۾ جھليو ويو ۽ پوءِ ان ئي شخص تي رات جو ساڍي يارهين بجي اهو الزام مڙهيو ويو ته هن صدر ڪينيڊيءَ جو به قتل ڪيو آهي. يعني ساڍن چئن ڪلاڪن بعد اوسوالڊ تي صدر جي خون جي به چارج لڳائي وئي. اوسوالڊ پوليس جي ئي ڪسٽڊي ۾ هو، يعني لاڪپ وغيره ۾ ته ٻن ڏينهن بعد جئڪ ربي نالي هڪ ٻئي همراهه اوسوالڊ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. ڪينيڊيءَ جي مرڻ بعد لِنڊن جانسن، جيڪو پهريون وائيس پريزيڊنٽ هو، ملڪ جو صدر ٿي ويو، جنهن اوسوالڊ جي قتل کان پورا پنج ڏينهن پوءِ ڪميٽي ٺاهي ته قتل جي جاچ ڪئي وڃي. ان ڪميٽيءَ (Waren Commission) اها رپورٽ ڏني، ته اوسوالڊ اڪيلي سر قاتل هو. بهرحال نقادن تن ڏينهن ۾ ئي ان قتل بابت ڪيتريون ئي ٿيوريون ٻڌايون ته ڪينيڊي جو قاتل هڪ عام ماڻهو Oswald نه هو. اوسوالڊ پاڻ به پوليس لاڪپ ۾ اهو چوندو رهيو ته هن ڪينيڊيءَ تي گوليون ناهن هلايون ۽ کيس ٻئي جي بدران استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو فوٽو جنهن ۾ هو بندوق سان ڏيکاريل آهي اهو سندس نه، پر ڪنهن ٻئي جو آهي ۽ اهو ٿابت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته سندس چهرو بندوق جھلي بيهڻ واري همراهه جي منهن تي چنبڙائي پوءِ ٻيو فوٽو ڪڍيو ويو آهي.
    اوسوالڊ جي پنهنجي قتل بعد سندس ڏوهه يا معصوميت ڪورٽ ۾ ثابت ٿي نه سگهي. ڪيترائي ڏوهن جي دنيا جا ڄاڻو اهو ئي سمجھن ٿا، بلڪه پڪ اٿن ته اصل قاتلن کي بچائڻ لاءِ اوسوالڊ کي اڳيان ڪيو ويو هو.
    ڪينيڊي جي قاتل جي ڳولا بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، ناول، فلمون ۽ افسانا ڇپجي چڪا آهن جن ۾ گهڻي ڀاڱي جن تي شڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي انهن مان ڪجهه هي آهن: آمريڪا جي CIA، مافيا، روس جي KGB، ڪيوبا جو فِڊل ڪاسٽرو، آمريڪا جو وائيس پريزيڊنٽ لِنڊن جانسن ۽ آمريڪي فوجي جرنيل وغيره.
    ڪينيڊي جي لاش کي هميشه لاءِ آرلنگٽن قومي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. آمريڪا جا ماڻهو ڪينيڊي، ابراهم لنڪن، جارج واشنگٽن ۽ فرئنڪلن روز ويلٽ کي آمريڪا جا بهترين صدر مڃين ٿا. ڪينيڊي جي ياد ۾ نيويارڪ جي Ideewilk هوائي اڏي جو نالو بدلائي جان ايف ڪينيڊي رکيو ويو. سندس ياد ۾ جيڪا ٽپال جي ٽڪلي شايع ڪئي وئي، ان جي اڌ تي سندس تصوير آهي ۽ ٻئي اڌ تي ڏيو ٻَري رهيو آهي، جنهن جي مٿان لکيل آهي:
    “And the glow from that fire can truly light the world.”
    ان کان علاوه ڪينيڊي جي ياد ۾ ٻيون شيون، جيڪي آمريڪا ۾ نظر اچن ٿيون، هن ريت آهن:
    - آمريڪا (USA) نيوي جي هڪ وڏي ايئر ڪرافٽ ڪئريئر جو نالو USS John F. Kennedy آهي.
    - آمريڪا جي صدارتي لئبرري جو نالو ڪينيڊي لئبرري آهي.
    - ڪئليفورنيا جي تعليم بالغان جي يونيورسٽي جو نالو ڪينيڊي يونيورسٽي آهي.
    - Cape Canaveral جو نالو ڪيپ ڪينيڊي رکيو ويو پر اڄڪلهه وري ساڳي نالي سان سڏجي ٿي.
    - سڄي آمريڪا ۾ سوين اسڪول ڪينيڊي جي شانَ ۾ سندس نالي تي آهن.
    - آمريڪا جي اڌ ڊالر واري سڪي تي ڪينڊي جي شڪل آهي وغيره وغيره.


    جئڪي اسان جي فئوريٽ، اوناسز اسان جو باس

    صدر ڪينيڊي سان وابسته حيرت ۾ وجھندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهين ۾ اها به آهي ته صدر ڪينيڊي جي نوجوان ۽ خوبصورت زال جئڪلين پنهنجي مڙس جي قتل بعد نه فقط شادي ڪئي پر هن پاڻ کان تمام گهڻي پوڙهي (28 سال وڏي) ڌارئين ملڪ (يونان) جي واپاري (جهازن جي سوداگر) سان شادي ڪئي. جئڪلين جيڪا پنهنجي مڙس ڪينيڊي جي مرڻ تي منهن تي ڪارو نقاب چاڙهي غمگين ٿي پئي هلندي هئي. تنهن جي هن اوچتي شاديءَ تي دنيا جي ماڻهن کي وڏي حيرت لڳي ۽ دلچسپ ۽ چٽپٽو مواد لکڻ لاءِ نه فقط شام جي اخبارن کي مهينن لاءِ مواد ملي ويو پر ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙن رسالن به پنهنجا ٽائيٽل ڪور وقف ڪري ڇڏيا. منهنجي خيال ۾ اڄ جي ٽهيءَ جي شهزادي ڊائنا بابت ايترو گهڻو ۽ ايتري شوقَ سان ۽ ايتري وڏي عرصي تائين نه پڙهيو هوندو، جيترو اسان ان وقت 1961ع کان ڪينيڊي جي ايڪشن، قتل، جئڪي جي شادي ۽ سندس ان پوڙهي مڙس جي مرڻ ۽ ان بعد ڇڏيل ملڪيت ۽ اوناسز جي پهرين ڪنهن زال جي ڌيءَ ۽ جئڪلين جي جھڳڙن ۽ آخر ۾ جئڪلين جي مرڻ تائين اسان پڙهيو هوندو ۽ ڪينيڊي ۽ ان جي فئملي، جئڪلين ۽ جهازن جي يوناني سوداگر اوناسز تي جيترا ڪِتابَ ۽ ڪهاڻيون ڇپيون هونديون، اوتريون ورلي ڪنهن ٻئي بابت اڄ جي دور ۾ شايع ٿيون هونديون. اسان جي ڏينهن ۾ انٽرنيٽ يا ٽي وي به ته اڃان ايڏو پاپولر نه ٿي هئي ۽ اسان Bay Watch يا “ساس بهي ڪڀي بهو ٿي” جهڙا پروگرام ڏسي، دل وندرائڻ بدران ڪينيڊي، جئڪلين اونساسز جهڙن جون ذاتي ڳالهيون ۽ اسڪينڊل پڙهي خوش ٿيندا هئاسين.
    جئڪلين جا وڏا فرينچ هئا. سندس پڙڏاڏو يا تڙڏاڏو مائيڪل بوويئز 1815ع ۾ فرانس ڇڏي اچي فلڊلفيا ۾ Settle ٿيو هو. جئڪلين پاڻ به انگريزيءَ کان علاوه فرينچ ۽ هسپانوي زبانن ۾ ڀڙ هئي. هوءَ 23 سالن جي هئي ۽ واشنگٽن ٽائيمز اخبار ۾ فوٽوگرافر طور ڪم ڪري رهي هئي ته هن جي 1952ع ۾ ڪينيڊيءَ سان ملاقات هڪ ڊنر پارٽي ۾ ٿي. ان وقت ڪينيڊي 35 سالن جو هو. سال کن جي دوستي بعد 1953ع ۾ سندن شادي ٿي. پورن ڏهن سالن بعد ڪينيڊي جو قتل ٿيو، جئڪلن ان وقت 34 سالن جي هئي. پنجن سالن بعد هن مسٽر اوناسز سان شادي رچائڻ جو اعلان ڪيو. ظاهري طرح هيءَ شادي 1968ع ۾ وڏي ڌوم ڌام سان ٿي پر پوءِ ٿورن ئي سالن ۾ هنن جا ملڪيت ۽ ٻين ڳالهين تان جھيڙن جا قصا اخبارن ۾ ايندا رهيا. جئڪلين بدران اوناسز جڏهن پئرس ۾ ڪنهن خوبصورت ماڊل يا ائڪٽريس سان ڊنر کائيندي ڏٺو ويو ۽ جئڪلين کي نيويارڪ ۾ پنهنجن هم جيڏين سان گهمندو ڏٺو ويو ته ڪيترن ئي کي تشويش ٿي. اخباري نمائندن جي گهڻي پڇ پڇ تي هڪ دفعي اوناسز جيڪو بيان عام لاءِ جاري ڪيو، ان ڪيتري حد تائين افواهن ۾ ماٺار آندي. پڪ سان نٿو چئي سگهجي پر سندس اهي ڊائلاگ اڃا تائين منهنجي ڪاپيءَ تي درج ٿيل آهن جن مان لڳندو هو ته يوناني پوڙهو واهه جي فلاسافي ٿو ٺوڪي ۽ ادب جي پالوٽ ٿو ڪري، اچي:
    Jackie is a little bird that needs its freedom as well as its security and she gets them both for me.”
    هن وڌيڪَ چيو:
    She can do exactly as she pleases - visit international fashion shows and travel and go out with friends to the theatre or any place. And I of course, will do exactly I please. I never question her any and she never questions me.”
    انهن ڏينهن ۾ اسان کي وڻندي جئڪي (جئڪلين) هئي پر اسان جو صاحب ۽ پريو مڙس اوناسز هو، جو اسان جي ڪيترن ڪلاس ميٽن هن جي يوناني جهازن تي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هن پنهنجي ڪم وارن جو وڏو خيال رکيو ٿي.
    اوناسز ۽ جئڪي جي وچ ۾ ويا ويڇا وڌندا. هنن هڪ ٻئي کان کلئي عام طلاق نه ورتي، باقي آخر تائين پاڻ ۾ ٺهيا ڪونه. ايتري قدر جو اوناسز ڏٺو ته سندس مرڻ بعد يونان جي قانون مُطابق سندس ملڪيت جو چوٿون حصو جئڪلين کي ملندو، سو پنهنجي ملڪ جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڏاڍو چيائين ته هو ڪو قانون پاس ڪرائين، جنهن ۾ بيواهه عورتن جو حصو رد ڪيو وڃي. 1975ع ۾ جڏهن اوناسز پئرس ۾ وفات ڪئي، ته هن سان گڏ سندس يوناني ڌيءَ ڪرسٽينا هئي. جئڪي نيويارڪ ۾ رهيل هئي. اوناسز جي ڇڏيل ملڪيت جي سلسلي ۾ ڪيس هليو ۽ ٺاهه مُطابق جئڪيءَ کي ويهه ملين ڊالر مليا. جيتوڻيڪ هن جي حصي ۾ 125 ملين ڊالرن کان به مٿي آيو ٿي.
    جئڪيءَ زندگيءَ جا آخري ڏينهن آمريڪا ۾ ئي گذاريا ۽ 19 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس پهرين مڙس جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
    اوناسز جو سڄو نالو ارسٽائلز ساڪرئٽس اوناسز هو. پاڻ 15 جنوري 1900ع تي سلطنت عثمانيه جي شهر Smyrna ۾ ڄائو. (جيڪو هينئر ترڪيءَ جو شهر ازمير آهي) پهرين جنگ عظيم بعد ترڪن يونانين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ اوناسز وارا به پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي يونان هليا ويا. جِتان پوءِ اوناسز ارجنٽائين (ڏکڻ آمريڪا) 1920ع ۾ پهچي، پنهنجن وڏن جو تماڪ جو ڌنڌو سنڀاليو. 1925ع ڌاري هن کي يونان ۽ ارجنٽائين جو پاسپورٽ مليو. 1950ع ۾ هن پهريون پاڻيءَ جو جهاز خريد ڪيو جنهن تان اٿندي ئي کيس ايڏو فائدو ٿيو جو هڪ ٻئي پويان ڪيترائي جهاز خريد ڪندو رهيو. ان کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سندس هوٽلون هلڻ لڳيون. يونان جي مشهور هوائي جهازن جي ڪمپني Olympic Airlines جو مالڪ به اوناسز هو ۽ هاڻ سندس پهرين زال جي 56 سالن جي ڌيءَ ڪرسٽينا آهي.


    ڪهڙو آمريڪا ؟

    اسان ڪهڙي آمريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ توهان جي اڳيان جي دنيا جو گولو آهي ۽ ان کي گول ڦيرائي ڏسندؤ ته پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿي ويندوَ ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي اڌ کان وڌيڪ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. زمين اڌ کان گهڻي گهٽ آهي ۽ اها زمين هڪ ئي چَڪَ (وڏي Piece) ۾ هجڻ بدران ڇهه ست ٽڪرن ۾ آهي، جيڪي کنڊ Continents ٿا سڏجن. انهن مان هڪ ننڍو ٽڪراٽو هيٺ ڏکڻ اڌ گول ۾ آسٽريليا آهي. جتي اسان رهون ٿا، اتي يڪا ٽي ٽُڪر (کنڊ) ايشيا، يورپ، آفريڪا نالي آهن، جيڪي معمولي ۽ سنهين پٽين سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ پوءِ ڪافي پري اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان پاناما، ڪاسٽاريڪا، نڪراگئا جهڙن پنج ڇهه سنهن ملڪن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وچ آمريڪا جا ملڪ سڏجن ٿا.
    اتر آمريڪا واري کنڊ ۾ ڪئناڊا، USA ۽ ميڪسيڪو ملڪ آهن، ڏکڻ آمريڪا واري کنڊ ۾ چلي، ارجنٽائن، بولويا، برازيل، پيرو، ڪولمبيا، وينزويلا جهڙا ملڪ آهن. انهن سڀني ملڪن جا ماڻهو پاڻ کي آمريڪا سڏائڻ ۾ حق بجانب آهن، جيئن اسان وٽ ايراني، سعودي يا فلپينو ۽ جپاني پاڻ کي ايشيائي سڏايون ٿا. جيئن SANA نالي هڪ سنڌين جي ايسوسيئيشن آهي، جنهن جو نالو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا آهي. هن ۾ فقط USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جا ميمبر نه آهن، پر ڪئناڊا جا به آهن، ڇو جو ڪئناڊا به اتر آمريڪا کنڊ جو حصو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو گهڻو واسطو USA سان پوي ٿو، ان ڪري اسان لاءِ آمريڪا معنيٰ USA ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس معنيٰ آمريڪا آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه، آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کنڊ ته هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري صدين کان هڪ کنڊ جي ماڻهن جي ٻئي کنڊ تائين اٺ گهوڙن تي يا پيرين پيادي اچ وڃ لڳي پئي هئي. آمريڪا جي، اسان کي خبر ئي نه هئي. آمريڪا جي هڪ پاسي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ خطرناڪ سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي ته ٻئي پاسي ان کان به وڏو سمنڊ پئسفڪ آهي. يورپ، ايشيا يا آفريڪا جا ماڻهو آمريڪا پهچن ته ڪيئن پهچن؟ آمريڪا باقي کنڊن سان نه خشڪي رستي ڳنڍيل هو ۽ نه وري ڪي اهڙا پاڻيءَ وارا جهاز نڪتا هئا جو ڏينهن جا ڏينهن هلي آمريڪا پهچن. يورپي انڊيا يا چين به پهرين خشڪي رستي پهتا ۽ پوءِ، گهڻو گهڻو پوءِ، سندن جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ اڪري هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتا ۽ پوءِ منزلون هڻندا، انڊيا جي بندرگاهن ڪوچين، سورت وغيره کان اچي نڪتا. پنج ڇهه سؤ سال کن اڳ تائين ته سڀني سمجهيو ٿي ته دنيا اها ئي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا تائين محدود آهي. چين ۽ جپان کان ڪو پنهنجو ٻيڙو پئسفڪ ۾ ڪاهي ويو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد پويان پير ٿي ڪيائين، جو اڳتي ڪنهن منزل، ڪنهن ڌرتيءَ، ڪنهن تڙ جي اميد نه هئي. اهو ئي حال ائٽلانٽڪ پاسي هو. يورپ يا آفريڪا کان ڪنهن به اولهه جو رخ رکيو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد مايوس ٿي موٽيو ٿي.
    پوءِ آمريڪا جو کنڊ ڪولمبس وڃي ڳولي لڌو. ڳولي ڇا لڌو، هو ته پنهنجي پر ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي پئي ويو، پر کيس هوش ئي نه رهيو ته ابتي پاسي پيو وڃي ۽ جي واقعي آمريڪا کنڊ جو وجود نه هجي ها ته هاڻ سندس راشن پاڻي ختم ٿي چڪو هو ۽ بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي تن ڏينهن ۾ نيويگيشن جا ڪچا ڪُتي جو موت مرندا هئا. پر ڪولمبس بچي ويو ۽ هڪ نئين دنيا جي خبر آڻي هيرو جو درجو حاصل ڪيائين. ڪرسٽافر ڪولمبس 1492ع ۾ يورپ ڇڏيو ۽ اٺن سالن بعد سن 1500 ۾ موٽي اچڻ تي، جنهن نئين دنيا بابت اچي ٻڌايو، اهي ڪئريبن سمنڊ جا ٻيٽ، ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۽ اتر آمريڪا کنڊ هو. يعني ان وقت جي حالتن جو جائزو لڳايو وڃي ته يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا وڃي ڪٿان جو ڪٿان پهتا هئا، پر ڪنهن کي به آمريڪا جي خبر نه هئي. جتي فقط اتي جا اصل باشندا ريڊ انڊين هئا ۽ جنگل ئي جنگل. جن ڏينهن ۾ ڪولمبس جهاز هاڪاري پئي ويو، ان وقت هندستان ۾ لوڌي گهراڻي جي حڪومت هئي. سڪندر لوڌي دهليءَ جو 1489ع کان 1517ع تائين حاڪم رهيو، جنهن کانپوءِ ابراهيم لوڌي تخت تي ويٺو. مغلن جي حڪومت 1526ع ۾ شروع ٿي. يعني بابر جڏهن تخت تي ويٺو ته اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ته سمنڊ جو ڪو ٻيو ڪنارو به آهي ۽ جتي سمنڊ ختم ٿئي ٿو، اتي ٻي ڌرتي آهي. ٻيلا ۽ جبل آهن، مٺي پاڻيءَ جا درياهه ۽ جانور آهن .... نه ته ان کان اڳ تائين هند، سنڌ ۽ چين ته ڇا يورپين به ٽوٽل ڌرتي ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جو کنڊ سمجهيو ٿي، جنهن جو وچ واقعي ميڊيٽرينين سمنڊ تصور ڪيو ويو ٿي. ان ڪري ان سمنڊ جو نالو به اهو ئي رکيو ويو يعني “ڌرتيءَ جو وچ”. مزي جي ڳالهه ته ان سمنڊ جو سنڌي يا کڻي چئجي سنسڪرت ۾ به ساڳي معنيٰ وارو نالو آهي. ڀؤنچ سمنڊ، ڀونءَ يعني ڌرتي جي وچ وارو سمنڊ.
    هڪ صدي چئجي يا کڻي سوا صدي جو اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي آهي، نه ته انگلينڊ توڙي يورپ پاسي رهڻ جنجال هو. اسان جي ايشيا پاسي هندستان هجي يا سريلنڪا، ملايا (ملائيشيا) هجي يا انڊونيشيا، کاڌي پيتي کان وٺي گهمڻ ڦرڻ جا اسان وٽ موج مزا لڳا پيا هئا. کاڌا پيتا، پوکون فصل، ميوا، ڀاڄيون، ڪاريون مريون مسالا هر شيءِ وڏي مقدار ۾ هئي. هاٿي گهوڙا، عاج، چانديون، سون، هيرا جواهر، ڪهڙي قيمتي ۽ ڪمائتي شيءِ آهي، جيڪا ايشيا ۽ آفريڪا ۾ نه هئي. يورپ پاسي ٿڌ ڪري رهڻ ته عذاب هو، پر پوک ۽ فصل جي کوٽ ڪري ماڻهو بک ٿي مئا ۽ پوءِ جيئن ئي يورپين کي ٽيڪنالاجي هٿ آئي، جهاز ٺاهيائون، تيئن پنهنجا ملڪ ڇڏي، ڦر لاءِ ٻاهر نڪري پيا. پوءِ جتي پير ڄمائڻ لاءِ پهتا ٿي، اتي ٻاهريون ٻنو اهو ئي رکيائون ٿي، ته اسان عيسائيت جو درس ڏيڻ آيا آهيون يا اسين بيمارين جو علاج ڪرڻ آيا آهيون، پر اصل ڳالهه ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان مال لٽي پنهنجي وطن يورپ موڪلڻ هو ۽ يورپين جي گهڻي ڊوڙ ننڍي کنڊ ۽ انڊونيشيا پاسي هئي، جيڪو علائقو ايسٽ انڊيز سڏبو هو.


    يورپين جو آمريڪا پهچڻ

    اڄ کان پنج سؤ سال اڳ تائين سڄي دنيا جا Navigational چارٽ ته هئا ئي ڪونه. ايسٽ انڊيز جهازن رستي وڃڻ جو مس مس اهو هڪ ئي رستو ڳولي لڌو هئائون، جنهن ۾ آفريڪا کي ڦيرو ڪري وڃڻو پيو ٿي.
    1492ع ۾ ان وقت اسپين جي راڻي صاحبه اسابيلا پنهنجي طرفان ٽي جهاز اٽليءَ جي نيويگيٽر ڪولمبس حوالي ڪري، هن کي ڏورانهين ملڪن مان مال جي ڦر لاءِ موڪليو، جنهن ۾ جهاز جو خرچ پکو ڪڍڻ بعد باقي بچت ۾ ڪولمبس جي ڏهه سيڪڙو ڪميشن مقرر ڪئي وئي هئي. ڪولمبس کي آفريڪا جو ڦيرو ڪري ايسٽ انڊيز (ملايا انڊونيشيا) پاسي وڃڻو هو، پر هن عقل جي ڊوڙ ڪري حساب لڳايو ته اوڀر پاسي وڃڻ بدران جي اولهه پاسي نڪري پوندس ته ڪجهه هزار ميلن بعد جلدي ايسٽ انڊيز پهچي ويندس ۽ اهو نه فقط ڪولمبس جو خيال هو، پر ان وقت جي هر يورپي نيويگيٽر جو خواب هو ته اهڙا رستا ڳولجن، جو منزل تي جلد ۽ ٻين کان اڳ پهچي وڃجي. ستر ڏينهن جي سفر بعد ڪولمبس جتي پهتو، اهو ڪئريبين سمنڊ جا باهاما ٻيٽ هئا. ان بعد ڪولمبس جي سندس مرڻ تائين (1504ع تائين) ۽ ان بعد ٻين جي هن پاسي اچ وڃ لڳي رهي ۽ چاليهه سالن اندر اسپيني جهازرانن هنن ڪئريبين ٻيٽن، ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا ۾ چڱي وڏي حڪومت ٺاهي ورتي.
    ڪئريبين سمنڊ وارا ٻيٽ جن ۾ ٽرنيڊاڊ، ڪيوبا، ٽوباگو وغيره به اچي وڃن ٿا ۽ جن کي ڪولمبس پنهنجن گهٽ ۾ گهٽ ٻن سفرن دوران ايسٽ انديز ئي سمجهندو رهيو، اهي هاڻ ويسٽ انڊيز سڏجن ٿا، جتان جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن.
    اسپين کانپوءِ ٻئي نمبر تي پورچوگالين، آمريڪا تي هلان ڪئي ۽ انهن ٻن جو اثر نه فقط سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا تي رهيو، پر اتر آمريڪا ۾ به سڄي ميڪسيڪو ملڪ ۽ جنهن کي اڄ اسان USA سڏيون ٿا، ان جي گهٽ ۾ گهٽ ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز، فلوريڊا ۽ لوزيانا تائين رهيو، جو اتي اڄ ڏينهن تائين اسپيني ۽ ٻئي نمبر تي پورچوگالي ڳالهائي ٿي وڃي. ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون، جيئن اسان وٽ سرائيڪي ۽ پنجابي کڻي چئجي يا سنڌي ۽ ميمڻي يا ڪڇي کڻي چئجي.
    انگريزن ۽ فرينچن آمريڪا بابت بعد ۾ ڪن کڙا ڪيا ۽ انهن جو گهڻو قبضو اتر واري حصي ۾ ٿيو، جنهن کي اڄڪلهه اسين يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ ڪئناڊا سڏيون ٿا. ڪئناڊا جون سرڪاري ٻوليون انگريزي ۽ فرينچ آهن. USA جي جيتوڻيڪ انگلش آهي پر ٻار آپشنل سبجيڪٽ اسپيني ٻولي کڻن. اسان جي سنڌي دوستن جا ٻار به هڪ ٻئي سان انگريزي کان علاوه اسپيني ڳالهائين ٿا، جو اي ليول امتحانن ۾ هنن کي اسپيني کڻڻي پوي ٿي ۽ جن اسڪولن ۾ هو وڃن ٿا، انهن ۾ اسپيني ڳالهائيندڙ ٻارن جو وڏو تعداد هجڻ ڪري، هو رسيس ۾ هڪ ٻئي سان اسپيني ئي ڳالهائين. هونءَ سواءِ هڪ ننڍڙي ملڪ سرينام جي ٻي سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جي ملڪن ۾ اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي. مون سان گڏ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي هر ملڪ جو ڪلاس ميٽ هو. فقط USA کان آيل همراهه انگريزي ڳالهائيندو هو، باقي چِلي، برازيل، وينزويلا، ڪولمبيا، ارجنٽائين ۽ پئراگئي کان وٺي ڪاسٽريڪا، نڪراگئا، پاناما، هانڊرس، ميڪسيڪو ۽گئاٽامالا جا شاگرد اسپيني ڳالهائيندا هئا يا پورچو گالي. سائوٿ آمريڪا ۾، خاص ڪري برازيل ۾ هسپانوي مسلمان به ڪافي رهن ٿا، جن مان ڪيترن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته مسلمانن جي اسپين تي حڪومت ختم ٿيڻ بعد قرطبه ۽ اندلس جا ڪيترا مسلمان يورپي ۽ عرب هيڏانهن هليا آيا هئا.
    بهرحال جيئن جيئن يورپين کي هن نئين دنيا (آمريڪا کنڊن) جي خبر پوندي وئي، هو جٿن جي صورت ۾ آمريڪا ڏي پهچڻ لڳا. ڪن کي حڪومتن Sponsor ڪيو ٿي يعني حڪومتن هنن کي جهازن ۽ مسافري جي سامان سان گڏ موڪليو ٿي، ته ڪن کي وڏن واپارين ۽ امير ماڻهن. پهرين ته بزنيس ۽ ٽريڊنگ پوسٽون قائم ٿينديون رهيون پر پوءِ سگهو ئي قبضا ۽ Colonization شروع ٿي وئي.
    آمريڪا ۾ پهرين ڪامياب ڪالوني تقريبن هڪ سئو سالن بعد 1607ع ۾ انگريزن جيمس ٽائون وٽ ٺاهي، جيڪو شهر اڄ واري ورجينا رياست ۾ آهي. ڪجهه سالن بعد چرچ انگلنڊ جي مذهبي ظلمن کان ڀڄي، انگريز Puritan عيسائي آمريڪا آيا ۽ 1620ع ۾ انهن پلاءِ مائوٿ ڪالوني ٺاهي، جيڪا اڄڪلهه مساچوسيٽ رياست آهي. ائين ته يورپ جي ٻين ملڪن جا ماڻهو به آمريڪا ۾ آيا پر ڪالوني ٺاهي قبضو ڪري ويهڻ ۾ انگريزن جو جواب ناهي .... جيئن گڏيل هندستان ۾ هنن ڪيو. آمريڪا ۾ به جيتوڻيڪ پهرين پورچو گالي۽ ٻيا يورپي آيا .... انگريز آخر ۾ آيا پر اهڙا نمونا ڪيائون جو تنبوءَ مان عرب ٻاهر ۽ اٺ اندر ٿي ويو. آمريڪا ۾ به ائين ٿي ويو. 1933ع تائين انگريز ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري سان لاڳو نيو هئمسفائر کان نارٿ جارجيا تائين تيرهن ڪالونيون ٺاهي ورتيون. فرينچن جو قبضو هڪ ته ڪئناڊا تي رهيو ۽ ٻيو USA جي اڄ واري لوئيزيانا رياست تي، جنهن ۾ سڄي مسي سپي ندي به شامل هئي.
    هي فرانس ۽ انگلنڊ وارا جيڪي هاڻ چڱا مڙس ٿيو پيا هلن ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي، جرمنن سان مقابلو ڪيو هئائون، تن جو اتر آمريڪا جي ڌرتي کسڻ ۾ هڪ ٻئي سان چانڊين مگسين واري لڳل هئي. ارڙهين صديءَ ۾ انگريزن ۽ فرينچن جون نارٿ آمريڪا هڙپ ڪرڻ تان پاڻ ۾ ڪيتريون ئي لڙايون هليون. آخري لڙائي جيڪا ست سال هلي ۽ 1763ع ۾ ختم ٿي، تنهن ۾ ڪئناڊا ۽ مسي سپي جو سڄو اوڀر وارو پاسو انگريزن والاريو.
    بهرحال هي جنگين جو سلسلو اتي ختم نٿو ٿئي، ان بعد وري انگريزن جي ڪالونين جي پنهنجي ملڪ انگلنڊ سان ٽيڪس تي لڙائي هلي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ جنگيون هليون، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ سڀني کي مٿي ۾ سور وجهڻو آهي. بس سمجهو ته پوءِ سڀ حصا پتيون ڪري سڌري ويا ۽ civilized ٿي اوڳرايون ڏيئي باقي دنيا کي باشن ڏيڻ لڳا. آمريڪا ۾ لڏي رهڻ وارن پنهنجين اباڻين حڪومتن مان جان ڇڏائي. هتي جو اصلي باشندو ريڊ انڊين وغيره جيڪو هنن يورپين ۽ انگريزن جي اچڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي تي سڪون سان رهيو پيو هو اهو ويچارو اڄ تائين غريب مسڪين ٿيو پيو هلي ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ در در جا ڌڪا پيو کائي.


    آمريڪا وارن پنهنجين حڪومتن مان جان ڇڏائي

    انگلنڊ ۽ يورپ کان جيڪي ماڻهو آمريڪا اچي رهيا هئا، انهن تي سندن اباڻين حڪومتن، خاص ڪري انگلنڊ ڪنٽرول رکڻ چاهيو ٿي، پر پوءِ مڙيئي وڙهي جڙهي هڪ ٻئي مان جان ڇڏايائون ۽ آمريڪا وارن کي آزادي نصيب ٿي. چون ٿا ته ان آمريڪي انقلاب جي آخري جنگ 1781ع ۾ ورجينيا جي يارڪ ٽائون شهر ۾ لڳي، جنهن ۾ آمريڪن فرينچن گڏجي انگريزن کي اهڙا کلا هنيا، جو انگلنڊ وارن کي آخرڪار آڻ مڃڻي پيئي. آمريڪا جي ڪن حصن ۾ اها لڙائي وڌيڪ ٻه سال هلندي رهي پوءِ سرڪاري طرح 1783ع ۾ “پئرس سمجهوتي” هيٺ ختم ٿي وئي، جنهن موجب انگلنڊ آمريڪا ۾ رهندڙن جي آزادي ۽ ملڪ تسليم ڪيو.
    ان جنگ جو هيرو آمريڪا جي مشهور شخصيت جارج واشنگٽن هو، جيڪو پوءِ آمريڪا جو پهريون صدر ٿيو. هڪ ٻيو همراهه جنهن هن آزادي جو پڌرنامو لکيو ۽ آئين لکڻ ۾ مدد ڪئي، اهو ٿامس جيفرسن هو .... جيڪو پوءِ اڳتي هلي 1801ع ۾ آمريڪا جو ٽيون صدر چونڊيو. فرانس جو جيڪو مسي سپي ندي جي کاٻي پاسي وارو علائقو هو، اهو هن صدر فرانس کي پئسا ڏئي خريد ڪري، آمريڪا USA ۾ ملايو، جيڪو لڳ ڀڳ ٻه ملين چورس ڪلوميٽر ڌرتي ٿيندي ۽ هوڏانهن فرانس کي به ڪهڙو سور! ڪهڙي سندن پيءُ ڏاڏي جي جاگير هئي. جن ريڊ انڊين جي ڌرتي هئي انهن جي ڪهڙي مجال جو ڪجهه ڪڇن! ويتر وڏو الميو اهو جو هيستائين هنن جو تعداد ئي گهٽجي گهٽجي وڃي فقط نمائش جوڳو بچيو هو.
    فرانس ۽ انگلنڊ وارن جي آمريڪا جهڙي ڏورانهين ڏيهه ۾ رهندڙ سندن ماڻهن تي نه کڻي نه هلي سگهي پر انهن ئي ڏينهن ۾ هنن جا ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ ۾ ته مزا ٿي رهيا هئا. ٺيڪ ان سال يعني 1801ع ۾ جڏهن ٿامس جيفرسن آمريڪا جو صدر ٿيو، ته فرانس مصر تي قبضو ڪيو ۽ هوڏانهن انگريزن جو جنرل ليڪ دهليءَ ۾ گهڙيو. مغل حڪومت تيستائين اڳڙين جي گڏين وانگر ٿي چُڪي هئي، جنهن کي پوءِ پنجاهه سالن بعد 1857ع ۾ هميشه لاءِ خاموش ڪرايو ويو. ان کان اڳ 1839ع ۾ انگريزن عدن تي قبضو ڪري ڇڏيو. اها پوري صدي چوڌاري ڦرلٽ ۽ قبضا جاري رهيا. سڀ يورپي موج مزي ۾ اچي ويا هئا. پوءِ هٽلر جڏهن ڏنڊو کنيو ۽ هتان ڏور اوڀر کان وري جپاني بدمعاشيءَ تي لهي آيا، ته سڀني جون وايون بتال ٿي ويون پوءِ ڪجهه اسان جا ليڊر پيدا ٿي پيا، ڪجهه هنن انگريزن ۽ يورپين پيدا ڪيا ۽ قبضا ڪيل ملڪ ڇڏي، وڃي پنهنجي پنهنجي گهر نڪتا.
    هوڏانهن آمريڪا ۾ رهيل يورپي ۽ انگريز زمينن تي قبضا ته ڪري ويٺا پر ڪمند، تماڪ يا ڪپهه جهڙن فصلن ۾ ڪم ڪير ڪري؟ گهاٽن جهنگن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي ڪير ڪري؟ آمريڪا جا اصل باشندا نه ايتري تعداد ۾ هئا ۽ نه اهڙا همت ڀريا. پوءِ هنن کي ان جو جواب آفريڪا ۾ نظر آيو. پوءِ آفريڪا مان جيڪو غلام انسانن جو ڪارگو سڄي صدي هليو، ان جون انيڪ ڏکوئيندڙ ڪهاڻيون، ڪتاب ۽ فلمون آهن. ڪئين آفريڪا جي شهرن ۽ جنگلن مان جوان مرد شيدين کي موچڙي مار ۽ نشي پتي تي جانورن وانگر سوگهو ڪري، جهازن ۾ اڃيو بکيو رکي آمريڪا وڪري لاءِ پهچايو ويو. انهن شيدي غلامن کان آمريڪا ۾ سخت کان سخت پورهيا ڪرايا ويا ٿي. اڄ جيڪي آمريڪا ۾ ڪارا نظر اچن ٿا، اهي گهڻي ڀاڱي انهن غلام شيدين جو اولاد آهن.
    آمريڪا (USA) جون مختلف رياستون، ٻين سڀني ڳالهين تي ته يڪدم هڪ ٿي ويون، پر غلامي ختم ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيون. 1860ع ۾ جڏهن ابراهم لنڪن (جيڪو غلاميءَ جي سخت خلاف هو) آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو ته يارهن رياستن، يونين ڇڏي الڳ ملڪ Confederate States of America ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. انهن رياستن ۾ سائوٿ ڪئرولينا، مسيسپي، فلوريڊا، الباما، جارجيا، لوئيزيانا، ٽيڪساز، ورجينيا، ارڪنساس، ٽينيسي ۽ نارٿ ڪئرولينا شامل هيون. سائين سول جنگ شروع ٿي وئي ۽ ٻه سال هلندي رهي، ايتري قدر جو هن جنگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
    The Civil war was the most traumatic episode in American History.
    بهرحال هن جنگ بعد غلاميءَ (Slavery) کي هميشه هميشه لاءِ ٻنجو اچي ويو ۽ اهو پڻ فيصلو ٿي ويو ته:
    This Country is not a collection of Semi-Independent States but an indivisible whole.
    انهن سڀني ڳالهين جي فيصلن ٿيڻ بعد 1865ع ۾ هن ملڪ جو هي صدر ابراهم لنڪن جنهن کي غلاميءَ سان نفرت هئي، تنهن کي هڪ ٿيٽر ۾ قتل ڪيو ويو.


    حيدرآباد نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏو ۽ ماڊرن هو

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا (USA) جي ترقي حيرت ۾ وجھندڙ آهي. ڏٺو وڃي ته اڄ کان پنج سؤ سال اڳ جڏهن ته يورپ توڙي ايشيا جا ڪيترائي ملڪ تمام اڳتي نڪتل هئا، آمريڪا ويران بيابان ۽ گهاٽو جنگل هو، جِتي پڪي رستي جو هڪ ميل به ٺهيل نه هو. ڪا سائيڪل، گاڏو يا ڪو اسڪول ۽ دواخانو نه هو.
    1492ع کان 1500ع تائين اسپين جي راڻيءَ طرفان ڪولمبس آمريڪا جا ٻه چار چڪر هنيا. ڪجهه ماڻهو اتي پهچايا، ڪجهه اتي جا ريڊ انڊين نموني خاطر اسپين ۾ آندائين ۽ ان سان گڏ نئين دنيا جون دلچسپ خبرون جن کي ٻڌي پورچوگالي، فرينچ ۽ ٻيا يورپين ۽ انگريز آمريڪا روانا ٿيا. ڪَلَ وارا جهاز اڃان ايجاد نه ٿيا هئا. سڙهن (Sails) تي هلندڙ ٻيڙا هفتن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئا. ان اڻانگي سفر ۾ ڪيترائي جهازي بک ۽ بيماريءَ سبب مري ويا ٿي. خراب سمنڊ، خوفناڪ ڇولين ۽ طوفانن جي سَٽَ نه سهي، جهازين سميت جهاز ٻڏي ويا ٿي. پهريان هڪ سؤ سال ته رڳو اچ وڃ لڳي رهي. يورپ جون قومون آمريڪا پهتيون ٿي جيڪي ڪجهه مال ملڪيت، سون، عاج ۽ قيمتي ڌاتو حاصل ڪري سگهيون ٿي، اهي کڻي واپس پنهنجي يورپي ملڪ ۾ خوشحالي جي زندگي گذاريائون ٿي. ان بعد آهستي آهستي هر يورپي ملڪ آمريڪا تي ليڪو ڪڍندو ويو ته هي حصو اسان اسپين وارن جو ٿيو، هي حصو اسان پورچوگالين جو ٿيو، هي فرنيچن جو ٿيو ۽ گهرو زندگي گذارڻ ۽ رهي پوڻ لاءِ هو پنهنجي ملڪ جون زالون ۽ پورهئي مزدوريءَ لاءِ آفريڪي شيدي ساڻ کڻي آمريڪا پهچڻ لڳا. ڪٿي ڪٿي مڪاني ۽ اصل رهندڙ ريڊ انڊين کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ڪٿي جنگيون هليون، جن ۾ هنن يورپين ۽ انگريزن ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، بندوقن جو استعمال ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ريڊ انڊين کي بُل لڳو ٿي ته هنن گورن يورپين کي ٽهڪيل پاڻيءَ جي ديڳ ۾ رڌي ڪچو کائي ڇڏيو ٿي.
    مڪاني ماڻهن کي قبضي ۾ آڻڻ بعد، هنن لڏي آيل يورپين جا پنهنجي ملڪ جي حڪومت سان سالن تائين جھيڙا هليا، جو يورپ جي هر حڪومت چاهيو ٿي ته هن جي قوم جا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ عيش ڪري رهيا آهن ۽ وڃن مالُ ڦَٻائيندا، ان جو هڪ حصو ٽئڪس طور يورپ موڪلين. پهرين ته ائين ئي ٿيندو رهيو، پر پوءِ جڏهن هي آمريڪا ۾ آيل نوان Settler ڏندين ڏاند ٿيا ته پوءِ پنهنجين حڪومتن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار کان آڱوٺو ڏيکارڻ لڳا.
    پنهنجن ملڪن جي حڪومتن مان جان ڇڏائي، پوءِ هنن پنهنجو پاڻ ۾ ٻک وڌا ۽ ڪي سال نئين ملڪ ۾ هٿ ڪيل زمينن تان وڙهندا رهيا ته ڪنهن جي حد ڪٿان کان ڪيستائين هئڻ کپي ۽ پوءِ جڏهن انهن سڀني ڳالهين جا فيصلا ٿي ويا ته پوءِ پنهنجن نالن پٺيان دهلوي، لکنوي، ٺٽوي، لاهوري، يعني انگلينڊ فرانس، اسپين، اٽلي جا رهاڪو سڏائڻ بدران سڀ پاڻ کي آمريڪن سڏائڻ لڳا. آئين ٺاهيائون ۽ پنهنجو جڏهن پهريون صدر چونڊيائون ته اهو سال 1789ع هو. يعني تقريبن ٻه سؤ سال کين نئين ڌرتي تي ٺهي ٺڪي رهڻ ۾ لڳي ويا. سمجھو ته 1500ع تائين ڪولمبس هي نئون ملڪ ڳولهي خبر عام ڪئي ۽ يورپين آهستي آهستي ٿي آمريڪا ڪوچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهريون ڪامياب ڪالوني انگريزن سن 1607ع ۾ ورجينيا ۾ ٺاهي ۽ پوءِ ٻين به رهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجن پراون سان جھيڙا جھٽا ڪري 1789ع ۾ جارج واشنگٽن صدر چونڊيائون ۽ ملڪ جون حدون مقرر ڪيائون، جو کين انگلينڊ، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن طرفان آزادي يا خودمختياري ئي 1783ع ۾ Treaty of Paris (پئرس عهدنامي) موجب ملي. ان حِساب سان ڏٺو وڃي ته هي ملڪ USA سياست، تاريخ ۽ ڪلچر جي لحاظ کان ٻه يا سوا ٻه سئو سال ڪو مس پُراڻو آهي. يعني شاهه لطيف جي وفات 1752ع ۾ ٿي، ان کانپوءِ 30 سال رکي، آمريڪا (USA) وجود ۾ آيو. يعني انهن ڏينهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي حيدرآباد، نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏي ۽ ماڊرن هئي. حيدرآباد ته ڇا مخدوم ميان محمد جو ٻڌايل ڳوٺ مرتضيٰ آباد (جيڪو پوءِ هالا پراڻا سڏيو ويو) نيويارڪ جي بندرگاهه کان وڏو هو، جِتان ٻيڙا ڏينهن رات ملتان ۽ ٺٽي ڏي روانا ٿيا ٿي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا تمام تکي ۽ گهڻي ترقي ڪئي. يورپ انگلينڊ جي قابل واپارين ۽ سائنسدانن ۽ آفريڪا جي پورهيت ۽ پهلوان شيدين، هن ملڪ کي ٻه سؤ سالن اندر خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي بيهاريو.
    آمريڪا جي تاريخ تي جي مٿاڇري نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته هي ملڪ (USA) يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي ڀانت ڀانت ماڻهن ٺاهيو، پر ان تي پاڻ حڪومت ڪرڻ جي کين آزادي 1783ع ۾ ملي. 1789ع ۾ ملڪ جو پهريون صدر جارج واشنگٽن ٿيو ۽ پوءِ به سچي ڳالهه ته اها آهي ته هڪ سؤ سال کن آمريڪا ائگريڪلچر (زراعت) مان ئي ڪمائيندو رهيو. صحيح معنيٰ ۾ جي ڏٺو وڃي ته آمريڪا اوڻهين صدي جي ٻي اڌ کان وٺي وڏي ترقي ڪئي. ملڪ جو سورهون صدر ابراهم لنڪن جنهن ملڪ ۾ غلامي ختم ڪري، ملڪ ۾ رهندڙ شيدين کي برابر جا حق ڏنا، کيس 1865ع ۾ قتل ڪيو ويو. ان بعد ائنڊريو صدر ٿيو. بهرحال اوڻهين صدي جي هن اڌ کان آمريڪا ۾ ائگريڪلچر سان گڏ انڊسٽريل انقلاب به آيو. پهريون ٽرانس ڪانٽينينٽل ريل روڊ 1869ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ سن 1900ع تائين (USA آمريڪا) ۾ ريل جو مفاصلو سڄي يورپ جي ريل کان وڌي ويو هو. ٻاڦ جي انجڻ ۽ ان بعد پيٽرول ۽ ڊيزل جي انجڻ به ايجاد ٿي وئي ۽ آمريڪا ۾ پيٽرول جي انڊسٽري خوشحال ٿي و ئي. اسٽئنڊرڊ آئل ڪمپني جو مالڪ جان راڪ فيلر آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان ڳڻجڻ لڳو. ائنڊريو ڪارنيگي، جيڪو اسڪاٽلينڊ جو هڪڙو مسڪين پورهيت هو، اهو رُڪ جي ڪارخانن جو ڄڻ ته شهنشاهه ٿي ويو. ٽيڪساز، لوزيانا ۽ ڏکڻ جون ٻيون رياستون ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ اڳيان وڌي ويون. گوشت پئڪ ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ شڪاگو جهڙا شهر اڳيان نڪري آيا. اليڪٽرڪ سٽي، بلبن، گراموفون، وائرليس، ٽرانسفر ۽ موشن پڪچرز جي ايجادن مان آمريڪا وڏو فائدو ورتو. هنن وٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا. ڊاڪٽر ۽ سائنٽسٽ هئا. اسپتالون ۽ يونيورسٽيون هيون، پورهيت ۽ مزدور هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪچو مال اڻ ميو هيو. ويا بهتر کان بهتر شيءِ ٺاهيندا ۽ ايڪسپورٽ ڪندا. جپانين کان به گهڻو گهڻو اڳ هنن ڪَل جا جهاز ٺاهي ورتا. آرڪيٽيڪٽ لوئس سليوان اسٽيل لوهه جا فريم ٺاهي، گهڻ ماڙ عمارتون جوڙي ورتيون. پليون ۽ ريل گاڏيون ٺاهي ورتائون. جپانين ۽ جرمنين کي به خبر نه پئي ته آمريڪن ماٺ ماٺ ۾ ائٽم بم جهڙيون خطرناڪ شيون به ٺاهي ڇڏيون آهن، نه ته هنن سمجھيو ٿي ته آمريڪي اهي جاهل وڏيرا آهن، جن وٽ ملڪ جون زمينون ڀليون هجڻ ڪري زمينداريءَ مان پئسو ته اچي ويو آهي، پر تعليم ۽ عقل نه اٿن. سو پرل هاربر تي جپانين پنهنجن خودڪش حملو ڪندڙ ڪامي ڪازي پائلٽن ذريعي آمريڪي ٻيڙو تباهه ڪري، پنهنجي ئي پٺي پئي ٺپري ته آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي ڀينگ ڪري کين هوش ۾ آڻي ڇڏيو.


    آمريڪا جي مختصر تاريخ

    اتر آمريڪا کنڊ تي نظر ڪبي ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس (USA) جي ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو آهي ۽ اتر ۾ ڪئناڊا. ڪئناڊا جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ الاسڪا آهي، جيڪا وڌيڪَ اولهه ۾ روس جي ٻي سرزمين سان وڃيو لڳي. وچ ۾ برنگ (Bering) سمنڊ جو ڪجهه حصو آهي، جيڪو سال جا نَوَ مهينا ته برف ٿيو پيو آهي. الاسڪا روس (USSR) جو حصو هو، جيڪو 1867ع ۾ آمريڪا وارن روس کان خريد ڪري آمريڪا جي 49 هين رياست ڪئي. ان وقت نه پيٽرول ۽ گئس جي اهميت جي خبر هئي ۽ نه ڪي اهڙيون انجڻيون نڪتيون هيون، جن ۾ پيٽرول يا ڊيزل استعمال ٿئي. الاسڪا تمام گهڻو اتر ۾ هجڻ ڪري، اُتي بيحد ٿوري آدمشماري فقط ايسڪيموز جي هئي، جيڪي قطبي رڇ ماري انهن جون کلون ڏاکڻن علائقن ۾ رهندڙ کي وڪڻي، سال جو سيڌو پاڻي خريد ڪري ويا ٿي. سڄو الاسڪا برف ئي برف هجڻ ڪري نه ڪو فصل ٿيو ٿي، نه ڍڳيون ڍور چري سگهيا ٿي. اهڙي زمين خريد ڪرڻ تي آمريڪا جي حڪومت راضي ٿي وئي ۽ پوءِ ڪيترا سال ان وقت جي صدر ائنڊريو جانسن کي ان خريداري تي پنهنجو آمريڪي عوام بيوقوف چوندو رهيو. هوڏانهن روسي پنهنجي پَرَ ۾ خوش ته هنن بيڪار زمين آمريڪا حوالي ڪري ڪُجهه نه ڪُجهه ڊالر حاصل ڪري ورتا.
    الاسڪا جي زمين جيڪا روس کان خريد ڪرڻ وقت غلط فيصلو سمجھيو ويو هو، پوءِ سگهوئي معلوم ٿيو ته الاسڪا جنهن جي مٿان ته برف جون ڇِپون نظر اچن ٿيون، پر هيٺ تيل جو نديون وهي رهيون آهن. اڄ ان الاسڪا سڄي USA کي خوشحال ڪرري ڇڏيو آهي. پر آمريڪا وارا به وڏا ڏاها آهن. في الحال هو پنهنجي الاسڪا واري تيل کي بچائي مڊل ايسٽ جي عربن کان تيل خريد ڪري رهيا آهن. جڏهن ٻين جو تيل کپي ويندو ته پوءِ پنهنجو الاسڪا وارو تيل آرام سان ڪڍي استعمال ڪندا.


    آمريڪا جي پنجاهين رياست هوائي ٻيٽ آهي

    ان ٻيٽ کان علاوه آمريڪا (USA) ۾ ٻي ڪا واڌ نه آئي آهي. 1848ع کان سندن حدون (Territory) ساڳيون مقرر رهنديون آيون. البت 1890ع واري ڏهاڪي ۾ هنن کي پنهنجي ملڪ جون حدون وڌائڻ جو جنون پيدا ٿيو. اتر يورپ جي ملڪن کي ڏسي، آمريڪا (USA) ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي ماڻهن کي “تهذيب يافته” بنائڻ جو بار پنهنجي مٿي تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اسپين جي قبضي هيٺ آيل ٻيٽ ڪيوبا تي جيڪي ان وقت عوام سان ظلم ٿي رهيا هئا، انهن جو احوال آمريڪا وارن پنهنجين اخبارن ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيو. اسپين کي باهه وٺي ويئي ته ڪالهه جا ڪنگلا ڇورا جيڪي هِتان لڏي وڃي USA ۾ رهيا آهن، اهي اسان جي ڪمن تي ٿا آڱريون کڻڻ. 1898 ۾ اسپين ۽ USA جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جڏهن لڙائي ختم ٿي ته اسپين جي قبضي جون ڪيتريون شيون USA جي حوالي ٿي ويون. ڪيوبا، فلپين، پورٽو ريڪو ۽ گئام ٻيٽ ۽ انهن سان گڏ هڪ ئي جھٽڪي ۾ هوائي ٻيٽ به USA حوالي ٿي ويو.
    ياد رهي ته هن جنگ کان اڳ فلپين اسپين جي قبضي ۾ هو، ۽ ملايا، سنگاپور وغيره انگريزن جي حوالي هئا. انڊونيشيا ڊچن جي قبضي ۾ هو. فلپين وارن جي پنهنجي مادري زبان تگالوگ آهي، پر اسپين جي قبضي ۾ رهڻ ڪري هو اسپيني به سکي پيا، جيئن انڊونيشيا وارا ڊچ زبان پڻ ڳالهائين ٿا. آمريڪا جي قبضي ۾ اچڻ بعد فلپين ۾ انگريزي زبان جو واهپو شروع ٿي ويو.
    آمريڪا (USA) وارا ڪيوبا وغيره تي قبصو ڪري خوش ڪونه هئا، جو هنن خود فرانس ۽ انگلينڊ وارن کان پاڻ کي آزاد ڪرايو هو. 1902ع ۾ يعني چئن سالن بعد آمريڪي فوجين کي ڪيوبا مان واپس گهرايو ويو. فلپين واپس اسپين جي حوالي نٿي ٿيڻ چاهيو، بلڪه USA وارن جي 51 هين رياست ٿي رهڻ ٿي چاهيو، جيئن USA وارن هوائي ٻيٽن کي 50 هين رياست ڪري رکيو، پر USA فلپين کي ائين پاڻ سان رکڻ لاءِ تيار نه هو. ظاهر آهي هوڏانهن هوائي ٻيٽن تي عوام نه برابر، رب جي ڌرتي جام ۽ موسم خوشگوار ۽ هيڏانهن فلپين جي عوام بي انتها، هڪ طرف ته غربت ۽ آسماني آفتون ٻوڏون، طوفان، زلزلا ٻئي طرف فلپين کي USA جو حصو بنائڻ معنيٰ ورندڙ اڏامن يا پاڻي وارن جهازن ۾ هڪ هڪ ٿي سڀ فلپيني USA پهچي وڃن، جِتي فلپين جي مقابلي ۾ هر هڪ کي وڏي خوشحالي ۽ موچارو مستقبل نظر آيو ٿي. USA فلپين مان به هٿ ڪڍيا. 1907ع ۾ کين هڪ لميٽيڊ خودمختيار حڪومت جوڙڻ جي آزادي ڏني وئي ۽ 1946ع ۾ فل خودمختياري ڏني وئي. هوائيءَ کي 1959ع ۾ الاسڪا وانگر USA جي رياست جو درجو ڏنو ويو. هوائي پئسفڪ سمنڊ جي بلڪل وچ ۾ ٻيٽن جو جھڳٽو آهي، جنهن جو هونو لولو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جو شروع ۾ مختصر ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر خالد زمان (جنهن ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ ٽي وي تي به ڪم ڪيو) رهي ٿو.
    اپريل 1961ع ۾ روسين هڪ ٻئي پٺيان خلا ۾ راڪيٽ ڇڏيا، جن مان هڪ ۾ ماڻهو به موڪليائون، جيڪو راڪيٽ ۾ ڌرتيءَ جي چوڌاري Orbit ۾ چڪر هڻي آيو. آمريڪا جي تنهن وقت جي صدر جان ڪينيڊيءَ پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو ته سٺ جي ڏهاڪي پوري ٿيڻ کان اڳ آمريڪا چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ڪينيڊيءَ جو اهو واعدو جولاءِ 1969ع ۾ پورو ٿيو، جڏهن ائسٽورناٽ نيل آرام اسٽرانگ اپولو ٻئي ۾ چنڊ تي پهتو.
    ڪينيڊي جي قتل بعد لندن جانسن جيڪو ان وقت وائيس پريزيڊنٽ هو، سو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ ڇهن سالن تائين (1969ع تائين) يو ايس جو صدر رهيو. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هو ويٽنام واري جنگ ۾ اٽڪي پيو. 1968ع تائين آمريڪا جا پنج لک سپاهي هڪ ڏورانهين ننڍڙي ملڪ ۾، جنهن بابت ڪيترن کي ڪا خاص ڄاڻ نه هئي، ڪنهن بهتر نتيجي نڪرڻ بنا وڙهندا رهيا. عوام کي هن ڏورانهين جنگ لاءِ ڪا دلچسپي نه هئي، جنهن ۾ سندن ٻچا مارجي رهيا رهيا، پر سياستدانن اهو ئي سمجهيو ٿي ته اهو مهاڏو ضروري آهي ۽ ويٽنام سان گڏ سندن وڏن چين ۽ روس کي سبق سيکارڻ کپي. مال ۽ جان وڃائڻ باوجود هن جنگ مان آمريڪا کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. ملڪ اندر عوام جي هڙتالن ۽ جلوسن ملڪ جي حاڪمن کي منجھائي رکيو. لنڊن جانسن جي شهرت کي ڪافي ڌڪ لڳو. 1968ع ۾ جيئن ئي رچرڊ نڪسن صدر ٿيو ته هن ويٽنام جي جنگ مان پنهنجن ماڻهن کي ٻاهر ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ USA جهڙي پهلوان ملڪ پنهنجي جان ڇڏائي سُک جو ساهه کنيو. اِهوئي سبب آهي جو هن دفعي افغانستان ۽ عراق واري جنگ ۾ هٿ ڳنڍڻ کان اڳ گهڻو سوچ ويچار ڪئي ته ڪٿي وري ويٽنام واري خواري نه ٿئي.
    رچرڊ نڪسن اعليٰ ڊپلوميسي جو هڪ ڪم اهو به ڪيو جو هن آمريڪا ۽ چين جا تعلقات بهتر ڪرايا. سالن کان چين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي لاءِ نفرتون پيدا ڪري رهيا هئا، انهن جو نڪسن خاتمو آندو ان ڪم ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا جي نمائندي ڪِسنجر جي پاڪستان معرفت چين جي سربراهن سان ملاقات ۽ دوستي ٿي. رچرڊ نڪسن کي جِتي چين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو ڪريڊٽ مليو، اتي هو واٽر گيٽ ڪيس ۾ ڦاسي پيو. صدارت جي campaign ورڪ دوران واشنگٽن جي واٽرگيٽ آفيس ۾ ٺهيل ڊيموڪريٽڪ پارٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ گهڙي آيل پنج ڌاڙيل پڪڙجي پيا. اخباري نمائندن جي Investigation جاچ تي خبر پيئي ته اهي همراهه نڪسن کي صدارت جي ڪرسي لاءِ وري چونڊرائڻ واري ڪميٽي طرفان مقرر ڪيا ويا هئا. نڪسن ان جو اعتراف نه ڪري ويتر پنهنجو ڪيس ڦٽائي رکيو، ڇو جو پوءِ اڳتي هلي رڪارڊ ٿيل ٽيپن مان سڄو راز فاش ٿي ويو. 1974ع ۾ نڪسن کي صدارت ڇڏڻي پيئي ۽ هو آمريڪا جي تاريخ جو پهريون صدرٿيو، جنهن صدارت تان استعيفيٰ ڏني.
    رچرڊ نڪسن بعد آمريڪا جا هيٺيان صدر ٿيا:
    - فورڊ 1974ع کان 1977ع تائين
    - جمي ڪارٽر 1977ع کان 1981ع تائين
    - رونالڊ ريگن 1981ع کان 1989ع تائين
    - جارج بش 1989ع کان 1993ع تائين
    - بل ڪلنٽن 1993ع کان 2001ع تائين
    - جارج ڊبليو بش 2001ع کان 2009ع تائين
    - باراڪ اوباما 2009ع کان.........


    واشنگٽن جي سنڌي شام

    شروع ۾ هڪ هنڌ جاويد ڀٽو ۽ نفيسه هود ڀائي جو به نالو اچي چڪو آهي. نفيسه جا سنڌ جي عورتن جي مسئلن تي لکيل ڪجهه مضمون انگريزي اخبار Dawn ۽ شايد ڪنهن رسالي ۾ دلچسپي سان پڙهيا هئم ۽ نفيسه جي لکڻ جي ڏانءَ، دليري ۽ عنوان جي چونڊ ڪافي متاثر ڪيو هو. منهنجي ساڻس ملاقات واشنگٽن ۾ ملهايل سنڌي شام ۾ ٿي.
    آمريڪا جي “دي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ” وارن، سفير جان مئڪڊونالڊ سان 25 جون تي واشنگٽن ۾ سنڌي شام ملهائي، جنهن ۾ مون کي خاص مهمان جي حيثيت سان گهرايو ويو هو. اها واقعي سنڌي شام هئي جو مقرر وقت کان ڪلاڪ مٿي ٿي ويو پر ان جي ڪارروائي شروع نه ٿي هئي. جان مئڪڊونالڊ پنهنجي زال سميت پهچي چڪو هو ۽ ٻيون ڪجهه امريڪن عورتون هيون. اتي نفيسه به هئي پر ان وقت آئون کيس سڃاڻي نه سگهيس ۽ سفير سان ئي خبرون ڪندو رهيس، جنهن جي نئين ڪتاب “Multi Track Diplomacy” جي رونمائي ٿيڻي هئي. ايشيا جي ملڪن ۾ گهڻو رهڻ ڪري هو ۽ سندس زال اسان جي وقت جي غير پابند هجڻ مان واقف ٿي لڳا، جو هنن کي وقت تي فنڪشن نه شروع ٿيڻ تي نه حيرت هئي ۽ نه فڪر. آخر هالن واري نجم ميمڻ، اعجاز شيخ، عرفان جماڻي، عبدالنبي ميمڻ (خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب جو فرزند)، سرفراز ميمڻ، شاهد ٽالپر ۽ مقبول عالياڻي جن پهتا ته هنن اچي وٺ وٺان ڪئي ۽ فنڪشن شروع ٿيو. مون ڏٺو ته بعد ۾ هڪ ٻئي پويان ايترا ته مهمان اچڻ شروع ٿي ويا جو ڪرسيون کٽي پيون ۽ بيٺلن سان باقي هال ڀرجي ويو. آئون هر ايندڙ مهمان کي ڏسندو رهيس. ڪيترا ته منهنجا پراڻا سڃاڻو هئا، ڪيترا منهنجا ننڍپڻ جا ڪلاس ميٽ هئا، جن کي چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد ڏسي رهيو هوس، سندس اڄ جا گهنجن ۽ ٿلهن شيشن وارين عينڪن وارا منهن مهانڊا سندن ننڍپڻ جي جوان ۽ تازگيءَ ڀريل چهرن جون لَکائون ڏيئي رهيا هئا. اهڙن ۾ هڪ خالد هاشماڻي به هو. دل چيو ته اسٽيج ڇڏي ساڻس ڀاڪر پائي وڃي ملان ۽ گذريل هڪ ٻئي کان غائب رهندڙ اڌ صدي جو احوال پڇانس. اهڙن ئي ميلي ۾ گم ٿيل دوستن ۽ مائٽن ۾ مامي جمونءَ (عبدالعليم بروهي) جو چهرو نظر آيو.
    آئون پنهنجي ۽ ٻين جي تقريرن دوران فقط اهو ئي سوچيندو رهيس، ته هي جلسو ختم ٿيڻ بعد پهرين ڪنهن سان ملجي ۽ پوءِ ڪنهن سان ۽ ائين نه ٿئي ته ڪو سڃاڻو فنڪشن پورو ٿيڻ کان اڳ هليو وڃي ۽ نه مون کي سندس خبر پوي ۽ نه هن کي منهنجي. ڇو جو آئون هن فنڪشن ۾ اوچتو پهتو هوس. هتي ڪنهن کي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته آئون سمنڊ تي هجڻ بدران هتي آمريڪا جي ڪناري تي پهچي ويو آهيان، سو به گادي واري شهر واشنگٽن ۾. الله ڀلو ڪري گهوٽڪي پاسي جي رميش ٿارواڻي جو جنهن کي واشنگٽن ڪم ٿي پيو ۽ آئون به ان سان هتي اچي نڪتس. رميش نيو جرسي ۾ اسان جي گهر جي ويجهو ئي رهي ٿو.
    واشنگٽن پهچڻ تي به مون خاص مهمان ٿيڻ کان انڪار پئي ڪيو پر پوءِ اعلان ٿيڻ تي سنڌي ٽوپي پائي اسٽيج تي اچي ويٺس ۽ هاڻ جيسين منهنجي تقرير جو وارو اچي تيسين دير سان آيل مهمانن کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪير آهيان. اهڙي طرح ڪيترا هال ۾ اچي واپس موٽي به رهيا هئا، جيئن اسان جي ڳوٺ جو انجنيئر چاچي صديق گاجڻي جو پٽ امير ميمڻ، جنهن کي نه مون سڃاتو ۽ نه هن. نه ته هو ضرور ملي وڃي ها. جمونءَ کي به ان ڪري سڃاڻي رهيو هوس جو سندس شڪل سندس ڀاءُ حليم بروهيءَ سان ڪافي ملي پئي. کيس پنجاهه سال کن اڳ ڏٺو هوم پر سندس اڄ جي شڪل ۾ ڪو خاص فرق نه هو. ايتري ۾ مون ڏٺو ته هو ڪرسيءَ تان اٿيو. مون کي لڳو ته هو به هاڻ فنڪشن ڇڏي ٻاهر وڃڻ وارو آهي ۽ ٿيو به ائين. پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ ڪري ٻاهر نڪتو ته مون کان رهيو نه ٿيو. ڀر وارن کان excuse ڪري پنهنجي پاسي واري در کان ٻاهر نڪتس ته هو سامهون نظر اچي ويو.
    “هئنڊس اپ.” مون کيس چيو. ننڍپڻ کان چرچائي مڙس آهي سو شايد ڪو چرچو سوچڻ لڳو، پر مون کي نه سڃاڻي پريشان ٿي ويو.
    “توهان مون کي نه سڃاتو جو چاليهه پنجاهه سال ٿي ويا آهن پر مون کي پڪ آهي ته توهان پڦو غلام فاطمان جا پٽ آهيو.” مون سندس والده جو نالو ورتو جو آخرڪار منهنجي ساڻس مائٽي، سندس ماءُ جي معرفت آهي جنهن جو ڀاءُ محمد حسن سومرو منهنجو نانو ٿيو. ذهين ۽ چرچائي جمون، هاڻي مون کي سڃاڻي ويو.” ادي شريفان جو پٽ آهين نه، الطاف؟ تنهنجو شفيق به پڇيو پئي.”
    شفيق صديقي سندس وڏي ڀيڻ آپا تاج جو پٽ آهي ۽ اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هو.
    “پوءِ ڀلا ترس ته فنڪشن بعد ملون. هينئر وڃجانءِ نه.” مون جمونءَ کي چيو. جمونءَ پنهنجي قسطن واري روايتي کل کلندي چيو، “آئون اڃان ڪٿي ڪونه ٿو وڃان. توهان سڀني کي اماڻي پوءِ ويندس. هي فنڪشن آرگنائيز ڪرڻ وارن مان آهيان. هينئر رڳو ٻاهر نڪتو آهيان جو ٻاهران هڪ انڊين هوٽل مان، هن فنڪشن لاءِ ماني اچي رهي آهي، انهن کي گائيڊ ڪري اچان ٿو.”
    فنڪشن ختم ٿيڻ تي سڃاڻن، وڏي عرصي کان وڇڙيلن، پهريون دفعو ڏٺلن ۽ نوجوان ٽهيءَ جي ڪيترن سنڌين سان ملاقات ٿي. ڪئناڊا کان آيل حميرا رحمان سان، جيڪا فنڪشن دوران جڏهن سوال جواب ڪري رهي هئي، ته شڪل مان ئي نجما رحمان ۽ شيري رحمان جي ڀيڻ ٿي لڳي. خيرپور ناٿن شاهه جو بشير شيخ به هو جيڪو مهراڻ مان 1994ع ۾ B.E ڪرڻ بعد آمريڪا هليو آيو، جتي ايم اي ايڪنامڪس ۽ مشيگان يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين. هو هينئر نيشنل سائٽيفڪ فائونڊيشن ۾ ڪنسلٽنٽ انجنيئر آهي ۽ پنهنجي ڪمپني “ٽيڪجيم ڪارپوريشن” پڻ هلائي ٿو. سندس زال ورجينيا ۾ يا شايد نارٿ ڪئرولينا ۾ اسلامي اسڪول هلائي ٿي. عمر عباسي (محمد انور عباسي صاحب جو فرزند) پڻ اتي مليو، جنهن جو چاچو غلام سرور عباسي صاحب ڪراچيءَ ۾ عباسي اڪيڊمي نالي ماڊرن ۽ اعليٰ نموني جو تعليمي ادارو هلائي ٿو.)


    آمريڪي فوج ۾ پهريون سنڌي

    واشنگٽن جي ان سنڌي شام ۾ حنيف سانگي نالي هڪ نوجوان مليو، جنهن لاءِ خالد هاشماڻي ٻڌايو ته هي آرميءَ ۾ آهي.
    “پاڪستان آرميءَ ۾؟” مون پڇيو.
    “نه. هتي آمريڪا جي آرميءَ ۾.” خالد ٻڌايو. اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي پر پوءِ ياد آيو ته اڄڪلهه ڪيترائي اسان جي ملڪن جا ماڻهو، جيڪي آمريڪن سٽيزن آهن آمريڪا جي نيوي ۽ آرمي وغيره ۾ آهن. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ اهڙي پاڪستاني آمريڪن نوجوان ڪئپٽن همايون صادق بابت ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ايسوسيئيشن جي نيوز ليٽر ۾ پڙهيو هوم ته ڪئپٽن همايون ثاقب خان ائڪشن دوران شهيد ٿي ويو. ڪئپٽن همايون 9 سيپٽمبر 1976ع تي ڄائو هو. “پرل هارٽ آپريشن عراقي فريڊم” واري ويڙهه ۾ آمريڪا جيڪي فوجي عراق موڪليا هئا، انهن ۾ ڪئپٽن همايون به هو. سندس لاش کي واشنگٽن ۾ سرڪاري اعزاز سان دفن ڪيو ويو.
    غلام نبي سانگي صاحب جي آمريڪا ۾ رهندڙ هن فرزند حنيف سانگيءَ ٻڌايو ته هن 1995ع ۾ مهراڻ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪئي جنهن بعد لاڙڪاڻي وڃي “لعل بخش سوشل ويلفيئر” نالي هڪ اين جي او آرگنائيزيشن هلائي. حنيف جو اصل ڳوٺ “ستار ڏنو سانگي” پڻ لاڙڪاڻي ۾ آهي، جتي هو ستين آڪٽوبر 1970ع تي ڄائو.
    “لاڙڪاڻي ۾ ٻه ٽي سال ڪم ڪرڻ بعد 1998ع ۾ آمريڪا جي “Diversity Visa Lottery 99” لاٽري پروگرام ۾ منهنجو نالو نڪتو ۽ آئون ڪئليفورنيا رياست جي شهر لاس اينجلس ۾ هليو آيس، جتي هڪ سنڌيءَ جي دڪان تي سال کن ڪم ڪيو.”
    ان دوران حنيف مختلف هنڌن تي مختلف نوڪرين لاءِ Apply ڪندو رهيو. پنهنجي تعليمي آڌار تي هن کي سگهو ئي آمريڪن آرمي جي فيلڊ آرٽلري ۾ Cannon Specialist جي نوڪري ملي وئي. اوڪلاهوما جي آرٽلري اسڪول ۾ ٽريننگ حاصل ڪرڻ بعد کيس ٽيڪساز ۾ رکيو ويو، جيڪو USA آرمي جو وڏو Base آهي.
    “سن 2001 ۾ اسان جي يونٽ کي ڪويت ۾ رکيو ويو، جتان 2002ع ۾ واپس آمريڪا موٽڻ کان اڳ شاديءَ لاءِ پاڪستان ويس. ان بعد مون کي ريجنل Analyst جي پوسٽ تي ٽيڪساز کان واشنگٽن ٽرانسفر ڪيو ويو.”
    حنيف سانگي صاحب ان وقت کان هتي واشنگٽن ۾ آهي، پاڻ پنهنجي زال ڪلثوم ناريجو ۽ ٻن ٻارن آئرا ٻن سالن جي ۽ عامر مهراڻ پنجن مهينن جو ساڻ رهي ٿو. حنيف سانگيءَ ٻڌايو ته آمريڪا جي فوج (آرمي) ۾ پاڻ پهريون سنڌي آهي، جيتوڻيڪ هاڻ ته ڪيترائي سنڌي اچي ويا آهن.


    پروفيسر جاويد ڀٽو سان ملاقات

    انهي فنڪشن ۾ نفيسه هود ڀائي سان ملاقات ٿي. مون پنهنجن دوستن کي ٻڌايو ته هوءَ منهنجي پسنديده ليکڪائن مان هڪ آهي. ماشاءَ الله جيترو پاڻ سهڻي سمارٽ آهي، اوتريون ئي سهڻيون ۽ بولڊ سندس لکڻيون آهن. WSI جي ڊائريڪٽر منور لغاريءَ ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نفيسه ۽ سندس مڙس جاويد ڀٽو اسان جي سوسائٽيءَ جا ذهين، تعليم يافته ۽ انٽيليڪچوئل آهن. جاويد ڀٽو صاحب ان ڏينهن هن سنڌي شام ۾ اچي نه سگهيو هو، پر پوءِ منهنجيون هن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. ٽن چئن مهينن ۾ آئون گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا کن واشنگٽن آيس، جتي يڪو هفتو هفتو رهيو پيو هوس. هر دفعي جاويد سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو ۽ آئون اڪيلو ئي اڪيلو لنڪن ميموريل کان وٺي، پوٽو مئڪ (Potomac) نديءَ جو ڪنارو ڏيئي، ڪينيڊي سينٽر کان وڃي نڪرندا هئاسين ته ڪڏهن هينري بئنڪن ڊرائيو وارو رستو وٺي Constitution ايونيو تي وڃي چڙهندا هئاسين. جاويد جو زور مون کي ماني کارائڻ تي هوندو هو، پر مون کي واڪ ڪرڻ ۽ سندس فيلسوفانه ڳالهيون ٻڌڻ جو اونو رهندو هو. تنهن هوندي به هن ۽ نفيسه هڪ ٻه دفعو هوٽل ۾ ماني به ڪئي ۽ هڪ ٻه دفعو پاڻ بنا اطلاع جي مون وٽ اچي نڪتا ۽ جيڪي اسان وٽ دال ماني تيار هوندو هو، کائي ويندا هئا.
    جاويد سان منهنجي نه پهرين جي ملاقات هئي ۽ نه مون سندس نالو ٻڌو هو. هتي اچي واقفيت ٿي ته جاويد ڀٽو صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهي چڪو آهي، جنهن پوسٽ تي هينئر سنڌ جي مشهور ليکڪا امر سنڌو (پروفيسر سلميٰ لغاري) آهي. جاويد ڀٽو جي ڄاڻ خاص ڪري تاريخ، سوشل سائنس، صوفي ازم، شاهه لطيف جي شاعري بابت، جيڪا ٻين کان واکاڻ ٻڌم، کيس ان کان وڌيڪ قابل محسوس ڪيم. هن جي معصوم، سٻاجهي ۽ يار ويس طبيعت سڀني کي سندس دوستيءَ ۾ جڪڙي ٿي رکيو. ايتري قدر جو آخري ڏينهن ۾ ورجينيا ۽ واشنگٽن جي سنڌين کي ته اهو ئي چوندو هوس ته توهان خوش نصيب آهيو جو توهان جي وچ ۾ پروفيسر جاويد ڀٽو ۽ اسانجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ سميع جادران جهڙا ماڻهو موجود آهن. توهان کي ته جڏهن به سنڌ جي سڪ لڳي ته انهن سان ملي سنڌ جون خبرون (جاويد کان) ۽ چرچا ڀوڳ (سميع) کان ٻڌي تازا توانا ٿي سگهو ٿا. سميع منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج جو ستين ڪلاس کان سڃاڻو آهي ۽ اصل ڳوٺ قاضي احمد اٿس. سندس خبرون ٻئي سفرنامي “بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور” واري ۾ ڪنداسين.
    هڪ ڏينهن جاويد سان فيئرمونٽ هوٽل جي سامهون واري فٽ پاٿ تي ملاقات ٿي. آئون ان ڏينهن پاڪستان جي ايمبسيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جي سفير جنرل جهانگير ڪرامت ۽ پير جي ڳوٺ جي همراهه ڪليم خلجي سان ملي موٽيو هوس. شاهد ڪلهوڙو به پاڪستان ايمبسيءَ ۾ آهي، پر هو ان ڏينهن موجود نه هو. جاويد ڀٽي چيو ته هو به واندو آهي، جهڙالو ڏينهن آهي، هلو ته شهر جو چڪر هڻون. ٿورو ئي پري سندس گاڏي هڪ پارڪنگ لاٽ ۾ هئي. اتان گاڏي کڻي وري هوٽل فيئر مونٽ واري روڊ ٽيويهين گهٽي NW آياسين. واشنگٽن جو شهر اڌ سمجهو ته نارٿ ويسٽ NW آهي ته اڌ سائوٿ ويسٽ SW. گهٽين يعني روڊن جا نمبر (انگ) به آهن ته اکر (اي بي سي ڊي وغيره) به. ساڳي نمبر يا اکر واري گهٽي (روڊ) شهر جي هڪ اڌ ۾ به ملندي ته ٻئي ۾ به. ان ڪري واشنگٽن ۾ جتي به رهو يا جنهن سان ملڻ وڃو ته گهٽيءَ جي نمبر سان گڏ اهو به ياد رکجو ته اها گهٽي سائوٿ ويسٽ پاسي جي آهي يا نارٿ ويسٽ پاسي جي. نه ته گهر ڪياماڙي ۾ هوندو ۽ توهان وڃي ملير لانڍيءَ کان نڪرندائو. هونءَ توهان کي هڪ دفعو رستو سمجهه ۾ اچي وڃي ته پوءِ واشنگٽن جهڙو سهڻو ۽ Well Organised شهر دنيا ۾ نه هوندو.


    ابراهم لنڪن ٽپتائي نه هو

    اسان 23St NW ذريعي سڌو واشنگٽن سرڪل واري چوراهي وٽ اچي پهتاسين.
    “ڪيڏانهن هلون؟ پينسلوانيا اوينيو ڏيئي وائيٽ هائوس ڏي هلون؟” جاويد پڇيو.
    “هن وقت ٽريفڪ جام هوندي. بهتر آهي پاڻ ساڳيو روڊ سڌو ڏيئي هلون ۽ لنڪن ميموريل وٽ ئي هلي ويهون.” مون جاويد کي صلاح ڏني. اتي دڪيون به آهن ته هوا به ٿڌي پيئي لڳي.”
    “چئبو ته توهان لنڪن کي مڙيئي پسند ڪريو ٿا؟” جاويد مرڪندي چيو.
    اها حقيقت آهي ته اڄ جي ٽِپتائي صدرن کان ابراهم لنڪن ڀلو ماڻهو هو. غريب جو ٻار ٿي ڪري غريبن جو خيال هئس ۽ شيدين کي غلاميءَ جي ڳٽ کان به هن ئي بچايو.”
    ابراهم لنڪن آمريڪا (USA) جو سورهون ۽ ريپبلڪن پارٽي جو پهريون صدر هو. پاڻ ڪينٽڪي رياست جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1809ع ۾ ڄائو ۽ 1861ع ۾ صدر ٿيو. ملڪ ۾ هلندڙ غلامي واري سسٽم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. 1865ع ۾ فورڊ ٿيٽر ۾ هڪ ائڪٽر (جان وائيڪس بوٿ) کيس پستول سان شوٽ ڪيو. آمريڪا جا ماڻهو ابراهم لنڪن کي جارج واشنگٽن بعد ٻئي نمبر تي پسند ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي. اهو لنڪن ئي هو جنهن جي تقرير جو مشهور جملو:
    “Government of the people, by the people, for the people, shall not perish from the earth.”
    اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ مشهور آهي.
    اسان لنڪن ميموريل ۾ گهڙي اندر اچون ٿا. ڪجهه اسڪولن جون ڇوڪريون ساڳي يونيفارم ۾ پنهنجي ٽيچر سان گڏ ٽوئر ڪري رهيون هيون. ڏاڪڻين تي سوين ٽوئرسٽ، جن ۾ اڄ گهڻائي ڏکڻ آمريڪا جي هسپانوي ماڻهن جي لڳي رهي هئي، نظر اچي رهيا هئا. ڪي ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪي پٽئٽو چپس جهڙيون شيون لفافن مان ڪڍي کائي رهيا هئا، ڪي هڪ ٻئي جا فوٽو ڪڍي رهيا هئا. اسان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي ابراهم لنڪن جي مورتي (Statue) وٽان لنگهياسين. مورتي جي پوئين ڀت تي انتساب طور لکيل سٽون جاويد چپن ۾ جهونگاريون تيسين مون هڪ ٻه تصويرون ڪڍي ورتيون.
    In this temple
    As in the hearts of the people
    For whom he saved the union
    The memory of Abraham Lincoln
    Is enshrined for ever.


    dream مارٽن لٿر ڪنگ جو خواب

    اسان ابراهم لنڪن جي مورتي جي کاٻي پاسي کان ڦري اچي مٿين دڪين مان هڪ تي ويٺاسين. ڀر ۾ ڪنهن هنگري يا آسٽريا جهڙي مشرقي يورپ جي ملڪ جي ڪا عورت گهران آندل سئنڊوچون پنهنجن ٻن ننڍن ٻارن کي کارائي رهي هئي. اسين ڪا دير ڄامشوري، سنڌ يونيورسٽي ۽ اتي جي استاد صاحبن ۽ شاگردن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. ننڍڙيءَ ننڍڙيءَ ڳالهه تي غم به محسوس ڪري رهيا هئاسين ته ننڍڙيءَ ننڍڙيءَ ڳالهه تي خوشي به محسوس ڪئيسين ٿي. مون کي هن وقت ياد اچي رهيو آهي ته ڪيئن هڪ اهڙي ننڍڙيءَ ڳالهه تان جيڪا اتي رهندڙ جپانيءَ بابت هئي، اسان ڪيڏا ٽهڪ ڏنا هئا. اڄ پيو سوچيان ته اهو ته ڪو اهڙو وڏو چرچو نه هو، پر شايد اتي جي ماحول ۽ موسم جو اثر هو. جاويد ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ رهندڙ “ماميا سان” نالي هڪ جپاني جيڪو سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڀڙ هو ۽ هن Language ۾ ماسٽرس پئي ڪئي، ان وقت هڪ ڏينهن، جاويد جي آفيس جو پٽيوالو پنهنجو ڀڳل ٽيپ رڪارڊر کڻي آيو ته ٺاهي ڏي. هو چويس ته بابا آئون ڪو مڪينڪ نه آهيان بلڪ لٽريچر جو شاگرد آهيان. پر مون واري پٽيوالي جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه ڀريل هئي ته جپاني معنيٰ ٽيپ رڪارڊر ۽ ريڊيو ٺاهڻ وارا....
    بهرحال ان قسم جون ڳالهيون ڪري شام ڪئيسين. اٿڻ مهل جاويد مون کي ان خاص پٿر وٽ وٺي آيو، جتي لٿر ڪنگ کي تقرير ڪندي ماريو ويو هو. مارٽن لٿرڪنگ جونئر 1929ع ۾ ڄائو هو. پاڻ “سول رائيٽس موومينٽ” جو مشهور ليڊر هو. پاڻ سڄي عمر Non Violence ۽ Racial Equality جي پرچار ڪندو رهيو. کيس نوبل امن انعام ۽ صدارتي آزاديءَ جو ميڊل به مليو هو. کيس ڪنهن 4 اپريل 1968ع تي تقرير ڪندي قتل ڪري ڇڏيو. هن کي ڪيترين ڳالهين ۾ ابراهم لنڪن سان ڀيٽيو وڃي ٿو. ٻنهي ڄڻن پنهنجي زندگي غريب عوام جي حقن لاءِ قربان ڪئي.


    لٿر ڪنگ جي ”I have a dream” مشهور تقرير آهي.

    آئون ان پٿر وٽ جهڪي ويٺس ۽ جاويد کي چيم ته هاڻ تصوير ڪڍ جيئن ان پٿر تي لکيل مارٽن لٿر جو نالو ۽ منهنجو چهرو ٻئي تصوير ۾ اچي وڃن. جاويد ٻڌايو ته مارٽن لٿرڪنگ جي هتي ڪيل تقرير جنهن جو عنوان ”I have a dream” آهي، مارٽن جي سڀ کان بهترين تقرير آهي جيڪا هن پنهنجن شيدين جي حقن گهرڻ لاءِ ڪئي هئي. اها تقرير هن جي خواهشن جو نچوڙ هئي ته مستقبل شل اهڙو ٿئي، جتي هن ملڪ جي ڪارن ۽ گورن کي هڪ جهڙا حق نصيب ٿين. چون ٿا ته صدر ڪينيڊي جيڪو ڪنگ مارٽن لٿر سان ان ڏينهن شام جو مليو هو، تنهن به چيس ته مون کي تنهنجي تقرير بيحد متاثر ڪيو آهي. “هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو ۽ منهنجو پڻ اهڙو ئي خواب آهي.”
    جاويد ڀٽو صاحب کي ته اها تقرير ڄڻ برزبان ياد هئي. هن مون کي ان جا ڪيترائي ٽڪرا ٻڌايا.
    “…I have a dream that one day this nation will rise up and live out the true meaning if its creed: “We hold these truths to be self – evident: that all men are created equal”.

    ..I have a dream that one day on the red hills of Georgia the sons of former slaves and the sons of former slave owners will be able to sit down together at a table of brotherhood.

    …I have a dream that one day even the state of Mississippi, a state sweltering with the heat of injustice, a state sweltering with the heat of oppression, will be transformed into an oasis of freedom and justice.
    .. I have a dream that my four children will one day live in a nation where they will not be judged by the colour of their skin but by the content of their character. I have a dream today…..


    نجم جي دال جي ڇا ڳالهه

    هڪ رات ٽرين ذريعي نيو جرسيءَ کان واشنگٽن پهتس. منور لغاري ڪئناڊا ويل هو، جتي هن ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي برانچ کولڻ ٿي چاهي. منهنجو پيٽارو جو دوست سميع ڪنيڪٽيڪٽ رياست ڏي هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ ويو هو. هن سان مون کي ٻئي ڏينهن واشنگٽن ۾ ملڻو هو. جتي بالٽيمور کان ملير ڊائجسٽ جو اڳوڻو ايڊيٽر اعجاز ابڙو به اچڻو هو. رستي تي فلڊلفيا ۾ گاڏي ترسي ته مون پنهنجي ڳوٺائي نجم ميمڻ کي فون ڪيو ته رات سندن فلئٽ تي گذاريندس. ٻاهر نڪرين ته چاٻي هيٺ رسيپشن تي مون لاءِ ڇڏجانءِ. رات جو اٺين وڳي واشنگٽن پهتس. ريلوي اسٽيشن ٻاهران ڪجهه Snacks کائي، ٽئڪسي ڪري، نجم وارن جي فليٽ تي پهتس. سخت ٿڪل هوس، وري ٻاهر نڪري مانيءَ تي هلڻ بدران اڳواٽ ڪجهه کائي پهتس ته نماز پڙهي سمهي ٿو رهان. فلئٽ تي پهچڻ سان چاٻي به موجود هئي ته نجم به. نجم کي چيم ته ٿڪل آهيان ننڊ ڪرڻي اٿم.
    “ائين ڪيئن ٿيندو. اندر ته اچو پروفيسر ڀٽو صاحب ويٺو آهي. هو توهان جي اچڻ جو ٻڌي ترسي پيو آهي.” نجم ٻڌايو ۽ آئون ننڊ تي جاويد ڀٽو جي ڪچهري کي اوليت ڏئي ويهي رهيس. هڪ دفعو وري سنڌ جون ڳالهيون، سنڌ يونيورسٽي جون ڳالهيون، يونيورسٽي جي پروفيسرن ۽ شاگردن جون ڳالهيون، جاويد جي دوستن: پروفيسر فريد الدين شيخ، آغا رفيق، اياز مغيري، عاصم آخوند ۽ ٻين جون ڳالهيون شروع ٿيون ته کٽن ئي نه، رات جا ٻارهن وڃي ٿيا. نجم اٿيو، پاڻيءَ پسيو ڀت ۽ سائي مڱن جي دال رڌي آيو. ڏاڍي وڻي. بک به ڏاڍي هئي، سڀ کائي وياسين. ديڳڙن ۾ نه دال بچي نه چانورن جو ڪڻو. نجم کي چيم ته اهڙو سٺو بورچي آهين ته ڪونه، دال ۾ ڇا وڌئي؟ چوي ڪجهه به نه. چيومانس هن کان اڳ به ساڳي دال رڌي اٿئي، هن ڀيري واهه جو سواد ۽ خوشبوءِ هئس. ڪو ڪنور ڪيوب يا ڪو مسالو ضرور وڌو هوندءِ. چوي “ڪجهه نه بک جي ڪري وڻي اٿانوَ.” صبح جو اٿي نيرن لاءِ ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻان ته مکڻ لڀي نه. نجم هي ريفريجريٽر جي رئڪ ۾ Land o Lakes جي مکڻ جي دٻي پيئي هئي، ڪيڏانهن وئي؟
    “سائين ان بدران ڊبل روٽيءَ تي پنير هڻي کائي ڇڏيو. ان مکڻ ۾ مون رات دال رڌي ڇڏي.” نجم شيو ڪندي واش روم مان رڙ ڪئي.
    “هلا ٿئي! اها ڳالهه ڪر. آئون به چوان ته ههڙي خوشبودار دال پهرين ته ڪڏهن نه ٿي.”


    عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ امر سنڌو

    ان رات دير تائين جاويد ڀٽو سان ڪيل ٻيون ڳالهيون ته هن وقت ياد نه اٿم، پر اها خبر پيم ته سنڌ جي مشهور ڪالم نويس، شاعره، Activist ۽ عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ ۽ ويڙهه جي ڄاڻو امر سنڌو، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه ڪڍي، منهنجي جپان واري سفرنامي جا پيش لفظ پڻ لکيا، اڄ ڪلهه پروفيسر جاويد ڀُٽو واري جاءِ تي سنڌ يونيوورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي ۽ سندس ادبي نالو ته امر سنڌو آهي پر اصل نالو سلميٰ لغاري آهي.
    پروفيسر سلميٰ لغاري جو ميرپور خاص سان تعلق آهي ۽ پاڻ 1993ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1995ع ۾ فلاسافيءَ ۾. ان کان علاوه هن ڪولمبو، سري لنڪا مان به Women Studies ۾ گرئجوئيٽ ڪيو آهي. جاويد ٻُڌايو ته پروفيسر سلميٰ (امر سنڌو) جي سنڌي شاعريءَ جو ڪِتاب” اوجاڳيل اکين جا خواب” عنقريب اچي رهيو آهي، جنهن ۾ سندس شعرن جو اڙدو ترجمو پڻ آهي. جيڪو فهيده رياض ڪيو آهي. هڪ اهڙو اڙدو شعر جيڪو جاويد ٻُڌايو ۽ منهنجي ڪاپيءَ تي نظر اچي رهيو آهي، هن ريت آهي:
    انقلاب کي تمام نعري بليٽ پروف هين
    هماري جوانيان انقلاب
    هماري مسڪراهٽين احتجاج
    اور هماري آنسو
    هماري لئي نعري بن رهي هين.....


    پروفيسر جاويد ڀٽو ۽ نفيسه هودڀائي جي ڪهاڻي

    ان رات پروفيسر جاويد ڀٽو جي ٻين ڳالهين مان هڪ ٻي ڳالهه يا سندس Observation کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، بلڪ مون لاءِ اها بلڪل نئين معلومات هئي ۽ هن کان اڳ مون ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو هو. چي هندو سمنڊ کي هٿ نه لائيندا آهن، سواءِ سنڌي هندوءَ جي. سمنڊ سان واسطو نه هجڻ ڪري ٻيون ڌاريون قومون هندستان ۾ گهڙي پيون ۽ هندستان تي حڪومتون ڪنديون رهيون. ساڳي وقت سنڌي سمنڊ سان مانوس هجڻ ڪري سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا.
    جاويد ٻڌايو ته سندن والد لعل محمد ڀٽو صاحب جيتوڻيڪ پروفيشن جي خيال کان ڪمپائونڊر هو، پر هن کي شاهه لطيف بابت ۽ صوفي ازم ۽ ايراني ادب جو تمام گهڻو شوق هو. جاويد ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا به ورتي، پر پوءِ اهو ڇڏي ڪراچي يونيورسٽي مان فلاسافيءَ ۾ آنرس ڪئي ۽ ان بعد بلغاريا جي صوفيه يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ماسٽرس ڪئي. 1990ع کان 1999ع تائين هو سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي ڊپارٽمينٽ سان رهيو. ان بعد سن 2000ع ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس هليو آيو ۽ هاڻ ڪئٿولڪ يونيورسٽي، واشنگٽن سان وابسته آهي. نفيسه هودڀائيءَ سان سندس شادي 1998ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي ۽ اڄڪلهه هن جو جاب پڻ هتي واشنگٽن ۾ آهي. پاڻ وائيس آف آمريڪا جي اڙدو پروگرام جي پروڊيوسر آهي.
    پروفيسر جاويد ڀٽو جو هڪ ڀاءُ شاهد ڀٽو ميوزڪ ڪمپوزر آهي ۽ پاڪستان ٽيليويزن سان وابسته آهي ۽ ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر زاهد لانڍي سوشل ويلفيئر ڪراچي اسپتال ۾ ٻارن جي بيمارين جو ڊاڪٽر آهي.
    پروفيسر جاويد ڀٽو جي زال نفيسه هودڀائي (Hoodbhoy) هڪ جرنلسٽ، ليکڪ، پروفيسر، Feminist ۽ آمريڪا جي ٽي وي ۽ ريڊيو Voice of America جي پروڊيوسر آهي. پاڻ ڪراچيءَ ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي ۽ سندس ڪراچي جي مشهور فيملي هودڀائي سان تعلق آهي. سندس والد صاحب امير علي هودڀائي ڪراچي جي ٿيوسافيڪل هال جو پاڪستان ٿيڻ کان وٺي يعني 1947ع کان سندس وفات (1998ع) تائين سيڪريٽري ٿي رهيو. ان کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي NGOs جو فائونڊر هو، جن مان گونگن ۽ ٻوڙن جي آرگنائيزيشن (Organization of Deaf & Dumb) پڻ هڪ آهي، جنهن جي آفيس ڪراچيءَ ۾ جناح جي مزار ڀرسان آهي.
    نفيسه هودڀائيءَ ٻڌايو ته ننڍي هوندي کان هن جي خواهش هئي ته هوءَ جرنلسٽ ٿئي. “مون گهمڻ ڦرڻ چاهيو ٿي، ماڻهن سان ملڻ چاهيو ٿي، نوان نوان تجربا حاصل ڪرڻ چاهيا ٿي. منهنجي خيال ۾ آئون سورهن سالن جي هئس، جو مون انگريزي زبان جي اخبار Dawn ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيو.”
    نفيسه هودڀائيءَ جا اهي ڪالم پاڪستاني عورتن بابت هئا، جيڪي مختلف پروفيشن ۾ ڪم ڪري رهيون هيون ۽ انهن جي مسئلن بابت هئا، جيڪي هنن کي درپيش آيا ٿي. نفيسه هودڀائيءَ جي زندگيءَ ۾ اڄ به اهي ٻه تندون ٽٽيون نه آهن. هڪ جرنلزم ۽ ٻي مسلمان سوسائٽيءَ ۾ عورتن جا مسئلا.
    هڪ نوجوان عورت جي حيثيت سان نفيسه هودڀائي پهريون دفعو آمريڪا (USA) 1979ع ۾ نارٿ ايسٽرن يونيورسٽي، بوسٽن ۾ تاريخ جي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس ڊگري ڪرڻ آئي. اتي هن جرنلزم جا ڪورس به ڪيا.
    آمريڪا مان MA ڪرڻ بعد نفيسه کي اتي ئي نوڪري ملي وئي ۽ سندس اهو پهريون جاب نيويارڪ مان نڪرندڙ اخبار The Guardian ۾ رپورٽر جو هو. هي سال 1981ع هو، جنهن ۾ آمريڪا ۾ عورتن جون تحريڪون (Feminism) پاڻ ڀريون ٿي رهيون هيون.
    “مون کي انهن بابت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو”، نفيسه ٻڌايو، “اهو ڪم مون لاءِ بيحد دلچسپ هو. آئون آمريڪا جي عورتن جي activities جي ڀيٽ پنهنجي ملڪ جي عورتن سان ڪري سگهيس ٿي.
    It was such an inspiration for me, that women could be so powerful, so vocal, so involved.”
    آمريڪا ۾ ڇهه سال رهڻ بعد نفيسه پنهنجي وطن پاڪستان ورڻ جو سوچيو جتي اچي هن پنهنجو جرنلزم وارو ڪم شروع ڪرڻ چاهيو ٿي. ملڪ جي وڏي اخبار ڊان هن کي يڪدم پنهنجي اخبار ۾ اسٽاف رپورٽر جي حيثيت سان جاب ڏنو. ان وقت نفيسه هودڀائي اڪيلي عورت هئي، جنهن ان فيلڊ ۾ ڪم ڪيو ٿي. 2001ع ۾ کيس آمريڪا طرفان فورڊ فائونڊيشن فيلوشپ ملي، ته مساچوسيٽ جي امريسٽ (Amherst) يونيورسٽي ۾ اچي پڙهاءِ، جتي يونيورسٽي وارن هڪ نئون ڪورس ڊيولپ ڪيو هو، جنهن جو عنوان هو:
    “Impact of Islamic fundamentalism on women in Pakistan, Iran and Afghanistan.
    سال کن بعد نفيسه مساچوسيٽ يونيورسٽي هڪ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان Join ڪئي ۽ ساڳي وقت هڪ نيشنل پبلڪ ريڊيو تي Freelance رپورٽنگ به شروع ڪئي. سندس رپورٽن يا تقريرن جا عنوان عورت، اسلام، ڏکڻ ايشيا ۽ انساني حق هئا. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ وائيس آف آمريڪا وارن پنهنجي اڙدو سروس کي وڌايو ته هنن هڪدم نفيسه هودڀائيءَ کي ساڻن ڪم ڪرڻ جي آفر ڏني ۽ هاڻ نفيسه ٻيا ڪم ڇڏي Voice of America ۾ پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿي. هن سان گڏ ٻيا به ٽيهارو کن پاڪستاني، جرنلسٽ ۽ رپورٽر ڪم ڪن ٿا، جن مان مرتضيٰ سولنگي پڻ هڪ آهي.
    نفيسه جو پاڪستان جي سياست تي هڪ ڪتاب هتي آمريڪا ۾ Penguin Putnam Viking پريس ۾ پڻ ڇپجي رهيو آهي، جيڪو هن جي جرنلزم جي تجربن جي آڌار تي آهي.
    نفيسه هودڀائي جي وڏي ڀيڻ نرگس هودڀائي کان ڪيترائي سنڌي ادب جا پڙهندڙ واقف هوندا جو هن هڪ وڏو عرصو سوجهرو رسالي ۾ ڪم ڪيو. سندس ٻي ڀيڻ ڊاڪٽر مسز نسيم صلاح دين آهي، جيڪا لياقت نيشنل هاسپيٽل ڪراچي ۾ Immunology ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. ڀائرن ۾ هڪ ڀاءُ ثمير هودڀائي ڪمپيوٽر انجنيئر آهي ۽ ڪراچي ۾ هن جو بزنيس آهي ۽ ٻيو ڀاءُ پرويز هودڀائي ملڪ جو نامور سائنسدان آهي، جنهن نيوڪليئر فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پاڻ قائداعظم يونيورسٽي جي فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي. کيس ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ هو تعليم يافته طبقي ۾ بيحد عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.


