ڪتاب جو نالو: وسي وڏ ڦڙو
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1515 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 470 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
(الطاف شيخ)
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • ليکڪ طرفان
  • سنڌُ کي سفر ۾ ساڻُ کَڻي هلندڙ ـــ الطاف شيخ
  • ٻه اکر
  • سمونڊ، سامونڊي، ۽ سامونڊيَڪو سڱ
  • ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟
  • ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟
  • هاءِ جواني، ٿو ساري توکي هرڪو
  • ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون....
  • اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون
  • اسانجو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو
  • پهرين تون صوف کاءُ.....
  • ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
  • هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage)
  • ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
  • ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟
  • شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل
  • ماستري ڪو سولو ڪم ناهي......
  • پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون.....
  • پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي....
  • اسانجو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...!
  • لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان.....
  • لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان.....
  • اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟
  • اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟
  • ٽوئرزم مان ملڪ امير ٿي ويا
  • سياستدانن جا چرچائي بيانَ
  • حال ساڳيا رهيا فقيرن جا.....
  • اتر يورپ جوسيارو ۽ اونهارو
  • ڪتاب ڪي اهڙا ضروري ناهن......
  • مفت جون ڪيڪ پيسٽريون.....
  • ڇهن مهنن جو ڏينهن، ڇهن مهنن جي رات
  • گهر ۾ رهان يا بيگم جي دِل ۾........
  • منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي.....
  • پنهنجن ٻچن کي اوڙاهه ۾ نه وجھو
  • نقلي نوٽ.... نقلي ڊرائيونگ لائسنس!
  • شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي......
  • شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي......
  • ٻئي جي گهرَ جو خيال ڪريو......
  • پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو.......
  • پرديسَ ۾ پهچندڙن سان جٺيون.......
  • ڇا آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي.....
  • ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟
  • ڇا ٻاهر اسان لاءِ چين ۽ سڪون آهي.
  • ڪجهه فون ڪرڻ بابت
  • شاگردن کي مستقبل جو سوچڻ کپي
  • ٻارن جي هوشيار ٿيڻ جو راز
  • سئيڊش عورت جي سوچ
  • ٺڳين جي ور چڙهي ويندڙ اسان جا سادا ماڻهو!
  • فائدو وري به ڌارين ملڪن کي
  • ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم
  • Missing You a Lot ....
  • سنڌُ جي عورتن جون شڪايتون.....
  • سخيءَ کان شوم ڀَلو
  • اهڙي به ڇا نازڪ مزاجي.....
  • اسان لاءِ ولايت ۾ نوڪري ڇو ناهي؟
  • آئون صلاح نه ڏيندس....
  • اسان وٽ هروڀرو کاڌي تي زور آهي.....
  • ماڻهو کڻي مسلمان هُجن پر اسلام نظر نٿو اچي
  • کائي پيا خوش ٿيون....
  • اسان ڪهڙا مسلمان آهيون.....
  • ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ......
  • پڙهندڙن طرفان گهڻو پڇيل سوالُ
  • ويا اوهري اوءِ....
  • خرابي ڪٿي آهي ۽ حل ڇا آهي؟
  • موڪلن ۾ نينگر اسانجو ڇا ڪَري؟
  • ولايت ۾ شراب ۽ ڇوڪرين جي چڪر ۾ ڦاٿل
  • آفيسرن جي بدلي ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان

  • سنڌ سلامت پاران

    اداري پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (109) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “وسي وڏ ڦڙو” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جي لکيل مضمونن جي سهيڙ آهي جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن.
    هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    ٽنڊي ڄام جي ‘عبدالمنان ميمڻ’ نالي

    مَنان منهنجو پهريون ڳوٺ کان ٻاهر جو دوست بڻيو جنهن سان گذريل 58 سالن کان اڄ تائين سلام دعا هلندي اچي. لکڻ جي معاملي ۾ هو منهنجي هميشه گهڻي همت افزائي ڪندو رهيو آهي. هن ڪِتاب ۾ جيڪي ڪالم آهن انهن مان هڪ هڪ جڏهن ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو ٿي ته هن مونکي يڪدم اطلاع ڪيو ٿي جيئن آئون جِتي به هجان ته ان ڏينهن جي اخبار هٿ ڪري يا نيٽ تي پڙهي سگهان ۽ هن هنن ڪالمن بابت نه فقط اچلاع ڏنو ٿي پر هڪ هڪ کي غور سان پڙهي انهن تي پنهنجا ويچار مونکي فون تي يا email ذريعي موڪليا ٿي. مونکي حيرت آهي ته سخت مشغول هوندي به هو اهو ڪم عبادت سمجھي ڪندو رهيو ٿي.
    منهنجي منان سان دوستي ڪيئن ٿي اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي. اڄ ڪلهه اسان وٽ پاڪستان ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ لاءِ ڏهه ڪلاس ٿين ٿا. پر اسان جي ڏينهن ۾ پهرين چار سال پرائمري جا پڙهبا هئا جنهن ۾ هر سبجيڪٽ سنڌي يا اڙدو ۾ هوندو هو. ان بعد انگريزي اسڪول ۾ ست سال پڙهبو هو جِتي پهرين درجي کان ستين درجي تائين تعليم هوندي هئي. ستون درجو معنيٰ مئٽرڪ ڪلاس. مون 1961ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ۽ هن سسٽم کان مون جيڏا ۽ مون کان سال ننڍا واقف هوندا جو اسان کان پوءِ هڪ سال بعد اهو سسٽم ختم ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جِتي اڄ جا ٻار وڌ ۾ وڌ پنج سال رهن ٿا..... يعني اٺين ڪلاس کان ٻارهين تائين اتي اسان ڇهه سال رهياسين.
    اسان وارن ڏينهن ۾ انگريزي جي ٽي درجي ۾ هڪ اسڪالر جو امتحان ٿيندو هو جنهن کي پاس ڪرڻ وارن هوشيار شاگردن کي مئٽرڪ تائين ٻارهن رپيا ماهوار اسڪالر ملندي هئي. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ هڪ روپيو به وڏي ڳالهه هو ۽ هالا کان حيدرآباد بس جو ڀاڙو اٺ آنا يعني اڌ رپيو هوندو هو. اسڪالر جو امتحان حيدرآباد ۾ ٿيندو هو ۽ آئون جڏهن پهريون دفعو ان امتحان لاءِ حيدرآباد آيس ته اتي امتحان واري هال ۾ پاڻ سان گڏ مٽياري، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻارن کي ڏسي حيرت ٿي .... نه ته ان کان اڳ زندگيءَ جا گذريل ڏهاڪو سال رڳو پنهنجي گهٽي ۽ ڳوٺ جا ٻار ڏٺا هئاسين امتحان هال ۾ رکيل ڊيسڪن مان هر هڪ تي ٻه ٻار ويٺا ٿي. منهنجي ڀرسان منان ويٺل هو جيڪو ٽنڊو ڄام کان آيو هو. منان به مون وانگر ننڍڙي ڳوٺ کان آيو هو (انهن ڏينهن ۾ هالا، ٽنڊو ڄام.... وغيره ننڍڙا ڳوٺ هئا) پر هو مون وانگر شرميلو نه هو.
    هو مون سان ڳالهائيندو رهيو. هن کي اڙدو به سٺي آئي ٿي ۽ ٻن پيپرن جي وچ ۾ اتي جي ڪئنٽين واري سان مون پاران اڙدو ۾ ڳالهائي جيڪي مونکي کتو ٿي مونکان پئساو وٺي خريد ڪري ڏنو هئائين. اهو امتحان تلڪ چاڙهيءَ وٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ٿيو هو.
    هونءَ ته منان جلدي وسري وڃي ها پر ڪو مهينو مس ٿيو ته هڪ ڏينهن هو پنهنجن ٻن ننڍڙن ڀائرن سان گڏ مون وٽ هالا ۾ ملڻ آيو سندس ڀائرن ۾ هڪ پهرين درجي (يعني اڄ جي پنجين ڪلاس) ۾ هو ته ٻيو پرائمري جي ٽي ڪلاس ۾ هو. ننڍا هجڻ جي باوجود منان وانگر ڳالهائڻ ۾ پُر اعتماد ۽ بااخلاق لڳا ٿي. هو گهڻي دير نه ويٺا جو هنن جو والد جنهن جي روينيو کاتي ۾ نوڪري هُئي ٽنڊي ڄام کان سڪرنڊ وڃي رهيو هو. رستي تي اسانجي ڳوٺ هالا ۾ سندن پيءُ مارڪيٽ ۾ ترسي پيو ۽ منان جن کي اسانجي محلي ۾ مونسان ملڻ لاءِ موڪليو هئائين. هنن ٻڌايو ته هنن کي ٻيا به ٻه ڀائر آهن جيڪي ننڍا هجڻ ڪري ماءُ وٽ ترسيل آهن.... جن مان هڪ ته شايد ان سال ڄائو هو.
    منان کي اڄ به چوندو آهيان ته تون ۽ تنهنجا ننڍا ڀائر ننڍي هوندي کان سوشل ۽ پڙهائي ۾ هوشيار هئائو. منان پاڻ ته M.Sc ائگريڪلچر ۾ ۽ بعد ۾ M.A جرنلزم ۾ پڻ، فرسٽ ڪلاس فرسٽ کنيو پر سندس ڀائرن به اڳتي هلي پڙهائي ۽ نوڪري ۾ نالو پيدا ڪيو. منان سان گڏ جيڪي ٻه ڀائر آيا هئا انهن مان هڪ عبدالحنان هو جنهن M.Sc ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٻيو عبدالسلام هو جنهن جي شادي T.V جي مشهور شخصيت غزل سان ٿي.... جنهن سان اسان جي به مائِٽي ٿي جو غزل جي والده اسانجي ماميءَ جي وڏي ڀيڻ ٿئي. بهرحال سلام ٽنڊو ڄام مان M.Sc ائگريڪلچر ۾ ڪئي ۽ بعد۾ ائگريڪلچر ايڪانامڪس ۾ ٽيڪساز (USA) مان Ph.D ڪئي. پاڻ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ٿي ريٽائرڊ ٿيو. اهو به لکندو هلان ته منان جا ٻه ننڍا ڀائر جيڪي ٽن ۽ هڪ سال جا هئا اهي عبدالسبحان جيڪو اڄ ڪلهه چيف سيڪريٽري آهي يا ٿي سگهي ٿو هاڻ رٽائرڊ ٿيو هجي هو ۽ ٻيو سڀ ۾ ننڍو غفران هو. غفران به انگلئنڊ مان پڙهيو ۽ سول سروس جو امتحان ڏنو ۽ گذريل ٻن سالن کان هانگ ڪانگ ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ قونصل جنرل آهي.
    ٽنڊو ڄام جهڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪري منان جي والد سائين محمد اسماعيل ميمڻ صاحب کي جَسُ هجي جنهن پنهنجي ٻارن جي پڙهائي ڏي ڌيان ڏنو اڄ جي والدين کي ان مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. ايتريقدر جو منان جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ، يعني غفران کان به ننڍي، رخسانا پهرين ڇوڪري هئي جنهن ائگريڪلچر انجنيئرنگ ۾ M.Sc ڪئي. منان وارا ٽنڊو ڄام جي عاقلاڻي ميمڻ محلي جا سڏجن ٿا. منان جي والد محمد اسماعيل جي وفات تي سراج ميمڻ صاحب سندن Struggle بابت ‘جاڳو’ اخبار ۾ ڪالم لکيو هو جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. مونکان اها ڪٽنگ گم ٿي وئي آهي. اڄ به ڪٿان ملي وڃي ته آئون ان کي ڇپرائڻ چاهيندس ته جيئن اڄ جا نوجوان اندازو لڳائي سگهن ته غربت ۽ وڏي عيال هوندي به محمد اسماعيل صاحب ۽ سراج جي والد چاچا محمد يعقوب ٻارن جي تعليم لاءِ ڪيڏي جدوجهد ڪئي .... ۽ هنن پنهنجن پُٽن سان گڏ ڌيئرن کي به اعليٰ تعليم ڏياري. سراج جي ڀيڻ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر فهميدهه حسين پهرين سنڌي ڇوڪري هئي جنهن ٽنڊو ڄام مان M.A ڪئي ۽ نمبر کنيو ۽ سندس ٻي ڀيڻ انيس پهرين ڇوڪري هئي جنهن T.V تان سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهيون.
    منان مئٽرڪ ٽنڊو ڄام مان ڪئي. انٽر ۽ B.A حيدرآباد جي سچل ڪاليج مان ۽ M.Sc ڪرڻ بعد ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري شروع ڪئي جنهن دوران هن جرنلزم ۾ به M.A ڪئي. ان بعد 19 سال کن SAZDA ۾ نوڪري ڪئي. نوڪري جا آخري سال هو سنڌ حڪومت جي پلاننگ ائنڊ ڊيولپمينٽ کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو ۽ سن 2004ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. سندس ڄم جي تاريخ 21 جون 1944ع آهي.

    الطاف شيخ
    ڪراچي
    8 ڊسمبر 2014ع


    ليکڪ طرفان

    “وسي وڏ ڦڙو” منهنجو پهريون ڪتاب آهي جيڪو نوجوان پبلشر عقيل سومرو “سنڌيانا پبليڪيشن” طرفان ڇپي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن اداري اڃان ٻه ٽي ڪِتاب مس ڇپيا آهن پر سندن محنت، شوق ۽ ڇپائي جي بهتر معيار کي ڏسي اميد اٿم ته جلد ئي سنڌيڪا، روشني ۽ ڪويتا پبليڪيشن وانگر هن اداري جو به ڇپائي سان گڏ مارڪيٽنگ جو سسٽم به بهتر ثابت ٿيندو. ڇو جو منهنجي خيال ۾ ڇپائيءَ جو ته هر هڪ شوق ڪري ٿو پر جي هو مارڪيٽنگ ۾ سمارٽ ناهي يعني هن جو صوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪِتاب وڪڻڻ جو سٺو نيٽ ورڪ ناهي ته پوءِ ان ڪِتاب جي ڇپجڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇو جو هر ليکڪ اهو چاهي ٿو ته هن جو ڪِتاب، هن جا پيش ڪيل خيال گهڻي کان گهڻن ماڻهن تائين نه رڳو پهچن پر اهي شوق سان پڙهن.... ۽ اهو ڪم فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪتاب مفت ورهائڻ يا مختيارڪار معرفت تپيدارن ۽ بيلدارن جي مٿي ۾ زوريءَ هڻڻ بدران دڪانن تي رکيا وڃن جِتان پڙهندڙ پنهنجي شوق سان پئسو خرچ ڪري اهي خريد ڪن. “سنڌيا پبليڪيشن” وارن ان ڏس ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي ۽ نه فقط سنڌ جي شهرن ۾ پر لاهور، ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ انڊيا ۾ ممبئي ۽ دهلي ۾ ڪتابن رکڻ جو بندوبست ڪيو آهي جيئن هڪ اديب کي مختلف پڙهندڙن سان متعارف ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ نوان پڙهندڙ پڻ پيدا ڪيا وڃن.
    هن ڪِتاب ۾ منهنجا گذريل سال جا لکيل اُهي ڪالم آهن جيڪي سنڌ جي مشهور اخبار “ڪاوش” ۾ ڇپيا. ڪتاب جي ٿلهي ٿيڻ ڪري هن جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن جن مان هڪ توهانجي هٿن ۾ آهي ۽ ٻيو جنهن جو نالو في الحال ‘ نه سي سڙه سکان’ سوچيو ويو آهي، ان ۾ اهي ڪالم شامل ڪيا ويا آهن جيڪي هند سنڌ، روس ۽ چين بابت سفرنامي نموني جا آهن .... جن جو اندازو توهانکي محترما سحر گل جي ‘مهاڳ’ مان به پئجي ويو هوندو جنهن گڏيل ڪِتاب تي لکيو آهي. ان مواد کي ٻن حصن ۾ ڪرڻ جو فيصلو آخري وقت تي ڪيو ويو.
    هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد رکيو ويو آهي، اهو اڄ جي شاگردن ۽ انهن جي والدين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو جو هن ۾ منهنجي طنز و مزاح وارن ڪالمن سان گڏ گهڻا اهي آهن جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ مستقبل بابت آهن، ولايت ۾ پڙهائي ۽ پورهيو ڪرڻ بابت آهن. ان کان علاوه منهنجا هي ڪالم انهن ماڻهن لاءِ به ڪارائتا ثابت ٿيندا جيڪي ولايت گهمڻ، پڙهڻ ۽ نوڪري لاءِ ويندا رهن ٿا ۽ ڪيترا بي خيالي يا بي وقوفي ۾ ڪيل غلط حرڪتن ڪري پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.

    الطاف شيخ
    ڪراچي 8 ڊسمبر 2014
    altafshaikh2005@gmail.com


    سنڌُ کي سفر ۾ ساڻُ کَڻي هلندڙ ـــ الطاف شيخ

    سَچُ ته مون پاڻ کي ايڏو شرمندو شرمندو ۽ مَهڻي ــ هاب ڪڏهن به محسوس ناهي ڪيو، جيترو اڄڪلهه سائين الطاف شيخ جي فون اچڻ تي محسوس ڪندو آهيان ۽ خاص ڪري سندس هر ڀيري چيل اُهو جُملو ته صفا ماري وجھندو آهي ته: “ايازَ! ڀلا مَري ويندس پوءِ لکندين ڇا؟” ـــ الطاف سائين ڪيترن سالن کان پنهنجي ڪتاب تي مُهاڳ لکڻ لاءِ چوندو پيو اچي ۽ مان جو، دُنيا جي ڌنڌن جي ڌُٻڻ ۾ وڃان پيو ڦاسندو ۽ الطاف شيخ آڏو ننڍو ٿيندو.

    ڀلا اهڙي شخصيت جنهن جي لکڻين کي پڙهي، اوهان وڏا ٿيا هُجو، ساڻس خط ڪِتابت تي اوهان خوش ٿيا هُجو ۽ فخر محسوس ڪيو هُجي، جنهن جي تحرير ڪيل سفرنامن کي گذريل 25 سالن کان اوهان، ايم ــ اي جي سليبس طور يونيورسٽي جي شاگردن کي پڙهائي رهيا هُجو، اُها اوهان کي پنهنجي ڪِتابَ کي مُهاڳ لکڻ جهڙو فخر ڏيندي هُجي، ته ان کان وڌيڪَ اوهان لاءِ ٻي ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي ؟

    الطاف شيخ جي لکڻين جي جادوءَ ۾ ته مان، تڏهن ئي قابو ٿي ويو هئس، جڏهن ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾، سندس 1969ع ۾ ڇپيل پهريون ڪِتاب “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” پڙهيو هئم ــ سندس پنهنجي ڳوٺائي دوستَ ۽ سنڌُ جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت ڊاڪٽر سليمان شيخ کي لکيل خَطَ جڏهن ڪِتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا ته، سنڌي ادب ۾، سفرنامي جي ارتقا کي ڄڻ هڪ نئون موڙُ مليو. برابر سفرناما ان کان اڳ ۾ به لکيا ويا هئا، پر ايتري پسنديدگي پڙهندڙن پاران شايد ئي اُنهن جي حصي ۾ آئي هُجي، بيشڪ سفرنامي جي تاريخ ۾ اُهو ڪِتاب “بريڪ ٿرو” (Breakthrough) هيو.

    ابنِ بطوطه زندگيءَ جا 45 سالَ لڳاتار سفر ڪيو ۽ دُنيا جي اڪثر خِطن ۽ ملڪن مان تجربن ۽ مشاهدن جي ميڙا چُونڊي ڪيائين. سندس سفرنامو هڪ دؤرَ جي تاريخ آهي ۽ سفرنامن جي تاريخ ۾ پِيڙهه جي پٿرَ واري حيثيت رکي ٿو ــ ابنِ بطوطه ۽ سندس سفرنامو سَڄي دُنيا ۾ هڪ عَلامتَ طور سُڃاتو وڃي ٿو ــ سنڌُ جي حوالي سان ڏِسبو ته الطاف شيخ به وڃي ابنِ بَطوطه کي ڪُلهو هَنيو آهي ۽ سَفرنامي جي حوالي سان هُو هِڪُ “عَلامتَ” جي حثيت ئي رکي ٿو ــ هُنَ جي لکيل، ترتيبَ ڏنل ۽ تَرجمو ڪيلَ ڪِتابن جو تعداد 80 جي لَڳ ڀَڳ آهي، جنهن مان 70 کان وڌيڪَ ڪِتابَ مختلف مُلڪن، ماڳَن ۽ مَڪانن جي سَفرنامن تي مشتمل آهن ــ اِها ڳالهه خاطري سان ته نَٿو چَئي سَگهان، پَــرَ دُنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي اَدب ۾ شايد ئي ڪو ليکڪ هُجي، جنهن ايترا سفرناما لکيا هُجن ـــ اسانجي بدقسمتي آهي ته، اسان پنهنجي ليجنڊز (Legends) کي به عام ماڻهوءَ جو اِسٿانُ ئي ڏيندا آهيون ۽ اُهي به وري حضور شَرميءَ ۾ پاڻَ کي “مِڙيئي” پيا سَمجھندا آهن، نه ته جيڪر الطاف شيخ جو هي ڪارنامو “گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ” ۾ بنا ڪنهن شَڪَ ۽ شُبهي جي شامل ٿي سَگهي ٿو.

    الطاف شيخَ جَڏهن سَفر ڪَرڻَ ۽ سفرناما لِکڻُ شروع ڪيا، تڏهن سنڌُ جي اڪثر وَستيُن، واهڻَن، ڳوٺَن توڙي شهرن جي گهرَ ـــ واسين وٽ ڪراچي به “پَرديسُ” بڻيل هُيو. دادوءَ کان سَکر اَچي سِنڌي ماڻهو “پَرديسيءَ” کي نالي جو حصو بڻائي پيو هلندو هيو ۽ ڳوٺَ ۽ گهرَ کي ساري پيو ٿَڌا شُوڪارا ڀَريندو رهندو هُيو ــ اهڙي زماني ۾ الطاف شيخ جهاز تي چڙهي نه رڳو سڄو جهانُ جھاڳِيو، پَــرَ جهانَ جي تاريخَ، جاگِرافي، ثَقافَتَ، عِلمَ، اَدَبَ توڙِي زَماني جي لاهين چاڙهين بابت هيڏا سارا سفرناما لکي، سنڌُ جي نوجوانن کي، ٻاهر نڪرڻ لاءِ اُتساهيو، سندس علمي ۽ عملي رهنمائي ڪئي، حوصلو ڏنو ۽ هوشيار ڪيو ــ سندس ان عمل سڌي يا اڻسڌي نموني سنڌُ جي ڪيترن گهرن ۾، سچ پچ ته خوشحاليءَ جا ڏِيئا ٻاري ڇَڏيا ــ جِتي ادبَ جي آبياري ٿي، اُتي ٻوليءَ جي سُورجَ به دنيا جي ڪُنڊَ ڪُڙڇَ ۾ شاخون ڪڍيون ــ اڄ جو سنڌُ ۽ سِنڌي ٻولي هر کنڊَ ۽ خطي ۾ موجود مِلي ٿي، ته ان فخر جوڳي ڳالهه ۾ گهڻو نه سهي، ٿورو حصو الطاف شيخ جو ضرور آهي، جنهن کي مَڃِڻُ به گُهرجي ۽ مَڃتا به ڏيڻُ گهرجي.

    الطاف شيخَ، سنڌي ٻوليءَ جي انهن خوشنَصيب ليکڪن مان آهي، جِن کي پَڙهندڙن جو پيارُ اَڻميو مليو آهي.

    سَندس مقبوليتَ جو اَندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، سندس ڪيترن ئي ڪِتابن جا پَنجَ پنجَ، اَٺَ اَٺَ ايڊيشَنَ شايع ٿيا آهن، ظاهر آهي ته اها مَڃتا ۽ مقبوليت محنت ۽ پڙهندڙن جي پيارَ کانسواءِ مِلڻُ مُمڪن نه آهي. سندس تحرير دلچسپ به آهي، ته ڄاڻَ سان ڀريل به ــ هُو پڙهندڙ کي ڄڻ ته آڱر کان پڪڙي، جهانَ جي سيرَ تي وٺي هلي ٿو. پَڙهندڙ به الطاف شيخ جي تَجربن ۽ مُشاهدن مان ڄاڻَ حاصل ڪري ٿو، مزو ماڻي ٿو ۽ ڪن حالتُن ۾ آئيندي جي منصوبن لاءِ سوچَ ويچارَ ڪري ٿو. هونئن ته الطاف شيخ، مختلف ملڪن ۽ قومن جي هر ڳالهه ۽ عمل کي، پنهنجي سفرنامن جو موضوع بڻايو آهي، پر خاص طور تي انهن جي تاريخَ، تهذيبَ، ثَقافت ۽ تعليمَ سندس مُک موضوع رهيا آهن، جيتوڻيڪ هڪ وقت اهڙو به آيو هيو، جڏهن مٿس اها تنقيد ڪئي وئي ته، هُو هاڻي سفرناما نه، گائيڊ بوڪ لکي رهيو آهي، تڏهن به هُنَ لِکَڻَ کان بانءِ نه ڪئي، ڀلا اهڙو ڪم به، ڪو ڪري ته ڏيکاري!؟
    الطاف شيخ جي سفرنامن جي جنهن خاص ڳالهه مون کي سندس پهرين ڪِتابَ کان، هِنَ ڪِتابَ تائين گهڻو متاثر ڪيو آهي، اُها آهي، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي آئيندي جو اُونو ــ هر ڳالهه ۾ اها تَلاشَ ته، جيڪو هن ملڪ ۾ آهي، اُهو سنڌُ ۾ ڇو ناهي؟ يا اُتي ڪيئن ٿي سَگهي ٿو ــ هِتي جو نوجوانُ ايترو اَڳتي وَڌي ويو آهي، ته اسان جو نوجوانُ پوئِتي ڇو؟ هِتي هي ماڳَ، مڪانَ هيڏا اهميت وارا آهن ته اسان وٽ موهن جو دڙو، ستين جو آستان، ساڌ ٻيلو، ڪينجھر، ڪارونجھر، مڪلي، منڇر به ته ڪنهن کان گهٽ ڪونهن، شايد شيخ اياز جو هي شعرُ سندس روحَ ۾ رچيل آهي:

    توکي ڪهڙي ڪَلَ؟
    جيءَ اچي نه جھلَ
    مون کان سنڌُ نه وسري!

    جِتي ماڻهن جي گهڻائي، عيشَ عشرت ۽ مالُ ميڙڻ لاءِ، پرڏيهه وڃڻ جا موقعا ڳولڻَ ۾ سرگردان هجي، اُتي سنڌُ جي سِڪَ ۽ ديسَ واسين جو دردُ سيني ۾ کڻي سفر تي نڪرندڙ الطاف شيخ ۽ سندس ڪم ساراههَ لائق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    سچي ڳالهه اها به آهي ته، مان پنهنجي هِنَ لِکڻيءَ کي، ڪنهن ڪِتابَ جو مُهاڳ مڃڻَ لاءِ تيار به ناهيان، نه ئي مون لِکندي، الطاف شيخَ جي سَفرنامن بابت عالمن، اديبن ۽ نقادن جي راين ۽ تبصرن کي حوالي طور پيش ڪيو آهي. مُون صرف اِهو لکيو آهي، جيڪو منهنجي دل مَڃيو ۽ چَيو آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته ماڻهوءَ جي دل جي چَئي کان وڌيڪَ ڪو سَچُ ٿي به نَٿو سَگهي ــ سَڄي دُنيا ۾ اِسڪولي ٻارن، ماڳَن مَڪانن جي بورڊَن ۽ ريڙهي، گڏهه گاڏي وارن جي ڀر ۾ بيهي وڏي شوقَ سان فوٽو ڪڍرائيندڙ ۽ وري اُهي فوٽو ٽين ــ ايج (Teen-age) ڇوڪرن وانگر فيس بوڪ تي، پابنديءَ سان اَپلوڊ ڪري خوشيءَ ۾ نه ماپَجندڙ الطاف شيخَ جي عشقَ کي ڀلا، ڪهڙن ادبي اصولن ۽ ماڻَن ماپَن تي، ماپي سَگهجي ٿو؟ ــ مُنهنجي خيالَ ۾ پنهنجي وطن، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن سان ايئن بي لوث محبت ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي رُڳو ۽ رُڳو عزت ئي ڪري سگهجي ٿي ۽ مان ــــــــ اوهانجي دِل سان عزت ڪيان ٿو، الطاف شيخ سائين!

    ايازگُـــل


    ٻه اکر

    ڪراچي جي قديم رهواسي جي حيثيت سان مان جنهن گهر ۾ جنم ورتو اتي تعليم ۽ علم جا زيور عورتن لاءِ اڃا ممنوع هئا، پنهنجي بابا جي محنت ۽ روشن خيالي جي ڪري اها بندش مون تائين نه پهتي ۽ مان شروع کان ئي پنهنجي بابا جي ننڍڙي لائبريري جي غير مشروط ۽ آزاد ميمبر بڻيس.
    پرائمري تعليم جي دور کان ئي گهر ۾ موجود ڪِتابن سان دوستي ٿي ۽ سنڌي ادب جي وڏي نالن جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سراج ميمڻ، آغا سليم، شيخ اياز، امر جليل، مهتاب محبوب شامل هئا سان سڃاڻپ ٿي ـــ انهن ئي نالن مان هڪ اهم نالو سائين الطاف شيخ جو هيو جنهن جي لکڻين کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي. ڪِتابن جي انهي ورثي ۾ الطاف شيخ جا ناليوارا ڪِتاب منهنجو ساگر منهنجو ساحل، وايون وڻجارن جون، دُنگي منجهه درياهه، سمونڊ جن ساڻيهه ۽ ٻيا سفرناما شامل هئا جن جي مطالعي نه صرف سنڌ پر دنيا بابت ڄاڻَ وڌائي.
    ڪراچي جي علائقي عزيز آباد (ڀنگوريا ڳوٺ) ۾ رهڻ جي ڪري اسان ننڍپڻ کان ئي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ۽ پنهنجي قومي بَقا کي وٺي ڪري وڌيڪَ حساس هئاسين تنهن ڪري شيخ اياز ۽ استاد بُخاري جي انقلابي شاعر، سرمد سنڌي جون ڌرتي سان محبت جن صدائون، زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير جا لوڪ گيتَ ۽ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) تي هلندڙ سنڌي ڊراما ۽ پروگرام غير شعوري طور وڌيڪَ متاثر ڪندا هئا. انهي احساس کي وڌائڻ ۾ الطاف شيخ جي تحريرن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو خاص طور سان سندس سفرناما وڌيڪَ دلچسپ ۽ من موهيندڙ لڳندا هئا ڇو ته سائين پاڻ ڀلي لنڊن ۾ هجي يا بئنڪاڪ ۾، ڪوالالمپور ۾ هجي يا ممباسا ۾، جپان ۾ هجي يا چين ۾، يا وري يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾، سندس تحريرن ۾ ۽ منظرنگارين ۾ گهمي ڦري به سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌين جي سِڪَ ۽ حب ترندي نظر ايندي، سندس ڌرتي سان محبت هن جي لفظ لفظ ۾ محسوس ٿيندي آهي، جيڪا اسان جي نون جذبن ۽ سوچن کي جاءِ ڏيندي رهي اسان سڀئي ڇوڪريون گهر ۾ الطاف شيخَ جا قصا ۽ ڪِتابُ “قصه چار درويش “، وانگي پڙهڻ پاڻ ۾ Discuss ڪندا هئاسين ۽ گهر ويٺي پاڻ کي ابن بطوطه، مارڪو پولو، البيروني ۽ ڪولمبس سمجھڻ لڳندا هئاسين.
    گذريل سالن ۾ سنڌي ادب سان جيڪا چاهه ۽ رشتو ٺهيو انهي ۾ بلا شبي وڏو هٿ سائين الطاف شيخ جي لکڻين جو آهي. 2010 ۾ آرٽس ڪائونسل جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سالياني اليڪشن ۾ منهنجي وهم و گمان ۾ به ڪونه هو ته جيڪا بردبار ۽ شفيق شخصيت اسان سان گڏ گروپ فوٽو ۾ شامل آهي سو ڪو ٻيو نه پر ننڍپڻ کان پسنديده ترين ليکڪ الطاف شيخ آهي. ان ڏينهن منهنجي خوشي جي ڪا انتها نه هئي، سائين سان ٿيل سمورين ڪچهرين ۽ ملاقاتن جو احوال مختصراً اهو آهي جو ساڻس ملي ڪري انهن جي تعارف ۽ شخصيت جي قدري ۽ عزت اڃا وڌي وڃي ٿي.
    الطاف شيخ جي شخصيت به پنهنجي تحريرن وانگي سادگي، خلوص ۽ شفقت رکندڙ آهي، عام مشهور ۽ معروف شخصيتن کان هٽي ڪري سائين نوڙت، اخلاق مهمان نوازي ۽ محبت جو مجسمو آهي. سندن درِ علم ۽ ادب جي سڪ رکندڙ ۽ ڳولا ڪندڙ لاءِ سدائين کليل رهندا آهن، معنيٰ ته پاڻ ۽ سندن تحريرون به سنڌو درياهه جهڙي رواني، موج ۽ ايثار ڏسجي ٿو.

    آزادي فتح محمد
    سنڌُ


    سمونڊ، سامونڊي، ۽ سامونڊيَڪو سڱ

    مُنڍ:
    ڪو به ماڻهو جيڪڏهن سنڌ جي سُڄاڻ ۽ نالي واري “سامونڊي ليکڪ” الطاف شيخ جي ڪتابن جو انگ ڏسندو (هن ڪتاب سوڌو ڪل 81 ڪتاب) ته اچرج ۾ اچي ضرور پڇندو ته هيءُ صاحَبُ نوڪريءَ جو فرضُ نڀائي رهيو هو يا رڳو ڪتابَ لکي رهيو هو؟ ڇو ته ٻئي ڪمَ مڪمل ارپنا جا گُهرجائو آهن، جن ۾ چوکو وقت گُهرجي ٿو. ان ۾ ته ڪو به شڪُ نه آهي ته پاڻ سفرنامن جي شعبي ۾ ته انت ڪيو اٿن، پر سندن آفيس مان به پڇا ڪجي ته نوڪري به چڱي طريقي سان ڪيائون يا نه؟ ڀاسي ته ائين ٿو ته پاڻ صاحب هرڪم ڪار ڇڏي پنهنجي سموري عمر رڳو لکي رهيا هئا.! ابَو...! هيڏا سارا ڪتاب...! جي ٽيهن سالن جي عمر کان ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون ته سندن هينئر جي عمر 69 جي حساب سان طئه اهو ٿيو ته هر سال ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪتاب لکيا اٿن!سال ۾ ٻه ڪتاب، سامونڊي سفرن واري نوڪري، ۽ پوءِ گهر ٻار سنڀالڻ، اهو پاڻ ڪيئن پئي ڪيائون، اِن راز جي ڳالهه جي پروڙ ته پوي! منهنجي خيال ۾ سندن گهر واريءَ سان به ٻه لفظ ڳالهائي ڏسجن ته هوءَ ويچاري ڇا ٿي چوي ته هي همراه کيس ۽ ٻارن کي ڪيترو وقت ڏيندو هو؟ ڇو ته سندس لکڻيون ته ٻڌائين ٿيون ته هي وڻجارو رڳو پئي دنيا ۾ ڦِريو ۽ پئي ڪتاب لکيائين.. سندن ڪامياب شخصي ۽ ادبي قد بُت ان جي ثابتي آهي ته پاڻ واقعي به ملهايو اٿن، پر اهو ڪيئن ڪيو اٿن، ان تي مان ته اچرج ۾ آهيان، پر ان سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي ٿوري تحقيق ڪرڻي پوندي!
    مون هن سامونڊيءَ جا ڪتاب پنهنجي اسڪول ۽ ڪاليج واري عمر کان پڙهڻ شروع ڪيا هئا، مونکي اڄ به ياد آهي ته سندس ڪتاب پڙهي ان جي ٻولي، مواد ۽موضوعن مان اُتساهه ملندو هو، مون کي رشڪ ٿيندو هو ته ڪاش ائين گُهمي ڦِري، دنيا پَسي ۽ ان تي لکي سگهجي، پر مونکي اها سُرت نه هئي ته لڳ ڀڳ پندرهن سالن کا پوءِ به سندن لکڻيون مونکي تمام گهڻو موهينديون، سِکيا ۽ اتساهه ڏينديون!

    تخليق ڪنهن جي دل جي ديوي؟
    چوندا آهن ته سفر شروع ڪرڻ ته سڀ ڪو ڄاڻي، منزل پر هر ڪو نه ماڻي، پيار ته سڀ ڪو ڪري پر، نڀائي ڪو ڪو ڏيکاري.. ائين ئي ڪِرتُ ڪار ته سڀ ڪو ڪري پر ان کي تخليق سان سلهاڙڻ ڪو ڪو ڄاڻي. الطاف شيخ سنڌ توڙي دنيا ۾ انهن چند يگانن ماڻهن مان آهي جيڪي زندگيءَ کي سنوار ۽ سينگار سان گذاريندا آهن، جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو زندگيءَ کي سنواري گذارڻ چاهيندا آهن، پر منجهائن ڪو وِرلي ئي اهڙو هوندو جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي وَکرَ کي اهڙو سهڻي انداز ۾ سنواري ۽ سليقي سان پيش ڪندو جو ان منجهان ٻيا انسان نه رڳو اُتساهه وٺن پر ان مان لاڀ به پرائين. ان ڪري ئي چئبو آهي ته تخليق فقط سچن عاشقن جي باندي هوندي آهي، جيڪي لقائن، واقعن منجهان سرمستي ماڻي ان کي عجب رنگن ۾ پيش ڪري ڄاڻن.
    سينٽ آگسٽِين ڪيڏو نه صحيح چيو آهي ته دنيا هڪَ ڪتابَ جيان آهي، جيڪي سفر نٿا ڪن سي ان دنيا جو ڄڻ هڪ صفحو به نٿا پڙهن، لڳ ڀڳ ستر کن ملڪ گهمڻ وارو هي سامونڊي نه رڳو هن ‘دنيا-ڪتاب’ جا ڳچ صفحا پڙهي چڪو آهي، پر انيڪ ڪتاب لکي ان حسناڪ دنيا جو ماڻهن کي خيالي ۽ شعوري دورو به ڪرائي چڪو آهي.کيس پڙهي لڳي ٿو ته واقعي به مسافري ڇڙو سفرَ جو بارُ نه آهي، جي سفرَ جو ڏانءُ هجي ته اهو روح جي رچندي به ٿي سگهي ٿو.سموري دنيا ڪهاڻين سان ٽُٻ ٽار آهي، جڏهن هر ماڻهو ئي هڪ ڪهاڻي آهي ته هن ڌرتيءَ تي ڪهاڻين جا ست ارب انبار ڀريا پيا آهن، هيءُ هالن سان لاڳاپيل سامونڊي ان انبار ۾ ائين گِهڙي پيو آهي جيئن سهڻيميهار جي سڱ ۾ پاڻيءَ ۾ گِهڙي پئي هئي، فرق رڳو ايترو ته هوءَ وڃي ٻُڏي هئي، ۽ هيءُ سامونڊي ويرُن ۾ پيو ترندو، گهراين مان ماڻِڪَ ڪڍيو اچي پنهنجي تخليق جي سڳي ۾ پوئي پيو دنيا کي ماڻِڪ ڀريل وٽيون آڇي.
    مسافري ۽ مختلف سماجي موضوعن تي ٻڌل الطاف شيخ جو هي ڪتاب سفر نامي کان وڌيڪ سندس يادگيريون آهي، هر يادگيري ڀاسي ٿو ڄڻ هڪ وجودَ جيان آهي، جنهن جا انيڪ پاسا ۽ روپ آهن، جن جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي، جن ۾ (وقت جي نه کٽندڙ وهڪري جيان وهندو رهندي به) هميشه زندگي نئين نويلي آهي، جنهن ۾رت روانيءَ سان گردش ڪري ٿو، ان جسم جهڙي زنده ۽ جاودان يادگيريءَ جو خاص ۽ اهم ڪردار پس و پيش سنڌ ٿيو پوي.شايد اهو ئي سبب آهي انهن متحرڪ يادگيرين جي اُڻ تُڻ (ناسٽيلجيا) هن تخليقڪار کي ياسيت ۽ اُٻاڻڪائيءَ ۾ نٿي وجهي، ان جي ابتڙ، يادگيرين جي اُڻ تُڻ ۽ هورا کورا جي نتيجي ۾ سندس اندر مختلف ديسن جي انيڪ پهلوئن جي اُوناهين مان تري وڃي الف ليلوي ڪهاڻيون، داستان، ۽ قصا ڪڍيو اچي، ۽ ويٺو دنيا کي اچرج ۾ وجهي. يادگيرين جا ايڪاسي جسم جن ۾ وقت وهامڻ کان پوءِ به زندگي ائين ئي پساهَه پئي کڻي جيئن ڪالهه کڻي رهي هئي.
    هن ڪتاب جو گهرو مُشاهدو ڪرڻ ۽ان جو تنقيدي جائزو وٺڻ جا مون هي ماپا طئه ڪيا آهن، مثال طور مون سندن ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻيءَ جا ٻه حصا ڪيا آهن، پهرئين حصي ۾ مان پنهنجو تجزيو موضوعن جي چونڊ ۽ انهن کي کڻڻ جي انداز تي لکندس، ٻئين حصي ۾ مان سندس پرڏيهي موضوعن کي سنڌ سان واڳي ڏسڻ سمجهڻ ۽ ڀيٽڻ تي نظر وجهندس، منهنجو يقين آهي ته موضوعن جي چونڊ ليکڪ جي پسند ۽ شوق کي متعارف ڪرائيندي آهي، انهن موضوعن جي ڪهڙن پاسن تي زور ڏنل آهي اهو سندن ڏاهپ ۽ اڀياس جي نشاندهي ڪندو آهي، انهن موضوعن جي جنهن طريقي سان ٻوليءَ ۾ اڻت ڪيل هوندي آهي اهو ليکڪ جي اسلوب جي تخليقي سگهه جون نشانيون ڏيندو آهي.

    1. موضوعن جي نوعيت:
    ليکڪ موضوع ڪهڙا ٿو چُونڊي اهو سندس اندر جي شخصيت جي آئينيداري ڪري ٿو، اهو ليکڪ جي داخلي ۽ خارجي لاڙن جو تعارف به هجي ٿو، موضوعن جي چونڊ ته دراصل ظاهري طور تي ڪتاب جو مواد هجي ٿو، پر اهو ليکڪ جي شعوري سطح، شخصيت ۽ وجود جي ترجماني ڪري ٿو. الطاف شيخ جي ڪتاب .... جي موضوعن جي عڪس هيٺ جي سندس شخصيت جي پرک ڪري ڪا مختصر راءِ ڏجي ته منهنجي خيال ۾ اُها هئين هوندي:
    ‘الطاف شيخ صاحب، هڪ سائنسي سوچ رکندڙ، جديد دنيا جي گُهرجُن کي وسيع دل سان سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ وارا انسان آهن؛ دنيا کي ڄاڻڻ ۽ ان جي جاگرافيائي ۽ خيالي وسعت کي سمجهڻ ۽ پوءِ ان کي سنڌ تائين پهچائڻ سندن حياتيءَ جو مذهب رهيو آهي. کين سنڌ جي پوئتي پئجي رهڻ جو ارمان آهي، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه اچي ٿي ته پاڻ سنڌي نوجوانن جي چڱي اڪثريت جي سوچ جي پائمالي ۽ بي عملي، محنت جي فقدان، سچائيءَ جي ڪميءَ تي توائي نظر اچن ٿا؛ پاڻ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ غير عقلي لاڙن کي وائکو ڪري انهنکي عقلي حوالن کان بيان ڪن ٿا. مذهب جي نالي تي مفروضن قائم ڪرڻ واري سوچ کان بنهه ونئُن وڃن ٿا. سستيءَ تي پاڻ صفا ڪاوڙجيو پون، ڀلا قانون، اصول ۽ انهن جي پوئواريءَ سندن اهي پسنديده موضوع آهن، جن لاءِ سندن وس پڄي ته پنهجي هر مضمون ڇيهُه ان تي ڪن. دنيا ۾ ڪٿي به ڪو چڱو يا عظيم ڪم ٿيندو هجي ۽ جي ان حوالي کان سنڌ غريب ۽ پٺتي پيل هجي، ته اهو سندن لاءِ وڏو الميو آهي، پڙهندڙن کي ڀاسندو ته هن سامونڊيءَ جي ڄڻ هر لکڻيءَ جو سبب ئي اهو هو ته دنيا جا اڻ ڳڻيا لقاءَ۽ جهانَ پسَي ئي ان ڪري جو انهن کي سنڌ سان واڳي. پاڻ سنڌ جا سچا عاشقَ آهن. پاڻ تنقيد کي سهي ان مان مثبت لاڙا ڪڍي انفرادي ۽ اجتماعي جائزو وٺڻ جا قائل آهن. “هڪ ايجاد جي کُهائي”) ۾ پنهنجي سُوِيڊن جي دوست محمد عليءَ جي بي رحم ۽ سفاڪ تنقيد کي جنهن انداز سان پاڻ کنين، اهو وَڙُ سندس اعلى سهپ، مثبت سوچ ۽ سمجهه جو ثبوت ڏئي ٿو.
    هن سامونڊيءَ جي هڪ تخليقي سگهه اها به آهي ته پاڻ واقعن جي زنجير ٺاهڻ ڄاڻي، ڪنهن به موضوع جي مالها ۾ خيال پوئڻ جو سندس انداز بيحد ذهانت سان ڀريل آهي، سندس ملائيشيائي ميوي دُرائَين بابت لکڻي هجي يا حجامن جي وار ٺاهڻ مهل ڊيگهه ڪرڻ هجي، لاڙڪاڻي جو ڪئڊٽ ڪاليج هجي يا اتان جي دوستن جي مچ ڪچهري هجي، سنڌي نوجوان جي روزگار جا مسئلا هجن يا پرڏيهه جي ڌرتيءَ جا حسين منظر هجن.. جنهن حسين تخليقي انداز کي هر پڙهندڙ نوٽ ڪندو سا آهي ته ليکڪ ڪيئن نه مهارت سان ڳالهه کي ڳالهه مان ڪڍي، هڪ سلسلي جي ڪڙيءَ ۾ پوئي خيالن جي هڪ زنجير جوڙي ٿو. ڪڙيءَ منجهه ڪڙي وڃي ٿو ڳنڍيندو، زنجير وڃي وڌندي، تان جو وڃي ان جو ڇيهُه ٿئي ته چَسَ واري ڳالهه کُٽڻ تي بيچينيءَ بدران ڄڻ ان جي تڪميل جو احساس ٿئي، سلسلو وچ ۾ ڪٿي به ٽُٽندو نظر نه ايندو. ان سلسلي جي موتين جيان پويل ڪڙيءَ ۾ سندس ڪتاب جو ته هر بابُ ئي پويل آهي، پر اها هر ڪڙي ڪهڙي نه تخليقي ۽ جمالياتي انداز ۾ سينگاري ٿو ان جي مثال لاءِ مان ڪتاب جي باب “حجامن سان واسطو” جو ذڪرڪنديس، ته ان هڪڙي موضوع ۾ انيڪ قصا ۽ داستان پوئي، پڙهندڙن کي حيران ٿو ڪري ڇڏي، مثال، ان مضمون ۾ ليکڪ پنهنجي مزاج بابت پڙهندڙن کي ٻڌائي ٿو ته وار ڪٽائڻ مهل هو حجامن کي گفتگوءَ جي ڊيگهه ۾ پوڻ بدران ان ڪم کي جلدي اُڪلائڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، اهو بيان ڪندي ڪندي هو مختلف ملڪن ۾ حجامن سان کيس پيش آيل تجربا به ٻڌائي ٿو، ان دوران ڪو لطيفو ٺهڪي اچي ٿو ته اهو به ان سلسلي جو حصو ٿيو وڃي، ان کان پوءِ هر اهو موضوع جيڪو وارن سان واڳيل آهي اهو پيو سامهون ايندو ويندو، وارن ڪٽائڻ جا مختلف انداز ۽ ڪُنڊون هجن، ماضيءَجي ڪنهن دور يا سندن ننڍپڻ ۾ ڪي وار ڪٽائڻ يا وارن کي خضاب سان رنگڻ جا واقعا سندس ذهن ۾ آيا هجن، يا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ وارن جي گهربل ڪَٽائي هجي، يا وري منهن تي ڏاڙهي رکرائڻ هجي ته سي به ان باب جو حصو ٿي ويندا. اها منفرد صلاحيت اهو ثابت ٿي ڪري پاڻ تخليق کي سهڻي اسلوب سان پيش ڪرڻ ڄاڻن ٿا، سهڻو خيال جي سهڻي اندازِ بيان سان نه پيش ڪجي ته ان جو قدر ۽ معيارگهٽجيو وڃي. نه رڳو اهو پر سندس لکڻين ۾ ڀير تي ڏوڪي جيان اهو به واضح آهي ته هن سامونڊيءَ جي حياتي ارادي ۽ مقصد سان ڀريل آهي، هو جتي به ويو جنهن جاءِ به ويو انکي ڇيهَه تائين سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، غور سان ٻڌڻ جهڙي ڳالهه ٻڌائين، لازمي ڏسڻ جهڙو نظارو ڏٺائين، ۽ ان کي پاسي در پاسي پنهنجي ڀرپور تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پڙهندڙن تائين پهچايائين. اهو ئي سبب آهي ته سندس لکڻين منجهان اهڙي نئين روح جو ساءُ اچي ٿو جيڪو دنيا جي رنگن ۽ رمزن کي پهريون ڀيرو ڏسي پيو حيرانين جي لهرن ۾ تري تڙڳي.. ڪجهه اهڙو ئي خيال جڳ مشهور ليکڪ پائلو ڪوئلهو پنهنجي ڪتاب “دِي پِلگِرم” ۾ لکي ٿو:

    “جڏهن اوهان سفر ڪندا آهيون، عملي طرح دراصل اوهان ٻيهر جنم وٺڻ جو تجربو ماڻيندا آهيو. اوهين مڪمل طور تي نين صورتحالُن کي منهن ڏيندا آهيون، ڏينهن اوهان جو بيحد آهستگيءَ سان گذرندو آهي، ۽ اڪثر سفرن ۾ اوهين ماڻهن جي ٻولي به نه سمجهندا آهيو. سو اوهين ان ٻار جيان هوندا آهيون جيڪو اڃان تازو ئي پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر آيو آهي. اوهين پنهنجو لاڙو ۽ مدار پنهنجي چوڌاريءَ ۾ موجود شين تي رکڻ شروع ڪندا آهيو، ڇاڪاڻ ته اوهان جو جياپو انهن تي مدار رکي ٿو. اوهين ٻين ماڻهن جي پهچ ۾ وڌيڪ ٿي پوندا آهيو ته جيئن هو مختلف صورتحالُن ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهن. ساڳئي ئي وقت، جيئن ته سڀ شيون نيون هونديون آهن، اوهين انهن ۾ حسن ڏسي سگهندا آهيو، ۽ پنهنجي زنده هجڻ جي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا آهيو”.

    اهڙيءَ ريت منهنجو پرزور خيال آهي ته هن سامونڊيءَ جو هر ڪتاب سندس ۽ سندس تخليق جو نئون جنم آهي، دنيا کي پهريون ڀيرو ڏسندي ٻار جيڪي حيرانين جا مزا ماڻي ٿو، سي هن سامونڊيءَ بار بار پئي ماڻيا آهن.. الطاف شيخ رابرٽ لُوئي سٽِيوِنسَن جي ان چوڻيءَ جو نمونو آهي ته ڪا به ڌرتي پرڏيهي ڌرتي نه ٿي هجي، ها ڏسندڙ، سو ضرور ٻاهريون هجي ٿو.. اسان کي سندس لکڻيون ٻڌائين ٿيون ته هو جنهن به ديس ۾ ويو جيترو به وقت اتي رهيو، ان مختصر دور ۾ ان کي پنهنجو وطن بڻائي رهيو عالمگير طبيعت جي هن سنڌي وڻجاري جي وائي سنڌ کي نه رڳو دنيا جي وايو منڊل جو اهڃاڻ ڏئي وئي آهي، پر سنڌ کي هڪ نئين صنف به ڏئي وئي آهي، جنهن تي الطاف شيخ اهو واحد ليکڪ آهي جنهن گهڻ رُخي طبع آزمائي ڪئي آهي.

    مون سُر سامونڊيءَ کي ڳوڙهو پڙهي وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هيءُ بيتُ چونڊيو آهي جيڪو هن سامونڊيءَ جي شخصيت، حياتي ۽ تخليقي پورهئي تي ٺهڪي اچي ٿو:

    کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
    سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
    موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
    سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.

    ڪيترا سامونڊي آفيسر آهن جيڪي جهازن تي ڊگهي سفر دوران پڙهڻ سان گڏ لکڻ جو به ڪم ڪندا آهن؟ الطاف شيخ صاحب به جي چاهين ها ته آرام ۽ ننڊون نه ڇڏين ها، پر هو اهو ڪيئن ڪن ها جو پاڻ هوءَ جُڙيل ئي عجيب مٽيءَ مان هئا! کين مهراڻ جي موتين جي اُڪير هئي، انهن مڻين جي ڳولها جو شوق هئو، پنهنجي شعور ۾ ان سون کان به وڌيڪ قيمتي وکر جون هڙون ٻڌي آيا.. سندن ان دولت جو انت نه ڪو ڇيهُه آهي، مٿان اها سنڌ کي ارپي اٿن! کين سوين سلام هجن!

    سنڌ- سامونڊيءَ جي دل
    سنڌ هن سامونڊيءَ جو محورِ فڪر آهي، سندس عشق آهي، سندس مقصد آهي، سندس منزل آهي. پاڻ سنڌ کي پنهنجي صورت ۾ نه رڳو هڪ سفرنامن جو ڀلوڙ ليکڪ عطا ڪيو پر پنهنجي لکڻين کي پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳي پڙهندڙن کي پنهنجي ۽ ٻاهرئين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت باخبر ڪيو، نه رڳو اهو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي تبديليءَ ۽ نواڻ جي واٽ به ڏَسي آهي، سنڌ سندس روح ۾ رڳن ۾ رت سان گڏ ڊوڙي پئي، سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ سان گڏ سندس لکڻيون ان جو ثبوت آهن ته هو جنهن به ديس جي باري ۾ پنهنجا تجربا لکي ٿو، هو ان ديس جو به اصل واسي ٿو لڳي، اهو فقط هڪڙو عالمگير دل رکندڙ شهري ئي ڪري سگهي ٿو. سندس سوچ کي ان سامونڊائي مسافريءَ جيڪا وسعت ڏني آهي، ان سندس تخليق کي گهرائيءَ جا ڇُهاءَعطا ڪياآهن. سوچ جي وسعت کي جاگرافيائي وسعتون ڪيترو وسيع ڪري سگهن ٿيون، ان جي شاهدي الطاف شيخ جا ڪتاب ڏين ٿا.

    گهڻ رُخي دنيا ۾ گهڻ رُخي عقيدن ۽ خيالن سان ملندي جلندي ماڻهو ڪازموپوليٽن ٿي ٿو وڃي، اها ڪازمو پوليٽنزم اوهان کي هن سامونڊيءَ ۾ به نظر ايندي جيڪو هڪ “ڪازموپوليٽن سنڌيءَ” جو ڀرپور مثال آهي، جيڪو دنيا جهان مان خبرون کڻي اچي سنڌ تي لنگر ٻڌي ٿو. ان پکيءَ جيان جيڪو اُڏام ڪري پس و پيش چوڳو پنهنجي آکيري ۾ کڻي اچي پنهنجي ٻچي کي کارائي ٿو.

    سفر سان چاهه، ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ اتساهه ۽ شوق جي شدت جو اندازو سندس انهن سِٽُن مان لڳائي سگهجي ٿو، لکن ٿا: “ڪنهن (ٻئي ملڪ ۾) دوست جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ معنى وقت جو زيان. چانهن جي ڪوپ تي ڪچهري ڪري باقي ٽائيم شهر ۾ چڪر هڻجي، مسجدون، مندر ڏسجن، پُليون، چوراها، ميوزيم ڏسجن، تاريخي جايون ۽ پارڪ ڏسجن. هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين...”.
    سندس اهو خيال ته سفر ان لاءِ ڪجي ته نوان لقاءَ پسجن، مختلف معاشرن کي پسي نوان نوان خيال پسجن، اهو ته هڪ مسلسل، اڻ کُٽ ڳولها ۽ تلاش ۾ سرگدان روح جي ڪهاڻي آهي.. هن سامونڊيءَ جي سموري حياتي ڄڻ هڪ سکڻ لاءِ بيچين روح جو داستان آهي، ڄڻ داستان ۾ داستان آهي، هڪ ڪهاڻيءَ ۾ انيڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي هي يگانو ماڻهو ساڻ کڻي گُهمي ٿو..

    چيني ڏاهي ڪنفيوشس جي هڪ بيحد حسين چوڻي آهي ته، “جيڏانهن به وڃجي، دل سان وڃجي”،هي سامونڊي ان چوڻيءَ جو هڪ جيئرو ۽ جاڳندو نمونو آهي، سندس تخليق ڏَس ڏئي ٿي ته هي يگانو ماڻهو جيڏانهن به ويو دل سان ويو! سندس نصيب ۾ سفر لکيل هو، سو ڪِرت ڪار هجي يا موڪلون هجن، سندس حياتيءَ جي حسين دور جي شروعات سفر سان ٿي، ۽ تاحيات ان ۾ ئي گذري.. سو ڪنفيوشس جي چوڻيءَ کي ڀٽائيءَ جي هن وائيءَ جي سِٽَ “وڃجي او وڃجي، اکيون پير ڪري” سان سلهاڙي ڏسجي... ته هي سامونڊي نه رڳو جيڏانهن به ويو، دل سان ويو، پر “اکيون پير ڪري ويو”..دل سان وڃڻ ۽ اکيون پير ڪري وڃڻ عشق جي نشاني آهي ۽ ان عشق جي اُهڃاڻن سان سندس تخلقيق ويرئون وير تار آهي. ڇاڪاڻ ته دل سان اهڙن سفرن تي ته لڳ ڀڳ سڀ ڪو ويندو آهي، پر اُن سفر دوران تخليقسِرجي سامهون آڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. پنهنجي تخليق جي ذريعي هن سامونڊيءَ سنڌ کي سيکاريو آهي ته دنيا مڻين، ماڻڪن سان ٽُٻٽار هڪ جهان آهي، شعور جو ڪم آهي ته ان کي ڦلهوري...!پاڻ ڀٽائيءَ جي هن بيت کي سچو ڪري ڏيکاريو اٿن ته هن (دنيا) سمونڊ جي انيڪ لقائن ۾ الڀ ماڻڪ موتي پيا ترن، منجهائن جي ذرو به مليو ته مسافر اَمُلهَه خزانا ماڻي موٽندو. سندن لکڻين ۾ اُهي املهه خزانن جا خرار آهن جيڪي انهن مخصوص پهلوئن جي حوالي کان سنڌ کي مختلف دورن تائين پيا امير رکندا.

    آخر ۾ مان اهو لازمي چونديس تي مونکي سندن لکڻيون بس ذري گهٽ هڪ داخلي ناول ٿيڻ کان بچندي نظر اچن ٿيون، هڪ اهڙي سامونڊي مسافر جي ڪهاڻي آهن، جنهن جي داخلي لاڙن، ذاتي خواهشن، خوشين، اندروني احساسن جي فقط مٿاڇرائي نظر ايندي، خارجي لقائن ڏانهن سندس بي پناهه اتساهه سندس اندر جي لطيف وهڪرن ۽ لهرن جي هلڪڙي جهلڪ پسائي گم ٿيو وڃن، ڪاش ته هي سامونڊي هڪ طويل لکڻي پنهنجي آتم ڪٿا جي شڪل ۾ لکي، جنهن ۾ خيالن جي اها لطافت ۽ احساسن جون اهي لطيف لهرون پيش ڪري جيڪي هن پنهنجن ڪتابن ۾ لکڻ کان لنوايون آهن.
    سحر گل


    ڪير ٿو چوي ته انب ميون جو بادشاهه آهي؟

    اسانجي ملڪ جا ماڻهو انبن جي موسم جو آڌر ڀاءُ وڏي گرمجوشي سان ڪن ٿا ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني وانگر هو هن موسم جو انتظآر ڪن ٿا. اسان وٽ انب غريب توڙي امير جو دلپسند ميوو آهي. هي نه فقط ميوو آهي پر هن کي ڀاڄي طور پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو انبن جي موسم ۾ ٻوڙ يا ڀاڄي رڌڻ بدران انب سان ڀت يا ماني کائين. انب ذائقي ۽ خوشبوءِ وارو آهي. انب اسان جي ماڻهن لاءِ بهترين ميوو آهي. انبن جي موسم ۾ گدرا، ڇانهيون، سردا، چڪون، بادام ۽ زردالو يتيم ٻارن وانگر بنا ڪنهن خريدار جي ڌيان ڇڪائڻ جي، دڪانن تي پيا هوندا آهن. هن موسم ۾ ڪو مٺائيءَ کي به نٿو پڇي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي ماڻهن لاءِ انب ميون جو بادشاهه آهي. منهنجي راءِ به انب لاءِ ساڳي ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن لاءِ سنڌڙي انب (Madras Alphonso) ميون جو بادشاهه آهي ته ڪن لاءِ چؤسو، لنگڙو، دسهڙي يا سرولي انب بادشاهه آهي. جي مون کان پڇڻ چاهيندائو ته آئون بينگن ڦلي يا سوارن ريکا انبن جو نالو کڻندس. انب لاءِ سڀني کي پيار ۽ ان کي انبن جو بادشاهه سڏڻ جو اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون.
    1968ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ قدم رکيو. منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن هتي جي مارڪيٽ ۾ ميوي جي دڪانن تي هر هڪ کي ڄاهي جي شڪل جي ميوي دورين (Durian) جو ديوانو ڏٺو. منهنجي پڇڻ تي هر هڪ هن ڪوجھي شڪل ۽ ڪنڊن واري دورين کي ميون جو بادشاهه ٿي سڏيو. مون سمجھيو هو چرچا ٿا ڪن يا ٽوڪ خاطر هن ميوي کي بادشاهه ٿا سڏين. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ بدبودار ۽ ڪوجھي شڪل وارو دورين ڪيئن ٿو ميون جو بادشاهه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪراچيءَ کان ڪولڪتي تائين، لاهور کان لکنو تائين ۽ ملتان کان ممبئي تائين هر هڪ انب پسند ڪري ٿو جنهن جي سواد، ذائقي ۽ رنگ جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
    پر ڪجهه لڳاتار سامونڊي سفرن ۽ هن تر جي بندرگاهن ۾ رهي رهي، اهو محسوس ڪيم ته هن پاسي بئنڪاڪ کان بينڪولا ۽ سنگاپور کان ڪمپوچيا تائين هر هڪ لاءِ دورين ميون جو سرتاج آهي.
    انب ۽ دورين جي وچ ۾ اهو فرق آهي ته انب کي هر هڪ پسند ڪري ٿو. ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي گهٽ پسند هجي، پر هو ڪڏهن به ائين نه چوندو ته “انب سان مونکي نفرت آهي....هن کي منهنجي ڀرسان به نه رکو.” پر دورين کي هر هڪ پسند نٿو ڪري. جيڪو پسند ڪري ٿو اهو چرين وانگر هن تي فدا آهي جيڪو نٿو ڪري اهو بنهه نٿو ڪري بلڪه هن ميوي سان سخت نفرت ڪري ٿو. دورين جي هنڱ جهڙي اگري ڌپ ڪري هو ان جي ڀرسان به نٿو گذري. ‘دورين’ کائڻ ۾، انب کان به مٺو آهي پر سندس بوءِ تمام خراب الٽي اچڻ جهڙي آهي. ان ڪري هن ميوي کي هڪڙا پسند ڪن ٿا ته ٻيا هن کان پري ڀڄن ٿا ۽ هن پاسي يعني ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ دورين لاءِ اهو عام چيو وڃي ٿو ته:
    “Durian is most loved and most hated fruit.”
    هن ميوي لاءِ ماڻهن کي يا ته سخت پيار آهي يا سخت ڌڪار ان جي وچ ۾ ٻي ڪو احساس ناهي.
    دورين ناريل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ۽ سندس ٻاهرين کل ٿلهي، سخت کهري ۽ ٿلهن ڪنڊن واري آهي. هنن ڪنڊن ڪري هن ميوي جو نالو دورين پيو آهي. ملئي زبان ۾ Duri معنيٰ ڪنڊو ۽ Durian معنيٰ ڪنڊن وارو.
    ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز رستي آءٌ ڏهه سال کن ايندو ويندو رهيس ۽ اهڙا ڏهه سالَ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪيم. ان دوران مون وڏي ڪوشش ڪئي ته دورين ميوو يا ان مان ٺهيل بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کاڍا وڃن پر مونکي ڪاميابي نصيب نه ٿي. دورين جي ڌپ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ڪيمسٽري ڪلاس ۾ پيدا ٿيندڙ H2S گئس جي ناسن ۾ ڇڀندڙ (Pungent) ڌپ جي ياد ڏياري ٿي جنهن لاءِ اسانجو مرحوم ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو چوندو هو ته اهو It is a Devil’s Dung آهي.
    هونءَ ملائيشيا ۾ ميون جي کوٽ ناهي. ملائيشيا توڙي ڀر وارن ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ۾ ڪيترائي لذيذ، مِٺي ڳَر ۽ سٺي سڳنڌ وارا ميوا ٿين ٿا. جهڙوڪ: مينگو اِسٽين، رمبوتان، چڪون، ماتا ڪُچنگ، ڊوڪو، چمپداڪ، اسٽار فروٽ، ليچي، انناس، لونگان وغيره. ويندي ملائيشيا جو ڪيلو، خاص ڪري پسانگ اماس (سنهري ڪيلو) بهترين جنس آهي جيڪا جپان ۽ يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ٿئي ٿي. اهڙن لذيذ، سستن ۽ سڀ جي پسند وارن ميون هوندي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن علائقن جا ماڻهو دورين جهڙي بدشڪل ۽ بدوبودار ميوي پٺيان چريا ڇو آهن جيڪو قيمت ۾ به تمام مهانگو آهي، ڀُرٽن جهڙن ڪنڊن واري کل هجڻ ڪري کڻڻ ۾ ڏکيو ۽ ڳرو آهي، کولڻ ۾ سخت آهي بلڪ خطرناڪ آهي، ڇو جو هن ميوي کي ڀَڃڻ واري جا هٿ اڪثر زخمي ٿيو پون، ۽ بقول يورپين جي هن ميوي جي ڌپ بدبودار جورابن جهڙي آهي. سڀ کان حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته ههڙي ڳري ميوي مان کائڻ لاءِ ڪي پنج ڇهه چمچا مس ڳر (pulp) جا نڪرن ٿا.
    ائگريڪلچر ۽ باٽني جي شاگردن لاءِ اهو لکندو هلان ته دورين ميوي جو Genus Durio فئملي سان تعلق آهي. هو پنهنجي وڏي سائيز، منفرد بوءِ ۽ چُڀندڙ ڪنڊن واري کل ڪري هڪ نمايان ميوو آهي. دورين ڊيگهه ۾ 12 انچ ۽ گولائيءَ ۾ 6 انچ تائين ٿئي ٿو ۽ تورَ ۾ ٽن ڪلو جيترو به ٿئي. سندس ٻاهرين کل سائي کان ناسي رنگن تائين ٿئي ٿي. سندس اندرين کائڻ واري ڳر (flesh) هئڊي کان ڳاڙهي رنگن وارو ٿئي ٿو. هن کائڻ واري ڳر مان بدبوءِ نڪري ٿي جيڪا ايڏي ته تيز ۽ چڀندڙ ٿئي ٿي جو اڻ ڇليل دورين مان به محسوس ٿيندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا هوٽل يا ڪا عمارت سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ آهي ته هڪ ڪمري ۾ آيل دورين ميوي جي ڌپ سڀني ڪمرن ۾ رهندڙن کي محسوس ٿئي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته دورين جي اها ڌپ ڪِن کي الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڪن لاءِ اها بدبوءِ ڌپ نه پر عطر عنبيرن کان بهتر خوشبوءِ آهي. دورين کائڻ وارن عاشقن کان پڇندائو ته هو توهان کي چوندا ته هن ميوي جي بادامن جهڙي خوشبوءِ آهي پر ٻيا ان کي سڙيل بصرن جي ڌپَ سڏين ٿا. ٻٻر جي ڪَنڊن واري هن ميوي جي ان بدبوءِ ڪري هن پاسي جي ملڪن جي وڏين هوٽلن ۾ هن ميوي کي آڻڻ تي بندش آهي. سنگاپور ۾ ته نه فقط هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پر ميٽرو ريل (MRT) ۽ پبلڪ بس ۾به کڻي اچڻ جي اجازت ناهي. جتي ڪٿي توهان کي Durians not allowed جا بورڊَ نظر ايندا. منهنجي خيال ۾ هتي جي حڪومت جو اهو سٺو فيصلو آهي، نه ته هن ميوي جي ڌپَ کان ونءُ ويندڙ توهان ۽ اسان جو ساهه گهٽجي وڃي.
    جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز جون جي مهيني ۾ ڪراچي ايندو هو ته مهنجا جهاز هلائڻ وارا ساٿي خوشيءَ سان مون پاران ڊيوٽي ڪندا هئا جيئن آئون ڳوٺ جو چڪر هڻي اچان ۽ واپسي تي انبن جو کوکو ٻه کڻي اچان. پر انب اهڙو ميوو آهي جنهن کي هر هڪ پسند ڪري ٿو پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو کڻي ان کي گهٽ ڀائيندو هجي. هتي ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي آفيس ۾ ڏهه کن جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هوندا هئاسين. مون اٺ نَوَ سال کن هن آفيس ۾ ڪم ڪيو.هر سال دورين جي موسم ۾ اسان هڪ يا ٻه دفعا چيني چيف انجيئر لائو سينگ جي ڊيوٽي ڪندا هئاسين جيئن هو پنهنجي ڳوٺ موئر (Muar) ٻه ڏينهن وڃي واپسي تي دورين ميوي جو کارو کڻي اچي. پوءِ اهو ڏينهن اسان جي آفيس ۾ مڪاني ملئي ۽ چيني آفيسرن لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي باقي اسان چار پنج ٻاهرين ملڪن جا، دورين جي ڌپ ۾ بي حال ٿي ويندا هئاسين. هن ميوي جي ايڏي ته چڀندڙ (pungent) ڌپَ ٿئي ٿي جواسان جا يارَ کائڻ بعد چڱي طرح صابڻ سان هٿ ۽ چپ ڌوئي ايندا هئا ته به سندن جسم مان، خاص ڪري پگهر مان، اها ڌپ پئي ايندي هئي. اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ برطانيا جو ڪئپٽن ڪئرو جنهن هڪ دفعي همت ڪري دورين جو گودو چوسيو هو اهو چوندو هو:
    “Mr Altaf! Eating Durian is like eating custard in a public toilet”
    چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ دورين فقط ملئي ماڻهو کائيندا هئا ۽ ناريل، ڪٺهل ۽ انناس وانگر تمام سستو ميوو هوندو هو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين کي دورين جو اهڙو چشڪو لڳو جو هاڻ توهان کي جتي ڪٿي چيني خريدار نظر ايندا جيڪي ملئي ماڻهن کان وڌيڪ امير آهن ۽ دورين جي قيمت گهڻي هجڻ جي باوجود خريد ڪن ٿا.
    دورين جو وڻ 25 کان 50 ميٽر اتاهون ٿئي ٿو. سندس پن رٻڙ پلانٽ وانگر سدا ساوا ٿين ٿا. هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا گل ۽ ڦَل ڏئي ٿو. اها ڳالهه اسان جي ماڻهن لاءِ شايد عجيب هجي جتي چار مختلف موسمون ٿين ٿيون. پر ملائيشيا خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري ٻارهوئي ساڳي موسم مينهن ۽ گرمي واري رهي ٿي. منهنجي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ لڳل انب، رمبوتان ۽ چڪن جا وڻ به سال ۾ ٻه دفعا ٻور ڏيندا آهن.
    نئون لڳايل دورين جو وڻ چئن کان پنجن سالن بعد ميوو ڏئي ٿو. ٻُور جھلڻ (pollination) بعد ٽي مهينا وٺي ٿو. اسان وٽ ڪيترا ماڻهو دورين ۽ ڪٺهل (Jack fruit) کي ساڳيو سمجھن ٿا. ڪٺهل بنگلاديش ۽ ڏکڻ هندستان ۾ به ٿئي ٿو جيڪو دورين کان سائيز ۾ ڊگهو ٿئي ٿو. سندس کل کهري ضرور ٿئي ٿي پر دورين جي کل کان تمام گهڻي نرم آهي. ڪٺهل گيدوڙي وانگر گهٽ درجي جو هجڻ ڪري بيحد سستو آهي. ملائشيا توڙي سنگاپور ۾ دورين سڀ کان مهانگو آهي. مثال طور دورين جون زياده دلپسند جنسون ڊي 24 (جيڪا Duro Zibethinus آهي)، سلطان ۽ مائو شان وانگ جو هڪ ڪلو 5 کان 10 آمريڪن ڊالر آهي. هڪ دورين جو سراسري وزن ٻه ڪلو به لڳايو وڃي ته هڪ هڪ داڻي جي قيمت هڪ هزار کان وٺي ٻه هزار روپين تائين ٿئي ٿي. ان ۾ کائڻ جوڳو حصو يعني گودو، جنهن کي هتي Aril سڏين ٿا 15 کان 25 سيڪڙو ڪو مس ٿئي ٿو، باقي رڳو ٿلهي کل ۽ ٿلها ٻج ٿين ٿا.
    دورين ميوي ۾ کنڊ، وٽامن سي، پوٽئشيم ۽ گهڻو Theserotonergic Amino Acid Tryptophan ٿئي ٿو. هي ميوو ڪاربوهائيڊريٽ، پروٽين ۽ چرٻي جو به source آهي. هن پاسي جي ماڻهن جو اهو وهم آهي، بلڪ ديسي چيني حڪيمن موجب، دورين جو تاثير گرم آهي ۽ کائڻ واري کي تمام گهڻو پگهر ٿئي ٿو. هاءِ بلڊپريشر جي مريضن ۽ پيٽ وارين عورتن کي دورين هرگز نه کائڻ کپي. ڪيترن ملئي ۽ چيني ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته دورين شهواني طاقت وڌائي ٿو. دورين معجونن ۽ ڪشتن جو ڪم ڏئي ٿو. انڊونيشيا ۾اها چوڻي مشهور آهي ته Durian Jatuh, Sarong naik ساڳي مطلب واري چوڻي ملائيشيا ۾ به عام آهي ته Apabila Durian turun, Sarong naik. ملئي لفظ “جاتو” يا “ترون” جي معنيٰ آهي ڪرڻ، هيٺ اچڻ ۽ نائيڪ معنيٰ آهي مٿي چڙهڻ. هتي جا ماڻهو مرد توڙي عورتون گوڏ جهڙو اسڪرٽ ٻڌن جنهن کي سرونگ سڏجي ٿو. بهرحال مطلب اهو آهي جڏهن دورين جي موسم اچي ٿي، يعني جڏهن دورين ميوو وڻ مان ڇڻي ٿو ته سرونگ مٿي کڄي ٿو. دورين موسم ۾ هن پاسي اهو جملو پڻ عام آهي ته جيڪڏهن توهان فئملي پلاننگ چاهيو ٿا ته دورين کان پاسو ڪريو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته وڻ هيٺان دورين چونڊڻ وقت هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) پائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڇو جو وڻ مان ڪو دورين هيٺ هلندڙ ماڻهوءَ جي مٿي ۾ لڳڻ سان هن کي سخت زخمي ڪري سگهي ٿو. هونءَ دورين لاءِ چون ٿا ته هن کي اک ٿئي ٿي. اهو وڻ مان ان وقت نٿو ڇڻي جنهن وقت ان هيٺان ڪو موجود آهي. دورين دنيا جو واحد ميوو آهي جيڪو وڻ مان پٽي نٿو سگهجي. ملائيشيا ۾ ناريل پٽڻ جو ڪم ڀولڙن کان ورتو وڃي ٿو پر اهي به دورين جهڙو ڳرو ۽ ڪنڊن وارو ميوو پٽڻ جو جوکم نٿا کڻن. هي ميوو جڏهن پچي راس ٿي هيٺ ڇڻي ٿو ان وقت وڻ هيٺان کنيو وڃي ٿو. دورين گهڻو ڪري رات جو ڪري ٿو ۽ پوءِ ڏينهن جو کنيو وڃي ٿو جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته چونڊڻ وارو همراهه مٿي تي لوهي ٽوپلو يا ٿلهو ٽوال ٻڌي وڻ هيٺان دورين ميڙي ٿو. ڇو جو اگھاڙي مٿي تي اتاهين تان دورين ڪرڻ سان نه رڳو مٿو ڦاٽي ٿو پر ماڻهو مريو به وڃي. اهوئي سبب آهي جو هن پاسي جي ڪن ملڪن ۾ ڪنهن کي دورين هڻڻ “اقدام قتل” جو ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو.
    منهنجي هڪ ملئي دوست پاڪستان ۾ انبن جا مختلف نالا ٻڌي مونکي چيو ته يار توهانجي ميون جي سردار “انب” جا هي ڪهڙا عجيب نالا آهن....... طوطا پوري، بيگن ڦلي، گلاب خاصو، لنگڙو، فجري، زردالو ، ڪليڪٽر، راجا پوري...........!
    ملائيشيا کان آيل مهمان کي ته مون ڪو جواب نه ڏنو پر ڏٺو وڃي ته سندن ميون جي بادشاهه دورين جا ٻه عجيب نالا آهن جيڪي انهن جنسن جي رنگن، سائيز، ذائقي، شڪل، بوءِ مطابق رکيا ويا آهن. هن شهر ملاڪا ۽ ڀر واري رياست “جو هور” ۾ دورين جون جيڪي جنسون مشهور آهن انهن جا نالا: برونگ هنتو (چٻرو)، ڪُچنگ تيدور (ستل ٻلي)، جينتار بُومي (زلزلو)، وغيره. پينانگ ڀرسان “ڀلائو باليق” نالي هڪ ٻيٽ دورين کان مشهور آهي جتي جون ڪجهه جنسون هن ريت آهن: انگت انجنگ (غمگين ڪتو)، ناسي ڪنيت (هيڊ وارو ڀت)، تيمباگو (ٽامو پتل)، سموت (اڏوهي)، ڪيپاس (پنکو)، ايتريقدر جو دورين جي هڪ جنس جو نالو Kurap يعني خارش وارو ڪينئون (ring worm) به آهي.


    ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟

    نواب شاهه جو عزيز لاکو ڪراچي ۾ ان علائقي ۾ رهي ٿو جنهن ۾ آئون رهان ٿو. منهنجي ساڻس ڪئنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن واري عمارت ۾ سکر جي انجنيئر عابد شاهه جي آفيس ۾ اوچتو ملاقات ٿي. هو منهنجي لکڻين مان بيحد متاثر ٿي لڳو ۽ مون سان ملڻ لاءِ بيتاب هو. ان ئي ڏينهن هو مونکي گهر اچي ڪجهه ڪتاب ۽ ڪيڪ به ڏئي ويو.
    هينئر مونکي عزيز لاکو ياد اچي ويو. مون کيس ٽيليفون ڪيو . خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد مون يڪدم پڇيو “عزيز! ايئر گن اٿئي؟”
    عزيز لاءِ اهو هڪ عجيب سوال هو. جواب بدران هن حيرت مان پڇيو: “سائين خير ته آهي؟”
    “يار توهان جي هتي وڏي فئملي آهي تنهنجي ڀائرن يا سالن جي ڪنهن ٻار وٽ ايئر گن هوندي ؟”
    عزيز جي شادي اسان جي همعمر ۽ واقفڪار نوابشاهه جي محمود خان ميمڻ جي گهران ٿي آهي. محمود صاحب بئنڪر ٿي رهيو. هن اسان جي ڳوٺ هالا جي نئشنل بئنڪ ۾ به ڪجهه سال نوڪري ڪئي. عزيز لاکي جي والد وانگر محمود ميمڻ صاحب به پنهنجن ٻارن (ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين) کي خوب پڙهايو جن مان ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ئي نوڪري ڪن ٿا.
    عزيز وري کلندي پڪ ڪئي ۽ چيو “سائين ڪنهن کان پڇي ٿا وٺون پر ايئر گن جي توهان جهڙي اديب کي ڪهڙي ضرورت پئي؟”
    مون بنا سبب ٻڌائڻ جي ايئر گن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي. جو مونکي پڪ هئي ته سبب ٻڌائڻ بعد شايد ئي ڪو پاڪستاني مسلمان خاص ڪري سنڌي منهنجي مدد ڪندو. نٽائڻ جي باوجود عزيز مون کي سبب ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لڳو.
    “يار ڳالهه ٻڌ! مونکي ڪبوتر (پاريهر) مارڻا آهن.”
    “سائين ڪمال ٿا ڪريو. ڪبوترن کي ڪو ماربو آهي ڇا؟! انهن غريب پکين کي ته پاڻ اَنُ پاڻي ڏجي جو هو دعائون ٿا ڪن. هو اسان کي نقصان ئي ڪهڙو ٿا پهچائين” عزيز چيو.
    “عزيز! نقصان جو نه پڇ. اسانجي گهر جون ٻئي گهٽيون وِٺين سان ڀري ڇڏيون اٿن. سڄي رات ڪار مٿان ٿا هنگن. هڪلي هڪلي ٿڪجي پيو آهيان پر صفا نٿا ٽرن”
    عزيز کلندو رهيو، هِتان هُتان جون ڳالهيون پڇندو رهيو. رات جي ماني ڊفينس ڪلب ۾ ساڻس گڏ کائڻ لاءِ دعوت ڏيندو رهيو، پر ايئر گن هٿ ڪري ڏيڻ واري ڳالهه کان لنوائي ويو. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه نه هئي. آئون سمجھي ويس ته عزيز منهنجو سچو پرستار ضرور آهي پر هو مونکي ڪبوتر مارڻ ۾ ڪا مدد نه ڪندو ۽ نه ڪو ٻيو سنڌي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ اسانجي مرحوم دوست ابراهيم سومري جي ننڍي پٽ معظم جي شادي هئي. هن شاديءَ تي، خاص ان ڪري به هلي ويس ته اتي ابراهيم جي پٽن کان علاوه هن جا ڪيترا ڀائيٽا، ڀاڻيجا ڪراچي ۽ ڳوٺ شاهه پنجو کان اچي نڪرندا. ڪيترا ته پوليس ۾ به آهن. آئون کين ننڍي لاڪون سڃاڻا ۽ هو مونکي سڳو چاچو سمجھن ۽ منهنجي هر ڪم کي سرانجام ڏيندي خوش نصيبي سمجھن. مونکي پڪ هئي ته هنن مان ڪنهن وٽ ايئر گن ضرور هوندي يا ڪنهن نه ڪنهن کان هٿ ڪري ڏئي سگهندا. هڪ ٽيبل تي پوليس جو DSP ممتاز سومرو ۽ ڊاڪٽر مسعود سومرو ويٺا هئا.
    “ڳالهه ٻڌو ڪا ايئرگن ملي سگهندي؟” مون کانئن پڇيو.
    “انڪل خير مان؟” هنن حيرت مان پڇيو.
    “بابا ڪبوترن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. روز وِٺين سان گهر ڀريو ڇڏين. هر دريءَ جي مٿان ۽ ايئرڪنڊيشنر پويان آکيرا ٺاهي پڪي residency وٺيو ويٺا آهن.”
    “پر انڪل ماريون نه” ممتاز چيو.
    “ته پوءِ ڀلا ڇا ڪريان؟ ڇهه مهينا ته لٺ سان هڪليو اٿمان ته به موٽيو اچن.”
    “ڪبوتر هڪ دفعو گهر ٺاهي وهي ٿو ته پوءِ کڻي ڇا به ڪريو هو پنهنجا ڪک نه ڇڏيندو.” مسعود چيو.
    “اها ته ڏاڍي ٻڌايئي. تنهنجي معنيٰ آئون صحيح ٿو ڪريان. کين مارڻ ئي کپي” مون چيو.
    “انهن کي ڀڄائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي،” ممتاز چيو، “جتي جتي ڪبوتر وهن ٿا اتي ڪوڪا لڳل ڪاٺ جا تختا رکرائي ڇڏيو ته هو ويهي نه سگهندا.”
    اها idea مونکي پسند آئي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو سوچيم. تجربي خاطر مون ٻن درين مٿان ڪوڪن سان جھنجيل تختا رکرايا. ٻه چار ڏينهن ڪبوتر اتي وهڻ بدران ڀتين تي ٿي ويٺا ۽ ڪوڪن مٿان ڪک رکندا رهيا ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هو تختين مٿان سڪون جون ننڊون ڪرڻ لڳا ۽ لڳاتار وِٺيون لاهڻ لڳا.
    دراصل ٻه سال کن اڳ جڏهن اسان هن گهر ۾ اچي رهيا هئاسين ته نه اسانجي گهر نه پاڙيوارن گهرن جي ڇت تي ڪو ڪبوتر نظر آيو ٿي. پوءِ اسان جي بلڪل ڀرواري گهر ۾ رهندڙ وڏي عمر جي عورت جيئن ئي ڳوٺان پنجاب کان موٽي ته هن اچڻ سان اسان واري ڪامن ڀت مٿان پکين جي پيئڻ لاءِ پاڻي سان ڀريل ٺڪر جو پيالو ۽ سندس گهر جي مين گيٽ مٿان ٻاجھريءَ جو پاٽوڙو رکيو. پهرين جھرڪيون، ڪانگ ۽ ڪٻرون ٺونگا هڻنديون رهيون ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪبوتر به اچڻ شروع ٿي ويا.
    مون سمجيو ته شايد ڪا سُکا پوري ڪرڻ لاءِ هي ڪم ڪو ٻه ٽي ڏينهن هلندو پر هي هفتي پويان هفتو هلندو رهيو. سندن نوڪر هر ٽئي چوٿين ڏينهن ڏهه ڪلو کن ٻاجھر وٺي اچڻ لڳو ۽ پوڙهي پنهنجن هٿن سان ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا گيٽ مٿان انُ رکڻ لڳي. آهستي آهستي ٿي ڪبوترن جو تعداد وڌڻ لڳو. ظاهر آهي هتي فري لنچ هلي رهي هئي. هونءَ انهن ڪبوترن کي ڪچري جي ڍير تان اَنَ جو ڪَڻ ڪَڻ ڪري چونڊڻو پيو ٿي ۽ سڄي ڏينهن ۾ ڪو هڪ دفعو به مس سندن گُجي ڀري ٿي ....۽ هاڻ هتي پاٽوڙو خالي ٿيڻ تي يڪدم اَنَ سان ڀرجي ويو ٿي. نه رڳو اوسي پاسي جي گهٽين جا پر پري پري کان بکايل ڪبوتر اچڻ لڳا. پڪ انهن مان ڪجهه واپس ورڻ بدران، اَنُ ملڻ واري گهر ۽ پاڙي ۾ رهندڙ اسان جي گهرن ۾ رات گذارڻ ۽ هميشه لاءِ رهڻ لاءِ آستانو ٺاهڻ لڳا. جيڪي ڇَڙا هئا انهن کي آرام سان ساٿي ملي ٿي ويو ۽ نه رڳو رهڻ لڳا پرمزي سان ازدواجي زندگي (فئملي لائيف) گذارڻ لڳا. مهيني ٻن ۾ آنا ۽ پوءِ انهن مان ٻچا ڦٽڻ لڳا. اسانجي گهرن جون اندريون گهٽيون وٺين سان ڀرجڻ لڳيون. سڀ کان پهرين مون دانهون ڪيون ۽ پوڙهيءَ جي پٽ کي مسجد ويندي سمجھايم ته ڪبوترن جو تعداد وڃي ٿو وڌندو ۽ سندن وٺين ۽ پرن ۾ نه رڳو گندگي آهي پر بيماريون پڻ آهن.
    “صحيح ٿا چئو. اسان وٽ ته ٽي گاڏيون آهن. صبح جو اٿي ڏسندا آهيون ته وِٺين سان ٿڦيون پيون هونديون آهن. امان ڪبوترن کي اَنُ ڏيڻ کي خير جو ڪم ٿي سمجي. هاڻ اسان به ڪبوترن مان بيزار ٿي پيا آهيون ۽ اسانجي چوڻ تي هوءَ هاڻ سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو اَنُ ٿي رکي”.
    مون کيس سمجھايو ته پهرين ڳالهه ته هنن جي لاءِ هتي اَنُ رکڻ بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن هوءَ ان کي خير جو ڪم سمجي ٿي ته گهٽيءَ جي ڪنڊ تي خالي پلاٽ آهي اتي اَنُ ڇٽي اچي جيئن اتي کائين ۽ نوان ايندڙ اوڏانهن وڃن ۽ هتي پنجن مهينن کان Settlers کي اسان آهستي آهستي ڪري ڀڄايو ڇڏيون.
    دراصل ڪبوتر اسان لاءِ بيحد حساس پکي آهي. اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسانجي ڏاڏي جنهن جي تعليم فقط الحمد ۽ ٽي قل ياد هئا، اها پنهنجي اعتقاد يا وهم ۽ وسوسي مطابق اسانکي چوندي هئي ته جيئن مسلمانن ۾ سيد ڀلارا آهن تيئن پکين ۾ ڪبوتر سيد پير آهن. هوءَ مونکي ڪانگن ۽ جھرڪين کي غليل ۽ پوـءِ ڪجهه وڏو ٿيڻ تي ايئر گن سان مارڻ جي ته موڪل ڏيندي هئي پر ڪبوترن کي اڏائڻ کان به منع ڪندي هئي. نه فقط اسانجي ڏاڏي پر اسانجي سڄي ڳوٺ جي ماڻهن جي اها سوچ ۽ عقيدو هو. اٺين ڪلاس ۾ جڏهن موڪلن ۾ مون وٽ خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ نوشهري فيروز جو بشير وسطڙو ڪلاس ميٽ هالا گهمڻ آيا ته اسان ايئر گن کڻي شهر کان ٻاهر پيرن جي باغ وٽ پٽ تي ويٺل ڪبوترن کي ڇِرا ٿي هنيا ته رستي تان لنگھندڙن مان پهرين هڪڙي ۽ پوءِ ٻئي اسان کي ڏاڍي دٻ ڪڍي: “ڇورا ڪير آهيو؟ ڪبوترن کي ٿا ماريو؟” ۽ اسان توبهه ڪري گهران اچي نڪتا هئاسين. اها سمجھو ته اڌ صدي اڳ جي ڳالهه هئي. اڄ جي ماڊرن۽ سائنسي دور ۾ حج يا عمري تي ويندو آهيان ته پنهنجي ڳوٺ ۽ زال جي ڳوٺ دادوءَ جون ڪجهه عورتون مونکي سندن حق ۾ دعا گهرڻ بدران چونديون آهن ته سندن پاران ڪلو ٻاجھر جو وٺي مديني واري مسجد جي ڪبوترن کي کارائجانءِ. اهو ڪم مون لاءِ ناممڪن هوندو آهي ۽ جيڪي ڪندا آهن انهن کي عرب شرطا (پوليس وارا) دڙڪا ڏيندا رهندا آهن. اهو ڪم نه فقط اسان سني مسلمانن ۾ آهي پر شيعن ۾ پڻ عام آهي. يعني اسان جي ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن ۾ آهي.
    پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” (ايران ڪي دن) ۾ۡ لکي چڪو آهيان ته ايران جي شهر مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي تي اسان جي گروپ ۾ موجود هڪ ملتاني پوڙهيءَ پاڻي جي سبيل جي ڇت تي ويٺل ٻن ڪبوترن کي ڏسي پنهنجي ڪراڙي مڙس کي هڪ هڙ ڏني ۽ ڪبوترن ڏي اشارو ڪيو. هن هڙ کولي ان ۾ موجود اڌ ڪلو ٻاجھر سبيل واري ڪمري جي ڇت تي اڇلائي. ٻه ڪبوتر پهرين ئي موجود هئا. هِتان هُتان کان ٻيا به چار پنج ڪبوتر اڏامي آيا ۽ اَنُ چڳڻ لڳا. پري بيٺل هڪ ايراني گارڊ هي سڀ لقاءُ ڏسي رهيو هو، هو اسان ڏي وڌيو ۽ ڪبوترن کي ان ڏيڻ واري ملتاني پير مرد کي پنهنجي زبان ۾ ڪجهه چئي ويو. اسان سمجھيو ته هن پوڙهي جو شڪريو مڃيو هوندو ته هن ملتان کان ٻاجھري جي هَڙ کڻي هتي جي بکايل ڪبوترن کي اچي کارائي آهي ۽ پڪ اهي (يعني ڪبوتر) دعائون ڪندا هوندا ته اهڙي شخص جي مَنَ جو مرادون پوريون ٿين. پر پوءِ اسانجي فارسي ڄاڻندڙ گائيڊ اسانکي ٻڌايو ته ايراني گارڊ ملتانيءَ کي دڙڪا ڏئي ٻڌائي رهيو هو ته هتي جي انتظاميه اسان پاڪستانين تي سخت ڪاوڙيل آهي ته هو ههڙن هنڌن تي اچيو ڪبوترن کي ٻاجھري ڏين جيڪي پوءِ نمازين مٿان وٺيون لاهيندا وتن. هن چيو ته توهان پاڪستاني جيڪڏهن ان کي هروڀرو خير جو ڪم ٿا سمجھو ته وڃي ڪنهن پارڪ ۾ پکين کي اَنُ ڏيو. هتي ڇو ٿا گند پکيڙيو.........
    ان قسم جي غلطي يا بيوقوفي مونکان به هڪ دفعو ٿي هئي. هيءَ اسي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ رهندو هوس. اسانجي گهر جي اڳيان سمنڊ (Malacca Straits) جو ڪنارو هو ته پٺيان گھاٽو جنگل. سڄو ڏينهن جنگل مان مختلف رنگن جا خوبصورت پکي اسانجي گهر اڳيان ساهي پٽڻ لاءِ گئراج جي ڀتين تي اچي وهندا هئا. مونکي خيال آيو ته ڇو نه گهر اڳيان ان ڦٽو ڪندو رهان جيئن اڃان به وڌيڪ پکي اچن. اَنُ ڏيڻ تي رنگين پکين ۾ ته واڌارو نه ٿيو پر ڪبوترن ۾ ضرور ٿيو. آئون به ان ڳالهه جي پچر ڇڏڻ بدران ويس اَنُ ڇٽيندو ۽ ڪبوترن جو تعداد ويو وڌندو. پاڙي اوڙي جا ملئي ۽ چيني به حيرت کائڻ لڳا ته هي ڪري ڇا پيو. مونکي به جلدي ئي ان گند جو احساس ٿيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ممبئي جو هڪ ڪئپٽن نندڪر اسانجي گهر آيو جنهن گهر اڳيان ڪبوترن کي چڳندو ڏسي ٽوڪ طور مونکي چيو:
    “مسٽر الطاف هي ڇا! چئبو ته پاڪستان ۽ انڊيا جا مسلمان کڻي يورپ يا آمريڪا ۾ هجن پرڪبوتر پالڻ جو شوق نه ڇڏيندا!” اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو شرم آيو ۽ پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هتي جا ملئي مسلمان ان کي خراب ڳالهه ٿا سمجھن جو ڪبوترن مان ماڻهن کي، خاص ڪري ٻارن کي، ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون. ڪئپٽن نندڪر جي ڳالهه صحيح هئي ته اسان مسلمانن کي ڪبوتر پالڻ يا انهن کي ان کارائڻ جو ڏاڍو شوق آهي.
    ممبئي ۾ دادر ريلوي اسٽيشن کان وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس اسٽيشن جيڪا هاڻ ڇترپتي شيواجي اسٽيشن سڏجي ٿي) وڃي رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ ممبئي يونيورسٽيءَ جو شاگرد مون ٽوئرسٽ کي پنهنجي شهر ممبئي جي اهم عمارتن ۽ علائقن بابت ٻڌائي رهيو هو. “سئنڊهرسٽ” اسٽيشن يا “ڪري روڊ” اسٽيسن وٽ، جھڳين واري علائقي ڏي اشارو ڪري هن چيو “سر هتي گهڻي ڀاڱي مسلمان رهن ٿا” مون کي افسوس ٿيو ته يورپ جهڙين عمارتن جي شهر ممبئي ۾، مسلمانن جي معاشي حالت ڪا سٺي ناهي. مون غور سان چوڌاري نظر ڊوڙائي ته انهن ٽِين ۽ ڪکائين ڇتين مٿان ڪيترائي نوجوان لٺ ذريعي پنهنجن ڪبوترن کي سڏي رهيا هئا ۽ ڪيترن انهن جڳهين مٿان ڪاٺ جا پڃرا ٺهرائي ڇڏيا هئا جيڪي ڪبوترن سان سٿيا پيا هئا.
    اسان نئين صدي ۾ پهچي ويا آهيون پر اسانکي ڄاڻ نه آهي ته پکين ۽ جانورن مان انسان ذات کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون جن مان ڪجهه وچڙندڙ پڻ آهن. اسان وٽ نه فقط وڏا پاڻ پر هو پنهنجن ٻارن کي به ڇڏي ڏيندا ته پيا ڪڪڙين، ڪبوترن ۽ طوطن کي ڀاڪر پائين ۽ چميون ڏين. ڪنهن کي کڻي سمجهاءِ ته هو يڪدم گورن يعني يورپين ۽ آمريڪن جو مثال ڏيندو ته اهي به گهر ۾ ڪتا ٻلا رکيو ويٺا آهن.
    هاڻ اسان جي ماڻهن کي ڪير سمجھائي ته اهي گورا پاليل جانور کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪن ٿا. هنن کي باقاعدگي سان اوچيون دوائون پيارين ٿا ۽ ٽُڪا (Vaccination) هڻائين ٿا ۽ هو هنن جي صحتمند کاڌي ۽ اعليٰ قسم جي شئمپو ۽ صابڻن تي جيڪو خرچ ڪن ٿا اهو اسان جي امير گهرن جي سڪيلڌن ٻارن تي به نٿو ٿئي. شايد ڪيترن کي اها خبر به نه هجي ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻا پاڳل ڪتن جا چڪيل سنڌ ۾ آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته آفريڪا جي ملڪن جي اسپتالن ۾ به ڇتي ڪتي ۽ نانگ بلائن جي چڪن جون سيون ۽ دوائون هونديون پر اسان وٽ نه آهن. هائيڊرو فوبيا جو مريض علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپيو تڙپيو مريو وڃي پر گهٽين ۾ ڪرفتي پکيڙيندڙ، بيمار ۽ رول ڪتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو بندوق کڻندو يا ميوسنپل وارا انهن کي زهر ڏيڻ لاءِ اٿندا ته اسان جي پاڙي جون پوڙهيون انهن کي سوين پِٽون ڏينديون.
    دراصل اسان وٽ ماڻهن کي ميڊيڪل جي ڄاڻ به ته نه آهي. ڪهـڙين ڳالهين ۾ ڪهڙا جراثيم آهن جيڪي انسان جي صحت تي اثر ڪن ٿا...... ڪا خبر ناهي. ڪبوترن جي وِٺين ۾، خاص ڪري جڏهن هو سُڪيو وڃن ته انهن جو ٻُورو (Powder) هوا ۾ اڏامي ٿو ۽ ان جي ڀرسان لنگھندڙ جي ساهه کڻڻ سان ڦڦڙن م داخل ٿئي ٿو. اهو ڪيترن ئي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. ڪبوترن جي وِٺين، ڇڻيل کنڀن ۽ مئل ٻچن مان پيدا ٿيندڙ فنگس (Fungus) ۽ جراثيمن مان ٽي بيماريون عام آهن. سڀ کان گهڻي Histoplasmosis آهي. هن ۾ ڪڏهن علامتون نظر اچن ٿيون ته ڪڏهن فِلو جهڙي بيماري ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن بيماريءَ ۾ تمام گهڻو بخار، نمونيا ۽ موت به اچي ٿو.
    امتحانن دوران لنڊن ۾ جنهن فلئٽ ۾ ڪئپٽن مخدوم ۽ آئون رهندا هئاسين ان جي سالياني صفائي ڪرڻ وارن اهو چئي ان جي بُخاري (چمني) صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ان ۾ ڪبوترن جو پراڻو آکيرو آهي ۽ وِٺيون صاف ڪرڻ لاءِ هنن جي ڳري في آهي جو انهن سُڪل وِٺين مٿان پهريون جراثيم ختم ڪرڻ واريون دوائون هڻڻيون پونديون.
    آغا خان اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسان وٽ هِسٽو پلاسموسز بيماري تمام عام آهي خاص ڪري ڪبوتر پالڻ وارن ۽ وڪڻڻ وارن ۾. ڪيترن حالتن ۾ موت به درپيش آيو آهي پر مريضن جو ڪبوترن جي ڪرفتي ڏي ڌيان وڃڻ بدران هو اهوئي سمجھن ٿا ته هنن کي موسم جي تبديليءَ ڪري بخار ٿيو آهي.
    ڪبوترن جي وٺين مان لڳندڙ هڪ بيماري Cryptococcus آهي. هيءَ بيماري پڻ ڪبوترن جي وِٺين مان نڪرندڙ فنگس مان لڳي ٿي، جيڪا ساهه ذريعي انسانن ۾ داخل ٿئي ٿي. ان کان علاوه Psittacosis ۽ Toxoplasmosis بيماريون پڻ عام آهن. جپان جهڙا ملڪ جتي عوام جي صحت جو تمام گهڻو خيال ڪيو وڃي ٿو اتي جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ماڻهن کي جيڪڏهن خبر پوي ته ڪبوترن جون وِٺيون ڪيڏو خطرناڪ آهن ته هو انهن جي صفائيءَ کان وڌيڪ ڪبوترن کي مارڻ جي تقاضا ڪن.
    ڪبوترن جي منفي خاصيت اها به آهي ته هنن جي واڌ تمام گهڻي آهي ۽ جيڪڏهن هنن کي گهر ويٺي کائڻ لاءِ اَنُ ملندو رهي ته هنن جي ڄم جي رفتار اڃان به وڌيڪ ٿيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو آني مان ڦٽل ٻچا جيئن ئي هفتي ٻن جا ٿين ٿا ته هو ٻيا آنا لاهڻ شروع ڪريو ڏين. ڪبوترن جي ماهر بايولاجسٽ جي ٻڌائڻ مطابق ڪبوترن جي سڄو سال breeding لڳي رهي ٿي. هو هر دفعي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻچا ڏئي ٿو. ڪبوترن جو هڪ بالغ جوڙو سال ۾ ڇهه دفعا ٻه ٻه ٻچا پيدا ڪري ٿو. اصل ۾ ته ان کان به گهڻا ڏئي ٿو پر ڪجهه ننڍي هوندي مري وڃڻ ڪري سراسري جي ٻه ٻچا سمجيا وڃن ته سال ۾ 12 کن ٻچا ٿيا جيڪي ڇهه جوڙا ٿيا ۽ اهي به پهرين سال هڪ هڪ ٻچو ڏين ٿا. يعني سال ۾ ويهارو کن پکي ٿي ويا. ان حساب سان جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ پنج جوڙا ڪبوترن جا رهن ٿا ته اتي هڪ سال ۾ 100 کن ڪبوتر ٿي ويا. ڪيترن ملڪن ۾ ڪبوترن جي واڌ ويجھ گهٽائڻ لاءِ انهن جا آنا ضايع ڪيا وڃن ٿا يا پلاسٽڪ جا آنا رکيا وڃن ٿا جيئن ڪبوتر رڳو دل خوش ڪرڻ لاءِ آري تي وهن باقي ڪبوترن جو تعداد نه وڌي.
    بهرحال هي ڪبوترن جي ڳالهه ان ڪري کڻي ويٺس ته جيئن اسان جي ماڻهن کي احساس ٿي سگهي ته ڪبوتر پالڻ جهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان وٽ غلط نٿيون سمجھيون وڃن پر دنيا انهن ڳالهين تي اسان تي کلي ٿي. ڪيترون ڳالهيون اهڙيون به آهن جن کي اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کڻي اسلامي رنگ ڏنو آهي جيتوڻيڪ اسان جي ان جهالت تي نه فقط عرب پر ملائيشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان به اسان تي چٿرون ڪن ٿا. هو اهو ئي چون ته پکي يا ڪو جانور پالڻو اٿئو ته ان جي صحيح طرح پرگھور لَهو. هن کي هائيجنڪ ڪنڊيشن ۾ رکو، هنجي رهائش وارو پڃرو يا جاءِ کي صاف سٿرو رکو، هن جي ڪرفتي هر وقت صاف ڪندا وتو ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ پاڙيوارن لاءِ بيماريون پيدا نه ڪريو.
    پڙهندرن کي شايد تجسس هجي ته پوءِ مون ڇا ڪيو..... ڪبوترن مان جان ڪيئن ڇڏايم. لٺ سان ته هڪلي هڪلي ٿڪجي پيو هوس هاڻ ايئر گن هٿ ڪرڻ لاءِ جستجو ۾ هوس جيڪا منهنجي ڪنهن واقفڪار وٽ هوندي به هن ڪبوترن کي مارڻ جو ٻڌي نٽائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هڪ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان پڙهيل رينجرس جي SP جو ٻڌم ته ڪراچي بدلي ٿي آيو آهي. فون ڪيومانس ته هڪ ڪم ڪندين؟
    “ڀائيجان توهان رڳو حڪم ڪريو” وراڻيائين.
    “ايئرگن ڪا هٿ ڪري ڏي پر مارڻا ڪبوتر آهن” مون اهو چئي يڪدم چيومانس”هاڻ ڪبوترن جو پاسو نه کڻجانءِ.”
    “سوال ئي نٿو پيدا ٿئي” هن جواب ڏنو ۽ شامَ جو هڪ سپاهي هٿان ايئرگن موڪلي ڏنائين.
    ايئرگن هٿ ۾ کڻي اٺين نائين ڪلاس جا ڏينهن ياد اچي ويا. دٻيءَ مان ڇيرو ڪڍي ايئرگن ۾ لوڊ ڪرڻ لاءِ ان کي وچ تان موڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ڏاڍو زور لڳرائين.
    Something wrong with this gun .... مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر نه ..... اها منهنجي غلط فهمي هئي. ايئرگن ساڳي هئي جنهن کي 15 سالن جو الطاف ته ڏاڍي آساني سان موڙي سگهيو ٿي پر هاڻ ستر سالن جي پوڙهي الطاف ۾ اها طاقت نه رهي هئي جو ايئرگن جي اسپرنگ خلاف زور ڏئي آساني سان لوڊ ڪري سگهي. بهرحال ٿورو گهڻو زور ڏيڻ سان اهو مرحلو ته طئه ٿيندو رهيو. نشانو چٽڻ مون لاءِ ڪو مشڪل نه هو. ايس پي صاحب اجائي 100 ڇيرن جي نئين دٻي موڪلي، پنج ڇهه ڇيرا به ڪافي هئا. هيڏي ساري ڪبوتر تي ٽيهه چاليهه فٽن تان نشانو چِٽڻ ڪهڙي ڏکي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ خاص ڪري مون لاءِ ....... جنهن ڪاليج جي ڏينهن ۾ 22. (پوائنٽ ٽو ٽو) جي رائفل سان نشاني بازي ۾ هميشه انعام کٽيا هجن. پيٽارو ۾ رائفل شوٽنگ ۾ مونکان بهتر فقط پهرئين بئچ جو خواجا گهنتر نبي انصاري (ڪِٽ نمبر 26) هوندو هو. ڪاليج جو جو حوالدارچوندو هو ته Shoot to Kill ...... يعني هر فائر نشاني تي لڳڻ کپي ۽ اسانجو نشانو هميشه Bull ۾ لڳندو هو يعني اندرين ننڍڙي گول جي وچ ۾.
    بندوق هٿ ۾ کڻڻ ۽ ڪبوترن کي شوٽ ڪرڻ کان اڳ اهو ضرور سوچيم ته شام تائين ڪبوترن جو ڍير ٿي ويندو جن کي اڇلڻ جو مسئلو ضرور ٿيندو. مونکي تيونس جو عرب دوست عياض ياد اچي ويو جيڪو سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو..... هو ڪبوتر کائڻ جو شوقين هو. ڪوپن هيگن ريلوي اسٽيشن جي ڇت جي گارڊرن ۾ ڪبوترن کي ڏسي هن جو هميشه وات پيو پاڻي ٿيندو هو. اڄ هو هتي هجي ها ته آئون اڇلڻ کان بچي وڃان ها. هو ذبح ڪري پنهنجي لاءِ فريز ڪندو وڃي ها.
    اسان وٽ ڪبوترن جو هڪ ٺڪاڻو نه هو. ڪجهه ايئرڪنڊيشنر پٺيان فئملي لائيف گذاري رهيا هئا ته ڪجهه خانه بدوشن وانگر درين ۽ انهن مٿان ڪانسن تي. آئون ٽي چار ڏينهن صبح شام فائر ڪندو رهيس ڪو به فائر خالي نٿي ويو. هر فائر تي يا دريءَ جو شيشو ڀڳو ٿي يا ايئرڪنڊيشنر جي ٻاهرين چادر ۾ سوراخ ٿيو ٿي. ٺڪاءَ تي في الحال ڪبوتر ڀڄي ويا ٿي. هڪ ٻه دفعو ته ٺڪاءَ تي ڪنهن ڪبوتر اهڙو ڀڙڪو ڏنو جو مونکي لڳو ته ان کي گولي لڳي آهي ۽ پاڙي واري جي ڇت تي وڃي ڪرندو. پر اهو ساڳيو هڪ اڇي کنڀ وارو وري شامَ جو نموندار ٿيو ٿي. بهرحال بندوق جي ٺڪاءَ، دريءَ جي شيشي ڀڄڻ يا ايئرڪنڊيشن جي ٻاهرين ٽين جي پليٽ ۾ ڌڪ لڳڻ جي آواز ڪري خوف کان هنن آهستي آهستي ٿي پنهنجين جاين تي موٽڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو پر منهنجي هٿ ڏڪڻ ڪري مئو هڪڙو به نه. دل کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اها ئي آٿت ڏنم ته چڱو جو ڪنهن ڪبوتر کي گولي نه لڳي، زخمي ٿيل کي ڪير سير وجھي ها ۽ مئلن کي ڪير وڃي ڪچري جي ڍڳ تي اڇلي اچي ها. ان کان علاوه منهنجا ڪيترا دوست جن لاءِ ڪبوتر پير مرشد آهي اهي به ڏک ڪن ها.
    The Tail End: هي مضمون اخبار ۾ ڏيڻ کان اڳ هڪ دفعو پڙهي ڏٺم ته اهو محسوس ٿيو ته هڪ ليکڪ جي حسابَ سان مون ڪبوترن سان انصاف نه ڪيو آهي. هن جي فقط منفي ڳالهين تي لکيو اٿم. سچ هي آهي ته ڪبوتر ڪو اهڙو ويل پکي به نه آهي. ان کان خراب ته ڪانگ پکي آهي. شڪل ۾ به خراب ته افعالن ۾ به بڇڙو. ڪڙميءَ جي ٻار کان ماني ڳڀو ڦرڻ وارو، بند ٿيل ٿيلهين کي ڦاڙي ان جو ڪچرو چوڌاري پکيڙڻ وارو هوندي به سچي ڳالهه اها آهي ته اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن کي به پيارو پکي سمجھون ٿا. تڏهن ته چئون ٿا ته “آءُ ڪانگا ڪڍي تو ڏيان جان جگر جيرو”..... يا ....”ڪاگا چن چن کَيو ماس..........” وغيره. ان حساب سان ته ڪبوتر هڪ خاموش طبيعت، ڪڏهن به ڪنهن سان جھيڙو نه ڪرڻ وارو، ڪڏهن به ڪنهن ٻار کان شيءِ نه ڦرائڻ وارو، ٻئي کي پاڻ جهڙو شريف سمجھڻ وارو (سامهون بندوق جھلي بيهوس ته به شڪ نه ڪندو ته اڳلو منهنجي جان پٺيان آهي)، پاڻ کان ننڍي پکين سان به صلح سان رهڻ وارو پکي آهي. ان ڪري ڳيري وانگر هن کي به امن جو پکي سڏين ٿا.
    اي ميل، ڪوريئر سروس ۽ پوسٽل ڊپارٽمينٽ کان اڳ پيار جا پيغام کڻي وڃڻ ڪبوتر جو ئي ڪم هوندو هو. تڏهن ته 1956ع جي فلم دلا ڀٽي ۾ صبيحا ڪبوتر کي چٺي ڏئي چوي ٿي:
    “ واسطا اي رب دا ـــ تون جاوين وي ڪبوترا،
    چٺي ميري ڍول نو پجاوين وي ڪبوترا”

    هن غريب پکيءَ کان نه فقط ٽپاليءَ جا ڪم ورتا ويندا هئا پر ڪي ڪي عاشق هن تي خاص حڪم صادر ڪندا هئا ته سندن چٺي پهچائڻ ۾ سستي کان ڪم نه وٺجان، جان هلي وڃي ته به چٺي محبوب کي ملڻ کپي..... ذرا ملاحظه فرمايو هي شعر:


    “ وڃ ڪبوتر چهنب ۾ کڻي پرينءَ ڏي پيغام
    متان چڳين چانور تولاءِ پاڻي به آ حرام
    ويهي نه رهجانءِ وڻڪار ڏسي، وڃجانءِ تيز تمام
    هن غريب جا سلام، ساري ڏج سڄڻ کي.

    ڪن حالتن ۾ ڪبوتر کي اوڏانهن موڪليو ويو ٿي جتي هن جي جان جو خطرو هو. هن ان خطري کان عاشق کي آگاهه به ڪيو ٿي ته اهو ڪم ڪندي منهنجا پر ڪترجي ويندا.....

    خط ڪبوتر ڪس طرح لي جائي بامِ يار پر
    پَر ڪترني ڪو لگي هين، ڪينچيان ديوار پر

    پر عاشقن وٽان هن کي اهوئي حڪم صادر ٿيو ٿي ته خط محبوب تائين هر صورت ۾ پهچڻ کپي.

    خط ڪبوتر اس طرح لي جائي بامِ يار پر
    ڪه خط ڪا مضمون هو پرون پر، پر ڪٽين ديوار پر

    ڪيترن ملڪن ۾ هن پکيءَ جا خوبصورت Statues نظر اچن ٿا. لنڊن جي پڪاڊلي سرڪس ۽ ٽوڪيو جي ائينو پارڪ اڳيان ڪبوتر جا ولر اَنُ کائيندي نظر ايندا. شايد ولايت ۾ ڪبوترن کي ڏسي اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ واري چوراهي تي ڪبوترن کي اَنُ ڏنو وڃي ٿو. پر يارو فرق اهو آهي ته هوڏانهن ولايت ۾ اهڙن هنڌن کي روزانو رات جو جراثيم ڪش دوائون هاري ڦوهاري سان فرش صاف ڪيا وڃن ٿا. اسان وٽ ڇهه ڇهه مهينا ٿيو وڃن ٺلهي ٻهاري سان به وٺيون صاف نٿيون ٿين!.


    هاءِ جواني، ٿو ساري توکي هرڪو

    اسانجي ڪاليجي ڏينهن ۾، يعني هيءَ 1960ع ڌاري جي ڳالهه آهي، صبح جو پي ٽي (ورزش) لاءِ پوري ڇهين وڳي سيٽي وڄندي هئي ۽ اسان سڀ شاگرد سُفيد نِڪر (چڍيءَ) ۾ هاسٽل جي ميدان تي اچي حاضر ٿيندا هُئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ نه فقط پي ٽي ۽ رانديون پر ڪلاس ۾ بِه نڪر ۾ وڃبو هو.
    ڪمرو ڇڏي ميدان ۾ اچي بيهڻ لاءِ وڄندڙ سيٽيءَ کان 15 منٽ اڳ بيوگل (گهگهو) وڄندو هو جيڪو ننڊ مان اٿڻ جو اطلاع هوندو هو. جيئن پندرنهن منٽن ۾ اسان هٿ منهن ڌوئي، سليپنگ سوٽ لاهي چڍي، گنجي، جوراب ۽ رٻڙ جو بوٽ پائي سگهون.
    مئٽرڪ بعد جڏهن فرسٽ ييئر ۾ آياسين ته ڪجهه دلير ٿياسين..... يا شايد اعتماد آيو...... يا ڪجهه دير وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جو شوق ٿيو. منهنجي روم ميٽن: خيرپور جي شوڪت جماڻي، ظفر خان (سابق چيئرمين PIA ۽ اينگرو) ۽ زين العابدين شاهه (رٽائرڊ ڪموڊور) اها صلاح مشورو ڪيو ته صبح جو اٿي P.T لاءِ ڊريس بدلائڻ بدران ڇونه رات جو اڳواٽ پائي سمهجي ۽ صبح جو اٿي هٿ منهن ڌوئڻ يا ڏندن کي برش ڪرڻ بدران سمهڻ مهل ڪجي. اهڙي طرح صبح جو ڏهه پنڌرهن منٽ وڌيڪ سمهڻ لاءِ ملي ويندا. حيرت جي ڳالهه اها ته ان ۾ اسان کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي. بيوگل بدران اسان سيٽيءَ تي ٽپ ڏئي اٿندا هئاسين ۽ باٿ روم جو رخ رکڻ بدران سڌو اچي ميدان تي بيهندا هُئاسين. ٻين جن ان بابت ٻڌو اهي اسان تي کلندا رهيا ٿي. ته 15 منٽن جي ننڊ لاءِ وڏو Risk کڻي رهيا آهيون. ڪنهن ڏينهن وقت تي ميدان تي نه پهچنداسين ته سزا کائينداسين..... انهن جي ڳالهه صحيح ٿي.... هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو وقت تي پهچي نه سگهڻ تي ٽاڪ منجھند جو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پيئي. پوءِ ان گهاٽي جي ڪم کي ڇڏي ڏنوسين. سڀ کان گهڻا دفعا دير شوڪت جماڻي کان ٿي ۽ اتفاق آهي جو مون کان هڪ دفعو به نه ٿي. ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو جو آئون نه فقط چڍي ۽ گنجي پر رٻڙي جوتا (P.T Shoes) به پائي سمهندو هوس جيڪو ڪم ٻين لاءِ دير جو سبب بڻبو هو.
    اها هئي 52 سال اڳ ماضيءَ جي ڳالهه . هاڻ حال جو احوال:
    ان ڏينهن شوڪت جماڻيءَ سان گڏ ڪنهن دعوت ۾ وڃڻو هو. گهران نڪرڻ کان اڳ فون ڪيائين ته اچان پيو. ان بعد گهر پهچي هن رکي رکي ٻه دفعا بيل وڄايو، پر جلدي جلدي ۾ مونکان صحيح طرح ٽاءِ نه پئي ٻڌي ٿي، ان بعد ضرورت نه هجڻ جي باوجود واش روم ۾ وڃڻو پيو. شگر جي مريض کي، نه ته رستي تي ضرورت پئجي سگهي ٿي. ماني جي دعوت آهي ته گلو ڪوفيج گوري به ساڻ کڻي. گهڻي شگر وارن لاءِ ته ائمرل نموني جي گوري به ضروري ٿيو پوي جيڪا مانيءَ کان اڳ کائڻ ضروري ٿئي ٿي.
    ٻاهر نڪري شوڪت جي ڪار ۾ اچي ويٺس ته شوڪت پنهنجي اسٽائيل جي اڌ اکري کل جي وارکا ڪندي چيو “ يار ايڏي دير! پيٽارو ۾ ته پهرين ئي سيٽي تي ميدان تي هوندو هئين.”
    سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کان به کل نڪري وئي. “يار سچ ٿو چوين..... اهي به ڪي ڏينهن هئا جن گذري اڄ پورا 52 سالَ ٿي ويا آهن” مون چيو.
    “ننـڊ ۾ هجڻ جي باوجود ڪيئن کٽ تان ٽپ ڏئي اٿبو هو ۽ گرائونـڊ ڏي ڊوڙبو هو!” شوڪت ياد ڏياريو.
    “ ۽ هاڻ ته ڪرسيءَ تان اٿڻ لاءِ به زور ٿو لڳائڻو پوي. شوڪت! تڏهن ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڳو جوتا پائڻا پوندا هئا، سي به هلندي هلندي پائي وٺبا هئا.”
    “هينئر به ته رڳو هڪ شيءِ جوتا ئي ته پائڻا پون ٿا، ڪهڙا گھنگھرو ٻڌڻا پون ٿا؟” شوڪت چيو.
    “فقط هڪ شيءِ هجي ته ان جو ذڪر ڪجي. چشمو پاءِ. نه رڳو پاءِ پر پڙهڻ وارو کيسي ۾ کڻي هل. ڊينچر (نقلي ڏند) لڳاءِ.......... ۽ پاڻ واري خالد کي ته ڪنن ۾ ٻڌڻ جو آلو به لڳائڻو پوي ٿو جنهن جي بيٽري چارج نه هجڻ ڪري بيٽري چارجر به کڻڻو پوي ٿو” مون چيو.
    “لڳي ٿو هاڻ ڄاڻ ته لٺ کڻڻ جي به نوبت اچي،” شوڪت چيو، “سراج ته هر وقت ڪنڌ وارو ڪالر به لڳائي هلي ٿو”
    سراج راندين ۾ اسان سڀني کان هوشيار هو پر ظاهر آهي هاڻ هو به اسان وانگر 70 سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ ستر سال ڪا گهٽ عمر ته نه آهي..... خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي مرد جي زندهه رهڻ جي سراسري عمر 45 کان 50 سال مس آهي.
    دراصل انسان جي پيري به عجيب شيءِ آهي! هوڇا چوندا آهن ته ‘ مين ني لڙکپن مين اسد، سنگ اٺايا تو سر ياد آيا’ (غالب). اسانکي ننڍپڻ ۾ نه پر هاڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڳالهين تي افسوس ٿو ٿئي. ڪيئن جرمني، انگلينڊ يا فرانس جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ چڪر ڏيندي، انهن پوڙهين تي چڙ وٺندي هئي جن اڳيان لنگھندي اُهي شئمپو، پائوڊر يا باڊي يا ڪڇو اڳيان ڪري ان تي لکيل قيمت پڇنديون هيون. اسان کي چڙ يا حيرت ان ڳالهه تان وٺندي هُئي ته هنن کي چشمو لڳو پيو آهي ته به پاڻ نٿيون پڙهن. پر هاڻ جڏهن آئون ڪنهن کان لکيل قيمت يا ننڍن اکرن وارا لفظ پڇندو آهيان ته ننڍپڻ جا ڏينهن بلڪه جوانيءَ جا ڏينهن ياد اچي ويندا آهن ۽ سخت ڏک ٿيندو آهي. ڇو جو وڏي عمر ۾ ويجهي جي نظر لاءِ الڳ عينڪ ٿي ٿئي جيڪا اڪثر گهر وسريو وڃي. يا کڻي کيسي ۾ موجود آهي ته ٻن انگن يا اکرن کي پڙهڻ لاءِ پري جي عينڪ لاهي، کيسي مان ويجھي نظر جي عينڪ ڪڍي ڪير لڳائي.
    موبائيل فون جو ڪارڊ جنهن دڪان واري کان وٺندو آهيان، ان کي چوندو آهيان ته مهرباني ڪري فون ۾ وجھي ڏي. هو اڪثر، خاص ڪري جڏهن مشغول هوندو آهي يا موڊ ۾ نه هوندو آهي، ته چئي ڏيندو آهي “سر هي ته ڪو ڏکيو ڪم آهي ڪونه. توهان کي اهو به نٿو اچي.” هو مونکي هر وقت لُنڊي سٿڻ ۽ هوائي چپل ۾ ڏسي سوچيندو هوندو ته آئون خبر ناهي ڪير آهيان. چار درجا پڙهيل به آهيان يا نه. اهڙي طرح ڪمپيوٽر ۾ ڪا خرابي ٿيندي آهي ته ڪمپيوٽر واري کي گهر گهرائي چوندو آهيانس ته هن ۾ هي هي پروگرام ڊائون لوڊ ڪري پوءِ اسڪئنر ۽ پرنٽر مان ڪڍيل تارون صحيح طرح فڪس ڪري پوءِ وڃ. هڪ دفعي ته هن بيزاريءَ مان چئي ڏنو ته سر توهان کي اهو به نٿو اچي. کلندي چيومانس” ڳالهه ٻڌ! پاڪستان ۾ ڪيترا منهنجي عمر جا اديب ۽ شاعر آهن جيڪي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ ڪندا هوندا؟ جيڪي فوٽو شاپ، اَيڊوب ۽ ويب سائيٽ ٺاهي ويندا هوندا؟ هڪ ٻي ڳالهه ٻڌ ...... آئون جڏهن تنهنجي عمر جو هوس ته نه فقط دنيا جي سمنڊن تي پاڻي جا آفت جيڏا جهاز هلايم پر پاڪستان جو پهريون آٽو ميٽڪ جهاز مون هلايو.”
    هو وائڙن وانگر مونکي غور سان ڏسڻ لڳو. اهو نه چوندس ته منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هو مون مان متاثر ٿيو پر هو مونکي اهڙي نموني سان ڏسڻ لڳو ڄڻ دل ۾ چئي رهيو هجي ته هي اڇي ڏاڙهيءَ وارو ڪوڙ ته ڪهڙا ٿو ڳالهائي.
    دراصل هن جو ڪهڙو ڏوهه! جنهن مسجد ۾ آئون نماز پڙهندو آهيان ان ۾ منهنجا ٻه ٻيا هم پيشه، يعني جهازن جا چيف انجنيئر پڻ ايندا آهن. عمر ۾ کڻي هو مونکان سال يا اڌ وڏا هجن، يا ننڍا به ٿي سگهن ٿا، پر ظاهري طرح انهن ۾ مون جهڙو به حال ناهي. ٻنهي جا وار چانديءَ جهڙا سفيد، هڪ جو ته پٺيءَ جو ڪنڊو به ٿورو چٻو ٿي ويو آهي.... آهستي آهستي ٿي مسجد جون ڏاڪڻون چڙهندا ۽ آئون اڪثر سندن ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪري سوچيندو آهيان ته ڪير چوندو ته اسان سالن جا سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلايا...... طوفانن جو مقابلو ڪيوسين ..... سمنڊ جي ڇولين کي منهن ڏنوسين .... انجڻ جون خرابيون دور ڪرڻ لاءِ چوويهه چوويهه ڪلاڪ انجڻ روم ۾ ڪم ڪيوسين...... لڏندڙ جهاز ۾ هڪ ئي گهڙيءَ ۾ انجڻ جي تري ۾ ڪرئنڪ ڪيس ۾ ڪم چالو ٿي رکيوسين ته ٻي گهڙيءَ ۾ باندر وانگر ست ماڙ مٿي، جهاز جي فنل (چمنيءَ) ۾ موجود ايگزاسٽ بئالر کي ٿي ڏٺوسين. جنهن جي سخت گرمي ۾ انجڻ جي exhaust مان نڪرندڙ تيزابيت واري ڌپ ۾ ساه پيو گھٽبو هو .... پر اسان کي فقط دماغ ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته جهاز هلندو رهي، هلندو رهي ۽ ان سان واسطو رکندڙ سوين مشينون صحيح ڪم ڪنديون رهن.
    هڪ اهڙي ئي خراب موسم ۽ سياري جي طوفاني رات ۾، جڏهن اسان جي جهاز جون انجڻيون ۽ جنريٽر بند ٿي ويا هئا ۽ جهاز ٻڏڻ واري مرحلي ۾ وڃڻ کان اڳ اونڌو ٿي رهيو هو ته اوندهه ۾ منهنجو ڏاڪڻ جي مٿين ڏاڪي تان پير ترڪي ويو هو ۽ ڪافي مٿاهينءَ تان ‘مين انجڻ’ جي سلينڊرن مٿان اچي ڪريو هوس. پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ويو هوس. بعد ۾ صحيح ٿي وري ڊيوٽيون ڏيڻ لڳس پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا کن دنيا جي مختلف ملڪن جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ ٽُلڪندو رهيس. ان کي به 35 سال ٿي ويا آهن...... پر اڄ به ڪڏهن ڪڏهن پير ٿاٻڙجڻ ڪري پٺيءَ جي ڪنڊي کي سَٽ اچي ويندي آهي ته پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻئي کي هٿ ڏئي مسجد جا ٽي ڏاڪا چڙهڻو پوندو آهي. هڪ اهڙيءَ گهڙيءَ، ڀر واريءَ گهٽي جي رهاڪوءَ، پنهنجي مئٽرڪ جي شاگرد پٽ کي مون سان ملائيندي هن کي چيو:” انڪل جهازن جو چيف انجنيئر ٿي رهيو آهي. هن پنهنجي دور جا وڏي کان وڏا بحري جهاز هلايا....” هو مونکي ان حيرت مان ڏسندو رهيو جنهن سان آئون پنهنجن ٻن ساٿين کي ڏسي هنن ۽ پاڻ بابت سوچيندو آهيان ته ڇا واقعي اسان ايڏا دليريءَ جا ڪم ڪيا!


    ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون....

    هي ڳالهيون پڪ توهان سان به ٿينديون هونديون ۽ توهان به مون وانگر سفر ڪندا هوندئو يعني انگريزيءَ وارو Suffer.
    اڪثر منجھند مهل جڏهن دل ٿوري دير سمهڻ لاءِ چوندي آهي ته فون جي گهنٽيءَ تي ننڊ رفو چڪر ٿي ويندي آهي.
    “آپ الطاف شيخ هين؟” ٻئي طرف کان هميشه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جو آواز ايندو آهي.
    “آپ ڪي دو منٽ لي سکتي هون” اهو چئي پوءِ هوءَ شروع ٿي ويندي آهي ته........ آئون فلاڻي انشورنس ڪمپني طرفان پئي ڳالهايان ....... ڏسو نه انشورنس ڪرائڻ مان ڪيڏا نه فائدا آهن. ......خدا نخواسته توهان جو موت ٿي پوي ته توهان جي ٻارن جي تعليم جاري رهي سگهندي ۽ جي توهان 55 سالن تائين جيئرا رهيئو ته توهان کي انشورنس ڪمپني هيترا لک روپيا ڏيندي............ اسان چاهيون ٿا ته توهان سڪون جي زندگي گذاريو............” وغيره وغيره.
    آئون هميشه اهڙن فونن تي ڊگهي ڳالهه ٻڌڻ بدران فون ڪندڙ ڇوڪريءَ کي يڪدم چوندو آهيان ته “بيبي اجايو پنهنجو يا منهنجو وقت نه وڃاءِ. آئون جنهن عمر ۾ آهيان ان ۾ انشورنس جي مونکي ضرورت ناهي ۽ نه توهانجي ڪمپني مونکي انشورنس ڪندي. “
    ڪو زمانو هو.......... اڄ کان چاليهه پنجيتاليههَ سال اڳ جڏهن انشورنس ڪمپني جي ايجنٽن جون مِٺيون مِٺيون ڳالهيون ٻڌي اسان به انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. پوءِ هر سال ايجنٽ مقررٿيل رقم اوڳاڙي ويندو هو. ان وقت ڊالر جي قيمت چار روپيا هئي. پنجونجاهه سالن جي عمر تي پاليسي مئچوئر ٿي ته جڏهن رقم ملي ته اسان جو روپيو ايترو ڪِري چڪو هو جو ڊالر سٺ رپئي ملي رهيو هو ۽ سون جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو..... يعني فائدو ته ڇا مُور به نصيب نه ٿيو. فائدو ٿيو ته انشورنس ڪمپني کي جيڪا اسان جهڙن کان هر سال پئسا وٺي زمينون ۽ سون خريد ڪندي رهي. ان کان علاوه ان ايجنٽ کي به ٿيو جيڪو هر وقت اسانکي اهو احساس ڏياريندو ٿي رهيو ته اسانجو وڏو همدرد آهي ۽ اسان جي فڪر ۾ سندس هانءُ ٿو ڦاٽي. بعد ۾ خبر پئي ته هنن ايجنٽن کي جيڪي اسان جهڙا مرغا ڦاسائين ٿا، انهن کي، هر سال اسان کان ورتل رقم جو ڏهه سيڪڙو ملي ٿو. بهرحال ان انشورنس جي ڪم ۾ ڪمپنين ۽ ايجنٽن جي وڏي ڪمائي آهي. وقت کان اڳ مرڻ تي، فقط وحيد مراد جهڙا خوش نصيب ثابت ٿين ٿا جن کي جهٽ پٽ گهر ويٺي پئسا ڏيڻ سان انشورنس ڪمپني جي مشهوري ٿئي ٿي ۽ ٻيا مرغا سولائيءَ سان ڦاسن ٿا. باقي توهان ۽ اسان جهڙن ماڻهن جي مرڻ تي وارثن کي انشورنس ڪمپنيون جتيون گسرائين ٿيون.
    اڄ ڪلهه ماڊرن دور آهي. شڪار ڳولڻ لاءِ انشورنس ڪمپنيون مرد ايجنٽن کي گهر گهر موڪلڻ بدران هو فون ذريعي ماڻهن کي ڪوڙڪين ۾ ڦاسائين ٿيون. ان ڪم لاءِ هنن روزگار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڇوڪرين کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ وهاري، کين فون ڏئي ڇڏيا آهن ته سڄو ڏينهن مختلف ماڻهن جو ويٺيون مٿو کائو. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جنهن جي آدم شماري هڪ ڪروڙ کان مٿي چئي وڃي ٿي ان ۾ جي هڪ سيڪڙو به احمق هوندا ته معنيٰ هڪ لک کان مٿي Potential شڪار ٿيو، جنهن مان روزانو جي هڪ ماڻهو به هنن ڇوڪرين جي ڳالهين ۾ اچي وڃي ته سال ۾ 300 کان مٿي مرغا ڦاسي پيا!
    فون ڪرڻ لاءِ هنن ڇوڪرين کي لسٽون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي آرٽس ڪائونسل، ڪراچي جيم خانه ۽ گولف ڪلب جهڙن ادارن ۽ ڪلبن کان انهن جي ميمبرن جون حاصل ڪيون وڃن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته هي ڇوڪريون توهان سان ڳالهائڻ بعد پيار ڀري لهجي ۾ توهان کان توهان جي ڪجهه دوستن جا فون نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪنديون. آئون ته هاڻ سندن پهرين جملي بعد پنهنجو فون بند ڪري ڇڏيندو آهيان يا صاف صاف چوندو آهيان ته بابا آئون ستر سالن جو پوڙهو ماڻهو هاڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان....... مونکي انشوئرنس وڪڻڻ تي ماڳهين توهانجي نئين نئين ڪمپني چالاڻو ڪري ويندي.
    اڄ به فون آيو...... ڇوڪريءَ جي ڳالهه يڪدم ڪٽيندي چيومانس: “بابا ليڪچر نه ڏي مونکي پنهنجو پاڻ انشورنس ناهي ڪرائڻو.”
    “ڇو ڀلا سَر؟”
    “ان ڪري جو منهنجي اڳيان پويان ڪير ڪونهي. مري وڃڻ تي توهان کان پئسا ڪير وٺڻ ايندو؟”
    پر ڇوڪري بنهه ڪا نود هئي. هونءَ به انشورنس ڪمپني جا مالڪ ان ڪم لاءِ ان قسم جون ئي ڇوڪريون رکن ٿا جيڪي کجيءَ جي جن وانگر توهان جي پچر نه ڇڏين. آخر چيو مانس “بيبي! آئون پاڻ انشورنس ڪمپني جو مالڪ آهيان. آئون پاڻ شڪار ڳولڻ جا بندوبست ڪندو رهان ٿو، جو انشورنس واري فيلڊ ۾ وڏي ڪمائي آهي!” ڇوڪريءَ کي شايد دل سان ڳالهه لڳي جو ٽهڪ نڪري ويس.
    اڄ ڪلهه بئڪن وارن به ان قسم جون بيروزگار ڇوڪريون وهاري ڇڏيون آهن جيڪي بئنڪ ۾ ايندڙ ويندڙ کي سڏي يا مليل لسٽ مطابق، ماڻهن کي فون ذريعي، ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏين ٿيون.
    “ڏسو نه! توهان کي پاڻ سان پئسا کڻي هلڻ بدران فقط ڪارڊ کڻي هلڻو پوندو. توهان فقط خريداري ڪريو Payment بئنڪ ڪندي.”
    ڪيترا سمجھندا آهن ته ڄڻ هو مفت ۾ ٿا شاپنگ ڪن. اها خبر ئي نه ته بئنڪ پنهنجي service جو به حصو رکي ٿي ۽ توهان کي مجبورن ڳڻيل چونڊيل دڪانن تان ئي خريداري ڪرڻي پوي ٿي. بئنڪ وارا همراهه کي چريو بنائڻ لاءِ چوندا: “سائين هن ڪارڊ ڪري دڪاندار توهان کي ڇوٽ به ڏيندا!” هاڻ هڪڙي شيءِ جنهن جي قيمت دڪاندار هڪ سؤ رپيا لکي آهي اها هو توهان کي نوي رپين ۾ ڏئي ٿو ته توهان خوش پيا ٿيو. پر خدا جا بندو! اها ئي شيءِ هڪ عام دڪان تان وڃي پُڇرايو ته توهان کي 80 رپئي ملي ويندي ۽ جي کوري گارڊن (بولٽن مارڪيٽ) يا آچر بازار هليا ويندئو ته ٿي سگهي ٿو ته اها ستر يا سٺ روپين ۾ به ملي سگهي ٿي.
    هڪ دفعي منهنجي ۽ منهنجي هڪ ڪئپٽن دوست جي هڪ اهڙي جهاز تي بدلي ٿي جيڪو هانگ ڪانگ ۾ بيٺو هو. اسان ٻنهي کي ڪراچيءَ کان اوڏانهن وڃڻ لاءِ هيڊ آفيس وارن پاڻهي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ، ٽئڪسين جا ڀاڙا ڀرڻ ۽ هانگ ڪانگ ۾ پهريان ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ ۽ ماني ٽڪي جي خرچ لاءِ اُڪا ڪئش پئسا ڏنا ته وڻيوَ ته سادگي ۾ رهي پنهنجي لاءِ بچت ڪريو پر جي ڪنهن وڌيڪ اوچي هوٽل ۾ رهندئو ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪجو. انهن ٻن ڏينهن بعد جهاز تي ڪمرا خالي ٿيڻ تي اسانکي ان جهاز تي وڃي رهڻو هو جنهن کي هلائڻ لاءِ اسانکي موڪليو پئي ويو. منهنجي ساٿي ڪئپٽن جنهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ هو، اُن ذريعي ڏهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي، ٽريول ايجنٽ کان ٽڪيٽ حاصل ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي فون ڪري خوشخبري ٻڌائين. واندو ٿي آئون پنهنجي ٽڪيٽ لاءِ ان دڪاندار وٽ پهتس ۽ چيومانس ته “آئون ڪئش تي ٽڪيٽ خريد ڪري رهيو آ هيان...... قيمت ۾ ڪيتري ڇوٽ ڏيندين؟” ظاهر آهي ڪئش تي ته توهان ڪنهن کان به خريداري ڪري سگهو ٿا ڪريڊٽ ڪارڊ تي فقط انهن آڱرين تي ڳڻن وارن دڪاندارن کان. ٽڪيٽ وڪڻڻ وارن وٽ ايئر ڪمپنين طرفان وڏي margin مليل ٿئي ٿي. جنهن ٽڪيٽ جو سرڪاري اگهه هڪ لک رپيا رکيو وڃي ٿو اها هلي آيل هڪ عام خريدار کي ستر يا اسي هزار ۾ به ڏيو ڇڏين جو سرڪار طرفان اوڌر تي ورتل ٽڪيٽ جا پئسا کين (دڪاندارن کي) دير سان ملن ٿا. اهڙي طرح ڪريڊٽ ڪارڊ وارن جا پئسا به بئنڪون دير سان پهچائين ٿيون. بهرحال ان ڏينهن دڪاندار اهو سوچي ته مون جهڙو گراهڪ هٿ مان ٿو وڃي جو جنهن وٽ ڪئش آهي اهو ته هر دڪاندار وٽ وڃي سگهي ٿو، مونکي هن ٽيهه سيڪڙو ڪميشن ڏني!
    ڪيترا ڪريڊٽ ڪارڊ جي واکاڻ ۾ اهو دليل ڏيندا آهن ته بابا ڪئش چوري به ٿي سگهي ٿي. اهڙن ماڻهن کي شايد ڪريڊٽ ڪارڊ جي فراڊن جي خبر ناهي. اسان وٽ ته ٺهيو پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ به فراڊ پيا ٿين. مزي جي ڳالهه اها ته انهن گورن کي سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان واقف گورا ته ڇا پر اسان جا ايشيائي پيا ٺڳين. اهڙي ئي هڪ ماتلي جي همراهه بابت پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي “نيو هالا کان نيويارڪ” ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن هن ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي آمريڪا جي ماڻهن کي ٺڳيو.
    بهرحال سنگاپورجهڙن ملڪن ۾ جتي امن امان ۽ انصاف آهي، جتي ڏوهاريءَ کي معمولي ڏوهه جي به سخت سزا ملي ٿي، اتي جي رستي تي توهان جو نوٽن سان ڀريل ٻٽون به ڪري پوي ته به ڪير هٿ نه لاهيندو. مالڪ کي ياد اچڻ تي هو پويان قدم کڻي پنهنجي شيءِ صحيح سلامت کڻي سگهي ٿو. ڪريڊٽ ڪارڊ هڪ وڏي سهوليت آهي....... فقط ان بزنيس مئن لاءِ جنهن کي پنهنجي ڪارخاني يا مِل لاءِ روزانو مختلف قسمن جي شاپنگ ڪرڻي پوي ۽ هو نوٽن جا بنڊل کڻي هلڻ بدران فقط هڪ ڪارڊ کڻي هلي....... يا ولايت ۾ امير ۽ پوڙهين عورتن لاءِ آهي جن کي نوٽ بدلائڻ يا ريجو کڻڻ جي تڪليف نٿي ڪرڻي پوي! ۽ ولايت ۾ ذري گهٽ هر دڪان، هوٽل، پيٽرول پمپ وارو ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪري ٿو. ٽنڊوالهيار، سجاول يا سيوهڻ جي همراهه کي ڪارڊ رکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟! سواءِ غريب غربي ۽ بيوقوفن تي لئه رکڻ جي........ ويندي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪيترا دڪان آهن جيڪي ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ٿا ڪن؟
    هڪ دفعي جڏهن جهاز جي مرمت لاءِ آئون هيلسنڪي (فنلنڊ) ويو هوس ته منهنجي جهازران ڪمپنيءَ خرچ پَکي هلائڻ لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو هو جو مونکي فنلنڊ کان علاوه ڀروارن ملڪن: ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ناروي ۾ به اچڻو وڃڻو پيو ٿي ۽ هڪ ئي وقت ٽن چئن ملڪن جو ناڻو رکڻ ڏکي ڳالهه آهي يا هر ملڪ ۾ ڪير بدلائيندو رهي جو ڪڏهن صبح ڪوپن هيگن ۾ گذارڻو پيو ٿي ته شامَ ڀر واري بندرگاهه مالمو (سئيڊن) ۾! ٻنهي جي وچ ۾ فقط اڌ ڪلاڪ جو سامونڊي سفر آهي. ان کان علاوه ڪريڊٽ ڪارڊ ڪري مونکي رسيدون گڏ ڪرڻيون نٿي پيون. هر شيءِ جو اگهه ۽ نالو بئنڪ ذريعي ڪمپني کي پهچي ويو ٿي ۽ اهڙي طرح هو مونتي نظر رکي سگهيا ٿي ته آئون هنن جو پئسو صحيح طرح خرچ ڪري رهيو آهيان. آمريڪا وانگر يورپ ۾ به هر دڪاندار وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪرڻ لاءِ بندوبست آهي...... باقي ذاتي زندگي ۾، پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ رهي، ڇا اسان جهڙن ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ رکڻ کپي؟ اسان جي ملڪ جا ماڻهو جن جو سڄو پگهار پٽاٽا، بصر، ڪپڙن ڌئڻ جو صابڻ ۽ کار، ڇنل بوٽن کي موچيءَ کان ٽانڪا هڻائڻ ۾ دف ٿيو وڃي. پر هو ڇا چوندا آهن ته ڀل ڀلانَ جو ڇيهه ناهي. اسان وٽ اهڙا به شوقين ۽ ظاهري شان شوڪت رکڻ وارا ماڻهو آهن جيڪي Status Symbol خاطر ٻن ٻن بئنڪن جا ڪريڊٽ ڪارڊ پنهنجي ٻٽونءَ ۾ کڻيو هلن. ڪالهه ئي هڪ همراهه آچر بازار ۾ مونکي ڏيکاريا جيڪو ٽماٽن ۽ ڌاڻي ڦودني جي اگهه تي ڀاڄي واري سان بحث ڪري رهيو هو ته ڪجهه ته سستي ڪر. مون سندس گولڊن ڪارڊ ڏسي چيو ته يار توکي ته لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي هجڻ کپي...ڇو جو ههڙيون شيون اهڙن امير ماڻهن وٽ هجڻ کپن جن وٽ پئسو اڻ ميو هجي..... ۽ جنهن کي پئسي جو نه پر وقت جو فڪر هجي. اسان جو ٽنڊو قيصر وارو ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي اهڙن ماڻهن لاءِ چوندو آهي ته: “They are suffering from surplus”
    “ پر يارو سچي ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو وڏا وڏا امير ۽ سرپلس جا مريض به ٻه رپيا بچائڻ لاءِ سبزي منڊين ۽ آچر بازارين ۾ ڦرندا وتن، اتي اسانجي بئنڪن ۾ نوڪري ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪريون اسان جهڙي غريب ملڪن جي غريب ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جون دعوتون ڏيو، هنن جي ڦٽن تي لوڻ ٿيون ٻُرڪين.


    اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون

    اسانجي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتهار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته اسان جا اٻوجھه سنڌي هر ڳالهه تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ هڪ ڪالم ۾ هڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو هوم ته راڳي اسٽيج تي بيهي ڳائي رهيو هو:
    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
    ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.........
    هيٺ هال ۾ ويٺل مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان خوشيءَ مان تاڙيون وڄائي رهيا هئا. ڪي همراهه ته ميوزڪ جي ٿاپ تي نچي به رهيا هئا.
    “ڪمال آهي!” مون دل ۾ سوچيو، “هي ته روئڻ جو مقام آهي.......... هن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي ماروئڙن جو ڪيڏو نه ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رهيو آهي:
    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو
    سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا........
    اسانجا درويش ماڻهو راڳ جي پيغام کي سمجھڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿيو پيا نچن.
    پاڻ ٽي وي جي اشتهارن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ مائٽ جي گهر ٽي وي ڏسي رهيو هوس ته ڪنهن چانهه جو اشتهار هليو جيڪو لڳو ٿي ته گذريل ٻن ٽن مهينن کان هلي رهيو آهي جيڪو وقت آئون ٻاهر هوس، ڇو جو ان اشتهار جي شروع ٿيڻ تي منهنجي ميزبان جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڌيءَ ۽ پٽ به سُر ملائڻ لڳا:
    سنڌي ماڻهو شهزور ڪچهريءَ جا
    هو آهن مور ڪچهريءَ جا،
    سنڌ جي ثقافت ڪچهري ڪچهري .......
    منهنجو ميزبان ۽ سندس هڪ ٻه آيل دوست به ان اشتهار کي ڏسي، يعني ان ۾ ماڊلن کي سنڌي ڊريس ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ڏسي گد گد ٿيڻ لڳا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. “ٻڏي مرڻ جو مقام آهي” مون چيو.
    “ڇو سائين، ڇو سائين! ڪچهري ته اسان سنڌين جي ثقافت آهي” مهمانن مان هڪ وراڻيو.
    خبر ناهي ڇو اها غلط فهمي اسان سنڌين جي دماغ ويٺل آهي يا ويهاري وئي آهي ته سنڌي ماڻهو ڪچهري جا مورَ آهن! گذريل صديءَ جي اڌ تائين جيسين اڃان ٽي وي چئنل، فون سسٽم ۽ انٽرنيٽ عام نه ٿيا هئا تيسين خبر چار، واءُ سواءُ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو طريقو ملڻ جلڻ ۽ ڪچهري هوندو هو. ۽ اها ڪچهري دنيا ۾ جتي ڪٿي عام هوندي هئي... نه فقط ايشيائي ملڪن جا ماڻهو ڪچهريءَ جا مور ۽ شهزور هُئا پر يورپ ۽ آمريڪا جا به.......... ڇو جو معلومات حاصل ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ اها ئي سستي ۽ عام وندر هُئي.
    جيئن جيئن معلومات حاصل ڪرڻ جا طريقا وڌڻ ۽ بهتر ٿيڻ لڳا، ماڻهن انهن ڏي ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو. اڄ هر ڪو گهر ويٺي ڀرواري شهر ۽ ملڪ جي ته ڇا پر سڄي دنيا جي معلومات ٽيليفون، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي حاصل ڪريو وٺي، نه ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ به جڏهن اسان ننڍا هُئاسين ته شام جو واڪ ڪري بس اسٽاپ تي وڃي آيل ماڻهن جون خبرون ٻڌندا هئاسين ۽ پوءِ گهر وارن کي ۽ ٻئي ڏينهن اسڪول جي دوستن کي وڏي چشڪي سان ٻڌائيندا هئاسين.
    ڳالهه اها آهي ته اهو زمانو هو به وندر جو. اڄ ڪلهه مهانگائي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ڏکيون ٿي پيون آهن جو ڪيترا ٻه ٻه نوڪريون ٿا ڪن. ڪنهن کي ويهي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ جو ئي وقت ناهي. ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ ته ويهي هڪ ٻئي کان موسم ۽ ملڪ جو حال وٺبو هو..... پروليون، ڳجھارتون ۽ راڳ ٻڌبا هئا.......... پر هاڻ راڳ ٻڌڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ ڏهه ڏهه ٽي وي چئنل کليا پيا آهن پوءِ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ بقول ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي، اسانجا مرد ويهيو Loose Talk ٿا ڪن، گندا چرچا ۽ گار گند ٿا ڪن، نتيجي ۾ وقت جي بربادي هڪ طرف ٿئي ٿي ته هڪ ٻئي لاءِ رنجشون الڳ پيدا ٿيون ٿين ۽ اهڙين ڪچهرين بعد هرڪو سونڍجي اٿي ٿو.
    بهرحال اڄ ڪلهه ڪو گورو انگريز هجي يا پنجابي، پٺاڻ، پارسي يا مدراسي، بنگالي، تامل...... هر هڪ پنهنجي نوڪري، ڌنڌي ڌاڙي ۽ محنت مزدوريءَ ۾ مشغول آهي ۽ رهڻوئي پوي ٿو جيئن هو چار پئسا ڪمائي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي بهتر بڻائي سگهي. سنڌي ماڻهن به اوطاقون ۽ ڪچهريون ڇڏي ڏنيون آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌين ۾ ڪجهه اهڙا ٽوٽي ۽ غير ذميوار آهن جيڪي ڪنهن پورهئي يا ٻني ٻاري جو فڪر ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺا آهن. سندن زالون ۽ ٻچا ٻار ڀلي بک پيا مرن پر هو موالي دوستن يارن سان اسٽان وارين هوٽلن تي چانهين جا دور پيا ڪندا. يمن ۽ جبوتي جهڙن ملڪن ۾ به اتي جا ڪيترا آلي موالي سڄو ڏانهن ڪات (هڪ وڻ جا پن جن ۾ نشو ٿئي ٿو) چٻاڙيندي نظر ايندا آهن. سو سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي چانهيون پيئڻ ۽ لوز ٽاڪ ڪرڻ کي ڪچهريءَ جو نالو ڏيئي اسان خبر ناهي ڇو فخر محسوس ڪيون ٿا. ڇا ان ڳالهه کان اسان ڪن لاٽار ڪنداسون جيڪا اسانجي ملڪ جا ماڻهو چون ٿا ته “پشاور کان ڪراچي باءِ روڊ ويندي هرماڻهو ڪم ۾ مشغول نظر اچي ٿو پر جيئن ئي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿجي ٿو ته صبح پهر به مرد ڪانڀ ٻڌيو هوٽلن تي ويٺا چانهيون پيئن ۽ ڪچهري ڪن. سج پيو مٿي چڙهندو هي ويندا ڀتين کي پاسا ڏيندا.........
    ڇا ان ٽوٽپڻي کي اسان ڪچهري ٿا سڏيون ۽ ڇا ان تي اسان سنڌين کي فخر هئڻ کپي؟ ......... ۽ ڌاريان جيڪي اسان کي اهڙين ڳالهين سان منسوب ٿا ڪن ڇا هو اسان کي شاباس ٿا ڏين يا ٽوڪ طعنو ٿا هڻن؟ ............ ڇا توهان پنهنجن ڀائرن يا سوٽن ماساتن کي ڪچهريءَ ۾ وقت وڃائيندو ڏسي خوش ٿيندئو يا کين محنت مزدوري، پورهيو ۽ پڙهائي کي وقت ڏيڻ جي تلقين ڪندئو؟ هو ڇا چوندا آهن ته سج مٿي چڙهي ويو هو پر هڪ همراهه رستي تي ننڊن ۾ غرق هو. ڪنهن واٽهڙوءَ هن کي اٿاريو ٿي ته ٻئي منع ڪندي چيس: “ادا ڇو ٿو ستل کي جاڳائين .... ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي”
    ان تي پهرين چيس: “جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ هن کي ضرور اٿارجي جيئن فقط خواب ڏسي خوش ٿيڻ بدران سجاڳ ٿي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري ته سٺو اٿس.”
    سو اسان جي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجو وقت ان قسم جي Loose Talk ۾ ضايع ڪرڻ بدران اهو وقت ڪنهن سڦل ڪم ۾ لڳائڻ کپي. اهو وقت پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ کپي جيئن هو ايندڙ زماني جي Challenges کي منهن ڏيئي سگهن. دشمن ته اهوئي چاهيندا ته اسان ڪجهه سکڻ ۽ پنهنجي زندگي بهتر بنائڻ بدران ڪچهري جي نالي ۾ بيڪار ڳالهين تي بحث مباحثا ۽ غلط سلط ۽ اخلاق کان ڪريل چرچن تي ٻهه ٻهه ٿيندا رهون. انگريز، جن چانهه جو رواج اسان وٽ آندو اهي ته شملي ۽ دارجلنگ جي ٿڌ ۾ شام جو هڪ ڪوپ گرم چانهه جو پي ٿڌ کان، ڪجهه دير لاءِ ئي صحيح، نجات حاصل ڪندا هئا ۽ اسان اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو به ويٺا چانهيون پيون. ڇا اها به اسان جي ثقافت آهي جو چانهين جا اشتهار سڀ کان گهڻا سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٿا اچن!!
    هتي هي SMS لکڻ ٿو چاهيان جيڪو اسانجي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسرياڻيءَ منهنجي مٿي ڳالهه تان سهمت ٿي مون ڏي موڪليو آهي. هن کي پڻ هر وقت ان ڳالهه جو ڏک رهي ٿو ته اسانجا شاگرد ۽ عام ماڻهو هوٽلن تي ويهي وقت برباد ڪن ٿا. لطيفو هن ريت آهي جيڪو ٿي سگهي ٿو ڪنهن غير سنڏيءَ اسان تي چٿر طور ٺاهيو هجي جيئن اسان پٺاڻن يا ٻين تي ٺاهيندا وتون...بهرحال اسان لاءِ سوچ ۽ فڪر جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو....
    هڪڙا ٻه سنڌي جنت ۾ ويا پر انهن کي اتي ڏاڍا موچڙا مليا....
    ڇو...؟
    ڇو جو جنت ۾ هنن ملائڪن کي چيو ته “سائين جنت ته ڀلي آهي پر سنڌ سنڌ آهي.... صبح کان سڄي جنت گهمي گهمي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪٿي ڪا هوٽل ئي ڪانهي جتي ويهي چانهه پيون ۽ ڪچهري ڪريون”



    Readers Comments
    جناب الطاف صاحب، السلام عليڪم،
    ڪاوش (اربع، 21 نومبر) ۾ توهان جو ڪالم پڙهيم. توهان سنڌين بابت جيڪي لکيو آهي، اهو سورنهن نه پر ويهه آنا صحيح لکيو آهي. عام طرح چيو ويندو آهي ته سنڌي قوم مهمان نواز قوم آهي، پر سچ پڇو ته منهنجا ٻار ته مون کي چون ٿا ته سنڌي اول درجي جي ڊڄڻي قوم آهي، جيڪا هر حمله آور جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آهي. پوءِ اهو حملو لڙائي جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن vision جي صورت ۾ هجي.
    لڙاين بابت ته اسان جي تاريخ اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي، پر اسان جي vision بابت ڃا چئجي. اسان ڀل ڪليرا ٿي پاڪستان جي لاءِ 1943 ۾ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر اهو ڪونه ڏٺو ته ڇا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِِ جيڪا لڏ پلاڻ ٿيندي (جنهن ۾ هندو، جن وٽ تعليم به آهي ۽ نوڪريون ب آهن، لڏي ويندا) ته ڇا اسان سنڌي مسلمانن ۾ انهن جي جاءِِ والارڻ جيتري تعليم صلاحيت ۽ تجربو آهي يا نه؟ يقينا اسان وٽ انهن ٽنهي شين مان ڪابه شئي ڪانه ھئي ۽ نڪو ڪو انهن ٺهراءُ پاس ڪرائڻ وارن انهيءَ ڏس ۾ ڪا تياري ڪئي. نتيجو اهو ٿيو ته تعليم جي ماهرن، صلاحيت وندن ۽ تجربيڪارن جا ڪٽڪ اچي لٿا ۽ اسين اوهڙي جا اوڙها رهجي وياسون ۽ اڃا تائين به اوهڙا ئي آهيون. بلڪہ ڏيهون ڏينهن بد تر ٿيندا وڃون.
    اسان جي ڪاهل هجڻ جا ڪيترائي مثال، جيڪي منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ آيا آهن، تن بابت هيٺين ريت بيان ڪريان ٿو.
    1. منهنجي هڪ دوست جو ڪڪڙين جو فارم گهاري (ضلعو ٺٽو) ۾ هو. آئون ساڻس گڏجي ويندو هوس. اتي سنڌي مزور ڪم ڪندا هئا، جن جي هو اڪثر شڪايت ڪندو هو ته هو ڪم چور آهن. اول ته ڪم صحيح ڪون ٿا ڪن، ٻيو ته اڪثر غير حاضر به رهن ٿا، جنهن ڪري ڪڪڙين جي سنڀال نٿي ٿئي. هنن کي جڏهن به پگھار ملين ٿو ته وڃيو هوٽلن تي پان کائين، چانهيون پيئن ۽ فلمون ڏسن. جڏهن پئسا کٽندن ته پوءِِ ڪم تي ايندا. هن نيٺ تنگ ٿي، بنگالي مزور رکيا، جيڪي صحيح طرح ڪم ڪن پيا.
    2. انهي سلسلي ۾ مون کي اهو تعجب ٿيندو آهي ته ٺٽو ۽ دادو ضلعا ته ڪراچيءَ ويجهو آهن ۽ پاڪستان کان اڳ اتي جا ماڻهو آسانيءَ سان اچي تعليم به حاصل ڪري سگھيا ٿي ۽ نوڪريون به ماڻي سگھيا ٿي، ڇو ته اهي ٻئي ڪراچي ضلعي ۾ شامل هئا. هونئن به سڄي سنڌ ريل توڙي رستن ذريعي ڪراچيءَ سان سلهاڙيل هئي، ان جي باوجود اسان ڪراچيءَ کان لاتعلق رهياسون ۽ ٻين لاءِِ ميدان خالي ڃڏي ڏنوسين.
    اڄ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ فروٽ واري کان خبر پئي ته هو جيڪب آباد جو سنڌي آهي. مون جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته ٺهه پهه چيائين، ماڻهو ڪشمير کان هتي اچن پيا، اسان جيڪب آباد کان آيا سون ته انهي ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي پئي. مون کيس چيو ته مرحبا. ٻين کي به گھرايو ته اهي به اچي هتي روزگار ڪمائين. ڪاش! اسان جا سنڌي ليڊر 1943 کان وٺي سڄي سنڌ مان ماڻهن کي اچي آباد ڪن ها ته اڄ اسان جو هي حشر نه ٿئي ها.
    3. سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيون قوم پرستن جي لاءِ fuel جو ڪم ڏين ٿيون، جنهن سبب اتي جي تعليم بابت ٿورو لکيو گھڻو سمجهندا. منهنجو پٽ مهراڻ ۾ پڙهندو هو. اتي 3 سال ضايع ڪري، ڪراچيءَ ۾ SZABIST مان M.C.Sڪيائين. اتي ڪجهه سنڌي ڃوڪرا اچي داخل ٿيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِِ ڇڏي هليا ويا، چي هتي ته پڙهڻو پوي ٿو. اسان سمجهيو ته پنهنجن سنڌين جو انسٽيٽيوٽ آهي، ائين ئي پاس ٿي وينداسون.
    4. سنڌي زميندار سدائين قرض ۾ جڪڙيل هوندو آهي ۽ هاري به، پر پنجابي هاري نه صرف خوشحال هوندو آهي، بلڪ زميندار کي قرض به ڏيندو آهي.
    ڪنهن به هڪ ڏينهن جي سنڌي اخبار کڻي ڏسو ته روزانه ڪيترا خون ٿيندا رهن ٿا، هڪڙا ته برادرين جي پاڻ ۾ دشمنين سبب ته ٻيا وري ڪارو ڪاريءَ سبب. ۽ انهيءَ ۾ روز به روز واڌارو پيو ٿئي. چري ڪيئن، چي ويران وير وڌ.
    وڌيڪ ڃا لکان. ٿورو لکيو گھڻو سمجهندا.
    ظفرالحق ميمڻ، ٽنڊوالهيار


    اسانجو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو

    ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ملائيشيا جي ترقي ڏسي چيو “اسانجي سنڌ ۾ ترقي ان ڪري نٿي ٿئي جو سنڌ ۾ وڏيراشاهي (Feudalism)آهي”
    “وڏيرا شاهي! توهان جو ڇا خيال آهي ته ملائيشيا ۾ نه آهي؟” مون کانئس پڇيو.
    “شايد نه آهي.” هن جواب ڏنو.
    “سڀ کان گهڻي آهي،” مون کيس حقيقت کان آگاهه ڪندي ٻڌايو، “ملائيشيا جي وڏيري جو ڪير مقابلو ڪري! ڳوٺ ڳوٺ ۾، شهر شهر ۾ وڏيري جو راڄ آهي جيڪو پاڻ کي اتم ۽ اتاهون مڃرائڻ چاهي ٿو. ويندي هي سلطان جيڪي واري وٽي تي پنجن سالن لاءِ ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا............ ڇا آهن؟ هر هڪ پنهنجي رياست جو وڏيرو ته آهي.”
    “پوءِ ڀلا ملائيشيا ته ترقي ڪري پيو اسان وٽ تباهي ڇوآهي؟ هتي جي ۽ اسان جي وڏيري ۾ فرق آهي ڇا؟”
    جي ها! مون کي به ائين لڳي ٿو. گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان منهنجو به هن ملڪ ۾ رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. آئون به اهوئي محسوس ڪريان ٿو ته هتي جي وڏيري ۽ اسان جي وڏيري جي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. جيتوڻيڪ هتي جو وڏيرو به چاهي ٿو ته هو عام ماڻهن کان وڌيڪ طاقت ۽ شان جو مالڪ هجي. پر ڌاڙا ۽ اغوائون ڪرائي ٻين تي رعب نٿو رکي. هو ٻين جي عزتن تي هٿ نٿو کڻي، هو پنهنجن ٻارن کي ڪاپي ڪرائي امتحان پاس نٿو ڪرائي.......... هو پاڻ کي وڏي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ ۽ تَر جي ماڻهن تي لئه رکڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ سٺي کان سٺو اسڪول قائم رکي ٿو جنهن ۾ ڳوٺ جو هڪ هڪ ٻار پڙهي ۽ سندس ٻار ته اڃان به وڌيڪ پڙهن ۽ ڪلاس ۾ پوزيشن کڻن. هو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ نه رڳو اسپتال هجي پر ان ۾ بهتر کان بهتر ڊاڪٽر ۽ علاج جو بندوبست هجي جتي نه فقط سندس ڳوٺ جا ماڻهو علاجَ جون سهولتون حاصل ڪن پر سندس ڪٽنب جا ڀاتي به علاج لاءِ اتي وڃن. هو چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪو ڪارخانو يا فئڪٽري ضرور هجي جتي ڳوٺ جا ماڻهو روزگار ڪمائي خوشحال زندگي گذاري سگهن. اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا جو ڳوٺ ڳوٺ سکيو ستابو آهي. هينئر نه پر گذريل سئو سالن جي تاريخ تي نظر وجهندئو ته ملائيشيا ۾ هر وڏيري، سردار يا سلطان جا ٻارَ کريل يا لوفر هجڻ بدران سڀ کان گهڻو پڙهيل ڳڙهيل نظر ايندنوَ. هو ڊاڪٽر انجنيئر ٿي پنهنجي ڳوٺ ۾ اسپتالون ۽ ڪارخانا کولين ٿا. اسانجي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته فئڪٽريون ۽ ڪارخانا آهن ئي ڪونه. وڏيرا، سياستدان ۽ وزير حڪومت کان ڪارخانن جو پرمٽون حاصل ڪري، فئڪٽريون لڳرائڻ بدران اهي پرمٽون وڪڻيو ڇڏين ۽ پوءِ مفت ۾ مليل ان پئسي کي چند ڏينهن جي عياشيءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين. ملاڪا رياست جي جنهن ڏورانهين ۽ ٻيٽ نما ڳوٺ ۾ اسانجي نيول اڪيڊمي آهي، ان ڳوٺ جي وڏيري جڏهن ڳوٺ ۾ 1982ع ۾ بوٽن ۽ ميوي جي پئڪنگ جي فئڪٽري لڳائي ته اسان ڌارين ملڪن جا نوڪري ڪندڙ کِلي رهيا هئاسين ته ڳوٺ جي آدمشماري ئي ڇا آهي جنهن لاءِ فئڪٽريون کوليون ويون آهن. فئڪٽرين جي وڏيري مالڪ کِلي چيو هو ته “مڙيئي خير آهي. سمجهو ته تجربو حاصل ڪرڻ آهي. گهڻي ڪمائي کڻي نه ٿئي ته به ڳوٺ جي بيروزگار ماڻهن کي ته چار پئسا ملي ويندا.”
    گذريل سال ملائيشيا جي ان ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو. ڏسان ته انهن فئڪٽرين جي بدران اليڪٽرانڪ ڪارخانا هئا جن ۾ مختلف اليڪٽرانڪ شين جو اسيمبلي ورڪ هلي رهيو هو. منهنجي ڏينهن ۾ مون وٽ ڪم ڪندڙ مالهي ۽ ٽيليفون آپريٽر به رٽائرمينٽ بعد ان ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ پينشن کان علاوه هر مهيني ٽيهه چاليهه هزار رپيا هن فئڪٽري مان به ڪمايو ويٺا هئا. تعليم ضروري ۽ صحيح هجڻ ڪري هنن جا ٻارَ پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ڀر واري شهر مان پڙهي ڊاڪٽر، وڪيل ۽ انجنيئر ٿي ويا هئا. مطلب ته ٻار به خوش ته پاڻ پوڙها به خوش. فئڪٽري ۾ چار پنج ڪلاڪ وڃي پئسو هڪ طرف ته وندر۽ ڪچهري ٻئي طرف ۽ پيريءَ ۾ به هو اولاد مٿان بار ٿيڻ بدران پنهنجي ٻارن (پوٽن ڏوهٽن) کي خرچيون ڏيندا . اسان وٽ ڳوٺن ۾ والدين دوا درمل لاءِ به پريشان آهن. اولاد به ڇا ڪري، ڊگريون حاصل ڪريو ويٺا آهن پر روزگار ناهي. فئڪٽريون ڪارخانا سڀ وڏن شهرن ۾ ۽ جي ڪو پورهئي مزدوري لاءِ وڏي شهر ۾ ٿو وڃي ته هن جو اڌ کان وڌيڪ پگهار ته ڀاڙن ڀتن ۽ جاءِ جي مسواڙ تي ئي هليو وڃي ٿو باقيءَ مان هو ڇا کائيندو ڇا ٻچن ٻارن يا والدين لاءِ بچائيندو.
    هڪ ٻي ڳالهه: اسان جي وڏيري جي ذهنيت اها آهي ته پوليس سندس کيسي ۾ هجي. هو ڪهڙو به ڏوهه ڪري، قانون هن جو نالو نه وٺي، پر هتي ملائيشيا جو پير، مير، وڏيرو ۽ ڀوتار قانون جي عزت ڪري ٿو. هڪ لوڪڙ جهڙي ڇوڪر سپاهيءَ جو به هر هڪ کي خوف ٿو رهي جو ڏوهه ڪرڻ تي ان سپاهيءَ پويان ملڪ جو سڄو پوليس کاتو آهي ۽ اهو تيسين خاموش نٿو رهي جيسين ڏوهاريءَ کي جھلي کيس سزا ڏياري وڃي.
    اسان جهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ جي ماحول تي هريل هئاسين، ملائيشيا پهچي پاڻ کي الائي ڇا سمجھي رهيا هئاسين. پر پوءِ يڪدم آئيڊيا ٿي وئي ته هتي قانون جي حڪمراني آهي. ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ وياسين ته اسان کي جهازراني جا ماهر ۽ مهمان سمجھي پوليس آفيس ۾ موجود ايس پي صاحب در تي اچي آجيان ڪئي ۽ چانهه بسڪٽ کارائي پوءِ پنهنجي پوليس انسپيڪٽر کي سڏائي ٻڌايو ته هي صاحب هتي جي نئين کليل نيول اڪيدمي ۾ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اڄ اسان وٽ ڊرائيونگ لائسنس لاءِ آيا آهن.
    هو اسان کي ٻاهر وٺي آيو. اسان سمجھيو ته بس اجھو ٿو لائسنس ٺاهي اسان جي حوالي ڪري. پر اهو ٻڌي دنگ رهجي وياسين جڏهن هن چيو ته هو هر هڪ جو ٽيسٽ وٺندو. ان تي شايد انڊيا جي هڪ ڪئپٽن يا شايد برطانيا جي انگريز ڪئپٽن کيس چيو ته اسان ڪي ٻار ته نه آهيون. ۽ هن کي وڌيڪَ متاثر ڪرڻ لاءِ ڪئپٽن چيو ته اسان مان هر هڪ ويهه ويهه سال دنيا جي خطرناڪ سمنڊن تي جهاز هلايا آهن.
    ملائيشيا پوليس جي انسپيڪٽر صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري چيو :”سر توهان ڀلي کڻي چاليهه سالَ جهاز هلايا هجن پر ملاڪا شهر جي روڊن تي توهانکي ڪار هلائڻ تڏهن ڏيندس جڏهن ملڪ جو مڪاني مقرر ڪيل ٽيسٽ پاس ڪندئو”
    ۽ پوءِ واقعي ايئن ئي ٿيو. فيل ٿيڻ وارن کي ڊرائيونگ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پيئي ۽ رستي تي لڳل ملئي زبان جي نشانين سمجھڻ کان وٺي Parallel پارڪنگ ۾ ڀڙ ٿيڻو پيو.
    اڃان ڊرائيونگ لائسنس ۾ ئي مشغول هئاسين ته اخبار ۾ هڪ خبر پڙهيسين. ڀر واري رياست جي سلطان جي پٽ ڪا گاڏي تيز هلائي يا شايد ڪنهن سگنل جي ڀڃڪڙي ڪئي. پوليس هن کي چالان ڪيو. ٻئي ڏينهن سندس پيءُ سلطان کي خبر پيئي ته هن پنهنجي پوليس واري ۽ ان جي اعليٰ عملدار کي پاڻ وٽ گهرايو، انهن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي پـٽ کي دڙڪا ڏنا...........شايد ٿَڦَ به هنئي، ته دماغ مان اهو اٺ ڪڍي ڇڏ ته تون رياست جي سلطان جو پٽ آهين ته تولاءِ قانون ناهي . بهرحال ٻئي ڏينهن اها خبر اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ٿي. اها خبر اسان جهڙن لاءِ چتاءُ ثابت ٿي ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته فضيلت سان رهڻو آهي. هتي قانون جي بالادستي آهي. هڪ عام پوليس وارو به وڏي طاقت رکي ٿو. جيتوڻيڪ هونءَ رستي هلندي هڪ S.P رئنڪ جو پوليس آفيسر به توهان کي SIR چئي مخاطب ٿيندو جو هو پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجھي ٿو. ڇو جو هتي جي سرڪاري ڪامورن کي اهو احساس آهي ته هنن کي عوام جي ٽئڪسن مان پگهار ملي ٿو ۽ هن جو ڪم عوام جي خذمت ڪرڻ آهي. اسان وٽ نه فقط وڏيرو پر سرڪاري ڪامورو توڙي سياستدان (جيڪو اسانجي ئي ووٽن تي اسيمبليءَ ۾ ويهي ٿو) به پاڻ کي وڏيرو سمجھي ٿو ڇو ته اسان وٽ اها هڪ Negative سوچَ آهي جيڪا اهو ماڻهو به رکي ٿو جنهن کي ڀلي ٻه ايڪڙ زمين به نه هجي، مٿي ڦريل ڪلارڪ به رکي ٿو، جيڪو پوءِ ان سوچ مطابق هو رڳو پنهنجي وجود کي اعليٰ ۽ اتم سمجھي ٿو ۽ ٻين جي زندگي سان وتي ٿو راڱا ڪندو.


    پهرين تون صوف کاءُ.....

    وڏو عرصو ٻاهر رهي پنهنجي وطن ايندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر يا پنهنجي ملڪ ۾ آيل جن خامين خرابين جو يڪدم احساس ٿئي ٿو، انهن مان هڪ موبائيل فون پڻ آهي، جنهن اسان جي ماڻهن لاءِ وڏومٿي جو سور پيدا ڪيو آهي.
    ٻاهرين ملڪن ۾ موبائيل فون هڪ سهوليت ۽ ذاتي ملڪيت آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن جو آسانيءَ سان access نٿو ٿئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ به موبائيل فون جي سِم حاصل ڪرڻ لاءِ خريدار کي پنهنجي تفصيلي شناخت ڏيڻي پوي ٿي. يعني پوليس کاتو هر نمبر جي مالڪ جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، گهر جي ائڊريس ۽ تصوير حاصل ڪري ٿو ۽ پڪ ڪرڻ خاطر اها Sim مالڪ جي گهر رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪلي وڃي ٿي جيئن وٺ پڪڙ جي حالت ۾ ان جي گهر ڀاتين کي پڻ جوابدار ٺهرايو وڃي. توهان وٽ آيل گار گند جو نياپو (SMS) يا دڙڪي دامان (Threat) جي فون جي يڪدم خبر پئجي سگهي ٿي ۽ شڪايت تي پوليس کي ان همراهه کي سوگھو ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي.
    ملائيشيا، سنگاپور، ايران يا ويندي انڊيا ۾ اسان ٽوئرسٽن کي اتي جي فون جي ڪنهن به سسٽم جي سم مليو وڃي پر ان لاءِ پنهنجي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ پنهنجي تصوير دڪاندار وٽ جمع ڪرائڻي پوي ٿي جيڪو يڪدم پوليس ڊپارٽمينٽ کي ٻڌائي ٿو ۽ اهو اميگريشن کاتي ذريعي پڪ ڪري ٿو ته هن پاسپورٽ نمبر وارو همراهه واقعي هن فلائيٽ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيو آهي يا نه؟ هاڻ اهو ڌاريو به جيڪڏهن پنهنجي موبائيل فون ذريعي ڪنهن کي تنگ ٿو ڪري ۽ عارضي طور هو ڀلي پنهنجي رهائش وارو گهر يا هوٽل بدلائيندو وتي پر هو ملڪ ڇڏڻ وقت جڏهن ايئرپورٽ تي پنهنجي پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻ مهل پهچي ٿوته پڪڙجيو پوي، ڇو جو شڪايت ملڻ تي پوليس کاتو ان سِم جي مالڪ جو پاسپورٽ نمبر ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪريو ڇڏي ۽ ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر جيئن ئي ان مسافر جي پاسپورٽ جو نمبر دخول (Exit) لاءِ جيئن ئي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪري ٿو ته ڳاڙهي بتي ٻريو وڃي ته ان پاسپورٽ وارو “جاني نا پائي.” وڏا وڏا طرم خان يا اميرن وزيرن جا پٽ جيڪي فون ذريعي ڇوڪرين کي تنگ ڪن ٿا يا غريبن کي ڌمڪيون ڏين ٿا اهي اهڙا ٻِپيرا (Red Handed) ڦاسي پوندا آهن جو ڪلاڪ اندر ڪانچن ۾ هنگي ڏيندا آهن. پر اسان وٽ اهي پهلوان ٿيو پيا هلن.
    اسان وٽ جيئن ته آسانيءَ سان، بنا پنهنجي شناخت ٻڌائڻ جي سِم مليو وڃي، ان ڪري ان جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. چوري ۽ اغوا جي ڪيسن کان هڪ ٻئي سان گارگند ڪرڻ، اخلاق کان ڪريل SMS ڪري ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ وغيره، اسان وٽ سڀ کان وڏي پِٽَ SMS آهي. ٻين ملڪن ۾ ورلي ڪو نياپو ملندو. ماڻهو موبائيل فون کان تار (telegram) جو ڪم وٺن ٿا. يعني ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ننڍڙو ميسيج Send ڪن ٿا. پر هتي شاعري، چرچن لطيفن کان صبح ۽ شام جا سلام موڪليا وڃن ٿا. خبر ناهي ڇو انهن ڳالهين پٺيان وقت ضايع ڪيو وڃي ٿو. اديبن ۽ شاعرن جي ائڊريس گوگل ۽ فيس بڪ تي هجڻ ڪري مونکي به هر وقت SMS ملندا رهن ٿا. نه ڄاڻ نه سڃاڻ............ ميسيج پيو اچي. ٻيو نه ته صبح جو سلام سائين Good Morning......... آئون وري ڪڏهن ڪڏهن “Aap Kon?” لکي ميسيج ڪرڻ واري جو نالو معلوم ڪندو آهيان.
    “سائين فلاڻو، ڌڱاڻو بوزدار کان”
    دل ۾ چوندو آهيان ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ....... ميسيج ڪرڻ تي پيا خرچ ڪن. پر شڪر آهي جو ڌڱااڻي بوزدار، چوهڙ جمالي ۽ ڇلگرين جا ماڻهو موبائيل فون جي ايجاد ڪري انگريز ٿي ويا آهن. اسان مسلمان انگريزن جي شهر لنـڊن ۾ رهي به هڪ ٻئي کي اسلام عليڪم چئون..... هي سائين گڊ مارننگ ۽ گڊ نائيٽ پيا ڪن.
    ان ڏينهن شامَ جو امر جليل وٽ پهتس ته پڇيائين ته فلاڻو ڪتاب آندءِ؟
    “نه، چئين ها ته کڻي اچان ها.” وراڻيو مانس.
    “مون صبح ساڻ توکي SMS ڪيو ته جيئن توکي ياد رهي ڇو جو فون تي چيل ڳالهه وسريو به وڃي ......... خاص ڪري پاڻ پوڙهن کان.”
    ڳالهه اها آهي ته ڪم جي ضروري ميسيج مٿان پنجاهه کن جيڪي غير ضروري ميسيج اچيو وڃن انهن ۾ اهو اهم ميسيج دٻجيو وڃي. پوءِ ڪنهن کي آهي وقت جو ويهي اڻ واقفن جا غير ضروري SMS ڊليٽ ڪري. آئون ته چوندو آهيان ته اهي صبح جا سلام يا اوٽ پٽانگ جا شعر ۽ Quotation موڪلڻ وارا ظلم ٿا ڪن ۽ منهنجي ننڍڙي Capacity واري فون جي ميسيج واري جاءِ هميشه فل ڪريو ڇڏين. اهڙي طرح اهم نياپي حاصل ڪرڻ کان محروم ڪريو ڇڏين.
    قوم جو هن ريت وقت ضايع ڪرڻ ۾ موبائيل فون ڪمپنين جو به ڏوهه آهي جيڪي اشتهارن ذريعي ماڻهن جي همٿ افزائي ڪن ٿيون ته فقط هيترن ٿورن پئسن ۾ توهان روزانو 200 ايس ايم ايس ڪري سگهو ٿا. هاڻ هن پئڪيج وٺڻ واري کي ته ميسيج موڪلڻ ذري گهٽ مفت ۾ پيو پر جنهن وٽ ميسيج (SMS) پهچي ٿو ان کي موٽ ۾ فقط Thanks جو ايس ايم ايس ڪرڻ سان چار رپيه ڀرڻا پون ٿا. يعني ان ٺڳيءَ ذريعي فون ڪمپني ڪمائي ٿي. عوام جو پئسو ۽ وقت ضايع ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ سڌريل ملڪن ۾ فون تي وقت وڃائڻ عيب سمجھيو وڃي ٿو. سئيڊن جهڙن امير ملڪن ۾، جن جي حڪومتن کي بي انتها ناڻو reserve ۾ آهي. انهن فون تي وڏا ٽئڪس هڻي ماڻهن کي دل شڪستو ڪيو آهي ته فقط ضرروري ڪم تي فون ڪريو يا SMS ڪيو. هتي اسان وٽ يونيورسٽين ، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا شاگرد پڙهائيءَ کي وقت ڏيڻ بدران هر وقت SMS پيا ڪن يا چئٽ پيا ڪن.
    پاڪستان ۾ مهينو کن رهڻ دوران مون ڏهاڪو کن سڃاڻو ماڻهن کي (جن ۾ مون جهڙا پوڙها، جوان آفيسر۽ ٽي کن سنڌ جي يونيورسٽي جون شاگردياڻيون ۽ ليڪچرار صاحبه به اچي وڃي ٿي)، منٿ ميڙ ڪئي ته مهرباني ڪري توهان وٽ جيڪي SMS اچن ٿا اهي مون ڏي فارورڊ ڪيو، موڪليندڙن جا نالا ڀلي نه ٻڌايو. هزار کن گڏ ڪيل SMS ۾ ڪي مزاحيه شعرن جا به آهن جيڪي “فراز” نالي ٿاڦيا وڃن ٿا، ڪچين گارين جا ۽ Sex سان واسطو رکندڙ ڳالهين جا جملا وينا ملڪ سان وابسته ڪيا وڃن ٿا....... وينا ملڪ پشاور ۾ پنهنجي تقرير دوران اتي جي مردن کي مخاطب ٿي چيو....... وينا ملڪ سنڌ جي چيف منسٽر اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو...... وغيرهه وغيرهه. ڪيترا SMS اهڙا آهن جن جي آخر ۾ تاڪيد ٿيل آهي ته هي SMS گهٽ ۾ گهٽ ڏهن ماڻهن کي فارورڊ ڪرڻ ضروري آهي. نه ڪرڻ واري کي غيب مان نقصان رسندو...... وغيرهه. اسان ننڍا هئاسين ته اهڙا خط ملندا هئا ته هيترا دفعا لکي ورهائڻ سان فائدو ٿيندو ٻي صورت ۾ ڪو مائٽ مري ويندو. اسان جي ڪلاس ۾ شمن نالي پڙهندڙ شرارتي ڇوڪري (هاڻ ته اهو به ماشاءَالله اسان وانگر 70 سالن جو وڃي ٿيو آهي)، اهو خط ڏهه دفعا لکي پنهنجي ڪلاس ۾ ورهايو پر ان جي آخر ۾ ڪنهن جي مائٽ جي موت بدران لکيو ته “هي خط نه لکڻ واري جو ڪلاس ٽيچر هفتي اندر مري ويندو.”
    ڇوڪرن جي SMS ۾ زبردست قسم جي عشق محبت جي شاعري آهي. زبردست ته نه پر ٽرڙي ۽ Cheap قسم جي چئي سگهجي ٿي.

    سڄڻ منهنجي سر جو، پرين تون پيارو
    منهنجي جان جگر تون، منهنجو جيءُ جيارو
    توکي نه لڳي سيءُ، ڀلي هجي سيارو
    الله ڪري زال ملئي، رنگ هجيس ڪارو
    نڪي پچائي ماني، نڪي ڏئي ٻهارو
    اچي ڪو مهمان ته ڪري روڄ راڙو
    جي ٿئي پريشان پاڙو، ته قربان ڪجانس اضحيٰ واري عيد تي.
    پر ڪي ڪي شعر سٺن شاعرن جا به SMS ڪيا وڃن ٿا.

    “خواب منهنجا خوابن ۾ ئي رهجي ويا
    حسين چهرا نقابن ۾ رهجي ويا
    مئخاني جو منظر اهڙو هو
    شوق منهنجا شبابن ۾ رهجي ويا......”

    نموني خاطر هڪ ٻيو.

    “نه مونسان ڪرين ٿو پرين اڄ پچارون،
    نه کِل ڀوڳ ماڻان، نه مرڪون چپن تي......”

    يا استاد بُخاريءَ جو هي شعر:

    اها پڪ اٿم ته هو پرچي وري رسي ويندو
    ڪجهه گهڙين لاءِ ٺاهه ڪجي ته ڪهڙو ڪجي....”

    سڀ کان گهڻو ڏک مونکي اهي SMS رسائيندا آهن جيڪي ڪنهن قوم، برادري يا مذهب جي ماڻهن تي چٿر يا چرچو هوندا آهن. اهڙن سان ٻين جي ڪيڏي دل آزاري ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته اهو چرچو جيڪو اسان پٺاڻن، ميمڻن يا شڪارپورين سان منسوب ڪريون ٿا اهو اسان سنڌين، پنجابين يا سيدن پيرن تي به فِٽ ٿي سگهي ٿو. جيڪي چرچا اسان هندن نالي لکي گد گد ٿيون ٿا اهي مسلمانن نالي به صحيح ثابت ٿي سگهن ٿا. سٺ واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جهاز هلائي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ پهچندا هئاسين ته اتي جا ملئي ماڻهو اتي رهندڙ سکن تي ڏاڍيون ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا هئا. ملائيشيا ۾ رهندڙ سک ان وقت بيحد غريب هوندا هئا. هو ڍڳيون چاريندا هُئا يا بئنڪن ۽ دڪانن اڳيان گارڊ ۽ چوڪيدار جي ڊيوٽي ڪندا هئا. اڄ سمورا سِکَ وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، فوجي آفيسر، قومي ٽيمن جا رانديگر ۽ ڪاروباري ماڻهو آهن ۽ ملائيشيا کي خوشحال بنائڻ ۾ هنن جو وڏو هٿ آهي.
    SMS ذريعي سياستدانن تي به خوب ڇوهه ڇنڊيا وڃن ٿا. ڀلي ڇنڊيا وڃن جو اهي ووٽ وٺي وعدا ڪري ڪم نٿا ڪن ته عوام کي به حق آهي انهن کي سڌيون ٻڌائڻ جو.

    “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي،
    ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.”

    يا وري:

    “حيران ٿي پڇيم هاريءَکان
    هي کيت ڪنهن اجاڙيا آهن؟
    چيائين ڏوهه ناهي گدڙن جو
    پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا آهن.

    اسان جا درويش صفت ماڻهو، هر اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ مهل سوچين ڪونه ته ووٽ صحيح ماڻهوءَ کي پيا ڏيون يا غلط کي، بعد ۾ حبيب جالب جا شعر SMS ڪري اندر جي باهه ڪڍن.


    “جيني ڪا حق حڪمرانون ني ڇين ليا
    اٺهو مرني ڪا حق استعمال ڪرو”

    يا وري:

    “اصول بيچ ڪر مسند خريدني والو،
    نگاههِ اهلِ وفا مين بهت حقير هو تم.

    ان معاملي ۾ اسين سنڌي هيڪاندو گهڻو ڏکويل آهيون. اهوئي سب آهي (شايد)، جو اڄ ڪلهه هي شعرتمام گهڻو SMS ٿي رهيو آهي:

    “نه پڇ سنڌُ جو نه پڇ سنڌين جو،
    ڪجهه هيل وڪاڻا، ڪجهه پَر وڪامي ويا.”

    ان نوعيت جو هڪ ٻيو ايس ايم ايس، جيڪو آزاد نظم ۾ آهي:

    “سنڌي کدڙي،
    سياسي اڳواڻ جو فوٽو ڏسي،
    تاڙي وڄائيندي چيو:
    اسان ته رڳو نالي جا کدڙا آهيون...”

    نه رڳو سياستدان پر مرد حضرات به ان بمباريءَ کان بچيل نه آهن. ظاهر آهي انهن تي ٺهيل چرچا عورتن ئي جوڙيا هوندا. نموني خاطر توهان به پڙهو:

    • زال (مڙس کي): توهان قربانيءَ جو جانور ڪڏهن آڻيندئو؟
    مڙس: بيگم مونکي ئي کڻي ذبح ڪر.
    زال: گڏهه جي فقط ڪمائي حلال آهي، قرباني هرگز نه.

    • جيڪڏهن توهان جي زال..... توهانجو چيو نٿي مڃي ته..... ته.....
    ايڏي غور سان نه پڙهو
    ڪنهن جي به زال نٿي مڃي.
    اس پرچم ڪي سائي تلي هم ايڪ هين، هم ايڪ هين!

    • هڪ ٻيو SMS
    چانهه جي پتي ۽ پتي (مڙس) ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي آهي؟
    “ٻنهي جي نصيب ۾ سڙڻ ۽ ٽهڪڻ آهي!
    ۽ اهو به عورت جي هٿان..........”

    مرد صاحبن ته عورتن تي هيڪاندا طنز و مزاح جا SMS ٺاهيا آهن جن کان توهان به واقف هوندائو. سئمپل طور هڪ لکان ٿو:

    هڪ ڪنواري مرد طرفان:
    تقدير هي مگر قسمت نهين کُلتي
    تاج محل بنانا چاهتا هون، مگر ممتاز نهين ملتي

    هڪ عاشق جي آهه:
    تقدير هي مگر قسمت نهين کلتي
    ممتاز مل گئي هي، مگر شادي نهين ڪرتي

    شادي بعد فرياد:
    تقدير هي مگر قسمت نهين کلتي
    تاج محل بنانا چاهتا هون، مگر ممتاز نهين مرتي

    انهيءَ نوعيت جو هڪ ٻيو SMS
    شاهجهان بادشاهه پنهنجي پياري محبوبا جي ياد ۾ ٺهرايل تاج محل جي هڪ هڪ دري، در، مينار ۽ ڀتين کي وڏي حسرت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
    “وڏو خرچ ٿي ويو رَنَ جي چڪر ۾!”

    ڪجهه اهڙا به SMS آهن جن مان محسوس ٿئي ٿو ته لکڻ واري کي تمام گهڻو Sense of Humor آهي، ان جو مثال هي نياپو آهي:
    “چون ٿا سهڻيون شيون ڏسڻ سان انسان پاڻ به سهڻو ٿيو پوي.........
    خبر ناهي ته تو وٽ،
    منهنجي تصوير آهي يا نه..........”
    ڪيترن ۾ گهمائي ڦيرائي SMS ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي:

    روز هڪ صوف....... نو ڊاڪٽر
    روز پنج بادام ....... نو ڪئنسر
    روز هڪ ليمون ....... نو فئٽ
    روز هڪ گلاس کير ....... نو بون پرابلم
    روز ٽي ليٽر پاڻي ....... اسڪن صاف
    روز منهنجو SMS ....... موڊ فريش!”

    اهڙي ريت هي پڻ آهي:

    صوف کاءُ.........!
    هن سان طاقت ايندءِ
    طاقت ايندءِ ته همت ٿيندءِ
    همت هوندءِ ته جذبو پيدا ٿيندءِ
    جذبو پيدا ٿيندءِ ته شرم ايندءِ
    شرم ايندءِ ته SMS ڪندين،
    پر......
    پهرين تون صوف کاءُ.....


    ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ

    منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو ڪالهه لطيف آباد کان فون آيو ته سوچيم ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان هٿ آيو آهي ۽ هو مون کان هڪ مشورو يا کڻي چئجي ته صلاح وٺڻ ٿو چاهي.
    “ضرور! ضرور!” مون وراڻيومانس. پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪري بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن جو انهن کي نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. هن پروفيسر صاحب جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.
    “سائين منهنجي پٽ گذريل سال انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي پر نوڪري ناهي،” هن پنهنجي پريشانيءَ بابت ٻڌايو، “نيٽ (ڪمپيوٽر) تي Search ڪرڻ بعد هن جو ملائيشيا جي هڪ ڪمپنيءَ سان رابطو ٿيو آهي جنهن هن کي ٻڌايو ته هنن جي ڪمپنيءَ ۾ انجنيئرن جي وڏي کوٽ آهي. Online (ڪمپيوٽر) ذريعي هنن اسان جي نينگر کان فارم ڀرايو آهي ۽ ڪالهه ڪئالالمپور (ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر) کان ان ڪمپنيءَ جي باس جو فون آيو آهي ته نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارن کي 600 آمريڪن ڊالر رجسٽريشن في موڪلڻي پوندي جيئن هو انهن کي نوڪري لاءِ رجسٽرڊ ڪري سگهن ۽ پوءِ کين ويزائون موڪلين.
    مون هن کان فون نمبر پڇيو جيڪو ڪوالالمپور شهر جي لئنڊلائين جو نه هو ڇو جو ملائيشيا جي ڪوڊ 60 بعد 3 نه هو جيئن ڪراچيءَ جو ڪوڊ نمبر پاڪستان جي نمبر 92 بعد 21 آهي. پر هي سنئون سڌو موبائيل (Cell) فون نمبر هو. مون هن کي چيو ته مونکي دراصل خوشي ٿيندي ته ڪنهن به هم وطنيءَ کي ملائيشيا يا ٻاهر جي ملڪ ۾ سٺي نوڪري ملي وڃي پر هي ڪم مونکي فراڊ وارو ٿو لڳي ۽ توهان جا پئسا ضايع ٿي ويندا. مون ان ئي وقت ان نمبر تي فون ڪيو. ڪو چيني همراهه هو مون هن کان سندس ڪمپنيءَ جو لئنڊ لائين نمبر گهريو ته هو آئين بائين شائين ڪرڻ لڳو. مون هن کي ملئي زبان ۾ چيو ته اسان ملائيشيا جي سفارتخاني مان توهان جي ڪمپني جي موجودگي جو ڪنفرم ڪرڻ چاهيون ٿا. منهنجي ان چوڻ تي هن يڪدم کڻي فون رکيو۔ ٻئي دفعي وري فون ڪيومانس ته وري ڪٽي ڇڏيائين.
    مون حيدرآباد واري همراهه کي چيو ته هي ڪم ظاهري طرح فراڊي نموني جو لڳي ٿو جو هيڏي وڏي ڪمپني جيڪا انجنيئر پئي رکي ان جي آفيس ئي ڪانهي. ڇو جو موبائيل فون مان توهان کي ڪهڙي خبر ته اهو ماڻهو ڪٿي موجود آهي يا ڪٿي آفيس آهي. توهان جا موڪليل پئسا هن جي اڪائونٽ ۾ Online ته جمع ٿي ويندا جيڪي هو ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ يا ڀرواري ملڪ سنگاپور، ٿائلنڊ يا انڊونيشيا ۾ ويهي توهان جا موڪليل پئسا ڪڍي سگهي ٿو ۽ توهان جو ڪير داد فرياد ٻڌندو. هرڪو چوندو ته توهان پئسا موڪليا ڇو؟
    ٻي ڳالهه جيڪا هر پڙهندڙ جي معلومات ۽ ڪامن سينس لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته ملائيشيا جهڙو هر امير ملڪ، ڪنهن ڌارئين غريب کي گهرائي ملازمت ڏيڻ جي عيوض پئسا نه گهرندو. ملائيشيا جي حڪومت يا ان ملڪ جو ڪو خانگي ادارو توهان کي جيڪڏهن پاڻ وٽ ملازمت لاءِ چونڊي ٿو ته هو توهانکي نه فقط ويزا ۽ ٽڪيٽ موڪليندو پر ملائيشيا پهچڻ سان توهانکي پگهار جو ڪجهه حصو ائڊوانس ۾ ڏيندو جيئن توهانجو اوستائين گذر ٿي سگهي جيستائين مهنو پورو ٿئي ۽ پگهار ملي.
    هڪ ٻي ڳالهه هن نوڪريءَ ۾ صاف مشڪوڪ لڳي ٿي اها هيءَ ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿي جو نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪندڙ هر هڪ 600 ڊالر جمع ڪرائي. کڻي ڪيڏي به وڏي ڪمپني هجي هوءَ لا تعداد انجنيئر ته نه رکي سگهندي. ۽ فرض ڪريو ته مختلف ملڪن مان 50 ڄڻا اپلاءِ ٿا ڪن ته معنيٰ پنجاهه ڄڻن جا پئسا هضم ٿي ويا. سچ هي آهي ته ڪيترا ويچارا ههڙن ٺڳن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسيو وڃن.
    ان قسم جا ڪيترائي ٺڳيءَ جا اشتهسار ڪمپيوٽر (Net) تي يا ملڪ جي اخبار ۾ ايندا رهن ٿا. اهڙن اشتهارن مان هڪ ڪروزر جهاز (وڏي پئسينجر جهاز) ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ “بُئائز” جي ضرورت جو هوندو آهي. اهو اشتهار هر پنجين ڇهين مهيني انگريزي اخبار ۾ نمايان ٿيندو آهي ته آمريڪا کان انگلنڊ هلندڙ Luxurious (خوبصورت) پئسينجر جهاز تي مسافرن جي خدمت چاڪري لاءِ نوجوان ڇوڪرن جي ضرورت آهي (جيئن مسافر کڻندڙ هوائي جهازن تي ايئر هوسٽس ۽ اسٽيورڊس جي ضرورت پوندي آهي) هن نوڪري لاءِ فقط مئٽرڪ تائين تعليم ڪافي ٻڌائي وئي ......”
    هاڻ سائين اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر به بيروزگار ويٺا آهن، جتي ڪيترا غريب پئسي نه هجڻ ڪري وڌيڪ پڙهيو نٿا سگهن، اتي توهان سمجي سگهو ٿا ته ڪيترا ماڻهو apply ڪندا هوندا. هڪ اهڙي نوڪري جنهن ۾ وڏو پگهار هجي، گهمڻ ڦرڻ هجي، رهائش ۽ ماني ٽڪي مفت هجي.......... وغيره.
    “هن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ طريقو هن ريت ڏنل هو:پهرين 12 ڊالرن جي ڊرافٽ سان گڏ درخواست موڪليو.” ان بعد فارم پهچي ٿو. “جيڪو ڀري موڪلڻ وقت 300 ڊالرن جو ڊرافٽ موڪليو جيئن توهان کي ٽڪيٽ موڪلي نوڪري لاءِ لنڊن يا نيويارڪ گهرايو وڃي ته اچي جهاز Join ڪريو.”
    سڀ ڪجهه موڪلڻ بعد......... هڪ مهنو، ٻه مهينا، ٽي مهينا گذري وڃن ٿا پر ڪو اتو پتو نه.......... هر ڪو پنهنجو منهن مٿو پٽي چپ ٿيو وڃي.......... ڪيڏي ظالم مذاق آهي.... غريب ۽ مجبور ماڻهن سان! ......... اشتهار ڏيڻ واري جي ڳولا ڪر ته اهو نه ملي. جهازران ڪمپني جو اتو پتو معلوم ڪر ته اهو نه ملي. سوين هزارين ماڻهو ٺڳبا رهن ٿا. فقط چند ماڻهو جيڪي پئسو موڪلڻ کان اڳ چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪن ٿا اهي بچيو وڃن. مون کان به ڪيترائي ماڻهو پڇندا رهن ٿا. ان بابت هڪ اڙدو اخبار ۾ ٻه چار مضمون به لکي چڪو آهيان ۽ تمام گهڻو پڙهي ويندڙ هن اخبار ڪاوش ذريعي به پڙهندڙ کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هڪ پئسينجر جهاز ته وڏي ڳالهه آهي جو اُن ۾ ڪيترن ئي انسانن جي زندگي Involve آهي، هڪ عام ننڍي مال برادر جهاز تي به ڪو ائين اڻ پڙهيل ۽ اڻ تجربيڪار ماڻهوءَ کي نوڪري نٿو ڏئي سگهي، چاهي کڻي هو جهاز جو مالڪ هجي.
    گذريل ٽيهارو کن سالن کان بين الاقوامي سامونڊي قانون مطابق جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري کي چاهي اهو ڪئپٽن هجي، رسا ڇڪڻ وارو خلاصي، سئلون (ميس) ۾ ڪم ڪندڙ بئاءِ يا بورچي يا کڻي ڀنگي (ٽوپس) هجي، هن کي ڪجهه “ضروري Mandatory ڪورس” ڪري امتحان پاس ڪرڻا آهن. سو ڪيئن اسان جي بدين، گمبٽ، ملتان، خضدار، جو مئٽرڪ پاس بييروزگار يڪدم جهاز تي نوڪري ۾ لڳي سگهي ٿو! ٻي ڳالهه ته هڪ مال بردار جهاز تي ته ميس ۾ ماني ٽڪي کارائڻ يا ڪمرا صحيح رکڻ لاءِ ٽي چار بئاءِ به ڪافي آهن. پئسينجر جهاز تي کڻي ڏهن ڄڻن يا هل کڻي ويهه ڄڻن جي ضرورت هجي ۽ هتي اسان جا سوين نوجوان پئسا موڪلڻ بعد ائين پيا خوش ٿين ڄڻ نوڪري ملي وئي هجين. ڇا ڪجي اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو جيڪي پنهنجي چوڌاري رڳو رشوت جو راڄ ڏسن ٿا، جتي سرڪاري نوڪريون به وڪاميون وڃن
    ٿيون، اتي هو اهوئي سمجھن ٿا ته هر ملڪ ۾ نوڪري پئسن تي ٿي ملي. جيتوڻيڪ ڌارين ملڪن ۾ نوڪري ڏيڻ وارو پنهنجي ڪاروبار لاءِ گهرايل ملازم کي پاڻ پئسو ڏئي ٿو. سو اسانجي ماڻهوءَ کي سمجھي وڃڻ کپي ته جتي پئسي جي گهُر آهي اُتي فراڊ آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هنن پئسينجر جهازن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ٻُڌائي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته هنن Luxurious جهازن جو ٽڪيٽون تمام ڳريون ٿين ٿيون. مثال طور لنڊن کان نيويارڪ جي هوائي سفر جي ٽڪيٽ هڪ لک رپيا آهي ته پاڻي واري جهاز جي ڏهه لک آهي جو انهن جهازن جا ڪمرا، کاڌو پيتو ۽ رهائش وغيرهه سيون اسٽار هوٽلن جيان ٿئي ٿي جن ۾ اوٽ موٽ جي ڏهاڪو کن ڏينهن جي سفر ۾ مسافر لاءِ اوچي کان اوچا کاڌا، شراب، ناچ گانن ۽ جوا جا بندوبست رکيا وڃن ٿا ۽ ههڙن جهازن تي سفر ڪرڻ وارا دنيا جا امير ترين ماڻهو ٿين ٿا ۽ مسافرن جي خدمت لاءِ ٺلهه، ٽنڊو قيصر ۽ مٽيارين جا مئٽرڪ فيل نر نه رکيا وڃن ٿا پر سهڻي کان سهڻيون، ٻه يا ٽي زبانون ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون رکيون وڃن ٿيون....۽ پوءِ به سفر مڪمل ڪرڻ بعد مسافر “شڪايت جي رجسٽر” ۾ لکي ويندا آهن ته اهڙيون سهڻيون نه هيون، ايڏيون سمارٽ نه هيون وغيره وغيره. ظاهر آهي اسان جهڙي مولوي ملڪ جا مون جهڙا پوڙها ڏاڙهي وارا به PIA تي ڇوهه پيا ڇنڍيندا آهن ته ڪهڙيون ته پوڙهيون پڪيون ايئر هوسٽس آهن. انهن کان ته کدڙا ڀلا.......... وغيرهه، سو اهڙي تناظر ۾ ڇا ڪروزر (مسافر جهاز) جي مئنيجمينٽ ڳوٺ چوهڙ جمالي، ڳوٺ غيبي ديري ۽ ٽنڊومستي جي مئٽرڪ پاس ڇوڪرن کي رکندي ته اچي هسپانوي، فرينچ ۽ نارويجن ڳالهائڻ وارن مسافرن کي منهن ڏين، جن کي انگريزي ئي ڳالهائڻ نٿي اچي! بهرحال قدرت انهن ظالمن کي غرق ڪري جيڪي اسانجي غريب ۽ مجبور ماڻهن سان هن قسم جون ٺڳيون ٿا ڪن.
    مون جهڙي هڪ اديب جو ڪم آهي ته معاشري ۾ ٿيندڙ ههـڙن فراڊن کان عوام کي آگاهه ڪريون. ڪيتري عرصي کان هڪ ٻيو فراڊ پڻ نظر اچي رهيو آهي. پنهنجي ئي ملڪ ۾، پنهنجا ئي ٺڳ ماڻهو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ جو وعدو ڪن ٿا. هنن کان ٻه ٻه لک رپيا کن وٺي هنن کي اهو چون ٿا ته هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ ويزا به هو وٺي ڏيندا ۽ ڪئالالمپور هوائي اڏي تي لهڻ سان هنن جو ايجنٽ کين فئڪٽري ۾ وٺي هلندو جتي هنن لاءِ رهائش ۽ جاب جو بندوبست رکيو ويو آهي. پوءِ کين گهر ويٺي ٽڪيٽ به ملي ٿي، پاسپورٽ تي مهيني کن جي ويزا به لڳي ملي ٿي، هر شيءِ اصلي آهي. ڪئالالمپور هوائي اڏي تي هو پهچي ٻاهر نڪرن ٿا ته پاڪستاني ايجنٽ جو ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ساٿي، هنن سان اچي ملي ٿو ۽ هنن کي ٻڌائي ٿو ته هنن جي رهائش ۽ نوڪري جو بندوبست سندن فئڪٽري ۾ آهي. هو کانئن پاسپورٽ وٺي ٻڌائين ٿو ته انهن تي هو visit ويزا بدران ورڪ ويزا لڳرائيندو. فئڪٽري ڏي موڪلڻ لاءِ هو ٻه ٽئڪسيون گهرائي ٿو، جن ۾ کين وهاري ٽئڪسي وارن کي ملئي زبان ۾ سمجھائي ٿو ۽ پاڻ پٺيان پٺيان پنهنجي ڪار ۾ اچي ٿو. ڪنهن هنڌ ٽرئفڪ جئم ۾ هن ايجنٽ جي گاڏي غائب ٿي وڃي ٿي. ٽئڪسي ڊرائيور کين ڪئالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ۾ اچي لاهين ٿا ۽ کانئن ڀاڙو گهرن ٿا.
    “ڀاڙو؟ ڇاجو ڀاڙو؟” هو وائڙن وانگر پڇن ٿا، “ڪٿي آهي فئڪٽري؟”
    “ڪهڙي فئڪٽري؟ توهان جي دوست ته اسان کي چيو ته هنن مسافرن کي مارڪيٽ لاهي، ڀاڙو وٺجو.”
    هاڻ نه پاسپورٽ، نه نوڪري، نه رٽرن ٽڪيٽ! پرديس ۾ غريب ڪيڏانهن وڃن. سندن فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي. نه مڪاني ماڻهو نه ملڪ جو سفارتخانو...... ڇو جو روزانو ان قسم جا واقعا ٿيندا رهن ٿا. هو غير قانوني ڇو ٿا اچن......... پنهنجو پاسپورٽ سوگھو ڇو نٿا رکن، ڪوڙن ايجنٽن جي چوڻ تي ڇوٿا ڌارئين ملڪ ۾ اچي مسئلا پيدا ڪن....... بهرحال چوڌاري غريبن تي موچڙو پوي ٿو جن کي ايئرپورٽ تي يا جيل ۾ وهاريو وڃي ٿو، جيسين سندن مائٽ رٽرن ٽڪيٽ لاءِ پئسو موڪلين.
    سو منهنجا پڙهندڙو ولايت وڃڻ جو شوق اسان سڀني کي آهي پر توهان جيڪو به قدم کڻو سوچي سمجھي کڻو. لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي ظالم ايجنٽن ۽ ٺڳ ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي پاڻ کي تڪليف ۾ ۽ پنهنجن پيارن کي پريشانين ۾ مبتلا نه ڪيو.


    هڪ ايجاد جي ڪُهائي (Miscarriage)

    جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اُتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي سان ٻن سالن لاءِ وابسته هوس، تن ڏينهن ۾ سامونڊي پٽيءَ جي ٻي پاسي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ اسانجو دوست، سنڌ جي دلير ۽ جھوني ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو وڏو فرزند محمد علي ميمڻ ٽريڊ ڪمشنر هو. ڪڏهن هو مون وٽ منهنجي شهر مالمو ۾ هلي ايندو هو ته ڪڏهن آئون هن وٽ ڪوپن هيگن پهچي ويندو هوس. يورپ جا اهي ٻئي شهر ائين آهن جيئن اسانجو دادو مورو يا سکر روهڙي! ڪتابن پڙهڻ جو هو به شوقين هو، سو اسان جو ادبي دنيا جي ماڻهن بابت گهڻو بحث هلندو هو. محمد علي هر ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرڻ جو عادي آهي. ڪو رسي ته رسي وڃي هو ڳالهه اها ڪندو جيڪا صحيح سمجھندو.
    هڪ ڏينهن آئون ڪوپن هيگن سندس گهر پهتس ته سندس هٿن ۾ هڪ سنڌيءَ جو رسالو هو جنهن ۾ منهنجي تازي ڪتاب تي تبصري سان گڏ نقاد مون بابت ڪافي تعريف لکي هئي ته پاڻيءَ جي جهاز تي ڪم ڪرڻ سان گڏ هن جو ادب سان ايڏو چاهه آهي جو 30 کن ڪتاب لکيا اٿس (ان وقت منهنجا اوترا ڪتاب ٿيا هئا). محمد عليءَ رسالي جو اهو صفحو مونکي ڏيکاري، پنهنجي خاص انداز ۾ نرڙَ کي ڌڪ هڻي چيو: “ٻڏي مرڻ جي جاءِ آهي! اسان جي ملڪ ۾ قوم جو ايڏو ڪريل معيار آهي جو 30 کن ڪتاب لکڻ وارو وڏي ڳالهه پيو سمجھجي ۽ جي تون جهاز ٿو هلائين ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي...........”
    مونکي جهڙي باهه وٺي وئي. دل ۾ چيم اهي ئي ته محمد علي جون ڳالهيون آهن جو پنهنجا پراوا کانئس ڀڄندا وتن. گهر ۾ گهرائي ٿيو ذليل ڪرڻو. دل چيو ته هينئر جو هينئر پنهنجي شهر مالمو (سئيڊن) هليو وڃان. پر پوءِ چانهه پي ٿورو سامت ۾ آيس ته مونکي يڪدم محسوس ٿيو ته ٻيلي محمد علي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. جهاز هلائڻ ۽ ڪجهه ڪتاب لکڻ ڪا اهڙي ته وڏي ڳالهه ناهي جو تبصرو لکندڙ کڻي مونکي “عظيم ليکڪ” جو خطاب ڏنو آهي، هتي يورپ ۾ ماڻهو الائي ڪهڙا ڪهـڙا ڪم پيا ڪن!
    ان ڳالهه تي آئون بعد ۾ به سوچيندو رهيس ته اسان پاڪستاني، خاص ڪري سنڌي، معمولي ڳالهه کي وڏو ڇو ٿا سمجھون ۽ ان تي هيڪاندو گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڇو ٿا ڪريون. پڇڻ تي منهنجي ڳوٺ جي هڪ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ چيو ته ان ڪري جو قومي ليول تي اسانکي نه راندين ۾ همٿايو وڃي ٿو ۽ نه ريڊيو، ٽي وي ۽ آرٽ جي دنيا ۾. پوءِ ڪو پنهنجي مڙسي سان ننڍو ڪم به ڪري ٿو ته فخر مان سڀني جو ڳاٽ مٿي ٿيو وڃي ۽ هو پنهنجي احساس محرومي ۽ ڪمتري کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين کي اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اسين به ڪنهن کان گهٽ نه آهيون. ان چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن مس فائر به ٿيو وڃي........... يعني تڪڙ ۾ بنا ڪنهن خاطري ڪرڻ جي ان کي به هيرو بڻايو ڇڏيون جيڪو اڃان مڪمل طور نه ٿيو آهي.
    مٿين ڳالهين ان ڪري ڌيان ۾ آئي ته هن ڀيري پاڪستان اچڻ تي ان ڳالهه جو ذڪر صوبائي توڙي ملڪي ميڊيا تي زور شور سان ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪنهن همراهه اهڙو پرزو ٺاهيو آهي جيڪو پاڻيءَ کي اهڙي صورت ۾ آڻيو ڇڏي جو ان سان ڪار هلي سگهي ٿي. دراصل ملائيشيا ۾ ئي هوس ته اها ڳالهه ٻڌم ۽ منهنجا مئرين انجنيئرنگ جا شاگرد مونکان سوال ڪرڻ لڳا ته اهو ممڪن آهي............؟ ان بابت به هنن کي تجسس هو ته آيا اهو تجربو ڪمرشل يوز ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهيو آهي؟
    فيول ۽ فيول ٽيڪنالاجي منهنجو خاص سبجيڪٽ رهيو آهي. ۽ 1980ع کان ملائيشيا ۽ سنگاپور جي مختلف نيول اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ پڙهائيندو اچان. هڪ جهاز جيڪو پاڻي ۾ هلي ٿو، جنهن جي چوڌاري مفت جو بي انتها پاڻي آهي، ان کي هلائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ‘پاڻي’ فيول (ٻارڻ) طور استعمال ٿي وڃي ته اسان هلائيندڙن ۽ جهازن جي مالڪن جا عيشَ ٿي وڃن. مالڪن جو پئسو بچي وڃي ۽ اسان جهاز هلائيندڙ لاءِ Maintenance جو ڪم نه برابر وڃي ٿئي جو تيل جي مقابلي ۾، خاص ڪري جيڪو ڏامر جهڙو سستو تيل اسان جهاز کي هلائڻ لاءِ ڪم آڻيون ٿا، ان جي مقابلي ۾ پاڻي هڪ صاف سٿرو fuel ٿي پوندو. مون پنهنجن جهازي شاگردن کي اهوئي جواب ڏنو ته ايجاد ڪندڙ همراهه سان پاڪستان ۾ ملي، پوءِـ توهانکي، ان پويان جيڪا هن technology ايجاد ۽ استعمال ڪئي آهي اها اچي ٻڌائيندس.
    تيل (ٻارڻ) جي ٽيڪنالاجي کان اڻ واقف پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندس ته جهاز کي هلائڻ واري انجڻ ايڏي ته وڏي ٿئي ٿي جو ان جي سلينڊر ۾ ٽي ماڻهو هڪ ئي وقت بيهي سگهن ٿا. سو ان ۾ تيل به ان حساب سان سڙي ٿو. هاڻ ته هڪ لک ٽن وزن کان به وڏا جهاز ٿي پيا آهن پر نوڪري جي شروعات جي سٺ واري ڏهي جيڪي 30 هزار کن ٽنن وارا اسان جهاز هلايا انهن ۾ به روزانو 40 ٽن کن تيل سڙيو ٿي. 40 ٽن معنيٰ چاليهه هزار لٽر تيل هاڻ جي هي جهاز پيٽرول تي هلن ته اسان جي ملڪ جي اڄوڪي اگهه مطابق چاليهه لک رپيا روزانو تيل تي خرچ ٿيو. جنهن خرچ تي جهاز جي مالڪ کي الٽو نقصان پوي. ان ڪري جهاز کي تمام سستي قسم جي تيل سان هلايو وڃي ٿو. يعني پاڻي واري جهاز کي ......... هوائي جهاز ته پيٽرول کان به اوچو ۽ مهانگو فيول “آڪٽين” استعمال ڪري ٿو. بهرحال هن ڏامر جهڙي تيل کي انجڻ يا بئالر ۾ ٻارڻ لاءِ هن تيل کي گرم ڪري صاف ڪيو وڃي ٿو جيئن هن جي viscosity گهٽجي ۽ فلو (لاڙَ)بهتر ٿئي.
    پاڪستان اچي مونکي ڪو گهڻو وقت نه مليو جو آئون هن صاحب سان سندس ايجاد بابت سوال جواب ڪري سگهان. مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هن ايجاد ڪندڙ سان ملان يا گهٽ ۾ گهٽ جن جي هن سان ملاقات ٿي آهي ۽ جن هن کي پاڻيءَ تي ڪار هلائيندو ڏٺو آهي انهن سان ڪجهه ڳالهيون ڊسڪس ڪري سگهان......... يعني هو مونکي سمجھائي سگهن. پر اهو به ممڪن نه ٿي سگهيو. هو پاڻ به ان بابت منجھيل نظر آيا ٿي بهرحال آئون هتي ان ڳالهه کي رد نٿو ڪريان. بلڪ مونکي ته خوشي ٿيندي ته ان جو ايجاد ڪندڙ اسان جي ملڪ ۽ اسان جي صوبي سنڌ جو آهي.
    هتي آئون فقط ڪجهه ڳالهيون اهي لکي رهيو آهيان جن کان اسانجو پڙهندڙ اڻ واقف هجي خاص ڪري اهو جيڪو سائنس جو شاگرد نه آهي.
    • ڪار، ٽرئڪٽر، هوائي جهاز کان پاڻي واري جهاز کي جيڪا انجڻ هلائي ٿي ان ۾ ٻارڻ (Fuel) طور پيٽرول، ڊيزل، سي اين جي ويندي بئلارن ۾ جيڪو ڪوئلو، ڪاغذ يا ڪاٺ ٻاريو وڃي ٿو انهن سڀني ۾ ڪاربن موجود آهي. پوءِ ڪنهن ۾ گهٽ آهي ته ڪنهن ۾ گهڻو ان کان علاوه هيڊروجن به آهي. اهي ٻئي شيون آڪسيجن جي موجودگي ۾ ٻرن ٿيون. انجڻ يا بئالرن ۾ آڪسيجن هوا رستي مهيا ڪئي وڃي ٿي پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته پيٽرول وارين گاڏين ۾ ڪاربيوٽر ذريعي هوا ۽ پيٽرول مڪس ڪري پوءِ سلينڊر ۾ ساڙيو وڃي ٿو ۽ ڊيزل انجڻ ۽ بئالرن وغيره ۾ هڪ طرف کان ڊيزل ۽ ٻئي طرف کان هوا وجھي سلينڊر ۾ ئي مڪس ڪري ساڙيو وڃي ٿو جيڪو ڪم بئالر جي فرنيس ۾ ڪيو وڃي ٿو.

    • پيٽرول، ڊيزل، آڪٽين يا ڪاٺ، ڪوئلو، پنو وغيرهه سڙڻ تي جيڪا exhaust گئس يعني دونهون نڪري ٿو اها گئس ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. يعني ان ۾ هڪ حصو ڪاربن جو آهي ته ٻه حصا آڪسيجن جا. هن جهان ۾ يعني هن ڌرتي جي گولي تي اها گئس قدرتي طرح ان شڪل ۾ ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن سڙڻ وقت هوا (آڪسيجن) جو مقدار گهٽ آهي ته پوءِ گهاٽي ڪاري رنگ جو دونهون نڪري ٿو جنهن ۾ آڪسيجن جي ٻن حصن بدران هڪ ٿئي ٿو ۽ هڪ ڪاربن جو. اهـڙي دونهين جي گئس ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ بدران ڪاربن مونو آڪسائيڊ سڏجي ٿي. ڪاربن مونو آڪسائيڊ (يعني ڪارو دونهون) اسان لاءِ خطرناڪ ان ڪري آهي جو ڪاربن مونو آڪسائيڊ پنهنجي قدرتي فارم (ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ) ۾ اچڻ لاءِ آڪسيجن جو ٻيو حصو آس پاس مان ڇڪي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو دونهون، ڪو ساهه ۾ ٿو کڻي ته اها گئس آڪسيجن جو باقي حصو انسان جي جسم مان ٿي ڇڪي ۽ اسان کي چڪر اچن ٿا......... ننڍا ٻار ته بيهوش به ٿي سگهن ٿا ۽ موت جو به شڪار ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون “قاتل” سمجھيون وڃن ٿيون.

    • پاڻيءَ جو تاثير جيتوڻيڪ ٿڌو آهي يا باهه کي وسائڻ جي ڪم اچي ٿو پر اهو ٻن خطرناڪ شين جو ٺهيل آهي: هڪ هيڊروجن جيڪا ٻري ٿي ۽ ٻي آڪسيجن جيڪاٻارڻ ۾ مدد ڪري ٿي. يعني پاڻي نج ٻارڻ (fuel) آهي. پاڻيءَ کي باهه به لڳي سگهي ٿي ۽ اسان مان ڪيترن، خاص ڪري گهر جي عورتن پاڻيءَ کي باهه لڳڻ جو مشاهدو به ڪيو هوندو. چلهه تي گرم تيل کي جڏهن پاڻيءَ جا ڇنڍا لڳن ٿا ته اُلا (شعلا) نڪرن ٿا......... اهي باهه جون ڄڀيون ڇا آهن؟ اهو پاڻيءَ ۾ موجود هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي سڙڻ جون آهن. يعني پاڻي به پيٽرول وانگر ٻري سگهي ٿو جيڪڏهن هن جا جزا:هائڊروجن ۽ آڪسيجن جدا ڪيا وڃن. چلهه تي ڪڻڇي يا تئي تي جيڪو تيل گرم ٿيو وڃي ان جو ٽيمپريچر ٽي چار سؤ ڊگريون ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ جا ڇنڍا ٽڙڪيو هائڊروجن ۽ آڪسيجن ٿيو پون.

    • قدرت اهڙو قانون رکيو آهي جو جڏهن اسان ديڳڙي ۾ پاڻيءَ کي گرم ڪريون ٿا ته اهو ان ٽيمپريچر تائين پهچي ئي نٿو........... ڀلي کڻي سڄو ڏينهن ٽهڪايون. هڪ سو ڊگرين بعد پاڻي پنهنجي شڪل ئي بدلايو وڃي. اهو ٻاڦ ٿيو اڏاميو وڃي. جهاز جي انجڻ روم جي فرش تي هاريل تيل کي جڏهن باهه لڳندي آهي ته اسان ان کي پاڻيءَ بدران گجي (foam) يا ڪنهن مردار (inert) گئس ذريعي وسائيندا آهيون. ڇو جو پاڻي هڻڻ سان ان جا جزا الڳ ٿي ويتر وڌيڪ باهه پيدا ڪري سگهن ٿا.

    • پاڻي کي ٻارڻ جي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ ان جا جزا هائڊروجن ۽ آڪسيجن ڌار ڪرڻ جو ٻيو طريقو اليڪٽرڪ آهي. ڪار يا ٻي ڪا انجڻ پاڻيءَ تي بلڪل هلي سگهندي جيڪڏهن اليڪٽرڪ ڪرنٽ يا طاقتور بيٽري جو بندوبست آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هڪ ڪار هڪ سؤ رپين ۾ يعني پيٽرول جي هڪ لٽر ۾ ڏهه ڪلو ميٽر هلي سگهي ٿي ته ايترو مفاصلو کڻي پاڻي جي ٻن بوتلن (ٻن لٽرن) ۾ طئيءَ ڪري....... ۽ ان نج پاڻي جا ٻه لٽر کڻي اسان کي 20 رپئي جا ملن پر انهن ٻن لٽرن کي اليڪٽرڪ ڪرنٽ ذريعي ڦاڙڻ ۾ بجلي جو بل جيڪڏهن 150 رپيا ٿو اچي ته پوءِ اها شيءَ ڪهڙي فاعدي جي ٿي،

    • اهو چيو وڃي ٿو ته ان لاءِ جيڪو “واٽر ڪِٽ” ايجاد ڪيو ويو آهي ان ۾ اهو ڪم آٽوميٽڪ ٿيو وڃي ۽ بيٽري به چارج ٿيندي رهي ٿي. اسان هن اسٽيج تي اهو نٿا چوڻ چاهيون ته ايجاد ڪندڙ ڪوڙ ٿو ڳالهائي...... اسان ته دعائون ڪنداسين ته پاڻيءَ کي انجڻن ۾ ٻارڻ حقيقت ثابت ٿئي ته ماحول ڪاربن واري دونهين کان به صاف سٿرو رهندو ۽ مهانگائي به دور ٿيندي. پر آخر اها به ته خبرپوي ته اهو Water Kit ڪهڙي جادو منتر جو ٺهيل آهي. مونکي T.V تي ان خبر بابت هڪ ٻه پروگرام ڏسڻ جو موقعو مليو آهي پر ان ۾ اها ڳالهه گول مول ڪئي وڃي ٿي. ڪار کي هلندو ڏسي اسان جو سائنس جي علم کان ڇسو عوام واهه واهه ڪندو رهي ٿو ۽ دنيا اسان تي کلندي رهي ٿي.

    • هڪ ٻي ڳالهه ته واٽر ڪِٽ ذريعي رڳو پاڻي وڃي ٿو يا ٻي ٻارڻ جي شيءِ به، جنهن ۾ ڪاربن جهڙي شيءِ موجود هجي. اها ته هر هڪ کي خبر هوندي ته انبن پچائڻ واري ڪيميڪل ڪاربائيڊ مٿان پاڻي وجھڻ تي نڪرندڙ گئس ٻري سگهي ٿي.

    • جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته ڊيزل وانگر پاڻي نج حالت ۾ انجڻ جي سلينڊر ۾ داخل ٿي ٻري ٿو ته اها ڳالهه به هڪ معمولي سائنس يا مڪينيڪل انجنيئرنگ جي شاگرد کي به حيرتزده ڪندي هوندي ته سلينڊر جو پاور اسٽروڪ ۾ ته ڪو اڌ چمچو ڊيزل جو مس ٿو Spray ڪيو وڃي پر اوتريون ڪئلوريون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪوپ کن داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پسٽن Inward اسٽروڪ جي آخر ۾ clearance ايترو گهٽ ٿو ٿئي جو ايترو پاڻي زبردست هائڊرالڪ پريشر پيدا ڪري سگهي ٿو.

    • پاڻي جي ٻارڻ سان گاڏي هلڻ جي خاطري ڪرڻ لاءِ عوام کي ان جي دونهين بابت ته ٻڌايو وڃي ته Exhaust گئس ۾ ڇا ٿو نڪري. جي ڪاربن گئس ٿي نڪري ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انجڻ جي سلينڊر ۾ پاڻيءَ کان علاوه ٻي به شيءِ داخل ڪئي پئي وڃي. ڇو ته فقط پاڻي جي ٻرڻ تي دونهين (Exhaust) ۾ فقط ۽ فقط هائڊروجن ۽ آڪسيجن اچڻ کپي شروع ۾ ته هر چئنل ۽ اخبار ۾ هن ايجاد جي ڳالهه هئي پر هاڻ ته مهينو ٿي ويو آهي ان بابت ڪا ڳالهه نٿي ٻڌجي. خبر ناهي اها ايجاد مئچوئر ٿي جنم ورتو يا وقت کان اڳ ڪُهائي (Abortion) جو شڪار ٿي.


    ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟

    انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندو رهندو، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو ..... خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندو رهندو. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه ..... جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي د﷦ور ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.
    بهرحال آئون تڏهن جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هئنڊ پمپن جي جاءِ تي اليڪٽرڪ جا پمپ لڳي رهيا هئا، جن ذريعي زمين مان پاڻي ڇڪي مٿي ٽانڪيءَ کي ڀريو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون لنڊن ۾ پنهنجي جهازسازي (مئرين انجنيرنگ) جي سبجيڪٽ جو آخري امتحان ڏئي جهازَ جو چيف انجنيئر ٿيو هوس ۽ ڇهه مهينا کن نارٿ سي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڏهاڪو کن بندرگاهن جي مسافري (voyage) مڪمل ڪري ڪراچي پهتو هوس. ملڪ کان ٽي سال کن يڪو ٻاهر رهيو هوس سو هاڻ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس.
    پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته مئرين انجنيئر يعني پاڻيءَ جي جهازن وارو انجنيئر هڪ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جو مڪسچر ٿئي ٿو فرق فقط اهو آهي ته مٿين انجنيئرن جو فقط لکت پڙهت يعني ٿيوري تي زور رهي ٿو پر مئرين انجنيئر پريڪٽيڪل ڪم کان جان بچائي نٿو سگهي جو سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي مئرين انجينئر کي، بنا ڪنهن ورڪشاپ جي مدد جي، پاڻ ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪري اهو نقص دور ڪرڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم وڪرم تي رهي ٿو ۽ تباهه ٿي سگهي ٿو. وڏي حادثي جي صورت ۾ به جهاز کي هلڻ جوڳو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڀرواري بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان (مئرين انجنيئرن) کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين جو ڪم به سکڻو پوي ٿو جيئن ڀڳل پرزي کي، عارضي طور تي ٺيڪ ڪري سگهون.
    تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ورڪشاپ مان ٻه سال کن apprenticeship مڪمل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئر هڪ جونئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهي ٿو. هر جهاز تي سندس سائيز مطابق جونئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين اٺ ڏهه کن مئرين انجنيئر ٿين ٿا. هڪ جونئر انجنيئر لڳاتار نوڪري ڪندو رهي ۽ وقت تي امتحان پاس ڪندو رهي ته ڇهه ست سالن ۾ چيف انجنيئر ٿيو وڃي. هر امتحان کان اڳ هن کي 21 مهينا جهاز هلائڻو پوي ٿو. آخري امتحان ..... چيف انجنيئر جي ۾ ته ڪو به سليبس مقرر ناهي. هن کي هر قسم جي انجڻ، مشين، پمپ، بئالر جي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ کپي جو هر جهاز تي مختلف قسم جي مشينري ٿئي ٿي جنهن کي هلائڻ ۽ صحيح رکڻ جي جوابداري چيف انجنيئر جي آهي. ڪناري تي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، جتي رشوتخوريءَ جو مرض آهي، جتي سرڪاري يا خانگي نوڪري ڪرڻ وارو پاڻ کي نوڪر سمجھڻ بدران ٻين تي رڳو حڪم هلائي ٿو، اتي جا عام ماڻهو اهو سوچي به نٿا سگهن ته جهاز جو چيف انجنيئر معنيٰ سڀ کان گهڻو پورهيو ۽ ذمينداري کڻڻ وارو. جتي ٻيا انجنيئر انجڻ کي صحيح نٿا ڪري سگهن اتي چيف انجنيئر کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ هن کي ڄاڻ، تجربو ۽ اعتماد هجڻ ضروري آهي. ان بنا هو survive نٿو ڪري سگهي.
    بهرحال آئون چيف انجنيئر ٿيس ۽ ان بعد ڇهين مهينن کن جو ڊگهو سامونڊي سفر خير خوبي سان ڪري گهر پهتس. جهاز کڻي نئون هجي يا پراڻو، سندس انجڻيون ڏينهن رات هلن ٿيون. جن ۾ ٽيهارو کن مختلف پمپ، ٽي يا چار وڏا جنريٽر، بئالر، ايوپريٽر، پيوريفائر، ريفريجريشن پلانٽ وغيره وغيره، انيڪ مشينون اچيون وڃن ٿيون ۽ سمنڊ تي اهو ڏينهن خالي نٿو رهي جنهن ۾ ڪو maintenance جو يا ڀڃ ڊاهه کي صحيح ڪرڻ جو ڪم نه هلندو هجي. جهاز جا سمورا انجنيئر، چيف انجنيئر سميت ڏينهن رات ڪم ۾ مشغول رهن ٿا. ۽ ماشاءَالله جهاز جو هر انجنيئر (مئرين انجنيئر) ڪم جو ڄاڻو ٿئي ٿو خاص ڪري certified انجنيئر جن ترقي حاصل ڪرڻ جو هڪ يا ٻه امتحان پاس ڪيا آهن. اهو ان ڪري جو هي هڪ اهڙو پروفيشن آهي جنهن ۾ پهرين ڪم ڪري ڏيکارجي ٿو ۽ پوءِ امتحان ڏجي ٿو. يعني هر امتحان پهرين 21 مهينا سمنڊ جي نوڪري (Sea Time) مڪمل ڪرڻ بعد ٿئي ٿو. سو هڪ جهازن جو چيف انجنيئر چاهي يورپي گورو هجي يا آفريڪي شيدي يا اسانجو ايشيائي، هو ساڳي قابليت رکي ٿو ۽ جهازن جا مالڪ اهو نه ڏسندا آهن ته هو ڪهڙي ملڪ ۽ رنگ جو آهي. هنن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته چيف انجنيئر جو امتحان پاس ٿيل آهي. ڇو جو هڪ امتحان پاس ڪيل چيف انجنيئر جي موجودگي ۾، جيڪڏهن جهاز جو حادثو ٿي پوي يا جهاز ٻڏي به وڃي، ته به مالڪ کي انشورنس ڪمپني وارا سڄي رقم ڀري ڏيندا ۽ انشورنس ڪمپني کي خبر آهي ته امتحان پاس ٿيل چيف انجنيئر هجي يا ڪئپٽن هو غلط ڪم نه ڪندو ۽ هن جي ڄاڻ جو هنن کي اعتراف رهي ٿو جو امتحان وٺڻ وارا به اهي انشورنس ڪمپني وارا ئي ٿين ٿا ۽ هو اميدوار کي هر طرح سان چڪاسين ٿا ۽ معمولي شڪ جي حالت ۾ به فيل ڪريو ڇڏين. اهوئي سبب آهي ته هي امتحان دنيا جي هر بندرگاهه ۾ هر مهيني ٿين ٿا پر پاس ڪو اڪو ڌڪو ٿئي ٿو.
    اهو پڙهڻ بعد توهان سمجھي ويا هوندئو ته مئرين انجنيئر ـــ خاص ڪري جهاز جي چيف انجنيئر کي مشين جي ڪيڏي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ هو انهن کي ٺيڪ ڪري هلڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيڏو ڪم ڪن ٿا. آئون جڏهن پهريون دفعو چيف انجنيئر جي عهدي تي جهاز تي sail ڪري ڳوٺ پهتس ته تقريباً سڄي پاڙي مان هئنڊ پمپ غائب ٿي ويا هئا. انهن جي جاءِ تي هاڻ اليڪٽرڪ پمپ هئا. اسان جي گهر ۾ به پمپ لڳل هو جيڪو ٻئي ڏينهن پاڻي ختم ٿيڻ تي منهنجي پيءُ آن ڪيو. پمپ پاڻي نه ڇڪيو ته بابا پريشان ٿي ويو. آئون اٿيس ته بابا مونکي جھليو. “مستريءَ چيو آهي ته پاڻي نه ڇڪڻ جي صورت ۾ ان ۾ پاڻي وجھجو” بابا چيو ۽ پاڻ ٻه ٽي ڪريون پاڻيءَ جون ڀري ان ۾ وڌيون پر پمپ ڪم نه ڪيو. آئون سمجھي ويس ته پمپ صحيح طرح prime نه پيو ٿئي. ٿي سگهي ٿو gland packing کي ٽائيٽ ڪرڻ جي ضرورت هجي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي پر بابا مونکي هٿ لائڻ نٿي ڏنو. هن جو اعتماد ڳوٺ جي مستري عبداللطيف انصاريءَ ۾ هو جنهن هي پمپ فٽ ڪيو هو. مونکي ان جي دڪان تي بازار موڪليائون. مونکي کل به اچي رهي هئي ته گذريل ڇهه ست سال سمنڊ تي اهي ئي ڪم ڪندو رهيو آهيان پر منهنجي پيءُ کي ڪهڙي خبر. هو ته مونکي اڃان به ٻار ٿو سمجھي بهرحال مستري عبداللطيف جي دڪان تي ويس پر هو نماز تي ويل هو گهر آيس ته بابو به مسجد ۾ هو. پاني سان سندس Gland پئڪنگ ٽائيٽ ڪري پاڻي مٿي چاڙهيم. پاڙي ۾ رهندڙ مون کان ٽي سال کن ننڍي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي کلندي چيم ته بابا کي جي بحري جهاز ۾ سفر ڪرڻو پوي ۽ ان جو ڪئپٽن تون ۽ چيف انجنيئر آئون هجان ته هو پڪ اهو چئي ان جهاز ۾ هلڻ کان انڪار ڪندو ته هي ڪالهوڪا ٻارَ سمنڊ تي هيڏو وڏو جهاز هلائي به سگهندا يا نه.
    جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جو اهو به ڪم آهي ته جهاز جو ايئرڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج صحيح رکي. جهاز تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو راشن رکڻو پوي ٿو. ذبح ٿيل سوين ڪڪڙين کان علاوهه پنجاهه کن ٻڪريون، رڍون ۽ ڪجهه ڍڳيون به کنيون وڃن ٿيون .... يعني ذبح ٿيل ۽ کل لٿل. ان کان علاوه ڪافي مقدار ۾ مڇي ۽ ميوو پڻ رکڻو پوي ٿو. مئرين انجنيئرنگ جي شاگرد کي ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن بابت تفصيلي تعليم ڏني وڃي ٿي جيئن اسان ان سامان کي اهڙي حالت ۾ رکون جو خراب نه ٿئي. اهي ڪمرا جن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄيون رکيون وڃن ٿيون انهن جي ٿڌاڻ اهائي رکندا آهيون جيڪا گهرو ريفريجريٽر ۾ ڀاڄين جي خاني ۾ هوندي آهي .... يعني واڌو 5 ڊگريون. ان کان علاوه اهڙي ڪمري ۾ Exhaust پنکي جو هلڻ ضروري آهي جو ڀاڄيون ۽ ميوا ڪاربن گئس خارج ڪن ٿا. مڇيءَ کي صحيح رکڻ لاءِ لڳاتار ڪاٽو ويهه ڊگريون ۽ گوشت لاءِ ڪاٽو ڏهه ڊگريون ٿڌاڻ قائم رکي وڃي ٿي ۽ اها رڪارڊ خاطر هر چئن ڪلاڪن بعد نوٽ ڪئي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ۽ گهرجي ڀاتين کي ڄاڻ هئڻ کپي، اها هيءَ ته فريزر مان اوترو گوشت ڪڍجي جيترو ان ڏينهن رڌڻو هجي. ان ڪري حساب مطابق ٿيلهيون ٺاهي رکجن. ڇو جو هڪ دفعو فروزن گوشت کي ٻاهر ڪڍي نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ بعد ان کي وري ٻيو دفعو فريز نه ڪجي. ڇو جو ٻئي دفعي فريز ڪرڻ سان ان مان وٽامن ۽ پروٽين ختم ٿيو وڃن. پر اسان وٽ اڪثر اها پرئڪٽس رهي ٿي ته هر دفعي گوشت يا قيمي جي پيالي کي روم ٽيمپريچر تي آڻي، ضرورت جيترو گوشت ڪڍي باقي کي وري فريز ٿيڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو منهنجي زال جيڪا شاديءَ بعد 8 سال کن مون سان گڏ جهاز تي رهي ۽ ڏسندي رهندي ته ان معاملي ۾ اسين ڪيڏو خبرداري کان ڪم وٺنداهئاسين، اها به گهر ۾ ساڳي غلطي ڪندي رهي ٿي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي چوندو آهي ته “هٰذا قومً جاهلون .....”يعني منهنجي زال جا هي ڪم ڏسي نه پر اسانجي ملڪ جي ٽي وي تي ڪنهن ڪمپني جي ايئرڪنڊيشنر جو اشتهار ڏسي........... جنهن ۾ اشتهار ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اهو ايئرڪنڊيشنر ڪمري کي اهڙو ته ٿڌو يخ بنائي ٿو جو ان جو سئچ آن ڪرڻ کان اڳ هڪ ٽرڙو ڇوڪرو ڪوٽ سئيٽر پائي، مٿي تي گرم ٽوپي ۽ ڳچيءَ کي مفلر سان ڍڪي ٿو ۽ پوءِ ايئر ڪنڊيشنر جو سئچ آن ڪري ٿو. جيئن ئي ايئرڪنڊيشنر هلي ٿو ته هو ڏڪندي وات مان سين سين جا آواز ڪڍي ٿو ڄڻ برف باري ٿي رهي هجي! اسان وٽ اها سوچ آهي ته ايئرڪنڊيشنر اهڙو ٿڌو هجي جهڙو سخت سيارو. اونهاري ۾ ڪوٽ سئيٽر پائي ايئر ڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيترا ماڻهو 9 يا 10 تي ٿرمواسٽئٽ رکي پوءِ سوڙون پائي سمهن! انگريز به اسانجا اهي ڪم ڏسي منهن مٿو پٽيندا هوندا!
    ايئرڪنڊيشنر جو ڪم سيارو آڻڻ ناهي. بس ٿوري گهڻي ٿڌڪار ضرور ڪري جيڪا 26 ڊگرين تائين محدود رکي وڃي ٿي. ڇو جو سنڌ جي اونهاري واري گرمي ۾ ڪمري کي گهڻو ٿڌو ڪري پوءِ ٻاهر نٽهه اس ۾ نڪرڻ سان ماڻهو بيمار ئي ٿئي ٿو. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي موسم به سنڌ ۽ ملتان جهڙي آهي پر آئون آمريڪا جي انهن رياستن ۾ ڏسندو آهيان ته آفيس توڙي گهرن ۾ 25 يا 26 ڊگرين تي ٿرمواسٽئٽ set ڪيو وڃي ٿو. ايئرڪنڊيشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪوڪمري کي ڪولڊ اسٽوريج ٺاهجي جنهن ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ مردا رکيا وڃن ...... پر ايئرڪنڊيشنر جو ڪم آهي ڪمري جو ٽيمپريچر pleasant بنائڻ ..... يعني 25 يا 26 ڊگريون ڪافي آهي. دراصل ايئرڪنڊيشنر جا اهم ڪم آهن:
    1. هوا کي فلٽر ڪر ڌوڙ، دونهين ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ، ۽
    2. هوا مان نمي يعني پاڻي ٻاهر ڪڍڻ. ڇو جو Humidity نهايت خراب شيءِ ٿئي ٿي. انسان کي گرمي ايڏي تڪليف نٿي پهچائي جيڏي گهمَ! .... پر اسان وٽ انهن ڳالهين جو احساس ناهي ..... رڳو ٿڌڪار پيدا ڪرڻ تي زور آهي. سياري ۾ 5 ڊگريون ٿڌ ٿي ويندي ته به نه جوراب پائبا ۽ نه سئيٽر .... ڀلي نمونيا ٿي پوي .... باقي اونهاري ۾ AC جي پيدا ڪيل 20 ڊگريون ٿڌڪار تي ڪوٽ ۽ مفلر ويڙهي وهڻ کي وڏ ماڻهپي سمجھندا. ڀائي توهان کي اهڙو سيءُ ٿو لڳي ته کڻي ٿڌڪار گهٽ ڪريو ...ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران لڳو پيو آهي، ڪيترا ته فقط پنکو (fan) هلائڻ لاءِ پريشان آهن.


    ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟

    انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندو رهندو، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو ..... خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندو رهندو. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه ..... جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي د﷦ور ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا.
    بهرحال آئون تڏهن جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هئنڊ پمپن جي جاءِ تي اليڪٽرڪ جا پمپ لڳي رهيا هئا، جن ذريعي زمين مان پاڻي ڇڪي مٿي ٽانڪيءَ کي ڀريو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون لنڊن ۾ پنهنجي جهازسازي (مئرين انجنيرنگ) جي سبجيڪٽ جو آخري امتحان ڏئي جهازَ جو چيف انجنيئر ٿيو هوس ۽ ڇهه مهينا کن نارٿ سي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڏهاڪو کن بندرگاهن جي مسافري (voyage) مڪمل ڪري ڪراچي پهتو هوس. ملڪ کان ٽي سال کن يڪو ٻاهر رهيو هوس سو هاڻ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ آيو هوس.
    پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته مئرين انجنيئر يعني پاڻيءَ جي جهازن وارو انجنيئر هڪ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جو مڪسچر ٿئي ٿو فرق فقط اهو آهي ته مٿين انجنيئرن جو فقط لکت پڙهت يعني ٿيوري تي زور رهي ٿو پر مئرين انجنيئر پريڪٽيڪل ڪم کان جان بچائي نٿو سگهي جو سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي مئرين انجينئر کي، بنا ڪنهن ورڪشاپ جي مدد جي، پاڻ ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪري اهو نقص دور ڪرڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم وڪرم تي رهي ٿو ۽ تباهه ٿي سگهي ٿو. وڏي حادثي جي صورت ۾ به جهاز کي هلڻ جوڳو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڀرواري بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان (مئرين انجنيئرن) کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين جو ڪم به سکڻو پوي ٿو جيئن ڀڳل پرزي کي، عارضي طور تي ٺيڪ ڪري سگهون.
    تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ورڪشاپ مان ٻه سال کن apprenticeship مڪمل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئر هڪ جونئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهي ٿو. هر جهاز تي سندس سائيز مطابق جونئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين اٺ ڏهه کن مئرين انجنيئر ٿين ٿا. هڪ جونئر انجنيئر لڳاتار نوڪري ڪندو رهي ۽ وقت تي امتحان پاس ڪندو رهي ته ڇهه ست سالن ۾ چيف انجنيئر ٿيو وڃي. هر امتحان کان اڳ هن کي 21 مهينا جهاز هلائڻو پوي ٿو. آخري امتحان ..... چيف انجنيئر جي ۾ ته ڪو به سليبس مقرر ناهي. هن کي هر قسم جي انجڻ، مشين، پمپ، بئالر جي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ کپي جو هر جهاز تي مختلف قسم جي مشينري ٿئي ٿي جنهن کي هلائڻ ۽ صحيح رکڻ جي جوابداري چيف انجنيئر جي آهي. ڪناري تي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، جتي رشوتخوريءَ جو مرض آهي، جتي سرڪاري يا خانگي نوڪري ڪرڻ وارو پاڻ کي نوڪر سمجھڻ بدران ٻين تي رڳو حڪم هلائي ٿو، اتي جا عام ماڻهو اهو سوچي به نٿا سگهن ته جهاز جو چيف انجنيئر معنيٰ سڀ کان گهڻو پورهيو ۽ ذمينداري کڻڻ وارو. جتي ٻيا انجنيئر انجڻ کي صحيح نٿا ڪري سگهن اتي چيف انجنيئر کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ هن کي ڄاڻ، تجربو ۽ اعتماد هجڻ ضروري آهي. ان بنا هو survive نٿو ڪري سگهي.
    بهرحال آئون چيف انجنيئر ٿيس ۽ ان بعد ڇهين مهينن کن جو ڊگهو سامونڊي سفر خير خوبي سان ڪري گهر پهتس. جهاز کڻي نئون هجي يا پراڻو، سندس انجڻيون ڏينهن رات هلن ٿيون. جن ۾ ٽيهارو کن مختلف پمپ، ٽي يا چار وڏا جنريٽر، بئالر، ايوپريٽر، پيوريفائر، ريفريجريشن پلانٽ وغيره وغيره، انيڪ مشينون اچيون وڃن ٿيون ۽ سمنڊ تي اهو ڏينهن خالي نٿو رهي جنهن ۾ ڪو maintenance جو يا ڀڃ ڊاهه کي صحيح ڪرڻ جو ڪم نه هلندو هجي. جهاز جا سمورا انجنيئر، چيف انجنيئر سميت ڏينهن رات ڪم ۾ مشغول رهن ٿا. ۽ ماشاءَالله جهاز جو هر انجنيئر (مئرين انجنيئر) ڪم جو ڄاڻو ٿئي ٿو خاص ڪري certified انجنيئر جن ترقي حاصل ڪرڻ جو هڪ يا ٻه امتحان پاس ڪيا آهن. اهو ان ڪري جو هي هڪ اهڙو پروفيشن آهي جنهن ۾ پهرين ڪم ڪري ڏيکارجي ٿو ۽ پوءِ امتحان ڏجي ٿو. يعني هر امتحان پهرين 21 مهينا سمنڊ جي نوڪري (Sea Time) مڪمل ڪرڻ بعد ٿئي ٿو. سو هڪ جهازن جو چيف انجنيئر چاهي يورپي گورو هجي يا آفريڪي شيدي يا اسانجو ايشيائي، هو ساڳي قابليت رکي ٿو ۽ جهازن جا مالڪ اهو نه ڏسندا آهن ته هو ڪهڙي ملڪ ۽ رنگ جو آهي. هنن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته چيف انجنيئر جو امتحان پاس ٿيل آهي. ڇو جو هڪ امتحان پاس ڪيل چيف انجنيئر جي موجودگي ۾، جيڪڏهن جهاز جو حادثو ٿي پوي يا جهاز ٻڏي به وڃي، ته به مالڪ کي انشورنس ڪمپني وارا سڄي رقم ڀري ڏيندا ۽ انشورنس ڪمپني کي خبر آهي ته امتحان پاس ٿيل چيف انجنيئر هجي يا ڪئپٽن هو غلط ڪم نه ڪندو ۽ هن جي ڄاڻ جو هنن کي اعتراف رهي ٿو جو امتحان وٺڻ وارا به اهي انشورنس ڪمپني وارا ئي ٿين ٿا ۽ هو اميدوار کي هر طرح سان چڪاسين ٿا ۽ معمولي شڪ جي حالت ۾ به فيل ڪريو ڇڏين. اهوئي سبب آهي ته هي امتحان دنيا جي هر بندرگاهه ۾ هر مهيني ٿين ٿا پر پاس ڪو اڪو ڌڪو ٿئي ٿو.
    اهو پڙهڻ بعد توهان سمجھي ويا هوندئو ته مئرين انجنيئر ـــ خاص ڪري جهاز جي چيف انجنيئر کي مشين جي ڪيڏي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ هو انهن کي ٺيڪ ڪري هلڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيڏو ڪم ڪن ٿا. آئون جڏهن پهريون دفعو چيف انجنيئر جي عهدي تي جهاز تي sail ڪري ڳوٺ پهتس ته تقريباً سڄي پاڙي مان هئنڊ پمپ غائب ٿي ويا هئا. انهن جي جاءِ تي هاڻ اليڪٽرڪ پمپ هئا. اسان جي گهر ۾ به پمپ لڳل هو جيڪو ٻئي ڏينهن پاڻي ختم ٿيڻ تي منهنجي پيءُ آن ڪيو. پمپ پاڻي نه ڇڪيو ته بابا پريشان ٿي ويو. آئون اٿيس ته بابا مونکي جھليو. “مستريءَ چيو آهي ته پاڻي نه ڇڪڻ جي صورت ۾ ان ۾ پاڻي وجھجو” بابا چيو ۽ پاڻ ٻه ٽي ڪريون پاڻيءَ جون ڀري ان ۾ وڌيون پر پمپ ڪم نه ڪيو. آئون سمجھي ويس ته پمپ صحيح طرح prime نه پيو ٿئي. ٿي سگهي ٿو gland packing کي ٽائيٽ ڪرڻ جي ضرورت هجي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي پر بابا مونکي هٿ لائڻ نٿي ڏنو. هن جو اعتماد ڳوٺ جي مستري عبداللطيف انصاريءَ ۾ هو جنهن هي پمپ فٽ ڪيو هو. مونکي ان جي دڪان تي بازار موڪليائون. مونکي کل به اچي رهي هئي ته گذريل ڇهه ست سال سمنڊ تي اهي ئي ڪم ڪندو رهيو آهيان پر منهنجي پيءُ کي ڪهڙي خبر. هو ته مونکي اڃان به ٻار ٿو سمجھي بهرحال مستري عبداللطيف جي دڪان تي ويس پر هو نماز تي ويل هو گهر آيس ته بابو به مسجد ۾ هو. پاني سان سندس Gland پئڪنگ ٽائيٽ ڪري پاڻي مٿي چاڙهيم. پاڙي ۾ رهندڙ مون کان ٽي سال کن ننڍي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي کلندي چيم ته بابا کي جي بحري جهاز ۾ سفر ڪرڻو پوي ۽ ان جو ڪئپٽن تون ۽ چيف انجنيئر آئون هجان ته هو پڪ اهو چئي ان جهاز ۾ هلڻ کان انڪار ڪندو ته هي ڪالهوڪا ٻارَ سمنڊ تي هيڏو وڏو جهاز هلائي به سگهندا يا نه.
    جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جو اهو به ڪم آهي ته جهاز جو ايئرڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج صحيح رکي. جهاز تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو راشن رکڻو پوي ٿو. ذبح ٿيل سوين ڪڪڙين کان علاوهه پنجاهه کن ٻڪريون، رڍون ۽ ڪجهه ڍڳيون به کنيون وڃن ٿيون .... يعني ذبح ٿيل ۽ کل لٿل. ان کان علاوه ڪافي مقدار ۾ مڇي ۽ ميوو پڻ رکڻو پوي ٿو. مئرين انجنيئرنگ جي شاگرد کي ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن بابت تفصيلي تعليم ڏني وڃي ٿي جيئن اسان ان سامان کي اهڙي حالت ۾ رکون جو خراب نه ٿئي. اهي ڪمرا جن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄيون رکيون وڃن ٿيون انهن جي ٿڌاڻ اهائي رکندا آهيون جيڪا گهرو ريفريجريٽر ۾ ڀاڄين جي خاني ۾ هوندي آهي .... يعني واڌو 5 ڊگريون. ان کان علاوه اهڙي ڪمري ۾ Exhaust پنکي جو هلڻ ضروري آهي جو ڀاڄيون ۽ ميوا ڪاربن گئس خارج ڪن ٿا. مڇيءَ کي صحيح رکڻ لاءِ لڳاتار ڪاٽو ويهه ڊگريون ۽ گوشت لاءِ ڪاٽو ڏهه ڊگريون ٿڌاڻ قائم رکي وڃي ٿي ۽ اها رڪارڊ خاطر هر چئن ڪلاڪن بعد نوٽ ڪئي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ۽ گهرجي ڀاتين کي ڄاڻ هئڻ کپي، اها هيءَ ته فريزر مان اوترو گوشت ڪڍجي جيترو ان ڏينهن رڌڻو هجي. ان ڪري حساب مطابق ٿيلهيون ٺاهي رکجن. ڇو جو هڪ دفعو فروزن گوشت کي ٻاهر ڪڍي نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ بعد ان کي وري ٻيو دفعو فريز نه ڪجي. ڇو جو ٻئي دفعي فريز ڪرڻ سان ان مان وٽامن ۽ پروٽين ختم ٿيو وڃن. پر اسان وٽ اڪثر اها پرئڪٽس رهي ٿي ته هر دفعي گوشت يا قيمي جي پيالي کي روم ٽيمپريچر تي آڻي، ضرورت جيترو گوشت ڪڍي باقي کي وري فريز ٿيڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو منهنجي زال جيڪا شاديءَ بعد 8 سال کن مون سان گڏ جهاز تي رهي ۽ ڏسندي رهندي ته ان معاملي ۾ اسين ڪيڏو خبرداري کان ڪم وٺنداهئاسين، اها به گهر ۾ ساڳي غلطي ڪندي رهي ٿي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي چوندو آهي ته “هٰذا قومً جاهلون .....”يعني منهنجي زال جا هي ڪم ڏسي نه پر اسانجي ملڪ جي ٽي وي تي ڪنهن ڪمپني جي ايئرڪنڊيشنر جو اشتهار ڏسي........... جنهن ۾ اشتهار ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اهو ايئرڪنڊيشنر ڪمري کي اهڙو ته ٿڌو يخ بنائي ٿو جو ان جو سئچ آن ڪرڻ کان اڳ هڪ ٽرڙو ڇوڪرو ڪوٽ سئيٽر پائي، مٿي تي گرم ٽوپي ۽ ڳچيءَ کي مفلر سان ڍڪي ٿو ۽ پوءِ ايئر ڪنڊيشنر جو سئچ آن ڪري ٿو. جيئن ئي ايئرڪنڊيشنر هلي ٿو ته هو ڏڪندي وات مان سين سين جا آواز ڪڍي ٿو ڄڻ برف باري ٿي رهي هجي! اسان وٽ اها سوچ آهي ته ايئرڪنڊيشنر اهڙو ٿڌو هجي جهڙو سخت سيارو. اونهاري ۾ ڪوٽ سئيٽر پائي ايئر ڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيترا ماڻهو 9 يا 10 تي ٿرمواسٽئٽ رکي پوءِ سوڙون پائي سمهن! انگريز به اسانجا اهي ڪم ڏسي منهن مٿو پٽيندا هوندا!
    ايئرڪنڊيشنر جو ڪم سيارو آڻڻ ناهي. بس ٿوري گهڻي ٿڌڪار ضرور ڪري جيڪا 26 ڊگرين تائين محدود رکي وڃي ٿي. ڇو جو سنڌ جي اونهاري واري گرمي ۾ ڪمري کي گهڻو ٿڌو ڪري پوءِ ٻاهر نٽهه اس ۾ نڪرڻ سان ماڻهو بيمار ئي ٿئي ٿو. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي موسم به سنڌ ۽ ملتان جهڙي آهي پر آئون آمريڪا جي انهن رياستن ۾ ڏسندو آهيان ته آفيس توڙي گهرن ۾ 25 يا 26 ڊگرين تي ٿرمواسٽئٽ set ڪيو وڃي ٿو. ايئرڪنڊيشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪوڪمري کي ڪولڊ اسٽوريج ٺاهجي جنهن ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ مردا رکيا وڃن ...... پر ايئرڪنڊيشنر جو ڪم آهي ڪمري جو ٽيمپريچر pleasant بنائڻ ..... يعني 25 يا 26 ڊگريون ڪافي آهي. دراصل ايئرڪنڊيشنر جا اهم ڪم آهن:
    1. هوا کي فلٽر ڪر ڌوڙ، دونهين ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ، ۽
    2. هوا مان نمي يعني پاڻي ٻاهر ڪڍڻ. ڇو جو Humidity نهايت خراب شيءِ ٿئي ٿي. انسان کي گرمي ايڏي تڪليف نٿي پهچائي جيڏي گهمَ! .... پر اسان وٽ انهن ڳالهين جو احساس ناهي ..... رڳو ٿڌڪار پيدا ڪرڻ تي زور آهي. سياري ۾ 5 ڊگريون ٿڌ ٿي ويندي ته به نه جوراب پائبا ۽ نه سئيٽر .... ڀلي نمونيا ٿي پوي .... باقي اونهاري ۾ AC جي پيدا ڪيل 20 ڊگريون ٿڌڪار تي ڪوٽ ۽ مفلر ويڙهي وهڻ کي وڏ ماڻهپي سمجھندا. ڀائي توهان کي اهڙو سيءُ ٿو لڳي ته کڻي ٿڌڪار گهٽ ڪريو ...ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران لڳو پيو آهي، ڪيترا ته فقط پنکو (fan) هلائڻ لاءِ پريشان آهن.


    شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل

    پٺتي ٿو نظر وجھان ته مونکي هر تعليمي اداري ۾ تمام سٺا ٽيچر مليا. ايماندار، محنتي، پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ هنن لاءِ خوشي جي فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته سندن شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿين. سندن پڙهائڻ، سمجھائڻ ۽ ٽيسٽ وٺڻ جي طريقن مان آئون ڏاڍو متاثر رهيس ٿي. شايد اهو سبب هجي جو مون به ماستر ٿي انهن استادن جي نقش قدم تي هلڻ چاهيو ٿي. عادت موجب ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي چڪر ۾ پڙهندو مئرين انجنيئرنگ (جهاز ٺاهڻ، هلائڻ ۽ خرابيون دور ڪرڻ جي انجنيئري) رهيس پر ذهن تي هر وقت ماستر ٿيڻ جو ڀوت سوار رهيو ٿي. موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هئس ته اتي جي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس. ستر وارري ڏهي ۾ سگا جي سهڪار سان NJV اسڪول ڪراچي ۾، شام جو سول سروس (CSP) جي امتحانن لاءِ شاگردن کي مفت پـڙهائڻ شروع ڪيو ويو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون به رضاڪاراڻا طور پڙهائڻ قبول ڪيو. صبح جو جهاز تي ڊيوٽي ڪري شام جو شاگردن کي سائنس پڙهائيندو هوس. شاگرد يا سگار وارا چوندا هئا توهان کي شاباس هجي پر مونکان وڌيڪ شاباس جا مستحق سائين سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقي (اڳوڻو V.C)هئا، جن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته هو صاحب وڏا آفيسر هجڻ جي باوجود شاگردن سان بيحد شفقت سان پيش ايندا هئا. ادا مظهر انهن ڏينهن ۾ سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري هو. وقت تي آفيس ويندو هو جتان چئين بجي NJV اسڪول پهچي ويندو هو.
    جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته جونئر انجنيئرن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن پڙهائيندو هوس. انهن ڏينهن ۾ گورن (يورپين، انگريزن) توڙي اسان ايشين جي اها سوچ هوندي هئي ته ٻئي کي جهاز جي معلومات نه ڏجي جيئن هو امتحان پاس ڪري مٿاهين پوسٽ (چيف انجنيئر) تائين نه پهچي، ٻين جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر مونکي جھليندا هئا پر مونکي اها ڳالهه ڪڏهن به پسند نه آئي. مونکي پنهنجن زيردستن کي پڙهائيندي ۽ معلومات ڏيندي خوشي ٿيندي هئي. ان مان مونکي به فائدو ٿيندو هو. اهي ڪم جيڪي عام صورت ۾ فقط جهاز جي چيف انجنيئر کي ڪرڻا پون ٿا انهن ۾ هو به منهنجي مدد ڪرڻ لڳا ۽ مونکي ساهي پٽڻ لاءِ وقت ملي ويو ٿي.
    ڏهه ٻارهن سال لڳاتار جهاز هلائيندو رهيس. انهيءَ وچ ۾ شادي ٿي، ٻار ٿيا. ٻار وڏا ٿيا ته هنن لاءِ پڙهائي يعني اسڪول جو مسئلو ٿيو ۽ مونکي جهاز کي ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ جو سوچڻو پيو. منهنجا ٻيا ڪلاس ميٽ به ان مسئلي ڪري جهاز ڇڏي مختلف ملڪن جي شپ يارڊن، بندرگاهن، سرڪاري شپنگ آفيسن يا خانگي جهازران ڪمپنين جي ڪناري وارين آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. مونکي پڙهائڻ جو شوق هو سو ڪو تعليمي ادارو ڳولڻ لڳس ۽ يڪدم ايران، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمين مان آفر اچي وئي. مون ملائيشيا کي ترجيح ڏني جو ان پاسي جي علائقن ۾ جهاز هلائڻ ڪري مونکي توڙي ٻارن کي ملئي زبان سمجهه ۾ اچي وئي هئي. جيتوڻيڪ اڄ ان بابت افسوس ڪريان ٿو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ فارسي سکڻ ڪري مونکي پڙهڻ لاءِ وڏو لٽريچر ملي وڃي ها. ملئي زبان ڪا اهڙي ناهي جنهن م ادبي مواد هجي.
    بهرحال ملائيشيا ۾ نوڪري جو فيصلو ڪيم. ڏور اوڀر سان واسطو رکندڙ هڪ جهازي دوست مونکي خبردار ڪندي چيو ته “پڙهائڻ جو شوق اٿئي پر اهو ٻڌائي ڇڏيانءِ ته چيني شاگرد ڏاڍا ڏنگا مڙس آهن. سوچي سمجھي هن فيلڊ ۽ هن ملڪ جو رخ ڪجانءِ جو ملائيشيا جي اڌ آدمشماري چيني آهن.” ملائشيا ۾ اڌو اڌ کڻي چيني نه هجن ۽ سرڪاري طرح سندن انگ 45 سيڪڙو هجي، اهڙا 45 سيڪڙو ملئي آهن جيڪي مسلمان ۽ هتي جا اصلي ماڻهو آهن جن کي بومي پترا سڏيو وڃي ٿو..... يعني هن ڌرتي جا پُٽ. باقي 10 سيڪڙو ننڍي کند جا آهن جيڪي انڊين سڏجن ٿا. انهن مان وري سؤ مان ستر اسي ڏکڻ هندستان جا تامل آهن باقي سک، پٺاڻ، پنجابي، سنڌي هندو، بوهري، بنگالي ۽ سريلنڪن آهن.
    سامونڊي زندگي جي پڙهائي توڙي نوڪري تمام محنت ۽ جوکائتي آهي ان ڪري هن تعليمي اداري ۾ ملئي شاگرد پنهنجي طبيعت جي حساب سان ٿورا ايندا رهن ٿا. گهڻائي چينين جي آهي. بهرحال مون ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن لڳاتار پڙهايو ۽ مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيس. منهنجون Observations هن ريت آهن: ملئي شاگرد نهايت شرميلا ۽ خاموش مزاج جا آهن. ايڏا ذهين ۽ محنتي نه آهن ۽ نه وري negative سوچ رکن ٿا..... منهنجو مطلب آهي ته امتحانن ۾ کين سوال جا جواب ياد نه هوندا ته پيپر ڇڏي ويندا. امتحان هال ۾ بيٺل استادن کان اجائي کوٽ کوٽ ڪري جواب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا ۽ نه وري ڪاپي ڪندا. ان کان هو فيل ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا. چيني ڇوڪرا محنتي ۽ ذهين ٿين ٿا. بنيادي تعليم انگريزي ميڊيم اسڪولن مان حاصل ڪرڻ ڪري هنن جي انگريزي سٺي آهي ۽ بنا ڪنهن شرم ۽ هٻڪ جي ليڪچر ڏيڻ واري ٽيچر کان سوال پڇندا رهن ٿا. سندن ڪي ڪي سوال ته سندن ذهانت جي صاف صاف نشاندهي ڪن ٿا. دراصل اهڙين ڳالهين ڪري اسان جا ڪيترا ٽيچر منجهيو پون، خاص ڪري اهي جيڪي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ نه هجڻ ڪري هنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو اسانجي ملڪ جا ڪيترائي ڪئپٽن ۽ جهازن جا چيف انجنيئر جيڪي طوفانن ۾ ته ثابت قدم رهيا پر گهٽ ڄاڻ ۽ گهٽ سامونڊي تجربي ڪري هن قسم جي شاگردن جي سوالن جي طوفانن اڳيان بيهي نه سگهيا ۽ ٽيچنگ ڇڏي وري وڃي جهاز هلايا.
    دراصل ڳالهه اها آهي ته سامونڊي نوڪريءَ ۾ هر هڪ جي ترقي سفارش تي نه پر امتحان پاس ڪرڻ تي ٿئي ٿي. هر پروموشن لاءِ 21 مهينا جهاز هلائڻ بعد امتحان ٿئي ٿو ۽ نيٺ آخر ۾ انجنيئرنگ ڪئڊٽ وڃيو چيف انجيئر ٿئي ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽ جهاز جو ڪئپٽن ٿئي ٿو. هي امتحان بين الاقوامي قسم جا ٿين ٿا ۽ جيتوڻيڪ هر مهيني ۽ هر ملڪ ۾ ٿين ٿا، پر هر امتحان ۾ ورلي ڪو هڪ ٻه شاگرد پاس ٿئي ٿو. لکت جي امتحان کان علاوه اورل به ٿئي ٿي جيڪا پاس ڪرڻ ضروري آهي. اورل ۾ھر شاگرد جي خبر پئجيو وڃي ٿي ته هن کي جهاز هلائڻ جي ڄاڻ ۽ مشڪل کي منهن ڏيڻ جي همت آهي يا نه! صحيح جواب سي به پوري اعتماد سان ڏيڻ تي هن کي پاس ڪيو وڃي ٿو. فقط هڪ اڌ غلط جواب ڏيڻ تي هن کي فيل ڪيو وڃي ٿو جيئن هو وڌيڪ پـڙهي وري ٻئي مهيني امتحان ۾ وهي. فيل ٿيڻ کي ايڏو خراب نه سمجھيو ويندو آهي پر ڪو شاگرد ڪنهن اهڙي سوال جو جواب غلط ڏيو ٿو وڃي جنهن جو واسطو جهاز يا جهاز ۾ سوار ماڻهن جي سلامتي سان آهي ته هن کي هڪ طرف فيل ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف سزا خاطر ٽي مهينا يا ڇهه مهينا Sea Time ڏنو وڃي ٿو. يعني هن کي پڙهائي ڇڏي جهاز تي رهڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌڻا پون ٿا. ۽ پوءِ اهو ضروري ناهي ته جهاز جو سفر اوترن مهينن جو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته واپس هوم پورٽ ۾ ورڻ ۾ سال سوا سال لڳيو وڃي. ان ڪري چيني جهازران شاگرد ڪلاس روم ۾ گهڻي کان گهڻي معلومات حاصل ڪرڻ جا خواهشمند ٿين ٿا جيئن کين Sea Time واري سزا نه ملي ۽ انهن ٻن يا ٽن مهينن جي تعليمي ڪورسن لاءِ ڳريون فيون ڏين ٿا. چيني ماڻهو بنيادي طرح ڪنجوس ۽ واپاري طبيعت جا آهن ان ڪري هو پنهنجي ڏنل پئسي جي پائي پائي جو فائدو وٺڻ چاهين ٿا ۽ اسان جا اهي ٽيچر جيڪي Casual طور نوڪري ڪن ٿا اهي ههڙن شاگردن جي پڇيل سوال مٿان سوال جو جواب نه هجڻ تي ناڪ آئوٽ ٿيو وڃن ۽ پوءِ اهوئي سمجھن ٿا ته چيني شاگرد ڏنگا آهن.
    دراصل چيني شاگرد ڏنگا نه آهن پر هنن کي پنهنجي مستقبل جو فڪر رهي ٿو. هو وقت برباد نٿا ڪرڻ چاهين. هو ڪلاس روم ۾ ويهي اٻاسيون نٿا ڏيڻ چاهين. هو پنهنجي دماغ ۾ دفن ٿيل سوالن جا جواب چاهين ٿا. اهي سوال اڪثر جهاز ۾ ٿيندڙ مسئلن بابت هوندا آهن ته طوفانن ۾ هيئن ٿي پوي ته ڇا ڪرڻ کپي. فلاڻي قسم جي شيءِ (ڪپڙي، اناج، تيل.........) کي باهه لڳي وڃي ته ڇا ڪجي، انجڻ جو فلاڻو حادثو ٿي پوي ته ان کي سمنڊ تي ڪيئن صحيح ڪجي...... اهڙا سوين سوال...... جن جا جوابَ شايد ڪتابن ۾ به موجود نه هجن ته انهن جوابن کي ڪتابن ۾ ڳولڻ لاءِ هنن کي ٽائيم ڪٿي! هو ته اهوئي چاهين ٿا ته سندن ٽيچر جنهن سالن جا سال جهاز هلايو آهي اهو پنهنجي تجربي مان کين يڪدم جواب/حل ٻڌائي. هونءَ به سٺي استاد جو ڪم آهي پڙهائڻ يعني ڳالهائڻ، گفتگو ڪرڻ. توهان جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ واري مِس (ماسترياڻي) يا ماستر، جي هنن سان گفتگو ٿو ڪري، يعني سائنس، انگلش يا مئٿس جا حسابَ سمجھائي ٿو، ليڪچر ڏئي ٿو ته اهو سٺو آهي. پر اهي ٽيوشن پڙهائڻ وارا جيڪي ٻارن کي لکڻ يا خود پڙهڻ جهڙن ڪمن ۾ مشغول رکن ٿا اهي بيڪار ۽ ٽوٽي آهن.
    اهي ڳالهيون نڪتيون آهن ته اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ اسان پڙهائڻ وارن کي روزانو شامَ جو پنهنجي گهر ۾، ايندڙ ڏينهن جو ليڪچر تيار ڪرڻو پوندو هو. Notes خود ٽائيپ ڪري فوٽو اسٽيٽ يا سائڪلو اسٽائيل ڪرڻا پوندا هئا ۽ OHP ٽرانسپيرنيسيز ۽ ماڊلن ذريعي سمجھائڻو پوندو هو. ملئي شاگرد خاموش ويٺا هوندا هئا ۽ اهوئي سوچيندا هئا ته مولا مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان، پر چيني ڇوڪرا طوفاني بارشن ۾ به ڪلاس روم ۾ پهچي ويندا هئا ۽ هو نه چاهيندا هئا ته پيرڊ جا ڪجهه منٽ به ڪي ضايع ٿين. مونکي شروع وارا ڏينهن ياد آهن ته هڪ دفعي ليڪچر دوران ڪنهن شاگرد کي جهاز جو ڪو مشيني پرزو سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مون چاڪ کڻي ان پرزي جي بورڊ تي اسڪيچ ٿي ٺاهي ته هو رڙ ڪرڻ لڳا ته سر ائين ته نه ڪريو.
    توهان ان جو مطلب سمجھيو؟ هنن جو مطلب هو ته ڊرائنگ نه ٺاهيو جو ڊرائنگ ٺاهڻ سان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پنڌرهن منٽ ضايع ٿي ويندا. اهو ٽائيم به سندن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ لڳايان.......... پر پهريون دفعو آئون به سمجهي نه سگهيو هوس جو مون يڪدم ان جو سبب پڇيو ته هڪ شاگرد اٿي چيو ته سائين مهرباني ڪري ان مشين جي ڊرائنگ گهران ٽرانسپرنسي تي ٺاهي سڀاڻي اسان کي Display ڪري ڏيکارجو.
    هڪ دفعي هڪ شاگرد جهاز جي ڪنهن ٽرم جي definition پڇي. هيءَ به شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي پوءِ ته آئون پاڻ به خبردار ٿي ويس. بهرحال مون کيس ٻڌائي ان بعد سڀني کي چيم ته اها ٽن سٽن جي ڊيفينيشن نوٽ ڪري وٺو. هڪ چيني شاگرد اٿي چيو.

    “How about providing us with handout”
    يعني ڪلاس روم ۾ لکڻ تي هو وقت ڇو وڃائين. مونکي گهران ٽائيپ ڪري ٻئي ڏينهن کين هئنڊ آئوٽ مهيا ڪرڻ کپي.
    منهنجا پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ترقي ڪندڙ قومن جي شاگردن کي علم پرائڻ جي ڪيڏي جستجو رهي ٿي. هو ڪيڏي محنت ڪن ٿا ۽ وقت جو قدر ڪن ٿا.


    ماستري ڪو سولو ڪم ناهي......

    ملائيشيا کي خودمختياري يا کڻي چئجي ته انگريز راڄ کان آزادي، پاڪستان کان گهڻو پوءِ 1957ع ۾ ملي پر ان وقت به ملائيشيا ۾ ايترا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه هيون جيتريون پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ 1947ع ۾ هيون. منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اڄ جا نوجوان ملائيشيا جي تعليمي نطام مان متاثر آهن (۽ واقعي ٿيڻ به کپي جو بدقسمتي سان اسان وٽ تعليمي نظام صحيح رفتار سان اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿي ويو آهي) انهن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته تعليمي ادارن ۾ اسانجو ملڪ گهڻو گهڻو اڳتي ۽ ترقي يافته هو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جنگلن جو ملڪ آهي ۽ بقول هتي جي ماڻهن جي ملئي ماڻهو ڪير آهن .... جنگل جا ماڻهو ته آهن! پر يارو هڪ ڳالهه آهي: هن ملڪ جي ماڻهن ۽ هتي جي حڪومتن شروع کان ٻن ڳالهين تي وڏو ڌيان ڏنو. هڪ تعليم کاتي ۽ ٻيو پوليس کاتي تي. ايتري قدر جو 1987ع ۾ جڏهن ڪوالالمپور ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جي سربراهرن جي ڪانفرنس ٿي هئي ته آخري ڏينهن تي انگلئنڊ جي راڻي ايلزبيٿ ملائيشيا جي مٿين ادارن: تعليم ۽ پوليس جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. ملائيشيا جي حڪومت کي شروع کان ان ڳالهه جو اونو رهيو.
    پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي 1963ع ۾ کلي. هتي ملائيشيا ۾ 1982ع ڌاري، جنهن لاءِ مونکي به سڏايو ويو هو ۽ مون سمنڊ تي جهاز هلائڻ ڇڏي ڪناري جي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪئي. بلڪه آئون انهن چند ماڻهن مان آهيان جن هيءَ اڪيدمي شروع ڪئي. ملڪ جي نئين وزير اعظم ڊاڪٽر مهاتير کي شوق هو ته سندس ملڪ جا نوجوان ٻاهر وڃي جهازراني ۽ جهاز سازي جي تعليم وٺڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ حاصل ڪن. هن کي وزير اعظم ٿئي اڃان هڪ سال ٿيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو 1981ع کان وٺي 2003ع تائين ٻاويهه سال ملڪ جو وزير اعظم رهيو ۽ اهو سمورو وقت، منهنجو سندس ملڪ سان واسطو رهيو. بلڪه ان کان به تيرهن چوڏهن سال اڳ 1968ع کان وٺي، منهنجو جهاز رستي، هن ملڪ ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو. بهرحال مون ڏٺو ته هن (مهاتير) ڪيترائي وڏا وڏا ڪم ڪيا جن لاءِ مخالف پارٽيءَ ڏاڍي تنقيد ڪئي ۽ هنن کي پڪ هئي، بلڪه حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جهڙن ڌارين کي به لڳندو هو ته مهاتير بيوقوفي پيو ڪري ۽ ملڪ جو خزانو برباد ٿي ويندو پر هر دفعي مهاتير جي ڪاميابي ٿي ٿي ۽ انهن پروجيڪٽ ذريعي ملڪ ۾ پئسو اچڻ شروع ٿيو ٿي. جيئن پروٽان ڪار شروع ڪرڻ، پينانگ ٻيٽ واري ڊگهي ۾ ڊگهي پل، پيٽروناس ٽاورس واري عمارت، مونو ريل ۽ ٽرامون، مختلف يونيورسٽيون ۽ ٻيا انيڪ تعليمي ادارا، وغيره.
    مئرين اڪيڊمي جنهن لاءِ اسان سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي رهڻ اختيار ڪيو، مهاتير سان گڏ سندس زال ڊاڪٽر سيتي هاسما جي اولين خواهش هئي ۽ آئون ڏسندو هوس ته شروع وارن سالن ۾ ٻئي ڄڻا: زال مڙس، اڪيڊمي جي هر فنڪشن تي ڪوالالمپور کان ڪَهي ملاڪا اچي نڪرندا هئا ۽ اسان پڙهائڻ وارن جهازي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن سان خوب فري ٿي خبرون ڪندا هئا. هي اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن دهشت گردي يا مارڌاڙ جهڙا فئشن وجود ۾ نه آيا هئا ۽ هن ملڪ ۾ ته بيحد امن امان هو. 1990ع تائين ته رياست جي گورنر ۽ وزير اعليٰ جي آفيسن جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. انگريزن جي ڏينهن جون هي آفيسون وچ شهر ۾ هونديون هيون. منهنجو ته ڪير به هم وطني مون وٽ ملاڪا ايندو هو ته کيس شهرَ جو چڪر ڏياري ڪڏهن وزير اعليٰ وٽ ته ڪڏهن گورنر وٽ اچي چانهه پياريندو هوس. منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي، جن لاءِ هتي جو ماحول اوپرو هو، حيرت ٿيندي هئي ته هتي جو عام ماڻهو به بنا ٽائيم وٺڻ جي رياست (صوبي) جي اعليٰ آفيسرن سان ملندو رهي ٿو ۽ کين پوليس جو وڏو عملدار به SIR چئي مخاطب ٿئي ٿو. اهو ان ڪري جو هتي جا آفيسر ڪامورا سمجھن ٿا ته هو عوام جا نوڪر آهن ۽ اهي عوام جا ڏنل ٽئڪس آهن جن مان کين پگهار ملن ٿا يعني سندن ٻچا پلجن ٿا. ساڳي وقت ڏوهه ڪرڻ تي ڪنهن جي به بخشش نٿي ٿئي چاهي هو رياست جي والي (سلطان) جو پٽ هجي يا ملڪ جي بادشاهه جو!
    مهاتير کان علاوه هاڻوڪو وزير اعظم نجيب ۽ اڳيون احمد بداوي جيڪي ان وقت راندين جا يا تعليم جا وزير هئا اسان جي اڪيڊمي ۾ ايندا رهندا هئا ۽ انهن سان فري ٿي ڳالهائبو هو. ملئي زبان سمجھڻ جي ناتي آئون اڪثر چرچا ڀوڳ به ڪندو رهندو هوس. پر هڪ ڳالهه آهي ته کين شاگردن جي تعليم، صحت ۽ راندين روندين جو وڏو فڪر هوندو هو. هينئر وارو وزير اعظم نجيب ته پاڻ به چڍي پائي اسان سان گڏ فٽ بال راند کيڏندو هو. سندس والد عبدالرزاق ملڪ جو ٻيو وزير اعظم هو پر مهاتير سٺ جو هوندي بيحد ذهين، پورهيت ۽ قابل لڳو ٿي. هونءَ به هتي (ملائيشيا) ۾ اهو مشهور آهي ته اهي ملئي ماڻهو جن جي ماءُ يا پيءُ چيني يا انڊين آهي اهي تيز ٿين ٿا. مهاتير جو به پيءُ انڊيا جي صوبي گجرات کان ننڍي هوندي ملائيشيا جي رياست ڪيداح ۾ آيو هو ۽ هڪ ملئي ڇوڪريءَ (مهاتير جي والده) سان شادي ڪيائين. مهاتير پاڻ به پنهنجي وقت جو سٺو شاگرد هو. پڙهائي ۾ هوشيار هو ۽ هن پنهنجي قوم جي نوجوانن کي پاڻ جهڙو ڏسڻ چاهيو ٿي، خاص ڪري هن نئين اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي ، جو هيءَ اڪيڊمي سندس شوق ڪري کلي هئي. پڙهائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي تجربيڪار ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي آندو ويو هو، جن جو نه فقط تعليم ۾ پر جهازراني ۾ به نالو هو. هو هر وقت ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته نه رڳو ٽيچر سٺا هجن پر شاگردن جي به ميرٽ تي چونڊ ڪئي وڃي. هڪ ڏينهن لنچ دوران خبرون ڪندي مهاتير خلا ۾ گهوريندي چيو ته خبر ناهي اسان بسم الله ڪيئن ڪئي آهي. هن جو مطلب هو ته خبر ناهي پڙهائڻ وارا ڪيئن آهن. مون ادب سان چيو ته سائين ان جي خاطري توهان هنن جي سرٽيفڪيٽن مان ڪري سگهو ٿا.
    “نه” مهاتير وراڻيو ۽ پوءِ چوڌاري ويٺل اسان ڌارين ملڪن جي جهازران ٽيچرن ڏي مرڪندي چيو “سٺي ٽيچر جو ٽيسٽ اهو آهي ته امتحان ۾ سندن شآگرد ڪيڏو سٺي طرح پاس ٿين ٿا.”
    “کين موڊ ۾ ڏسي مون يڪدم چيو “سر! ڀلا سٺي سياستدان جو ڇا ٽيسٽ آهي؟”
    کانئس ٽهڪ نڪري ويو. اسانجي ملڪ جو ماڻهو ضرور حيرت کائيندو هوندو ته مون هڪ ٽيچر ٿي ڪري ملڪ جي وزير اعظم کان ان قسم جي سوال پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي! پر هتي سال کن نوڪري ڪري ۽ ان کان اڳ ڏهه سال کن هن تر ۾ جهاز هلائي، آئون هن ملڪ جي مزاج کي سمجھي ويو هوس ته هتي جا سياستدان، وزير، حاڪم پاڻ کي عوام جو خادم سمجھن ٿا ۽ هنن ۾ اها ٽيڙي ۽ ٽون ڦان ناهي جيڪا اسان جهڙن ملڪن ۾ عام آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هڪ ماستر جي وڏي عزت آهي ۽ مهاتير جي دل ۾ ته هيڪاندي گهڻي آهي جو سندس والد به ٽيچر هو.
    بهرحال مهاتير کلندي چيو “سياستدان جو ٽيسٽ ٻڌائين؟”
    “ضرور داتڪ (ڏاڏا).” انهن ڏينهن ۾ کين داتڪ جو لقب مليل هو ۽ اسان سندس نالو وٺڻ بدران پيار مان داتڪ چوندا هئاسين. هونءَ به داتڪ ملئي زبان جو عزت وارو لفظ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ ڏاڏو.
    مهاتير پنهنجي ٻٽونءَ مان هڪ رنگٽ (هتي جي ڊالر) جو نوٽ ڪڍي اسانجي اڳيان لهرائي چيو: “جنهن ڏينهن ڏسو ته هن جو قدر ڪرندو وڃي ته ان ڏينهن سمجھجوِ ته آئون صحيح طرح نوڪري نه پيو ڪريان.”
    يارو! ان وقت ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ڇهن رپين برابر هو.....ڪرڻ بدران اڄ اهو ٽيهن رپين برابر وڃي ٿيو آهي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي هڪ سؤ رپين ۾ چار آمريڪن ڊالر هئا، اڄ اسان جي سؤر روپين ۾ فقط هڪ ڊالر ملي ٿو!
    مهاتير صاحب جي پهرين ڳالهه به صحيح آهي. ڇو جو ملائيشيا ۾ فقط ڊگري ڏسي نوڪري نٿي ڏني وڃي چاهي اهو ڌاريون هجي يا سندن پنهنجو. ان ڪري اسان جي ڪيترن ماڻهن کي ملائيشيا (۽ ان معاملي ۾ سنگاپور ۾ به ) پڙهائڻ ڏکيو ٿو لڳي ڇو جو هتي ڪنهن شاگرد جي فيل ٿيڻ تي، يا سٺيون مارڪون نه کڻڻ تي ان شاگرد جي نه پر ان جي ٽيچر جي وٺ پڪڙ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پڙهائڻ وارو هڪ ته چڱي طرح ليڪچر تيار ڪري اچي ٿو جيئن ٻڌڻ وارا دلچسپي سان ٻڌن ۽ ان جي خاطري ڪرڻ لاءِ هن لاءِ ضروري ٿيو پوي ته ليڪچر دوران شاگردن کان سوال جواب به ڪندو رهي جيئن هو نه رڳو جسماني طرح ڪلاس ۾ حاضر رهن پر ذهني طرح پڻ، نه ته ٻي صورت ۾ شاگرد ماڪوڙيون ئي ڳڻيندا رهندا ۽ فيل ٿيڻ تي ٽيچر لاءِ مصيبت جو سبب بڻجندا.
    چرچو مشهور آهي ته هڪ چَٽُ ماستر جي چڪاس لاءِ اسڪول انسپيڪٽر ڪلاس روم ۾ اچي ويٺو. ٽيچر مئٿس جو ڪو حساب بورڊ تي ڪرڻ سان گڏ سمجھائي به رهيو هو. آخر ۾ جواب لکڻ کان اڳ هن سوچيو ته اڳيان ويٺل ڇوڪري کان پڇان جنهن جي اک بورڊ تان هٽي ئي ڪانه ٿي يعني هو غور سان سمجھي رهيو آهي. سندس صحيح جواب ڏيڻ تي انسپيڪٽر به امپريس ٿي ويندو.
    “ابا ڪهڙو انگ ٿيو؟” ٽيچر پڇيو.
    شاگرد: سائين ستاويهه.
    ٽيچر: هان! ڇا چئي؟ ستاويهه!”
    شاگرد: ها سائين 27 ماڪوڙيون ..... هاڻ ستاويهين ماڪوڙي ٽنگ ۾ ويندي......
    دراصل هو ماستر صاحب جي ڪيل حساب کي غور سان ڏسڻ بدران، بورڊ جي مٿان سوراخ ۾ ويندڙ ماڪوڙين کي ڳڻي رهيو هو.......
    هونءَ به چوندا آهن ته هوشيار ماستر کي شاگرد کان گهڻي پُڇ پُڇ نه ڪرڻ کپي. شاگرد جواب ۾ 27 چيو ته اهو چپ چاپ 27 لکي شاگرد کي شاباس ڏئي ڇڏي ها. پٺيان ويٺل انسپيڪٽر ڪهڙو غور سان پئي ڏٺو ته ماستر صاحب ڪهڙو حساب ڪري رهيو آهي.... جنهن جو جواب ڇا هوندو.
    پر ڪي انسپيڪٽر موڳا ۽ خاموش به نٿا رهن. هڪ مٿئين ڪيس جهڙي حالت ۾ ماستر صاحب شاگرد کان پڇيو 15 ۽ 15 گهڻو ٿيو؟
    شاگرد وراڻيو: 34
    ماستر: شاباس. ويري گڊ. ويهي رهه.
    انسپيڪٽر حيرت مان ماستر صاحب کي چيو: “ڪمال ٿا ڪريو! 15 ۽ 15 ته ٽيهه ٿيو تو هن نڀاڳي ڇوري کي دڙڪو ڏيڻ بدران شاباس ڏني؟ “
    ٽيچر: “سر! ان ڪري جو ڪالهه تائين هو 15 ۽ 15 چاليهه ئي ٻڌائيندو رهيو ٿي. اڄ هن ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي ۽ هن 34 چيوآهي. الله چاهيو ته سڀاڻي 15 ۽ 15 ٽيهه ئي ٻڌايندو.
    پر سائين ڪي ته بلا جا شاگرد ٿا ٿين. ٽيچر کڻي ڪهڙو به سوال پڇي هو صحيح جواب ٻڌايو وڃن. هڪ اڌ مغزي ٽيچر هڪ شاگرد کان سوال پڇيو: “منهنجي قميص جو ڪالر 15 انچ آهي ۽ منهنجو قد پنج فٽ اٺ انچ آهي. نيرن تي آئون روز ٻه بيضا کائيندو آهيان ۽ منهنجي واچ جي قيمت ٻه هزار رپيا آهي. ٻڌاءِ ته منهنجي عمر ڇا هوندي؟”
    شاگر ٺهه پهه وراڻيس: 44 سال.
    ٽيچر: شاباس! پر اهو ته ٻڌاءِ منهنجي صحيح عمر جي توکي ڪيئن خبر پيئي؟
    شآگرد: سائين منهنجو ڀاءُ جيڪو اڌ چريو آهي ان جي عمر ٻاويهه سال آهي سو ان حساب سان توهان جي عمر ضرور 44 سال هوندي.


    پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون.....

    ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مڪاني ملئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي جيڪي سؤ سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا جيڪو ان وقت “ملايا” جي نالي سان سڏبو هو.
    چيني ماڻهن جي گهڻائي شهرن ۾ رهي ٿي، هو ٽيڪنيڪل پورهئي جهڙوڪ ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ ويندي درزڪي، حجامڪي ۽ بزنيس ۾ تيز آهن. سندن عورتون ۽ ٻار به ساڻن گڏ پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ سادگي ۾ رهي پئسو بچائين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن وڃن امير ٿيندا. ملئي ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، سندن ائگريڪلچر سان گهڻو واسطو آهي، شادين مرادين ۽ ٻين شوبازين ۽ رسمن رواجن تي گهڻو خرچ ڪن ٿا. مستقبل جو گهڻو نٿا سوچين. صبر ۽ شڪر گهڻو ڪن ٿا..... ڇا کڻي چئجي ته توڪلي ماڻهو آهن. سنڌ کان آيل ڪيترا ٽوئرسٽ يا هتي ملائشيا ۾ نوڪري ڪندڙ اسانجا سنڌي “ملئي ماڻهن” کي اڪثر پاڻ سان مشابهت ڏيندا آهن. ظاهري طرح لڳندو به ائين آهي پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن تي اڄ به هتي جا ملئي ماڻهو قائم آهن پر افسوس جو اسان جي سنڌ ۾ اهي ڳالهيون ختم ٿينديون وڃن ..... انهن مان هڪ صبح جو سوير اٿڻ آهي. اسان ننڍا هئاسين، يعني اڄ کان سٺ ٻاهٺ سال اڳ جو زمانو ٿو ياد ڪريان ته اسين گهٽيءَ جا ٻار سج اڀرڻ کان اڳ اٿي ويندا هئاسين. هاري ناري اونداهيءَ ۾ اٿي هلي ٻني ٻاري جي ڪندا هئا. هونءَ به اُهي ملڪ سوڊان، مصر کان انڊيا (راجستان وارو حصو) ۽ ڪينيا وغيره جهڙا، جتي سخت گرمي ٿئي ٿي اُتي کيتن جو ڪم منهن اونداهيءَ کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ صبح جو سوير اٿڻ لاءِ رات جو هر ڪو جلدي سمهي رهي ٿو. پر اسان وٽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾، اسانجا ماڻهو رات جو دير تائين پيا جاڳن....... توهان کي هوٽلن تي ڪچهري ڪندي نظر ايندا يا گهرن ۾ مرد توڙي عورتون ٻارن سميت ٽي ويءَ اڳيان ويٺل نظر ايندا. پوءِ صبح جو سوير هنن جي اک ڪيئن کلي؟ سنڌ ۾ ڪيترن زميندارن وٽ زمين تي يا واڙن تي پنجاب جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا. پڇڻ تي هو ٻڌائين ٿا ته پنجابي محنتي آهن.
    منهنجو ته پنهنجي ڳوٺ يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي. توهانکي ته وڌيڪ تجربو ۽ مشاهدو هوندو ته اهي گهر جن مان وڏا فجر نماز تي اٿن ٿا اتي به سندن ٻار يا پوٽا پوٽيون صبح جو سوير اٿڻ بدران دير تائين ستا پيا آهن. هن ڀيري به ڳوٺ جي ٻن ٽن گهرن ۾ ويس ته جوان ڇوڪرا جيڪي ڪاليج جا شاگرد آهن اڱڻ ۾ ستا پيا هئا. ڏهه يارهن جو وقت هو، اڌ اڱڻ تي اس سان ڀرجي ويو هو، مکين پئي منهن پٽين پر هي منهن کي چادر سان ڍڪي موالين وانگر وري جھوٽن ۾ هليا ويا ٿي. منهنجي پڇڻ تي مائرن کين پَٽي اٿاريو. پڇيو مان بابا ڪاليج ٻاليج ناهي وڃڻو ڇا؟ هر هڪ هن قسم جا Stereo ٽائيپ جواب ڏنا ٿي.
    “انڪل پڙهائي ٿئي ڪانه ٿي. ليڪچرار ئي نٿا اچن وغيره وغيره.
    ڳوٺ ۾ جتي اسانجو اباڻو گهر آهي اهو بيحد ڳتيل علائقو آهي. پاڙي جي هر گهر ۾ جتي اڄ کان سٺ سال کن اڳ هڪ فئملي رهندي هئي اتي ڀتين پٺيان ڀتيون ڏئي چار پنج گهر ٿي ويا آهن. يعني آدمشماري ٽيڻي چئوڻي ٿي وئي آهي پر مختلف ڪنڊن کان جيڪي ان وقت ٽي چار مسجدون هيون اڄ به اهي ئي آهن. اسان جڏهن ننڍا هئاسين يعني ڇهين ستين ڪلاس تائين جيڪو وقت مون ڳوٺ ۾ گذاريو، انهن مسجدن ۾ فجر نماز تي ڪا هڪ ڏيڊ صف ٿيندي هئي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جڏهن ماڻهن جو تعداد وڌي ويو آهي، صبح جو سوير اٿي فجر تي اوترائي ماڻهو اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته اڳ ننڍا وڏا پوڙها جوان نظر ايندا هئا، هينئر پوڙهن جي گهڻائي آهي. جوان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ اسان جي ٽين ايجرن کي مکيون پيون پٽين.
    گهر جي پوڙهين کي چوندو آهيان ته “اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ بيروزگاري ۽ مقابلو وڌي ويو آهي ۽ ڊاڪٽري ۽ انجنيري پاس ڪرڻ وارن کي به نوڪري نٿي ملي. نوڪري هتي يا ٻاهر فقط انهن کي ٿي ملي جيڪي ٽاپ ٿا ڪن. توهان جا ٻار پڙهن به ٿا يا نه؟”
    “ها ابا سڄي رات ڪتاب کڻيو ويٺا آهن. رات جو يارهين ٻارهين کان وٺي ڪمپيوٽر يا ڪتابن تي وهن ٿا ته پوئين پهر تائين ويٺا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسين به پيون جاڳنديون آهن ۽ کين اڦراٽا ۽ بيضا تري ڏينديون آهيون.”
    ان قسم جون ڳالهيون توهان به ٻڌندا هوندئو. آئون صديءَ جو چوٿون حصو ماستر ٿي رهيو آهيان هڪ ماستر جي حيثيت ۾ مونکي پنهنجي مائٽن، ڳوٺ جي ۽ وطن جي نوجوانن ۽ وڏن جا اهي حال ۽ ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿو رسي. ڪن ڪن اسڪولن وٽان لنگھندي آئون مٿين درجي جي ڪلاسن ۾ گهڙي ويندو آهيان ۽ کين اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته “بابا ذهين ٻار اهو ٿئي ٿو جيڪو سوير سمهي ٿو سوير اٿي ٿو. توهان اهو جيڪو رات جو دير تائين پڙهو ٿا، جڏهن ته توهان جا حواس ننڊا کڙا (drousy) هجن ٿا، توهان کي چڱي طرح سمجھه ۾ هرگز نه ايندو. بهتر آهي ته سوير سمهي چڱي طرح ننڊ ڪري صبح جو سوير فريش مائينڊ سان اٿي پڙهو. ائين ڪرڻ سان هر ڳالهه وڌيڪ سمجھه ۾ اچي ويندنوَ ۽ هي رات جو دير دير جو ويهي اڦراٽن جهڙيون ڳريون شيون کائڻ صحت لاءِ ته سٺو ناهي.”
    آئون هميشه کين طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڳالهائڻ سيکارڻ وارو هميشه سج اڀرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ سبق پڙهائيندو آهي يعني جملا رٽائيندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن کي بک تي رکي پڙهائيندو آهي. پيٽ ڀريل کي ننڊ جا خمار رهن ٿا جن ۾ پکي هجي يا جانور يا انسان ڳالهه گهٽ سمجھي ٿو.
    هيڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ چيني ته سوير ٿا اٿن پر ملئي ماڻهو به. ملئي ماڻهن کي ڀلي کڻي اسان سست چئون پر هو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن ٿا ۽ سمهن به سوير ٿا. عِشا نماز پڙهي نائين ساڍي نائين تائين سمهي رهن ٿا. وڏو ڇيهه ته ڏهين تائين جاڳندا ۽ ٻارن کي ته اٺين بجي ئي بستر تي موڪليندا جنهن لاءِ بار بار ٽي وي تي پٽي پئي هلندي آهي ته اٺَ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. اسان وٽ ٻارن جا ڪيترا پروگرام، ڪارٽونن سميت رات جو يارهين بجي به پيا ايندا! ڇا ته ظلم جي حد آهي. پر هتي ملائيشيا جپان ويندي ايران ۾ ٻارن جا پروگرام صبح جو سوير ايندا يا شامَ جو پنجين ڇهين بجي ڌاري. ايران ۾ به ٻار سوير سمهن سوير اٿن. صبح جو ستين بجي ئي مارڪيٽون کليو وڃن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا سوير ئي گهر لاءِ سيڌو سلف خريد ڪري پوءِ آفيس وقت تي پهچن.
    خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري، ملائيشيا ۾ ٻارهوئي ئي هڪ ئي وقت تي سج اڀري ۽ لهي ٿو. ڏينهن رات هڪ جيڏو ٿئي. ٻارهوئي هڪ ئي موسم ٿئي. صبح جو ٻارن جا اسڪول سوير ئي کلن ۽ ننڍا ننڍا ٻار منهن اونداهي ۾ اسڪول ڏي ويندا نظر اچن. ستين بجي اسڪول جا دروازا بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ هڪ منٽ دير سان آيل ٻار کي به اندر اچڻ نه ڏين. ان ڊپ کان هر ٻار وقت اندر پهچيو وڃي. اها سختي جپان توڙي يورپ جي ملڪن ۾ ته آهي ئي آهي پر هتي اسان ملائيشيا جي ڳالهه ٿا ڪريون خاص ڪري هتي جي ملئي ماڻهن جي جن لاءِ اسان چئون ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي حقيقت به آهي ته طبيعت ۽ مزاج ۾ اسان سان ملن ٿا. بلڪل ملن ٿا پر هو ڪجهه سٺين ڳالهين ڪري گهڻو خوشحال، پُرسڪون، تعليم يافته ۽ صحيح سياسي سوچ رکندڙ آهن. هو تعليم کي اهميت ڏين ٿا. اهو چوڻ کڻي صحيح نه هجي ته هو سٺا مسلمان آهن جو ڳوٺن ۾ رهندڙ سڀ ملئي مسلمان نه آهن .....چيني ۽ انڊين تامل به آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ته ڪا غلطي نه ٿيندي ته هو سٺي اخلاق جا مالڪ آهن. چوري چڪاري، گلا غيبت، نشو پتو ۽ ٻين براين کان پاسو ڪن ٿا. اسان جي ڳوٺن ۾ به ڪنهن زماني ۾ اهي شيون نه هيون. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ اسانجي ڳوٺ ۾ ٻيڙي ڇڪڻ يا مٿو اگھاڙو ڪري هلڻ به بداخلاقي سمجھيو ويو ٿي. اڄ اسان جي ڳوٺ ڳوٺ جو ڇا حال آهي! ڪنهن ڏاهي چيو ته انهن سڀني براين جي پاڙ رات جو دير تائين جاڳڻ آهي. ملئي ڳوٺ جي هڪ عالم چيو ته “جيسيتائين سندس ڳوٺ جا ماڻهو سج اڀرڻ کان اڳ اٿندا رهندا هي ڳوٺ براين کان بچيل رهندو”
    جپان ۾ جيڪي جپاني ماڻهن جي پاڙن ۾ رهيا هوندا، انهن کي خبر هوندي ته جپاني ٻار هفتي جا اسڪول وارا پنج ڏينهن ته صبح جو سوير اٿن ٿا پر ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به هنن کي دير تائين سمهڻ لاءِ نٿو ڇڏيو وڃي. گهٽيءَ جي سڀني ٻارن کي، اهي ٻه ڏينهن صبح جو سوير ٻاهر نڪري گهٽيءَ جي ليڊر جي چوڻ مطابق ڪا راند يا پي ٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ پنهنجي ڪاپيءَ تي هن کان صحيح وٺي سومر ڏينهن ڪلاس ٽيچر کي ڏيکارڻو پوي ٿو ته آئون موڪل وارن ڏينهن تي به سوير اٿيس.” .....سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.....” جهڙا بيت ۽ چوڻيون اسان وٽ آهن پر عمل ٻين ملڪن جا ماڻهو پيا ڪن.
    اسان جي ماڻهن جو دير سان اٿڻ جي ڪلچر جو معلوم ڪري هڪ جپاني جهازران چيو “توهان مسلمانن لاءِ ته هونءَ به فجر نماز جي ڪري سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ ضروري آهي. توهان رڳو ان تي عمل ڪريو ته توهان جو ملڪ ۽ قوم الائي ڇا ٿي وڃي.”
    اسان ماڻهو بيحد حساس آهيون. ڪوڙيون سچيون تعريفون ٻڌي پيا خوش ٿينداسين، پر پنهنجو پاڻ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پاڻ تي تنقيد يا پنهنجي ڪوتاهي ٻڌندي ڪاوڙ لڳندي اٿئون. پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ ڪجهه سال پڙهائڻ دوران مون ڏٺو ته جتي اسانجي ڳوٺن جي ڪجهه نوجوانن هر فيلڊ ۾ (پڙهائي، رانديون، پي ٽي پريڊ، تقرير، ڊيبٽ وغيره) ۾ نالو پيدا ڪيو آهي اتي ڪيترا پڙهائي ۽ ڊسيپلين جي سختي کان ڀڄي به ويا ٿي، جنهن جو جوابدار آئون هنن جي مائٽن کي قرار ڏيندس. مائٽ ئي آهن جيڪي هنن کي هيڪاندو لاڏلو ۽ ٽوٽي بنائين ٿا، هنن ۾ خراب عادتون وجھن ٿا. نواب شاهه ضلعي جي هڪ ڳوٺ جي چونڊجي آيل هڪ ڪئڊٽ جو هفتي ٻن بعد جڏهن ٻڌم ته هو اڪيڊمي ڇڏي گهر وڃڻ لاءِ باهه ٻاري ويٺو آهي ته هن کي سمجھائڻ جي ڪيم ته هو خوش نصيب آهي جو ههڙي اداري ۾ چونڊجي آيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڙهائي ۽ PT پريڊ جي سختي آهي پر هن کي سوچڻ کپي ته هو هڪ ڏينهن جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنير ٿي ويندو ۽ نه فقط پاڻ پر سندس زالَ ۽ ٻار ٻچا به ساڻس گڏ جهازن تي دنيا جو سير ڪندا...... پر مون ڏٺو ته هن جي اڪيڊمي ۾ دل نه لڳي رهي هئي. آخر پڇيو مانس ته ڪهڙي تڪليف آهي ته هن ٻين ڳالهين کان وڌيڪ صبح جو سوير اٿڻ جي تڪليف ٻڌائي.
    دراصل ههڙن تعليمي ادارن ۾ صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو. اسان جي ڏينهن کان وٺي يعني 1963ع ۾ جڏهن هيءَ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش) ۾ کلي هئي ته ان وقت کان هر هڪ کي فجر نماز کان اڳ اٿاريو وڃي ٿو. ان بعد پي ٽي، عمارت جي ڪلين شپ، پريڊ ۽ پوءِ ڪلاسز شروع ٿين ٿا. بهرحال اڪيڊمي ڇڏڻ واري مورو پاسي جي هن ڇوڪري کان پڇيم ته “پٽ! ڀلا تون گهر ۾ ڪنهن وقت اٿندو هئين؟” ته هن وراڻيو “ڏهين يارهين ڌاري.” واقعي اهڙي دير سان اٿڻ واري عاديءَ لاءِ صبح جو ڇهين بجي اٿڻ ڏکيو ڪم ٿيو. سندس روم ميٽ جيڪو جهلم پاسي جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ جو هو ۽ هو بيحد خوش نظر اچي رهيو هو تنهن کان پڇيم ته “هتي ٿو مزو اچئي يا پنهنجي گهر؟” ته هن وراڻيو ته “هتي!” ۽ ان جو سبب هن اهوٻڌايو ته هن کي هتي دير سان يعني ڇهين بجي اٿڻو پوي ٿو. ڳوٺ هن کي فجر کان به گهڻو گهڻو اڳ اٿڻو پيو ٿي ۽ پيءُ سان گڏ ميل کن پري کان گهر لاءِ پاڻي ڀري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ فجر نماز پڙهي، نيرن ڪري ٻه ميل کن پنڌ جا ڪري شهر جي ڪاليج ۾ وڃڻو پيو ٿي. شامَ جو به راند ڪرڻ بدران پيءُ کي ڪم ۾ مدد ڪرڻي پئي ٿي ..... اڄ اهو نينگر ڪويت شپنگ ڪارپوريشن ۾ جهازن جو مشهور ڪئپٽن آهي.