    ڪجهه نيويارڪ بابت

    اسان کي ڪجهه نيويارڪ جو ذڪر ڪرڻ کپي. جيئن ڪراچي پاڪستان جي جان آهي، توڙي کڻي گادي جو هنڌ اسلام آباد آهي يا سهڻو شهر لاهور ٿو سڏجي، پر ڪراچي واپار وڙي ۽ عوام جي لحاظ کان وڏو شهر آهي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن لاءِ فيوريٽ شهر آهي. ايتري قدر جو پاڪستان جي سڃاڻپ ڪراچي آهي ۽ ڪراچي جي پاڪستان. تهڙي طرح آمريڪا (USA) جو شهر نيويارڪ آهي، جِتي هر ڌاريون ۽ ملڪي ماڻهو وڃڻ چاهي ٿو. آمريڪا جو جيتوڻيڪ گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن (ڊي سي) آهي ۽ خوبصورت شهر لاس اينجلس، بالٽيمور، شڪاگو، ميامي ۽ هيوسٽن کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا هجن، پر وڏي ليول تي آمريڪا جي سڃاڻپ نيويارڪ آهي ۽ نيويارڪ معنيٰ USA. نيويارڪ هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز رستي اڄ توڙي اڳ، پهچڻ ۾ سولو رهيو آهي. نيويارڪ کي پنهنجو هوائي اڏو آهي، بلڪه دنيا جو وڏي ۾ وڏو هوائي اڏو JFK ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي هوائي اڏا آهن. پاڻي واري جهازن جي آمدرفت لاءِ به نيويارڪ دنيا جي وڏن ۽ اهم بندرگاهن مان هڪ آهي. آدمشماري جي لحاظ کان به نيويارڪ نه فقط آمريڪا (يعني USA) جو وڏو شهر آهي، پر سڄي اتر آمريڪا کنڊ ۾ هڪ ڳتيل شهر آهي، جِتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. بين الاقوامي ڏيتي ليتي (Finance)، سياست، وندر (Entertainment) ۽ ڪلچر جي لحاظ کان دنيا جا جيڪي چار شهر وڏا مڃيا وڃن ٿا، نيويارڪ انهن مان هڪ آهي ( ۽ ٻيا ٽي آهن: لنڊن، پئرس ۽ ٽوڪيو).
    هن شهر نيويارڪ ۾ ايترا ته ميوزيم، آرٽ گئلريون، ڊرامن جا ٿيٽر، سئنيما هال، Media Outlet، بين الاقوامي ڪارپوريشنون، اسٽاڪ ايڪسچينج، جهازي ڪمپنيون آهن، جو انهن جو مقابلو ٽوڪيو ۽ لنڊن به نٿو ڪري سگهي. سڀ کان وڏي ڳالهه نيويارڪ UNO جو گهر آهي ۽ دنيا جي هر ملڪ جي Mission ۽ قونصل خانو هِتي آهي.
    نيويارڪ شهر “نيويارڪ رياست” ۾ آهي. منهنجو اهو جملو ڪيترن کي منجھائيندو. ان ڪري ان کي سمجھائڻ ضروري آهي خاص ڪري انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي نيويارڪ نه ويا آهن يا جن کي نيويارڪ جي گهڻي ڄاڻ ناهي. نيويارڪ رياست ائين آهي، جيئن ڪراچي ضلعو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي ضلعو ۽ اسان جا ٻيا ضلعا پکيڙا ۾ ايڏا وڏا نه آهن، جيڏي نيويارڪ رياست (State) يا USA جون ٻيون رياستون آهن. پکيڙ ۾ نيويارڪ جي رياست سڄي سنڌ جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ آمريڪا جو ٽيڪساز، ڪئليفورنيا ۽ مونٽانا جهڙيون رياستون ته بلوچستان صوبي جي مقالبي جون ٿينديون. سڄي سنڌ جي توڙي نيويارڪ رياست جي پکيڙ هڪ لک 41 هزار چورس ڪلوميٽڙ آهي. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز ـــ بلوچستان کان گهڻي وڏي، تقريبن سڄي پاڪستان جيڏي ٿيندي، ڇو جو پاڪستان جي پکيڙ 8 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ٽيڪساز جي ست لک چورس ڪلوميٽر آهي.
    سو جهڙي طرح ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي شهر کان علاوه ملير، لانڍي، لالو کيت، چنيسر ڳوٺ، ماڙيپور، ماچ، پپري، منگھو پير، گذري، لس ٻيلي جهڙا ڳوٺ ۽ شهر اچي وڃن ٿا، تيئن نيويارڪ رياست جيڪا سنڌ جيڏي آهي، نيويارڪ شهر کان علاوه ٻيا به ڪيترائي وڏا ننڍا شهر اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ بفئلو، راچيسٽر، يونڪر، سارا ڪوز، الباني، ورنان، لانگن بيچ، ايلميرا، ويندي هڪ شهر جو نالو روم به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جا مختلف شهر توڙي ڳوٺ سڄي ملڪ مان لڏي ايندڙ وڌندڙ آدمشماريءَ ڪري هڪ ٻئي سان ملي ويا آهن، جيڪي اڄ کان اڌ صدي اڳ الڳ الڳ ۽ گهڻي فاصلي تي هئا. 1960ع جو ڪراچي به مون کي ياد آهي. جڏهن ملير، لانڍي، پپري، ڊرگ روڊ ته هڪ ٻئي کان پري هئا ۽ وچ ۾ جنگل ۽ غير آباد علائقا نظر آيا ٿي، ويندي لالو کيت جيڪو هاڻ لياقت آباد سڏجي ٿو، هڪ ڳوٺ هو. ڪراچي شهر فقط صدر، ٽاور، ڪياماڙي، منهوڙو، کارادر ۽ ميٺادر وغيره هو. سو اهڙي طرح نيويارڪ رياست ۽ نيويارڪ سٽي سمجھڻ کپي ۽ نيويارڪ شهر جو صدر، ڪياماڙي، منهوڙو ۽ کارادر وغيره آهي: برانڪس، بروڪلن، مئن هٽن، ڪئنس، اسٽيٽن آئلينڊ وغيره جيڪي هِتي باروز Boroughs ٿا سڏجن ۽ سمجھو ته نيويارڪ شهر جو صدر Manhattan آهي. بس فرق فقط هي آهي ته هِتي هر شيءِ وڏي آهي. مولا جو ملڪ جام آهي. ظاهر آهي جيڪا رياست (نيويارڪ) سنڌ جيڏي ٿي، ان جا شهر به ته ايڏا ئي وڏا هوندا ۽ ان شهر جي صدر توڙي منهوڙي، کارادر ۽ ميٺادر جي ڇا ڳالهه ڪجي!
    هڪ ڳالهه آهي ته نيويارڪ رياست جي گاديءَ جو شهر نيويارڪ سٽي بدران “الباني” آهي، جيڪو بُفئلو، روچيسٽر، يانڪر جهڙن شهرن کان به ننڍو آهي، پر آمريڪا (USA) ۾ اهو ڪم ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي جيئن ننڍا شهر به اهميت حاصل ڪن ۽ نه فقط هن رياست ۾ پر ٻين ۾ به اهو ئي سلسلو آهي. جيئن نيوجرسي رياست جي گاديءَ جو شهر Trenton ٽرينٽن آهي، جيتوڻيڪ ٽرينٽن کان نيوارڪ، خود جرسي سٽي، پئٽرسن، ايلزبيٿ وغيره وڏا شهر آهن. جپان وانگر آمريڪا حڪومت به سڄو لوڊ وڏن شهرن تي وجھڻ بدران ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ترقي وٺرائي رهي آهي. مثال طور ڏهاڪو کن سال اڳ نيوجرسي رياست جو ائٽلانٽڪ سٽي، هِتي جو ڏيپارجا يا گپچاڻي ڳوٺ هو ۽ اڃان به ٽيهه پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن سامونڊي رستن ذريعي اسان ڪئمبڊن، فلڊلفيا يا بالٽيمور پاسي ايندا هئاسين، ته ائٽلانٽڪ سٽي جي ٻاهران، منهوڙي جهڙو لائيٽ هائوس به نه هو، جنهن کي ڏسي اسان جهاز هلائيندڙن کي کڻي آئيڊيا ٿئي ته ٻيلي فلاڻي هنڌ تي ڪا بستي يا سَتڙ آهي. پوءِ ڀلو ٿئي نيويارڪ جي گورنر جو، جنهن نه فقط پنهنجي شهر جي 42 اسٽريٽ صفا ڪرائي ۽ بازاري ماين، دلالن ڀڙون ۽ رنڊين کنڊين کي ڀڄايو، پر ٻين رياستن جي گورنرن کي به گائيڊ ڪيو ته شهرن کي ان گپاگيهه ۽ گند کان بچايو. نيوجرسي جي امير واپارين پنهنجي رياست جي وڏن شهرن ۾ جوا خانا ۽ مئخانا ٺاهڻ ٿي چاهيا، ته هنن کي هن ڳاهيجا جهڙي هن ڳوٺ ائٽلانٽڪ سٽي ڏي اشارو ڪيو ته هي پَٽُ سُنسان ۽ ويران ضرور آهي، پر توهان کي ان جي زمين گهٽ اگهه تي ڏني ويندي ۽ ٽئڪس نه برابر اوڳاڙيو ويندو. ڏسندي ئي ڏسندي هن ائٽلانٽڪ سٽي ۾ (جيڪا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ان نالي واري سڏي وڃي ٿي) وڏيون ۽ اڀيون هوٽلون، جوا جون قسمين قسمين Dens، مئخانا ۽ پب، مساج گهر ۽ چڪلا ٺهي ويا. سال اڌ ويران رهيو، شايد جوارين جي ڪن تي کڙڪو دير سان پيو، پر هاڻ ته سائين ذات جواري هِتي پهچيو وڃي. اولهه ڪناري جا ڀاڙا ڀري لاس ويگاس ڪير وڃي. نيويارڪ ۽ Maine رياست کان وٺي جارجيا، الباما ۽ ڪينٽڪي رياستن جا ماڻهو هيڏانهن پهچيو وڃن. هاڻ هن شهر ۽ بندرگاهه جي ٻاهران سمنڊ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي Beacon ۽ Buoy لڳايا ويا آهن، ته جيئن جهازين کي هن شهر جي خبر پوي، پر هنن کي انهن بتين کان اڳ ويهارو ماڙ جوا خانن جي کڏن تي ٻرندڙ هنن هوٽلن جي نالن جون نيان سائن نظر اچيو وڃن. ائٽلانٽڪ سِٽي اڄ ڳاهيجا ۽ ڏيپارجا نه رهيو آهي. اڄ اهو هڪ خوبصورت ۽ معاشي حالتن کان امير شهر ٿي پيو آهي. اڄ هن جي زمين جو اگهه سڀ کان ڳرو آهي. هن مثال ڏيڻ سان منهنجو ڪو مطلب اهو ناهي ته اسان جي ڳوٺن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ماتلي ۽ سجاول ۾ جوا خانا ٺاهيا وڃن، هرگز نه. پر اسان جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا فيڪٽريون ته لڳي سگهن ٿيون، جن ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ مالڪن کي سستو مزور ملي سگهندو. پر انهن سڀني ڳالهين جو دارو مدار امن امان تي آهي، جيڪو ڏيارڻ حڪومت جو ڪم آهي. اڄ به آمريڪا ۾ امن امان جي حالت خراب ٿي پوي ته آمريڪا جهڙو ملڪ به ايسٽونيا ۽ البانيا ٿي پوي. ملائيشيا ۽ ويندي سنگاپور جهڙو ننڍڙو ٻيٽ، جنهن جي ڪا پنهنجي آمدني ناهي، ان جي حڪومت پنهنجن شهرين توڙي ڌارين واپارين ۽ پورهيتن کي امن امان ۽ انصاف ڏياري پاڻ امير ٿي وئي آهي.

    نيويارڪ شهر پنجن حصن ۾ ورهايل آهي
    نيويارڪ شهر ڪراچي جي پنجن ضلعن وانگر پنجن حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته بارزو Boroughs سڏجن ٿا. انهن جا نالا هن ريت آهن:
    - برانڪس Bronx
    - بروڪلن Brooklyn
    - مئن هٽن Manhattan
    - ڪئينس Queens ۽
    - اسٽيٽن آئلنڊ Staten Island
    سواءِ اسٽيٽن آئلنڊ جي، باقي هر بارو جي آدمشماري ڏهه لک کان مٿي آهي. بهرحال آدمشماري جي لحاظ کان ته ڪراچي ۽ ويندي اسان جو سڄو ملڪ ڪنهن کان گهٽ ناهي. ڪراچي جي آدمشماري هڪ ڪروڙ کان مٿي چئي وڃي ٿي. بهرحال جيئن ڪراچي ۾ ملڪي پٺاڻ، پنجابي، بلوچ وغيره کان علاوه غير ملڪي برمي، بنگالي، افغان رهن ٿا، تيئن نيويارڪ به ٻاهران آيلن لاءِ هميشه ڪشش وارو شهر رهيو آهي. ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو نيويارڪ ۾ نظر نٿا اچن. ڪمائي ڌنڌي ڌاڙي، گهمڻ ڦرڻ، خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ نيويارڪ شهر ٽاپ تي آهي. اسان جهازين لاءِ به نيويارڪ دلپسند شهر ۽ بندرگاهه رهيو آهي. مهيني جا شروع وارا ڏينهن هوندا هئا ۽ پگهار سان کيسا ڀريل هوندا هئا ته نيويارڪ جهرو شهر نه هو. صحيح قسم جي Sale هِتي ئي لڳي ٿي، جنهن ۾ دڪاندار واقعي دڪان خالي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان انهن پئسن مان گهڻي کان گهڻي شاپنگ ڪري، جهاز تي پهچندا هئاسين. ٿيٽرن ۽ سئنيما گهرن ۾ ويندا هئاسين. انڊين ۽ مڪاني هوٽلن ۾ ماني کائيندا هئاسين. مهيني جي آخري ڏينهن ۾ پئسو ختم ٿي وڃڻ تي، جهاز تان بٽر يا جئم جي سئنڊوچ ٺهرائي، ٽائيمس اسڪائر يا فارٽي سيڪنڊ اسٽريٽ ۾ مفت جا تماشا ۽ ماڻهن جو حسن بيهي ڏسندا هئاسين. پئسن وارن ميوزمن بدران مفت جي عجائب گهرن، پارڪن ۽ سامونڊي ڪنارن تي گهمندا هئاسين.
    نيويارڪ جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته ڪولمبس جي اچڻ بعد ڊچ (هالينڊ جا رهاڪو) پهريان يورپي هئا، جن آمريڪا جي هن حصي (جنهن جو هينئر نالو نيويارڪ آهي) تي 1613ع ۾ قبضو ڪري هن شهر کي نيو ائمسٽرڊم ۽ نيو نيدرلئنڊ نالو ڏنو. يعني هڪ ائمسٽرڊم ۽ نيدر لئنڊ ته يورپ ۾ سندن شهر ۽ ملڪ جو نالو ٿيو ۽ ٻيو هي. (هالينڊ ملڪ کي نيدرلئنڊس به سڏجي ٿو). 1640ع ۾ پيٽر اسٽوويسنٽ (Peter Stuyvesant) جيڪو عطر، سگريٽ هئنڊ بئگن ۽ ٻين ڪيترن شين کان مشهور آهي، هِتي جو پهريون گورنر ٿيو، جنهن کي سندس يورپي ملڪ هالينڊ (نيدر لئنڊ) 1652ع ۾ خودمختيار حڪومت هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. 1664ع ۾ انگريزن هي علائقو فتح ڪري سندس نالو نيويارڪ رکيو. ڊچ پنهنجو علائقو واپس وٺڻ ۾ لڳا رهيا، جنهن ۾ هنن کي ڏهن سالن بعد 1673ع ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هنن پوءِ ان علائقو جو نالو “نيو آرينج” رکيو، پر اهو فقط هڪ سال کن لاءِ رهيو، ان بعد وري انگريز زور ٿي ويا ۽ هي علائقو نيويارڪ سڏجڻ لڳو. هاڻ ٻڌايو ته اسان جي درويش صفت مغلن جو ڪهڙو ڏوهه ۽ ڪهڙي همت جو انگريزن جون اٽڪلون سمجھي، هنن جي ٻيڙي ٻوڙي سگهن. انگريزن جهڙن استادن جي مقابلي ۾ ڊچن جهڙا ٺڳ ۽ قزاق به ملڪ ڇڏي وڃي پٺين صفن ۾ بيٺا ۽ پوءِ جيئن انگريزن ويران ۽ مهاڻن جي بستي بمبئي، پينانگ، نئروبي ۽ سنگاپور کي ترقي وٺرائي ڇڏي، تيئن انگريزن جي هٿ هيٺ نيويارڪ ۽ اوسي پاسي جو علائقو خوب وڌيو ويجھو ۽ ترقي ڪئي. 1783ع تائين نيويارڪ برٽش حڪومت جي هٿ ۾ رهيو ۽ پوءِ آمريڪي انقلابي جنگ بعد نيويارڪ سڄي آمريڪا (USA) جو عارضي طور گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. 1898ع ۾ نيويارڪ کي پنجن حصن Borough تي مشتمل بنايو ويو. شهر کي ڳنڍڻ ۽ بهتر ٽرانسپورٽ لاءِ 1904ع ۾ نيويارڪ سٽي سب وي ٺاهيو ويو. ٻيءَ جنگ عظيم ۾ هن شهر اهم ڪردار ادا ڪيو. جنگ جي ڪاميابي بعد نيويارڪ دنيا جي اڀرندڙ شهرن مان هڪ ٿي سامهون آيو. ترقي، ڪمائي ۽ ڌارين ماڻهن جي هيڪاندي لوڌ اچڻ ڪري هن شهر جي ڏوهن جو انگ Crime Rate پڻ وڌڻ لڳو، جيڪو 1970ع ۾ اوج تي پهچي ويو هو. هي اهي سال آهن جن ۾ اسان جو جهاز نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ۽ هِتي ڏوهن ۽ خوفنائِتن ماڻهن بابت انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکندو هوس ته آمرريڪا جيڪو هيڏو ترقي يافته ملڪ آهي جِتي هيترا تعليمي ادارا آهن اتي جي اهم شهر نيويارڪ ۾ ڪيڏو Crime آهي، جو اسان جو جهاز جڏهن نيويارڪ پهچي ٿو، خاص ڪري بروڪلن علائقي ۾ ته اسان کي مڪاني آفيس طرفان خبردار ڪيو وڃي ٿو ته نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ رات جو ته ڇا ڏينهن جو به اڪيلو نه نڪرو. اهو پوءِ آهستي آهستي ٿي اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جھڪو ٿيو ۽ هن شهر ۾ ناڻي ڏوڪڙ جي ريل پيل ٿيڻ لڳي ۽ نوي ۾ ته چوٽ تي وڃي چڙهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هينئر جو نيويارڪ ان جي مقابلي ۾ نئون شهر ٿو لڳي، جيڪو ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ 71-1970ع جو نيويارڪ هو.


    نيويارڪ جي ترقي ۽ مشهوري

    نوي واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۽ سڄي آمريڪا جي ناڻي جي ترقي جو هڪ سبب Dot Com Boom به هو. يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ۾ آمريڪا (USA) پاڻ کي سڀ کان اڳڀرو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ خوب ناڻو ۽ مشهوري حاصل ڪئي. دنيا جون وڏيون ڪمپنيون آمريڪا جون نڪتيون ۽ هنن نيويارڪ کي پنهنجو مرڪز بڻايو. ان کان علاوه رهائشي ۽ ڪمرشل زمين Real Estate جو به اگهه چوٽ چڙهيو ۽ نيويارڪ ۽ سڄي آمريڪا جي خوشحاليءَ جو اهم سبب ثابت ٿيو ۽ پوءِ نئين صديءَ جي شروعات ٿي ۽ پهرين سال جي آخر ۾ يارهين سيپٽمبر تي دهشتگردن جو نيويارڪ نشانو رهيو ۽ دنيا جي اتاهين عمارت World Trade Center کي ڊاٺو ويو. عمارت ۾ موجود هزارين ماڻهن کان علاوه ٻن هوائي جهازن جا مسافر ۽ سوين پوليس وارا ۽ باهه وسائڻ وارا ماڻهن کي بچائڻ دوران پاڻ به باهه ۾ سڙي يا دونهين ۾ ٻوساٽجي مري ويا. گرائونڊ زيرو مان، جِتي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڪريو مهينن تائين دونهون نڪرندو رهيو. ان هنڌ تي آمريڪا 1779 فٽ فريڊم ٽاور ٺهرايو آهي. 1779 هڪ اهڙو انگ آهي، جنهن سال ۾ آمريڪا جي Declaration of Independence جو مسودو لکيو ويو هو.
    مٿي لکي آيو آهيان ته 1904ع ۾ نيويارڪ ۾ پهرين سب وي (زمين دوز) ريل هلڻ شروع ٿي. ان کان اڳ ۽ پوءِ جون ڪجهه اهم عمارتون، جيڪي اڄ به پنهنجو پاڻ مڃرائين ٿيون، هن ريت آهن: ايري Erie ڪئنال 1825ع ۾ ٺهيو، جنهن نيويارڪ ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ هن ڪئنال جي ڪري ڪيتريون ئي پاڻيءَ جون Routes ٺهي پيون ۽ ماڻهو لانچن ۽ فيرين ذريعي ڪافي اندر تائين پهچڻ لڳا. نيويارڪ جو مشهور سينٽرل پارڪ 1835ع ۾ ٺهيو. هي مئن هٽن ٻيٽ 843 ايڪڙن تي آهي، جنهن جي ڊيگهه اڍائي ميل ۽ ويڪر ڏيڍ ميل آهي. هن جي اوڀر ۾ ففٿ ايوينيو ۽ ڏکڻ ۾ ڪولمبس سرڪل آهي. هن پارڪ کان ڪيترا ماڻهو، جيڪي ڀلي کڻي ڪڏهن نيويارڪ نه آيل هجن، واقف لڳن ٿا جو هي پارڪ دنيا جي ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي شوز ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هي پارڪ يعني سينٽرل پارڪ، نه فقط سڄي آمريڪا ۾ پر سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مشهور چيو وڃي ٿو. جن هي پارڪ ڊيزائين ڪيو (فريڊرڪ ۽ ڪالورٽ) انهن ئي بعد ۾ بروڪلن ۾ پراسپيڪٽ پارڪ ٺاهيو.
    سينٽرل پارڪ جو وڏو حصو قدرتي لڳي ٿو پر حقيقت ۾ هٿ سان ٺاهيو ويو آهي ۽ منجهس هٿرادو ڍنڍون آهن. هن ۾ جاگنگ جا رستا آهن ۽ ٻارن جي کيڏڻ جا ميدان پڻ. سياري جي موسم ۾ جڏهن ڪئناڊا ۽ اتراهن ڏينهن ۾ سخت ٿڌ ٿي پوي ته اتي جا ڪيترائي پرديسي پکي پارڪ ۾ اچيو لهن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سياري جي موسم ۾ سائيبيريا کان آڙيون، نيرڳ ۽ ڪونجون وغيره اچن ٿيون.
    آمريڪن ميوزيم آف نئچرل هسٽري (1877ع) ۾ ٺهيو. ميٽرو پوليٽن ميوزيم آف آرٽ 1880ع ۾، ميٽرو پوليٽن اوپيرا 1883ع ۾، بروڪلن برج (پل) پڻ 1883ع ۾ ۽ Statue of Liberty (آزادي جو مجسمو) 1886ع ۾. اڳتي هلي پاڻ ڪجهه ذڪر بروڪلن برج، آزادي جي مجسمي ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ۽ ٻين اهم عمارتن بابت پڻ ڪنداسين.
    نيويارڪ جي مشهور ڪرسلر (Chrysler) بلڊنگ 1930ع ۾ ٺهي، ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ 1931ع ۾ ۽ راڪ فيلر سينٽر 1932 ۾ ٺهيو. نيويارڪ ۾ جيڪا سڀ کان پهرين اتاهين بلڊنگ ٺهي اها Flatiron بلڊنگ آهي جيڪا 1902ع ۾ ٺهي.
    نيويارڪ جو اهم حصو يعني صدر جو علائقو مئن هٽن آهي، جتي ڌنڌي ڌاڙي ۽ بئنڪن ۾ امير ڪمپنين جي عمارتن واري گهٽي وال اسٽريٽ آهي، عجيب خوشبوئن ۽ سوادن جي کاڌن وارو چائنا ٽائون ۽ لٽل اٽلي آهي (جيئن سنگاپور ۾ سرنگون روڊ لٽل انڊيا ٿو سڏجي)، جتي نئين فئشن جي ويس وڳن ۽ روشنين جو گهر ٽائيمس اسڪائر آهي، جتي امير توڙي غريب Enjoy ڪن ٿا. امير خريداري ڪري ۽ غريب انهن امير عورتن جي خوبصورت چهرن، ويس وڳن ۽ ٽائيمس اسڪائر جي روشنين کي ڏسي.
    نيويارڪ جو هي صدر وارو علائقو يعني مرڪزي علائقو ’مين هٽن‘ هڪ دريائي ٻيٽ جي صورت ۾ آهي، يعني هن ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ هجڻ بدران درياهه آهي. مئٽن هٽن ٻيٽ هڊسن ندي ۽ ايسٽ نديءَ (East River) جي وچ ۾ آهي، جيڪي نديون هڪ ٿي خليج نيويارڪ (New York bay) مان ٿينديون ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن. جاگرافي جي شاگردن ۽ انهن جهازين لاءِ جيڪي پنهنجي جهاز کي هن پاسي نه وٺي آيا آهن، جي ڄاڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته ٽوڪيو بي (خليج ٽوڪيو) وانگر خليج نيويارڪ جا به ٻه حصا آهن؛ مٿيون (يعني اندريون) خليج ۽ هيٺيون (يعني ٻاهريون) خليج جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ سان لاڳو آهي. نيويارڪ ۽ ڀرواري بندرگاهه نيوارڪ ۾ اچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، پوءِ ٻاهرين (Upper New York bay) ۾ اسين اچين جهاز جو لنگر ڪيرائيندا هئاسين. ان کان اڳيان وڌڻ جي اجازت نه هوندي هئي. بندرگاهه ۾ اسان جي جهاز جي ماپ جيتري جاءِ خالي ٿيڻ ۽ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو بندوبست ٿيڻ تي بندرگاهه جو ڪو ڪئپٽن (جيڪو پائلٽ سڏجي ٿو) جهاز کي مٿين (Lower New York bay) ۾ وٺي هلندو هو، جتي ڪجهه دير بيهاري، جيسين بندرگاهه ۾ پهرين جو بيٺل جهاز نڪري، پوءِ نيويارڪ يا نيوارڪ ۾ اچي بيهاريندو هو. بهرحال اسان ٻاهرين نيويارڪ خليج ۾ لنگر ڪيرائڻ سان ئي خوش ٿي ويندا هئاسين ۽ سفر خير خوبيءَ سان ختم سمجهندا هئاسين جو اتي چوڌاري زمين جي آڏ هجڻ ڪري سمنڊ ماٺو ٿو رهي نه ته سال جا ڪيترائي مهينا نيويارڪ جي آسپاس وارو ائٽلانٽڪ سمنڊ پنائي رکي ٿو. ٻاهريون ۽ اندرون ’خليج نيويارڪ‘ هڪ سوڙهي سامونڊي گهٽيءَ ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي ۽ اهو گهٽيءَ وارو سمنڊ جو حصو Narrows سڏجي ٿو.


    نيويارڪ کي پُليون ۽ سرنگون ڳنڍين ٿيون

    هونءَ ڪراچي يا ملائيشيا کان آمريڪا (USA) ايندي، اسان ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ وقت ڏکڻ آمريڪا ڏي رخ ڪندا هئاسين، جو ائين ڪرڻ سان سامونڊي لهرون ۽ هوائون اسان جي فائدي ۾ رهنديون هيون ۽ اسان کي رفتار پڻ وڌيل ملندي هئي. ٻين لفظن ۾ تيل گهٽ ساڙڻو پوندو هو. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ويجهو پهچي پوءِ ويسٽ انڊيز جي مشهور ٻيٽ ٽرنيڊاڊ (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) ۾ ايندا هئاسين ۽ گهڻو ڪري ٽرنيڊاد ۽ ڀر واري ٽباگو ٻيٽ لاءِ ڪارگو ملي ويندو هو ۽ هي ٻيٽ (گهٽ ۾ گهٽ تن ڏينهن ۾) ڊيوٽي فري هجڻ ڪري انهن تان جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل پاڻي پڻ وٺندا هئاسين. ان بعد ڪئريبين سمنڊ جي ننڍن ننڍن ٻيٽن، باربادوس، ڊومنيڪا، پورٽو ريڪو، هائيتي ۽ ڪيوبا وغيره کي ڀرپاسو ڏيئي ميامي (آمريڪا جي فلوريڊا رياست جي بندرگاهه) ۾ پهچندا هئاسين. پوءِ يا آمريڪا جي ڏکڻ بندرگاهن، نيو اورلينس، هيوسٽن، گلوسٽن وغيره ۾ ويندا هئاسين يا مٿي بالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نيويارڪ ڏي ايندا هئاسين.
    نيويارڪ ۾ رهندڙ جنهن کي ’ائنڪريج چئنل‘ سڏين ٿا اهو هڊسن چئنل جو بندرگاهه وارو حصو آهي ۽ هٿرادو طرح ان چئنل جي اونهائي پنجاهه فوٽ کن رکي وڃي ٿي جيئن پاڻيءَ جا جهاز زمين ڇهڻ بنا لنگهندا رهن. ايسٽ نديءَ جي منهن وٽ ’گورنرس آئلئنڊ‘ آهي ۽ نيو جرسي رياست پاسي ايليس (Ellis) ٻيٽ ۽ لبرٽي ٻيٽ پڻ خليج نيويارڪ ۾ اچي وڃن ٿا. پاڻيءَ واري جهاز جي خليج ۾ گهڙڻ سان ان ۾ موجود جهازين ۽ مسافرن کي آزاديءَ جو مجسمو نظر اچي ٿو. هي هڪ عورت جو تمام وڏو مجسمو آهي، جيڪو فرانس وارن USA کي 1886ع ۾ تحفي طور ڏنو ۽ هي مجسمو آزاديءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ ’لبرٽي آئلنڊ‘ نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي هي مجسمو رکيل آهي جنهن جي اوچائي 305 فٽ، يعني 93 ميٽر آهي. هن جي ڊيگهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سٺ کن ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪلهي تي ٿي بيهن ته پوءِ هن جي ليول ۾ اچي سگهندا. لبرٽي ٻيٽ جو اصل نالو Bedloe’s Island هو پر 1956ع کان هن جو نالو Liberty Island رکيو ويو آهي. آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ لاءِ هن ٻيٽ تي پهچڻ جو طريقو فيريءَ ذريعي آهي جيڪا مئن هٽن ٻيٽ جي ’بيٽري پارڪ‘ مان ٽوئرسٽ کڻي لبرٽي ٻيٽ تي پهچائي ٿي جتي 354 کن ڏاڪا چڙهي هن مجسمي تائين پهچجي ٿو. هن مجسمي ۽ Ellis ٻيٽ جو تفصيلي حوال اڳتي هلي ڪنداسين.
    مٿي جنهن ڳچي سمنڊ The Narrows جو ذڪر ڪيو اٿم ته نيو يارڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين خليج کي ملائي ٿو ۽ اسان جهاز وارا پاڻيءَ جي جهاز کي هن سوڙهي سامونڊي ڳچيءَ مان گذاري اڳيان مئن هٽن يا کاٻي پاسي نيويارڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز کي وڃي بيهاريندا آهيون. ڪيترا دفعا ته هي سوڙهو سمنڊ جو ٽڪرو لتاڙي يڪدم ساڄي پاسي بروڪلن ۾ ئي جهاز کي بيهاريندا آهيون جيڪو انهن ڏينهن ۾ جڏهن نيويارڪ جو امن امان چوٽ جو خراب هو، سڀ ۾ خراب علائقو سمجهيو ويندو هو ۽ اسانکي رات جي وقت بندرگاهه واري علائقي ۾ گهمڻ ڦرڻ کان سختي سان منع ڪيو ويندو هو.
    هن نئروز واري ڳچي سمنڊ جي ساڄي پاسي نيويارڪ جو علائقو بروڪلن آهي ته کاٻي پاسي اسٽيشن آئلنڊ. اسٽيشن آئلنڊ کان نيو جرسي جتي آئون رهيل آهيان، سڏ پنڌ تي آهي. نيويارڪ کان نيو جرسي اچڻ لاءِ ڪيترائي رستا آهن ڪراچيءَ کان اچڻ وقت نيويارڪ جي JFK ايئرپورٽ تي لهي پوءِ باءِ روڊ بروڪلن آيو هوس، جتان ويرا زانو پل ذريعي اسٽيشن آئلنڊ پهتو هوس. نيويارڪ جي مشهور پلين مان هيءَ هڪ پل Verrazano Narrows تان روزانو هزارين ماڻهو نيويارڪ کان نيو جرسي ايندا ويندا رهن ٿا ۽ هيءَ پل هن نئروز نالي سوڙهي ڳچي سمنڊ مٿان آهي. هيءَ پل چڱي خوبصورت ۽ اتاهين آهي، جو مٿان ٽرئفڪ هلندي رهي ٿي ۽ هيٺان وڏا جهاز گذرندا رهن ٿا. هڪ دفعي ته نيويارڪ پورٽ اٿارٽي وارن اسانجي جهاز کي اڌ ڏينهن کن هن پل جي ڀرسان ئي بيهاري ڇڏيو هو، جيسين نيويارڪ بندرگاه مان نڪرندڙ جهاز نڪري وڃي، جنهن جي جاءِ تي اسانکي بيهڻو هو. پل جي هيٺان بيٺل، اهي چند ڪلاڪ اڄ به نٿا وسرن. ڇا ته خوبصورت نظارو هو. ساڄي پاسي نيويارڪ جي بروڪلن علائقي جون ۽ کاٻي پاسي اسٽيشن ٻيٽ ۽ نيو جرسي جون اتاهيون عمارتون ۽ رستن تان هلندڙ لاريون موٽرون نظر اچي رهيون هيون، سامهون مئن هٽن هو جتي جي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ان وقت (1970ع ۾) سڀ کان اتاهين بلڊنگ هئي ۽ مٿان ويرا زانو پل تان هڪ اڻ کٽندڙ ٽرئفڪ جو سلسلو هو. جيڪي اسان جي جهاز جو بلڪل مٿانهون View آرام سان ڏسندا ويندا هوندا. هينئر هيءَ ويرازانو پل پنهنجي ڀاڻيجي سان گڏ ڪار ۾ ٽپندي اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن اسان جا هن پاسي روز جا پنڌ هوندا هئا. ثمير کي آڱر جي اشاري سان ٻڌايم ته جتان هن وقت هي جهاز لنگهي رهيو آهي، اتي هيٺ اسان لنگر ڪيرائي ڪافي دير هڪ هنڌ بيٺا رهيا هئاسين. چون ٿا ته تاريخي رڪارڊ موجب پهريون يورپي جيڪو هن سوڙهي ڳچي سمنڊ وٽ پنهنجو ٻيڙو هاڪاري آيو، اهو جيوواني ڊا ويرازانو هو ۽ اهو 1524ع جو سال هو ۽ هتي Lenape قبيلي جا اصلوڪي رهاڪو هن سان اچي مليا هئا. جيوواني Giovannia daVerrazano جي نالي تي ئي هيءَ پل آهي، جيڪا 1964ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ ان وقت دنيا جي وڏي ۾ وڏي Suspension پل سمجھي وڃي ٿي. توهان جي نيويارڪ هڪ ڏينهن لاءِ به آيائو ته هيءَ پل ضرور ڏسي سگهندائو، جو هيءَ پُل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ويندي، پري کان ته جتان ڪٿان نظر اچي ٿي.


    جهاز وارن لاءِ نيويارڪ جي نئروز ويرازانو اهم پُل آهي.

    پاڪستان کان يا ٻئي ملڪ کان ڪو ڌاريون نيويارڪ پهچي ٿو. ته هو هيڏانهن هوڏانهن پليون ڏسيو، منجهيو پوي ته ڪهڙي پل ڪيڏانهن وڃي پيئي. دراصل نيويارڪ جو شهر ڪراچي وانگر نه آهي جتي فقط هڪ ٻيٽ منهوڙو آهي ۽ باقي کارادر، ميٺادر، ڪياماڙي، صدر وغيره سڀ هڪ يڪي ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهن. منهوڙو جيڪو ٻيٽ آهي، ان تي به لانچ ذريعي وڃجي ٿو، ۽ ٻي ڳالهه ته منهوڙو مئن هٽن جي مقابلي ۾ ڪجهه ناهي. مئن هٽن جي فقط آدمشماري ئي پندرهن لک کن آهي. دنيا جون امير آفيسون، قونصل خانا ۽ خريداريءَ جون بازارون هتي آهن، جتي هر وقت ماڻهن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي، جيتوڻيڪ مئن هٽن هڪ ٻيٽ آهي. ان کان علاوه نيويارڪ جا باقي ڪياماڙي، کارادر، ڪلفٽن جهڙا حصا؛ بروڪلن، ڪئنس، برانڪس جهڙا به ڄڻ اڌ ٻيٽ ٿيا، جو هڊسن ۽ ايسٽ جهڙيون نديون يا سامونڊي پاڻيءَ جو ڪو چئنل، انهن جي اردگرد کان وهي ٿو. ويندي ڀرواري رياست نيوجرسي ۽ اسٽيشن ٻيٽ درياهه ۽ سامونڊي وهڪري ڪري باقي نيو يارڪ کان ڇنو پيو آهي. اهڙي صورت ۾ نيويارڪ جي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين يا ڀرواري رياست نيو جرسي ڏي اچ وڃ لاءِ پليون ۽ سرنگھون (Tunnels) آهن، جيڪي سمنڊ يا درياءَ جي مٿان يا هيٺان لنگهي ٻئي پاسي وڃيو نڪرن.
    مثال طور نيويارڪ جي مئن هٽن واري علائقي کان ڀرواري رياست نيو جرسي وڃڻ لاءِ جارج واشنگٽن پل آهي ۽ ان کان علاوه لنڪن ٽنل ۽ هالنڊ ٽنل ۽ مئن هٽن (جيڪو جيتوڻيڪ منهوڙي وانگر ٻيٽ آهي، پر صدر جي علائقي وانگر اهم بزنيس سينٽر آهي) کان هتي جي هڪ ٻئي اهم علائقي ڪئنس(Queens) تائين اچڻ وڃڻ لاءِ Triborough پل، ڪئنس بورو پل، روزوليٽ آئلنڊ برج ۽ ڪئنس مڊ ٽائون ٽنل آهي. اهڙي طرح بروڪلن ۽ ڪئنس کي ڳنڍڻ لاءِ مئيرين پارڪ وي برج آهي ۽ بروڪلن کي اسٽيشن ٻيٽ سان ڳنڍڻ لاءِ ويرازانو نئروز برج آهي. انهن مان ڪي تمام اهم پليون آهن ــ ڪراسنگ جي لحاظ کان ته ڪنسٽرڪشن جي لحاظ کان به ۽ پنهنجي وقت جون، يعني جڏهن ٺهيون هيون، دنيا جون اعليٰ عجوبا هيون. ڪي سائيز ۾ يا اهميت ۾ گهٽ مشهور آهن، جهڙوڪ وليز اوينيو برج، Mocombs Dam برج، يونيورسٽي هائيٽس برج، الگزينڊر هئملٽن برج وغيره، جيڪي مئن هٽن کي برانڪس سان ڳنڍين ٿيون يا برانڪس وائيٽ اسٽون برج، ٿراگس نيڪ برج وغيره، جيڪي برانڪس ۽ ڪئنس کي ملائن ٿيون.
    اسان جهازين لاءِ نيويارڪ جي سڀ ۾ اهم پل ويرازانو نئروز برج آهي، جنهن جي هيٺان اسانکي جهاز لنگھائي نيويارڪ جي مئن هٽن يا بروڪلن بندرگاهه ۾ اچڻو پوي ٿو يا نيو جرسي جي نيو ارڪ بندرگاهه ۾. هينئر به اها پل مون لاءِ اهم آهي، جو ڪيترائي دفعا بروڪلن مان ڪم لاهي، هن پل ذريعي اسٽيٽن ٻيٽ تي اچان ٿو، جتان پوءِ نيو جرسي گهر پهچيو وڃان.
    ويرازانو نئروز برج جڏهن 1964ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي، ته هيءَ دُنيا جي وڏي ۾ وڏي Suspension برج هئي ۽ اڄ به سڄي آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏي آهي ۽ دنيا ۾ هن کان وڏي پل Longest Suspension Bridge فقط انگلينڊ جي همبر (Humber) برج آهي، جيڪا سن 1981ع ۾ ٺهي.
    هيءَ پل (ويرازانو نئروز) اسٽيٽن ٻيٽ تي ورڊس ورٿ قلعي (Fort) کان شروع ٿئي ٿي ۽ ٻي پاسي بروڪلن ۾ هئملٽن قلعي وٽ ختم ٿئي ٿي. هي ٻئي آمريڪا جا تاريخي قلعا آهن، جتان گذريل هڪ صدي کن نيو يارڪ جي سار سنڀال ٿيندي رهي آهي. هن پل کان اڳ اسٽيٽن ٻيٽ کان بروڪلن ماڻهو فيرين رستي آيا ويا ٿي، جن هي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپائڻ ۾ اڌ ڪلاڪ ٿي ورتو. رش اور ۾ يا خراب موسم ۾ فيرين تي ماڻهن ۽ موٽر لارين جي چڙهڻ ۽ سمنڊ (جيڪو Narrows سڏجي ٿو) اڪرڻ ۾ اڃان وڌيڪ وقت لڳي ويو ٿي. سياري ۾ برفباري يا سمنڊ جو پاڻي ڄمڻ ڪري، ويتر به مسئلو ٿيو ٿي ۽ ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو ٿي، پر 1964ع ۾ هيءَ پل ٺهڻ بعد موٽر لاريون ٽن منٽن ۾ Narrows سمنڊ جو ٽڪرو اڪريو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃيو پهچن. هيءَ پل نه فقط ٻن علائقن کي ڳنڍي ٿي، پر ملڪ جي اهم هاءِ وي سان به ملائي ٿي. بروڪلن پاسي پل تان لهه ته يڪدم بيلٽ پارڪ وي ۽ “برڪلن ــ ڪئنس ــ ايڪسپريس وي” شروع ٿيو وڃي. يعني بروڪلن شهر جي گپاگيهه مان لنگهڻ بدران پل ٽپي مٿان ئي مٿان يڪدم ڪئنس جي علائقي کان وڃيو نڪرجي ۽ هوڏانهن هيءَ پل “اسٽيٽن آئلئنڊ ايڪسپريس وي” سان ملائي ٿي. هن پل تان اوٽ موٽ ٽپڻ جو ڀاڙو (ٽول ٽئڪس) نو ڊالر آهي، جيڪو هڪ دفعي بروڪلن کان ويندي ورتو وڃي ٿو. اسانجي ڀاڻيجي ٻڌايو ته هتي جتي اسانجي ملڪ جا ٽئڪسي ڊرائيور مددگار ثابت ٿين ٿا، اتي ڪجهه پنهنجن کي بيوقوف بڻائي ڦريندا به رهن ٿا ۽ JFK ايئرپورٽ تان کنيل نون آيل هم وطني مسافرن کي هن پل ٽپڻ کان اڳ چوندا آهن ته “بابا آمريڪا ۾ صحيح طرح هاڻ ٿا گهڙون ۽ هتي پاسپورٽ ۽ ويزا جي سختيءَ سان چڪاس ٿي ٿئي، پر گھٻرايو نه، هتي بيٺل پوليس منهنجي سڃاڻي آهي، جنهن کي ڪجهه رشوت ڏيڻ سان بنا چڪاس جي ڇڏي ڏيندي.” ۽ پوءِ هنن سادڙن مُسافرن کان ڀاڙي کان علاوه پنجاهه يا سؤ کن ڊالر ٻيا به ڳڙڪائي ويندا آهن ۽ پل ٽپڻ مهل هو پوليس واري کي نوَ ڊالر ڏئي وڌي ويندا آهن.


    ماتلي جا ماڻهو به آمريڪا ۾ فراڊ پيا ڪن

    ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پاسي نه آيل ان ڳالهه تي يقين نه ڪن، پر مون کي خبر آهي ته اهڙا ئي فراڊ اسان جا هم وطني ٽئڪسي وارا لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي پنهنجن سان پيا ڪن. اسان مان شايد ڪو سوچي ته اهي ٽئڪسي وارا مسافرن کان ڪيئن تيز ٿي سگهن ٿا. مون به اهو ئي سوچيو هو پر هاڻ مهينو ٻه آمريڪا ۾ رهي ڏسان پيو ته اسانجا ماڻهو پنهنجن کي ته ڇا پر هِتي جي آمريڪن کي به بيوقوف بڻايو ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جي نه فقط شهرن جا پر ماتلي 7 ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هِتي آمريڪا ۾ اچي اهڙا ڦڏا ۽ فراڊ جا جوکائِتا ڪم ڪرري رهيا آهن، جو ڏندين آڱريون ٿيون اچن. بهرحال انهن ڳالهين جو احوال اڳتي هلي ڪٿي ڪبو، هِتي پاڻ ويرازانو پل بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊبل ڊيڪ آهي يعني ٽريفڪ لاءِ هن تي ٻه طبقا آهن. آئون پهريون دفعو 1968ع ۾ جڏهن نيويارڪ جهاز وٺي آيو هوس، ته ان وقت فقط مٿيون طبقو هو ۽ ان کان هيٺئين واري طبقي تي ڪم هلي رهيو هو، جيڪو جون 1969ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هينئر هڪ ٻه دفعا باءِ ڪار هيءَ پل ڪراس ڪرڻ وقت مون ڏٺو ته ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالرن کي هيٺين طبقي تان لنگهڻ نٿي ڏنائون شايد ان ڊپ کان ڪو بارود کڻي هن پل کي اڏائي ته سندس ٻئي طبقا تباهه نه ٿي وڃن، ويجھڙائيءَ ۾ هڪ ٻه دفعو انگلينڊ ۾ بم ڦاٽو آهي ته هِتي به نه فقط ريلوي اسٽيشنن تي هر هڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ لڳا آهن، پر هن اهم پل جو هيٺيون طبقو ڪارن موٽرن لاءِ بند به ڪري ڇڏيو اٿن. هي سڀ ڪم نائن اليون کانپوءِ ئي ظهور ۾ آيا آهن، نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته ڪنهن به ڳالهه جي جھل پل نه هئي. تن ڏينهن جي اتاهين عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي چوٽيءَ تي هليا وياسين ٿي، پر هاڻ اهڙن ڪيترن هنڌن تي ٽوئرسٽن کي وڃڻ جي جھل آهي، ڇو جو ان وقت اتاهين بلڊنگ تي پهچي گهمڻ جي شوقينن فوٽو ٿي ڪڍيا (اسان به يادگار طور تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ ٽنڊوقيصر جي رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍرايو هو)، پر هاڻ زمانو اهڙو اچي ويو آهي جو خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن وقت اتان ڪو بم ڪيرائي، اتي پهتل ٻين ٽوئرسٽن کي Hostage بڻائي يا پاڻ خودڪشي ڪري.
    هيءَ پُل ويرازانو نئروز، ان وقت جي مشهور چيف انجنيئر عوثمار هرمان ڊزائين ڪئي، جنهن هن پاسي جون ٻيون به ڪيتريون پليون ڊزائين ڪيون آهن، جهڙوڪ: جارج واشنگٽن برج، برانڪس وائيٽ اسٽون برج، ٽراءِ بورو برج ۽ ٿراگس نيڪ برج وغيره. عوثمار (سڄو نالو Othmar Hermann Ammann) سئٽزرلينڊ ۾ 1879ع ۾ ڄائو ۽ اتي جي شهر زيورچ مان 1902ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1904ع ۾ آمريڪا لڏي آيو ۽ هن سمورو وقت نيويارڪ ۾ ڪم ڪيو. 1925ع ۾ هن کي نيويارڪ پورٽ اٿارٽي ۾ برج انجنيئر طور رکيو ويو ۽ هن جون هڊسن نديءَ مٿان پليون قابل تعريف آهن. ويرازانو پل به هڪ قسم جي هڊسن نديءَ جي منهن وٽ پل آهي، جو ان هنڌ نئروز ۾ هڊسن ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري، جِتان پوءِ ڇنڊجيو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃيو پوي. پاڻ 1939ع تائين نيويارڪ اٿارٽي ۾ رهيو. آخري ٽي سال انجنيئرس مٿان ڊائريڪٽر ٿي رهيو. نيويارڪ جي پلين کان علاوه سئن فرانسسڪو جي گولڊن گيٽ برج پڻ عوثمار ڊيزائين ڪئي. ويرازانو نئروز پل جو 1964ع ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ هڪ سال بعد 1965ع ۾ هُنَ پُل جو ڊزائينر عوثمار هرمان گذاري ويو.
    هن پل تي نالو اٽليءَ جي هڪ جهازي جيوواني دا ويرازانو (Giavanni da Verrazano) تان پيو، جيڪو بنا شڪ جي پهريون يورپي هو، جنهن جي نظر نيويارڪ تي پيئي. سندس ڊائريءَ مُطابق هن چوڌاري نظر ڦيرائي چيو هو “Not without some properties of value” هن جو مطلب هو ته “هيءَ زمين رهائش جي خيال کان وڏو اگهه ڪندي.”
    جيوواني ويرازانو 1485ع ۾ اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾ ڄائو. بنيادي تعليم اتان ئي حاصل ڪري پوءِ فرانس روانو ٿيو، جِتي فرينچ مئريٽائيم (نيوي) ۾ ڀرتي ٿي انهن جا جهاز هلايا. 1523ع ۾ فرانس جي بادشاهه “فرانسز اول” ويرازانو حوالي ٻه جهاز ڪيا ته انهن کي هاڪاري، هو آمريڪا ڏي نئين دنيا جو جائزو وٺي اچي، ته جيئن نون ڳوليل پَٽَنِ تي فرانس به ته قبضو ڪري ۽ ائين نه ٿئي ته رڳو پاڙي وارا ـــ ڳاڙهن ڳلن وارا انگريز، اسپيني، ڊچ ۽ پورچوگالي هڙپ ڪري وڃن. هو 1524ع ۾ فرانس مان لنگر کڻي آمريڪا ڏي روانو ٿيو ۽ اچي هنن پَٽَن کان نڪتو. اهو مارچ جو مهينو ۽ 1525ع جو سال هو. يعني هندستان ۾ دهليءَ جي تخت تي ابراهيم لوڌي هو. جِتي هاٿين کي پستا ۽ بادام پئي کارايا ويا، شهر جي سهڻين ڇوڪرين راڳ جي محفل پئي مچائي. فارسي ۽ هندي شعر و شاعريءَ تي بحث پئي هليو. حاڪم ۽ درٻاري دير جا سُتل ٽپهريءَ تي پئي اٿيا. سال کن بعد 1526ع ۾ ظهير الدين بابر، ابراهيم لوڌيءَ کي پاڻيپٽ جي ميدان تي شڪست ڏئي، انڊيا جو حاڪم ٿيو. حاڪم بدليو پر ٺڙڪو عياشيون ساڳيون رهيون. وڌ ۾ وڌ فرصت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي بابر .يادگيريون” ڪِتابُ لکيو ۽ هن اهو ئي وڏو ڪم ڪيو ۽ هيڏانهن مغرب ۾ جهاز ايجاد ٿي ويا ۽ نون ملڪن تي قبضا ٿي ويا ۽ هوڏانهن اسان وٽ گهوڙن کي مڇرن جي پٽڻ کان بچڻ لاءِ خوشبودار اگربتين ۽ ککرن تي ريسرچ پئي هلي. تڏهن ته يورپين اسان جي ڌرتي تي به اچي قبصو ڪيو ۽ اسان کي دل وٽان موچڙا هنيائون.
    بهرحال جيوواني ويرازانو پهريون يورپي هو، جنهن نيويارڪ کي Locate ڪيو. پورن 85 سالن بعد 1609ع ۾ ڊچ اسٽيٽ انڊيا ڪمپني طرفان هڊسن هِتي پهتو، يعني هن هنڌ تي جِتي اڄ ويرازانو برج آهي.... هڊسن نديءَ جي منهن وٽ ۽ هن جهازيءَ نالي هن نديءَ جو نالو هڊسن ندي پيو.
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته ويرازانو هِتي سڀ کان پهرين ضرور آيو، پر هو ڪو اهڙو مشهور نه هو. هيءَ پل ٺهڻ وقت جڏهن ٻين نالن جو سوچ ويچار هلي رهي هئي ته نيويارڪ ۾ موجود “اطالوي تاريخي سوسائِٽي” وارن، خاص ڪري هن جي فائونڊر جان لاڪارٽي پنهنجي ملڪ اٽلي جي هن جهازي ۽ سياح لاءِ مهم هلائي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته هن پل جو نالو ويرازانو رکيو وڃي. پل جي تيار ٿيڻ کان هڪ سال اڳ 1963ع ۾ ڪينيڊي جي قتل تي سڀني جو اهو خيالُ ٿي پيو ته اها پل ڪينيڊي جي نالي ڪئي وڃي، پر لاڪارٽي پوري ڪوشش ڪري، ويندي ڪينيڊيءَ جي ڀاءُ اٽارني جنرل رابرٽ ڪينيڊي کي منٿ ميڙ ڪري، ان ڳالهه لاءِ راضي ڪيو ۽ واعدو ورتو ته ان پل جو نالو ڪينيڊي برج بدران ويرازانو برج رکيو ويندو.
    اٽليءَ جو هن جهازي جيوواني ويرازانو واپس فرانس وڃڻ بدران 1528ع ۾ ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ Lesser Antilles تي گذاري ويو.


    ماتلي جا ماڻهو به آمريڪا ۾ فراڊ پيا ڪن

    ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پاسي نه آيل ان ڳالهه تي يقين نه ڪن، پر مون کي خبر آهي ته اهڙا ئي فراڊ اسان جا هم وطني ٽئڪسي وارا لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي پنهنجن سان پيا ڪن. اسان مان شايد ڪو سوچي ته اهي ٽئڪسي وارا مسافرن کان ڪيئن تيز ٿي سگهن ٿا. مون به اهو ئي سوچيو هو پر هاڻ مهينو ٻه آمريڪا ۾ رهي ڏسان پيو ته اسانجا ماڻهو پنهنجن کي ته ڇا پر هِتي جي آمريڪن کي به بيوقوف بڻايو ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جي نه فقط شهرن جا پر ماتلي 7 ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هِتي آمريڪا ۾ اچي اهڙا ڦڏا ۽ فراڊ جا جوکائِتا ڪم ڪرري رهيا آهن، جو ڏندين آڱريون ٿيون اچن. بهرحال انهن ڳالهين جو احوال اڳتي هلي ڪٿي ڪبو، هِتي پاڻ ويرازانو پل بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊبل ڊيڪ آهي يعني ٽريفڪ لاءِ هن تي ٻه طبقا آهن. آئون پهريون دفعو 1968ع ۾ جڏهن نيويارڪ جهاز وٺي آيو هوس، ته ان وقت فقط مٿيون طبقو هو ۽ ان کان هيٺئين واري طبقي تي ڪم هلي رهيو هو، جيڪو جون 1969ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هينئر هڪ ٻه دفعا باءِ ڪار هيءَ پل ڪراس ڪرڻ وقت مون ڏٺو ته ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالرن کي هيٺين طبقي تان لنگهڻ نٿي ڏنائون شايد ان ڊپ کان ڪو بارود کڻي هن پل کي اڏائي ته سندس ٻئي طبقا تباهه نه ٿي وڃن، ويجھڙائيءَ ۾ هڪ ٻه دفعو انگلينڊ ۾ بم ڦاٽو آهي ته هِتي به نه فقط ريلوي اسٽيشنن تي هر هڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ لڳا آهن، پر هن اهم پل جو هيٺيون طبقو ڪارن موٽرن لاءِ بند به ڪري ڇڏيو اٿن. هي سڀ ڪم نائن اليون کانپوءِ ئي ظهور ۾ آيا آهن، نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته ڪنهن به ڳالهه جي جھل پل نه هئي. تن ڏينهن جي اتاهين عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي چوٽيءَ تي هليا وياسين ٿي، پر هاڻ اهڙن ڪيترن هنڌن تي ٽوئرسٽن کي وڃڻ جي جھل آهي، ڇو جو ان وقت اتاهين بلڊنگ تي پهچي گهمڻ جي شوقينن فوٽو ٿي ڪڍيا (اسان به يادگار طور تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ ٽنڊوقيصر جي رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍرايو هو)، پر هاڻ زمانو اهڙو اچي ويو آهي جو خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن وقت اتان ڪو بم ڪيرائي، اتي پهتل ٻين ٽوئرسٽن کي Hostage بڻائي يا پاڻ خودڪشي ڪري.
    هيءَ پُل ويرازانو نئروز، ان وقت جي مشهور چيف انجنيئر عوثمار هرمان ڊزائين ڪئي، جنهن هن پاسي جون ٻيون به ڪيتريون پليون ڊزائين ڪيون آهن، جهڙوڪ: جارج واشنگٽن برج، برانڪس وائيٽ اسٽون برج، ٽراءِ بورو برج ۽ ٿراگس نيڪ برج وغيره. عوثمار (سڄو نالو Othmar Hermann Ammann) سئٽزرلينڊ ۾ 1879ع ۾ ڄائو ۽ اتي جي شهر زيورچ مان 1902ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1904ع ۾ آمريڪا لڏي آيو ۽ هن سمورو وقت نيويارڪ ۾ ڪم ڪيو. 1925ع ۾ هن کي نيويارڪ پورٽ اٿارٽي ۾ برج انجنيئر طور رکيو ويو ۽ هن جون هڊسن نديءَ مٿان پليون قابل تعريف آهن. ويرازانو پل به هڪ قسم جي هڊسن نديءَ جي منهن وٽ پل آهي، جو ان هنڌ نئروز ۾ هڊسن ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري، جِتان پوءِ ڇنڊجيو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃيو پوي. پاڻ 1939ع تائين نيويارڪ اٿارٽي ۾ رهيو. آخري ٽي سال انجنيئرس مٿان ڊائريڪٽر ٿي رهيو. نيويارڪ جي پلين کان علاوه سئن فرانسسڪو جي گولڊن گيٽ برج پڻ عوثمار ڊيزائين ڪئي. ويرازانو نئروز پل جو 1964ع ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ هڪ سال بعد 1965ع ۾ هُنَ پُل جو ڊزائينر عوثمار هرمان گذاري ويو.
    هن پل تي نالو اٽليءَ جي هڪ جهازي جيوواني دا ويرازانو (Giavanni da Verrazano) تان پيو، جيڪو بنا شڪ جي پهريون يورپي هو، جنهن جي نظر نيويارڪ تي پيئي. سندس ڊائريءَ مُطابق هن چوڌاري نظر ڦيرائي چيو هو “Not without some properties of value” هن جو مطلب هو ته “هيءَ زمين رهائش جي خيال کان وڏو اگهه ڪندي.”
    جيوواني ويرازانو 1485ع ۾ اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾ ڄائو. بنيادي تعليم اتان ئي حاصل ڪري پوءِ فرانس روانو ٿيو، جِتي فرينچ مئريٽائيم (نيوي) ۾ ڀرتي ٿي انهن جا جهاز هلايا. 1523ع ۾ فرانس جي بادشاهه “فرانسز اول” ويرازانو حوالي ٻه جهاز ڪيا ته انهن کي هاڪاري، هو آمريڪا ڏي نئين دنيا جو جائزو وٺي اچي، ته جيئن نون ڳوليل پَٽَنِ تي فرانس به ته قبضو ڪري ۽ ائين نه ٿئي ته رڳو پاڙي وارا ـــ ڳاڙهن ڳلن وارا انگريز، اسپيني، ڊچ ۽ پورچوگالي هڙپ ڪري وڃن. هو 1524ع ۾ فرانس مان لنگر کڻي آمريڪا ڏي روانو ٿيو ۽ اچي هنن پَٽَن کان نڪتو. اهو مارچ جو مهينو ۽ 1525ع جو سال هو. يعني هندستان ۾ دهليءَ جي تخت تي ابراهيم لوڌي هو. جِتي هاٿين کي پستا ۽ بادام پئي کارايا ويا، شهر جي سهڻين ڇوڪرين راڳ جي محفل پئي مچائي. فارسي ۽ هندي شعر و شاعريءَ تي بحث پئي هليو. حاڪم ۽ درٻاري دير جا سُتل ٽپهريءَ تي پئي اٿيا. سال کن بعد 1526ع ۾ ظهير الدين بابر، ابراهيم لوڌيءَ کي پاڻيپٽ جي ميدان تي شڪست ڏئي، انڊيا جو حاڪم ٿيو. حاڪم بدليو پر ٺڙڪو عياشيون ساڳيون رهيون. وڌ ۾ وڌ فرصت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي بابر .يادگيريون” ڪِتابُ لکيو ۽ هن اهو ئي وڏو ڪم ڪيو ۽ هيڏانهن مغرب ۾ جهاز ايجاد ٿي ويا ۽ نون ملڪن تي قبضا ٿي ويا ۽ هوڏانهن اسان وٽ گهوڙن کي مڇرن جي پٽڻ کان بچڻ لاءِ خوشبودار اگربتين ۽ ککرن تي ريسرچ پئي هلي. تڏهن ته يورپين اسان جي ڌرتي تي به اچي قبصو ڪيو ۽ اسان کي دل وٽان موچڙا هنيائون.
    بهرحال جيوواني ويرازانو پهريون يورپي هو، جنهن نيويارڪ کي Locate ڪيو. پورن 85 سالن بعد 1609ع ۾ ڊچ اسٽيٽ انڊيا ڪمپني طرفان هڊسن هِتي پهتو، يعني هن هنڌ تي جِتي اڄ ويرازانو برج آهي.... هڊسن نديءَ جي منهن وٽ ۽ هن جهازيءَ نالي هن نديءَ جو نالو هڊسن ندي پيو.
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته ويرازانو هِتي سڀ کان پهرين ضرور آيو، پر هو ڪو اهڙو مشهور نه هو. هيءَ پل ٺهڻ وقت جڏهن ٻين نالن جو سوچ ويچار هلي رهي هئي ته نيويارڪ ۾ موجود “اطالوي تاريخي سوسائِٽي” وارن، خاص ڪري هن جي فائونڊر جان لاڪارٽي پنهنجي ملڪ اٽلي جي هن جهازي ۽ سياح لاءِ مهم هلائي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته هن پل جو نالو ويرازانو رکيو وڃي. پل جي تيار ٿيڻ کان هڪ سال اڳ 1963ع ۾ ڪينيڊي جي قتل تي سڀني جو اهو خيالُ ٿي پيو ته اها پل ڪينيڊي جي نالي ڪئي وڃي، پر لاڪارٽي پوري ڪوشش ڪري، ويندي ڪينيڊيءَ جي ڀاءُ اٽارني جنرل رابرٽ ڪينيڊي کي منٿ ميڙ ڪري، ان ڳالهه لاءِ راضي ڪيو ۽ واعدو ورتو ته ان پل جو نالو ڪينيڊي برج بدران ويرازانو برج رکيو ويندو.
    اٽليءَ جو هن جهازي جيوواني ويرازانو واپس فرانس وڃڻ بدران 1528ع ۾ ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ Lesser Antilles تي گذاري ويو.


    “ڪل هو يا نا هو” فلم ۾ نيويارڪ جي ويرازانو پُل

    هن پل بابت ٻه چار ٻيون ڳالهيون:
    نيويارڪ ۾ هر سال نومبر ۾ جيڪا مئراٿن ڊوڙ ٿيندي آهي، جنهن ۾ هزارين ننڍا وڏا، عورتون ۽ ٻار حصو وٺندا آهن ۽ دنيا جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ڏيکاري ويندي آهي، اها مشهور ڊوڙ هن پل تان (اسٽيٽن ٻيٽ وٽان) شروع ٿيندي آهي.
    هن پل جو هيٺيون طبقو به سطح سمنڊ کان 237 فٽ مٿي رکيو ويو آهي، جيئن ڪمرشل توڙي نيويءَ جا وڏا جهاز به هن پل جي هيٺيان آرام سان لنگهي سگهن.
    هيءَ پل پوڻا ٽي ميل ڊگهي آهي. پل جو لوهي اسٽرڪچر 7200 فٽ آهي، جنهن ۾ 4620 فٽ وچ وارو Span آهي.
    هيءَ پل جيتوڻيڪ دنيا ۾ هاڻ ٻئي نمبر تي وڏي (Longest) آهي پر Span جي خيال کان ڇهون نمبر آهي. اڄڪلهه سڀ کان وڏي ڪمان (Span) واري پُل جپان جي وبي- ناريتو پل آهي جيڪا 1998ع ۾ ٺهي جنهن جي ڪمان 6527 فوٽ آهي. ٻئي نمبر تي ڊئنمارڪ جي ايسٽ برج آهي ۽ انگلنڊ جي همبر برج جو Span ٽئين نمبر تي 4625 فٽ آهي. ان بعد چوٿين ۽ پنجين تي چين جون پليون آهن جن مان هڪ ينگتسي نديءَ مٿان آهي ۽ ٻي هانگ ڪانگ ۾ آهي.
    نيويارڪ جي هن پل ويرازانو مٿان روزانو ٻه لک کن موٽر، لاريون ۽ ٽرالر لنگهن ٿا. سندس هر طبقي تي ڇهه رستا آهن .... ٽي وڃڻ جا ۽ ٽي اچڻ جا.
    هن پل مٿان نيويارڪ ۽ سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي جنهن لاءِ ڪنهن خوب لکيو آهي ته:
    “There is no view of New York city to match the view you get from the Verrazano Narrows Bridge. It is gorgeous.”
    هيءَ پل ڪيترين ئي انگريزي فلمن ۽ ٽي وي Serials ۾ پڻ ڏيکاري ويئي آهي. 1977ع جي هڪ تمام مشهور گانن واري فلم Saturday Night Fever آهي. ان ۾ فلم جو هيرو جان ٽراوولٽا پنهنجن دوستن جي سامهون بروڪلن پاسي کان، هن پل جي پاسي تان مٿي چڙهي ٿو.
    هينئر هڪ ٻي فلم The Spider Man ويجهڙائي ۾ ٺهي آهي. جنهن جو هيرو پيٽر پارڪر نيويارڪ جي علائقي ڪُئنس (Queens) ۾ پنهنجي چاچي ۽ چاچيءَ سان گڏ رهي ٿو. هڪ ڏينهن اسڪول طرفان پڪنڪ تي ويندي، هن کي هڪ اهڙو ڪوريئڙو (Spider) چڪ هڻي ٿو، جنهن سان هن جا هارمون ۽ خصلتون بدلجي وڃن ٿيون. پوءِ هو ڪوريئڙي وانگر بل ڏيئي شڪار کي سوگهو ڪري سگهي ٿو. تڪڙو تڪڙو مضبوط ڄار اُڻي، ڳري کان ڳري شڪار کي ان ۾ پنجوڙي سگهي ٿو ۽ هن کي ڪوريئڙي وانگر هر شيءِ کي يڪدم سمجهڻ ۽ پرکڻ جو Sense اچي وڃي ٿو. يعني هو هڪ انسان ۽ ڪوريئڙي جي مليل جليل مخلوق ٿيو وڃي. يعني رات اندر هن ۾ اهڙيون قابليتون ۽ طاقتون اچيو وڃن جو هو ڪوريئڙي وانگر وڏي کان وڏي ڀت تي به چڙهيو وڃي ۽ هن کي پنهنجي چوطرف جي حالتن جي به خبر پئجيو وڃي. هي ڪوريئڙي نما ماڻهو Spider man پنهنجي قابليت ۽ طاقت جي آڌار تي دنيا جي براين جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو.
    ساڳي وقت نيويارڪ ۾ رهندڙ هن جي ڪلاس ميٽ هئري جي پيءُ نارمن ۾ ڪنهن تجربي جي اثر کان تبديلي رونما ٿئي ٿي. هن ۾ عقل ۽ طاقت ته وڌندي رهي ٿي. پر ساڳي وقت هن ۾ چڙ ۽ ڪميڻپائي به وڌڻ لڳي ٿي، جيڪا هن کي ورهايل شخصيت Split Personality بڻايو ڇڏي. هن جي شخصيت جي سٺي اڌ کي خبر نٿي پوي ته خراب اڌ ڇا پيو ڪري ۽ جتي اسپائيڊر مئن ماڻهن جون جانيون بچائيندو رهي ٿو، ته هي شيطان صفت انسان Green Goblin انهن کي برباد ڪندو رهي ٿو. هيرو اسپائيڊر مئن ۽ دشمن گرين گابلن جي هن پل “ويرازانو نئروز برج” مٿان ويڙهه ٿئي ٿي، جتان هو (گابلن) ٻارن سان ڀريل فيري (ننڍو جهاز) ۽ اسپائيڊر مئن جي گرل فرينڊ ميري جين کي مٿي کڻي، هيٺ سمنڊ ۾ اڇلي ٿو ۽ هيري Spider man کي سوچ ۾ وجهيو ڇڏي ته ڪنهن کي ڇڏيان ڪنهن کي بچايان.
    ڪيتريون ئي انڊين هندي، تامل ۽ بنگالي فلمون آهن، جن ۾ پڻ هيءَ پل (Verrazano Narrows) ڏيکاري ويئي آهي، جنهن تان اهاني بهاني هيرو ۽ هيروئن صاحبا لنگهن ٿا يا دوگانا ڳائين ٿا ۽ ان سان گڏ نيويارڪ جا پڻ ڪيترائي حصا ڏيکاريا ويا آهن. هندي فلم جيڪا اڄڪلهه هتي آمريڪا ۾ به اسٽار ٽي وي چينل تان هر هر ڏيکارين پيا، اها “ڪل هو يا نه هو” ڊائريڪٽر ڪرن جوهر جي ٺاهيل فلم آهي جنهن ۾ شاهه رخ، پريٽي زنٽا ۽ سيف علي آهي. هڪ ٻي فلم جيڪا ڪجهه وقت اڳ ڏٺي هيم “دس” نالي آهي، جنهن ۾ سنجي دت، اڀيشيڪ بچن، شلپا شيٺي وغيره آهن. هڪ ٻي فلم جنهن ۾ پڻ هيءَ پل نظر اچي ٿي ۽ نيويارڪ جي ڪنهن بئنڪ مان ڦر (robbery) جي آهي، ان ۾ اميتاڀ بچن، سنجي دت، ملائاڪا اروڙا، رتي اگني هوتري آهن. فلم جو نالو هن وقت ڌيان ۾ نه پيو اچي شايد “ڪانٽي” آهي.
    هونءَ هنن پلين، سامونڊي حصن، نيويارڪ جي مختلف حصن، هتي جي ندين وغيره جي جاگرافيائي معلومات لکڻ جي Favour ۾ نه آهيان پر نيويارڪ دنيا جو اهڙو اهم شهر آهي جتي غير ملڪي توڙي آمريڪا جي ٻين رياستن جا اسان جا ماڻهو ايتري ته وڏي تعداد ۾ اچن ٿا، جو هن ڀيري هيءَ معلومات لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جو ان قسم جي ڄاڻ بنا نيويارڪ ۾ ماڻهو منجهيو پوي ۽ ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ اخبارون جن ۾ منهنجا هي مضمون يا ڪالم آيا ٿي هاڻ نه فقط سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾، پر سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ ذريعي پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملندڙ email خطن مان ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجا آمريڪا جي شهرن ۾ پڙهندڙ گهڻا هجن. سو عام ڳالهين کان علاوه ڪٿي ڪٿي ڪي ڳالهيون هتي آمريڪا ۾ رهندڙ هم وطنين کي ڌيان ۾ رکي لکان ٿو ۽ ڪي ڳالهيون پنهنجي پيشي (جهاز هلائيندڙن) جي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو، جيئن هو منهنجي معلومات ۽ تجربي مان فائدو ۽ وندر حاصل ڪري سگهن.


    آمريڪا جي خوبصورت ندي- هڊسن ندي

    نيويارڪ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هڊسن ندي هڪ اهم ندي آهي، جيڪا هو هر وقت ڏسندا رهن ٿا. ويرازانو برج کان وٺي خبر ناهي ڪيتريون پليون، هن نديءَ مٿان آهن. جتي ويرازانو برج آهي، اتي سمجهو ته هيءَ ندي هڊسن (Hudson) اچيو ٿي ختم ٿئي، جتان پوءِ هن جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هڊسن نديءَ جو نالو هينري هڊسن نالي هڪ انگريز جهازران Navigator تان آهي، جيڪو 1609ع ۾ Half Moon نالي جهاز تي پاڻ سان ويهارو کن خلاصي کڻي، هيٺ ڪيوبا وٽ اچي نڪتو هو ته چين ٿو وڃان. هن پنهنجي دماغ ۾ جيڪا چين لاءِ شارٽ ڪٽ اختيار ڪئي، اها کيس چين ته ڇا آفريڪا به نه وٺي وئي، هو هتي ئي آمريڪا ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ اچي هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو. هيءَ ندي ويڪري ۽ Navigable هجڻ ڪري هن کي احساس ئي نه ٿيو ته هو ڪنهن نديءَ جي منهن وٽ پهچي ويو آهي. هو ان کي سمنڊ جو حصو سمجهي يا چين جي ڪا ندي سمجهي اڳتي وڌندو رهيو ۽ 150 ميل وڌيڪ طئي ڪرڻ بعد جڏهن هو اڄ واري الباني ۾ پهتو ته پوءِ هن کي احساس ٿيو ته هيءَ ڪا ندي ئي ٻي آهي ۽ ان کانپوءِ هن نديءَ تي نالو ئي هڊسن ندي پئجي ويو. ڇا ته سکر ڏينهن هئا، جڏهن ههڙا سڄڻ سفر تي هليا ٿي. غلطين ڪرڻ جي باوجود به ماڻهن کي ڀلا لڳا ٿي ۽ صحيح هنڌ بدران غلط هنڌ پهچڻ تي به کين دڙڪو دامان يا نوڪريءَ مان ڪڍڻ بدران، سندن نالي ڌرتيون، نديون، بندرگاهه ٿي ويا ٿي!
    بهرحال تن ڏينهن ۾ جهاز اڄ جهڙا آرام وارا ۽ ماڊرن نه هئا. سڙهن ۽ چپن تي ٻيڙا هاڪاريا ويا ٿي. اڄ جي کاڌي پيتي ۽ ٻي سهوليت بدران تن ڏينهن ۾ انهن گهاٽن جهنگلن مان وهندڙ ندين ۾ مڇرن ۽ ٻين جيتن، هُنن جهازين کي پَٽيو ٿي. بيمار ٿيڻ تي ڪا دوا درمل يا ڦڪي سُتي نه هوندي هئي. اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان فقط انهن جو تفصيل ڄاڻون ٿا، جن جهازين کي ڪنهن ٻيٽ جي مهمان نواز جوان ڇوڪرين چمين ۽ ڀاڪرن سان آڌر ڀاءُ ڪري، سندن زندگي ڀر جون غلام ٿي رهيون ٿي ۽ اسان جا جهازي مارئيءَ وانگر پنهنجا ڪک ياد ڪري وطن ورڻ جي وائي آلاپڻ بدران، سڀ ڪجهه وساري ان ٻيٽ تي رهي پيا ٿي، پر اهڙا تمام ٿورڙا خوش نصيب هئا. گهڻي ڀاڱي اسان جا جهازي ڀائر ڌارين ڌرتين جي جنگلي قبيلن حوالي ٿي کاڄي کپي ويا ٿي. هنن کي ڦودني جي پنن ۽ گوبي بصرن سان گڏ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وڏي ديڳ ۾ وجهي رڌو ويو ٿي. ڪيترن هنڌن تي ته اهڙا آدم خور قبيلا رهيا ٿي جن انگريز جهازين کي بنا رڌڻ جي کائي کپائي ڇڏيو ٿي ۽ جڏهن هو موٽن ئي نه ته سندن بدنصيبي جا قصا ڪهاڻيون ڪير ٻڌائي؟ ورلي ڪو خوشنصيب خلاصي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو ته اهو اچي باقي ساٿين جون خبرون ڪندو هو.
    بهرحال هتي پاڻ ڪجهه احوال هن ندي هڊسن جو ڪنداسين. جيڪا چار هزار فٽن جي بلنديءَ تان Adirondack نالي جبلن تان شروع ٿئي ٿي ۽ اٽڪل 315 ميلن جو فاصلو طئي ڪري، مئن هٽن (نيويارڪ) وٽ اچيو دنگ ڪري. اڳ زماني ۾ نه موٽر ڪارون هيون، نه پڪا رستا، ماڻهن جو سفر ٻيڙين رستي ٿيندو هو ۽ ملڪ جي اندروني حصن ۾ ٻيڙين رستي پهچندا هئا. هيءَ هڊسن ندي هتي جي اصلوڪن باشندن Native Americans لاءِ سفر جي اهم روٽ هئي. يورپين جي پهچڻ تي هنن لاءِ به هيءَ ندي سفر لاءِ اهم ثابت ٿي. هن نديءَ ذريعي هنن ملڪ جي اندروني حصن تائين پهچي واپار وڙو ڪيو ٿي. هيٺ ڏکڻ ۾ مسيسِپي ندي به هڪ اهم ندي آهي ۽ هن هڊسن نديءَ کان به تمام گهڻو ڊگهي آهي پر مسيسِپي ندي اٽڪل ٻه سئو سال رکي پوءِ سفر جوڳي ثابت ٿي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڊسن ندي قدرتي طرح سهڻي آهي. ٻنهي پاسن کان جنگل، جبل ۽ رڻ پٽ هن کي سونهن بخشين ٿا ۽ ان سونهن جي ئي ڪري ڪيترا ماڻهو هن نديءَ کي “America’s Rhine” سڏين ٿا. ڪنهن شاعر هن هڊسن نديءَ لاءِ چيو آهي:
    Water flows from high in the mountains,
    Water runs deep in the Earth.
    Miraculously, water comes to us,
    And sustains all life.
    هڊسن ندي نيويارڪ رياست ۽ نيو جرسي جي رياست جي وچ ۾ بائونڊريءَ جو ڪم ٿي ڏئي. هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ڪيتريون پليون ۽ سرنگهون (Tunnels) آهن. نديءَ جي هيٺين حصي جي ويڪر وڏي هئڻ ڪري جيڪي پليون ۽ سرنگهون ٺاهيون ويون آهن، اُهي اڄ به انجنيئرنگ جا ڪارناما آهن، جن مان هڪ ويرازانو برج جو احوال اڳهين ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه جارج واشنگٽن برج، لنڪن ۽ هالنڊ ٽنل، پاٿ (PATH) ۽ پينسلوانيا ريل روڊ ٽيوب، هن نديءَ مٿان يا تري کان گهڻو هيٺ گذرن ٿا. واٽر فورڊ وٽ Troy- Waterford پل هن نديءَ مٿان پهرين پُل هئي- جيڪا 1809ع ۾ شروع ٿي.
    Rensselaer ۽ سراتوگا ريل روڊ 1835ع ۾ شروع ٿيو. جڏهن ريل کي گهوڙا ڇڪيندا هئا. گرين آئلنڊ برج به اوائلي پلين مان هئي جيڪا هن نديءَ مٿان اڏي وئي.


    فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ناهي...

    هڪ ڏينهن نيويارڪ جي علائقي مئن هٽن مان ڪم لاهي پنهنجي ننڍي ڀاڻيجي هيمون (اصل نالو ضمير وسطڙو) سان گڏ واپس گهر نيو جرسي پئي آياسين. مئن هٽن ٻيٽ تان هڊسن ندي ٽپي، نيو جرسي اچڻ لاءِ اسان کي جارج واشنگٽن برج (پل) ويجهي لڳي، جنهن جو اڄڪلهه ٽپڻ جو اگهه (Toll) ڇهه ڊالر آهي، جيڪي نيويارڪ- يعني مئن هٽن پاسي کان ورتا وڃن ٿا، جنهن ۾ موٽ جي في به شامل آهي. هونءَ به هڊسن ندي ٽپڻ مهل تاپان زي (Tappan Zee) پل کان وٺي ويرازانو تائين، نيويارڪ پاسي ٽال ٽئڪس ورتو وڃي ٿو جيڪو اوٽ موٽ جو آهي. جارج واشنگٽن پل تان سائيڪل سوار ۽ پيادن کي ٽال نٿو ڏيڻو پوي، جيتوڻيڪ شروع جي سالن ۾ جڏهن 1962ع ۾ هن پل جو ٻيو ڊيڪ ٺهيو هو ته ماڻهن کان به ورتو ويو ٿي ۽ سٺ جي آخري سالن ۾ جڏهن اسان جو جهاز نيويارڪ ايندو هو ته اسان پنج يا شايد ڏهه سينٽ ڏئي، هن پل تان واڪ ڪندا هئاسين نيوارڪ بندرگاهه ۾ جهاز هوندو هو ته نيو جرسي پاسي کان پل تي چڙهي. نيويارڪ (مئن هٽن) ايندا هئاسين. بهرحال هينئر هيمونءَ جي ڪار ۾ هيءَ پل جيڪا جارج واشنگٽن (آمريڪا جي پهرين صدر نالي آهي) ٽپي رهيا هئاسين. پل جي بلڪل ويجهو پهتاسين ته ٽرئفڪ جئم هئي ۽ ڪار ڪُميءَ پير هلڻ لڳي. جيتوڻيڪ هن پل جا فوٽا مون وٽ ڪيترائي پيا آهن، جن مان ڪي مون رسالن مان ڪڍيا هجن يا اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ ايندو هوس، تڏهن جا هجن پر هينئر جيئن ته ڪئميرا منهنجي هٿ ۾ هئي ۽ اسان جي ڪار ٻه چار وکون کڻي “اٽينشن” ۾ بيهي ٿي رهي، سو منهنجي دل فوٽو ڪڍڻ لاءِ اڇل کاڌي. مون پائوچ مان ڪئميرا ڪڍي، منجهس بيٽري سيل وڌا ته هيمونءَ چيو ته ماما فوٽو نه ڪڍجو منع آهي.
    “ڪمال آهي تو طرفان منع آهي يا هتي جي حڪومت طرفان؟” مون پڇيو.
    “حڪومت طرفان.” هيمونءَ وراڻيو.
    “ته پوءِ اسان بيوقوف پاڪستانين ۽ هنن آمريڪن ۾ فرق ڪهڙو ٿيو.” مون هيمونءَ کي کلندي چيو. اسان وٽ به ڊٺل بندرگاهه ۾ وڃ ته فوٽو ڪڍڻ کان پيا جهليندا. جيتوڻيڪ مٿان جناح برج تان لنگهه ته بندرگاهه جي هڪ هڪ شيءِ ۽ جهاز صاف نظر پيا ايندا، جنهن کي فوٽو ڪڍڻو هوندو اهو ته اتان ئي ڪڍي ويندو.” مون چيو.
    “ايڪسڪيوزمي!” هڪ هنڌ ڪار بيٺي ته سامهون پوليس واري جو ڌيان مون پاڻ ڏي ڇڪايو ۽ کانئس فوٽو نه ڪڍڻ جي پڪ ڪئي.
    “Yes sir! It is prohibited.” هسپانوي نسل جي آمريڪن پوليس واري وراڻيو. مون ٿورو چپن ۾ مرڪيو ته هن شايد ان ڪري يا هونءَ ئي ان لاءِ صفائي پيش ڪندي چيو:
    “It is due to the fear that terrorist groups might study any potential Photographs in order to plot a terrorist attack on the bridge.”
    ٺهيو. چئبو ته نانگ ويو نڪري، ليڪو پيو ڪُٽجي. نائن اليون وارو خوف تحت الشعور ۾ موجود آهي. اهي اهم ڳالهيون جن جي ڪري فلسطين، عراق، افغانستان جهڙين ڏتڙيل قومن جي دلين ۾ آمريڪا لاءِ نفرت آهي، انهن کي ڌيان ۾ آڻي ڪو تدارڪ ڪرڻ بدران سطحي ڳالهين تي سوچڻ ۽ پنهنجي پر ۾ پاڻ کي باحفاظت سمجهڻ جي کوکلي سوچ رکي خوش ٿيڻ مان ڇا هڙ حاصل.
    اڳتي هلي پل جي لوهي فريم ورڪ تي فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع جو بولٽ ٿيل نوٽيس بورڊ پڻ نظر آيو. “سائين اسان توبهه ڪئي” مون دل ئي دل ۾ سوچي، ڪئميرا مان بيٽري ڪڍي ڪار جي ڊئش بورڊ ۾ وجھي ڇڏي. مون وٽ هنن مڙني پلين جا فوٽا کوڙ آهن. ڳوٺ جا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن.
    نيويارڪ ۽ نيوجرسيءَ کي ملائڻ واري هيءَ پل جارج واشنگٽن پڻ ويرازانو پل وانگر Suspension قسم جي پل آهي، پر هيءَ پل ويرازانو کان گهڻو اڳ ٺهي. سندس ڪم 1927ع کان شروع ٿيو ۽ ٽريفڪ لاءِ 1931ع کان شروع ٿي. هن پل جو چيف انجنيئر به ساڳيو عوثمار عمان هو، جنهن جو احوال شروع ۾ ٿي چڪو آهي. هن پل جو پهرين “هڊسن برج” نالو رکيو ويو، پر پوءِ ملڪ جي پهرين صدر جارج واشنگٽن کي منسوب ڪئي وئي.
    ويرازانو پل ته گهڻو پوءِ ٺهي، پر جن ڏينهن ۾ هيءَ پل (جارج واشنگٽن برج) ٺهي ته هن جي ساڍا ٽي هزار فٽ ڪمان (Span) دنيا جي Longest هئي. ان کان اڳ تائين ائمبسڊر برج جي ڪمان وڏي سمجھي وئي ٿي، جيڪا جارج واشنگٽن برج جي اڌ جيتري مس، 1850 فوٽ هئي. جارج واشنگٽن برج جي ڊيگهه پوڻا چار هزار فوٽ يعني ڏيڍ ڪلوميٽر آهي.
    شروع ۾ هن پل تان گاڏيون هلڻ لاءِ ڇهه قطارون هيون. 1946ع ڌارين ٻه وڌيڪَ قطارن لاءِ رستو ٺاهيو ويو ۽ پوءِ 1962ع ڌارين هن پل جو نقشي مطابق هيٺيون ڊيڪ به ٺهي راس ٿي ويو، جِتان ڪارين ۽ لارين جون ڇهه قطارون هلن ٿيون. ان حساب سان هيءَ جارج واشنگٽن پل دنيا جي واحد Suspension پل هئي، جنهن تان لارين موٽرن جون چوڏهن قطارون هلن ٿيون. اڄ به هن پل تان ايتري ٽريفڪ لنگهي ٿي جو پل وارن کي مليل ٽال مان روزانو هڪ ملين ڊالر يعني ڇهه ڪروڙ رپيا آمدني ٿئي ٿي.
    هن پل بابت هڪ ٻي ڳالهه. هن پل تان دنيا جو وڏي ۾ وڏو آمريڪن جھنڊو ڦڙڪايو وڃي ٿو، جنهن جي هر هڪ تاري جو ڊاياميٽر 4 فوٽ هوندو آهي ۽ هر پٽي (Strip) جي ويڪر 5 فوٽ ٿئي. هي جھنڊو هيٺين موڪل وارن ڏينهن تي، هن پل تان لڙڪايو ويندو آهي.
    مارٽن لٿرڪنگ ڊي، واشنگٽن جي برٿ ڊي تي، ميموريل ڊي تي، يوم آزاديءَ تي، لئبر ڊي، فلئگ ڊي، ڪولمبس ڊي ۽ جھونن جنگي سپاهين جي ڏينهن تي جارج واشنگٽن پل به ڪيترين ئي فلمن ۾ فلمائي وئي آهي. پهرين پهرين 1941ع جي فلم Ball of Fire ۾ نظر آئي ۽ ان بعد ڪيترين ئي فلمن ۾ ڏيکاري وئي آهي. جهڙوڪ:
    -How to Marry a Millionaire
    - The In-Laws
    -Desperately Seeking Susan
    - Cop Land
    وغيره وغيره.


    نيويارڪ جون پراڻيون پُليون....

    ڪڏهن ڳالهه نڪرندي آهي ته نيويارڪ جي سڀ کان پُراڻي پُل ڪهڙي آهي؟
    نيويارڪ جي پهرين پل Kings Bridge هئي، جيڪا پٿرن ۽ ڪاٺ جي تختن ذريعي مين هٽن ۽ برانڪس جي وچ ۾ 1693ع ۾ ٺاهي وئي، جنهن کي سوا ٻن سؤ سالن بعد 1917ع ۾ ڊاٺو ويو جو هاڻ اها ڪم جوڳي نه رهي هئي. پراڻي کان پراڻي پل جيڪا اڃا تائين قائم آهي اها هاءِ برج آهي، جيڪا هارلم نديءَ مٿان آهي ۽ مين هٽن ۽ برانڪس کي ڳنڍي ٿي. اها 1843ع ۾ ٺهي هئي. هن پل تان فقط پاڻيءَ جا پائيپ گذرن ٿا. اها مسافرن يا سوارين لاءِ نه آهي ۽ نيويارڪ جي سڀ کان پراڻي پل جيڪا ماڻهن ۽ ٽريفڪ لاءِ کليل آهي، اها بروڪلن پل (Brooklyn Bridge) آهي، جيڪا اڄ کان سوا سؤ سال کن اڳ 1883ع ۾ کلي.
    بروڪلن پل نيويارڪ جي مين هٽن ۽ بروڪلن واري حصي کي ڳنڍي ٿي ۽ ايسٽ ندي (East River) مٿان آهي. ايسٽ ندي برانڪس ۽ ڪئنس جو بارڊر ٺاهي، پوءِ مين هٽن ۽ بروڪلن جو ٺاهي مٿين خليج نيويارڪ (Bay Upper New York) سان اچيو ٿي ملي، جِتي هڊسن ندي به ڇنڊجي، اڳيان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ملي ٿي. دراصل هيءَ ايسٽ ندي جيڪا ڏسڻ ۾ ته ننڍي لڳي ٿي، پر ٽيڪنيڪلي ڳالهايو وڃي ته “ايسٽ ندي” ندي نه، پر Tidal Strait آهي، جنهن جي لاٿ ۽ چاڙهه موسمن مطابق برف جي ڳرڻ ۽ مينهوڳيءَ تي نه آهي، پر سمنڊ جي وير Tides تي آهي. هر سمنڊ جي وير ڏينهن ۾ ٻه دفعا چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ته واقعي ائٽلانٽڪ آهي، جنهن جي وير چڙهڻ تي پاڻي پوئتي هن “ندي” ڏي ڌوڪجي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻو Turbulent (ڪُنن وارو) رهي ٿو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن لاريون موٽرون ۽ روڊ رستا ايترا نه هئا، ماڻهن جي گهڻي چرپر ندين ذريعي هئي ۽ هيءَ ندي دنيا جي سڀ کان گهڻو مشغول کاري پاڻيءَ جي ندي هئي ۽ هن نديءَ مٿان ان وقت (جڏهن اڃا عمارت سازي جي ٽيڪنالاجيءَ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي نه ڪئي هئي) پل ٺاهڻ آسان ڪم نه هو. اها پل جنهن جي هيٺان جهاز لنگهي سگهن ۽ ان پاڻيءَ تان جهاز لنگهيا ٿي، جيڪو وير اچڻ تي تمام گهڻو مٿي ٿي ويو ٿي ۽ ظاهر آهي ته جهاز به ايترو ئي مٿي هليا ويا ٿي. هن نديءَ مٿان پل ٺاهڻ بابت هڪ هنڌ مون پڙهيو هو ته:
    “If there is to be a bridge on east river it must take one grand flying leap from shore to shore over the masts of the ships”.
    1855ع ۾ جان وربلنگ نالي هڪ مشهور “برج ڊزائنر” هن پل لاءِ Proposal ڏنو ته Suspension برج ٺاهي وڃي. 24 مئي 1883ع ۾ هيءَ پل ٽريفڪ ۽ عوام لاءِ کولي وئي، پر شروعات ئي بدبختيءَ سان ٿي ۽ پهرين ڏينهن ئي ٻارهن پيادا چيڀاٽجي مري ويا. پل ڏسڻ جي شوق ۾ پل تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن مان ڪنهن کڻي شوشو ڇڏيو ته پل ٽڙڪاٽ پئي ڪري، ڄاڻ ته ڪري، پوءِ ماڻهن ۾ وٺي ڀاڄ شروع ٿي، جنهن ۾ هنن جا هوش خطا ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي جي لتاڙ ڪري ايترا موت ٿي پيا.
    هن پل (بروڪلن برج) جي بدقسمتي اها جو تعمير جي وقت به 27 ڪاريگر مري ويا، ڪيترائي مٿاهينءَ تان ڪرڻ ڪري. ان کان علاوه ڪيترائي Caisson بيماريءَ جو شڪار ٿي پيا، جن مان ٽي ته تڏهن ئي مري ويا، پنڌرهن کي اڌ رنگ ٿي پيو ۽ ڪيترن ئي کي مرڻ تائين سنڌن جو سور رهيو. هيءَ بيماري هوا جي دٻاءَ جي يڪدم گهٽجڻ يا وڌڻ ڪري ٿئي ٿي. سمنڊ جي تري تائين وڃڻ سولو ڪم آهي. خاص ڪري جي پاڻ سان هوا جو سليندر به آهي ته، پر انسان جنهن جي جسم جي رت جو دٻاءُ سطح سمنڊ جي ليول Atmospheric Pressure تي نارمل رهي ٿو، اهو جڏهن سمنڊ اندر هيٺ وڃي ٿو ته پاڻي جي پريشر وڌڻ ڪري سخت تڪليف محسوس ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قدرت جن مڇين کي اونهي سمنڊ (Deep Sea) لاءِ خلقيو آهي، فقط اهي ئي سمنڊ جي تري ۾ نظر اچن ٿيون، مٿي اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مريو وڃن ۽ تانگهي پاڻيءَ واريون مٿي ئي رهن ٿيون.
    سو نيويارڪ جي هيءَ پل بروڪلن برج ٺهي پئي ته ان جي پيلپاين ۽ ٿنڀن کي سمنڊ اندر هڪ سؤ فوٽن کان به وڌيڪَ کوٽائي ڪري لڳايو ويو هو. تن ڏينهن ۾ سائنس اڃان ايڏي ترقي نه ڪئي هئي. ظاهر آهي هي 1883ع کان به اڳ جو وقت ٿيو جڏهن ته ڊائبٽيز جهڙين بيمارين جي ئي 1920ع کانپوءِ ڄاڻ ٿي آهي، سو ان وقت ڪيترين بيماري ۽ انهن جي علاجن جي خبر نه هئي، خاص ڪري انهن بيمارين جي جيڪي مٿئين Altitude تي ٿين ٿيون يا Unpressurized هوائي جهازن ۾ ۽ هيٺ سمنڊ جي اونهي تري ۾. سو هن پل ٺهڻ وقت به جيڪي ڪاريگر هيٺ سمنڊ جي اونهائيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهي بيمار ٿي پيا. گهڻو پوءِ خبر پيئي ته هنن کي Caisson بيماري ٿي پيئي هئي، جيڪا Bends ۽ Decompression Sickness به سڏجي ٿي، جيڪا بقول ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سولنگيءَ جي اها اونهي ٽٻين Diving ۾ يا تمام گهڻو هيٺ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي هاءِ پريشر پيدا ٿيڻ ڪري ٿئي ٿي. ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سولنگي پاڪستان جي انهن ٻن ٽن اسپيشلسٽن مان هڪ آهي، جنهن Under Water Medicines ڪورس ڪيو آهي ۽ Diving Hyperbaric Diseases جو اسپيشلسٽ آهي.


    گمبٽ جي ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سان نيويارڪ ۾ مُلاقات

    گذّريل هفتي پنهنجي پيٽارو جي دوست وائيس ائڊمرل فاروق رشيد جو نيويارڪ ۾ اچڻ جو ٻڌي، آئون نيو جرسي کان ساڻس ملڻ ويس ته هن ٻڌايو ته گمبٽ پاسي جو مٿيون ڊاڪٽر مفتون به هِتي آيل آهي. ائڊمرل فاروق رشيد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مون کان ٽي سالَ جونيئر ۽ لياقت جتوئي، عبدالجبار عباسي، ظفر شورو ۽ مرحوم محسن پنهور وارن جو ڪلاس ميٽ هو. اڄ تائين جيڪي پيٽارو جا نيويءَ ۾ ويا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڏي پوسٽ تي فاروق رشيد پهتو آهي. جنهن کي مون پنهنجو اردوءَ جو ڪِتاب “ڪراچي سي ڪوپن هيگن” پڻ منسوب ڪيو آهي. بلڪه اهو ڪِتاب ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون کي ڪراچي ۾ ڏنو هوم ته ائڊمرل فاروق کي اسلام آباد ويندي پهچائي، پر هاڻ فاروق کان خبر پيئي ته هن کي اهو ڪِتاب هِتي نيويارڪ پهچڻ تي ئي مليو آهي. ڇو جو ڪئپٽن مفتون جي بدلي آرمي مان نيويءَ ۾ ٿيڻ ڪري، هن کي نيويءَ جي جهاز ٽيپو سلطان تي رکيو ويو، جيڪو هڪ ٻن ٻين جهازن سان گڏ مهيني کن کان آمريڪا پهتل آهي.
    آئون ٻئي ڏينهن مين هٽن ۾ مفتون سان پڻ مليس ۽ اتي ئي سامهون بروڪلن جي پل ڏسي، ان اونهي سمنڊ جي بيماريءَ جي ڳالهه ڪئي هئيمانس.
    ڪائسان (Caisson) جيڪو هن بيماريءَ جو نالو پڻ آهي، اهو هڪ وڏو لوهي دٻو ٿئي ٿو، جيڪو ڪمپريسڊ هوا سان ڀريل ٿئي ٿو. ان اندر ماڻهو ويهي جبلن جي اندر سرنگون کوٽين ٿا يا سمنڊ اندر هيٺ پلين جي بنياد لاءِ ٿنڀا هڻن ٿا.
    “هيءَ بيماري سخت دردناڪ ٿئي ٿي ۽ ڪيترين حالتن ۾ موت به رونما ٿئي ٿو،”
    ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو: “ٻاهرين دٻاءَ جي تڪڙي تبديليءَ ڪري انسان جي جسم مان نڪرندڙ نائٽروجن جا Bubbles انساني جسم کي ڀڃيو رکن ۽ بيهوش به ڪن ٿا. انسان جي نرم عضون مان رت چوسجيو دل ۽ دماغ ۾ پٺيءَ جي ڪنڊي ڏي Neuralgic سور ۽ ڪڏهن ڪڏهن Paralysis به ڪري ٿو.”
    سائنس جا شاگرد “Henry’s Law” کان واقف آهن ته:
    When the pressure of a gas over a liquid is decreased, the amount of gas dissolved in the liquid will also decrease.
    ان جو هڪ پرئڪٽيڪل مثال ڪوڪا ڪولا يا ڪنهن ٻئي مشروب کولڻ جو آهي. ان جو ڍڪ کلڻ تي گئس ٻاهر نڪرڻ جو سوساٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ مشرب مٿان Bubbles به نظر اچن ٿا. اها ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ گئس ٻاهر نڪرندي نظر اچي ٿي، جيئن بوتل اندر هاءِ پريشر ٻاهر جي Atmospheric pressure برابر پهچي.
    “اهڙي طرح نائٽروجن Intert Gas آهي، جيڪا انسان جي جسم ۾ اسٽور ٿيل آي.” ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو: “۽ پوءِ جڏهن انسان غوطا خوري ٿو ڪري ته هن جي جسم ۾ مليل نائٽروجن، گئس جي صورت ۾ جسم کان ڌار ٿيو، ٻاهر نڪريو اچي ۽ جي اها نائٽروجن انسان جي جسم مان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ شروع ڪري ته هن کي خارش، هڏن جي سور کان اڌ رنگ ۽ موت به اچي سگهي ٿو، جيڪو هن پل (بروڪلن برج) جي ڪنسٽرڪشن دوران ڪم ڪرڻ وارن کي ٿيو.”
    ڊاڪٽر مفتون سان منهنجي پهرين ملاقات 1998ع ۾ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ٿي هئي. هو تازو 1997ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري، سول اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري رهيو هو. آئون جهاز جي هڪ خلاصيءَ کي وٺي اتي آيو هوس. هي جيتوڻيڪ نئون ڊاڪٽر ٿي آيو هو، پر سخت محنتي ۽ ڪم جو ڄاڻو لڳي رهيو هو. ان بابت پاڻ به ٻڌايائين ته هو هميشه سٺين مارڪن سان پاس ٿيو آهي. “هائوس جاب ختم ٿيڻ تي ڇا ارادو آهي؟” مون پڇيو هئومانس.
    “خبر ئي ناهي. اسان غريبن جي ڪهڙي Choice جيڪو نصيب ۾ رب لکيو هوندو.” هن چيو.
    “توهان ڪم جا به ڄاڻو آهيو، همٿ وارا ۽ سٺي صحت به رکو ٿا. آرميءَ جي چونڊ ۾ ڇو نٿا Try ڪريو.”
    مون کيس پير جي ڳوٺ جي برگيڊيئر ڊاڪٽر نظام الدين ڏانور ۽ خيرپور جي ڪرنل مشتاق شيخ جا مثال ڏنا، جن جي چواڻي فوج ۾ پگهار کڻي گهٽ آهي، صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو، ڊسيپلينڊ زندگي آهي، پر Quality of Life آهي.
    ڊاڪٽر مفتون کي شايد منهنجي ڳالهه وڻي ويئي، جو هو نه فقط آرمي جي چونڊ ۾ ويٺو، پر ڪامياب به ٿي ويو. هن جي شروع واري پوسٽنگ جيتوڻيڪ وانا (جنوبي وزيرستان) ۽ سياچن ماٿري جهڙين ڏکين ۽ اڻانگين جاين تي ٿي، پر هي عجيب ماڻهو آهي جو جِتي ڪٿي خوش. جِتي ڪٿي محنت ۽ پورهئي ۾ اڳيان اڳيان. ننڍي سپاهي توڙي آفيسر، بيمار جي خدمت دل و جان سان ڪرڻ وارو. شايد اهي ئي ڳالهيون هيون، جنهن ڪري قدرت هن کي نوازيو. “آبِ دوز دوائن” ۾ مهارت جي ٽريننگ لاءِ هي نه فقط پڙهائيءَ ۾ لائق ثابت ٿيو، پر جسماني طرح سخت جان وارو پڻ. اهو هڪ وڏو اعزاز سمجھيو وڃي ٿو جو هن ننڍيءَ عمر ۾ اهو ڪورس ڪيو. ان بعد اهو پڻ هن جو سٺو ڀاڳ هو جو هيترن ڊاڪٽرن ۾ هي ئي آمريڪا جي هن سفر لاءِ چونڊجي ويو. ڪيترا سندس ساٿي چوندا اٿس ته ڪهڙي جنرل کان سفارش ڪرائين ٿو جو هر دفعي توکي ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي؟ ته کِلي چوندو اٿن، ته اسان جي سفارش ڪرڻ وارو وڏو جنرل مٿي ويٺو آهي. اسان غريب ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪير ٿو هِتي سڃاڻي، جو آئون ڪنهن ٻئي کي سفارش لاءِ چوندس.
    ڊاڪٽر مفتون جو نهال خان سولنگيءَ نالي هڪ ڳوٺ سان تعلق آهي، جِتي پاڻ پهرين مارچ 1973ع تي ڄائو. هي ڳوٺ جيڪو اڳ ۾ گمبٽ تعلقي ۾ هو (هاڻ سوڀوديرو ۾ آهي) ان جي اسڪول مان مفتون پنج درجا پڙهيا، ان بعد مئٽرڪ تائين هنڱورجا جي اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ سائنس ڪاليج گمبٽ مان ڪرڻ بعد MBBS چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي.
    ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو ته هن ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن هر امتحان ۾ هميشه سٺي پوزيشن کنئي. منهنجي خيال ۾ ان جي شاباس جا صحيح حقدار مفتون ۽ سندس نو ڀائرن ڀينرن کان وڌيڪَ هن جو والد محترم ماستر علي ڏنو سولنگي صاحب آهي، جنهن مان اڄ جي والدين کي Inspiration حاصل ڪرڻ کپي ته هن هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ رهي محدود آمدنيءَ ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ڏهن ئي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري. اڄ سندس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر عباس به چانڊڪا مان پڙهي نيول اسپتال شفا ڪراچي مان هائوس جاب ڪيو ۽ هاڻ آرميءَ لاءِ Apply ڪيو اٿس ۽ ڊاڪٽر فردوس چانڊڪا ۾ آهي. ننڍي ڀيڻ ثريا چارٽرڊ اڪائونٽنسي ڪئي آهي ۽ باقي ڀائر ڀينر زولاجي، ڪيمسٽري ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ (MSc پوسٽ گريجوئيشن) ڪئي آهي.
    مفتون وارن جو جهاز ٻه هفتا کن نيويارڪ ۾ رهي، پوءِ ٻين ملڪن ڏي روانو ٿي ويو پر ساڻس ٻه ٽي دفعا ملڻ ۽ خبر چار ڪرڻ جو موقعو ۽ پڙهندڙن لاءِ لکڻ جو بهانو ملي ويو. بروڪلن برج جي حوالي سان هڪ اڌ ٻي ڳالهه اها ته هيءَ پل جڏهن 1883ع ۾ ٺهي راس ٿي، ته ماڻهن کي اهو خوف هو ته اها گهڻي بار سبب ڪري نه پوي. تن ڏينهن ۾ پل کي ٽيسٽ ڪرڻ جو ٻيو طريقو ته نه هو. 1884 ۾ هن پل جي مٿان ايڪيهه هاٿين جي ڌڻ کي هڪ ئي وقت بيهاريو ويو. ان بعد ماڻهن جي دلين تان خوف لٿو. هونءَ هن پل مٿان ڪيترن ماڻهن خودڪشي به ڪئي آهي. ڪن مشهوريءَ خاطر خودڪشي جا دڙڪا ڏنا آهن ۽ ڪن وري پنهنجي لئه رکڻ يا بهادريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هن پل تان هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو، جن مان ڪجهه بچي ويا، ڪجهه مري ويا. 1895ع ۾ ڪلارامڪ آرٿر نالي پهرين عورت هئي جنهن پل مٿان پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنو. هن ڊگهن جورابن ۾ ويهه پائونڊ ريتي ڀري اهو سوچي ٽپ ڏنو ته هن جا پير پهرين زمين کي ڇهندا. بهرحال اها مرڻ کان بچي وئي.


    نيويارڪ جون ڪجهه ٻيون پُليون

    هتي نيويارڪ جي ٻن ٽن ٻين پلين جو به مختصر احوال ڪنداسين. توهان چوندؤ ته نيويارڪ ۾ ڪيتريون پُليون آهن؟ اهو سوال منهنجي خيال ۾ ڪنهن اهڙي کان ڪجو جيڪو نيويارڪ مان ٿي آيو هجي. يعني هفتي ٻن لاءِ گهمي نه پر سال ٻه رهي آيو هجي. توهان جي خيال ۾ ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون؟ ڏهه؟ ويهه؟ ٽيهه؟ پنجاهه؟ جيڪڏهن ڪو توهان کي سئو يا ٻه سئو پليون چئي ٿو ته به سمجهو ته هن نيويارڪ چڱي طرح نه گهميو آهي. نيويارڪ ۾ هڪ هزار کان مٿي پليون آهن جنهن جو احساس نيويارڪ جو شهر باءِ روڊ گهمڻ کان وڌيڪ پاڻي واري جهاز يا فيريءَ رستي پاڻيءَ مان هلڻ تي ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڊسن ندي ۽ ايسٽ نديءَ تي تمام وڏيون پليون آهن جن مان ڪجهه جو ذڪر شروع وارن مضمونن ۾ ڪري چڪا آهيون. انهن ندين کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون ننڍيون، ڪي ته لياري ۽ ملير ندين جهڙيون، سامونڊي وهڪرا، ڪورنگي ڪريڪ جهڙيون Creeks، ڪئنال ۽ Kills (وهڪرا) آهن. جهڙوڪ هارلم ندي، برانڪس ندي، ايسٽ چيسٽر ڪريڪ، ڪوني آئلنڊ ڪريڪ، نيوٽن ڪريڪ، رچمنڊ ڪريڪ، گووانوس چئنل، رڪر آئلنڊ چئنل، هُڪ ڪريڪ، اٽلي ڪريڪ، انگلش ڪلز، ڊچ ڪلز، ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن پوءِ انهن پاڻيءَ جي رستن مٿان ڪي فڪسڊ پليون آهن، ته ڪي چرپر ڪندڙ، جيڪي جهاز لنگهڻ مهل خشڪيءَ ڏي ڇڪيون وڃن ٿيون يا انجيسن تي کلندڙ دروازن وانگر Swing ڏئي کوليون وڃن ٿيون. ڪي مٿي چاڙهيون وڃن ٿيون وري جيڪي هڪ هنڌ بيٺل Fixed پليون آهن، انهن ۾ به ڪي Suspension واريون آهن. ڪي Cantilever نموني جون ته ڪي ڪهڙي نموني جون.
    بهرحال هتي انهن مان ڪجهه وڌيڪ پلين جو مختصر احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي اهڙن اهم هنڌن تي يا اهم نموني جون آهن، جو ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل مسافر جو به انهن تان يا انهن سامهون ضرور لنگهه ٿيندو هوندو. انهن مان هڪ ته مئن هٽن برج آهي، جيڪا نالي مان جيئن لڳي ٿو ته هڪ طرف مئن هٽن کي ملائي ٿي ۽ هيٺان ايسٽ ندي آهي ۽ ٻئي پاسي بروڪلن آهي. هن پل تان لارين موٽرن، پيادن، سائيڪل سوارن کان علاوه ريل گاڏيون به لنگهن ٿيون. مئن هٽن واري پاسي هيءَ پل چائنا ٽائون جي ڪئنال اسٽريٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ بروڪلن پاسي فلئٽ بش ايونيو تي وڃيو ختم ٿئي. هيءَ پل بروڪلن برج ۽ وليمس برگ برج جي وچ ۾ هجڻ ڪري، هن پل مٿان واڪ ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو ۽ پاسي کان پلين، هيٺ سمنڊ ۽ اڳيان پويان دنيا جي وڏين عمارتن وارن علائقن، مئن هٽن ۽ بروڪلن جو نظارو هڪ عجيب خوبصورت ڏيک آهي، جيڪو جهڙالي موسم هجي يا ٽاڪ منجهند يا رات جي جهرمر هر وقت دل لڀائيندڙ لڳي ٿو.
    مئن هٽن پل 6555 فوٽ (يعني ٻه کن ڪلوميٽر آهي، جنهن جي وچين ڪمان (Span) 1470 فوٽ آهي. ٻن طبقن واري پل آهي. مٿين طبقي تي لارين بسن جون چار قطارون ۽ هڪ پيادن لاءِ آهي. هيٺئين طبقي تي ٽي لارين موٽرن لاءِ رستا آهن ۽ چار ريل لاءِ.
    وليمسبرگ برج (Williamsburg Bridge) ايسٽ نديءَ مٿان آهي ۽ نيويارڪ جي مئن هٽن ۽ بروڪلن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. 1903ع ۾ هيءَ پل ٺهي راس ٿي هئي، ته ان وقت هڪ اهم پل مڃي وئي ٿي ۽ اڻ لچڪندڙ Non- Flexible قسم جي ٽاور وارين ٽن پلين مان، هيءَ ٻي پل هئي (ٻيون ٻه پليون، بروڪلن برج ۽ جارج واشنگٽن پل آهن). هن پل کي ٺهڻ ۾ ست سال لڳا ۽ ان وقت دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي suspension پل هئي ۽ پوءِ ايڪيهه سالن بعد 1924ع ۾ بيئر مائونٽين پل (Bear Mountain Bridge) ٺهي.
    وليمسبرگ پل شروع ۾ پيادن، سائيڪل سوارن ۽ گهوڙن رستي ڇڪڻ وارين بوگين لاءِ ٺهي هئي پر پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ هيءَ پل ٽرالين ۽ ريل گاڏين لاءِ به اهم رستو ٿي پيئي. 1920ع ۾ ردوبدل آڻي ٽرئفڪ لاءِ اٺ قطارون ٺاهيون ويون، جيڪي اڄ تائين قائم آهن، جن تان روزانو ڏيڍ لک لاريون موٽرون هلن ٿيون ۽ مٿانئس هلندڙ سب وي ريل گاڏين ۾ اٽڪل هڪ لک کن مسافر سواري ڪن ٿا. هيءَ پل آمريڪا جي مشهور انجنيئر ڪرنل جوناٿن وليمس نالي آهي، جيڪو بين فرنڪلن جي ڀائٽي جو پوٽو ٿئي.
    بيئر مائونٽين برج به نيويارڪ جي suspension پل آهي، جنهن مٿان آمريڪا جا 202 ۽ 6 نمبر هاءِ وي لنگهن ٿا. هيءَ پل هڊسن نديءَ مٿان آهي، جنهن جي اولهه ۾ راڪ لئنڊ ۽ آرينج ڪائونٽيون آهن ۽ اوڀر ۾ ويسٽ چيسٽر ۽ پتنام. هيءَ پل هاءِ وي 9w ۽ Palisade انٽر اسٽيٽ پارڪ وي کي پڻ هڊسن نديءَ جي اولهه واري ڪپ تي ڳنڍي ٿي ۽ نيويارڪ اسٽيٽ روٽ 9d کي اوڀر ڪناري سان ملائي ٿي. هن پل تان لنگهڻ جو ٽول هڪ ڊالر في ڪار آهي.