    پرديسَ ۾ پنهنجن سان ويجهڙائي....

    لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو جا ٽي سنڌي ڊاڪٽر مون وٽ آيا. هنن کي برونائي ۾ نوڪري ملي هئي جنهن سلسلي ۾ هنن ڪجهه ڳالهيون پڇڻ ۽ منهنجي صلاح وٺڻ چاهي ٿي. اٿڻ مهل پڇڻ لڳا: “سائين اتي رهندڙ پاڪستانين مان ڪي توهانجا سڃاڻو آهن؟
    “نه. ڪو سڃاڻو هن وقت ذهن تي نه اٿم پر بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان گهڻو گهاٽو نه ٿجو.” مون چيو مان.
    “ڀلا پنهنجي ڳوٺ جا سنڌي هجن ته انهن سان ته ملون يا نه؟” هنن پڇيو.
    “انهن کان ته اڃان به پري رهجو”، مون چيو مان، “ٻيو ته ٺهيو توهان پنهنجو پاڻ ۾ به فاصلو رکجو.”
    منهنجي ان ڳالهه تي هنن کي بيحد حيرت لڳي ۽ ٿي سگهي ٿو پڙهندڙن کي به تعجب ٿيو هجي. پر پوءِ مون کين مختصر طور سمجھايو ته آئون ڪو کين اهو نٿو چوان ته هو پنهنجن سان منهن سُڄائي هلن...... يعني رُسي هلن. منهنجو مطلب اهو آهي ته پرديس ۾ گڏ رهڻ يا هر وقت گڏ گڏ گهمڻ ۽ هڪ ٻئي وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ کان پرهيز ڪندئو ته هڪ ٻئي سان پيار محبت قائم رهندوَ، نه ته ٻي صورت ۾ گهڻو ويجھو رهڻ ۽ هجتي ٿيڻ جي End Result روسامو ۽ غلط فهميون ٿيون ٿين.
    “هڪ ٻي ڳالهه ته قدرت توهان کي هڪ نئين ملڪ ۾ ٽي سال کن رهڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي ته ان مان فائدو وٺي توهان مڪاني ماڻهن سان دوستي رکجو جيئن توهان اتي جي زبان ۽ ٻيون ڳالهيون هنن کان سکي سگهو ۽ توهان مان ڪنهن جو مڪاني دوست ڪا اهڙي ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته توهان پنهنجن هم وطني دوستن کي به ان جو فائدو رسائي سگهو ٿا. ڇو جو آئون توهانکي اهو ته نٿو چوان ته اتي پهچي توهان ٽئي ڄڻا هڪ ٻئي سان ڪٽي ڪري ڇڏيو يا ڪو هم وطني پنجابي، پٺاڻ يا ڳوٺ جو سنڌي ملي ته توهان ٻئي پاسي کڻي منهن ڦيريو. آئون رڳو اهو ٿو چوان ته پنهنجن ۾ گهٽ چنبڙو، مڪاني ماڻهن جي گهڻو ويجھو وڃو جو هنن کي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي وڌيڪ خبر آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين. ان کان علاوه اهو به چوندس ته توهان ٽنهي مان هر هڪ پنهنجا پنهنجا دوست ٺاهي. ائين نه ته توهان سڀ هڪ سان دوستي رکي پوءِ پنهنجو پاڻ ۾ پيا مقابلو ڪريو.........”
    پرديس ۾ ڇا آهي جو هر هڪ مشغول آهي. هر هڪ تي پورهئي ۽ نوڪري جا pressure آهن. ڀلي کڻي ڪو توهانجي ڳوٺ جو هجي يا ڪنهن مائٽ عزيز جي reference سان توهان هن سان واقفيت ڪئي هجي، هو توهان جي هڪ محدود ليول تائين مدد يا گائيڊ ڪري سگهي ٿو. هن سان وڌيڪ چَبي ٿيڻ تي هو بيزار ٿيو پوي ۽ اسانجو پرديس ۾ آيل نئون همراهه هن جي بي رخي ڏسي ڊپريشن ۾ هليو وڃي. آئون ته اهو چوندس ته پرديس ۾ ڪو توهان جي مورل سپورٽ ڪري ته اها به وڏي ڳالهه آهي. پئسي ڏوڪڙ، ماني ٽڪي يا رهائش جي ته ڪنهن مان اميد رکجي نه اهڙو ٿورو کڻجي.
    ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته ٻاهر نوڪري ڪندڙ ڪو ڊاڪٽر، انجنيئر يا پورهيت وڏي دل جو آهي ۽ هو کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي تي گهڻو خرچ ڪري ٿو جنهن کي ڏسي ڌاريون يا پنهنجي وطن جو محسوس ضرور ڪندو پر ڌارئين مان اهو فائدو آهي ته اها ڳالهه اتي جو اتي رهي ٿي پنهنجو ماڻهو ارادتاً يا غير ارادتاً توهانجي ڳوٺ تائين پهچايو ڇڏي. اڃان ڪالهه ئي ملائيشيا مان هڪ ڊاڪٽر ان ڳالهه جو ڏک ڪندي چيو ته هو پئسو بچائي ڳوٺ اچي گهر ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ عدد ڪلنڪ ٿو ٺاهڻ چاهي پر هتي نوڪري ڪندڙ سندس ڳوٺ جي همراهه سندس مائٽن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هي بيحد ڪنجوس آهي وڏو پئسو اٿس. نتيجي ۾ سندس هر هڪ مائٽ کانئس قرض جي گُهرَ ڪندو رهي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا پنهنجي سالن جي تجربي تي لکي رهيو آهيان ته پرديس ۾ جڏهن به ڪو هم وطني يا هم زبان ملي ٿو ته اسان take it granted سمجھون ٿا ته هو سؤ سيڪڙو اسانجو پنهنجو آهي، اسان سان وفادار رهندو ۽ هن جي هر ڳالهه اعتبار جوڳي هوندي. پر ائين ناهي. هو ڇا چوندا آهن ته پرديس۾ پنهنجي ديسَ جا ڪانگ به سهڻا لڳندا آهن سو پرديس ۾ هم زبان ۽ هم وطن سان ڳالهائيندي ۽ ويجھو ويندي دل ضرور ماندي ٿئي ٿي پر اها به حقيقت آهي ته پرديس ۾ گهڻيون ٺڳيون پنهنجا ئي ڪن ٿا چاهي انگلينڊ فرانس هجي يا آمريڪا ڪئناڊا هجي. آمريڪا ۾ هڪ همراهه پنهنجي نقصان ۾ ويندڙ پيٽرول پمپ مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ نئين آيل هم زبان کي ئي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري وڪڻي ڇڏيو. هو نئون آيل پنهنجي ملڪ جي تڪليفن کان ڀڄي، پنهنجو الهه تلهه وڪڻي آمريڪا ۾ ڪو بزنيس ڪرڻ لاءِ پهتو هو ۽ هن پنهنجي ڪاليج جي دوست جي ڳالهين ۾ اچي عمل ڪيو ۽ پوءِ دوستي ته ختم ٿي وئي پر پئسو به ڦاسي ويس.
    ڪئالالمپور ۾ گذريل ڏهن سالن کان رهندڙ سکر جي پروفيسر پنهنجي غم جو اظهار هن ريت ڪيو ته هن جي هڪ ملئي آفيسر سان دوستي هئي جنهن نمونو سمونو ڪري هن کي اتي جي شهريت (پاسپورٽ) وٺرائي ٿي ڏنو. ان جو پروسيس هلي رهيو هو ته هن نيڪ نيتيءَ سان کڻي ڪئالالمپور ۾ رهندڙ سندس هڪ ڳوٺائي ڊاڪٽر سان ڳالهه ڪئي. ڊاڪٽر جو ڏٺو ته پروفيسر کي ٿي مستقل رهائش (Permanent Residency) ملي سو پاڻ به اهي فارم ڀري اميگريشن آفيس ۾ ڏئي آيو. هنن کيس چيو ته توهان ان لاءِ qualify نٿا ڪريو. ان تي هو ماڳهين پروفيسر جو مثال ڏئي آيو ته هن جا ڪاغذ ته process ۾ آهن. بس وٺ پڪڙ ٿي. پروفيسر صاحب کي به disqualify ڪري ڇڏيائون. پوءِ ٻنهي کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيڪر هڪ جي ٿي وڃي ها ته پوءِ ٻيو پاڪستاني به هن ملئي آفيسر جي معرفت ڪرائي وٺي ها.
    مون ڪڏهن ڌارئين ملڪ جو پاسپورٽ (شهريت) اختيار نه ڪئي پر آئون هر ملڪ ۾ ڏسندو هوس ته اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي اڳهين ان ڌارئين ملڪ جا شهري هوندا هئا اهي هرگز نه چاهيندا هئا ته ڪو اسان جهڙن ٻين کي ملي. هنن کي جيئن ئي کڙڪ پوندي هئي ته ٻئي جو پتو ڪٽرائي ڇڏيندا هئا. ڪاميابي فقط انهن کي نصيب ٿيندي هئي جيڪي پنهنجن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن هر ڳالهه کي راز ۾ رکيو ٿي.
    ملائيشيا جي شهر “جو هور بارو” جي هڪ اداري ۾ اسانجي ٽن چئن ڄڻن نوڪري ڪئي ٿي. هو گڏ گڏ رهيا ٿي ۽ گڏ گڏ آفيس ويا ٿي. انهن مان هڪ جيڪو ڦڏي باز قسم جوهو ۽ هن جي ملائيشيا ۾ دل نٿي لڳي اهو اهاني بهاني انتظاميه سان وڙهندورهيو ٿي. آخر هڪ ڏينهن هن کي نوڪريءَ کان جواب مليو ته ٻين کي به چيائين ته توهان به مونسان ٻڌي ڪريو ۽ توهان به نوڪريءَ تان استيفا ڏيو ته هنن ملئي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي. هنن گهڻو ئي چاهيو ته ائين نه ڪجي پر هو هن ڦڏي باز جي اثر هيٺ ايترو ته هئا جو مجبورن استيفا ڏنائون. اداري جون في الحال وايون بتال ٿي ويون ته هڪ ئي وقت هيترا آفيسر ڇڏي ويا پر پوءِ هو ڌڪ پچائي ويا. وڏو خرچ ڪري انڊيا مان جلدي جلدي ماڻهو گهرايائون جيڪي ٿوري ئي وقت ۾ ڪم سکي ويا ۽ اداري جو ڪاروبار هلڻ لڳو پر ان اداري اڄ ڏينهن تائين وري اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي نه رکيو آهي ۽ هوڏانهن اسانجا نوڪري ڇڏي ويل اڄ ڏينهن تائين ان بهترين نوڪريءَ کي ساري ۽ پڇتائي رهيا آهن. دراصل هر ماڻهوءَ جي پنهنجي طبيعت ٿئي ٿي ۽ پرديس ۾ هر هڪ ڪجهه نه ڪجهه حساس ٿيو پوي. هو پنهنجي اباڻي گهر ۽ وطن جا سُک ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ٿو پوءِ هو جيتوڻيڪ اهوئي سمجھي ٿو ته پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهوءَ سان رهي هو بهتر محسوس ڪندو پر ائين ٿئي نٿو. ٿوري ئي عرصي ۾ هنن کي هڪ ٻئي جون عادتون يا فيصلا پسند نٿا اچن ۽ پوءِ اختلاف شروع ٿيو وڃن. ۽ انهن رنجشن جون خبرون ڳوٺ وارن کي به پوڻ شروع ٿيو وڃن. ۽ سندن روسامو نه فقط پرديس ۾ پر وطن موٽڻ تي به قائم رهي ٿو. توهان ڏسندئو ته ڪنهن يونيورسٽي جا ٻه پروفيسر پيار محبت سان گڏ گڏ تعليم لاءِ ولايت ويندا، واپسي تي اهڙو رسي ايندا جو اچڻ سان هڪ ٻئي جون گلائون پيا ڪندا.
    پرديس ۾ ڪير کڻي ڪيترو به خبردار رهي پر ٿوري گهڻي کٽ پٽ ٿيو وڃي ۽ آئون هميشه اهو چوندو آهيان ته بهتر آهي ته مڪاني ماڻهن يا ڌارين ملڪن جي ماڻهن سان گڏ رهجي جيئن ڪا هلڪي ڦلڪي رنجش ٿي به پوي ته ملڪ ڇڏڻ وقت اها اتي ئي دفن ٿي وڃي ۽ اتي جا جهڳڙا پنهنجي ڳوٺ يا محلي ۾ نه کڻي اچجن. هونءَ ئي سفر اهڙي شيءِ آهي جو ٿڌي طبيعت جو صابر ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن چيڙاڪ ٿيو پوي ۽ ٻئي جي دل رنجايو وجھي. ٻيو ته ٺهيو پر جنهن زماني ۾ حاجين جا جهاز هلندا هئا ته ڪراچيءَ مان چڙهڻ وقت اسان جا حاجي سڳورا تسبيحون پڙهندا هلندا هئا ۽ هر هڪ ٽولي جا حاجي پاڻ ۾ عزت احترام ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. پوءِ ٻه مهينا کن سعودي عرب ۾ رهي جڏهن موٽندا هئا ته واپسي جي سفر تي هر هڪ کي ٻئي لاءِ ڏک ۽ شڪايتون هونديون هيون........... ناراضگي جو هڪ سبب خريد ڪيل اڻ ميو سامان به هوندو هو جنهن جي رکڻ لاءِ کين جاءِ نه پئي ملندي هئي!
    پرديس ۾ پنهنجن بدران ڌارين سان دوستي رکڻ لاءِ آئون ان ڪري به چوندو آهيان ته جيئن ٻين ملڪن ۽ زبانن جي ماڻهن جي به ڄاڻ ٿي سگهي، پنهنجا ته هونءَ به پنهنجا آهن. ڪم پوڻ تي هنن وٽ ڪنهن وقت به وڃي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڌارين جي ويجهو رهڻ سان انهن جون سٺيون ڳالهيون به سکي سگهجن ٿيون.
    بهرحال هي منهنجا views آهن. توهان جو ڪو دوست يا مائٽ ٽي چار سال کن ٻاهر رهي آيو هجي ته ان کان به راءِ وٺي سگهو ٿا ته منهنجو مشاهدو ڪيتري حد تائين صحيح آهي.


    اسانجو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...!

    مون وٽ اي ميل ذريعي ڪيترائي خط اچن ٿا جن ۾ اسان جا نوجوان بيروزگاري بابت پنهنجي ڏُکَ جو اظهار ڪن ٿا ۽ اها حقيقت به آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، خاص ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي منهن سرخرو ڪجي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ ڪيترا کاتا PIA کان سنڌي ادبي بورڊ تائين ماڻهن سان Surplus ٿيا پيا آهن. ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ عام شڪايت اها آهي ته اهي ميرٽ تي ڏيڻ بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مٿن اها به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن ٿا.
    جتي ميرٽ بدران پئسي جي سفارش تي نوڪري ڏني وڃي ٿي اتي هڪ طرف تعليم جي ستياناس ٿئي ٿي ته ٻئي پاسي نوڪريون حاصل ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. هو اهو جواز ڏئي رشوتون وٺڻ شروع ڪن ٿا ته هنن کي هيءَ سيٽ/نوڪري (مختياري ڪاري، روينيو ۾ ڪلارڪي يا ڪا ٻي) هيترا لک رپيا ڏئي ملي آهي.
    مثال طور اهي ماستر يا ماسترياڻيون جن کي سفارش يا پئسي جي بدلي نوڪري ملي ٿي اهي ڇا پڙهائي سگهندا؟. هنن ته خود به صحيح طرح نه پڙهيو هيو. هو ته اسڪول ۾ به اچڻ جي تڪليف نٿا ڪن. مجال آهي جو ڪو انهن جو نالو وٺي...... هر هڪ کي خبر آهي ته هي نالائق استاد فلاڻي وزير جو ماڻهو آهي.
    ڳوٺ جو نالو نٿو لکان. ان جي هڪ رشوت خور آفيسر پئسا ڏئي يا اثر رسوخ هلائي پنهنجين شادي شده ۽ ٻارن وارين ٻن ڌيئن کي ماستريءَ جو آرڊر وٺرائي ڏنو. ڄاڻ سڃاڻ وارن حيرت کاڌي ته هنن نازن ۾ پليل ڇوڪرين کي نوڪريءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جن جا مڙس به خوب پيا ڪمائين. خود ڇوڪرين به هلڪو ڦلڪو احتجاج ڪيو ته ڪير صبح جو ننڊ ڦٽائي اسڪول ويندو ۽ اهو ڪم سر انجام ڏيڻ ته هنن جي وس کان ٻاهر آهي. ان تي پاڙي جي هنن جهڙي هڪ ماسترياڻيءَ کين آٿت ڏيندي چيو: “فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي. اسڪول جي نوڪري ڪا نوڪري ناهي، بس پڪنڪ سمجهو. جنهن ڏينهن توهان جي موڊ ٿئي ان ڏينهن ڪچهري ۽ چانهه بسڪٽ کائڻ لاءِ اسڪول جو رخ ڪجو.”
    منهنجو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي پر مونکي پڪ آهي ته توهان نه فقط مونسان سهمت هوندئو پر توهان کي هن قسم جي ڳالهين ۽ تعليم جي تباهي جي شرمناڪ حالت جي ڄاڻ، وڌيڪ هوندي. هيءَ ڳالهه جنهن ۾ کڻي ڪجهه چرچي جو به حصو هجي پر حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي، هڪ ٻي پاڙي جي ساهيڙيءَ کين ٻارن کي پڙهائيءَ جو آسان ۽ آزمايل طريقو به ٻڌايو: “پڙهائڻ ته مونکي به نٿو اچي،” هن ٽهڪ ڏيندي کين چيو، “مونکي ته اها به خبر ناهي ته ڀ ڀولڙي جي هيٺان ٽٻڪا آهن يا مٿان! پوءِ بورڊ تي لکڻ کان اڳ ٻارن کان پڇندي آهيان ته ٻارو ڀ ڀولڙي جي مٿان ٽٻڪا ٿيندا يا هيٺان؟ ته ٻار ئي مونکي ٻڌائيندا آهن ته مِس هيٺان هيٺان...۽ آئون يڪدم هيٺ ٽٻڪا ڏئي ڇڏيندي آهيان.”
    اها ته عام ڳالهه آهي ته ڳوٺن جا ڪيترا اسڪول بند ٿيا پيا آهن جيڪي Ghost اسڪول سڏجن ٿا يعني غيباتي اسڪول، جن ۾ نه ٽيچر نظر اچي ٿو ۽ نه شاگرد! ڪيترا اسڪول کليل آهن، ٻار اچن پيا پر ڪيترائي ماستر، خاص ڪري ماسترياڻيون ڊيوٽي تي اچن ئي ڪونه. اسانجي ڳوٺ ۾ اهڙين ٻن ماسترياڻين ٻڌايو ته هو فقط پهرين تاريخ تي پگهار وٺڻ وينديون آهن جن مان ڪجهه حصو هيڊماسترياڻي حوالي ٿيندو آهي جيڪا هنن جي اعليٰ آفيسرن کي دانهن ڏيڻ بدران مڪمل تحفظ مهيا ڪري ٿي. بهرحال هي ڪم هر ڳوٺ ۾ لڳو پيو آهي ۽ ان سسٽم کي ويزا سسٽم سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ماسترياڻين ۽ هيڊماسترياڻيءَ جا ته موج مزا رهن ٿا پر اسان جا معصوم ٻار وڃن ٿا تعليم کان محروم ٿيندا.
    اهڙين حرام جي آسان سرڪاري نوڪرين کي ڏسي اسانجو گهڻي ڀاڱي نوجوان اهڙين نوڪرين جا خواب ڏسي ٿو. يعني قابليت به نه هجي، نوڪري به ملي، اها به اهڙي جنهن ۾ آفيس ۾ وڃڻو نه پوي يا رشوت هجي، ۽ پوءِ جي پڪڙ ڌڪڙ ٿئي ته هنن کي بچايو وڃي يا بدلي ڪرائي وڃي! اسان وٽ اها سوچ ئي ڪانهي ته روزگار سرڪاري نوڪرين بنا به حاصل ڪري سگهجي ٿو. اها به ڄاڻ نه آهي ته تعليم الڳ شيءِ آهي ۽ هنر الڳ شيءِ آهي. ساڳي طرح رڳو ڊگريءَ جو پنو توهان کي قابل نٿو بڻائي پر توهان جو تخليقپڻو (creativity) ۽ صحيح ڄاڻ قابل ٿي بڻائي جيڪا توهان يونيورسٽي ۾ روزانو وڃي ڪلاس روم ۾ ۽ گهر اچي ڪتابن مان حاصل ڪئي آهي.
    ملائيشيا جي شپ يارڊ جي اليڪٽرانڪ ڊپارٽمينٽ لاءِ ٻن ٽن انجنيئرن جي ضروت هئي. انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مونکي به رکيو هئائون. آيل اميدوارن کان اهوئي سوال پڇيو ويو ته توهان کي رکڻ سان توهان اسانجي ڪمپنيءَ کي ڪهڙو فائدو ڏئي سگهندئو. اسانجي پاسي جو به هڪ اميدوار هو. هو سوال جو جواب ڏيڻ بدران هر هر پنهنجي ڊگري ڏيکاري رهيو هو. مون سان گڏ ويٺل ملئي آفيسر کيس سمجھايو ته اها مونکي به خبر اهي ته توهان گرئجوئيٽ آهيو جو هتي اسان گهرايائي B.E وارا آهن پر اسان معلوم ٿا ڪرڻ چاهيون ته توهان پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيترا ڀڙ آهيو ۽ ڪم جي ڄاڻ ۽ اعتماد رکو ٿا يا نه.
    پنهنجي انڊيا جي هڪ سفرنامي “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۾ هڪ ممبئي يونيورسٽي جي فريش گرئجوئيٽ بابت لکي چڪو آهيان ته هو جڏهن B.E اليڪٽرونس جي آخري سال ۾ هو ته ان وقت کان ممبئي جي سانتا ڪروز ريلوي اسٽيسن تي هو مختلف ديوتائن جا فريم وڪڻي رهيو آهي جنهن ۾ هن اليڪٽرونڪس circuits ۽ چپس ذريعي اهڙو سسٽم رکيو آهي جو بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪ ٻئي پويان ڇهه ڀڄنون وڄن ٿيون. هو اهو ٽيپ رڪارڊر نما وڄڻ وارو فريم 500 رپئي ڏئي رهيو هو. زور ڀرڻ تي 400 تائين به وڪيائين ٿي. مون کيس چيو ته هو ڪا سرڪاري يا پرائيويٽ نوڪري ڇو نٿو ڪري؟
    “ڇا فائدو؟،” هن وراڻيو، “هو مونکي ڇا ڏئي سگهندا. هتي آئون شام جو ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ هزار سوا رپيا ڪمايو ٿو وٺان ۽ هيءَ “سرڪٽري” جيڪا منهنجي ذاتي ايجاد آهي ان ۾ 50 رپين جو به سامان نه آهي.”
    بهرحال آئون اهو نه چوندس ته ڪو اسانجي ملڪ جا شاگرد ڏڏ آهن. مهراڻ يا چانڊڪا يونيورسٽي، جن جي گرئجوئيٽن کي اسان جي ملڪ ۾ به ڪمتر سمجھيو وڃي ٿو، ايتريقدر جو هنن کي ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو لاءِ به نٿو سڏيو وڃي، انهن جي انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن کي مون ملائيشيا ۽ جپان جي يونيورسٽين ۾ پڙهائيندي ڏٺوآهي. ٻنهي ملڪن جي مختلف اسپتالن ۾ چانڊڪا ۽ لياقت جا ڊاڪٽر آرٿوپيڊڪ سرجن، اسڪن اسپيشلسٽ، ويندي دل جي ڏکين آپريشنن جا سرجن آهن جن جو احوال پنهنجن ٻن تازن ڪتابن: “هليو آ، هليوآ، ملائيشيا” ۽ “مونکي موهيو ملائيشيا” ۾ ڏئي چڪو آهيان.
    هڪ ڳالهه ضرور لکڻ چاهيندس ته ائين هرگز ناهي ته جپان يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪريون ئي نوڪريون آهن. خاص ڪري سرڪاري نوڪريون ته نه برابر آهن. اسان وٽ ته PIA، ريلوي، KPT، پوسٽ کاتي جهڙيون نوڪريون به سرڪاري آهن پر ترقي يافته ملڪن ۾ اهي سڀ پرائيويٽ آهن. سرڪاري توڙي پرائيويٽ کاتن ۾ هر سال ڪي ايتريون نوڪريون نٿيون نڪرن جيترا يونيورسٽين، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ڪاليجن مان گرئجوئيٽ نڪرن ٿا. نه وري انهن ملڪن جا شاگرد نوڪرين جو آسرو ڪن ٿا. هو ٿوري گهڻي تعليم، لکڻ پڙهڻ خاطر حاصل ڪن ٿا باقي اسڪول يا ڪاليج جي ڏينهن ۾ تعين ڪريو ڇڏين ته هنن کي ڪو هنر سکي روزگار ڪمائڻو آهي ۽ هو اهو هنر دل وچان سان سکن ٿا.
    ان ڏينهن گهوٽڪي مان هڪ پڙهندر جو فون آيو. هو نوڪري لاءِ پريشان هو. هن کي اها شڪايت هئي ته هو غريب آهي ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هن وٽ نه پئسو آهي ۽ نه ڪنهن وزير لاءِ سفارش.
    “ڇا پڙهيل آهين ۽ ڇا ڪرڻ چاهين ٿو؟ ۽ آيا ڪو هنر به اچئي ٿو؟” مون پڇيومانس، جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هو انٽر پاس آهي، هنر ڪجهه به نٿو اچيس، هو ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪلرڪي چاهي ٿو.
    ان قسم جا فون يا خط ڪيترن ئي نوجوانن جا ملندا رهن ٿا. انهن سڀني ۾ اها ڳالهه ڪامن هوندي آهي ته “اسان غريب آهيون، اسانجو ڪو وزير يا وڏو ماڻهو مائٽ ناهي.” هنن جا ڏک ۽ شڪايتون پنهنجي جاءِ تي پر آئون اهو به سوچيندو آهيان ته گهوٽڪي، ٺلهه، قنبر جي ڪنهن نوجوان کي هنن جي خواهـش موجب حيدرآباد يا ڪراچي ۾ ڪا ڪلارڪي ملي به وڃي ته ڇا ان جي پگهار مان هنن جي رهائش، کاڌو پيتو، آفيس جو اوٽ موٽ جو ڀاڙو ۽ ٻين ضرورتن جو پورائو به ٿي سگهندو؟ کين اهو چوڻ تي ته ڪو هنر سکي پئو ته ڪلارڪي کان وڌيڪ ڪمائي سگهندئو، ڪيترن ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي اهو دليل ڏنو ٿي ته “سائين مئٽرڪ (يا انٽر/بي اي) ڪرڻ بعد هاڻ ڪو اسان اليڪٽريشن يا واڍا ٿينداسين ڇا؟ اسان آفيسر ٿيڻ چاهيون ٿا.” حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان جا نوجوان پورهئي ۽ محنت مزدوري کي عيب ٿا سمجن. ۽ اڄ جي مقابلي جي دور ۾ جڏهن ته Ph.D ۽ M.E ڪرڻ بعد به نوڪريون ڏکيون ٿيون ملن، هو مئٽرڪ، انٽر يا B.A کي وڏي ڳالهه سمجھيو ويٺا آهن ۽ وڌيڪ پڙهڻ يا پورهئي ۾ دلچسپي نه رکڻ جو سبب غربت ٻڌائين ٿا.
    پر اهو کوڙو به دل سان نٿو لڳي. ڪراچي ۾ سعودي قونصل وٽ ٻه واڍا ويهن ٿا. هڪ گمبٽ جو آهي ٻيو ٺٽي جو. اڄ ڪلهه 1200 رپيا ڏهاڙي وٺن ٿا. ان هوندي به هو ايڏو مشعول آهن جو ڪم لاءِ کين منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. ٻيا واڍا جيتوڻيڪ 800 يا 900 وٺن ٿا پر هي گمبٽ ۽ ٺٽي وارا همراه هڪ ڏينهن ۾ عام واڍن کان ٻيڻو ۽ سٺو ڪم ڪن ٿا.
    ڪلفٽن تي چائنا ريسٽورينٽ ۽ ان جي ڀرواري هوٽل تي ڪيترائي سکر ۽ گهوٽڪي پاسي جا بئرا ڪم ڪن ٿا. هڪ ڏينهن کين چرچي ۾ چيم ته دبئي يا سعودي عرب ڇو نٿا هليا وڃو؟ وراڻيائون “سائين اسان لاءِ هتي به دبئي آهي. پگهار ۽ ٽپ مان ڪافي بچت ٿيو وڃي ۽ مهيني ٻئي ڳوٺ جو به چڪر هڻيو اچون.”
    ڪتابن ڇپڻ واري هڪ همراهه جو نالو نه لکندس جنهن کان سڀ پڙهندڙ واقف آهن. هن پاڻ به انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي پر سرڪاري نوڪري ڪرڻ بدران ڇپائي جو ڪم سکيو، سخت محنت ڪئي ۽ اڄ تائين پورهئي ۾ رڌل رهي ٿو ۽ هو خوش آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ هو پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن کي ڪراچيءَ جي گذري واري علائقي جي هڪ پلمبر شاپ تي وٺي آيو. هنن کي چيائين ته اهو وساري ڇڏيو ته توهان گرئجوئيٽ آهيو. ۽ اهو به وساري ڇڏيو ته توهان وٽ ٿوري گهڻي زمين آهي. پاڻ کي زيرو سمجي هن دڪان تي مزدور ٿي ڪم ڪريو شوق ۽ دلچسپي سان سکندا وڃو.
    حيرت جي ڳالهه آهي ته هنن ان ڳالهه تي عمل ڪيو ۽ نوڪرن ۽ هيلپرن وانگر مسترين سان گڏ سال کن پورهيو ڪندا رهيا. محنت ۽ سچائي سان گڏ هنن کي قدرت طرفان ذهانت به هئي. هنن انهن ٽن سالن ۾ ايڏا ته Contacts ٺاهيا جو ڪيترا بنگلن، دڪانن ۽ ويندي فارين قونصل خانن وارا کين سڌو فون تي گهرائڻ لڳا. هو پئسو بچائيندا رهيا. گذريل ٻن سالن کان هنن پنهنجو دڪان کوليو آهي جيڪو خوب هلي رهيو آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هو هنرمند آهن ۽ صبح جو هو پنهنجو دڪان سڀني کان اڳ کولين ٿا. منهنجي خيالَ ۾ اسان جي مايوس نوجوانن کي اهڙن Self Made ماڻهن کي به فالو ڪرڻ کپي. خود ترسي (Self Pity) بدران همت کان به ڪم وٺڻ کپي. رڳو وزيرن ۽ سياستدانن جي ڏٽن پٺيان ڊوڙڻ نه کپي. ۽ اها ڳالهه سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته تعليم صرف نوڪريءَ لاءِ حاصل نه ڪبي آهي، تعليم بنيادي طور تي عقل، فهم ۽ دانش لاءِ حاصل ڪري، پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن کي طئه ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، ان ڪري سڄي دنيا اندر وڌندڙ آباديءَ سبب هاڻ نوڪريون ملڻ جا امڪان گهٽبا ويندا ۽ جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته اسان جي ماڻهن کي مجبوريءَ ۾ هنر سکڻو پوندو، تنهنڪري مجبوريءَ بجاءِ جيڪڏهن اسان خوشيءَ سان هنر سکون ته هوند جياپو آسان ٿي پوي.


    لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان.....

    اسانجو ڊرائيور مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته مون چيو مانس “آچر بازار مان ڇو نٿو وٺين جتان توکي سستي به ملي ويندي ته مضبوط به.”
    “نه سائين آئون لنڊا جي شيءِ نٿو وٺڻ چاهيان.” هن وراڻيو.
    “پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.” مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.
    اسانجو هڪ مائٽ آچر بازار مان فقط ڀاڄي ۽ ميوو وٺندو آهي، ڪڏهن به ڪا قميص، مفلر، جوراب يا سئيٽر خريد نه ڪندو آهي چاهي اهي شيون نيون وڪامي رهيون هجن. هن جو چوڻ آهي ته اهي ڪپڙا جيڪي ولايت مان اچن ٿا انهن ۾ جراثيم ٿين ٿا، اتفاق سان ڪو رومال يا جوراب وٺندو ته اهو ٻه ٻه دفعا ڌوئي پوءِ استعمال ڪندو. حيرت ان ڳالهه جي آهي جو اهڙين آچر يا جمعي مارڪيٽن مان هزارين ماڻهو خريداري ڪندا رهن ٿا جن ۾ مڪاني ماڻهن کان علاوه اهي پاڪستاني به آهن جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ موڪل تي وطن آيل هوندا آهن. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جيڪي هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪري ولايت کڻي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊفينس جي آچر مارڪيٽ ۾ ته آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي فارينر به هوندا آهن...... اهي نه فقط چين، فلپين، ڪوريا، سريلنڪا، سوڍان، ازبڪستان، ڪرغستان جهڙن ڪنگلن ملڪن جا پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ جپان جهڙن ملڪن جا به خريداري ڪندي نظر اچن ٿا.
    ٻاهرين ملڪن مان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي دوستن لاءِ شيون ۽ تحفا وٺي اچجن ان کان ته بهتر آهي ته ههڙين آچر بازارين مان خريداري ڪجي. ٻاهرين ملڪن مان مونکي چانهه پيئڻ جي انهن مگن وٺي اچڻ جو شوق رهيو آهي جن تي ڪنهن يونيورسٽي، ڪاليج يا گهمڻ واري جاءِ جو نقش چٽيل هجي. آخري دفعو 2005ع ۾ آمريڪا مان وٺي آيو هوس جتي هڪ هڪ مگ ٽن ڊالرن جو ملي ٿو. ان کان علاوه هڪ ايئرپورٽ کان ٻئي تائين وزن ڍوئڻو پيو. بهرحال اها تڏهن جي ڳالهه آهي، هاڻ پنهنجي لاءِ توڙي دوستن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي آچر بازار مان مگ خريد ڪريان ٿو جتي چين، ٿائلنڊ ۽ ايران جا ته ڇا پر انگلنڊ، آمريڪا ۽جپان جا به مليو وڃن ۽ هاڻ ڊالر جي قيمت وڌي وئي آهي ان ڪري في مگ 60 يا 70 روپئي ملي ٿو نه ته سال ٻه اڳ 50 رپئي مليو ٿي. بهرحال ستر يا اسي رپئي ملي ته به ان جي قيمت هڪ ڊالر کان به گهٽ ٿي.
    پاڪستان جي هنن مارڪيٽن ۾ اوچين اوچين ڪمپنين (برانڊن) جون جئڪيٽون، ڪوٽ ۽ قميصون سي به نيون نڪور تمام سستي اگهه ۾ مليو وڃن. توهان چوندئو ته ڪيئن خبر پوي ته اهي نيون ۽ اڻ استعمال ٿيل آهن؟ ان لاءِ انهن تي لڳل اليڪٽرونڪ Magnetic ٽئگ (نيلان جو چقمقي ڌاڳو) ڏسي سگهو ٿا. هيءَ اها شيءِ آهي جيڪا ولايت جي دڪانن تي پئسن واري ڪائونٽر تي payment بعد ڪَٽي وڃي ٿي يا هڪ اوزار ذريعي Demagnetized ڪئي وڃي ٿي. ائين نه ڪرڻ سان دڪان مان نڪرڻ وقت چوريءَ جو الارم وڄي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ لنڊا جي سامان جو زور سٺ جي ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ ٿيو. پهرين پهرين مختلف امير ملڪن مان استعمال شده ۽ پراڻا ڪپڙا اچڻ لڳا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪپڙن جي معاملي ۾ يورپ وارن جا به حال هيڻا هئا. ٻي عالمي جنگ جا اثر اڃان موجود هئا. اسان وٽ وري به ڪاٽن جوڪپڙو ۽ سلائي سستي هئي. گرم ڪپڙا ٻاهران وٺي پاڪستان ۾ اچي ڪوٽ سبرائبا هئا. اهڙي طرح پتلونون پڻ. ايرو ۽ سينٽ مائيڪل جهڙن برانڊن جون قميصون خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪپڙن جي هر ڪمپني جي برانچ ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ کلي وئي جو يورپ کان ليبر سستو هجڻ ڪري سلائي تي گهٽ خرچ اچڻ لڳو. هاڻ ته آفريڪا ۽ ايشيا جي هر ملڪ ۾ هر برانڊ ۽ هر ڪپمپني جا ڪپڙا ٺهن ٿا ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن ۾ انهن شين سان دڪان اٿلن ٿا. موسم جي تبديليءَ تي اهي ڪپڙا ڪڍي وري نئين فيشن جا رکيا وڃن ٿا. پراڻي فيشن يا موسم جي تبديليءَ تي ڪپڙن مان جان ڇڏائڻ لاءِ دڪاندار اڪو مال وڪڻن ٿا ۽ اهو يڪو سامان خريد ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ اسانجا پاڪستاني خاص ڪري پٺاڻ، (هاڻ ڪجهه پنجاب پاسي جا به) نظر اچن ٿا. هو يڪو سامان خريد ڪري وڏا وڏا Container ڀرائي پاڻيءَ جي جهازن رستي پاڪستان موڪلين ٿا جتان کانئن امير ميمڻ واپاري خريد ڪن ٿا. اهي ميمڻ، آغاخاني ۽ چنيوٽي واپاري ڪنٽينرن مان مال جي ڇانٽي ڪري ڪجهه اوچو سامان طارق روڊ ۽ ڪلفٽن وارن دڪانن تي وڪڻن ٿا باقيءَ جون هڙون ٺاهي تور جي حساب سان ننڍن پٺاڻ واپارين کي وڪڻن ٿا جيڪي وڏن شهرن جي آچر، جمعا ۽ منگل بازارين ۾ وڪڻن ٿا.
    اڄ کان چاليهه سال اڳ وارن جپاني سفرنامن ۾ ڪوبي ۽ يوڪوها شهرن جي سک دڪاندارن جو احوال لکيو اٿم ته هنن جا “Rokko Saris” نالي انهن شهرن ۾ ساڙهين ۽ ڪپڙي جا دڪان مشهور هئا جن تان اسان جهڙا ايشيائي ملڪن جا جهازران، انهن بندرگاهن ۾ جهاز پهچڻ تي، خريداري لاءِ پهچي ويندا هئا. تاڪين مان وڳا ڪٽڻ بعد آخر ۾ ٽن چئن والن جا جيڪي پيس بچندا هئا، اهي هو هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ڊم ۾ وجھندا ويندا هئا. هنن جي روزانو ايڏي کپت ٿيندي هئي جو روز شامَ جو اهو ڊم ڪپڙن جي ٽڪرن سان ڀرجي ويندو هو. هڪ دفعي منهنجي زال جڏهن انهن ٽڪرن مان ڪجهه وٺڻ جو ارادو ڏيکاريو ته سک جي جپاني زال معذرت ڪندي چيو ته هو اهي وڪڻي نٿا سگهن جو هنن جي هڪ پٺاڻ سان زبان ٿيل آهي جيڪو هر ٽي مهيني پاڪستان کان اچي ٿو ۽ سمورو اسڪرئپ مال خريد ڪريو وڃي. پوءِ مون هڪ دفعو ڏٺو ته ٻه پٺاڻ ڀاڙي جي ٽرڪ ڪري آيا ۽ نه فقط هن سک جي دڪان تان پر ڀروارن ٻين ڪپڙي جي دڪانن تان ڪپڙن جا اهي ڪٽ پيس کڻي ويا.
    اسانجو جهاز جڏهن به نومبر جي مهيني ۾جپان جي بندرگاهه “وڪاياما” ۾ ويندو هو ته اسان کي خوشي ٿيندي هئي جو موسم جي تبديلي ڪري ڪيترا ڪپڙن ۽ بوٽن جا دڪاندار پنهنجن دڪانن مان اونهاري جو سامان ڪڍي فٽ پاٿ تي ڍير ڪندا هئا ۽ اسان جهازن وارا پنهنجي پسند جون شيون اوڻي پوڻي ۾ خريد ڪندا هئاسين. جپان سڄي ۾ زمين جي قلت آهي. دڪان ننڍا ننڍا.......... ڪٿي سامان رکن........ سو سيارو شروع ٿيڻ سان اونهاري جو سامان ڪڍي سياري جو سامان دڪانن ۾ رکندا هئا،. منهنجي خيالَ ۾ باقي بچيل سامان گدامن ۾ رکڻ بدران ساڙي ڇڏيندا هئا جو جپان ۾ گدامن جي مسواڙَ سامان کان به گهڻي ٿيو وڃي. 1980ع ۾ وڪاياما پهتاسين ته خبر پيئي ته موسم جي تبديلي تي هاڻ دڪاندار سامان فٽ پاٿ تي رکن ئي ڪونه ٿا.
    “پوءِ اهو سامان ڪيڏانهن ٿو وڃي؟” اسان دڪاندارن کان پڇيو.
    “توهانجي ملڪ جا ماڻهو اسانکان سڄي لاٽ وٺي ڪنٽينر ڀريو ڪراچي موڪليو ڇڏين.” هنن ٻڌايو ۽ هو بيحد خوش هئا ته فٽ پاٿ تي مهينو کن سامان رکي وڪڻڻ کان هنن جو هڪ ڏينهن ۾ سامان کڄيو وڃي.
    آچر بازاريون اسان وٽ ته هاڻ ٿيون لڳن پر دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون بازاريون سالن کان مشهور آهن. جيئن انگلنڊ ۾ پيني مارڪيٽ، ملائيشيا ۾ گئراج سيل، جپان ۾ جنڪ شاپ وغيره جتي هر قسم جون شيون وڪامن ٿيون. ڪتاب ۽ Antique شيون خريد ڪرڻ جو آئون به شوقين آهيان ۽ هر ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اهڙين مارڪيٽن ۾ چڪر هڻان ٿو. سڀ کان بهتر مونکي سئيڊن جي لنڊا مارڪيٽ لڳي جيڪا LOPIS (يعني Low Price) مارڪيٽ سڏجي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ نه فقط مختلف خالي ٿيل دڪانن جو مال اچي ٿو پر ڪيتريون ئي ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر جو سامان کڻي اچن ٿيون.
    سئيڊن ۽ ڀروارن اسڪينڊينيوين ملڪن: ناروي، فنلنڊ ۽ ڊئنمارڪ ۾ طلاق تمام گهڻي ٿئي ٿي بقول “شادي رجسٽريشن کاتي” جي سئو مان نوانوي شاديون فيل وڃن ٿيون. مڪاني قانون موجب طلاق مرد ڏئي يا عورت پاڻ حاصل ڪري، مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو جو طلاق وقت مرد جي هر شيءِ عورت جي ٿي وڃي ٿي. پوءِ پهرئين ئي آچر تي اهي طلاق واريون ڇوڪريون مڙسن جا ڇڏيل سامان: ڪپڙن کان ڪتاب، ڪئميرائون، ڪمپيوٽر کڻي اچيو هن مارڪيٽ ۾ نيڪال ڪن. هن مارڪيٽ ۾ سامان وڪڻڻ لاءِ هر هڪ کي ورتل اسٽال جي في ڏيڻي پوي ٿي ۽ سامان وڪامي يا نه، هنن کي چئين بجي اسٽال خالي ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ هو اهو سامان واپس گهر کڻي وڃڻ بدران مقرر جڳهه تي ڦٽو ڪري وڃن. اسان جي ملڪ جا، گهڻو ڪري پٺاڻ جيڪي سخت سردي ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ان سامان سان ڪنٽينر ڀري ڪراچي موڪلين ٿا.
    مٿين ملڪن ۾ گهر ڇڏڻ وقت ميونسپالٽي وارن کان مسواڙ جي ٽرڪ گهرائي گهر جو سامان شهر کان ٻاهر اڇلڻو پوي ٿو. سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ ٻه سال رهي واپس موٽڻ تي اسان کي به ائين ڪرڻو پيو. وڌ ۾ وڌ ڪپڙن ۽ ضروري سامان جون ٻه ٽي بئگون کڻي آياسين. باقي ديڳڙا، ٽوال، فالتو ڪپڙا، پليٽون، ڪوپَ، چمچا، هنڌ بسترا، اوون، ٽوسٽر ۽ ٻارن جا رانديڪا ڪير کڻي اچي؟ جو انهن جي وزن جو ڀاڙو سامان جي قيمت کان وڌيڪ ٿو ٿئي. پر اهو آهي ته جنهن شهر مالمو ۾ اسين هئاسين اتي اسان کي ميونسپل جي گاڏي نه گهرائڻي پئي. اسان کي خبر پيئي ته ڪجهه پاڪستاني مفت ۾ سامان کڻيو وڃن. اسان پنج ڇهه ڄڻا هُئاسين جن کين فون ڪيو ۽ هو ٽرڪ ۾ اسان سڀني جو سامان کڻي ويا. هنن ٻڌايو ته هو ان سامان سان ڪنٽينر ڀري بحريِ جهازن ۾ ڪراچي موڪلين ٿا.
    هيلسنڪي شهر (فنلئنڊ) ۾ مون سان گڏ ساڳي هوٽل ۾ رهندڙ شام ملڪ جي ٻن عرب واپارين جو احوال پنهنجي “اڇن جي ملڪ” ۾ ۽ “ملير کان مالمو” وارن ڪتابن ۾ لکي چڪو آهيان ته اتان اسڪريپ گاڏين جون انجڻيون خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڪڻڻ لاءِ رهيل هئا. هنن ٻڌايو ته هو هتان فائدي ۾ نه ويندا. “ان ڪم ۾ فقط توهان جا پاڪستاني ڪامياب ٿي سگهن ٿا.”
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو مان
    “ان ڪري جو توهان جا پاڪستاني سخت جان آهن. هو ٿڌ ۾ به رهي سگهن ٿا. فقط هڪ ويلو به کائي گذر ڪري سگهن ٿا، پٽ تي به سمهي سگهن ٿا. اسانکي هوٽلن ۾ رهڻو ٿو پوي ۽ ههڙن مهانگن ملڪن ۾ ايڏو خرچ ڪري ڇڏيواٿئون جو ڇا بچت ٿيندي ۽ ڇا فائدو ٿيندو.”
    پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ولايت مان جيڪو جهازن ذريعي ڪپڙا يا ٻيو سامان اچي ٿو ان جي اتان سخت قسم جي Fumigation (جراثيم مارڻ جو ڦوهارو) ٿئي ٿو. ان بنا جهاز بندرگاهه ڇڏي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ خطرو اسان جي درزين مان آهي جن جي دڪانن تي سبجڻ وارو ڪپڙن سندن پيرن ۾ پيو هوندو آهي. ڪي ته ان مٿان چڙهيو ويٺا هوندا آهن ۽ اڪثر سِنگهن هاڻا هٿ سلائيءَ جي ڪپڙن سان اگهي ڇڏيندا آهن.
    اڄ ڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ جيڪي آچر، جمعا ۽ منگل بازاريون لڳن ٿيون انهن جي اڌ کن ۾ ڀاڄيون، ميوا، ڪڪڙيون ۽ پاڪستاني شيون آهن ته اڌ کان وڌيڪ ۾ لنڊا جو سامان. غريب توڙي امير، پاڪستاني توڙي فارينر اهو سامان کلي عام وٺي ٿو. نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن لنڊا جو سامان فقط لائيٽ هائوس سئنيما (KMC بلڊنگ) وٽ وڪامبو هو ته وچولي ۽ مٿاهين طبقي جا ماڻهو لنڊا جو سامان خريد ڪندي شرمائيندا هئا. لڪ چوريءَ ۾ جيڪي وٺي ايندا هئا ان بابت پنهنجن مائٽن توڙي دوستن کي اهوئي چوندا هئا ته هنن طارق روڊ يا صدر جي دڪانن تان ورتو آهي، يا وري پنهنجي يا ڪنهن دوست جي نالي هڻندا هئا ته هن سندن لاءِ ٻاهران آندو آهي. ان وقت جي هڪ مشهور T.V پروگرام ۾ به ڏيکاريو ويو هو. لنڊا بازار ۾ هڪ عورت، شال جي قيمت ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪري دڪان جي مالڪ پٺاڻ کي چوي ٿي:
    “خانصاحب! ائين ڀلا ڇو آهي جو ڀروارو دڪاندار ههڙي ساڳي شال ڏيڍ سئو رپئي ۾ ڏئي ٿو ۽ تون ٻه سئو رپئي ۾؟”
    پٺاڻ جواب ڏنس: “اهو ان ڪري جو آئون ان شال سان گڏ توکي تنهنجي مامي يا چاچي طرفان ٽائيپ ٿيل خط به ڏيندس ته “هيءَ شال مان توکيِ لنڊن مان موڪلي رهيو آهيان.”


    لنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان.....

    اسانجو ڊرائيور مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته مون چيو مانس “آچر بازار مان ڇو نٿو وٺين جتان توکي سستي به ملي ويندي ته مضبوط به.”
    “نه سائين آئون لنڊا جي شيءِ نٿو وٺڻ چاهيان.” هن وراڻيو.
    “پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.” مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.
    اسانجو هڪ مائٽ آچر بازار مان فقط ڀاڄي ۽ ميوو وٺندو آهي، ڪڏهن به ڪا قميص، مفلر، جوراب يا سئيٽر خريد نه ڪندو آهي چاهي اهي شيون نيون وڪامي رهيون هجن. هن جو چوڻ آهي ته اهي ڪپڙا جيڪي ولايت مان اچن ٿا انهن ۾ جراثيم ٿين ٿا، اتفاق سان ڪو رومال يا جوراب وٺندو ته اهو ٻه ٻه دفعا ڌوئي پوءِ استعمال ڪندو. حيرت ان ڳالهه جي آهي جو اهڙين آچر يا جمعي مارڪيٽن مان هزارين ماڻهو خريداري ڪندا رهن ٿا جن ۾ مڪاني ماڻهن کان علاوه اهي پاڪستاني به آهن جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ موڪل تي وطن آيل هوندا آهن. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جيڪي هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪري ولايت کڻي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊفينس جي آچر مارڪيٽ ۾ ته آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي فارينر به هوندا آهن...... اهي نه فقط چين، فلپين، ڪوريا، سريلنڪا، سوڍان، ازبڪستان، ڪرغستان جهڙن ڪنگلن ملڪن جا پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ جپان جهڙن ملڪن جا به خريداري ڪندي نظر اچن ٿا.
    ٻاهرين ملڪن مان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي دوستن لاءِ شيون ۽ تحفا وٺي اچجن ان کان ته بهتر آهي ته ههڙين آچر بازارين مان خريداري ڪجي. ٻاهرين ملڪن مان مونکي چانهه پيئڻ جي انهن مگن وٺي اچڻ جو شوق رهيو آهي جن تي ڪنهن يونيورسٽي، ڪاليج يا گهمڻ واري جاءِ جو نقش چٽيل هجي. آخري دفعو 2005ع ۾ آمريڪا مان وٺي آيو هوس جتي هڪ هڪ مگ ٽن ڊالرن جو ملي ٿو. ان کان علاوه هڪ ايئرپورٽ کان ٻئي تائين وزن ڍوئڻو پيو. بهرحال اها تڏهن جي ڳالهه آهي، هاڻ پنهنجي لاءِ توڙي دوستن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي آچر بازار مان مگ خريد ڪريان ٿو جتي چين، ٿائلنڊ ۽ ايران جا ته ڇا پر انگلنڊ، آمريڪا ۽جپان جا به مليو وڃن ۽ هاڻ ڊالر جي قيمت وڌي وئي آهي ان ڪري في مگ 60 يا 70 روپئي ملي ٿو نه ته سال ٻه اڳ 50 رپئي مليو ٿي. بهرحال ستر يا اسي رپئي ملي ته به ان جي قيمت هڪ ڊالر کان به گهٽ ٿي.
    پاڪستان جي هنن مارڪيٽن ۾ اوچين اوچين ڪمپنين (برانڊن) جون جئڪيٽون، ڪوٽ ۽ قميصون سي به نيون نڪور تمام سستي اگهه ۾ مليو وڃن. توهان چوندئو ته ڪيئن خبر پوي ته اهي نيون ۽ اڻ استعمال ٿيل آهن؟ ان لاءِ انهن تي لڳل اليڪٽرونڪ Magnetic ٽئگ (نيلان جو چقمقي ڌاڳو) ڏسي سگهو ٿا. هيءَ اها شيءِ آهي جيڪا ولايت جي دڪانن تي پئسن واري ڪائونٽر تي payment بعد ڪَٽي وڃي ٿي يا هڪ اوزار ذريعي Demagnetized ڪئي وڃي ٿي. ائين نه ڪرڻ سان دڪان مان نڪرڻ وقت چوريءَ جو الارم وڄي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ لنڊا جي سامان جو زور سٺ جي ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ ٿيو. پهرين پهرين مختلف امير ملڪن مان استعمال شده ۽ پراڻا ڪپڙا اچڻ لڳا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪپڙن جي معاملي ۾ يورپ وارن جا به حال هيڻا هئا. ٻي عالمي جنگ جا اثر اڃان موجود هئا. اسان وٽ وري به ڪاٽن جوڪپڙو ۽ سلائي سستي هئي. گرم ڪپڙا ٻاهران وٺي پاڪستان ۾ اچي ڪوٽ سبرائبا هئا. اهڙي طرح پتلونون پڻ. ايرو ۽ سينٽ مائيڪل جهڙن برانڊن جون قميصون خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪپڙن جي هر ڪمپني جي برانچ ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ کلي وئي جو يورپ کان ليبر سستو هجڻ ڪري سلائي تي گهٽ خرچ اچڻ لڳو. هاڻ ته آفريڪا ۽ ايشيا جي هر ملڪ ۾ هر برانڊ ۽ هر ڪپمپني جا ڪپڙا ٺهن ٿا ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن ۾ انهن شين سان دڪان اٿلن ٿا. موسم جي تبديليءَ تي اهي ڪپڙا ڪڍي وري نئين فيشن جا رکيا وڃن ٿا. پراڻي فيشن يا موسم جي تبديليءَ تي ڪپڙن مان جان ڇڏائڻ لاءِ دڪاندار اڪو مال وڪڻن ٿا ۽ اهو يڪو سامان خريد ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ اسانجا پاڪستاني خاص ڪري پٺاڻ، (هاڻ ڪجهه پنجاب پاسي جا به) نظر اچن ٿا. هو يڪو سامان خريد ڪري وڏا وڏا Container ڀرائي پاڻيءَ جي جهازن رستي پاڪستان موڪلين ٿا جتان کانئن امير ميمڻ واپاري خريد ڪن ٿا. اهي ميمڻ، آغاخاني ۽ چنيوٽي واپاري ڪنٽينرن مان مال جي ڇانٽي ڪري ڪجهه اوچو سامان طارق روڊ ۽ ڪلفٽن وارن دڪانن تي وڪڻن ٿا باقيءَ جون هڙون ٺاهي تور جي حساب سان ننڍن پٺاڻ واپارين کي وڪڻن ٿا جيڪي وڏن شهرن جي آچر، جمعا ۽ منگل بازارين ۾ وڪڻن ٿا.
    اڄ کان چاليهه سال اڳ وارن جپاني سفرنامن ۾ ڪوبي ۽ يوڪوها شهرن جي سک دڪاندارن جو احوال لکيو اٿم ته هنن جا “Rokko Saris” نالي انهن شهرن ۾ ساڙهين ۽ ڪپڙي جا دڪان مشهور هئا جن تان اسان جهڙا ايشيائي ملڪن جا جهازران، انهن بندرگاهن ۾ جهاز پهچڻ تي، خريداري لاءِ پهچي ويندا هئا. تاڪين مان وڳا ڪٽڻ بعد آخر ۾ ٽن چئن والن جا جيڪي پيس بچندا هئا، اهي هو هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ڊم ۾ وجھندا ويندا هئا. هنن جي روزانو ايڏي کپت ٿيندي هئي جو روز شامَ جو اهو ڊم ڪپڙن جي ٽڪرن سان ڀرجي ويندو هو. هڪ دفعي منهنجي زال جڏهن انهن ٽڪرن مان ڪجهه وٺڻ جو ارادو ڏيکاريو ته سک جي جپاني زال معذرت ڪندي چيو ته هو اهي وڪڻي نٿا سگهن جو هنن جي هڪ پٺاڻ سان زبان ٿيل آهي جيڪو هر ٽي مهيني پاڪستان کان اچي ٿو ۽ سمورو اسڪرئپ مال خريد ڪريو وڃي. پوءِ مون هڪ دفعو ڏٺو ته ٻه پٺاڻ ڀاڙي جي ٽرڪ ڪري آيا ۽ نه فقط هن سک جي دڪان تان پر ڀروارن ٻين ڪپڙي جي دڪانن تان ڪپڙن جا اهي ڪٽ پيس کڻي ويا.
    اسانجو جهاز جڏهن به نومبر جي مهيني ۾جپان جي بندرگاهه “وڪاياما” ۾ ويندو هو ته اسان کي خوشي ٿيندي هئي جو موسم جي تبديلي ڪري ڪيترا ڪپڙن ۽ بوٽن جا دڪاندار پنهنجن دڪانن مان اونهاري جو سامان ڪڍي فٽ پاٿ تي ڍير ڪندا هئا ۽ اسان جهازن وارا پنهنجي پسند جون شيون اوڻي پوڻي ۾ خريد ڪندا هئاسين. جپان سڄي ۾ زمين جي قلت آهي. دڪان ننڍا ننڍا.......... ڪٿي سامان رکن........ سو سيارو شروع ٿيڻ سان اونهاري جو سامان ڪڍي سياري جو سامان دڪانن ۾ رکندا هئا،. منهنجي خيالَ ۾ باقي بچيل سامان گدامن ۾ رکڻ بدران ساڙي ڇڏيندا هئا جو جپان ۾ گدامن جي مسواڙَ سامان کان به گهڻي ٿيو وڃي. 1980ع ۾ وڪاياما پهتاسين ته خبر پيئي ته موسم جي تبديلي تي هاڻ دڪاندار سامان فٽ پاٿ تي رکن ئي ڪونه ٿا.
    “پوءِ اهو سامان ڪيڏانهن ٿو وڃي؟” اسان دڪاندارن کان پڇيو.
    “توهانجي ملڪ جا ماڻهو اسانکان سڄي لاٽ وٺي ڪنٽينر ڀريو ڪراچي موڪليو ڇڏين.” هنن ٻڌايو ۽ هو بيحد خوش هئا ته فٽ پاٿ تي مهينو کن سامان رکي وڪڻڻ کان هنن جو هڪ ڏينهن ۾ سامان کڄيو وڃي.
    آچر بازاريون اسان وٽ ته هاڻ ٿيون لڳن پر دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون بازاريون سالن کان مشهور آهن. جيئن انگلنڊ ۾ پيني مارڪيٽ، ملائيشيا ۾ گئراج سيل، جپان ۾ جنڪ شاپ وغيره جتي هر قسم جون شيون وڪامن ٿيون. ڪتاب ۽ Antique شيون خريد ڪرڻ جو آئون به شوقين آهيان ۽ هر ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اهڙين مارڪيٽن ۾ چڪر هڻان ٿو. سڀ کان بهتر مونکي سئيڊن جي لنڊا مارڪيٽ لڳي جيڪا LOPIS (يعني Low Price) مارڪيٽ سڏجي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ نه فقط مختلف خالي ٿيل دڪانن جو مال اچي ٿو پر ڪيتريون ئي ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر جو سامان کڻي اچن ٿيون.
    سئيڊن ۽ ڀروارن اسڪينڊينيوين ملڪن: ناروي، فنلنڊ ۽ ڊئنمارڪ ۾ طلاق تمام گهڻي ٿئي ٿي بقول “شادي رجسٽريشن کاتي” جي سئو مان نوانوي شاديون فيل وڃن ٿيون. مڪاني قانون موجب طلاق مرد ڏئي يا عورت پاڻ حاصل ڪري، مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو جو طلاق وقت مرد جي هر شيءِ عورت جي ٿي وڃي ٿي. پوءِ پهرئين ئي آچر تي اهي طلاق واريون ڇوڪريون مڙسن جا ڇڏيل سامان: ڪپڙن کان ڪتاب، ڪئميرائون، ڪمپيوٽر کڻي اچيو هن مارڪيٽ ۾ نيڪال ڪن. هن مارڪيٽ ۾ سامان وڪڻڻ لاءِ هر هڪ کي ورتل اسٽال جي في ڏيڻي پوي ٿي ۽ سامان وڪامي يا نه، هنن کي چئين بجي اسٽال خالي ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ هو اهو سامان واپس گهر کڻي وڃڻ بدران مقرر جڳهه تي ڦٽو ڪري وڃن. اسان جي ملڪ جا، گهڻو ڪري پٺاڻ جيڪي سخت سردي ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ان سامان سان ڪنٽينر ڀري ڪراچي موڪلين ٿا.
    مٿين ملڪن ۾ گهر ڇڏڻ وقت ميونسپالٽي وارن کان مسواڙ جي ٽرڪ گهرائي گهر جو سامان شهر کان ٻاهر اڇلڻو پوي ٿو. سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ ٻه سال رهي واپس موٽڻ تي اسان کي به ائين ڪرڻو پيو. وڌ ۾ وڌ ڪپڙن ۽ ضروري سامان جون ٻه ٽي بئگون کڻي آياسين. باقي ديڳڙا، ٽوال، فالتو ڪپڙا، پليٽون، ڪوپَ، چمچا، هنڌ بسترا، اوون، ٽوسٽر ۽ ٻارن جا رانديڪا ڪير کڻي اچي؟ جو انهن جي وزن جو ڀاڙو سامان جي قيمت کان وڌيڪ ٿو ٿئي. پر اهو آهي ته جنهن شهر مالمو ۾ اسين هئاسين اتي اسان کي ميونسپل جي گاڏي نه گهرائڻي پئي. اسان کي خبر پيئي ته ڪجهه پاڪستاني مفت ۾ سامان کڻيو وڃن. اسان پنج ڇهه ڄڻا هُئاسين جن کين فون ڪيو ۽ هو ٽرڪ ۾ اسان سڀني جو سامان کڻي ويا. هنن ٻڌايو ته هو ان سامان سان ڪنٽينر ڀري بحريِ جهازن ۾ ڪراچي موڪلين ٿا.
    هيلسنڪي شهر (فنلئنڊ) ۾ مون سان گڏ ساڳي هوٽل ۾ رهندڙ شام ملڪ جي ٻن عرب واپارين جو احوال پنهنجي “اڇن جي ملڪ” ۾ ۽ “ملير کان مالمو” وارن ڪتابن ۾ لکي چڪو آهيان ته اتان اسڪريپ گاڏين جون انجڻيون خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڪڻڻ لاءِ رهيل هئا. هنن ٻڌايو ته هو هتان فائدي ۾ نه ويندا. “ان ڪم ۾ فقط توهان جا پاڪستاني ڪامياب ٿي سگهن ٿا.”
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو مان
    “ان ڪري جو توهان جا پاڪستاني سخت جان آهن. هو ٿڌ ۾ به رهي سگهن ٿا. فقط هڪ ويلو به کائي گذر ڪري سگهن ٿا، پٽ تي به سمهي سگهن ٿا. اسانکي هوٽلن ۾ رهڻو ٿو پوي ۽ ههڙن مهانگن ملڪن ۾ ايڏو خرچ ڪري ڇڏيواٿئون جو ڇا بچت ٿيندي ۽ ڇا فائدو ٿيندو.”
    پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ولايت مان جيڪو جهازن ذريعي ڪپڙا يا ٻيو سامان اچي ٿو ان جي اتان سخت قسم جي Fumigation (جراثيم مارڻ جو ڦوهارو) ٿئي ٿو. ان بنا جهاز بندرگاهه ڇڏي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ خطرو اسان جي درزين مان آهي جن جي دڪانن تي سبجڻ وارو ڪپڙن سندن پيرن ۾ پيو هوندو آهي. ڪي ته ان مٿان چڙهيو ويٺا هوندا آهن ۽ اڪثر سِنگهن هاڻا هٿ سلائيءَ جي ڪپڙن سان اگهي ڇڏيندا آهن.
    اڄ ڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ جيڪي آچر، جمعا ۽ منگل بازاريون لڳن ٿيون انهن جي اڌ کن ۾ ڀاڄيون، ميوا، ڪڪڙيون ۽ پاڪستاني شيون آهن ته اڌ کان وڌيڪ ۾ لنڊا جو سامان. غريب توڙي امير، پاڪستاني توڙي فارينر اهو سامان کلي عام وٺي ٿو. نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن لنڊا جو سامان فقط لائيٽ هائوس سئنيما (KMC بلڊنگ) وٽ وڪامبو هو ته وچولي ۽ مٿاهين طبقي جا ماڻهو لنڊا جو سامان خريد ڪندي شرمائيندا هئا. لڪ چوريءَ ۾ جيڪي وٺي ايندا هئا ان بابت پنهنجن مائٽن توڙي دوستن کي اهوئي چوندا هئا ته هنن طارق روڊ يا صدر جي دڪانن تان ورتو آهي، يا وري پنهنجي يا ڪنهن دوست جي نالي هڻندا هئا ته هن سندن لاءِ ٻاهران آندو آهي. ان وقت جي هڪ مشهور T.V پروگرام ۾ به ڏيکاريو ويو هو. لنڊا بازار ۾ هڪ عورت، شال جي قيمت ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪري دڪان جي مالڪ پٺاڻ کي چوي ٿي:
    “خانصاحب! ائين ڀلا ڇو آهي جو ڀروارو دڪاندار ههڙي ساڳي شال ڏيڍ سئو رپئي ۾ ڏئي ٿو ۽ تون ٻه سئو رپئي ۾؟”
    پٺاڻ جواب ڏنس: “اهو ان ڪري جو آئون ان شال سان گڏ توکي تنهنجي مامي يا چاچي طرفان ٽائيپ ٿيل خط به ڏيندس ته “هيءَ شال مان توکيِ لنڊن مان موڪلي رهيو آهيان.”


    اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟

    1980ع ڌاري مُني بيگم نالي بنگالي ڳائڻي اسان وٽ ٽاپ تي هئي. ويتر اسان جي هڪ پيٽارين ساٿيءَ ساڻس شادي ڪئي سو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي اولڊ بئائز ائسوسيئيشن (Petarian) جي هر فنڪشن ۾ هنجو هجڻ لازمي ٿي پيو. سندس گهڻا تڻا غزل مئه، مئخاني ۽ ساقيءَ مطابق هئا. ملائيشيا وڃي رهيس ته اتي به پاڻ سان مُني بيگم جا ڪئسٽ کڻي ويو هوس جيڪي ڊرائيونگ ڪرڻ وقت ٻڌندو رهيس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آفيس جا ڪم ڪندڙ ملئي مرد يا ڇوڪريون گڏ هونديون هيون ته انهن کي به انهن غزلن جو ترجمو ڪري پيو ٻڌائيندو هوس. انهن مان هڪ غزل چٽي طرح ياد اٿم ته ان ۾ شاعر مئه (شراب) لاءِ پنهنجي چاهت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته “پيئندي پيئندي جي مري وڃان ته به ائين نه سمجھجو ته منهنجي خواهش پوري ٿي.” هو تاڪيد ٿو ڪري ته “مرڻ بعد منهنجي جسم کي شراب سان غسل ڏياري پوءِ مونکي دفن ڪجو.”
    آئون ڪجهه مني بيگم جي مٺي سر تي ته ڪڏهن شاعر جي فلسفي تي واهه واهه ڪندو رهيس ٿي پر منهنجي آفيس جا ملئي حيرت کائيندا رهيا ٿي. پر پوءِ چڱو جو جلدي ملئي زبان سکڻ ۽ ملئي ماڻهن سان گهڻو اٿڻ وهڻ جي ڪري مون کي يڪدم اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته شراب ۽ شباب جون ڳالهيون ته فقط اسان جي شاعريءَ ۾ آهن جنهن تي گهڻو اثر فارسي شاعريءَ جو آهي...... يعني ان زماني جي فارسي شاعريءَ جو........... امام خمينيءَ جي انقلاب بعد ته اهڙي شاعري ايران مان به غائب ٿي وئي آهي.... ظاهر آهي جان هر هڪ کي پياري آهي. نه رڳو امام خمينيءَ مسلمانن کي ياد ڏياريو ته شراب خبيث شين جي ماءُ آهي پر سائنس به اهو ثابت ڪيو ته شراب اها ڏوهن جي بيماري آهي جيڪا بوتل ۾ ملي ٿي ۽ اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا. يعني ان جي پيئڻ جي مزي کان وڌيڪ نقصان گهڻا آهن. ملئي شاعري ته شروع کان شراب ۽ شرابي ماڻهوءَ کان آجي رهي آهي. هنن جي اڳيان شراب ۽ سوئر جي ڳالهه ڪرڻ به هڪ مسلمان کي نه جڳائي پر اسان جي ملڪ ۾ مسلمانن ۾ اهڙا مثال جام ملندا ته هو يورپ جي هوٽلن ۾ سڄي سڄي رات شراب ته پيئندا رهندا پر نيرن تي هئم يا بئڪن (سوئر جي گوشت) کي ڏسي بئري کي چوندا ته هي ڇا آهي....... توکي خبر ناهي ته اسان مسلمان آهيون......!؟
    يهان خون پيتي هين لوگ سبهي
    مين تو پهر بهي شراب پيتا هون ساقي
    جهڙا شعرَ ٻڌي اسان کي ته ڀلي سرور اچي پر هن پاسي ملائيشيا ۾ توڙي جپان ۾ رهندڙ مسلمان اسان لاءِ اهو ئي سوچين ٿا ته اسين ڪهڙا مسلمان آهيون. ملائيشيا يا جپان جا نه رڳو مسلمان پر غير مسلمان به شراب يا سگريٽ نوشي کي سٺي ڳالهه نٿا سمجهن. هو ان لاءِ هميشه شرمساري محسوس ڪن ٿا..... شراب نوشي جهڙين بڇڙاين کي اسان وانگر ڳائين وڄائين ڪونه ٿا. جيسيتائين خون پيئڻ جو سوال آهي ته جپان جهڙن ملڪن ۾ ته خون يا قتل جهڙي شيءِ ته پري جي ڳالهه آهي پر معمولي چوريءَ جو واقعو به تمام وڏي ڳالهه ٿو ٿئي. اهڙا شعر ٻڌي ملئي ماڻهو حيرت کائيندا هوندا ته پاڪستان ۾ امن امان جي حالت ته ڪا صفا بدتر آهي جو سڀ پيا خون پيئن! ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي روزانو درجن کن قتل پيا ٿين ۽ جھلجي هڪ به نٿو ته ان حالت کي توهان ڀلا ڇا سڏيندئو؟
    بهرحال چڱو جو مونکي اها ڳالهه يڪدم سمجھه ۾ اچي وئي ۽ اهڙي قسم جي گانن جو ترجمو ٻڌائڻ ته ڇا مون گانا ٻڌڻ به ڇڏي ڏنا...... حق تي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن مونکي حيرت مان ڏٺو ٿي ته آئون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهيان! دراصل ان قسم جي ڳالهين تان اسانکي جڏهن ملائيشيا يا ٻئي پاسي سعودي عرب جا ماڻهو چون ٿا ته “توهان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟! “ ته اسان ٿڌي دماغ سان سوچڻ بدران ڪاوڙ ۾ اچيو وڃون. بس اسان جي دماغ ۾ فقط اُهو اُٺُ ويٺل آهي ته پاڪستان اسلام جي نالي ۾ ٺهيو آهي سو اسان جهڙو ٻيو ڪو مسلمان هوندو ئي ڪونه. اسان ڀلي شِرڪ جهڙا گناهه ڪريون ته به اسان جي هر شيءِ واهه واهه ۽ اسان جو هر عمل عين اسلامي.
    اسان مغرب وارن کي گاريون ڏيون ٿا پر مون ڏٺو آهي ته اسان کان اتي جا ماڻهو بهتر مسلمان آهن. اسان مسلمان گهرن ۾ پيدا ٿيڻ تي پاڻ کي مسلمان پيا سڏرايون پر اها تڪليف نٿا وٺون ته اسلام ڇا آهي بس اسان هي نعرو هڻي ته پاڪستان جو مطلب ڇا “لَا اِلٰهَ اِلَّا اللهُ”، سمجهون ٿا ته اسان پاڪستاني مسلمان ته دنيا جي مڙني مسلمانن کان اتم آهيون پوءِ ڪم ڀلي اسان جا جڏا هجن. پر هڪ يورپي، انگريز يا آمريڪن گورو يا شيدي جڏهن مسلمان ٿئي ٿو ته هو اسلام کي چڱي طرح سمجھي مسلمان ٿئي ٿو ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻَ اسان کان وڌيڪ رهي ٿي. اسان به هڪ ملائيشيا ۾ ۽ ٻيو تعليم دوران سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي مسجدن ۾ اتي جي نو مسلم گورن جا ليڪچر ٻڌي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي.
    سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ نو مسلم گوري کي پاڪستان ڏسڻ جو شوق ٿيو جيئن هو مسلمان کي آئيڊل حالت ۾ ڏسي سگهي. ظاهر آهي هن جي دماغ ۾ اهائي ڳالهه هئي يا ٻڌندو رهيو ٿي ته هي ملڪ نج اسلامي آهي. واپس ورڻ تي مون کانئس سندس Views پڇيا. مون کي پڪ هئي ته هن کي اسان وٽ اسلام Ideal حالت ۾ نظر آيو هوندو پر مونکي حيرت ٿي جڏهن هن ملڻ شرط مونکي چيو ته “الطاف! هي ڇا چڪر آهي؟”
    “ڇا مطلب!” مون حيرت مان پڇيو.
    “ڏس نه! آئون جڏهن عيسائي هوس ته مون لاءِ ٽي خُدا هئا: هولي فادر هولي سن ۽ هولي گھوسٽ. مون ان کي ڇڏي توحيد اختيار ڪئي يعني اسلام اهو ٿو ٻڌائي ته هن ڪائنات جو مالڪ هڪ الله آهي. هو ئي ڏئي ٿو هوئي بخشڻهار آهي ۽ هن کان ئي دل جو مرادون گهرجن. پر توهان ڪهڙا مسلمان آهيو جو توهان کڻي هر ڪنهن کي داتا، غريب نواز، گنج بخش ۽ مشڪل ڪشا بنايو آهي. فقط ڪراچي ساحل تي ڇهه ست داتا ڏٺم جن کي ماڻهو پوڄي رهيا هئا ۽ کانئن دل جو مرادون گهري رهيا هئا. ڇا اهو شرڪ ناهي ۽ ڇا مسلمانن کي اها خبر ناهي ته اسلام ۾شرڪ جو ڏوهه بخشش نٿو ٿي سگهي!؟
    بهرحال ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان اسلامي نقطي نگاهه کان غلط ڪريون ٿا پر پنهنجي پر ۾ اسان اهوئي سمجھون ٿا ته اسان صحيح ٿا ڪريون، ڇو جو پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي اردگرد پاڻ جهڙن ٻين کي به ائين ڪندو ڏسي سمجھون ٿا ته سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ جي شروعاتي ڏينهن جي هڪ ٻي غلطي ياد ايندي اٿم ته ڏاڍي شرمساري محسوس ڪندو آهيان.
    ملائيشيا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ کان اڳ 15 سال کن سمنڊ تي جهاز هلائيندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي وندر انڊين فلمون هيون. بيروت، طرابلس کان ممباسا، زئنزبار ۽ ڪولمبو رنگون کان پينانگ سنگاپور جي سئنيما هالن ۾ انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ اسان جي ڪئبنن ۾ تن ڏينهن جي مشهور فلم ائڪٽريسن: وحيدا رحمان، آشا پاريک، ساڌنا جهڙين جون تصويرون هونديون هيون. پوءِ 1980ع ڌاري راجيش کنا جي زال ڊمپل ڪپاڊيا، سري ديوي، جيا پراڌا وغيره هيون. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري لاءِ اچڻ وقت آئون سنگاپور ۾ ٻه ڏينهن کن رهي پوءِ ملاڪا پهتس. سنگاپور ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي مونکي فلم ائڪٽريس ريکا جو هڪ وڏو پوسٽر مليو جيڪو ملاڪا پهچي گهر جي ڪچن ۾، دريءَ جي سامهون واري ڀت تي هڻي ڇڏيم، جنهن کي ٻاهران لنگھندڙ هر هڪ ڏسي سگهيو ٿي. مون به ڄاڻي واڻي اتي هنيو هو ته جيئن هي پوسٽر ٻيا ڏسي داد ڏين. ڇو ته ايڏي وڏي تصوير ۽ اهڙي سٺي ۽ ٿلهي آرٽ پيپر تي مون دنيا جي ڪنهن به شهر ۾ ڪنهنجي گهر يا دڪان تي نه ڏٺي هئي.
    بهرحال منهنجي ملئي پاڙيسرين داد ته نه ڏنو پر حيرت ضرور کاڌي ... ۽ اها حيرت ان ڳالهه تي ته “هي پاڪستان جا ڪهڙا مسلمان آهن!” ڇو جو ٻن ٽن هفتن ۾ مونکي خبر پئجي وئي ته ملئي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ فقط گلن جون تصويرن هڻن ٿا. ملئي ڳوٺن ۾ نه توهان کي ڪتو نظر ايندو نه گهر ۾ ڪنهن ساهواري جي تصوير هوندي. اڄ ڪلهه اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا...... انهن لاءِ يا جيڪي وڃڻ وارا آهن انهن لاءِ ضروري سمجھيم ته هي لکان جيئن هو خيال رکن. ان لاءِ هو هميشه هيءَ حديث ٻڌائيندا آهن، ته: ابوهريرهه رضه کان روايت آهي ته الله جي رسول (صلعم) فرمايو ته : فرشتا ان گهر ۾ داخل نٿا ٿين جتي بت ۽ تصويرون رکيل آهن”. مسلم 1364
    هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي وئي. اسين پاڪستاني مسلمان ڳالهه ڳالهه تي چونداسين: “لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ”.
    هڪ ڏينهن منهنجي ملئي دوست مونکي چيو ته “مسٽر الطاف! هي ڇا آهي. فقط لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ جي ته معنا آهي “ڪا قوة ناهي بچائڻ واري”. فقط ايترو چوڻ ڪفر آهي. پاڻ کي پوري آيت: “ لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ اِلَّا بِااللهِ الۡعَلِيّ الۡعَظِيۡمِ” پڙهڻ کپي جنهن جي معنيٰ ٿي “ڪا قوة ناهي بچائڻ واري، سواءِ الله جي، جيڪو عظيم تر آهي.”


    اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟

    1980ع ڌاري مُني بيگم نالي بنگالي ڳائڻي اسان وٽ ٽاپ تي هئي. ويتر اسان جي هڪ پيٽارين ساٿيءَ ساڻس شادي ڪئي سو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي اولڊ بئائز ائسوسيئيشن (Petarian) جي هر فنڪشن ۾ هنجو هجڻ لازمي ٿي پيو. سندس گهڻا تڻا غزل مئه، مئخاني ۽ ساقيءَ مطابق هئا. ملائيشيا وڃي رهيس ته اتي به پاڻ سان مُني بيگم جا ڪئسٽ کڻي ويو هوس جيڪي ڊرائيونگ ڪرڻ وقت ٻڌندو رهيس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آفيس جا ڪم ڪندڙ ملئي مرد يا ڇوڪريون گڏ هونديون هيون ته انهن کي به انهن غزلن جو ترجمو ڪري پيو ٻڌائيندو هوس. انهن مان هڪ غزل چٽي طرح ياد اٿم ته ان ۾ شاعر مئه (شراب) لاءِ پنهنجي چاهت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته “پيئندي پيئندي جي مري وڃان ته به ائين نه سمجھجو ته منهنجي خواهش پوري ٿي.” هو تاڪيد ٿو ڪري ته “مرڻ بعد منهنجي جسم کي شراب سان غسل ڏياري پوءِ مونکي دفن ڪجو.”
    آئون ڪجهه مني بيگم جي مٺي سر تي ته ڪڏهن شاعر جي فلسفي تي واهه واهه ڪندو رهيس ٿي پر منهنجي آفيس جا ملئي حيرت کائيندا رهيا ٿي. پر پوءِ چڱو جو جلدي ملئي زبان سکڻ ۽ ملئي ماڻهن سان گهڻو اٿڻ وهڻ جي ڪري مون کي يڪدم اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته شراب ۽ شباب جون ڳالهيون ته فقط اسان جي شاعريءَ ۾ آهن جنهن تي گهڻو اثر فارسي شاعريءَ جو آهي...... يعني ان زماني جي فارسي شاعريءَ جو........... امام خمينيءَ جي انقلاب بعد ته اهڙي شاعري ايران مان به غائب ٿي وئي آهي.... ظاهر آهي جان هر هڪ کي پياري آهي. نه رڳو امام خمينيءَ مسلمانن کي ياد ڏياريو ته شراب خبيث شين جي ماءُ آهي پر سائنس به اهو ثابت ڪيو ته شراب اها ڏوهن جي بيماري آهي جيڪا بوتل ۾ ملي ٿي ۽ اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا. يعني ان جي پيئڻ جي مزي کان وڌيڪ نقصان گهڻا آهن. ملئي شاعري ته شروع کان شراب ۽ شرابي ماڻهوءَ کان آجي رهي آهي. هنن جي اڳيان شراب ۽ سوئر جي ڳالهه ڪرڻ به هڪ مسلمان کي نه جڳائي پر اسان جي ملڪ ۾ مسلمانن ۾ اهڙا مثال جام ملندا ته هو يورپ جي هوٽلن ۾ سڄي سڄي رات شراب ته پيئندا رهندا پر نيرن تي هئم يا بئڪن (سوئر جي گوشت) کي ڏسي بئري کي چوندا ته هي ڇا آهي....... توکي خبر ناهي ته اسان مسلمان آهيون......!؟
    يهان خون پيتي هين لوگ سبهي
    مين تو پهر بهي شراب پيتا هون ساقي
    جهڙا شعرَ ٻڌي اسان کي ته ڀلي سرور اچي پر هن پاسي ملائيشيا ۾ توڙي جپان ۾ رهندڙ مسلمان اسان لاءِ اهو ئي سوچين ٿا ته اسين ڪهڙا مسلمان آهيون. ملائيشيا يا جپان جا نه رڳو مسلمان پر غير مسلمان به شراب يا سگريٽ نوشي کي سٺي ڳالهه نٿا سمجهن. هو ان لاءِ هميشه شرمساري محسوس ڪن ٿا..... شراب نوشي جهڙين بڇڙاين کي اسان وانگر ڳائين وڄائين ڪونه ٿا. جيسيتائين خون پيئڻ جو سوال آهي ته جپان جهڙن ملڪن ۾ ته خون يا قتل جهڙي شيءِ ته پري جي ڳالهه آهي پر معمولي چوريءَ جو واقعو به تمام وڏي ڳالهه ٿو ٿئي. اهڙا شعر ٻڌي ملئي ماڻهو حيرت کائيندا هوندا ته پاڪستان ۾ امن امان جي حالت ته ڪا صفا بدتر آهي جو سڀ پيا خون پيئن! ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي روزانو درجن کن قتل پيا ٿين ۽ جھلجي هڪ به نٿو ته ان حالت کي توهان ڀلا ڇا سڏيندئو؟
    بهرحال چڱو جو مونکي اها ڳالهه يڪدم سمجھه ۾ اچي وئي ۽ اهڙي قسم جي گانن جو ترجمو ٻڌائڻ ته ڇا مون گانا ٻڌڻ به ڇڏي ڏنا...... حق تي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن مونکي حيرت مان ڏٺو ٿي ته آئون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهيان! دراصل ان قسم جي ڳالهين تان اسانکي جڏهن ملائيشيا يا ٻئي پاسي سعودي عرب جا ماڻهو چون ٿا ته “توهان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟! “ ته اسان ٿڌي دماغ سان سوچڻ بدران ڪاوڙ ۾ اچيو وڃون. بس اسان جي دماغ ۾ فقط اُهو اُٺُ ويٺل آهي ته پاڪستان اسلام جي نالي ۾ ٺهيو آهي سو اسان جهڙو ٻيو ڪو مسلمان هوندو ئي ڪونه. اسان ڀلي شِرڪ جهڙا گناهه ڪريون ته به اسان جي هر شيءِ واهه واهه ۽ اسان جو هر عمل عين اسلامي.
    اسان مغرب وارن کي گاريون ڏيون ٿا پر مون ڏٺو آهي ته اسان کان اتي جا ماڻهو بهتر مسلمان آهن. اسان مسلمان گهرن ۾ پيدا ٿيڻ تي پاڻ کي مسلمان پيا سڏرايون پر اها تڪليف نٿا وٺون ته اسلام ڇا آهي بس اسان هي نعرو هڻي ته پاڪستان جو مطلب ڇا “لَا اِلٰهَ اِلَّا اللهُ”، سمجهون ٿا ته اسان پاڪستاني مسلمان ته دنيا جي مڙني مسلمانن کان اتم آهيون پوءِ ڪم ڀلي اسان جا جڏا هجن. پر هڪ يورپي، انگريز يا آمريڪن گورو يا شيدي جڏهن مسلمان ٿئي ٿو ته هو اسلام کي چڱي طرح سمجھي مسلمان ٿئي ٿو ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻَ اسان کان وڌيڪ رهي ٿي. اسان به هڪ ملائيشيا ۾ ۽ ٻيو تعليم دوران سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي مسجدن ۾ اتي جي نو مسلم گورن جا ليڪچر ٻڌي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي.
    سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ نو مسلم گوري کي پاڪستان ڏسڻ جو شوق ٿيو جيئن هو مسلمان کي آئيڊل حالت ۾ ڏسي سگهي. ظاهر آهي هن جي دماغ ۾ اهائي ڳالهه هئي يا ٻڌندو رهيو ٿي ته هي ملڪ نج اسلامي آهي. واپس ورڻ تي مون کانئس سندس Views پڇيا. مون کي پڪ هئي ته هن کي اسان وٽ اسلام Ideal حالت ۾ نظر آيو هوندو پر مونکي حيرت ٿي جڏهن هن ملڻ شرط مونکي چيو ته “الطاف! هي ڇا چڪر آهي؟”
    “ڇا مطلب!” مون حيرت مان پڇيو.
    “ڏس نه! آئون جڏهن عيسائي هوس ته مون لاءِ ٽي خُدا هئا: هولي فادر هولي سن ۽ هولي گھوسٽ. مون ان کي ڇڏي توحيد اختيار ڪئي يعني اسلام اهو ٿو ٻڌائي ته هن ڪائنات جو مالڪ هڪ الله آهي. هو ئي ڏئي ٿو هوئي بخشڻهار آهي ۽ هن کان ئي دل جو مرادون گهرجن. پر توهان ڪهڙا مسلمان آهيو جو توهان کڻي هر ڪنهن کي داتا، غريب نواز، گنج بخش ۽ مشڪل ڪشا بنايو آهي. فقط ڪراچي ساحل تي ڇهه ست داتا ڏٺم جن کي ماڻهو پوڄي رهيا هئا ۽ کانئن دل جو مرادون گهري رهيا هئا. ڇا اهو شرڪ ناهي ۽ ڇا مسلمانن کي اها خبر ناهي ته اسلام ۾شرڪ جو ڏوهه بخشش نٿو ٿي سگهي!؟
    بهرحال ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان اسلامي نقطي نگاهه کان غلط ڪريون ٿا پر پنهنجي پر ۾ اسان اهوئي سمجھون ٿا ته اسان صحيح ٿا ڪريون، ڇو جو پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي اردگرد پاڻ جهڙن ٻين کي به ائين ڪندو ڏسي سمجھون ٿا ته سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ جي شروعاتي ڏينهن جي هڪ ٻي غلطي ياد ايندي اٿم ته ڏاڍي شرمساري محسوس ڪندو آهيان.
    ملائيشيا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ کان اڳ 15 سال کن سمنڊ تي جهاز هلائيندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي وندر انڊين فلمون هيون. بيروت، طرابلس کان ممباسا، زئنزبار ۽ ڪولمبو رنگون کان پينانگ سنگاپور جي سئنيما هالن ۾ انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ اسان جي ڪئبنن ۾ تن ڏينهن جي مشهور فلم ائڪٽريسن: وحيدا رحمان، آشا پاريک، ساڌنا جهڙين جون تصويرون هونديون هيون. پوءِ 1980ع ڌاري راجيش کنا جي زال ڊمپل ڪپاڊيا، سري ديوي، جيا پراڌا وغيره هيون. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري لاءِ اچڻ وقت آئون سنگاپور ۾ ٻه ڏينهن کن رهي پوءِ ملاڪا پهتس. سنگاپور ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي مونکي فلم ائڪٽريس ريکا جو هڪ وڏو پوسٽر مليو جيڪو ملاڪا پهچي گهر جي ڪچن ۾، دريءَ جي سامهون واري ڀت تي هڻي ڇڏيم، جنهن کي ٻاهران لنگھندڙ هر هڪ ڏسي سگهيو ٿي. مون به ڄاڻي واڻي اتي هنيو هو ته جيئن هي پوسٽر ٻيا ڏسي داد ڏين. ڇو ته ايڏي وڏي تصوير ۽ اهڙي سٺي ۽ ٿلهي آرٽ پيپر تي مون دنيا جي ڪنهن به شهر ۾ ڪنهنجي گهر يا دڪان تي نه ڏٺي هئي.
    بهرحال منهنجي ملئي پاڙيسرين داد ته نه ڏنو پر حيرت ضرور کاڌي ... ۽ اها حيرت ان ڳالهه تي ته “هي پاڪستان جا ڪهڙا مسلمان آهن!” ڇو جو ٻن ٽن هفتن ۾ مونکي خبر پئجي وئي ته ملئي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ فقط گلن جون تصويرن هڻن ٿا. ملئي ڳوٺن ۾ نه توهان کي ڪتو نظر ايندو نه گهر ۾ ڪنهن ساهواري جي تصوير هوندي. اڄ ڪلهه اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا...... انهن لاءِ يا جيڪي وڃڻ وارا آهن انهن لاءِ ضروري سمجھيم ته هي لکان جيئن هو خيال رکن. ان لاءِ هو هميشه هيءَ حديث ٻڌائيندا آهن، ته: ابوهريرهه رضه کان روايت آهي ته الله جي رسول (صلعم) فرمايو ته : فرشتا ان گهر ۾ داخل نٿا ٿين جتي بت ۽ تصويرون رکيل آهن”. مسلم 1364
    هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي وئي. اسين پاڪستاني مسلمان ڳالهه ڳالهه تي چونداسين: “لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ”.
    هڪ ڏينهن منهنجي ملئي دوست مونکي چيو ته “مسٽر الطاف! هي ڇا آهي. فقط لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ جي ته معنا آهي “ڪا قوة ناهي بچائڻ واري”. فقط ايترو چوڻ ڪفر آهي. پاڻ کي پوري آيت: “ لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ اِلَّا بِااللهِ الۡعَلِيّ الۡعَظِيۡمِ” پڙهڻ کپي جنهن جي معنيٰ ٿي “ڪا قوة ناهي بچائڻ واري، سواءِ الله جي، جيڪو عظيم تر آهي.”


    ٽوئرزم مان ملڪ امير ٿي ويا

    ٽوئرزم به هڪ وڏي انڊسٽري چئي سگهجي ٿي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ، برمودا، بهاما جهڙا ٻيٽ ۽ ملڪ به ٽوئرزم ڪري امير ٿي ويا. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن وٽ قدرتي دولت ڇا گهٽ آهي؟ سال ۾ ٻه دفعا فصل ڏيڻ واريون ٻنيون، مفت جو پاڻي..... ٻارهوئي پيو مينهن وسي، پيٽرول ۽ گئس، پام آئل، بي انتها ناريل جنهن مان کوپري جي تيل کان وٺي مرسيڊيز ڪارن جون سيٽون ٺهن ٿيون، فروٽ ايترو جو ايڪسپورٽ ڪندا وتن، ان کان علاوه سون ۽ قلعي (tin) ايتري جو ختم ئي نٿي ٿئي، پر ان هوندي به هنن کي اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته اسانجي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن....... گهمڻ لاءِ ماڻهو اچن ته ڪمائي ٿئي. ڪمائي ان ڪري ٿئي ٿي جو گهمڻ لاءِ جيڪو اچي ٿو اهو وڏي دل ڪري خرچ ڪري ٿو، هوٽلن ۾ رهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ بسين، ٽئڪسن ۽ ريلن ۾ چڙهي ٿو. مزور ڪُوليءَ کان وٺي هوٽل جو مالڪ ڪمائي ٿو. ان جو احوال توهان انهن وڏيرن پيرن کان پڇي سگهو ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن ميلو هڻائڻ سان ڪيڏو ڪمائي وٺن ٿا! ۽ سوچيو جن ملڪن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رهي ٿو اهي ڪيڏو ڪمائيندا هوندا.
    هڪ اهڙو وقت هو جو ملائيشيا جي حڪومت دنيا جي ر سالن ۾ اشتهار ڏيندي رهي ته ملائيشيا گهمڻ لاءِ اچو. آئون جنهن رياست ملاڪا (انگريزي نالو Malacca ۽ مڪاني نالو Melaka ) ۾ رهندو هوس، ان جو وزير اعليٰ ۽ گورنر منهنجا سٺا ۽ پراڻا دوستَ هُئا. هو هر وقت اها ڳالهه کڻي وهندا هئا ته اسان پنهنجي رياست ملاڪا ۾ ڪيئن ڪشش پيدا ڪريون جو دنيا جا ماڻهو اسان وٽ گهمڻ لاءِ اچن. هيءَ گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهي جي ڳالهه آهي. آئون کلي چوندو هوسان ته يارو ڳالهه ٻُڌو: سڄي ملاڪا رياست ۾ اسان ڪل 19 فارينر رهون ٿا جن جا 30 کن ٻار ملاڪا جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ آهن. هاڻ هتي رهندڙ اسان ڌارين به ڪڏهن ملاڪا گهمڻ جو شوق نه ڪيو ته ٻيا هلي ملي هتي ڇا ڏسڻ ايندا؟
    پر پوءِ مون ڏٺو ته هن رياست جا سڀ واسطيدار عملدار ان ڪم کي عملي جامو پهرائڻ ۾ لڳا رهيا. هنن پنهنجي ملڪ کي سنگاپور وانگر Tourist Spot ٺاهڻ ٿي چاهيو. سٺ جي ڏهي تائين سنگاپور ۾ به ڪير نه پئي آيو. اسانجو جهاز سنگاپور پهچندو هو ته ڏينهن جو به اڪيلو نه ڇڏيندا هئا. ايڏي بدامني هُئي. دنيا جي هر بُرائي سنگاپور ۾ موجود هئي. پوءِ نئين آيل وزير اعظم لي ڪُئان يوءَ پهريون ڪم اهو ڪيو جو قانون جي سختي ڪئي ۽ امن امان قائم ڪيو. بهرحال ملائيشيا ۾ امن امان جي حالت ته بهتر هئي ملاڪا ۾ يڪدم ٻه کن فائيو اسٽار هوٽلون ٺهي ويون. رهڻ وارو ڪو به نه هر هفتي روٽري ڪلب جون ميٽنگون ٿينديون هيون يا چيف منسٽر اسان دوستن کي دعوت ڪندو هو. “ٽوئرسٽ لڀن ڪونه زوز سندن رهائش تي” مون کلي هڪ ڏينهن چيو هئومانس.
    “يار ڪجهه سوچيو ته ٽوئرزم ڪيئن وڌائجي” چيف منسٽر چوندو رهيو ٿي.
    پر پوءِ مون ڏٺو ته هر سال ٽوئرسٽ وڌندا ويا ۽ هاڻ.... يعني اڄ 28 سالن بعد ڏسان ٿو ته ملاڪا شهر جي گهٽي گهٽي ۾ دنيا جي ملڪن جي ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان لڳي پئي آهي.ملاڪا حڪومت هي ڪرتب ڪيئن ڪيو؟! ملائيشيا گهڻ قومي ۽ گهڻ مذهبي ملڪ آهي. ملاڪا حڪومت شهر جا سڀ مندر، مسجدون، گوردوارا، گرجا گهرَ، جين ڌرم وارن جا ٽيمپل ۽ ٻڌن جا پگوڊا... مطلب ته هر عبادت گهر کي هنن مرمت ڪري خوبصورت بنايو جيئن هر مذهب جا ماڻهو اچي ڏسن ۽ انهن اڳيان فوٽو ڪڍرائين.
    شهر ۾ هڪ پورچوگالين جي ڏينهن جو قلعو هو... قلعو ڇا هو، ٻه کن عمارتون ۽ ٿوري ڀت هئي ان کي رنگ روغن ڪري ايڏي اشتهاري بازي ڪيائون جو هر هڪ چوڻ لڳو ته اهو ته ڏسڻ ئي ڏسڻ کپي. سچي ڳالهه اها آهي ته حيدرآباد وارو قلعو ته الائي ڇا آهي پر آهي ڪو ٽوئرسٽ؟ بهرحال ملاڪا حڪومت ٽي چار نيون شيون به ٺاهيون: هڪ ته چڙيا گهر....بيحد صاف سٿرو ۽ صحتمند جانورن ۽ پکين وارو جنهن ۾ گهمندي مزو اچيو وڃي. هڪ “مِني ملائيشيا” ٺاهيائون جنهن ۾ ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست جو حصو رکيو ويو. هر هڪ رياسيت جو ان نموني جو گهر، ماڻهو ۽ انهن جا ويسَ وڳا وغيره. ڪيترا ٽوئرسٽ ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست ۾ وڃڻ بدران هتي ملاڪا ۾ اچي مِني ملائيشيا ڏسڻ لڳا.
    ملاڪا جي حڪومت ٽوئرسٽن جي کاڌي پيتي لاءِ نه فقط مڪاني هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جي همت افزائي ڪئي پر ڌارين ملڪن جي فاسٽ فوڊ جهڙوڪ KFC مڪڊونالڊ وغيره کي کولڻ ڏنو ۽ انهن جي حفاظت جو به ذمو کنيو. ملڪ ۾ کڻي ڇا به ٿي وڃي پر مجال آهي جو ڌارين ملڪن جي انهن ريسٽورينٽن يا سپر مارڪيٽن تي ڪو حملو ڪري يا هڪ پٿر به هڻي. شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ بسين ۽ ٽئڪسين کان علاوه پراڻي زماني جون سائيڪل رڪشائون به رکيون ويون جن کي ماڻهو هلائين ٿا. هنن رڪشائن کي گلن سان سينگاريو وڃي ٿو ۽ هر ٽوئرسٽ، ملاڪا ۾ اچي هنن رڪشائن ۾ ضرور وهي ٿو ۽ هڪ عدد فوٽو ڪڍرائي ٿو. شهر ۾ ڪيترن هنڌن تي پارڪ ٺاهيا ويا آهن جيئن ٽوئرسٽ شهر ۾ گهمندي ڦرندي ٿڪجي پون ته ساهي پٽي سگهن. پارڪن، بس اسٽاپن ۽ شاپنگ سينٽرن وٽ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار Toilets ٺهرايا ويا. هڪ شهر کان ٻئي ڏي وڃڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ بس سروس رکي وئي جيئن جنهن کي جنهن وقت وڻي اهو ان وقت روانو ٿي وڃي. انڊيا ۾ به اهوئي سسٽم آهي. ڏينهن رات ٽوئرسٽ پيا گهمن! مجال آهي جو ڪنهن جي چوري ٿئي يا اغوا جو ڪيس درپيش اچي! امن امان ۽ انصاف بعد جيڪا ٽوئرسٽن لاءِ اهم شيءِ آهي اها کاڌو پيتو آهي. سعودي عرب توڙي ايران يا هيڏانهن ملائيشيا ۾ ان تي تمام ڪڙي نظر رکي وڃي ٿي. ڪو ڌاٻي وارو، ڪو گاڏي وارو هجي يا وڏي هوٽل وارو، مجال آهي جو کاڌي ۾ ملاوٽ ڪري يا پاروٿو کاڌو رکي. ڇو جو ڪو به توئرسٽ اهو نٿو چاهي ته پرديس ۾ وڃي بيمار ٿيان. ان ڳالهه تي انڊيا وارا اڃان مڪمل طرح ڪنٽرول ڪري نه سگهيا آهن. هونءَ ڪوشش ڏاڍي ڪن پيا ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي نصيب ٿي اٿن ۽ ٽوئرسٽن جو تعداد به وڃي پيو وڌندو. ايتريقدر جو انڊيا وارن به جپان سنگاپور، ملائيشيا ۽ ايران وانگر بسين ۽ ٽرينن جي آمدرفت کي وقت جو پابند بنائي ورتو آهي. اسان وٽ ته ان معاملي ۾ ترقي بدران تباهي ٿي رهي آهي. بسون ته پري جي ڳالهه آهن. ريل گاڏيون به نه صحيح ٽائيم تي هلن ٿيون ۽ نه صحيح ٽائيم تي پهچن ٿيون ڪي ته اڌ تي پهچيو بيهيو رهن جيسين ڪراچي يا روهڙي کان ڊيزل اچي.
    اسان جي ملڪ ۾ تاريخي جايون: موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي کان ٺٽو ۽ ڀنڀور جهڙيون ڪيتريون ئي آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ اچي سگهن ٿا پر ڪٿي آهي امن امان، صحيح رهائش ۽ صاف سٿرين هوٽلن جهڙيون بنيادي شيون؟!
    هونءَ ڏٺو وڃي ته هر ٽوئرسٽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪجهه ڏينهن سڪون ۽ آرام لاءِ وڃي ٿو. ٻه ٽي سال اڳ تائين اسانجي ملڪ جا ماڻهو، ٻارن جي موڪلن ۾ کين اتراهن علائقن: ڪوهه مري، گلگت، شاهه ملوڪ وغيره وٺي ويا ٿي. هاڻ دهشتگردي ڪري ڪو به اوڏانهن جو رخ نٿو ڪري. ڪراچي جهڙي شهر جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ سنڌ جي ٻين ضلعن کان وري به ٿر ڏي سڪون آهي ته ڏسو ته ڪراچي جا ماڻهو ڏينهن ٻن لاءِ به مٺي، عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي جو رخ ٿا رکن. ڪاش سڄي ملڪ ۾ بهتر امن امان ٿي وڃي ته اسان ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي گهمڻ ڦرڻ جون جايون جام آهن... پراڻيون تاريخي عمارتون آهن، باغ باغيچا آهن، جبل ۽ ماٿريون آهن، رڻ پٽ ۽ قديمي غارون آهن، درياهه ۽ نديون آهن، آبشار ۽ چشما آهن، ڪوهه مري، ايوبيه ۽ گورک هل جهڙيون Hill Stations تفريحي جايون آهن جتي جون ۽ جولاءِ ۾ به سيءُ رهي ٿو.


    سياستدانن جا چرچائي بيانَ

    ڌارئين زبان سکڻ تمام سٺي ڳالهه آهي. اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسانکي ٽي زبانون ته اچن ئي اچن ٿيون. پنهنجي مادري زبان (سنڌيءَ) کان علاوه اڙدو ۽ انگريزي پڻ. ڪيترن کي ته پنجابي به اچي ٿي. اسان جي صدر آصف زرداريءَ کي ننڍي هوندي ته پنجابي ڪانه ايندي هئي شايد جيل ۾ سکي ويو جنهن مان کيس اهو فائدو ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ هو جڏهن هنن جي زبان ۾ تقرير ڪري ٿو ته ماڻهو خوش ٿين ٿا. منهنجو والد (مرحوم گل محمد شيخ) هميشه مونکي ڌارئين زبان سکڻ لاءِ چوندو هو ته “هر زبان ته نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ملڪ جنهن ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ جو پروگرام رٿين، ان جي زبان ضرور سک”
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ملڪ جي زبان ڄاڻڻ سان اتي جا مڪاني ماڻهو وڌيڪَ عزتَ ۽ خيالُ ڪن ٿا ۽ پرديسَ ۾ زندگي گذارڻ آسان ٿيو پوي. توهان کي هو پنهنجين غمين خوشين ۾ شامل ڪن ٿا. خاص ڪري هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مونکي وڏو فائدو رسي ٿو جو مڪاني ماڻهو، پنهنجيون ڪيتريون ئي ڳالهيون، مسئلا، سوچون، عقيدا ۽ خوف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي مونسان Share ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو مون جپان ۽ ملائيشيا تي گهڻا ڪتابَ لکيا آهن. جهاز هلائڻ دوران پنهنجن جونئرن کي ۽ ڪناري جي نوڪري ۾ پنهنجن شاگردن کي آئون به اهوئي چوندو رهيو آهيان ته وڌيڪ زبانون سکو...... خاص ڪري اهي زبانون جيڪي گهڻن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. سوڊاني يا مصري ماڻهو اسان پاڪستانين کان ڪي وڌيڪَ قابل نه آهن پر عربي زبان جي ڄاڻ ڪري هنن کي هر عرب ملڪ ۾ آسانيءَ سان نوڪري مليو وڃي. اسان مسلمانن لاءِ ته عربي زبانَ تمام گهڻي اهميتَ رکي ٿي ۽ ڳالهائي به تمام گهڻن ملڪن ۾ وڃي ٿي. ملئي زبانَ ادبي خيالَ کان ايتري امير ناهي پر ملائيشيا کان علاوه انڊونيشيا، سنگاپور، برونائي، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ فلپين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهڙي طرح اهي جهازران جيڪي وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا ڏي جهاز هلائين ٿا انهن کي کپي ته هسپانوي (Spanish) زبانَ سکن جو وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي سڀني ملڪن ۾ هسپانوي ڳالهائي وڃي ٿي، ويندي USA جي ڏاکڻين رياستن: ٽيڪساز، نيوارلينس وغيره ۾ پڻ. آفريڪا ۾ انگريزي بعد فرينچ هلي ٿي. ڏور اوڀر پاسي جپاني ڄاڻڻ واري کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جپاني ڳالهائڻ ۾ سولي ۽ سرائڪيءَ وانگر سريلي آهي. ڪيترا ماڻهو جپاني لکڻي مان اهو سمجھن ٿا ته اها ڳالهائڻ ۾ چيني زبانَ وانگر آهي. پر ائين ناهي. جتي جپاني زبان ۾ هر لفظ ڪا شڪل (کانجي)آهي اتي اسان جهڙن ڌارين جي سهولت لاءِ آوازن واري ڪاٽاڪانا ۽ هراگانا لکڻيون پڻ آهن. جپاني ڳالهائڻ ۾ ان ڪري سولي آهي جو جپانيءَ جي هر لفظ ۾ڪانسوننٽ پويان Vowel آهي. توهان جپاني زبانَ جي ڪو به لفظ کڻي ڏسو توهانکي هر ڪانسوننٽ پويان Vowel نظر ايندو. مثال طور سوزوڪي، ياشيڪا يا سانيو ڏسو ته اهو Vowels سان ڀريو پيو آهي. ان ڪري جپاني لفظ اُچارڻ سولا آهن.
    هڪ ٻي ڳالهه جوبه اظهار ڪندس ته ڪا به زبان سکو ته اها چڱيءَ طرح سکو ۽ ڪا به شيءِ بنا محنت جي حاصل نٿي ٿئي. پاڪستان ۾ ۽ هر ملڪ ۾ ڌارين زبانن سکڻ جا ٽيوشن سينٽر آهن جن مان مون ڏٺو آهي ته ڪيترا شاگرد ٻن هفتن يا مهيني جو ڪورس ڪري مليل سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ڏيکاري پيا خوش ٿيندا ته اسان جرمن، فرينچ يا عربي سکي آهي. آئون اهو چوندس ته انهن ڪاغذن جي ڪا Value ناهي. ڪم جي شيءِ اها آهي ته توهان سکيل زبان ڦر ڦر (Fluently) ڳالهائي به سگهو ٿا يا نه؟ ڪيترا مون اهڙا شاگرد ڏٺا جيڪي عربي زبان ۾ M.A ڪرڻ بعد به ڪنهن عرب جي ٻن جملن کي نٿا سمجيو سگهن! اوساڪا يونيورسٽي جي سنڌيءَ جي پروفيسر ڪينساڪو ماميا کي شابس ڏيندو آهيان جيڪو جپاني شاگردن کي سنڌي پڙهائي ٿو ۽ اسان سنڌين سان به نه رڳو تڪڙو ڳالهايو وڃي پر سنڌي ۾ چرچا ڀوڳَ به ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان فقط ايم فِل ڪئي آهي.
    جهاز تي Sail ڪندڙ هڪ جونيئر کي چيم ته “سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي فلمون ٿو ڏسين. ان کان بهتر آهي ته جنهن ڊچ جهازران ڪمپني ۾ آهين انهن جي زبان کڻي سک”
    “سر! جيسين ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق نٿو ٿئي تيسين زبان سکڻ تي دل نٿي چوي.” هن جواب ڏِنو.
    “ته پوءِ هاڻ جهاز ٻه مهينا کن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ هلي بيهندو.... سنهالي سکي وٺجانءِ.” مون چيو مانس
    “نه هاڻ ٻي زبان ۽ ٻي عشق جي ضرورت ناهي. مونکي اوڏڪي زبان اچي ٿي ۽ اوڏ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ وارو آهيان.”
    اها ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي. ڪئپٽن امر چند اڄ ڪلهه نيوزيلئنڊ ۾ رهي ٿو ۽ سندس اوڏ زال مان ٽي ٻار جوان به ٿي ويا آهن.
    ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران شاگردن کي فارين زبان سکڻ جي تلقين ڪندي ڪڏهن ڪڏهن “ڪوئي ۽ ٻليءَ” جو لطيفو به ٻڌائيندو آهيان ته هڪ ٻلي اچي ڪوئي جي پٺيان لڳي. ڊوڙائي ڊوڙاني ٿڪائي رکيائينس، آخر ڪوئي ڇا ڪيو جو هڪ پيتيءَ پويان لڪي ڪتي جي آواز ۾ ڀونڪار ڪئي “ڀؤن ڀؤن ڀؤن”
    ٻلي اهو ٻڌي ڊڄي وئي ۽ پويان پير ڪري ڀڄي وئي. ڪوئو هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتو ۽ چپن تي مرڪ آڻي چيو: “واقعي ڌارئين زبان سکڻ مان فائدو آهي!”
    سو ٻئي جي زبان ضرور سکجي. آئون ان جي حق ۾ آهيان پر ان ڏينهن درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ ويٺو هوس ته ان وقت وزير اعليٰ صاحب جو ٽي وي تان اهو بيان هلي رهيو هو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ هاڻ چيني زبان به سيکاري ويندي. اهو ٻڌي اسان ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. اسان جي کلڻ جو سبب توهان شايد اهو سمجھي رهيا هجو ته اسان اهو بيان ٻڌي سوچيو هجي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگرد صحيح طرح سنڌي به نٿا پڙهن. انگريزي پڙهي اڪ ڪارا ڪيائون هاڻ وري دنيا جي ڏکي ۾ ڏکي زبان چيني سکندا. جي ها! توهان جي اها ڳالهه به صحيح آهي پر اسان کي اڄ کان چاليهه ٻائيتاليهه سالَ اڳ جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن اسان تازو جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ۽ اسانجو جهاز چين جي بلڪل ڏکڻ اوڀر واري هڪ بندرگاهه فانگچيانگانگ ۾ هو. مائو جو زمانو هو. اسان ڌارين کي گهمڻ ڦرڻ جا اجازت نه هئي سو ڪئپٽن مخدوم (جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو ۽ آئون جونئر انجنيئر) ٻنهي گڏجي اتي جي ماڻهن کان ڪجهه چيني زبان جا جملا سکيا ڇو جو اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هاڻ هر سفر ۾ اسانجو جهاز ملائيشيا، جپان ۽ ڪوريا سان گڏ چين به ويندو رهندو.
    ٻئي دفعي اسان جو جهاز چين جي ٻئي بندرگاهه شنگھائي پهتو. اتي جي ماڻهن سان اسان چيني زبان ڳالهائي ته سمجھن ئي نه! اسان جي پڇيل انگريزي جملن جا هاڻ هنن ٻيا چيني جملا ٻڌايا. اسان اهي خوب رٽيا. ٽيو دفعو اسان جو جهاز چين ۾ ضرور آيو پر بلڪل اتراهين بندرگاهه ڊاليان ۾. اتي جي ماڻهن سان جڏهن ياد ڪيل چيني جملا ڳالهاياسين ته خبر پيئي ته هو بلڪل نٿا سمجھن. نه شنگهائي وارا ياد ڪيل جملا ۽ نه فانگچينگانگ وارا! پوءِ اسانکي اتي رهندڙ يونيورسٽي جي هڪ انگريز پروفيسر ٻڌايو ته سڄي چين ۾ ڪا هڪ چيني زبان ناهي. هتي ننڍيون ننڍيون سوين زبانون آهن پر وڏيون جيڪي هڪ ڪروڙ کان به مٿي ماڻهو ڳالهائين ٿا اهي به پنجاهه کن آهن !
    ملائيشيا ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته جڏهن چار پنج چيني گڏ وهن ٿا ته هو انگريزي يا ملئي زبان ۾ ڳالهائين ٿا ڇو جو ضروري ناهي ته هنن جو چين جي ساڳئي صوبي سان تعلق هجي. چين جي هر صوبي ۽ علائقي جي مختلف چيني زبان آهي. سو اسان جي وزير اعليٰ جو بيان ٻڌي اسان کي ان تي کل آئي ته جيڪا ڳالهه اسان کي 40 سال کن اڳ سمجھه ۾ اچي وئي اها اسان جي صوبي جي سربراهه کي اڃان نه آئي آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن اردو ۽ هندي زبان سمجھڻ وارو هڪ ٻئي سان ڳالهائي ته سگهي ٿو پر هڪ ٻئي جي لکڻي پڙهي نٿو سگهي ڇو جو اڙدو ۽ هندي لکڻي جدا جدا آهي. ملائيشيا ۾ هَڪا، ٽيوچو ۽ هُڪين چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان جيڪا هڪ چيني زبان آهي اها منڊارين سڏجي ٿي. هانگ ڪانگ جي چيني زبان ڪئنٽونيز آهي (جيڪا چين جي گئانگ ڊانگ ۽ گئانگزي صوبن جي زبان آهي)، اهڙي طرح Wu نالي چيني زبان آهي، چئانگزي صوبي جي Gan نالي چيني زبان آهي جيڪا پنج ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ٻيون چيني زبانون آهن جيڪي ڳالهائڻ ۾ مختلف آهن پر سڀني جي لکت ساڳي آهي. ڇو ته چيني زبان ۾ هر لفظ شڪل آهي. اها ڳالهه ائين سمجي سگهو ٿا ته مثال طور سج جي شڪل ٺاهڻ ته هرڪو سمجھي سگهي ٿو ته اهو سج آهي پر اسان سنڌي ان شڪل کي ڏسي سج يا سڄ سڏينداسين، اڙدو ڳالهائڻ وارو سورج، سنسڪرت وارو ثوريا، انگريز ان کي ڏسي سن چوندو، عرب شمس چوندو ته ايراني آفتاب...... وغيره. پر ڳالهه اها آهي ته ڪا به چيني زبان ڳالهائڻ ئي ڏکي ڳالهه آهي لکڻ ته ٿيو بيحد مشڪل ڪم. اسانجو ماڻهو انگريزيءَ جي 26 اکرن ۽ سنڌيءَ جي 52 اکرن ۾ ئي ڦاٿو رهي ٿو تنهن ۾ آهي ايتري همت جو ٿوري گهڻي چيني پڙهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار شڪيون ياد ڪري؟ هونءَ ته چيني زبان جو ڄاڻو يا ماستر پروفيسر سڏائڻ لاءِ اٽڪل پنجاهه هزار شڪليون ياد ڪرڻ ضروري آهن.

    جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ صوبن جي حساب سان سنڌي، بلوچي، پجابي، پشتو وغيره زبانون آهن تيئن چين ۾ تيرهن کن زبانون ته ائين صوبن جي حسابَ سان آهن. جن مان گهڻي کان گهڻي منڊارين آهي جيڪا 85 ڪروڙ چيني ڳالهائين ٿا. ان بعد Wu نالي چيني زبان آهي جيڪا شنگهائي ۾ ۽ جيسانگسو صوبي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. تائيوان وارو چيانگ ڪائي شيڪ جي مادري زبان به وو (Wu) هئي. ڪئنٽونيز چيني زبان آهي جيڪا Yue يا Yueh به سڏجي ٿي ۽ ست ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح Min نالي چيني زبان آهي جيڪا پنج ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا ڪن ڪن چيني زبانن جا ڪجهه ٽرمس ۽ لفظ پاڻ ۾ ضرور ملن ٿا. پر اهو آهي ته سڀ چيني زبانون Tonal آهن يعني ساڳيو لفظ مختلف لهجي ۽ اچارڻ جي نموني سان چار پنج معنائون به رکي ٿو پوءِ ان حسابَ سان ساڳي لفظ جون لکڻ ۾ مختلف شڪليون آهن. يعني ڳالهائڻ ۾ ڪنهن لفظ جي صحيح معنيٰ جي خبر نه پوي ته ان جي شڪل ڏسي يعني لکت ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه ا سان جي زبانن ۾ جيڪي فونيٽڪس آهن مشڪل آهي. مثال جي ڳالهه سنڌي جو هڪ لفظ وَٽُ کڻو جنهن جون ڪيتريون ئي معنائون آهن جهڙوڪ ڌاڳي کي وٽ ڏيڻ، پيٽ ۾ وٽ پوڻ، تور لاءِ ساهمي ۾ وٽ وجھڻ، تبرڪ طور مهمانن کي وٽ ڏيڻ وغيره پر سڀني شين لاءِ لکڻ ۾ به هڪ ئي نموني جو لفظ آهي. ڪنهن ڪنهن زبان ۾ لکڻ ۾ ٿورو فرق رکيو ويو آهي جيئن انگريزي جو لفظ ناٽ آهي جيڪو Not، Naught، Knot وغيره لکيو ٿو وڃي.
    شروع جي ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ يا سنگاپور ۾ ڪا چيني فلم ڏسندا هئاسين ته ان جا sub Titles انڊين فلمن وانگر انگريزي بدران چينيءَ ۾ ئي لکيل ڏسي اسان کي حيرتَ ٿيندي هئي. مونکي ياد آهي ته سنگاپور جي State سئنيما هال ۾ مون ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه کي چيو هو: جڏهن چيني فلم آهي ته هيٺ به چينيءَ ۾ ڇو لکيل آهي؟ شايد ٻوڙن لاءِ ڇا جيڪي ٻڌي نٿا سگهن؟
    ان تي هن مونکي ٻڌايو ته فلم ٽيوچو چيني زبان ۾ آهي جيڪا فقط ٽيوچو ڳالهائڻ وارا سمجھي سگهن ٿا پر هال ۾ اڌ کان وڌيڪ منڊارين، ڪئنٽونيز، هُڪين، هَڪا، گان، دنگان (چيني مسلمانن جي زبان)، زيانگ ۽ ٻيون چيني زبانون ڳالهائڻ وارا ويٺا آهن جن جي سمجهڻ لاءِ سب ٽائٽل لکت ۾ ڏنا ويا آهن.
    بهرحال الله ڪنهن کي همت ۽ توفيق ڏئي ته هو ڀلي چين جي ڪا چيني زبان سکي. چين هڪ وڏو ملڪ آهي. اڄ ڪلهه هن جو بزنيس سڄي دنيا سان آهي، اسانجو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي پر ڪا به ڌارئين زبان سکڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي زبان ۽ انگريزي (جنهن ۾ اسانجي ملڪ جو ڪاروبار دنيا سان هلي ٿو ۽ هڪ پٽيوالي کي آفيس مان موڪل ڪرڻ لاءِ به انگريزيءَ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي) ۾ ڀڙ هجڻ ضروري آهي. ٻي ڳالهه ته توهان جو چين جي جنهن حصي يا صوبي سان واسطو هجي ـــ تعليم، نوڪري يا بزنيس جي سلسلي ۾ ته ان صوبي جي زبان سکجي. ڪئنٽونيز سکڻ بعد توهان کي ڪئنٽن يا هانگ ڪانگ ۾ ته رهڻ ۾ مزو ايندو پر پاڪستان جي اتر واري چين ڪاشغر وغيره ۾ توهان جي اها چيني ڪنهن کي به سمجھ ۾ نه ايندي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ (نومبر جي مهيني ۾) عدنان رنڌاوا جو جنگ اخبارَ ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي بيان جي سلسلي ۾ هڪ ڪالم هو. پاڻ چين ۾ سفارتڪار به ٿي رهيو آهي. بقول هن جي هن سڀ ڪم ڪار ڇڏي ٻه سالَ لڳاتار چيني سکڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ وڃي جهڙي تهڙي ڳالهائڻ سکيو ۽ هن جي چواڻي چيني زبان دنيا جي مشڪل ترين زبان آهي. هن لکيو آهي ته حڪومت سنڌ جي ان بيانَ تي حيرت ٿي ته سنڌ ۾ چيني زبان کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. پر ان سان گڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ چيني زبانَ کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ڪو کنڊ جو اگهه وڌائڻ ته ناهي جيڪو وزير اعليٰ صاحب کاٻي هٿ سان ڪري سگهي. انگريزي ته اسان پنهنجن ٻارن کي سيکاري نه سگهياسين جنهن جي سکڻ جا موقعا چيني زبان جي نسبت ايترا ته گهڻا هئا جو مقابلو ئي نٿو ڪري سگهجي.
    بهرحال ڪجهه سالن اندر چيني زبان کي اسڪولن ۾ متعارف ڪرائڻ جو حڪومت سنجيده ارادو رکي ٿي ته سوچڻو پوندو ته هزارن جي تعداد ۾ چيني سيکارڻ وارا استاد ڪٿان ايندا؟ جيڪڏهن چين هزارن جي تعداد ۾ ٽيچر به موڪلي ته انهن لاءِ بي پناهه وسائلن جي ضرورت پوندي، اهي ڪٿان ايندا؟ ڇا ان ڪم لاءِ به پاڪ چيني دوستي جو نعرو هڻي پنڻ جو ارادو آهي.


    حال ساڳيا رهيا فقيرن جا.....

    ڊاڪٽر طاهر القادري جو “لانگ مارچ” شروع ٿي پڄاڻي تي پهچي ويو. پاڻَ سان گڏ ڇا ٻوڙي ويو ڇا وهائي ويو، سندس مارچ ۽ ڌرڻي ڪري قوم ۽ ملڪ کي ڪو فائدو رسيو يا نقصان...ڪجهه خبر نٿي پوي. ٻن هفتن کان ان بابت ملڪ جي مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي لڳاتار سياستدانن، دانشورن، وزيرن ۽ مشيرن جا بحث پيا هلن... آئون پنهنجي ڳالهه ڪندس جو مونکي اهو نقصان رسيو آهي جو ويهن ڏينهن کان ڪاوش ۾ منهنجي ڪالمَ کي جڳهه نه پئي ملي. چوڌاري رڳو طاهرالقادري بابت ڪالم نظر اچن ٿا...خبر ناهي ادارتي صفحي تان طاهر القادري ڪڏهن غروب ٿيندو جو اسان کي وارو ملندو.
    علامه طاهر القادري 1951ع ۾ جھنگ شهر ۾ دين الاسلام جي عالم فريد الدين قادري جي گهر ۾ ڄائو. هن جي وڏن جو تعلق پنجاب جي سيال فئملي سان آهي. شروع جي تعليمَ جھنگ جي عيسائي اسڪول Sacred Heart School مان ورتي پوءِ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن جي والد اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي مديني پاڪ جي “مدرسة العلوم الشريعت” ۾ داخل ڪرايو. مديني ۾ هن ڪيترن عالمن وٽ تعليمَ حاصل ڪئي ان بعد پنجاب يونيورسٽيءَ مان Law ڪيو ۽ وڪالت دوران پنجاب يونيورسٽي ۾ پڙهايو. 1986ع ۾ قانون ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ساڳي وقت هو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو قانوني صلاحڪار پڻ مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامڪ ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفي ازم ۽ علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي 6000 کن ليڪچر ڏنا آهن. هن جا انهن ليڪچرن تي اڙدو، انگريزي ۽ عربي ۾ 400 کن ڪتابَ آهن.
    منهاج القُرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي جيڪا گذريل 25 سالن کان 80 ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي. ان نالي سان هو لاهور ۾ يونيورسٽي پڻ هلائي ٿو. سندس ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاگرد ۽ پوئلڳ آهن.
    طاهر القادري سان منهنجي ملاقات ٻه سالَ اڳ ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ٿي جتي هو اسانجي غريب طبيعت (پئسي ڏوڪڙ ۾ پڻ غريب) دوست غلام علي سولنگي وٽ ٽڪيل هو.. مونکي حيرت ٿي ته علامه طاهر القادري جهڙو ماڻهو جنهن جا سڄي ملائيشيا ۾ خبر ناهي ڪيترا امير ۽ وڏن عهدن وارا ملئي ماڻهو مريد آهن اهو عليءَ وٽ نه فقط سادگي واري حالت ۾ رهيو پر سڄو ڏينهن عليءَ سان گڏ سندس پراڻي ماڊل واري ننڍڙي “پروٽان ساگا” ڪار ۾ گهمندو رهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ڳالهين مان آئون به ايتري قدر متاثر ٿيس جو ڪراچي پهچي پهريون ڪم اهو ڪيم ته سندس ڪتابن مان ڪجهه، جيڪي مونکي عليءَSuggest ڪيا، اڙدو بازار مان خريد ڪري آيس.
    هتي اهو به لکندس ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي ڳالهين ۾ خلوص ۽ سچائي هجڻ ڪري اسان هن ۾ ڪشش محسوس ڪئي ٿي پر ان وقت مون اهو نٿي سمجھيو ته هن ۾ ايڏي ڪشش آهي جو ٻن سالن بعد پاڪستان جي هر طبقي جا هزارين ماڻهو هن جي تقريرن تي ڇڪجي هن جي پويان ائين هلندا جيئن پائيڊ پائيپر جي بانسري جي آواز پٺيان ڪوئا! ... پوءِ اسان ٽي وي تي ڏٺو ته اسلام آباد جي سخت ٿڌ ۾ ڪٽڪ ماڻهن جا کلئي آسمانَ هيٺان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. سرڪار ٽيهه هزار ماڻهو چوي ٿي، پاڻ ڏهه لک چوي ٿو، پر اسان جي دوست لاهور واري دانشور ۽ اديب حسن نثار جي چواڻي مطابق اڍائي لک ئي سمجھو.... پر يارو هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي...... ماڻهو کڻي ڏهه هزار هجن ته به سخت سيءَ ۾ سڄي سڄي رات رستي تي وهڻ..... سو به رڳو مرد نه پر عورتون ۽ ٻار به...... ڇا وڏي ڳالهه ناهي؟ ملائيشيا جو هڪ مفڪر، جيڪو مون سان گڏ BBC تان اسلام آباد وارو هي ڌرڻو ڏسي رهيو هو تنهن ٿڌو ساهه کڻي چيو: “ههڙي ٿڌ ۾ رستي تي رات گذارڻ وارن جا ڏک ضرور ان ٿڌ کان به وڌيڪ چُڀندڙ هوندا. هو هن شخص کي مسيحا سمجھي هن کي فالو ڪري رهيا آهن. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته جمهوري حڪومت ۾ عوام پنهنجن نمائندن مان وسواس وڃائي ويهي.
    ٻه هفتا کن اڳ آئون لاڙڪاڻي جي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويو هوس. موڪل واري ڏينهن (آچر تي) صبح جو ڳڙهي خدا بخش هليو ويس. رستي تي ڊرائيور چيو ته پاڪستان جو هي اهو ڳوٺ آهي جتي سڄي ملڪَ جا اهم ماڻهو اچن ٿا.
    “آدم شماري ڇا هوندي؟” مون پڇيو.
    “سائين ڏهه پنڌرهن هزار” ڊرائيور جواب ڏنو.
    مون دل ۾ سوچيو ته هن ڳوٺ جو هڪ هڪ ماڻهو سکيو هوندو. شهيد ڀٽو جي مزار ٻاهران ڳوٺ جي ٻارن کي ڏسي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ آئون ڪار مان ٻاهر نڪتس. سئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ به سخت سردي محسوس ٿي رهي هئي. اٺ ڏهه سالن جي عمر جي ڏهاڪو کن ڇوڪرين سان گڏ بيهي جلدي جلدي ٻه چار فوٽو ڪڍرائي روانو ٿيس. گهر پهچي جڏهن اهي فوٽو فيس بوڪَ تي لوڊ ڪيم ته اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. نياڻيون ٻار ههڙي سيءَ ۾ بنا گرم ڪپڙن جي هيون ۽ تقريباً سڀ پيرين اگهاڙيون هيون! اڄ جي دؤر ۾ دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي جتي جو هي حال هجي..... خاص ڪري اهو ملڪ _ جيڪو نيوڪليئر پاور هجي. اسان جو ملڪ ائٽم بم ٺاهڻ جي طاقت رکي ٿو پر ماڻهن جو ڇا حال آهي....... ڪنهن شاعر خوب چيو آهي.
    هين وهي حال هم فقيرون ڪي
    دن پهري هين فقط وزيرون ڪي
    هر بلاول هي ديس ڪا مقروض
    پاؤن ننگي هين بي نظيرون ڪي

    ۽ پوءِ جڏهن ملڪ جو اهو حال هجي ته ڪو به پنهنجو پرايو عوام کي لوڙهي سگهي ٿو..... پنهنجي طلسم ۾ منڊي سگهي ٿو. طاهر القادري ڇا ٿو ڪرڻ چاهي، هن جي پٺيان ڪير آهي.... ماڻهو اڃان تائين رڳو ڌڪا پيا هڻن.... تقرير ڪرڻ جو ته هو ماهر آهي، خلق خدا اهو ئي سوچڻ تي مجبور ٿيندي رهي ته لانگ مارچ ۽ ڌرڻي بعد اجھو ٿيون هن ملڪ مان کير جون نديون وهن، اجهو ٿو مهانگائيءَ جو ڀوت بوتل ۾ بند ٿئي، اجهو ٿو هر هڪ کي روزگار ملي.... پر في الحال ٿيو ڪجهه ناهي...

    کيسي انوکهي داستان سب ڪو سنا گيا
    ايک شخص ساري شهر ڪو مامون بنا گيا

    ڊاڪٽر طاهر القادري کي ڪي ماڻهو مداري سمجھندا رهيا ته ڪي مسيحا، جيڪو اسلام آباد جي سخت سيءَ ۾ ٿڙڪندڙ مائرن، ٻارن ۽ پوڙهن کي به اميد جي سهاري سوگهو جھليو ويٺو هو. پاڻ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ڪنٽينر ۾ محفوظ هو جيڪو هر خيال کان سيون اسٽار سڏيو وڃي ٿو جنهن جو هيٽنگ سسٽم به ايڏو اعليٰ هو جو هڪ دفعو تقرير دوران ڊاڪٽر صاحب کي رڙ ڪرڻي پئي ته “ڪنٽينر جو دروازو ته کولي ڇڏيو مونکي گرمي ٿي لڳي.” ان وقت مونکي ائين لڳو ته فرانس جي انقلاب وارو حال ٿيندو جنهن ۾ راڻي صاحبه جي اهو چوڻ تي “ماڻهن کي کائڻ لاءِ ماني ناهي ته ڪيڪ ڇونه ٿا کائين” بکايل ماڻهن بغاوت ڪري ڇڏي....... اسان سمجھيو ته سخت سيءَ ۾ ڏڪندڙ عوام مشتعل ٿي پنهنجي امامِ انقلاب کي ڪنٽينر مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي اهو چوندو ته “جيڪڏهن هي جمهوري جهاد آهي ته تون به اسان سان گڏ ٻاهر ٿڌ ۾ اچي بيهه.” پر سڄو ميڙ تاڙيون وڄائيندو رهيو. آخر ۾ طاهر قادري طرفان عوام کي ته ڪجهه نصيب ٿيندو نظر نه آيو پر ڊاڪٽر صاحب جي شهرت بلندين تي پهچي وئي جنهن کي توهان ڀلي کڻي سستي شهرت جو نالو ڏيو. هو پاڻ کڻي سياستدان نه سڏائي پر اهو ئي ته ڪجهه سياستدان ڪن ٿا. بقول شيخ اياز جي:

    “ڪارڪن انهن ڪاٺين وانگر ٿين ٿا جن کي
    ٻاري سياستدان پنهنجا هٿ سيڪين ٿا”

    ڊاڪٽر طاهر القادري جي ان خيال کي به حيرت سان ڏٺو وڃي ٿو ته هن اچڻ سان حڪومت کي يزيد سڏيو ۽ بار بار امام حسين جا حوالا پئي ڏنا. ڇا امام حسين يزيد سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ائين معاهدو ڪيو هئائين جيئن هن ڪيو؟ اسانجي چرچائي دوست شوڪت جماڻيءَ هن سڄي ڊرامي کي انڊين فلم سان تشبيهه ڏني آهي جنهن ۾ شروع ۾ نفرت جو اظهار هوندو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ هيرو ۽ هيروئن ملي ويندا آهن. هن جي چواڻي:

    Long march was like an Indian love story: there were songs… The hero and heroine hated each other… Then it rained and they fell in love.

    ٽي وي تي ڏسندا رهياسين ته ڊاڪٽر طاهر القادري آخر تائين پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ڪيترن ته اهو به چيو ته هو ڪڏهن ڪجهه ٿو چوي ته ڪڏهن ڪجهه........ لڳي ٿو چريو ٿي پيو آهي. ايتري قدر جو اسان جي دوست شاعر هدايت بلوچ پنهنجو شعر گهڙي اسانکي SMS ڪيو ته:
    منهنجي دل به چري ٿي پئي آ
    صفا طاهر القادري ٿي پئي آ...

    قادري صاحب جي جيڪا ڳالهه ماڻهن کي کٽڪي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي هن کي ڪمزور بڻائي اها آهي سندس ڪئناڊا جي شهريت... جنهن ۾ هن انگلنڊ جا ملڪا (راڻيءَ) سان وفاداريءَ جو قسم کنيو آهي .... جيڪا ڪئناڊا جي به هيڊ مڃي وڃي ٿي. بقول اسانجي دوست ڪئپٽن زيديءَ جي:
    قادري بدنام هوا، ملڪا تيري لئي
    ماڻهن کي اهوئي مونجهارو ۽ ڳڻتي آهي ته هي به ذوالفقار مرزا وانگر ماڻهن ۾ ڇيرو وجهي پاڻ غائب نه ٿي وڃي. چي:

    تم تو ٺهري پرديسي، ساٿ ڪيا نبهائوگي،
    صبح پهلي فلائيٽ سي Canada بهاگ جائوگي.

    مردن، عورتن، ٻارن کي ٽي ڏينهن ٽي راتيون اسلام آباد جي سرديءَ ۾ وهارڻ تي حڪومت تي سخت دٻاءُ پيو ۽ ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لاءِ حڪومت پنهنجا اهم وزير موڪليا. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ٿيو. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن خوشيءَ مان جھمريون هنيون ۽ هر ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. ڇا واقعي عوام لاءِ ڪو فائدو ٿيو؟ اڄ هفتو ٿي ويو آهي.... ٽي وي جو ڪو به چئنل کڻي کول ته گهڻي ڀاڱي اهو ئي پيو ٻڌجي ته طاهر القادريءَ ڪجهه نه ڪيو..... ماڻهن کي چڪر ڏئي ويو..... اسان جهڙن غير سياسي ماڻهن کي ته ڪجهه سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڳالهه ڇا آهي ۽ ان جي پٺيان حقيقت ڇا آهي..... هڪ پاڻ جهڙي همراهه کان پڇڻ تي جواب ۾ هن هڪ لطيفو SMS ڪيو آهي......
    هڪ چيتو چرس ٺاهي رهيو هو. اوچتو هڪ ڪوئو ڀڄندو آيو ۽ چيائينس: “ڇو زندگي برباد ڪرين ٿو. ڏس ڪيترو ته خوبصورت جنگل آهي. مون سان گڏ اچ ته جنگل جو چڪر ڏياري اچئين.”
    چيتو هن سان گڏ گهمڻ لاءِ هليو. اڳيان هليا ته هڪ هاٿي شراب پي رهيو هو. ڪوئي هن کي به چيو: “ڇو زندگي برباد ڪرين ٿو؟”
    هاٿي به هن سان گڏ هلڻ لڳو....
    ٿورو اڳيان هليا ته هڪ ڀولڙو هيروئن پي رهيو هو. ڪوئي وري ساڳي ڳالهه شروع ڪئي. ڀولڙو پهريون جملو ئي ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ ڪوئي کي ڀري ٿڦڙ هنئي....
    چيتي ۽ هاٿيءَ حيرت مان ڀولڙي کان ان جو سبب پڇيو. ڀولڙي ڪوئي کي بجو ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن کان ڪميڻو ڀنگ پي مونکي ٽي ٽي ڪلاڪ رلائيندو رهيو.....

    خواهشون ڪي قافلي بهي ڪتني عجيب هوتي هين غالب
    اڪثر وهان سي گذرتي هين جهان راسته نهين هوتا


    اتر يورپ جوسيارو ۽ اونهارو

    هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا ۾ ڪي ملڪ ۽ قومون پنهنجي مذهب مطابق سج يعني Solar ڪئلينڊر کي فالو ڪن ٿيون ته ڪي چنڊ يعني Lunar ڪئلينڊر کي فالو ڪن. جيسيتائين گرمي ۽ سردي جي ڏينهن جون موڪلون آهن يا فصل پوکڻ لُڻَڻ جون تاريخون آهن اسان مسلمان شمسي Solar ڪئلينڊر مطابق هلون ٿا باقي مذهبي ڳالهين حج، رمضان وغيره لاءِ اسان قمري (Lunar) ڪئلينڊر کي فالو ڪريون ٿا جنهن جا سالَ ۾ 15 ڏينهن گهٽ ٿين ٿا.
    شمسي ڪئلينڊر سان ڪرسمس ڊي جهڙيون تقريبون هر سال ساڳئي موسم ۾ اچن ٿيون. پر اها سٺي ڳالهه آهي ته رمضان وغيره قمري سال مطابق ٿئي ٿو نه ته مثال طور رمضان هر سال نومبر ۾ ٿئي ها ته اسان وٽ پاڪستان ۾ يا اڃان مٿي اتر ۾ روس، ترڪي، پولنڊ، جرمني جي رهاڪن لاءِ روزا هميشه ٿڌا ۽ ننڍا (5، 6 ڪلاڪن جا) هجن ها ۽ ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن موزمبق، رهوڍيشيا، ارجنٽائين، آسٽريليا وغيره ۾ هميشه گرم ۽ گهڻن ڪلاڪن (15 کان 20 ڪلاڪن) وارا هجن ها.
    اسان وٽ اونهاري ۽ سياري ۾ ڏينهن رات جو ڪو وڏو فرق نٿو ٿئي. مثال طور جون جولاءِ ۾ وڌ ۾ وڌ 14 ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو. پڙهندڙن جي Idea لاءِ هتي هڪ مهيني “جون” جي 23 تاريخ تي ڪجهه اتر قطب کي ويجھو ملڪن ۾ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جا وقت لکان ٿو:
    ناروي ـــ سج جو اڀرڻ صبح جا 4 ۽ لهڻ رات جا 11 يعني 19 ڪلاڪ سج رهي ٿو ۽ سج لهڻ کانپوءِ به ڪلاڪ ٻه روشني رهي ٿي. يعني رات واري اونداهه فقط 3 ڪلاڪَ مس ٿئي ٿي.
    الاسڪا (آمريڪا) ۾ ساڍي چئين بجي صبح جو سج اڀري ٿو ۽ 12 بجي اڌ رات جو لهي ٿو. يعني سج لهڻ کانپوءِ رهندڙ روشني کي ملائي تقريباً 21 ڪلاڪ ڏينهن رهي ٿو باقي 3 ڪلاڪ کن رات واري اونداهه.
    آئيس لينڊ ٻيٽ اڃا گهڻو اتر ۾ آهي. اتي اونهاري ۾ يعني هن جون جي مهيني ۾ سج صبح جو 3 بجي اڀري ٿو ۽ 21 ڪلاڪن بعد 12 بجي آڌي رات جو لهي ٿو جنهن بعد ڪلاڪ ٻه روشني رهي ٿي يعني هتي 23 ڪلاڪ کن ڏينهن لڳو پيو آهي باقي ڪلاڪ کن اونداهه مس آهي.
    اهڙن ملڪن ۾، جيئن آئون پڙهائي دوران سئيڊن ۾ رهندو هوس يا نوڪري دوران ناروي ۽ فنئلنڊ جهاز وٺي ويندو هوس، ماڻهو اسان وانگر اونداهه ٿيڻ تي نه سمهن نه سج اڀرڻ تي اٿن. هو گهڙيال جي سُين مطابق سمهن ۽ اٿن ـــ ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلئنـڊ پاسي توهان کي گهرن جي درين تي ٻه ٻه پڙدا نظر ايندا. هڪڙا سنهڙا سونهن لاءِ ٻيا انهن جي پٺيان ٿلها تکي رنگ جا. اونهاري ۾ ڏهين بجي رات جو پڙدا ڏئي ڪمري ۾ اونداهه ڪري سمهڻو پوندو آهي ڇو جو ٻاهر سج چمڪندو رهي ٿو. بنا پڙدن جي رات وارا ڇهه اٺ ڪلاڪ سمهڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي جو ان دوران سج آڌي رات جو ٻارهين بجي ڌاري لهي وري ٽن ڪلاڪن بعد اڀريو وڃي ٿو.
    مونکي سئيڊن ۾ رهڻ جي پهرين رات ٿي ياد اچي. مئي يا جون جو مهينو هو يعني ڏينهن وڏا هئا ۽ راتيون مختصر. مون وٽ ان رات نه واچ هئي نه گهڙيال. سمهڻ مهل مونکي اهو ڌيان ۾ نه آيو ته دريءَ جا پڙدا ڏئي سمهڻ کپي. ڪراچيءَ کان سفر ڪري پهتو هوس ۽ سخت ٿڪل هوس. سو ڏهين بجي ڌاري سج جي روشني ۾ ئي گهاٽي ننڊ اچي وئي. ڪجهه ڪلاڪن بعد اک کلي ته مون واري پاسي کان سج مٿي چڙهي آيو هو ۽ سڄو ڪمرو اس ٿي ويو هو. ان وقت جيتوڻيڪ اڃا صبح جا پنج ٿيا هئا پر واچ نه هجڻ ڪري مون کي ائين لڳو ڄڻ منجھند جا ڏهه يارهن ٿي ويا هجن. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اڄ پهرين ڏينهن ئي مونکان يونيورسٽي جا ڪلاس مِس ٿي ويا.
    پر جڏهن دريءَ کان ٻاهر نگاهه ڪيم ته اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته نه روڊ تي اها ڏينهن واري ٽرئفڪ هئي ۽ نه دڪان کليل نظر آيا. دڪانن اڳيان ٻه رول ڪتا ۽ پارڪ جي بينچ تي هڪ ٻلي گهاٽي ننڊ ۾ ستي پئي هئي. مونکي طلسماتي ڪهاڻين جي رات ياد آئي جنهن ۾ جادوگر سڄي شهر کي بيهوش ڪري ويو هجي. ٻاهر نڪري ورانڊي ۾ لڳل گهڙيال کي ڏٺم ته ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته سج ته ڪو ٽين يا چئين بجي اڀري ويو آهي پر ڪانٽا ڇهه جو وقت پيا ڏيکارين. يعني اڃان نيرن ۾ به ڪلاڪ آهي ۽ يونيورسٽي وڃڻ ۾ ته ٻه ڪلاڪ آهن.
    هنن اتراهن ملڪن جي اونهاري ۾ اهو فرق آهي ته جتي اسان وٽ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي اتي هنن ملڪن جو اونهارو بيحد ٿڌو ۽ فرحت بخش رهي ٿو. بلڪه اونهاري ۾ ئي هن پاسي بهار ۽ زندگي نظر اچي ٿي. سياري جي ٿڌ ۾ ٺوڙها ٿي ويل وڻ هڪ دفعو وري چهچ ساون پنن سان ڀرجيو وڃن.... پارڪ گلن سان ڀرجيو وڃن..... ڏکڻ ڏي يعني آفريڪا، آسٽريليا، ويندي سنڌ، ڪڇ، گجرات ڏي لڏي ويل ڪونجون، هنج، آڙيون، تلور، نيرڳ، لنج، چيڪلا وغيره موٽي اچن ٿا..... چوڌاري ماڻهو گهمندي ۽ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا ـــ هن پاسن جو سيارو اداسي ۽ مايوسي وارو ٿئي ٿو. سخت سيءَ ڪري هرڪو گهر ۾ قيد ٿيو وڃي چوڌاري برف باري ۽ اونداهه جوڏيک رهي ٿو. سياري جي موسم ۾ عورتون ته تمام گهڻيون پر مرد به ڊپريشن جو شڪار رهن ٿا. خودڪشين جو انگ به سياري ۾ گهڻو رهي ٿو.
    هنن ملڪن جي اسان لاءِ هڪ ٻي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته هن پاسي اونهاري ۾ به ايتري ٿڌ ۽ ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون جو پنکي جي ضرورت ئي نٿي پوي. هن پاسي جي ملڪن ۾ توهان کي نه ٽيبل فئن نظر ايندو ۽ نه ڇت وارو پنکو. بسين جون دريون هميشه لاءِ بند رهن. سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ پاسي جي ڪيترن ماڻهن پنهنجي سڄي زندگي فئن ڏٺو ئي ڪونهي جيئن ملائيشيا جي ڪيترن ماڻهن ڪڏهن هڪ دفعو به سئيٽر يا ڪوٽ پاتو ناهي جو ملائيشيا ۽ اونڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾، جيڪي خط استوا وٽ آهن، ڪڏهن سيءُ ٿئي ئي ڪونه. ٻارهوئي موسم گرم رهي. رکي رکي مينهن پوي جنهن ڪري گرمي ڪجهه گهٽ ٿئي.


    ڪتاب ڪي اهڙا ضروري ناهن......