    نيويارڪ جون ڪجهه وڌيڪ پليون

    نيويارڪ ۾ هڪ ٻي سنهڙي ندي هارلم ندي آهي، جيڪا ايسٽ نديءَ کان به سنهڙي آهي، اِها هڊسن نديءَ مان نڪري ايسٽ نديءَ سان اچيو ٿي ملي. بهرحال نيويارڪ رياست ۾ رهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هيءَ هارلم ندي برانڪس ۽ مئن هٽن ٻيٽ کي ڌار ڪري ٿي. برانڪس ۽ مئن هٽن ڏي اچ وڃ لاءِ پڻ ڪيتريون ئي پليون آهن جن وٽان مئن هٽن آيل ٽوئرسٽ جو هر هر انهن پلين مٿان يا ڀرپاسي کان گذر ٿئي ٿو. جهاز کي وٺي جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته هنن پلين ۽ دريائي رستن ۾ ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هوم. پوءِ هڪ پني تي نيويارڪ جي نقشي تي اهم پليون ٺاهي ڇڏيون هيم ۽ جڏهن پيادل يا بسين ٽئڪسين ۾ گهمڻ لاءِ نڪرندو هوس ته اهو پنو پنهنجي کيسي ۾ وجهي نڪرندو هوس. سو بهرحال هن هارلم نديءَ تي جيڪي هڪ ٻئي ڀرسان چار پنج پليون آهن، اهي هن ريت آهن:
    - وليز Willis Avenue
    - ٿرڊ ايوينيو پل
    - مئڊيسن ايوينيو پل
    - 145 هين اسٽريٽ پل.
    - مڪومبس (Macombs Dam) پل.
    - يونيورسٽي هائيٽس برج وغيره وغيره.
    يونيورسٽي هائيٽس پل مئن هٽن جي 207 نمبر گهٽيءَ کي، برانڪس جي يونيورسٽي سيڪشن جي اولهه فورڌام روڊ سان ملائي ٿي. هيءَ Swing ٽائيپ پل آهي. هن پل تي ايندڙ ويندڙ پاسي ٻه ٻه ٽريفڪ لاءِ ۽ هڪ هڪ پيدل هلندڙن لاءِ رستو آهي.
    Macomb’s ڊيم پل جيڪا پڻ هارلم نديءَ مٿان آهي، اها مئن هٽن جي 161هين گهٽيءَ کي برانڪس علائقي جي جيرومي ايوينيو سان ملائي ٿي. مئن هٽن کان يئنڪي Yankee اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ هيءَ عام روٽ آهي. هيءَ پل به Swing ٽائيپ آهي. هيءَ پل نيويارڪ جي پراڻين پلين مان آهي ۽ 1814 ۾ رابراٽ مئڪومب جي ڪوشش سان هيءَ پل ٺهي ۽ هن جي ئي نالي آهي. ان وقت ملڪ جي قانون ساز اسيمبليءَ مان اهو قانون پاس ڪيو ويو هو ته هن پل جي ٽال مان جيڪا آمدني ٿيندي، ان جو اڌ غريبن کي ڏنو ويندو ۽ هر قسم جي ٻيڙيءَ کي هتان مفت لنگهڻ جي موڪل هوندي.
    “145هين گهٽي واري پل” (145th Street Bridge on Harlem) مئن هٽن پاسي کان 145هين گهٽيءَ ۽ ليناڪس ايوينيو کي برانڪس جي 149 گهٽي River ايوينيو سان ملائي ٿي.
    “مئڊيسن ايوينيو برج” مئن هٽن جي ٽيويهين گهٽيءَ کي، برانڪس جي 138 گهٽيءَ سان ملائي ٿي. اهڙيءَ طرح ٿرڊ ايوينيو برج به هارلم نديءَ مٿان آهي ۽ مئن هٽن جي باوري ۽ چوٿين اسٽريٽ کي برانڪس جي ويبسٽر ايوينيو سان ملائي ٿي ۽ ان جي ئي ڀرسان وليز ايوينيو برج آهي ۽ مئن هٽن پاسي جي فرسٽ ايوينيو ۽ 124هين گهٽيءَ کي برانڪس علائقي جي وليز ايوينيو ۽ 134 اسٽريٽ سان ملائي ٿي.
    مٿين پلين کان علاوه ٻه ٻيون پليون، جيڪي پڻ نيويارڪ جو سير ڪندي رکي رکي نظر اچن ٿيون اهي آهن.
    * ڪئنس بورو برج ۽
    * تاپان زي برج.
    ڪئنس بورو (Queens Boro) پل ايسٽ نديءَ مٿان آهي ۽ ڪئنس پاسي جو لانگ آئلئنڊ سٽي وارو پاڙو اوڙو مئن هٽن سان ملائي ٿي ۽ هن رستي جو روزويلٽ آئلئنڊ مٿان پڻ لنگهه ٿئي ٿو. هيءَ Cantilever ٽائيپ پل آهي. نيويارڪ وارا هن پل کي 59هين اسٽريٽ پل به سڏين ٿا، جو هيءَ پل مئن هٽن ان گهٽيءَ وٽان ڇڏي ٿي. هيءَ پل جيتوڻيڪ 1867ع کان ٺهڻ شروع ٿي هئي، پر پئسي ڏوڪڙ جي نه ملڻ ۽ ٻين مسئلن ڪري ٿورو ٿورو ٿي ٺهندي رهي ۽ 1909ع کان مٿانئس ٽريفڪ شروع ٿي. هن پل جي شروعات ۾ بليڪ ويل آئلئنڊ برج نالو پڻ مشهور ٿيو. بلئڪ ويل ٻيٽ اڄ واري روزويلٽ ٻيٽ جو پهريون نالو هو. ٺهڻ وقت هيءَ Queensboro پل دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڪئنٽي ليور پل هئي، جنهن جي هڪ ڪمان (Span) مئن هٽن کان روزويلٽ ٻيٽ تائين 360 ميٽر هئي.
    - روز ويلٽ ٻيٽ واري Span جي ڊيگهه 192 ميٽر آهي.
    - روز ويلٽ ٻيٽ کان ڪئنس تائين ڪماني 300 ميٽر آهي.
    تاپان زي (Tappan Zee Bridge) پل پڻ مٿين پل ڪئنس بورو وانگر Cantilever پل آهي، جيڪا هڊسن نديءَ تي ان هنڌ آهي، جتي نديءَ جو پيٽ سڀ کان گهڻو ويڪرو آهي. هڊسن نديءَ جو اهو هنڌ ئي تاپان زي سڏجي ٿو، جنهن تان هن پل تي اهو نالو پيو آهي. هونءَ “تاپان” هتي جي اصلوڪن رهاڪن ريڊ انڊين جي هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽ “Zee” ڊچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سمنڊ (Sea) آهي. هيءَ پل 1955ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن کي ڳنڍي ٿي. پل جي ٽوٽل ڊيگهه Approaches سميت ٽن ميلن کان مٿي (پنج کن ڪلو ميٽر) ٿيندو. ڪئنٽيليور جي ڪمان (Span) 372 ميٽر ٿيندو، جيڪو پاڻيءَ جي سطح کان 42 ميٽرن جي وٿي ٺاهي ٿو، جنهن مان ان اوچائي کان گهٽ جا جهاز آرام سان لنگهي سگهن ٿا.
    پل مٿان ٽريفڪ جون ست لائينون گذري سگهن ٿيون. ٽي هڪ پاسي، ٽي ٻئي پاسي. وچين لين بدلائي سگهجي ٿي ۽ جنهن پاسي گهڻي ٽريفڪ هوندي آهي، ان پاسي ڪئي ويندي آهي، جيئن ڪراچي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪِلا ٺوڪي، رسيون ٻڌي، ٽريفڪ جو وهڪرو ضرورت موجب رکيو ويندو آهي. هن پل تان لنگهڻ جو ٽال چار ڊالر آهي، جيڪو پئسن ذريعي ڏئي سگهجي ٿو يا E- Zpass ذريعي ڪٽائي سگهجي ٿو.


    آمريڪا کنڊن ۾ سڀ کان گهڻي هسپانوي هلي ٿي

    ڪئناڊا کي ڇڏي (جتي انگريزي ۽ ٻي زبان فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي) باقي سڄي آمريڪا ۾، يعني آمريڪا جي اتر کنڊ ۽ ڏکڻ کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ هسپانوي ۽ پورچوگالي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ ٻئي نمبر تي انگريزي جيڪا USA جي سرڪاري زبان آهي ۽ اتي ئي گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي. باقي ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ چلي ۽ برازيل نه ڏسو ته سينٽر آمريڪا جا ميڪسيڪو ۽ نڪارا.... گوئا... توڙي ڪيوبا، هائتي جهڙن وڏن ننڍن ٻيٽن تي هسپانوي ۽ پورچو گالي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪي زبانون هڪ ٻئي سان گهڻو ملن ٿيون. هڪ هسپانوي ۽ پورچو گالي ملڻ وقت ڀل پنهنجي پنهنجي زبان ڳالهائين، پر اڳلو سمجي ويندو آهي. جيئن سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جا ماڻهو ڪن.
    USA جي جيتوڻيڪ سرڪاري ۽ قومي زبان انگريزي آهي، پر ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز وغيره ۾ هسپانوي زبان چڱو ٿي هلي ۽ سڄي آمريڪا (USA) ۾ او يا اي ليول وارا ٻار ٻي زبان هسپانوي کڻن. اسان جون سنڌي فئمليون جيڪي آمريڪا (USA) ۾ رهن ٿيون ۽ جن جن سان ملڻ جو موقعو مليو، جهڙوڪ ڊاڪٽر نور راڄپر، نديم جوڻيجو، ڊاڪٽر ابڙو، ڊاڪٽر حميراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي، ته انهن جي ٻارن جي اسڪول ۾ سيڪنڊ Language هسپانوي هئي ۽ هو پنهنجي پاڻ ۾ راند کيڏڻ مهل به هسپانوي (Spanish) ڳالهائي رهيا هئا. سو هتي USA ۾ به جيتوڻيڪ انگريزيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اسپين جي زبان آهي، پر توهان ڏسندائو ته نيويارڪ ۾ ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترن ئي شين جا نالا يا اهم شخصيتون ڊچ ملنديون. جيئن ته تاپان زي پل جو احوال لکڻ مهل ٻڌائي چڪو آهيان ته Zee ڊچ لفظ آهي. ويندي نيويارڪ جي علائقي جو نالو بروڪلن (Brooklyn) اصل لفظ Breukelen آهي، جيڪو ڊچ زبان جو لفظ آهي. هينري هڊسن جهڙا جهاز ران جيڪي پاڻ کڻي انگريز يا اطالوي هئا پر آمريڪا ڏي هنن کي اسپين وارن يا هالنڊ وارن ٿي موڪليو. جيئن ڪولمبس پاڻ کڻي اطالوي هو، پر کيس جهاز اسپين وارن ڏنا. جتي ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا تي اسپين ۽ پورچوگال وارن جو قبضو ٿي ويو، اتي اڄ واري USA تي ــ خاص ڪري نيويارڪ، ميريلئنڊ، ورجينا، پينسلوانيا ۽ فلڊلفيا پاسي ڊچن جو قبضو رهيو. ايتري قدر جو نيويارڪ شهر ۽ اوسي پاسي جي علائقن جا نالا به هنن پنهنجي ملڪ هالنڊ ۽ شهرن ايمسٽرڊم نالي رکيا. پوءِ اڳتي هلي انگريزن جو قبضو ٿيڻ تي هن جو نالو نيو يارڪ رکيو ويو.
    انڊيا، ملايا، انڊونيشيا، سري لنڪا توڙي هيڏانهن آمريڪا ڏي، انگريزن کان اڳ پورچوگالي ۽ ڊچ پهتا، پر انتظاميه ۽ ٻين ڳالهين ۾ انگريز هوشيار هجڻ ڪري، جتي ڪٿي هنن انگريزن نه فقط قبضو ٿي ڪيو، پر ڄمائي ويٺا به ٿي. انگريزن جي جيئن واپاري ڪمپني East India Company هئي، تيئن ڊچن جي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني هئي. سورهين صدي جي آخر کان يورپين کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي ۽ بعد ۾ آمريڪا وڃي پنهنجي وطن ۽ گهر لاءِ مال آڻڻ جو چشڪو لڳو. جيڪو هنن ظاهري طرح واپار جي نالي سان شغل ڪيو ٿي، پر ڦرلٽ، ٺڳيون، دولاب ۽ خونريزيون ڪري مڪاني ماڻهن کان حاصل ڪيو ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ جهازن ۽ ماڻهن جي پگهارن تي جيڪو خرچ آيو ٿي، اهو ان ملڪ جي عوام ٿي ڏنو ۽ پوءِ انهن جي ڪيل سيڙپ مطابق هر سال يا هر ٽي سال نفعو (Dividend) مليو ٿي، جيڪو چاليهه پنجاهه سيڪڙو ٿي ٿيو جيئن ڪنهن زماني ۾ اسان جي ملڪ ۾ به ٽي جيز نالي جهڙيون ڪيترون ئي سرمايه ڪاريءَ جون ڪمپنيون شروع ٿي پيون هيون، جن ماڻهن کي گهر ويٺي سندن سيڙپ مطابق وڏو فائدو رسايو ٿي (۽ پوءِ رسائيندي رسائيندي هنن جي سڄي هڙ هڙپ ڪري ويا).
    بهرحال سن 1602ع ۾ ڊچن “ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني” ٺاهي، جنهن جو سندن زبان ۾ نالو Vereenigde Ostindische Compagnie يا شارٽ فارم VOC رکيو. ڊچ دراصل هالينڊ جي زبان جو به نالو آهي، ته ماڻهن جو به. هالنڊ ملڪ کي نيدرلئنڊس به سڏين ٿا. هن ملڪ بابت تفصيلي احوال مون پنهنجي سئيڊن وارن سفرنامن ۾ ڪيو آهي، جتي M.Sc ڪرڻ دوران اسان کي فيلڊ ٽرپ لاءِ هالنڊ اچڻو پوندو هو يا جهاز جي نوڪري دوران جهاز کي هالنڊ جي بندرگاهه راٽرڊم ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو.
    مٿي لکي آيو آهيان ته انگريزن کان اڳ ڊچ ڏورانهن ملڪن ۾ پهتا ۽ انهن کان به گهڻو گهڻو اڳ پورچو گالي، ........پوءِ اهي ملڪ کڻي هند سنڌ هجن يا سري لنڪا ۽ ملايا. واسڪو ڊي گاما به ته پورچو گالي ئي هو جيڪو 1498ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري انڊيا پهتو هو ۽ هو پهريون يورپي هو. تن ڏينهن ۾ دهلي تي حڪومت سڪندر لوڌيءَ جي هئي، جنهن بعد ابراهيم لوڌي 1517ع ۾ آيو ۽ 1520ع ۾ بابر آيو ۽ مغل سلطنت جو دور هليو جنهن جي پڙ پوٽي يا تڙپوٽي جهانگير انگريزن کي انڊيا ۾ واپار جون ڪوٺيون ٺاهڻ ڏنيون. سنڌ ۾ ته 1843ع ۾ انگريز پهتا، پر هي پورچو گالي گهڻو گهڻو پراڻا آيل هئا. سنڌ جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ انگريز جڏهن پهريون دفعو 1612ع ۾ سنڌ آيا ته هنن کي اهو ڏسي تعجب ٿيو ته پورچو گالي نه فقط ٺٽي ۾ بندرگاهن جي اوس پاس وارن هنڌن تي موجود هئا، پر ڪافي اندر تائين هنن جا ٺهرايل گرجا گهر نظر آيا. هو ارغونن ۽ ترخانن جي سول جنگ دوران 1555ع ڌاري هتي سنڌ ۾ ئي هئا. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بلي بلي شهر هو، جنهن جو احوال هڪ پورچو گالي سياح فري سبسطين Sebastain Maurigue 1614ع ڌاري ٺٽي جي سفر دوران لکيو هو. سنڌ ۾ جيڪي پورچوگالين جا گرجا گهر هئا يا ان وقت جي مغل حاڪم خرم (شاهجهان) 1627ع ۾ تخت تي وهڻ بعد ڊهرايا هئا، انهن جي مرمت ڪرڻ جي اجازت ۽ ڪم هن مٿين سياح کي ڏنو ويو هو. (شهزادي خرم کي پورچوگال پاسي پورچوگالي زان ۾ Emperor Corrombo سڏين ٿا.)
    ملايا جو شهر ملاڪا جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ مون کي اٺ سال کن پڙهائڻ جو موقعو مليو هو، اتي پڻ پورچوگالي پهرين پهتا، جن جو تفصيلي احوال “مڪليءَ کان ملاڪا” ڪتاب ۾ لکيو اٿم جن جا ان وقت جا ڪيترائي گرجا گهر ۽ ڳاڙهو قلعو اڄ به تاريخي حيثيت رکي ٿو. انهن کي ڀڄائي ڊچ آيا ۽ آخر ۾ انگريزن اٽڪلن ذريعي ملاڪا تي قبضو ڪيو ۽ سٺي انتظاميه، عدل انصاف، ريل ۽ پوليس جهڙن ادارن ذريعي ڄمي ويٺا. اهو ئي ڪم انگريزن سري لنڪا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ به ڪيو.
    بهرحال پورچوگالين کي جهاز هاڪاريندو ۽ ڌارين ڌرتين تان مال آڻيندو ڏسي، هاليند جي وچ واپارين ۽ ٽريڊ ڪمپنين گڏجي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني کولي، جيئن مشرق کان ايندڙ مصالحن ۽ ٻين قيمتي شين تان پورچوگالين جي هڪ هٽي ختم ٿئي. کين هالينڊ جي سرڪار کان نه فقط اوڀر ايشيا ۾ سالن جي واپار تي قبضو ڄمائڻ جي موڪل Charter ڏني وئي، پر انهن ملڪن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ مڪاني ماڻهن کي زوريءَ مڃائڻ ۽ نه مڃين ته مارڻ جي به موڪل ڏني وئي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، هي ڊچ انڊونيشيا تائين وڃي پهتا، جتي سندن اهم مرڪز باٽاويا بڻيو، جيڪو شهر هاڻ جڪارتا سڏجي ٿو. سندن ظلمن جو اندازو ان مثال مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ڊچن کي لؤنگن، ڪارن مرچن (Peppers) ۽ Nutmeg جهڙن مصالحن مان فائدو هو ته هنن مڪاني ماڻهن کي زوريءَ فقط اهي شيون پوکڻ لاءِ زور ڀريو ٿي. جڪارتا ۽ پينانگ جي وچ ۾ انڊونيشيا جو هڪ ٻيٽ بنڊا (Banda) نالي آهي، اتي جي ماڻهن Nutmeg پوکڻ لاءِ هائوڪار نه ڪئي، ته ڊچن ان ٻيٽ جي سڀني ماڻهن جو قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن کان ماڻهو غلام ڪري وٺي آيا ۽ ان ٻيٽ تي اچي پنهنجي پسند جو فصل پوکيائون، جتي جي يورپ ۾ ضرورت ۽ اگهه هو. هنن مصالحن جي هر شيءَ تي پنهنجي هڪ هٽي (Monopoly) هلائي ۽ نه فقط پوکڻ پر انهن جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ويندي اهو به ته ڪهڙن ملڪن ۾ موڪلڻو آهي ۽ ڪهڙن ۾ نه.


    نيويارڪ تي پهرين ڊچن قبضو ڪيو

    ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سڄي ايشيا ۾ واپار هليو ٿي، هنن جا جهاز باٽاويا (جڪارتا) اچڻ مهل نيدرلئنڊس (هالنڊ) کان چاندي (جيڪا پيرو ڏکڻ آمريڪا جي اسپيني کاڻين مان آئي ٿي) ۽ ايشيا ۾ ڊچ ڪالونين ۾ رهندڙ ڊچن لاءِ سيڌو سامان کڻي آيا ٿي. جپان مان ٽامو آندو ويو ٿي، جيڪو چانديءَ سان ملائي انڊيا ۽ چين سان ڪپڙي، ڪپهه ۽ سٽ جي بدلي ۾ Exchange ڪري، اهي شيون هالنڊ کڻي ايندا هئا يا اتي ئي ايشين بندرگاهن ۾ سٺي اگهه تي هلائي ڇڏيندا هئا. واپار سان گڏ هنن جون عيسائي تبليغي جماعتون به هيون، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ لڳيون رهيون ٿي. 1640ع ۾ ڊچن سريلنڪا جو سامونڊي ڪناري وارو شهر Galle پورچوگالين کان هٿ ڪيو ۽ هنن جي سريلنڪا ۾ جيڪا لؤنگن جي واپار جي هڪ هٽي هئي، اها ڀڳي. 1658ع ۾ (18 سالن بعد) سري لنڪا جي مڪاني بادشاهه راجا سنگهي II ڪئنڊي واري سان ملي، ڪولمبو تي حملو ڪيو ۽ پورچو گالين کي سريلنڪا مان ڀڄائي ڪڍيو. ان جو تفصيلي احوال سري لنڪا جي سفرنامن وارن ڪتابن: “سي ئي جوڀن ڏينهن” ۽ “هي ٻيٽ هي ڪنارا” ۾ ڪري چڪو آهيان.
    1652ع ڌاري ڊچن سائوٿ آفريڪا جي ڏاکڻي حصي تي قبضو ڪري ڪالوني ٺاهي. اهڙي طرح ڊچن جو بنگال، اڄ جي ايران، ملايا جي رياست ملاڪا سيام (اڄ جي ٿائلنڊ)، ڪئنٽن، فارموسا (اڄ جي تائيوان) ۽ ملايا (اڄ جي ملائيشيا) جي ڪيترن حصن تي قبضو ڪري، پنهنجو حڪم هلايو ٿي. 1669ع ڌاري ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني دنيا جي خانگي واپاري ڪمپنين ۾ امير ترين هئي، جنهن کي ڏيڍ سؤ کن پاڻيءَ جا جهاز هئا، جن مال ۽ ماڻهو ٿي کنيا. چاليهه جنگي جهاز هئا ۽ مختلف هنڌن تي اڌ لک ڪلارڪ ڪڙا ۽ مئنيجر هئا، جن کي پگهار ڏنو ويو ٿي ۽ ڏهه هزار سولجر هئا، جن سندن حڪم جي پوئيواري ڪئي ٿي. هالنڊ جي ماڻهن کي هن ڪمپني ۾ ڪيل سيڙپ تي چاليهه سيڪڙو فائدو (Dividend) مليو ٿي ۽ هالنڊ ۾ هر هڪ جي وڏي لئه لڳي پيئي هئي. هوڏانهن ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جي ڀينگ پئي ٿي.
    ڊچ ڪمپنيءَ ڦرلٽ ۽ پنهنجا Interest قائم رکڻ لاءِ، آفريڪا توڙي ايشيا جي ماڻهن کي موچڙو مار پئي ڪئي، اصلوڪن رهاڪن کي نيست و نابود پئي ڪيو ۽ انگريزن، پورچوگالين توڙي ايشيا ۾ موجود ٻين يورپي قومن سان جنگيون پئي جوٽيون. انگريزن سان به ٽي لڙائيون ٿين. چوٿين جيڪا 1780ع کان 1784ع تائين چار سال هلي، ان ۾ هن ڊچ واپاري ڪمپنيءَ جا گوڏا وڃي زمين سان لڳا. پئسي ڏوڪڙ جي نقصان ۽ ڏچي جي ڌٻڻ ۾ اهڙو سوگھو ٿي ويئي، جو وري نڪري نه سگهي. سندن چانهه جي وڪري مان جيڪا ڪمائي ٿي، اها به وڃي تر ۾ پهتي. يورپ چانهه پيئڻ جي عادت گهٽائي، نئين مشروب ڪافي ڏي دلچسپي پئدا ڪئي ۽ هاڻ ڪمائيءَ جو رخ ايشيا کان ڏکڻ آمريڪا ڏي تبديل ٿي ويو، جتان برازيل، ڪولمبيا، پيرو ۽ وينززوئلا مان کنڊ، ڪافي ۽ سون چاندي ٿي آيو. 1798ع ۾ ڊچ ڪمپنيءَ ڏيوالي جو اعلان ڪري، ڪمپنيءَ کي Dissolve ڪيو. ايسٽ انڊيز جا ٻيٽ ملاڪوس، جاوا، سماترا ۽ ٻيا Kingdom of Netherlands حوالي ڪيا ويا، جتي اڳتي هلي سڪارنو ۽ ٻيا پئدا ٿيا، جن ويهين صديءَ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کي ڊچن جي چنبي مان مڪمل آزادي ڏياري.
    ڊچ آمريڪا ۾ پهريون دفعو De Halve Maen نالي جهاز ذريعي 1609ع ۾ آيا ۽ نيويارڪ وٽان جيڪا هڊسن ندي وهي ٿي، ان جي جاچ ورتائون. جهاز جو مٿيون نالو ڊچ زبان جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اڌ چنڊ (The Half Moon) آهي. دراصل هي جهاز ايشيا وڃي رهيو هو، جنهن جي ڪپتان عقل جي ڊوڙ هلائي، شارٽ ڪٽ پئي ڳولهي، ته ڀلجي اچي هتان نڪتو. تن ڏينهن ۾ نه ايڏيون طاقتور دوربينيون هيون، نه رڊار ۽ ايڪوسائونڊر. جهاز وارا ويڪري پيٽ واري هڊسن نديءَ کي سمنڊ سمجھي اندر ڌوڪيندا ويا. پوءِ خبر پين ته ايشيا ڏي وڃڻ بدران هو ويتر پري ٿي ويا، پر ان جو کين افسوس نه ٿيو، جو هن پاسي جون سرسبز زمينون ڏسي، واڇ گودو ٿي وين ۽ پاڻ ته هتي ڄمائي ويهي رهيا پر پنهنجي ملڪ مان ٻين کي به گهرائي ورتائون ۽ ويا گهرائيندا.
    1614ع ۾ جتي اڄ نيويارڪ رياست جو ضلعو الباني (Albany) آهي، اتي نسائو قلعو (Fort Nassau) ٺاهيائون ۽ ڏهن سالن بعد (1624ع) هنن ان قلعي بدران فورٽ آرينج قائم ڪيو ۽ پنهنجي پڪي Settlement ٺاهي، سنڌ جيڏي هن صوبي جو نالو نيو نيدر لئنڊس رکيائون. يعني هڪ نيدر لئنڊس سندن ملڪ يورپ ۾ ٿيو ۽ ٻيو هي نئون ملڪ New Netherlands هتي آمريڪا ۾ ٿيو. سال کن کانپوءِ مئن هٽن ٻيٽ تي فورٽ ايمسٽرڊم ٺاهيو، جيڪو ٻيٽ (مئن هٽن) هنن مڪاني ريڊ انڊين ماڻهن کان چوويهه ڊالرن ۾ خريد ڪيو، جنهن جي اڄ جي حساب سان پاڪستاني روپين ۾ قيمت ڏيڍ هزار روپيا ٿي.
    1664ع ڌاري هن نئين ملڪ نيو نيدر لئنڊس جي آدم شماري ڇهه هزار تي وڃي پهتي، جنهن ۾ اڌو اڌ ڊچ هئا. انهن ڏينهن ۾ انگريز به اچي ڪڙڪيا ۽ علائقو ڊچن کان کسي سندن نالو نيويارڪ رکيائون، پر ٻن سالن تائين هن پاسي ڊچن جو گهڻو اچڻ ٿيندو رهيو. گرجا گهرن (Churches) ۾ به پادري ڊچ ئي رهيا ۽ نيويارڪ جي ڪيترن گرجا گهرن ۾ ڊچ ٻوليءَ ۾ واعظ ٿيندا رهيا. آمريڪن صدر ٿيوڊور روزويلٽ پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿو، ته سندس ڏاڏي جي چرچ ۾ 1810ع تائين ڊچ زبان ۾ واعظ ٿيندا هئا، هڊسن ندي جي مٿاهين توڙي هيٺين حصي تي رڳو ڊچن جا گهر هوندا هئا. پنهنجن ٻارن کي يورپ جهڙي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ 1766ع ۾ Queens College نالي ڪاليج کوليائون، جيڪو اڄ ڪلهه جي مشهور يونيورسٽي رٽگر (Rutgers University) آهي، جنهن مان تعليم حاصل ڪري اسانجي ڪيترن ئي پاڪستانين جو خواب آهي. خاص ڪري اهي جيڪي نيويارڪ ۽ نيوجرسيءَ ۾ رهن ٿا. هن وقت به اسانجي پيٽارو جي دوست حميد انور جي ڌيءَ ۽ اسانجي ڳوٺ هالا جي جيالاجسٽ مرحوم بشير انصاري جي ڀاڻيجي ۽ غلام مصطفيٰ ٻُگھيو جي ڌيءَ ڪُونج ٻگھيو رٽگرز يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪري رهي آهي.
    نيويارڪ جيتوڻيڪ انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويو، پر ڪئين سالن تائين هتي ڊچن جي ڪلچر، لوڪ ڪهاڻين ۽ ريتن رسمن جو رواج رهيو. ڪرسمس ڊي تي جيڪو سانٽا ڪلاز جو تصور آهي، سو به ڊچن هتي اچي متعارف ڪرايو، جنهن کي ڊچ زبان ۾ Sinterklass سڏجي ٿو. The Legend of Sleepy Hollow جهڙيون لوڪ ڪهاڻيون به دراصل ڊچ ڪلاسيڪل ادب جون آهن، جيڪي هتي مشهور ٿيون ۽ اڄ آمريڪن محسوس ٿين ٿيون، بلڪه انهن جي ڪلچر جو حصو بنجي ويون آهن.
    آمريڪا جي نيويارڪ ۽ نيوجرسي پاسي، خاص ڪري هڊسن نديءَ جي ٻنهي پاسي ڊچ وڏا جاگيردار هئا ۽ کين نه فقط جاگيرون هيون، پر سٺي موسم، بارش، درياهه ڪئنال ۽ سرسبز ڌرتي هجڻ ڪري اعليٰ پوکون ٿينديون رهيون ٿي. ڪيترن جون زمينون بٽئيءَ جي حساب سان ٿيون ٿي، ته ڪيترن جون مقاطي ۽ غلامن ذريعي پوکيون ويون ٿي اسٽيفن وارن رينسيلار نالي هڪ ڊچ سڀن کان وڏو جاگيردار ٿي گذريو آهي. جنهن وٽ ستهتر لک ايڪڙ زمين هئي. 1824ع ۾ هن پنهنجي نالي Renselear سان پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ کولي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين RPI جي نالي سان مشهور آهي. رينسيلائر 1764ع ۾ نيدرلئنڊس ۾ ڄائو ۽ 1839ع ۾ نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو.


    ايڊسين، وال وٽمن ۽ مارلن برانڊو به ڊچ هئا

    آمريڪا جي تاريخ ۾ سن 1700ع کان وٺي، اوڻهين صديءَ تائين تمام ٿورا يورپي آمريڪا لڏي آيا. ان دؤر ۾ يورپين پنهنجو ملڪ ڇڏي هڪ ڏورانهين ڏيهه لڏي وڃڻ ۾ ايڏو چارم نٿي محسوس ڪيو. محسوس به ڪيئن ڪن، انڊيا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن مان آفريڪا ۽ آمريڪا کان مال پئي آيا. گهر ويٺي عياشي لڳي پئي هُئي، پر پوءِ جيئن يورپ ۾ نوڪرين ۽ پورهئي جا پگهار ۽ ڏهاڙيون گهٽجڻ لڳيون، ٽئڪس وڌڻ لڳا ته هڪ دفعو وري يورپين جي لهر، جنهن ۾ هاري ناري ۽ گهٽ پگهار وارين نوڪرين وارا گهڻا هئا، آمريڪا ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي ان کان علاوه 1840ع ڌاري مذهبي ڏاڍاين جي ڪري عيسائي (پروٽيسٽنٽ) يورپ مان لڏڻ لڳا. ڪيترائي ڪئٿولڪ عيسائي پڻ آمريڪا لڏي آيا ۽ وسڪنسن (Wisconsin) رياست ۾ ڪميونٽي جي روپ ۾ رهڻ لڳا. آمريڪا جي وسڪنسن رياست منيسوٽا ۽ مشيگان رياست جي وچ ۾ آهي ۽ اتر ۾ ڏکڻ ڪئناڊا سان ملي پئي آهي.
    سن 1900ع تائين آمريڪا ۾ ڄاول ڊچن جو تعداد نيدر لئنڊس (هالنڊ) کان لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪروڙ کان به وڌي ويو هو. انهن ۾ گهڻا تڻا مشيگان، اليناس ۽ ائيو (IOWA) ۾ هئا ۽ انهن رياستن ۾ ڊچن جا سمورا ڳوٺ سخت عيسائي مذهب جا پوئلڳ سمجھيا ويا ٿي، جن وٽ ناچ، پتي راند، ٿيٽر ۽ شراب جهڙين شين تي سخت بندش هئي. هنن جي فقط ۽ فقط زندگي بائيبل ۽ مذهب هو. هنن پنهنجا مذهبي اسڪول کوليا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. مشيگان رياست جي ڊچ نالي واي سهر هالنڊ واري اڄ مشهور هالنڊ اڪيڊمي، شروع وارن ڏينهن ۾ ٻارن جو Preparatory School هو. 1860ع ۾ اهو اسڪول “هوپ ڪاليج” ٿيو ۽ هاڻ The Holland Academy آهي.
    اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ ساڍا ٽي لک ڊچ پنهنجو وطن ڇڏي، آمريڪا لڏي آيا ۽ ان بعد ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هزارين ڊچ پهرين سان آمريڪا اچي مليا. ياد رهي ته آمريڪا (USA) ۾ هڪ ته واشنگٽن نالي رياست آهي جيڪا نيويارڪ جي بلڪل ٻئي پاسي، يعني نيويارڪ رياست اوڀر طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ تي آهي، ته واشنگٽن رياست بلڪل اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي ڪئلي فورنيا ۽ اوريگن رياست جي مٿان، ڪئناڊا جي بارڊر تي آهي. ٻيو واشنگٽن شهر آهي، جيڪو ڊي سي يعني District of Columbia سڏجي ٿو ۽ سڄي آمريڪا (USA) جي گاديءَ جو هنڌ آهي. واشنگٽن ڊي سي، ورجينيا ۽ ميري لئنڊ رياست جي ڀرسان آهي.
    اڄ مشيگان ۽ آيويا رياستن ۾ ڊچ آمريڪن جي وڏي اڪثريت رهي ٿي. ان کان علاوه ڪئليفورنيا، نيويارڪ ۽ پينسلوانيا ۾ پڻ ڊچ آمريڪن تمام گهڻا رهن ٿا. هونءَ اسانجو جهاز فلڊلفيا پهچندو هو ته جرمنيءَ لاءِ چڙهندڙ سامان جي سلسلي ۾ جيڪي آمريڪن ايندا هئا، اهي پينسلوانيا ڊچ سڏبا هئا. انهن ٻڌايو ته هي سندن ڪميونٽي جو نالو آهي، جنهن جو ڪو به ڊچن سان واسطو ناهي، بلڪه ڏٺو وڃي ته هنن جا ڏاڏا پڙڏاڏا جرمنيءَ کان لڏي آيا هئا ۽ هو اصل ۾ جرمن آمريڪن آهن. منهنجي خيال ۾ به هي ائين آهي، جيئن اسانجي ڳوٺ ۾ (۽ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ هند جي ٻين ڳوٺن ۾ به) ڪجهه گهر آهن، جن جا ڀاتي بنگالي ۽ جپاني ٿا سڏيا وڃن، جيتوڻيڪ هنن جو بنگال يا جپان سان ڪو به واسطو ناهي. بهرحال ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڊچ جو آمريڪا کنڊ تي نه ته USA تي ڪافي اثر رهيو آهي ۽ هنن شروعات وارن سالن ۾ ته اهم ڪردار ادا ڪيو. ان هوندي به آمريڪا جا ٽي صدر ڊچ آمريڪن هئا، جهڙوڪ فرئنڪلن روزويليٽ (سندس زال فرسٽ ليڊي ايلينور پڻ ڊچ هئي)، ٿيوڊور روزويلٽ ۽ ٽيون مارٽن وان بورين. هالي ووڊ جو مشهور فلم ائڪٽر مارلن برانڊو پڻ ڊچ هو، Amway جا مشهور باني جي وارن انڊيل (Jay Van Andel) ۽ رچرڊ ڊي ووس پڻ ڊچ هئا، مشهور سائنسدان ٿامس ايڊيسن، جنهن بلب ۽ ٻيون انيڪ شيون ايجاد ڪيون “ڊچ” هو. هو زندگيءَ جا آخري سال نيو جرسيءَ ۾ جنهن علائقي ۾ رهيو، اهو علائقو سندس نالي پويان “ايڊيسن” سڏجي ٿو ۽ جتي اسان رهون ٿا، (اوينل ۾) هن جي بلڪل ڀر ۾ آهي. شيراز هوٽل ۾ جمعي نماز پڙهڻ ويندي رستي تي قبرستان اچي ٿو، اتي ايڊيسن دفن ٿيل آهي. فلم ائڪٽريس ربيڪا (Rebecca Romijn) ۽ مشهور شاعر والٽ وٽمن پڻ ڊچ آمريڪن آهن.


    هي نيويارڪ جو علائقو بي رج نه پر بيروت آهي

    آئون پنهنجي ڀاڻيجي هيمون (ضمير وسطڙو) سان گڏ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڀرسان بارڪلي اسٽريٽ وٽ ئي هوس. اهو حصو جتي WTC (ورلڊ ٽريڊ سينٽر) آهي ... بلڪه هو. نيويارڪ شهر جي مئن هٽن جو هيٺيون حصو Lower Manhatton سڏجي ٿو. ٻه روڊ (ويسٽ براڊ وي ۽ چرچ اسٽريٽ) ڇڏي، ٽئين روڊ تي سٽي هال ۽ سٽي هال پارڪ آهي. اها چرچ اسٽريٽ ڏيئي، ٿورو هيٺ ڏکڻ ڏي هليو وڃجي، ته هن مئن هٽن ٻيٽ جي پوڇڙ وٽ جتي سمنڊ سان ٿو ملي. بيٽري پارڪ آهي جتان فيريون (ننڍا پئسينجر جهاز جيڪي ماڻهو ۽ انهن جون سواريون موٽر لاريون کڻي سگهن) ڀر واري ٻيٽ اليز آئلنڊ (Ellis Island) ۽ ان ٻيٽ تي ٿيون وڃن، جنهن تي آزاديءَ جو مجسمو (Statue of liberty) آهي. هيمونءَ جو ڪم موري اسٽريٽ ۽ گرين وچ اسٽريٽ جي ڪراسنگ وٽ سينٽ جانس يونيورسٽي ۾ هو، جيڪو مئن هٽن وارو ڪئمپس سڏجي ٿو. جيئن ته ڪم اُميد کان گهڻو اڳ لهي ويو. ان ڪري اسان وٽ هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ لاءِ ڪافي ٽائيم بچي پيو.
    “هلو ته آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ هلون.” هيمونءَ صلاح ڏني پر مون ڪجهه دير سوچي انڪار ڪيو.
    “اتي آئون اڪيلي سر به پهچي سگهان ٿو. تنهنجي رستن جي ڄاڻ ۽ گاڏيءَ مان فائدو وٺي، ڪنهن اهڙي هنڌ هلجي، جتي مون لاءِ اڪيلو بس ۾ پهچڻ ڏکيو ڪم هجي.”
    “ڪو ميوزيم، ڪو پارڪ، ڪو سامونڊي ڪنارو؟” ضمير پنهنجي گاڏي Murray اسٽريٽ تان موڙي Barclay اسٽريٽ تي آڻيندي پڇيو.
    “هلو ته ڪنهن مسجد ۾ هلون. فوٽو به ڪڍون ته ظهر جي نماز به پڙهون.”
    “پڙهون به ۽ ٻين کي به پڙهايون.” هيمونءَ ٺهه پهه وراڻيو ۽ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين. گذريل هفتي نيو جرسيءَ جي بيٽرس علائقي ۾، هيمونءَ جو هڪ عرب دڪاندار ۾ بزنيس جي سلسلي ۾ ڪم هو. چانهه پي اٿياسين ته اهي لبناني عرب به اسان سان گڏ اٿيا، ته هلي ٿا نماز پڙهون. ٻه ٽي گهٽيون اڳيان هڪ ڪراچيءَ جي ميمڻ جو دڪان هو، جنهن جي پٺيان هن ڪجهه حصو اوسي پاسي جي مسلمانن لاءِ نماز لاءِ ٺاهي ڇڏيو هو، جيئن گاڏيءَ ۾ چڙهي پري مسجد ۾ وڃڻ بدران هتي ئي پڙهن.
    اسان اتي پهتاسين ته هنن مون کي وڏو سمجهي امامت لاءِ چيو ۽ مون وري هيمونءَ کي کڻي اڳيان ڪيو، جو هو ننڍي هجڻ باوجود امام ٿي جماعت کي نماز پڙهائيندو رهي ٿو. سو هتي به پڙهايائين پر هڪ غلطي ڪري ويو، جنهن جي هونءَ اسان کي ته خبر نه پوي ها پر پاڻ ئي ان جو اعتراف ڪيائين. دراصل ان ڏينهن گهاٽو جهڙ هو ۽ رکي رکي بارش به پئي ٿي ۽ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه پئي ٿيو، ڄڻ اڃان هاڻ منجهند ٿي هجي پر شام ٿي چڪي هئي ۽ هيمونءَ ان نماز کي وچئين بدران اڳئين (ظهر) جي نماز سمجهيو ۽ ان جي ئي نيت ڪئي هئائين. بهرحال سڀني چيو ته ان قسم جي ڀُل چڪ ٿيندي رهي ٿي. بعد ۾ گهر اچي هيمونءَ اها ڳالهه سڀني کي ٻڌائي ۽ سڀ کلياسين ته اهي مصري ۽ لبناني عرب هيمونءَ کي وري ڪڏهن به امام نه ٺاهيندا.
    بهرحال اها ته ٿي چرچي جي ڳالهه، حقيقت اها هئي جو هنن هيمونءَ جي سچ ڳالهائڻ ۽ معصوميت کي ساراهيو هو، ايتري قدر جو هڪ دڪاندار مون کي چيو ته مسٽر ضمير جي انهن سچائي وارين ڳالهين ڪري، اسان پنهنجي دڪان جو سامان هن جي ڪمپنيءَ کان ئي وٺون ٿا، جو هر شيءِ بابت صحيح ڳالهه ٻڌائي ٿو.
    هونءَ مون سمجهيو پئي ته پيٽرسن جهڙي ڪمرشل علائقي جي مشغول دڪاندارن کي ڪٿي آهي ٽائيم جو نماز ۽ مذهب جهڙين ڳالهين کي ڏين پر مون ڏٺو ته اها چوڻي صحيح ثابت ٿي ٿئي ته Where there is a will, There are ways. نه فقط ايترو پر مون کي تعجب لڳو ته هڪ گجراتي ميمڻ هيمونءَ کي نصيحت ڪندي چيو ته، پٽ هڪ ڪم ٿو چوانءِ ڪندين ته پنهنجي زندگي سڦل سمجهندين.
    “ڪهڙو؟” هيمونءَ پريشان ٿيندي پڇيس. هو گهٻرائجي ويو ته الائي ڇا ٿو چوي. هن هيمونءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو. آئون اهو چوڻ ٿو چاهيان ته، “نماز ڪڏهن به نه ڇڏجانءِ. نماز ڪيترين ئي براين کان بچائي ٿي. نيويارڪ جهڙي رنگين دنيا ۾ نماز اسان تي نگهباني ڪري ٿي.”
    “ڀلا ڪهڙي مسجد ۾ هلون؟” هيمونءَ مون کان پڇيو.
    “گاڏي موڙي سٽِي هال جي هن پاسي هل ته ٻڌايانءِ ٿو.” مون ٿورو سوچڻ ٿي چاهيو.
    “مسجد العابدين؟ مسجد ابوبڪر؟ الفاروق مسجد؟ مسجد الارقام، مسجد المسلمين، الور، دائودي؟” هيمون مسجدن جا نالا کڻڻ لڳو. دراصل اهو نيويارڪ جنهن ۾ ٽيهارو کن سال اڳ ٽي مسجدون به ڪي مس هيون، اڄ اُتي ٻه سئو کان مٿي آهن ۽ سڄي آمريڪا ۾ ٻارنهن هزارن کان مٿي مسجدون آهن. هتي آمريڪا ۾ ڪيتريون مسجدون اسلامڪ سينٽر سڏجن، جتي نماز سان گڏ قرآن جو درس، مذهبي گڏجاڻيون، نڪاح، نون ڄاول ٻارن تي نالا رکڻ، زال مڙس جو سرچاءُ (ڪائونسلنگ) جهڙا ڪم پڻ ٿين ٿا.
    مون کي واشنگٽن کڻي وڃڻ لاءِ ڪجهه اسلامي ڪتاب کتا ٿي. بروڪلن جي بي رج (Bay Ridge) واري علائقي جي مسجد مسعب بن عمير (جيڪا اسلامي سوسائٽي آف بي رج جي نالي سان به سڃاتي وڃي ٿي) ان جي ڀر ۾ هڪ اسلامي ڪتابن جو دڪان پڻ آهي. هن مسجد ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي بروڪلن يا مئن هٽن برج ٽپي، بروڪلن اچڻو هو. هي پليون نيويارڪ جي اصل شهر مئن هٽن کي بروڪلن سان ڳنڍين ٿيون. بروڪلن پهچڻ تي فورٽ ايوينيو ڏيئي، هيٺ ڏکڻ طرف اچڻو هو. هيٺ اچڻ تي گهٽين جو نمبر وڌي ٿو، جيڪو ڇهانوي ستانوي تائين وڃيو پهچي. هيءَ مسجد مسعب 68 هين گهٽيءَ ۾ آهي. جتان “R” ٽرين لنگهي ٿي. منهنجو جڏهن اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ نيويارڪ اچڻ ٿيندو هو ته هن قسم جون مسجدون جتي ڪٿي نه هيون ۽ نه هتي ايڏا مسلمان هئا. ڪجهه ڪجهه ايراني، انڊين، پاڪستاني هئا، تن ۾ به گهڻائي گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش ڪرڻ وارن جي هئي. عرب يا ٻيون قومون ته ورلي نظر آيون ٿي، جيئن ڪراچيءَ ۾ ٽيهارو کن سال اڳ سنڌين جو حال هو. پوءِ سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي ۽ ان کان وڌيڪ امن امان جي حالت خراب ٿي. چورن، ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙن کي هشي ملي، وڏيرن، پيرن، سردارن، حڪومت ۾ وزارتون ۽ عهدا ماڻڻ باوجود پنهنجي راڄ جي خدمت ڪرڻ بدران، انهن کي جاهل ۽ بيحال رکيو، ته ماڻهو گهر گهاٽ ڇڏي، بهتر جايون ڳولڻ لڳا. اهڙيءَ طرح عرب دنيا ۾ تيل آيو، ان سان گڏ ليڊرن جون سختيون ٿيون پوءِ ڪي شهنشاهه ايران جي ڳجهي پوليس جي ظلمن کان، ته ڪي خمينيءَ جي سڌاري کان، ڪي سادام جي اونڌين ابتين سوچن کان ته ڪي عيدي امين جي خفن کان، ڪي اسرائيل جي قبضي کان ته ڪي لبنان جي جنگي حالتن کان ڀڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٽڙي پکڙي ويا ۽ هي کيپون عياشن جون نه، پر پورهيتن جون هيون، جن پنهنجي مذهب کي ڏورانهن ڏيهن ۾ پڻ پاڻ سان سانڍي رکڻ ٿي چاهيو.
    بروڪلن جي هيءَ ڏاکڻي ڪنڊ جيڪا Bay Ridge سڏجي ٿي، اسان وارن ڏينهن تائين به هڪ قسم جي يورپي Settlement هئي، جنهن ۾ يورپ جي ملڪن جا گهڻا رهيا ٿي. هاڻ عربن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ ڪيترا يورپي پنهنجا گهر گهاٽ وڪڻي ٻين علائقن ڏي لڏي ويا آهن. خاص ڪري لبناني عرب ته ايترا آهن جو باقي بچيل پاڙي جا اطالوي، نارويجن، آئرش قومون ڪڏهن ڪڏهن چڙ مان چونديون آهن:
    “This Ani’t Bay Ridge Anymore, It’s Beirut.”


    پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻولين ۾ فرق

    نيويارڪ جي علائقي بي رج ۾ لبنانين بعد ٻئي نمبر تي مصري آهن ۽ پوءِ مراڪش، انڊيا، پاڪستان، عراق ۽ فلسطين جا گهڻا آهن. هونءَ ڪيترا آمريڪن جيڪي نيويارڪ ۽ ڀر واري رياست نيو جرسيءَ ۾ رهيا پيا آهن انهن کي به هن علائقي بي رج جي گهڻي خبر ناهي، جيڪو بروڪلن جي پوڇڙ تي ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ منگهوپير يا ماڙيپور. هيمون به پهرين پڇڻ لڳو ته Bay Ridge ڪهڙو آهي. اسان جا جهاز بي رج جي پاسي واري ڊراءِ ڊاڪ ۽ آرمي ٽرمينل وٽان لنگهڻ ڪري ۽ انهن ڏينهن ۾ نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ هفتن جا هفتا بلڪه مهينا واندا رهڻ ڪري، هيڏانهن هوڏانهن رلڻ لاءِ چڱو وقت ملي ويو ٿي ۽ بقول هڪ مسخري مئرين انجنيئر محمود جي ته، مڪاني ماڻهن به پنهنجي شهر جا رستا اسان کان ٿي پڇيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترائي جهازي انجنيئر ۽ نيويگيٽر آفيسر ڏکي سامونڊي نوڪري ڇڏي، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ٽئڪسي ڊرائيور وڃي ٿيا ۽ جلدي اسان کان سکيا ستابا ٿي ويا. پئسي ڏوڪڙ ۾ به ته صحت ۾ به ۽ وڏي ڳالهه ذهني سڪون ۾ به. سمنڊ تي ته پاڻ رستا ٺاهي هلڻو ٿي پيو. هتي ڌرتيءَ تي ته اڳ ئي ٺهيل آهن ۽ اچي اچي ياد به ٿي ويا هئا.
    بهرحال اسان جي انهن سنڌي دوستن ۽ هم وطنين لاءِ جيڪي هاڻ آمريڪا جا سٽيزن آهن ۽ نيويارڪ, نيو جرسي ۽ اوسي پاسي وارين رياستن ۾ رهن ٿا، انهن کي ياد ڏيارڻ لاءِ ته Bay Ridge وارو علائقو بروڪلن جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ آهي، جيڪا اتر ۾ گهٽي نمبر 65 کان شروع ٿئي ٿي ۽ هيٺ آخري گهٽي 100 يا شايد 101 نمبر تائين آهي. سندس اوڀر پاسي انٽر اسٽيٽ 278 هاءِ وي بائونڊري ٺاهي ٿو ۽ اولهه پاسي بيلٽ پارڪ وي (Belt Parkway Shore Road) وهي ٿو. هونءَ بي رج علائقي جو هيٺيون ٽڪرو 86 نمبر گهٽيءَ کانپوءِ وارو فورٽ فئملٽن پڻ سڏجي ٿو. نيويارڪ توڙي آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ روڊن ۽ گهٽين جا نمبر ڳولڻ ۾ بيحد سولا آهن ۽ گهڻو ڪري هر گهٽي ۽ وڏو روڊ (Avenue) هڪ ٻئي جي سڌائي ۾ وهن ٿا ۽ شهر جا ڪيترا علائقا شطرنج يا ڊرافٽ راند جي بورڊ وانگر لڳن ٿا. انٽر اسٽيٽ اهي هاءِ وي يا کڻي چئجي ته چئن چئن Lanes جا سپر هاءِ وي آهن، جيڪي هڪ رياست کان ٻيءَ تائين ۽ ٻيءَ کان ٽين چوٿينءَ تائين کڻي وڃن ٿا.
    هي بي رج وارو علائقو قدرتي نظارن جي حوالي سان بيحد خوبصورت آهي، جو پاسي کان ائٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. ڪئين پيڙهيون اڳ هتي فقط اسڪينڊينيوين ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن وغيره) جا امير ماڻهو رهيا ٿي. هينئر به نارويجن ۽ ڊئنش بيڪريون، چاڪليٽ ۽ مکڻ پنير جا دڪان نظر اچن ٿا ۽ هر سال ناروي جي قومي ڏينهن تي نارويجن پريڊ نڪري ٿي. روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد 1990ع کان هي علائقو اتي جي ماڻهن سان ڀرجڻ لڳو ۽ انهن کان اڳ ۽ پوءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين هي علائقو عربن ۽ ايشيا جي ٻين ڏتڙيل ملڪن جي نون پناهگيرن جي دلپسند جاءِ بڻيل آهي. هاڻ هي علائقو امير ماڻهن جو نه، پر مڊل ڪلاس ۽ ان کان هيٺاهين درجي جو بيروت يا قاهره ٿيندو وڃي.
    اسان ڪار ذريعي وڃي رهيا هئاسين. هونءَ هن علائقي ۾ پهچڻ لاءِ R لائين جي گاڏي بهترين سواري آهي. نيويارڪ سٽي جي هيءَ سب وي گاڏي “بي رج ايوينيو” 77 هين اسٽريٽ، 86 هين اسٽريٽ ۽ 95 هين اسٽريٽ ريلوي اسٽيشن تي بيهي ٿي. هيمونءَ کي هيستائين پهچڻ ۾ ڪا خاص پريشاني نه ٿي، جو هو گذريل پنج ڇهه سالن کان نيويارڪ ۽ نيو جرسيءَ جي رستن کان واقف آهي ۽ هن کي تقريبن هفتي جا پنج ڏينهن بزنس جي سلسلي ۾ نيويارڪ اچڻو پوي ٿو ۽ ٽي ڏينهن کن شام جو پنجين کان ڏهين تائين نيو جرسي وڃڻو پوي ٿو، جتي هو ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو ۽ هفتي جون باقي شامون Ricochet ڪلب ۾ اسڪاش کيڏي يا سئمنگ ڪري.


    هيمون ڊرائينگ ۾ فيل ٿي پيو

    هيمون منهنجي ٻي نمبر ڀيڻ نسيم ۽ ڪئپٽن بشير وسطڙو جو ننڍو پٽ آهي. سندس ڇٺيءَ جو نالو ته ضمير احمد وسطڙو آهي، پر ننڍي هوندي کان گهر ۾ هيمون سڏيونس. هتي آمريڪا ۾ اچي مون کيس ضمير سڏڻ ٿي چاهيو پر خبر پئي ته سندس نالو هيمون ايڏو ته مشهور ٿي ويو آهي، جو هتي رهندڙ ٻيا سنڌي دوست ۽ سڃاڻو به کيس هيمون سڏين ٿا، پر سندس آفيس ۾ توڙي ڪلب ۾ به ضمير هيمونءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    هيمون 1977ع ۾ ڄائو. هو شروع جا چار پنج سال پنهنجي والدين سان گڏ جهازن تي رهيو، جن تي سندس والد ڪئپٽن هو ۽ کيس مختلف ملڪن ڏي اهي جهاز وٺي وڃڻا پيا ٿي. اسڪول جا شروع وارا سال مئٽرڪ تائين ڊفينس اسڪول فيز فور مان پڙهيو، ان بعد وڌيڪ تعليم هانگ ڪانگ مان ورتائين، جتي سندس والد ڏهه سال کن جهاز ران ڪمپنيءَ جو نمائندو هو. گريجوئيشن هانگ ڪانگ جي ڀرسان پورچوگالي حڪومت جي قبضي ۾ رهندڙ هڪ چيني ٻيٽ مڪائو مان ڪيائين، جتي چيني ۽ پورچوگالي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيئن اسان ملائيشيا ۾ رهڻ ڪري اڄ به ملئي گانا ٻڌندا رهون ٿا، تيئن هن جي ڪار جو ڊئش بورڊ به پورچوگالي ڪئسٽن ۽ سي ڊين (CDs) سان ڀريل رهي ٿو. اسان کي ته وري به ملئي ڪئسٽ ڪڏهن ڪڏهن ملن ٿا پر آمريڪا ۾ هجڻ ڪري هتي پورچو گالي ۽ هسپانوي زبان جي ڪئسٽن جي ڪا به کوٽ ناهي، جو وچ آمريڪا توڙي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ اهي ئي زبانون هلن ٿيون ۽ پهرين به لکي آيو آهيان ته هسپانوي ۽ پورچوگالي زبانن ۾ ڪو اوڻهين ويهين جو فرق مس آهي.
    هيمونءَ مڪائو يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ سٺي پوزيشن حاصل ڪرڻ ڪري کيس جرمني ۽ پورچو گال ۾ سٺي جاب جي آفر ٿي پر جيئن ته سندس وڏو ڀاءُ ڪجهه سال اڳ کان هتي آمريڪا ۾ پنهنجو پرائيويٽ بزنيس Set ڪري چڪو هو، ان ڪري هن جي مدد لاءِ ضمير (هيمونءَ) کي هيڏانهن آمريڪا اچڻو پيو.
    هيمون بزنيس سان گڏ شامَ جي وقت هڪ ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جا ڪلاس پڻ وٺي ٿو ۽ هِتي جي ڪيترن ڪمپنين جا ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهي ٿو، جن ۾ سندس گهڻا Cleint يهودي آهن. هونءَ به هن پاسي وڏا امير ۽ ڪمپنين جا مالڪ يهودي آهن. هو هيرن جواهرن ۽ سون جا واپاري آهن. سچ ته اهو ته ملڪ جي ايڪانامي هنن جي هٿن ۾ آهي، جيئن اسان وٽ آغا خانين ۽ ڪراچي جي ميمڻن ۽ چنيوٽن جي هٿن ۾ آهي. يهودين کي اسرائيل مٺو آهي ته آمريڪا جي حڪومت به انهن کي فالو ڪري ٿي.
    هيمونءَ کي اڄ به پڙهائيءَ جو شوق آهي ۽ ڪونه ڪو امتحان ڏيندو رهي ٿو. ڊرائينگ ۾ سو ڪمزور ضرور آهي. هونءَ به جيڪي کاٻڙيا(left Handed) هوندا آهن انهن جي ڊرائنگ يا هئنڊ رائيٽنگ سٺي نه هوندي آهي. آمريڪا ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته کاٻڙيو هجڻHandicapped‏ سمجھيو وڃي ٿو ۽ کاٻي هٿ سان لکڻ وارن ٻارن کي نه فقط امتحانن ۾ ڪجهه سيڪڙو مارڪون وڌيڪَ ملنديون آهن، پر ڪن ڪن اسڪولن ۾ ته اهڙن ٻارن کي Compensation طور پئسا به ملن ٿا. بهرحال اسان هيمونءَ جي ڊرائنگ واري ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون، جڏهن ٻئي يا ٽئي ڪلاس جي سالياني امتحان ۾ هو ڊرائينگ ۾ فيل ٿي پيو هو. جيتوڻيڪ ڊرائينگ جي مِس هن کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو ته امتحان ۾ توهان کي جھرڪي ٺاهَڻي پوندي ۽ هو جھرڪي ٺاهڻ جي چڱي طرح پرئڪٽس ڪري ويو، پر امتحان ۾ جھرڪيءَ بدران هنن کي چيو ويو ته پنهنجو ماءُ پيءُ ٺاهيو. هن پنهنجي حساب ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين ان ۾ڪامياب به ويو، پر پاس ٿي نه سگهيو. ڊفينس اسڪول جي پرنسپال هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر جي زال مسز رحمان اسان جي ڏک ڪرڻ تي هيمونءَ جي ڊرائينگ ڏيکاريندي چيو ته هاڻ هن کي ڪيئن پاس ڪريان؟ دراصل هن ٻيو سڀ ڪجهه صحيح ٺاهيو پر ماءُ پيءُ جا پير انسانن جي پير جهڙا ٺاهڻ بدران جھرڪي جي پيرن جهڙا ٺاهيا هئا.
    “گهٽ ۾ گهٽ ٻار کي ايترو ته ڪامن سينس هجڻ کپي ته ههڙا پير پکين جا ٿيندا آهن.” مسز رحمان پنهنجي ڳالهه کي مٿي رکڻ خاطر هيمون جي فيل ٿيڻ کي Justify ڪندي اسان مائٽن کي سمجھايو.


    اصحابي مسعب عمير جي نالي تي مسجد

    ڪار کي ڪافي پري پارڪ ڪري بنا گنبذ ۽ بنا منارن واري اڇين سرن واري مسجد وٽ پهتاسين، جنهن جي ٻاهران مسجد جو نالو اڇي پلاسٽڪ جي ڊگهي بورڊ تي بلو اکرن ۾ “مسجد مسعب بن عمير” ۽ ان جي هيٺان انگريزي ۾ Islamic Society of Bay Ridge لکيل آهي. هيءَ مسجد جيڪا 1984ع ۾ قائم ڪئي وئي، اصحاب سڳوري مسعب رضه بن عمير جي نالي آهي.
    مسعب رضه بن عمير هڪ امير ۽ خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ اتي سندس پرورش ٿي. هن کي نه فقط سهڻي شڪل ڪري، پر ذهانت ڪري به قريش جي ماڻهن پسند ڪيو ٿي. هڪ ڏينهن هو حضورﷺ جن جو ليڪچر ۽ قرآن جا لفظ ٻڌي ايڏو ته متاثر ٿيو، جو هن يڪدم اسلام قبول ڪيو. سندس والده مٿس ڏاڍي سختي ڪئي، پر مسعب رضه اسلام تي قائم رهيو. حبش ڏي ويندڙ ٽولي سان گڏ پاڻ ڳاڙهو سمنڊ لتاڙي آفريڪا هجرت ڪئي. کين جيئن ئي اطلاع مليو ته مڪي جون حالتون صحيح ٿي ويون آهن ته مسعب رضه پهريون اصحابي هو، جيڪو مڪي موٽيو، پر پوءِ خبر جي ڪوڙي هجڻ تي هن کي وري حبش موٽڻو پيو.
    مسعب رضه بن عمير جي ماءُ تمام گهڻي امير هئي ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هئائين. هن کي اها ئي اميد هئي ته سندس نازڪ طبيعت پٽ ڪيستائين ٿو اسلام جون سختيون سهي سگهي، پر هو پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو توڻي کڻي کيس ماءُ مال ملڪيت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    ڪجهه سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن حضور ﷺ جن پنهنجن اصحابين سان گڏ ويٺا هئا ته اتي مسعب رضه بن عمير اچي نڪتو. سندس چَتين لڳل ۽ ليڙون ليڙون ٿيل جبو (چوغو) ڏسي ڪيترن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ته هي اهو خوبصورت نوجوان آهي، جنهن ڪڏهن سڄي ملڪ ۾ سڀ کان خوبصورت پوشاڪ زيب تن ڪئي ٿي، جنهن جا بوٽ يمن مان خاص ٺهي ايندا هئا، اڄ هو اسلام جو سچو شيدائي آهي ۽ هن هر ڳالهه اسلام تي قربان ڪري ڇڏي آهي. حضورﷺ جن مسعب رضه ڏي نهايو ۽ ويٺل مسلمانن کي فرمايائون:
    “مون هن مسعب رضه کي پنهنجي والدين سان گڏ مڪي ۾ رهندي به ڏٺو هو، جن هن تي هر خوشي ۽ آرام نڇاور ڪيو ٿي. هن جهڙو اعليٰ پوشاڪ وارو ٻيو ڪو به نوجوان مڪي ۾ نه هو. پوءِ هن رب پاڪ جي رضا خاطر هر سک هر آرام ڇڏي ڏنو....” حضور ﷺ جن وڌيڪَ فرمايو. “هڪ اهڙو وقت ضرور ايندو، جڏهن رب پاڪ توهان کي ايران ۽ روم (Byzantium) جون فتحون نصيب ڪندو ۽ توهان کي کائڻ توڙي پهرڻ لاءِ بهتر ملندو.”
    ٻين لفطن ۾ اسان جي نبي ڪريمﷺ جن اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته مسلمان امير ۽ طاقتور ٿي ويندا ۽ هنن وٽ مال ملڪيتون (Material Goods) جام اچي ويندا. ويٺل اصحابين مان هڪ سوال ڪيو ته يا رسول اللهﷺ هينئر اسان هن حال ۾ بهتر آهيون يا ايندڙ وقت ۾.
    “توهان ايندڙ وقت کان بهتر هن وقت آهيو. ايندڙ زمانو جيڪو آئون ڏسان پيو، جيڪڏهن توهان کي ڄاڻ هجي ته ان بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو.”
    اڳتي هلي حضورﷺ جن مسعب رضه کي يثرب (مديني) جو سفير مقرر ڪيو ۽ کيس ايمان آڻڻ وارن کي تعليم ڏيڻ جو ڪم سونپيو. هجرت وقت اصحاب سڳورن مان جيڪي پهرين مديني پهتا، انهن ۾ مسعب رضه بن عمير ۽ هڪ نابينا اصحابي عبدالله رضه بن ام مقتوم هئا.
    ان بعد بدر جي لڙائي لڳي، جنهن ۾ مسعب رضه بن عمير اڳيان اڳيان حصو ورتو. جنگ جي سوڀ بعد ڪيترائي مڪي جا قريشي قيدي (POWs) حضور ﷺ جن اڳيان آندا ويا. پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ هڪ قيدي کي هڪ هڪ مسلمان جي حوالي سنڀال هيٺ رکيو ۽ کين قيدين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. انهن قيدين ۾ هڪ قيدي ابو عزيز بن عمير، مسعب رضه جو ڀاءُ به هو. ابو عزيز جو بيان آهي ته: “آئون ان ٽولي ۾ شامل هوس جيڪي قيدي انصارن جي حوالي ڪيا ويا هئا.... مانيءَ جي وقت جيڪي هو پاڻ کائيندا هئا، اهو اسان کي به ڏيندا هئا. هو حضور ﷺ جن جي هدايتن موجب اسان جو ڏاڍو خيالُ رکندا هُئا.”
    “هڪ ڏينهن منهنجو ڀاءُ، مسعب رضه بن عمير، منهنجي ڀرسان اچي لنگهيو ۽ انصار قبيلي جي ماڻهوءَ (جنهن وٽ آئون قيدي ٿي رهيل هوس) ان کي چيو: “هن کي چڱي طرح ٻڌي پاڻ وٽ وهار. هن جي ماءُ وڏي امير ۽ ملڪيت واري آهي. ٿي سگهي ٿو توکي ڀُنگ ۾ وڏو مالُ ڏيئي ڇڏي.” ابو عزيز کي پنهنجن ڪنن تي يقين نه پئي آيو ته سندس ڀاءُ هن لاءِ ڇا چئي رهيو آهي. “ڇا تون ڀاءُ لاءِ ائين ٿو چئين؟” ابو عزيز چيو.
    .منهنجو ڀاءُ تون نه، پر هي انصار آهي.” مسعب رضه بن عمير جواب ڏنو. هن ان ڳالهه جي تصديق ٿي ڪرڻ چاهي ته ايمان ۽ ڪفر جي لڙائيءَ ۾ دين جو ڳانڍاپو مٽي مائٽيءَ جي ڳانڍاپن کان وڌيڪَ طاقتور آهي.
    مسعب رضه بن عمير هڪ ديندار ۽ سچو سپاهي هو. احد جي لڙائيءَ ۾ حضورﷺ جن هن کي “مسعب الخير” جي لقب سان سڏيو. هي مسلمانن جو جھنڊو آخر تائين لهرائيندو رهيو. سندس هڪ هٿ ۾ جھنڊو ۽ ٻئي ۾ ترار هئي. هو وڏي بهادريءَ سان وڙهندو رهيو، پر سندس حياتي ان ڏينهن تي پڄاڻي تي پهچڻي هئي. قريش جي هڪ گهوڙي سوار سندس ويجهو لنگهندي، سندس ساڄي ٻانهن شهيد ڪري ورتي. ان هوندي به هو اسلام جو جھنڊو ڪڇ ۾ مضبوط جھلي اللهُ اڪبر ۽ ڪلمو پڙهندو رهيو. ان بعد دشمنن طرفان کيس هڪ تير اچي لڳو ۽ هو پٽ تي ڪري پيو.
    احد جي جنگ ۾ ستر کن اصحابي شهيد ۽ ايترا اخمي پڻ ٿيا. جنگ بعد حضور ﷺ جن پنهنجي ساٿين سان گڏ جنگ جي ميدان جو جائزو ورتو ۽ شهيدن کان موڪلايو. جڏهن پاڻ ﷺ مسعب رضه جي لاش وٽ پهتا ته سندن اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا. هن جنگ ۾ حضور ﷺ جن جي چاچي حمزي سميت ڪيترا صحابي سڳورا جدا ٿي ويا هئا. حضور ﷺ جن جنگ جي ميدان جي چوڌاري نظر ڦيرائي (جِتي مسعب رضه ۽ هن جا شهيد ساٿي هئا) چيو: “الله جو رسول شاهدي ٿو ڏئي ته الله جي نظرن ۾ توهان شهيد آهيو” ۽ پوءِ پنهنجن حيات ساٿين ڏي منهن مُبارڪ ڪري چيو: “انسانو! هنن وٽ وڃو، هنن تي سلام موڪليو . جنهن جي هٿ ۾ منهنجو روح آهي، ان جو قسم آهي ته جيڪو ماڻهو قيامت تائين هنن شهيدن تي سلام ٿو موڪلي، ته هو به هنن کي موڪلين ٿا.”
    اسلام عليڪم يا مسعب
    اسلام عليڪم معاشرت الشهداءُ
    اسلام عليڪم ورحمة الله و برڪات.


    امام رضا شاتا جرمني ڇڏي نيويارڪ آيو

    نماز مهل هڪ سؤ کان مٿي نمازي هئا. نيويارڪ جي هن مسجد جي امام شيخ رضا شاتا ٻڌايو ته جمع نماز تي ٻن ٽن هزارن کان به مٿي ماڻهو اچن ٿا ۽ سڄي مسجد ڀرجڻ بعد ماڻهو ٻاهر رستي تي صفون ٺاهي بيهن، پٽ تي پاڻ سان آندل مصلا (جاءِ نمازون) وڇائين يا پلاسٽڪ جا وڏا شاپر ۽ ڪارٽن جا گتا رکي انهن مٿان نماز پڙهن.
    امام رضا شاتا 40 کن سالن جو جوان مصري عرب آهي. پاڻ 1968ع ۾ اتر مصر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪفر الباتخ ۾ ڄائو. ان ڳوٺ کان مون جهڙا جهازي جيڪي سئيز ڪئنال مان لنگهي، ڀونچ سمنڊ ۽ بحر احمر ۾ ايندا ويندا رهن ٿا، چڱي طرح واقف هوندا، جو هي ڳوٺ ان هنڌ تي آهي، جِتي سئيز ڪئنال نيل نديءَ جي ڊيلٽا سان ملي ٿو.
    آمريڪا جي ڪيترين ئي مسجدن لاءِ امام مصر ۽ لبنان مان گهرايا وڃن ٿا، جيڪي واسطيدار Subjects ۾ تعليم يافته آهن. هونءَ ڪيترين مسجدن ۾ هِتي جا آمريڪا جا سٽيزن امام پڻ آهن، پر گهڻين ۾ هڪ سال، ٻن يا ٽن سالن جي Contract تي عرب دنيا مان امام گهرايا وڃن ٿا جيئن سئيڊن، جرمني ۽ ڊئنمارڪ پاسي ترڪي جا امام رکيا وڃن ٿا يا ملائيشيا ۽ سنگاپور ويندي هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ پاڪستان جي صوبي سرحد ۽ پنجاب جا امام آهن. اڄ کان ويهه ٽيهه سال کن اڳ ملائيشيا جي ڪيترين ئي مسجدن ۾ بنگالي مولوي پڻ هوندا هئا، پر هاڻ نظر نٿا اچن.
    بروڪلن (نيويارڪ) جي هن مسجد مسعب بن عمير جي امام رضا شاتا ٻڌايو ته هو ننڍو هو ته هن جي ماءُ گذاري وئي ۽ کيس سندس ڏاڏي ءَ نپايو، جيڪا هن جي دل وڏي ڪرڻ لاءِ هر وقت اسان جي پياري نبي محمد مصطفيٰﷺ جي ڳالهه ٻڌائيندي هئي، ته پاڻ ڪريمﷺ جن جي والده محترمه به سندن ننڍي هوندي گذاري وئي. امام صاحب جو والد پنهنجي ڳوٺ ۾ هاري ۽ ولائِتي ڀاڻ جو سيلز مين هو ۽ هنن غريبيءَ جي زندگي گذاري ٿي. ايتري قدر جو ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ ٽي وي به نه هئي ۽ پاڻ جڏهن پندرنهن سالن جو ٿيو ته ڀر واري شهر ۾ هن کي پهريون دفعو ٽي وي ڏسڻ ۾ آئي.
    نماز بعد اسان هن مسجد جي امام سان گڏ ائٽلانٽڪ ايوينيو تي ٺهيل يمني هوٽل ۾ اچي چانهه ۽ شورما کاڌو. پاڻ ٻڌايائين ته هو پنجن سالن جو ٿيو ته کيس قرآن حفظ ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد هو قاهره جي الاظهر يونيورسٽي لاءِ چونڊجي ويو. تن ڏينهن ۾ ملڪ جو صدر انور سادات هو. هن 1992ع ڌاري گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ 3400 شاگردن ۾ ستون نمبر آيو.
    رضا شاتا (بي رج بروڪلن جي مسجد جي امام) ٻڌايو ته الاظهر يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن سعودي وڃي شاگردن کي شريعت (اسلامي قانون) سبجيڪٽ پڙهايو. پاڻ پنج سال اتي رهيو. ان بعد هو پنهنجي وطن مصر هليو آيو، جِتي اچي هن فرنيچر جو بزنيس شروع ڪيو. پر ان سموري وقت ۾ هن کي اها کوٽ محسوس ٿيندي رهي ته هو دعوه جو ڪم نه پيو ڪري. اهو سوچي هن پنهنجو ڌنڌو بند ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي تبليغ شروع ڪئي. سندس ڳوٺ جي مسجد ۾ ڪافي ماڻهو آيا ٿي. جمعي نماز تي ته نمازين جو تعداد چار هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو ٿي. مسجدون سرڪار جي انتظاميه ۾ هيون، جنهن کيس پگهار به ڏنو ٿي.
    “سن 2000ع ۾ مون کي جرمنيءَ جي شهر اسٽٽگارٽ جي مسجد ۾ امام طور رکيو ويو. هي شهر ڪارخانن جو شهر آهي، جِتي ڪيترن ئي ترڪ ۽ عرب مسلمانن فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ پوءِ يارهين سيپٽمبر ڇا ٿيو، اسان جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. هر ڪو اچيو اسان جي گهرن ۽ مسجدن ٻاهران گهٽ وڌ لکيو وڃي، ڪرفتي ۽ ڪچرو اڇلايو وڃي.” امام رضا ٻُڌايو.
    ٻئي اونهاري ۾ هڪ ڏينهن جرمنيءَ جي امام رضا کي بروڪلن مان فون آيو. اهو فون هن مسجد جي امام محمد موسيٰ جو هو، جيڪو آمريڪا ڇڏي رهيو هو. هو پنهنجن جماعتين جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ فنا ٿي پيو هو، جيڪي يارهين سيپٽمبر بعد آمريڪا ۾ مسلمانن ۽ عربن کي پيش اچي رهيا هئا. هرهڪ جي پٺيان جهڙو جاسوس لڳا رهيا ٿي، هنن ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻارن اسڪولن ۾ وڃڻ کان ڪيٻايو ٿي، جو اتي جي ٻين ٻارن، انهن جي والدين توڙي استادن هنن کي ٽوڪيو ٿي ۽ بي عزتي ڪئي ٿي. عورتون ڀاڄي مارڪيٽ يا شاپنگ سينٽرن ۾ وڃي نٿي سگهيون. مسلمانن جي ناتي هنن کي هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري سمجهيو ويو ٿي.
    امام رضا شاتا مسلمانن کي آمريڪا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن کان چڱي طرح واقف هو. بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير (Islamic Society of bay Ridge) جو پگهار به جرمني واري پگهار کان گهٽ هو. “پر منهنجي دماغ ۾ منهنجي زال ۽ ٽي ٻار (ڌيئرون) هيون، جن کي ڏٺي مون کي مهينا ٿي ويا هئا. جرمني وارن هنن کي جرمني اچڻ جي ويزا کان انڪار ڪيو هو. آمريڪا وارا مون کي فئمليءَ سان اچڻ جي اجازت ڏئي رهيا هئا. ان ڪري مون هيڏانهن USA (آمريڪا) اچڻ لاءِ حامي ڀري.” امام رضا ٻڌايو.
    هتي جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جي هڪ ائنٿروپولوجسٽ لوئيس عبداللطيف (Louis Abdul Latif Cirstillo) هڪ دفعو ٻڌايو هو ته آمريڪا جون ڪيتريون ئي مسجدون اسلامڪ سينٽرن ۽ اسلامڪ سوسائٽين جي نالن سان سڏجن ٿيون، جتي مسلمان نماز پڙهڻ کان علاوه اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ، پنهنجن روزمره جي مونجهارن جو سُٽ سلجهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڏک درد سلڻ لاءِ اچن ٿا. فقط نيويارڪ ۾ جيڪي لک جي لڳ ڀڳ مسلمان رهن ٿا، اهي آفريڪا جا آمريڪن آهن.
    بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير جيڪا The Islamic Society of Bay Ridge به سڏجي ٿي، کي ٻين مسجدن وانگر بورڊ آف ڊائريڪٽرس هلائين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري هتي جا رهندڙ فلسطيني پروفيشنل آهن. 1984ع ۾ جڏهن هن جو بنياد رکيو ويو، ته هي بي رج ايونيو تي هڪ اسٽور نما جاءِ هئي، جنهن جي مٿان ڪو نالو نه هو ۽ ڪو مقرر امام نه هو. اڄ اها مسجد نيويارڪ جي مسلمانن جو اهم مرڪز آهي جيڪا اسان جهڙن ٽوئرسٽن ۽ هتي لڏي ايندڙ Immigrants لاءِ ڪشش پيدا ڪري ٿي. هن بلڊنگ جي چئني ماڙين تي زندگي ٻهڪندي نظر اچي ٿي. ٻارن لاءِ نرسري اسڪول، اسلامي ڪتابن جو بڪ اسٽور، قرآن ڪلاسز ۽ روزانو ليڪچر لڳو رهي ٿو. جمعي نماز تي ته ايترا نمازي اچن ٿا جو ٻاهر جا فٽ پاٿ ئي ڀرجيو وڃن ۽ انهن نمازين جي ڏنل ڊالر ڊالر جي نوٽن ۾ جيڪي جمعي نماز تي بوڇڻ ۾ گڏ ڪيا وڃن ٿا، هن مسجد جو خرچ پکو هلي ٿو. عورتن جي گڏجاڻي ۽ نماز لاءِ الڳ جاءِ هيٺ Basement ۾ آهي. گهڻو تڻو ليڪچر عربيءَ ۾ ٿين ٿا، جو هتي ايندڙن جو وڏو تعداد عربي ڳالهائڻ وارن جو اچي ٿو. البانيا ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ جن کي عربيءَ جي ايڏي ڄاڻ نه آهي، هيڊ سيٽ (ڪنن ۾ وجهڻ جا مائيڪرو فون) رکيل آهن، جن ذريعي هو هلندڙ واعظ، تقرير، ليڪچر، اعلان انگريزي ۾ اتي جو اتي Live ٻڌي سگهن ٿا.


    هيري جي چونڊ سولي، سڱ جي چونڊ ڏکي آهي

    هن مسجد (بروڪلن نيويارڪ جي مسعب بن عمير مسجد) جي امام کي نماز پڙهائڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا ڪم ڪرڻا پون ٿا، جيئن ته نون ڄاول ٻارن تي ٻانگ ڏيئي نالو رکڻ، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا مناسب سڱ ڳولڻ، ناراض ۽ رٺل زال مڙسن جا پرچاءَ ڪرڻ، ديني مسئلن جا حل ڳولڻ وغيره وغيره. مسجد جي امام ٻُڌايو ته ڪيترائي نوجوان عجيب عجيب سوال پڇن ٿا: “آئون جنهن هوٽل ۾ بئرو آهيان اتي شراب به Serve ڪيو وڃي ٿو. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟” سوال ڪندڙ يا مسئلن جا حل پڇڻ وارا ڌارين ملڪن کان لڏي آيل مسلمان توڙي مڪاني آفريڪن آمريڪن يا ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جا نو مسلم آهن. “شاديءَ کان اڳ مون کي ڊيٽنگ ڪرڻ کپي يا نه؟” “بئنڪن يا ڪئسينو (جوا خانن) ۾ نوڪري ڪرڻ کپي يا نه؟” مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تي برگر کائڻ کپن يا نه...” وغيره وغيره.
    امام رضا شاتا ٻڌايو ته هن کي سڀ کان گهڻي خوشي ڪنهن جي اڪيلائپ ختم ڪرڻ تي ٿئي ٿي. يعني هڪ ڌارئين ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي رهنمائي ڪري، هنن جو گهر وسائڻ تي. هن وقت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ايندا رهن ٿا، جيڪي پنهنجي لاءِ سٺو ساٿي ڳولڻ جي جستجو ۾ آهن. “اسلامي قانون غير شادي شده عورت ۽ مرد کي بند ڪمري ۾ ملڻ جي صاف صاف منع ڪري ٿو.” امام رضا ٻڌايو، “آئون هنن کي پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي اڳيان ويهاري ڳالهائڻ جو موقعو ڏيان ٿو. اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو چوڻ آهي ته جيڪو زال مڙس جي شادي ڪرائي ٿو، ان ڄڻ ته سڄو سال عبادت ڪئي.”
    ۽ پوءِ ڪجهه سوچي امام ٿڌو ساهه کڻي چيو: “پر منهنجا ڀائرو! آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جتي ڪيترائي Options هجن، اهو ڪم آسان ناهي. لڏي آيل اسان جا مسلمان هتي اچي هيڪاندو گهڻو Picky ٿيو پون. ڪي ته رکو ۽ بدتميزي جي حد تائين به ڳالهائين ٿا. هڪ ٻئي لاءِ صحيح ساٿي ڳولڻ، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي حساب سان ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هڪ ڇوڪريءَ ڇوڪر جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي يڪدم چوي ٿي ڇا امام صاحب سڄي نيويارڪ ۾ مون لاءِ فقط هي شرابي بچيو آهي. هڪ دفعي مصر جي عرب موراڪو جي هڪ قبول صورت ۽ نيڪ ڇوڪريءَ جي سنهين ڇاتين ڏي گهوري چوي ٿو ته هيءَ ته هڪ ڪاٺيءَ جي بنڊي لڳي ٿي.”
    “مصر ۾ هجي ها ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها.” امام اهي پراڻيون ڳالهيون ۽ واقعا ياد ڪري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، “هرگز نه. هرگز نه. مون کي جي اڳواٽ خبر هجي ها ته هي ڇوڪرو ايڏو بدتميز آهي، ته آئون هن کي آفيس ۾ ئي گهڙڻ نه ڏيان ها.”
    ان معاملي ۾ امام ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ۾ فقط هڪ جهلڪ ڏسڻ سان ڇوڪرو شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويندو هو ۽ ڪيترا ته بنا ڏسڻ جي، مائٽن جي چوڻ تي شاديءَ لاءِ ’ها‘ ڪري ويهندا هئا. پر هتي نيويارڪ نه فقط دنيا جي گاديءَ جو شهر آهي، پر مسلمانن جو به چوواٽو آهي، جتي ڀانت ڀانت جي ملڪن جا مسلمان نظر اچن ٿا ۽ اهڙو مسلمانن جو مڪسچر فقط مڪي ۾ حج جي سيزن ۾ ٿئي ٿو. نيويارڪ جي هنن پنجن باروز (مئن هٽن، برانڪس، بروڪلن، ڪئينس ۽ اسٽيٽن آئلنڊ) کان علاوه مسلمانن جا ٻيا وڏا ڳڙهه ڪئليفورنيا، الينئاس، مشيگان ۽ ٽيڪساز آهن.
    “بهرحال شاديءَ جا سڀ اميدوار ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ان ڳالهه تي هڪ راءِ آهن ته سندن مسلمان ساٿي اسلام جو صحيح معنيٰ ۾ پوئلڳ هجي، ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو لڳي ۽ هن وٽ آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ قانوني طرح “اميگريشن Status” هجي. ڪابه ڇوڪري يا ڇوڪرو ان ساٿيءَ کي نٿو چونڊڻ چاهي، جيڪو آمريڪا ۾ غير قانوني طور رهيل هجي، ڇو جو هو هتي ئي رهڻ پسند ڪن ٿا. غير قانوني رهندڙ ڇوڪر يا ڇوڪريءَ سان گڏ هو آمريڪا ڇڏي هن جي ملڪ ۾ وڃڻ نٿا چاهين.
    امام جي گهرائڻ تي هڪ لبناني ڇوڪرو ان ڏينهن آيو هو، جنهن جي عمر، حيثيت ۽ طبيعت مطابق امام هن لاءِ هڪ ڇوڪري پسند ڪئي هئي.

    “هنن جا وڏا برازيل کان هتي نيويارڪ ۾ آيا هئا ۽ هاڻ هوءَ آمريڪن سٽيزن آهي. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو اٿس. نه بلڪل ڀوري آهي، نه ڪاري. سمجهه ته ڪڻڪ رنگي آهي. اوڻيهن سالن جي ٿيندي. ڪامرس پڙهي رهي آهي.” امام چوويهه سالن جي هن لبناني عرب ڇوڪري کي ٻڌايو، جيڪو چار پنج سال اڳ طرابلس ڇڏي هتي اچي سيٽ ٿيو هو. ڇوڪري غور سان ڳالهه ٻڌڻ بعد ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو. شايد هن سمجهيو ته امام اڃان کيس ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ ٿو چاهي پر امام کي ماٺ ۾ ڏسي اٻهرائيءَ مان چيو:
    “بس منهنجي لاءِ فقط اها ئي Choice آهي؟!” ان بعد هو هليو ويو. ظاهر آهي امام صاحب ڇوڪريءَ کي به واپس موٽائي ڇڏيو.
    هو جڏهن هليا ويا ته امام جي چهري تي غم ۽ غصي جا تاثر هئا. “ڏٺانوَ اڄ جا نوجوان! هڪ هيري (Diamond) جي چونڊ ڪرڻ سولي آهي پر ٻئي لاءِ سڱ جي چونڊ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.”


    ماکيءَ جهڙي مٺي آواز ۾ چيو ته مون کي قبول آهي

    امام رضا شاتا ٻڌايو ته هن جي پنهنجي شادي اڄ کان 15 سال اڳ سندس مصري ڳوٺ ڪفر البتخ ۾ ٿي. جڏهن هو ٻاويهن ورهين جو هو. هو قدآور جوان، تعليم يافته ۽ ڳوٺ جي مسجد جو اڀرندڙ تارو هو. ڪي مهينا عميما ايلشا براوي هن جي فقط آواز کان واقف هئي جو اتي جي مسجد ۾ امام جو ليڪچر يا خطبو ٻڌڻ لاءِ عورتن جي لاءِ ڌار ڪمرو هو، جتان عميما هن نوجوان امام رضا کي ڏسڻ بنا فقط هن جون ڀڙڪندڙ تقريرون ٻڌي سگهي ٿي ۽ پوءِ هڪ شام جو هي سندس گهر، سندس پيءُ وٽ هڪ اميدوار گهوٽ جي حيثيت سان پهتو. هن وٽ پئسو يا ڌن دولت نه هو. هن جي قابليت فقط اها هئي ته هو قرآن جو سٺو قاري هو.
    نوجوان عورت، ان وقت ويهه ورهين جي مسٽر رضا جي اڳيان اچي شربت جو ٽري رکيو.
    “هوءَ پهرين نظر ۾ ئي منهنجي دل کي وڻي ويئي.” امام ٻڌايو.
    شربت اڳيان رکي هوءَ ته غائب ٿي وئي پر هن اُن وقت هن جي والد صاحب کان شاديءَ لاءِ سڱ گهريو هو. جهونو سوچ ۾ پئجي ويو. هن جي ڌيءَ شهر جي سونهن هئي. هوءَ انگريزيءَ جي اسٽوڊنٽ هئي، جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ شهر جا ڪيترائي نوجوان ڊاڪٽر ۽ انجنيئر تيار هئا. امام هڪ مسڪين غريب هو.
    پر ان کان اڳ جو مسٽر ايلشا براوي ڪو فيصلو ڪري، ماکي جهڙي مٺي آواز ۾ عميما دروازي ٻاهران ورندي ڏني، “مون کي قبول آهي.”
    “مون به جنهن گهڙيءَ هن کي ڏٺو ته منهنجو هن سان پيار ٿي ويو.” عميمه چيو.
    عميما امام کان ٻه سال ننڍي آهي ۽ 1970ع ۾ ساڳي ڳوٺ ۾ ڄائي. سندس شادي 1990ع ۾ ٿي. کين چار ٻار آهن. ٽي وڏيون ڌيئرون؛ استهشاد، رواضا ۽ رحما ۽ چوٿون محمد نالي پٽ آهي، جيڪو هتي آمريڪا ۾ ڄائو آهي. سندس ٻيو نمبر ڌيءَ رواضا جيڪا ستن سالن جي آهي، ننڍي هوندي کان Epileptic آهي. هن کي رکي رکي دورا پون ٿا، ان ڪري ماءُ يا پيءُ مان ڪو به هڪ هن سان هر وقت گڏ رهي ٿو ۽ هن جي بيماري امام کي هر وقت غمگين ۽ پريشان ڪري ٿي. پاڻ مسجد کان ٻه بلاڪ پري هڪ فليٽ ۾ رهن ٿا. امام مسجد ۽ پاڙي جي دڪانن تي نڪرڻ مهل هر وقت جبي، گوڏ ۽ اڇي ٽوپيءَ ۾ رهي ٿو. پري وڃڻ وقت هتي جي ڊريس جينس وغيره استعمال ڪري ٿو. سندس زال عميمه هر وقت سائي رنگ جو حجاب مٿي تي ٻڌي هلي ٿي. هنن کي هتي جو (USA) جو هاڻ گرين ڪارڊ آهي ۽ ڪجهه سالن بعد، جيڪڏهن هو هتي رهيو ته پاسپورٽ به ملي سگهي ٿو. امام صاحب ڪيترين ڳالهين ۾ آمريڪا کي بهتر ملڪ سمجهي ٿو. اڄ به دنيا جا جيترا ڏتڙيل مسلمان هتي اچي چوديواري ۽ سڪون حاصل ڪن ٿا اوترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه آهن.
    “نائن اليون کانپوءِ جي حالتن تي تبصرو ڪندؤ.”
    “جي ها. هن واقعي کانپوءِ آمريڪا ۾ اسان مسلمانن لاءِ ڪافي پريشانيون ظاهر ٿيون آهن. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اهو واقعو انهن ڪيو جن پاڻ کي مسلمان ٿي سڏايو. ان مان ڇا هڙ حاصل ٿيو. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. نقصان ڪنهن جو ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي؟ ڪاش هو اهڙو ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچي سگهن ها.”
    امام ٻڌايو ته هن واقعي کانپوءِ آمريڪا جا جاسوسي ايجنٽ ۽ ٻين ايجنسين جا ماڻهو مون وٽ به اچي آڏي ابتي پڇا ڪندا رهن ٿا ته مسجد ۾ اهڙو ڪو مشڪوڪ ماڻهو ته نه آهي، جنهن جي دماغ ۾ دهشتگرديءَ جو جنون ڀريل هجي. آئون هنن کي اهو ئي جواب ڏيندو آهيان، ته نه فقط توهان FBI وارا پر اسان به چاهيون ٿا ته دهشتگرديءَ کي ٻنجو اچي وڃي. اسان مسلمان به چاهيون ٿا ته هن ملڪ جي زندگي سڀني لاءِ سڪون ۽ سانت ڀري رهي.


    آئون بي عزتيءَ جي سرن سان اڏي وئي آهيان

    “امام جي حيثيت ۾ مون کي ڄڻ رَسيءَ (Tight Rope) تان هلڻو پوي ٿو ۽ هيٺ ڪرڻ کان بچڻ لاءِ ٻنهي پاسن جو خيال ڪرڻو پوي ٿو. هڪ طرف مسلمانن کي اهو احساس ڏيارڻو ٿو پوي ته هتي جي پوليس ڪا وحشي ناهي. ٻئي طرف پوليس کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته مسلمان صاف سٿرا ۽ عزت وارا ماڻهو آهن.”
    ان هوندي به هر مسجد ۽ مسلمانن جو هر ادارو آمريڪا جي پوليس جي نظرن هيٺ آهي. هن مسجد جي امام لاءِ ان وقت چڱي شرمندگي ٿي، جڏهن پوليس هتي جي هڪ جماعتيءَ کي دهشتگرديءَ جو پلاٽ ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ جهلي ويئي. اهو ٽيويهه سالن جو گهڻو ڳالهائيندڙ شهوار متين نالي پاڪستاني هو، جنهن مسجد جي ڀر واري ڪتابن جي دڪان ۾ ڪم ڪيو ٿي. ڊيوٽيءَ دوران هو اڪثر جيمس الشافعي نالي اسٽيٽن ٻيٽ جي هڪ نو مسلم آمريڪن ڇوڪري سان ڳالهائڻ ۾ مشغول رهيو ٿي. آگسٽ 2004 ۾ ٻئي ڄڻا بروڪلن فيڊرل ڪورٽ ۾ ان ڏوهه هيٺ چارج ڪيا ويا ته هنن هرالڊ اسڪائر وٽ 34 اسٽرٽ جي سب وي اسٽيشن کي بم سان اڏائڻ چاهيو ٿي.
    انهن ٻنهي ڄڻن جو وڊيو ٽيپ به ڏيکاريو ويو ته هو اسٽيشن کي بم سان اڏائڻ بابت رٿائون ٺاهي رهيا آهن ۽ هنن کي اها اسٽيشن بار بار چڪاسيندي به فلم ۾ ڏيکاريل هو. ساڻن گڏ ٽيون ڄڻو پوليس جو پگهاردار جاسوس هو، جنهن هنن کي اهو بانور پئي ڪرايو ته هن جو واسطو اسلامي تنظيم اخوان سان آهي.
    مٿين ڳالهه جي ٽي ويءَ تي خبر اچڻ بعد اخباري نمائندا مسجد کي ورائي ويا. هو مون کان ۽ ٻين جماعتين کان آڏو ابتا سوال ڪرڻ لڳا. بي نام فون ڪال ۽ خطن ذريعي اسان کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون ته سمجھو ته توهان لاش آهيو.”
    مسجد جي امام ۽ ٻين کي پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اهو پوليس کي اطلاع ڪرڻ وارن ڀورن وارن وارو مصري ماڻهو هو، جنهن پاڻ کي اوساما دائوديءَ جي نالي سان سڏايو ٿي. “هي دائودي نالي همراهه سال کن اڳ کان مسجد ۾ ظاهر ٿيو.” مسجد جي امام ٻڌايو، “۽ مون کي به گشا پتا ٻڌائڻ لڳو ۽ مون کي زمين خريد ڪرڻ جو شوق ڏيارڻ لڳو. هن منهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري جماعتين کان زمين خريد ڪرڻ لاءِ چندا حاصل ڪرڻ چاهيا ٿي، جنهن جو ڪجهه حصو ڪميشن طور مون کي به ڏيڻ چاهيو ٿي.”
    امام هن کي ڌتڪاري ڇڏيو ۽ ڪنهن به غلط ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ نٿي چاهي. امام هن کي پاڻ کان پري ئي رکيو. دائودي سڀني جماعتين کي اهو چوندو رهيو ٿي ته هو هڪ مشهور مصري شيخ جو پُٽ آهي. هو سڀني جي نظرن ۾ وڏو پرهيزگار سمجھيو ويو ٿي جو هو نماز پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن زارو قطار روئيندي نظر آيو ٿي، پر ساڳي وقت ماڻهن کي اهو به تعجب هو ته هو سگريٽ به ڇڪي ٿو. “اسلامي آداب موجب سگريٽ ڇڪڻ سُٺي ڳالهه ته نٿي سمجھي وڃي.” امام رضا نوٽ ڪيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي هر گفتي ۾ آمريڪا لاءِ نفرت ڀريل رهي ٿي. امام سان جن ڏينهن ۾ ملڻ ايندو هو ته هن کي به اهو چوندو هو ته آمريڪن هن کان خوفزده آهن، جو هو نيوڪليئر انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي آهي. هن اهو پڻ امام کي چيو ته FBI وارا هن جي گهر جي جاچ ڪرڻ چاهين ٿا.
    “مون هن کي چيو ته جيڪڏهن تنهنجا هٿ صاف آهن ته پوءِ ان ۾ ڊڄڻ يا غصو ڪرڻ ڪهڙو؟ پنهنجو گهر ۽ دل کولي ماڻهن کي ڏيکار ته جيئن ڪنهن کي به ڪا غلط فهمي نه رهي.” امام ٻُڌايو.
    امام ٻڌايو ته مسٽر دائوديءَ جڏهن ڏٺو ته هن کي هِتان ڪجهه نه ورندو ته هن پنهنجو رُخ بيوقوف ۽ جذباتي پاڪستاني جوان ’شهوار متين‘ ڏي موڙيو. سيپٽمبر 2003ع کان وٺي هن جاسوس پاڪستاني همراهه کي هن پلاٽ ۾ ڦاسايو. هاڻ ڪورٽ ۾ مٿن ڪيس هلندڙ آهي. پاڪستاني همراهه جي وڪيل جو اهو مؤقف آهي ته هي پلاٽ پوليس مئنيوفئڪچر ڪري شهوار متين کي ڦاسايو آهي، پر پوليس ڊپارٽمينٽ جي ترجمان مسٽر پال برائون جو چوڻ آهي ته:
    “We did not propose that, we took action to stop it and there’s a big difference.”
    پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته شهوار متين جي Violence سان دلچسپي هئي، جنهن جي ڄاڻ پوليس کي هئي ۽ ان کانپوءِ ئي هنن هڪ پوليس جاسوس کي نمازي بڻائي مهينن لاءِ هن مسجد ۾ هن سان رلي ملي ۽ اندر لهڻ لاءِ رکيو. ظاهر آهي اهڙيون ڳالهيون جڏهن ٿين ٿيون ته مسلمانن جي دلين ۾ هِتي جي اٿارٽين خلاف نفرت پيدا ٿئي ٿي، پر يڪدم سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جوان کي ڦاسائڻ لاءِ پوليس ڪوڙڪو اڏيو يا نه، پر هنن نوجوانن کي ڪهڙين ڳالهين مجبور ڪيو آهي ته ان قسم جي دهشتگرديءَ جو خيال ڌيان ۾ آڻين؟ انهن سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير جو هي امام رضا هر وقت سوچيندو رهي ٿو.
    “هڪ دفعي مون هسپانوي پهاڪو پڙهيو هو،” امام رضا ٻڌايو، “نفرت جي ڀت کان جڏهن پڇيو ويو ته “تون ڪيئن ٺاهي وئينءَ؟” ته هن وراڻيو: “بي عزتيءَ جي سِرن مان.”
    آمريڪا امام لاءِ به ٽوڪون ۽ طعنا مهيا ڪيا آهن. هڪ دفعي جهاز ۾ ڀر ۾ ويٺل عورت پڇيو ته آيا هو مسلمان آهي. هن جي هائوڪار ڪرڻ تي هن يڪدم ڪئبن ڪِريو کي سڏي، پنهنجي سيٽ بدلائڻ جي گهر ڪئي. امام رضا ننڍي هوندي کان جبا پائي وڏو ٿيو، هاڻ هو اجاين سجاين ٽوڪن طعنن کان بچڻ لاءِ مغربي لباس اوڍي ٿو. پر ان هوندي به امام چوي ٿو ته “مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ آئون پنهنجي ملڪ ۾ رهيو پيو آهيان.” هو ننڍي ٽهيءَ جي مسلمانن کي اها ئي نصيحت ڪري ٿو ته نفرت کان بچو. آمريڪا اڄ به اسان جي ملڪن کان بهتر آهي ۽ آزاديءَ جي علامت آهي، ڪنهن کي ڀڙڪائڻ تي بنا سوچ سمجهه جي دهشتگردي نه ڪريو.
    “اسلام اهو مذهب آهي، جنهن جو بنياد ذهانت تي آهي” امام رضا پنهنجي نوجوان ٻڌندڙن کي اهو ئي نقطو سمجائي ٿو. اسلام توهان کي اهو ئي چوي ٿو ته هر ڳالهه تي سوچيو، اکيون ٻوٽي جذبات جي وهڪري ۾ وهي نه وڃو. ڀڙڪائڻ وارن جي پوئيواري نه ڪريو. توهان پنهنجي دماغ سان هنن کان بهتر سوچي سگهو ٿا.”
    “۽ توهان ڪو به غلط ڪم ڪري وهندؤ۔” امام چوي ٿو: “توهان جي غلطيءَ جو نقصان سڄي اسلامي دنيا کي رسي سگهي ٿو. هونءَ به جنهن ملڪ ۾ به توهان رهو ٿا، ان ملڪ جي ۽ ان جي قانون جي عزت ڪريو.”


    مسلمان پنهنجي ملڪ ۾ پر اسلام ولائت ۾

    1968ع واري زماني ۾ يعني اڄ کان پنجٽيهه چاليهه سال کن اڳ جڏهن مئن هٽن نيويارڪ جي 101 اسٽريٽ تي، اڄ جا سٺ پنجهٺ سال جا پوڙها، ٽنڊوقيصر جو نور احمد نظاماڻي، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ بابو ۽ جھڏي جو مرحوم مبارڪ ٽالپر پنهنجيءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ چڪر هڻندا هئا ۽ منهنجو جهاز بروڪلن يا نيو اَرڪ ۾ لَنگر انداز ٿيڻ تي آئون به جهاز ڇڏي اچي ساڻن شامل ٿيندو هوس ۽ 391 West جي مٿين ماڙ تي رهندا هئاسين ۽ جڏهن بشير مغل ۽ نئون آيل علي ابڙو مئڊيسن ايونيو تان واڪ ڪندا هارلم نديءَ جي ڪناري تي اچي فرحت وٺندا هئا ۽ جڏهن عبدالرزاق شيخ سندس ڪولمبيا يونيورسٽي وارو شاليمار دڪان بند ڪري، پنهنجن ساٿين: هالا جي وڪيل عبداللطيف انصاري ۽ حيدرآباد جي سليم شاهه کان موڪلائي براڊ وي تان اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ هڊسن نديءَ جي ٻي پار نيو جرسيءَ جو هي شهر اوينيل (Avenil) جِتي هاڻ آئون پنهنجن ڀاڻيجن وٽ اچي رهيو آهيان، آدمشماريءَ جي حِساب کان هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. نه فقط اوينيل پر اوس پاس جا شهر اسلين، اولڊ برج، سروائيل، ڪولونيا، ووڊ برج، راهه وي ۽ ووڊ برج وغيره سمجھيو ته سنڌ جا درساڻو ڇنو، ٺري ميرواهه، وڏا ماڇي، راڄو خاناڻي، ٺٽ ڳوراهو ۽ ميانداد چنجڻيءَ جهڙا ڳوٺ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن شهرن جي آدمشماري اڄ به سٺ ستر هزار کان هڪ لک تائين مس آهي، جيتوڻيڪ سونهن سوڀيا، ترقي، تعليمي ادارن، صحت جي سهوليت کان اسان جي اسلام آباد کان بهتر لڳن ٿا.
    اڄ کان 35 سال اڳ جڏهن اسان جو جهاز هندي وڏو سمنڊ ۽ بحر ائٽلانٽڪ جون لهرون لتاڙي نيويارڪ جي پاڻيءَ ۾ اچي لنگر ڪيرائيندو هو ته نيويارڪ ۾ جملي مسجدون ٻه يا ٽي هونديون هيون. اوسي پاسي جا پاڪستاني ۽ انڊين مسلمان جمعي نماز اسان جي جهاز تي اچي پڙهندا هئا. باقي وقت ماڻهو گهر ۾ ئي رهندا هئا. ٽوڪيو يا ڪوبي جي اڪيلي مسجد تائين پهچڻ سولو ڪم هو، پر نيويارڪ جون هي ٻه يا ٽي مسجدون ڏورانهيون هيون، جو آمريڪا ۾ هر شيءِ جا فاصلا وڏا آهن. ڪنهن ويجھي دڪان، پوسٽ آفيس، ڪلينڪ لاءِ به گاڏي ڪڍڻي پوي ٿي ۽ ميلن جا ميل ڊرائيو ڪرڻو پوي ٿو. پر هاڻ فقط نيويارڪ ۾ ئي ٻه سؤ کن مسجدون آهن! خبر ناهي ته هِتي جا ماڻهو مسلمان ٿي رهيا آهن يا ايشيا جي مسلمان ملڪن جون حڪومتون ۽ سربراهه ايڏا ڪميڻا ٿيندا ٿا وڃن جو مسلمان عوام انهن جي ظلمن ۽ مالي ۽ مذهبي مشڪلاتن کان جان بچائڻ لاءِ هِتي آمريڪا ۾ اچي نڪتا آهن اسان جي ملڪ جا به جام ماڻهو آهن .... “اسان پيپلز پارٽي جا آهيون، ضياءَ جي ظلمن کان ڀڄي آياسين.... اسان شيعا آهيون امام بارگاهن ۽ گهرن تي بم ڪرڻ تي مائٽ مٽ مارجي ويا..... باقي ٻچا ٻار وٺي اچي هِتي سڪون اختيار ڪيو اٿئون.... اسان قادياني آهيون اسان کي پنهنجي ملڪ جا ڀائر مسلمان نٿا سمجھن، بلڪه اقليت ۾ ٿا ڳڻين.... اسان سنڌي آهيون نه اسان کي نوڪريون ٿيون ملن، نه فوج ۾ ٿا کڻن. ڪوٽا سسٽم ۾ به اسان جا پنهنجا ميمبر ۽ وزير پنهنجن لوفر ٻارن کي داخلائون ۽ نوڪريون وٺي ٿا ڏين.... هِتي آمريڪا ۾ اسان کي پورهئي جا چار پئسا ته ملن ٿا پيٽ ڀرڻ لاءِ.....”
    هي اهو آمريڪا آهي، جنهن ۾ اڄ اچڻ جون سختيون هجڻ جي باوجود اسان جا ايشيائي، اسان جا آفريڪي، اسان جا مسلمان وغيره سر جو سانگو لاهي اچڻ چاهين ٿا ۽ ايندا رهن ٿا. قانوني طرح نه ته غير قانوني اچڻ جو به جوکم کڻن ٿا..... هي آمريڪا آهي، جنهن ۾ اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ اچڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ ڏکيو ڪم نه هو، پر اسان چوندا هئاسين ته اسان هِتي آمريڪا ۾ ڇو رهون؟ اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ هر شيءِ سستي ملي ٿي (تن ڏينهن ۾ چئين رپئي ڊالر هو ۽ بليڪ تي مهانگو مهانگو ته به ڇهين رپئي مليو ٿي)، اسان جي ملڪ ۾ امن امان آهي. جهاز ڪراچيءَ پهچندو هو ته فلم جو ٻيو شو هڪ بجي تائين ڏسي، هوٽلن تي ماني کائي، بندر روڊ تان واڪ ڪري، ڪياماڙيءَ پنهنجي جهاز تي ٽين وڳي پهچبو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ نيويارڪ، خاص ڪري بروڪلن، توبهه توبهه هو! ڏينهن ڏٺي جو به اڪيلي هلندي ڊپ لڳندو هو. اهڙي حالت ۾ آمريڪا ڪير رهي، نور احمد نظاماڻي، مبارڪ ٽالپر، عبداللطيف انصاري ۽ ٻيا ڪئين پنهنجا آمريڪن پاسپورٽ ڦاڙي وطن وريا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي حالتن کي ڏسي هر ڪو افسوس ڪندو هجي، خاص ڪري سنڌ جو رهاڪو، جنهن لاءِ پنهنجي وطن ۾ سرڪار جي ٻه اکيائي ۽ وڏيرن، چورن، ڌاڙيلن، پوليس ۽ سرڪاري ڪامورن جي مصيبتن کان آمريڪا ۾ هجڻ بهتر هو، جِتي جي ٻن ٽاورن تي ته کڻي ڪڏهن ڪڏهن بم ڪري ٿو، پر سنڌ وانگر مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ روز بم ۽ گوليون ته نه ٿيون هلن. ڪو گهرن مان ٻارن ۽ عورتن کي اغوا ته نٿو ڪري، ڪو زميندار بٽئي جا پئسا ته نٿو کائي، ڪو ڊاڪٽر غلط دوائون ته نٿو ڏئي يا بيمار جي اسپتال ۾ پهچڻ تي ڊاڪٽر کي غير حاضر ته نٿو پائي. اسان وٽ هي ڪهڙو انڌير آهي جو اسان وٽ ڌاڙيل ته ڌاڙيل آهن پر ڊاڪٽر، پوليس ۽ سرڪاري ڪامورا به ڌاڙيلن جي روپ ۾ عوام کي پيا ڦرين، جنهن عوام جي ٽئڪسن مان هنن کي پگهار ٿو ملي. هي اسان وٽ ڪهڙو مذهب آهي، جنهن ۾ ڪو ڊيوٽيءَ کي اهميت نٿو ڏئي. گذريل دفعي پنهنجي ڳوٺ هالا ويس ته متقين جي مسجدن ۾ هڪ نمازيءَ ٻڌايو ته ٻيا ته ٺهيو پر ڏاڙهين سان مولوي ڊاڪٽر به هر مهيني سرڪاري خزاني مان پگهار وٺي کايو ويٺا آهن پر اسپتال ۾ وڃي غريب مريضن جو نه تپاس ٿا ڪن، نه علاج ٿا ڪن.
    ان قسم جون ڳالهيون ٿيون سوچجن ته تعجب ٿو لڳي ۽ مصر جي ڪئپٽن حنفي جي چوڻ مطابق اهو سچ ٿو لڳي، ته مسلمان سو پنهنجي ملڪ ۾ آهن پر اسلام مغرب ۾ آهي.


    اڄ بيبيون بڻجي ويون آهن...

    مٿي لکيو اٿم ته هِتي آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ جا اهي اچي رهيا آهن، جن سان اسان جي حاڪمن ۽ حڪومتن ظلم ڪيا پر ائين به نه آهي، هِتي آمريڪا ۾ اسان جي ملڪن جا ڪيترا اهڙا به ملندا، جن ويتر حڪومت ۽ عوام تي ظلم ڪيا. انهن ۾ ڪيترائي ايريگيشن ۽ واپڊا جا آفيسر، انجنيئر، سرڪاري اسپتالن ۽ ادارن جا ڊاڪٽر، انڪم ٽئڪس آفيسر، روينيو کاتي جا آفيسر ۽ ٻيا ملندا، جيڪي ترقياتي ڪمن ۽ عوام جي بهتري جو پئسو ڦري ڪروڙها رپيا ڦٻائي، هاڻي هِتي آمريڪا ۾ “پاڪ بيبيون” ٿيو ويٺا آهن. سڄي عمر هنن فقط حرام جو پئسو حاصل ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي. انهن کي نه ڊاڪٽري اچي ٿي نه انجنيئري جو آمريڪا ۾ اچي پنهنجي پروفيشن جي نوڪري ڪن. هو پنهنجي ملڪ مان لٽي آندل پئسي تي گذارو ڪري رهيا آهن. نموني خاطر هو هِتي جي سب وي ۾ سئنڊوچون وڪڻن يا شيدين جي پاڙن ۾ رات جي دڪانن جي چوڪيداري ڪن يا گراهڪن کي ريسٽورنٽن ۾ ڪافي يا بيئرِ Serve ڪن ۽ رشوت جي آندل پئسي مان گهر هلائين.
    مٿي “بيبيون” لفظ لکيو اٿم جنهن بابت هڪ لطيفو نيويءَ جي هڪ دوست ڪمانڊر عليمراد ڳوراهي صاحب ٻڌايو هو.... ڳوٺ جي هڪ چالو قسم جي عورت سان ڪنهن پير صاحب جي دل لڳي وئي ۽ شادي ڪري گهر وٺي آيس. پير صاحب جي زال ٿيڻ تي ظاهر آهي ته هوءَ اڻ پُڇي “بيبي” ٿي پيئي ۽ سنڌ جي روايتي بيبن وانگر حاجتمندن کي ڌاڳا وٽي ڏيڻ، پاڻي شوڪارڻ لڳي.
    هڪ دفعي ڳوٺ جون ٻه عورتون جيڪي هن جي شادي کان اڳ وارين سخاوتن ۽ Side business واري ڪاروبار کان ڀلي ڀت واقف هيون، سي هن کان ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيڻ لاءِ ڌاڳو پڙهائڻ آيون. هنن سمجھيو سندن پراڻي ساهيڙي آهي، وڏي آئو ڀڳت سان ملندي پر بيبي صاحبه پنهنجي حال کان واقفڪار ساهيڙين کي سڃاڻڻ کان ئي نابري واري ڇڏي، جنهن تي هنن کي باهه لڳي. ان بعد هن جڙتُو بيبيءَ وڏي معصوميت سان ڏاڏي پوٽين بيبين (جن جو مرڻ جيئڻ ڪوٽ جي ڏيڍيءَ ۾ ئي ٿئي ٿو ۽ جن کي ٻاهر جي دنيا جي ڪا خبر نٿي پوي) وانگر پڇيو: “ڪڻڪ جو وڻ ڪيڏو وڏو ٿيندو آهي”
    راتؤن رات ٿيندڙ هن بيبي صاحبه جي ان نخري تي ڌاڳو پڙهائڻ وارين مان هڪڙي سڙي کامي چيس: “جڏهن ڪڻڪ جي فصل ۾ ريزڪي ڌنڌو پئي هلائي تڏهن ڪو هوش نٿي آيئه ته ڪڻڪ جو وڻ ٿئي ٿو يا تيلو.... هاڻ وري سچ پچ جي بيبي ٿي ويٺي آهين.”
    سو آمريڪا ۾ توهان کي ڪجهه اهڙيون بيبيون پڻ وطن جي سرڪاري ڪامورن جي روپ ۾ هِتي نظر اينديون، جن پنهنجي ملڪ جي خزاني يا جنهن اداري سان هنن جو واسطو هو، ان جي ڀينگ ڪري، هاڻ هِتي وڏا شريف ٿي اچي رهيا آهن يا سندن ڪڌن ڪرتوتن جي پڪڙ ڪري، ڪورٽ جي ڪيسن کان ڀڄي اچي هِتي پناهه ورتي آهي ۽ هاڻي هِتي پنهنجو سرخروپڻي جون اهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪن ۽ معصوميت جي حد ڏيکارڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڻ جي پيا اوچائي پڇن. انهن ماڻهن کي نه تڏهن، جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري آفيسر هئا ۽ نه ئي هاڻ پنهنجي وطن يا پنهنجي ماڻهن سان همدردي آهي. هو هِتي به اهي ئي سَڌون ڪندا رهن ٿا ته ڪنهن به طرح سان مفت جو مال ملندو رهي ۽ کين بنا محنت جي عياشي ميسر ٿيندي رهي.
    بهرحال خوش نصيبيءَ جي اها ڳالهه آهي ته اهڙن ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. آمريڪا ۾ گهڻائي انهن جي نظر اچي ٿي، جيڪي پنهنجي وطن ۾ توڙي هِتي سخت پورهيو ڪري، پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا. هو پنهنجي ٻچن ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت جو الڪو به رکن ٿا ۽ هي عاشق لاکي، رميش ٿارواڻي، غلام مصطفيٰ پلهه، خالد هاشماڻي، مقبول هاليپوٽي، منور لغاري ۽ عمر شيخ جهڙا ئي ماڻهو آهن، جي پرديس ۾ رهي پنهنجي ديس ۽ ان جي واسين جو به خيال رکن ٿا. آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سرفراز، آغا ظفر، ڊاڪٽر قلباڻي، علي نواز ميمڻ، عزيز ناريجو، حميران رحمان، فياض سومرو، ۽ ثريا جهڙن نيڪ ماڻهن کي هر وقت اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته پٺيان سندن وطن ۾ خوشحالي اچي.


    آمريڪا گجراتي پٽيلن سان ڀريو پيو آهي.

    آمريڪا ۾ منهنجي پهچڻ بعد ٻن ڏينهن کانپوءِ جمعي جو ڏينهنُ هو. ڏهين بجي ڌاري منهنجي ڀاڻيجي ثمير پنهنجي آفيس مان فون ڪري پڇيو ته جمعي نماز لاءِ آئون جي هلڻ چاهيان ته هو اچي مونکي ساڍي ٻارهين بجي گهران کڻي وڃي.
    “هتي اوي نل ۾ ڪا مسجد آهي ڇا؟” مون ثمير کان پڇيو. اسان جتي رهون ٿا ان ننڍڙي شهر جو نالو Avenil آهي ۽ ثمير جي آفيس ٽي ميل کن پري ڀرواري شهر راهه وي (Rahway) ۾ آهي.
    “جمعي نماز پڙهڻ لاءِ اسين دوست شيزان هوٽل ۾ ويندا آهيون. ان جو بئنڪٽ هال مالڪ طرفان نماز لاءِ خالي رکيو ويندو آهي” ثمير ٻڌايو.
    آمريڪا ۾ مسلمانن جو تعداد وڌڻ ڪري جيتوڻيڪ مسجدون به وڌي رهيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن هَنڌن تي مسجد نه هجڻ ڪري علائقي جا مسلمان نمازون، خاص ڪري جمعي جي نماز ڪنهن جي آفيس يا گهر ۾ پڙهن ٿا يا وري ڪنهن هوٽل يا آفيس جو هال ڪجهه ڪلاڪن لاءِ مسواڙ تي وٺن ٿا. جيئن گهٽ ۾ گهـٽ هفتي ۾ هڪ دفعو اوسي پاسي ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي مسلمانن جي پاڻ ۾ گڏجاڻي ۽ سڃاڻپ ٿي سگهي. ان معاملي ۾ شيزان هوٽل جو مالڪ سخي مرد چئبو جو هفتي ۾ هڪ ڏينهن لنچ جي ڪمائيءَ تان هٿ کڻي سڄو هال، جنهن ۾ هزار کن مرد ۽ سؤ يا ٻه سؤ کن عورتون (جن جو بندوبست پڙدا هڻي الڳ ڪيو وڃي ٿو) نمازين حوالي ڪري ٿو، جنهن جي هو ڪا به مسواڙ نٿو وٺي.
    هيءَ پاڪستاني هوٽل شيزان جنهن علائقي ۾ آهي اهو انڊين دڪانن کان مشهور آهي. اسلين (Iselin) شهر جو هي اوڪ ٽري روڊ وارو علائقو پاڪستان ۽ انڊين يعني ديسي هوٽلن ۽ دڪانن کان سڄي نيو جرسي رياست ۾ مشهور آهي. دڪان به هر قسم جا آهن، حجام ۽ ڪن ٽوپڻ واري کان وٺي آچار، ڀاڄين ۽ حلال گوشت وارن جا دوڪان نظر اچن ٿا. سندن نالا ۽ رستن تان لنگھندر ماڻهن کي ڏسي لڳي ٿو ته بمبئي يا ڪراچي ۾ هلي رهيا هجون ۽ ڪيترن دڪانن تي ته انگريزي سان گڏ هندي، گجراتي يا اردوءَ ۾ به بورڊ لڳل آهن.
    بمبئي چاٽ هائوس،
    پٽيل ڪئش ائنڊ ڪئري،
    سوا گرها سائوٿ انڊين ڊوسا
    پاڪيزه بوتيق
    شيتل ڪلوٿس
    ديسي بازار
    ديپا آٽو رپيئر
    نور محل حلال ميٽ
    چاندني، شاليمار، مهاراني، لباس، اپنا بازار، گوڪل ويجي فوڊ، سرگم ميوزڪ....
    ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن.
    هي اوڪ روڊ وارو شهر Iselin اسان واري شهر Avenel جي اولهه ۾ آهي ۽ اڍائي ميل کن پري ٿيندو. کيس ٻيا ويجھا شهر ڪولونيا (ميل کن پري)، فورڊس (اڍائي ميل ڏکڻ ۾)، Clark، ميٽرچين، ووڊ برج ۽ Sewarew آهي.
    ثمير ڪلاڪ کن اڳ ۾ ئي اچي ويو جو هن جو بئنڪ تي ڪم هو. “ڪجهه دير اڳ ۾ ئي هلون؟” هن پڇيو.
    “ڀلي. مون لاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي. آئون هونءَ ئي واندو ويٺو آهيان. گهر ۾ وهڻ بدران توسان چڪر پيو هڻندس.” مون چيو مانس ۽ ڪئميرا، پين ۽ ٻه چار ننڍا پنا کيسي ۾ وجھي نڪتس، ته جيئن ڪنهن رستي يا ماڻهوءَ جو نالو نوٽ ڪرڻو هجي ته لکي سگهجي.
    اسان پنهنجي ڪالونيءَ مان نڪري سامهون واري روڊ تي آياسين، جنهن جي ڪنڊ تي هن علائقي جو مشهور اوي نل اسڪول آهي، جنهن جي اڳيان ٽي چار ايڪڙ سرسبز سائي ڇٻر تي شام جو هندستان جي گجرات رياست جا مرد ۽ عورتون ٽولا ٺاهي ويٺا هوندا آهن. نه فقط هتي اسان واري شهر اوي نل ۽ ڀرواري شهر Iselin پر سڄي آمريڪا ۾ انڊين گجراجي ڀريا پيا آهن ۽ انهن گجراتين ۾ وري هر هڪ پٽيل ذات جو ملندو. حق تي آمريڪا پٽيلن کي هاڻ آمريڪا اچڻ لاءِ ويزا گهٽ ٿي ڏئي. منهنجي خيال ۾ سڄي پاڪستان ۾ ايترا ماڻهو آمريڪا ۾ نه هوندا، جيترا فقط گجرات صوبي جا آهن. گجرات وارن جي نه فقط آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڏي لئه آهي، جو هو ڪٿي به اڪيلائي نٿا محسوس ڪن ۽ هر هنڌ هنن جا پنهنجا موجود آهن پر پنهنجي ملڪ انڊيا ۾ به هنن جا وڏا ٺاٺ آهن، جو سندن صوبو سڀ کان گهڻي فارين ايڪسچينج ڪمائي ٿو. هو هندو سنڌين وانگر نه فقط ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ پر گهڻو اڳ کان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل هئا.
    سنڌ ۽ گجرات صوبن جي ماڻهن ۾ فقط اهو فرق هو ته سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري جيڪا مسلمان هئي، اها صفا موبائيل نه هئي، اهي جتي هئا اتي ئي ويٺا رهيا ٿي، انهن لاءِ ڀر وارو ڳوٺ به پرديس هو ۽ اهو ئي حال انهن جي تعليم جو هو. پر گجرات جو سڄو صوبو تعليم ۾ به اڳيان هو ته ٻاهر وڃي نت نيون نوڪريون ۽ ڌنڌا ڪرڻ ۾ به هوشيار هو. انهن بابت پنهنجي انڊيا واري سفرنامي “دهليءَ جو درشن” ۾ لکي آيو آهيان، ته گجرات جي حاڪمن انگريزن جي حڪومت ۾ به نمونا شمونا ڪري پنهنجي صوبي کي ترقي وٺرائي ۽ تعليم تي وڏو زور ڏنائون .... ويندي پنهنجا محل ۽ بنگلا به تعليمي ادارن کي وقف ڪري ڇڏيائون. ان ڪري گجرات ۾ وڏي سجاڳي آئي. گجرات جا ماڻهو سنڌ جي هندو سنڌين کان تعداد ۾ تمام گهڻو ٻاهر هئا، پر سنڌي هندو ٿورا هجڻ جي باوجود دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ پکڙيل هئا. جپان چين کان بصري بغداد تائين، ممباسا ۽ دارالسلام کان ميلبورن ڊئنمارڪ تائين، ويندي لاس پاماس، ڪيپ وردي ۽ برمودا جهڙن ٻيٽن تي به سنڌي واپاري نظر آيا ٿي. جن جو احوال تن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. مارشيش. سيشلز، فجي، سري لنڪا ۽ جاوا سماترا جهڙا ٻيٽَ ته ڄڻ هنن لاءِ خدا آباد، ڪوٽڙي، شڪارپور هو. سو هتي آمريڪا ۾ به گجراتي ۽ سنڌي هندو جام آهن، پر تعداد ۾ گجراتين سان ڪو ٻيو مقابلو ڪري نٿو سگهي. آئون به تازو تازو انڊيا مان (خاص ڪري گجرات جي شهرن بڙودا، احمد آباد ۽ گوڌران مان) ٿي هتي آيو آهيان، سو شام جي وقت واڪ دوران هنن پوڙهن گجراتي همراهن سان گڏ ويهي رهندو آهيان. هڪ اڌ دفعو هنن جو پوڙهين زالن سان به ويهي ڪچهري ڪيم ۽ فوٽو ڪڍيم. ڍلين ڍالين پتلونن ۽ پجامن ۾ هنن جا مرد ۽ اڻ استري ٿيل ساڙهين ۽ ڪڙتي پجامن ۾ هنن عورتن جا فوٽو جڏهن پنهنجن دوستن کي مختلف ملڪن ۾ اي ميل ڪريان ٿو، ته هنن کي يقين نٿو اچي ته هي آمريڪا آهي يا هندستان جو ڪو شهر. واپار سان تعلق رکندڙ هنن ماڻهن جون ڪچهريون جيتوڻيڪ مونکي سخت بور لڳيون. ان جي مقابلي ۾ سنڌي هندو واپاري ننڍي توڙي وڏي پئماني جو، تعليمي ڊگريون نه هجڻ جي باوجود دنيا جي وڌيڪ سڌ سماءَ رکي ٿو، هن جا عقل جا گفتا ۽ تجربي جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙيون ٿين ٿيون، جن جو تفصيلي احوال سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. خاص ڪري هرڪشن ڀوڄواڻي، تان سري ڪشو، وڪيو مل لاکياڻي، مڪيشن پارواڻي، هانگ ڪانگ جي سيتل وغيره جون.
    اسان جي گهر سامهون رهندڙ پٺاڻيءَ مون کان پڇيو ته هڪ ڏينهن آئون انهن پوڙهين گجراتين سان ويٺو هوس خير ته هو. هن جي گجراتين تي سخت ڪاوڙ آهي.
    “خير ئي خير هو. هن عمر ۾ ته مونکي پوڙهيون ئي پاڻ سان گڏ ويهڻ ڏينديون.” مون کلندي چيومانس.
    “پر تڏهن به؟” هن پڇيو. سندس پشاور جو مڙس گذريل ويهه سالن کان هتي چڪن فراءِ جي ريسٽورينٽ هلائي ٿو.
    “دراصل آئون ان تاڙ ۾ هوس ته کانئن ڪا اهڙي ڪهاڻي يا دلچسپ گفتگو ٻڌي سگهان، جيڪو منهنجي پڙهندڙن لاءِ مزيدار ثابت ٿئي.” مون کيس ٻڌايو. کيس خبر آهي ته آئون جهازن جو انجنيئر هجڻ سان گڏ لکان به ٿو. هن منهن کي موڙو ڏيئي چيو: “اهي رنون ٻين جي موجودگيءَ ۾ مجال آهي جو ڪُڇن. پر مون ٻڌو آهي ته اهي روز شام جو ٽولو ٺاهي ڪو دنيا جهان جون خبرون نٿيون ڪن، پر سڀ پنهنجن نهرن جون گلائون ٿيون ڪن، ته هنن سندن پٽن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آهي. گهر جو ڪم به نٿيون ڪن. نوڪرين بهاني پيون ٻاهر جا عيش ڪن ۽ سندن ٻارن کي بوتل پيارڻ ۽ انهن جون نئپيون صاف ڪرڻ جو ڪم سَسن حوالي ڪريو وڃن.”


    ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا آمريڪا ۾ نٿي ملي!

    اوي نل اسڪول کان پوءِ ثمير گاڏي ساڄي پاسي موڙي سينٽ جارج ايوينيو تي آيو. کاٻي پاسي ومپي آئيس ڪريم وارن جو دڪان ۽ فرنيچر جو دڪان Home Dept هو ۽ ساڄي پاسي هتي جا ڪجهه چين اسٽور .... ڪي مارٽ، وال مارٽ، ٽارگيٽ، اولڊ نيوي ۽ جيسي پيني جهڙا. آمريڪا جا ڪي ڪي دڪان ڏسي تڏهن به جڏهن آئون چاليهه سال کن اڳ آمريڪا ۾ پهريون دفعو آيو هوس ۽ هاڻ به تعجب لڳي ٿو. ڇا ته سامان جي ورائٽي ۽ ايراضيءَ جي حساب سان هي دڪان وڏا آهن. جپان، هانگ ڪانگ، ڪوپن هيگن ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ چاهين ته به نٿا کولي سگهن، جو اتي پٽ (زمين) جي کوٽ آهي. هڪ دفعي گهر جي ضرورت لاءِ پاني، پيچ ڪش ۽ مترڪي جهڙن اوزارن خريد ڪرڻ لاءِ هيمون هن “هوم ڊيپوٽ” دڪان ۾ وٺي آيو هو. اندر هلندي ائين ٿي لڳو ڄڻ کٽندو ئي ڪونه. منجھس سئي سڳي ۽ پاڻيءَ جي پمپ کان وٺي ٽرئڪٽر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل گئريج وڪري لاءِ موجود هئي. پاني (Spanner) ۽ روات (File) کان وٺي هرقسم جا ڀتين، ڇتين ۽ درن درين کي ڪرڻ جا رنگ، روغن ۽ انهن سان واسطو رکندڙ سامان موجود هئا. گهر ۾ وڇائڻ لاءِ گلم ۽ غاليچن کان وٺي ڇٻر تي رکڻ جا ٻارن جا جھولا ۽ ٽيبل ڪرسيون موجود هيون ۽ هن قسم جو دڪان سڄي شهر ۾ فقط هڪڙو نه آهي، پر ڪجهه ميلن بعد اهڙا دڪان نظر اچن ٿا. اهوئي حال هتي جي ٻين چين اسٽورن جو آهي جن ۾ اولڊ نيوي، ڪي مارٽ، وال مارٽ ۽ جيسي پيني جهڙا اچي وڃن ٿا. اهوئي حال اسانجي انڊين پاڪستاني دڪانن جو پڻ آهي. ڪو زمانو هو يعني اڄ کان چاليهه کن سال اڳ وارو (جڏهن 1968ع کان اسان آمريڪا پهريون دفعو اچڻ شروع ڪيو) جو آمريڪا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن آچار، چٽڻين، ڳڙ، هئڊ، لونگ، ڦوٽن، نان، پورين، ويلڻ ۽ تَوَن جهڙين شين جو سوچي به نٿي سگهيو. اسان جي جهاز جو آمريڪا ڏي اچڻ جو ٻڌي انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ موجود اسان جا سڃاڻون: مير مبارڪ ٽالپر، نور احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر خورشيد چنا (مئڊم امينا خميساڻي جي ڀيڻ)، واصف امام، آغا خداداد خان، ڪاماري شريف وارو پير حميد ۽ ٻيا ڄاڻو سڃاڻو همراهه فرمائش ڪندا هئا ته پاڪستان کان اچون ته هنن لاءِ آچار، مُستي، باسمتي چانور، سَيون ۽ ٻيون اهڙيون شيون وٺي اچون، جن جي آمريڪا ۾ ملڻ جو ڪو تصور به نٿي ڪري سگهيو. وڌ ۾ وڌ ڪجهه گرم مسالا آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز ۽ نيو اورلينس وغيره ۾ اسپيني دڪاندارن وٽ مليا ٿي.. ۽ هاڻ؟ هاڻ ته سائين ننڍي کنڊ ۾ ايران توڙي، افغانستان جي ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا آمريڪا ۾ نٿي ملي. وڏن شهرن ۾ ته ڇا، پر ڳوٺ ڳوٺ جي دڪان ۾ ملي ٿي. اسانجي ديسي دڪانن تي ته ڇا پر هتي جي مڪاني گورن جي دڪانن تي به انڊيا کان روز تازيون پڪي پڪايون روٽيون، نان، نمڪو کان وٺي ڪاٺ جون صندليون، ٻهارا ۽ لوٽا ملن ٿا. سبزي منڊي، ديسي بازار، دانا بازار جهڙن نالن وارين سپر مارڪيٽن ۾ ته انڊيا ۽ پاڪستان جي هر برانڊ جا مسالا، چانور، ڊرائي فروٽ ۽ اهڙن قسمن جون داليون، ٻج، اسٽيل ۽ اليڪٽرڪ جا انڊين ٿانو ۽ مشينون، اگربتيون، ميڻ بتيون، ڏيا، لالٽين، چپاتيون ۽ نان رکيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته ڇا پر سنگاپور ۽ دبئيءَ ۾ به اهڙي اوچي ورائٽيءَ ۾ شيون نظر نٿيون اچن ۽ سخت مقابلي جي ڪري سندن قيمتون به خاص نه آهن. شان باسمتي چانور پنج ڪلو 6 ڊالرن يعني 360 رپين جا، جو اڄ ڪلهه 60 رپئي في ڊالر آهي. مڱن جي دال 45 رپئي ڪلو، ڪارا چنا 45 رپيا ڪلو، بصر 25 رپئي ڪلو، ٽماٽا 30 رپيا ڪلو، بيسڻ 60 رپيا ڪلو، ٽپال چانهه 250 رپيا ڪلو، گهريچي گيهه 300 رپيا ڪلو، ڳڙ 60 رپيا ڪلو، شان مصالحا 30 رپيا پئڪٽ وغيره. هتي جي مهانگائيءَ جي لحاظَ کان اهي قيمتون گهڻيون نه آهن، جڏهن ته پاڻيءَ جي بوتل ئي هڪ ڊالر (سٺ رپين) جي آهي چانهه جو ڪوپ يا مڪئيءَ جو سنگ هڪ ڊالر جو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هتي جيڪا به شيءِ ملي ٿي اها اعليٰ جنس جي آهي. چانور هجن يا داليون، ويندي مسالا ۽ ڳڙ پڻ! ڇو جو هتي مقابلو ايڏو سخت آهي جو ساڳي شيءِ ڏهه ڪمپنيون موڪلين ٿيون، پوءِ وڪرو انهن جو ٿئي ٿو جنهن جي سٺي ۽ مناسب اگهه تي شيءِ آهي. مثال طور چانور ئي ٿا ڏسجن ته خبر ناهي ڪيترين ڪمپنين جون ڳوٿريون رکيون آهن ۽ نه فقط گراهڪ پر دڪاندار به چاهي ٿو ته سٺي شيءِ رکان، نه ته گراهڪ هڪ خراب شيءِ جي ڪري ٻيون به نه وٺندو ۽ ڀرواري دڪان ۾ هليو ويندو. مٿيون قيمتون اوڪ ٽري روڊ جي هڪ دڪان (نمبر 19 – 1317) جون Sale Price آهن. هن سپر مارڪيٽ جو پهرين “صبح لڪشمي” نالو هو، پر هاڻ “Dessi Bazzar” آهي.
    هتي مٺائي ۽ نمڪو (سموسا، رول، پاپڙ، نمڪ پارا وغيره) جا پڻ ڪيترائي دڪان آهن. نه ته اهي شيون ڪڏهن ڪو چوڏهن چنڊ وطن کان ايندو هو ته پاڪستان کان آڻيندو هو. آئون هن ڀيري حيدرآباد جي برهاني بيڪريءَ جون نان ختائيون ۽ ڪيڪ ثمير ۽ هيمون جن لاءِ آمريڪا وٺي آيو هوس، پر هتي جي انڊين دڪانن ۾ انڊيا جي ڪيڪن، بسڪيٽن ۽ نان ختائين جي ورائٽي ۽ تازگي ڏٺم ته حيرت ٿي. خبر پيئي ته ڪيترون ئي شيون روزانو انڊيا کان اچن ٿيون، جو روزانو بمبئي يا دهليءَ کان نيويارڪ ڊئريڪٽ فلائيٽ آهي.


    ڪمينٽمينٽ به ڪا شيءِ ٿيندي آهي

    اسان سينٽ جارج ايونيو وٺي اڳيان کاٻي روٽ 27 تي آياسين، جتان پوءِ اوڪ ٽري روڊ تي اچڻ لاءِ ساڄو پاسو اختيار ڪيوسين. ثمير کان اهو معلوم ڪري تعجب ٿيو ته شيراز هوٽل جي ڀرسان آمريڪا جي حبيب بئنڪ آهي، جنهن جون نيويارڪ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ برانچون آهن. ثمير ٻڌايو ته هن شهر اسلين (Iselin) واري برانچ جو مئنيجر نديم جوڻيجو نالي سنڌي آهي، جيڪو اسان کي به سڃاڻي ٿو. هو ٻارهن سالن کان هتي جي مختلف بئنڪن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي.
    “هن چيو پئي ته تنهنجو مامو اچي ته ٻڌائجانءِ اسان دعوت ڪنداسين.” ثمير ٻڌايو.
    “ڪير ٿي سگهي ٿو؟ سندس والد صاحب جي نالي جي خبر اٿئي؟” مون ثمير کان پڇيو.
    “نه وڌيڪ مونکي خبر ناهي. هو توهان سڀني کي سڃاڻي ٿو.”
    “ٿي سگهي ٿو سائين امداد جوڻيجو صاحب جو فرزند هجي يا واجد جوڻيجو، شفيق انصاري يا رفيع جوڻيجو وارن جو ڪو مائٽ. امداد جوڻيجو صاحب ABL بئنڪ جو صدر به رهي چڪو آهي، ظاهر هن جي ٻارن ساڳيو پروفيشن فالو ڪيو هجي. آئون سندن گهر اڄ کان 25 سال کن اڳ ويو هوس، جڏهن سندن ٻار ننڍا هئا ۽ اسڪول پڙهي رهيا هئا ۽ PECHS ۾ رهندا هئا.”
    شيزان ريسٽورينٽ جي پٺيان گاڏين جي پارڪنگ جي ڪافي جاءِ هئي، جتي اسانکي پنهنجي ڪار پارڪ ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي” اها ساڳي پٺ حبيب بئنڪ جي به هئي.
    ثمير چيڪ جمع ڪرائڻ لاءِ اندر بئنڪ ۾ هليو ويو، بئنڪ جي گيٽ وٽ ئي روزي نالي هڪ ڪلارڪ ملي، جنهن ٻڌايو ته مئنيجر هينئر هينئر نڪري ويو آهي. ان ڪري مون بئنڪ ۾ اندر وڃڻ مناسب نه سمجھيو ۽ مسجد هليو آيس. يعني شيزان هوٽل جي بئنڪٽ هال ڏي. هوٽل جي مين دروازن تي ٻه چار اشتهار پوسٽر لڳل هئا، جن مان پاڪستان آمريڪن ائسوسيئيشن ۽ ARY ٽي وي جي سهڪار سان ڀرواري وڏي شهر ايڊيسن ۾ هڪ ميلو لڳڻ جو اشتهار هو، جنهن ۾ پريا، ريجا، ابير ۽ طافو وغيره پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ان ميلي جو نالو “ڌوم مچادو پاڪستان ميلا” وڏن اکرن ۾ لکيل هو، اڳواٽ ٽڪيٽ وٺڻ جو اگهه 13 ڊالر (800 روپيه کن ۽ گيٽ تان ان ڏينهن ٽڪيٽ جي قيمت 15 ڊالر لکيل هئي. ميلي ۾ داخلا جون ٽڪيٽون ڪٿان ملنديون ۽ جن وڏين ڪمپنين هن ميلي کي Sponsor ڪيو هو انهن جا نالا ڏنل هئا.
    ان قسم جي ميلن جي حوالي سان نيو جرسي رياست مشهور آهي، پر هيسيتائين جيڪي ٿيندا رهيا ٿي، اهي گهڻو ڪري انڊيا جي رهاڪن طرفان هئا جن ۾ هنن جي فلمي دنيا ۽ ٽي وي جا آرٽسٽ آيا ٿي ۽ ان جون ڳريون ٽڪيٽون ڀري نه فقط انڊين ويا ٿي، پر اسان جا پاڪستاني پڻ، ڇو جو هتي اسٽار پلس، زي، صحارا، سوني جهڙا ٽي وي چينل هجڻ ڪري اسانجا پاڪستاني انڊيا جي هڪ هڪ آرٽسٽ کان واقف لڳن ٿا.
    شيزان هوٽل جي ٻاهران بيٺل هڪ پاڪساني جيڪو پڻ مون وانگر اهو اشتهار پڙهي رهيو هو، تنهن چپن تي مرڪ آڻيندي چٿر واري نموني ۾ چيو:
    “ٺهيو! مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏني آهي! هن ڀيري اسانجي پاڪستانين کي غيرت آئي آهي ۽ انڊين جي مقابلي ۾ ميلي جو بندوبست ڪيو اٿن.”
    “ڇو ڀلا پاڪستاني ميلو نه لڳائين ڇا؟” مون پڇيو مانس.
    “حضرت! ڀلي لڳائين، پر پهرين انڊين چئنل ته ڏسڻ بند ڪن.” هن وراڻيو.
    “پاڪستاني چئنل هجن ته ڏسن. هتي آمريڪا ۾ ڪو به ڪيبل وارو پاڪستاني چئنل نٿو سپلاءِ ڪري.” مون چيومانس.
    “پاڪستاني چئنلن ۾ ٽپڙ هجي ته ڪو ڪيبل آپريٽر سيڙپ به ڪري. پاڪستاني آرٽسٽن کي نه ڳائڻ ٿو اچي ۽ نه وري ڪا ائڪٽنگ.... فلمون ڪي اڍائي مس، اهي به ڪير ڏسي ڪونه .... انڊين کي ڏسي اسان پاڪستاني به پاڪستاني فلمي گانن تي مشتمل انتاڪ شري پروگرام ڪنداسين، جنهن ۾ هر هڪ رڳو ارمان ۽ احسان فلم جا گانا ڳائي ماٺ ٿي ويندو. بهرحال اسان جي دعا آهي ته هي ميلو ڪامياب ٿئي.”
    “ڇو ڀلا هن کان اڳ به لڳايو هئائون ڇا؟”
    “ هڪ ٻه دفعا لڳي چڪو آهي. هڪ دفعي بنا موڪل جي ڪيائون ٿي. حڪومت ٺڳي پڪڙي مٿن ڏنڊ هنيو. ٻئي دفعي پنجاهه ٽڪيٽون به نه کتيون.” هن ٻڌايو.
    بهرحال افسوس جي ڳالهه ته هن ميلي جي تاريخ منهنجي هجڻ دوران آئي. مونکي ميلي کان وڌيڪ ان کيattend ڪرڻ وارن سان ملڻ جو شوق هو، پر خوشيءَ جي اها ڳالهه ته چڱو جو مون هن ميلي ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ ائڊوانس ۾ نه ورتي ۽ ٻه ڊالر وڌيڪ ڏئي ان وقت وٺڻ جو سوچيم. ميلي تي ڪي خاص ماڻهو ته نه آيا ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وڌيڪ اچڻ شروع ٿي وڃن ها، پر سڀني کي خبر پئجي وئي ته انائونس ڪيل آرٽسٽن مان ڪيترا نه آيا آهن، خاص ڪري مک فنڪار عمر شريف، ان ڪري گيٽ تان ٽڪيٽون وٺڻ وارن پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا ۽ جن اڳواٽ ٽڪيٽ وٺي ڇڏي هئي ۽ کين خبر پيئي ته هنن سان ويساگھاتي ٿي آهي، ته هو انتظاميه سان “هاٿوپائي” تي لهي آيا ۽ اسان ميلو ڏسڻ بدران ميلو ڏسڻ وارن جو انتظاميه وارن سان جھيڙي جو ڪجهه حصو ڏسي موٽي آياسين.
    انتظاميه جي هڪ همراهه کان پڇيم ته آرٽسٽ ڇو نه آيا، ته هن ٻڌايو ته سندن ٽڪيٽن تي لکها رپيا خرچ ڪري کين پاڪستان کان هتي گهرايوسين. ويزائن جو بندوبست ڪيوسين، هوٽلن ۾ رهائش جو خرچ ڀريوسين ۽ هاڻ عين موقعي تي ڦڏو ڪري ويٺا آهن ته کين ٻولايل اگهه کان اڃان به وڌيڪ ڏنو وڃي. ڪمٽمينـٽ به ڪا شيءِ ٿيندي آهي. هو الائي ڇا ٿا سمجھن ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين وٽ ڪا اڻ مئي دولت پئي آهي.”
    سندس ٻيون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر آخري ڳالهه بيشڪ حقيقت تي مبني لڳي. اسانجا ماڻهو آمريڪا جي اميري يا هتي رهندڙ ماڻهن جي پگهار جو وڏو انگ ٻڌي، اهو ئي سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو آهي، پر سچي ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. هڪ ته هتي (آمريڪا) ۾ رهندڙ هر ديسي ماڻهو مٽن مائٽن ۽ پنهنجن جي پيارَ جو بُکايل آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هتي مهانگائي تمام گهڻي آهي ۽ ويتر گذريل ٻن ٽن سالن ۾ هتي هر شيءِ ايڏو ته چوٽ چڙهي ويئي آهي جو ايڏي مهانگائي ڪڏهن نه ٿي. هر شيءِ ٻيڻ تي پهچي وئي آهي، گذر سفر لاءِ هتي جي هر ماڻهوءَ کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اسان جي ديسي ڀائرن کي اڃا به گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. سادگي ۾ رهي گهڻا ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا، جو سندن سر سان گڏ نه فقط سندن زال ۽ ٻار آهن پر ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻون ڀائر به آهن.... جن لاءِ هنن کي بچائڻو پوي ٿو. پر يقين ڪريو اهي جن جون زالون هتي رهي نوڪري يا پورهيو مزدوري ڪن ٿيون، انهن جو به گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو. ڪيترا ته چوويهن ڪلاڪن ۾ چند ڪلاڪ سمهن ٿا ۽ اوور ٽائيم يا ٻه ٻه نوڪريون ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٿورن کي ڇڏي باقي گهڻي ڀاڱي ڀلي انڊين هجن يا اسانجا پاڪستاني؛ پنجابي، پٺاڻ، سنڌي يا بلوچ آڻڻ چاڙهڻ Sceniario ۾ رهن ٿا. توهانکي پهرين Look ڏيک ۾ لڳندو ته هنن وٽ وڏي گاڏي آهي. ايئرڪنڊيشن يا سينٽرلي هيٽيڊ فلئٽ آهي، پر سندن هر شيءِ گروي ٿي پيئي آهي. هو هر مهيني پنهنجي پگهار جو وڏو حصو گروي ٿيل گهر، ڪار، فرنيچر جي قسط جي ادائگي ۾ ڏين ٿا. پرديس ۾ رهڻ واري هر ماڻهوءَ کي پنهنجي وطن جي ڪانگ جي ڪان ڪان به مٺي لولي لڳي ٿي. سنگاپور، هانگ ڪانگ يا لنڊن دبئي ته وري به ڳتيل شهر آهن ۽ هر هڪ ٻئي جي ويجھو آهي. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اسانجا رهندڙ هي ديس واسي پنهنجن سان ملڻ ۽ پنهنجي وطن جي سڪ پوري ڪرڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن هن قسم جا ميلا ۽ جشن ملهائين ٿا. هو سڄو سال چندا گڏ ڪري پنهنجي ملڪ جي فنڪارن کي گهرائين ٿا، جيئن سندن خوشي هڪ طرف پوري ٿئي ته ٻئي طرف سندن هم زبان، هم وطن، شاعرن، اديبن، ڳائڻن ۽ ٻين فنڪارن جي عزت افزائي ٿئي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي وطن جا ماڻهو اهوئي سمجھن ٿا ته آمريڪا ۾ رهندڙ سندن ديس جي ماڻهن وٽ ڪا وڏي دولت پئي آهي ۽ انهن مان جيترو ٿي سگهي گهڻي کان گهڻو ڪڍجي. ڪيترون آرٽسٽ عورتون هونءَ پيون اڪيليون اينديون وينديون، پر هيڏانهن آمريڪا اچڻ جي دعوت تي زور ڀرينديون ته سندن مڙسن جي به ٽڪيٽ ڏني وڃي، ٻارن جي به ڏني وڃي. هوائي جهاز ۾ به ايڪانامي ڪلاس بدران بزنيس ڪلاس جي ٽڪيٽ ڏني وڃي ۽ هوٽل به هيءَ نه هيءَ کپي ۽ هڪ ڏينهن بدران ٻه ٽي ڏينهن اڳواٽ پهچنديون ۽ پوءِ فنڪشن ۾ باقي ڏينهن اڌ هوندو ته سندن فنڪاريءَ جي ٻولايل پئسن کان وڌيڪ جي گهر ڪنديون. افسوس جي اها به ڳالهه آهي ته ويندي اسانجا سنڌي آرٽسٽ به ان کان آجا نه آهن ۽ پوءِ انهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ هتي رهندڙ اسان جا ڀائر جيڪي ميزبان آهن، وڌيڪ پنهنجي کيسي مان ڀرين ٿا. فنڪشن جي انٽري في يا ان ۾ رکيل لنچ يا ڊنر جي في ماڻهو قيمت وڌائين ٿا. گذريل ٻن کن مهينن ۾ جيڪي ڪجهه هتي (آمريڪا جي مختلف شهرن: نيويارڪ، نيوجرسي، ورجينيا، واشنگٽن ۽ بالٽيمور ۾) فنڪشن ٿيا آهن، انهن ۾ جيڪي هتي جا نه آيا آهن، انهن مان ڪيترن ان جو سبب مالي پريشاني ٻڌايو. ويندي واشنگٽن ۾ هلندڙ هڪ سنڌي فنڪشن ۾ اتي ۽ ڀرواري رياست ورجينيا ۾ رهندڙ ڪجهه سنڌي ان فنڪشن ۾ نه آيا، مون جڏهن هنن کان ان جو سبب پڇڻ تي زور ڀريو ته هنن اهو ئي ٻڌايو ته “ڊنر جا پنجهتر ڊالر رکيا ويا آهن، اسان افورڊ نٿا ڪري سگهون.” انهن ۾ هڪ ته سٺي پگهار وارو هو، پر پوءِ مون جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ته هو ٻارن سان گڏ رهي ٿو، جن جي اسڪول جا ڪتاب، فيون، اچڻ وڃڻ جا خرچ سارجن ته هو به Hand to Mouth يعني پيٽ ۾ پورو آهي ۽ اهو سوچيو ته سال ۾ ڪو اهڙو هڪ اڌ فنڪشن ٿئي ۽ ان شهر جا رهندڙ نه وڃي سگهن ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن ٻار جي جنم ڏينهن تي ڪيترائي ٻار اچي گڏ ٿين ۽ رانديون رونديون ڪن ۽ ڳائين وڄائين پر سندن پاڙي جا ٻار سٺا ڪپڙا نه هجڻ ڪري نه وڃي سگهن. اهي باقي ٻارن جي کل کلڪي جو ٻڌي ويتر ڏک محسوس ڪندا.
    بهرحال هتي فنڪشن ڪرائڻ وارن جو ڏوهه ناهي، بلڪه “سانا” ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين ادارن کي شاباس هجي، جو ان قسم جا فنڪشن آرگنائيز ڪن ٿا ۽ ظاهر آهي پئسي ڏوڪڙ جو خرچ هنن کي پنهنجي کيسي مان ڀرڻو پوي ٿو يا ٻين ميمبرن کان وٺڻو پوي ٿو. هتي هي ڳالهيون فقط ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسان جي ملڪ کان هتي آمريڪا يا جپان، انگلنڊ ايندڙ آرٽسٽ دل ۾ اهو خيال رکي اچن ته هو ڪنهن عرب ملڪ جي شاهوڪار شيخ يا ڪنهن رشوت خور ڪاموري جي دعوت ۾ نه پيا وڃن، پر انهن پورهيت مزدور پرديسين جي دعوت تي ٿا وڃن، جيڪي مائٽن مٽن کان پري رهي، سخت محنت مزدوري ڪري حق حلال جا فقط ايترا چار پئسا ٿا ڪمائين، جن مان هنن جي ٻچن ٻارن جو گذر سفر ٿي سگهي ۽ هنن جي ڪمائيءَ جو هڪ هڪ ڊالر صحيح معنيٰ ۾ “پگهر جي پورهئي” جو چئي سگهجي ٿو. ههڙن ملڪن ۾ ڪو مزدور هجي يا آفيسر سندن ڊيوٽيءَ جي نوعيت تمام سخت ٿئي ٿي، جنهن جو احساس اسان جي ماڻهن کي هتي آمريڪا ۾ اچي هنن کي ڏسي پوءِ ٿي سگهي ٿو.


    شيزان هوٽل جو ميان عزيز ۽ آصف رشيد

    شيزان هوٽل جو مين گيٽ لتاڙي اندر ٿيس جتي پنهنجو بوٽ لاهي، هڪ سنهي وڪڙ واري گهٽيءَ کان اڳتي آيس، جتي نماز پڙهڻ لاءِ گلم وڇايل هئا. سمجھي ويس ته هي هن هوٽل جو Banquet Hall آهي. ٽيبلن ۽ ڪرسين کي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي مٿان چاڙهي رکيو ويو هو. ماڻهن جي گهڻائي محسوس ڪري هوٽل جا بئرا وڌيڪ ڊگها گلم وڇائي رهيا هئا، جن کي هڪ منهنجي عمر جو همراهه Instruction ڏيئي رهيو هو، جيڪو بعد ۾ خبر پيئي ته هن هوٽل جو مالڪ ميان عزيز آهي ... جنهن سان ۽ سندس مئنيجر آصف رشيد سان نماز بعد ملاقات ٿي. ميان عزيز ٻڌايو ته هن آمريڪا لاءِ پاڪستان 1978ع ۾ ڇڏيو. پهرين نيويارڪ شهر ۾ آيو، جتي هن ڪنهن ٻي همراهه جي هوٽل ۾ اچي ڪم ڪيو ۽ پوءِ هتي اوڪ ٽري روڊ تي گروسري اسٽور کوليو ۽ پوءِ 1993ع ۾ هيءَ هوٽل کولي. هوٽل کان سواءِ هو ڪئٽرنگ جو ڪم به ڪري ٿو يعني شادين مرادين يا ٻين فنڪشنن تي ضرورت مطابق مختلف ڊش تياري ڪري، گهرن ۾پهچائي ٿو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شيزان هوٽل جي ماني نه فقط نيو جرسي رياست ۾ مشهور آهي، پر نيويارڪ رياست جي بفئلو جهڙن ڏورانهن شهرن ۾ پڻ هن جو کاڌو سپلاءِ ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ به هڪ شيزان هوٽل هوندي هئي، جيڪا ڏهه پندرهن سال اڳ بند ٿي وئي. شيزان نالي هڪ پاڪستاني هوٽل گذريل 25 سالن کان ملئيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ به آهي. مون ميان عزيز کان پڇيو ته هن هوٽل جو انهن هوٽلن سان به ڪو واسطو آهي. پر هن ٻڌايو ته هن ائين ئي کڻي هن هوٽل جو اهو نالو رکيو. سندس ڪم ۾ وڏي مدد سندس مئنيجر آصف رشيد ڪرائي ٿي، جيڪو سندس سوٽ به آهي. آصف 1992ع ۾ ميان عزيز وٽ گهمڻ لاءِ آيو ۽ هتي پهچي هن کي هي ملڪ ۽ هي ماحول اهڙو وڻي ويو جو هتي ئي رهي پيو ۽ ميان عزيز وٽ ئي ڪم ڪندو رهي ٿو.
    ميان عزيز کان پڇيم ته هو روزانو ڪيترا ڪلاڪَ ڪم ڪري ٿو. ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين؛ “24 ڪلاڪ” ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته فقط هن Oak Tree روڊ تي چاليهه کن انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورينٽون ۽ کاڌي جا دڪان آهن. سو ظاهر آهي مقابلو تمام سخت آهي. هر ڪو چاهي ٿو ته قيمت به مناسب هجي، کاڌو به تازو ۽ سوادي رڌل هُجي، کائڻ واري جاءِ جو ماحول ۽ کارائڻ وارا به صاف سٿرا هجن ۽ ساڳي ساڳي کاڌي بدران تبديلي به ٿيندي رهي. سو انهن مڙني ڳالهين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪيترا ڪم پاڻ ڪرڻا پون ٿا، ڇو جو هتي هڪ هڪ ماڻهوءَ جو ڳرو پگهار ٿئي ٿو. ڪنهن به ڳالهه ۾ سستي ۽ بي خيالي ڪرڻ سان نقصان پئجيو وڃي. سو ڪڏهن ڪڏهن 18 ڪلاڪ به ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
    “هينئر ته هن علائقي ۾ ايترا سارا فقط کاڌي جا دڪان آهن، ان کان علاوه سوين ٻين شين جا دڪان آهن. جڏهن توهان هتي آيائو ته ڪيترا دڪان هئا؟” مون ميان عزيز کان پڇيو.
    “آئون هتي ٽيون ڄڻو هوس. مون جڏهن 1987ع ۾ گروسريءَ جو دڪان کوليو ته هتي فقط ٻه دڪان هئا. هڪ ڊراءِ ڪلينر جو ۽ هڪ سوناري جو.” شيزان هوٽل جي مالڪ ميان عزيز ٻڌايو ته سندن تعلق پنجاب جي شهر لاهور سان آهي.
    “I am a Pakistani but I consider this my Country, too. I am now Pakistani who call America home.”
    (آئون پاڪستاني آهيان پر آئون آمريڪا کي پنهنجو ديس سمجھان ٿو. هاڻ آئون اهو پاڪستاني آهيان جيڪو آمريڪا کي پنهنجو گهر سمجھي ٿو.)


    اهو ڪيئن ٿا چئو ته مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن.

    اسان وٽ جمعي نماز تي مولوي اڙدو يا سنڌيءَ ۾ واعظ ڪندو آهي، ان بعد چار رڪعتون سنت نماز پڙهڻ لاءِ پنج مٽ کن ڏيندو آهي ۽ پوءِ عربيءَ ۾ خطبو پڙهندو . پر هتي واعظ بعد يڪدم خطبو ۽ پوءِ نماز شروع ٿئي ٿي. سو پهرين دفعي مونکان سنتون رهجي ويون ۽ هتي واعظ لاءِ ڪو به مولوي مقرر ناهي. پڙهندڙن مان ئي ڪو اٿي انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پوءِ پاڻ يا ڪو ٻيو نماز پڙهائي ٿو. انگريزيءَ ۾ ان ڪري جو هتي فقط اڙدو سمجھڻ وارا نٿا اچن. چوڌاري نظر ڦيرائڻ سان عرب ملڪن جا، خاص ڪري عراق، مصر ۽ لبنان جا آفريڪا جي ملڪن سوڊان، ڪينيا، نائيجيريا سميت فار ايسٽ جي ملڪن ملائيشيا، ٿائلنڊ، انڊونيشيا، فلپين وغيره جا ماڻهو به نظر اچن ٿا. البته گهڻائي بنگالين، گجراتين، ڪشميرين، پاڪستانين ۽ مدراسين جي آهي.
    ان ڏينهن ليڪچر ۽ خطبو هڪ ٽيهارو کن سالن جي محمد يوسف نالي هڪ جوان پڙهيو. شڪل شبيهه ۾ ننڍي کنڊ جو ئي لڳو ٿي. هو ڏاڙهي ۽ پينٽ شرٽ ۾ سمارٽ لڳي رهيو هو ۽ جهـڙو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو هو، اهڙي ئي ٺاهوڪي سندس انگريزي ۽ عربي هئي. سندس سڄو ليڪچر قُرآني آيتن تي مبني هو. ماڻهو سڀ پنڊ پهڻ ٿي هن جو واعظ ٻڌي رهيا هئا. گهڻا سال اڳ جڏهن آئون سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪندو هوس، ته ان شهر مالمو ۽ بالٽڪ سمنڊ جي پار ڪوپن هيگن جي مسجدن ۾ مڪاني نو مسلم گورن ۽ ٻين ملڪن، خاص ڪري سائوٿ آفريڪا ۽ آمريڪا کان ايندڙ حبشي ۽ گورن نو مسلم عالمن جا پر مغز ليڪچر ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو. هنن جون ڳالهيون اسان جهڙن رول ۽ جاهل ماڻهن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وينديون هيون. سئيڊن جهڙي يورپي ملڪ ۾ ڪيترا مونکي مڪاني گورا ۽ ٻاهران لڏي آيل Immigrants نظر ايندا هئا، جيڪي اهڙن مولوين بلال فلپ (ڊاڪٽر ابو امينا)، جيفري لئنگ (Jeffery Lang)، چئٽ اسٽيونس (يوسف اسلام)، يوسف ايسٽيس ڊاڪٽر گئري ملر (عبدالاحد عمر)، ويندي اسانجي ننڍي کنڊ جي احمد ديدات، ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ، طارق جميل ۽ ڊاڪٽر اسرار جنجا مالمو ۽ ڀرواري شهر ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ٻڌايل ليڪچرن، ڪيترن غير مسلمانن توڙي مسلمانن کي پيار محبت سان اسلام جي صحيح ڄاڻ ڏني. مونکي به اتي جي پاڙي ۾ رهندـڙ آفريڪا جي هڪ نو مسلم شيدي ڇوڪري حسين ٻڌايو. حسين هڪ عيسائي ۽ سئيڊن جو شهري هو. سندس پيءُ آمريڪن شيدي هو ۽ ماءُ سئيڊش. هو منهنجي اچڻ کان سال کن اڳ بلال فلپ جي رهنمائيءَ ۾ مسلمان ٿيو هو ۽ هن جو وڏو متوالو هو. انهن عالمن بابت مونکي مالمو جي يونيورسٽيءَ جي هندو ڪُليگ پڻ ٻڌايو. “نه نمازون ٿو پڙهين نه روزا ٿو رکين” ڪئپٽن وجي مونکي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ هڪ ڏينهن چيو، “تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو ٿورو ئي فرق آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ مون سان گڏ هل ته اسلام بابت انهن آمريڪن ۽ آفريڪن عالمن جون ڳالهيون ٻڌي اچون.” هڪ هندو دوست جي اهو چوڻ تي توهان خود سوچيو ته منهنجي جيءَ کي ڪيڏي جهنجوڙ آئي هوندي. پهريون دفعو سخت شرمندگي محسوس ڪئي هيم. هڪ غير مسلمان ان کي چئي رهيو هو جيڪو پاڻ کي اسلامي ملڪ جو مسلمان ٿو سڏائي. وجي کڻي مسلمان نه هو ۽ نه ويجھڙائيءَ ۾ کيس مسلمان ٿيڻ جو ارادو هو، پر هن کي مختلف مذهبن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي هر وقت هورا کورا هوندي هئي.
    اڄ سوچيان ٿو ته اهي عالم ۽ داعي ئي آهن جن ذريعي خبر ناهي ڪيترا مون جهڙا دين کان گهٽ واقف ۽ گنهگار صحيح راهه ٿا سڃاڻن ۽ انهن ديندار ماڻهن کي شاباس هجي، جيڪي دين جي راهه ۾ پنهنجو پئسو ۽ وقت قربان ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مغرب جا اهي عالم مونکي اڄ جي دور جا نظام دين اولياءَ ۽ معين دين چشتي وانگر لڳندا آهن، جن پنهنجا وطن ڇڏي ڌارين ديسن ۾ اڻ ڄاڻ ماڻهن کي اسلام جي روشني بخشي. انهن مان ڪجهه جو خاص ڪري جن جو هن ملڪ (USA) سان واسطو آهي، مختصر احوال آمريڪا جي سفرنامي جي ٻئي ڪتاب “بخشو لغاري کان بالٽيمور” ۾ ڪبو ۽ مونکي ڪڏهن ڪڏهن اهو به محسوس ٿيندو آهي ته اسان پاڻ کي ميان مٺو سمجھي، ٻي تي الزام هڻڻ تي ڪيڏي ته جلدي ڪريون ٿا. ان “Holier than thou” واري ڪلچر هيٺ اسان پنهنجو پاڻ کي ٻئي کان بهتر سمجھڻ جي خود ئي سند ڏيون ٿا ۽ اهو فئشن ٿي پيو آهي ته هر برائي جي تهمت مغرب تي هڻون ٿا. پر هي جيڪي يوسف اسلام، عبدالاحد عمر، جيفري لئنگ، ابو امينا ۽ ٻيا انهن جهڙا بزرگ آهن، اهي گورا ۽ مغرب جا ئي ته ماڻهو آهن، جن نه رڳو پاڻ اسلام قبول ڪيو آهي، پر ٻين کي به ان جي حقيقت ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ دعوت اسلام ۾ پنهنجي جان ۽ مال ڏيندا رهن ٿا. فرانس، انگلينڊ، آمريڪا ۾ ڏسو ته ڪيڏي رفتار سان مسجدن جو تعداد ۽ نمازين جو تعداد وڌي رهيو آهي. تڏهن ته ورجينيا ۾ رهندڙ منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ (جنهن جو اصل ڳوٺ قاضي احمد هو) محمد سميع هتي جي هڪ آمريڪن دوست کي کلندي چيو، “توکي خبر آهي ته دنيا تي هڪ ڏينهن مسلمان حڪومت ڪندا.” اڳلي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، “اڙي توهان جهڙا پاڪستاني جيڪي نه ته سائنس ۾ نه وري ٽيڪنالاجيءَ ۾ هوشيار آهيو، اهي دنيا تي حڪومت ڪندؤ؟ اڃا به اسان آمريڪن نالي چئي سگهين ٿو.”
    سميع هن کي بجو ڏيندي ... اهڙيون ڪيئي شيون هن هتي گورن ۾ Introduce (متعارف) ڪيون آهن، چيو، “ڀيڻان آئون پنهنجي لاءِ ڪڏهن ٿو چوان. آئون مسلمانن لاءِ ٿو چوان. هڪ ڏينهن توهان سڀ آمريڪن اسلام قبول ڪندؤ ۽ توهان ئي دنيا تي Rule (حڪومت) ڪندؤ ... بلڪ هينئرئي ڪري رهيا آهيو ۽ آمريڪا ۾ جيڪو مذهب سڀ کان تکي رفتار سان پکڙجي رهيو آهي، اهو اسلام آهي.”
    بهرحال اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، جيستائين اسلام جو تعلق آهي، هتي آمريڪا ۾ به مسلمان آهن، هتي به مسجدون آهن، هتي جا مڪاني نو مسلم يا ڌارين ملڪن کان آيل Immigrant مسلمان سڪون سان نمازون پڙهن ٿا. سندن ٻار ديني اسڪول ۾ قرآن جي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ هروڀرو اهو چوڻ ته مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن، ڪجهه عجيب ٿو لڳي.


    امام صاحب FBI جو ماڻهو هو

    بهرحال اڄ وڏي عرصي کانپوءِ سٺي انگريزيءَ ۾، هڪ سٺو دل وٽان ليڪچر ٻڌڻ جي سعادت حاصل ٿي ۽ پوءِ ٻئي جمعي تي آيس ته محمد يوسف اسان سان گڏ ويٺو هو ۽ هڪ ٻئي همراهه جيڪو مصر جو هو، ان ليڪچر ڏنو. ان جو به اهڙو ئي دل تي اثر ڪرڻ وارو ليڪچر هو ۽ پوءِ هر دفعي ڪنهن نئين نمازيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ جو موقعو مليو ٿي. مون سمجھيو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ڪٿان آيا ايڏا مسلمانَ ۽ جي آهن ته انهن کي ڪهڙي فرصت ۽ ڪهڙي دلچسپي مذهب سان. پر اهو گهڻو اڳ جو دور هو جڏهن هتي آمريڪا ۾ اسان جا نواب ۽ جاگيردار آيا ٿي، جن کي واقعي مذهب سان دلچسپي نه هئي. انهن کي فقط شراب ۽ عورت جي قسمن جي ڄاڻ هوندي هئي، جن کي فقط جوا خانن ۽ آندل پئسن خرچ ڪرڻ جي اون هوندي هئي، پر هاڻ جو دور مختلف نظر اچي رهيو آهي. مون سمجھيو ٿي ته ٽي وي توڙي ڪمپيوٽر انسان کي مذهب کان اڻ ڄاڻ ڪري ڇڏيندا، پر جتي انهن شين معاشري ۾ خرابيون پئدا ڪيون آهن، اتي انهن ماڻهن کي اخلاق ۽ ethic به سيکاريو آهي. مذهب جي صحيح ڄاڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي راهه به ڏيکاري آهي. نماز کان اڳ هڪ همراهه چادر کڻي مسجد لاءِ چندو گڏ ڪيو. هر هڪ پنهنجي حيثيت آهر ان ۾ وڌو ۽ ان ۾ ڪيترا مروڙيل سرروڙيل هڪ، پنجن يا ڏهن جا نوٽ گڏ ٿي ويا. هڪ ٻه سؤ جا به نوٽ هئا. هن مسجد جي ڪميٽيءَ جي چيئرمين اها خوش خبري ٻڌائي ته نمازين جي چندي مان پنج لک ڊالر (اٽڪل ٽي ڪروڙ رپيا) گڏ ٿي ويا آهن ۽ هنن گذريل آچر تي هتي جي علائقي ۾ مسجد لاءِ زمين خريد ڪئي آهي ۽ اهو هڪ پراڻو گرجا گهر آهي، جيڪو مالڪ اسان کي وڪڻي ڏنو آهي. ان سان گڏ پارڪنگ جي به وڏي Space جاءِ آهي. ياد رهي ته هتي آمريڪا ۾ توڙي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ عيسيائين جا چرچ (گرجا گهر) ماڻهن جي ذاتي ملڪيت هجي ٿي، جنهن کي هو جنهن وقت چاهين وڪڻي سگهن ٿا. منهنجي نيو جرسي ۾ هجڻ دوران هر هفتي جمعي نماز تي ان خريد ڪيل زمين ۽ ان تي مسجد جي اڏاوت جي ڪم جو نمازين کي ٻڌايو ويو ٿي. مسجد ٺهڻ ڪري ان جي اوسي پاسي وارن پلاٽن ۽ گهرن جي قيمت راتو رات چوٽ چڙهي ويئي. جو هر هڪ مسلمان چاهي پاڪستاني هجي يا انڊين، مصري هجي يا ملائيشين پنهنجو پراڻو گهر وڪڻي مسجد جي ڀرسان وٺڻ چاهي ٿو، جيئن هن کي نماز پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ سندس ٻارڙن کي مسجد ۾ وڃي قرآن ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. هتي رهندڙ اڄ جو پاڪستاني توڙي هندستاني اهو ٿو چاهي، ته ٻارن کي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي دين ڌرم ۽ ڪلچر کان واقف ڪجي، جيئن هو وڏا ٿي هتي جي خرابين ۾ لڙهي نه وڃن.
    هر جمعي نماز بعد مسجد جي نئين امام سان ملي خبرچار ورتم ٿي ۽ هن جي تصوير پڻ ڪڍيم ٿي. هر هڪ وڏيءَ دل سان مليو ٿي، سواءِ پهرين ڏينهن واري محمد يوسف جي، جنهن فوٽو ڪڍائڻ کان پهرين ڪيٻايو پر پوءِ راضي ٿيو. هن ٻڌايو ته هو هاڻ آمريڪن شهري آهي. سندس مادري زبان گجراتي آهي. هن جا وڏا انڊيا جي گجرات صوبي جي شهر ڪاٺياواڙ کان گهڻو اڳ هتي آيا ۽ سندس والدين جا ڪيترائي ميمڻ مائٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ رهن ٿا.
    ڪجهه عرصي کانپوءِ مونکي خبر پيئي ته هن جو تعلق هتي جي FBI ڊپارٽمينٽ سان آهي. سو ظاهر آهي اهڙي کاتي سان تعلق رکندڙ کي هر هڪ سان فري ٿي ملڻ کان پرهيز ڪرڻي پوي ٿي. هڪ جمعي تي اعلان دوران هن صاحب اسان جي ۽ هن ملڪ جي ڀلي خاطر اسان کي سمجھايو ته جڏهن به ڪو پوليس يا آمريڪا جي جاسوسي ڊپارٽمينـٽ جو آفيسر ڪنهن ڳالهه تان شڪ ۾ اچي، اسان کان سوال جواب ڪري، ته هن کي هر ڳالهه صحيح صحيح ٻڌائڻ کپي. “جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا ته توهان جي انگريزي ايڏي سٺي نه آهي يا توهان کي سوال ڪندڙ آفيسر جي انگريزي سمجهه ۾ نٿي اچي، ته توهان پنهنجي ڪنهن دوست يا وڪيل کي گهرائي سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن توهان وڪيل جي في افورڊ نٿا ڪري سگهو ته توهان سرڪار جي خرچَ تي وڪيل جي گُهرَ ڪري سگهو ٿا. پر هر حالت ۾ ڪا به ڳالهه لڪائڻ يا غلط بيان ڪرڻ کان گريز ڪيو، ڇو جو پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي ڪيترا معصوم ئي ثابت ٿين ٿا پر ڪوڙ ڳالهائڻ تي هنن کي سزا اچيو وڃي. ڪالهه هڪ همراهه جيڪو جيتوڻيڪ بي ڏوهي هو، پر ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ ڪورٽ هن کي ڇهه مهينا جيل ڏئي ڇڏيو.”


    سنڌ ۾ ڪو بزنيس ڪري نه سگهندين

    نديم جوڻيجي کي مونکي سڃاڻڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي، ڇو هن مسجد جي جماعيتن ۾ آئون ئي نئون نئون هوس. “سائين امداد جوڻيجي جا فرزند آهيو؟” مون کانئس پڇيو. وار اڇا ٿي وڃڻ ڪري هو پنهنجي عمر کان وڏو پئي لڳو، نه ته سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر منير به اسان کان گهڻو ننڍو آهي. ان بعد سندن ڀيڻ قديسه آهي جنهن جي شادي اسانجي جهازي دوست ۽ هاڻ اينگرو ۾ سينيئر آفيسر واجد جوڻيجي جي وڏي ڀاءُ عابد جوڻيجي سان ٿي. (عابد پاڪستان اسٽيل مل ۾ انجنيئر هو. هاڻ ڪجهه سالن کان يوڪرين ۾ رهي ٿو.)
    “نديم مونکي لڳي ٿو ڪم جي پريشر ڪري وار جلد اڇا ٿي ويا اٿوَ” مون کيڪاريندي چيومانس، “ظاهر آهي هتي جون نوڪريون پاڪستان جي نوڪرين وانگر عياشيءَ واريون نه آهن ۽ بئنڪنگ ته اهڙو جاب آهي، جيڪو اسان وٽ به سخت ترين سمجھيو وڃي ٿو.”
    “شايد اهو به سبب هجي” نديم به مرڪندي چيو.
    “مڙيئي خير آهي. اڇا وار ٿيڻ مڙيئي خير آهي، پر ڪير گنجو نه ٿئي.”
    “ڇو ڀلا؟” نديم پڇيو.
    “ڇو ڀلا! سوچڻ جي ڳالهه آهي. ههڙن ملڪن ۾ جتي هر وقت برف ۽ ڳڙا پيا وسن، اتي گنجي کان وري به اڇن وارن وارو وڌيڪ Safe آهي.” مون چيومانس.
    جيئن عام چوندا آهن ته “دس ورلڊ از ويري سمال” (هيءَ دنيا ڏاڍي ننڍڙي آهي) شيزان هوٽل واري هن مسجد کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ ٻيو نمازي اچي مليو.
    “اڙي حميد صاحب! توهان؟” مون سڃاڻندي تعجب مان پڇيو مانس. هو جهازن جو ريڊيو آفيسر آهي، ڪجهه سال اڳ به منهنجي هن سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي، جتي سندس جهاز آيل هو” جهاز نيوارڪ بندرگاه ۾ آيو آهي ڇا؟” مون پڇيومانس.
    “نه چيف صاحب، سامونڊي زندگيءَ تي پاڻ ڪڏهوڪو ٽي قل پڙهي ڇڏيا.” هن وراڻيو.
    “ڇا مطلب؟” مون پڇيو.
    “آمريڪا ۾ اچي اچي مون محسوس ڪيو ته هي ملڪ اهو آهي جتي منهنجو پنهنجو ۽ منهنجي اولاد جو مستقبل Secure آهي. جتي آئون جيتري گهڻي محنت ڪندس اوترو گهڻو اجورو حاصل ڪري سگهندس. منهنجا ٻار به هتي جوي آزاد فضا ۾ رهي تعليم حاصل ڪري سگهندا. اهو سوچي ٽي سال کن اڳ هتي اچي بزنيس Setup ڪيم ۽ الله جي فضل سان خوش آهيان.” هن چيو.
    “پر ايترو پئسو پنهنجي ملڪ ۾ به ته لڳائي سگهئين ٿين. اجايو هن عمر ۾ پرديس جي اوپري ماحول ۾ رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟” مون پڇيومانس.
    “بلڪل صحيح ٿا چئو. هيترا سال جيڪي ڪمايم، پهرين ڪراچيءَ ۾ لڳايم، پر پنهنجي ملڪ ۾ ڪا شيءِ آسان ناهي. ڏهه ايجنسيون واڳونءَ وارو وات پٽيو ويٺيون آهن، جيڪي بزنيس مئن کي ڦريو فقير ڪريو ڇڏين. ڪو سيفٽي ڊپارٽمينٽ کان پيو اچي ته خرچي ڪراءِ ته ڪو ليبر ڊپارٽمينٽ کان. پوليس کاتي جا ماڻهو الڳ خرچيءَ جي گهر پيا ڪن، ته سياسي پارٽيون الڳ. ان کان علاوه علائقي جي غنڊن کي ڌار ڀتو ڏي. دوستن سمجھايو ته ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه ڌنڌو هلائي سگهندين نه فيڪٽري، ڪارخانو ۽ نه وري زمينداري ڪري سگهندين بهتر اهو آهي پنجاب هليو وڃ.”
    “پوءِ؟”
    “پوءِ مون سوچيو ته ان کان هيڏانهن هليو اچان. هينئر مون وٽ هتي جو گرين ڪارڊ آهي، ڄاڻ ته پاسپورٽ به مليو. هتي گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙا غريب سڪون جي ننڊ ته ڪن ٿا. ائين ته نه آهي جو ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي اچن، ٻار اغوا ٿي وڃن يا مسجد ۾ گوليون هلن.”


    حبيب آمريڪن بئنڪ جو سنڌي مئنيجر

    نديم جوڻيجو سان ان ڏينهن ته وڌيڪ خبرچار نه ٿي سگهي، جو کيس پنهنجي بئنڪ ۾ وڃڻو هو ۽ هفتي جو آخري ڏينهن هو. هتي ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر سو موڪل ٿئي ٿي، باقي هفتي جا پنج ڏينهن هر هڪ کي گڏهه وانگر پورهيو ڪرڻو پوي ٿو، چاهي ڪلارڪ هجي يا وڏو آفيسر. نديم گذريل ٻارهن تيرهن سالن کان هتي جي حبيب بئنڪ ۾ ڪم ڪري ٿو جيڪا “حبيب آمريڪن بئنڪ” جي نالي سان سڏجي ٿي. هيءَ بئنڪ پاڪستان جي حبيب فئمليءَ وارن نيويارڪ ۾ 1983ع ۾ کولي، ان بعد ڪئنس Queens ۾ 75 ايونيو تي کوليائون ۽ پوءِ لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) ۽ هتي اسيلن (ايڊيسن) ۾. هن بئنڪ کولڻ ۾ حيدرآباد جي هڪ سنڌي بئنڪر اي . اي عباسيءَ جو به وڏو هٿ آهي. جيڪو هن بئنڪ (HAB) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۾ سينئر ڊائريڪٽر آهي ۽ هن بئنڪ جي انتظاميه جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) آهي. پاڻ نيويارڪ ۾ ئي رهي ٿو. بئنڪ جا مالڪ حيدر حبيب (چيئرمين) ۽ رضا حبيب جيڪو وائيس چيئرمين آهي. هن ئي فئملي جي الحبيب بئنڪ ۽ حبيب بئنڪ AG زيورچ آهي، جيڪا 1967ع ۾ سئٽزرلينڊ ۾ کولي وئي ۽ هاڻ هن جون شاخون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. ڪراچيءَ ۾ پڻ ان جي وڏي برانچ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بمبئي هوٽل جي سامهون آهي، جنهن هوٽل ۾ ڪاوش اخبار وارن جي آفيس پڻ آهي. بئنڪنگ ۽ بزنيس ۾ هن فئمليءَ جي ايمانداريءَ جو جواب ناهي. 1947ع ۾ جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ته حبيب وارا ماڻهن جون امانتون پاڪستان کڻي آيا ۽ ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ کولي، هڪ هڪ اڪائونٽ هولڊر کي ڳولي هن جو حساب چڪتو ڪيائون. هن فئمليءَ جو ڏٺو وڃي ته بئنڪنگ ۽ بزنيس سان تمام پراڻو واسطو آهي. هنن پهرين ٽامي ۽ پتل جي ٿانون ٺاهڻ جو ڌنڌو 1841ع ۾ شروع ڪيو، جنهن جو باني حبيب اسماعيل هو، جنهن جي فَر جي گول ٽوپيءَ سان تصوير توهانکي هنن جي ڪيترن ئي بئنڪن ۽ آفيسن ۾ نظر ايندي ۽ پوءِ اهو بزنيس وڌندو وڌندو Trade finance ۽ مرچنٽ بئنڪنگ ۾ تبديل ٿيو ۽ ڪاميابيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهندو 1941ع ۾ مڪمل ڪمرشل بئنڪ جو روپ اختيار ڪيو. 1947ع ۾، جيئن مٿي لکيو اٿم. هيءَ بئنڪ ڪراچيءَ شفٽ ٿي. ڪراچيءَ ۾ ميڪلوڊ روڊ (آءِ آءِ چندريگر روڊ) تي سندسن 28 ماڙ هيڊ آفيس پاڪستان جي پهرين اوچي عمارت هئي.
    حبيب اسماعيل جي وفات بعد ڪاروبار جي سار سنڀال جي ذميواري سندس پٽ محمد علي حبيب تي آئي، جنهن هڪ قابل ۽ ذهين بزنيس مئن هجڻ ڪري، حبيب بئنڪ کي وڏي ترقي وٺرائي. 1974ع ۾ پاڪستان جي بئنڪن کي قومي ملڪيت ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ حبيب بئنڪ جون پاڪستان ۾ 927 برانچون ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 42 برانچون پڻ هليون ويون. سڄي حبيب فئملي وٽ فقط “حبيب بئنڪ AG زيورچ” رهجي وئي، جيڪا سئٽزرلينڊ ۾ هئي. حبيب خاندان کي هڪ دفعو وري نئين سنئينءَ محنت ڪرڻي پيئي. هو هڪ دفعو وري همت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ۾ جنبي ويا ۽ رب پاڪ هنن جي مدد ڪندو ويو ۽ اڄ اها بئنڪ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آهي. ان کان علاوه هيءَ حبيب آمريڪن بئنڪ آهي، جنهن جون برانچون اڃا فقط USA ۾ آهن. هن بئنڪ (جنهن جي هڪ برانچ Islin (ايڊيسن) ۾ آهي جنهن جو مئنيجر نديم آهي) جو ڪيترائي پراڻا ۽ قابل بئنڪر انتظام هلائين ٿا، جن ۾ عباسي صاحب کان علاوه سليم اقبال، مرزا اعجاز حسين، رضوان قريشي، امتياز ٿويراني ۽ جاويد ڪريم جهڙا شامل آهن.


    نديم جوڻيجو ۽ سندس زال سميرا قاضي

    نديم جوڻيجو وارن جي فئمليءَ ۾ نديم کان علاوه سندس ننڍو ڀاءُ نسيم جنهن MBA ڪئي آهي، بئنڪنگ ۾ آهي ۽ ڪراچيءَ جي ABL بئنڪ جو مئنيجر آهي. سندس ويجھڙائيءَ ۾ شآدي اسانجي پياري دوست امان الله پٺاڻ جي ڌيءَ افشان سان ٿي آهي ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ شميم ڪئناڊا ۾ رهي ٿو، جتي سندن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي وارو Radiologist ڀاءُ ڊاڪٽر منير پڻ رهي ٿو. سائين امداد جوڻيجو صاحب جي ڇهن ٻارن ۾ آخري ۽ ننڍي هما آهي، جنهن جي ڪجهه مهينا اڳ نويد قاضيءَ سان شادي ٿي هئي.
    نديم جوڻيجو جي دعوت ۾ چڱن ماڻهن سان ملاقات ٿي وئي، جيتوڻيڪ مون نٿي چاهيو ته کيس مانيءَ جي تڪليف ڏجي، پر بقول سندس ته ماني هڪ بهانو آهي هڪ
    Get together جو. ۽ جتي مونکي اچڻ ۾ سستي پئي ٿي اتي پهچڻ بعد مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. مسطوران (منهنجي زال) ۽ منهنجي ڌيءَ مريم کي به هتي اچي پنهنجائپ محسوس ٿي، جو نديم جي گهر پهچي خبر پيئي ته سميرا (نديم جي زال) امام علي قاضي صاحب جي ڌيءَ آهي. امام علي صاحب سان منهنجي والد گل محمد شيخ ۽ منهنجي سهري مظهر حسين گھلوءَ جي ڪافي دوستي هوندي هئي. ڪجهه عرصو گڏجي وڪالت به ڪيائون. ان کان علاوه سميرا (جنهن کي گهر ۾ هني ٿا سڏين) جي پڦي ڊاڪٽر نرگس فاروقي اسان سان گڏ ڪيترائي سال ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهي. اسان کان علاوه ٻي ڊاڪٽر نرگس ئي هئي جنهن سنڌي ڳالهايو ٿي ۽ منهنجا ٻار شام جو هن وٽ وڃي هوم ورڪ ڪندا هئا. اهو چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو ته پاٽ جا ماڻهو جن ۾ جوڻيجا، قاضي ۽ انصاري اچي وڃن ٿا، تعليم جي معاملي ۾ گهڻن کان اڳ نڪتل آهن. تعجب ٿو لڳي ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جا رهاڪو ٿي ڪري، جڏهن ان وقت نه روڊ رستا هئا نه ٽيليفون بجلي، هن ڳوٺ جي نه فقط مرد اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پر عورتن پڻ ۽ سو به سائيڪلاجي، مائڪرو بايولاجي، پئٿالاجي ۽ سرجري جهڙن سبجيڪٽن ۾ ۽ گهڻو ڪري ڊاڪٽوريٽ ليول تائين. اڄ جي نوجوانن کي جن کي پڙهڻ ۽ محنت کان تپ چڙهندو آهي، انهن کي امام علي قاضي صاحب جي ڀائرن ڀيڻن (يعني سميرا جي چاچن ۽ پڦين ۽ ڏاڏي غلام مرتضيٰ قاضي صاحب) جي تعليمي جاکوڙن بابت ٻڌائيندو آهيان، ته هنن ڪيڏي جفاڪشي ڪئي. اڄ به اسان جا سڀ سنڌي ائين ڪن ته سنڌ علم ۾ سڀ کان اڳڀري مڃي وڃي. هتي پڙهندڙ لاءِ هن فئملي جو مختصر احوال چند سٽن ۾ لکندس. ٿي سگهي ٿو اڄ جو نوجوان فخر محسوس ڪري ۽ ٻين جي محنتن مان اتهاس حاصل ڪري سگهي.
    نديم جي زال سميرا جو والد صاحب جسٽس امام علي هڪ قابل وڪيل ۽ جج ٿي گذريو آهي. کيس ٻه پٽ شهزاد ۽ نويد (آمريڪن ايڪسپريس ۾ ڊائريڪٽر) هڪ ڌيءَ سُميرا آهي. امام علي قاضي صاحب ڀائرن ۾ وڏو هو، پر کانئس وڏي هڪ ڀيڻ سعيدا هئي، جنهن جو گهر وارو قُريشي صاحب جيڪو انجنيئرنگ ۾ Ph.D هو، يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو هو. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر شفيع قريشي LMC جو پرنسپال ۽ پوءِ هيلٿ سيڪريٽري به ٿيو. ان بعد ڊاڪٽر نورجهان قريشي آهي، جيڪا هتي آمريڪا ۾ پئٿالوجسٽ آهي ۽ پوءِ پروفيسر شاهين قريشي خاتون پاڪستان ڪاليج ۾ سائڪالوجي جي پروفيسر آهي ۽ پوءِ پٽ ڊاڪٽر سعيد قريشي FRCS آهي ۽ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ سرجريءَ جو پروفيسر آهي ۽ ننڍو پٽ ڊاڪٽر منير قريشي جيڪو پڻ FRCS آهي، لياري جنرل اسپتال ۾ اکين جي شعبي جو انچارج آهي.
    جسٽس امام عليءَ کان پوءِ ڊاڪٽر حيدر علي آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين گدو واري اسپتال ۾ سائڪيٽرسٽ هو ۽ سندس زال ڊاڪٽر ناصر LMC ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال هئي. اڄ ڪلهه جي خبر نه اٿم ته آيا هو حيدرآباد ۾ آهن يا ڪراچيءَ ۾. کين ٻه ٻار آهن ڊاڪٽر سائره قاضي جيڪا ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ سندس شادي فيروز جوڻيجو سان ٿي آهي ۽ ٻي ڊاڪٽر امبر آهي، جنهن جي شادي امام علي قاضي صاحب جي وڏي پٽ شهزاد سان ٿي آهي.
    ڊاڪٽر حيدر کانپوءِ جسٽس اختر قاضي آهي. پاڻ سنڌ جا چيف منسٽر به ٿي رهيا آهن سندن گهرواريءَ جو نالو نسيم قاضي آهي، کين ڪو به اولاد نه ٿيو.
    ان بعد محموده نالي ڀيڻ آهي، جيڪا ايم اي ايڪانامڪس ۾ آهي ۽ هڪ ملٽي نئشنل فرم اوپل لئبارٽريز جي مئنيجريس آهي. سندس شادي کٽياڻ ڳوٺ جي زميندار خير محمد کٽياڻ صاحب سان ٿي. کين ٽي ڌيون؛ ڊاڪٽر سهيلا، ڊاڪٽر عديله ۽ نبيلا (مائڪرو بايولاجسٽ) ۽ هڪ پٽ قبول محمد آهي، جيڪو MBA ڪرڻ بعد پنهنجي بزنيس ۽ زمين کي سنڀالي ٿو.
    محموده ڀيڻ بعد ڊاڪٽر حفيظان آهي، جنهن مئٿس ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. سندس گهروارو ڊاڪٽر يحيٰ ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي کين ٽي ٻار، ڊاڪٽر معين، ڊاڪٽر عطيا ۽ ڊاڪٽر عائشه آهي، جن سڀني Ph.D ڪئي آهي.
    امام علي قاضي صاحب جي انهن ٻن ڀيڻن بعد چار ڀائر آهن، پروفيسر آصف قاضي جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر واري ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. ان بعد مظفر قاضي هو، جيڪو 21 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس هسٽري ۽ سوشالاجي ۾ M.A ٿيل هئي ۽ سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ لياقت قاضي آهي، جنهن پئٿالوجي ۾ M.Phill ڪئي آهي ۽ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي جي پئٿالوجي ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي.
    آخر ۾ سڀ ۾ ننڍي ڊاڪٽر نرگس آهي، جنهن جي شادي اسان جي ڪليگ ڪئپٽن عرفان فاروقيءَ سان ملائيشيا ۾ ٿي. هي ٻئي ڄڻا ساڳي جهاز سفينه حجاج تي پڻ نوڪري ۾ هئا. ڊاڪٽر نرگس هن حاجين جي جهاز تي ميڊيڪل آفيسر هئي ۽ ڪئپٽن فاروقي نيويگيشن سائيڊ تي. شادي بعد هنن ڪجهه سالن لاءِ ملائيشيا ۾ پڻ نوڪري ڪئي. ڪئپٽن فاروقي اسان سان گڏ ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ پروفيسر هو ۽ ڊاڪٽر نرگس ملاڪا شهر جي جنرل اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر. ڊاڪٽر نرگس MCPS آهي ۽ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سينيئر رجسٽرار سان گڏ HIV جي علاج جي سڄي سنڌ صوبي جي ڊائريڪٽر آهي. کين ٻه ٻار آهن. ڌيءَ عرفانا جيڪي ملائيشيا ۾ ڄائي ۽ پٽ اشهد جيڪو ڪراچيءَ ۾ڄائو.


    هميراڻي صاحب ٻارن سان ملڻ لاءِ آمريڪا آيو هو

    نديم جوڻيجو هن دعوت ۾ ڪجهه ٻين به دوستن کي گهرايو هو، جن مان ڊاڪٽر علي ابڙو، ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ سندس ننڍو ڀاءُ انجيئر مسرور راڄپر، ڊاڪٽر هميراڻي وغيره جيڪو نيو جرسي ۽ ڀرواري رياست نيويارڪ ۾ رهن ٿا، ٻارن سميت اچي نڪتا. ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ ڊاڪٽر ڪامران هميراڻي انهن چند خوشنصيب ڊاڪٽرن مان آهي. جيڪي هتي آمريڪا ۾ به ان فيلڊ سان وابسته آهن، جنهن ۾ هنن پنهنجي ملڪ ۾ ڊگري حاصل ڪئي يعني ميڊيڪل ڊاڪٽر آهن ۽ هتي ڊاڪٽري ئي ڪري رهيا آهن، نه ته اسانجا گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر پنهنجي پروفيشن کي ڇڏي، هتي ٻي جاب ڪندا رهن ٿا. پوءِ ڪي مجبوريءَ ڪري جو هنن کي پنهنجي فيلڊ ۾ نوڪري نه ملي يا جنهن ڪاليج يا يونيورسٽي مان هو گريجوئيشن ڪري آيا، انهن کي هتي آمريڪا ۾ recognize نٿو ڪيو وڃي. ڪي ته پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجو اصل پروفيشن ڇڏي ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي ويا، جو هنن کي ان ۾ وڌيڪ چارم نظر آيو، وڌيڪ مزو آيو، هنن کي ان ۾ وڌيڪ ڪاميابي نظر آئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته انهن مان گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويا آهن. ان ڳالهه تي تعجب پڻ لڳي ٿو ته هڪ همراهه جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ ڪجهه سالن لاءِ ڊاڪٽر يا انجنيئر يا سرڪاري ڪامورو ٿي رهيو، اهو هتي آمريڪا ۾ پنهنجي ان نوعيت واري جاب کان بلڪل 180 ڊگريون مخالف طرف واري فيلڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ويو.
    ٿئي هيئن ٿو ته سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي آمريڪا ۾ آيل هر نئين ماڻهوءَ کي (پوءِ اهو پنهنجي ملڪ ۾ کڻي هڏ حرام سرڪاري ڪامورو هجي، زميندار جاگيردار هُجي يا ڊاڪٽر، انجنيئر) هتي اچڻ سان پهرين Odd جابس (پورهيا) ڪرڻا پون ٿا، جهڙوڪ سيڌي جي اسٽورن ۽ پيٽرول پمپن تي مزوري ڪرڻ، ڪنهن هوٽل ۾ بئرو يا ڪاسائي ٿي ڪم ڪرڻ، ڪنهن اسڪول، بئنڪ يا آفيس ۾ چوڪيداري ڪرڻ وغيره. اهو ان ڪري جو هتي ڪنهن لاءِ به ٺهيل ٺڪيل نوڪري رکي نه آهي. هر شيءِ مهانگي آهي ۽ زندهه رهڻ لاءِ پهرين ڏينهن کان پورهيو ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. دوست يا مائٽ وڌ ۾ وڌ کڻي مهينو ڏيڍ پاڻ وٽ رهائيندو ۽ هفتو اڌ ماني کارائيندو. ان کانپوءِ ته سڀ ڪجهه پاڻ ئي ڪرڻو پوي ٿو، جو ٻئي تي بار وجھڻ سٺو ناهي. آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ جتي هر هڪ مشغول آهي، ڪو ٺلهي اخلاقي مدد (مورل سپورٽ) ڪري ۽ رهنمائي ڪري ته اها ئي هن جي مهرباني آهي. بهرحال شروع جا ڪجهه مهينا Survive ڪرڻ لاءِ مختلف ۽ Odd (ڏکيا) ڪم ڪرڻ دوران ڪن کي اهي سٺا ۽ دل وٽان لڳن ٿا يا وري هنن جي دماغ ۾ اهڙيون Ideas اچن ٿيون، جو هو سمجھن ٿا ته هو ان ۾ ڪجهه تبديليون Modification آڻي بهتر نموني سان هلائي سگهن ٿا. جيئن اسان جي مرچنٽ نيوي جي همراهه هتي جي جهازن تي نوڪري ڳولڻ دوران هڪ ڪمپيوٽرن جي دڪان تي نوڪر ٿي بيٺو. هن اهو محسوس ڪيو ته ڪمپيوٽرن جي دنيا ۾ هتي آمريڪا ۾ وڏو اسڪوپ آهي ۽ ساڳي وقت جهاز هلائڻ لاءِ هن کي چيو ويو ته آمريڪا جا جهاز هلائڻ لاءِ هن کي هتي جو ٻه سال کن جو ڪورس ڪرڻو پوندو، جو هو ان معاملي ۾ انگلنڊ ۽ يورپ جي ڊگرين کي به قبول نٿا ڪن. هن پڙهائيءَ خاطر سڄو سال ڪمپيوٽرن جي دڪان تي صبح جي ڊيوٽي ڪئي ۽ شام جو هڪ اسڪول ۾ ٻي به نوڪري ڪئي، جيئن گهڻي کان گهڻو پئسو بچائي، هتي جي تعليم حاصل ڪري سگهي ۽ پوءِ هن تعليمي اداري ۾ داخلا ورتي، پر جهاز هلائڻ لاءِ نيويءَ جي اداري ۾ نه، پر ڪمپيوٽر جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ. اڄ هو پاڻ هتي جي ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر سائنس پڙهائي ٿو ۽ پنهنجو ڪمپيوٽرن جو فرم اٿس. بقول سندس جهاز هلائڻ ۽ سمنڊن جا ڌڪا کائڻ بدران هي ڪم آسان ۽ دلچسپ آهي.
    ايل ايم سي ڄامشوري جو هڪ ڊاڪٽر جيڪو ڊاڪٽر نور راڄپر کان سال جونيئر آهي، تنهن کي هتي اچڻ سان ڪنهن اسپتال ۾ نوڪري نه ملي، سو في الحال پنهنجو ڊاڪٽري شان وساري هڪ پيٽرول پمپن تي وڃي بيٺو. بدقسمتيءَ سان ڏيڍ سال گذري ويو، پر هن کي ڪنهن اسپتال ڪمپائونڊر به ڪري نٿي رکيو، پر ان عرصي ۾ هو پيٽرول پمپن جي دنيا کان واقف ٿي ويو ته اهي ڪيئن هلائجن، ڪهڙي هنڌ تي کولجن، بئنڪن مان ڪيئن قرض وٺي پيٽرول پمپ لاءِ زمين خريد ڪجي، پيٽرول پمپ سان گڏ ٻيو ڪهڙو دڪان يا هوٽل کولجي وغيره وغيره. اڄ هو پيٽرول پمپن جو ڪامياب مالڪ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا ۾ ڊاڪٽر تمام گهڻو ڪمائين ٿا، پر هي اسان وارو همراهه ايل ايم سي کان آيل سڀني ڊاڪٽرن کان گهڻو ڪمائي ٿو.
    ڊاڪٽر ڪامران هميراڻي ڪراچي ٽيليويزن تان سنڌي ۾ خبرون پڙهڻ واري رشيد هميراڻي جو ڪزن ۽ مئڊم امينا خميساڻيءَ جو ڀاڻيجو آهي. پاڻ پنهنجي زال (ڪرنل رضا جادون جي ڌيءَ) صدف ۽ ٻن ٻارن سان گڏ آيو هو. ساڻس گڏ سندس والد صاحب محمد اسماعيل هميراڻي به هو. محمد اسماعيل هميراڻي صاحب سان منهنجي اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ ٻه چار دفعا انجنيئر محمد علي ٻگھيو صاحب جي گهر ملاقات ٿي هئي. محمد علي ٻگھيو صاحب اسانجي ننڍي ماسي زبيدهه جو مڙس ۽ هميراڻي صاحب هم عمر ۽ پڦاٽ ماروٽ ٿين. تن ڏينهن ۾ اتي فقير جي پڙ ۾ ئي رهيا ٿي. 1991ع وارن سنڌي مهاجر هنگامن ۾ اسانجي ماسيءَ جي ننڍي پـٽ ذوالفقار ٻگھئي (زلفي) جي قتل بعد هي سڀ اتان لڏي گلشن سجاد ۽ صدر ڏي هليا آيا.
    محمد اسماعيل هميراڻي سنڌ جو مشهور وڪيل ۽ علي ڳڙهه جو تعليم يافته آهي جتان 1947ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. پاڻ جوائنٽ لا سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين. سال ۾ مڙيئي هڪ دفعو هيڏانهن آمريڪا جو چڪر هڻي ٻارن سان ملي ويندو آهي. سندس پٽ ڊاڪٽر ڪامران کان علاوه ٻه ڌيئون پڻ هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آهن. وڏي ڊاڪٽر ليليٰ مشيگان ۾ رهي ٿي، جتي سندس مڙس ڊاڪٽر عمران ڪارڊيالاجسٽ آهي ۽ ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر غزالا جيڪا لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، اڄ ڪلهه ڊلاس (ٽيڪساز) ۾ رهي ٿي، جتي سندس مڙس ڊاڪٽر ارشاد نوڪري ڪري ٿو. اسماعيل هميراڻي صاحب جو سڀ ۾ وڏو پٽ پرويز لطيف ۽ هڪ ٻي ڌيءَ نصرت پڻ ڊاڪٽر آهن، پر اهي پاڪستان ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر نصرت جو گهروارو نعيم صمد (ڪرنل صمد جو پٽ) پڻ ڊاڪٽر آهي. هميراڻي صاحب جو ڇهون ٻار پروفيسر ڪوثر آهي، جيڪا پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ شهزاد آخوند جي زال آهي.


    سنڌ جون خبرون خوشيءَ جون نه آهن.

    هن محفل ۾ اسان سڀني ۾ وڏو هميراڻي صاحب هو ۽ تازو ان هفتي حيدر آباد کان آيو هو، سو سنڌ جون خبرون ٻڌائيندو رهيو. سنڌ جون خبرون ڪي خوشيءَ جون خبرون نه هونديون آهن. بقول ڊاڪٽر نور جي سنڌ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر کائي وئي آهي، جتي ڏينهون ڏينهن ڏکن دردن ۾ اضافو ئي ٿيندو رهي ٿو. تعليم جو معيار ڪريل، بيروزگاري، قبيلائي جھيڙا، چوريون، ڌاڙا ۽ اغوائن جو وڌندڙ انگ، پوليس، سرڪاري ڪامورو ۽ تر جو ميمبر وڏيرو جتي ٻين ملڪن ۾ عوام جا دوست هوندا آهن ۽ امن امان قائم رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن، اتي اهي اسان جي غريب ماڻهن جي زندگيءَ سان راڱا ڪن ٿا. دنيا سان ٿي ڀيٽ ڪجي ته جيڪي ويڌن سنڌ جي ڌرتي ۽ اتي جي ديس واسين سان ٿي رهي آهي سا شايد ئي ڪٿي ٿيندي هجي. افسوس جي ڳالهه اها ته سنڌ تي ظلم پراين سان گڏ پنهنجا به ڪري رهيا آهن.
    ۽ پوءِ ڪجهه دير وڌندڙ مهانگائيءَ جي ڳالهه ٿيندي رهي، ته آمريڪا ۾ ڪڏهن به ايڏي مهانگائي نه ٿي، جيڏي هن سال اڌ ۾ ٿي آهي. پيٽرول جيڪو هونءَ چند سينٽن ۾ ملندو هو، اهو اڍائي ڊآلر گئلن ٿي ويو آهي، گاڏي ڪڍندي ڊپ ٿو ٿئي. هتي ته هر دڪان، آفيس، بئنڪ، پوسٽ آفيس، گهر کان گهٽ ۾ گهٽ ميل ٻه پري آهي ۽ گاڏي هلائڻ، يعني پيٽرول ساڙڻ بنا ڪو چارو ناهي.... اهو واقعي وڏو فرق آهي جيڪو آمريڪا (USA) کي ايشيائي توڙي يورپين ملڪن کان نرالو ٿو بڻائي. جپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪراچي، لنڊن، دهلي، بمبئي جهڙن ملڪن ۽ شهرن ۾ پٽ (زمين) جي کوٽ ڪري دڪان دڪانن سان ڳنڍيا پيا آهن پر ويندي سئيڊن، ناروي ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾ جتي زمين جي ڪا کوٽ ناهي، اتي به دڪان، هوٽلون، آفيسون وغيره هڪ ٻئي جي ويجھو ۽ ڳتيل آهن. هڪ ئي هنڌ لهي توهان ضرورت جي هر شيءِ وٺي سگهو ٿا پر آمريڪا ۾ جيڪي ڏهه ٻارهن دڪان هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، اهي به ايڏا وڏا آهن جو هلندي هلندي بُرا حال ٿيو وڃن. ايتري ايراضي (Space) ۾ جپان يا سنگارپور جهڙن هنڌن تي ته سؤ کن دڪان هيٺ ۽ سؤ کن دڪان ۽ آفيسون انهن جي مٿان آهن. اتان ئي سڀ ڪم لاهي بس ۾ گهر اچي نڪر. پر هتي آمريڪا ۾ نيويارڪ، واشنگٽن، بالٽيمور جهڙن چند شهرن کان علاوه ڪٿي آهي بس سروس؟ هر هڪ کي پنهنجي ئي ڪار ڪڍڻي پوي ٿي.
    پر يارو هڪڙي ڳالهه ته سوچيو ته آمريڪا ۾ رهندڙن جو هيڏو پگهار آهي. جو ويندي هڪ مزور جو سڀ کان گهٽ پگهار ته به ٻه هزار ڊالر ٿيو وڃي يعني هڪ لک ويهه هزار رپيا. اتي پيٽرول هڪ ڊالر (يعني سٺ رپيا) في گئلن (چار لٽر) هو جيڪو هاڻ اڍائي ڊالر (150 رپيا) ٿيو آهي ته عوام جي رڙ مچي وئي آهي. اتي اسان جهڙي غريب ملڪ جو سوچيو جتي اڄ ڪلهه (2006) ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ لٽر پيٽرول جي قيمت 57 رپيا آهي (يعني اڍائي سؤ رپيا کن گئلن ٿيو (هڪ گئلن ۾ سوا چار ليٽر کن ٿين) ۽ جڏهن ٿوري مهانگائيءَ سان آمريڪا وارن جون وايون بتال ٿيو ٿيون وڃن، اتي اسان جهڙن غريب ۽ قرض هيٺ دٻيل ملڪن جو ڇا حال هوندو.
    دعوت ۾ آيل مهمانن مان هڪ ٻڌايو ته “گذريل سال تائين مون هتي آمريڪا ۾ ڪڏهن گوشت يا ڀاڄي جي قيمت نه پڇرائي، جيڪي وڻندو هوم ان سان ٿيلهو ڀري ايندو هوس، پر هاڻ سال اندر ايڏي مهانگائي ٿي آهي، جو هر ڪا شيءِ وٺڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو ته ڪهڙي وٺجي ۽ ڪيتري وٺجي ۽ هڪ ئي دڪان مان وڃي وٺڻ بدران ٻن ٽن دڪانن ۾ قيمتون ڀيٽڻيون پون ٿيون، ته جتي چند سينٽن جي به سستائي هجي ته اتان وٺجي.