    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه ياد پئي اچي جڏهن اسان تعليم مڪمل ڪري پاڻي جي جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي.... يعني هيءَ ڳالهه 45 سال کن اڳ 1968ع جي آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪمپيوٽر ته ڇا پر اڃان وڊيو به عام نه ٿيو هو جيڪو ڊگهن سامونڊي سفرن تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ کڻي ڏسجي. ريڊيو فقط تڏهن ٻڌي سگهبو هو جڏهن جهاز ڪنارو وٺي هلندو هو. ان تي به يورپ جي ڪجهه ملڪن وٽان لنگهندي، ڪنهن ڪنهن MW اسٽيشن تان انگريزي ۾ پروگرام ٻڌڻ ۾ ايندو هو نه ته آفريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ وٽان لنگهندي فرينچ يا هسپانوي زبانون ئي ٻڌڻ ۾ آيون ٿي. سو اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ سمنڊ تي واحد وندر پتي راند هوندي هئي يا مون جهڙن ڪجهه لاءِ ڪتاب پڙهڻ. اسان جي جهاز تي مون سان گڏ منهنجائي ٻه ڪلاس ميٽ اهڙا هئا جيڪي هميشه ڪراچي ڇڏڻ وقت پاڻ سان گڏ ڪجهه ڪتابَ ۽ رسالا کڻي نڪرندا هئا جيڪي پوءِ هڪ ٻئي کي پڙهڻ لاءِ ڏيندا هئاسين. ڪراچي ڇڏڻ کانپوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد سري لنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو اچي ويندو هو، جتان اسان کي انگريزي جا نوان ڪتاب به سستا ملي ويندا هئا يا چٽگانگ (انهن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) ۽ ملائيشيا جي پينانگ بندرگاهه مان به سستا سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب ملي ويندا هئا ۽ اڳتي هلي سنگاپور مان پڻ. سچ ته اهو آهي ته انهن ڏينهن ۾ ٻاهر جا ڇپيل انگريزي ڪتاب ڪراچي ۾ مهانگا ملندا هئا. ان ڪري اسان پنهنجي لاءِ ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ دوستن لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ڪتاب خريد ڪري ايندا هئاسين.
    هڪ دفعي ڪراچي مان جڏهن لنگر کڻي ڪولمبو لاءِ روانا ٿياسين ته ممبئي جي آسپاس پنهنجي هيڊ آفيس مان ٽيليگرام آيو ته جهاز کي مشرق بدران مغرب ڏي نيويارڪ آمريڪا وٺي وڃو. هونءَ ته ڪراچي کان نيويارڪ سورنهن سترهن ڏينهن جو سامونڊي سفر آهي پر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند ڪيو ويو هو سو ڳاڙهي سمنڊ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ مان گُهتَ هڻي اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پهچڻ بدران سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ نيويارڪ پهچڻ لاءِ اسان کي مهينو ڏينهن رات جهاز هلائڻو پيو. هن سفر ۾ ڪيترائي دفعا جهاز خراب ٿيو، ڪيترا دفعا طوفان آيو ۽ بيحد خراب سمنڊ پڻ مليو. ان کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن طبيعت به خراب رهي پئي پر انهن سڀني ڳالهين اسان کي ايڏو پريشان نه ڪيو جيترو ڪتابن جي کوٽ. ڪتاب نه هجڻ ڪري ننڊ به نٿي آئي. ان سفر ۾ پڪو پهه ڪيم ته آئيندي ڪولمبو، پينانگ يا سنگاپور بندرگاهن تي ڀاڙڻ بدران ڪراچيءَ مان ئي ٻن ٽن مهينن جو پڙهڻ جو اسٽاڪ کڻي هلبو ڇو ته جهاز جي ڪنهن وقت به روٽ بدلجي سگهي ٿي. اهو به شڪر ڪيوسين جو جهاز آمريڪا (USA) جهڙي ملڪ ۾ وڃي رهيو هو جتي انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ مهانگا يا سستا اتان کان اسان انگريزي ناول ۽ رسالا خريد ڪري سگهياسين ٿي. رستي تي ٻن ڏينهن لاءِ جهاز ڪيوبا ۾ ترسيو پر اتي انگريزي بدران هسپانوي زبان هلي ٿي. بهرحال آمريڪا پهچڻ تي اسان جي جهاز کي نيويارڪ بدران سوانا نالي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائڻ لاءِ چيو ويو. هي بندرگاهه آمريڪا (USA) جي ڏکڻ ۾ آهي. اسانجو هڪ جهازي جيڪو هن کان اڳ هڪ ٻئي جهاز تي هن بندرگاهه مان ٿي ويو هو تنهن اسان کي خوشخبري ٻڌائي ته هن بندرگاهه ۾ مختلف ملڪن کان ايندڙ جهازين لاءِ هڪ وڏو “سي مين ڪلب” به آهي جنهن ۾ مفت ۾ فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون ۽ رسالا ڪتابَ پڻ ڏنا وڃن ٿا.
    اسان کي ٻئي يا ٽئي ڏينهن جيئن ئي جهاز جي خفن مان فرصت ملي ته اسان ٽي دوست پڇائيندا پڇائيندا هتي جي سي مين ڪلب ۾ اچي نڪتاسين. ڪلب ته تمام وڏو هو. ڪن ڪن بندرگاهن جي ماڻهن کي اسان جهاز هلائڻ وارن جو ڪيڏو خيال ٿئي ٿو ته اسان سمنڊ تي رولاڪن واري زندگي گذاريون ٿا، اسين تڪليفون ۽ ڏک ڏسون ٿا، گهٽ ۾ گهٽ سندن بندرگاهن ۾ اسان لاءِ ٻيو نه ته مفت جي ڪافي ۽ چانهه بسڪٽن جو بندوبست رکيو وڃي، ست سمنڊ پار Subsidized اگهه تي فون ڪيو وڃي ۽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب ۽ رسالا رکيا وڃن..... وغيره. هن ڪلب ۾ ته ڪتابن ۽ رسالن سان ٻه ٽي ڪمرا ڀريا پيا هئا. ڪلب جي انچارج ٻڌايو ته “اسان هن علائقي جي پرنٽنگ پريسن، دڪاندارن ۽ لئبررين کي چئي ڇڏيو آهي ته جيڪي ڪتاب فالتو هجن يا وڪامڻ کان بچي پون ته هتي ڦٽا ڪندا وڃو.” پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو “توهان جيترا کڻي سگهو کڻي وڃو.”
    هن اسان کي اهو به ٻڌايو ته ڀر واري ڪمري ۾ خالي ڪارٽن (کوکا) ۽ ٿيلهيون (شاپر) پڻ رکيا آهن. اسان ڏاڍو خوش ٿياسين ۽ پنهنجي دلپسند اديبن جا ڪتاب چونڊڻ ۾ لڳي وياسين. ڪجهه ريڊرس ڊائجسٽ ۽ نئشنل جاگرافڪ رسالا به چونڊياسين. ان ڪم ۾آئون ٿورو سٺو ثابت ٿيس جو منهنجا ٻئي دوست خالي کوکن ۾ ڪتاب ڀري رسي سان ٻڌي رسيپشن تي کڻي ويا ۽ مفت جي ڪافيءَ مان لطف حاصل ڪرڻ لڳا. بهرحال مون به 50 کن ڪتاب چونڊيا ۽هاڻي خالي کوکي لاءِ ڀر واري ڪمري ۾ ويس ته ڏهاڪو کن خالي دٻن (ڪارٽنن) کان علاوه پلاسٽڪ جي خوبصورت ٿيلهين جا انبار لڳا پيا هئا جن مان هڪ ٻه سي مين ڪلب جو انچارج، ڪنهن لاءِ کڻي رهيو هو.
    “ڪجهه ٿيلهيون کڻي سگهان ٿو؟” مون هن کان پڇيو.
    “ڪجهه ٿيلهيون؟ جيتريون وڻنئي کڻي وڃو. هتي جي هر شيءِ توهان جهازين لاءِ ته آهي. ڪالهه ئي هڪ دڪان بند ٿيو آهي ۽ هو دڪان جون سڀ ٿيلهيون هتي ڦٽيون ڪري ويو آهي.” اهو چئي هو هليو ويو ۽ مون خالي کوکو کڻي ٻئي ڪمري مان پنهنجا چونڊيل ڪتاب وجھڻ بدران اتي ئي ان کوکي کي ٿيلهين سان ڀري پوءِ رسينَ سان مضبوط ٻڌي، اچي پنهنجي جهازي دوستن سان مليس، جيڪي مين گيٽ وٽ پنهنجي کوکي کي ڪلهن تي رکي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.
    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته اڄ ڪلهه سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان جي هر هنڌ پلاسٽڪ جون هڪ ئي ڦِٽل رنگ جون بلو يا اڇيون ڪاريون، بيحد سنهيون ٿيلهون (شاپر) ملن ٿا. انهن ڏينهن ۾ يعني 69-1968ع ۾ فقط جپان ۽ آمريڪا ٿلهي پلاسٽڪ جو مضبوط، سهڻيون ۽ رنگين تصويرن واريون ٿيلهيون ڪڍيون هيون. اسانجو جهاز جپان يا هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن کان ڪراچي موٽندو هو ته اسان جا مائٽ ۽ دوست اهڙين ٿيلهين لاءِ گهرَ ڪندا هئا. بعد ۾ 1975ع ۾ِ تيل مهانگو ٿيڻ بعداهڙيون سهڻيون ٿيلهيون ٺهڻ ئي بند ٿي ويون.
    بهرحال اسان پنهنجن کوکن سان اچي جهازَ ۾ پهتاسين ۽ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي کوکا رکياسين. آمريڪا ۾ باقي ڏينهن اسان گهمندا رهياسين. مهيني کان پوءِ جهاز واپس ورڻ لاءِ لنگر کنيو ته ٻئي ڏينهن، سمنڊ تي، آئون پنهنجن دوستن کان پڙهڻ لاءِ ڪتاب گهرڻ لاءِ سندن ڪئبنن ۾ ويس ته ٻنهي کان رڙ نڪري وئي ته هيترا ڪتاب کڻڻ جي باوجود آئون پهرين ڏينهن ٻين کان ڪتاب وٺڻ آيو آهيان ۽ پوءِ کين جڏهن خبر پئي ته آئون ڪتابن بدران 300 کن اوچيون ٿيلهيون کڻي آيو آهيان ته ماڳهين مونکي مارڻ ٿي آيا ته مون کين ڇو نه ٻڌايو. پوءِ هرهڪ کي مڙيئي ڏهه ويهه کن ٿيلهيون ڏيئي جان ڇڏايم ۽ پڙهڻ لاءِ ڪتاب اڌارا ورتا مان.
    ڪراچي پهچي جن دوستن ۾ اهي خوبصورت ٿيلهيون ورهايم انهن مان ڪجهه اڄ به ياد اٿم جيڪي هميشه ٻين کي به چوندا رهندا هئا ته الطاف جيسيتائين جهاز تي هو هن پڙهڻ لاءِ خوب مفت جا ڪتاب آندا هڪ دفعي ته ٿيلهيون به آڻي ڏنائين.... اهي هئا: قمر شهباز ۽ شمشير الحيدري..... الله کين جنت نصيب ڪري.


    مفت جون ڪيڪ پيسٽريون.....

    شروع جي سامونڊي زندگي جو هڪ ٻيو واقعو ٿو ياد اچي..... يعني اهوئي 1968ع ۽ 1969ع وارن سالن جو...... منهنجي هڪ اهڙي پراڻي جهاز تي بدلي ٿي جنهن تي مرمت Maintenance جو ايڏو ڪم هو جو روزانو مقرر ڊيوٽي کان علاوه ٻه ڪلاڪَ وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پوندو هو. مون سان گڏ مون جهڙو هڪ ٻيو به جونئر انجنيئر هو جيڪو هن جهاز تي هڪ سال گذاري چڪو هو جيڪو مونکي سمنـڊ تي ئي آگاهه ڪندو رهيو ته بندرگاهه ۾ پهچڻ تي پاڻ جونئر انجنيئرن جي موڪل ٿيڻ مشڪل ٿي لڳي جو جهاز جي انجڻن جو ڪم تمام گهڻو Due ٿي چڪو آهي. اسانجو جهاز آمريڪا جي بندرگاهه هيوسٽن ڏي وڃي رهيو هو ۽ هيترا ڏينهن سمنـڊ تي گهارڻ بعد اسان جي دل ماندي ٿي رهي هئي ته هيوسٽن جو شهر ضرور گهمجي. منهنجي ساٿي انجنيئر اها پلاننگ ڪئي ته بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي پاڻ ٻئي بيماريءَ جو بهانو ڪنداسين ۽ اسپتال وڃڻ جي بهاني شهر گهمي اينداسين.
    جهاز تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اهـو بين الاقوامي طور قانون مقرر آهي ته هنن کي جهازن جي مالڪن طرفان ميڊيڪل سهولت لاـءِ انشوئر رکجي. يعني جهاز جي هر مالڪ کي پنهنجي جهاز سان گڏ جهاز هلائڻ واري ڪئپٽن کان خلاصي تائين جي انشورنس ڪرائڻ ضروري آهي ـــ آمريڪا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ ڊاڪٽرن جي في يا دوائن جي قيمت تمام گهڻي آهي پر جهاز هلائڻ وارن کي ڪهڙو فڪر. ٻي ڳالهه ته ڪو بيماري جو بهانو (Malingering) ٿو ڪري ته به ڪو به ڊاڪٽر ان جي شڪايت نه ڪندو. هن کي پنهنجي ڳري في وٺڻ سان واسطو. ساڳي وقت جهاز جو ڪو به وڏو آفيسر ڪنهن کي ڪنهن به ملڪ ۾ ڊاڪٽر ڏي وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. مثال طور جهاز جو ڪو آفيسر جهاز جي ڀنگيءَ کي اهو چئي ڊاڪٽر ڏي نه موڪلي ته تون بهانو ٿو ڪرين توکي پيٽ ۾ سور ناهي ته اهو ڀنگي به سڄي جهاز کي مصيبت ۾ وجھي سگهي ٿو. هو ڪناري تي کڻي چپ رهي. جهاز جي لنگر کڻڻ کان پوءِ ٻن يا ٽن ڏينهن بعد سمنڊ تي وٺي هاـءِ گهوڙا ڪري ته مونکي پيٽ ۾ سخت سور پئجي ويو آهي... ته اهڙي حالت ۾ هن جي جان بچائڻ لاءِ احتياطن جهاز کي واپس يا ڪنهن ويجھي بندرگاهه ۾ وٺي وڃڻ ضروري ٿيو پوي. ان جي تيل سڙڻ ۽ بندرگاهه ۾ جهاز بيهارڻ جو لکين رپيا خرچ هڪ طرف ته ان آفيسر تي قانوني ڪورٽ ۾ ڪيس ٻئي طرف ٿيندو ته هن ڪنهن کي ميڊيڪل جي سهولت کان ڇو پري رکيو. ۽ اهو سڄو خرچ جهاز جي مالڪ کي ڀرڻو پوي ٿو.
    سو چاليهه کن ڏينهن جي سامونڊي مسافري بعد اسانجو جهاز جيئن ئي هيوسٽن جي ائنڪريج تي، يعني بندرگاهه کان ويهه ٽيهه ميل پري، کلي سمنڊ ۾ اچي لنگر ڪيرايو ته اسان ٻنهي جونئر انجنيئرن پنهنجي باس (جهاز جي سيڪنڊ انجنيئر) کي بيمار هجڻ ۽ ڊاڪٽر وٽ تپاس لاءِ وڃڻ جو اطلاع ڪيو. هر جهاز تي ڇهه ست مئرين انجنيئر ٿين ٿا. انهن ڏينهن ۾ اڻ اٽوميٽڪ ۽ پراڻا جهازَ هجڻ ڪري اٺ نو مئرين انجنيئر ۽ ٽي چار ڊيزل مڪينڪ ۽ هڪ اليڪٽريشن هڪ اليڪٽرڪ انجنيئر به هوندو هو. بهرحال جهاز جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه چيف انجنيئر ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي وڏو انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر سڏجي ٿو. جهاز جي انجنيئرن کي مختلف ڊيوٽيون ڏيڻ، جهاز جي هر هڪ مشينري کي صحيح حالت ۾ رکڻ ۽ چيف انجنيئر کي آگاهه ڪرڻ هن انجنيئر (سيڪنڊ انجنيئر) جو ڪم ٿئي ٿو.
    اسانجو جهاز هونءَ ئي پراڻو ۽ مرضيل هو ويتر آمريڪا لاءِ ائٽلانٽڪ ۽ ڪئريبين سمنڊ اڪرندي اسان کي چڱي خاصي خراب موسم ۽ خراب سمنڊ مليو هو، جنهن جهاز جي مختلف مشينن تي اڃان به خراب اثرات ڇڏيا. واپسي جي سفر لاءِ انهن مان ڪيترين مشينن جي اوور هال ڪرڻي هئي يا پرزا بدلائڻا هئا. اهي سڀ ڳالهيون سيڪنـڊ انجنيئر جي ذّهن ۾ هيون ۽ هو ڪات ڪهاڙا تيار ڪريو ويٺو هو ته جهاز رڳو بندرگاهه ۾ پهچي ۽ انجڻيون بند ٿين ته سڀني انجنيئرن جي Shore Leave بند ڪري في الحال اوور هالنگ تي لڳايان. سو اهڙي تناظر ۾ جڏهن جهاز جا اسين ٻه سڀ کان جونئر انجنيئر هن وٽ بيماري جو بهانو کڻي پهتاسون ته هن جي هٿن جا طوطا اڏامي ويا ڇو جو هر جهاز تي گهڻي گدها مزوري لاءِ ته جونئر انجنيئر ئي ڪم اچن ٿا. اسان جي ڳالهه ٻڌي هو ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. رڳو ڏند ڪرٽيندو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو رهيو.
    جهاز کي اندر بندرگاهه ۾ وٺي وڃڻ کان اڳ بندرگاهه طرفان اميگريشن ۽ ڪسٽم جو عملو ۽ اسانجي لوڪل آفيس جو انچارج جهاز جا ۽ اسان جا ڊاڪيومينٽس (ڪاغذ پٽ) چيڪ ڪري ويو. آفيس انچارج کي جهاز لاءِ گهربل ضروري راشن پاڻي آڻڻ ۽ ٻين ڪمن سان گڏ اسان کي اسپتال وٺي وڃڻ لاءِ پڻ ٻڌايو ويو. رات جو جهاز بندرگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ جيٽي (ڌڪي) سان ٻڌو ويو. صبح جو نيرن بعد ٻيا انجنيئر تيل هاڻيون ڍانگريون پائي انجن روم ۾ ڪم ڪار يعني پورهئي لاءِ هليا ويا باقي اسان ٻه “هٿ ٺوڪيا بيمار” ٽاءِ ڪوٽ ۾ تيار ٿي ايجنٽ سان گڏ جهاز تان هيٺ لهي اچي سندس ڪار ۾ ويٺاسين. سيڪنڊ انجنيئر ڪرڙين نگاهن سان اسان کي ڏسندو رهيو. نارمل حالت هجي ها ته اڄ پهرين ڏينهن سيڪنڊ انجنيئر ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شهر گهمڻ لاءِ نڪرن ها ۽ ٻئي ڏينهن اسان جونئر ۽ ٻي ڪت خلق جو به وارو اچي وڃي ها. پر هتي هي هڪ جھونو ۽ پرزن لڏيل جهاز اسان کي اهڙو ته مٿي ۾ لڳي ويو هو جنهن سمنڊ توڙي بندرگاهه تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. لڳو ٿي ته ڪم گهڻي هجڻ ڪري جهاز جو چيف انجنيئر به ٻه ٽي ڏينهن سخت مصروف رهندو ۽ خط پوسٽ ڪرڻ لاءِ به جهاز جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي زمين تي پير نه رکي سگهندو. هن جهاز تي اچڻ جي پهرين ڏينهن کان اسان پنهنجي ڪمپني کي گاريون پئي ڏنيون ته ههڙو کڳو جهاز خريد ڪري اسان کي سورن ۾ ڇو وڌو ويو آهي. پر اسانجي جهازي ڪلچر موجب اسان ههڙي يا ڪنهن به جهاز تي Sail ڪرڻ لاءِ انڪار به نٿا ڪري سگهون. هر صورت ۾ اسانکي چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني ويندي آهي. جھونا جهازي ان بابت اڪثر چڪلي ۾ ويٺل رنڊيءَ جو مثال ڏئي چوندا آهن ته هڪ دفعو سامونڊي نوڪري اختيار ڪرڻ بعد جهاز چاهي ننڍو ملي يا وڏو، نئون ملي يا ڪراڙو، رنڊيءَ وانگر انڪار هرگز ناهي ڪرڻو.
    مڪاني آفيس جي انچارج پنهنجي آفيس ۾ پهچي اسان کي ڊاڪٽر لاءِ خط ڏنو ۽ ٽئڪسي ۾ وهاري اسپتال ڏي روانو ڪيو. ٽئڪسي ڊرائيور شيديءَ اسپتال ۾ لاهي پنهنجو ڪارڊ ڏنو ۽ ٻڌايو ته کيس واپسي جو به ڀاڙو ملي ويو آهي. ڊاڪٽر خبر ناهي ڪيترو وقت وٺي بهرحال اسان جنهن وقت به واندا ٿيون ته هن کي يا هن جي ٽئڪسي ڪمپنيءَ کي فون ڪري ٽئڪسي گهرائي وٺون.
    اسان اسپتال اندر داخل ٿياسين ته ڊاڪٽر واندو ويٺو هو تنهن ڏهن منٽن ۾ تپاس ۽ ايڪسري ڪري، ڪوڙيون سچيون پيٽ جي سور جون دوائون ۽ ٻن ڏينهن لاءِ مڪمل آرام لکي اسان کي فارغ ڪيو. اسان ٿياسين ڏاڍا خوش ۽ شهر گهمڻ لاءِ نڪري پياسين. کيسي ۾ ڪي خاص پئسا نه هئا جو بس يا ٽئڪسي ۾ چڙهي ڪيڏانهن پري وڃون. بس پنهنجي گوڏا گاڏيءَ ۾ جنهن کي ڪي ماڻهو بس نمبر 11 (يعني ٻه ٽنگون) به سڏين، شهر جي هڪ مارڪيٽ جو چڪر ڏئي ٻئي ۾ آياسين ٿي. بک به لڳي هئي سوچيوسين ته هاڻ جهاز تي موٽي هلي لنچ کائجي پر پوءِ چيوسين ته ڊالر کن جا مڱيرا (Peanuts) وٺي گذارو ڪبو پر شامَ کان اڳ جهاز تي نه وڃبو، نه ته سيڪنڊ انجنيئر ڊاڪٽر جو آرام وارو ليٽر ڏسي به اسان کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندو. انهن سوچن ۾ گم، اسان هڪ پارڪ مان لنگهياسين ته اتي ڏٺوسين ته گهر جي سامان جو نيلام ٿي رهيو هو... ٿانوَ ٿپا، هنڌَ بسترا، اليڪٽرڪ جو سامان وغيره. پارڪ ۾ خريدارن جو چڱو خاصو تعداد هو جيڪي واڪ ڏئي رهيا هئا. انهن سان گڏ ڪيترا ماڻهو ٽيليفون ذريعي به واڪ ڏئي رهيا هئا. آيل مهمانن لاءِ نيلام وارن طرفان چانهه، ڪافي، بسڪيٽن، سئنڊوچن ۽ چاڪليٽن جو به مفت بندوبست هو جيڪي ميزبان ڇوڪريون وڏن خومچن تي سجائي ذري ذري اڳيان پئي لنگهيون. ٻيا کائين يا نه، اسان خوب جاوا ڪندا رهياسين ۽ دل پشوري لاءِ ساڻن چرچا به ڪندا رهياسين. رکي رکي ڪڏهن چانهه پيا پيون ته ڪڏهن ڪافي... ڏاڍو مزو لڳو پيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي شامَ ٿي وئي ۽ اسان موٽڻ جي ڪئي. فون ڪرڻ تي ٽئڪسي اچي وئي جنهن اڌ ڪلاڪ اندر اچي جهاز جي ڏاڪڻ وٽ ڇڏيو. ڏاڪڻ چڙهي مٿي آياسين ته رهائش وارن ڪمرن جي ٻمڀ وٽ ئي ريڊيو آفيسر مليو. ٽهڪ ڏيندي چيائين: “رات به ٻاهر ئي رهي پئو ها.”
    اسان کي سندس چرچو نه وڻيو. بيمارن کي ٽوڪون هڻبيون آهن ڇا!؟ بهرحال ڊرائنگ روم ۾ گهڙياسين ته جهاز جا سڀ آفيسر ٽي وي ڏسي رهيا هئا. در وٽ ئي سيڪنڊ انجنيئر بئالر سوٽ ۾ ويٺو هو. تنهن اکين جا دوڏا ڪڍي چيو ته “ايڏي دير؟”
    منهنجي پاران منهنجي ساٿي انجنيئر جواب ۾ چيس: “سائين ڇا ڪريون، ڏاڍي رش هئي. ڊاڪٽر به دير سان آيو ۽ هاڻ جيئن ئي ڏٺائين ته سڌو جهاز تي اچي نڪتا آهيون....لنچ به نه کائي سگهيا آهيون...”
    “لنچ کائڻ جي توهان کي ضرورت ئي ڪهڙي؟” سيڪنڊ انجينئر چيو ۽ آئون اهو سوچڻ لڳس ته هي چوي ڇا پيو ۽ آئون ذري گهٽ چوڻ وارو هوس ته ڇو بيمار “انسان” نه آهن ڇا؟ انهن کي بک نٿي لڳي ڇا..؟”
    پر چڱو جو منهنجي ڪڇڻ کان اڳ هُن ٽي وي‎ ڏي اشارو ڪندي چيو “هيترا ڪيڪ پيسٽريون کائڻ بعد به لنچ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريو؟”
    ٽي وي ڏي ڏسون ته اهو ساڳيو پارڪ وارو نيلام پيو هلي جيڪو اسان جا جهاز وارا منجھند کان ڏسي رهيا هئا. بعد ۾ ته ريڊيو آفيسر ٻڌايو ته چڱو جو جهاز تي اڃان فون نه لڳو هو نه ته سيڪنڊ انجنيئر ته اهو ٿي چاهيو ته نيلام وارن جو نمبر ملائي کين واڪ ڏيڻ بدران اهو چئجي ته انهن ٻن ڪنگلن کي ته جهاز ڏي واپس ڪريو جيڪي رڳو ويٺا چَرن.
    سيڪنڊ انجنيئر چيو ته “هاڻ سزا خاطر آمريڪا جي هن بندرگاهه ۾ جهاز تي ئي رهجو” مون ڊاڪٽر جو آرام لاءِ ڏنل ليٽر کيسي مان ٿورو ڪڍي وري اندر وجھي ڇڏيو جو چوري پڪڙجڻ بعد هاڻ ان خط کي پڙهائڻ جو ڇا فائدو؟


    ڇهن مهنن جو ڏينهن، ڇهن مهنن جي رات

    منهنجي پڙهندرن طرفان اهو سوال تمام گهڻو پڇيو وڃي ٿو ته اهي ملڪ جتي ڇهه مهينا ڏينهن ڇهه مهينا رات آهي اتي نماز ۽ روزي جا ڪهڙا وقت آهن.
    اسانجي ڌرتيءَ جو گولو لاٽونءَ وانگر 1000 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان سج جي سامهون گول گهمي ٿو جيڪو چڪر 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. سج جي سامهون واري اڌ ۾ سج جا ڪرڻا پوڻ ڪري ڏينهن رهي ٿو ۽ ڌرتي جي گولي جو جيڪو حصو سج کي پٺ ڏئي ٿو اتي اونداهه يعني رات ٿيو وڃي ۽ تارا نظر اچن ٿا. تارا سج واري پاسي به موجود آهن پر سج جي تکي روشني ۾ نظر نٿا اچن. سج گرهڻ ٿيڻ تي اهي ڏينهن جو به نظر اچن ٿا.
    اسانجي ڌرتي نه رڳو پنهنجي محور جي چوڌاري گول گهمي ٿي پر 67000 ميل في ڪلاڪ جي رفتارَ سان 365 ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري به ڦيرو ڪري ٿي. هونءَ ته ڌرتيءَ جو گولو بال وانگر گول هجڻ کپي پر ٻين سيارن وانگر، جيڪي تيز رفتار سان گول ڦرن ٿا، اسانجي ڌرتي جو به پيٽ (وچ وارو حصو) ٻاهر نڪري پيو آهي بلڪه اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ڌرتي جي شڪل گدري جهڙي آهي. گدري جو مٿيون حصو جتان هو پٽيو وڃي ٿو اهو سمجھو ته دنيا جو اتر قطب آهي جيڪو Arctic وارو علائقو به سڏجي ٿو ۽ بلڪل هيٺيون حصو ڏکڻ قطب آهي جيڪو Antarctic ريجن سڏجي ٿو.
    دنيا جي گولي تي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان علاوه خط استوا واري ليڪ (Equator) به مشهور آهي. خط استوا اهو خيالي ليڪو آهي جيڪو ڌرتيءَ کي پورن ٻن اڌن ۾ ورهائي ٿو. مٿيون اڌ “اتر اڌ گول” (Northern Hemisphere) سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اڌ “ڏکڻ اڌ گول”. اتر اڌ گول ۾ يعني ايشيا، يورپ، ڪئناڊا، اتر آمريڪا ۽ آفريڪا جي مٿين حصي ۾ جڏهن نومبر ڊسمبر جنوري ۽ فيبروري جهڙن مهينن ۾ سيارو رهي ٿو ته ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۾ انهن ڏينهن ۾ اونهارو رهي ٿو. خط استوا يعني ڌرتي جي وچ واري علائقي ۾ (جنهن ۾ ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا، يوگنڊا، اڪيڊار، برازيل ۽ زائر جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا) ٻارهوئي هڪ موسم رهي ٿي ۽ ڏينهن رات هڪ جيڏو يعني ٻارهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سڄو سال نمازن جا ساڳيا ٽائيم رهن. روزي جو به روزانو ۽ هر سال ساڳيو وقت رهي. رمضان کڻي ڪهڙي به مهيني ۾ اچي، روزو اهو ئي ٻارهن کن ڪلاڪن جو ٿئي. پر جيئن اسان اتر ڏي اينداسين ته سياري ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون وينديون. خط استوا وارو وچيون گول دائرو زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ Latitude سڏجي ٿو. جيئن جيئن مٿي اتر ڏي يا هيٺ ڏکڻ ڏي وڌبو ته ويڪرائي ڦاڪن جي ڊگرين جو انگ وڌندو ويندو. اسانجو ملڪ پاڪستان چڱو خاصو اتر ۾ 30 کن ڊگرين تي آهي اتي سياري ۾ رات 14 کن ڪلاڪن جي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن ڏهه ڪلاڪن جو. اڃان به مٿي اتر ۾ وڃبو، مثال طور 60 ڊگرين تي جتي روس، سئيڊن، ڪئناڊا جهڙا ملڪ اچن ٿا ته اتي ته رات هيڪاندي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن بنهه ننڍو. آئون توهانکي سئيڊن جو مثال سمجھائيندس جتي مونکي نه رڳو جهازن کي وٺي وڃڻو پيو ٿي پر ٻه اڍائي سالَ رهي تعليم به حاصل ڪئي. جهازن جي اڏاوت جي سلسلي ۾ اسٽاڪهوم ۽ ان جي سامهون واري شهر هيلسنڪي (فنلنڊ) ۾ به وڃڻو پيو ٿي. اسانکي سڄو سال صبح جو اٺين بجي يونيورسٽي يا شپ يارڊ وڃڻو پوندو هو ۽ پنجين بجي موڪل ٿيندي هئي. سياري وارن مهينن ۾ اسان رات جي اونداهيءَ ۾ اٺين بجي يونيورسٽي پهچندا هئاسين. ٻئي پيرڊ دوران يعني ساڍي نائين بجي ڌاري سج اڀرندو هو ۽ ٽي بجي ڌاري سج لهندو هو. ساڍي چئين بجي عشا نماز پڙهي پوءِ پنجين بجي اونداهه ۾ يونيورسٽي مان نڪرندا هئاسين شهر ۾ اٺين بجي تائين رونق هوندي هئي. دڪان مارڪيٽون کليل هونديون هيون. اسانجي رهائش واري گهٽيءَ ۾ بند فٽ بال گرائونڊ تي ايراني ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن جي شاگردن سان فٽ بال کيڏندا هئاسين. ڏينهن ننڍو هجڻ ڪري روزو به ڇهه ڪلاڪن جو مس ٿيندو هو. بهرحال آفيسون، تعليمي ادارا، دڪان مارڪيٽون ۽ سڀ ڪارخانا گهڙيال جي سُين مطابق کلندا ۽ بند ٿيندا هئا، پر نماز روزا سج جي چُر پُر ۽ چنڊ جي مهينن مطابق ٿيندا هئا.
    اونهاري جي مهينن ۾ سج صبح جو ٽي بجي اڀرندو هو پر اسان ستين بجي ڌاري اٿندا هئاسين. اٺين بجي يونيورسٽي ۾ پهچندا هئاسين ته ٽاڪ منجهند جو سمون هوندو هو. پنجين بجي موڪل مهل به ساڳيو حال هوندو هو. ويندي رات جي ماني 8 بجي کائيندا هئاسين ته به درين مان اُسَ پئي ايندي هئي. سج 11 بجي ڌاري غروب ٿيندو هو. ان بعد سانجھي ۽ عشا نماز ٿيندي هئي. پوءِ سگهوئي اڍائي بجي کان فجر جو وقت شروع ٿي ويندو هو. اونهاري ۾ رمضان اچڻ تي اسٽاڪهوم ۽ هيلسنڪي جي شهرن ۾ پنڌرهن سورهن ڪلاڪن جو روزو ٿيندو هو.
    هڪ دفعي اسانکي رمضان جي مهيني ۾ جهاز کي ناروي جي اتراهين بندرگاهه ٽرنڍام ۾ وٺي وڃڻو پيو. اتي مونکي ٻه پاڪستاني (ٻئي سنڌ جا) جن مان هڪ ته منهنجو پيٽارو جو ساٿي سکر جو سيد عاشق حسين شاهه مليو جيڪو اتي جي يونيورسٽي ۾ M.Sc ڪري رهيو هو. جولاءِ جو مهينو هو ۽ 20 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ روزو ٿيو ٿي. عاشق شاهه ٻڌايو ته هو به 20 ڪلاڪن جو روزو رکي رهيا آهن. اسان جهاز وارن به ائين ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اونهاري ۾ به 10 کن ڊگريون ٿڌ هجڻ ڪري اڃ نٿي لڳي. اها 1968 يا 1969ع جي ڳالهه آهي. هاڻ ڏسان پيو ته انهن اتراهن ملڪن ۾ ڪيترائي عراق، پاڪستان افغانستان، ايران، سوڊان جا مسلمان رفيوجي اچي ويا آهن. اهڙي طرح فنلئنڊ جي اتراهين شهر رووانئيمي (Rovaniemi) ۾ به ڪيترائي مسلمان رهن ٿا جتي اونهاري ۾ ويهن ڪلاڪن جو روز ٿئي ٿو. هنن ترڪي ۽ سعودي عرب جي ڪن مولوي مفتين کان اها فتويٰ وٺي رکي آهي ته اهڙن هنڌن تي رهندڙن کي کپي ته 16 ڪلاڪن کان مٿي روزو نه رکن. ڪي ان فتويٰ جي به ڳالهه ڪن ٿا ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ پنهنجي ملڪ جي ٽائيم موجب روزو رکي ۽ کولي. اهـڙن هنڌن تي رهندڙ ڪي مسلمان اهو به ٻڌائين ٿا ته هنن کي مصر جي مفتين کان اها فتويٰ مليل آهي ته اهڙين حالتن ۾ هو روزي ۽ نماز جي معاملي ۾ ڀر واري ملڪ جي وقتن کي فالو ڪن.
    سوڊان جي علائقي دافور مان لڏي آيل هڪ حبشي عورت جيڪا فنلئنڊ جي اتراهين شهر اولو (Oulu) ۾ رهي ٿي ان ٻڌايو ته هوءَ رمضان ۾ پنهنجن پنجن ٻارن سان گڏ 20 ڪلاڪن جو روزو رکي ٿي جيڪو سندس وطن خارطوم (سوڍان) جي گرمي کان وري به آسان آهي.
    اڃان وڌيڪ اتر قطب ڏي وڌبو ته ڏينهن وڏو ٿيندو ٿيندو 24 ڪلاڪن جو ٿيو وڃي. سج ڏکڻ پاسي جي هڪ ڪنڊ کان اڀري ٻئي ڪنڊ پاسي اڌو گابرو غروب ٿي وري هلڪو مٿي هليو ايندو. اهو سلسلو يعني لڳاتار روشني جو ڪيترا مهينا هلندو رهي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي اونداهه جو وقت وڌندو وڌندو ڪيترائي مهينا 24 ئي ڪلاڪ رات ٿيو وڃي. ان علائقي ۾ تمام گهٽ ماڻهو رهن ٿا. چوڌاري آرڪٽڪ سمنڊ آهي جيڪو ٻارهوئي برف لڳو پيو آهي جنهن تي ايسڪيموز يا پولار رڇ نظر اچن ٿا. بهرحال جيڪي ڪجهه ماڻهو ڪئناڊا، روس، ناروي، فنلئنڊ جي اتراهن ڪنارن وارن ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ وستين ۾ رهن ٿا انهن ۾ موجود مسلمان اهو ئي چون ٿا ته هنن وٽ جتي مهينن جا مهينا اونهاري ۾ سج لهي نٿو ۽ سياري ۾ اڀري نٿو ته هنن لاءِ اهوئي alternative آهي ته هو گهڙيال جي ڪانـٽن کي ڏسي 24 ڪلاڪن ۾ پنج وقت نماز پڙهن جنهن جو وقت ڪنهن ڀر واري ملڪ موجب رکون ٿا.
    لڳاتار ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ رات جو مسئلو ڏکڻ قطب پاسي به آهي جيڪو علائقو Antarctica سڏجي ٿو پر ڏکڻ پاسي واري هن علائقي ۾ بيحد سردي آهي... ڪاٽو 60 ڊگرين تائين ۽ ٻيو ته هن پاسي سواءِ چند سائنسدانن جي ڪونٿو رهي. جانورن ۾ اتر ۾ رڇ آهن ته ٻئي پاسي ڏکڻ ۾ پينگئن پکين جا ڌڻ آهن.


    گهر ۾ رهان يا بيگم جي دِل ۾........

    دنيا جا اُهي ملڪ، مثال طور سنگاپور، جپان، هانگ ڪانگ وغيره يا اهي شهر جهڙوڪ ممبئي، نيويارڪ (مئن هٽن) جتي زمين جي کوٽِ آهي ۽ عوام گهڻو آهي، اتي رهائش لاءِ Vertical (اڀيون عمارتون)، يعني فليٽ سسٽم بهترين جواب آهي.
    مون سنگاپور کي تڏهن به ڏٺو يعني گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي ۾، جڏهن اهو اڃان به Fishing Village لڳو ٿي. هن تر ۾ جهازن ۽ جهازين (جهازن کي هلائڻ وارن ۽ سفر ڪرڻ وارن مسافرن) لاءِ ڪولمبو ۽ عدن بلي بلي بندرگاهه هئا. پوءِ اتي جي سياستدانن جي جڏن ڪمن ۽ فيصلن ڪري سلون (هاڻوڪو سريلنڪا) ۽ يمن پٺتي رهجي ويا ۽ پوءِ ستر واري ڏهي جي شروعاتي سالن کان سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو اوج شروع ٿيڻَ لڳو. سنگاپور ۾ پهرين پيپلز پارڪ امپوريم ۽ پوءِ هڪ ٻه ٻيا گهڻ ماڙ وارا شاپنگ سينٽر کلڻ شروع ٿيا نه ته سنگاپور ۾ ورلي ڪا وڏي عمارت هئي. وڌ ۾ وڌ هيٺ دڪان ته مٿان ان دڪاندار جو فلئٽ جيڪي عمارتون هن پاسي “شاپ هائوس” سڏجن ٿيون.
    ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور هر فيلڊ ۾ ايڏي ترقي ڪئي جو سڄي دنيا جا واپاري ۽ امير ماڻهو هن مٽياري ضلعي جيڏي ٻيٽ نما ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ پئسو لڳائڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي سامهون شپنگ ڪمپنيون، ايئر لائينون، بئنڪون، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون، شپ يارڊ ۽ فارين آفيسون کلي ويون جن کي هلائڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو هڪ طرف رهڻ لڳا ته گهمڻ جا شوقين ٻئي طرف اچڻ لڳا. ملڪ ۾ خوشحالي ۽ پئسو ته جام اچڻ لڳو پر رهائش وڏو مسئلو ٿي پيو. ننڍڙي ٻيٽ تي آفيسون، دڪان، روڊ ٺهڻ بعد باقي زمين ئي ڇا ٿي بچي جنهن تي ماڻهو بنگلا ٺهرائين. ان مسئلي جو حل ان وقت جي وزير اعظم ‘لي ڪئان يو’ کي اوچين عمارتن ۾ نظر آيو. هن سنگاپور کي فلئٽن جو شهر بڻائي ڇڏيو. نه رڳو پرائيويٽ ڪمپنين کي فلئٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني پر سرڪاري طرح به ٺهرائڻ شروع ڪيا. ان سان گڏ سنگاپور ۾ رهندڙ ٽنهي قومن (ملئي، چيني ۽ انڊين) جي ماڻهن کي حڪومت طرفان آسان قسطن تي قرض به ڏنائين پر هن فلئٽ ٺاهيندڙن ۽ انهن ۾ رهندڙن لاءِ ڪجهه قاعدا قانون به ٺاهيا جو ‘لي ڪئان يو’ هميشه چوندو هو ته “جيترو قاعدو اوترو فاعدو.”
    اوچيون عمارتون يعني فلئٽ ٺاهڻ وارين ڪنسٽرڪشن ڪمپنين لاءِ اهو ضروري ڪيائين ته هر بلڊنگ اڳيان هڪ ننڍڙو پارڪ هجي جتي ان بلڊنگ جي فلئٽ ۾ رهندڙ ٻار ۽ والدين ٻين سان ملي سگهن ۽ چهل قدمي ڪن. هر عمارت جي چوڌاري ‘جاگنگ’ ٽرئڪ ضروري ڪيائين جيئن مردَ توڙي عورتون پنهجي صحت صحيح رکڻ لاءِ صبح توڙي شامَ جو واڪ ڪري سگهن. عمارتون ٺاهڻ وارن تي هن اها به سختي ڪئي ته هر فلئٽ جون اليڪٽرڪ تارون ۽ سئچ، گٽر سسٽم ۽ نلڪا اعليٰ رکيا وڃن جيئن نه پاڻي جو زيان ٿئي ۽ نه گٽر اٿلي گندگي پيدا ڪن. بهرحال ٻيون به ان قسم جون ڳالهيون. ساڳي طرح فلئٽن ۾ رهڻ وارن لاءِ پڻ ڪيترائي قانونَ مقرر ڪيائين جن مان ڪجهه هن ريت آهن ته فلئٽ ۾ رهندڙن يا انهن جي مهمانن کي عمارت اڳيان هارن وڄائڻو ناهي ۽ نه موٽر سائيڪل وارن کي ڦاٽل سائيلنسر استعمال ڪرڻو آهي. هر هڪ کي ٽي وي ۽ ريڊيو جو آواز ايترو رکڻو آهي جو اهو سندس فلئٽ تائين محدود رهي ۽ ڀر واري فلئٽ ۾ ٻڌڻ ۾ نه اچي. ڪنهن کي به دريءَ مان ڪچرو اڇلائڻ جي اجازت نه آهي. پهريون دفعو شڪايت ملڻ تي فلئٽ جي مالڪ کي وارننگ، ٻئي دفعي تي ڏنڊ ۽ ٽئين دفعي تي فلئٽ ضبط ڪرڻ جي سزا مقرر ڪئي وئي ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سنگاپور جي حڪومت پنهنجن ماڻهن کان انهن قانونن تي عمل به ڪرايو. قانونَ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ کانئن فلئٽ خالي ڪرايا ويا. هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ پنهنجي عمارت اڌ فوٽ کن اڳيان ڪري ٺاهي. حڪومت کي جيئن ئي خبر پيئي ته هن اها سڄي عمارت ڊهرائي پٺتي ڪرائي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ توهان کي فلئٽن واري عمارت ۾ به ماڻهو امن سان رهندي نظر اچن ٿا. دنيا سنگاپور جا مثال ڏئي ٿي ته فلئٽ ڀلي سنگاپوري ٺاهين ريل گاڏيون ڀلي سنگاپوري هلائين جن ۾ چيغم کائڻ يا دورين جهڙي تکي ڌپ واري ميوي کڻي هلڻ تي به 500 ڊالر ڏنڊ آهي ۽ آئون وري پنهنجن ماڻهن کي اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته بابا سنگاپور ۾ خيالَ سان رهجو، خيال سان هلجو. پنهنجي ملڪ جون گنديون عادتون ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي ڇڏي وڃجو. بهتر ته اهو آهي ته سنگاپور بدران گهٽ پگهار تي ملائيشيا ۾ کڻي نوڪري ڪجو نه ته سنگاپور ۾ ملندڙ ڪجهه وڌيڪَ ڏوڪڙ توهان ڏنڊن (جرمانن) ۾ ئي وڃائي ڇڏيندئو ۽ سنگاپور جي ايڏي ڊسيپلينڊ (ضابطي واري) زندگي آهي جو اسان جهڙن ملڪن جي ڇڙواڳن لاءِ مونجھارو پيدا ڪريو ڇڏي.
    هي سڀ ڳالهيون مونکي پنهنجي مُلڪَ جي سنڌي چئنل تان ڪنهن رهائشي اسڪيم ۾ گهر يا فلئٽ خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ بار بار اشتهار ڏسي ياد اچي ويون آهن. هن قسم جي ‘گهر اسڪيمن’ جو زور حيدرآباد ۾ گهڻو نظر اچي ٿو. چي توهان جي سهڻي شهر حيدرآباد ۾.......! حيرت آهي انهن اسڪيمن جا مالڪ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ حيدراباد کي سهڻو شهر سڏين ٿا. ڪنهن زماني ۾ اهو شهر واقعي سنڌ جو پئرس هو پر هاڻ اهو شهر ڪهڙي لحاظ کان خوبصورت ۽ صاف سٿرو آهي؟ آئون اهو سوال اکين وارن کان ٿو ڪريان. مونکي اسان جي ملڪ جي هڪ کٿل فلمي اداڪارا ٿي ياد اچي جيڪا انڊيا کان چڪر هڻي موٽڻ تي پاڻ پڏرائي رهي هئي ته مونکي انڊيا ۾ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ملي پر پنهنجي ملڪَ جي حُبَ ۽ سِڪَ مونکي واپس وطن وٺي آئي. فلاڻي ڊئريڪٽر ته مونسان هٿ ملائي چيو ته تون بيحد سهڻي آهين...... پريس ڪانفرنس ۾ ويٺل اخبار رپورٽرن مان هڪ کان براداشت نه ٿيو ۽ سندس وات مان ازخود نڪري ويو:
    “اهو ڊئريڪٽر انڌو هو ڇا؟”
    سو اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا جي ماڻهن کي صحت ۽ صفائي جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ۽ جڏهن ڪينيا، ملائيشيا، ٿائلنڊ، موزمبق ۽ انڊونيشيا جهڙن مينهوڳي واري موسمن وارن ملڪن جا شهر به چمڪن پيا اتي ڇا توهان سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد توڙي نوابشاهه ۽ خيرپور جهڙن شهرن کي سهڻا شهر سڏيندئو؟ ۽ ان تي طرو اهو ته ....حيدرآباد جي سهڻي شهر جي دل قاسم آباد ۾ هي خوبصورت ۽ سهوليتن سان پُر رهائشي اسڪيم آهي جنهن ۾ توهان اڄ ئي فلئٽ (يا شايد بنگلو) بڪ ڪرايو......
    يار! قاسم آباد ۾ نوي سيڪڙو سنڌي رهن ٿا ۽ سنڌين کي گاريون ڏيڻ يا ٽوڪڻ جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا. قاسم آباد اهو ئي آهي نه جتي پڪوڙا چوڪ، نسيم نگر چوڪ وغيره آهي جتي اسان جي دوست فيروز ميمڻ جو نيو فيلڊس نالي ڪِتابن جو دڪان آهي جتان آئون ڪِتابَ وٺندو آهيان ۽ سامهون رستي جي ٻي پار سومرا هوٽل آهي جتي چانهه يا منجھند جي ماني کائيندو آهيان. يا اهو چوڪ جتي علي CNG اسٽيشن آهي..... ان قاسم آباد کي توهان ڪيئن سهڻي شهر جي دل ٿا سڏيو...... جتي بکايل ۽ سنڍ ڍڳيون ڪچري جي ڍير کي پيون ڦولين، جتي مرزيل ۽ زخمي ڪُتن مٿان مکيون ويٺيون آهن، جتي گٽرن جو پاڻي بيماريون پکيڙي رهيو آهي، جتي فٽ پاٿن تي دڪانن جا سامان ۽ موٽر سائيڪلون پارڪ ٿيل آهن ۽ پيادا هلڻ کان هلاڪ آهن، جتي هفتو کن اڳ جو اڌ ڪلاڪ کن وسيل مينهن جو پاڻي اڃا سڪو نه آهي، جتي رهندڙ رشوت خور ڪامورن جا مٿي ڦريل نوڪر ۽ ڊرائيور پنهنجي صاحبن جي بنگلن ٻاهران ڪرسين تي ويهي سگريٽن جا سُوٽا هڻي رهيا آهن ۽ پاڙي جي ايندڙ ويندڙ نياڻين تي رمارڪ ڏئي رهيا آهن.....
    ٽي وي تي هلندڙ ان اشتهار ۾ ڪمپيوٽر تي ڊيزائين ٿيل فلئٽ ڏي اشارو ڪري اسان جي ٽي وي ڊرامن جو پسنديده اداڪار نه صرف اسان ناظرين کي هرکائي رهيو آهي ته هن اهو فلئٽ خريد ڪيو آهي پر سندس ڪنوار (ٽي وي اسڪرين جي هڪ ٻي پسنديده هيروئن) کيس چئي رهي آهي ته “مون سان شادي ڪرڻ بعد تنهنجو هي ٻيون بهترين فيصلو آهي.”
    “مونکي پنهنجي فيصلي تي فخر آهي ته مونکي پنهنجي فئملي سان بيحد پيار آهي.” هيرو صاحب ٽانءَ ۾ اچي چوي ٿو ۽ پوءِ مونجھاري واري شڪل ٺاهي چوي ٿو ته “سمجهه ۾ نٿو اچي ته بيگم جي دل ۾ رهان يا هن خوبصورت علائقي ۾ ٺهيل گهر ۾......”
    جن قاسم آباد ڏٺو هوندو ۽ اتي جا ڀڳل رستا ۽ پوسل وارا گهر ڏٺا هوندا، اُهي هن صاحب جي بيگم جو به اندازو لڳائي سگهن ٿا جنهن سان هو هن جي ڀيٽ ڪري رهيو آهي. هئڻ ته ائين کپي ته اهو چوڻ تي سندس بيگم پاڻ ئي پنهنجو سئنڊل لاهي کيس ٺاهوڪا موچڙا هڻي ته تو مونکي قاسم آباد ڇو سمجھيو آهي. مونکي ذليل ڪرڻ جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا... اهڙيون گاريون ڪنهن ٻئي کي ڏي...
    ساڳي وقت اهو ڪمپيوٽر جو به ڪمال آهي جنهن ذريعي هڪ اڻ ٺهيل شيءِ اڳواٽ ڏيکاري سگهجي ٿي... جنهن کي ڏورانهن شهرن ۽ ڏيهن ۾ رهندڙ حقيقت سمجھي اڪن ڇڪن ٿيو پون ۽ فلئٽ يا بنگلي جي بُڪنگ ڪري ڦاسيو پون. ٽي سالَ کن اڳ جڏهن آئون ڪراچي آيل هوس ته آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي هڪ سنڌي دوست ان قسم جو اشتهار ٽي وي تان يا اخبارَ ۾ ڏسي فلئٽ جي بڪنگ ڪرائي ۽ ڇهه مهينا کن قسطون ڏيڻ بعد مونکي منٿ ميڙ ڪئي ته ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪري حيدرآباد وڃي اهو سهڻو علائقو ڏِسان جتي سندس گهر ٺهي رهيو آهي. انڪار ڪرڻ بدران حيدرآباد جو رُخ ڪيم ۽ ان رهائشي اسڪيم کي اچي ڏٺم ته سُڃَ ئي سُڃَ لڳي پئي هئي. روڊ کان گهڻو هيٺ Low Line ۾ اهو زمين جو حصو هو جتي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ رهائشي اسڪيم ٺاهڻ لاءِ اشتهار بازي ڪري رهي هئي. سم ۽ پوسل جي پاڻيءَ تي فقط ڪَنگَ نظر اچي رهيا هُئا. دوست کي فون ڪيم ته بابا هتي ته ڪمپني جي آفيس کان علاوه ٻيو ڪو به گهر ٺهيل نه آهي. مڪمل گهر ته ڇا اڃان بنياد به نه کوٽيا ويا آهن. منهنجي دوست حيرت مان پڇيو ته “ائين وري ڪيئن! ملڪ جي خوبصورت اداڪارا ته ٽي وي تي هلندڙ اشتهار ۾ هر وقت اهو اچي چئي رهي هئي ته مون ته هن اسڪيم ۾ گهر وٺي ڇڏيو آهي توهان به اڄ ئي خريد ڪريو.”
    “بس ادا! “ مون جواب ڏنومانس “پوءِ توهان ان ئي اداڪارا سان رجوع ڪريو جيڪا اڄ ڪلهه نورس شربت جي اشتهار ۾ بار بار چئي رهي آهي ته آئون پنهنجو روزو هر روز نورس شربت سان کوليان ٿي.”


    منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي.....

    کل ان ڳالهه تي ٿي اچي، بلڪه منهن مٿو پٽڻ تي دل ٿي چوي جڏهن اڄ اسان وٽ پاڪستان ۾ زور شور سان “ارٿ اور” ملهايو ويو. انرجي بچائڻ لاءِ اڄ سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪَ لاءِ غير ضروري لائيٽ کي بند رکيو ويو. ڪجهه سال اڳ اهو ڪلاڪ پهريون دفعو ملهائيندي مون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ ڏٺو. مالمو شهر ۾ آئون ٻه سال رهيس فقط هڪ دفعو اسان جي فلئٽ جي ڪچن جي لائيٽ هلي وئي هئي. اها به ان ڪري جو فلئٽ جي مالڪ اسان کي نئون اوون وٺي ڏنو هو ۽ اليڪٽريشن اهي پنج منٽ لائيٽ بند ڪري نئين اوون جي تار کي فِٽ ڪيو هو.
    يورپ ته ڇا اڄ ڪلهه ايشيا جي ملڪن ۾ به لائيٽ نٿي وڃي. مون کي ياد آهي 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن اسانجو جهاز ويٽنام جي بندرگاهه ۾ پهچندو هو ته مڪاني آفيس جو انچارج بجلي بند ٿيڻ جو شيڊول ٻڌائي ويندو هو ته صبح جو 11 کان 12 ۽ شامَ 5 کان 6 بجلي جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي ۽ اهڙي وقت تي انجن روم ۾ ڪم ڪندي پنهنجي جهاز جو جنريٽر هلائي پنهنجي لائيٽ حاصل ڪريون. بهرحال اها حالت ڪا ٻه يا ٽي سالَ رهي ۽ پوءِ ويٽنام جي حڪومت نه فقط بجلي جي کوٽ تي پر ٻين مسئلن تي به ڪنٽرول ڪري وئي. اڄ اهو کٽل، غريب ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل ملڪ ... ويٽنام ... الائي ڇا ٿي ويو آهي! ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ جتي 1968 ـــ 1969 وارن سالن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رات جي وقت عورتن کي لالٽين کڻي هلندي ڏٺوسين اهي ته هينئر يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿا ڪن. اڄ ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن وارن ڳوٺن ۾ به 24 ئي ڪلاڪَ بجلي ۽ پاڻي حاضر آهي. اهڙن ملڪن جي ننڍي ٽهي ته سوچي به نٿي سگهي ته بنا سئچ آف ڪرڻ جي لائيٽ وڃي سگهي ٿي جيڪو اسان وٽ پاڪستان ۾ سڄو ڏينهن آزار لڳو پيو آهي. سو دنيا جي ملڪن ۾ هر سال هي هڪ ڪلاڪ Earth Hour جي نالي سان بجلي کي بند رکي ملهايو وڃي ٿو جيئن اسان کي احساس ٿئي ته بنا لائيٽ جي ڪيڏي تڪليف ٿئي ٿي ۽ اسان کي گهرجي ته ڌرتي تي موجود انرجي جو بچاءُ ڪرڻ سکون ۽ اجايون سجايون بتيون نه ٻاريون. ماڻهن کي ياد ڏيارڻ لاءِ ته اڄ هڪ ڪلاڪَ لاءِ بجلي بند ڪري ارٿ اور ملهائڻو آهي، هر وقت T.V ۽ ريڊيو تان ياد ڏياريو ويندو آهي ته ساڍي اٺين کان ساڍي نائين تائين غير ضروري بتيون وسائي ڇڏڻيون آهن. ياد رهي ته بنهه اونداهه Black Out ناهي ڪرڻي.
    بهرحال ان قسم جا ڏينهن يورپ، آمريڪا توڙي ايشيا جا ملڪ جپان، ملائيشيا، ٿائلنڊ جهڙا ملڪ ضرور ملهائين ۽ فخر محسوس ڪن پر مونکي حيرت اسانجي ٽي وي چئنلن تي اچي ٿي جيڪي صبح کان ڦاٽن پيا ته.... شامَ جو ساڍي اٺين کان هڪ ڪلاڪ لاءِ غير ضروري بتيون بند ڪرڻيون آهن... جيتوڻيڪ صبح کان چار دفعا هن وڏي شهر ڪراچي جي لائيٽ پاڻهي وڃي چڪي آهي ۽ ٽي وي تي پٽي پئي هلي ته پنجاب ۾ اڄ ڪلهه ڏهن کان چوڏهن ڪلاڪَ لوڊ شيدنگ ٿي رهي آهي ۽ ملتان ۽ بهاولپور ۾ عوام رستن تي ٽئر ساڙي احتجاج ڪري رهي آهي. منهنجي خيالَ ۾ اسان جهڙن ملڪن ۾ سالَ ۾ هڪ دفعو ڪلاڪ لاءِ بجلي بند ڪري Earth Hour ملهائڻ بدران هر مهيني ڪلاڪ لاءِ انهن وزيرن ۽ ڪامورن کي موچڙا هڻجن جيڪي عوام جو پئسو رينٽل ۽ ٻين چڪرن ۾ کائي ويا آهن ۽ بجلي مهيا ڪري ڏيڻ جا فقط ڪوڙا وعدا ۽ ڏٽا پيا ڏين. پر هاءِ ڙي قسمت اسان جي تعليم ۽ جانڪاري کان عاري عوام کي ڪير سمجھائي! اسان جا منجهيل ماڻهو رڳو مغربي دنيا کي ڏسي ڪڏهن مدر ڊي پيا ملهائين ته ڪڏهن فادر ڊي! اڙي بابا! يورپ ۽ آمريڪا پاسي جي تهذيب، ڪلچر ۽ مشغول زندگي ڪري هنن کي نه وقت آهي ۽ نه وري هنن جي دل ۾ احساس جو هو کڻي پنهنجي ماءُ پيءُ جي خذمت ڪن. سو انهن ماڻهن اهڙا ڏينهن ويهي ٺاهيا آهن جيئن سالَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ته ماءُ ۽ پيءُ کي ياد ڪيو وڃي پر اسان وٽ ته مشرقي تهذيب ۽ مذهب ۾ والدين جي هر وقت خذمت ڪرڻ اسانجو فرض هجڻ کپي. اسان لاءِ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. اهڙي طرح دنيا جا ماڻهو اسان تي کلندا هوندا ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ سال جي مقرر ڏينهن تي هڪ ڪلاڪ لائيٽ بند رکي ارٿ اور ملهايو ... يعني ان ملڪ ۾ جتي روز گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ هڪ نارمل ڳالهه آهي. پر اسان وٽ ماڻهن کي ڪيترن ڳالهين جو هوش ناهي. فقط انڌي تقليد آهي. باقي گارين ڏيڻ لاءِ هر وقت مغرب جي دنيا ياد ايندي. پنهنجو پاڻ کي هرگز نه ڏسنداسين.
    ان تان مونکي هڪ لطيفو ٿو ياد اچي ... وزيرن جي ڪنهن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ هڪ افغاني وزير هڪ پاڪستاني وزير کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو: “آئون افغانستان جو شپنگ منسٽر (يعني جهازرانيءَ جو وزير) آهيان.”
    پاڪستاني وزير حيرت کائيندي چيس: “پر افغانستان ۾ ته سمنڊ ئي ڪونهي.”
    افغاني وزير سگريٽ جو دونهون سندس منهن ۾ هڻندي چيو “پوءِ ڀلا توهان جي ملڪ ۾ لا منسٽر (وزير قانون) ڇو آهي؟”

    گذريل صدي جو سٺ وارو ڏهو هو جڏهن اسان جهازراني جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين ته عربن ۽ اسرائيل جي لڙائي لڳي. اسان سمجھيو ته هيترا عرب ملڪ آهن گڏجي اسرائيل کي ٺاهوڪا موچڙا هڻندا. پر پوءِ اسان کي خبر پيئي ته پئسو ۽ ماڻهن جو تعداد سڀ ڪجهه ناهي. عقل ۽ بهادري به ڪا شيءِ آهي. هي عرب ڪي حضرت عمر يا امير سلطنت جي ڏينهن جي عربن جهڙا ناهن جن قبرص، مالٽا کان اندلس ۽ اسپين تائين ميڊيٽرينين سمنڊ جا ٻيٽ ۽ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيا. اڄ وارا عرب پنهنجو وطن ته نه بچائي سگهيا پر ماڳهين سئيز ڪئنال به هٿن مان نڪري وين ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي سورن ۾ وجھي ڇڏيائون جو سئيز ڪئنال بند ٿيڻ ڪري انهن ڏينهن ۾ انگلينڊ ۽ يورپ وڃڻ لاءِ اسان کي سڄو آفريڪا جو کنڊ لتاڙڻو پيو ٿي. بهرحال اسان سان گڏ دنيا به اها ئي اميد رکي ٿي ته عراق، شام، مصر ۽ اردن گڏجي اسرائيل کي نقشي تان مٽائي ڇڏيندا پر هنن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ اسرائيل جي وزير اعظم گولڊا ميئر يا خبر ناهي ڪو ٻيو هو تنهن هنن عرب ملڪن لاءِ چيو ته زيرو پلس زيرو پلس زيرو برابر زيرو.
    اهو اصطلاح دنيا ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ اڄ تائين ڪيترائي ماڻهو استعمال ڪندا رهن ٿا. تازو ڪالهه اسان جي ملڪ جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف اهو جملو چيو جڏهن هن کان ڪنهن صحافيءَ سوال ڪيو ته “لعل مسجد تي حملو ڪرڻ کان اڳ توکي ڪنهن ته سمجھايو هوندو ته اهو غلط ڪم نه ڪر” جواب ۾ وڏي فخر سان چيائين ته”ڪنهن به نه ... بلڪل نه ... هڪ به نه ۽ پوءِ هن مٿيون زيرو وارو اصطلاح ورجايو پر بقول اسانجي پيٽارو جي هڪ فوجي آفيسر جي ته مشرف ڪجهه ٽَرو ته آهي نه.... پنهنجي لئه رکڻ لاءِ ۽ مٿين جملي کي زيرو پلس زيرو پلس زيرو کي وڌيڪَ اهميت ڏيڻ لاءِ آخر ۾ اهو به پڇ ڳنڍيو ته Divided by Zero يعني زيرو واڌو زيرو وڌاو زيرو ونڊيان زيرو.
    بقول سندس ڪنهن کان “نه ڊڄڻ واري” هن ڪمانڊو پهلوان جي انگي حسابن تي ان ڏينهن ڏاڍي حيرت ٿي! ڇو جو زيرو واڌو زيرو واڌو زيرو ته بلڪل ٻڙي يعني زيرو ٿيندو پر جڏهن زيرو کي زيرو سان ونڊ ڪبي ته جواب “هڪ” ايندو، ڇو جو اها خبر مئٽرڪ جي شاگرد کي به آهي ته ڪنهن به شيءِ کي ان ساڳي شيءِ سان ونڊ ڪبي ته جواب ‘هڪ’ ايندو. x کي x سان ونڊ ڪبي ته جواب هڪ ايندو. ab کي ab سان ونڊ ڪبي جواب ۾ هڪ ايندو. 5 کي 5 سان ونڊ ڪبي جواب ۾ هڪ ايندو. اهڙي طرح 0 کي 0 سال ونڊ ڪبو ته جواب هڪ ايندو ... ڪمانڊو مشرف کي پنهنجي Maths کي تيز ڪرڻ کپي.
    منهنجي خيال ۾ مئٿس ۾ تيز آئون به نه آهيان ڇو جو منهنجو مٿيون ڪالم ڇپجڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر جاويد لاڙڪ درستي ڪئي ته زيرو يعني ٻڙيءَ ئي ٻڙيءَ سان ونڊ ڪرڻ اسپيشل ڪيس آهي جنهن جو جواب انفنٽي (لا محدود) ٿئي ٿو .... نه فقط زيرو کي زيرو سان، بلڪ ڪنهن به نمبر کي زيرو سان ونڊ ڪرڻ سان جواب لامحدود (Infinity) اچي ٿو.