    آمريڪا ۾ مهانگائيءَ سان گڏ بيروزگاري پڻ آهي

    هتي رهندڙن اهو به ٻڌايو ته اڄ ڪلهه بيروزگاري به ڏاڍي ٿي پيئي آهي. ڪا به نوڪري ايڏو سولائيءَ سان نٿي ملي. جيڪي ماڻهو پڪين نوڪرين بدران پرائيويٽ کاتن ۾ يا دڪانن، هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن تي نوڪري يا مزوري ڪن ٿا، اهي هفتو کن بيمار ٿيڻ تي يا پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ موڪل تي، هنن کي مالڪ ڪڍيو ڇڏين ۽ هنن کي موٽي اچڻ تي ڏينهن جا ڏينهن هڪ هڪ دڪان ۽ ڪارخاني ۾ نوڪريءَ لاءِ پڇڻو پوي ٿو. هڪ سنڌي نوجوان (جيڪو گذريل ڏهه سالن کان آمريڪا ۾ آهي ۽ اڄ ڪلهه مئن هٽن (نيويارڪ) ۾ هڪ پٺاڻ جي فرائيڊ چڪن دڪان تي ڪڪڙين کي صاف ڪرڻ ۽ گرم تيل ۾ Deep fry ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو)، هن سال ڳوٺ وڃڻ بابت ٻڌائي رهيو هو ته جتي هن کي سال بعد مهينو کن پنهنجي وطن وڃي پنهنجن ٻارن ۽ مائٽن مٽن سان ملڻ جي خوشي ٿئي ٿي، اتي اها پڻ Depression رهي ٿي ته موٽي اچڻ تي هن جي هيءَ نوڪري نه رهندي ۽ بيروزگاري جي حالت ۾ ڪئين ڏينهن نئين نوڪريءَ جي ڳولها ڪرڻي پوندي. “آئون هر سال ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ موڪل ڪري پنهنجي وطن ويندو آهيان ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ موٽندو آهيان.” هن ٻڌايو. انهن ڏينهن ۾ اسان جي پاسي جي ملڪن جا ماڻهن ان ڪري موڪلون ڪن ٿا، جو هتي آمريڪا ۾ سيارو تمام گهڻو ٿڌو ٿئي ٿو ۽ نوڪري ڪرڻ بي انتها ڏکيو ڪم ٿيو پوي. اندر آفيسن ۾ ويهي ڪم ڪرڻ ۾ ايڏو مشڪل ناهي، پر جيڪي کلئي آسمان هيٺ نوڪري پورهيو يا چوڪيداري جهڙا ڪم ڪن ٿا، انهن لاءِ ته هڪ هڪ منٽ عذاب هوندو آهي. “وطن کان ورڻ بعد مونکي هڪ هڪ دڪان ۾ وڃي پڇڻو پوندو آهي ته ان جي مالڪ کي ڪنهن قسم جي نوڪري يا مزور جي ضرورت ته نه آهي؟” هن ٻڌايو، “ان لاءِ مونکي هر هڪ وٽ فارم ڀري ڏيڻو پوندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن کي ضرورت پوي ۽ جڏهن گهرائي.”
    هن ٻڌايو ته مهانگائي وڌڻ ڪري نوڪري ملڻ پهرين کان مشڪل ٿي پيو آهي.
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو مانس.
    “ڪيترا هتي جا مڪاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون، پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ، هي سياري وارا ٻه ٽي مهينا موڪلن جا پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ چاهين ٿا ۽ دڪاندار اسانجي مقابلي ۾هنن کي وڌيڪ Prefer ڪن ٿا، جو اهي گهٽ پئسن تي به راضي ٿيو وڃن.”
    “توهانجا ٻار پاڪستان ۾ رهيا پيا آهن ۽ توهان ڏهن سالن کان هتي آهيو. انهن کي ڇو
    نٿا هتي گهرائي وٺو، جيئن توهانکي هر سال نوڪري ڇڏي، ڀاڙا ڀري وطن ورڻو نه پوي.”مون پڇيومانس.
    “بلڪل صحيح ٿا چئو، پر توهان اڄڪلهه جي آمريڪا جي مهانگائي ڏسو ۽ اسانجي ڪمائي ڏسو. کاڌي پيتي جا اگهه ڏسو، اسڪول جون فيون ڏسو، گهرن جي مسواڙ ڏسو. هن کان ٻيڻي ڪمائي هجي ته به گذارو نه ٿي سگهي. هن وقت اڪيلو سر هجڻ ڪري هڪ ڪمري جي فليٽ ۾ ٽي ڄڻا Share ڪريون ٿا. ماني ٽڪي به اڀري سڀري جهڙي کاڌي تهڙي نه کاڌي، گذارو ڪري ٻچن لاءِ بچت ڪيون ٿا جيئن هو پنهنجي وطن ۾ رهي پيٽ ڀري کائي سگهن ۽ اسڪول جون فيون ڏئي سگهن. ساڳي وقت آمريڪا ڇڏي پنهنجي وطن نوڪري لاءِ نه وڃڻ تي به مجبور آهيان، ڇو جو آئون آمريڪا ڇڏي پنهنجي وطن وڃي رهي پوان ته مونکي ته اتي ڪا پنج هزار جي به نوڪري نه ملي سگهندي ۽ جي ملي به وڃي ته ان مان پيٽ پورت ڪريان، لٽو ڪريان يا ٻارن جي اسڪولن جون فيون ڏيان....” هن مون کي سڀ Options سمجھايا. مونکي مالمو (سئيڊن) جتان جي يونيورسٽيءَ مان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي هئي، ان جي گهٽين ۾ هڪ پٺاڻ مزور مليو هو، جنهن اٺ ڏهه سالن کان اتي جي هڪ ڪارخاني ۾ مزوري ڪئي پئي. هن ٻڌايو ته هو ٻن سالن بعد فقط هڪ مهينو موڪل ملڻ تي پنهنجي وطن چارسده وڃي ٿو. منهنجي همدردي ڪرڻ تي چوڻ لڳو، “ڇا ڪريان، اسان جهڙن غريب ملڪن جا غريب ماڻهو مجبور آهن. ڪئين سال ڪراچي جي ڪارخانن ۽ پنجاب جي رستن تي مزوري ڪيم، پر ايترو روزگار نٿي مليو جو پنهنجي وڏي عيال کي پالي سگهان......”
    “۽ هاڻ....؟” مون پڇيو مانس.
    “هاڻ گهٽ ۾ گهٽ نه هو بک مرن ٿا ۽ نه آئون خالي پيٽ سمهان ٿو. ٻار پشاور جي سرڪاري اسڪول ۾ محنت ڪري پڙهي رهيا آهن ۽ اسان سڀ هنن ۾ اميدون ۽ آسون رکي سگهون ٿا، نه ته هونءَ گهٽين ۾ پئي رليا. جڏهن کائڻ لاءِ ئي نه هو ته اسڪول جي في ڪٿان ڏيان” هن ٻڌايو.


    وزٽ ويزا وارو آمريڪا ۾ سوچي سمجھي نوڪري ڪري

    ڪجهه ڏينهن اڳ فلڊلفيا ويو هوس. اتي هڪ لاڙڪاڻي جي سنڌي همراهه جي جنرل اسٽور تي، رات واري شفٽ ۾ حيدرآباد جو هڪ همراهه ڪم ڪندي ڏٺم، جيڪو حبيب بئنڪ يا شايد ڪنهن ٻي بئنڪ مان وائس پريزيڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي آيو هو. سندس عمر 67 سال ٿيندي. هن ٻڌايو ته هن وٽ آمريڪا جي پنجن سالن جي وزٽ ويزا آهي ۽ هر سال هن کي جيڪا ڇهن مهينن جي آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ملندي آهي، اهي ڇهه مهينا هن دوڪان ۾ رات جي ڊيوٽي ڪندو آهي ۽ ڇهن مهينن ۾ خرچ پکي بعد رپيا پنج ڇهه لک ڪمائي ويندو آهيان. دڪان جي مالڪ به ٻڌايو ته هو گهڻو ڪري ان قسم جي ماڻهن کي رکي ٿو، جيڪي آمريڪا ۾ وزٽ ويزا تي ڇهن مهينن لاءِ اچن ٿا.
    “پوءِ ڀلا هن صاحب جا ڇهه مهينا پورا ٿيندا ته ان بعد ڪو ٻيو آهي، جيڪو رات جي ڊيوٽي اچي ڪري.” مون پڇيومانس.
    “جي ها بلڪل آهي. لاهور ۾ هڪ ميجر صاحب رهي ٿو، اهو ايندو آهي. هينئر به پڇندو رهي ٿو ته ڪڏهن اچان.” هن ٻڌايو.
    اها ڳالهه جڏهن مون هن محفل ۾ ڪئي ته ڊاڪٽر علي ابڙي يا شايد ڪنهن ٻئي ٻڌايو ته ائين وزٽ ويزا تي آيل ماڻهن کي هِتي ڪجهه هنڌن تي جلد نوڪري مليو وڃي.ان ۾ وڏو فائدو مالڪ کي رسي ٿو، جو هڪ ته هُن کي ملازم کي اُهي سهوليتون نٿيون ڏيڻيون پون جيڪي آمريڪا جي شهري (Citizen) يا گرين ڪارڊ هولڊر کي ڏيڻيون پون ٿيون. وزٽ ويزا واري کي هِتي جا مالڪ فقط پگهار ڏيو ٽرڪايو ڇڏين. کين ميڊيڪل يا سوشل فائدا نٿا ڏين ۽ نه هو ان جي گُهر ڪري سگهن ٿا جو پاڻ ئي ڏوهاري ثابت ٿيندا. پوليس کين گُهرائي سوگهو ڪندي ته Visit Visa تي نوڪري ڇو ڪري رهيا آهيو؟ توهانکي آمريڪا ۾ اچڻ جي اجازت ان ڪري ڏني اٿئون ته توهان آمريڪا ۾ رهي گهمو ڦرو ۽ پئسو خرچ ڪريو يا هِتان پئسو ڪمائي کڻي وڃو.
    ان کان علاوه مالڪ جو وزٽ ويزا تي نوڪري ڪرڻ وارن ملازمن تي رعب به هلي ٿو جو هو هر وقت ڊپ ۾ رهن ٿا ۽ مجال آهي جو ڪنهن به قسم جي پورهئي ڪرڻ کان انڪار ڪن. بهرحال اهڙن ماڻهن کي عمر مُطابق سوچي سمجھي جاب ڪرڻ کپي، ڇو جو بيمار ٿيڻ تي يا ڪو هڏ گڏ ڀڄڻ تي هنن لاءِ هِتي علاج ڪرائڻ مسئلو ٿيو پوي. آمريڪا ۾ هر علاج ايڏو مهانگو آهي، جو اُن جي چٽي Insurance ڪمپني ئي ڀري سگهي ٿي. بلڪه جيڪي هِتي جو پاسپورٽ رکندڙ آهن ۽ Insurance اٿن، اهي به دانهون ڪن ٿا جو علاج جو وڏو خرچ جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپنيون ڀرين ٿيون، پر ڏهه يا پندرهن سيڪڙو جيڪو مريض کي پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوي ٿو، اهو به ڪڏهن ڪڏهن برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي. اسانجي ڳوٺ جي نجم ميمڻ، ان ڪري پتي جي آپريشن آمريڪا بدران ڪراچيءَ ۾ اچي ڪرائي، جيتوڻيڪ هن وٽ گرين ڪارڊ آهي. ان مان اندازو لڳايو ته هڪ ٽوئرسٽ ويزا تي آيل ڪيڏي وڏي ڏچي ۾ اچي سگهي ٿو. هڪ منهنجي دوست کي هِتي گهمڻ دوران دل ۾ تڪليف ٿي پيئي ۽ يڪدم پاڪستان موٽڻ بدران هن لئه ۾ اچي ته وڏو زميندار آهيان ... وڌ ۾ وڌ ٻه ٽي لک خرچ ايندو، اتي آمريڪا ۾ ئي آپريشن ٿو ڪرايان. بهرحال پوءِ خبر پيئي ته آپريشن ۽ فقط هفتو کن اسپتال ۾ رهڻ جو خرچ پنجويهه ٽيهه لک رپيا اچي ويو جيڪي في الحال سندس آمريڪا ۾ رهندڙ مائٽن گڏجي هن لاءِ ڀريا ۽ هاڻ هو انهن جا قرض لاهيندو وتي. آمريڪا کان ته وري به سستو يورپ آهي. اهوئي سبب آهي جو هِتي جون ڪيتريون عورتون ڀاڙا ڀري يورپ ۾ ۽ هاڻ انڊيا ۾ ڊليوري ۽ ٻين آپريشنن لاءِ وڃن ٿيون. اهي علاج ۽ آپريشنون هنن کي اتي خاص ڪري انڊيا ۾ ته تمام سستيون پون ٿيون.


    ڳوٺ ڄمون آگامو (رتوديرو) جي محمد پناهه راڄپر جا پوٽا USA ۾

    اڳ ۾ آمريڪا ۾ ڪو پاڪستاني دعوت ڪندو هو ته وڌ ۾ وڌ هڪ ٻوڙ ڪندو هو، باقي ڊبل روٽي ۽ سئنڊوچون نظر اينديون هيون، پر هاڻ گهر گهر ۾ ديسي ديڳڙا، ڏوئيون، توا ۽ ڪڻڇيون نظر اچن ٿيون. سيڌي جي دڪانن تي اٽي چانورن کان وٺي هر قسم جي دال ۽ مسالا ملن ٿا. اڳ ۾ ڳولي ڳولي ڪنهن يهودي جي دڪان تان ڪوشر گوشت (حلال گوشت) وٺي اچبو هو، جو يهودي اسلامي طريقي سان ذبح ڪري ٿا کائين. هاڻ جِتي ڪٿي پاڪستانين، مصرين ۽ فلسطينين جا حلال گوشت جا دڪان نظر اچن ٿا، جن تي ڪڪڙين کان علاوه ڳائو ۽ ٻاڪرو به عام ملي ٿو. بلڪه منڍي پاوا به مليو وڃن. ان کان علاوه انڊين پاڪستاني هوٽلن تان هر قسم جي ڀاڄي، ٻوڙ، نان، اڦراٽا ۽ چانور مليو وڃن ۽ گهڻين هوٽلن ڪري تمام گهڻي Competition ٿي پيئي آهي. هر ڪو سٺي شيءِ وڪڻڻ کان علاوه گهٽ اگهه تي وڪڻي ٿو.
    اتي ئي ڀر ۾ Oaktree روڊ تي شاليمار نالي هوٽل کلي آهي، جنهن تي نيرن تي حليم، نهاري، مغز مسالو، ٻڪري جا پاوا ۽ حلوو ۽ ڇولا ٺهن ٿا، جيڪي اڦراٽن، نانن ۽ پورين سان گڏ وڪامن ٿا. باقي وقتن تي يعني منجھند جي ماني ۽ ڊنر تي چڪن تڪا، سيخ ڪواب، تندوري چڪن، پالڪ گوشت، مٽن برياني، چڪن جلفريزي، بهاري ڪواب، چپلي ڪواب، فراءِ مڇي ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون. نديم جي ڊنر ۾ مختلف ڊش هئا، جيڪي هن سڀ هوٽل تان گهرايا هئا. گهر ۾ فقط سلاد ٺاهيو هئائون. مٺي ۾ ڊاڪٽر نور راڄپر جي نيويارڪ کان آندل مٺائي ۽ ڊاڪٽر علي جي آندل پيسٽري رکيائون. ماني مهل مونسان گڏ ڊاڪٽر نور جو ننڍو ڀاءُ مسرور ويٺل هو، جنهن سان ڪا دير آئون سنگاپور جون خبرون ڪندو رهيس، جتي هو ٽن سال کن نوڪري ڪري، هاڻ ڀاءُ جي گهرائڻ تي هتي آمريڪا آيو هو. پاڻ پاڪستان مان B.E ڪئي اٿس. آمريڪا ۾ آئي ڇهه مهينا کن ٿي ويا اٿس، پر اڃا ڪا اهڙي جاب نه ملي سگهي اٿس، جنهن ۾ هن ڊگري حاصل ڪئي آهي يا جنهن قسم جو جاب سنگاپور ۾ هوس.
    “توهان سنگاپور ڇو ڇڏيو. سنگاپور وارا ته توهان کي هميشه رهڻ لاءِ ريزيڊنسي به ڏين ها.” مون پڇيومانس.
    “مون کي سنگاپور ۾ مزو نه آيو. ننڍو ٻيٽ آهي، چينين جو وڌيڪ هولڊ آهي ۽ بيحد سخت ڊسيپلين ۽ پورهيو آهي. هر وقت کٽڪو لڳي ٿو ته اسان پاڪستانين کي ڪڍي نه ڇڏين. اهي ٽي سال به هتي آمريڪا ۾ لڳايان ها ته هيسيتائين هتي جو پاسپورٽ به ملي چڪو هجي ها.” هن ٻڌايو.
    “توهان کي ملائيشيا يا برونائي هليو وڃڻ کتو ٿي. سنگاپور جي مقابلي ۾ اتي وڌيڪ بهتر زندگي آهي.” مون پنهنجو خيال ڏيکاريو.
    “اهو صحيح آهي، پر اتي به انهن ماڻهن جو قدر آهي، جن وٽ آمريڪا يا ڪئناڊا جي ڊگري آهي. ان ڪري هاڻ آئون هتي جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي، ڪجهه پڙهڻ ٿو چاهيان.” مسرور ٻڌايو.
    ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ انجنيئر مسرور ڀائرن جون زالون پڻ پاڻ ۾ ڀينر آهن ۽ هنن جون ڪزن ٿين. ڊاڪٽر نور وارن کي جس ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جو سنڌ جي هڪ ڏورانهين ۽ ننڍڙي ڳوٺ جا ٿي ڪري هنن تعليم حاصل ڪئي. بلڪه ان جو سڄو ڪريڊٽ سندن والد محمد صالح راڄپر ۽ ڏاڏي کي ڏيڻ کپي . ڊاڪٽر نور جو ڏاڏو پناهه راڄپر 1900ع ۾ تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ ڄمون آگامو ۾ ڄائو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. پاڻ 1985ع ۾ وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نور جي والد صاحب سان منهنجي سامهون اڃان ملاقات نه ٿي آهي، پاڻ 1927ع ۾ ڳوٺ ۾ ڄاوا ۽ اڄڪلهه اسي ورهين جي ڄمار ۾ قاسم آباد حيدر آباد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا. منهنجي ساڻن فون تي ٻه ٽي دفعا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هنن ٻڌايو ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪيڏي ته جاکوڙ ڪرڻي پوندي هئي. اسڪول کان کين ڀرواري ڳوٺ پنڌ وڃڻو پوندو هو. جتي شام جو به ڪلاس ٿيندا هئا، جيڪي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هو ڪلاڪ کن مسجد ۾ اچي سمهندا هئا. پاڻ سنڌ جي شروع وارن انجنيئرن مان آهن ۽ 1955۾ NED ڪاليج ڪراچيءَ ۾ B.E ڪيائون.
    ڊاڪٽر نور سندن وڏو پٽ آهي جنهن 1979ع ۾ LMC مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. هو 1982ع ۾ پنهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر حفيظ عباسيءَ سان گڏ آمريڪا آيو هو. سندس ٻيو نمبر ڀاءُ نادر راڄپر جنهن B.E ڪئي، سن 2004ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ڊاڪٽرنور احمد آهي، جيڪو ايڪس ري ۽ الٽرا سانڪس سان وابسته آهي ۽ حيدر آباد ۾ رهي ٿو. پاڻ چانڊڪا مان MBBS ڪيائين. مسرور سندن چوٿون نمبر ڀاءُ آهي، جنهن 1997ع ۾ مهراڻ مان ڪمپيوٽر ۾ B.E ڪئي. سندن هڪ ٻيو ڀاءُ صفدر پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ اهو توڙي ٻيا ننڍا ڀائر حيدر آباد ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهن ٿا. ڊاڪٽر نور راڄپر جي والد صاحب محمد صالح راڄپر، ٻڌايو ته سندن سٺن دوستن ۽ ڪاليج ميٽن ۾ محمد ابراهيم شيخ، عنايت ڀرڳڙي ۽ غوث بخش ڀرڳڙي آهن.
    ڊاڪٽر ڪامران هميراڻيءَ ٻڌايو، ته هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي وڏي ڪمائي آهي، خاص ڪري گائني جهڙي شعبي ۾. پر ميڊيڪل فيلڊ ۾ يهودين جي ايتري ته هٽي آهي، جو هو ٻي ڪنهن ڊاڪٽر کي سٺي شعبي ۾ گهڙڻ ئي نٿا ڏين. پنجاب جي هڪ ڊاڪٽرياڻي جيڪا زناني بيمارين (گائني) جي ماهر هئي، تنهن هتي نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪاميابي ماڻي نه سگهي. آخر مجبور ٿي وري نيورو ۾ پڙهي ۽ هاڻ ان شعبي ۾ ڊاڪٽرياڻي آهي.


    “ڇا ان کي چئبو آهي اسلام جي خدمت؟”

    هتي جي لا ۽ آرڊر جي حالتن بابت سڀني ٻڌايو ته نائن اليون جي ٽرئجڊي بعد به آمريڪا ۾ رهڻ ۾ ڪو الڪو نه آهي. ماڻهو قانون جي عزت ڪن ٿا ۽ ان کي پنهنجي هٿن ۾ نٿا کڻن. پر اهو آهي ته نائن اليون کان اڳ ته اسان مسلمان عرب توڙي ايشيائي تمام آزاديءَ ۽ سڪونَ سان رهياسين ٿي. ڪنهن به نفرت نٿي ڪئي ۽ نه ڪڏهن پاسپورٽ جو ڪنهن پوليس واري پڇيو ٿي. ڪيترائي ايشيائي ماڻهو خاص ڪري اسان جا پاڪستاني، بنگالي، عرب غير قانوني طرح هتي رهيا پيا هئا ۽ نوڪريون به ڪيائون پئي. پوءِ نيويارڪ جا اهي ٻه ٽاور ڪرڻ بعد ئي وٺ پڪڙ ۽ سختي ٿي. هتي جي پوليس ۽ انٽيليجنس ماڻهن تي نظر رکي ۽ اهو هتي جي حڪومت ۽ اسانکي معلوم ڪري تعجب لڳو ته اسانجي ملڪن جا ڪيڏي ته وڏي انگ ۾ ماڻهو هتي غير قانوني طور رهيل آهن ۽ نه فقط ٽڪيل آهن پر فراڊ جهڙن ڪيترن ئي ڏوهن ۾ مبتلا آهن.
    نديم جوڻيجو جي گهرواري ثميرا جيڪا ان ئي اسڪول ۾ ٽيچر آهي، جنهن ۾ سندن ننڍڙي ڌيءَ پڙهي ٿي، تنهن ٻڌايو ته نائن اليون جي هن واقعي کان اڳ تائين ته هوءَ جتي ڪٿي، ويندي نيويارڪ جي سينٽرل پارڪ جي ڪنهن بئنچ تي نماز پڙهي وٺندي هئي. پر هاڻ ائين عام پبلڪ ۾ نماز پڙهندي ڊپ ٿو ٿئي. هونءَ هتي جي قانون مطابق ڪو ڪنهنجو نالو نٿو وٺي سگهي، پر ڪهڙي خبر ڪو مٿي ڦريل جاهل شيدي يا گورو ڪاوڙ ۾ اچي، ڪجهه ڪري وجھي. آخر ڪار هنن جا هن حادثي ۾ ڪيترائي مائٽ مري ويا، هنن جي وڏي ۾ وڏي شهر جون اوچي ۾ اوچيون عمارتون خواهه مخواهه تباهه ڪيون ويون. ۽ اهي انهن ڌارين ماڻهن ڪيون جن کي هنن پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني، رهڻ لاءِ ڇت ڏني، روزگار لاءِ نوڪري ڏني ۽ امن امان جي زندگي ڏني. فلسطيني ته کلئي عام چون ٿا ته هيءَ دهشتگردي جيڪڏهن واقعي سعودي عرب، ڪويت يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي عرب ڪئي آهي ته ڪيڏو ته غلط ڪم ڪيو اٿس. هنن جو اهو چوڻ آهي ته آمريڪا کڻي ڪيڏو به بدمعاش غنڊو هجي، پر اهو ئي ملڪ آهي، جيڪو لکين ڏتڙيل فلسطينين، عراقين، افغانين، ايرانين وغيره کي پنهنجي ڌرتيءَ تي جايون ڏيو ويٺو آهي ۽ اسين آمريڪا ۾ ايڏو خوش آهيون جو هاڻ واپس پنهنجي وطن نٿا وڃڻ چاهيون ۽ هوڏانهن اسان جا عرب ملڪ امير ۽ ڌن دولت جا مالڪ هوندي به اسان مسلمانن کي نٿا رهڻ ڏين. ڇا سعودي عرب وٽ گهٽ زمين آهي جو اسان فلسطينين کي رهائڻ کان انڪار ٿو ڪري. ڇا اسين ان کان خيرات ٿا گهرون جو هو گھٻرائي ٿو. اسان ته پيٽ جي ٻن ويلن لاءِ پورهيو ۽ مزدوري ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ هاڻ جڏهن اسان جا ٻچا ٻار هن ڏورانهين ڏيهه ۾ سڪون جي زندگي گذاري رهيا هئا، ته هي واقعو ڪري اسان مسلمانن لاءِ باهه ٻاري ڇڏي آهي.”
    عرب امارات جي هوائي جهاز ۾ دبئي کان نيويارڪ ايندي ڊاڪٽر وفا سلطان نالي هڪ شام جي ماهر نفسيات سان ملاقات ٿي، جيڪا سورهن سترهن سالن کان پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان لاس اينجلس ۾ رهي ٿي. هينئر هو پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ سان ملي، واپس آمريڪا وڃي رهي هئي. سندن ماءُ شام جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بانياز ۾ رهي ٿي، جيڪو ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ ڪناري تي بيروت کان ايترو پري آهي، جيترو حيدر آباد کان نوابشاهه. ڊاڪٽر وفا سلطان اتي ئي ڄائي نپني ۽ شروع جي تعليم حاصل ڪئي. سندس ماءُ پيءُ جو تعلق نماز روزي جي پابند مسلمان فئملي سان آهي ۽ سندس پيءُ جو اتي اناج جو واپار آهي.
    ڊاڪٽر وفا سلطان هن نائن اليون جي واقعي يا اسان مسلمانن جي آپگھاتي حملن ۽ دهشتگردي مان بلڪل خوش نه هئي ۽ هن اسان پاڪستانين ۽ افغانين کي ان ۾ اڳيان اڳيان سمجھيو ٿي، جيڪي ان قسم جون حرڪتون ڪري، پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻي مسلمان برادريءَ کي دنيا ۾ بدنام ڪن ٿا. ان سان گڏ هن پنهنجي شامي، عراقي ۽ ٻين عربن کي به ذميوار ٺهرايو ٿي.
    “اسان جي اڻ پڙهيل ۽ تنگ نظر مولوين، پنهنجو پاڻ کي مجاهد سڏڻ وارن ۽ Corrupt سياستدانن عام مسلمانن کي بيوقوف بڻائي رکيو آهي ۽ هو هنن جي دلين ۾ فقط نفرتن جو ٻج پيا ڇٽين. چوڏهن صديون اڳ جيڪو پيغام اسان کي قرآن ذريعي ۽ پياري پيغمبرﷺ ذريعي مليو، ان کي Distort ڪري پيش پيا ڪن آهي ڪو جو اسانجي ڀائرن کي غلط عقيدت مان ڪڍي اسلام جو صحيح ۽ سچو سبق ڏئي”
    هن ٻڌايو ته هوءَ ان ڳالهه کي مڃي ٿي ته جيئن يهودين سان نازين ظلم ڪيا، مسلمانن سان به نا انصافيون ۽ ظلم ٿي رهيا آهن. يهودي انهن ڏکين ڏينهن مان نڪري آيا آهن ۽ دنيا کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو اٿن ته سندن عزت ڪئي وڃي. اهو ڪم هنن علم ذريعي ڪيو آهي ۽ نه دهشتگردي سان. اهو ڪم هنن پورهيو ۽ محنت ڪري حاصل ڪيو آهي ۽ نه رڳو رڙيون ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ سان.
    “ڇا توهان ڪنهن به هڪ يهوديءَ کي جرمنيءَ جي ڪنهن هوٽل ۾ آپگھاتي حملو ڪندي ڏٺو آهي؟” هن مونکان پڇيو ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ڏيندي رهي، “هرگز نه. اسان ڪنهن هڪ يهويءَ کي به عيسائين جو گرجا گهر تباهه ڪندي نه ڏٺو آهي. اسان هڪ يهوديءَ کي به Protest ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مارڻ جو طريقو اختيار ڪندي نه ڏٺو آهي. ڇا ڪنهن عيسائيءَ کان بدلو وٺڻ جو اهو طريقو آهي ته توهان هن جو عبادت گهر ڊاهي ساڙي ڇڏيو. اهو هن جي عبادت گهر سان گڏ توهانجي ملڪ جو به ته هيريٽيج (پراڻي عمارت) هو.” هن جو شايد سکرواري گرجا گهر ڏي اشارو هو، جنهن بابت دنيا جي ٽي وي اسٽيشنن تان خبرن ۾ اچي رهيو هو، جنهن جي هڪ صديءَ کان مٿي پراڻي عمارت ۽ ان جي در درين تي ٿيل ناياب ٽڪ جو ڪم ۽ هڪ جھوني لئبرري رات اندر ساڙي ڀسم ڪئي وئي.
    “چند جاهل ماڻهو ان قسم جون غلط حرڪتون ڪري مسلمانن جي ميجارٽيءَ کي شرمسار ڪن ٿا،” هن چيو، “ڇا ان کي چئبو آهي اسلام جي خذمت؟ سچ پڇو ته اهڙن جاهل ماڻهن جي اهڙن بيوقوف ڪمن ڪري، اسان ٻين اڳيان منهن کڻي نٿا سگهون. رڳو اسان مسلمان آهيون منهنجو اشارو اڄ جي انهن شر پسندن ماڻهن ڏي آهي، جيڪي پنهنجي عقيدت جي حفاظت ۾ پرايا توڙي پنهنجا عبادت گهر ساڙين ٿا، معصوم انساني جانيون قتل ڪن ٿا، سفارت خانا ۽ لئبرريون تباهه ڪن ٿا. اهي طريقا اسان لاءِ ڪڏهن به تهتر نتيجا پئدا نه ڪندا....
    “The Muslims must ask themselves what they can do for humankind, before they demand that humankind respect them.”


    هاڻ تفريح به هٿن مان نڪري ويئي

    هڪ ڳالهه قابل غور آهي ته آمريڪا ۾ نائن اليون واري واقعي تي، هتي جي آمريڪن کي جيتوڻيڪ ڪافي ڏک ۽ ڪاوڙ آئي، پر حڪومت کين قانون هٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو. اهڙن موقعن تي ويندي انڊيا جهڙو جمهوري ملڪ به ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ اندرا گانڌيءَ جي قتل تي ڪيترن ئي بيگناهه سکن جو خون ڪيو ويو ... جنهن ۾ حڪومت جي ڪارندن به شرپسن عناصرن جي همت افزائي ڪئي. پر بقول ڊاڪٽر علي ابڙو جي ته هتي جي عوام ڪافي حد تائين پنهنجي مهذب هجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ ڪوشش ڪئي ته سُڪن سان گڏ آلا نه ٻرن. جن جو ڏوهه آهي انهن کي ئي سزا ڏني وڃي. هر مسلمان يا هر عرب کان بدلو نه ورتو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ڪيترا جاهل ۽ جذباتي ماڻهو پيا آهن، جن مان ڪيترن ڪاوڙ ۾ اچي شروع وارن ڏينهن ۾ هر ڏاڙهيءَ واري کي مسلمان سمجھي، تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪيترا سک به سٽجي پيا. بهرحال گهڻائي انهن ماڻهن جي هئي، جن ائين ڪنهن کي ستائڻ ۾ شرمساري ٿي محسوس ڪئي ۽ هو مسلمان توڙي عربن جو بچاءُ ڪندا رهيا. نديم جوڻيجي جي گهرواريءَ ٻڌايو (۽ اها ڳالهه ٻين به ڪيترن پاڪستانين کان ٻڌم) ته سندن پاڙيسري جيڪي ڪرسچن ۽ يهودي آهن، سي اهڙي موقعي تي هنن وٽ هلي آيا ته “اسين ڪو به فڪر يا ڊپ ڊاءُ نه ڪريون ۽ هو اسانکي هر قسم جي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسانجو ڪو به نالو نه وٺندو.”
    بهرحال ان دعوت ۾ انهن سنجيده ڳالهين سان گڏ ٻيا چرچا ڀوڳ به ٿيندا رهيا.
    نيوجرسيءَ جي هڪ اسڪول “ايگلز وڊ ايليمينٽري” جي ڪلاس ٽيچر مسٽر مئڪبيٽ جي ڳالهه پڻ هلندي رهي، جنهن جي خبر اڄ جي اخبار ۾ سڀني پڙهي هئي. ايڪهتر سالن جي للي جنس تبديل ٿيڻ تي جڏهن اسڪول ۾ پڙهائڻ آئي، ته ڪيترن ٻارن جي والدين اعتراض ڪيو ته سندن ٻار جن کي جنس تبديل ٿيڻ جو Concept دماغ ۾ نه آهي، انهن لاءِ مونجھارو پئدا ٿيندو ته وئڪيشن کان اڳ سندن مرد ٽيچر هاڻ اسڪرٽ پائي عورت ٿي آيو آهي. هن اسڪول ۾ KG کان ڇهين ڪلاس تائين ٻار پڙهن ٿا. مئڪبيٽ هڪ سيلزمين هو، جنهن جي شادي ٽيٽيهه سال اڳ ليزا نالي عورت سان ٿي هئي جنهن مان کيس ٽي ٻار به آهن. ڪجهه مهينن کان هن کي جسماني طرح پاڻ ۾ تبديلي محسوس ٿي رهي هئي، ته هو مرد بدران عورت ٿي رهيو آهي. سو موڪلن ۾ سرجري ڪرائي، هن نئين نالي سان اسڪول ۾ نوڪريءَ لاءِ وري درخواست ڏني. هُن اسڪول جي ڪاميٽي ميمبرن ۽ آيل ماڻهن کي ٻڌايو ته “مون کي ٻارن ۽ ٽيچنگ سان پيار آهي ۽ هڪ دفعو وري ڪلاس روم ۾ موٽڻ جي اميد رکان ٿي.”
    جيتوڻيڪ ٻارن جي آيل مائٽن مان ڪيترن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ته مسٽر مئڪبيٽ (هاڻي مس للي) ٻارن کي پڙهائي. پر پوءِ هڪ کليل بحث مباحثي ۽ ان بعد مس للي ۽ ان جي وڪيل سان دليل جي ڏي وٺ ڪرڻ بعد اسڪول جي ڪميٽيءَ مس لليءَ جي حق ۾فيصلو ڏنو ته هوءَ هن اسڪول ۾ جتي هوءَ عورت ٿيڻ کان پنج سال اڳ تائين پڙهائيندي رهي بلڪ پڙهائيندو رهيو، پنهنجي نوڪري نئين نالي سان قائم رکي سگهي ٿي.
    ڳالهين ڪندي حيدرآباد جي سئنيمائن ۽ هوٽلن جي ڳالهه اچي نڪتي. حيدر آباد اهو شهر آهي جتي اسانجي پڙهيل طبقي جي هر شخص ڪجهه ڏينهن ضرور گهاريا هوندا ۽ پنهنجون يادون سميٽيون هونديون. هن شهر جا سئنيما هال ۽ هوٽلون اسان ماڻهن لاءِ وندر ۽ فرصت جون گهڙيون گهارڻ کان علاوه اهم پناهه گاهه پڻ هيون ... توڙي ڪو کڻي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هجي يا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾. اسان کي به ڪئڊٽ ڪاليج کان ڪنهن آچر تي موڪل ٿيندي هئي ته حيدر آباد جو رُخ رکندا هئاسين. راحت سئنيما، مئجسٽڪ ۽ هڪ مارڪيٽ وٽ سئنيما هوندي هئي، ان ۾ فلمون ڏسندا هئاسين. اسانجي ڪاليج جي بس به اتي بيهندي هئي. حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي لهندا هئاسين ته زميندار هوٽل يا حبيب هوٽل ۾ ماني کائيندا هئاسين، نه ته صدر واري ڪراچي هوٽل ۾. چانهه وغيره لاءِ ڪيفي جارج جهڙيون ايراني هوٽلون وڏي ڳالهه سمجھيون وينديون هيون، جتي اسانجا سنڌي توڙي اڙدو جا اديب، شاعر، ريڊيو تي ڪم ڪندڙ، ڊراما نويس، واپاري، سيٺيون نظر ايندا هئا. هاڻ انهن سئنيمائن ۽ هوٽلن مان هڪ هڪ ٿي بند ٿينديون وڃن. خبر ناهي محمد علي جهڙا نوان اداڪار ڪٿي ويهي صداڪاري ۽ اداڪاري سکن ٿا. خبر ناهي اسان جا شاعر ۽ اديب ۽ ڪاليجن جا شاگرد ڪٿي ويهي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪچهري ڪن ٿا. هن دفعي حيدرآباد جي وچ مان لنگهيس، پر ڪراچي هوٽل نظر نه آئي. اها رسالا روڊ تي ڪنهن هنڌ تي هوندي هئي، جيڪو شايد هاڻ هوش محمد شيدي روڊ سڏجي ٿو. البته صدر جي گهٽين مان گذرندي ميجسٽڪ سئنيمان نظر اچي وئي. ان ئي حالت ۾ هئي.
    ڊاڪٽر نور ۽ ڊاڪٽر علي ابڙو شايد ڪنهن سنڌي اخبار ۾ پڙهي آيا هئا ته حيدرآباد جي مشهور ايراني ريسٽورينٽ ڪيفي جارج به ويجھڙائيءَ ۾ بند ٿي وئي آهي. ان بابت مون پڻ انٽرنيٽ تي ڪاوش اخبار ۾ علي حسن ثاقب جو ڪالم پڙهيو هو، ته حيدرآباد ۾ ڪيفي تهران، ڪيفي لبرٽي، ڪيفي يونٽي جيڪي تلڪ چاڙهي وٽ آهن ۽ اتان ويندڙ هڪ گهٽي جي هوٽل ڪيفي ڪورونيشن، صدر ٿاڻي جي سامهون واري ڪيفي مهربان، لطيف آباد ستين نمبر واري ڪيفي آڪسفورڊ، پراڻي شاهين سئنيما جي سامهون ڪيفي سن ويو، هوٽل شيراز، ڪيفي آريا مهر جهڙيون چانهه پيئڻ جون هوٽلون بند ٿيڻ بعد هاڻ حيدرآباد جي مشهور ڪيفي جارج بند ٿي رهي آهي، جيڪا پنجونجاهه سال اڳ کلي هئي.
    چانهه جون اهي ننڍيون هوٽلون اڪثر سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن، محققن، سياسي ڪارڪنن ۽ شاگرد اڳواڻن لاءِ اوطاق مثل هيون، ته اردو ڳالهائيندڙن لاءِ بيٺڪ هيون. ڪاٺياواڙي ڪاروباري ماڻهن، دڪاندارن ۽ تاجرن لاءِ ٺيهي جو درجو رکنديون هيون، اهي ٺڪاڻا اهڙا هئا جتي خالي کيسي سان گڏ آيل ماڻهو به ڪلاڪن تائين پنهنجو وقت گپ شپ ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪو به ڪنهن تي بار محسوس نه ڪندو هو. انهن هوٽلن ۾ پنهنجي وقت جي مشهور افسانه نگارن افسانا لکيا، ٻڌايا ۽ داد وصول ڪيو. شاعرن غزل، گيت ۽ نظم لکيا، جن کي اڄ به ماڻهن ۾ هڪ قسم جو علمي ذخيرو قرار ڏنو وڃي ٿو.
    حيدرآباد ۾ نه آئون ڄايس نپنيس، نه اتي مون تعليم حاصل ڪئي پر حيدرآباد گهمڻ لاءِ جڏهن به ويندو هوس ته طارق اشرف، امرجليل، مدد علي سنڌي، گورنمينٽ ڪاليج جي تنهن ڏينهن جي ليڪچرار هادي بخش ميمڻ، حميد سنڌي، عنايت بلوچ ۽ ٻين اديبن ۽ دوستن سان انهن هوٽلن ۾ ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. ڇا ته وقت هو، ڇا ته دؤر هو! بقول ڪالم نويس علي حسن جي نظر لڳي وئي يا سرڻ گوشت جو ٽڪر سمجھي کڻي وئي. هاڻي نه اوطاق رهي آ نه ئي بيٺڪ! هاڻ ته اديب ۽ شاعر به ادب ۽ شعر وشاعري بند ڪمرن ۾ اهڙي ريت تخليق ڪرڻ لڳا آهن، جهڙي ريت وڏن وڏن بنگلن ۾ ويهي سياستدان سياست ڪرڻ لڳا آهن. ٻنهي جو عام ماڻهن سان رشتو ٽٽي ويو آهي! اهو رشتو ڇا ٽٽو ماڻهن جواعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي. هڪ هڪ ٿي سڀ هوٽلون بلڊرز جي ور چڙهي ويون آهن. حيدرآباد جي ٽيهن سئنيمائن مان ويهن کي بلڊرز جي نظر ڳڙڪائي وئي. تهذيب ۽ ثقافت گهڻو وقت اڳ ۾ منهن موڙي ويون. هاڻي تفريح به هٿن مان نڪري وئي آهي....


    بشير انصاري ۽ غلام مصطفيٰ ٻگھئي جا ٻار

    مانيءَ بعد نديم جوڻيجو جي ڪجهه مهمانن چانهه پيتي، ٻئي ڏينهن موڪل هئي، پر رات ڪافي گذري چڪي هئي. مهمانن سان آيل ٻار جيڪي اچڻ وقت کل خوشيءَ ۾ مشغول هئا، هاڻ ننڍاکڙا ٿيڻ بعد چِڙ چِڙا ٿي پيا ۽ ڳالهه ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا يا ماءُ پيءُ کي دانهون ڏيڻ لڳا. اها صورتحال ڏسي هر هڪ اٿڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. چانهه واري دور کان موڪلائڻ تائين آئون ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ سندس گهرواري سعيده ابڙو سان خبرون چارون ڪندو رهيس. اڄ ٽيٽيهه سالن بعد وري جڏهن آمريڪا آيو آهيان ته انهن جھونن جوانن مان جن سنڌ جي سنگتين سان سن 1968ع کان وٺي 1972ع تائين نيويارڪ کان نيو اورلينس ۽ بالٽيمور کان هوسٽن تائين آمريڪا جي بندرگاهن ۾ ملاقات ٿيندي هئي انهن مان هنن ماڳن تي هڪڙو ڊاڪٽر علي ابڙو وڃي بچيو آهي. باقي ٻين مان ڪي واپس وطن هليا ويا، ته ڪي ڪئليفورنيا ۽ اوريگن پاسي ايسٽ ڪوسٽ ڏي هليا ويا ته ڪي ٻي جهان ۾ هليا ويا. ڊاڪٽر عليءَ سان هن دعوت ۾ اچڻ سان گڏ اچي نه ويٺس، جو ساڻس تازو ٽي چار ڏينهن اڳ اسانجي دوست غلام مصطفيٰ ٻگھيو ۽ اسانجي ڳوٺ جي خورشيد انصاري (جنهن جو ڀاءُ) عبدالغفار انصاري مون سان گڏ چٽگانگ ۾ هوندو هو) جي ڌيءَ ڪونج ٻگھيو جي گهر ڊنر تي ڪچهري ٿي چڪي هئي. ڪونج جو والد غلام مصطفيٰ ٻگھيو ۽ مامون بشير انصاري پاڪستان جا مشهور جيالاجسٽ، مائننگ انجنيئر ۽ بزنيس مين آهن. خاص ڪري سنڌ ڪول اٿارٽيءَ جي حوالي سان بشير انصاري هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي. بشير جيتوڻيڪ اسان جي ڳوٺ جو آهي، پر مون کيس پهريون دفعو دادوءَ ۾ ڏٺو جتي هن پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ پاڻ ۽ ٽي وي جو مشهور فنڪار انور سولنگي جن اسانجي ماسي (مظهر حسين گھلوءَ) جي گهر رهندا هئا. بشير انصاري جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور انصاري چٽاگانگ بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ ايسٽ پاڪستان) ۾ سول انجنيئر هو جڏهن آئون اتان مئرين انجنيئرنگ پڙهي رهيو هوس. تعليم بعد جهاز کي چٽگانگ وٺي اچڻ تي به ساڻس ملاقات ٿيندي رهي. کانئن علاوه مٽياري يا شايد شڪارپور جو صابر شاهه، سنڌ جو مشهور شاعر ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي ۽ ٻيا به اتي هوندا هئا. 1971ع واري جنگ ۾ سڀ ٽڙي پکڙي وياسين، افواهه اهي هئا ته انڊين آرمي جي حملي بعد غفار انصاري صاحب برما جي بارڊر معرفت مشرقي پاڪستان ڇڏيو، پر پوءِ وري سندن خبر نه پئجي سگهي. سندن ننڍا ٻار به وڃي جوان ٿيا، پر پيءُ جو پتو نه پئجي سگهيو. ڪيترائي ماڻهو مڪتي باهمي هٿان مارجي ويا، ڪيترا جابلو رستن تان ڀٽڪي روهه ۾ رلي ويا. عبدالغفار جو ٻيو نمبر پٽ سهيل انصاري جنهن سان ڪراچي اچبو هو ته غلام مصطفيٰ ٻگھيو جي گهر ملاقات ٿيندي هئي، سو پاڪستان مان تعليم حاصل ڪري هيڏانهن آمريڪا هليو آيو ۽ گذريل ڏهاڪو سالن کان هتي نيويارڪ جي رياست ۾ رهي ٿو. سهيل انصاريءَ کان وڏو هڪ ڀاءُ ارشاد ۽ ٽي ڀيڻيون: نسرين، نوشين ۽ تحسين آهن.
    غلام مصطفيٰ ٻگھيو کي هڪ پٽ دين محمد ۽ هڪ ڌيءَ ڪونجَ آهي. دين محمد لنڊن ۾ ئي پڙهي ٿو ۽ پنهنجي ڀيڻ ڪونجَ کان ننڍو آهي. ڪونج هتي گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هاڻ رٽگرز يونيورسٽيءَ مان ميڊيڪل سائنس بابت وڌيڪ پڙهي رهي آهي. پڙهائي دوران سندس شادي عاطف جاويد سان هتي ئي ٿي ۽ هن وقت کين ٻه ٻار امان ۽ ڪنزا آهي.


    نيو جرسي جي مشهور رٽگرز يونيورسٽي

    هتي منهنجي خيال ۾ ڪجهه سٽون نيوجرسي جي هن يونيورسٽي Rutgerz بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو، جيڪا آمريڪا جي اعليٰ درجي جي يونيورسٽين مان هڪ آهي. هن ۾ غلام مصطفيٰ ٻگھيو جي ڌيءَ ڪونج کان علاوه منهنجي پيٽارو جي دوست حميد انور جي ڌيءَ به پڙهي رهي آهي. ڪو زمانو هو جو اسانجي ملڪ جي وڏن ماڻهن جا ٻار ڊگري خاطر ولايت جي عام رواجي يونيورسٽين ۾ اچي داخلا وٺندا هئا، جتي هنن کي پڙهڻ جو موقعو گهٽ ۽ گهمڻ ڦرڻ ۽ عياشيءَ لاءِ وقت وڌيڪ ملندو هو. يونيورسٽيءَ وارن جي دلچسپي به فقط شاگردن کان فيون وٺڻ هوندي هئي، جيئن اڄ ڪلهه اسانجي ملڪ ۾ ڪيترائي ٽائي پتلونن ۽ انگريزي نالن وارا ٺڙڪو اسڪول کُلي پيا آهن. پر هاڻ جيڪي اسانجي ملڪ کان آمريڪا ۾ تعليم وٺڻ لاءِ اچن ٿا، اهي غريبن جا ٻار هجڻ باوجود سٺن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. انهن جي ڳرين فين لاءِ نه فقط هو پورهيو ۽ پارٽ ٽائيم جاب ڪن ٿا، پر تمام گهڻي پڙهائي پڻ ڪن ٿا، ڇو جو هنن کي خبر آهي ته آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري ان کي ملندي، جيڪو ناليواري يونيورسٽيءَ مان سٺي پوزيشن ۾ ڊگري حاصل ڪندو. اسانجي دوست حميد انور جي باقي ٻين ٻارن به هن يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ کين هتي ئي سٺي نوڪري ملي وئي. باقي جيڪڏهن توهانکي علم حاصل ناهي ڪرڻو ۽ ڊگري فقط ان ڪري حاصل ڪرڻي آهي، جيئن پنهنجي ملڪ ۾ اچي اليڪشن ۾ بيهجي (۽ اقتداري واري پارٽي Join ڪري وزير تعليم يا ٻيو ڪو وزير ٿجي) ته پوءِ ان لاءِ آمريڪا ۾ ٺڙڪو قسم جا جام ڪاليج ۽ جام يونيورسٽيون، جن ۾ توهان ڀلي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بدران پاڙي جي پب ۽ جوا خاني ۾ ويٺا هجو ڊگري توهان کي گهر ويٺي ملي ويندي.
    آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي، هارورڊ يونيورسٽي، اسٽئنفورڊ يونيورسٽي ڪولمبيا يونيورسٽي، Yale ۽ پرنسٽن يونيورسٽي وانگر هيءُ رٽگرز يونيورسٽي به نه فقط آمريڪا پر دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين مان هڪ آهي ۽ USA جي هڪ جھوني ترين يونيورسٽي آهي، جيڪا 1766ع ۾ ڪئنس ڪاليج نالي هالنڊ (نيدر لئنڊس) کان آيل ڊچن ٺهرائي. آمريڪا جي هٿ اچڻ بعد هن پاسي جي علائقن؛ نيويارڪ، نيوجرسي ۽ هڊسن ندي وارن پٽن تي ڊچن جو قبصو هو. ايتري قدر جو نيويارڪ جو نالو به سندن ملڪ جي گاديءَ واري شهر تان نيو ائمسٽرڊم رکيو ويو هو، جيڪو پوءِ انگريزن جي قبضي بعد هاڻوڪو نالو نيويارڪ ٿيو. ڊچن هن ڪاليج کي پنهنجي گرجا گهرن سان وابسته رکيو هو، جيئن اسان وٽ مسجدن سان لاڳاپيل ديني تعليم جا مدرسا آهن. هن ان ۾ فقط انهن عيسائين کي داخلا ملي ٿي، جن جو واسطو ان خاص فرقي سان هو. بهرحال هاڻ هن يونيورسٽي ۾ ڪنهن به مذهب جو شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو.
    نيوجرسي رياست جي هن يونيورسٽي رٽگرز (Rutgers) جون برانچون نيوارڪ ۽ ڪئمبڊن ۾ به آهن، پر شروعاتي ادارو يعني يونيورسٽي جا پرائمري ڪئمپس نيو برنس وڪ ۽ پسڪاٽ اوي ۾ آهن، جيئن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو شروعاتي ڪئمپس حيدرآباد شهر ۾ هو.
    رٽگرز يونيورسٽي جيڪا پهرين Queen College هو ان ۾ شاگردن جي پهرين بئچ کي داخلا 1771ع ۾ ملي، جن 1774ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان وقت هن ڪاليج ۾ جنرل تعليم کان وڌيڪ گرجا گهرن (Churches) لاءِ پادري پئدا ڪرڻ اهم هو. اهو اصل مقصد اڄ به رٽگرز جي دستاويزن تي اڪريل آهي؛
    “............. to educate the youth in languages, liberal, the divinity, and useful arts and sciences.”
    1825ع ۾ هن ڪاليج (ڪئنس ڪاليج) جو نالو بدلائي رٽگرز ڪاليج رکيو ويو جيڪو نالو آمريڪي انقلابي جنگ جي هيرو ڪرنل هينري رٽگرز کي عزت بخشڻ لاءِ هو. ڪرنل رٽگرز 1745ع ۾ هالنڊ ۾ ڄائو ۽ 1830ع ۾ آمريڪا ۾ گذاري ويو. سؤ کن سال هي ڪاليج ان ئي نالي سان رهيو. ان بعد 1924ع ۾ هن جو نالو رٽگرز يونيورسٽي رکيو ويو.


    ڪارنيل يونيورسٽي جتان منهنجي والد M.Sc ڪئي

    نيوجرسي ۽ نيويارڪ رياستن ۾ اسانجا تمام گهڻا پاڪستاني رهن ٿا، ان ڪري هن پاسي جي يونيورسين؛ رٽگرز، ڪولمبيا ۽ ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ اڄ ڪلهه چڱو تعداد پاڪستانين جو آهي. ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو نالو اسان اڃا پرائمري اسڪول ۾ هئاسين ته ٻڌوسين، جتان منهنجي والد صاحب گـل محمد شيخ 1950ع واري ڏهي ۾ M.Sc ڪئي.
    ڪارنيل يونيورسٽي نيويارڪ رياست جي شهر اٿياڪا ۾ آهي. ڪارنيل 1865ع ۾ کلي، جنهن جا باني عذرا (Ezra) ڪارنيل ۽ ائنڊريو ڊڪسن هئا. هن يونيورسٽيءَ ۾ هر مذهب ۽ رنگ جي ماڻهوءَ کي داخلا ملي ٿي. هيءَ يونيورسٽي 800 کن ايڪڙن تي آهي، جتي انتظاميه، آفيسون، ليڪچر هال، آڊيٽوريم، هاسٽلون، ميوزيم، لئبرريون ۽ ٻيون عمارتون ملائي 260 بلڊنگون ٿين ٿيون. ان کان علاوه ڪارنيل يونيورسٽي سان لاڳو ٽي هزار کن ايڪڙ زمين پڻ يونيورسٽي جي آهي، جتي بوٽنيڪل باغيچا، مڇين جون هوديون (Ponds) وڻن ۽ گلن جا ٻوٽا آهن.
    ڪارنيل يونيورسٽي جي ٻن ميڊيڪل سينٽرن مان هڪ ويل ڪارنيل ميڊيڪل سينٽر نيويارڪ شهر جي مئن هٽن واري علائقي ۾ آهي ۽ هڪ ملڪ کان ٻاهر دوحا (قطر) ۾ آهي. ڪارنيل يونيورسٽيءَ جا گرئجوئيٽ “Cornellians” سڏجن ٿا.
    نديم جوڻيجي جي دعوت ۾ آيل ڊاڪٽر علي ابڙي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيويارڪ ٽائمز اخبار ۾ آيو هو ته ٻه لک ٽيهه هزار ڪارنيل گرئجوئيٽ هن وقت هن دنيا ۾ رهن ٿا. ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو ڪو گرئجوئيٽ آمريڪا جو صدر سو نه ٿيو آهي، باقي ٻين ڪيترن ئي اهم عهدن تي هن يونيورسٽي جا تعليم يافته آهن. فيڊل ڪاسترو، شهنشاهه ايران ۽ چين جو صدر به هن يونيورسٽي ۾ پڙهيا. آمريڪا جا ڪيترا ڪابينا جا ميمبر ۽ جج هن يونيورسٽي جا آهن. ڪارنيل يونيورسٽي جي ڪيترن ئي ليکڪن کي Pultizer انعام ۽ نوبل ايوارڊ ملي چڪا آهن. اسڪولي ڏينهن ۾ اسان ڪلاس ميٽ انگريزي ناول گڊ (Good Earth) وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين. ان جي ليکڪا “پرلس ايس بڪ” پڻ هن يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ هئي. ان کان علاوه انگريزي جي مشهور ناولن؛ سلاٽر هائوس فائو، Beloved، دي ايليميٽس آف اسٽائيل، Charlotte’s Web، جينٽل مئن ائگريمينٽ جا انعام يافته ليکڪ هن يونيورسٽي جا پڙهيل هُئا.


    ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ سندس گهرواري

    ڊاڪٽر علي ابڙي جي گهرواريءَ سعيد ابڙو ٻڌايو ته اڄ ڪلهه ڪيترائي سنڌي نه فقط آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن، پر انهن ۾ پروفيسر ۽ Dean پڻ آهن، جيئن ته پروفيسر گل آغا، نديم جمالي، اسانجي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف ميمڻ وغيره.
    هتي ڪجهه سٽون ڊاڪٽر علي ابڙي بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو، جيڪو آمريڪا ۾ رهندڙن نذير مغل، عبدالرزاق شيخ، ڊاڪٽر خورشيد چنا، سليم شاهه جيان تمام پراڻو رهاڪو آهي. ڊاڪٽر علي ابڙو صاحب وارن جي وڏن جو ڳوٺ ته ميهڙ آهي، پر پاڻ ڪراچيءَ ۾ ئي ننڍا ٿي وڏا ٿيا. ڊاڪٽر علي ابڙو سنڌ گورنمينٽ جي مشهور سيڪريٽري عبدالقادر ابڙي صاحب جو ڀاءُ آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي مان مئرين بائلاجي ۾ M.Sc ڪرڻ بعد انگلينڊ هليو آيو ، جتي 1969ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس سبجيڪٽ “Biological Sciences” هو. ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد پاڻ ڪراچي ويسٽ وهاف تي “فشريز” کاتي جي مئرين ڊپارٽمينٽ ۾ بائلاجسٽ ٿي ڪم ڪيائين. ان بعد 1972ع جي شروعات ۾ هيڏانهن آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ هليو آيو، جتي اسانجي ساڻس انهن ڏينهن ۾ ملاقات ٿي ۽ اهو منهنجو آمريڪا ۾ آخري دفعو هو جو شالامار نالي جهاز کي هلائي بروڪلن جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ڪيو هئوسين. ان بعد آئون ڏور اوڀر ۽ يورپ جي پاسي ئي جهاز هلائيندو رهيس ۽ ڊاڪٽر علي سان آمريڪا ۾ وري ملاقات نه ٿي سگهي ۽ هاڻ ٽيٽيهه کن سالن بعد هن سان وري هنن پٽن تي ئي ملڻ ٿيو آهي.
    ڊاڪٽر علي نيويارڪ پهچي ٻه سال Cyto Pathology ۾ پڙهائي ڪئي. ان بعد اسپتال جو ائڊمنسٽريٽر ٿي رهيو ۽ پوءِ پئٿالاجي لئبارٽريز جو مئنيجر ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ هينئر تائين ان فيلڊ ۾ آهي. سندس زال سعيده ابڙو پندرهن سال کن حبيب آمريڪن بئنڪ ۾ مئنيجر رهڻ بعد هاڻ گهر ۾ ئي وقت گذاري ٿي ۽ پنهنجي ٻن ٻارن: وڏي پٽ ۽ ننڍي ڌيءَ حبا جي تعليم تي ڌيان ڏئي ٿي، جيڪا هن وقت يارهين ڪلاس ۾ آهي. سعيده سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشالاجي ۾ M.A ڪرڻ بعد هتي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. سعيده سنڌ جي مشهور تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ صاحب جي ڌيءَ ۽ خانصاحب اسحاق ميمڻ صاحب جي پوٽي آهي.
    منهنجي خيال ۾ اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته آمريڪا ۾ رهندڙ سڀئي سنڌي عورتن ۾ سعيده گهڻو ملنساز ۽ قابل احترام آهي. هوءَ سوشل ڪمن ۾ بهرو وٺڻ کان علاوه هر هڪ جي تڪليف ۽ غم کي پنهنجي سمجھي، ان جي مدد ڪري ٿي. هوءَ جيتري اخلاق ۽ طبيعت ۾ سٺي آهي اوتري سونهن ۽ شڪل ۾ ... هر وقت ۽ هر هنڌ هوءَ کلندي ۽ خوش ٿيندي نظر اچي ٿي. چاهي فلڪ شير وارن جي دعوت هجي يا خالد چنا وارن جي، سالياني پسڪاٽاوي واري سنڌين جي ڊنر هجي يا سانا جو ٽي ڏينهن لڳاتار هلندڙ فنڪشن، هوءَ ٻارن توڙي پوڙهن سان، مردن توڙي عورتن سان هر وقت خوش اخلاقيءَ سان ملندي نظر اچي ٿي.
    سعيده ابڙو جون ٻه ٻيون ڀيڻون پروفيسر فريده ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نسرين ميمڻ ۽ هڪ ڀاءُ طُفيل ميمڻ (جنهن جي شادي ڊاڪٽر نسرين سان ٿي آهي) هتي آمريڪا جي اولهه واري رياست ڪئليفورنيا ۾ ئي رهن ٿا. پروفيسر فريده ميمڻ حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ پڻ ڪجهه سال رهي چڪي آهي، پر هاڻ ڪئليفورنيا ۾ آهي، جتي سندس مڙس رشيد ميمڻ ڪمپيوٽر انجنيئر آهي. ڊاڪٽر نسرين جي مڙس اعجاز ميمڻ جو پڻ هتي ئي جاب آهي. سعيده جي هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا (۽ سندس فلائيٽ انجنيئر مڙس سيف الله ميمڻ) ڪراچي ۾ رهي ٿي ۽ هڪ ڀاءُ اختر ميمڻ جيڪو ٽيليفون ڊپارٽمينٽ ۾ ڊويزنل انجنيئر آهي . اهو ۽ سندس زال ڊاڪٽر شيرين ميمڻ پڻ پاڪستان ۾ آهن.
    سعيده ابڙو جا چاچا عبدالوهاب ميمڻ صاحب، نثار ميمڻ، يار محمد، اسماعيل ميمڻ (جيڪو پوليس کاتي ۾ آهي) ۽ ننڍو چاچو مشتاق ميمڻ جنهن جي ويجھڙائيءَ ۾ شادي اسانجي دوست شبير جماڻي جي نياڻي فوزيه سان ٿي آهي، پاڪستان ۾ ئي رهن ٿا.


    Yala ۽ پرسٽن يونيورسٽي

    سعيده ابڙو ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر علي چاهين ٿا ته سندن ٻار هتي (نيوجرسي) جي يونيورسٽي پرنسٽن ۾ پڙهن يا ڀرواري رياست ڪنيڪٽيڪٽ جي يونيورسٽي ييل (Yale) ۾ پڙهن. ييل يونيورسٽي ’نيو هئون‘ شهر ۾ هڪ پرائيويٽ ۽ تمام پراڻي يونيورسٽي آهي، جيڪا 1701ع ۾ شروع ٿي. هيءَ يونيورسٽي آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جي سسٽم تي هلي ٿي، جتي شاگردن کي هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو. هن يونيورسٽي ۾ ڪلاسڪس، انگلش کان علاوه اپلائيڊ ۽ انجنيئرنگ سائنسز، ڊراما، آرٽ، آرڪيٽيڪچر، لٽريچر، سائڪالاجي، سوشالاجي، ايڪانامڪس، مئنيجمينٽ، ميوزڪ، تاريخ، ميڊيسنز، نرسنگ ۽ قانون جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا.
    هن يونيورسٽي (Yale) جا ڪيترائي گرئجوئيٽ آمريڪا جا صدر پڻ ٿيا، جن ۾ وليم هوورڊ ۽ جيرالڊ فورڊ پراڻا آهن ۽ ويجھڙائي وارن ۾ جارج ڊبليو بش، بل ڪلنٽن ۽ سندس زال هيلري، وائيس پريزيڊنٽ ڊڪ چيني، جان ڪيري، جو لائبرمئن آهن.
    پرنسٽن يونيورسٽي هتي نيوجرسيءَ ۾ ئي آهي. اها آمريڪا جي جھونن تعليمي ادارن ۾ چوٿين نمبر تي آهي. Yale) يونيورسٽي ٽئين نمبر تي آهي) ۽ 1746ع ۾ نيوجرسي جي شهر “ايلزبيٿ” ۾ ڪاليج آف نيوجرسي جي نالي سان شروع ٿي ۽ پوءِ اها 1756ع ۾ پرنسٽن شهر ۾ شفٽ ڪئي وئي ۽ 1896ع ۾ هن جو نالو پرنسٽن يونيورسٽي رکيو ويو.
    ٻين سبجيڪٽن کان علاوه هن يونيورسٽي ۾ ائنٿروپولاجي، جيو فزڪس، اينٽومولاجي، Robotics پڻ پڙهايا وڃن ٿا.


    تون ڪٿين آهي پرين ....

    ان رات نديم جي دعوت ۾ رات جا ٻارنهن ٿي ويا هئا، هڪ هڪ ٿي سڀني موڪلايو. سائين اسماعيل حميراڻي صاحب ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر ڪامران، ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ سندس ڀاءُ منصور، ڊاڪٽر علي ابڙو، وغيره وغيره ۽ آخر ۾ اسين اٿياسين. ڊنر مهل زرينا بلوچ جي راڳن جي جيڪا سي ڊي هلي رهي هئي، سا نديم کان وٺي پنهنجي ڀاڻيجي هيمون (ضمير وسطڙو) کي ڏنم ته رستي تي گاڏيءَ ۾ وڄائيندو هلي، جيئن هڪ دفعو وري زرينا جا راڳ نيو جرسي جي ويڪرن رستن تي نويڪليءَ رات ۾ ٻڌبا هلجن. ثمير گاڏي هلائي، سڄي ڏينهن جي برسات رات کي ٺاري رکيو هو. رستي جي بلبن ۽ ڪار جي هيڊلائيٽ جي روشنيءَ ۾ چوڌاري ٻوٽا ۽ چهچ سايون ڇٻرون نظر اچي رهيون هيون. هونءَ به نيوجرسي رياست جي موسم ۽ ڌرتي اهڙي آهي جو ٻارهو ئي مينهن وسڻ ڪري سڄا پٽ ساوا ٿيا پيا آهن ... وڻن سان، گلن ٻوٽن سان، ڇٻرن ۽ گاهن سان. تڏهن ته آمريڪا جي هن رياست کي Garden State سڏين ٿا. نيوجرسي، پينسلوانيا، ورجينا ۽ نيويارڪ رياستن جي ماڻهن کي ته آئون چوندو آهيان ته توهانکي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا گهمڻ جي ضرورت ئي ناهي. اوڏانهن ماڻهو ساوڪ ۽ بارش لاءِ ٿا وڃن، اها هتي موجود آهي.
    “پوءِ ڀلا ٻنهي ۾ ڪهڙو پٽ سٺو آهي؟ ملائيشيا يا نيوجرسي؟” اهڙي قسم جي ڳالهه تي عرفان جماڻي، رميش ٿارواڻي، سلطان لغاري ۽ عمر عباسيءَ جهڙا جوان اڪثر پڇندا آهن.
    “توهانجي نيوجرسي رياست.” آئون جواب ڏيندو آهيان.
    “اهو ڀلا ڪيئن؟” هو وائڙا ٿي پڇندا آهن.
    “اهو هن ريت جو ملائيشيا ۾ ساوڪ ضرور آهي ... سيءُ ناهي. ٻارهو ئي گهم، گهٽ ۽ گرمي آهي، جنهن ڪري اڏامندڙ جيتن؛ مڇرن، مکين، ڏينڀن چيلاٽن کان وٺي چرندڙ ساهوارا: نانگ، بلائون، وڇون سؤ پيرون جام آهن، جن ملائيشيا جهڙي جنت ۾ ڄڻ کڻي کاٽ هنيو آهي. نيو جرسي، نيويارڪ، ورجينيا پاسي ڇهن مهينن کان مٿي سخت سردي ٿيڻ ڪري اهڙي مصيبتن جو نالو نشان ناهي.”
    اهو ٻڌي هن پاسي جا اسانجا هم وطني خوش ٿي ويندا آهن ۽ کين خوش ٿيڻ به کپي. وطن ۽ وطن وارن کان ڏور اڪثر ڪجهه ته Compensation ۽ بهتري هجي. هڪ دفعي منهنجي ان ڳالهه تي ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي چيو: “تنهنجي معنيٰ گرمي کان سردي بهتر آهي. جنهن ۾ جيت جڻيا گهٽ ٿا ٿين.”
    منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، جو سرديءَ ۾ ماڻهو نه فقط صحتمند رهي ٿو، پر گهڻي پورهئي ڪرڻ تي به هن جي دل چوي ٿي. پر هڪ خيال کان اها گرمي، گهٽ ۽ گهم به سٺي ڳالهه آهي، نه ته هي گورا يورپي ڪو اسانجي ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن کي ڇڏين ها؟ آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جيتوڻيڪ ڏورانهان ڏيهه آهن، پر ٿڌ ڪري يورپي گورا انهن ملڪن جي پچر نٿا ڇڏين. آفريڪا کنڊ ڇڏي ڏنائون، پر “سائوٿ آفريڪا” ملڪ نه ڇڏيائون، جو اتي ٿڌ ۽ ساوڪ آهي. چڱو جو اسانجي ايشيائي ملڪن ۾ سڪندر اعظم ۽ اسٽئمفورڊ رئفلز جهڙن کي مڇرن پٽيو ۽ مليريا ۾ مبتلا ٿيا، نه ته هي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسي ايندڙ اسان جي ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن مان ڪو ائين ٽرن ها...!
    “ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت،
    منهنجي من کي چين ناهي.”
    مون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون سوچڻ بدران زرينا بلوچ جي مٺي آواز ڏي ڌيان ڏنو، جنهن جي سُرن مونکي سمنڊ تي رات جي اڪيلاين ۾ جهاز هلائڻ ۾ Inspiration، همٿ ۽ تازگي مهيا ڪئي.....
    هاءِ ڪهڙي رات آهي
    ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت
    منهنجي من کي چين ناهي.....
    ڪيترائي آرٽسٽ انسانن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ايندا آهن ۽ وقت ۽ ماحول جي بدلجڻ سان هو بور ثابت ٿيندا آهن، پر زرينا بلوچ جنهن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو عزت مان جيجي سڏي ٿو، منهنجي شروع کان فئوريٽ رهي، ته اچي زندگيءَ جي شام جا هي پويان پهرَ ٿيا آهن. هڪ دفعي ماهين هيسباڻيءَ واهه جي ڳالهه ڪئي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ کي سونهن پڙهڻ وارو يا ڳائڻ وارو بخشي ٿو. ان کان ڪو به انڪار ناهي ته شيخ اياز اسانجو عظيم شاعر آهي، پر اسان جهڙن جي دلين ۾ شيخ اياز جهڙن شاعرن جي شاعريءَ جي عظمت ۽ سونهن جيجي زرينا پئدا ڪئي .... اسانجي گاڏي نيو جرسي رياست جا ننڍڙا ننڍڙا شهر لتاڙي “راهه وي” شهر ڏي وڃي رهي هئي. اوڪ ٽري روڊ جي چوراهي وٽ گاڏي پهتي ته ڳاڙهو سگنل هو. دڪان هوٽلون بند ٿي چڪا هئا سواءِ شاليمار ريسٽورينٽ جي.....
    تون ڪٿي آهين پرين !
    آهي ڪٿي اڄ تنهنجي پريت........
    ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت
    منهنجي من کي چين ناهي.......


    Zarina Baloch is a Talented Soul

    اڄ مونکي جيجي زرينا جو راڳ ٻڌي تازگي بدران اداسي ڇو ٿي رهي آهي. نديم جي گهر پڻ جيجي زرينا جي ڳالهه ڪري سڀ غمگين هئا. ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت ٺيڪ نه آهي. اهو پهرين به ٿيندو رهيو آهي، پر اڄ اهو معلوم ڪري سڀني کي ڏک ٿو ته جيجي زرينه صحيح ٿي اسپتال مان نڪرڻ بعد وري اسپتال داخل ٿي آهي ... بلڪه انتهائي نگهداشت (ICU) واري هال ۾ آهي. مونکي جيجي زرينا جي بيماريءَ جو ٻڌي ڏک ان ڪري به ٿي رهيو آهي ته آئون سڄي زندگي سمنڊن تي ۽ ڌارين ملڪن ۾ رهي، هر دفعي اهو ئي سوچيندو رهيو آهيان ته هن دفعي ڪراچيءَ ۾ موڪل تي لهندس ته جيجي زرينا جهڙن فنڪارن وٽ وڃي ڪچهري ڪندس ... جنهن جا راڳ، گيت، سهرا هر وقت ٻڌندو رهيو آهيان. آئون زرينا بلوچ جي نئين گاني شروع ٿيڻ سان هن جي وڏي ڄمار جي دعا گهران ٿو.
    سڀ ڪا مومل،
    سڀ ڪو راڻو
    پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
    او پنهنجي پنهنجي ڪاڪ.....
    زرينا بلوچ جي راڳن جي هيءَ سي ڊي ڪئناڊا کان نديم جي ڀاءُ ڊاڪٽر منير جوڻيجي کيس موڪلي آهي. هڪ جهاز تي درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ آئون گڏ هئاسين. ان جي ٽي وي لائونج ۾ انگريزي ۽ اڙدو کان علاوه ڀڳونتي نانواڻي ۽ زرينه بلوچ جا به رڪارڊ هئا ... جيڪي آئون ۽ مخدوم وڏي شوق سان ٻڌندا هئاسين ۽ اهي ايترا دفعا ته ٻڌاسين جو اسان جا ٻيا جهازي چوندا هئا ته اهي رڪارڊ فوني جي سئيءَ سان ڪپجي ڇلا ڇلا ٿي ويندا. انهن راڳن جا ڪجهه ٻول هن وقت به دماغ ۾ ڦري رهيا آهن:
    o مور ٿو ٽلي.
    o وني ماڻين بنڙا، سيج ماڻين سنهڙا.
    o مٺوئڙا من ماندو تولاءِ.
    o هڏڪيءَ مٿان مونکي آئي هڏڪي.
    o ساوڪ رت ۾ سانورا......
    ڪئپٽن مخدومن اڄ به زرينا بلوچ جي آواز جو عاشق آهي ۽ چوندو آهي.
    “She is one of the illustrious daughter of `Mother Sindh’ … a bright and brilliant icon and a remarkable and extraordinary legend of Sindh.”
    اسانجي سامونڊي زندگي ۾ زرينا بلوچ اسان لاءِ هڪ طاقتور سامونڊي ديوتا هئي، جنهن جي آواز اسان کي اتهاس ٿي ڏنو ... طوفاني راتين ۽ مڇريل سمنڊن تي شڪتي ٿي ڏني. منهنجي جڏهن ساڻس پهريون دفعو اوچتو ملاقات ٿي، ته ان وقت تائين آئون فقط سندس آواز جو واقفڪار هوس. آئون هن جي شڪل کان واقف نه هوس ... مونکي اها به خبر نه هئي ته هوءَ ڪٿي ٿي رهي ... ڪا نوڪري ڪري ٿي يا رڳو ڳائي ٿي. خبر ناهي تيسيتائين رسول بخش پليجي صاحب سان شادي ٿي وئي هيس يا نه. جيتوڻيڪ زرينه بلوچ کي اهو پهريون دفعو ڏسڻ کان گهڻو گهڻو اڳ کان وٺي منهنجو سائين رسول بخش پليجي ۽ سندس ڀاءُ عبدالرحمان وٽ گهر ۾ وڃڻ ٿيندو هو، پر اها ڄاڻ نه هئي ته هوءَ رسول بخش پليجي صاحب جي علم، ادب، سياست ۽ عوام جي خدمت جي حوالي سان نالو روشن نه ٿيو هو. هو فقط حيدرآباد جو هڪ وڪيل هو پر اسان لاءِ وڏي ڳالهه زرينا بلوچ هئي، جنهن سان ائين ملڻ ناممڪن ڳالهه سمجھيم ٿي. تڏهن ته هڪ دفعي جهاز تان موڪل ڪرڻ بعد ڳوٺ اچڻ کان اڳ حيدرآباد يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ هالا جي ٻن ڪلاس ميٽن عبدالرحمان ۽ احمد يوسف سان ملڻ ويس، جيڪي اتي ٽيچر هئا. سندن پڇا دوران هڪ ڪلاس جي ماسترياڻيءَ مونکي سڃاڻي (شايد عبرت اخبار ۾ منهنجي سفرنامي سان گڏ ايندڙ فوٽو مان سڃاڻي) پڇيو ته الطاف آهين. ان بعد هن ڀرواري ڪلاس جي مس کي به سڏي ٻڌايو ته هي آهي الطاف شيخ جنهن جا سفرناما پاڻ پڙهنديون آهيون. مونکي پنهنجي تعريف ڏاڍي ڀلي لڳي. ڪو موالي ٽائيپ مرد ڪري ها ته به خوشي ٿئي ها ۽ هتي اسڪول جون ماسترياڻيون تعريف ڪري رهيون هيون ۽ سندن ننڍڙا اسٽوڊنٽس حيرت مان ڏسي رهيا هئا. آخر ان سنڌي ڀرت واري وڳي واريءَ خاتون کان پڇيم ته هوءَ ڪير آهي.
    “آئون زرينا بلوچ آهيان.” هن ٻڌايو.
    مون ان کي چرچو سمجھيو.
    “نه نه” مون کيس چيو.
    “ڇا مطلب؟” هن حيرت مان سوال ڪيو ۽ مونکا پڇيو ته مون ڪڏهن زرينا بلوچ جا گيت ٻڌا آهن.
    جواب ۾ مون هائوڪار ڪئي.
    “اها آئون آهيان.” هن چيو.
    “نه نه” مون وري نهڪار ڪئي ۽ اتان کسڪي ويس ته هي چرچو پيون ڪن. ايتري قدر جو اتان ناني جي گهر آيس، جيڪو فردوس سئنيما جي سامهون آهي. منهنجي والده به هالا کان اتي آيل هئي. مون کين اهو چرچو ٻڌايو ته ڀرواري اسڪول جي ماسترياڻي پاڻ کي زرينا بلوچ ٿي سمجهي.
    اهو 1969ع يا 1970ع جو سال هو، جڏهن آئون چويهن سالن جو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن عبرت يا بادل رسالي ۾ منهنجا مضمون ايندا هئا. واپس جهاز تي وڃي ماڊل اسڪول جي ماسترياڻي جو چرچو ڪيپٽن مخدوم کي به ٻڌايم. اهو به ڏاڍو کليو هو. هو انهن ڏينهن ۾ هڪ جونيئر نيويگيٽر آفيسر هو ۽ آئون جهاز جو جونيئر انجنيئر ۽ پوءِ تمام گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن مونکي خبر پيئي ته اها زرينا بلوچ هئي، ته پنهنجي ان وقت جي رکائيءَ تي هڪ طرف افسوس ٿيو ته ٻئي طرف جيجي زرينه لاءِ عزت جو درجو هيڪاندو وڌي ويو، ته هوءَ ڪيڏو بااخلاق شخصيت آهي ... . جنهن منهنجو ڪيڏو مٿانهون مانُ پئي ڪيو، جيتوڻيڪ ان وقت آئون اڃان نئون لکندڙ هوس ۽ شايد ئي مونکي ڪنهن سڃاتو ٿي. هوڏانهن زرينه بلوچ جي هند سنڌ ۾ هاڪ هئي.
    زرينا بلوچ جي اڄ به نه فقط ننڍي کنڊ ۾، پر جتي جتي سنڌي رهن ٿا، ته سندس تعريف ڪن ٿا. بقول WSC جي چيئرمين ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جي:
    “Zarina Baloch is a talented soul who has popularized Sindhi music and culture all over the world.”
    شل جيجي زرينا جي آواز جون لهرون دنيا ۾ قائم هُجن ۽ اسانجي دلين تي راڄ ڪندي رهي.


    آمريڪن ڪير آهي؟

    شروع ۾ به هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته USA جنهن کي اسين آمريڪا به سڏيون ٿا ته فقط اسٽيٽس (States) به، هڪ عجيب ملڪ آهي! هن جي حڪومت تي سندس عوام به ڪاوڙ ڪري ٿو، ته هنن کان ڇو ايڏو ٽئڪس اوڳاڙي ٻين ملڪن جي مدد ڪئي وڃي ٿي.
    USA اهو ملڪ آهي جيڪو سڀ کان گهڻو خير خيرات ڪري ٿو، جتي دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو رهي ٿو، جتي هر هڪ کي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي آزادي آهي، جنهن جو آئين هر انسان کي برابر سمجھي ٿو ۽ هن کي پنهنجي اظهار خيال جي کلي موڪل ڏئي ٿو، ۽ هي اهو ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا جو اونو ڪري ٿو پر سڄي دنيا لاهي موچڙو به هن کي هڻڻ چاهي ٿي. بقول هڪ سنڌي قومپرست جي جيڪو اتي سياسي پناهه هيٺ آهي: “جيڪو گهر کان ٿو رسي اهو آمريڪا کي گاريون ٿو ڏئي” ۽ اسانجو ملڪ ته وري مڙني کان نرالو آهي. ملائيشيا ۽ ايرن جهڙا ملڪ آمريڪا کي جي پسند نٿا ڪن، ته وري ان سان واسطو به نٿا رکن. اسان جا ماڻهو آمريڪا کي ناپسند ڪندا ته ان جو اظهار اهڙين ڪچين گارين سان ۽ اهڙين طريقن سان ڪندا جو ڳالهه ئي نه پڇو ۽ وري ساڳي وقت ٿوري ٻُچڪار تي پنهنجو ملڪ ڇڏي، آمريڪا وڃي رهڻ کي پنهنجي خوشنصيبي سمجھندا .
    عجيب ملڪ آهي اسانجو به، جنهن جي غريب عوام کي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي اهڙي ته گرم جوشيءَ سان بَڇيو وڃي ٿو، جو هو بنا نوٽس جي آمريڪا کي گاريون ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لهيو پون ۽ هوڏانهن اسانجي سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، فوجين، پيرن وڏيرن، چوڌرين ويندي ملن مولوين جا ٻار آمريڪا ۾ پيا پڙهن، نوڪريون پيا ڪن يا عياشون پيا ڪن. هي ائين ئي آهي ته غريب عوام پيو ان بحث ۾ وقت وڃائي ته تعليم اردوءَ ۾ ٿيڻ کپي، يا سنڌيءَ ۾ ۽ هوڏانهن اسانجي سياڻن شهرين جا ٻار انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ اعليٰ تعليم توڙي نوڪرين لاءِ پاڻ کي اهل بنايو وٺن. ڌارين ملڪن ۾ ته ڇا پر پنهنجي ملڪ جي به اها ڪهڙي آفيس آهي، جنهن ۾ انگريزي نٿي ڳالهائي وڃي يا لکي وڃي؟؟؟ جڏهن جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي، پي آءِ جي ايئر هوسٽس جي نوڪريءَ کان وٺي فوج ۾ داخلا جي انٽرويو لاءِ ... ته پوءِ ڇو نٿا سڀ انگريزي پڙهن؟ پر بقول هڪ سنڌي وزير جي جنهن جا ٻار ائبٽ آباد جي انگريزي اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ کيس مون ان جهڙو اسڪول پنهنجي ڳوٺ ۾ کولڻ جي صلاح ڏني هئي ته وراڻيو هئائين: “ادا ماٺ ڪري ويهو، سڀ جي انگريزي پڙهندا ته پوءِ اسانجي ٻارن کي ڪهڙيون نوڪريون ملنديون.”
    سو اهڙي ريت اسان وٽ عوام کي آمريڪا خلاف ڀڙڪايو وڃي ته ٿو، پر پڙهائي يا نوڪري لاءِ سڀ کان اڳ پنهنجا ٻار آمريڪا موڪليا وڃن ٿا. اسان وٽ اها ڳالهه عام آهي ته مغرب جا ماڻهو ذليل آهن، مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن وغيره وغيره. اهو ٻڌي آئون سوچيندو آهيان ٿو ته اسان جا ماڻهو ڪهڙي مغرب جي ڳالهه ڪن ٿا. فرانس ۽ انگلينڊ جهڙي قريب مغرب جي يا ڪئناڊا ۽ آمريڪا جهڙي ڏور مغرب جي؟ ۽ اهي جملا ته هو ڪافر آهن، الله کي نٿا مڃين .... ڪهڙي بنياد تي چون ٿا؟ مونکي ته فرانس جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مسلمان نظر اچن ٿا. مون جهڙن کي اسلام جي تعليم ته مالمو (سئيڊن) ۽ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جهڙين مسجد ۾ نو مسلم يورپين جا ليڪچر ٻڌي حاصل ٿي. جنهن سڪون سان اسين انگلنڊ ۽ ڪئناڊا جي مسجدن ۾ نمازون پڙهون ٿا اهو سڪون ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي مسجدن ۾ به نه آهي، جتي مسلمان مسلمانن کي بمن سان اڏائيندا وتن.
    هتي آمريڪا ۾ جنهن علائقي ۾ منهنجو پهريان ٻه مهينا رهڻ ٿيو، اتي اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته سڄي محلي جي هزارين فلئٽن مان سواءِ چند جي، ٻين سڀني ۾ انڊيا جي گجرات رياست جا ماڻهو رهيا ٿي يا دهلي، ڪراچي ۽ لاهور جا مسلمان. هو سڀ سالن کان هتي رهن ٿا ۽ هتي جا سٽيزن آهن ۽ هتي جو پاسپورٽ اٿن يعني هو آمريڪن آهن. هنن جو مرڻ جيئڻ هاڻ هن ڌرتي تي آهي. هنن مان ڪيترا ته ويندي آمريڪن پوليس ۽ فوج ۾ به آهن. ويندي اسان جا ڪيترا سنڌي آمريڪن سٽيزن آمريڪا جي فوج ۾ آهن. اهڙي طرح آمريڪا ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن جا آهن جيڪي گذريل پنج صدين کان هتي آباد ٿيندا رهيا آهن. روس، جرمني، انگلينڊ، اسپين، هالينڊ، چين، جپان، ويٽنام، انڊيا ، پاڪستان، يمن، ايران، مصر، فلسطين، ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو هتي آمريڪا ۾ نه آهن ۽ اهي سڀ عرب، مصري، هندو، مسلمان، عيسائي، تامل، سوڊاني جيڪي هاڻ هتي جا سٽيزن آهن، آمريڪن آهن. آمريڪن ڪا الڳ مخلوق ناهي. ڪنهن به آمريڪن کي جھلي پڇو ته هو ڪير آهي، ته هو ٻڌائيندو ته هو اسپين کان هتي آيو، هو ڊچ آهي، هو فلسطيني آهي، هو آفريڪا جو شيدي آهي .... جيڪي هتي هزارين سالن کان رهندڙ پراڻا باشندا هئا، اهي ريڊ انڊين آهن، جن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي.
    اڄ ڪلهه واشنگٽن ۾ آهيان. هتي توڙي ڀر واري رياست ورجينيا ۾ مندرن ۽ گرجا گهرن سان گڏ مسجدون به ڏسان پيو. گذريل هفتي هتي جي رهاڪو (۽ سٽيزن) اعجاز ابڙو، ڊاڪٽر منور عباسي ۽ غلام مصطفيٰ پلهه سان بالٽيمور جي جامع مسجد ۾ جمع نماز پڙهڻ لاءِ ويس. آفريڪا ۽ ايشيا جي انيڪ مسلمانن سان گڏ اسانجا ڪيترائي پاڪستاني به نظر آيا، جن کي هاڻ هتي جو پاسپورٽ آهي ۽ هو آمريڪن سڏائڻ ۾ حق بجانب آهن. هو مختلف معاشي، رسمي، ماحول ي ۽ ٻين مجبورين کان جان ڇڏائي هتي آيا ۽ هاڻ هو هتي سڪون ۾ رهن ٿا. اهي فلسطيني جن کي سعودي عرب جهڙي مسلمان ملڪ به رهڻ نه ڏنو، انهن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ ڇت ۽ کائڻ لاءِ ٽي ويلا ماني ملي. اهو پاڪستاني ۽ بنگالي جن کي ڊگرين هوندي به پنهنجي ملڪ ۾ نوڪريون نه مليون، اهي هتي سٺو روزگار ڪمائي، نه فقط پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪريو ويٺا آهن، پر پنهنجن غريب مائٽن جي به مدد ڪندا رهن ٿا. اهي ايراني، عراقي، چيني، تامل جن سان سندن حڪومتن ظلم ڪيا، انهن آمريڪا کي سڪون جي ڌرتي پاتو. اهڙي طرح هن کان اڳ ۽ اڄ پڻ يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو هتي آمريڪا ۾ ايندا رهن ٿا، جتي هنن کي بهتر مستقبل لڳي ٿو. ويندي ڪيوبا ملڪ جا جيڪي ظاهري طرح ته آمريڪا تي گارين جو هڪ دس لاهين ٿا ته ٻيو چاڙهين ٿا، پر پهريون موقعو ملڻ سان سمنڊ ٽپي آمريڪا جي ڌرتي تي اچڻ جي ڪوشس ڪن ٿا، جتي ڪجهه به آهي هنن سان اهي ظلم نٿا ٿين، جيڪي سندن ملڪ ۾ ٿين پيا. سو هتي آمريڪا ۾ آمريڪن ڪير آهي؟ ڪا خاص مخلوق ناهي، پر اهي ئي ڪيوبن، نائيجيرين، انڊين، پاڪستاني، مصري، فلسطيني، جرمن، ڊچ، انگريز گجرات جا پٽيل، سئيڊن جا سوڊرون، جانسن وغيره آمريڪن ئي آهن ... ويندي سنڌ جا ڏاهري، نظاماڻي، قلباڻي، ڏيپلائي، ناريجا وغيره آمريڪن آهن، جو هو هاڻ هن ملڪ جا شهري آهن. هنن کي هن ملڪ جو پاسپورٽ آهي. اسان ڪيئن ٿا چئون ته آمريڪا ڪافر آهي. سچ ته هي آهي ته آمريڪا ۾ اسي لکن کان به گهڻا مسلمان رهن ٿا... جتي ڪٿي مسجدون نظر اچن ٿيون ۽ گذريل ڪيترن سالن کان آمريڪا جو تکي ۾ تکو وڌندڙ مذهب اسلام آهي.
    اسان آمريڪا جي حڪومت جي پاليسين کي سٺو يا خراب ته چئي سگهون ٿا، پر آمريڪا جي عوام ۽ هر ماڻهو جي خلاف گهٽ وڌ نٿا ڳالهائي سگهون. بهرحال اهو سڀ ڪجهه ان تان ياد آيو ته ويجھڙائيءَ ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا خلاف جلسن جلوسن ۾ آمريڪا جي عوام کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ اهو پڻ چيو ويو ته ’آمريڪن جتي ملي ان کي مارڻ کپي‘، اها خبر هتي جي اخبارن ۾ پڙهڻ سان نه فقط هتي جي ماڻهن کي تعجب لڳو پر ڏک پڻ ٿيو. هڪ آمريڪي گوريءَ اسان جي اديب، مشهور ٽي وي آرٽسٽ ۽ قومي ليڊر ۽ مفڪر ۽ هاڻ آمريڪن سٽيزن، اسانجي سنڌي دوست اقبال ترين کي ان بابت خط لکيو، جيڪو اسان کي سوچ فڪر جي دعوت ڏئي ٿو ۽ آئون سندس اجازت سان هتي ان خط جا ٽڪرا آزاد ترجمي سان ڏيڻ بهتر سمجھان ٿو. اقبال ترين جي هيءَ دوست عورت پيٽر فرارا هتي جي هڪ يونيورسٽي جارج مئسن ۾ قانون جي پروفيسرياڻي آهي. هن خط يا مضمون جو عنوان آهي. “What is an American”. .... آمريڪن ڪير آهي....؟ يا ... آمريڪن ڇا آهي؟
    گذريل هفتي مشغول هجڻ ڪري لڳي ٿو توهان کان اها خبر پڙهڻ رهجي وئيآهي، جنهن ۾ آهي ته پاڪستان جي ڪنهن اخبار ۾ هڪ پاڪستانيءَ اهو اشتهار ڇپرايو آهي ته جيڪو آمريڪن کي ... ڪنهن به آمريڪن کي ماريندو، ان کي انعام ڏنو ويندو.
    اهو پڙهي مونکي خيال آيو آهي ته آئون قاتل جي معلومات لاءِ اهو لکان ته آمريڪن جي ڪهڙي وصف آهي، جيئن هن کي آمريڪن جي ڳولا وقت آمريڪن جي سڃاڻپ رهي.
    آمريڪن انگريزي ڳالهائڻ وارو انگريز آهي .... ۽ پڻ هڪ فرينچ يا اطالوي، يا هسپانوي، جرمن، روسي يا يوناني، آمريڪن آفريڪي شيدي به ٿي سگهي ٿو، ننڍي قد وارو چيني به ٿي سگهي ٿو، گهنڊيدار وارن وارو پاپا نيوگني جو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو ته عرب، ايراني، ايشيائي، انڊين، ويٽنامي يا پاڪستاني يا افغان به ٿي سگهي ٿو.
    آمريڪن عيسائي آهي، ته ساڳي وقت يهودي به ٿي سگهي ٿو يا ٻڌ، يا سک يا مسلمان پڻ. سچ ته هي آهي ته جيترا گهڻا مسلمان آمريڪا ۾ آهن ايترا ته افغانستان ۾ به نه آهن. فرق فقط اهو آهي ته آمريڪا ۾ هر هڪ کي آزادي مليل آهي ته پنهنجي پنهنجي مذهب مطابق عبادت ڪري، عبادت گهر ٺهرائي ۽ گڏجاڻيون ڪري،
    هڪ آمريڪن کي اها به آزادي آهي ته هو ڪو به مذهب اختيار نه ڪري، جنهن جو جوابدار هن کي رب پاڪ وٽ پاڻ ٿيڻو آهي ۽ نه ملڪ جي حڪومت وٽ يا بارود ۽ بندوقون کڻي هلندڙ ڪنهن دهشتگرد ٽولي وٽ.
    هر آمريڪن جو اهڙي ملڪ سان تعلق آهي، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان خوشحال ملڪ آهي ۽ ان خوشحاليءَ جون پاڙون ملڪ جي “آزادي جي اعلان” (Declaration of Independence) ۾ ملي سگهن ٿيون، جيڪا رب پاڪ طرفان هر هڪ مرد ۽ عورت کي مليل ان حق کي تسليم ڪري ٿي ته هو خوشيءَ کي حاصل ڪري.
    آمريڪن سخي مرد ٿئي ٿو. آمريڪن ضرورت وقت دنيا جي هر پنهنجي پرائي ملڪ جي مدد ڪئي آهي. اڄ کان ويهه سالَ اڳ جڏهن روسي افغانستان تي چڙهائي ڪري آيا ته آمريڪا ئي مڪاني ماڻهن جي هٿيارن پنهوارن ۽ راشن پاڻي سان مدد ڪئي، جيئن هو وري آزادي حاصل ڪري سگهن. 11 سيپٽمبر جي صبح کان وٺي اڄ ڏينهن تائين. جيترو آمريڪا افغانستان جي غريب عوام جي مدد ڪئي آهي ۽ پئسو ڏوڪڙ ڏنو آهي، اوترو ڪنهن به ملڪ نه ڏنو هوندو.
    هر آمريڪن آزاد آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ڪارندن جي غلطين تي تنقيد ڪري ۽ هن کي حق مليل آهي ته جنهن وقت هن کي وڻي هو ميجارٽي ووٽ سان پنهنجي حڪومت بدلائي سگهي.
    آمريڪن دنيا جي هر ملڪ، مذهب ۽ ڪلچر جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ آڌرڀاءُ ڪن ٿا، ڇو جو هنن کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه آهي. هنن کي اهو ڪو خوف ناهي ته ڌارين جي اچڻ ڪري سندن مذهب، زبان، ريتن رسمن ۽ اعتقادن کي ڪو ڇيهو رسندو.
    آمريڪن نه رڳو ڌارين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ويلڪم ڪن ٿا، پر هنن جي سٺين ڳالهين جي تعريف به ڪن ٿا. سائنس جون ايجادون، اعليٰ ٽيڪنالاجي، بهترين شيون، بهترين ڪتاب، بهترين ميوزڪ، بهترين ماني ٽڪي، بهترين رانديگرن وغيره کي هو مانُ ڏين ٿا ۽ پنهنجو ڪن ٿا.
    آمريڪن نه فقط بهترين ماڻهن کي دلين ۾ جاءِ ڏين ٿا، پر انهن کي به پنهنجو ڪن ٿا، جن وٽ ڪجهه به نه آهي. آمريڪا جو قومي نشان (آزاديءَ جو مجسمو) توهان جي ٿڪل ۽ غريب ماڻهن، طوفانن جي سٽيلن ۽ بي گهر ماڻهن جو آڌر ڀاءُ ٿو ڪري.
    دراصل اهي ئي ماڻهو آهن، جن هي ملڪ آمريڪا ٺاهيو. انهن مان ڪيترن ئي يارهين سيپٽمبر جي صبح جو نيويارڪ جي جاڙن (Twin) ٽاور ۾ ڪم پئي ڪيو. هنن پنهنجن ٻچن ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ روزي پئي ڪمائي.
    توهان مان ڪو جيڪر ڪنهن آمريڪن کي مارڻ ٿو چاهي ته بيشڪ پنهنجو شوق پورو ڪري. ڪيترن ئي ائين ڪرڻ ضروري سمجھيو ٿي. انهن مان هڪ هٽلر به هو. جنرل توجو ۽ اسٽلن ۽ مائوزي تنگ به هو ۽ دنيا جي تاريخ ۾ هر رت جي اڃايل ظالم ائين ڪرڻ چاهيو ٿي.
    پر ائين ڪرڻ جي چڪر ۾ توهان پنهنجو پاڻ کي نابود ڪري وهندئو، ڇو ته آمريڪن دنيا جي ڪنهن خاص خطي جا ڪي خاص ماڻهو نه آهن. اهي انساني آزادي جي روح جو ڍانچو آهن. هر اهو ماڻهو جنهن جي اندر ۾ ان قسم جي آزاديءَ جو روح آهي، اهو آمريڪن آهي، پوءِ اهو کڻي ڪٿي به هجي.
    سو ڪنهن آمريڪن کي ڳولڻ لاءِ ڪا گهڻي جدوجهد جي ضرورت ناهي. اهي توهانجي چوڌاري ئي ملي سگهن ٿا. اهي توهانکي توهانجي ئي ڌرتي ۽ ديس ۾ ملي سگهن ٿا. ذرا غور سان ته جانچيو توهان جي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن مٽن، مسجدن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ئي ڪيترا آمريڪن ملي ويندا، جن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ آهي، آمريڪا جي Citizenship آهي يا هنن جي دلين ۾ آمريڪا جهڙي آزاد ملڪ ۾ رهڻ جي خواهش آهي.


    آمريڪا جي ٻن صدرن جون ملندڙ ڳالهيون

    ابراهم لنڪن ۽ جان ايف ڪينڊي آمريڪا جا اُهي صدر ٿي گذريا آهن جن کي عوام بيحد پسند ڪيو ٿي. اتفاق سان ٻئي قتل ٿيا. سندن زندگي ۽ موت ۾ ڪيتريون ڳالهيون ساڳيون چيون وڃن ٿيون. جيڪي ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي (جڏهن ڪينڊيءَ جو قتل ٿيو) اسين مختلف اخبارن رسالن ۾ پڙهندا اچون. نئين ٽَهيءَ جي نوجوانن جي دلچسپي لاءِ هتي انهن مان ڪجهه ڳالهيون لکان ٿو.
    - ابراهم لنڪن 1846ع ۾ ڪانگريس لاءِ چونڊيو ويو.
    - جان ايف ڪينيڊي 1946ع ۾ ڪانگريس لاءِ چونڊيو ويو.
    - ابراهم لنڪن 1860ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو.
    - جان ايف ڪينيڊي 1960ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو.
    - ٻنهي صدرن کي جمعي جي ڏينهن گوليءَ سان قتل ڪيو ويو.
    - ٻنهي صدرن کي گولي مٿي ۾ لڳي.
    - لنڪن جي سيڪريٽريءَ جو نالو ڪينيڊي هو.
    - ٻنهي صدرن کي ڏاکڻي رياست جي ماڻهوءَ ماريو.
    - ٻنهي صدرن جي موت بعد جيڪو صدر ٿيو، ان جو واسطو ڏاکڻي رياست سان هو ۽ ٻنهي جو نالو جانسن هو.
    - ائنڊريو جانسن جيڪو لنڪن جي جاءِ تي صدر ٿيو 1808ع ۾ ڄائو.
    - لنڊن جانسن جيڪو ڪينيڊي جي جاءِ تي صدر ٿيو سن 1908ع ۾ ڄائو.
    - جان وائيڪس بُوٿ جنهن لنڪن جو قتل ڪيو، ان جي ڄم جو سال 1839ع هو.
    - لي هاروي اوسوالڊ جنهن ڪينيڊي جو قتل ڪيو سن 1939ع ۾ ڄائو هو.
    - ٻئي قاتل پنهنجين ذاتين بدران فقط نالن سان سڃاتا وڃن ٿا.
    - ٻنهي قاتلن جي نالن ۾ پندرهن اکر آهن.
    - لنڪن جو جنهن ٿيٽر ۾ قتل ٿيو هو، ان جو نالو “فورڊ “ هو.
    - ڪينيڊي جو جنهن ڪار ۾ قتل ٿيو، ان ڪار جو نالو “لنڪن” هو، جيڪا “فورڊ” ڪمپني جي هُئي.
    - ٻنهي صدرن جي قاتلن “بوٿ” ۽ “اوسوالڊ” کي ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو ۽ اصلي قاتلن جو ثبوت نه ملي سگهيو.
    - قتل کان هڪ هفتو اڳ لنڪن ميريلئنڊ جي شهر ’مونرو‘ ۾ هو.
    - قتل کان هڪ هفتو اڳ ڪينيڊي فلم ائڪٽريس مارلن ’مونرو‘ سان گڏ هو.
    - لنڪن کي ٿيٽر ۾ گولي هڻڻ بعد قاتل هڪ گدام ۾ وڃي لڪيو.
    - ڪينيڊيءَ کي هڪ گدام مان گولي هڻي، قاتل ڀرواري ٿيٽر ۾ وڃي لڪيو.


    “واسواڻي سينٽر نيو جرسيءَ ۾”

    ساڌو واسواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، پوني ۾ سندس ديهانت ٿيو. سندس، ۽ سندس نالي پويان قائم ڪيل اسڪول، اسپتالون ۽ ٻيا خيراتي ادارا هند سنڌ کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، جن جو تفصيلي احوال انڊيا واري سفرنامي “دهليءَ جو درشن” ۾ ڪيو اٿم. گذريل ٻن اڍائي مهينن کان هتي آمريڪا (USA) ۾ آهيان. مونکي اها ته خبر هئي ته هتي آمريڪا ۾ ساڌو واسواڻي سينٽر آهي، پر اها ڄاڻ اڳواٽ نه هيم ته آمريڪا جي رياست نيو جرسي جيڪو منهنجي رهائش جو مرڪز آهي، اتي پڻ ساڌو واسواڻي سينٽر آهي ۽ Avenell شهر جتي گهر آهي، اتان فقط پندرهن منٽن جي پنڌ تي آهي. هن سينٽر ۾، هن رياست (نيوجرسي) ۽ اوسي پاسي جي رياستن (مئري لينڊ، پينسلوانيا ۽ نيويارڪ وغيره) جي سنڌين جي هڪ ٻئي سان ملاقات ٿيو وڃي.
    نيو جرسي ۾ رهندڙ گهوٽڪي جي انجنيئر رميش ٿارواڻيءَ پڻ ٻڌايو ته هو مهيني ڏيڊ نيو جرسي واري ساڌو واسواڻي سينٽر ۾ چڪر هڻي اتان انڊيا کان آيل ڪيترائي سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مختلف ملڪن جا عالم ۽ مفڪر انسانيت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ هتي اچن ٿا. ساڌو واسواڻي جي مشن کي اڳتي هلائيندڙ دادا جشن پڻ هتي ايندو رهي ٿو، جيڪو سنڌ ڇڏڻ بعد سال 2005ع جي شروع وارن مهينن ۾ پهريون دفعو سنڌ آيو هو .... جنهن جا جھيڻي آواز ۾ ليڪچر اڪثر روزانو صبح جو Sony چينل تان اچن ٿا. ويجھڙائيءَ ۾ سندس ڏنل سنڌي ۾ هڪ ليڪچر جون ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏيانٿو.
    “آئون ته آهيان ان جي هٿن ۾؛
    پوءِ چنتا ڪهڙي وڃان ڪپن ۾؟”
    مان ته آهيان اُن جي هٿن ۾؛ پوءِ مونکي ڪهڙي چنتا؟ جتي به چون، اسين تيار آهيون. پرڀو ته هر هنڌ آهي. پوءِ جت به پيارو پرڀو رکي ، ات ڇو نه ڊپ بنا، چنتا بنا رهون!
    “God is everywhere! Without fear, without anxiety, without any worry, we go where ever we are called.”
    “آئون ته آهيان اُنَ جي هٿن ۾:
    پوءِ چنتا ڪهڙي جي وڃان ڪپن ۾!”
    دين بندو دينا ناٿ،
    ميري ڏوري تيري هاٿ!
    ڪپن ۾ ڪيئن؟ دادل شاهه ته چيو:
    “آئون ته آهيان ان جي هٿن ۾:
    پوءِ چنتا ڪهڙي جي رهان ڪکن ۾!”
    ڪکن جي معنيٰ غريبي (Poverty) ۾. ڀل ڪکن جي جھوپڙيءَ ۾ رهان. مونکي چنتا ڪهڙي، ڇو ته مان آهيان اُنَ جي هٿن ۾. جنهن حال ۾ مونکي رکي، اهوئي منهنجي لاءِ ڀلو آهي.
    “It is the attitude that matters more than the fact.”
    ڪيترا ماڻهو محلات ۾ رهيا پيا آهن، پر دکي، جئن اڄ Royal Princess ڏٺو سين. ڪيترا نه اُن ۾ چڙهيا هئا؛ پر ڪيترن جي دل ۾ دک، سک ڪين آهي. ڏسڻ ۾ اچن پيا سُکي؛ پر افسوس! چت جي شانتي ڪين اٿن، اڄ ڪلهه جي حياتي بيشڪ تکي تيز رفتار ۾ پئي هلي، پر افسوس! اندر جو آنند آهي ڪين.
    تنهن ڏينهن مونکي هڪ ڀيڻ گڏي. چيائين؛ سڀ ڪجهه اٿم، پر دل جي اندر Satisfaction ڪونهي. مونکي پتي آهي، جو مونکي پيار ڪري. ڪيتروئي چيائين، پر تنهن هوندي به satisfaction آهي ڪونه. مان پيئي سمجھان ته منهنجي جيون اجائي پيئي وڃي ۽ اها Satisfaction اچي ٿي جڏهن اسين پاڻ کي سمورا ارپڻ ڪريون ٿا.
    We surrender ourselves completely
    شري ايشيا چيو ته ؛ “صبح جو مونکي ڪڇ آهي ڪين؛ ۽ نه رات جو مون وٽ ڪڇ آهي؛ ته به مان سڀني کان وڌيڪ سکي آهيان، آنند ۾ آهيان!”
    Nothing in the morn have I and nothing do I have at night: yet there is none on earth happier than I.
    شري ايشيا وڌيڪ چيو ته، پهريون پرڀوءَ جو راڄ ڳوليو، باقي سڀ اوهان کي پاڻيهي ملندو.
    Seek ye first the kingdom of God and all these things shall be added unto you.
    راجا کي ٽي راڻيون هيون. راجا ويو ڏيساورن ۾. سندس متر هئا ڪي ٻيا راجائون، انهن سان ملڻ ويو پنهنجا جهازَ کڻي ويو. پنج ڇهه مهينا گشت ڪيائين. ٽنهي راڻين کي چوائي موڪليائين ته هاڻ مان موٽان ٿو، توهان کي جيڪي جيڪي کپي، سو مونکي لکي موڪليو، ته مان توهان جي لاءِ هتان وٺي اچان. وڏيَ راڻيءَ وڏي لسٽ لکي. وچينءَ راڻي وچين لسٽ لکي. ننڍيءَ راڻي فقط هڪ ننڍي چٽڪي کڻي ان تي One Figure وجھي موڪليا. راجا کي ٽيئي لسٽون پهتيون. پهرين راڻيءَ جي لسٽ پڙهيائين. ماڻهن کي چيائين ته هڪ هڪ شيءِ تمام سنڀالَ سان وٺجو، جي هڪ ئي شيءِ کٽي ته راڻي ٻين ڳالهين جو ويچار نه ڪندي، پر سڄو وقت پيئي مونکي ٽنبيندي ته تو هيءَ شيءِ ڪونه آندي. ٻي وچينءَ راڻيءَ جي لسٽ ٿوري ننڍي هُئي. پر وڏيءَ راڻيءَ کان اُچيون شيون لکيون هئائين، پر راجا لاءِ ڳالهه ساڳي. جهڙيون اوچيون تهڙيون ساديون. ماڻهن کي چيائين ته هن لسٽ جون به سڀ شيون سنڀال سان وٺي اچجو. ٽينءَ جو لفافو کوليائين ته اُت لکيو پيو هو هڪ. هيڏانهن پيو ڏسي، پٺيان پيو نهاري؛ لفافو اندران پيو کولي ڏسي؛ لسٽ ڪٿي آهي؟ هن کي کپي ڇا؟ پوءِ پنهنجي وڏي وزير کي ڪوٺيائين. چيائين؛ “هن جو دماغ ته ڪونه ڦري ويو آهي. مون چيومانس ته لسٽ لکي موڪل، جيڪي شيون توکي کپن. هن رڳو هيءَ چٽڪي ڏني آهي، جنهن تي رڳو هڪ لکيو پيو آهي.” تڏهن وڏي وزخير چيس ته “راجن! هن جو دماغ ڪينَ ڦري ويو آهي. هن ۾ وڏي معنيٰ اٿئي.” پڇيائينس، “ڪهڙي معنيٰ آهي؟” وزير چيو ته، هيءَ راڻي چوڻ ٿي چاهي ته مونکي کپي هڪ. مونکي کپين هڪ تون ئي تون!” ان ڏينهن کان راجا جا پير ئي تپي ويا. چيائين، هاڻي ڪيئن به موٽان. تڪڙو ئي تڪڙو موٽيو. بندر تي جهاز پهتو. بندر تان وڏيءَ راڻيءَ جي جيڪا لسٽ هئي، سا ڀرائي ماڻهن کي چيائين ته وڃي وڏيَ راڻيءَ جي محلات ۾ پهچايو. وچينءَ راڻيءَ جون جيڪي شيون هيون، سي ان کي موڪليائين. هر هڪ راڻيءَ کي پنهنجو محلات ٿيندو آهي. پاڻ ڇا ڪيائين، جو باقي جيڪي به شيون هيون، سي پاڻ سان کڻي ننڍيءَ راڻيءَ وٽ آيو. هن ويچاريءَ ته شيون گهريون ڪونه، پر ته به ري گهريو هن کي الائي ڇا ڇا نه ملي ويو. سڀ ڪجهه، جيڪي به راجا آندو هو.
    هفتو گذريو، ٻه هفتا گذريا، ٽي هفتا گذريا؛ هو جيڪي ٻه راڻيون، وڏي راڻي ۽ وچين راڻي، راجا کي چوائي موڪليائون ته راجن! اسان کان جي ڪا ڀُل چُڪَ ٿي هجي ته بخشيو. توهين اسان وٽ آيا ئي ڪين آهيو. هيڏا گشت ڪري موٽي آيا آهيو، توهان پنهنجو مکڙو ئي اسان کي ڪين ڏيکاريو آهي. هنن کي راجا چوائي موڪليو ته جيڪي توهان گهريو، سو توهان کي موڪليو اٿم. توهان جيڪا لسٽ موڪلي، سا هڪ هڪ شيءِ خبرداريءَ سان توهان کي موڪلي اٿم. هن راڻيءَ گهريو رڳو هڪ؛ سو مان انڪري هتي ئي ٽڪي پيو آهيان، جنهن کي اهو هڪ کپي، اُنَ کي هڪ سان گڏ بيشڪ سڀ ڪجهه ملي ٿو، ڇو ته سڀ هڪ جوئي آهي.
    Seek ye first the Kingdom of God.
    اسين ڳوليون ٿا دنيا. هيءَ شيءِ کپي، هوءَ شيءِ کپي، اسان جو ڌيان شين ڏي ٿو وڃي. پرڀوءَ ڏي ڌيان نٿو وڃي، پر شين جو مالڪ، ڪُل مالڪ آهي ته پرڀو! “پرڀو! مون کي کپين تون!”
    I need Thee, O Lord! I need nothing besides Thee _ neither pleasures nor possessions, nor power: but I need Thee, Beloved!
    اِها پڪار جڏهن اچي ٿي اسان جي اندر مان، اکرن ۾ چوڻ سولو آهي، پر جڏهن اندر مان اچي. پرڀو ته انتريامي آهي. اندر ويٺو آهي. کيس خبر پوي ٿي، اسان جي ڀاونا ڪهڙي آهي ۽ جڏهين کيس پڪ ٿئي ٿي ته اسان کي کپي هڪ پرڀو ته هو ڊوڙندو اچي ٿو ۽ اچي اُن پياسيءَ کي ملي ٿو.
    God comes and reveals Himself to us.
    اُهو پرڀو، جنهن کي ويد نه پهچي سگهيا آهن، بي انت! بي انت! اهو بي اَنت پاڻ اچي اُن کي ملي ٿو، جنهن جي دل ۾ گهرج آهي.
    Create the need for God.
    انڪري، پيارا! اها گهرجَ پيدا ڪريو. جئن اسان کي ٻاهر جي بي آرامي آهي، تيئن اندر جي به هڪ بي آرامي اٿوَ.
    The Divine restlessness.
    God comes and fills that vacuum. What a wonder state that must be!
    پوءِ پيارو پرڀو اچي اهو اندر جو خال (Vacuum) ڀري ٿو. اُن وقت اندر جي حالت ڪهڙي نه عجيب ٿئي ٿي! ان جو ذڪر اکرن ۾ ڪري سگهجي ڪينَ.
    سنت رام ڪرشن کان پڇيائون ته تون پياس، سڪ، اُڪير، عشق جون ڳالهيون پيو ڪرين. اسانکي ٻڌاءِ ته اها پياس اسين ڪيئن پيدا ڪريون؟ چيائين، “اها پياس توهان پيدا ڪريو، جا پياس موذيءَ کي آهي سون واسطي. The longing of the miser for gold. ڪنجوس اُٿندي وهندي پيو سون جا سپنا لهندو آهي. هن لاءِ سڀ ڪجهه آهي سون. زال ٻارن ڏي ڌيان ڪونه ڏيندو؛ ٻين ڳالهين کي ڌيان ڪونه ڏيندو، پر هن کي کپي سون. Even as the miser longs for gold, even as the lover for his beloved جيئن عاشق پنهنجي معشوق لاءِ سڄو وقت پيو تڙپندو. ويٺو هوندو آفيس ۾، ته به ڌيان سڄو وقت پيو معشوقَ ڏي ويندس. نهاريندو پيو ته ڪڏهين ٿا پنج لڳن ته مان واندو ٿي هلي پنهنجي معشوق کي ملان. سنت رام ڪرشن چوي ٿو ته اهڙي پياس پنهنجي اندر ۾ پرڀوءِ لاءِ اٿاريو.
    ٽن قسمن جي پياس آهي.
    (1) Of a miser of gold,
    (2) Of a lover for the beloved,
    (3) Of the child for its mother whom it has lost somewhere.
    ٻالڪ آهي؛ الائي ڪيئن ماءُ کان جدا ٿي ويو آهي. ميلي تي ويو هو. گهڻو گوڙ هو. ان گوڙ ۾ هو ماءُ کان ڇڄي ڌار ٿي ويو آهي. ويچارو پيو روئي. هن کي آرام ايندو ڪين؛ پيو پڪاريندو؛ “منهنجي امڙ مونکي کپي.” سنت رام ڪرشن چوي ٿو؛ “اها پياس توهان وڌايو”. اسان کي پياس جو آزمودو آهي، پر دنيوي پدارتن واسطي. ان پياس جو منهن جيڪر اسين ڦيرائي پرڀوءِ ڏي ڪريون.
    هڪ ڀيڻ مون کي گڏي. چيائين، ڏاڍي پياس اٿم. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. مون چيو، “شڪر، هڪ کي ته پياس آهي.” پوءِ يڪدم چيائين، “منهنجي ڏير پنهنجي زال کي وٺي ڏنو آهي هيرن جو هار. مونکي پياس آهي ته منهنجو گھوٽ به مون کي جيڪر اهڙو هار وٺي ڏئي. منهنجا ته نشا ئي ٽٽي پيا. پياس اچي، پر پياس اچي، پريتم! اڪ تو واسطي! انڪري اسين پرڀوءَ جي حاضري هر وقت پنهنجي جيون ۾ رکون.
    We should practice the presence of God!
    دڪان تي، آفيس ۾ ويٺا آهيون؛ دل ۾ چئون؛ پرڀو! تون آهين!” هڪڙي ڪرسي پنهنجي ڀرسان رکي ڇڏيو، “پرڀو! هيءَ تنهنجي لاءِ ڪرسي اٿيئي. تون ويٺو هججانءِ.” مان ڪم ڪريان ٿو؛ وري وري پيو توڏانهن نهاريندس. تون ويٺو هججان. ويٺو هوندو ۽ ائين ڪرڻ سان اندر ۾ هڪ لرزش اُٿي ٿي.
    مان ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. پوءِ صندل تي سمهندو هوس. صندل جي اڳيان هڪ ڪرسي رکي ڇڏيندو هوس. ننڊ ۾ ويندو هوس، پوءِ چوندو هوس؛ “پرڀو! مان ته وڃانءِ ٿو ننڊ ۾؛ تون ته سمهندو ڪونه آهين. تون هتي ڪرسيءَ تي ويٺو هججانءِ! ڪنهن وقت به مون رات جو پاسو ورايو. مان ڏسندس ته تون ويٺو آهين!” اهڙي ماڻهوءَ کي چريو ڪري ڪوٺيندا آهن. پر پيارا! اهڙا چريائي چڙهيا آهن.
    But it creates that bhavana in the heart.
    پرڀو ته هر هنڌ حاضر ناظر آهي. چوويهه ئي ڪلاڪ اسان سان آهي. رڳو هن کي سڏڻو آهي. منهنجا پيارا! اها پياس گهري وٺو. گهرندا ته توهانکي ملندي ضرور ضرور! گُرو جن چون ٿا؛
    مانگئه دان، ٺاڪر نام!
    ٺاڪر کان، پرڀوءَ کان، مٺڙي گرديو کان، اها سڪ، اها پياس، اها اندر جي اُڪير نام لاءِ گهري وٺو! هر هڪ سٺي شيءِ پرڀوءَ وٽان بخشيش ٿي اسان کي ملي ٿي. ان ڪري گهرو، گهرو ۽ اوهانکي ملندي ضرور، ضرور!


    ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو حادثو

    جيئن ويهين صديءَ جو اهم واقعو ٻي جنگ عظيم چئي سگهون ٿا، تيئن هن ايڪهين صديءَ جو گهٽ ۾ گهٽ هيسيتائين، اهم واقعو آمريڪا جي ٻن اوچين عمارتن (جيڪي ورلڊ ٽريڊ سينٽر يا Twin Towers جي نالي سان سڏيون ويون ٿي) جو ڊهڻ آهي. هن واقعي جا نه فقط آمريڪا تي پر سڄي دنيا تي معاشي، نفسياتي ۽ سياسي اثر پئدا ٿيا آهن ۽ ان جي پٺيان افغانستان ۽ عراق جي جنگ ٿي . آمريڪا ۾ ڪيترائي غير قانوني ڌاريان بنا پاسپورٽ جي پئي هليا، ورلي ڪنهن جو ڪو پڇاڻو ٿي ٿيو، پر هن حادثي بعد آمريڪا ۾ جا وٺ پڪڙ شروع ٿي آهي ته اڃان پئي هلي. هزارين ماڻهن کي واپس وطن موڪليو ويو آهي، ڪيترن کي جيلن حوالي ڪيو ويو آهي. ڌارين سان گڏ مڪاني ماڻهن تي به سختيون ڪيون ويون آهن ته هو هر مشڪوڪ ماڻهوءَ بابت حڪومت کي آگاهه ڪن. ڪنهن به غير قانوني آيل کي جاب نه ڏين. ايتري قدر جو گهمڻ لاءِ آيل مسافر کان به ڏهه سوال ڪيا وڃن ٿا ۽ ان ۾ گهڻو نقصان ۽ تڪليف مسلمانن ۽ عربن کي رسي آهي ... جو نيويارڪ جي عمارتن تي حملو ڪرڻ وارا عرب مسلمان چيا وڃن ٿا ۽ آمريڪا جي حڪومت ان کي ملڪ تي حملو سمجھي ٿي.
    ورلڊ ٽريڊ سينٽر (WTC) جون هي ٻه ڊگهيون عمارتون، جيڪي جاڙا ٽاور (Twin Towers) به سڏجن ٿا. نيويارڪ جي مئن هٽن واري علائقي جي هيٺين اڌ ۾ هئا، جيڪو علائقو Financial District سڏجي ٿو. جتي هي 110 ماڙ ٽاور هُئا، اهو پَٽ هاڻ گرائونڊ زيرو (Ground Zero) سڏجي ٿو، جتي اتر کان ڏکڻ ويندڙ رستا؛ ويسٽ اسٽريٽ، گرين وچ اسٽريٽ، ويسٽ براڊ وي ۽ چرچ اسٽريٽ اچيو لڳن ۽ اولهه اوڀر ۾ Vesey اسٽريٽ، فلٽن اسٽريٽ ۽ لبرٽي اسٽريٽ آهي.
    هونءَ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ ڪل ست عمارتون هيون، جن ۾ هي ٻه ٽاور اوچيون عمارتون هيون. هر هڪ ٽاور 110 ماڙ هو. اتر پاسي وارو ٽاور جنهن جي مٿان ڪئين ڳريون ائنٽينائون لڳل هيون 1368 فٽ (يعني 417 ميٽر) هو ۽ ڏاکڻو ٽاور جنهن تي نظاري لاءِ بالڪني هئي 1362 فٽ (يعني 415 ميٽر) اتاهون هو. ٽاورن جي ڊيگهه ۽ ويڪر 208 فٽ باءِ 208 هئي. 1973ع ڌاري جڏهن هي ٻئي ٽاور ٺهي راس ٿيا، ته هن ڌرتيءَ تي اهي ٻئي ڊگهي ۾ ڊگهيون عمارتون هيون ... اهي نيويارڪ جي ٻي وڏي عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ کان هڪ سؤ فٽ (يعني ٽيهه ميٽر) اتاهيون هيون. هاڻ هنن ٽاورن جي ڪرڻ ڪري Empire State Building جيڪا 1973ع تائين نيويارڪ جي اتاهين بلڊنگ هئي، هڪ دفعو وري اتاهين بلڊنگ سڏجي ٿي. شڪاگو جي Sears بلڊنگ ۽ ملائيشيا جي پيٽروناس جا ٽاور ٺهڻ کان اڳ نيويارڪ جي هيءَ عمارت (ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ) دنيا جي اتاهين بلڊنگ هئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽورسٽ ايندا هئا. 1969ع ۾ مونکي به پهرين فرصت ۾ منهنجو پيٽارو جو دوست نور احمد نظاماڻي هيءَ عمارت ڏيکارڻ وٺي هليو هو، جنهن جي چوٽيءَ تي ويٺل فوٽوگرافر کي ٽي ڊالر ڏيئي فوٽو ڪڍرايو هئوسين، جيڪو اڄ ڏينهن تائين سانڍي رکيو اٿم.
    هونءَ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جا هي ٻي جاڙا ٽاور دنيا جي اتاهين بلڊنگ جو لقب فقط مختصر ٽائيم لاءِ ماڻي سگهيا هئا. 1973ع ۾ جيئن ئي هي ٺهي راس ٿيا ۽ افتتاح ٿيو ته شڪاگو جي Sears Towers تي ڪم شروع ٿي ويو، جيڪا پوءِ دنيا جي اتاهين عمارت مڃي وَئي ۽ ان جي اوچائي 1450 فوٽ يعني 442 ميٽر آهي.
    ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي هنن Twin Towers جي ڊيزائين جپان جي آرڪيٽيڪٽ انجنيئر منورو ياماساڪي ٺاهي. هيڏي وڏي عمارت ڪري جتي نيويارڪ وارن ۽ عام طرح سڀني آمريڪن کي خوشي ٿي، اتي ڪيترن سياڻن اهڙي شوبازي ۽ وڏي خرچ تي تنقيدَ به ڪئي. انهن مان هڪ ليوس ممفورڊ به آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب “The Pentagon of Power” ۾ هن عمارت بابت هڪ جملو واهه جو لکيو آهي؛
    “WTC is an example of the purposeless gigantism and technological exhibitionism that are now eviscerating the living tissue of every great city.”
    خرچ ۽ انجنيئري غلطين جي باوجود هنن ٽاورن جو پنهنجو شان هو ۽ نيويارڪ شهر جي نشاني سمجھيا ويا ٿي. هنن عمارتن ۾ پنج سؤ کان مٿي ڪمپنين جون آفيسون هيون، جن ۾ اڌ لک کن ماڻهو ڪم ڪيو ٿي ۽ ان کان علاوه روزانو ٻه لک کن ماڻهو ڪم ڪارين يا عماتن کي ڏسڻ لاءِ آيا ٿي. ڏاکڻي ٽاور جي چوٽيءَ تي ٺهيل آبزرويشن ڊيسڪ (جنهن تان سڄي نيويارڪ جو نظارو ٿيو ٿي) ۽ اتراهين ٽاور جي چوٽيءَ تي گول ڦرندڙ هوٽل Windows on the World restaurant ڪيترن سياحن ۽ هن شهر (نيويارڪ) جي رهاڪن لاءِ ڪشش جو باعث هئا. پر هاڻ هنن ٻن ٽاورن جي ڪِرڻ ڪري، اهي وندر ۽ سونهن جون شيون ته هليون ويون، پر ورلڊ ٽريڊ سينٽر جون باقي پنج عمارتون به تباهه ٿي ويون. ٻن ٽاورن جي ڦهڪو ڪرڻ تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جون باقي ٻيون عمارتون به ڪري پيون يا ايڏو ته تباهه ٿيون جو سڀني کي ڊاهي ترپٽ ڪيو ويو آهي. انهن ستن عمارتن ۾ هڪ ٻاويهه ماڙ مئرٽ هوٽل به هئي، جنهن جو پهريون نالو Vista Hotel هو. هڪ بلڊنگ آمريڪا جي ڪسٽم کاتي جي پڻ هئي ۽ هڪ آفيسن جي عمارت جيڪا WTC7 سڏبي هئي، اها 46 ماڙ هئي ۽ جاڙا ٽاور (Twin Towers) ان مٿان ڪريا ته اها به اچي پٽ تي پيئي. اها بلڊنگ ٽاورن کان گهڻو پوءِ 1987ع ۾ ٺهي هئي، جنهن جي بيسمينٽ (بُهري) ۾ زبردست قسم جو شاپنگ مال هو ۽ سب وي گاڏين جي اسٽيشن پڻ جتان ريل گاڏيون نيويارڪ ۽ نيوجرسي جي مختلف اسٽيشنن ڏي روانيون ٿيون ٿي.
    ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي هيٺان سون رکڻ جي هڪ ڊپازٽري پڻ هئي، جنهن ۾ آمريڪا جي مختلف بئنڪن جون سون رکيل هو. ياد رهي ته 1993ع ۾ پڻ هنن عمارتن تي حملو ڪيو ويو هو، بلڪه هن سون جي اسٽرانگ روم ڀرسان بم هنيو ويو هو، پر هيءَ سون جي Depository توڙي جاڙا ٽاور وڏي نقصان کان بچي ويا هئا.
    هن عمارت تي 1993ع واري حملي بابت چيو وڃي ٿو ته اهو رمزي يوسف نالي هڪ عرب ڏيڍ هزار پائونڊ طاقتور بم سان ڪيو هو، جنهن ڪري چئن ماڙين تائين هڪ سؤ فٽن جو سوراخ ٿي پيو هو. هن ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هڪ هزار کن ڦٽجي پيا هئا. 1997 ۽ 1998ع ۾ هن حملي جي ڇهن دهشتگردن جو اهو پلان هو ته هڪ ٽاور کي نقصان رسائي ڪيرايو وڃي، جيئن اهو ٻئي ته ڪرڻ سان ٻئي کي به ڊاهي رکي ۽ اهڙي طرح نيويارڪ جي هنن ٻن عمارتن کي نابود ڪيو وڃي. هن واقعي بعد عمارت ۾ ايندڙ ويندڙ تي سخت نظر رکي وئي، جيڪي ٽوئرسٽ آبزرويشن ڊيڪ تي نظاري لاءِ پهتا ٿي، انهن جي به سخت چڪاس ڪري، پوءِ گروپ جي صورت ۾ لفٽ ذريعي سڌو 107 ماڙ تي وٺي وڃڻو پيو ٿي، جتي هنن نيويارڪ شهر جو نظارو ڪيو ٿي.
    يارهين سيپٽمبر 2001ع واري حملي ۾، هي عمارتون باهه جي گرمائش ۽ ڌماڪن ڪري مڪمل طور تباهه ٿي ويون. هي واقعو اڱاري ڏينهن صبح جي پهر يارهين سيپٽمبر 2001 تي ٿيو. سال جي نائين مهيني ۽ يارهين تاريخ ڪري هي واقعو “نائن اليون” يا “سيپٽمبر اليون” پڻ سڏيو وڃي ٿو. آمريڪا ۾ مهينو پهرين ۽ تاريخ پوءِ لکي وڃي ٿي. اهڙي طرح يارهين مارچ 2004ع تي مئڊرڊ وارو حملو “ٿري اليون” يا “ايم اليون” سڏيو وڃي ٿو. هن سال (2005ع) ستين جولاءِ تي لنڊن ۾ جيڪا بمباري ٿي، اها تاريخ جي مناسبت سان “سيون سيون” سڏي ٿي وڃي.
    آمريڪا جي “نائن اليون” واري واقعي ۾ هڪ ئي وقت اوڻهين هاءِ جيڪرن حصو ورتو، جن آمريڪن جي چئن ڊوميسٽڪ ڪمرشل هوائي جهازن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، انهن کي راڪيٽ طور استعمال ڪري، آمريڪا جي مشهور عمارتن تي آپگھاتي حملا ڪيا. هاءِ جئڪرن هڪ ته ورلڊ ٽريڊ WTC جي ستن بلڊنگن مان ٻن اتاهين عمارتن تي حملو ڪيو، جيڪي WTC-1 ۽ WTC-2 جاڙا ٽاور (Twin Towers) پڻ سڏجن ٿا ۽ هر هڪ 110 ماڙ هو. پهريون جهاز هڪ ٽاور ۾ لڳڻ بعد ٻيو جهاز پورن 18 منٽن بعد ٻي بلڊنگ سان ٽڪرائي اندر هليو ويو. جهازن جي رفتار ۽ تيل سان ڀريل ٽئنڪن ۾ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ باهه جي تپش ۽ Explosion ڪري اهي ٻئي 110 ماڙ ٽاور WTC -1 ۽ WTC-2 ٻن ڪلاڪن اندر اچي پٽ تي پيا ۽ انهن سان گڏ ڀرواري عمارت WTC-7 جيڪا 46 ماڙ هئي، جنهن جي بيس مينٽ ۾ شاپنگ مال، سب وي ريلوي اسٽيشنون ۽ مٿي سرڪاري ۽ غير سرڪاري آفيسون هيون، ان پڻ هنن ٻن ٽاورن سان گڏ پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو. هيڏين وڏين عمارتن جي ڪرڻ ڪري WTC -3 عمارت جيڪا ٻاويهه ماڙ مئرٽ هوٽل هئي، اها به چيڀاٽجي ختم ٿي وئي ۽ باقي ٽي هيٺاهين ليول واريون عمارتون WTC-4، WTC-5 ۽ WTC-6 به ڌماڪي ۽ گرمائش ڪري اهڙي ته حال کي پهچي ويون، جو انهن جي مرمت ڪرائڻ ناممڪن ڳالهه ٿي پئي،. يعني ورلڊ ٽريڊ سينٽر جون ست ئي بلڊنگون ختم ٿي ويون.
    هاءِ جئڪرن ٽيون هوائي جهاز واشنگٽن جي ڀرسان ارلنگٽن ڪائونٽي (ورجينيا) جي عمارت پينٽاگون سان ٽڪرايو. پينٽاگون عمارت آمريڪا جي ڊفينس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ڪوارٽر آهي. چوٿون جهاز لڳي ٿو ته هاءِ جيڪرن “وائيٽ هائوس” يا ڪنهن ٻي اهم عمارت سان ٽڪرائڻ چاهيو ٿي، پر مسافرن ۽ جهاز جي عملي جي مقابلي ڪري اهو پينسلوانيا رياست جي سمر سيٽ ڪائونٽي واري ٻهراڙيءَ ۾ Crash ٿي ويو. هنن حملن ۾ مالي نقصان کان علاوه سرڪاري انگ اکرن موجب 2986 ماڻهو مري ويا، جن ۾ جهازن جو عملو ۽ 19 هاءِ جئڪر به اچي وڃن ٿا.
    هن حادثي لاءِ ويٺل ڪميشن موجب انهن 19 هاءِ جئڪرن مان پندرهن سعودي عرب جا ٻه گلف جا، هڪ لبناني ۽ هڪ مصري هو. هنن سڀني جو واسطو “القاعده” جماعت سان هو، جنهن جو ليڊر سعودي عرب جو باشندو اوساما بن لادن چيو وڃي ٿو. 16 سيپٽمبر 2001 تي اوساما قطر جي ٽي وي چينل “الجزيزه” تان جيڪا تقرير براڊ ڪاسٽ ڪئي، ان ۾ هن ان واقعي ۾ ڪو به سندس هٿ هجڻ کان انڪار ڪيو، پر پوءِ آمريڪا جي صدر جي چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ اوساما کلئي عام اعلان ڪيو ته انهن حملن ۾ هن جو ئي هٿ هو. تيسيتائين آمريڪا جي جاچ واري کاتي خالد شيخ محمد نالي هڪ عرب کي به جھلي ورتو، جنهن ذريعي اوساما ان حملي جو بندوبست ڪرايو هو.
    چئن جهازن ۾ سوار 265 ماڻهن مان ڪو هڪ به نه بچي سگهيو. ظاهر آهي هيڏي وڏي ڌماڪي ۾ جنهن ۾ جهاز جي ٽانڪيءَ ۾ موجود هڪ لک لٽرن جي لڳ ڀڳ آڪٽين (پيٽرول) کي ڌماڪي سان باهه لڳي وڃي، ڪير ٿو بچي سگهي. نه فقط عمارتن ۾ موجود ماڻهو باهه ۽ ان جي تپش ڪري ۽ عمارتن جي ڪرڻ ڪري چيڀاٽجي مري ويا، پر ڪيترائي باهه وسائڻ وارا ۽ پوليس وارا دونهين ۽ زهريلي گئس ڪري بيهوش ٿي مري ويا. ڪيترن ماڻهن عمارتن جي لفٽ نه هلڻ ڪري، اونداه ۽ دونهين ڪري، اندران هيٺ لهي اچڻ بدران مٿان درن مان پٽ تي يا ڀرواري عمارتن تي بچاءَ لاءِ ٽپ ڏنا، پر ورلي ڪو بچي سگهيو. سخت دونهين ڪري هيلي ڪاپٽر به ڪنهن جي مدد ڪري نه سگهيا. هڪ هزار کان مٿي ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. سڙڻ ڪري هنن جو جسم ڪوئلو ٿي ويو هو يا هنن جي جسمن جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا هئا. چون ٿا ته ڏهه هزار کن انساني عضون جا ٽڪرا چوڌاري پکڙيل هئا.
    عمارتن هيٺ دٻيل لاشن کي ڪڍڻ ۾ مهينا لڳي ويا. مڪمل طرح فقط باهه وسائڻ ۾ هفتا لڳي ويا. سيپٽمبر 2001ع کان وٺي عمارتن جو ملبو ڪڍڻ شروع ڪيو ويو، ته اٺن مهينن بعد مئي 2002ع ۾ وڃي صفائي مڪمل ٿي. هزارين ٽن پارو (mercury)، شيهو (Lead) ۽ Asbestos جهڙا زهريلا مادا سڙڻ ڪري نيويارڪ جي آبهوا ۾ ڪي مهينا سخت آلودگي رهي. هن ڪم ۾ مدد ڪرڻ واري پوليس ۽ رضاڪارن مان ڪيترا مري ويا، ته ڪيترا سخت بيمار ٿي پيا.
    هن حملي ڪري نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج (NYSE)، آمريڪن اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ NASDAQ هفتو کن بند رهي. ڪيترن ڏينهن تائين آمريڪا جي جهازن اڏامڻ ڇڏي ڏنو، ان بعد مهينن تائين تمام گهٽ مسافر هوائي جهاز ذريعي سفر ڪرڻ لڳا. آمريڪا جي ڪيترن شهرن جون وڏيون عمارتون، ڪيترن ڏينهن تائين خالي رهڻ لڳيون، ته متان وري ڪو ٻيو حملو ٿئي.


    ڪجهه دلچسپ ۽ تاريخي ڳالهيون

    - نيويارڪ آمريڪا جي رياست جو به نالو آهي، ته ان رياست جي هڪ وڏي شهر جو به. جيئن خيرپور رياست ۾ خيرپور جو شهر به اچي وڃي ٿو يا نوابشاهه ضلعي جو نوابشاهه شهر به آهي. نيويارڪ شهر آدمشماري جي خيال کان آمريڪا جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جنهن ۾ نوي لک ماڻهو رهن ٿا. نيويارڪ بعد لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) جي شهر جي آدمشماري گهڻي آهي، پر گهڻي هوندي به نيويارڪ شهر جي اڌ جيتري مس آهي. نيويارڪ رياست جو ٻيو نمبر شهر بفئلو (Buffalo) آهي، جنهن جي آدمشماري کان نيويارڪ شهر جي 27 دفعا گهڻي آهي.
    - نيويارڪ شهر جا کڻي چئجي ته پنج حصا آهن؛ بروڪلن، ڪُئنس، مئن هٽن، برانڪس ۽ اسٽيٽن ٻيٽ جيڪي هتي “باور” (Borough) سڏجن ٿا. جيئن کڻي چئجي ته ڪراچي جا پنج ضلعا آهن؛ ڪراچي ايسٽ، ڪراچي سائوٿ، ملير، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل وغيره. نيويارڪ شهر جا اهي پنج ئي حصا جي ڌار ڌار شهر ڪيا وڃن ته آدشماري جي حساب سان ٽيون، چوٿون، ڇهون، نائون ۽ ٻائيتاليهون نمبر ٿيندا، جيئن ڪراچي شهر فقط ڪراچي ايسٽ ضلعي جي آدمشماري سکر، حيدرآباد ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن کان گهڻي آهي.
    - ٽي حصي کان مٿي آمريڪا جا ائڪٽر نيويارڪ ۾ رهن ٿا.
    - نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ دنيا جي ٻئي نمبر ننڍي ملڪ موناڪو کان ٻيڻو آهي. سينٽرل پارڪ 59 گهٽيءَ کان وٺي 110 گهٽيءَ تائين آهي ۽ ففٿ ايوينيو کان سينٽرل پارڪ ويسٽ ايوينيو جي وچ ۾ آهي.
    - نيويارڪ شهر جا ڏهه سسٽر شهر (Sister Cities) آهن سڀ کان پهرين 1960ع ۾ ٽوڪيو ۽ نيويارڪ سسٽر شهر ٿيا، ان بعد 1980ع ۾ چين جو شهر بيجنگ، ان بعد مئڊرڊ (اسپين)، قاهره، سئنٽو ڊومينگو، روم، بڊاپيسٽ، يروشلم، لنڊن ۽ هاڻ 2003ع ۾ سائوٿ آمريڪا جو شهر جهانسبرگ ٿيو آهي.
    - نائن اليون واري واقعي بعد پوليس ۽ انتظاميه جي سختيءَ ڪري نيويارڪ جي ڏوهن ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي آهي. ان حساب سان آمريڪا جي پنجويهن وڏن شهرن ۾ نيويارڪ شهر سڀ کان وڌيڪ Safe (سلامت) آهي.
    - آمريڪا جي جنهن شهر ۾ وڃ ته هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي گاڏي آهي. هن کي آفيس وڃڻو هجي توڙي مارڪيٽ ۾، هو پنهنجي ڪار ڪڍي ٿو. انگلنڊ، جپان، سنگاپور، سئيڊن يا ٻين ملڪن وانگر ماڻهو پنڌ، سائيڪلن تي يا بس ۽ سب وي ريل گاڏين ۾ ڪو ورلي نظر اچن ٿا. ڪنهن کان کڻي پڇ ته چوندو، هتي بس سروس آهي ئي ڪٿي ۽ ڪنهن بزنيس مئن کي بس سروس شروع ڪرڻ جي صلاح ڏي ته هو يڪدم وراڻيندو؛ “هر ڪو پنهنجي ڪار ۾ ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهي، بس ۾ چڙهندو ڪير؟” مطلب ته آمريڪا جي شهرن ۾ “ڪار ۾ سفر ڪرڻ جو ڪلچر” وڌيڪ حاوي آهي. پر نيويارڪ هڪ اهڙو شهر آهي، جتي “Pedestrian Culture” آهي ... جتي لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنجن ماڻهن مان چار ماڻهو بس يا سب وي ريل گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا. شايد هڪڙو اهو سبب به آهي جو اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ نيويارڪ جو شهر آمريڪا جي سڀني شهرن کان بهتر آهي، جتي پنهنجي ڪار نه هوندي به گهمندا رهون ٿا ۽ ڪجهه سينٽ ڏئي بس يا سب وي ريل گاڏيءَ ذريعي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ کان وڃو نڪرون. نه ڪار پارڪنگ ڳولڻ جو فڪر، نه پيٽرول ڀرائڻ جو خرچ. نيويارڪ ۾ اسان جهڙو غريب غربو ايشيائي ۽ آفريڪي ته ڇا، ڪيترائي مڊل ڪلاس پروفيشنل به بس يا سب وي ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ايندا ويندا رهن ٿا. ويندي شهر جو ارب پتي ميئر مائيڪل بلوم برگ به سب وي ريل رستي روزانو صبح جو سٽي هال وڃي ٿو.
    - نيويارڪ ۾ ٽوئرسٽن لاءِ بس ۽ سب وي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ جي سهوليت کان علاوه، گهمڻ ڦرڻ لاءِ به سڀ کان گهڻيون جايون آهن. کيسي ۾ پئسو نه هجي، ته به شهر ۾ گهمڻ لاءِ کوڙ پارڪ ۽ سامونڊي ڪنارا. ٻيو نه ته ٽائيمس اسڪائر يا فارٽي سيڪنڊ اسٽريٽ ۾ بيهي مختلف رنگن ۽ ويس وڳن ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو ۽ انهن جون عجيب حرڪتون ۽ نمونا ڏسندا رهو. واشنگٽن وانگر ڪيترائي ميوزيم مفت ۾ ڏسڻ جا آهن. ڪو ڪجهه خرچ ڪرڻ چاهي ٿو ته فيريءَ جو چڪر هڻي. ايلس Ellis ٻيٽ تي هليو وڃي، آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ هليو وڃي، UNO جي بلڊنگ ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي هليو وڃي. ان کان علاوه ريڊيو سٽي هال، وال اسٽريٽ، سينٽ پئٽرڪ ڪئٿيڊرل، بروڪلن برج يا ففٿ ايوينيو جي چڪر تي هليو وڃي.


    نيويارڪ ۽ مئن هٽن جي جھمپا لاهيري

    - ڪيترا ماڻهو نيويارڪ فقط مئن هٽن کي سمجھن ٿا، پر نيويارڪ جا ٻيا به ته چار حصا (Boroughs) آهن، جن ۾ مئن هٽن جهڙيون کڻي اوچيون عمارتون نه آهن، پر ٻيون ته ڪيتريون ئي پُرڪشش شيون آهن. بروڪلن جو پراڻو ڪوني ٻيٽ ۽ انجا سامونڊي ڪنارا، اموزمينٽ پارڪ وغيره، برانڪس جو دنيا ۾ مشهور برانڪس زو ۽ مختلف قومن؛ ڪورين، هسپانوي، عربن جا علائقا ڏسڻ وٽان آهن.
    - نيويارڪ ۾ ڪيترن ئي فلمي ۽ ٽي وي اداڪارن کان علاوه اديب ۽ شاعر پڻ رهن ٿا. فلمي اداڪارن ۽ ميوزڪ وارن سان منهنجي ايڏي دلچسپي ناهي، پر هي اهو شهر آهي، جتي اڄ کان 33 سال اڳ جڏهن هتي منهنجي ٽي چار سال لڳاتار اچ وڃ ٿيندي رهي ٿي ته سئم ليونسن يهودي ليکڪ سان مئن هٽن ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن جو هڪ مزاحيه مضمون جو ترجمو “سي ئي سندر ڏينهن......” ڪيو هوم ۽ .”خدا ڏي خط” ڪتاب ۾ ڇپيو هو. اهڙي طرح اڄ جي مشهور آمريڪن ليکڪا ايريڪا جونگ سان ملاقات ٿي هئي جنهن اڃان پهريون ڪتاب “فيئر آف فلائنگ” پئي لکيو، جنهن جو پڻ مون هڪ چئپٽر ترجمو ڪيو هو ۽ منهنجي ڪنهن ڪتاب۾ اچي چڪو آهي.
    - وي ايس نائپال سان پهرين (1969ع) ڌاري سندس ڳوٺ ٽرنيڊاڊ ٻيٽ (ويسٽ انڊيز) تي ملاقات ٿي هئي، ان بعد 1972ع ۾ نيويارڪ ۾ ٿي. هن دفعي هڪ ٻي انڊين نسل جي رائيٽر جھمپا لاهيري سان براڊوي تي ملاقات ٿي. ٻڌو اٿم ته انگريزي ادب جا مشهور ليکڪ، سوسان سنتاگ، جوناٿن فرانزين، ڊون ڊليلو، ٿامس پنچان، سفران فوئر پڻ هتي ئي رهن ٿا.
    - ڪجهه سٽون جھمپا لاهيري (Jhumpa Lahiri) بابت: جھمپا لاهيري بابت پنهنجي انڊيا جي سفرنامي “دهلي جو درشن “ ۾ به لکي چڪو آهيان. جھمپا بنگالي والدين کي 1967ع ۾ لنڊن ۾ ڄائي. جھمپا جو پيءُ اتي لئبريرن ۽ ٽيچر هو. جھمپا جي ڄمڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو آمريڪا جي ننڍڙي رياست رهوڊي آئلنڊ تي لڏي آيا. Rhode آئلنڊ رياست آمريڪا جي اوڀر ۾ ڪنيڪٽيڪٽ ۽ مساچو سيٽ رياستن ڀرسان آهي. جھمپا جو بلوغت وارو زمانو اتي ئي گذريو ۽ بارنارڊ ڪاليج مان “انگريزي” ۾ B.A ڪيائين. ان بعد بوسٽن يونيورسٽي مان انگريزي لٽريچر ۾ M.A ڪيائين ۽ Renaissance ۾ ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) ڪيائين. پاڻ ڪجهه وقت بوسٽن يونيورسٽي ۽ رهوڊي آئلنڊ اسڪول آف ڊيزائين ۾ ماستري پڻ ڪيائين.
    جھمپا لاهيري اڄ ڪلهه نيويارڪ ۾ پنهنجي مڙس البرٽو ۽ پٽ اوڪٽاويو سان گڏ رهي ٿي. البرٽو جو اصل ملڪ گئاٽمالا آهي، پر هاڻ هو جھمپا وانگر آمريڪن سٽيزن آهي. جھمپا جا مون گهڻو اڳ آمريڪا جي رسالي The New Yorker ۾ ڪجهه مضمونَ پڙهيا هئا، جن جا عنوان هُئا، “The Third & Final continent”، سيڪسي ۽ The Temporary Power، ان بعد سندس پهرين ڪتاب Interpreter of Maladies جيڪو 1999ع ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب وڏي ڌوم مچائي ۽ ان تي کيس سن 2000ع ۾ پلٽرز انعام سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ راتورات سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وَئي.
    جھمپا جو واسطو انڊيا، انگلينڊ ۽ آمريڪا ٽن ملڪن سان آهي، پر هوءَ پاڻ کي بي گهر سمجھي ٿي. “منهنجي ڪا به جنم ڀومي ناهي، انڊيا منهنجي والدين جو ملڪ آهي. آئون انڊيا ۾ نه ڄايس ۽ نه ئي پليس نپنيس، ان ڪري منهنجي ڪهاڻين ۾ انهن ماڻهن جون ڳالهيون آهن، جيڪي ملڪ بدر زندگي گذارين ٿا.”
    مٿئين ڪتابَ کان علاوه سندس ٻيا به ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان هڪ India Holy Song آهي ۽ ٻيو جيڪو ويجھڙائيءَ ۾ ڇپيو آهي، ان جو نالو The Namesake آهي، جيڪو هڪ ناول آهي. هن ۾ ڪلڪتي بنگال کان لڏي ڪئمبرج (مساچوسيٽ) آيل هڪ نئين جوڙي جي شنوائين بابت آهي. هن ڪتاب تي اڄ ڪلهه فلم ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڊائريڪٽر ميرا نير آهي ۽ ان جي اسڪرين پلي سوني تاراپوروالا ٺاهي آهي. هن فلم ۾ تبو، عربان خان ۽ ڪال پين (Kal Penn) ڪم ڪري رهيا آهن. جھمپا لاهيري اڄ ڪلهه هڪ نئين ناول تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي.


    وڌ ياڌر سورج پرساد نائيپال (V.S. Naipaul)

    - هتي هڪ ٻئي انگريزي اديب نائيپال (سڄو نالو ودياڌر سورج پرساد نائيپال ۽ پيءُ جو نالو سيپرساد نائيپال) بابت ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو، جنهن جا وڏا انڊيا کان ويسٽ انڊيز ٻيٽ ٽرنيڊاڊ تي اچي Settle ٿيا هئا. ودياڌر جيڪو ادبي نالي V.S. Naipaul سان سڏجي ٿو، تنهن جا مضمون ۽ ڪتاب وڏي عرصي کان شوق سان پڙهندو اچان، جيتوڻيڪ انهن ڪتابن ۾ هن جا مذهب بابت چڀندڙ، رُکا ۽ “ضروري نه هجي ته صحيح هجن” رمارڪ، ڪيترن جي دل آزاري به ڪن ٿا ... خاص ڪري 1981ع ۾ سدس ڇپيل ڪتاب Among the believers – An Islamic Journey ۾ هن تي مسلمانن طرفان اهي الزام آهن ته هن اسلام جو بغض ۽ ڪيني سان Selective مٿاڇرو جائزو ورتو آهي.
    1968ع کان 1972ع جي وچ ۾ آمريڪا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻ دوران اسان کي هر هر ڪيوبا ۽ ويسٽ انڊيز جي هنن ٻيٽن ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو ۽ ڀرواري ٻيٽ برمودا تي وڃڻو پيو ٿي. ٽرنيڊاڊ جي بندرگاهن جو نالو پورٽ آف اسپين آهي، جتي نائيپال ۽ سندس فئملي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ ته پاڻيءَ جا جهاز مختلف بندرگاهن ۾ ڪلاڪن جي حساب سان نه، پر ڏينهن جي حسابَ سان بلڪ هفتن جي حسابَ سان بيهندا هُئا ۽ ٻيو ته جتي ڪٿي آدمشماري به گهٽ هئي ۽ ان ۾ اسان جهڙا ايشيائي اڃان به گهٽ هئا. ان ڪري هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان وڌي هڪ ٻئي کي کيڪاريندا هئاسين ۽ خبرون چارون لهندا هُئاسين. شايد قرب، محبتون ۽ انسانيت جا قدر به گهڻا هئا. منهجي پهرين نائيپال جي ننڍي ڀاءُ شيوا نائيپال سان گس پنڌ تي ملاقات ٿي ۽ ان بعد ٻين سندس مٽن مائٽن سان. شيوا عمر ۾ بلڪل مون جيڏو هو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر لکڻ پڙهڻ جو شوق هوس، پر هي ڀائر اڃاڻ ايڏو مشهور نه ٿيا هئا. شيوا جو هڪ ڪتاب Fire Flies انهن ڏينهن ۾ ڇپجي رهيو هو جنهن تي بعد ۾ هن کي ايوارڊ به مليا. انهن ڏينهن ۾ وڌياڌر جا ڪافي ڪتاب ڇپجي چڪا هئا، جن مان “مگيول اسٽريٽ ــ هائوس آف مسٽر بسواس” ۽ شايد “ڊي ممڪ مئن” يا “A Flag on the Island” اسان جهاز تي به کڻي آيا هئاسين، پر وڌياڌر نائيپال جا ڪتاب مون بعد ۾ پڙهڻ شروع ڪيا، جڏهن سندس “امنگ دي بلي ورس” ڪتاب پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن تي ڪوثر نيازي صاحب جنگ ۾ تبصرو لکيو. هن ۾ نائيپال سکر پاسي جي هڪ سنڌي وڏيري جو به حوالو ڏنو آهي ته هو هر سال فصل لهڻ تي هفتو هوٽل ڪانٽينينٽل جي هڪ خاص ڪمري ۾ اچي رهندو هو، جتان هيٺ سئمنگ پول ۾ وهنجندڙ عورتن کي ڏسي اکيون ٺاريندو هو...”
    شيوا چاليهه سالن جي ڄمار ۾ هڪ روڊ ائڪسيڊنٽ ۾ 1985ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس پنج ڇهه ڪتاب ڇپيا هُئا، جن مان، North of South نالي سندس ڪتاب آفريڪا جي سفر جو آهي. سندس ڀاءُ ودياڌر (وي. ايس. نائيپال) تمام گهڻو لکيو آهي ۽ کيس 2001ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز به مليو ۽ ان کان اڳ 1990ع ۾ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کيس Knight جو درجو ڏنو، جنهن ڪري هو SIR سڏجي ٿو. پاڻ ڪجهه عرصو هتي نيويارڪ ۾ به رهيو، هاڻ انگلينڊ جي ولٽشائر شهر ۾ پنهنجي ٻي زال نادره علويءَ سان گڏ رهي ٿو جيڪا پڻ ڪنهن زماني ۾ جنرلسٽ هئي. نادرا جو پاڪستان سان تعلق آهي ۽ پهرين مڙس کان طلاق ملڻ بعد هن جي پڻ اها ٻي شادي آهي.
    وي ايس نائيپال انگلينڊ جي يونيورسٽي آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي هن جي ملاقات پئٽريشيا سان ٿي، جنهن سان هن 1955ع ۾ شادي ڪئي. 1996ع ۾ ان جي وفات بعد نائيپال نادرا سان شادي ڪئي. نائيپال جي هڪ ڪتاب The Mystic Masseur تي اسماعيل مرچنٽ فلم به ٺاهي. نائيپال جو ڪتاب “اي هائوس آف مسٽر بسواس” جيڪو اسان شروع ۾ نه پڙهيو ۽ ڪيترائي سال جهاز جي لئبرريءَ ۾ ٺپيو پيو هو، ان بابت پوءِ خبر پيئي ته نائيپال جو ماسٽر پيس آهي. هن ۾ ٽرنيڊاڊ ۾ رهندڙ هڪ برهمڻ جي مزاحيه الميه (Tragicomic) ڪهاڻي آهي، جيڪو پنهنجي شناخت (Identity) ۽ آزادي جي ڳولا ۾ آهي. ان ڪتاب جي برهمڻ ڪردار موهن بشواش جي ڪهاڻي جا ڪجهه حصا نائيپال جي پيءُ سيپرساد جي زندگيءَ جا آهن. جنهن لاءِ نائيپال پاڻ به ڪيترا دفعا چئي چڪو آهي ته:
    “My Father was a profounder man in every way. And his wounds are deeper than the other man can say. It’s based on him, but it couldn’t be the real man.”
    نائيپال جي پيءُ سيپرساد جو واسطو به ادب ۽ اخباري دنيا سان هو. پاڻ ويسٽ انڊيز جي مشهور اخبار Trinidad Guardian جو نمائندو هو. سندس ڪهاڻين جو پڻ هڪ ڪتاب ڇپيو آهي. نائيپال اڃان ويهن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ سيپرساد 1953ع ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري گذاري ويو. هن اهوئي چاهيو ٿي ته سندس پٽ وڏو ليکڪ ٿئي، پر هو پٽ جي ڪاميابي ڏسڻ کان اڳ هن جهان مان هليو ويو.


    ننڍي کنڊَ جي ليکڪن جا ڪتابَ آمريڪا ۾

    انگريزيءَ جا اهي ناول منهنجي پسند جا رهيا آهن جيڪي اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پرديس ۾ رهي لکيا آهن ۽ اهڙا ليکڪ هتي نيويارڪ ۽ اوسي پاسي ۾ ڪيترائي رهيل آهن، جن سان هن دفعي ملڻ تي ڏاڍو دل چوي ٿي، جو هي فريد زڪريا، انيتا ڊيسائي، چترا بينرجي، ديواڪارويني، ڀارتي مکرجي، گيتا مهتا، ويد مهتا، ڪرن ڊيسائي، آغا شاهد علي وغيره ادبي دنيا جا اهي ستارا آهن، جن جا ڪتاب مون وڏي شوق سان پڙهيا. ساڳي وقت پرديس ۾ رهي اهو احساس ٿيندو اٿم ته ڪئين سال ٿي ويا آهن، ته قمر شهباز، نور الدين سرڪي، امر جليل، شمشر الحيدري، تاجل بيوس، هدايت بلوچ ۽ تاج بلوچ سان نه مليو آهيان، جيڪي سنڌي ادب جا وڏا نالا آهن، جن جا ڪراچيءَ ۾ گهر اسان جي گهرَ کان پنج ڏهه منٽن جي فاصلي تي مس آهن. پر پنهنجي ملڪ ۾ پهچي اهڙو ته وٺ وٺان ۾ اچيو ٿو وڃجي جو انهن ڳالهين ڏي ڌيان ئي نٿو وڃي ۽ هونءَ به ڪراچي جو شهر اهڙو ته مسئلن جو شهر آهي جتي نه فقط تاجل پر هر هڪ پاڻ کي “بيوس” محسوس ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اسان اهي دور ۾ جي رهيا آهيون، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، علي احمد بروهي، طارق اشرف، ظفر حسين، نجم عباسي، نسيم کرل ۽ رشيد ڀٽيءَ جهڙا ماڻهو موجود هئا ۽ هڪ هڪ ٿي هو اسان کان جدا ٿي ويا ... هي اهي ماڻهو آهن جيڪي صديون ياد رهندا، جيسيتائين سنڌي زبان حيات آهي.
    آمريڪا ۾ هن ڀيري اها به تبديلي محسوس ڪئي اٿم ته اها آمريڪا جنهن ۾ ڪنهن ايشين جو ورلي ڪو ڪتاب نظر ايندو هو وڌ ۾ وڌ مشيما يوڪيو جهڙي جپاني ليکڪ جا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب، هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد ننڍي کنڊ جي اديبن جا انگريزيءَ ۾ لکيل ناولَ ۽ Non Fiction ڪتاب ڏسي حيرت ٿي ٿئي. آمريڪا جي ڪنهن به شهر جي وڏي بڪ اسٽال ۾ هليا وڃو، توهان کي ننڍي کنڊ جي ليکڪن جي ڪتابن جي لانڍ نظر ايندي. انهن رائيٽرس ۾ جن جا ڪتاب خاص طور توهان کي نظر ايندا، هي آهن؛ انيتا ڊيسائي (سندس تازو ناول The Zig Zag way) ڀارتي مکرجي ۽ باپسي سڌوا (پاڪستان جي پارسي عورت جنهن کي پاڪستان جي حڪومت طرفان ستاراه امتياز به مليل آهي. سڌوا آمريڪا جي هوسٽن يونيورسٽي، ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ٿي.)
    مٿين ليکڪن کان علاوه ٻئي نمبر تي اديب جن جا ڪتاب آمريڪا جي دڪانن ۾ نظر اچن ٿا، اهي آهن: چترا بئنرجي ... جيڪا ليکڪ، شاعر ۽ هيوسٽن يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ جنهن برڪلي يونيورسٽي ڪئليفورنيا مان Ph.D ڪئي هئي. سندس ٻه ڪتابَ The Vise of Desire ۽ Queen of Dreams به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. انجانا اپا چانا (خاص ڪري سندس Listaning Now ڪتاب)، ڪرن ڊيسائي (انيتا ڊيسائيءَ جي ڌيءَ جيڪا هالنس يونيورسٽي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان پڙهي ۽ هتي نيويارڪ ۾ ئي رهي ٿي ) سندس ڪتاب The Inheritance of Loss جتي ڪٿي نظر اچي ٿو، ڀارتي ڪرچنر، سجاتا مئسي (دي فلاور ماسٽر نالي ڪتاب)، اندرا گانيسان ۽ شائونا سنگهه وغيره.


    نيويارڪ جا نرالا نالا

    - نيويارڪ شهر کي مڪاني ماڻهو پيار مان ڪيترن ئي نالن سان سڏين ٿا. جن مان هڪ The Apple City آهي، جيئن ڪراچي روشنين جو شهر سڏجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ سڏيو ويو ٿي هاڻ ته ڏينهن رات ٻه ٻه ڪلاڪ لوڊ شيدنگ جي نالي ۾ بجلي گم رهي ٿي، باقي وقت “ٽيڪنيڪل فالٽ” جي نالي ۾ اکٻوٽ ڪري ٿي. جيئن لاڙڪاڻي لاءِ چيو ويندو هو ته “هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو”، جيڪو هاڻ “ڇڏ لاڙڪاڻو” وڌيڪ مشهور ٿيندو وڃي، يا دادوءَ لاءِ چوندا آهن ته “دادو ۾ آ جادو” شايد اهوئي جادو آهي ته غريبن لاءِ اسپتالن ۾ دوائون يا اسڪولن ۾ وهڻ لاءِ بينچون ناهن، باقي وزيرن ۽ چيف منسٽرن جي ڳوٺن ۾ ايئرپورٽ پيا ٺهن، جيڪي ٺهڻ بعد موهن جا دڙا ٿيندا وڃن.
    نيويارڪ کي The city that never sleeps به سڏين ٿا. ڪراچيءَ کي به ڪنهن زماني ۾ اهو درجو حاصل هو، هاڻ لاهور ائين چئي سگهجي ٿو ... شايد نيويارڪ جي پاڪستاني ٻار جي ڳالهه سچ هجي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۾ اڄ ڪلهه اهو چرچو عام آهي ته هتي جي اسڪول ۾ ٻارن کي جڏهن پنهنجي پنهنجي ملڪ تي مضمون لکڻ لاءِ ڏنو ويو ته هڪ پاڪستاني ٻار پنهنجي ملڪ لاءِ لکيو ته هن جي ملڪ جا چار صوبا آهن ... جن مان پنجاب ترقي يافته آهي، اتي جا ماڻهو Civilized آهن، ۽ سڄي صوبي ۾ امن امان آهي ۽ بجلي، پاڻي ۽ پڪن رستن جي کوٽ ناهي.....
    نيويارڪ شهر کي “Gotham”، “اگھاڙو شهر” “The Capital of the World” به سڏيو وڃي ٿو. هتي هڪ اصطلاح “In a Newyork Minute” عام طرح استعمال ٿئي ٿو، جنهن جو مطلب “جهٽ پٽ” (Immediately) آهي. اڄ ڪلهه هتي جو ميئر بلوم برگ 2012ع ۾ نيويارڪ ۾ اولمپڪ رانديون لڳرائڻ لاءِ هڪ نئون اصطلاح “The World’s Second Home” عام ڪيو آهي.
    نيويارڪ جي رهاڪن کي “نيويارڪر” ئي سڏجي ٿو. توهان کي هتي جي رهاڪن لاءِ “هارڊ بئائلڊ نيويارڪر” ٻڌڻ ۾ ايندو، جنهن جو مطلب سخت جان، Rude ۽ بي صبرو آهي. نيويارڪ لاءِ شارٽ فارم NY استعمال ٿئي ٿو بلڪه NYC، جو ٺلهو NY لکڻ سان اڳلو منجھي سگهي ٿو ته NY مان مطلب نيويارڪ شهر (City) آهي يا رياست (State).
    آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جيترا ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا، اوترا شايد ئي ٻئي شهر ۾ هجن ۽ هتي هر روز سڀ کان گهڻا ڌاريا ماڻهو اچن ٿا. ان ڳالهه ۾ نيويارڪ جو مقابلو فقط لاس اينجلس ئي ڪري سگهي ٿو. نيويارڪ ۾ ايترا ته مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو رهن ٿا جو سن 2000ع جي آدمشماريءَ ۾ جڏهن معلوم ڪيو ويو ته خبر پيئي نيويارڪ شهر ۾ رهندڙن جو 48 سيڪڙو گهر ۾ انگريزيءَ بدران ٻي زبان ڳالهائي ٿو.
    نيويارڪ شهر ۾ سڀ کان گهڻا يهودي رهن ٿا. اشڪي (Ashkenazic) به ته سيخارڊي به. يهودي به هتي جي امير ترين ڪميونٽي آهي جنهن جون وڏيون ڪمپنيون ۽ سون ۽ هيرن جواهرن جا دڪان آهن. اعليٰ قسم جي شاپنگ سينٽرن ۽ Jewellery جي دڪانن اڳيان توهان کي يهودي پنهنجي روايتي لباس ۾ نظر ايندا. هتي جي سرڪاري انگ اکرن مطابق نيويارڪ شهر ۾ يارهن لک کن يهودي رهن ٿا. سندن هاسيڊڪ لباوچ ۽ ابوور ۽ سٽمار تحريڪن جا هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ ئي آهن.


    نيويارڪ جو بندرگاهه، ريل ۽ ٽئڪسيون

    نيويارڪ جو بندرگاهه ڪراچيءَ وانگر قدرتي بندرگاهه آهي ۽ ڪراچيءَ وانگر ئي بندرگاهه جي ڪري نيويارڪ شهر وڌيو ويجھيو. 1819ع ۾ ايري (Erie) ڪئنال کلڻ ڪري، هن نيويارڪ بندرگاهه جو قدر ۽ سهولتون وڌي ويون، نه ته بوسٽن ۽ فيلڊليفيا جا بندرگاهه نيويارڪ کان وڌيڪ اهم ۽ سهوليت وارا هئا. هونءَ اڄ ڪلهه هن پاسي شپنگ ايڏي وڌي وئي آهي، جو ڪيترائي نيويارڪ ايندڙ جهاز ... خاص ڪري مال بردار جهاز، درياهه (هڊسن ندي) جي ٻي پار نيوجرسي رياست جي بندرگاهه نيوارڪ (Newark) موڪليا وڃن ٿا، جتي جو “ايلزبيٿ مئرين ٽرمينل” ڪافي وڏو ڪيو ويو آهي. اسان جي ڏينهن ۾ (سٺ واري ڏهي جي آخري سالن کان) اسانجي جهازن کي ڪڏهن ته نيويارڪ جي بندرگاهن مئن هٽن ۽ بروڪلن ۾ جاءِ ملندي هئي، ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن ائنڪريج واري سمنڊ تي انتظار ڪرائي پوءِ چوندا هئا ته مهرباني ڪري پنهنجي جهاز کي هيڏانهن نيويارڪ بدران نيوارڪ ۾ هلي بيهاريو. بهرحال اسان جهاز هلائيندڙ ته بس ۾ يا ڪڏهن سائيڪل تي ۽ پنڌ پل ٽپي نيويارڪ کان اچي نڪرندا هئاسين، باقي آندل سامان جا مالڪ سورن ۾ پئجي ويندا هئا، جن کي سامان کڻائڻ لاءِ پنهنجيون ٽرڪون هڊسن نديءَ جي ٻي پار نيوارڪ بندرگاه موڪلڻيون پونديون هيون. جن جو ايڪسٽرا خرچ اسانجي جهاز ران ڪمپنيءَ کي نه، پر کين ڀري ڏيڻو پوندو هو. ياد رهي ته ان وقت تائين يعنيٰ 1969ع ــ 1970ع تائين اڃان ڪنٽينر سروس مشهور نه ٿي هُئي، جو يڪا ڪنٽينر لاٿا وڃن ۽ کڻايا وڃن. هڪ هڪ ٽرڪ جهاز اڳيان اچي بيهندي هئي ۽ پوءِ جهاز مان ٿورو ٿورو ڪري سامان لاهي ٽرڪ ڀري ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته شهر ۾ ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري ٽرڪون دير سان پهچنديون هيون ۽ ڪارگو ورڪ بند ٿي ويندو هو. اهڙي طرح ان دور ۾ اسان جهاز هلائيندڙن جا مزا هُئا، جو جهاز جنهن به بندرگاهه ۾ اچي بيٺو هوندو هو اتي ڪلاڪن ۽ ڏينهن جي حساب سان نه، پر هفتن جي حساب سان بيهندو هو. سعودي عرب، دبئي، آفريڪي بندرگاهن ۽ ڪميونسٽ ملڪن جي بندرگاهن ۾ جتي جا بندرگاهه اڃان ماڊرن نه ٿيا هئا يا بدانتظامي هوندي هئي، اتي ته مهينو ڏيڍ جهاز بيٺا هوندا هُئا.
    نيويارڪ ۾ هانگ ڪانگ ۽ سئيڊن جي شهر مالمو وانگر فيري سروس به آهي. هي پئسينجر جهاز جهڙيون وڏيون آرامده ٻيڙيون مسافر ۽ هنن جون موٽر ڪارون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائين ٿيون. نيويارڪ جي سڀ کان مشغول ترين فيري اسيشن آئلنڊ فيري آهي، جنهن ۾ تقريبن ستر هزار ماڻهو روزانو سفر ڪن ٿا. ان فيري سروس کان علاوه “نيويارڪ واٽروي” ۽ “نيويارڪ واٽر ٽئڪسي” ڪمپنين جو به فيريون هلن ٿيون. ڪي نيوجرسي ۽ مئن هٽن جي وچ ۾ هلن ٿيون، ته ڪي بروڪلن ۽ مئن هٽن جي وچ ۾.
    - نيويارڪ جو ريل سسٽم به تمام وڏو آهي. نيويارڪ جي پنجن علائقن (boroughs) ۾ 250 اسٽيشنون آهن ۽ ويهه ريل لائينن جون ريل گاڏيون جيڪي نيويارڪ ۽ نيوجرسيءَ جي مختلف اسٽيشنن کي ڳنڍين ٿيون. انهن ۾ سڀ کان مشغول ترين ريلوي اسٽيشنون گرانڊ سينٽرل ٽرمينل اسٽيشن ۽ پين (Penn) اسٽيشن آهن، جيڪي ٻئي مئن هٽن ۾ آهن.
    نيويارڪ ۾ چون ٿا ته ٻارهن هزار کان مٿي ٽئڪسون آهن، جن جو پيلو (Yellow) رنگ هنن کي نمايان ڪري ٿو. جان ڊي هرٽز (Hertz) پهريون ماڻهو هو جنهن سن 1915ع ۾ نيويارڪ ۾ ييلو ڪئب ڪمپنيءَ نالي ٽئڪسيون هلايون. هن همراهه (هرٽز) پنهنجين ٽئڪسين کي پيلو رنگ ڏنو جو هن يونيورسٽي آف شڪاگو ۾ اهو پڙهيو هو ته پيلو رنگ اهڙو آهي، جيڪو پري پري تائين نظر اچي ٿو. 1967ع ۾ نيويارڪ سٽي طرفان اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته هتي هلندڙ ٽئڪسيءَ جو پيلو رنگ رکڻو آهي.
    مختلف شهرن ۽ رياستن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ Amtract ڪمپنيءَ جون ريل گاڏيون آهن، جيڪي نيويارڪ جي Penn ريلوي اسٽيشن کان مختلف هنڌن ڏي وڃن ٿيون ... جهڙوڪ بوسٽن، فلڊلفيا، بالٽيمور ۽ واشنگٽن ڊي سي، نيويارڪ، مانٽريل، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ ۽ وچ اولهه جي رياستن کي ڳنڍي ٿي. ٻه ٽي دفعا آئون به ڪار يا بس بدران Amtrack ريل رستي نيوجرسي کان فلڊلفيا، بالٽيمور ۽ واشنگٽن ڊي سي ويس.


    آمريڪا جا ڇهه ٽائيم آهن

    - نيويارڪ جي رهاڪوءَ کان ائڊريس پڇبي ته هو گهٽي ۽ ايوينيو جو نمبر ٻڌائيندو. مثال طور ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي ائڊريس لاءِ چوندو. “چوٽيهه ۽ پنج” يعني چوٽيهين گهٽي ۽ پنجين ايويننيو جي ڪراس سيڪشن تي اها عمارت آهي ۽ اهوئي هتي جو عام طريقو آهي ٽئڪسي ڊرائيور کي ٻڌائڻ جو ته توهان کي ڪٿي وٺي هلي.
    مئن هٽن ۾ اتر ڏکڻ ويندڙ رستا Avenue سڏجن ٿا، جيڪي اوڀر واري پاسي کان فرسٽ ايوينيو کان شروع ٿي، اولهه ڏي ٻارهين ايوينيو تائين وڃن ٿا ۽ مئن هٽن ۾ جيڪي رستا اوڀر کان اولهه وڃن ٿا، اهي اسٽريٽ سڏجن ٿيون ۽ نمبرون اسٽريٽ ڏکڻ (ڊائون ٽائون) کان شروع ٿئي ٿي، ته 220 نمبر تائين اتراهين ڇيڙي تائين وڃيو دنگ ڪن. گهٽيون ويجھيون ويجھيون آهن ۽ اٽڪل ٽن گهٽين جي گئپ جيترو فاصلو ٻن ايوينيو جي وچ ۾ آهي. ان ڪري هتي هر بلاڪ چورس هجڻ بدران مستطيل آهي ۽ ظاهر آهي ان مستطيل جي ويڪر واري پاسي جو رستو Street ٿيو ۽ ڊيگهه واري پاسي جو رستو ايوينيو ٿيو.
    - مٿي هڪ هنڌ نيويارڪ ۾ رهندڙ يهودين بابت لکي آيو آهيان، ته هتي اشڪي نازي يهودي به رهن ٿا، ته سيفاردي به. اشڪي نازي (Ashkenazi) هيبريو زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ جرمن آهي، جيئن عربي زبان ۾ جرمني کي المانيا ٿا سڏين. اشڪي نازي يهودي اهي آهن، جيڪي جرمني ۽ ٻين وچ يورپ وارن ملڪن کان هتي نيويارڪ ۾ آيا ۽ سيفاردي يهودي اهي آهن، جيڪي اسپين، پورچوگال ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن کان هتي آيا آهن. سيفاردي پڻ هيبرو زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ هسپانوي، اندلسي يا آئبيرين آهي. هي ائين آهي ته ڪو چوي ته نيويارڪ ۾ عرب مسلمان ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان رهن ٿا. ٻنهي جو مذهب کڻي اسلام ٿيو، پر ڪلچر، رسم رواج، کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا اسانجا ۽ عرب مسلمانن جا مختلف ٿيا. مٿين ٻن وڏن گروپن کان علاوه يهودين جا ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا گروپ نيويارڪ ۾ رهن ٿا، جيئن ته ٽائيمانم يودي (جيڪي يمن ۽ عمان پاسي جا آهن)، مزراهي يهودي (جيڪي المغرب ۽ وچ اوڀر کان آيل آهن)، وغيره.
    هيبريو يهودين جي پاڪ زبان سمجھي وڃي ٿي، جيڪا اسرائيل جي ٻن سرڪاري زبانن مان هڪ آهي (۽ ٻي عربي آهي)، جرمني پاسي کان آيل اشڪ نازي يهودي يڊيش Yiddish زبان پڻ ڳالهائين ٿا ۽ سيفاردي يهودي لادينو نالي زبان گهرن ۾ ڳالهائين.
    هي ملڪ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جيڪو US، USA يونائيٽيڊ اسٽيٽس، فقط آمريڪا يا فقط “دي اسٽيٽس” پڻ سڏجي ٿو، پنجاهه رياستن جي فيڊرل ريپبلڪ آهي، جنهن مان 48 رياستن جو هڪڙو ئي وڏو چڪ يعني ٽڪرو ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ملڪ جي وچ ۾ آهي ۽ باقي ٻن رياستن مان هڪ الاسڪا (جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته آمريڪا اها رياست روس وارن کان خريد ڪئي هئي، ڪئناڊا جي اولهه ڪنڊ تي آهي. ٻي “هوائي” (Hawaii) رياست جيڪا دراصل ٻيٽن جو جھڳٽو آهي، آمريڪا ۽ جپان جي وچ ۾ پئسفڪ سمنڊ تي آهي. ان حساب سان آمريڪا کي پئسفڪ سمنڊ، برنگ سمنڊ، آرڪٽڪ سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ، خليچ ميڪسيڪو ۽ ڪئريبين سمنڊ ڇُهن ٿا. هوائي رياست ۽ الاسڪا رياستن جا ته پنهنجا ٽائيم آهن، جو اهي آمريڪا جي باقي رياستن کان ڌار ۽ پري آهن ۽ انهن جا ٽائيم هوائي ٽائيم ۽ الاسڪا ٽائيم سڏجن ٿا. باقي 48 رياستون جيڪي هڪ پيس ۾ آهن، تي اسان جي ملڪ پاڪستان يا انڊيا، ملائيشيا، ايران، جپان وانگر هڪ وقت هجڻ بدران چار ٽائيم آهن. مثال طور اسان وٽ پاڪستان ۾ صبح جا اٺ هوندا ته انڊيا ۾ ساڍا اٺ ۽ بنگلاديش ۾ نو. اهو ان ڪري جو ڍاڪا، دهلي ۽ ڪراچي وغيره جي وچ ۾ وڏو فاصلو آهي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين سج جي روشني پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن لڳائي ٿي. اهڙي طرح (USA) ايڏو وڏو آهي، جو نيويارڪ کان لاس اينجلس تائين سج نظر اچڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳيو وڃن. يعني اڄ ڪلهه هتي صبح جو ڇهين وڳي سج نظر اچي ٿو (يعني سج اڀري ٿو) ان وقت پاڪستان ۾ شامَ جا ٽي ٿي چڪا هوندا آهن، جو پاڪستان ۽ آمريڪا جي هن اوڀر واري حصي ۾ نو ڪلاڪن جو فرق آهي. يعني ڪراچي يا حيدرآباد ۾ جيڪو نئين ڏينهن جو سج نمودار ٿئي ٿو، اهو هتي نون ڪلاڪن بعد نظر اچي ٿو ۽ لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) تائين پهچڻ ۾ هن کي ٻيا به چار ڪلاڪ لڳيون وڃن. ان ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هي ملڪ ڪيڏو وڏو آهي ۽ آهي به ته 48 ملڪن جو جھڳٽو جنهن جون ڪيتريون ٽيڪساز جهڙيون رياستون ان جي سڄي ملڪ کان وڏيون آهن.
    بهرحال ان حساب سان هتي (يعني هنن 48 رياستن ۾) چار ٽائيم زون ٺاهيا ويا آهن. جيڪي هن ريت آهن:
    1. ايسٽرن ٽائيم.
    2. سينٽرل ٽائيم.
    3. مائونٽين ٽائيم ۽
    4. پئسفڪ ٽائيم.
    پاڪستان فون تي هڪ همراهه سان ڳالهائڻ دوران پڇيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ڪيتري وقت جو فرق آهي. ٻڌايو مانس ته نون ڪلاڪن جو.
    “پر حسن مجتبيٰ ته ٻڌايو پئي ته تيرهن ڪلاڪن جو فرق آهي.” هن ٺهه پهه وراڻيو.
    “هُن به صحيح ٻڌايو اٿئي، جو هو اسان کان به گهڻو پري سان فرانسسڪو ۾ رهي ٿو. اتان واقعي تيرهن ڪلاڪن جو فرق آهي.”
    بهرحال اسانجو دلير ڪالم نويس ۽ اديب حسن مجتبيٰ ڪجهه ڏينهن کان هيڏانهن واشنگٽن اچي رهيو آهي، جتي جو ٽائيم زون اهو ساڳيو آهي، جنهن ۾ نيويارڪ ۽ نيوجرسي ٿا اچيو وڃن ۽ اسان وارو ٽائيم زون “ايسٽرن ٽائيم” سڏجي ٿو. هونءَ آمريڪا (USA) جي پکيڙ 96 لک چورس ڪلوميٽر آهي.


    آمريڪا ۾ دنيا جون اتاهيون عمارتون

    يارهين سيپٽمبر واري حادثي ۾ نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جون نه فقط ٻه اوچيون عمارتون، ٽاور نما بلڊنگون (جن مان هڪ 417 ميٽر هئي ۽ ٻي 415 ميٽر) تباهه ٿي ويون، پر ان جي ڀر ۾ باقي پنج ڇهه عمارتون به ايتري قدر damage ٿي ويون، جو انهن سڀني عمارتن جو ملبو ڪڍي گرائونڊ خالي ڪيو ويو، جنهن کي “گرائونڊ زيرو” سڏين ٿا. اهو پٽ سورهن ايڪڙ کن ٿيندو، ان جي هڪ اتر اولهه واري ڪنڊ ۾، هن حادثي جي ياد ۾ “فريڊم ٽاور” نالي عمارت ٺهي رهي آهي. بلڪه ان جي ڊيزائين جي پڙدي ڪشائي ٻه مهينا اڳ ٿي چڪي آهي، مونکي به ڪالهه اتي پهچي خبر پيئي.
    پنهنجي ڀاڻيجي ثمير وسطڙي سان ڪالهه نيويارڪ نڪتس. هن جو هڪ ٻن هنڌ ڪم هو، ان بعد هالنڊ ٽنل ۽ ڪئنال اسٽريٽ مان ٿي ويسٽ براڊوي تي آياسين. اتي هن جي هڪ بنگالي دوست جي “بنگال ڪَري” (Bangal Curry) نالي پلاٽ نمبر 65 تي ريسٽورينٽ آهي. هن کي ٿوري دير پنهنجي دوست سان خبرچار ڪرڻي هُئي. آئون چانهه پي، ٽنگ ڊگهي ڪرڻ لاءِ ٻاهر براڊ وي تي واڪ لاءِ نڪتس. مٿي چئمبرس اسٽريٽ تان ڪجهه اسٽيشنري جو سامان وٺي، وري واپس هيٺ ڏکڻ ڏي رخ ڪيم ۽ وارن (Warren)، مُوري Murray ۽ پارڪ اسٽريٽ لتاڙي بارڪلي اسٽريٽ تي آيس، جتي WTC جي ستون نمبر عمارت آهي ۽ ان بعد Vesey گهٽي آهي، جنهن وٽان باقي عمارتن ۽ ٻن وڏن ٽاورن وارو ميدان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ساڄي ويسٽ اسٽريٽ ٽائيمن ۽ کاٻي پاسي چرچ اسٽريٽ تائين آهي ۽ پٺيان لبرٽي اسٽريٽ تائين وڃيو ٿو دنگ ڪري.
    ظاهر آهي 16 ايڪڙ زمين 65 هزار چورس ميٽر ٿي ۽ هي نيويارڪ جو اهو مهانگو علائقو اهي، جتي ٽوڪيو وانگر چورس فٽن جي حساب سان زمين وڪامي ٿي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر (WTC) مان ڊٺل سڀني عمارتن جو ڀنجو هٽائي، لسو پٽ ڪيوويو آهي، جنهن جي هڪ ڪنڊ ۾ فريڊم ٽاور ٺهندو. يعني هن جي چوڌاري ويسي، ويسٽ، واشنگٽن ۽ فلٽن گهٽيون ٿينديون. هن عمارت (Freedom Tower) جي اوچائي پورا 1776 فٽ رکي ويندي، نه گهٽ نه وڌ، ڇو جو اها اوچائي سال 1776ع جي ياد ۾ آهي، جڏهن هن ملڪ جي Declaration of Independence تي صحيحون ٿيون هيون.
    هن وقت آمريڪا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت شڪاگو شهر جي Sear’s Tower آهي، جنهن کان هيءَ نئين عمارت Freedom Tower اتاهين ٿيندي، جو سيئر وارو ٽاور 1451 فٽ اتاهون آهي، پر شڪاگو شهر ۾ هن وقت ٻي اتاهين عمارت Fordham Spire ٺهي رهي آهي، جيڪا فريڊم ٽاور کان گهڻي ڊگهي آهي ۽ فريڊم ٽاور کان هڪ سال اڳ 2009 ۾ ٺهي راس ٿيندي.
    هن وقت آمريڪا جون ڪجهه اتاهيون عمارتون هن ريت آهن؛
    1. شڪاگو جي سيئرس ٽاور ــ 1451 فٽ.
    2. نيويارڪ جي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ــ 1250 فٽ.
    3. شڪاگو جو AON سينٽر ــ 1136 فٽ.
    4. شڪاگو جو جان هئنڪاڪ سينٽر ــ 1127 فٽ.
    5. نيويارڪ جي ڪرسلر بلڊنگ ــ 1046 فٽ
    6. ائٽلانٽا (جارجيا) جي بئڪ آف آمريڪا پلازا ــ 1023 فٽ.
    7. لاس اينجلس جو U.S بئنڪ ٽاور ــ 1018 فٽ، وغيره.
    هونءَ جيڪڏهن ٻي ڪا اتاهين عمارت نه ٺهي، ته نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري هيءَ عمارت Freedom Towers دنيا جي اتاهين عمارت ليکي ويندي، پر هنن سڀني کي شڪ آهي بلڪه پڪ آهي، ته برج دبئي نالي جيڪا عمارت دبئيءَ ۾ ٺهي رهي آهي، اها نه فقط اڳ ۾ ٺهي راس ٿيندي (2008ع تائين) پر اڄ جي سڀني عمارتن کان ڊگهي هوندي. هونءَ دبئيءَ واري هيءَ عمارت ٺاهڻ وارا ان جي اوچائي ڪنهن کي ٻڌائين نٿا، يعني اها ڳالهه راز ۾ رکي اٿن، پر افواهه اهي ئي ٻڌجن پيا ته برج دبئي اٽڪل 2300 فٽ اتاهين عمارت ٿيندي.
    اڄ جي حساب سان ڏٺو وڃي ته دنيا جون اوچيون عمارتون هن ريت آهن.
    1. تائيوان جي تائيپي شهر جي عمارت “Taipei 101” ـــ 1671 فٽ.
    2. ملائيشيا جي شهر ڪوالامپور جا پيٽروناس ٽاور ـــ هڪڙو 1483 فٽ ٻيو پڻ 1483 فٽ،
    3. شڪاگو جي عمارت “سيئرس ٽاور”ـــ 1451 فٽ.
    4. چين جي شهر شنگائيءَ جي “جن مائو ٽاور” عمارت ـــ 1380 فٽ.
    5. هانگ ڪانگ جي “ٽو انٽرنيشنل فائننس سينٽر”ـــ 1362 فٽ.


    واشنگٽن ۾ سب وي ۾ سفر

    واشنگٽن ۾ پاڪستان ۽ ملائيسيا جا سفارتخانا ائين گڏ گڏ آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ شيرٽن هوٽل چيف منسٽر هائوس. ڪنهن زماني ۾ خاص. ڪري اڄ کان 35 سال کن اڳ جڏهن جهاز کي هن پاسي وٺي ايندا هُئاسين ته اسانجي ايمبسي توڙي ملائيشيا جي ۽ ڪجهه ٻين ملڪن؛ يونان، ڪوريا، برازيل، ترڪي وغيره جي واشنگٽن جي گولڊن ٽڪنڊي ۽ DUPONT سرڪل جي ويجهو، شيريڊن سرڪل وٽ مساچوسيٽ ايونيو تي هيون. پر هاڻ ڪجهه سالن کان ڪيتريون ئي ايمبسيون ڪجهه پرڀرو ڪليوِلئنڊ پارڪ کان اڳتي Van Ness سب وي اسٽيشن وٽ آهن، جتي ڀر ۾ واشنگٽن جي مشهور يونيورسٽي UDC (يونيورسٽي آف ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) ۽ Intelsat آهن. انٽيل سئٽ دنيا جي اعليٰ ۽ طاقتور سئٽلائيٽ ڪميونيڪيشن ڪمپنيءَ جو هيڊ ڪوارٽر آهي.
    جتي پاڪستان ۽ ملائيشيا جا سفارتخانا آهن، اهو ٽڪرو “انٽرنيشنل ڪورٽ” جي نالي سان سڏجي ٿو. ملائيشيا جي سفارتخاني جي ائڊريس 3516 انٽرنيشنل ڪورٽ آهي ته پاڪستان جي سفارتخاني جي 3517. پاڪستاني سفارتخاني جي کاٻي پاسي شايد نائيجيريا جو سفارتخانو آهي ۽ روڊ جي ٻئي طرف جيئن ڪراچيءَ ۾ پرل ڪانٽيننٽل هوٽل آهي، تيئن واشنگٽن ۾ اسرائيل جو سفارتخانو آهي. پهرين ڏينهن ڀُل ۾ روڊ جي هن پار اسرائيل جي سفارتخاني ڏي اڃا رخ موڙيم ته هتان هُتان سيڪيورٽي وارا نڪري آيا ته آئون ڪير آهيان ۽ ڇو ٿو وڃڻ چاهيان. چئبو ته هتي به نر پکيءَ جي جهار پئي ٿئي. سندن ٻڌائڻ تي روڊ جي ٻئي پاسي ملائيشيا ۽ پنهنجي سفارتخاني ڏي رخ موڙيم.
    آئون سب وي ريل گاڏيءَ ذريعي، ‎Van Ness ريلوي اسٽيشن تي لٿو هوس ۽ هاڻ انٽيل سئٽ جي عمارت اڳيان لنگھي، UDC (يونيورسٽي آف ڊسٽرڪٽ ڪولمبيا) وٽان مڙي، هتي پهتو هوس. پروگرام موجب منهنجي پيٽارو جي پراڻي ڪلاس ميٽ محمد سميع جادران کي مونکي هيڏانهن وٺي اچڻو هو. پر صبح ساڻ کيس ڪم ٿي پيو ۽ ورجينيا مان فون ڪري مونکي سندس انتظار ڪرڻ بدران ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ لاءِ چيائين.
    “سفير سان ملڻ لاءِ ايمبسيءَ ۾ پيو وڃين، بس وغيره ۾ نه وڃجانءِ، متان اتي پگھر ۾ شل پهچين. خوشبوءِ هڻي ٽئڪسيءَ ۾ وڃجانءِ. ڪينڪٽيڪٽ ايوينيو جتي ايمبسي آهي، ان جا 25 ڊالر کن ڀاڙو ٿيندءِ” هن هميشه وانگر پنهنجي مزاحيه انداز ۾ مونکي گائيڊ ڪيو. تيار ٿي نڪتس ته اڃان سوير هئي. مونکي سميع جي ڳالهه تي کل آئي. ڪنهن سفير سان ملڻ ٿو وڃان، پر ڪنهن نوڪريءَ جي انٽرويو لاءِ ته نٿو وڃان. ڀيڻسان چريو سميع! هڪ ٽئڪسي پويان ڏيڍ هزار رپيا اوٽ ڏيڍ هزار موٽ خرچ ڪريان، ويتر ڪو اڌ مغزي ڏاڏو شيدي ڊرائيور مٿي پئجي ويو، ته هن کي غلط رستي تان ڪڍي صحيح تي آڻڻ ڪو سولو ڪم ته نه آهي. اهڙن ڊرائيورن جا حال “ تيسيتائين گڊ باءِ” ۽ “دنگي منجهه درياهه” ڪتابن ۾ لکي چڪو آهيان. اڳيان اچي ڪنهن چواٽي تان ٽئڪسي ڳوليان، ان کان اڳ لئن فانٽ (L’En fant Plaza) واري سب وي اسٽيشن اچي وئي. مون وٽ وقت ئي وقت هو. مونکي اڄ فقط ملائيشيا جي سفير داتو عبدالخالد غزاليءَ سان ملڻو هو ۽ UDC ۾ پڙهندڙ ڪجهه شاگردن سان جن جو واسطو ملاڪا سان آهي، جتي جي نيول اڪيڊميءَ ۾ مون ڏهاڪو کن سال مئرين انجنيئرنگ پڙهائي هئي.
    آئون هن سب وي ريلوي اسٽيشن ۾ ائسڪالئٽرن ذريعي هيٺ پهتس. مختلف ريل گاڏين جي روٽن جي نقشن اڳيان بيهي جائزو ورتم. مونکي وان نيس ريلوي اسٽيشن تي ٽئڪسي، بس يا هن ريل رستي پهچڻ کپي. وان نيس اسٽيسن ڏي ڳاڙهي رنگ جي گاڏي وڃي ٿي، جيڪا هن ريلوي اسٽيشن لئن فانٽ تان نٿي لنگھي. هتان بلو، هئڊي ۽ پيلي رنگ جون ريلون لنگھن ٿيون. يعني آئون جي بلو يا هيڊي رنگ جي ٽرين ۾ وهان، ته اهي مونکي ٻن اسٽاپن (سمٿوسن ۽ فيڊرل ٽرئنگل) بعد ميٽرو اسٽيشن تي اچي ڇڏينديون، جتان ڳاڙهي رنگ جي ٽرين لنگهي ٿي، جيڪا فاراگٽ نارٿ، ڊوپانٽ سرڪل، وڊلي پارڪ ۽ ڪليويلنڊ پارڪ اسٽيشنن کان پوءِ وان نيس تي بيهي ٿي. بس ٻيو ڇا کپي! ٽن ڊالرن کن جي ٽڪيٽ وٺي. ان وقت آيل بلو لائين جي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. ٻن اسٽيشنن بعد ميٽرو اسٽيشن تي لهي پيس. سو فار سو گڊ! مون ڪجهه سک جو ساهه پٽيو. اڪيلو ٽئڪسي ۾ ٽينشن ۾ هجڻ بدران هتي گهڻن سان ته گڏ آهيان ۽ اها به خبر پويم پئي ته ٽرين ڪيڏانهن پئي وڃي ۽ ڪٿي پئي بيهي. وڌ ۾ وڌ ڀلجي پيس ته ساڳين پيرين موٽي ويندس. پهرين جي ورتل ٽڪيٽ ڳاڙهي رنگ جي ريل واري پليٽ فارم جي در ۾ وجھي، باقي بچيل پئسن جو جائزو ورتم، ته اڃان اڌ کان وڌيڪ پئسا موجود هئا، يعني وڌيڪ پئسا مشين ۾ وجھي ڪارڊ کي چارج ڪرائڻ جي اڃان ضرورت نه هئي. ٿوري دير بعد ڳاڙهي رنگ واري ٽرين اچي وئي. چئن کن اسٽيشنن بعد وان نيس اسٽيشن آئي. گاڏيءَ مان لهي لفٽ ذريعي مٿي پهتس ته سامهون UDC جي عمارت نظر آئي. يعني صحيح جاءِ تي پهتو آهيان.


    واشنگٽن ۾ ملائيشيا جو سفارتخانو ۽ UDC

    داتو شيخ عبدالخالد غزالي گذريل ٻن ٽن سالن کان واشنگٽن ۾ ملائيشيا جو سفير آهي، پاڻ آسٽريليا جي لاٽروبي يونيورسٽي مان ايڪانامڪس مان ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 1971ع کان ڊپلومئٽ آهي. آئون جڏهن 1991ع تائين ملائيشيا ۾ هوس ته داتو خالد ڪوالامپور ۾ وزارت فارين افيئر ۾ به ڪافي وقت رهيو ۽ منهنجي ۽ ارشاد عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ جيڪو ان وقت پاڪستاني هاءِ ڪميشن ڪوالالمپور ۾ هو) جي ساڻس ملاقات قومي ڏينهن جي دعوتن ۾ عيد ملن جي اوپن هائوسن ۾ رهي. ملئي سلطان، بادشاهه، وزير توڙي وزير اعظم عيد واري ڏينهن پنهنجي گهر جو دروازو کليل رکن ۽ عوام جي هر ماڻهوءَ کي هن سان ملڻ ۽ چانهه پاڻيءَ جي دعوت هوندي آهي، جنهن کي هو “اوپن هائوس” سڏين. ملائيشيا جا هندو ۽ چيني وزير ۽ وڏا ماڻهو ڏياري يا چينين جي نئين ڏينهن تي “اوپن هائوس” رکن.
    داتو خالد غزالي جنهن جي شادي داتن فريدهه سان ٿي آهي. آمريڪا جي سفير ٿيڻ کان اڳ هانگ ڪانگ جرمني، آسٽريليا ۽ ٿائلنڊ جو به سفير رهي چڪو آهي. مون کيس ملائيشيا جي سفارتخاني جي ڌارين زبانن جي لئبرري لاءِ ملائيشيا تي لکيل پنهنجا پنج ڇهه سنڌيءَ جا ۽ هڪ اردوءَ جو ڪتاب “ملائيشيا ڪي دن” ۽ انگريزي جو “Proverbs of Far East” ڏنو، جنهن ۾ چين، جپان ۽ ملائيشيا جا پهاڪا ڏنل آهن ۽ جنهن ڪتاب جو مهاڳ ملائيشيا جي وڏي ۽ جھوني اديب ڪرس ماس ۽ محترمه بينظير لکيو آهي. منهنجي خيال ۾ ملائيشيا ۾ پينشارا (ٽيچر) ٿي پڙهائڻ هڪ طرف منهنجي روزگار جو ذريعو هو ۽ هنن جي ملڪ تي ايترا ڪتاب لکڻ (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، ملائيشيا 12 سالن بعد، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ، سانڀاهو سمنڊ جو) وغيره ٻي طرف منهنجي وندر هئي، پر هن قوم ان کي قرض سمجي مونکي نه فقط PJK ايوارڊ ڏنو، پر اڃان تائين عزتون ڏيندا رهن ٿا.
    ملائيشيا جو سفير داتو خالد وٽ ڪُئيح (ملئي مٺائي) ۽ چانهه جو ڪوپ پي UDC يونيورسٽي وڃڻ لاءِ اٿيس، جتي جي ڪجهه ملئي شاگردن منهنجي واشنگٽن ۾ اچڻ جو ٻُڌي، مون سان ملڻ ٿي چاهيون، جن مان ڪيترن جي والدين سان منهنجي ملاڪا ۾ رهائش دوران عليڪ سليڪ هئي. هونءَ ملائيشيا جا شاگرد ملئي توڙي چيني هيڏانهن آمريڪا، انگلينڊ يا يوررپ جي يونيورسٽين ڏي رخ رکڻ بدران هميشه آسٽريليا وڃڻ پسند ڪن ٿا، سو به اهڙن شهرن ۾ جتي سيءُ گهٽ هُجي. ملائيشيا ٻارهوئي گرمي رهي ٿي. سڄو سال ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين. هاڻ مڙيئي آمريڪا جهڙن ٿڌن ملڪن ڏي نڪرڻ شروع ڪيو اٿن.
    ملائيشيا جي سفارتخاني مان نڪرڻ بعد پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ پڻ ليئو پاتم. رسيپشن تي ويٺل فلپينو ڇوڪريءَ ٻڌايو ته سفير صاحب جنرل جهانگير ڪرامت صاحب هن وقت ميٽنگ ۾ آهي.
    “آئون ساڻن ٻن ڏينهن بعد ملڻ چاهيان ٿو.” مون ڇوڪريءَ کي پنهنجي رهائش جو اتو پتو ۽ ٽيليفون نمبر ٻڌايو، “منهنجي ساڻن واشنگٽن پهچڻ کان اڳ نيويارڪ مان فون تي ڳالهه ٿي چڪي آهي، ته آئون واشنگٽن پهچي کين اطلاع ڪندس. هاڻ سفير صاحب جيڪو ٽائيم ڏئي ته مونکي ٻڌائجانءِ.”
    اسانجي واشنگٽن واري سفارتخاني ۾ پير جي ڳوٺ جو ڪليم خلجي ۽ حيدرآباد جو شاهد ڪلهوڙو پڻ ڪم ڪن ٿا. مونکي UDC يونيورسٽي وڃڻو هو سو پنهنجي سفارتخاني کان ٻاهر نڪري، ڪليم ۽ شاهد کي موبائيل فون ذريعي ٻڌايم ته ٻن ڏينهن بعد جنرل جهانگير وٽ ايندس، ته ساڻن به ملاقات ٿي ويندي.
    يو ڊي سي (يونيورسٽي آف ڪولمبيا) واشنگٽن جي پبلڪ يونيورسٽي آهي، جيڪا 1977ع ۾ هتي جي فيڊرل سٽي ڪاليج ۽ واشنگٽن ٽيڪنيڪل انسٽيٽوٽ (جيڪي ٻئي 1966ع جا ٺهيل آهن) کي ملائي ٺاهي وئي. هيءَ يونيورسٽي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي سفارتخانن کان سڏ پنڌ تي، وان نيس اسٽريٽ ۽ ڪنيڪٽيڪٽ ايوينيو جي ڪراس تي آهي.
    يونيورسٽي آف ڪولمبيا ڪاليج آف آرٽس ائنڊ سائنس، اسڪول آف بزنيس ائنڊ پبلڪ ائڊمنسٽريشن، اسڪول آف انجنيئرنگ ۽ اپلائيڊ سائنسز ۽ ڊئوڊ ڪلارڪ اسڪول آف لا جي معرفت پنجهتر انڊر گرئجوئيٽ ۽ گرئجوئيٽ اڪيڊمڪ ڊگري پروگرام مهيا ڪري ٿي. هن يونيورسٽي ۾ ڌارين ملڪن جي شاگرد جو وڏو تعداد پڙهي ٿو. ملائيشيا جي هنن شاگردن جن سان ملڻ ويس، انهن ٻڌايو ته اٽڪل پنجويهه ملڪن جا شاگردن هن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ٿا ۽ ٻيا جيڪي هتي جا مڪاني آمريڪن آهن، انهن جا والدين به قريب ماضي ۾ مختلف ملڪن کان هتي آمريڪا ۾ اچي Settle (آباد) ٿيا ۽ اڄ هو جيتوڻيڪ آمريڪن سڏائين ٿا، پر سندن Roots ۽ ڪلچر پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو رنگ آهي. ان حساب سان هن يونيورسٽي ۾ اڇا، ڪارا، ايشيائي، آفريڪن، ڏکڻ آمريڪا جا ۽ ڪئريبين ٻيٽن جا شاگرد پڙهن ٿا. پاڪستاني به ڪيترائي نظر اچي رهيا هئا، جو واشنگٽن گاديءَ جو شهر هجڻ ڪري ڪيترائي پاڪستاني سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسن ۾ هتي ڪم ڪن ٿا، جن جا ٻار يا ڀائر ڀينرون هتي پڙهن ٿا. هونءَ به هتي واشنگٽن کان علاوه اوسي پاسي جي رياستن: ورجينيا، پينسلوانيا، ميريلئنڊ وغيره ۾ پاڪستانين جا ڪجهه وڏا ئي ميڙاڪا رهن ٿا.


    42 سالن بعد انور ميمڻ سان ملاقات

    UDC يونيورسٽي ۾ ملائيشيا جي ملئي شاگردن سان ملي، آخر ۾ لئبرري جو ديدار ڪري نڪري رهيو هوس، ته ڪاريڊار ۾ خالد هاشماڻي ملي ويو. نه کيڪار نه کڙي هڪ ساهه ۾ شروع ٿي ويو. “ڪمال آهي وڃڻ وقت توهان چيو ته هاڻي مهيني بعد واشنگٽن ايندس. اسان کي ٻڌائڻ بنا لڪي لڪي پيا چڪر ڏيو.”
    “اڄ اڃان ٽي ڏينهن ٿيا آهن.” مون خالد سان ڀاڪر پائي ملندي چيو، “مون سوچيو ته هفتي بعد تو جهڙن، پيٽارو جي همراهن کي ٻڌائيندس.”
    “نه بابا!” خالد تعجب مان چيو.
    “نه بابا ڇا؟ آئون پيٽارو کان علاوه ڪجهه ٻين ماڻهن سان ملي، انهن بابت پنهنجي سفرنامي ۾ لکڻ ٿو چاهيان.”
    “بس پوءِ جھلجي پئين نه. هاڻ ڇا پروگرام آهي؟” خالد پڇيو.
    “ڪجهه ناهي. لنچ بعد پنهنجو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري، رات جو دير تائين گذريل ٻن ٽن ڏينهن جون ڳالهيون لکڻيون اٿم.”
    “نه بابا” خالد پنهنجو تڪيو ڪلام ورجايو.
    “نه بابا ڇا؟ چئه ها بابا.” مون چيومانس.
    “هاڻ سائين ڳالهه ٻڌو. لکڻ کي هڻو کڏ ۾. آئون ورجينيا کان هلي هتي واشنگٽن آيو آهيان. مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهه. اقبال ترڪ به ڪراچيءَ کان هتي آيل آهي ۽ ڪئناڊا کان انور ميمڻ. کين مون هڪ هنڌ لنچ لاءِ گهرايو آهي. هلو ته گڏ هلون.”
    انور ميمڻ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو، بلڪه هو ميرخاص وارن ڏينهن کان مون سان گڏ اٺين ڪلاس کان انٽر تائين رهيو. منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ته انور جو 48. انور جو پيءُ ’چاچو محمد بسو‘ منهنجي والد گل محمد شيخ جو سٺو دوست هو، ان ڪري موڪلن ۾ به آئون بابي سان گڏ انور سان ملڻ سندن کاهي روڊ واري گهر ويندو هوس. انور کي هڪ ننڍو ڀاءُ منور نالي آهي، جيڪو شايد آدم جي انشورنس ۾ رهيو. انور ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي مان B.E ڪئي ۽ پوءِ خبر ناهي ڪٿي ڪٿي نوڪري ڪري ڪئناڊا اچي ٽڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪئناڊا ۾ ئي رهيل آهي. سندس شادي اسانجي پيٽارو جي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ لاڙڪاڻي جي عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي پٽ علي رضا ميمڻ جي اڪيلي ڀيڻ نجمه سان ٿي. علي رضا ننڍي هوندي وفات ڪري ويو. هن پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽي مان M.A ڪئي هئي. علي رضا جو وڏو ڀاءُ علي نواز ميمڻ هتي آمريڪا ۾ ئي رهي ٿو ۽ SANA (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جو سرگرم ميمبر آهي. پيٽارو ڇڏڻ بعد انور سان وري ملاقات نه ٿي هئي. يعني اڄ 42 سالن بعد ملي رهيو هئومانس. ويجھڙائيءَ ۾ ٻڌو هوم ته سندس صحت صحيح نٿي رهي. سندس ٻنهي گردن (kidneys) ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، جنهن بعد سندس گهر واري نجما جي هڪ Kidney ٽرانسپلانٽ ڪئي وئي ۽ خالد ٻڌايو ته هو هاڻ بهتر آهي ۽ ان آپريشن بعد هو پهريون دفعو ڪئناڊا کان هتي آمريڪا آيو آهي.


    خالد هاشماڻي پاڻ به ايراني لڳي ٿو

    “پاڻ ليس برگ پائيڪ روڊ وٺي واپس ورجينيا ٿا هلون،” خالد چيو، “اتي ويسٽ ووڊ سينٽر ڊرائيو روڊ تي “شمشيري” ريسٽورينٽ آهي.”
    “ٺهيو سمجھي ويس.” مون چيو.
    “ڇا مطلب؟” خالد پچيو.
    “پڪ ايراني هوٽل هوندي.” مون وراڻيس.
    “بلڪل صحيح سڃاتئه” خالد چيو.
    خالد هاشماڻي پيٽاور ۾ اسان کان ٻه سال جونيئر هو، پر منهنجي ئي هائوس (لياقت هائوس) ۾ رهيو ٿي. پيٽارو بعد هن مهراڻ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ (يا شايد سول انجنيئرنگ ۾) B.E ڪرڻ بعد ايران وڃي نوڪري ڪئي. شڪل صورت ۾ ايرانين وانگر سهڻو ۽ گورو ته آهي، پڪ ايرانين هن کي پنهنجو ئي سمجھيو هوندو. کيس به ايران ملڪ ۽ ان جا ماڻهو اهڙا ته وڻي ويا جو شادي به ايراني ڇوڪريءَ سان ڪيائين. هينئر کيس ايراني ميوزڪ وڻي ٿي، ايراني کاڌا وڻن ٿا (ان ڪري اسان جي هن ايراني هوٽل ۾ دعوت ڪئي اٿس) ۽ ايرانين وانگر لس ئي لس فارسي ڳالهائي ٿو. اسڪول جي ڏينهن ۾ خالد کي نه عربي سمجھه ۾ آئي ۽ نه فارسي، ان ڪري مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ ووڊ ورڪ يا ڊرائنگ کنيائين. خالد ڪافي سالن کان ٻارن سان گڏ ٽورنٽو ۾ اچي رهيو ۽ کيس ڪئناڊا جي سٽيزن شپ آهي. گذريل ٻن چئن سالن کان هڪ فرم جي اسائنمينٽ تي هتي ورجينيا ۾ اچي رهيو آهي، جتي سندس ٻار مڪاني يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. کيس فقط ٻه ڌيئرون آهن، جن کي هو پٽن وانگر ئي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي والد مرحوم محمد صالح ميمڻ صاحب جي روايت موجب هو ڌيئرن کي به پٽن وانگر اعليٰ تعليم ڏيڻ چاهي ٿو. سندس وڏي ڌيءَ جو نالو پارسا ۽ ننڍيءَ جو انيتا آهي.
    خالد هاشماڻيءَ جي والد صاحب گھٽ پگھار ۽ وڏي عيال هوندي به جيڪا جدوجهد اولاد پٺيان ڪئي، اهو ٻين لاءِ مثال آهي. خالد جا وڏا مٽياري شهر جا آهن.ِ نوڪري خاطر خالد جو والد حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ اچي رهيو. خالد ۽ ان جي فئمليءَ کي سندس پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ئي مون سڃاتو ٿي، جو اسانجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو جو گهر به اتي ئي هو ۽ اسان جڏهن ڳوٺان ناناڻي ايندا هئاسين ته گاڏي کاتي ۾ رهندڙ ٻين ٻارن سان گڏ خالد سان به ملندا هئاسين. خالد سڄي پاڙي ۾ سخت شرارتي ٻار هو، جنهن جي وڏي دلچسپي فقط ۽ فقط گهٽيءَ ۾ راند کيڏڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ هئي. سندس والد کي پنهنجي ٻارن جو بيحد گهڻو الڪو هوندو هو. هن کي پاڙي ۾ رهندڙ ٻين امير ماڻهن وانگر نه زمينون هيون نه دڪان هوٽلون. هن پنهنجن ٻارن جو مستقبل ان ۾ ئي ڏٺو ٿي ته هو محنت ڪري پڙهن ۽ سٺي نوڪري تي رسن. هن کي اها ڳالهه به دماغ ۾ هئي، ته وڏي پٽ کي لاڏلو ڪري کارڻ بدران سختيءَ سان رکجي، جو باقي ٻار (ڀائر ڀينرون) وڏي کي ئي فالو ڪن ٿا.
    چاچي صالح کي انهن ڏينهن ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگي بهتر لڳي، جتي ڊسيپلين جي زندگي هئي ۽ ساڳي وقت خالد پاڙي جي ٻارن کان پري رهي سگهيو ٿي. خالد پيٽارو لاءِ ته چونڊجي ويو، پر ان جون ڳريون فيون چاچي صالح ميمڻ جي مالي قوت کان وڌيڪ هيون، هو پنج وقت نمازي ۽ حق حلال جي پگهار مان گذارو ڪرڻ وارو انسان هو. هن پيٽارو جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس کي گهٽ پگهار جي بنياد تي خالد جون ڪجهه فيون معاف ڪرڻ لاءِ چيو.
    “بلڪل مڃان ٿو ته توهان کي ٿورو پگهار آهي، پر في معاف تڏهن ڪندس جڏهن ڇوڪرو پڙهائي ۽ راندين ۾ گوءِ کڻي ڏيکاريندو.” ڪرنل ڪومبس چيو.
    ۽ پوءِ چاچو، خالد کي هر وقت اهو سبق ڏيندو رهيو ته پاڻ غريب آهيون، جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته پنهنجي پيءُ جي مدد ڪريان ته ڪجهه ڪري ڏيکار. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته خالد جهڙي شرارتي ۽ پڙهائي ۾ سست ٻار هڪ سال اندر سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. هو گاڏي کاتي جي ڏهن ٻارن جي ونجھوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند جو لٺ سردار، هاڻ پنجاهه ڪئڊٽن جي ڪلاس جي فٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جهڙين راندين جو ڪئپٽن ٿي ويو. هر منٿلي ٽيسٽ ۾ هن جي مارڪن جو تعداد وڌندو ويو. ڪاليج جي بئنڊ ڪلاس ۾ اڳيان اڳيان هي ٿي ويو. شاهين ايئر اسڪائوٽس جو ميمبر هي ٿي ويو. سندس اسڪول جون فيون ته معاف ٿي ويون، مئٽرڪ تائين پهچڻ کان اڳ اسان جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس ۽ ڪئپٽن عالم جا محسود ايڊجيوٽنٽ (هاڻي ليفٽيننٽ جنرل) جو فئوريٽ ڪئڊٽ خالد ٿي پيو، جيڪو ڪاليج جي عزت وڌائي رهيو هو. خالد ڪلاس ۾ نمبر کڻندو هو ته به سندس والد صاحب اهڙي سٻاجھي طبيعت جو انسان هو جو هر سينئر ڪئڊٽ کان خالد جو پڇندو رهندو هو ته پڙهائي ڪري ٿو يا نه. ڪنهن کي تنگ ته نٿو ڪري ۽ پوءِ اسانکي پارتون ڪندو هو ته خالد کي پڙهائي لاءِ چوندا رهو.


    خالد جا ڀاءُ ڀيڻ ۽ اقبال جماڻيءَ جا ٻارَ

    اڄ ڏسان ٿو ته هن نيڪ انسان ۽ حق حلال جي پگھار مان پورت ڪرڻ واري جا ٻار سڄي محلي جي امير ٻارن کان بهتر آهن. هن جا سڀ ٻار نيڪ ۽ صالح آهن ... وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪري وڏين نوڪرين تي آهن ... نه فقط پٽ: خالد، طارق ۽ اختر پر ڌيئرون پڻ. خالد کان پوءِ ڀاءُ طارق آهي، جنهن بعد ٽي ڀينرون آهن: فهميده، نجما ۽ حميده ... ٽنهي MBBS ڪئي ۽ ڊاڪٽرياڻيون آهن. ڊاڪٽر فهميده جي شادي اسان جي پيٽارين ۽ خالد جي ڪلاس ميٽ اقبال جماڻيءَ سان ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه انڪم ٽئڪس ڪمشنر آهي. ٻين جي ٻارن جي خبر نه اٿم، پر اقبال جا ٻار ڪراچي ۾ اتي رهن ٿا، جتي اسان جو گهر آهي، اهي به سڀ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندا اچن. ڊاڪٽر فهميده جو وڏو پٽ جنهن تي پنهنجي ڏاڏي سائين جمال جماڻيءَ جو نالو آهي، پاڪستان مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هاڻ هتي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ... جنهن جي سلسلي ۾ شايد سندس مامو خالد هاشماڻي يونيورسٽي آيل هو، جتي منهنجي ساڻس اوچتو ملاقات ٿي.
    جمال جماڻي بعد ٻه ڀيڻيون فضا اقبال ۽ مليحا اقبال ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر مليحا پڻ اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ ڪجهه ڪورسز ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ کيس سندس آغا خان هاسپيٽل وارن هيڏانهن موڪليو آهي ۽ ننڍو ڀاءُ ڪمال جماڻي ڪراچي ۾ او ليول ڪري رهيو آهي. اقبال جماڻيءَ سان گڏ سندس گهر واري (يعني خالد هاشماڻي جي ڀيڻ) ڊاڪٽر فهميده به جاب ڪري رهي آهي ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ سينئر سرجن آهي. اقبال جماڻي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ۾ هو ته سندس والد سائين جمال الدين جماڻي صاحب روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت جمال صاحب ڪراچي ۾ ائڊيشنل ڪمشنر هو ۽ حيدرآباد کان ڪراچي سفر ڪري رهيو هو. اقبال جماڻي انٽر بعد بي اي ۽ پوءِ پوليٽيڪل سائنس ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ M.A ڪري سول سروس جو امتحان ڏنو ۽ ان وقت کان وٺي انڪم ٽئڪس کاتي سان وابسته آهي.
    ڪي ماڻهو پنهنجي وطن ۾ رهندي ... وطن جي عوام جي نمائندگي جي جوابداري هوندي به پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جو نٿا سوچين، پر خالد هاشماڻي اهو تن تنها سپاهي آهي، جنهن کي پنهنجي ديسَ کان ڏور رهي به پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي رهواسين جو فڪر جان سان لڳو رهي ٿو. پاڻ غربت جا ڏينهن ڏٺا اٿس ته ڏکيا ڏينهن به. کيس ان جو احساس آهي. هو ٻي جا ڏک سمجھي ٿو ۽ سڄي زندگي ضرورتمندن جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪندو رهيو آهي ... پر ڪرنل ڪومبس وانگر هن جي نظرن ۾ به فقط غربت ڪا ڪرائيٽريا ناهي، هن لاءِ اهو غريب ماڻهو لائق فائق آهي، جيڪو محنتي آهي، هنر مند آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪاغذي ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن سان گڏ هن جي دماغ ۾ اعليٰ تعليم آهي. خالد پاڻ به سڄي عمر محنت ۽ پورهيا ڪيا آهن.


    انور ميمڻ جو مشهور انگريزي گانو

    شمشير هوٽل ويسٽ ووڊ سينٽرڊرائيو (روڊ) تي آهي، جتي شيراٽن ٽائسن ڊرائيو وارو روڊ اچيو ملي. خالد هاشماڻي هوٽل تائين مونسان سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليم لاءِ ڏک جو اظهار ڪندو هليو. اسانجي ڳوٺن ۾ اسڪولن جي تباهي واري حالت ۽ اسانجي نوجوانن جو محنت کان ڀچڻ بابت هو فڪر مند ئي رهي ٿو. خالد هاشماڻيءَ جو اهو Vision آهي ته سنڌ ۽ ان جو عوام تڏهن ئي خوشحال ٿي سگهندو، جڏهن اسان وٽ تعليم عام ٿيندي ۽ تعليم کي تعليم سمجھيو ويندو. “تعليم انسان ۾ سٺي سوچ پئدا ڪري ٿي”، هن چيو، “۽ سٺي سوچ سٺو عمل پئدا ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿي ۽ انسانن جا سٺا عمل سٺيون سوسائٽيون پيدا ڪن ٿيون......”
    گاڏي پارڪ ڪري هوٽل ڏي آياسين ته هوٽل جي در وٽ ئي ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ۽ سندس دوست ڊاڪٽر سليم خميساڻي مليا ۽ هوٽل اندر اقبال ترڪ، انور ميمڻ ۽ اسانجي ڳوٺ جو ڊاڪٽر پروفيسر الطاف ميمڻ اسانجو انتظار ڪري رهيا هئا. انور ميمڻ ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو. مون ڪاليج وارن ڏينهن بعد کيس هاڻ ڏٺو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ هو بيحد سهڻو، قداور ۽ صحتمند جوان هو. اسٽرانگ به ڏاڍو هوندو هو. گھٽ ۾ گھٽ جڏهن به منهنجو ساڻس جھيڙو ٿيندو هو ته موچڙا آئون کائيندو هوس. ساڳي وقت دوستي ياري ۾ به ڏاڍو سٺو هو. منهنجو ته ان ڪري به سٺو دوست هوندو هو، جو اسانجا والد به پاڻ ۾ دوست هئا. هينئر ٽي وي، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ڪري ٻار انهن ۾ مشغول رهن ٿا، پر اسان جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سان جتي هر وقت راند هوندي هئي اتي جھيڙو به عام هوندو هو. اها ئي وندر به هوندي هُئي. وڙهڻ جو طريقو اهوئي هوندو هو ته هڪ ٻئي کي ڳٿر مان وٺبو هو. يعني قميص کي ڳچيءَ وٽان جھلبو هو، پوءِ هڪ ٻئي کي ٺونشا هڻبا هئا. انور ۽ منهنجو جھيڙو ضرور ٿيندو هو، پر ٻئي سان جھيڙي مهل اسان هڪ ٿي ويندا هُئاسين. پر ڪي ڪي اسانجا ڪلاس ميٽ اسان ٻن کان به سگھارا هوندا هُئا. هڪ دفعي مرحوم رفيع ڪاڇيلي سان ميرپورخاص وارن ڏينهن ۾ جھيڙو ٿي پيو. انور ۽ مون هن کي خوب ٺونشا هنيا، پر هن جو جسم هاٿي جهڙو اهو سخت هو جو ٺونشن هڻندي اسان جا هٿ سور ڪندا رهيا ۽ رفيع مُرڪندو رهيو. کيس ماري ماري جڏهن اسان ٿڪجي پياسين، ته هن اسانجون ٻانهون مروڙي، اهڙا دٻڙاٽ ڪڍيا جو ويهه فٽ کن پري وڃي ڪرياسين. سئي گئس واري اسانجي ڪلاس ميٽ سراج شيخ (ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جي پٽ ۽ نجم شيخ جي ڀاءُ) جيڪو رفيع جو روم ميٽ هو، تنهن اسان ٻنهي کي بجا ڏئي چيو هو؛ “لک لعنت هجانوَ ٻه ڄڻا گڏ ٿي به موچڙا پيا کائو.” ڪهڙا ته سندر ڏينهن هئا ماضيءَ جا! موچڙن جي ڳالهه ياد ڪرڻ ۾ به مزو پيو اچي.
    انور جون اهي ڳالهيون مون ٻين کي ٻڌايون، خاص ڪري ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي ۽ سليم خميساڻيءَ کي جيڪي پيٽارو جا نه آهن. انور کي انگريزي گانا ڳائڻ جو به شوق هوندو هو حيدرآباد جي نيو مئجيسٽڪ سئنيما ۾ انگريزي فلم ڏسي، ان جا گانا ته ڳائي نه سگهندو هو، پوءِ اڙدو گانن جو انگريزي ترجمو ڪري ڳائڻ سندس خاص Hobby ۽ سڃاڻپ هئي. ڪلاس ميٽ ۽ سينئر جونيئر ڀلي پيا کلن، پر هي نڪ جو پڪو ٿي ڪلاس روم توڙي ميس ۾ توڙي راندين دوران انگريزي گاني جون سٽون پيون ڳائيندو هو ... جنهن گاني جو ليکڪ بلڪه ترجمو ڪندڙ به پاڻ هوندو هو ته ڪمپوزر به پاڻ هوندو هو. سندس سڀ کان دلپسند گانو، جيڪو ٻڌي ٻڌي اسان کي به ياد ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين پُراڻا دوستَ وهندا آهيون ته اهو انور جي اسٽائيل ۾ دهرائي کلندا آهيون، سو هوندو هو؛
    Don’t go don’t go
    My heart is not yet
    Full filled
    جيڪو ان وقت جي مشهور گاني، “اڀي نا جائو چهوڙ ڪر ڪه دل اڀي ڀرا نهين.” جو آزاد انگريزي ترجمو هو، پر انور ان جي ڌن (ميوزڪ) ساڳي اڙدو واري رکي هئي.


    انور ميمڻ جو مشهور انگريزي گانو

    شمشير هوٽل ويسٽ ووڊ سينٽرڊرائيو (روڊ) تي آهي، جتي شيراٽن ٽائسن ڊرائيو وارو روڊ اچيو ملي. خالد هاشماڻي هوٽل تائين مونسان سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليم لاءِ ڏک جو اظهار ڪندو هليو. اسانجي ڳوٺن ۾ اسڪولن جي تباهي واري حالت ۽ اسانجي نوجوانن جو محنت کان ڀچڻ بابت هو فڪر مند ئي رهي ٿو. خالد هاشماڻيءَ جو اهو Vision آهي ته سنڌ ۽ ان جو عوام تڏهن ئي خوشحال ٿي سگهندو، جڏهن اسان وٽ تعليم عام ٿيندي ۽ تعليم کي تعليم سمجھيو ويندو. “تعليم انسان ۾ سٺي سوچ پئدا ڪري ٿي”، هن چيو، “۽ سٺي سوچ سٺو عمل پئدا ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿي ۽ انسانن جا سٺا عمل سٺيون سوسائٽيون پيدا ڪن ٿيون......”
    گاڏي پارڪ ڪري هوٽل ڏي آياسين ته هوٽل جي در وٽ ئي ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ۽ سندس دوست ڊاڪٽر سليم خميساڻي مليا ۽ هوٽل اندر اقبال ترڪ، انور ميمڻ ۽ اسانجي ڳوٺ جو ڊاڪٽر پروفيسر الطاف ميمڻ اسانجو انتظار ڪري رهيا هئا. انور ميمڻ ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو. مون ڪاليج وارن ڏينهن بعد کيس هاڻ ڏٺو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ هو بيحد سهڻو، قداور ۽ صحتمند جوان هو. اسٽرانگ به ڏاڍو هوندو هو. گھٽ ۾ گھٽ جڏهن به منهنجو ساڻس جھيڙو ٿيندو هو ته موچڙا آئون کائيندو هوس. ساڳي وقت دوستي ياري ۾ به ڏاڍو سٺو هو. منهنجو ته ان ڪري به سٺو دوست هوندو هو، جو اسانجا والد به پاڻ ۾ دوست هئا. هينئر ٽي وي، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر ڪري ٻار انهن ۾ مشغول رهن ٿا، پر اسان جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سان جتي هر وقت راند هوندي هئي اتي جھيڙو به عام هوندو هو. اها ئي وندر به هوندي هُئي. وڙهڻ جو طريقو اهوئي هوندو هو ته هڪ ٻئي کي ڳٿر مان وٺبو هو. يعني قميص کي ڳچيءَ وٽان جھلبو هو، پوءِ هڪ ٻئي کي ٺونشا هڻبا هئا. انور ۽ منهنجو جھيڙو ضرور ٿيندو هو، پر ٻئي سان جھيڙي مهل اسان هڪ ٿي ويندا هُئاسين. پر ڪي ڪي اسانجا ڪلاس ميٽ اسان ٻن کان به سگھارا هوندا هُئا. هڪ دفعي مرحوم رفيع ڪاڇيلي سان ميرپورخاص وارن ڏينهن ۾ جھيڙو ٿي پيو. انور ۽ مون هن کي خوب ٺونشا هنيا، پر هن جو جسم هاٿي جهڙو اهو سخت هو جو ٺونشن هڻندي اسان جا هٿ سور ڪندا رهيا ۽ رفيع مُرڪندو رهيو. کيس ماري ماري جڏهن اسان ٿڪجي پياسين، ته هن اسانجون ٻانهون مروڙي، اهڙا دٻڙاٽ ڪڍيا جو ويهه فٽ کن پري وڃي ڪرياسين. سئي گئس واري اسانجي ڪلاس ميٽ سراج شيخ (ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جي پٽ ۽ نجم شيخ جي ڀاءُ) جيڪو رفيع جو روم ميٽ هو، تنهن اسان ٻنهي کي بجا ڏئي چيو هو؛ “لک لعنت هجانوَ ٻه ڄڻا گڏ ٿي به موچڙا پيا کائو.” ڪهڙا ته سندر ڏينهن هئا ماضيءَ جا! موچڙن جي ڳالهه ياد ڪرڻ ۾ به مزو پيو اچي.
    انور جون اهي ڳالهيون مون ٻين کي ٻڌايون، خاص ڪري ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي ۽ سليم خميساڻيءَ کي جيڪي پيٽارو جا نه آهن. انور کي انگريزي گانا ڳائڻ جو به شوق هوندو هو حيدرآباد جي نيو مئجيسٽڪ سئنيما ۾ انگريزي فلم ڏسي، ان جا گانا ته ڳائي نه سگهندو هو، پوءِ اڙدو گانن جو انگريزي ترجمو ڪري ڳائڻ سندس خاص Hobby ۽ سڃاڻپ هئي. ڪلاس ميٽ ۽ سينئر جونيئر ڀلي پيا کلن، پر هي نڪ جو پڪو ٿي ڪلاس روم توڙي ميس ۾ توڙي راندين دوران انگريزي گاني جون سٽون پيون ڳائيندو هو ... جنهن گاني جو ليکڪ بلڪه ترجمو ڪندڙ به پاڻ هوندو هو ته ڪمپوزر به پاڻ هوندو هو. سندس سڀ کان دلپسند گانو، جيڪو ٻڌي ٻڌي اسان کي به ياد ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين پُراڻا دوستَ وهندا آهيون ته اهو انور جي اسٽائيل ۾ دهرائي کلندا آهيون، سو هوندو هو؛
    Don’t go don’t go
    My heart is not yet
    Full filled
    جيڪو ان وقت جي مشهور گاني، “اڀي نا جائو چهوڙ ڪر ڪه دل اڀي ڀرا نهين.” جو آزاد انگريزي ترجمو هو، پر انور ان جي ڌن (ميوزڪ) ساڳي اڙدو واري رکي هئي.


    ايرانين ۽ اسان ۾ فرق کرڙ وارو آهي

    “ڀلا هاڻ پراڻين ڳالهين کي ڇڏي مينو مان چونڊ ڪريو ته ڇا ڇا کائيندائو؟” خالد هاشماڻي اسان جي ٽهڪن ۽ زور زور سان ڳالهائڻ مان بيزار ٿي چيو. لڳي ٿو ته خالد هن ريسٽورينٽ جو پراڻو ۽ مان وارو ڪسٽمر آهي، جو هوٽل ۾ ايراني، ڪرد ۽ زوروسٽرن خذمتگار ڇوڪرين هن کي ايندي ويندي فرشي سلام پئي ڪيا.
    هوٽل جي مينو تي مون هڪ نظر ڊوڙائي.
    Albalon Polo
    Shirin Polo
    Jujeh Kabob
    Chicken Tandoori
    Mahi Kabob
    Baghali Polo
    Zereshk Polo
    Chelo Kabob
    Kibidah
    جهڙا فارسي نالي پڙهي سمجھي ويس ته هتي نج ايراني ڊش Serve ٿين ٿا. هونءَ ته پاڪستان جي جيئن جيئن اوڀر ۾ وڃبو، تيئن تيئن چانورن جو گهڻو واهپو نظر ايندو. ڪلڪتو، بنگلاديش، برما، ٿائلينڊ، ملائيشيا، ويٽنام، هانگ ڪانگ، چين ويندي جپان ۽ ڪوريا ۾ چانور ئي چانور آهن. ملائيشيا، ڪوريا ۽ جپان ۾ ته صبح جو به ڀت کاڌو وڃي ٿو ۽ هيڏانهن پاڪستان جي اولهه ڏي وڃبو ته چانورن بدران ماني يا نان هلن ٿا. عربستان، مصر، شام، ترڪي ۽ اڃان به اڳتي يورپ ڏي ته ڊبل روٽي ۽ بن هلن ٿا. پر اهي شيون ڪڻڪ مان ٺهيل ٿين. پاڪستان جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ فقط ايران هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جا باشندا چانور (ڀت) وڏي شوق سان کائين ٿا ۽ هي جيڪي ڊش هن ريسٽورينـٽ ۾ Serve ٿي رهيا هئا، جن لاءِ Polo لکيل آهي. پڪ ٻيو ڪو لفظ نه پر پُلاءُ آهي. شيرين پولو معنيٰ مٺو پُلاءُ ... ٿي سگهي ٿو چاشني ٽائيپ ڀت هجي. فارسي مونکي ڪانه ٿي اچي، پر سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڪيترائي فارسي جا لفظ آهن. ماهي ڪباب پڪ مڇيءَ جو ڪواب هوندو، جو ماهي لفظ جو سامونڊي مخلوق يا مڇيءَ سان واسطو آهي، تڏهن ته ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن تي ٺهيل اڪيئرم جو اڙدو نالو “ماهي خانا” رکيل آهي. مون ۽ انور ميمڻ پنهنجو مينو جو بروشر ڊاڪٽر الطاف گاجڻيءَ جي حوالي ڪري چيو ته، “يار! جيڪي پنهنجي لاءِ گهرائين سو اسان لاءِ به گهرائجان.”
    “سائين! هتي جا چانور واهه جا آهن.” خالد هن هوٽل جي کاڌن جي تعريف ڪندي چيو، جنهن جي جواب ۾ اقبال ترڪ ٺهه پهه چيس: “هيءَ هوٽل ساهرن جي ته نه اٿئي؟”
    “بس ائين ئي سمجھو” خالد بدران انور جواب ڏنو. خالد هوٽل مئنيجر ۽ Serve ڪندڙ عورتن سان فرفر فارسيءَ ۾ ڳالهائيندو رهيو، جن ۾ ڪجهه انهن روسي رياستن جون لڳيون ٿي، جيڪي ايران جي بارڊر سان لاڳو آهن ۽ جتي فارسي زبان ڳالهائي وڃي ٿي. هو فارسي زبان ۾ مختلف ڊش ۽ ان کان علاوه سلاد ۽ ڪولڊ ڊرنڪ آڻڻ لاءِ چوندو رهيو. ٽيبل تي رکيل مختلف بروشرن مان هڪ کي کولي ڏٺم، جنهن ۾ چانورن جي يعني ڀت جي تعريف لکيل هُئي:
    Rice is the jewel of Persian cuisine. As with her art of miniature painting and poetry, Persia has carried the preparations of rice to extraordinary heights of refinement and perfection.
    مئرين انجنيئرنگ ۾ M.Sc ڪرڻ دوران، جڏهن ٻه سال آئون سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ هوس، ته منهنجي پاڙي ۾ ڇهه ست ايراني فئمليون رهنديون هيون، جن ۾ هڪ ايران جي پورٽ جو ڊئريڪٽر مسٽر ساساني به هو. هن کي به مون وانگر چانورن جي کرڙ وڻندي هئي. هڪ ڏينهن چيومانس ته الائي ڇو کرڙ ڀت کان وڌيڪ ٽيسٽي ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ اهي سڙي ويل ۽ ديڳڙي جي تر سان چهٽيل چانور ٿين ٿا، جيڪا اسان وٽ بي خيال ۽ غير ذميدار عورت جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. ساساني ٽهڪ ڏيندي چيو، “خبر اٿئي اسان وٽ ايران ۾ سٺي بورچي جي واکاڻ کرڙ تي آهي. اسين ايراني ڄاڻي واڻي ديڳڙي کي هلڪي باهه تي ڇڏي ڏيندا آهيون ته جيئن کرڙ (تهه ديگ) ٿئي ۽ کرڙ ان ڪري لذيذ ٿي ٿئي جو ان ۾ چانور فراءِ ٿين ٿا، جيئن ڪڙڪ پٽئٽو چپس.”
    ۽ هاڻي مونکي منهنجو ايراني دوست ياد اچي ويو، جڏهن شمشير هوٽل جي هن بروشر ۾ چانورن جي تعريف ۾ هي سٽون پڙهيم؛
    “The reputation of Persian Cooks often rests on the quality of the “tah Digue”. The tasty layer of golden rice which sticks to the bottom of Pan.”
    انهن ايراني دوستن سان پاڪستان ۽ ايران جي ڳالهه ڪرڻ دوران چرچي ۾ چوندو هئو سان ته، يار پاڻ ۾ “فرق کرڙ وارو آهي”.
    “ڇا مطلب؟” هو پڇندا هئا.
    “مطلب اهو ئي ته ڪنهن ايراني کي کرڙ کارائڻ معنيٰ هن کي عزت بخشڻ ۽ ڪنهن پاڪستانيءَ کي کرڙ کارائڻ معنيٰ ذليل ڪرڻ. اسان وٽ چوندا آهن پُلاءُ پاڻ کائي ويو، اسان لاءِ کرڙ ڇڏي ويو ... يا ڪنهن نڪمي ٻار لاءِ چوندا “هي فلاڻي همراهه جي کرڙ آهي”.


    اقبال ترڪ ۽ سندس ڀائر

    مانيءَ دوران ٻيءَ ڪنڊ تي ويٺل اقبال ترڪ پنهنجا چرچا ٻڌائِي سڀني کي کلائيندو رهيو. اقبال جا ٻه پٽ عامر، آثم ۽ ٻه ننڍا ڀائر ڊاڪٽر اعجاز ۽ ڊاڪٽر اشفاق هتي آمريڪا ۾ رهن ٿا، جن وٽ هو هر سال ڏيڍ بعد گهمڻ لاءِ ايندو رهي ٿو. ڊاڪٽر اعجاز 1979ع ۾ LMC مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري، آمريڪا۾ وڌيڪ اچي پڙهيو. سندس فيلڊ Gastroantology آهي يعني ماهر امراض جگر، آنڊو، وغيره ... جنهن ۾ هن فيلوشپ ڪئي آهي ۽ آمريڪا جي رياست مشيگان ۾ رهي ٿو. سندس شادي آمريڪا ۾ ئي اسانجي دوست سليم شاهه ۽ پروين شاهه جي ڌيءَ عائشه سان ٿي. سليم شاهه وارن جو ذڪر مون شروع وارن ڪتابن؛ “جاني ته جهاز ۾” ۽ ٻين ۾ ڪيو آهي. ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ اسانکي جهاز نيويارڪ، بالٽيمور، هيوسٽن وغيره وٺي اچڻو پوندو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد کان سليم شاهه وارا تازو نيويارڪ آيا هئا ۽ ساڻن عبدالقيوم شيخ جي براڊوي واري دڪان “شالامار” تي ڪچهري ٿيندي هئي. هالن جو وڪيل عبداللطيف انصاري، جھڏي جو زميندار مير مبارڪ ٽالپر، حيدرآباد جو بشير مغل ۽ ٽنڊوقيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي، جيڪي ڀر ۾ (مئن هٽن ۾ ئي) 319 ويسٽ 101 گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. عائشه کي اتي نيويارڪ جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ ادي پروين هن جون دلچسپ ٻاراڻيون ڳالهيون ۽ آمريڪن لهجي ۾ ڳالهائڻ بابت ٻڌائيندي هُئي.
    اقبال ترڪ جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر اشفاق LMC جي 1984ع واري بئچ جو گرئجوئيٽ آهي، بلڪه Best گرئجوئيٽ آهي. هن آمريڪا اچي پهرين انٽرنل ميڊيسن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد دل جي بيمارين (Cardiology) ۾ فيلوشپ ڪئي. ڊاڪٽر اشفاق انڊيانا رياست ۾ رهي ٿو ۽ باءِ روڊ ڊاڪٽر اعجاز کان ڪلاڪ ڏيڍ جي پنڌ تي آهي. ڊاڪٽر اشفاق جي شادي شڪارپور جي مـشهور شخصيت نذير صديقي جي ڌيءَ ريزان سان ٿي آهي. اقبال ٻڌايو ته اڄ ڪلهه ڊاڪٽر اعجاز هتي واشنگٽن ۾ SANA وارن جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو آهي، جيڪو ٻن ڏينهن کانپوءِ شروع ٿيڻ وارو آهي. ڊاڪٽر اعجاز لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن اڄ ڏينهن تائين سنڌين جو هي ساليانو ميڙاڪو miss نه ڪيو آهي، چاهي کڻي آمريڪا جي ڪهڙي به شهر ۾ لڳي.
    اسانجي پيٽارو جي ساٿي ۽ جهانگارا باجارا جي رهاڪو اقبال ترڪ جا ٻئي پٽ؛ عامر ۽ آثم منيسوٽا ۾ رهن ٿا. عامر انجنيئر آهي ۽ آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽ ۾ پروجيڪٽ مئنيجر آهي. سندس شادي ڪجهه سال اڳ هتي ڪراچيءَ ۾ اقبال ترڪ جي ڪلاس ميٽ محبوب عالم انصاري جي ڌيءَ فرين سان ٿي هئي. فرين ڊاڪٽر آهي ۽ ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي گرئجوئيٽ آهي. آثم ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ميٽرو پوليٽن اسٽيٽ يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪري رهيو آهي.
    اقبال ترڪ جي ڀائرن ۽ ٻارن جي تعليم جو مون هتي ذڪر ان ڪري به ڪيو آهي، ته جيئن اڄ جو نوجوان Realize ڪري سگهي ته محنتي ماڻهوءَ کي هن جي محنت جو ڦل ضرور ملي ٿو. اقبال وارن جا نه چاچا ماما وزير هئا ۽ نه سرڪاري ڪامورا يا پير سردار. دادو ضلعي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ جهانگارا باجارا جا هي رهاڪو فقط ۽ فقط محنت سان مٿاهين درجي تي پهتا آهن. اقبال ترڪ جڏهن پيٽارو ۾ آيو هو ته انگريزي ته پري جي ڳالهه سٺي اڙدو به ڳالهائڻ نٿي آيس، پر اسانجو انگريز پرنسپال ۽ تعليم جو ماهر ڪرنل ڪومبس چوندو هو ته هن ٻار ۾ محنت جو جذبو آهي، وقت نٿو وڃائي، وڏو ٿي پنهنجي اهميت مڃرائيندو. هو پيٽارو ۾ اٺين ڪلاس ۾ آيو هو. مئٽرڪ ۾ هن سڄي بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ انٽر سائنس ۾ سڄي سنڌ مان پهرين نمبر آيو. (تن ڏينهن ۾ سکر جو بورڊ نه هو). اهڙي طرح هن NED ۽ ٿائلنڊ جي يونيوررسٽي ۾ به مٿاهين پوزيشن کڻي ڏيکاري ۽ اهوئي حال سندس سڀني ڀائرن ۽ انهن جي ٻارن جو آهي. اقبال ترڪ جو تفصيلي احوال مون پنهنجي ڪتاب “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” ۾ ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب کيس ئي منسوب ٿيل آهي.


    آمريڪن يونيورسٽين جا سنڌي گرئجوئيٽ

    ڊاڪٽر الطاف ميمڻ (گاجڻي) ۽ انور ميمڻ جيڪي منهنجي پاسن کان ويٺا هئا، تن کي آهستي ٻڌايم ته اڄ ڪلهه مون آمريڪا جي ڪجهه اهم يونيورسٽين بابت لکي رهيو آهيان. پنهنجي ملڪ جي ڪجهه اهم ماڻهن جا نالا ٻڌايو، جن هتي جي يونيورسٽين مان تعليم ورتي هجي ۽ هتي جي يونيورسٽين ۾ پڙهائي رهيا هجن. هنن مونکي ڪجهه نالا ٻڌايا جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ ڏئي رهيو آهيان.
    - پروفيسر آغا گل صاحب (ڄم جي تاريخ 21 اپريل 1957ع) هن وقت آمريڪا جي يونيورسٽين مان سڀ کان پڙهيل ڳڙهيل شخصيت آهي ۽ اڄ ڪلهه يونيورسٽي آف الينئاس (Illinois) ۾ ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي. پاڻ يونيورسٽي آف مشيگان مان ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيشن سائنس ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي اٿس. هن Yale يونيورسٽي ۾ پڻ ٻه سال کن پڙهايو آهي. يونيورسٽي آف پئرس (فرانس) ۾ پڻ ٻه سالَ کن وزٽنگ پروفيسر ٿي رهيو آهي.
    - ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جيڪو بنيادي طرح انجنيئر آهي، هتي جي يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان Ph.D ڪئي ۽ يونيورسٽي آف نيويارڪ جي اسڪول آف بزنيس ۽ ٽيڪنالوجي جو Dean آهي.
    - ڊاڪٽر رامچند اوڏ جيڪو اڄ ڪلهه ڪولوروڊو يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، تنهن آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي.
    - نيوجرسي جي مشهور يونيورسٽي Rutgers مان ڊاڪٽر صمد عباسي ۽ رميش ٿارواڻيءَ به گرئجوئيشن ڪئي آهي. ڊاڪٽر صمد مئٿس ۾ Ph.D ڪئي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد جي نئشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر ۾ پروفيسر آهي.
    - پروفيسر نديم جمالي جيڪو اڄ ڪلهه يونيورسٽي آف Saskatchewan ۾ ڪمپيوٽر سائنس جو پروفيسر آهي. يونيورسٽي آف Illinois مان Ph.D ڪيائين.
    - پروفيسر آفتاب قاضيءَ يونيورسٽي آف پٽسبرڪ مان Ph.D ڪئي.
    - زئبسٽ جو پروفيسر ۽ سينيٽر جاويد لغاري اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ (بفئلو واري) مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي.
    - پروفيسر عاطف ميمڻ جيڪو يونيورسٽي آف ميريلئنڊ ۾ پڙهائي ٿو، پاڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان Ph.D ڪيائين.
    - پروفيسر مبارڪ شاهه يونيورسٽي آف سينٽرل فلوريڊا ۾ پڙهائي ٿو، پاڻ Wayne اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيائين.
    - پروفيسر زبير شيخ جيڪو اڄ ڪلهه ڪراچي جي نئشنل يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿو، نيويارڪ جي پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيائين.
    - ڊاڪٽر عطاءُ الله سولنگي جيڪو اڄ ڪلهه ٽئڪسلا جي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهائي ٿو، هتي جي ڪلارڪسن يونيورسٽي مان Ph.D ڪري ويو آهي.
    - ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو پٽ سرمد عباسي جيڪو اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري ٿو، اهو پڻ نيوجرسيءَ جي يونيورسٽي رٽگرز مان Ph.D ڪري ويو آهي.
    - ڊاڪٽر صغير شيخ ۽ ڊاڪٽر رحمان سومرو جن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساز ۽ ويسٽرن رزرو يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.


    نيو جرسي جا بهترين تعليمي ادارا

    منهنجو جيئن ته نيوجرسي ۾ گهڻو رهڻ ٿيو آهي، سو هتي جي ڪجهه تعليمي ادارن جو ويب سائيٽس ڏيان ٿو.
    New Jersey Colleges and Universities
    + Barkeley College
    www.barkleycollege.edu/
    + Bloomfied College
    www.bloomfield.edu/
    +Caldwell College
    www.caldwell.edu/
    + Centenary College
    www.centenarycollege/edu/
    + College of Saint Elizabeth
    www.cse.edu/
    + Drew University
    www.drew.edu/
    + farileigh Dickinson University
    www.felician.edu/
    + Georgian Court College
    www.georigian.edu/
    + Kean University
    www.kean.edu/
    + Monmouth University
    www.monmouth.edu/
    + Montclair State University
    www.montclair.edu/
    + New Jersey City University
    www.njcu.edu/
    + Princeton University
    www.princeton.edu/
    + Ramapo College
    www.ramapo.edu/
    + Richard Stockton College of New Jersey
    www.stockton.edu/
    + Rider University
    www.rider.edu/
    + Rowan University
    www.rowan.edu/
    Rutgers University Camden
    www.camden.rutgers.edu/
    + Rutgers University New Brunswick
    www.rutgers.edu/
    + Rutgers University Newark
    www.newark.rutgers.edu/
    + Saint Peter’s College
    www.sps.edu/
    + Seton Hall University
    www.shu.edu/
    + Stevens Institute of Technology
    www.stevens.edu/
    + The College of New Jersey
    www.tcnj.edu/
    + Thomas Edison State College
    www.tesc.edu/
    + University of Medicine & Dentistry of New Jersey
    www.umdnj.edu/
    + William Peterson University
    www.wpunj.edu/


    دنيا جي وڏي ۾ وڏي لوهي مورتي

    آزاديءَ جو مجسمو Statue of Liberty نه فقط نيويارڪ شهر ۽ سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي، پر سڄي دنيا ۾ هن جي هاڪ آهي. هي مجسمو/مورتي (Statue) هڪ ته انصاف، آزادي ۽ جمهوريت جهڙين نيڪ ڳالهين جي علامت آهي ۽ ٻيو پنهنجي وڏي سائيز کان مشهور آهي. هي مجسمو اڄ کان 120 سال اڳ 1886ع ۾ ٺهيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو لوهي مجسمو) (Statue آهي.
    هي مجسمو هڪ عورت جو آهي، جيڪا هڪ وڏي اسٽول Pedestal تي بيٺل آهي. سندس ساڄي هٿ ۾، جيڪو اڀو جھليل آهي، ٻرندڙ ٽارچ (ڏيئو) آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ 24 فوٽ ڊگهي، 13 فٽ کن ويڪري ۽ ٻه فٽ ٿلهي ڪتاب جهڙي لوهي تختي (Tablet) آهي، جنهن تي آمريڪا جي آزادي جي اعلان (American Declaration Independence) جو سن 4 جولاءِ 1976ع رومن انگن ۾ لکيل آهي ... جيڪي انگ پراڻي زماني جي گهڙيالن تي هوندا آهن يا اڄ به حيدرآباد جي ڪورٽ بلڊنگ جهڙين پراڻين عمارتن تي نظر اچن ٿا. مائيءَ کي گهڻي گهير وارو چوغو پهريل آهي، جيڪو پڻ ٻين شين وانگر ٽامي جو آهي. آزاديءَ جي مجسمي واري هن عورت جي مٿي تي تاج رکيل آهي، جنهن ۾ 25 ڳڙکيون آهن ۽ مٿان ست ڪرڻا (Spikes) آهن. 25 دريون دنيا ۾ ملندڙ پنجويهه ڌاتن: لوهه، سون، چاندي، ٽامو، اليومينم وهير وغيره جي نشاندهي ڪن ٿيون. ڪن جو چوڻ آهي ته 25 قيمتي پٿرن: ربي، لعل، زمرد، سفائر، عقيق، وغيره جي نشاني آهي ۽ ڇت ۾ لڳل ست چهنبدار ڪرڻا Spikes ستن سمنڊن جي علامت آهن. آرڪٽڪ، انٽارڪٽڪ، اتر ائٽلانٽڪ، ڏکڻ ائٽلانٽڪ، اتر پئسفڪ، ڏکڻ پئسفڪ ۽ هندي سمنڊ. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي ستن کنڊن جي نشاني آهن: اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، يورپ، ايشيا، آفريڪا، آسٽريليا ۽ ائنٽارڪٽڪا.
    نيويارڪ ۾ چاهي باءِ روڊ اچجي يا هوائي جهاز رستي يا پاڻيءَ جي جهاز رستي، هي مجسمو پري کان ئي نظر اچي ٿو. ظاهر آهي هي مجسمو اسٽول سميت 305 فٽ (يعني 93 ميٽر) آهي ۽ اها سائيز هڪ مجسمي لاءِ تمام وڏي آهي. ان جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهو ٿا ته هڪ ڊگهو ماڻهو 6 فٽن جو ٿئي ٿو. گهر جي اتاهين ڇت به 20 فٽن کان مٿي نٿي ٿئي. جيڪڏهن توهان ڪراچيءَ جي پنجويهه ماڙ عمارت حبيب بئنڪ ڏٺي آهي ته بس سمجھو ته آزاديءَ جو مجسمو اٽڪل ان بلڊنگ جيڏو آهي، ڇو جو حبيب بئنڪ هن آزاديءَ جي مجسمي کان فقط اڍائي ميٽر وڏي آهي. هن مجسمي کي رکيو به اهڙي هنڌ ويو آهي، جو ڪا به عمارت يا منارو هن جي اڳيان آڏ ناهي. نيويارڪ شهر (مئن هٽن وغيره) ۾ هجي ها ته اتي جون وڏيون عمارتون، هن جو نظارو خراب ڪري وجھن ها، پر هي سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي آهي جيڪو نيويارڪ شهر جي ويجھو به نه آهي ته پري به نه آهي. هي ٻيٽ جنهن تي هي مجسمو آهي، لبرٽي آئلنڊ سڏجي ٿو جنهن جو 1956ع کان اڳ بيڊلو ٻيٽ (Bedloe Island) نالو هو. هي ٻيٽ نيويارڪ (مئن هٽن) جي ڏاکڻي ڪنڊ (tip) کان ٻه کن ميل پري آهي. سندس ئي ڀرسان هڪ ٻيو تاريخي ٻيٽ “ايلس” (Ellis Island) نالي پڻ آهي. نيويارڪ ايندڙ ٽوئرسٽ توڙي مڪاني ماڻهو هنن ٻيٽن کي ڏسڻ ۽ آزاديءَ جو مجسمو ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ لاءِ نيويارڪ يا نيوجرسي کان فيريءَ ذّريعي چڪر ڏين ٿا.
    هي ٻيٽ جيئن ته سمنڊ جي وچ ۾ آهن، سو هنن ٻيٽن تي فيرين (وڏين ٻيڙين) ذريعي ئي اچي سگهجي ٿو. هونءَ ته ڪو زمانو هو يعني اڄ کان 33 سال اڳ جڏهن آئون آخري دفعو آمريڪا مان جهاز کي وٺي پئي موٽيس، تڏهن به اسان پنهنجي جهاز جي لائيف بوٽ ذّريعي يا پرائيوٽ لانچن ۾ هنن ٻيٽن وٽ پئي چڪر هنيا، پر هاڻ هنگامن ۽ خراب حالتن ڪري حفاظتي تدبيرون سخت ڪيون ويون آهن ۽ ماڻهو فقط حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪمپنيءَ جي فيرين ۾ هن پاسي اچي سگهن ٿا. اهي فييريون نيويارڪ واري پاسي بئٽري پارڪ کان ۽ نيو جرسي واري پاسي لبرٽي اسٽيٽ پارڪ کان هلن ٿيون. اهي فيريون ٻنهي ٻيٽن؛ ايلس ٻيٽ ۽ لبرٽي ٻيٽ وٽان گھمائي واپس وٺي اچن ٿيون. فيريءَ جي رٽرن ٽڪيٽ وڏن لاءِ ساڍا ِيارهن ڊالر آهي ۽ ٻارن جي ساڍا چار ڊالر آهي. باقي ٻيٽن گھمڻ يا آزاديءَ جي مجسمي ڏسڻ جي ڪابه في ناهي. آزادي جي مجسمي ۾ ٽوئرسٽ Pedestal آبزرويشن ڊيڪ تي اچي نيويارڪ شهر جو نظارو ڪري سگهن ٿا، پرومنيڊ تي اچي مجسمي کي ويجھڙائي کان ڏسي سگهن ٿا ۽ فورٽ ووڊ (ووڊ جو قلعو) گھمي سگهن ٿا. هي مجسمو دراصل لبرٽي ٻيٽ تي سول جنگ جي ڏينهن جي ٺهيل قلعي (Wood Fort) ۾ رکيل آهي. مجسمي ۾ وڌيڪ مٿي وڃڻ جي اڄ ڪلهه اجازت ناهي. 1969ع ۾ هڪ دفعي اسان مٿي هن مجسمي جي ڇت تائين ويا هئاسين، يعني آزادي جي ديوي جي مٿي تي رکيل ڇٽ تي پهچي ويا هئاسين، جنهن ۾ ٺهيل 25 ڳڙکين مان شهر جو نظارو ڪري سگهجي ٿو.


    لبرٽي ۽ ايلس ٻيٽ ۽ مجسمو

    مٿي لکيو اٿم ته لبرٽي ٻيٽ ۽ ايلس ٻيٽ سمنڊ ۾ آهن. هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ته اهو سمنڊ ئي ٿيو جو پري پري تائين نيرو سمنڊ جهڙو پاڻي نظر اچي ٿو، پر جهازي دنيا سان واسطو رکندڙ ۽ جاگرافي جي شاگردن کي انهن ٻيٽن جي پوزيشن هن ريت سمجھڻ کپي، ته مئن هٽن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ايسٽ ندي ۽ هڊيسن ندي جتي اچي ملن ٿيون، اهو نيويارڪ بندرگاهه جو مٿيون خليج Upper Bay سڏجي ٿو ۽ ان بعد انهن درياهن جو پاڻي سوڙهو ڳچي سمنڊ ٺاهي، نيويارڪ بندرگاهه جي هيٺين خليج (lower NY Bay) ۾ پهچي ٿو. جتان پوءِ ندين جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. ٻن خليجن جي وچ ۾ پاڻي جي سوڙهي گهٽي ويرزانو نئروز سڏجي ٿي، جنهن مٿان ٺهيل وڏي پل جو نالو ويرازانو نئروز برج آهي ۽ اها پل ايترو ته ڪماني واري ۽ مٿاهين آهي، جو هيٺان جهاز لنگھيو وڃن. اسان جا جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي نيويارڪ بندرگاهه جي هيٺين خليج ۾ اچي، لنگر ڪيرائين ٿا ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن يا ٻئي ڏينهن پل هيٺان لنگهي، نيويارڪ جي مٿين خليج ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪن ٿا. ان بعد واري اچڻ تي جيٽيءَ سان لڳي بيهن ٿا ۽ سامان لاهين چاڙهين ٿا. جهاز ٻڌي بيهارڻ لاءِ جهاز مطابق خالي جيٽي ڪڏهن بروڪلن پاسي ملي ٿي، ته ڪڏهن مئن هٽن پاسي ۽ ڪڏهن ته ان لاءِ نيوجرسي جي بندرگاهه نيوارڪ وڃڻو پوي ٿو. مٿيان ٻئي ٻيٽ نيويارڪ بندرگاهه جي مٿيئن خليج ۾ آهن، جن ۾ ڏٺو وڃي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نه پر ايسٽ ندي ۽ هڊسن نديءَ جو پاڻي آهي. ان هنڌ تي جتي جهاز لنگر ڪيرائي بيهي ٿو اتان چوڌاري وارو نظارو بيحد خوبصورت ٿئي ٿو. هڪ پاسي مئن هٽن (نيويارڪ شهر) جون اوچيون عمارتون نظر اچن ٿيون، ته ٻئي پاسي نيوجرسي جون. ڀر ۾ لبرٽي ۽ ايلس ٻيٽ ته پٺيان ويرازانو پل، جنهن جي هيٺان لنگھي، ان هنڌ تي پهچجي ٿو.
    هن آزاديءَ جي مجسمي (Statue of Liberty) جو ٺاهڻ وارو يعني مجسمي ساز (Sculptor) فرانس جو فريڊرڪ بارٿولڊي (Frederic Auguste Bartholdi) آهي. يعني هن مجسمي کي هيءَ شڪل بارٿولڊي ڏني. مجسمي کي اڀو بيهارڻ ۽ مضبوط رکڻ لاءِ مجسمي جي اندر جيڪو لوهي ڍانچو Design ڪيو ويو آهي، ان جو ڊيزائينر فرانس جو مشهور ڊيزائينر اليگزينڊر گستا و ايفل آهي، جنهن پئرس جو “ايفل ٽاور” پڻ ٺاهيو هو. ڍانچي مٿان جيڪو پتل جو ڪم ٿيو آهي ۽ آزاديءَ جي مجسمي واري عورت جي نڪ نقشي کي موجوده صورت ڏني آهي، اهو سڄو ڪم بارٿولڊي جو آهي. هن عورت جو مجسمو ٺاهڻ وقت بارٿولڊي اڳيان ڪهڙو ماڊل هو؟ ان لاءِ چون ٿا ته هو پنهنجي ماءُ کي سامهون ويهاري مجسمي تي ڪم ڪندو هو، پر پوءِ پوڙهي هجڻ ڪري هن جي ماءُ ٿڪجي پوندي هُئي. پوءِ هن پنهنجي مسٽريس جيني ايملي کي ماڊل ڪري رکيو، جنهن سان آخرڪار بارٿولڊي جي شادي به ٿي. جيني (Jeanune Emilie) سان بارٿولڊي جي ملاقات آمريڪا جي رياست رهوڊي ٻيٽ (Rhode Island) جي شهر نيوپورٽ ۾ 1871ع ۾ ٿي هئي، جڏهن هو فرانس کان پهريون دفعو آمريڪا گهمڻ آيو هو.
    چون ٿا ته بارٿولڊي آمريڪا کان پهرين مصر وارن کي سئيز ڪئنال تي هي مجسمو ٺاهي ڏيڻ لاءِ 1865ع ۾ آفر ڏني، پر مصر ايڏي پئسي (Funds) گڏ ڪرڻ جي پاڻ ۾ طاقت ساهي نه سگهيو. پوءِ آمريڪا ۽ فرانس اڳيان اها آفر رکي وئي. فرانس کي اها ڳالهه وڻي ته دوستي جي نالي ۾ اهو سٺو يادگار رهندو. سو هي آزادي جو مجسمو Statue of Liberty فرانس طرفان بين الاقوامي آزاديءَ جو تحفو آمريڪا لاءِ آهي. هن مجسمي تي نه فقط فرانس ۽ آمريڪا کي فخر آهي، هنن وٽ انسانن جي سياسي آزادي ۽ جمهوريت جو مٿاهون مان آهي، پر هن مجسمي کي Political Freedom ۽ Democracy جو نشان پڻ سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ملڪن ۽ ماڻهن جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ وارن هنن ملڪن لاءِ ٻڏي مرڻ آهي، ته جن ڏينهن ۾ بارٿولڊي مترڪي ۽ تيشيءَ سان هن انصاف، آزادي ۽ جمهوريت جي ديويءَ کي گهڙي رهيو هو تن ڏينهن ۾ بندوقن ۽ ڀالن سان فرانس (1881ع ۾) ٽيونيشيا تي قبضو ڪري، اتي جي ماڻهن کان آزاديءَ جو حق کسيو ۽ برطانيه (1882ع ۾) مصر تي حملو ڪري مصر کي غلام ۽ هند سنڌ جهڙا ته ڪئي ملڪ سندن قبضي ۾ هئا، جن جي آزاديءَ جي ڳالهه به نٿي ٻڌڻ چاهيائون. فقط 15 سال ان کان اڳ (1857ع) ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن آزاديءَ لاءِ هٿ پير هنيو ته کين هنن انگريزن اهڙا کلا هنيا، جو هڪ سؤ سالن تائين دٻيا رهيا. اسان وٽ عام چوڻي آهي ته، “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.” موچڙا کائڻ بعد به سر سيد احمد خان جهڙن مفڪرن ۽ سياڻن جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن جي خوشامد ڪندا رهياسين ته توهان وڏي سرڪار آهيو، آزادي جي ڳالهه ڪري اسان غلطي ڪئي، ڇو جو اسان جي ڀڄڻ لاءِ ٻي ڪا گهٽي نه هئي.


    مجسمي جي ڪجهه عضون جي ماپَ

    بهرحال فرانس هي تحفو آمريڪا کي خودمختياري ملڻ جي هڪ صدي پوري ٿيڻ تي ڏيڻ ٿي چاهيو. ياد رهي ته آمريڪا ۾ انگلنڊ ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي حڪومتن جو قبضو هو، جنهن مان هي سڀ جيڪي آمريڪا اچي Settle ٿيا هئا، جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هئا. هنن چاهيو ٿي ته جيڪي آمريڪا اچي ويا آهن، انهن لاءِ آمريڪا جو ئي ملڪ آهي، چاهي اهي انگريز هجن، ڊچ هجن، پورچوگالي ۽ هسپانوي هجن يا آفريڪا کنڊ جا شيدي. هن ڌرتي تي هنن کي ئي حڪومت هلائڻ کپي، سو آخر پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجين ڏورانهين حڪومتن سان وڙهي جڙهي، پنهنجي جان آزاد ڪيائون ۽ اهو اعلان آمريڪا جي شهر فلڊلفيا ۾ 4 جولاءِ 1776ع تي ٿيو جنهن کي American Declaration of Independence سڏجي ٿو. يعني هي ڏينهن آمريڪا وارن لاءِ سمجھو ته 14 آگسٽ 1947ع هو. هن ڏينهن تي (4 جولاءِ تي) هر سال آمريڪا ۾ موڪل ٿئي ٿي ۽ وڏي شان سان ملهايو وڃي ٿو.
    ان حساب سان ڏٺو وڃي ته آمريڪا ڪو جھونو ملڪ ناهي جيئن جپان، انگلينڊ، اسپين وغيره آهن. مصر ۽ انڊيا (ننڍو کنڊ)، شام ۽ ايران ته تمام پُراڻا آهن. آمريڪا اڄ کان 230 سالَ اڳ 1776ع ۾ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ نمودار ٿيو. هي اهو سال آهي جنهن ۾ سرفراز خان ڪلهوڙو کي لاٿو ويو ۽ ٻن سالن بعد (1778ع ۾) غلام نبي خان ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جو سن ولادت 1752ع آهي، ان وقت يعني آمريڪا کي آزادي ملڻ وقت چوويهن سالن جو هو. بهرحال انهن ئي ڏينهن ۾ (1776ع ۾) جڏهن سنڌ ۾ سرفراز خان ڪلهوڙو حڪومت ڇڏي رهيو هو، ته انڊيا ۾ انگريزن جي مرهٽن سان ويڙهه هلي رهي هئي ۽ فقط پنج سال اڳ بنگال جو انگريز گورنر وارين هئسنگس (Warren Hastings) مقرر ٿيو هو.
    پورن سؤ سالن کان پوءِ يعني 1876ع ۾ سيالڪوٽ ۾ ڊاڪٽر محمد اقبال شاعر پئدا ٿيو هو ۽ هي اهو سال آهي يعني 1876ع جنهن ۾ فرانس وارن آمريڪا جي عوام کي هي مجسمو (Statue of Liberty) تحفي طور ڏيڻ چاهيو ٿي، جو هن سال تي (1876ع ۾) آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي آزاديءَ American Declaration of Independence جي هڪ صدي (هڪ سؤ سالن) جو جشن ملهائي رهيا هئا پر مجسمو صحيح ٽائيم تي ٺهي راس نه ٿي سگهيو ۽ نيويارڪ ۾ پهچندي هن کي Assemble ڪري فڪس ڪرڻ ۾ ڏهه سال دير ٿي وئي. هي مجسمو 1884ع ۾ فرانس ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ پوءِ فرانس جي فوجي جهاز (فريگيڊ) اسري (Isere) نالي تي، ان کي ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرائي نيويارڪ جي بندرگاهه ۾ جون 1885ع ۾ پهچايو ويو. اهڙو سال کن لبرٽي ٻيٽ تي هن کي فڪس ڪرڻ ۾ لڳي ويو جو هي مجسمو جنهن اسٽول تي رکيو ويو آهي، اهو به تقريبن مجسمي جيڏو اتاهون (154 فٽ) آهي ۽ ان جي بلنديءَ جو اندازو هڪ سول انجنيئر ان مان لڳائي سگهي ٿو، ته ان اسٽول لاءِ ستاويهه هزار ٽن ڪنڪريٽ استعمال ٿيو. بهرحال هن مجسمي کي مڪمل طرح Install ڪري ان جي رونمائي جو جشن 28 آڪٽوبر 1986ع تي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جو صدر گروور ڪليويلئنڊ هو.
    هن مجسمي لاءِ چيو وڃي ٿو ته 31 ٽن ٽامو استعمال ٿيو (هڪ ٽن ۾ سمجھو ته 28 مڻ وزن آهي) ۽ 125 ٽن لوهه ۽ رڪ وڌو ويو آهي. يعني اندر لوهه آهي ٻاهران ٽامي جو تهه آهي، يعني 2.37 ملي ميٽرن جي ٿولهه جو تهه. اهڙي طرح مجسمي جي ٽوٽل تور (اسٽول بنا) 225 ٽن آهي. مجسمي جي مختلف عضون جون ماپون ڪجهه هن ريت آهن، جنهن مان پڻ هن مجسمي جي ڳراڻ ۽ اوچائي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيڏي ڳري ۽ وڏي شيءِ ٺاهي، ٻئي ملڪ شفٽ ڪئي وئي آهي.
    مجسمي جي نڪ جي ڊيگهه: ساڍا چار فُٽ،
    هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين: ڏهه فٽ،
    شاهد آڱر جي ڊيگهه: اٺ فٽ ــ يعني ماڻهوءَ جي قد کان به ڊگهي آڱر آهي. وچين آڱر ته اڃا به فٽ ڊگهي آهي.
    ٻانهن جي ڊيگهه: 42 فٽ.
    ٻانهن جي ٿولهه: 12 فٽ.
    آڱر جي ننهن جي تور؛ ساڍا ٽي پائونڊ يعنيٰ ڏيڍ ڪلو.
    مجسمي جي مٿي تي رکيل تاج تائين پهچڻ لاءِ 354 ڏاڪڻيون آهن ۽ جملي ٻاويهه ماڙ آهي.
    پَٽ کان وٺي اسٽول تائين 192 ڏاڪا آهن.

    Give me you’re tired, your poor
    هن مجسمي کي ڏسندڙ هميشه اهو بحث ڪندا آهن ته هن مجسمي جيڪو لوهي چوغو پاتو آهي، اهڙو جي ڪپڙي جو ٺاهيو وڃي ته ڪيترا وال ڪپڙو لڳندو. ان جو جواب هتي جي هڪ مئگزين ۾ ڪنهن درزي صاحب هن ريت لکيو آهي.
    “هن مجسمي (Statue) جي جيڪا ڇاتي (Waist) آهي، اها 34 فٽ، ڊيگهه 111 فٽ، ڪلها 90 فٽ، ان حساب سان مجسمي جي Surface Area ٻارهن سؤ چورس وال ٿي، پر جيئن ته هي مجسمو ــ يعني آزاديءَ جي علامت واري عورت ڪنهن ٽائيٽ فٽنگ واري قميص يا شرٽ بدران هڪ ويڪري ۽ گهڻن ورن واري چوغي ۾ آهي، ان ڪري هن مجسمي تي اهڙو وڳو ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار هزار چورس وال ڪپڙو کپي.......”
    تاريخ جي شوقينن جي دلچسپي لاءِ لکندو هلان ته جنهن سال نيويارڪ ۾ هن مجسمي جي رونمائي ٿي هئي، يعني آڪٽوبر 1886ع ۾، ان کانپوءِ ڇهه مهينا رکي ڪراچي ۾ سنڌ ڪاليج کليو هو ۽ ان کان ڏهاڪو کن سال اڳ 1869ع ۾ سئيز ڪئنال کليو هو ۽ ان کان ڪجهه سال اڳ 1861ع ۾ ڪراچي ڪوٽڙي ريل لائين شروع ٿي هُئي.
    آزاديءَ جي هن مجسمي کي ڏسڻ بعد ماڻهو اڪثر ڪري اهو پڇندا آهن ته ان کي فرانس ۾ ٺاهڻ بعد آمريڪا ڪيئن آندو ويو ۽ هيڏي ڇپ کي جيڪا وزن جي حساب سان 225 ٽن (يعني 650 مينهُن يا 500 کن اُٺن جو وزن ٿيو) ۽ 151 فٽو ڊگهي عورت کي 154 فٽ اتاهين اسٽول تي، جهاز تان لاهي ڪيئن رکيو ويو؟ دراصل هن مجسمي کي هڪ يڪي حصي ۾ ٺاهڻ بدران 350 ٽڪرن ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ پاڻيءَ جي جهاز رستي فرانس کان آمريڪا موڪلڻ لاءِ انهن 350 ٽڪرن کي 214 ڪريٽن (دٻن) ۾ بند ڪيو ويو، جنهن کي نيويارڪ آڻي انهن ٽڪرن کي نٽ بولٽن، Rivets ۽ ويلڊنگ ذريعي ڳنڍيو ويو، جنهن ۾ چار مهينا لڳي ويا.
    لبرٽي آئلنڊ تي ووڊ فورٽ ۾ ٺهيل اسٽول تي، هي آزاديءَ جو مجسمو 1886ع ۾ فِٽ ڪيو ويو ۽ سؤ سال گذرڻ بعد 1984ع ۾ ان جي مرمت ۽ Restoration تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ 1986ع تائين هن مجسمي ۾ ماڻهن کي اندر اچڻ کان جھليو ويو. ان بعد هينئر نائن اليون وارو جڏهن واقعو ٿيو ته هن کي وري بند ڪيو ويو، جيڪو اٽڪل 100 ڏينهن بعد عام پبلڪ جي ڏسڻ لاءِ وري کوليو ويو. پر اهو آهي ته هاڻ جيڪو به ٽوئرسٽ، هي آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ لاءِ لبرٽي ٻيٽ يا ڀرواري Ellis ٻيٽ تي اچي ٿو، ان جي سخت چڪاس ورتي وڃي ٿي ۽ اليڪٽرانڪ Scanning بعد ڇڏيو وڃي ٿو. پوءِ به هنن کي مجسمي جي مٿين حصي تاج ۾ ٺاهيل درين تائين نٿو ڇڏيو وڃي.
    هن مجسمي جي تر ۾ پتل جي هڪ پليٽ تي، چوڏهن سٽن جو شعر لکيل آهي، جيڪو 1883ع ۾ ايما لئزرس (Emma Lazarus) لکيو. شعر جو عنوان آهي؛ “The New Colossus”
    هن شعر جو آخري پنج سٽون “گِو مي يوئر ٽائرڊ، يوئر..... پوئر.... کان وٺي. تمام گهڻو مشهور آهن.
    The New Colossus

    Not like that brazen giant of Greek fame,
    With conquering limbs astride from land to land;
    Here at our sea – washed, sunset gates shall stand
    A mighty woman with a torch, whose fame
    Is the imprisoned lightning, and her name
    Mother of Exiles. From her beacon – hand
    Glows world – wide welcome; her mild eyes command
    The air – bridged harbor that twin cities fame,
    “Keep, ancient lands, your storied pomp!” cries she
    With silent lips. “Give me your tired, your poor,
    Your huddled masses yearning to breathe free,
    The wretched refuse of your teeming shore,
    Send these, the homeless, tempest – tost to me,
    I lift my lamp beside the golden door!”
    هڪ صديءَ کان مٿي اچي ٿيو آهي، جو نيويارڪ جي هيءَ آزاديءَ جي ديوي (Statue of Liberty)، دنيا جو وڏي ۾ وڏو مجسمو رهيو آهي. دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٻيا وڏا مجسما (Statues) آهن، انهن مان هڪ ته ٿائلنڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ ليٽيل گوتم ٻڌ (Reclining Buddha) جو آهي، جيڪو 151 فٽ آهي ۽ “واڌ ڦو ٻڌا” سڏجي ٿو.
    روس جي شهر وول گوگراڊ ۾ 270 فٽن جو “مدر ريشيا” نالي مجسمو آهي. چين ۾ 220 فٽن جو “ليشان ٻڌا” جي نالي گوتم ٻڌ جو مجسمو آهي يا افغانستان ۾ بامي يا نالي گوتم ٻڌ جا 175 ۽ 110 فٽ ڊگها مجسما هئا، جن کي ٻه چار سال اڳ طالبان ڊاهي ڇڏيا، پر اهي سڀ مجسما پٿر جا هئا، جيڪي لوهه جا مجسما ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ٺاهڻ سولا آهن. آزاديءَ جو مجسمو نج ڌاتو (لوهه ۽ ٽامي) جو ٺهيل آهي. بهرحال ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻن هنڌن تي ڌاتو جا وڏا مجسما ٺهي رهيا آهن يا ٺهڻ جو اردو ٿيوآهي. انهن مان هڪ انڊيا ۾ ميتريا ٻڌ جو مجسمو آهي، جيڪو 500 فٽن جو ٺهندو ۽ ٻيو آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي شهر هوسٽن ۾ عورت جو مجسمو ٺهي رهيو آهي. چون ٿا ته هي 550 فٽن جو اتاهون مجسمو ٺهي راس ٿيڻ تي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو مجسمو مڃيو ويندو، جنهن جو نالو “Spirit of Houston” رکيو ويو آهي.
    هونءَ هتي اها ڳالهه لکڻ به دلچسپي کان خالي نه رهندي ته اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ 35 سال کن حبيب بئنڪ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عمارت رهي، جيڪا ساڍا پنجانوي ميٽر اتاهين آهي، ان بعد ٽاور وٽ اسانجي PNSC آفيس جي سامهون ٺهيل PIC ٽاور نالي عمارت جيڪا هڪ سؤ ميٽر کن اتاهين بلڊنگ رهي. گذريل سال آءِ آءِ چندريگر روڊ تي 27 ماڙ MCB ٽاور نالي عمارت ٺهي راس ٿي، جيڪا 107 ميٽر ڊگهي آهي ۽ پاڪستان جي اتاهين عمارت ليکي وڃي ٿي. هاڻ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وارا “ڪراچي پورٽ ٽاور” نالي 450 ميٽرن جي عمارت ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿا، جيڪا دبئيءَ جي “برج دبي” عمارت بعد دنيا جي سڀ کان مٿاهين بلدنگ مڃي ويندي. شل اها عمارت مڪمل ٿيڻ جي منزل تي پهچي ۽ پاڪستان “اڌ ۾ ڇڏيل Project جو قبرستان” سڏجڻ جي بدناميءَ کان بچي وڃي.


    ٻه اکر Ellis ٻيٽ بابت

    هن کان اڳ واري مضمون ۾ آزادي جي مجسمي واري ايلس ٻيٽ جو به ذڪر آيو آهي، جيڪو هڊسن ندي جي ڇوڙ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان اڳ واري خليج (Upper Bay) ۾، لبرٽي ٻيٽ جي ڀرسان آهي. هي ٻيٽ هڪ خيال کان تاريخي ۽ اهم ٻيٽ آهي جو اوڻهين صدي جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن تائين، هي ٻيٽ ڌارين ملڪن کان آمريڪا ۾ اچي رهڻ وارن Immigrants لاءِ خاص بندرگاهه هو. جيڪو به نئون ماڻهو آمريڪا ۾ گهڙڻ چاهيندو هو، ان کي پهرين هتي اچڻو پوندو هو، جتي آمريڪا حڪومت جو اميگريشن ڊپارٽمينٽ هنن کان سوال ڪندو هو ۽ ڊاڪٽري تپاس ٿيندي هئي ته آيا هو صحتمند آهي يا هن کي ڪي وچڙندڙ بيماريون آهن ۽ هن پنهنجي رهائش ۽ کاڌي خوراڪ لاءِ ڪجهه پئسو آندو آهي يا نه ۽ آيا هو ڪنهن هنر کان به واقف آهي ۽ پورهيو ڪري پاڻ ۽ پنهنجا ٻچا پالي سگهندو يا نه. بيمار هجڻ جي حالت ۾ Immigrants کي علاج لاءِ ڪجهه ڏينهن هن ٻيٽ جي اسپتال ۾ رکيو ويندو هو يا سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو هو. اهڙي ريت آمريڪا ۾ گهڙندڙ هر پناهگير کي، آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ يا واپس وڃڻ کان اڳ، هن ٻيٽ تي ڪجهه ڪلاڪن کان ڪجهه ڏينهن تائين رهڻو پيو ٿي. هونءَ اهو زمانو اهڙو هو جو آمريڪا کي گهڻن کان گهڻن ماڻهن جي ضرورت هئي ۽ سواءِ ڪجهه بيمار ۽ ڏوهاري قسمن جي ماڻهن جي، باقي سڀني کي آمريڪا ۾ رهڻ جي اجازت ملي ويئي ٿي.
    هڪ آمريڪن ليکڪ لوئيس آدمڪ جو ڪتاب پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن 1913ع ۾ هن ٻيٽ ايلس تي هڪ رات گذاري هُئي. هن پنهنجي ملڪ سلوانيا کي خيرآباد چئي، پاڻيءَ جي جهاز ذريعي يورپ کان آمريڪا آيو هو. هو ٻين Immigrants سان گڏ گڏ سڄي رات سيءَ ۾ ڏڪندو رهيو. مختلف ملڪن کان آيل مختلف ماڻهو پنهنجين پنهنجين زبانن ۾ ڳالهائيندا رهيا. هر هڪ جو اهو خواب هو ته هن نئين دنيا ۾ رهڻ جي اجازت ملي، جتي هنن کي پنهنجو مستقبل روشن نظر آيو ٿي.
    هن ٻيٽ کي “سڏڪن جو ٻيٽ” (The Isle of Tears) ۽ “ڀڳل دلين جو ٻيٽ” پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ان ڪري جو ڏورانهن ڏيهن کان ڪهي آيل ڪيترن پناهه گيرن کي هتي رهڻ لاءِ سٽيزن شپ نه ملندي هئي ۽ هنن کي نا اُميد ٿي واپس ورڻو پوندو هو.
    هن ٻيٽ Ellis لاءِ اهو به مشهور آهي ته هتي پهچي ماڻهن پنهنجا نالا بدلايا ٿي. دراصل هنن نالا نٿي بدلايا، پر ڪيترا اڻ پڙهيل ۽ انگريزي کان اڻ واقف هجڻ ڪري، پنهنجا نالا صحيح طرح لکي نٿي سگهيا يا آمريڪا جي اميگريشن آفيس وارا هنن جي نالن جا صحيح اچار نه سمجھڻ ڪري جيڪي ڪجهه آين ٿي، سو رجسٽر ۾ لکي ڇڏيو ٿي ... جيئن هڪ همراهه لاءِ مشهور آهي ته هن جو نالو Helen Polonowyez هو، پر هن جو نالو Ellen Pollock لکجي ويو ۽ کيس پاسپورٽ به ان نئين نالي سان مليو. آمريڪا جي هڪ ٻئي ليکڪ هرمن راچرر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، هن جو ڏاڏو جيڪو آسٽريا (يورپ) جو يهودي هو، ان کي انگريزيءَ جو هڪ لفظ به نٿي آيو. هن کان جڏهن هن ٻيٽ تي پهچڻ سان نالو پڇيو ويو ته هن سگريٽ جي گهر ڪئي ته سموڪر آهيان. اميگريشن پوليس هن جو نالو Raucher سمجھي، ان نالي سان پاسپورٽ ٺاهي ڏنو ۽ هاڻ هن جو اولاد راچر ذات سان سڏجي ٿو معنيٰ سگريٽ ڇڪڻ وارو.


    ڊاڪٽر خميساڻي ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي جو احوال

    هن کان اڳ هڪ هنڌ مون خالد هاشماڻيءَ جي دعوت جو احوال لکيو آهي ته هو ورجينيا جي هڪ ايراني ريسٽورينٽ “شمشير” ۾ اسانکي لنچ لاءِ وٺي آيو. آيل مهمانن: انور ميمڻ، اقبال ترڪ ۽ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻين جو احوال لکي چڪو آهيان، سواءِ ڊاڪٽر سليم خميساڻيءَ ۽ ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي جي. ڊاڪٽر سليم فلوريڊا رياست جي سينٽ پيٽرس برڪ ۾ نيورولاجسٽ آهي. هو اڄ ڪلهه SANA جي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ فئملي سان گڏ واشنگٽن آيل آهي ۽ ساڻس هڪ ٻن دعوتن ۾ پهرين به ملاقات ٿي چڪي آهي.
    ڊاڪٽر سليم خميساڻي 45 سالن کن جو ٿيندو. پاڻ 27 آڪٽوبر 1960ع تي خيرپور ميرس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پي. سي اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1973ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ اڄ جو چيف منسٽر ڊاڪٽر ارباب رحيم پڻ ڪئڊٽ هو ۽ سليم کان ٻه سال سينئر هو. سليم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد انٽر وري ڳوٺان يعني خيرپور جي سپيريئر سائنس ڪاليج مان ڪئي ۽ پوءِ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج (SMC) مان ڊاڪٽري پڙهيو. ان بعد 1992ع ۾ F.C.P.S ڪيائين ۽ 1993ع ۾ هيڏانهن آمريڪا هليو آيو ۽ هاڻ هتي جو شهري آهي. سندس زال به خيرپور جي آهي ۽ سندس ڪزن ٿئي. کيس ڏهن سالن جو پٽ ازمير ۽ ان کان ٻه سال ننڍي ڌيءَ نهال آهي.
    ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي سان هتي پهريون دفعو ڳالهه ٻولهه ٿي. “منهنجا ڀائر ۽ والد هميشه توهان جي ڳالهه ڪندا آهن.” ڊاڪٽر مقبول مون سان ملڻ شرط چيو، “اڄ پهريون دفعو ملي رهيا آهيون.”
    مون خالد هاشماڻي ۽ انور ميمڻ کي چيو: “ڊاڪٽر مقبول کي خبر ناهي آئون هن سان هي ٻيو دفعو پيو ملان. پهريون دفعو جڏهن آئون مليو هئومانس ته هو فقط ٻن سالن جو هو.” ۽ پوءِ مقبول کي چيم: “تنهنجي ڄم جو سال 1960ع جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هينئر توهان پڪ 45 ورهين جا هوندائو.”
    “بلڪل صحيح ٿا چئو.” مقبول حيرت مان وراڻيو.
    ڊاڪٽر مقبول ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر منور هاليپوٽي ۽ اسانجي ڪلاس ميٽ محمد عالم هاليپوٽي جو ننڍو ڀاءُ آهي. ڊاڪٽر مقبول جو اصل ڳوٺ ٽنڊوالهيار آهي ۽ سندس والد صاحب ڊاڪٽر سائين ڏنو هاليپوٽو ۽ منهنجو والد گل محمد شيخ نه فقط ننڍپڻ کان دوست رهيا، پر ڪيترائي سالَ هڪ ئي شهر ۾ نوڪري ڪيائون. سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو پيءُ ٽنڊو ڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ ڊاڪٽر سائين ڏنو هاليپوٽو اتي جي سرڪاري اسپتال جو انچارج هو، ته سندن وڏي پٽ عالم ۽ مون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص ۾ هو، جيڪو سال ٻن بعد پيٽارو شفٽ ٿيو. اتي عالم جا ٻه ٻيا ڀائر الهه ڏنو هاليپوٽو ۽ منور هاليپوٽو پڻ آيا، جيڪي اسان کان ٻه سال جونئر ڪلاس ۾ هُئا. 1962ع ۾ جڏهن اسين انٽر ڪري رهيا هئاسين، ته منهنجو والد ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو، جتي ڪجهه مهينا اڳ عالم جو والد پڻ بدلي ٿي پهچي چڪو هو ۽ اسان اونهاري جون موڪلون ٺٽي ۾ مڪليءَ تي گذاريونسين. اُتي اسان جا گهرَ ويجھا ويجھا هُئا ۽ انهن ڏينهن ۾ هي ڊاڪٽر مقبول سال ڏيڍ جو هوندو، جنهن کي اسان ڪڇ تي کڻي گهمائيندا هُئاسين.
    عالم هاليپوٽو وارا پاڻ ۾ اٺ ڀائر آهن ۽ ڀيڻ نه اٿن. اسانجو ڪلاس ميٽ محمد عالم سڀ ۾ وڏو ڀاءُ آهي ۽ مقبول سڀني ۾ ننڍو. عالم مهراڻ مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد سعودي عرب جي تيل ڪمپنيءَ ARAMCO ۾ وڏو عرصو نوڪري ڪئي. منهنجي خيالَ ۾ ڏهن سالن کان به مٿي ۽ پوءِ پاڪستان ۾ اچي اينگرو ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيائين. مرحوم الهه ڏني ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد NED مان سول انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان آرمي ۾ انجنيئر ٿي رهيو. نوڪري دوران هن آمريڪا ۾ Structure Engineering ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ آرمي مان ڪئپٽن ٿي رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنج ڇهه سال مديني منوره ۾ نوڪري ڪئي. ان بعد هو رسالپور جي ملٽري ڪاليج ۾ پنج ڇهه سال پروفيسر ٿي رهيو. ان دوران سندس والده جي طبيعت ٺيڪ نه رهڻ لڳي، هو ڪراچي اچي پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو. کيس ننڍپڻ کان پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار هو. نوڪري دوران به هو هر وقت پنهنجي ماءُ وٽ موڪلون اچي گذاريندو هو. آخري سال ته هن پنهنجي والده جي ڏاڍي خدمت ڪئي. سندس گذاري وڃڻ تي هن کي پنهنجي اباڻي وطن ٽنڊوالهيار دفن ڪري جيئن ئي ڪراچي موٽيو ته هن جي ٽيجھي کان اڳ ئي ڪئپٽن الهه ڏني کي هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هو اسان کان موڪلائي ويو.
    ڊاڪٽر منور هاليپوٽو الهه ڏني کان سال ننڍو آهي پر پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ٻئي ڪلاس ميٽ ٿي رهيا. منور ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪئي، ان بعد انگلئنڊ هليو ويو. پاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي حوالي سان سنڌ جي مشهور ترين شخصيت ليکيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر منور بعد سندس ٻن ڀائرن: منظور ۽ انور به پنهنجو اباڻو پروفيشن ــ يعني ڊاڪٽري کنئي. ڊاڪٽر منظور پاڪستان جو مشهور اسڪن اسپيشلسٽ آهي ۽ ڊاڪٽر انور ماهر نفسيات آهي. ان بعد اشرف ڳوٺ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ زمينن جو ڪم سنڀالي ٿو. ان بعد امتياز آهي، جيڪو محمد عالم ۽ الهه ڏني وانگر انجنيئر ٿيو. هو پڙهيو به هتان آمريڪا مان ۽ نوڪري به هتي ڪري ٿو. اڄ ڪلهه نيويارڪ جي شهر الباني ۾ رهي ٿو. اسان جو هي ڊاڪٽر مقبول جيڪو سڀ ۾ ننڍو آهي، اهو آمريڪا جي رياست اريزونيا ۾ رهي ٿو، جتي سندس زال فرناز پڻ ڊاڪٽر آهي. ڊان اخبار جي مشهور جرنلسٽ فلڪ ناز هاشمي جي هيءَ ڌيءَ ڊاڪٽر فرناز ۽ ڊاڪٽر مقبول سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ ئي سال 1986ع ۾ گرئجوئيشن ڪيو. 1988ع ۾ سندن شادي ٿي ۽ پوءِ ٻه ٽي سال جناح اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو 1992ع ۾ هيڏانهن آمريڪا هليا آيا ۽ ان وقت کان هتي رهن ٿا. کين ٻه پُٽَ: وڏو پٽ شاهه مير 15 سالن جو آهي ۽ ننڍو پُٽ ماهمير ڇهن سالن جو آهي.
    ماني گهرائڻ مهل ڊاڪٽر مقبول جو هم عمر ۽ دوست ڊاڪٽر سليم خميساڻي کيس چئي رهيو هو ته توهان هن ريسٽورينٽ جي ايراني ماني کائڻ پسند ڪندائو يا اڊلي ڊوسا وغيره.
    اڊلي، ڊوسا، اِدي ياپم، امپا ۽ اٿاپام وغيره ڏکڻ هندستان جا روزمره جا عام کاڌا آهن، جيئن اسان وٽ ڀت، اڦراٽو، رٻ وغيره. ڊاڪٽر مقبول جي زال ڊاڪٽر فرناز جو واسطو به ڏکڻ هندستان سان آهي. ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي کان پڇيم ته سندس ساهرا ڏکڻ هندستان جي ڪهڙي زبان ڳالهائين؟ تامل، تيلگو، مليالم يا ڪنهڙ وغيره.
    “چئبو ته توهان کي اها خبر آهي. منهنجي زال جي مادري زبان ڪنهڙ آهي.” هن وراڻيو.
    “سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي مون ڏهه سال کن گذاريا، اتي تنهنجي ساهرن جهڙا سائوٿ انڊين ته هئا پر اڙدو، هندي، گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا انڊين اٽي ۾ لوڻ برابر هئا.” مون ٻڌايو مانس ۽ پوءِ ٻين کي چيم ته سائوٿ انڊين جي هڪ ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ته پاڻ ۾ قرب محبت ۾ رهن ٿا. تامل، مليالم، تيلگو ڳالهائڻ وارو چاهي هندو هجي يا مسلمان يا عيسائي، لڳندو ته هڪ ئي گهر جا ڀاتي هجن. ملاڪا، سنگاپور ۽ پينانگ جهڙن شهرن جي ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ سائوٿ انڊين جي مسجد، مندر ۽ تامل چرچ هوندو پر مجال آهي جو هو هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائين. عيد هجي يا ڏياري، ڪرسمس ڊي هجي يا ٿائيپوسام سڀ ويس وڳا پائي، هڪ ٻئي سان ملڻ ويندا ۽ ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيندا.


    واشنگٽن ۾منور لغاريءَ وٽ وڃڻ جو ارادو

    واشنگٽن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي تعليم يافته انجنيئر منور لغاريءَ سان به ملاقات ٿي. هو گذريل ڏهاڪو کن سالن کان واشنگٽن ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ سنڌي ورلڊ انسٽيٽيوٽ جو باني ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. هتي آمريڪا اچڻ تائين، مون کي هتي جي سنڌين جي مشهور ائسوسيئيشن “سانا” ۽ انگلينڊ جي سنڌي ورلڊ ڪانگريس SWC جي ٿوري گهڻي ڄاڻ ضروري هئي، پر منور لغاري جي WSI کان اڻواقف هوس. منور بابت پنهنجي ڀاڻيجي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ کان اها واقفيت ضرور ٿي هئي ، ته هنن هڪ ئي گروپ ۾ مهراڻ مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ سال ڏيڍ اڳ جپان ۾ ڊاڪٽر مشتاق وٽ رهيل هوس، ته منور جو هن وٽ آمريڪا کان فون ايندو رهندو هو. جپان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ فون تي ڳالهائڻ اهم ڳالهه نٿي سمجھي وڃي جو جپان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽيليفون جو رابطو سڀ ۾ سستو آهي، ويندي حيدرآباد کان هالا ڳالهائڻ به مهانگو آهي. سو جپان ۾ هر پاڪستاني پنهنجي ملڪ گهٽ پر آمريڪا ۾ رهندڙ ڳوٺائين، هم وطنين، ڪلاس ميٽن سان ڪچهريون ڪندو رهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ تعليم، نوڪري، سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايندا ويندا رهن ٿا. ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ به ڪجهه مهينا اڳ جپاني آفيس جي طرفان آمريڪا جي ٽوئر دوران هڪ ڏينهن منور لغاريءَ وٽ به رهي ويو هو ۽ هاڻ مونکي فون ڪري رهيو هو ته آئون واشنگٽن ۾ منور لغاريءَ سان نه فقط ملان پر رهان به ان وٽ.
    ڊاڪٽر مشتاق کي خبر آهي، ته هڪ ڌارئين وٽ خاص ڪري ان ماڻهوءَ وٽ رهڻ ۾ آئون Uneasy تڪليف محسوس ڪريان ٿو، جيڪو گهڻي Show وارو هجي، ڇو جو پوءِ منهنجي پنهنجي ذاتي آزادي ختم ٿيو وڃي ۽ هر وقت ماڻهو ان خوف ۾ رهي ٿو ته هو ائين هلي جيئن ميزبان چاهي. مون اها Situation هميشه Ideal محسوس ڪئي آهي، جنهن ۾ مونکي ڪو ڪنڊ پاسو ملي وڃي ۽ مقرر وقتن تي پر تڪلف ست رڇي ملڻ بدران فرج ۾ ڊبل روٽي، جيم ۽ بيضو پيو هجي، جنهن وقت موڊ ٿئي ته ڪجهه کائڻ خاطر بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي ڊبل روٽيءَ تي مکڻ ذرو هڻي کائي ڇڏجي. گهمڻ ڦرڻ ۾ به آزادي مليل هجي، جيئن ڪٿي پنڌ ڪٿي بس يا ٽرين ۾ آزاد رلندو رهجي، جنهن وٽ وڻي بيهي خبر چار ڪجي ۽ جي لکڻ لاءِ يڪدم گهڻو مواد ملي وڃي، ته واپس پنهنجي ٺڪاڻي تي موٽي، ان کي پني تي Points ذريعي ئي سهي download ڪجي، ڇو جو رڳو مستقل هلڻ، گهمڻ، ملڻ، خبرون ڪرڻ ۽ انهن کي پني تي يا ٽيپ رڪارڊر تي preserve نه ڪرڻ، مونکي پريشان ڪريو وجھي، ته هيڏو مواد هٿ ڪرڻ بعد ان کي Save نه ڪرڻ سان ضرور ڪجهه نه ڪجهه ضايع ٿي (وسري) ويندو ۽ پوءِ اهڙي گهمڻ ۽ ملاقاتون ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو.
    ۽ هاڻ ڊاڪٽر مشتاق هڪ طرف ٽوڪيو کان مونکي فون ڪندو رهيو ته آئون جڏهن آمريڪا اچي نڪتو آهيان،ته سندس ڪلاس ميٽ منور سان ضرور ملان ۽ ٻئي پاسي واشنگٽن کان منور لغاري پاڻ به فون ڪندو رهيو ته آئون هن وٽ ضرور مهمان ٿيان. هن جو ارادو WSI طرفان مون سان شام ملهائڻ جو هو.
    “يار جيڪڏهن تون مونکي پر تڪلف دعوتن لاءِ گهرائڻ ٿو چاهين، ته پوءِ ته اچڻ لاءِ منهنجو انڪار ئي سمجھه.” مون ٻڌايومانس.
    “ڀلا توهان ائين ئي اچي گهمي وڃو.” منور فون تي چيو ۽ مونکي نيو جرسي مان وٺڻ لاءِ پاڻ پئي آيو.
    “آئون دراصل دعوتون کائڻ ۽ آمريڪا گهمڻ جي ارادي سان نه آيو آهيان.” مون کيس ٻڌايو، “آئون اهي اهي بندرگاهه ڏسڻ ٿو چاهيان، جتي اڄ کان 33 سال کن اڳ تائين چار سال کن آئون جهاز هلائيندو رهيس. سو ان حساب سان بالٽيمور، فلڊلفيا، واشنگٽن کان نيو اورلينس، هوسٽن وغيره جتي ڪٿي وڃڻ چاهيان ٿو ۽ اتي رهندڙ هم وطنين جو حال احوال معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان، ته ان وقت ۽ اڄ ۾ ڪيڏو فرق آيو آهي.”
    “پوءِ ته واشنگٽن ضرور اچ.” منور چيو، “هتي توهان کي ڪيترائي وطن جا سڃاڻو ملندا.” ان وقت منور جي اها ڳالهه مون چرچو سمجھي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن صحيح ٿي چيو.
    آمريڪا لاءِ نڪرڻ کان اڳ سانا (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) وارن واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سندن سالياني گڏجاڻي جي دعوت ڏني هئي، ته اهي ٽي ڏينهن آئون هنن سان گذاريان ۽ سنڌي ادبي نشست ۾ “سفرنامي” جي حوالي سان مقالو به پڙهان. هڪ ٻه دفعو سانا پاران سائين عزيز ناريجو ۽ ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ صاحب پڪ به ڪندو رهيو، پر پوءِ هنن طرفان خاموشي ڏسي مون سمجھيو ته شايد ڪم ايترو Serious ناهي، پر هاڻ نيوجرسيءَ ۾ ابراهيم چنا صاحب جن جي گهر هڪ دعوت ۾ سندس پٽن خالد چنا ۽ مسعود چنا (بشو) جيڪي SANA جا نه فقط پراڻا ميمبر آهن، پر ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به آهن، انهن ٻڌايو ته نيويارڪ ۽ نيوجرسي جا سڀ سنڌي SANA جي فنڪشن لاءِ ٽن ڏينهن جي موڪل ڪري واشنگٽن وڃن پيا ۽ مونکي ته ضرور هلڻو آهي، جو هنن جي ڇپيل پروگرام موجب مونکي مقالو به پڙهڻو آهي. ان بعد جڏهن منور لغاري جو فون آيو ته مون کيس واشنگٽن هلڻ جو پڪو پهه ٻڌايو.
    “پر هينئن ڪر.” مون منور کي صلاح ڏني، “آئون به هتان ڏسندو رهان ٿو، توهان به ڏسندا رهو، جيڪڏهن ڪو سڃاڻو هتان نيوجرسي کان واشنگٽن وڃڻ وارو هجي، ته مونکي ٻڌائجو ته آئون هن سان گڏ ڪار ۾ هليو اچان.”
    “اها به ڳالهه صحيح آهي.” منور چيو. ٻئي ڏينهن آئون خالد چنا وارن جي اسٽور تي ويس ته خالد کي به ٻڌائي ڇڏيم ته هفتي ڏيڍ اندر ڪنهن جو فلڊلفيا يا بالٽيمور پاسي وڃڻ ٿئي ته ٻڌائين، جيئن پوءِ باقي واشنگٽن تائين آئون پاڻ ئي هليو وڃان.


    دادو جو ابراهيم چنا نيوجرسيءَ ۾

    خالد چنا ۽ سندس ننڍو ڀاءُ مسعود چنا گذريل پندرهن ويهن سالن کان هتي آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ هاڻ سندن والد صاحب کي هتي آئي به ڪافي وقت ٿي ويو آهي. ساڻن اسانجي تمام پراڻي سڃاڻپ آهي. منهنجي ننڍي ڀاءُ آفتاب شيخ، خالد چنا سان گڏ مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي، پر ان کان به اڳ جي سڃاڻپ اسانجي ماسيءَ وارن (مظهر حسين گهلو) وارن جي هنن سان آهي ... جيڪي دادوءَ ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهيا ٿي ۽ منهنجي زال مستوران ۽ ان جا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ طارق گهلو ۽ سمينا گهلو جن دادوءَ ۾ سائين ابراهيم چنا جي والده وٽ قرآن شريف به پڙهيا هئا.
    محمد ابراهيم چنا جن دادو کان پوءِ ڪراچي ڪافي عرصو رهيا. سندن وڏن جو ڳوٺ “سيتا ڳوٺ” آهي، جتي سندن والد صاحب شهباز علي چنا صاحب تپيدار به ٿي رهيو. ابراهيم صاحب 1936ع ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ دادو جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان 1953ع ۾ ڪرڻ بعد انٽر حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج مان ڪئي. رٽائرمينٽ تائين سندن گورنمينٽ ڪو آپريٽو سوسائٽيز سان واسطو رهيو. محمد ابراهيم چنا صاحب دوستي ياري ۽ مهمانوازي ۾ سنڌ ۾ مشهور آهي. سندن ڪراچي واري گهر ۾ به مونکي هر وقت ڳوٺ جا مهمان نظر ايندا هئا، جيڪي پنهنجي ڪمن سانگي ڪراچي ايندا هئا ۽ چنا صاحب جن جي مدد بنا هنن ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ ڪراچي جي شهر ۾ اچڻ ناممڪن ٿي پوي. چنا صاحب پنهنجي سنگت ۾ دعوتن ۽ سوشل پارٽين کان به مشهور آهي، جيتوڻيڪ پاڻ هميشه سخت diet تي رهي ٿو، ان ڪري اڄ به هو ستر جو انگ ٽپڻ بعد به سنهو، سمارٽ ۽ صحتمند نظر اچي ٿو. ڳوٺن ۾ هر هڪ کي واندڪائي ئي واندڪائي آهي ، پر شهرن ۾ اچيو هر هڪ مشغول ٿيو وڃي ۽ يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن جي شهرن ۾ جتي نوڪر چاڪر به نه آهي ۽ هر ڪم پاڻ ڪرڻو ٿو پوي، اتي هر ڪو ايڏو بزي ٿيو وڃي، جو هن کي پنهنجي مائٽ مٽ لاءِ به وقت ناهي. اتي شاباش هجي محمد ابراهيم چنا ۽ سندس ٻارن: خالد ۽ مسعود کي، جو هو هر هڪ جي مدد ڪندا رهن ٿا. هر هڪ کي پنهنجو وقت ڏيندا رهن ٿا. ٻيا ماڻهو ته ڇنڇر يا آچر ڏينهن موڪلن ۾ ٻن ٽن کي دعوت ڪندي به گھٻرائين ٿا، جو ظاهر آهي هتي هر شيءِ مهانگي هجڻ کان علاوه هر هڪ جو وقت پڻ قيمتي آهي، پر چنا صاحب ۽ هن جا ٻار هتي آمريڪا ۾ به اهو پاڪستان وارو وهنوار رکندا اچن ۽ نه فقط موڪلن جا ڏينهن، پر عام ورڪنگ ڊيز ۾ به سنڌ کان آيل ماڻهن کي ڳولي ڳولي، انهن جي دعوت ڪندا رهن ٿا، انهن جي ڪمن ڪارين پويان صبح پهر به ڊوڙندا رهن ٿا، چاهي پوءِ هنن کي پنهنجي ڪاروبار کي يا پنهنجي گهر کي گهٽ ٽائيم ڏيڻو پوي. هنن کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين کي دڳ لائڻ ۾ واقعي خوشي ٿئي ٿي ۽ شايد قدرت به اهي ڳالهيون سوچي، سندن هر ڪم ۾ سڻائي ڪندي رهي ٿي. هتي آمريڪا ۾ مشهور آهي ته اتر اوڀر وارين رياستن (يعني نيويارڪ، ميري لئنڊ، پينسلوانيا کان ورجينا، ڪينٽڪي ۽ ڪئرولينا تائين) ۾ مهمان نوازي ۽ مدد ڪرڻ ۾ هنن چنن جو مقابلو ناهي ۽ ڏکڻ اوڀر وارين رياستن فلوريڊا، جارجيا ۽ الباما کان مسي سپي، لوزيانا ۽ ٽيڪساز تائين ٽنڊو جان محمد جي ڏاهرين جو جواب ناهي. ڏاهري فئمليءَ جو مختصر احوال هيٺ هلي ڏينداسين.


    خالد ۽ مسعود چنا هاڻ انجنيئر گهٽ طبيب وڌيڪَ آهن

    محمد ابراهيم چنا صاحب جا هي وڏا پٽ خالد ۽ مسعود بنيادي طرح انجنيئر آهن، پر پنهنجو ملڪ ڇڏي ڌارئين ۾ هر شيءِ پنهنجي مرضي مطابق به نٿي ملي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسانجا ڪيترا نوجوان فرسٽريٽ ٿي واپس موٽيو وڃن، پر هنن نوجوانن پنهنجي گهر ۽ وطن جا سُکَ ۽ آرام وساري، سامهون آيل پهرين روزگار کي ئي لڳي ويا. خالد ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ نواب شاهه جي هڪ همراهه جو هتي جڙين ٻوٽين ۽ قدرتي کاڌن (Natural Foods) جو دڪان هو، جنهن تي هنن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هو ڪجهه سالن اندر نه فقط پيرَ ڄمائي ويا، پر هي نئون ڪم، جيڪو سندن انجنيئرنگ فيلڊ کان بلڪل 180 ڊگريون ٻئي طرف هو، چڱي طرح سکي ويا. پڙهيل ڳڙهيل ۽ سخت محنتي ته اڳهين هُئا، ان ڪري هن نئين فيلڊ جيڪا ميڊيڪل سان گهڻو ملي ٿي، ان ۾ به ڀڙ ٿي ويا ۽ خريدار نه فقط پنهنجي مرضي سان شيون وٺڻ لڳا، پر پنهنجي صحت ۽ ڪمزورين مطابق هنن کان صلاح وٺي، ان موجب کاڌي خوراڪ ، ميون ۽ جڙين ٻوٽين جي چونڊ ڪرڻ لڳا. ان ڪري هنن جڏهن هڪ ٻئي علائقي ۾ پنهنجو ننڍڙو دڪان ڪڍيو ته هتي جا گورا گوريون (جن کي مڪاني شيدين کان وڌيڪ صحت جو خيال رهي ٿو) جوان توڙي پوڙها، هلي اچي هنن جي دڪان تي خريداري ڪرڻ لڳا ۽ هاڻ نيوجرسي جي علائقي ۾ هنن جو تمام وڏو سپر اسٽور نئچرل فڊس جو آهي، جن ۾ ٻيا به ٽي چار ڄڻا ڪم ڪن ٿا، جيڪي پڻ هنن وانگر طبي ايڪسپرٽ ٿي ويا آهن ۽ هنن کي نه فقط دنيا جي جڙين ٻوٽين، ميون مسالن ۽ آرگئنڪ کاڌن جي نالن ۽ خاصيتن جي ڄاڻ آهي، پر انهن جي نفعي نقصان ۽ مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ استعمال جي پڻ پروڙَ آهي. انهن مان هڪ نواب شاهه جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر ڏاهري جو پٽ مقبول ڏاهري به آهي، جنهن کي پڻ هن فيلڊ ۾ ڪم ڪندي ڏهاڪو کن سال ٿي ويا آهن ۽ هاڻ شايد هنن کان الڳ ٿي پنهنجو ڪاروبار ٿو ڪري، باقي لاڙڪاڻي ضلعي جو طفيل احمد چانڊيو ۽ نواب شاهه جو شڪيل ميمڻ 1997ع کان خالد چنا جن سان ڪم ڪري ٿو.
    پهرين ڏينهن کان مونکي شوق هو ته خالد وارن جو اسٽور ڏسان ته ان ۾ ڪهڙيون کاڌي پيتي جون شيون آهن يا دوا درمل طور جڙيون ٻوٽيون آهن، جن کي مهانگي قيمت تي هتي جا امير گورا خريد ڪن ٿا ۽ واقعي گذريل ڏينهن تي نه ڏسان ها، ته هرگز idea نه ٿئي ها.
    خالد چنا وارن جي هن اسٽور جو نالو “هارموني نئچرل فوڊ” آهي ۽ نيوجرسي جي “مڊل ٽائون” واري علائقي ۾ آهي. شام جا اٺ ٿيڻ وارا هئا ۽ اسٽور کي بند ڪرڻ وارا هئا، پر جيئن ته ٻه ٽي گراهڪ اڃان موجود هئا، سو انهن کي هو ضرورت جون شيون ڏيئي رهيا هئا، تيسين اسان کي هي اسٽور ڏسڻ جو ۽ دوستن سان خبرون ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
    خالد چنا وارن جو هي نئچرل فوڊ اسٽور يا آمريڪا توڙي يورپ ۾ ٻيا ان قسم جا اسٽور هڪ قسم جا پساري دڪان سمجھڻ کپن، جن ۾ دنيا جهان جون جابلو ۽ سامونڊي جڙين ٻوٽين کان علاوه هر اهو تازو توڙي سڪل ميوو يا اناج، ويندي ٻاجھر، جوار، ڪڻڪ، چانور جهڙيون شيون رکيل ٿين ٿيون، جيڪي بنا ڪنهن ولائتي ڀاڻ يا جيت ــ مار دوا (pesticide) جي اپايون وڃن ٿيون.
    سئيڊن ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ دوران اتي جي شهرن: مالمو، گوٿن برگ يا اسٽاڪهوم جي دڪانن تان اٽو وٺندا هئاسين، ته مڪاني ڪڻڪ يا ان جو اٽو اسپين يا فرانس کان امپورٽ ٿيل کان مهانگو هوندو هو.
    “هي ڇا مصيبت آهي جو هتي جي ٻهراڙي جي پوکيل ڪڻڪَ يا مڪئي ايڏي مهانگي آهي. ڇا توهان جي ڌرتيءَ جي پوک ٻين کان اتم اتاهين آهي؟” اسان شڪايت ڪندا هئاسين. جواب ۾ هتي جا دڪاندار هائوڪار ۾ ئي ڪنڌ ڌوڻيندا هئا.
    “آخر ڇو ڀلا؟” اسان وائڙا ٿي پڇندا هئاسين. “ڇا توهان فصل کي پاڻي بدران کير تي ٿا پوکيو؟”
    “نه اها ڳالهه ناهي. اسان اناج يا ميوي جي وڻن کي نه ته ولائتي ڀاڻ (Fertilizer) ڏيون ٿا ۽ نه وري پيسٽيسائيڊ (جيت مارڻ لاءِ زهريليون دوائون)، ان ڪري اسانجو اناج توڙي ميوو صحت لاءِ سٺو آهي. اهو ٿولهه، بلڊپريشر، ڊائبٽيز، ڪئنسر يا دل جون بيماريون پيدا نٿو ڪري. ان ڪري ته اسان جون عمرون سؤ سالن کان به مٿي ٿين ٿيون.”


    نئچرل فوڊ واپرائڻ جو فئشن

    “Natural Food” قدرتي کاڌو کائڻ جي تحريڪ يورپ توڙي آمريڪا ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. صحت جو فڪر ڪرڻ وارن جو اهو چوڻ آهي، ته اهي شيون جن ۾ هٿرادو خوشبوئون، preservatives ۽ رنگ ملايا وڃن ٿا، انهن کي کائڻ کان گريز ڪرڻ کپي، ويندي refined قسم جي کنڊ ۽ ڇاڻيل اٽي بدران ڳڙ ۽ ڇاڻ مليل اٽو کائجي، جنهن ۾ مٺاڻ گهٽ آهي، قدرتي شيءِ آهي ۽ فائيبر گهڻو هجڻ ڪري ڊائبٽيز ۽ قبضي جهڙيون بيماريون نٿيون ٿين. ڪڻڪَ، ڪمند توڙي ڀاڄيون ۽ ميوا ولائتي ڀاڻ، ڪيميڪلز ۽ پيسٽيسائيڊ (جراثيم ڪش دوائن جي ڦُهاري) بنا اپايون وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه Nutritionists (کاڌي جا ايڪسپرٽ ۽ ڄاڻو) ان جي مخالفت ڪن ٿا، پر هن پاسي جا نئچرل فوڊ جا شوقين اهڙي کاڌي کي نه فقط صحتمند قرار ڏين ٿا، پر ساڳي وقت ماحول کي گدلاڻ کان بچائڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته صحت کي صحيح رکڻ لاءِ جيتري قدر ٿي سگهي دٻن جو کاڌو (پوءِ اهي چاهي مٺايون ۽ چاڪليٽ هجن يا peanuts ۽ پٽاٽو چپس هجن)، نه کائڻ کپن. گهڻو رڌل يا bake ٿيل کاڌو يا پراڻو رڌل کاڌو (جيئن مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي کاڌا آهن) نه کائڻ کپن. خير مئڪڊونالڊ ۽ KFC کي ته هتي جام عام ماڻهو به سٺو نٿا سمجھن ۽ ان کي Junk Food (بيڪار ۽ پاروٿو کاڌو) سڏين ٿا.
    خالد چنا وارن جو هي نيچرل فوڊ اسٽور ڪافي وڏو آهي. ڪراچي جي آغاز سپر مارڪيٽ کان به وڏو ٿيندو، جنهن ۾ مختلف کاڌن ۽ شين جا سيڪشن آهن جن کي خالد، سندس ڀاءُ مسعود، طفيل چانڊيو ۽ شڪيل ميمڻ منهن ڏين ٿا. هڪ سيڪشن ۾ ته تازا ميوا صوف، انگور، انب ۽ گدرا وغيره ۽ ڀاڄيون آهن، جيڪي عام سبزي مارڪيٽ جي اگهه کان مهانگيون آهن، جو اهي ميوا ۽ ڀاڄيون بنا فرٽيلائيزر، ڪيميڪل ۽ دوائن جي پوکيل آهن. ظاهر آهي انهن جي growth ۽ بنا ڪيميڪل جي جيتن جراثيمن کان صاف سٿرو رکڻ ۾ محنت لڳي ٿي ۽ پوکڻ وارو في ايڪڙ جي حسابَ سان گهڻي اپت نٿو ڪري سگهي. ڪيترائي ميون خاص ڪري انبن، ڪيلن ۽ پپيتن جون سڪل ڦارون (slices) به وڪري لاءِ موجود هيون. ان سان گڏ سڪل زردالون، انجير، ڏاڙهونءَ جي ڪڻ ۽ ٻيون شيون هيون. ڪيترن ئي کاڌن، ميون، ڀاڄين وغيره جا ڪئپسول ۽ گوريون به هيون جيڪي مختلف ملڪن توڙي آمريڪا جون ٺهيل آهن، جيئن ته پپيتي جي تت جا Capsule جيڪي قبضي جي مريض لاءِ بهتر آهن.
    سڀ کان دلچسپ سيڪشن جڙين ٻوٽين جي آهي، جن ۾ ڪجهه ته چين ۽ ڪوريا جون مشهور جنسنگ نموني جون پاڙون ۽ Herbs آهن جيڪي اُتي جي ٿڌن جابلو علائقن ۾ ٿين ٿا، ته ڪي ته بلڪل اهي، جيڪي اسانکي سنڌ جي ڳوٺن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا. جيئن ته بِهَه آهن، جيڪو سنهن ڳترن ۾ ڪٽيل خوبصورت رنگين پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پئڪ ٿيل نظر آيو. يعني اهو خشڪ (سڪل) حالت ۾ هو طفيل ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ بهه ۽ پٻڻ جو ايڏو قدر ناهي، جيڏو هنن سڌريل ملڪن ۾ آهي.
    “بلڪل مڃان ٿو” مون جواب ڏنومانس، “ايتري قدر جو جپاني ۽ ڪورين به پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ جا بهه پٻڻ ته کايو کپايو ڇڏين، پر هر سال ڪروڙها رپين جا چين ۽ ملائيشيا کان امپورٽ ڪن ٿا ... جيئن پاڻ چانهه جي پتي درآمد ڪيون ٿا. پر هنن شين جي هتي آمريڪا ۾ جيڪا ڳري قيمت آهي، اها ته جپان جهڙي ملڪ ۾ به نه آهي.”
    “صحيح ٿا چئو.” طفيل سمجھايو، “اها قيمت ان ڪري به گهڻي آهي، جو هتي هر شيءِ اعليٰ ۽ هائيجينڪ نموني جي گهرائي وڃي ٿي. جهاز ۽ ڀاڙا گهڻا آهن، دڪانن جون مسواڙون، ٽئڪس ۽ ڪم ڪرڻ وارن جا پگهار وڏا آهن، ان ڪري هر شيءِ جو اگهه اتاهون ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته هي شيون هر عام ماڻهو نٿو وٺي جو گهڻي کپت ٿئي ۽ قيمت ڪجهه گهٽ ٿي سگهي. هي شيون واپرائڻ واري هڪ ننڍڙي اقليت آهي، پر اهو آهي جو هنن شين جا شوقين وڏا امير آهن ۽ پئسو خرچ ڪندي گھٻرائين نٿا.


    طفيل چانڊئي بهن، بيد مشڪ ۽ لوسڻ جا فائدا ٻُڌايا

    طفيل چانڊئي سان گڏ بيٺل شڪيل ميمڻ بِهن جي پائوڊر ۽ ان پائوڊر مان ٺهيل ڪئپسول ڏيکاريندي چيو ته، هي خبر اٿانوَ ڪهڙي شي آهي؟ حيدرآباد اڳيان ايڏانهن بدين، تلهار پاسي مينهوڳيءَ جي موسم ۾ پاڻي سان کڏا کوٻا ڀرجي ويندا آهن، ته ان گندي پاڻي جي مٿان سائي رنگ جي جيڪا سينور ٿيندي آهي، ان کي پاڻ ڇيٻلو ٿا سڏيون. هي پائوڊر ۽ ڪئپسول ان ڇيٻلي جا آهن، جنهن کي انگريزي ۾ SPIRULINA چون ٿا. اهو پائوڊر طاقت ۽ انرجي ڏيڻ سان گڏ، پيٽ جي زهريات ختم ڪري ٿو ۽ Detoxifying ڪري ٿو پر اهو آهي ته اسان وٽ گندي پاڻ ۽ اڻ هائجنڪ حالتن ۾ پيدا ٿيل ڇيٻلو زهريات وارو ٿئي ٿو ۽ هتي ان کي صفائيءَ ۽ سٺائيءَ سان پيدا ڪيو وڃي ٿو ۽ سائنسي طريقي سان ان جو پائوڊر ٺاهيو وڃي ٿو.
    طفيل چانڊئي ٻڌايو ته اهڙي طرح بِهن ۾ ڪجهه اهڙا جزا Ingredients آهن، جيڪي ڪئنسر جي مريض کي فرحت بخشين ٿا ۽ يوڪلپٽس جو وڻ جنهن کي پاڻ وٽ بيدمشڪ سڏين، ان جي پنن جو چورو ۽ وڻ مان نڪتل تيل گلي جي خراش ۽ ٻين خرابين لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ٿڌ زڪام ۾ ان کي سونگھيو پڻ وڃي ٿو. ان کان علاوه طفيل سوچي ٻوٽي Golden Seal مان ٺهيل گوريون ۽ پائوڊر ڏيکاريو ۽ چانهه جي ٿيلهين (Tea Bags) جهڙيون ٿيلهيون ڏيکاريندي پڇيائين: “خبر اٿانوَ هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟”
    “خبر ناهي”
    “هن ۾ اهو سڪل گاهه آهي، جنهن کي پاڻ لوسڻ سڏيون ٿا ۽ پاڻ وٽ گهوڙا کائين، پر هتي جا گورا آمريڪن ڪٽليءَ ۾ اهي لوسڻ جون ٿيلهيون گرم پاڻي سان وجھي، ڪاڙهو ڪري پيئن، جيڪو هڪ ته هاضمي کي صحيح رکي ٿو ۽ ٻيو گوڏن جو سور ختم ڪري ٿو.”
    اهڙي طرح ڪڻڪ جي ڇاڻ Oat Bran ۽ ڪٽيءَ (سارين تان لٿل تهه جو سنهو پائوڊر) جا پئڪ دٻا هُئا، جن لاءِ شڪيل ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو ڪئنسر ۽ قبضي جي بچاءَ لاءِ اهي کائين ٿا، جو انهن ۾ زبردست قسم جو fiber آهي. طفيل ڊائبيٽڪ جي مريضن لاءِ ڪريلن (جن کي هتي جا ماڻهو ڪڙو گدرو سڏين) ۽ ڪارن ڄمن (جن کي Gymnema سڏين) جا ڪئپسول ڏيکاريا، جيڪي ڊائبيٽڪ جي مريض کي شفا بخشين ٿا.
    قدرتي کاڌن جا شوقين گهڻو ڪري مڇي ۽ گوشت کان به پرهيز ڪن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ هتي خالد چنا جي اسٽور تي گوشت ۽ مڇي جو نعم البدل گوشت پڻ آهي، جيڪو سويابين مان ٺهي ٿو ۽ Protein based آهي.
    وٽامن ۾ عام وٽامن A کان E ۽ ٻين کان علاوه جوهر ۽ ڦودني جون اڇيون گوريون پڻ هن اسٽور تي گراهڪن جي دلپسند خريداري آهي. بدهضمي ۾ يا ڪا ٽينشن واري خبر ٻڌي، پيٽ ۾ وڍ (cramps) پوڻ جو يڪ ٽڪ علاج هي ٽڪيون آهن.
    طفيل چانڊيو سان خبرن دوران سنڌ ۽ اتي جي ماڻهن جون ڳالهيون ڪندي شهدادڪوٽ جي روشن کهاوڙ جي ڳالهه نڪتي، جيڪو PIA ۾، ڪارگو آفيسر رهي چڪو آهي ۽ مشهور اديب ۽ شاعره شبنم موتيءَ جو مامو ٿئي. “اسانجي هنن سان مائٽي ٿئي، توهان هن کي ڪيئن سڃاڻو؟” طفيل مون کان پڇيو.
    “اسانجي به سمجهه ته هنن سان مائٽي ئي ٿئي. منهنجي زال ۽ هو پڦاٽ ماروٽ ٿين.” مون ٻڌايومانس.
    ان تي طفيل چانڊئي ٻڌايو ته هو ۽ عبدالستار ڏيرو (پورٽ قاسم وارو) سنڍو ٿين. يعني هنن جون زالون ڀينرون ٿيون ۽ عبدالستار ڏيرو جي ڌيءَ ناديا جي روشن کهاوڙ جي پٽ ياسر سان ٻه سال اڳ شادي ٿي هئي. اهو ٻڌي مونکي تعجب لڳو ته هيءَ دنيا ڪيتري ننڍي آهي. آمريڪا اچڻ کان اڳ روشن کهاوڙ جي گهر سندس ننهن ناديا اسانکي چيو هو ته آمريڪا وڃو ته سندس انڪل سان به ضرور ملون ۽ مون کيس کلندي چيو هو ته آمريڪا ايڏو وڏو ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌ جهڙا هڪ سؤ کن صوبا سمائجي سگهن ۽ جيسين ڪنهن جي صحيح اَتي پَتي جي خبر نه هجي، ته ڪيئن ٿو ڪنهن کي ڳولهي لهجي ۽ پوءِ مون ايتري قدر جو کانئس سندس هن مامي جو نالو پڇڻ جي به تڪليف نه ورتي ۽ اڄ اوچتو اسان جي ملاقات ٿي ويئي. مون يڪدم پنهنجي زال کي به ٻڌايو جنهن کي پڻ حيرت ٿي ۽ هوءَ ڪا دير شمشاد (مسز روشن کهاوڙ) ۽ ان جي ٻارن جو کانئس پڇندي رهي، خاص ڪرري روشن جي وڏي ڌيءَ نصرت بابت جيڪا ويجھڙائيءَ ۾ پنهنجي مڙس شرجيل کرل (پروفيسر رشيد کرل جي پٽ) سان هتي طفيل جن وٽ رهي ويا آهن.


    نواب شاهه جو شڪيل ميمڻ ۽ هن جا ڀائر ڀينر

    ٻه اکر شڪيل ميمڻ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو. شڪيل ميمڻ 29 سيپٽمبر 1971ع تي نواب شاهه ۾ ڄائو ۽ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد 1997ع کان هتي آمريڪا ۾ پنهنجي ڀيڻوئي خالد چنا سان گڏ نئچرل فوڊ جو ڪاروبار ڪري ٿو. شڪيل جو ان فئملي سان تعلق آهي، جن لاءِ آئون شروع ۾ به لکي چڪو آهيان، ته سنڌ جا اهي ڪٽنب تعريف جوڳا آهن، جن ۾ والدين گهٽ روزگار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجي اولاد کي هر صورت ۾ تعليم جهڙي زيور سان مالا مال ڪيو. هنن ڪڏهن به پنهنجن پٽن ۽ ڌيئن ۾ فرق نه رکيو. پٽن کي لاڏلو ڪرڻ بدران هنن کي سخت ڊسيپلين ۾ رکيو ۽ هنن ۾ محنت ۽ پورهئي جي عادرت وڌي، جيئن ايندڙ اڻ ڏٺل زماني جي مشڪل حالتن کي منهن ڏيئي سگهن ۽ نياڻين کي تعليم ۽ سٺي ماءُ بڻجڻ جي سکيا ڏني. شڪيل جي والد محمد سليمان ميمڻ کي ماشاءَالله ڏهه کن ٻار آهن، جن ۾ ٽي پٽ ۽ ست نياڻيون آهن. وڏي ڌيءَ رخسانا خيرپور ۾ رهي ٿي، جتي سندس گهر وارو سول جج آهي. ان بعد ٽي ڌيئون ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر فرزانا هتي آمريڪا جي رياست نيوجرسيءَ ۾ رهي ٿي ۽ خالد چنا جي زال آهي. ان بعد ڊاڪٽر روبينا پنهنجي مڙس ڊاڪٽر الهه ڏني ميمڻ سان گڏ نوابشاهه جي PMC ۾ ڪم ڪري ٿي، پاڻ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ ڊاڪٽر الهه ڏنو ڪارڊيا لاجسٽ (دل جي شعبي جو ڊاڪٽر) آهي. ان بعد غزاله (ببلي) آهي، جنهن جو مڙس نوابشاهه جي UBL بئنڪ ۾ آهي. شڪيل کان علاوه ٻه وڏا پٽ: مقصود ميمڻ دادو ۾ مختيار ڪار آهي ۽ منصور سڪرنڊ ۾ ايريگيشن ۾ SDO آهي. شڪيل بعد ٽي ڀيڻيون آهن، جن مان ڊاڪٽرشبانا جيڪا ڊاڪٽر شهاب جوڻيجو جي زالَ آهي، ڪئناڊا ۾ رهي ٿي. فرحانا نوابشاهه جي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي ۽ نيلم پڻ نواب شاهه ۾ رهي ٿي، جنهن جو مڙس جاويد ميمڻ ليڪچرار آهي.


    حيدرآباد جو حڪيم نذير احمد شيخ

    خالد چنا وارن جو هي “Harmony Natural Foods” اسٽور ۽ ٻيا ان قسم جا آمريڪا ۾ اسٽور ڏسي، جن ۾ بنا ڪيميڪل جي پوکيل اناج، پسارڪيون شيون ۽ سُتيون ڦَڪيون ڏسي، مونکي حيدرآباد جو حيڪم نذير احمد شيخ ياد ايندو آهي، جيڪو بيمارين جو علاج ديسي شين سان ڪرڻ جي حق ۾ آهي. هو جي هتي، ههڙن ملڪن ۾ هجي ته الائي ڇا ڇا اعزاز ۽ ايوارڊَ حاصل ڪري ۽ هتي جا ماڻهو کيس پير ڪري پوڄين. بهرحال پنهنجي وطن ۾ رهي هو جيڪا مريضن جي ديسي دوائن ذريعي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ عبرت اخبار۾ هر هفتي ميڊيڪل سان واسطو رکندڙ ڪالم (مضمون) لکي رهيو آهي، اها ڳالهه سنڌ جي ڳوٺاڻي توڙي پڙهيل ڳڙهيل کي هن ڏسَ ۾ educate ڪري ٿي۽ زبردست قسم جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. ويجھڙائي ۾ حڪيم نذير احمد شيخ جي ڪجهه مضمون جو هڪ ڳٽڪو “بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج” سنڌيڪا پبلشر ڇپرائي وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي. اهو ڪتاب مون نه صرف سنڌ جي گهرن ۾ پر ملائيشيا ۽ آمريڪا جي ڪيترن سنڌي هندو ۽ مسلمانن جي گهرن ۾ پڻ، انهن جي بورچيخانن ۾ رکيل ڏٺو آهي. (ان سان گڏ هڪ ٻيو ڪتاب نسرين طاهر وفائيءَ جو “اسان ۽ اسان جو گهر “ پڻ ساڳي مشهوري ماڻي رهيو آهي. جنهن ۾ رڌ پچاءُ، گهر جي صفائي سٿرائي ۽ ٻارن جي ڌيان جا سوين قيمتي نسخا ڏنل آهن.) حڪيم نذير احمد شيخ صاحب جا ان سلسلي ۾ هي مضمون پڙهڻ وٽان آهن:
    - انگريزي دوائن جا سائيڊ افيڪٽ
    - ذهني ۽ نفسياتي بيماريون ـــ معاشري جو اهم حصو
    - ڪلونجي ـــ دعا به دوا به.
    - اِنجير، کجور ۽ ٿوم جا بيشمار فائدا.
    - اسپنگر جي تهي ـــ معدي لاءِ قلعي.
    - عورتن جون بيماريون
    - پنهنجي دل جو احتياط دل سان ڪريو.
    - دَمَ ۽ قبضيءَ جا سبب ۽ علاج
    - بي اولاد ماڻهن لاءِ مفيد مشورا .......... وغيره وغيره
    حڪيم نذير احمد شيخ پنهنجي تيار ڪيل ديسي دوائن کان به مشهور آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    - نذير ڪلونجي آئل
    - نذير اسپغول (خالص اسپنگر جي تُهي)
    - بينظير ڦڪي (بدهضمي، گيس، سيني جي جلن، السر، پيٽ جي سور ۽ قبضي لاءِ).


    کڏن تي لغڙ اُڏائيندڙ هالا جو نجم نيويارڪ ۾

    ٻن ڏينهن کان پوءِ واشنگٽن کان منور لغاريءَ جو فون آيو ته هڪ همراهه نيوجرسي کان هن وٽ واشنگٽن اچي رهيو آهي. “هن جي آفيس بلڪل توهان جي گهر ڀرسان آهي، سو توهان هن سان واشنگٽن هليا اچجو.”
    “ڪير آهي” مون پڇيومانس.
    “اسانجي ئي سنگت WSI جو ميمبر آهي. سندس نالو رميش ٿارواڻي آهي. هو ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اچي رهيو آهي، سندس موبائيل نمبر هي آهي.”
    مون بس يا ٽرين ۾ وڃڻ کان ان ريت وڃڻ ۾ وڌيڪ سولائي سمجھي، جو بقول منور جي رميش مونکي بلڪل منور جي ٺام ٺڪاڻي تي لاهيندو ۽ منور وٽ، جيڪو مون لاءِ بلڪل نئون ماڻهو هو، ان وٽ رهڻ تي هاڻ ٿوري گهڻي همت به پيدا ٿي جو رميش بابت ٻڌائي، منور يڪدم چيو ته هن همراهه سان ته ڳالهائجو منهنجي ڀرسان ويٺو آهي. آواز مان مون نه سڃاتو پر پوءِ خبر پيئي ته هو اسانجي ڳوٺ جو بلڪ پاڙي ۾ رهندڙ محمد هاشم مميڻ جو ڏهٽو نجم ميمڻ جيڪو هالا جي مشهور ٽيچر سائين محمد صالح ميمڻ جو ناٺي به ٿئي، جن سان پڻ اسانجي ڪٽنب جا دوستاڻا تعلقات رهيا آهن. نجم کي مون اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهارو سال کن اڳ ڏٺو هو، جڏهن هو ننڍو ڇوڪرو هو ۽ پنهنجي هم عمر مامي واحد ڏني سان گڏ پاڙي جي کڏن تي لغڙ اڏائيندو رهيو ٿي. نجم جو والد ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. سندس غريب والده ’ادي حَوُلَ‘ ڳنڍڻيون ۽ ڀرت ڀري پنهنجي هن اڪيلي پٽ کي پڙهايو ٿي ۽ پوءِ ڪجهه وڏو ٿي پاڻ به صبح جو سوير اٿي تاڃيون ۽ اڻت ڪري، اسڪول ۽ گهر جي خرچ ۾ مدد ڪئي ٿي. پوءِ مون ٻڌو ته هو تعليم پوري ڪري ڪمپائونڊري جهڙي نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ شادي به ڪئي اٿس ۽ سندس زالَ زبيده جنهن سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي آهي، سا پڻ هالا جي روشن تارا اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪري گهر جي خرچ ۾ مدد ڪري ٿي. مالمو (سئيڊن) ۾ هوس ته اتي اوچتو خبر ٻڌم ته آمريڪا حڪومت طرفان ويزا لاءِ ڪڻا نڪتا آهن، انهن ۾ نجم ميمڻ به هڪ آهي ۽ هو نيويارڪ هليو ويو آهي. اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته نجم جهڙو پورهيت ۽ ڪفايت وارو ماڻهو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهي پنهنجي قسمت بدلائي ڇڏيندو. منهنجي اها ڳالهه بلڪل صحيح نڪتي، جو جڏهن هيڏانهن آمريڪا اچي رهيو هوس، ته ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن نجم لاءِ ٻڌايو ته هو سادگي ۾ رهي ٽڪو ٽڪو بچائي رهيو آهي ۽ اهو ماڻهو جيڪو مسواڙ جي گهر ۾ رهيو ٿي، ان هالا ۾ ماشاءَالله هاڻ پنهنجو گهرُ ورتو آهي. ان جي مونکي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو ته هي انهن عياش ماڻهن مان نه آهي، جيڪي پرديس ۾ جيڪي ڪمائين ٿا اهو ته چٽ ڪن ٿا، پر ماڳهين ڳوٺان به گهرائيندا رهن ٿا. جنهن ڪري اسان جي ملڪ ۾ غير ملڪي ناڻو اچڻ بدران ٻاهر نڪرندو رهي ٿو ۽ ملڪ غريب ٿيندو رهي ٿو.
    ۽ هاڻ اهو به معلوم ڪري خوشي ٿيم ته نجم نيويارڪ ۽ بالٽيمور کي ٻه اڍائي سال ٿيا ته خير آباد چئي، هتي واشنگٽن جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ لئبررين جو جاب ڪري رهيو آهي ۽ منور لغاري وٽ هن جي فلئٽ ۾ رهي ٿو.
    “تنهنجي هجڻ جو ٻڌي خوشي ٿي اٿم.” مون کيس فون تي چيو “منور ڪو تڪلف ڪري ته هن کي مون پاران جھلجانءِ. ظاهر آهي، توهان پاڻ به اڪيلا رهو ٿا، سو توهان وٽ رهڻ ئي ڪافي آهي. ماني ٽڪيءَ جو کٽراڳ نه ڪجو. ڪجهه ٻاهر پاڻ ئي پيو کائيندس، ڪجهه فرج ۾ رکيل مکڻ ۽ ڊبل روٽي ۽ بيضي سان نه فقط نيرن پر لنچ ڊنر به پئي ٿيندي.”
    “توهان فڪر ئي نه ڪريو. هتي هر شيءِ جو بندوبست آهي.” نجم چيو.
    “پر مونکي ڪوشش ڪري دعوتن ۽ ڊگهين ڪچهرين بدران گهڻو وقت آزاد ڇڏجو، جيئن آئون لکڻ پڙهڻ جو به ڪم ڪري سگهان.” مون کيس تاڪيد ڪئي. بهرحال اهو سڪون ٿيو ته منور تي کڻي منهنجي نه هلي، پر نجم منهنجي هر ڳالهه مڃيندو ۽ نجم سان اڳ واٽ سڃاڻپ هجڻ ڪري easy محسوس ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ به مزو نه آيو ته ٻئي ڏينهن رميش ٿارواڻيءَ سان موٽي ايندس يا ٻئي ڪنهن سڃاڻوءَ وٽ هليو ويندس يا اڳتي هوسٽن ڏاهرين وٽ وڃي رهندس، جيڪي منهنجي اڳيان ننڍا ٿي وڏا ٿيا آهن.


    ٽنڊوجان محمد جو بابُو عبدالرحمان ۽ يوسف ڏاهري

    جن ڏينهن ۾ 1968ع کان 1972ع تائين منهنجو هن پاسي (هوسٽن، نيواورلينس کان بالٽيمور نيويارڪ ـــ ويندي ڪئناڊا تائين) وڃڻ ٿيندو هو ته نيويارڪ ۾ جيڪي چند سنڌ جا نوجوان رهيا ٿي، يعني اسان جا هم عمر تن ۾ ٽنڊو جان محمد جا ٻه ڏاهري ڀائر، بابو عبدالرحمان ۽ يوسف پڻ هئا. هو ڪنهن آمريڪي پروگرام تحت ائگريڪلچر جي ٽريننگ لاءِ مهيني اڌ لاءِ هيوسٽن آيا هئا، جتان پوءِ واپس وڃڻ بدران نيويارڪ ۾ رهي، اتي جي اسپتالن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪندا رهيا. اهي ڏينهن ڀلا ڏينهن هئا ... پڇڻ واري ڪا پهر نه هئي. ايران ۽ ترڪي جهڙن ملڪن ۾ ته بنا پاسپورٽ جي پيو وڃبو هو. آمريڪا ۾ تن ڏينهن تائين اسان جا رڳو وڏا رئيس، پير سردار گهمڻ لاءِ ايندا هئا ۽ پئسو خرچي هليا ويندا هئا. هاڻ ٿورا ٿورا ٿي اسانجي مڊل ۽ هيٺين ڪلاس جا ماڻهو اچڻ لڳا هئا، جن جو مقصد پئسو خرچ ڪرڻ ۽ عياشي بدران، هتي رهي محنت مزدوري ڪرڻ ۽ پئسو ڪمائڻ هو. ڏاهري ڀائر به انهن شروعاتي ماڻهن مان هئا. هنن هتي محنتون ۽ مختلف Jobs ڪيا. وچ ۾ هتي جي مڪاني شيدين جي جهڳڙي ڪري هنن کان به پاسپورٽ جي پڇا ٿي ۽ ويزا نه هجڻ ڪري کين وطن واپس ٿي موڪليائون. پر هنن جي خوش قسمتي چئجي جو انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار ڀٽي صاحب جو نيويارڪ ۾ دورو لڳو. هو صاحب انهن ڏينهن ۾ وزير خارجا هو. هي اسانجا همراهه هن وٽ ڊيليگيشن ٺاهي ويا، جنهن هتي جي واسطيدار کاتي سان ڳالهايو ۽ کين يڪدم گرين ڪارڊ (رهائش ۽ نوڪري ڪرڻ جواجازت نامون) وٺرائي ڏنو ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد کين آمريڪا جو پاسپورٽ به ملي ويو. مٿين ڏاهري ڀائرن جنهن محنت سان هتي پورهيا ڪري پئسو بچايو ۽ جيڪا هتي رهي سادگي جي زندگي گذاري، ان جو آئون به شاهد آهيان. مفت جا گهمڻ ڦرڻ جهڙوڪ ميلن ملاکڙن ۽ سامونڊي ڪنارن تي وڃڻ ۽ ملڪي سفارتخانن طرفان ٿيندڙ مفت جي دعوتن ۾ خوب ويندا هئاسين ۽ نه فقط ويندا هئاسين، پر اتي آيل ديسي ۽ ولائتي گورين مهمانن سان گڏ بيهي فوٽو به ڪڍرائيندا هئاسين. اهڙي ئي هڪ پاڪستاني جي دعوت ۾ نور احمد نظاماڻي ۽ يوسف ڏاهري جي تصوير اٿم، جن ۾ هو مهمان عورتن سان بيٺا آهن ۽ UNO بلڊنگ ۾ يوسف ڏاهري منهنجي تصوير فلپين جي ڪنهن ڪاليج کان آيل ڇوڪرين سان گڏ ڪڍي هئي. آئون وچ ۾ بيٺو آهيان ۽ هڪ پاسي پنج ۽ ٻئي پاسي چار فلپيني ڇوڪريون بيٺيون آهن. اهي تصويرون اڄ به ڏسي کلندا آهيون ته اهي ڪهڙا ته ڏينهن هئا، جن ۾ مڇريل ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ طوفاني راتين ۾ جهاز هلائڻ وڏي ڳالهه نه هوندو هو، پر نيويارڪ يا لنڊن جي رستن تي واٽ ويندي ڇوڪرين سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍرائڻ جهڙين ڳالهين، پنهنجي ٻٽاڪي دوستن جي وچ ۾ وڏو مان مرتبو رکيو ٿي.
    سو بهرحال ڏاهري ڀائرن پورهيا ڪيا، پئسو بچايو ۽ ان پئسي کي پنهنجي وطن اچي اجاين سجاين ڪاڄن ۽ شوبازيءَ ۾ وڃائڻ بدران زمينون خريد ڪيون ۽ اولاد کي پڙهايو. 1970ع ڌاري بابو عبدالرحمان جو وڏو پٽ ڊاڪٽر شفقت 14 سالن جو مس هو ۽ اڃان مئٽرڪ ۾ به نه پهتو هو ۽ ٻيا ٻار اڃا ننڍا هئس. بابوءَ کي ان وقت کان پنهنجن ٻارن جي تعليم جو وڏو فڪر هو. هو چوندو هو ته مجبورين ڪري اسين ته گهڻو نه پڙهي سگهياسين پر پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيڻ منهنجي اولين ترجيح آهي.
    آمريڪا طرف ڪجهه سال جهاز هلائڻ بعد منهنجو USA ڏي اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو ۽ آمريڪا بدران جهازن کي يورپ ۽ جپان ڏي هاڪاريندا رهياسين. ڪافي سالن بعد موڪلن ۾ ڳوٺ اچڻ بعد هڪ ڏينهن نوابشاهه پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪنهن فنڪشن اٽيند ڪرڻ لاءِ وڃڻ ٿيو، جتي ان ڪاليج جي هڪ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ ڇوڪري مون سان اچي ملي: “آئون ٽنڊو جان محمد جي عزيزه ڏاهري آهيان، منهنجو والد ٻڌائيندو آهي ته هو توهان سان گهڻا سال اڳ نيويارڪ ۾ مليو هو.”
    مونکي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي، ته بابو عبدالرحمان جا نه فقط پٽ پر ڌيئرون به هن جي خواهش مطابق اعليٰ تعليم وٺي رهيون آهن. مون عزيزه ۽ هن جي ڪلاس ميٽ ڇوڪرين سان عزيزه جي والد ۽ چاچي جي ڳالهه ڪئي ته هو ڪيڏا ته محنتي آهن ۽ کين پنهنجي اولاد جو نه فقط اونو آهي ۽ پر پنهنجو عزم پورو ڪري ڏيکاريو اٿن.
    عزيزه ٻڌايو ته سندس وڏو ڀاءُ شفقت LMC مان ڊگري حاصل ڪرڻ وارو آهي ۽ پاڻ ٻئي يا ٽي سال ۾ آهي ۽ کانئس هڪ سال جونيئر سندس ڀيڻ منيزا آهي. اڄ شفقت، عزيزه، منيزا ۽ ان بعد سندس هڪ ٻي ڀيڻ حليما نه فقط ڊاڪٽر آهن پر هو هڪ قسم جون ڪامياب ڊاڪٽرياڻيون آهن ۽ وڏن شهرن جي رونقن ۾ رهي نوڪري ڪرڻ بدران ڊگري ۽ ٽنڊو جان محمد جهڙن ڳوٺن ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر عزيزه جي ڊاڪٽر زاهد ڪاڪيپوٽي سان شادي ٿي ۽ ٻئي ڊگري ۾ پنهنجي اسپتال هلائين ٿا. ڊاڪٽر شفقت ۽ سندس زال ڊاڪٽر فريزه ابڙو ڳوٺ ۾ ئي نوڪري ڪن ٿا. ڊاڪٽر منيزه نواب شاهه جي اسپتال ۾ رجسٽرار آهي، جيڪو سندس مڙس عبدالرزاق چانڊئي جو ڳوٺ آهي. هتي آمريڪا ۾ فقط صديق ڏاهري رهي ٿو ۽ يوسف ڏاهري جو پٽ اسد علي يوسف ڏاهري اڄ ڪلهه گهڻو وقت ڳوٺ ۾ گذاري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هيڏانهن (آمريڪا) جو چڪر هڻندو رهي ٿو. بابو عبدالرحمان سن 2000ع ۾ وفات ڪئي. پاڻ نه فقط ٻارن لاءِ سٺو پيءُ هو، پر سٺو دوست پڻ. بابوءَ جو ننڍو ڀاءُ پنهنجي زال ڊاڪٽر شاهناز (ڊاڪٽر فريده ابڙو جي ڀيڻ) سان گڏ آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي وڏي شهر هيوسٽن ۾ رهي ٿو. ساڻن گڏ ڊاڪٽر منيزه کانپوءِ وارو ڀاءُ فدا حسين به هتي آمريڪا ۾ رهيو ٿي، جنهن جو افسوس ته 1999ع ۾ هڪ آمريڪن شيدي ڌاڙيل هٿان قتل ٿي ويو.
    صديق ڏاهري، فدا حسين کان سال ٻه ننڍو آهي. هو اوڻيهن سالن جو هو ته 1984ع ۾ هتي آمريڪا آيو. سندس شادي اسانجي دوست خورشيد ناريجو جي ڌيءَ ۽ ڪئڊت ڪاليج پيٽارو جي عرفان ۽ فرقان جي وڏي ڀيڻ شازيا سان 1992ع ۾ ٿي، کيس ٽي پٽ عبدالصبور، شهريار ۽ سرفراز ۽ هڪ ڌيءَ سُندس نالي آهي. صديق، يوسف ڏاهري جي پٽ اسد ۽ سندن چاچي محمود جا هن رياست ٽيڪساز ۾ ڪيترائي اسٽور ۽ ٻيو ڪاروبار آهي، جيڪي هو ٻين ساٿين ۽ ملازمن سان گڏجي هلائين ٿا. شايد ڪو سنڌ جو رهاڪو هتي هجي، جيڪو هنن کي نه سڃاڻيندو هجي، جو جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته اتراهن رياستن ۾ مهمانوازي ۽ چنا فئملي آهي، تيئن ڏکڻ ۾ هنن جي ڏاهري فئملي.


    پاڪستان جي شيءِ مفت ۾ به نه کپي

    مون واشنگٽن وڃڻ لاءِ منور لغاري جي ٻڌايل همراهه رميش ٿارواڻيءَ کي فون ڪيو. رميش ٿارواڻيءَ جو فون تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙو ڪڙڪيدار آواز ٻڌي، پهرين آئون دهلجي ويس، ته هي خبر ناهي ڪهڙي قسم جو Serious ماڻهو آهي. پر پوءِ ملاقات بعد خبر پيئي ته بيحد پيارو، حقيقت پسند انسان ۽ هر هڪ جي (چاهي ڪو هندو هجي يا مسلمان، سنڌي هجي يا پنجابي) سچي دل سان مدد ڪرڻ وارو آهي. بعد ۾ منور لغاري به منهنجي ڳالهه ٻڌي کليو هو ۽ چيائين ته رميش جي ان آواز ڪري سندس دوست يار کيس صوبيدار سڏين ٿا.
    رميش مونکي پنهنجي گهر ۽ آفيس جو به فون نمبر ڏنو ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آچر ڏينهن صبح جو نائين بجي ڌاري آئون سندس گهر پهچي وڃان، ته پوءِ اتان سڌو واشنگٽن هليا هلنداسين، ڇو جو اسان جو گهر ڄڻ ڪلفٽن تي هو، ته هن جو سهراب ڳوٺ ڏي. هاڻ هو سهراب ڳوٺ پاسي کان مون ڏي اچي پوءِ خيرپور يا دادو هلڻ لاءِ پويان پير ڪري، تنهن کان بهتر آهي، ته آئون هن وٽ پهچي وڃان ۽ هن جا شهر جي ٽرئفڪ جا ٻه ڪلاڪ بچي وڃن. هن پنهنجا گهر جا پارَ پتا منهنجي ڀاڻيجي ضمير وسطڙو (هيمون) کي سمجھايا. هيمونءَ به فون رکي يڪدم اها Comment ڏني ته وڏو رعب وارو ڀائي آهي. پر پوءِ جڏهن سندس گهر ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري ڪلاڪ بدران ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڏهين بجي پهتاسين، ته هو جيترو عمر جو گهٽ هو اوترو ئي وزن جو ۽ خبر پيئي ته هو به منور لغاري وانگر مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو ئي گرئجوئيٽ آهي ... بلڪه منور کان به ٻه ٽي سال جونيئر آهي.
    نيرن جو پروگرام رميش جي گهر هو، پر جيئن ته اسان نائين بدران ڏهين پهتاسين، سو هو بنا پڇڻ جي اسان جي اڳيان ڪيڪ، پيسٽريون، ۽ پستا بادام رکي چوڻ لڳو ته نيرن ته ڪري آيا هوندائو، ڀلا ڪجهه مٺائي کائو. پاڻ ٻڌائين ته سندس سهري جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري، سندس زال ڊاڪٽر ريکا هن وٽ اسپتال رهيل آهي. “هاڻ فقط آئون ٿو هڪ ڏينهن لاءِ هلان. هونءَ ته مون ٻارن ڪري واشنگٽن ۾ رهائش لاءِ هوٽل به بڪ ڪري ڇڏي هئي، پر هاڻ آئون به رات منور وٽ ئي گذاريندس، جو سڀاڻي صبح جو واپس موٽڻو اٿم.”
    “اهو ته پاڻ سٺو.” مون کيس چيو، “مونکي جي مزو نه آيو ته آئون به توسان موٽي ايندس.” گهر ۾ ته ڪير ڪونه هو سو اٿي فرج کولي ڊبل روٽيءَ جا ٻه چار Slice ڪڍيم.
    “تڪليف نه ڪريو آئون توهان کي ڏيان” رميش چيو.
    “يار هي تنهنجا ڪيڪ پيسٽريون ۽ مٺائي کائي اجائي شگر ليول وڌائڻ نٿو چاهيان. مون نيرن نه ڪئي آهي، سو چانهه سان گڏ هيءَ ڊبل روٽي کائيندس.”
    “پوءِ ته پاڻ اڦراٽو تيار ڪري وٺان، مون توهان جي نيرن لاءِ ڪالهه کان اهو سوچيو هو.” رميش چيو.
    “نه يار هاڻ وري ڪهڙا اٽا ويهي ڳوهيندين، اڳهين دير ٿي وئي آهي، گاڏي ڪڍ ته ڀڄڻ جي ڪيون.” مون چيومانس.
    “دير بلڪل نه ٿيندي. ٺهيل ٺڪيل اڦراٽو آهي، رڳو ٻن منٽن لاءِ اوون ۾ وجھڻو آهي.” رميش چيو ۽ پوءِ فرج مان رنگين ٿيلهي ڪڍي ان ۾ پئڪ ٿيل پنج اڌ ڪچا اڌ پڪا اڦراٽا ڪڍي، چلهه تي رکيائين. ٺهيو! چئبو ته هاڻ آمريڪا ۾ هر ديسي شيءِ ملي ٿي، جنهن لاءِ هتي رهندڙ اسان جا ماڻهو سڪندا هئا. نانن ۽ چپاتين سان گڏ اڦراٽا ۽ اڊلي ڊوسا تائين هتي وڪامن ٿا. مون پلاسٽڪ جو خالي لفافو کڻي ان تي پڙهيو. انڊيا جي ڏاکڻي صوبي تامل ناڊو جي ڪمپنيءَ جا تيار ڪيل اڦراٽا هئا. مونکي حيرت ٿي ته انڊيا جي دڪاندارن، مئنوفيڪچررن، ايڪسپورٽ آفيس وارن ۽ ايئر سروسز جي ڪيڏي Coordination آهي. بمبئي، چنائي، احمد آباد ۽ دهلي ۾ هڪ ڏينهن جون تيار ڪيل نانختايون، ڪيڪ ۽ مٺايون ٻئي ڏينهن نيويارڪ، واشنگٽن ۽ هيوسٽن جي ڳوٺ ڳوٺ جي دڪانن تي پهچيو وڃن. اسان وٽ ٻاروچي باغ يا ٽنڊوقيصر کان ڪراچي انب موڪلڻ به وڏي منزل سمجهي وڃي ٿي ۽ ڀروارين رياستن دبئي، دوها يا ڪويت تائين ته ڪو فروٽ يا ڀاڄي موڪلڻ لاءِ ڄمار لڳيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو نيوجرسيءَ جو هڪ پاڪستاني گجراتي ميمڻ هر سال پاڪستان بدران انڊيا کان انب گهرائي ٿو.
    “سائين پنهنجي ملڪ ۾ سٺو بندوبست هجي، ته ڌارين ڏي ڇو نهارجي.” هن مونکي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. “مونکي ته ڪو پنهنجي ملڪ مان ڪا شيءِ مفت ۾ موڪلي، ته به هٿ ٻڌي انڪار ڪيان جو نقصان ڀرڻ جي مون ۾ همت ناهي.”
    “ڇو ڀلا،” مون پڇيو هئومانس.
    “هڪ دفعي پاڪستان کان انب گهرايا هئم. هتي پهچندي پهچندي ايڏي دير ٿي وئي، جو انهن ۾ ڪينئون لڳي ويو. انبن جي قيمت ۽ ڀاڙو ته کيسي مان ڀريم، پر انهن ڪنن انبن کي Dispose ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هتي جي قانون مطابق پهرين فيوميگيشن وارن کي اطلاع ڪرڻو پيو، جن منهنجي خرچ تي اچي انهن دٻن کي Fumigate ڪيو ۽ پوءِ انهن کي صحيح هنڌ تي ڊمپ ڪرائڻ لاءِ خاص ڪئريئر (مزدا) جو بندوبست ڪرڻو پيو جيڪا وڃي ڏورانهين هنڌ تي ڦٽو ڪري آئي ۽ ٻي پاسي انڊيا جي هر شيءِ اک ڇنب ۾ هتي پهچيو وڃي ۽ انڊيا جا واپاري جهڙو Sample ڏيکاريندا آهن، اهڙو ئي پٺيان مال پهچي ويندو آهي ۽ هر دٻي ۾ جهڙو مٿيون Layer سٺي شيءِ جو هوندو آهي، اهڙو هيٺ تري ۾.


    رميش ٿارواڻي ۽ مکي سروانند جو احوال

    رميش ٻڌايو ته هو 27 آڪٽوبر 1967ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. سندس والد موهن داس ٿارواڻي اسڪول ٽيچر هو، پر هن کي ٻارن جي پڙهائيءَ جو وڏو اونو هو. هن پنهنجي ستن ئي ٻارن کي پڙهايو. رميش جا ٻه وڏا ڀائر نانڪ ۽ هريش ٿارواڻي ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر نانڪ گهوٽڪيءَ ۾ ئي پريڪٽس ڪري ٿو، جتي هنن جو ٻيو نمبر ڀاءُ گوبندرام فارميسي هلائي ٿو. ڊاڪٽر هريش سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري ڪرڻ بعد هتي آمريڪا هليو آيو ۽ اڄ ڪلهه نارٿ ڪئرولينا رياست جي ڊيوڪ يونيورسٽي ۾ ماهر نفسيات آهي. رميش کانپوءِ وارو ڀاءُ درشن ڪراچي ۾ ئي رهي ٿو، جتي هن کي ڪمپيوٽرن جو بزنيس آهي. سندن هڪ ننڍي ڀيڻ جيوانتي هائوس وائيف آهي ۽ ٻي چندرا ڊاڪٽر آهي، جنهن جو مڙس سنيل لال پڻ ڊاڪٽر (ٻارن جي بيمارين جو ماهر) آهي. هنن جيڪب آباد ۾ ئي پرئڪٽس ڪئي ٿي، پر هاڻ دبئي وڃي رهيا آهن.
    رميش پاڻ مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد هڪ ٻن هنڌ نوڪري لاءِ هٿ پير هنيو، پر مهراڻ جي گرئجوئيٽ جو ٻڌي هر هنڌ رُکو جواب ٿي مليو ۽ هو هيڏانهن هليو آيو. هتي پهريائين ته مختلف هنڌن تي odd جاب ڪندو رهيو ۽ اهو ئي محسوس ڪيائين ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ سٺي نوڪري حاصل ڪرڻي آهي، ته هتي جي سسٽم جي ئي تعليم حاصل ڪجي. سو هڪ طرف نوڪري ڪري پئسو گڏ ڪندو رهيو ته ٻئي طرف هتي جي ناليري يونيورسٽي رٽگرز مان گرئجوئيشن به ڪيائين. هاڻ کيس هڪ انجنيئرنگ فرم ۾ سٺي نوڪري آهي. ٽي چار سال اڳ ڪراچي جي ڊاڪٽر ريکا سان شادي ڪيائين. ريکا ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي گرئجوئيٽ آهي ۽ اڄ ڪلهه هتي نيوجرسي ۾ ئي جاب ڪري ٿي. ڊاڪٽر ريکا جو پتا واسديو گولاني ۽ ماتا شاڪان نيو جرسي جي ڀرواري رياست پينسلوانيا ۾ جتان ٿوري دير بعد اسان لنـگھڻ وارا هئاسين، ان جي هڪ شهر لانگهارن ۾ رهن ٿا. واسديو بزنيس مئن آهي ۽ سندس ڳوٺ شايد ڪنڌڪوٽ آهي. ڊاڪٽر ريکا کي هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهي. ڀاءُ سنديپ پيءُ سان بزنيس ڪري ٿو ۽ ڀيڻ شارڌا گولاني پنهنجي مڙس سان گڏ ڊالاس ۾ رهي ٿي. ڊالاس، هيوسٽن ۽ گئلوسٽن، ڪورپس ڪرسٽي، پورٽ آرٿر، پاسادينا وغيره آمريڪا جي سڀ کان وڏي رياست ٽيڪساز جا شهر آهن، جن ۾ ڪيترائي پاڪستاني ۽ انڊين رهن ٿا. اڄ کان ٽيٽيهه چوٽيهه سال اڳ جڏهن اسانکي ٽيڪساز رياست جي بندرگاهن ۽ فئڪٽرين ۾ جهازن کي وٺي وڃڻو پوندو هو تڏهن به ڪافي هم وطني جيڪو ديسي ماڻهو ملندا هئا. اهو لفظ “ديسي” ڏسان پيو ته اڄڪلهه عام استعمال ۾ آهي. يعني پاڪستاني ۽ انڊين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. انهن ڏينهن ۾ اهو لفظ “ديسي” اڃان عام نه ٿيو هو.
    ڊاڪٽر ريکا جو چاچو يعني واسديو گولاڻيءَ جو ڀاءُ مکي سروانند سنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. هو هندو پئنچائت جو مکي ۽ سياستدان پڻ آهي. پاڻ 1980ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو ويو هو. منهنجي ساڻس هڪ ٻه دفعا اليڪ سليڪ الحبيب گارڊن فليٽس واري بلڊنگ (ڪلفٽن) وٽ ٿي هئي، جتي اسان جو جهازي ڪئپٽن رشيد ابڙو صاحب رهيو ٿي ۽ هاڻ ان فلئٽ ۾ انڊس مئگزين جو ايڊيٽر ۽ ڪالم نويس امير ابڙو رهي ٿو. رميش ٻڌايو ته مکي صاحب اڄ ڪلهه غوثپور ۾ رهي ٿو.
    رميش کي ٻه ڪڪيون آهن: وڏي ٽن سالن کن جي ري وا (Reva) آهي ۽ ٻي هاڻ ڄائي آهي جنهن جو نالو ريت (Reet) آهي. رميش ٻڌايو ته ڊاڪٽر ريکا جا والدين هتي گهمڻ آيا هئا. واسديو صاحب کي ڪالهه دل ۾ پرابلم ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ رهڻو پيو.، جتي رميش جي زال ۽ ننڍڙي ڌيءَ به ترسيل آهي. اسان گهر کي تالو هڻي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. مون پنهنجي بئگ هيمون جي ڪار مان ڪڍي رميش جي ڪار ۾ رکي ۽ اسان ڪراسنگ ٽپي ائٽلانٽڪ سٽي ۽ ڪئمڊن ڏي رخ ڪيو ۽ هيمون واپس ايڊيسن (نيوجرسي) ڏي روانو ٿي ويو.


    چڱو جو مون توهان کي جهاز گهمايو

    رميش چيو ته آچر جو ڏينهن آهي، موڪل جو ڏينهن. ڪا جلدي ڪانهي، ان ڪري آرام آرام سان گاڏي هلائيندس، ان ڪري واشنگٽن پهچڻ تائين اڍائي ڪلاڪ لڳي ويندا. آئون رميش جو منهن ڏسڻ لڳس. هو بلڪل Cool ۽ ڪمپوزڊ لڳي رهيو هو. مڃان ٿو ته منهنجو واسطو پاڻيءَ جي جهازن (Ships) سان رهيو آهي، جيڪي سڀني ڪل جي سوارين کان آهستي هلن ٿا، پر نقشي تي ڏسڻ سان به اها idea ٿيو ٿي ويئي، ته رميش جي گهر کان ائٽلانٽڪ سٽي، فلڊلفيا ۽ بالٽيمور لتاڙي واشنگٽن تکو تکو پهچڻ ۾ به ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن، پر رميش پڪ ڪنهن سرڪس جي “موت جي کوهه” ۾ ڦٽ ڦٽي موٽر هلائي هوندي جو واقعي سندس اندازي مطابق واشنگٽن ايترو جلد پهچي وياسين. رستي تي پينسلوانيا جي شهر فلڊلفيا ۽ ميئريلنڊ جي شهر بالٽيمور جي هڪ ٻن گهٽين جو ڦيرو به ڪرايائين. سڄي واٽ اسان سنڌ ۽ ان جي مسئلن تي ڳالهائيندا رهياسين. پنهنجي ملڪ ۾ واندڪائي هوندي به اخبار پڙهي نٿي ٿئي، پر هتي سالن کان پرديس ۾ رهندڙ هي همراهه هر ڳالهه کان پاڻ کي ڪيڏو ته Update رکن ٿا! انٽرنيٽ ذريعي نه فقط اخبار جي هڪ هڪ خبر پڙهن ٿا، پر مختلف فورمن، سنگتن، Yahoo گروپن ذّريعي انهن تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪن ٿا. سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو، صحت ۽ تعليم جو مسئلو، بيماري ۽ بيروزگاري جو مسئلو ... وغيره وغيره ... ان کان علاوه رسول بخش پليجو صاحب هئين ٿو چوي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ بشير قريشي جو هي موقف آهي. تعليم ۽ ٽيچرن بابت لياقت عزيز هي حل بيان ڪيا آهن. انعام شيخ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون ساهه ڦوڪيو آهي ... فلاڻا فلاڻا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو نوڪري ۽ محنت ڪرڻ بدران NGO جو خيراتي پئسو هڙپ ڪري رهيا آهن.... قاضي ڀائرن ۽ راڄپر صاحب سنڌي جا چئنل کولي ماڻهن لاءِ وندر ۽ awareness پيدا ڪئي آهي..... وغيره وغيره. رکي رکي رميش جي موبائيل فون جي گهنٽي وڳي ٿي. هڪ ٻه دفعو اڳيان پويان جو جائزو وٺي فون کي ڪن تي رکيو ٿي، پر پوءِ اهو جوکم جو ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي موبائيل فون ۾ تار Plug in ڪري ايئر فون ڪن ۾ وجھي ڇڏيائين. ياد رهي ته هتي ڊرائيونگ وقت فون کي هٿ سان کڻي ڪن وٽ جھلي ڳالهائڻ جي پابندي آهي، جو هڪ ته ڳالهائڻ ڪري ماڻهوءَ جو ذهن ڊرائيونگ کان هٽيو وڃي ۽ ٻيو ٻن هٿن بدران فقط هڪ هٿ اسٽيرنگ کي سڌو رکڻ ۽ ڪلچ بدلائڻ لاءِ وڃيو رهي.
    هڪ دفعي ڪنهن جي فون اچڻ تي پنهنجي سهري جي طبيعت جو هن کي ٻڌائي، پوءِ مون بابت ٻڌائڻ لڳس ته مونکي واشنگٽن وٺيو پيو وڃي ۽ پوءِ ڪنن مان ear phone ڪڍي موبائيل فون منهنجي حوالي ڪندي چيائين، “منهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر هريش ڪئرولينا کان آهي، توهان کي سڃاڻي ٿو.” خوش خير عافيت ڪرڻ بعد چيومانس ته توهان پڪ منهنجو ڪو ڪالم اخبار ۾ پڙهيو هوندو.
    “اهو به پڙهندو رهان ٿو، پر توهان سا ملاقات به ٿيل آهي.” هن ٻڌايو. “ڪيئن ڀلا؟” مون حيرت مان پڇيو جو آئون نه ڪڏهن ڪنڌ ڪوٽ ويل هوس، نه ڪئرولينا رياست ۾.
    “توهان اسان کي جهاز گهمايو هو. انهن ڏينهن ۾ آئون سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ شاگرد هوس ۽ اتي جي هاسٽل ۾ رهندو هوس.” ڊاڪٽر هريـش ٻڌايو.
    منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته ڪراچي واري Stay ۾ هڪ ته روزانو پنهنجن اديب دوستن کي جهاز تي گهرائيندو هوس، ته اچي جهاز ڏسن ۽ ماني به کائين. انهن ۾ ان وقت ڪراچي ۾ قمر شهباز، تاج بلوچ، شمشير الحيدري، مرحوم جعفري، نسيم کرل جن هوندا هئا. ان کان علاوه NED، ڪراچي يونيورسٽي، ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۽ SMC جهـڙن تعليمي ادارن مان اندروني سنڌ جي شاگردن کي جهاز تي وٺي ايندو هوس، جيئن هو جهاز ۽ سامونڊي زندگي کان واقف ٿي، پاڻ نه ته پنهنجن ننڍن ڀائرن، سوٽن ماساتن کي هن نوڪري لاءِ اتساهه ڏيارين. تن ڏينهن ۾ جهاز ٺهڻ ۽ هلڻ جي ڌم لڳي پيئي هئي. هلائڻ وارن آفيسرن جي سڄي دنيا ۾ کوٽ هئي ۽ هاڻ هريش جهاز جي اها Visit ياد ڪري، مونکي پنهنجي رياست ۾ هن جو مهمان ٿي وڃڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو.
    “يار چڱو جو مون توهان جهڙن نوجوانن کي جهاز گهمايو ۽ مفت جي ماني کارائي توهان تي ٿڌو ٿورو ڪيو.” مون کلندي کيس وراڻيو، “حياتي رهي ته ٻي ڪنهن دفعي ضرور ملاقات ٿي ويندي.”
    مون رميش کي ٻڌايو ته سندس پروفيسر ۽ نيويارڪ يونيورسٽي وارو Dean ڊاڪٽر الطاف ميمڻ به جڏهن ڪراچي ۾ BE ڪري رهيو هو، ته هڪ دفعي ميٺارام هاسٽل جي دوستن سان گڏ جپان کان آيل اسان جي جهاز تي آيو هو. مون کي ته ياد ناهي، جو خبر ناهي ڪير ڪير پيا ايندا هئا، پر پاڻ جتي ٿو ملي ته جهاز گهمڻ واري ڳالهه ٿو ڪري، تنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر هريش وانگر ڊاڪٽر الطاف ميمڻ اڄ ڏينهن تائين خبر ناهي ڪيترن هوائي ۽ پاڻي جي جهازن ۾ سفر ڪري چڪو هوندو، پر هن کي به اڄ تائين اهو ٻاروتڻ وارو جهاز گهمڻ وارو واقعو ياد آهي ۽ ان مان متاثر آهي. اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس ان ڪري چوندو هو ته ٻار کي هميشه ننڍي هوندي اهڙيون شيون، شهر ۽ فيڪٽريون، ڪارخانا ڏيکارڻ کپن جو ان عمر ۾ هو صحيح معنيٰ ۾ enjoy ڪري ٿو.


    ائٽلانٽڪ سٽي جوا خانن کان مشهور آهي

    رميش سڄي سفر ۾ ڳالهائيندو رهيو. هو سڄي واٽ هِتي هُتي جون نه فقط خبرون ٻڌائيندو هليو، پر پڇندو به رهيو. کيس سوال پڇڻ جو وڏو ڏانءُ آهي ۽ بيحد ذهين نموني جا ۽ to the point سوالَ ڪيائين ٿي. پهرين مون ٿورو offended محسوس ڪيو، پر پوءِ يڪدم سمجھي ويس ته هن جو هر سوال سچائي، معصوميت ۽ ساڻيهه لاءِ بي پناهه سڪ تي مبني آهي. ٻئي جو اندر کولڻ يا ضِروري معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مختصر توريل تڪيل سوال ڪرڻ به هڪ وڏو آرٽ آهي. پنهنجي شاگرديءَ ۽ ماستري واري دور ۾ رميش جي مقابلي جا هن وقت فقط ٻه ماڻهو ڌيان ۾ اٿم. هڪ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ حيدرآباد جو انور ميمڻ، جيڪو اڄ ڪلهه ڪئناڊا ۾ آهي ۽ ٻيو نيول اڪيدمي ۾ تعليم دوران منهنجو ڪلاس ميٽ راشد ڪاظمي. راشد ڪاظمي به مون وانگر جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو ۽ پوءِ ڪئين سال مختلف ڪمپنين جا ڪارگو، پئسينجر ۽ ٽينڪر جهاز هلائڻ بعد اڄ ڪلهه جدي ۾ هڪ سعودي عرب ڪمپني جو چيف آهي. هنن ٻن کي به رميش ٿارواڻيءَ وانگر سوال پُڇڻ جو ڏانوُ هو.
    رميش جي ڳالهين مان لڳو ته هن کي تعليم جو وڏو فڪر آهي. هو سنڌ جي مڙني مسئلن جو حل بنيادي طرح تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏسي ٿو. تعليم اسان کي سماجي ۽ معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جي واسطيدار ماڻهن ئي تعليم کان ڏور رکي جاهليت جي اونداهي سمنڊ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. تعليم جي favour ۾ ڳالهائڻ رميش لاءِ obvious هو، جو هن جو جنم هڪ اهڙي ڪٽنب ۾ ٿيو، جتي سندس پتا گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال جي باوجود تعليم کي ترجيح ڏني ۽ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري، نه فقط پٽن کي پر ڌيئرن کي به پڙهايو. اڄ اها تعليم ئي آهي، جنهن ڪري هڪ پرائمري اسڪول جي ماستر جا ٻار دنيا جي امير، ماڊرن ۽ طاقتور ملڪ USA ۾ اعليٰ عهدن تي فائز آهن ۽ اهڙا ڪيترائي سرندي وارا جن قدرت طرفان مليل هر سهوليت جي باوجود پنهنجن ٻارن کي نه پڙهايو ۽ انهن جي دماغ ۾ اهوئي وڌو ته ابي ڏاڏي جون ملڪيتون جام آهن ۽ محنت ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اڄ انهن جو اولاد چند ايڪڙ زمين جي ورهاڱي ۽ واٽر ڪورس جي ورڇ تان هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽي رهيا آهن ۽ تر جي پوليس توڙي وڪيل هنن جو کيسو خالي ڪري رهيا آهن.
    “سائين چانهه پيئڻ جو موڊ ٿئي ته ٻڌائجو.” جيئن ٽي وي تي گفتگو يا ڊرامي دوران ڪمرشل بريڪ ٿيندي آهي، تيئن رميش خبرن چارن جي وچ وچ ۾ چانهه جو به پڇندو رهيو. اسان هاڻ نيوجرسي جا مختلف وڏا شهر نيو ارڪ، ايلزبيٿ، نيو برنس وڪ، پرنسٽن لتاڙي نيو جرسي ۽ ڀرواري رياست پينسلوانيا جي بارڊر واري شهر ٽرينٽن اچي پهتا هئاسين. نيو جرسي جو هڪ ٻيو نئون اڀرندڙ شهر ائٽلانٽڪ سٽي به جيڪو مونکي سڀ کان گهڻو وڻيو آهي، بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هي شهر هونءَ ته جواخانن ۽ ڪئسينن (Casinos) کان مشهور آهي، پر سمنڊ جي ڪناري تي لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽن) وانگر هن تي به ٻارهوئي ماڻهن جو ميلو لڳو رهي ٿو. توهان کي هتي ڀانت ڀانت جا ميلا ملاکڙا ۽ دنيا جا قسمين قسمين ماڻهو نظر ايندا. بهرحال هي شهر (ائٽلانٽڪ سٽي سمجھيو ته) بلڪل ٻئي پاسي سجاول ڏي ٿيو. اسان کي سمجھيو ته نواب شاهه وڃڻو هو ۽ هاڻ ڪوٽڙي حيدرآباد وٽ پهچي ويا هئاسين. اسان کي نيو جرسي رياست جي شهر ٽرينن کان درياهه ٽپي، ٻئي پار حيدرآباد يعني پينسلوانيا رياست جي وڏي شهر فلڊلفيا وٽان لنگھڻو هو. هتي هنن ٻن شهر (ٽرينٽن ۽ فلڊلفيا) بلڪه ٻن رياستن (نيو جرسي ۽ پينسلوانيا*) کي ڌار ڪرڻ لاءِ سنڌونديءَ بدران ڊيلاويئر ندي آهي.


    ڊيلاويئر ندي ۽ چيزاپيڪ خليج

    هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته آمريڪا جي انيڪ ندين مان ڊيلاويئر (Delaware) هن تر جي مشهور ندي آهي، جيڪا ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ هن جي نالي سان ڊيلاويئر رياست به آهي، جيڪا ميريلئنڊ، پينسلوانيا ۽ نيوجرسي رياستن جي وچ ۾ خليج ڊيلاويئر ۾ آهي، يعني ڊيلاويئر ندي جي ڇوڙ وٽ، جتي هيءَ ندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ملي ٿي. ڊلائيور رياست Rhode Island واري رياست کانپوءِ سڀ کان ننڍي آهي. کيس آمريڪا جي Diamond State شايد ان ڪري ٿا سڏين، جو اها هيري وانگر ننڍي پر تمام امير رياست آهي.
    ڊيلاويئر ندي چار سئو ميلن (650 کن ڪلوميٽرن) کان به ڊگهي آهي ۽ مٿان اتر کان نيويارڪ ۽ پينسلوانيا رياست جو بارڊر ٺاهيندي، هيٺ نيوجرسي ۽ پينسلوانيا جو بارڊر ٺاهي ٿي ۽ اڌ گابر کن نيوجرسي ۽ ڊيلاويئر رياستن جو به بارڊر ٺاهي ٿي.
    نيوجرسي جي جنهن شهر ٽرينٽن وٽ اچي اسان پهتا هئاسين، اهو هن نديءَ جي ڪناري وارو شهر آهي، جتان پوءِ هيءَ ندي ڪجهه ويڪري به ٿئي ٿي. مستقل ڊريزنگ (کوٽائي) ذريعي نديءَ مان گپ ۽ رءُ ڪڍي، کيس نيويگيشن لاءِ اونهو، بهتر ۽ سلامت بنايو وڃي ٿو، جو ايتري قدر جو ڪجهه فاصلو اڳتي (ٽيهارو کن ميل سمنڊ ڏي) فلڊلفيا ۽ ڪئميڊن بندرگاهه آهي، جتي اسان جا وڏا جهاز: مالاڪنڊ، شالامار ۽ سندربن جهڙا اچي لنگرانداز ٿيندا هئا.
    آمريڪا جي هن اڀرندي ڪناري تي رهندڙ اسانجا ماڻهو، يعني جيڪي نيويارڪ، نيوجرسي، ڊيلاويئر، ميريلئنڊ، پينسلوانيا ۽ ورجينا جهڙين رياستن ۾ رهن ٿا، جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو ڇُهي ٿو، ان کان علاوه سامونڊي دنيا سان واسطو رکندر جهازي، جاگرافي ۽ تاريخ جا شاگرد ۽ ناول پڙهڻ جا شوقين ڊيلاويئر خليج (Bay) ۽ چيزاپيڪ خليج کان ضرور واقف هوندا.
    پاڻيءَ جي جهاز ۾ جيئن ئي آفريڪا کنڊ يا يورپ کان اچجي ٿو ته ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ بعد آمريڪا جا کنڊ نظر اچن ٿا. يعني اتر آمريڪا (جنهن ۾ USA ۽ ڪئناڊا آهن) ۽ ڏکڻ آمريڪا (جنهن ۾ ڪولمبيا، برازيل، چلي، پيرُو جهڙا ڪيترائي ملڪ آهن) اچن ٿا. اسان اتر آمريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، خاص ڪري USA جي جنهن جا نيويارڪ، نيوارڪ، ٻالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نورفولڪ جهڙا بندرگاهه سامهون اچن ٿا. جن تائين پهچڻ لاءِ خليجن ۾ گهڙڻو پوي ٿو. جيئن بنگلاديش جي بندرگاهه چٽاگانگ ۾ پهچڻ لاءِ هندي وڏو سمنڊ لتاڙي، پوءِ خليج بنگال واري سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ڪرنا ڦلي، هگلي ۽ گنگا ندين جهڙيون ننڍيون وڏيون نديون اچيو ڇوڙ ڪن، جن جي منهن وٽ يا ندين ۾ اندر چٽگانگ، کُلنا ۽ ڪلڪتي جهڙا بندرگاهه آهن. تيئن هيڏانهن آمريڪا ڏي به وڏا خليج آهن، ڊيلاوئر بي جنهن ۾ اهم ۽ ڊگهي ندي ڊيلاوئر اچيو ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٻيو چيزاپيڪ بي آهي، جيڪو منهنجي خيالَ ۾ USA جو وڏي ۾ وڏو خليج ۽ ندين جو ڇوڙ (estuary) آهي، جنهن جي پاسن کان ورجينيا ۽ ميريلينڊ رياستون آهن. هن خليج ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون ۽ نهرون (Streams) اچيو ٿيون ڇوڙ ڪن. هي پيالي جهڙو خليج اتر کان ڏکڻ تائين 190 کن ميل (300 ڪلوميٽر آهي). يعني سڀ کان مٿي ميريلينڊ جي شهر Aberdeen کان وٺي جتي “سس ڪُئي حَنا” Susquehanna ندي اچيو ٿي ڇوڙ ڪري، اتان کان وٺي ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين ۽ ويڪر ۾ به جتي سوڙهي کان سوڙهو آهي، اتي به چار ميل کن آهي. اهو هنڌ ميريلئنڊ جي شهر اناپولس (Annapolis) وٽ آهي. اناپولس ميريلئنڊ رياست جي گادي جو شهر به آهي، جتي سنڌي جو مشهور ليکڪ ۽ ملير ڊائجسٽ جو ايديٽر اعجاز ابڙو، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊاڪٽر منور عباسي، دادو پاسي جو غلام مصطفيٰ پلهه ۽ ٻيا رهن ٿا. هنن وٽ پڻ ڪجهه ڏينهن رهڻ ٿيو، جن هن جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين،. هتي فقط اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته آمريڪا جو هي “چيزاپيڪ بي” تمام وڏو آهي، جنهن ۾ اسان جو جهاز جيئن ئي گهڙندو هو ته چوڌاري مختلف ملڪن جا سوين نه پر هزارين جهاز نظر ايندا هئا ۽ هن خليج ۾ گهڙڻ کانپوءِ به بالٽيمور جهڙن بندرگاهن ۾ پهچڻ لاءِ خليج جي اندرين سمنڊ ۾ ڏينهن رات (چوويهه کن ڪلاڪن) جي Steaming ڪرڻي پوندي هئي. خليج اندر ڪيترائي ننڍا وڏا، ظاهر ۽ لڪل ٻيٽ هجڻ ڪري ۽ چوڌاري لنگر انداز ٿيل جهازن جي ڪري جهاز جي نيويگيسن (جهاز کي هلائڻ) ڏکيو ڪم ٿي پوندو هو. پر اهو آهي ته چوڌاري ڌرتي هجڻ ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ جي طوفانن ۽ وڏين ويرن کان بچاءُ هوندو هو. باقي سياري وارن ڏينهن ۾ جڏهن گهاٽو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل رهي ٿو ته پوءِ جهاز پاڻ هلائڻ بدران پائلٽ کي کڻڻو پوي ٿو. جهازي دنيا ۾ پائليٽ ان بحري جهاز جي ڪئپٽن کي سڏبو آهي، جيڪو بندرگاهه جي آفيس ۾ رهي ٿو ۽ هن کي ان بندرگاهه جي تفصيلي معلومات ٿئي ٿي. جيئن سانوڻي (جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن) ۾ ڌارين ملڪن جا آيل جهاز ڪراچي يا پورٽ قاسم ۾ گهڙڻ لاءِ اتان جا مڪاني پائليٽ کڻندا آهن. اهي پائليٽ بوٽ ۾ چڙهي کلئي سمنڊ ۾ ڌارئين ملڪ جي جهاز جي آڌرڀاءُ ڪندا آهن ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ذميواري هيٺ بندرگاهه ۾ اندر وٺي جيٽي (ڌڪي) سان ٻڌرائيندا آهن. پائليٽ مهيا ڪرڻ جي بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان لکها رپيا في وٺن ٿا. يعني بندرگاهه وارن جي سٺي ڪمائي تڏهن آهي، جڏهن هنن جي بندرگاهه جي approach ڏکي هجي يا هوا ۽ ڌنڌ هجي.


    چيزاپيڪ خليج جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب

    بهرحال سامونڊي جهاز هلائيندڙن کي خبر آهي ته سامونڊي نوڪري جو مزو تڏهن ناهي، جڏهن ڪو جهاز وڏو يا اوچو هجي يا وري ڪو خوبصورت بندرگاهه هجي، پر جهازي تڏهن خوش آهن، جڏهن Smooth Sailing آهي ۽ اها آرمده Sailing ملاڪا جهڙي ڳچي سمنڊ Malacca Strait، ڪنهن مسي سپي جهڙي نديءَ ۾ (جتي نيو اوورلينس جو بندرگاهه آهي) يا وري ههڙن خليجن (Gulfs) ۾ رهي ٿي. هن چيزا پيڪ خليج جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. هڪ دفعو داخل ٿيندا هئاسين ته مهينا چٽ. تن ڏينهن ۾ سامان لاهڻ چارهڻ جا اڄ جهڙا ماڊرن طريقا نه نڪتا هئا، جو ٽن چئن ڏينهن ۾ جهاز خالي ٿي وڃي يا ڀرجي وڃي. بالٽيمور لاءِ ٿورو گهڻو سامان آڻيندا هئاسين، ته به ٻه اڍائي هفتا اسانجو جهاز بندرگاهه ۾ هوندو هو ۽ اسين بالٽيمور اسٽريٽ تي. ورري اتان نڪري ڪلاڪ کن جي steaming ڪري بندرگاهه کان ٻاهر لنگر ڪيرائي اچي بيهندا هئاسين. بندرگاهه ۾ وڃڻ تي دل چوندي هئي ته پنهنجي جهاز جي لائيف بوٽ (لانچ) لاهي يا بندرگاهه جي لانچ کي ڀاڙو ڏيئي هليو وڃبو هو ۽ پوءِ هفتي اڌ بعد سامان چاڙهڻ لاءِ وري ساڳي بندرگاهه ۾ وڃبو هو يا هن خليج جي ٻين بندرگاهن: انا پولس، ڪئبرج، گلين برني يا پوٽو مئڪ (Potomac) نديءَ ۾ اندر گهڙي واشنگٽن هليا ويندا هئاسين ۽ پوءِ جڏهن هن خليج چيزاپيڪ جي بندرگاهه مان واندا ٿيندا هئاسين، ته هن خليج مان نڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ جهاز هلائي، مٿي اتر طرف ڊيلاويئر خليج ۾ گهڙي پوندا هئاسين، جتي ويلنگٽن، ڪئمبڊن ۽ فلڊلفيا جهڙن خاص بندرگاهن ۾ سامان لاهيندا چاڙهيندا يا جهاز جي repair ڪرائيندا وتندا هئاسين. يعني هن پاسي اسان جي قسمت ۾ sailing گهٽ هوندي هئي ۽ هڪ جهاز هلائيندڙ جو خواب ئي ڪهڙو آهي؟ اهوئي ته ڏينهن رات اوجاڳا ڪري سمنڊ تي جهاز هلائڻ ۽ طوفانن ۽ ويرن کي منهن ڏيڻ ۽ انجڻ خراب ٿيڻ تي، ان سان مٿا ڪٽ ڪرڻ بدران جهاز بندرگاهه ۾ يا ائنڪر تي لنگر انداز حالت ۾ هڪ هنڌ بيٺو هجي، جو اتي، سامان لاهڻ چاڙهڻ جو ڪم، مڪاني آفيس وارن کي ڪرڻو پوي ٿو. جهاز بندرگاهه ۾ آهي ته جهاز جي انجڻ جي مرمت ۽ maintenance کان به اسان بچيو وڃون ۽ بندرگاهه جي ڪنهن ورڪشاپ يا شپ يارڊ جا ماڻهو اچيو ڪن.
    بهرحال چيزاپيڪ خليج جي هڪ پنهنجي قدرتي سونهن، تواريخي اهميت ۽ جاگرافيائي location آهي، جيڪي شيون هن خليج جي علائقي کي مشهوري ۽ رومانيت بخشين ٿيون. بلڪ هن خليج ۾ جهاز کي وٺي اچڻ کان اڳ مون هن جو نالو پنهنجي دلپسند ليکڪ جيمس مچنر جي ناول ۾ پڙهيو، جنهن ناول جو نالو ئي Chesapeake آهي، جنهن ۾ مچنر هن علائقي ۾ 1583ع کان رهندڙ فئملين بابت لکيو آهي. هڪ دفعي ويندي ان “مورس اِن” ريسٽورينٽ ۾ وڃي ڪافي پيتي هيم، جنهن ۾ هن ڪتاب جو ليکڪ مچنر هتي جي مشهور ڊش “ڳاڙهو کيکڙو” ويهي کائيندو هو. اها ريسٽورينٽ جيمس مچنر جي نالي سان ائين مشهور آهي، جيئن سنگاپور جي ’رئفلس هوٽل‘ سمرسيٽ ماهم کان، جيڪو ان هوٽل ۾ هفتن جا هفتا رهي، مختلف ملڪن کان ايندڙ جهازين جون ڪهاڻيون لکندو هو. هن خليج (Chesapeake Bay) تي يا ان جي پس منظر ۾ ڪيترائي ناول ۽ ڪتاب لکيل آهن ۽ ضرور فلمون به ٺهيل هونديون، جن مان شايد ڪيترائي واقف هجن. ڪا فلم هن وقت ڌيان ۾ نه پئي اچي، پر جيمس مچنر جي مٿئين ڪتاب کان علاوه چار پنج ٻيا ڪتاب جيڪي هن خليج جي پس منظر ۾ لکيل آهن ۽ منهنجي نظرن مان گذريا آهن، اهي هن ريت آهن ۽ ٿي سگهي ٿو مطالعو ڪرڻ جو شوقين يا هن خليج جي شهرن ۾ رهندڙ اسان جو ڪو هم وطني پنهنجي معلومات ۽ دلچسپي لاءِ پڙهڻ چاهي.

    1. The Waterman: A Novel of the Chesapeake Bay
    By: Tim Junkin Chesapeake Spring … By: John W. Tayler
    2. The Chesapeake Bay Book: A Complete Guide
    By Allison Blake, Tom Dove
    3. Chesapeake Boyhood: Memories of a Farm Boy
    By William H. Tuner
    4. The Chesapeake in the Seventeenth Century
    By Thad W. Tate, David L. Ammerman
    5. Shipwrecks on the Chesapeake … By Donald G. Shomette
    6. Ghost Fleet and Other Tales of the Lost Chesapeake
    By Donald G. Shomette
    7. Pirates on the Chesapeake … A True History of Pirates, Picaroons, and Raiders on Chesapeake Bay …By: Donald G. Shomette
    8. Awesome Chesapeake
    By David Owen Bell, Marcy Dunn Ramsey
    هونءَ چيزاپيڪ فقط هن سامونڊي خليج جو نالو ناهي، پر چيزاپيڪ ميريئلنڊ رياست جي هڪ شهر جو به نالو آهي، جتان هڪ ڪئنال (Canal) لنگهي چيزاپيڪ ۽ ڊيلاويئر خليجن کي ڳنڍي ٿو، جتان ننڍڙيون ٻيڙيون لنگهي، هن پاسي ڊيلاويئر رياست جي “ڊيلاويئر سٽي” کان وڃيو نڪرن. 1799ع ۾ آمريڪا وٽ هڪ جنگي جهاز (فريگيٽ) هو، ان جو نالو USS Chesapeake پڻ هو جيڪو هن خليج تان رکيل هو. چيزاپيڪ خليج اهو علائقو آهي، جتي 1781ع ۾ آمريڪا جي انقلابي جنگ جي فيصلي واري نيول ويـڙهه فرانس جي جنگي ٻيڙي ۽ برطانيا جي رايل نيوي وچ ۾ لڳي هئي. اڄ آمريڪا جو مشهور “ڪال ورٽ ڪلفس” نيو ڪليئر پاور پلانٽ پنهنجا Reactors ٿڌا رکڻ لاءِ هن خليج جو پاڻ استعمال ڪري ٿو.


    فلڊلفيا جي ڪارن (شيدين) سان ڪير نه پُڄي

    “ڪالهه جي ڪاوش اخبار پڙهي اٿانو؟” ڳالهين دوران رميش ٿارواڻيءَ پڇيو: “ ان ۾ توهانجي ڳوٺائي ڪالم نويس منوج ڪمار ڏاڍي سٺي ڳالهه لکي آهي.”
    “ٻن ٽن ڏينهن کان هل هلان ۾ آهيان ڪمپيوٽر اڳيان ويهي اخبار پڙهڻ جو موقعو نه مليو آهي. هونءَ منوج سماجي ۽ تعليمي مسئلن تي تمام سٺو ٿو لکي.” مون وراڻيومانس.
    “هن نظام جي تبديليءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه واهه جي لکي آهي ته اسان جي عورت کي سماج جي تبديلي ۽ ان کي بهتر ۽ انصاف ڀريو ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کپي. پنهنجي جدوجهد ۽ حاصلات کي عورت جي حقن تائين محدود نه رکڻ کپي. سندن جنگ مخالف جنس سان نه، پر ان نظام خلاف ويڙهه هجڻ کپي جنهن جي گهاڻي ۾ اسين سڀ پيڙهجون پيا.” رميش ٻُڌايو.
    “اسان وٽ سنڌ ۾ عورت تي ٿيندڙ ظلمن کي مردن پاران ظلم ڏيکاري، عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ ڏار وڌا پيا وڃن.”
    “انهن ئي ڳالهه جي منوج نشاندهي ڪئي آهي ته ڇا نام نهاد فيمينسٽ نه ٿيون ڄاڻين ته سنڌ ۾ عورت تي ظلم هن نظام جي بيماري آهي ۽ نه ڪي ان جو بنياد بائلاجيڪل فرق آهي. اڄ يورپ ۾ ته ڪٿي به عورت ڪاري ڪري نٿي ماري وڃي ۽ نه ئي ان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته اتي مرد جي جنس ناهي، پر ان ڪري جو اتي هاڻ اسان جهڙو جاگيرداري نظام نه آهي، جنهن نظام عورت کي مجبور ڪيو آهي.”
    “اڄ جون فيمينسٽ جڏهن ورجاءُ ڏئي چون ٿيون ته سندن لکڻين جي ڪري جاگيردار، وڏيرا ۽ ڀوتار ردعمل نٿا ڏيکارين، ته فيمينسٽ بلڪل صحيح آهن ... ڇاڪاڻ ته سندن لکڻين مان جاگيردارن يا هن نظام کي ڪو به خطرو نه آهي. سندن لکڻيون هن سماج ۽ نظام جي خلاف نه آهن. ظالم وڏيرا، ڀوتار، پير مير، سردار خوش آهن ته اها جنگ هاڻ نظام جي خلاف جنگ نه، پر هڪ جنس جي ٻي جنس خلاف جنگ آهي ۽ اها ڀلي لڳي رهي ۽ عوام جو ڌيان اصل مسئلن کان هٽيل هجي. پر پڙهيل ڳڙهيل طبقو ان ڳالهه کي سمجھي ٿو ته ذات، قبيلن، برادرين ۽ طبقن ۾ ورهايل سنڌ هاڻ جنس ۾ ورهائجڻ لائق نه آهي.”
    “رميش! توکي ائين نٿو لڳي ته تون ٽريڪ تان هٽي ويو آهين؟” مون رميش کي چتاءُ ڏنو.
    “ڇا مطلب؟ آئون پنهنجي ڳالهه نه پيو ڪريان، آئون توهانکي منوج ڪمار جي ڏيکاريل راهه پيو ڏيکاريان.”
    “آئون ان راهه ۽ رستي جي ڳالهه نه پيو ڪريان، آئون تنهنجي آمريڪي حڪومت جي هاءِ ويز، ٽرن پائيڪ، انٽراسٽيٽ رستن، ٽال روڊ ۽ Access روڊن ۽ routes جي پيو ڳالهه ڪريان ته ٻهراڙي وٺي هلڻ بدران فلڊلفيا شهر لاءِ exit پيو وڃين.”
    “ها اهو رستو مون پاڻ ئي کنيو آهي ... توهانکي هي شهر فلڊلفيا ڏيکارڻ لاءِ. ڏٺو مون به چڱي طرح نه آهي، مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي يا پرائي ويزا، پاسپورٽ يا سوشل ڪارڊ renew ڪرائڻو پوندو آهي ته اچي نڪربو آهي.”
    “رميش توهان مون لاءِ اجائي تڪليف ورتي. هاڻ ته شهر اندر به گهڙي آيا آهيون، ته بس مارڪيٽ اسٽريٽ تي هل ته هڪ Starbucks جي ريسٽورينٽ ۾ ڪافي پيون، جتي جوانيءَ جي ڏينهن ۾جهاز کان شهر ايندي ويندي پيئندا هئاسين.”
    “چئبو ته فلڊلفيا توهان جو اچڻ وڃڻ رهيو آهي.” رميش پڇيو.
    “اچڻ وڃڻ به ڪو اهڙو تهڙو، هِتان هُتان ڦري گري جهاز کي وري فلڊلفيا موڙي ايندا هئاسين. منهنجي خيال ۾ مون چٽاگانگ، حيدرآباد، هالا ۽ ڪراچي جي گهٽين ۾ ايترو نه گهاريو هوندو، جيترو هن شهر فلڊلفيا ۽ خليج چيزاپيڪ جي بندرگاهه بالٽيمور ۾ وقت ضايع ڪيو هوندو.”
    “ٻڌو اٿم ته هتي ڪارَن جو وڏو هولڊ آهي؟” رميش چيو.
    “هولڊ ڇا ڌوڙ آهي، گورا محنتي ۽ نوڪرين ۾ آهن ... ڪارا شيدي اسان وانگر ٽوٽي ۽ رولاڪ، سو صبح پهر به هر گهٽي جي چوراهي وٽ ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا ۽ وتندا هئا ايندڙ ويندڙ سان کشٽ ڪندا. اسانجي هڪ جهاز تي سڀ کان گهڻو ڦڏي باز Crew هتي آيو هو، تن ۾ وري هڪ مڪراني دادا هوندو هو. ڏهه کن ڏينهن کان پوءِ جڏهن جهاز فلڊلفيا جي بندرگاهه کان ٻاهر نڪتو ته شهر کي ڀونڊو ڏيئي هي مڪراني دادا مونکي ٿو چوي: “سائين هن بندرگاهه جا شيدي وڏا لاهه آهن. اهي نه هجن ته پوءِ ٻئي نمبر تي پاڻ پاڪستاني آهيون.”
    رميش وڏا ٽهڪَ ڏيئي کلڻ لڳو.
    “چيومانس “قاسو مڪراني! ڀلا ٻيا ماڻهو پورٽيويڪن، ميڪسيڪن، جئميڪن ۽ گئاٽمالن جيڪي پيا ڦرن، اهي ڪهڙي نمبر تي آهن؟”
    وراڻيائين، “سائين اهي سڀ پڇڙيءَ جا زميندار آهن.”


    ڊاڪٽر خورشيد چنا ۽ ڊاڪٽر نصرت قاضي آمريڪا ۾

    ڀلا انهن ڏينهن ۾ ڪي سنڌي هتي هئا؟” رميش پڇيو.
    “نه ايترا نه هئا. جيڪي هئا تن جي گهڻائي نيويارڪ، هوسٽن، واشنگٽن ۽ لاس اينجلس پاسي هئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ گرئجوئيٽ ڊاڪٽر نصرت قاضي درياهه جي هن پار واري شهر بالٽيمور جي هڪ اسپتال ۾ هوندي هئي. اها پنهنجي ڪليگ ڊاڪٽرياڻين سان اڪثر پاڪستاني جهازن تي ايندي هئي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر خورشيد چنا (مئڊم امينا خميساڻي جي ننڍي ڀيڻ) بعد هيءَ ٻي سنڌي عورت ڊاڪٽرياڻي آمريڪا ۾ هئي. سندس لاڙڪاڻي جي قاضي فضل الله ۽ قاضي عبدالمنان وارن جي فئملي سان تعلق آهي. هوءَ پنهنجي ڊاڪٽري پروفيشن ۾ ايڏو ته هوشيار هئي، جو جانسن هاپڪن يونيورسٽي ريسرچ هاسپيٽل وارا، جتي هوءَ ڪم ڪندي هئي، تعريف ڪندا هئا.”
    اسان چانهه تي هن شهر فلڊلفيا جون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جيڪو سڄي آمريڪا جو پنجون نمبر وڏو شهر آهي ۽ هن اڀرندي ڪناري تي نيويارڪ کان پوءِ فلڊلفيا آدمشماري ۽ واپار وڙي کان وڏي ۾ وڏو شهر آهي. بينجمن فرئنڪلن هن شهر جو رهاڪو هو. فلڊلفيا هڪ خيال کان تاريخي ۽ جھونو شهر آهي. چون ٿا ته ارڙهين صديءَ جو ڪجهه حصو هي شهر آمريڪا جو گاديءَ وارو شهر هو ۽ هن جي سياسي ۽ سماجي اهميت نيويارڪ ۽ بوسٽن کان به وڌيڪ هئي ۽ سڄي آمريڪا ۾ هن جي آدمشماري گهڻي هئي.
    اسانجي جهازن جي فلڊلفيا واري مڪاني آفيس ۾، جهاز جي انجڻين جي مرمت ڪرائڻ جو انچارج مئنيجر، جيڪو ڪئيڪر سڏبو هو چوندو هو ته هي شهر اسان ڪئيڪرن (Quaker) ٺهرايو ۽ دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ڪئيڪر فلڊلفيا ۾ ئي رهن ٿا.
    ڪئيڪر ڪير آهن، تڏهن آئون سوچيندو هوس. ڇا بيمار ٿيڻ تي جيڪا Quaker Oats جي رٻ پيئبي آهي، اهي ساڳيا Quaker آهن. مزي جي ڳالهه اها ته انهن جو ٺاهڻ واري همراهه جو به ڪئيڪرن سان واسطو آهي. ڪئيڪرس (Quakers) دراصل عيسائين جو هڪ فرقو (Sect) آهي، جنهن جو سترهين صديءَ ۾ انهن عيسائين انگلينڊ ۾ بنياد وڌو، جيڪي باقي ٻين فرقن مان مطمئن نه هئا. هنن هن فرقي جو نالو The Religious Society of Friends رکيو، جيڪو عام طرح Quakers يا Friends سڏبو هو. هن فرقي جي ماڻهن تي باقي عيسائي پادرين ۽ گرجا گهرن طرفان ـــ خاص ڪري English Puritanism جنهن کي اڄ ڪلهه Anglicanism سڏيو ٿو وڃي پابنديون لڳايون. ويندي ڪئيڪرن مٿان مارڪٽ ڪئي وئي ۽ نه فقط برطانيا ۾، پر جتي جتي برطانيا جو راڄ هو، انهن ملڪن ۾ هنن سان ظلم ڪيا ويا ۽ جيل ڀريا ويا ۽ ڪيترن جو ته قتل ڪيو ويو ... جنهن کان اسانجا تاريخ جا شاگرد چڱي طرح واقف هوندا. (هيءَ 1650ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي) اڄ مذهبپڻي ۽ مذهب جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ وارن، تن ڏينهن ۾ ڪئيڪرس کي 1698ع کان 1833ع تائين ويسٽ منسٽر جي پارليامينٽ ۾ وهڻ تي بندش هڻي ڇڏي هئي. پوءِ هو ظلم کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ لاءِ ائٽلانتڪ سمنڊ لتاڙي، هيڏانهن آمريڪا هليا آيا هئا ۽ هنن جي چڱي مڙس “وليم پين” پنهنجي ماڻهن جي رهائش لاءِ هن پينسلوانيا رياست جو بنياد رکيو. وليم پين 1644ع ۾ ڄائو هو ۽ 45 کن ورهين جي ڄمار ۾ آمريڪا جي، هن رياست پينسلوانيا جو پايو 1689ع ڌاري رکيو. هي سال exactly اهو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ اسان جو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڄائو. انڊيا جو مغل بادشاهه اورنگزيب جيڪو 1658ع ۾ شاهه جهان جي وفات بعد تخت تي ويٺو هو، ان کي حڪومت هلائيندي 31 سالَ ٿي ويا هئا، پر سندس وڏن توڙي کيس عوام جي ڀلي جي سوچ يا جمهوري حڪومت جي idea دماغ ۾ نه پئي آئي ۽ هيڏانهن هنن درويشن اهڙا ته ويهي جمهوري اصول ٺاهيا، جو پوءِ انهن مان متاثر ٿي انهن کي آمريڪا جي (Constitution) ۾ شامل ڪيو ويو.


    فلڊلفيا آمريڪا جي خوبصورت شهرن مان هڪ

    وليم پين پاڻ فلڊلفيا جي شهر ۾ ٻه سال رهي، هن شهر جي عمارتسازي جي پلاننگ ڪئي. وليم آمريڪا جي مڪاني ماڻهن (ريڊ انڊين) جون به ڪجهه زبانون سکي ورتيون هيون ۽ هو بنا ڪنهن مترجم جي سنئون سڌو هنن سان ڳالهائيندو هو. هن جا سخت حڪم جاري ٿيل هئا، ته ريڊ انڊين سان به انصاف ڪيو وڃي ۽ پوک توڙي رهائش لاءِ هنن کان زمين حاصل ڪرڻ جي عيوض هنن کي پورو پورو اجورو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو به يورپين ريڊ انڊين کي تڪليف رسائي ته فيصلي لاءِ ٻنهي ڌرين پاران برابر جا ماڻهو وهندا. هن جي قاعدي قانون ۽ انهن تي سختي سان عمل ٿيڻ ڪري ڏوهن کي ٻنجو اچي ويو ۽ هن علائقي جهڙو امن امان آمريڪا جي ٻئي ڪنهن به حصي ۾ نه هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1718ع ۾ وليم پين جي وفات بعد انڊين سان اهو انصاف نه ٿيڻ لڳو. وليم پين جا ڪجهه ڪتاب به آهن، جيڪي مون هتي جي سي مينس ڪلب ۾ ڏٺا هئا ۽ ٻڌو اٿم ته هاڻ اهي انٽرنيٽ تي Online به پڙهي سگهجن ٿا. پڙهڻ جي شوقين کي آئون وليم پين جا هي ڪتاب ۽ دستاويز پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، جيڪي دلچسپ، معلوماتي ۽ تواريخي آهن:
    1. The Spiritual Liberty.
    2. Some Fruits of Solitude.
    3. Letters to his wife, guliema.
    4. A Key.
    5. Early Quaker Writings
    وغيره.
    آمريڪا جي رياست پينسلوانيا جو هي وڏو شهر ۽ بندرگاهه فلڊلفيا، جنهن جي مشهور مارڪيٽ اسٽريٽ جي هڪ ريسٽورينٽ “اسٽار بڪس” ۾ گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ سان گڏ آئون ڪافي پيو رهيو هوس، اسلام آباد وانگر هڪ Well Planned شهر آهي، جنهن جو وليم پين ڪئيڪر 1682ع ۾ بنياد وڌو ۽ ڊيولپ ڪيو. فلڊلفيا يوناني زبان جو نالو آهي، جنهن جي معنيٰ ڀائپي وارو پيار (Brotherly Love) چيو وڃي ٿو. مارڪيٽ اسٽريٽ ۽ براڊ (Broad) اسٽريٽ شهر جون اهم گهٽيون آهن، جن جو رخ اوڀر اولهه ۽ اتر ڏکڻ آهي. ٻه نديون شهر کي گهيرو ڪن ٿيون، هڪ ساڄي پاسي هتي جي مشهور ندي ڊيلاويئر ۽ ٻي کاٻي پاسي پهرينءَ کان گهٽ مشهور Schuylkill ندي وهي ٿي. ان کان علاوه جاگرافيءَ جي شوقينن ۽ جهاز راني سان واسطو رکندڙ همراهن لاءِ لکندو هلان ته هن شهر مان ٻه ٽي ڪوئي جي پڇ جهڙيون نهرون پڻ لنگھن ٿيون، جهڙو ڪابس ڪريڪ، Wissahickon ڪريڪ ۽ پيني پيڪ ڪريڪ وغيره.
    فلڊلفيا جي هڪ ٻي اهم ڳالهه ته هتي سڀ کان پهرين ريل روڊ ٺهيو. دنيا جون وڏو ٻاڦ جو انجڻيون (Steam Locomotives) ٺاهڻ وارن جي ڪمپني Baldwin لوڪو موٽو ورڪس جو هن شهر ۾ ڪارخانو هو، جيڪو پوءِ بعد ۾ ايڊي اسٽون شهر ڏي شفٽ ڪيو ويو هو.
    فلڊلفيا جا رستا اسلام آباد يا ڪراچي ڊفينس سوسائٽي وانگر چوڪڙين ۾ آهن. هڪڙا اتر ڏکڻ وهن ٿا ۽ سندن نمبر ڊيلاويئر نديءَ کان شروع ٿين ٿا، وچ وارو نمبر 14 رستو براڊ اسٽريٽ سڏجي ٿو ۽ ٻيا رستا اولهه اوڀر وهن ٿا، جن ۾ مين روڊ مارڪيٽ اسٽريٽ آهي. هي شهر جڏهن ٺهيو هو ته وليم پين هن روڊ جو نالو هاءِ اسٽريٽ رکيو هو، پر هاڻ هن کي هرڪو مارڪيٽ اسٽريٽ سڏي ٿو. هن اسٽريٽ جي سڌائي (Parallel) ۾ وهندڙ رستا گهڻو ڪري وڻن جي نالن سان آهن جهڙوڪ چيسٽ نٽ اسٽريٽ، وال نٽ اسٽريٽ، اسپروس اسٽريٽ، لوڪسٽ اسٽريٽ وغيره وغيره. هڪ روڊ جو نالو Vine اسٽريٽ به آهي.
    ڪافي پي اچي ڪار ۾ ويٺاسين ۽ هاڻ واشنگٽن هلڻ لاءِ فلڊلفيا شهر مان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين. سٽي هال بلڊنگ ۽ وليم پين ٽاور وٽان لنگهڻ وقت رميش کي ٻڌايم ته آخري دفعو 1972ع ۾ جڏهن اسان جو جهاز فلڊلفيا آيو هو، ته هن سڄي شهر جون فقط اهي ٻه ڊگهيون عمارتون هيون ۽ هاڻ ته ڪيتريون ئي بلند عمارتون نظر پيون اچن. رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته ايندڙ ٻن سالن اندر “لبرٽي پليس” ۽ “ڪامڪاسٽ سينٽر” ٺهي راس ٿيندا، جيڪي فلڊلفيا جون اتاهيون عمارتون ليکيون وينديون.
    “راڪي ون، ٽو وغيره فلمون ڏٺيون اٿانو؟” رميش پڇيو.
    “ها انهن مان ڪجهه ڏٺيون آهن. توهان جو مطلب آهي ته انهن فلمن جو پس منظر هي شهر فلڊلفيا آهي.”
    “جي ها. ۽ هڪ تمام پراڻي فلم 1940ع جي دي فلڊلفيا اسٽوري ۽ هڪ 1993ع جي فلم “فلڊلفيا” هن شهر جي نالي پٺيان آهن.” رميش ٻڌايو.
    مٿين فلمن کان علاوه Beloved, 12 Monkeys,، برڊي، ڊريسڊٽ ڪل، فئٽ البرٽ، ان هر شوز فلمون فلڊلفيا ۾ فلمايل آهن.
    رميش ٻڌايو ته فلڊلفيا جي ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني ۽ انڊين تعليم وٺي رهيا آهن، جن مان فلڊلفيا يونيورسٽي، لا سالي يونيورسٽي، ڊريڪسل يونيورسٽي، هولي فئملي يونيورسٽي، آرٽ انسٽيٽيوٽ آف فلڊلفيا وغيره فلڊلفيا شهر اندر ئي آهن. هڪ وقت سينٽ جوزف يونيورسٽي، ٿامس جيفرسن يونيورسٽي ۽ ٽيمپل يونيورسٽي وٽان اسانجو لنگهڻ به ٿيو.
    نيويارڪ، لاس اينجلس، هيوسٽن، نيو اورلينس آمريڪا جا بهترين شهر آهن ۽ اهي خوش نصيب آهن، جيڪي انهن شهرن ۾ رهي، تعليم حاصل ڪري رهيا آهن يا نوڪريون ڪري رهيا آهن، پر فلڊلفيا کي پنهنجو سحر ۽ پنهنجي ڪشش آهي، تڏهن ته مارڪ ٽوين جيڪو جوانيءَ جي ڏانهن ۾ هتي جي هڪ اخبار Philadelphia Inquirer ۾ اچي ڪم ڪيو هو، هن شهر فلڊلفيا لاءِ لکيو ته:
    “Unlike New York, I like this Philadelphia amazingly, and the people in it. I saw small steam boats, with their signs up for Wissahickon and Manayunk 25 cents only”.
    هن شهر فلڊلفيا لاءِ چارلس ڊڪنس پڻ پنهنجي ڪتاب “آمريڪن نوٽيس” ۾ لکيو آهي ته:
    “Its is handsome city, but distractingly regular. After walking about it for an hour or two, I felt that would have given the world for a crooked street. The collar of my coat appeared to stiffen, and the brim of my hat to expand, beneath its quakerly influence.”
    “رميش هاڻ ڇڪ پنڌ کي. رستي ۾ اصل نه بيهجانءِ.” مون رميش کي چتاءُ ڏنو.
    “بالٽيمور ۾ به نه ؟” رميش پڇيو.
    “بالٽيمور سان سر لڳي، پر هينئر نه، سڌو واشنگٽن هلي ساهه پٽجانءِ.”


    ڪرندڙ تعليم ۽ ڌاڙيلن بابت لياقت عزيز جا ويچارَ

    رميش هن تر جي رستن کان اهڙو ته واقف ٿي لڳو ۽ ڪي ڪي اهڙيون ته شارٽ ڪٽون ڳولي ٿي ورتائين، جو نيٺ مون کلندي پڇيومانس ته گذريل جنم ۾ ٽئڪسي ڊرئيور ته نه هئين؟
    بهرحال نيوجرسي کان وٺي ورجينيا ۽ ڪئرولينا تائين هي رياستون ملائيشيا وانگر چهچ سايون آهن ۽ جنهن طرف نظر وئي ٿي ۽ جنهن وقت نظر وئي ٿي ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي ٿي. رکي رکي ننڍڙا شهر، هوٽلون ۽ موٽلون، ڪارخانا فئڪٽريون نظر آيون ٿي ٻهراڙي وارو ته هتي Concept ناهي. ميلن تائين چوڌاري پکيڙيلن ٻيلن ۽ جھنگلن ۾ به بنگلا ۽ دڪان نظر اچن ٿا ۽ خبر نٿي پوي ته ڪٿي هڪ شهر ختم ٿيو ۽ ڪٿان ٻيو شهر شروع ٿيو. گهاٽي وڻراهه يا ڪنهن ندي نهر ڪناري اڪيلو گهر ڏسي، اسان کي حيرت ٿئي ٿي ته هتي جا ماڻهو ڪيئن نه جنگلن ۾ به اڪيلا رهيا پيا آهن. رميش به اها ڳالهه محسوس ڪئي پئي.
    “پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪيڏو خوف ۽ هراس ڇانيل آهي، ڪو هاري يا وڏيرو پنهنجين زمينن تي ائين اڪيلو گهر ٺاهي رهي سگهندو؟” رميش حير ت جو اظهار ڪيو ۽ مون کان پڇيو ته “ملائيشيا ۽ جپان پاسي ڪيئن آهي. اتي توهان ڪافي سال رهيا آهيو.”
    “اتي به ههڙو ئي امن آهي. جيتوڻيڪ ملائيشيا جابلو ۽ گھاٽن ٻيلن جو ملڪ آهي پر اتي به ٻهراڙڙين ۾ توڙي جهنگلن ۾ ماڻهو سڪون سان اڪيلا رهيا پيا آهن. پنهنجيون ٻنيون ٻارا پنهنجيون فيڪٽريون ڪارخانا پيا هلائين. مرد توڙي عورتون، مجال آهي جو ڪو ڪنهن جو نالو وٺي.” مون ٻڌايو مانس.
    ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ امن امان نه هجڻ ڪري هر شيءِ ٺپ ٿيندي وڃي. ڪو زميندار چڱي طرح زمين نٿو ڏسي سگهي، ڪو ڪارخانيدار ٻهراڙيءَ ۾ فيڪٽري هڻي پنهنجي لاءِ ۽ ڳوٺاڻن لاءِ روزگار نٿو پئدا ڪري سگهي. گذريل ويهارو سالن کان سنڌ ۾ چوريون، ڌاڙا، اغوا ۽ خون ريزين جا ڪيس ايڏو وڌي ويا آهن، جو امير توڙي غريب لاءِ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.”
    “ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ لياقت عزيز جو ڪالم پڙهيو هوم.” مون چيو.
    “واهه جو لياقت لکيو آهي. اتفاق سان ان ڏينهن اهو مون به پڙهيو هو.” رميش ٻڌايو ۽ پوءِ اسان ان بابت ڳالهائيندا هلياسين. لياقت عزيز ان ڪالم ۾ اسي واري ڏهي کان سنڌ جي تعليم جي ڪرندڙ ساکَ ۽ ڌاڙيلن ڳوٺن جي رهاڪن لاءِ زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي ان بابت لکيو آهي. هن جا ڪجهه نقطا thought provoking آهن:
    - ماضيءَ ۾ حڪمران ان کي ڌاڙيل يا دهشتگرد سڏيندا هئا، جيڪو وطن پرست هوندو هو. قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندو هو.
    - ماضيءَ جو ڌاڙيل دنگن ۽ ننگن جو رکوالو هئو. ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ۽ ڌارين سان نفرت ڪندڙ هو.
    - لاکي ڦلاڻي جهڙا ماضيءَ ۾ سنڌ جا ڌاڙيل باغيرت، با ضمير، حيا ۽ شرم جا رکوالا، ننگن جا لڄ پال، ڦرلٽ ڪندڙن جا ويري، نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندڙ، ٻڍڙين ۽ معصوم ٻارن تي رحم ڪندڙ هوندا هئا. هنن جي ويڙهه هميشه وطن جي ويرين، انياء ڪندڙ ظالمن، نياڻين جي لڄ لٽيندڙ لٽيرن خلاف رهي. هنن هميشه حڪمرانن جي هيٺانهين ڪري فائدا حاصل ڪندڙ وڏيرن جو جيئڻ جنجال بنايو، بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪئي.
    - سياسي ڌرين جي اها راءِ آهي ته سنڌين کي ايم آر ڊي جي هلچل جي سزا ڏيڻ خاطر حاڪمن ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پيدا ڪيا. هن وقت سنڌ ۾ هزارين ڌاڙيل موجود آهن ۽ اڪثريت مٿان ڀوتارن جو هٿ آهي.
    - اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي، ته اڄ جا ڌاڙيل ڪڏهن به ڌارين کي اغوا نٿا ڪن، پر پنهنجن ئي غريب غربن، اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ اٻوجهه ڌرتي ڄاون جو اغوا ٿيڻ معمول آهي. اڄوڪي ڌاڙيل کي نه ڌرتيءَ جو ننگ آهي، نه ئي نياڻين سياڻين جو حياءُ. هنن کي نه مائرن ۽ ڀينرن جو احساس آهي ۽ نه ئي جھور پوڙهن ۽ معصوم ابهم ٻارن جو خيال آهي. ڪيتريون ئي نياڻيون سنڌ ۾ هر روز سڏڪا ڀريندي ڏسجن ٿيون، جن جا پنهنجا بيگناهه ماريا وڃن ٿا.
    - اڄ جا ڌاڙيل انسانيت ۽ اخلاقيات جا سڀ ليڪا اورانگھي چڪا آهن. هنن آڏو بهادري ۽ سورهيائي پنهنجن ئي ماڻهن کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ آزارڻ ۾ آهي. ڄڻ ته هنن جو رت ۽ ضمير هن مقدس مٽيءَ مان ٺهيل ئي نه هجي. هنن جي ساڻيهه جي سڪ، حيا ۽ شرم، دين ۽ ڌرم نيرن نوٽن، سونن لاڪيٽن، راڊو واچن ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪن تي وڪامي ٿو وڃي.
    - اڄ سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ هنن جي جھٽن ۽ چهڪن سان چُور چُور آهي. اڄ اسان جا نه گهر محفوظ آهن، نه ئي ونيون. هي پنهنجن جا ويري ٻين آڏو ڪنڌ نوائي هلن ٿا، پر پنهنجن کي ڏاڙهين ۽ ڦاڙهين ٿا. سنڌ جي زراعت، معيشيت، تعليم، امن، سک ۽ چين سڀ ڪجهه سندن ئي ڪارروائين سبب تباهه ٿي رهيو آهي.


    فلڊلفيا کان بالٽيمور ۽ پوءِ واشنگٽن

    فلڊلفيا کان پوءِ رميش ٿارواڻي ڪٿي به نه ترسيو ۽ هڪ هنڌ “سُس ڪُئي حنا” (Susquehanna) پل ٽپي بالٽيمور پهتو، جتان پوءِ اچي واشنگٽن کان نڪتاسين، جيڪو آمريڪا جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ واشنگٽن ڊي سي (يعني ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) سڏجي ٿو.
    اهو ان ڪري جو ٺلهو واشنگٽن چوڻ سان ڪو واشنگٽن رياست به سمجھي سگهي ٿو. جيڪا اتر اولهه ۾ ڪئناڊا جي بارڊر سان مليل آهي ۽ پاسي کان آمريڪا جون اداهو ۽ اورلئنڊو رياستون آهن. ائين ته واشنگٽن نالي انگلينڊ ۾ به ٻه شهر آهن هڪ سسيڪس ۾ ٻيو ٽائين ائنڊويئر ۾. آمريڪا ۾ به مٿين ٻن نالن کان علاوه اوريگان رياست ۾ واشنگٽن ڪائونٽي آهي، پينسلوانيا رياست ۾ واشنگٽن ڪراسنگ تي (ڊيلاويئر ماٿريءَ ۾)، لوزيانا رياست ۾ واشنگٽن پارش آهي ۽ نيو هئمپشائر ۾ واشنگٽن اسٽيٽ پارڪ آهي. اهي سڀ شيون آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن پويان آهن.
    فلڊلفيا کان بالٽيمور ايندي وقت رستي تي چيسٽر، ولمنگٽن، نيوارڪ، ابرڊين، پارڪ وائيل جهڙا شهر به آيا. هي “نيوارڪ” شهر نيو جرسيءَ وارو وڏو شهر ۽ بندرگاهه ناهي، پر ڊيلاويئر رياست جو هڪ ننڍڙو ٽائون آهي، جنهن جي ڀرسان بروڪ سائيڊ پارڪ آهي. بالٽيمور وٽ هڪ سرنگهه مان به لنگهڻو پيو، جيڪا شايد پاتا پسڪو درياهه جي هيٺان آهي جنهن درياهه جي منهن وٽ جتي هن جو پاڻي چيزاپيڪ خليج ۾ ڊرين ٿئي ٿو، بالٽيمور شهر ٿو اچي. شايد هن سرنگهه (Tunnel) لاءِ رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته 2001ع ۾ هن ٽنل ۾ سٺ کن بوگين واري ريل اونڌي ٿي پئي هئي ۽ ڪيميڪلز کي اهڙي ته باهه لڳي، جو اها ڇهه ڏينهن هلندي رهي ۽ شهر جو مرڪزي حصو بند ٿي ويو هو. سخت تپش ڪري ان ٽنل مان لنگهندڙ پاڻيءَ جا پائيپ ڦاٽي پيا هئا، جن مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان باهه ته وسامي وئي، پر سڄو ٽنل پاڻيءَ سان ڀرجي ويو هو جو ظاهر آهي، ته اهو سمنڊ جي تري کان به گهڻو هيٺ کوٽيل آهي. ان بعد ڇا ٿيو جو باقي بچيل ڪيميڪلز جيڪي هيٺ گٽرن ۾ گڏ ٿيندا رهيا، انهن ۾ ٽن هفتن کان پوءِ ويسٽ پراٽ اسٽريٽ وٽ اهڙو ته ڌماڪو ٿيو جو گٽرن جا مئن هول (ڍڪ) مٿي هوا ۾ اڇلجي ويا.
    بالٽيمور گهمڻ جي خيالَ کان آمريڪا جو بهترين ٽوئرسٽ شهر سمجھيو وڃي ٿو، پر اسان غريب ايشيائي ماڻهن لاءِ جن لاءِ سريلنڪا جو ڪولمبو ۽ ايران جو تهران به مهانگو آهي، انهن لاءِ خاص گهمڻ خاطر هلي ملي اڌ دنيا لتاڙي ڳرا ڀاڙا ڀري، هتي اچڻ وڏي بيوقوفي آهي.
    يورپي، ڪئناڊين ۽ هتي جا مڪاني گورا ملندا آهن، ته هتي جي ٻه سؤ سال پراڻي تاريخي قلعي “فورٽ مئڪ هينري” جي پيا تعريف ڪندا آهن. اهي ڀلي پيا ڪن، اسان وٽ انهن کان پراڻا قلعا حيدرآباد