    پنهنجن ٻچن کي اوڙاهه ۾ نه وجھو

    وڏي عرصي کان پنهنجي اڙدو توڙي سنڌي اخباري ڪالمن ذريعي پرديس ۾ رهندڙ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي پريشانين ۽ ٺڳ ايجنٽن جي ڪوڙين نوڪرين ڏيارڻ جي ڏٽن بابت ڪافي ڪجهه لکيو آهي ته جينئن اسان جا ماڻهو خبردار رهي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ ئي پريشانين ۾ مبتلا نه ڪن. جيتوڻيڪ هاڻ وڌيڪَ لکڻ کان پاڻَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر رکي رکي ڪا اهڙي دل کي جھٻو ڏيندڙ ڳالهه رونما ٿيو پوي جو عوام جي آگاهي لاءِ ان سلسلي ۾ هڪ وڌيڪَ ڪالم لکڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃان .. اهو ان ڪري ته جيئن اهي، جن منهنجن ماضيءَ جي ڪالمن کي نه پڙهيو آهي يا سبق حاصل نه ڪيو آهي، انهن کي ڄاڻَ ملي سگهي ۽ ان ڄاڻَ جي آڌار تي هو پنهنجو پاڻَ کي مصيبت ۾ ڦاسڻ کان بچائي سگهن، جيئن ٺڳ ماڻهن/ايجنٽن جون ڏياريل لالچون هنن کي لوڀي نه بڻائين ۽ جھجھي جي حاصل ڪرڻ جي هٻڇ ۾ پنهنجو ٿورو به نه وڃائين.
    ڪالهه مون کي ڪراچي جي ڪنهن علائقي جي مدرسي جي مولوي جو فون آيو ته هو سخت پريشان آهي جو هن جي پٽ کي ملائيشيا ۾ جيل ۾ وجهي ڇڏيو اٿن ۽ جيئن ته آئون ان ملڪ ۾ ڪافي سالَ رهي چڪو آهيان ۽ ان بابت لکندو رهان ٿو سو هو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڄاڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجا ڪجهه منٽ وٺڻ چاهي ٿو.
    “آئون بلڪل واندو آهيان. توهان پڇي سگهو ٿا ۽ آئون پنهنجي سمجهه آهر توهان کي ضرور جواب ڏيندس.” مون وراڻيومانس.
    “سائين منهنجو پٽ پـڙهڻ لاءِ ملائيشيا ويو پر ڪالهه پوليس هن کي جھلي ورتو آهي ته تنهنجي پاسپورٽ تي ويزا جو اسٽڪر نه لڳل آهي.” هن ٻڌايو.
    پڙهندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته اسان جي ملڪ جا شاگرد توڙي ٻين ملڪن، خاص ڪري آفريڪا جي ملڪن جا، ان کان علاوه ايران ۽ يمن جهڙن ملڪن جا ڪيترائي نوجوان مئٽرڪ ۽ انٽر بعد ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان آئون اهو خيال رکان ٿو ۽ صلاح ڏيندو رهان ٿو ته اسان جي ملڪ جا والدين پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم يعني اهم سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪرڻ يا ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس جي خاص ۽ نين اڀرندڙ برانچن ۾ وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ٻاهر ضرور موڪلين باقي B.Sc، M.Sc، ايم بي بي ايس يا B.E جهڙين بنيادي ڊگرين تائين تعليم پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڏيارجي. جيڪڏهن ڪنهن کي نواب شاهه يا لاڙڪاڻي جو انجنيئرنگ ڪاليج نٿو وڻي ته مائٽن کي کپي ته پنهنجن ٻارن کي ڄامشوري مان يا ڪراچي يا لاهور جي ڪنهن خانگي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽي مان پڙهائين جتي توهان جو ٻار توهانجي پهچ ۾ ته هوندو ۽ ڪجهه به هجي ولايت کان خرچ به گهٽ ايندو. اهڙن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا پروفيسر اسان وٽ به بيحد قابل ۽ بين الاقوامي معيار جا آهن.
    ڪيترا ٻار جيڪي بنهه هوشيار نه آهن. انٽر بعد هنن کي پنهنجي مُلڪَ جي ڪنهن به پروفيشنل ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نٿي ملي پر مائٽ پنهنجن ٻارن کي ڊاڪٽري يا انجنيري پڙهائڻ لاءِ ملائيشيا، چين، انگلينڊ يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ موڪلين ٿا جتي جي سٺن ڪاليجن يا يونيورسٽين ۾ اتي به کين داخلا نٿي ملي پر ڪيترن ملڪن ۾ پرائيويٽ “دو نمبري” تعليمي ادارا آهن جن جو ڪم تعليم جي معيار سان نه پر پئسو ڪمائڻ سان آهي. شاگرد جي حاضري بهتر هُجي يا نه، پڙهائي ۾ سٺو هجي يا نه سندن ڪم بس ٻُڪ پئسن جا وٺي کين ڊگري ڏيڻ آهي. اهڙن ڪاليجن يا يونيورسٽين مان حاصل ڪيل ڊگريءَ جي Value هتي انهن ملڪن ۾ ته ناهي پراسان جهڙن ملڪن پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا وغيره ۾ به نه آهي ۽ نه انهن ڊگرين جي آڌار تي ڪا نوڪري ملي ٿي.
    اسانجي ملڪ جا ڪي مائٽ جڏهن ڏسن ٿا ته هنن جي ٻارن مئٽرڪ ۽ انٽر تائين ته ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. ڪنهن به پروفيشنل ڪاليج ۾ کين داخلا نه ملي سگهي ۽ نه وري ڪو هنن ۾ همت آهي ته قانون، انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپيوٽر يا سائنس ۽ مئٿس جهڙن سبجيڪٽن ۾ ڪراچي، سنڌ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور يا ڪنهن ٻي يونيورسٽي مان ماسٽرس يا ڊاڪٽوريٽ ڪري نوڪري حاصل ڪري سگهن. سو هو هنن کي ملائيشيا ڏي تعليم لاءِ موڪلين ٿا. ملائيشيا جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ ڪيتريون ئي خانگي هنري ۽ تعليمي ادارا آهن جتي رڌ پچاءَ، اليڪٽرڪ، ويلڊنگ، ڪارپينٽري جهڙا ڪورس ڪرائي کين ڊپلوما ڏني وڃي ٿي. اهڙا ڪورس اسان جي ملڪ جي ٽنڊو الهيار، باڪراڻي، خيرپور ناٿن شاهه جهڙن ڳوٺن ۾ به ٿيندا رهن ٿا. پر هي جوان ولايت جي شوق ۾ ٻاهر نڪرن ٿا ... ڪجهه وري اها اٽڪل ڪن ٿا جو پهرين سيمسٽر (ٽن چئن مهينن) جي في ڏئي ان تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي پوءِ پاسپورٽ تي Student ويزا لڳرائي پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺڻ بدران هو شهر ۾ نوڪري جي ڳولا ۾ لڳا رهن ٿا جيڪا ملڻ تي هو پڙهائي ڇڏي نوڪري شروع ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ وزٽ ويزا تي وڌ ۾ وڌ ٽي مهينا رهڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. پر هن اسٽوڊنٽ ويزا ذريعي هو لڳاتار سال کن به رهي سگهي ٿو ۽ لڪ چوري نوڪري ڪندو رهي ٿو. ان معاملي ۾ ملائيـشيا ۾ توڙي جپان ۽ يورپ جهڙن ملڪن ۾ به مڪاني مالڪ (سيٺ، دڪاندار زميندار، ڪارخانيدار) اکيون پوريو ڇڏين ۽ پوليس کي اطلاع نٿا ڪن ته هنن وٽ ڌاريان ماڻهو غير قانوني طرح ڪم ڪن ٿا. اهو ان ڪري جو هر ملڪ ۾ غير قانوني ماڻهو گهٽ پگهار تي ڪم ڪري ٿو، سهولتن جي demand نٿو ڪري، هر وقت خوف ۾ رهي ٿو ۽ ميڊيڪل يا ٻين سهولتن جو نالو به نٿو وٺي. مالڪ لاءِ هن کي نوڪريءَ مان ڀڄائڻ به سولو ڪم ٿيو پوي. مالڪ جي هڪ فون تي پوليس هن کي جھليو وڃي ته تون Visit ويزا يا Study ويزا تي اچي نوڪري يا پورهيو مزوري ڇو پيو ڪرين؟
    اسٽوڊنٽ ويزا تي اچي غير قانوني طرح نوڪري ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ ڪجهه سالن کان ملائيشيا جي حڪومت سڀني تعليمي ادارن کي اهي حڪم جاري ڪيا آهن ته شاگردن جي پاسپورٽ تي Student ويزا لڳرائڻ بعد اهي پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگھا رکن ۽ شاگردن کي فقط رسيد جاري ڪن جيئن هو پوليس جي پڇا تي ڏيکاري سگهن ته هو فلاڻي اداري جا شاگرد آهن ۽ پوليس ان تعليمي اداري کان ان شاگرد جي پڪ ڪري سگهي ٿي ته هو اسڪول/ڪاليج اٽينڊ ڪري پيو يا غائب آهي. هاڻ جڏهن ڪراچي جي هن همراهه ٻڌايو ته هن جي پٽ جي پاسپورٽ تي ويزا جو Sticker نه هجڻ ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهي ته مون هن کي يڪدم چيو ته اهو ان اسڪول يا ڪاليج وارن جو ڪم آهي جنهن ۾ هن داخلا ورتي آهي. ان لاءِ سندس پٽ پوليس کي رسيد ڏيکاري سگهي ٿو جيڪا ڪاليج وارن ڏني هوندس ته هن جي تعليم ۽ ويزا جي في ڀريل آهي ۽ پاسپورٽ ڪاليج وارن وٽ آهي. ان قسم جو ڪيس فقط ٻه مهينا کن اڳ منهنجي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري سان به ٿي چڪو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي ماڻهو به سست آهن. هن جنهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي ان تي ڪاليج وارن کان ويزا لڳرائڻ رهجي وئي هئي ۽ هو پريشان هو ته هاڻ ڇا ڪري. نيٺ هن پرنسپال کي وڃي چيو ته هن جي ڪاليج جي انتظاميه جو ڏوهه آهي ۽ هو پوليس اسٽيشن تي وڃي ٿو رپورٽ لکرائي. جي نه لکرائيندو ته پوليس کي خبر پئجي وڃڻ تي هو ڏوهاري ٿي پوندو. ڪاليج جي پرنسپال يڪدم ڀڄ ڊڪ ڪري هن جو مسئلو حل ڪيو.
    ڪيترا ماڻهو اهو سمجھندا آهن ته اهڙين ڳالهين ۾ اسان جو ملڪي سفارتخانو پرديس ۾ پريشان ٿيل پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جي مدد ڪري. پر پرديس ويندڙن جي اطلاع لاءِ، بلڪه خوش فهمي دور ڪرڻ لاءِ لکندو هلان ته اسان جي سفارتخانن وٽ نه ايڏو اسٽاف آهي ۽ نه وري پئسو ڏوڪڙ جو ان ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجي هم وطنين جا مسئلا حل ڪندا رهن ۽ مسئلو به ڪنهن هڪ ٻن جو هجي يا ڪڏهن ڪڏهن هجي ته ٻي ڳالهه آهي ... هتي ته روزانو اسان جي ملڪ جا ماڻهو ننڍن توڙي وڏن ڏوهن ۾ پڪڙبا رهن ٿا. گذريل مهيني هڪ افغان نسل جي پاڪستانيءَ (خبر ناهي اصلي پاڪستان هو يا پاڪستاني پاسپورٽ هٿ ڪري پاڪستاني ٿي ويو هو) هڪ چيني ٽئڪسي ڊرائيور جو خون ڪري هن کان پئسا ڦري ورتا. اخبار ۾ خبر ايندي رهي آخر اهو خوني پڪڙيو ويو ته خبر پيئي ته پاڪستاني آهي! اهڙين ڳالهين ڪري اسان جي ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو رهي ٿو. اسان جي ماڻهن کي کپي ته ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ سان ان ملڪ جي قانون جو احترام ڪريون. اسان جو ماڻهو ڪجهه ان ئي خيالَ ۾ رهي ٿو ته ڏوهه ڪرڻ جي باوجود هن جو ڪو نالو نه وٺي سگهندو پر اڄ ڪلهه جي سڌريل ملڪن ۾ نه فقط سخت قاعدو قانون آهي پر ان تي عمل به ٿئي ٿو. پئسي (رشوت) يا سفارش هلائڻ سان ڪو به ڇٽي نه ٿو سگهي. ان جا ڪيترائي مثال آئون پنهنجن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.
    ايئرپورٽ مان نڪري اچي ٽئڪسي ۾ ويٺس ۽ دل ۾ سوچيم ته ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا مردَ توڙي عورتون حج تي ويندي به سمگلنگ کان نٿا مڙن. اسان تي ڪير اعتبار ڪندو ... اسان کي ڪير شريف سڏيندو؟! ۽ ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته ڪو زمانو هو جو ملائيشيا توڙي عرب ملڪن ۾ اسان جو مانُ هو، اسان کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل سمجهيو ويو ٿي. اسان جو دنيا جي هر ملڪ ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو ٿي. ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ سري لنڪا جهڙن ملڪن جون ته جهازران ڪمپنيون هوائي ڪمپنيون، تعليمي ادارا اسان پاڪستانين ٺاهيا ۽ انهن کي سالن جا سالَ هلايو..... پر اڄ اسان لاءِ حالتون اُبتڙ ٿي ويون آهن...
    اڳي ائين هئاس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
    هاڻ ائين ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين
    اڄ ملائيشيا جهڙي ملڪ جي هوائي اڏي تي لهڻ سان اسان جي ملڪ جا ماڻهو هٿ ڪڙين ۾ نظر اچن ٿا.... جو هو نقلي ويزا تي فراڊ ڪري ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ سوگها ڪيا ويا آهن ۽ کين هتان ايئرپورٽ تان ئي ٻي اڏام ۾ ڊيپورٽ (واپس) ڪيو پيو وڃي. هتي جي اخبارن ۾ پاڪستانين جي ڏوهن جو پڙهي ٻاهر منهن کڻي نڪرڻ تي دل نٿي چوي، هتي جا توڙي عرب ملڪن جا جيل اسان پاڪستانين سان ڀريا پيا آهن جن مان اڌ کان وڌيڪَ اهي ڏوهاري آهن جيڪي غير قانوني طور يا ڪوڙين ويزائن ۽ نوڪرين جي جعلي خطن تي پڪڙيا ويا آهن ۽ ٻيا اهي آهن جن پاڻ سان نشي آور شيون آنديون يا ممنوع شين جي سمگلنگ ڪئي، يا هنن ملڪن ۾ رهي چوري، زنا ۽ قتل جهڙا ڏوهه ڪيا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو بدنام ڪيو.
    1991ع تائين به ملائيشيا وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي ويزا جي ضرورت نه هوندي هئي. بس دڪان تان ٽڪيٽ خريد ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهي ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي اچي لهبو هو جتي ملائيشيا جو اميگريشن آفيسر 3 مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. جيتوڻيڪ انڊيا وارن تي اسان کان گهڻو گهڻو اڳ 1987ع ۾ ئي ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا وارن ويزا جي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. پر پوءِ اسان جي ماڻهن جي غلط حرڪتن ڪري جن ۾ اصل پاڪستاني ايترا نه هئا جيترا افغاني ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني حاصل ڪيل پاڪستاني پاسپورٽ وارا هئا، اسان پاڪستانين لاءِ ويون سختيون وڌنديون. اڄ اسان جنهن هنڌ تي بيٺا آهيون ان جو سوچي هر درد رکندڙ هم وطنيءَ کي افسوس ٿئي ٿو.
    ٿوري دير بعد مونکي وري ساڳي همراهه جو فون آيو. “سائين معاف ڪجو. آئون توهان کي ڊسٽرب ڪري رهيو آهيان.”
    “نه نه آئون واندو ويٺو آهيان. توهان ٻڌايو توهان جي پٽ جي ويزا لاءِ ڪاليج جي پرنسپال سان ڳالهه ٿي؟”
    “دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن کي جيل ۾ رکيو اٿن ۽ چون ٿا ته ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو جنهن لاءِ وڪيل چوي ٿو ته پاسپورٽ هجي ها ته ڪيس وڙهڻ سولو ٿئي ها.” هن ٻڌايو.
    “ته پوءِ پاسپورٽ لاءِ هن جي پرنسپال سان ڳالهه ڇو نٿا ڪريو جنهن هيڏيون ڳريون فيون وٺي هن کي داخلا ڏني آهي ۽ اسٽوڊنٽ ويزا وٺرائي ڏيڻ به هن جي ذميداري آهي.” مون پڇيو، جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته “دراصل هو پڙهڻ لاءِ نه ويو هو پر نوڪري لاـءِ ويو هو هن وٽ آزاد ويزا هئي ۽ اسان جا ڪجهه مائٽ اتي رهن ٿا جن هن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو”
    مونکي ته اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته اها آزاد ويزا ڇا بَلا آهي. اڄ کان ويهارو سال اڳ سعودي عرب ۾ پنهنجي هڪ عرب دوست وٽ مهينو کن وڃي رهيو هوس. اسان ڪنهن زماني ۾ سئيڊن ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين. هاڻ هن پنهنجي شهر ينبعو (ينبع) ۾ پلاسٽڪ جي پائيپن جي فئڪٽري ٿي هڻڻ چاهي ۽ هڪ انجنيئر جي حيثيت ۾ هن چاهيو ٿي ته آئون اتي رهي اها فئڪٽري لڳرائڻ ۾ هن جي رهنمائي ڪريان جو کيس ان بابت نه ايتري ڄاڻَ هئي ۽ نه وقت. هو ينبو بندرگاهه ۾ سعودي حڪومت طرفان ڊائريڪٽر هو ۽ سندس سبجيڪٽ اڪائونٽس ۽ فائننس هو. بهرحال منهنجي ساڻس ڪچهري به ٿيندي رهي ٿي ته فئڪٽري جي ڪم جي به ديک ڀال به هلندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري جمعي ڏينهن، اسان مديني به هليا ويندا هئاسين جيڪو ائين هو جيئن ڪراچي کان حيدرآباد..... بلڪه ان کان به گهٽ فاصلي تي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ينبو شهر جي صدر (وچ شهر) واري علائقي ۾ چڪر لاءِ هليو ويندو هوس جتي مونکي ڪيترائي پاڪستاني پورهيت: واڍا، رازا، اليڪٽريشن وغيره ملندا هئا، جيڪي ڏهاڙي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پريشان رهيا ٿي. ظاهر آهي ڪم ايترو نه هو جيترا ڪم وارا موجود هوندا هُئا ۽ عرب ملڪن جي پئسي جو بُوم (زور) به ختم ٿي چڪو هو. هي عراق ۽ ڪويت جي جنگ بعد وارا ڏينهن هئا. عرب حڪومت توڙي ماڻهن وٽ اهو پئسو نه رهيو هو. پئسو خرچڻ بدران... جنهن جا داستان دنيا ۾ عام ٿيا ته هڪ عرب انگلينڊ جي ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ بعد ڪمري جي صفائي ڪندڙ Maid (نوڪرياڻيءَ) کي پنهنجي ڪار ڏئي ڇڏي.... سحر وڃائي ويٺا هئا. ينبعو جهڙي شهر ۾ ڪيترا اهڙا به عربَ نظر آيا ٿي جن ڀاڄي خريد ڪرڻ تي به يمني، بنگالي، مدراسي دڪاندارن سان اگهه تي بحث ٿي ڪيو..... سو ڪيترائي اسان جا واڍا رازا سڄو سڄو ڏينهن بلڪه هفتن جا هفتا بيروزگار ٿي رهيا. آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته جڏهن جاب ناهي ته هي ويچارا هتي ڇو آيا آهن. انهن تي هنن اهوئي جواب ڏنو ٿي ته ڪو زمانو هو جو اسان جي ماڻهن عرب دنيا ۾ اچي خوب ڪمايو ۽ انهن کي ڏسي اسان کي به شوق ٿيو ته سعودي اچي نوڪري ڪريون. پر جڏهن نوڪري نه ملي سگهي ته اسان سٺ ستر هزار رپين ۾ هتي جي آزاد ويزا، عربن کان خريد ڪري ان آسري تي آيا آهيون ته من پاڻ نوڪري ڳوليون. پر هتي اچي ڏٺوسون ته اسان پاسي جي غريب ملڪن جا اسان جهڙا سوين هزارين بيروزگار ان قسم جي آزاد ويزا خريد ڪري، نوڪري لاءِ پيا واجھائين. ڪمائي (روزگار) ۽ بچت ته ڇا ايترو پئسو نه پيو ملي جو کڻي قرض لاهيون جيڪو کڻي ويزا خريد ڪئسين.
    بعد ۾ ان ڌنڌي کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ سعودي حڪومت پنهنجن ماڻهن تي به سختي ڪئي جيڪي پاڪستان ۽ هندستان جهڙن غريب ملڪن ۾ اچي ماڻهن کان پئسا وٺي کين پاڻ وٽ گهرائڻ جي ويزا ته ڏئي رهيا هئا پر هنن جي نوڪري ۽ رهائش جو ذمو نٿي کنيائون. ان بعد عرب حڪومت هر عرب کي لاتعداد ويزائون ڏيڻ جي اجازت ڏيڻ بند ڪري هن کي فقط چار ماڻهن کي گهرائڻ لاءِ ويزائن جي اجازت ڏني. هڪ ٻارن جي سار سنڀالَ لاءِ آيا (Ayah) نوڪرياڻي گهرائڻ جي ‘آيا ويزا’، ٻي نوڪر (Boy)، ٽي بورچي (Cook) ۽ چوٿين ڊرائيور (Driver) ويزا ... اهي ويزائون ABCD جي نالي سان مشهور ٿيون. مونکي ياد آهي ته اسانجي ڳوٺ جو هڪ ڊاڪٽر هڪ عرب کان ڊرائيور جي اوپن ويزا وٺي پوءِ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽري جي ڳولا اچي ڪئي. هو ته ڪامياب ٿي ويو پر ڪيترن کي ڪمپائونڊري به نه ملي سگهي. پاڻ سان کڻي ويل خرچ پکو ختم ڪري موٽي آيا. سو ان ABCD ويزا سسٽم ۾ به عربن اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي خوب ڦريو جو اهو عرب جنهن کي سائيڪل به نه هئي ان به حڪومت کان هڪ عدد ڊرائيور جي ويزا جو اجازت نامو حاصل ڪري ڪنهن پاڪستانيءَ کي لک ٻه لک ۾ وڪڻي پئسو ڪمايو. پر جيسيتائين ملائيشيا جو سوال آهي اتي منهنجي ڄاڻَ مطابق ڪو به اهڙو ويزا جو سسـٽم ناهي. ملائيشيا جيڪي گهمڻ لاءِ اچن ٿا اهي پاڪستان مان پنهنجي ٽريول ايجنٽ جي معرفت يا ڊائريڪٽ ڪراچي ۾ موجود ملائيشيا جي قونصل خاني کان گهربل ڊاڪومينٽ (بئنڪ اسٽيٽمينٽ، لائيٽ ۽ فون جي بل جي ڪاپي وغيره) جمع ڪرائي ويزا حاصل ڪن ٿا ۽ کين ٽن مهينن جي گهمڻ جي ويزا جو پاسپورٽ تي ٺپو لڳي ملي ٿو. ڪئالالمپور هوائي اڏي تي پهچڻ تي اتي جي اميگريشن جو آفيسر اهو ويزا وارو ٺپو ڏسي Online ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪري ٿو ته اها واقعي اصلي ويزا آهي يا جعلي. جعلي ويزا جي حالت ۾ هن کي اتي ئي روڪيو وڃي ٿو جيئن ٻي اڏام ۾ واپس پنهنجي ملڪ هليو وڃي يا ملائيشيا جي پوليس حوالي ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ويزا ۽ ٻيا ڪاغذ (پاسپورٽ وغيره) صحيح آهن ته ان صورت ۾ به فقط هڪ مهينو ملائيشيا ۾ رهڻ جي اجازت ڏين ٿا جيئن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ سسٽم آهي. ڪراچيءَ ۾ آمريڪا جو سفارتخانو جيتوڻيڪ پنجن سالن جي ويزا هڻي ڏئي ٿو نيويارڪ يا واشنگٽن پهچڻ تي اتي جي اميگريشن وارن تي منحصر آهي ته هو مسافر جو جائزو وٺي کيس هڪ مهيني جي ويزا ٿا ڏين يا ٽن جي يا ڇهن جي. ڪن حالتن ۾ ته هو موٽايو به ڇڏين جنهن لاءِ هو سبب ڏيڻ جا به پابند نه آهن.
    ٻين ملڪن وانگر ملائيشيا ۾ به وزٽ ويزا تي اچي گهمي ڦري سگهجي ٿو. ان ويزا تي نوڪري يا ٻيو ڪم ڪرڻ قانوني طرح ڏوهه آهي. جڏهن به ڪنهن کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي ٿي پوءِ چاهي اها ڊاڪٽري، انجنيئري، ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جي پروفيسري يا ڪنهن فئڪٽري ۾ ويلڊنگ، بجلي يا مڪينڪي ته ان لاءِ پاسپورٽ تي پاڪستان ۾ موجود سفارتخاني يا قونصل خاني طرفان ورڪنگ ويزا جو پنو (Sticker) لڳي ملي ٿو. اها ويزا اڪثر هن ريت ملي ٿي. اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر يا انجنيئر يا ٻيا اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي يا انٽرنيٽ تي خالي جاين جي معلومات حاصل ڪري انهن ادارن کي نوڪري جي درخواست يا بايوڊاٽا موڪلين ٿا ... چونڊجي وڃڻ تي، يعني نوڪري ملڻ تي اتي جي ڪمپني اسان جي ملڪ جي اميدوار کي appointment جو ليٽر موڪلي ٿي ته اهو ليٽر (يا ان سان گڏ موڪليل ڪو ٻيو پنو) کڻي ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل خاني کي ڏيکاري نوڪري جي ويزا جو پاسپورٽ تي ٺپو هڻاءِ. ساڳي وقت ملائيشيا جي اها ڪمپني ان ليٽر جي هڪ ڪاپي ڪراچي واري قونصل خاني کي direct به موڪلي ٿي، جنهن جي آڌار تي اميدوار جي پاسپورٽ تي ويزا لڳائي وڃي ٿي ۽ هو نوڪري تي اچي چڙهي ٿو. ان لاءِ ڪمپني هن کان ويزا جا پئسا نٿي وٺي بلڪه ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ سان هن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿي ۽ پگهار جو ڪجهه حصو اڳواٽ به ڏئي ٿي... جيئن هن کي ڌارئين ملڪ ۾ پريشاني نه ٿئي.
    هن همراهه پنهنجي پٽ لاءِ اهو ٻڌايو ته هنن جي واقفڪارن جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا، نوڪريءَ جو بندوبست ڪيو آهي. (يا شايد اهو چيائين ته هنن جو اتي پنهنجو ڪاروبار آهي جنهن ۾ هن کي به نوڪري ۾ لڳرائي رهيا هئا.) مون کانئس اهو پڇيو ته “پوءِ توهانکي ان نوڪريءَ لاءِ هنن Appointment Letter موڪليو هو؟”
    “نه” هن وراڻيو.
    “ته پوءِ توهانجي پٽ کي ملائيشيا جي قونصل خاني ڪيئن ورڪنگ ويزا ڏني؟”
    هن ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ رهندڙ هن جي دوستن (يا شايد مائٽن) هن کان نوڪري ڏيارڻ جا ٻه لک ورتا ۽ چيائون ته ڇوڪرو ڪراچي کان وزٽ ويزا تي ڪئالالمپور پهچي ته پوءِ اتي اسان هن جي وزٽ ويزا کي بدلائي ورڪنگ ويزا ڪنداسين.....
    بهرحال مونکي هن پيءُ جي ڳالهه سمجھه ۾ نه اچي سگهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هو ويچارو پاڻ منجھيل لڳي رهيو هو. لڳو ٿي ته سندس دوستن (يا مائٽن) هن مان پئسو ڪڍي هن جي ڇوڪري کي ڪنهن اٽڪل سٽڪل ذريعي ملائيشيا ۾ ڪٿي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ هاڻ سزا جي ڊپ کان هو پاسيرا ٿي ويا آهن. دراصل ان قسم جا به انيڪ واقعا روز ٿيندا رهن ٿا. ظالم ۽ ٺڳ ايجنٽ اسان جي مجبور ۽ وسوڙيل ماڻهن کي نوڪرين جا ڪوڙا ڏٽا ڏئي بيوقوف بڻائيندا رهن ٿا. ڪئالالمپور پهچڻ تي هو جڏهن انهن آفيسن يا ڪارخانن جي ائڊريس مطابق ڳولا ڪن ٿا ته خبر پوي ٿي ته اهي غلط پتا آهن ۽ اهڙي ڪا آفيس يا ڪارخانو ئي ناهي. يا ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ تي اهي ايجنٽ گهرايل ماڻهن کان پاسپورٽ وٺي کين الڳ ٽئڪسين ۾ چاڙهي پاڻ پنهنجي ڪار ۾ ڀڄيو وڃن. پوليس ويتر کين پاسپورٽ نه هجڻ جي ڏوهه ۾ جيل اندر ڪريو ڇڏي. ان قسم جي ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ملائيشيا حڪومت هاڻ ائين ڪيو آهي ته نوڪري لاءِ آيل ڪو به ڌاريون ماڻهو ايئرپوٽ کان تيسين ٻاهر نٿو نڪري سگهي جيسين هن کي نوڪري ڏيڻ وارو ڪارخاني جو مالڪ يا آفيس جو مئنيجر پاڻ ايئرپورٽ تي اچي.
    بهرحال مون هن پريشان پيءُ کي اهائي صلاح ڏني ته هو پنهنجن دوستن (مائٽن) کي فون ڪري پڇي ته هنن ڪهڙي قسم جي نوڪري ڏني ۽ ان لاءِ ويزا جو هتان ئي بندوبست ڇو نه ڪيائون ۽ هاڻ هن جي پٽ کي جيلَ ۾ ڇو رکيو اٿن جڏهن هر ڳالهه جو هنن ذمو کڻي هن کي ملائيشيا ۾ گهرايو.
    دراصل اسان جي ملڪ جي خراب معاشي حالتن ۽ بيروزگاريءَ اسان جي ماڻهن کي مجبور ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جو فائدو ٺڳ ايجنٽ ۽ ظالم ماڻهو دوستي ۽ مائٽي جو نمونو ڪري وٺي رهيا آهن. هڪ طرف هو غريبن کان پئسو ڦرين ٿا ته ٻئي طرف هنن جي ٻچن کي پرديس ۾ جيلن حوالي ڪريو ڇڏين. ٿي سگهي ٿو منهنجو هي مضمون پڙهندڙن کي ان قسم جي ٺڳين کان هوشيار رهڻ جي آگاهي ڏئي سگهي ۽ هو پنهنجن ٻچن کي مصيبت ۾ وجھڻ کان پرهيز ڪن ـــ ٺڳ ايجنٽن جي ڌتارڻ تي لالچ ۽ لوڀَ ۾ اچي پنهنجن ٻارن کي اوڙاهه ۾ نه وجھن.


    نقلي نوٽ.... نقلي ڊرائيونگ لائسنس!

    71-1970ع تائين سنگاپور ٺڳن جو ملڪ سمجھيو ويو ٿي. دنيا جي هر “دو نمبري” شيءِ پينن ۽ واچن کان صابڻن ۽ چاڪليٽن تائين سنگاپور ۾ ملي ٿي. اسان جي ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا توڙي دبئي، عدن ۽ ممباسا) جا ٺڳ واپاري سنگاپور جي سرنگون روڊ ۽ هاءِ اسٽريٽ وارن دڪانن اڳيان خريد و فرخت ڪندي نظر ايندا هئا. هوائي جهازن جون ايئر هوسٽسون توڙي اسان جا بحري جهازن وارا همراهه، هِتان نَقلي برانڊيڊ قميصون، رومال، واچون، ڪئلڪيوليٽر ۽ ڪئميرائون سستي اگهه تي وٺي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي ۾ ڏيندا هئا. پئسا مٽائڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن دڪاندار هڪ اڌ جعلي نوٽ به ڏئي ڇڏيندا هئا. جهاز ڇٽڻ بعد يا ٻي ملڪ پهچڻ تي جڏهن اسانکي نقصانَ جي خبر پوندي هئي ته پوءِ سنگاپور جي ماڻهن ۽ حڪومت کي گاريون ڏيندا هئاسين ۽ هِڪَ ٻي کي خبردار ڪندا هئاسين ته سنگاپور جي ٺڳن کان بچي رهجو.
    حيدرآباد ۽ سکر شهر جيڏي هِنَ ٻيٽَ جي امن امان جي صورت به ڪا سٺي نه هئي. جهاز پهچڻ تي مڪاني آفيس طرفان اسان کي چِتاءُ ڏنو ويندو هو ته رات جو ٻاهر نڪرڻ کان گريز ڪريو. ڏينهنَ جو به اڪيلي سِر پري نه وڃو. هر بس تي سنگاپور جي چئني قومي زبانن (انگريزي، ملئي، چيني ۽ تامل) ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن کان خبردار رَهو.
    ڪجهه اهو ئي حال هانگ ڪانگ جو هو... جتي پڻ دنيا جي هر نقلي شيءِ ٺهي ٿي. نوٽن ۽ اسڪولن ڪاليجن جي ڊگرين کان هوائي ۽ بحري جهازن جي اسپيئر پارٽس تائين. اڄ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ قاعدي قانونَ ۽ امن امانَ کان مشهور آهي. مجال آهي جو توهان کي ڪا نقلي شيءِ ملي. مجال آهي جو ڪو ماڻهو ٺڳي ڪري.
    سنگاپور جي ڪنهن روڊَ تي توهان جو ٻٽون ڪري پوي ته به ڪو ان کي پنهنجو نه ڪندو. موٽي اچڻ تي توهان کي اتي ئي ملندو يا ان علائقي جي پوليس اسٽيشن جي Lost & Found جي ڪائونٽر تي. اڄ سڀ کان سخت پڙهائي ۽ ڊسيپلين سنگاپور جي تعليمي ادارن ۾ آهي ۽ سنگاپور مان حاصل ڪيل ڊگريءَ کي سڄي دنيا ۾ مانُ ڏنو وڇي ٿو.... ڇو ته هر هڪ کي خبر آهي ته هن ملڪ جي ڊگري نقلي ٿي نٿي سگهي ۽ هن ملڪ جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارو شاگرد ٿي نٿو سگهي ته هوشيار نه هجي .... محنتي نه هجي .... پنهنجي سبجيڪٽ جو ڄاڻو نه هجي. ان ڪري سنگاپوريءَ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ سولائيءَ سان نوڪري مليو وڃي ۽ سنگاپور جي پاسپورٽ جو ايڏو ته مان ۽ عزت آهي جو سنگاپوريءَ کي آمريڪا جهڙي مُلڪَ ۾ گهڙڻ لاءِ به ويزا جي ضرورت ناهي. سنگاپوري جيڪي ڪنهن زَماني ۾ ٺڳ ۽ چور سمجھيا ويندا هئا اڄ اهي ايڏو عزت مابَ ٿي ويا آهن جو هو جڏهن چاهين ۽ جنهن وقت چاهين ته نه فقط آمريڪا پر يورپ جي به هر ملڪَ ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ جيترا ڏينهن هو چاهين اتي رهي سگهن ٿا.
    اهي ماضي ۽ حال جون ڳالهيون سوچي مونکي پنهنجي مُلڪَ ۽ ماڻهن تي ڏک ٿيندو آهي ته اڄ اسان کي ان آڳاٽي سنگاپور کان به بدتر سمجھيو وڃي ٿو ۽ اسان سان هر برائي وابسته ڪئي وڃي ٿي. هر ٺڳي جو ۽ دو نمبري ۽ نقلي ڪم اسان جي مُلڪَ ۽ ماڻهن سان لاڳاپيو وڃي ٿو. ان جو پهريون دفعو احساس مونکي 1991ع ۾ ٿيو جڏهن ڪئالالمپور ۾ ڪجهه نوڪرين لاءِ اُميدوارن جا انٽرويو وٺڻ لاءِ مونکي به ججن جي پئنل تي وهاريو ويو هو. اسان جي مُلڪَ جا شاگرد به ايندا رهيا ٿي. هو انڊيا ۽ بنگلاديش جي اُميدوارن کان جيتوڻيڪ گهٽ ذهين ۽ ڄاڻو ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪمزور لڳا ٿي پر تڏهن به ڪم هليو پئي. ڪجهه نه ڪجهه کي نوڪري ملي وئي ٿي. ۽ پوءِ ڌمچال اُن وقت پئدا ٿيو جڏهن اسانجي ٻن همراهن جون ڊگريون نقلي نڪتيون. مونکي ته حيرت ٿي ته اهي نقلي اهڙي نموني ٺهيل هيون جن تي ظاهري طرح ذري برابر به شڪ نٿي ٿيو. بهرحال ان قسم جي وارداتن ڪري اسانجي مُلڪَ جي شاگردن کان هرڪو ادارو ۽ ڪمپني پاسو ڪرڻ لڳو ۽ چند شاگردن جي بدنامي ڪري اڄ ڏينهن تائين ٻيا لائق فائز شاگرد به Suffer ڪري رهيا آهن.
    اسانجي نقلي شين جي ڪاروبارَ جو اهو حال آهي جو هڪ دفعي آئون بئنڪ تان پئسا ڪڍائي ڀر ۾ ئي اتي ڪلفٽن جي هڪ دڪاندار کي پئسا ڏيڻ آيس ته هن انهن نوٽن مان هڪ 500 جو نوٽ ڪڍي مونکي ٻڌايو ته هي نقلي آهي. آئون ان ئي وقت بئنڪ جي ڪئشر وٽ آيس پر هو مڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ نٽائي ويو. ٿي سگهي ٿو هن کي به خبر نه هجي، مٿان ئي اهڙا نوٽ مليا هجنس. هو مون تي شڪ ڪندو رهيو آئون هن تي. ڪجهه ڏينهن بعد مونکي لنـڊن وڃڻو هو. آئون ناڻو مٽائڻ واري هڪ دڪان تان پاڪستاني پئسا ڏئي پائونڊ وٺڻ ويس. پئسا ڳڻڻ واري ڇوڪريءَ منهنجا ڏنل نوٽ ڳڻيندي هڪ نوٽ وٽ رڪجي مونکي ٻڌايو ته اهو هزار جو نوٽ جعلي آهي ۽ هن مونکي اهو ئي مشورو ڏنو ته نوٽن جي پئڪيٽ کي کولڻ بدران آئون اهو سڄو پاڪيٽ بئنڪ وارن کي موٽائي ڏيان. آئون ان ئي بئنڪ تي آيس. مون سمجھيو ڪئشر سخت شرمندو ٿيندو ۽ مونکي رسيل زحمت لاءِ معافي گهرندو پر هن نوٽ کي جانچي پوءِ مونکي ان پئڪٽ بدران ٻيو پئڪٽ ضرور ڪڍي ڏنو پر عجيب بي رخي ۽ بيزاريءَ مان.... ڄڻ چئي رهيو هجي ته “سؤ نوٽن ۾ فقط هڪ نوٽ ته نقلي هو! ڪٿي هلائي ڇڏينس ها!” ڪمالَ جي اها ڳالهه آهي ته اهو نقلي نوٽ اهڙي ته سٺي نموني ڇپيل هو جو نوٽ مَٽيندڙ ڇوڪري ان ڏي ڌيان نه ڏياري ها ته مونکي به محسوس نه ٿئي ها ته اهو نقلي آهي.
    آئون هميشه پنهنجن ڪالمن ۾ لکندو رهان ٿو ته توهان حج تي وڃو يا ايران، شام، عراق زيارتن تي وڃو، توهان يورپ يا آمريڪا پڙهڻ لاءِ وڃو يا گهمڻ خاطر، ڪوشش ڪري ڌارئين ملڪ جو ناڻو ريال، پائونڊ، درهم، ڊالر وغيره ڪنهن ناموس واري Money Changer کان مٽائي وڃو ۽ ڪنهن واقفڪار کان پڪ ڪرائي پوءِ وٺو ڇو جو ائين نه ٿئي جو توهان معصوم هوندي ڌارئين ملڪ ۾ ڦاسي پئو. هڪ دفعي مونکي دڪاندار 5 پائونڊن وارو نوٽ نقلي ڏئي ويو. انهن ڏينهن ۾ آئون جهازَ تي جونئر انجنيئر هوس ۽ پنجَ پائونڊَ مون لاءِ وڏو پئسو هو. مونکي سڄو سفر ڏاڍو ڏک رهيو ته انهن پنجن پائونڊن ۾ آئون ڪيتريون ئي شيون خريد ڪريان ها ... هڪ ٻه دفعو ماني کائي سگهان ها..... پر پوءِ اهو به شڪر ڪيم ته مونکي اڳواٽ ان نقلي نوٽ جي خبر پئجي وئي ۽ ڦاڙي ڇڏيم نه ته بي خياليءَ ۾ ڪٿي هَلائي وجھان ها ۽ جھلجي پوان ها ته پرديسَ ۾ سزاياب ٿيان ها. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني انهن نقلي نوٽن جي ڏوهن ۾ به جيل ڪاٽي رهيا آهن جن ۾ سنئون سڌو هنن جو ڏوهه بنهه ناهي. بلڪه اسان جي لالچي ۽ ظالم دڪاندارن جو آهي جيڪي عبادت لاءِ يا پورهئي لاءِ ڌارين ملڪن ڏي ويندڙ اسان جي معصوم ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻن کي ڏين ٿا. واپس جڏهن ڪراچي پهتس ته ان دڪاندار سان ڳالهه ڪيم ته تو مونکي هڪ نقلي نوٽ ڏنو هو. پر هن نه مڃيو نه احساس ڪيو..... بس رڳو ايترو چيو ته “هم ڪيا ڪرين..... اسين ته ڪونه ٿا ڇاپيون..... اسانکي به جيڪي ملن ٿا اهي ٻين کي ڏيون ٿا.....” جيتوڻيڪ اها ڳالهه ناهي بئنڪن وارا ۽ نوٽ مٽي ڏيڻ وارا Money Changer بيحد هوشيار ٿين ٿا. هو اصلي ۽ نقلي نوٽ کي چڱيءَ طرح سمجھن ٿا. هو ان کان به واقف آهن ته اهي نقلي نوٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ڇپجن ٿا.... ان ڪم ۾ به اسان جو ملڪ ايڏو بدنام ٿي چڪو آهي جو ڌارين ملڪن جا جهازي اڪثر چوندا آهن ته ڪوشش ڪري پاڪستان مان ڪڏهن به ڊالر پائونڊ نه وٺجن. مونکي سنگاپور جي بدحالي جي ڏينهنَ جو هڪ لطيفو ياد ٿو اچي جيڪو اڄ پڪ اسان جي مُلڪَ لاءِ ماڻهو چوندا هوندا:
    ڪنهن شهر ۾ هڪ ٺڳ وٽ نوٽن ڇپڻ جي مشين هئي جنهن ذريعي هو روزانو هڪ ٻه نوٽ ڇپي مارڪيٽ ۾ هلائيندو هو. هڪ ڏينهن هن کان غلطي ۾ پنج سؤ يا هزار روپين جي نوٽ بدران 1500 روپين وارو نوٽ ڇپجي ويو. هن ڏٺو ته شهر جا ماڻهو ته چالاڪ آهن ۽ هو سمجھي ويندا ته 1500 روپين جو نوٽ ٿئي ڪونه! ان ڪري هو اهو نوٽ کڻي ڀر واري ڳوٺ ڏي مٽائڻ لاءِ نڪتو. اتي هڪ همراهه اهو نوٽ قبول ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو پر هن چيس ته ان جي بدلي ۾ هو هن کي فقط 1400 رپيا ڏيندو. شهري همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. ڳوٺاڻي همراهه هن کان 1500 وارو نوٽ وٺي گهر اندر هليو ويو. ٿوري دير بعد ٻاهر نڪتو ۽ شهري همراهه جي هٿ تي اچي ست ست سؤ وارا ٻه نوٽ رکيا..... مطلب اهو ته نه فقط شهر جا ماڻهو پر ڳوٺن جا ماڻهو به ٺڳين ۾ اوترا هوشيار ٿي ويا آهن.
    اسان جي ڳوٺَ جي هڪ ڇوڪري کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي ته هن موٽر سائيڪل خريد ڪئي. هن جي مائٽن مون کي فون ڪيو ته هو بنا ڊرائيونگ لائسنس جي هلائي رهيو آهي. مون کيس گهرائي سمجھايو ته بنا لائسنس واري کان جي حادثي ۾ ماڻهو مري وڃي ٿو ته هن تي قتل جو ڏوهه اچي ٿو. پهرين ته هو اهو ئي چوندو رهيو ته ٻيا به بنا لائسنس جي پيا هلائين. پر مون کيس قاعدي مطابق هلائڻ ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس آفيس ڪلفٽن وڃڻ لاءِ چيو جتي جو SP منهنجو واقف هو. پر ڇوڪر چيو ته هن جا ڪجهه سڃاڻو آهن جيڪي اڌ کان به گهٽ في تي هڪ ڏينهن ۾ ٺهرايو وٺن. مون ان SP ۽ ٻين کان پڇيو ته هنن اهو ئي ٻڌايو ته اهو نا ممڪن آهي. هر هڪ کي گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن لرنر (سيکڙاٽ) جي لائسنس تي گاڏي هلائڻي پوي ٿي ان بعد امتحان وٺڻ بعد لائسنس ڏنو وڃي ٿو. ان ٽيسٽ کان ڪو به ڀڄي نٿو سگهي جو ان جي وڊيو ڪڍي وڃي ٿي. ان کان علاوه سڄي پاڪستان ۾ هر قسم جي ڊرائيونگ لائسنس جي في، هڪ آهي. گهٽ ٿي نٿي سگهي.
    بهرحال ڇوڪر لائسنس جو ڇا ڪيو مون فالو اپ نه ڪيو. ضرور هن ٺهرايو هوندو. پر ان وقت تائين مون سوچيو به نه هو ته ڪراچي توڙي اسان جي ٻين شهرن ۾ ڏوهارين جا اهڙا اڏا آهن جِتي گهٽ قيمت تي نقلي ڊرائيونگ لائسنس به ڏنا وڃن ٿا ۽ اسان جا ماڻهو ايڏا جاهل آهن جو اهو سوچڻ بنا ته ان جا ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا هو، ان سستي ۽ آساني سان مليل لائسنس کي حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
    ڪجهه هفتن کان پوءِ اسان جي هڪ ٻئي دوستَ جي پٽ کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي. هن اتي پهچي ڪار هلائڻ جي لائسنس لاءِ هڪ ٻه دفعا ٽيسٽ ڏنو پر فيل ٿي پيو. هن مون سان مشورو ڪيو. مون کيس اهو ئي سمجھايو ته بهتر ٿيندو ڪنهن ڪار ڊرائيونگ اسڪولَ ۾ داخلا وٺي صحيح طرح ڪار هلائڻ سِکُ ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ ايترو گهڻو نٿا پڇن ان ڪري ڪيترن کي Parallel پارڪنگ جهڙيون شيون اچن ئي ڪونه ٿيون. ان ڪري ڊرائيونگ سان واسطو رکندڙ هر شيءِ سکڻ کپي ڇو جو ولايت ۾ هڪ لين مان نڪري ٻي ۾ وڃڻ تي به ڏنڊ ۽ سزا آهي.
    مون ڏٺو ته هي همراهه ڪنهن به صورتَ ۾ محنت ڪري سکڻ ۽ ٽيسٽ ڏئي ڊرائيونگ لائسنس هٿ ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هو. بلڪه هن کي اتي رهندڙ پاڪستانين اها صلاح ڏني ته پاڪستان مان انٽرنينشنل لائسنس ٺهرائي ان تي ملائيشيا ۾ ڪار هلاءِ. مون کيس سمجھايو ته ان تي فقط ٽي مهينا هلائي سگهين ٿو ۽ ٻيو ته ان لاءِ توکي پاڪستان اچي پاڻ وٺڻو پوندو. ان ڳالهه کي ڪجهه مهينا گذري ويا. مون سمجيو پڪ هن ملائيشيا ۾ ٽيسٽ ڏئي اتي جو ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪيو هوندو. پر پوءِ هڪ ڏينهن هن فون ڪيو ته هو پاڪستان مان حاصل ڪيل انـٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس تي ڪوالالمپور ۾ ڪار هلائي رهيو آهي ۽ هن کي پاڪستاني دوستن کان خبر پئي آهي ته پاڪستان جي ڊرائيونگ لائسنس آفيس NOC لکي ڏيندي ته هن کي بنا امتحان ڏيڻ جي پاڪستاني انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس بدران ملائيشيا جو ملي ويندو.
    “ان لاءِ ڪهڙن ڪاغذن جي ضرورت آهي؟” مون پڇيو،” اهي موڪل ٺهرائي موڪليان.”
    هن ان لاءِ پنهنجي پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس جي فوٽو ڪاپي موڪلي. ان دوران مون به ڪراچي واري آفيس مان معلوم ڪري ورتو ته NOC لاءِ اهي ئي ڪاغذ کپن. جڏهن آفيس پهتس ته فوٽو ڪاپي چيڪ ڪري هنن ٻڌايو ته هي انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس جعلي آهي. جنهن جي بعد ۾ مونکي خبر پئي ته ملائيشيا، سنگاپور، جپان توڙي يورپ ۾ رهندڙ اسانجا پاڪستاني ڪجهه پئسا ڏئي پوسٽ ذّريعي پاڪستان جي ٺڳ ڪمپنين کان گهرايو ٿا وٺن جن جو ڪم ان قسم جون نقلي ڊگريون، لائسنس ۽ ويزا اسٽڪرس ٺاهڻ آهي. ۽ ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته قانونَ کان بي خبر اسان جا لاپرواهه ۽ جاهل ماڻهو ڌارين ملڪن جي پوليس کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ڪم ڪڍيو ويٺا آهن. پر هنن کي شايد انهن ماڻهن جي غمن جي خبر ناهي جن کان جڏهن حادثو ٿيو وڃي ته پوءِ ملائيشيا (يا ٻي ملڪَ جي پوليس) پهريون ڪم اهو ڪري ٿي ته هنن جو ڊرائيونگ لائسنس سفارتخاني کان چيڪ ٿي ڪرائي. اڄ ڪلهه هر شيءِ ڪمپيوٽر تي آن لائين هجڻ ڪري هو هنن کي يڪدم ٻڌايو ڇڏين ته هي لائسنس نقلي آهي يا اصلي. پوءِ نقلي جي صورت ۾ سندن غلط ڊرائيونگ کي حادثو نه پر “قتل” يا “اقدام قتل” سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان جي سزا کان علاوه نقلي لائسنس جي فراڊَ جي به سزا ملي ٿي..... مُلڪَ ۽ قوم جو نالو الڳ بدنام ٿئي ٿو. هر هڪ جي واتَ تي اهو اچيو وڃي ته پاڪستاني جتي ڪٿي رڳو ٺڳيون ۽ فراڊ ڪندا وتن. پوءِ جيڪڏهن ڪو شرافت سان به هلي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڌارين ملڪن ۾ اسان جا هم وطني گهڻي ڀاڱي قانونَ مُطابق ۽ شرافتَ سان رهن ٿا پر چند نِڪَمن ۽ غلط ماڻهن جي ڪري سڀني پاڪستانين کي شڪ جي نِگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.


    شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي......

    ڪالهه هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. “آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.”
    “ڏاڍو سٺو.” مون جواب ڏنو مانس. ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جِتي سندن مڪاني ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن اُتي ڪنهن ڌارئين ملڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشي جي ڳالهه آهي.
    “پر سائين هڪ مسئلو آهي جنهن بابت توهان کان پڇڻو آهي.” هن چيو.
    “ڀلي پڇو...... ڇا پگهار گهٽ ٿو لڳي؟” مون چيو.
    “نه. اها ڳالهه ناهي. اسان جي ڇوڪري کي هيپيٽائٽس آهي. پر اسان جي هڪ ڊاڪٽر چيو آهي ته هو هن کي فِٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندو.”
    “پر هو ته (يعني ملائيشيا وارا ته) پنهنجي مقرر ڪيل ڊاڪٽر جي رپورٽ قبول ڪندا ۽ جنهن بنا توهان جي پٽ کي ڪراچي ۾ ملائيشيا جو قونصل خانو نوڪري ڪرڻ جي “ورڪ ويزا” هرگز نه ڏيندو.” مون هن کي سمجھايو. دراصل ملائيشيا ۾ (توڙي ٻين ملڪن ۾) ڪنهن کي به نوڪري ۾ رکڻ کان اڳ هن جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي وڃي ٿي جيئن هن کي ڪا اهڙي بيماري ته نه آهي جيڪا هن کي نوڪري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجھي سگهي يا اها ٻين کي بيمار ڪري سگهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته گهمڻ لاءِ وڃڻ جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ميڊيڪل تپاس ورتو وڃي ٿو. جيئن ايران وڃڻ لاءِ بلڊ ٽيسٽ ۽ ايڪسري ورتو وڃي ٿو...... ۽ هاڻ ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي اهو لکرائڻ به ضروري آهي ته هن کي سلهه جهڙي ڪا بيماري ناهي.... ڇو جو سلهه هڪ وچرندڙ بيماري آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن ۾ تمام عام ٿي پئي آهي.
    فون ڪندڙ چيو ته “ملائيشيا وارن کي ڪهڙو اعتراض ته منهنجو پٽ ڪهڙي ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي اچي ٿو.”
    ان تي مون هن کي سمجايو ته اهو ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ کڻي هلندو هجي پر اسان پاڪستانين لاءِ ڪيترن ملڪن اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ڊاڪٽر يا اسپتالون مقرر ڪيون آهن جن جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کي ئي مانُ ڏنو وڃي ٿو. جيئن ايران وارا عيسيٰ لئبارٽريز جي ئي ميڊيڪل رپورٽ قبول ڪن ٿا. اهڙِ طرح ملائيشيا وارن به ڊفينس سوسائٽي جي تاج لئبارٽري وارن کي مقرر ڪيو آهي ۽ هو فقط انهن جي ٽيسٽ رپورٽ قبول ڪن ٿا. انهن لئبارٽرين وارا رشوت جي چڪر ۾ هڪ صحتمند کي بيمار ڏيکاري Unfit ته ڪري سگهن ٿا پر ڪيڏي به رشوت تي هو بيمار کي fit هجڻ جو سرٽيفڪيٽ نٿا ڏئي سگهن. ڇو جو اسان جا نوڪري حاصل ڪندڙ جوان جڏهن ملائيشيا پهچن ٿا ته مهيني ڏيڍ بعد هنن جو هڪ دفعو وري اتي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ اتي بيماريءَ جو ڦڪڙ ڦاٽڻ تي ڪراچي جي پئنل واري لئبارٽري يا ڊاڪٽر بلئڪ لسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ هو ڪمائيءَ کان هٿ ڌوئي وهندا. اسان وارو همراهه شايد اهڙين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. چوڻ لڳو: “ملائيشيا وارا يعني جن هن جي پٽ کي نوڪري ڏني آهي اهي ته چون ٿا ته ڪنهن به ڊاڪٽر کان ميڊيڪل فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچ.”
    مون هن کي سمجھايو ته ملائيشيا جي سرڪاري يا پرائيويٽ ڪمپني جڏهن نوڪريءَ جو خط توهان کي موڪلي ٿي ته ان جي ڪاپي پاڪستان ۾ سندن سفارت خاني (ايمبسي/ هاءِ ڪميشن/ قونصل خاني) ڏي به موڪلي ٿي. توهان نوڪري جو خط کڻي جڏهن سفارت خاني پاسپورٽ تي نوڪري جي (Work – Visa) لاءِ وڃو ٿا ته هو توهان کي ڊاڪٽرن/ميڊيڪل لئبارٽريز جي لسٽ ڏين ٿا ته انهن مان ڪنهن کان پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي fitness جو سرٽيفڪيٽ پاسپورٽ سان ملائي فيڊيڪس يا TCS ڪوريئر سروس ذريعي هنن ڏي موڪليو.... ۽ پوءِ ئي هو پاسپورٽ تي ورڪ ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا ۽ توهان ملائيشيا پهچي بنا خوف خطري جي ان ڪمپني وٽ نوڪري ڪري سگهو ٿا.
    پر ان ۾ به ڪيتريون ٺڳيون ٿيڻ ڪري هاڻ اهو قاعدو ڪڍيو ويو آهي ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي ائين نٿو ڇڏيو وڃي جيسين توهان کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني جو مالڪ يا ان جو نمائندو ايئرپورٽ تي پهچي اميگريشن وارن کي خاطري ڏئي ته هن جي ڪمپنيءَ نوڪري ڏني آهي ۽ هو هر قسم جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار آهن.
    مون هن همراهه کان پڇيو ته آيا هن کي نوڪريءَ جو خط ملي ويو آهي؟ ان تي هو منجھي پيو ۽ ٻڌايائين ته اهو اڃان ڪونه مليو آهي. سندس مائٽ يا شايد دوست ملائيشيا ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. انهن آسرو ڏنو آهي ته هو سندس ڇوڪري کي پاڻ وٽ يا ڪنهن ٻئي وٽ نوڪري ۾ لڳائي ڇڏيندا.
    “پوءِ کيس هتان ورڪ ويزا ڪيئن ملي سگهندي؟” مون پڇيو.
    “هنن چيو آهي ته هي هِتان گهمڻ (Visit) جي ويزا وٺي اچي ۽ پوءِ هو اتي ان جي ويزا جو status بدلائي ورڪ ويزا ڪرائي ڏيندا.” هن چيو.
    ساڻس وڌيڪَ بحث ڪرڻ بدران کيس ٻڌايم ته اهي سڀ اٽڪلون سٽڪلون آهن ۽ ان ۾ وڏو Risk رهي ٿو ۽ اسان جي مجبور ۽ نوڪري لاءِ پريشان ماڻهوءَ کي نوڪريءَ جا دلاسا ڏئي هڪ طرف هن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف چڪاس ٿيڻ تي نوڪري ڏيڻ وارا ڀڄيو وڃن يا نٽايو وڃن، غريب پرديسي جيل حوالي ٿيو وڃي ۽ پريشان مائٽ پڻ پري ويهي هن کي بچائي نه ٿا سگهن. اهڙي طرح ميڊيڪل جي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي نوڪري بدران پرديس ۾ سزائون ڪاٽڻيون پون ٿيون. اسانجي ملڪ ۾ ان قسم جون ٺڳيون ايترو ته عام ٿي پيون آهن ۽ انهن تي وٺ پڪڙ يا عبرتناڪ سزائون نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو نفسياتي طرح سمجھي ٿو ته ٻين ملڪن ۾ به ائين پيو ڪم هلي ۽ هو هر حالت ۾ ڦٻجي ويندا. پر ائين ناهي، ملائيشيا جهڙا ملڪ به اڄ نه پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن اهي يورپ جهڙا نه پر اسانجي ڪچي جي علائقي جي جنگل جهڙا هئا ته به هنن انصاف ۽ امن امان خاطر نه فقط قاعدا قانون سخت ڪيا پر ڏوهارين کي سخت سزائون ڏنائون جيئن ڪو به غلط ڪم ڪرڻ جو سوچي نه سگهي. اهوئي ته سبب آهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ سال ٿي ويا ته پوليو، ٽائيفائيڊ يا مليريا جهڙيون بيماريون نه آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته مڇر ته جام آهن پر مليريا بيماري پئدا ڪرڻ وارو جراثيم ناهي.
    مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندو هوس ته ان آفيس ۾ هڪ ٻئي به پاڪستاني کي نوڪري ملي. هو ٻارن سان گڏ اتي پهتو. موسم جي تبديلي يا ٿڪاوٽ ڪري هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي پهچڻ مهل بخار هو. بخار جو ٻڌي هِتي جي اميگريشن ۽ صحت کاتو پريشان ٿي ويا ته هن کي مليريا ته ناهي. هِتي جي قانون مطابق هن ٻار کي ٽي ڏينهن الڳ (ڪئارنٽائين ۾) رکيو ويو جيسين پڪ ٿي ته هن کي مليريا ناهي. ڇو جو مليريا جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو مڇر هن کي چڪ هڻي (يعني رت چوسي) ٻئي ماڻهوءَ ۾ داخل ڪري هن کي مليريا ڏئي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهڙي طرح هن مان ٻه، ٻن مان چار مليريا جا مريض وڌي سگهن ٿا. اها ته آهي 1983ع يا 1984ع جي ڳالهه..... اڄ 30 سالن کانپوءِ ته هو اڃان به وڌيڪَ خبردار ٿي ويا آهن. ۽ جڏهن مليريا جهڙي بيماري به هنن لاءِ خطرناڪ آهي ته هو ڪيئن چاهيندا ته ڪو ڌاريون سلهه يا هيپاٽائيٽس جهڙيون بيماريون کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿئي.


    شايد ٻين ملڪن ۾ به ڪم ائين پيو هلي......

    ڪالهه هڪ همراهه جو سکر کان فون آيو. “آئون پنهنجي پٽ کي ملائيشيا نوڪريءَ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.”
    “ڏاڍو سٺو.” مون جواب ڏنو مانس. ظاهر آهي اڄ جي دور ۾ جڏهن ملائيشيا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ جِتي سندن مڪاني ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن اُتي ڪنهن ڌارئين ملڪَ جي ماڻهوءَ کي، خاص ڪري اسان جي پاڪستانيءَ کي نوڪري ملي، خوشي جي ڳالهه آهي.
    “پر سائين هڪ مسئلو آهي جنهن بابت توهان کان پڇڻو آهي.” هن چيو.
    “ڀلي پڇو...... ڇا پگهار گهٽ ٿو لڳي؟” مون چيو.
    “نه. اها ڳالهه ناهي. اسان جي ڇوڪري کي هيپيٽائٽس آهي. پر اسان جي هڪ ڊاڪٽر چيو آهي ته هو هن کي فِٽنيس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندو.”
    “پر هو ته (يعني ملائيشيا وارا ته) پنهنجي مقرر ڪيل ڊاڪٽر جي رپورٽ قبول ڪندا ۽ جنهن بنا توهان جي پٽ کي ڪراچي ۾ ملائيشيا جو قونصل خانو نوڪري ڪرڻ جي “ورڪ ويزا” هرگز نه ڏيندو.” مون هن کي سمجھايو. دراصل ملائيشيا ۾ (توڙي ٻين ملڪن ۾) ڪنهن کي به نوڪري ۾ رکڻ کان اڳ هن جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي وڃي ٿي جيئن هن کي ڪا اهڙي بيماري ته نه آهي جيڪا هن کي نوڪري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجھي سگهي يا اها ٻين کي بيمار ڪري سگهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته گهمڻ لاءِ وڃڻ جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ميڊيڪل تپاس ورتو وڃي ٿو. جيئن ايران وڃڻ لاءِ بلڊ ٽيسٽ ۽ ايڪسري ورتو وڃي ٿو...... ۽ هاڻ ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائي اهو لکرائڻ به ضروري آهي ته هن کي سلهه جهڙي ڪا بيماري ناهي.... ڇو جو سلهه هڪ وچرندڙ بيماري آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن ۾ تمام عام ٿي پئي آهي.
    فون ڪندڙ چيو ته “ملائيشيا وارن کي ڪهڙو اعتراض ته منهنجو پٽ ڪهڙي ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي اچي ٿو.”
    ان تي مون هن کي سمجايو ته اهو ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ کڻي هلندو هجي پر اسان پاڪستانين لاءِ ڪيترن ملڪن اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه ڊاڪٽر يا اسپتالون مقرر ڪيون آهن جن جي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کي ئي مانُ ڏنو وڃي ٿو. جيئن ايران وارا عيسيٰ لئبارٽريز جي ئي ميڊيڪل رپورٽ قبول ڪن ٿا. اهڙِ طرح ملائيشيا وارن به ڊفينس سوسائٽي جي تاج لئبارٽري وارن کي مقرر ڪيو آهي ۽ هو فقط انهن جي ٽيسٽ رپورٽ قبول ڪن ٿا. انهن لئبارٽرين وارا رشوت جي چڪر ۾ هڪ صحتمند کي بيمار ڏيکاري Unfit ته ڪري سگهن ٿا پر ڪيڏي به رشوت تي هو بيمار کي fit هجڻ جو سرٽيفڪيٽ نٿا ڏئي سگهن. ڇو جو اسان جا نوڪري حاصل ڪندڙ جوان جڏهن ملائيشيا پهچن ٿا ته مهيني ڏيڍ بعد هنن جو هڪ دفعو وري اتي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ اتي بيماريءَ جو ڦڪڙ ڦاٽڻ تي ڪراچي جي پئنل واري لئبارٽري يا ڊاڪٽر بلئڪ لسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ هو ڪمائيءَ کان هٿ ڌوئي وهندا. اسان وارو همراهه شايد اهڙين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. چوڻ لڳو: “ملائيشيا وارا يعني جن هن جي پٽ کي نوڪري ڏني آهي اهي ته چون ٿا ته ڪنهن به ڊاڪٽر کان ميڊيڪل فٽنيس جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچ.”
    مون هن کي سمجھايو ته ملائيشيا جي سرڪاري يا پرائيويٽ ڪمپني جڏهن نوڪريءَ جو خط توهان کي موڪلي ٿي ته ان جي ڪاپي پاڪستان ۾ سندن سفارت خاني (ايمبسي/ هاءِ ڪميشن/ قونصل خاني) ڏي به موڪلي ٿي. توهان نوڪري جو خط کڻي جڏهن سفارت خاني پاسپورٽ تي نوڪري جي (Work – Visa) لاءِ وڃو ٿا ته هو توهان کي ڊاڪٽرن/ميڊيڪل لئبارٽريز جي لسٽ ڏين ٿا ته انهن مان ڪنهن کان پنهنجو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي fitness جو سرٽيفڪيٽ پاسپورٽ سان ملائي فيڊيڪس يا TCS ڪوريئر سروس ذريعي هنن ڏي موڪليو.... ۽ پوءِ ئي هو پاسپورٽ تي ورڪ ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا ۽ توهان ملائيشيا پهچي بنا خوف خطري جي ان ڪمپني وٽ نوڪري ڪري سگهو ٿا.
    پر ان ۾ به ڪيتريون ٺڳيون ٿيڻ ڪري هاڻ اهو قاعدو ڪڍيو ويو آهي ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي ائين نٿو ڇڏيو وڃي جيسين توهان کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني جو مالڪ يا ان جو نمائندو ايئرپورٽ تي پهچي اميگريشن وارن کي خاطري ڏئي ته هن جي ڪمپنيءَ نوڪري ڏني آهي ۽ هو هر قسم جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار آهن.
    مون هن همراهه کان پڇيو ته آيا هن کي نوڪريءَ جو خط ملي ويو آهي؟ ان تي هو منجھي پيو ۽ ٻڌايائين ته اهو اڃان ڪونه مليو آهي. سندس مائٽ يا شايد دوست ملائيشيا ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. انهن آسرو ڏنو آهي ته هو سندس ڇوڪري کي پاڻ وٽ يا ڪنهن ٻئي وٽ نوڪري ۾ لڳائي ڇڏيندا.
    “پوءِ کيس هتان ورڪ ويزا ڪيئن ملي سگهندي؟” مون پڇيو.
    “هنن چيو آهي ته هي هِتان گهمڻ (Visit) جي ويزا وٺي اچي ۽ پوءِ هو اتي ان جي ويزا جو status بدلائي ورڪ ويزا ڪرائي ڏيندا.” هن چيو.
    ساڻس وڌيڪَ بحث ڪرڻ بدران کيس ٻڌايم ته اهي سڀ اٽڪلون سٽڪلون آهن ۽ ان ۾ وڏو Risk رهي ٿو ۽ اسان جي مجبور ۽ نوڪري لاءِ پريشان ماڻهوءَ کي نوڪريءَ جا دلاسا ڏئي هڪ طرف هن کان پئسا ڦريا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف چڪاس ٿيڻ تي نوڪري ڏيڻ وارا ڀڄيو وڃن يا نٽايو وڃن، غريب پرديسي جيل حوالي ٿيو وڃي ۽ پريشان مائٽ پڻ پري ويهي هن کي بچائي نه ٿا سگهن. اهڙي طرح ميڊيڪل جي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي نوڪري بدران پرديس ۾ سزائون ڪاٽڻيون پون ٿيون. اسانجي ملڪ ۾ ان قسم جون ٺڳيون ايترو ته عام ٿي پيون آهن ۽ انهن تي وٺ پڪڙ يا عبرتناڪ سزائون نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو نفسياتي طرح سمجھي ٿو ته ٻين ملڪن ۾ به ائين پيو ڪم هلي ۽ هو هر حالت ۾ ڦٻجي ويندا. پر ائين ناهي، ملائيشيا جهڙا ملڪ به اڄ نه پر اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن اهي يورپ جهڙا نه پر اسانجي ڪچي جي علائقي جي جنگل جهڙا هئا ته به هنن انصاف ۽ امن امان خاطر نه فقط قاعدا قانون سخت ڪيا پر ڏوهارين کي سخت سزائون ڏنائون جيئن ڪو به غلط ڪم ڪرڻ جو سوچي نه سگهي. اهوئي ته سبب آهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ سال ٿي ويا ته پوليو، ٽائيفائيڊ يا مليريا جهڙيون بيماريون نه آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته مڇر ته جام آهن پر مليريا بيماري پئدا ڪرڻ وارو جراثيم ناهي.
    مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندو هوس ته ان آفيس ۾ هڪ ٻئي به پاڪستاني کي نوڪري ملي. هو ٻارن سان گڏ اتي پهتو. موسم جي تبديلي يا ٿڪاوٽ ڪري هن جي ڏهن سالن جي پٽ کي پهچڻ مهل بخار هو. بخار جو ٻڌي هِتي جي اميگريشن ۽ صحت کاتو پريشان ٿي ويا ته هن کي مليريا ته ناهي. هِتي جي قانون مطابق هن ٻار کي ٽي ڏينهن الڳ (ڪئارنٽائين ۾) رکيو ويو جيسين پڪ ٿي ته هن کي مليريا ناهي. ڇو جو مليريا جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪو مڇر هن کي چڪ هڻي (يعني رت چوسي) ٻئي ماڻهوءَ ۾ داخل ڪري هن کي مليريا ڏئي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهڙي طرح هن مان ٻه، ٻن مان چار مليريا جا مريض وڌي سگهن ٿا. اها ته آهي 1983ع يا 1984ع جي ڳالهه..... اڄ 30 سالن کانپوءِ ته هو اڃان به وڌيڪَ خبردار ٿي ويا آهن. ۽ جڏهن مليريا جهڙي بيماري به هنن لاءِ خطرناڪ آهي ته هو ڪيئن چاهيندا ته ڪو ڌاريون سلهه يا هيپاٽائيٽس جهڙيون بيماريون کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿئي.


    ٻئي جي گهرَ جو خيال ڪريو......

    هن ڀيري مونکي ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو وڌندڙ تعداد ڏسي حيرت ٿي آهي. پنجاب ۽ سرحد (KPK) جا ته ڪيترائي نظر ايندارهيا ٿي پر هاڻ سنڌ جا سنڌي مسلمان به ملائيشيا جي هر شهر ۾ نظر اچن پيا. هونءَ سنڌ جو هندو جِتي واپار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر ايندو رهيو ٿي اتي هاڻ اسانجو سنڌي مسلمان پڻ، مرد توڙي عورتون تعليم، نوڪري، بزنيس ۽ پورهئي لاءِ ملائيشيا ۾ رهي رهيا آهن. هو يونيورسٽين ۽ اسپتالن ۾ يا پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڪيترا اهڙا آهن جيڪي عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا پر پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رکيو اٿن جن سان گڏ رهڻ لاءِ ماءُ کي هِتي جي حڪومت طرفان ويزا ملي ٿي. ڪيترا ته هِتي جي سيڪنڊ هوم اسڪيم طرفان ڏهه سالن جي ويزا تي رهيل آهن. انهن مان ڪي مسواڙ جي گهرن يا فلئٽن ۾ رهن ٿا ته ڪن پنهنجا گهرَ خريد ڪري ڇڏيا آهن. خاص ڪري فلئٽ جن ۾ هو رهن ٿا. پنهنجي ملڪ موٽڻ تي انهن کي تالو هڻيو وڃن. ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن امان آهي ۽ قاعدو قانون پڻ سخت آهي. ڪو ڪنهن جي گهر تي غيرقانوني قبضو نٿو ڪري ۽ ساڳي وقت انهن ۾ رهندڙن لاءِ به سخت قاعدا قانون آهن جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت سزا ملي ٿي. بلڊنگ ۾ يا پاڙي اوڙي ۾ رهندڙن جو خيال رکڻ هر هڪ جو فرض سمجھيو وڃي ٿو.
    ڪلهه ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ۾ سنڌ جي هڪ ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٽي سال کن هِتي ملائيشيا ۾ هو. هاڻ آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو ٻن مهينن جي موڪل تي پنهنجي ڳوٺ خيرپور وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته آسٽريليا کان پاڪستان ويندي ۽ موٽندي هو ٽي چار ڏينهن هِتي ڪئالالمپور ۾ ٽڪي پوندو آهي.
    “اسانجي پاسي جي هڪ شاهه صاحب وڏيري جو فلئٽ آهي جيڪو مون هن کي وٺرايو هو جڏهن آئون هِتي هوس”، هن ٻڌايو، “هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا مهيني اڌ لاءِ ايندو آهي. فلئٽ جي هڪ چاٻي مونکي به ڏئي ڇڏي اٿس ۽ رهي پوندو آهيان.”
    شهر جو چڪر هڻندي اسان ان بلڊنگ جي ويجھو اچي پهتاسين ۽ هن مونکي فلئٽ تي هلي چانهه پيئڻ ۽ اتي رهندڙ هڪ ٻن ٻين دوستن سان ملڻ لاءِ زور ڀريو. اسان لفٽ ذريعي سندس فلئٽ تي پهتاسين جِتي ٻه ڄڻا ٻيا به رهيل هئا. هڪ ڀر واري يونيورسٽي مان Ph.D ڪري رهيو هو ۽ٻيو هفتو کن گهمڻ لاءِ سکر کان آيو هو. ٻئي ڄڻا مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا هڪ اٿي چانهه ٺاهڻ لڳو ۽ ٻيو ڪجهه کاڌو وٺڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته مون جھليو مانس ۽ اسان فقط چانهه تي ويهي خبرچار ڪئي. ڪلاڪ ڏيڍ کن ويٺس جنهن ۾ واش روم ۾ به وڃڻ ٿيو ۽ چانهه کي پنهنجي مرضي مطابق ٺاهڻ لاءِ ڪچن ۾ به ويس. هڪ ڳالهه ڏسي مونکي افسوس ٿيو ته واش روم جي حالت خراب هئي. هڪ نلڪو ته لڳاتار ليڪ ڪري رهيو هو. ڪموٽ به ڪجهه ڪجهه چوڪ هو. ڪچن ۾ ڪيترن ڏينهن جي ڊبل روٽي جا ٽڪرا ۽ ڀُرڪٽ ٽيبل تي ۽ فرش تي پکڙيل هئا. ڪچري واري باردي انبن جي کلن، ٻوڙ جي هڏن ۽ خراب ٿي ويل ڌونئري سان ڀريل هئي بلڪه اٿلي پئي. ٽي وي لائونج جيڪا هِتي جي ڊرائنگ روم به ٿي، جِتي چانهه کڻي اچي ويٺاسين ان ۾ وڇايل غاليچي تي نه فقط سگريٽ جي راک هئي پر هڪ ڏينهن اڳ جي ڪريل کير جي چڪڻ ۽ ڌپ پڻ هئي. مونکي وٺي اچڻ واري همراهه ٻڌايو ته هنن ٻن کي پڻ شاهه صاحب (فلئٽ جي مالڪ) پنهنجي دوست جي سفارش تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻ جي اجازت ڏني آهي جيسين هو پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪن.
    ان کان علاوه شاهه صاحب جا ڪامورا يا سياسي دوست پڻ اڪيلا يا فئملين سان ملائيشيا ۾ ايندا آهن ته شاهه صاحب کان سندس فلئٽ جي چاٻي وٺي اچي رهندا آهن.
    هتي آئون ان قسم جي گهرن (فلئٽن) جي مالڪن، انهن ۾ رهندڙ سندن دوستن ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ نصيحت لاءِ اهو لکڻ ٿو چاهيان ته ان قسم جا خالي فلئٽ توهان ڀلي پنهنجي دوستن يا مائٽن کي عارضي طور ڏئي هنن کي پرديس ۾ اجايو ڀٽڪڻ يا هوٽل ۾ رهائش جي وڏي خرچ کان بچايو پر مهرباني ڪري اهو ڪم سوچي سمجھي ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي فلئٽ جي چاٻي هميشه جوابدار حوالي ڪندا ڪريو. ڇو جو توهان جي غير موجودگي ۾ توهان جي فلئٽ ۾ ڪو به مسئلو ٿئي ٿو يا توهان جي دوست يا مائٽ جنهن جي حوالي توهان فلئٽ ڪيو آهي، ان کان ارادتا يا غير ارادتن ڪا غلطي ٿئي ٿي ته ان جو نقصان يا سزا توهان کي ڀوڳڻي پوي ٿي ڇو جو ان جاءِ جا مالڪ توهان آهيو. اها ملڪيت توهان جي نالي لکيل آهي. آئون سالن کان پنهنجي نيوي جي شاگردن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته توهان کي دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن ۾ يا مسافر جي حيثيت ۾ ڪنهن مهربان دوست جي جهاز تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻو پوي ته ان کي ڇڏڻ وقت ان گهر يا جهاز جي ان ڪئبن کي ان ئي بهتر حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو جنهن ۾ توهان کي ملي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ دوست ڪئپٽن مظهر زيدي ته ان تي بضد هوندو آهي، ڇڏڻ وقت ان ڪمري يا گهر کي پهرين کان به بهتر ڇڏجي. باٿ روم يا ڪچن جو ڪو نلڪو وهي رهيو هجي ته انجنيئر جي حيثيت ۾ ان کي ٺيڪ ڪري وڃجي. ڪموٽ ۾ پاڻي leak ٿي رهيو آهي ته چار پئسا خرچ ڪري پلمبر کان اهو ٺيڪ ڪرائي ڇڏجي، ڇو جو خبر ناهي گهر جو مالڪ ڪڏهن اچي تيسيتائين هن کي پاڻي وهڻ جو ڇو نقصان ٿئي. ولائت ۾ اليڪٽرسٽي، گئس ۽ ٽيليفون وانگر هر گهر کي پاڻي جو ميٽر به ٿئي جيڪو توهانجي پاڻي جي کپت نوٽ ڪري ٿو ۽ ان موجب توهان کي هر مهيني پاڻي جي بل جي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته جڏهن توهان جي دوست توهانکي پنهنجو فئلٽ ڏئي توهانجو هزاين رپيا هوٽل جو خرچ بچايو آهي اتي توهانجي اخلاقي ڊيوٽي آهي ته وڃڻ وقت ٻه چار سؤ رپيا پلمبر تي خرچ ڪري هن کي پاڻي جي ڳري بل کان بچائي سگهو ٿا.
    پر مون ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترائي سٺي سوچ رکڻ وارا به ان معاملي ۾ غير جوابداري جو ڪم ڪندا. منهنجي هڪ لاڙڪاڻي جي دوست ٻڌايو ته هن ٻارن جي تعليم دوران نيويارڪ آمريڪا ۾ هڪ فلئٽ ورتو هو جيڪو پوءِ خالي هجڻ ڪري پاڪستان مان ويندڙ دوستن يارن کي ان جي چاٻي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن هن کي پوليس طرفان نوٽس آيو ته هو آمريڪي ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿئي ٻي صورت ۾ فلئٽ ضبط ٿي ويندو...... بهرحال قصو مختصر ۽ هن ريت ته ٻه مهينا اڳ، جن هم وطني دوستن کي هن پنهنجي نيويارڪ واري فلئٽ جون چاٻيون ڏنيون هيون اهي هفتو کن اتي رهيا پر صفائيءَ جو خيال نه رکيائون. آخري ڏينهن تي ته چڪن تڪا ۽ انهن جا بچيل هڏا ۽ نان ڊبل روٽيون ڊائننگ ٽيبل تي ئي ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ ٽئڪسي ۾ چڙهي نيويارڪ جي هوائي اڏي تي پهتا. اتان پنهنجي وطن اچي نڪتا هوڏانهن سندن بچيل کاڌي تي اچي ڪاڪروچن ۽ ٻين ڪينئن ديرو ڄمايو ۽ ويا وڌندا. انهن جي ايڏي ته ويجھه ٿي جو هو ڪجهه هفتن بعد هن جي فلئٽ مان نڪري پاڙي وارن جي فلئٽن ۾ داخل ٿيڻ لڳا..... جن پوليس کي رپورٽ ڪئي ۽ هن فلئٽ جي مالڪ جي وٺ پڪڙ ٿي. بهرحال هي همراهه نيويارڪ پهتو. وڪيل ڪيائين.... ڪافي ڏنڊ ڀريائين ۽ پنهنجي ڀر وارن فلئٽن جي فيوميگيشن تي خرچ ڪيائين.
    ان قسم جو هڪ واقعو هِتي ملائيشيا ۾ اسانجي ملڪ جي هڪ همراهه جي فلئٽ ۾ ٿيو. هن جي فلئٽ ۾ هڪ فئملي هفتي کن لاءِ اچي رهي جنهن جا ٻار ڪجهه زياده ئي ڏنگا هئا. فلئٽ جي درين جا شيشا ۽ ٽيبلن تي سجايل شو پيس ته ڀڳائون آخري ڏينهن تي ڪموٽ ۾ پنا وغيره وجھڻ ڪري ڪموٽ چوڪ ڪري وڌائون.
    اهوئي ڪموٽ، هلڪو هلڪو leak ته پهرين کان هو. هي همراهه ته فلئٽ کي چاٻي هڻي هليا ويا پر ڪجهه ڏينهن بعد ڪموڊ ۾ گڏ ٿيندڙ گند ۽ پاڻي سڄي باٿ روم ۽ باٿ روم کان ٻاهر اٿلندو رهيو. ٽي وي لائونج ۾ وڇايل غاليچا به ان پاڻي ۾ پسي آلا ٿي ويا ۽ هاڻ گندو پاڻي ۽ بدبوءِ فلئٽ کان ٻاهر به اچڻ لڳي. پاڙيوارن جي شڪايت تي پوليس اچي وئي ۽ اخبار ۾ به خبر اچي وئي.
    منهنجي خيال ۾ ته مالڪن کان چاٻيون وٺي انهن جي گهرن/فلئٽن ۾ رهندڙ مهمانن کي کپي ته هو پنهنجي دوستن کي نقصان کان بچائين ۽ هنن جي فلئٽن ۾ رهڻ دوران صفائي جو خيال رکن. آخري ڏينهن تي فلئٽ ڇڏڻ وقت ان کي چڱي طرح ٻهاري ڏئي فلٽ ڪجي جيئن ڪاڪروچ ۽ ڪينئان نه ٿين. ياد ڪري پاڻيءَ جا نلڪا ۽ رڌ پچاءَ جي گئس جا والو بند ڪجن ۽ ان سان گڏ دريون پڻ چڱي طرح بند رکجن. فرج ۾ جي سامان آهي ته ان کان علاوه باقي بجلي جا سئچ بند ڪري نڪرجي. ساڳي وقت مالڪ کي به کپي ته هو چاٻي ڏيڻ وقت مهمانن کي پارت ڪري. ڪجهه اهڙا به ڪيس ٿيا آهن جن ۾ فلئٽ جي مالڪن جي دوستن کي ڏنل چاٻي هنن پنهنجن ٻين دوستن کي ڏني هوندي ان فلئٽ کي غلط استعمال ڪري فلئٽ جي مالڪن کي سورن ۾ وڌو هوندو. اڄ ڪلهه هِتي هڪ عورت جو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن کي ڪنهن فلئٽ ۾ رهندڙ اسانجي ملڪ جي ماڻهن جيڪي مهمان طور اچي رهيا هئا، زيادتي جو نشانو بنايو. خبر ناهي ان فلئٽ جي اصلي مالڪ جيڪو شايد ڪراچي يا لاهور ۾ هجي، ان ڳالهه جي خبر به پئي آهي يا اڃان نه..... ڇو جو آخر ۾ ان تي به ڇنڊا ته ضرور ايندا. ان کان علاوهه اسانجي ملڪ جي بدنامي الڳ ٿي رهي آهي.


    پنهنجن ٻارن کي لاڏلو ۽ ڪِڪلو نه بڻايو.......

    حيدرآباد ۾ سنڌين جو هڪ نئون ڪلاس رهي ٿو جن اوس پاس جي ضلعن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن مان، ٻارن جي تعليم يا نوڪري ڌندي لاءِ اچي قاسم آباد وسايو آهي. هنن مان ڪيترن کي واقعي پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو فڪر آهي. هو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا...... اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن لاءِ سٺو اسڪول معنيٰ انگريزي نالي وارو اسڪول جنهن ۾ ٻار حيدرآباد جهڙي ڪاڙهي جي گرمي به رسيءَ جهڙي ٽائي ٻڌي وڃي. انگريز به دهلي ۽ حيدرآباد جهڙي گرمي ۾ هيٺ چڍو ۽ مٿي تي ڪارڪ جو ٺهيل (Insulated) ٽوپلو پائي هلندا هئا...... هِتي ڏسو ته معصوم ٻارن جو منهن پگهر سان ۽ ڳچي آراڙين سان ڀري پئي هوندي ان مٿان ٽائي ڄڻ ته هنن کي گُهٽو ڏئي رهي هجي. مائٽن کي جِتي ٻار جي مستقبل جو فڪر آهي اتي هو ڪن ڳالهين تي منجھيل (confused) به آهن. هو سمجھن ٿا ته ٻارن لاءِ ٽيوشن ضروري آهي. آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته توهان جي چونڊيل اسڪول ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ وارا ٽيچر يا مِسون قابل آهن ته پوءِ ٻار کي ٽيوشن لاءِ ڇو ٿا موڪليو؟ ڪٿي ايئن ته نه آهي ته ٻار ڪلاس ۾ ڊيسڪ تي مٿو رکي ننڊون ٿو ڪري؟ ۽ جي نه تو پوءِ اهوئي ڪلاس ۾ ورتل سبق گهر ۾ اچي پڙهي ۽ پڪو ڪري. ان جي ٿوري گهڻي چڪاس (Monitoring) يا مدد (رهنمائي) ڪرڻ ماءُ جو ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پيءُ تي نه ڀاڙجي جو اسان وٽ پاڪستان ۾ به هاڻ ٻاهر جي دنيا وانگر هر پورهيو ۽ نوڪري ايڏي سخت ۽ مقابلي واري ٿيندي وڃي جو پيءُ کي روزگار ڪمائڻ خاطر سڀ قوتون ۽ سمورو وقت پنهنجي نوڪري لاءِ وقف ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ماءُ لاءِ (خاص ڪري جي هوءَ هائوس وائيف آهي، يعني هوءَ نوڪري نٿي ڪري ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ ٿي گذاري ته ان لاءِ ته هيڪاندو گهڻو) ضروري آهي ته هوءَ ٻار جي پڙهائي کي پڻ ڏسي . پر اسان وٽ ڪيترين مائرن کان اهڙا ڪم نٿا پڄن جو هنن کي TV ڏسڻ ۽ ننڊون ڪرڻ کان واندڪائي ناهي. هو اهوئي expect ڪن ٿيون ته ڪلاس ۾ مِس هنن جي ٻارن کي پڙهائي قابل ڪري........ يعني ڏٺو وڃي ته هڪ سڳي ماءُ ٿي ڪري کيس پنهنجي هڪ ٻار تي نظر رکڻ جي نه خواهش آهي ۽ نه توفيق..... باقي ڪلاس روم جي مس ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٽيهن ٻارن جو خيال رکي. سٺن اسڪولن ۾ به جِتي مس جو پگهار کڻي 15 هزار رپيا هجي هن کي هڪ پيرڊ جا سؤ رپيا ٿا ملن يعني هڪ ٻار جا ٽي رپيا مس ٿيا. اسان وٽ مائرن جو زور رڳو پنهنجن ٻارن کي ٽيوشن لاءِ موڪلڻ تي. پوءِ اهو ٻار ٽيوشن لاءِ تيار ٿيندو. ڊرائيور کي سڏ ٿيندا پوـءِ ٽيوشن واري مِس جي گهر روانو ٿبو. رستي تي ڊرائيور پنهنجي لاءِ سِگريٽَ وٺندو، صاحب جا ڪپڙا ڊراءِ ڪلين تي ڏيندو، بيگم جي واچَ جو سيل بدلي ڪرائيندو ۽ پوءِ نينگر مِس جي گهر پهچندو جيڪا موبائيل تي ڪنهن ساهيڙي سان ڳالهائڻ ۾ بزي هوندي. ٻار ٿيلهي مان ڪاپيون ڪڍي مٿو ويٺو کنهندو. ٽيوشن واري مس (جيڪا ٻنهي جي ڀلي لاءِ اڪثر ڪلاس ٽيچر ئي هوندي آهي) فون مان واندي ٿي وري رڌڻي ۾ ٻوڙ کي ڏسڻ ويندي يا ٽي وي تي هلندڙ سندس دلپسند پروگرام جو حصو ڏسي پوءِ ڇوڪري کي اچي چوندي ته بابا هوم ورڪ ڪر. ههڙا سولا حِساب به نٿا اچنئي. ڏس هينئن ٿيندا..... پوءِ کيس سڀ حساب ڪري ڏيندي يا اها ڪاپي ڪڍي ڏينديس ته ان تان ڏسي حساب ڪر، جيڪا ڪاپي هوءَ هر سال ٻارن کي ڏيکاريندي رهي ٿي. سيکارڻ کان آڱوٺو جو ان ڪم لاءِ مغز ماري ٿي ڪرڻي پوي.
    گهر موٽڻ وقت به ڊرائيور صاحب، بيگم ۽ پنهنجا ڪم لاهيندو ايندو. ڏٺو وڃي ته اهڙي ريت ڪلاڪ ڏيڍ ان ٽيوشن پٺيان هليو وڃي جنهن ۾ ٻار صحيح طرح ڪجهه نٿو سکي..... ان کان ته ماءُ دل لڳائي 15 منٽ به ٻار کي يڪسوئي سان پڙهائي ته اهو بهتر آهي.
    اسانجي هڪ سڃاڻو فئملي جي گهر حيدرآباد ويس ته هنن مون کان صلاح پڇي ته هو پنهنجي ٻار کي 15 ڏينهن جي سمر ڪئمپ ۾ موڪلڻ ٿا چاهين..... بلڪه هو پاڻ ته نٿا چاهين جو ان جي وڏي في آهي پر جيئن ته پاڙي جو هڪ امير ٻار Join ڪري رهيو آهي سو هنن جو ڇوڪرو به ضد ڪري رهيو آهي. ڏسو نه اڄ ڪلهه نئين ٽهي جو دور آهي جنهن ۾ هي سڀ ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. مونکي خاموش ڏسي ڇوڪر جي ماءُ مونکي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائيندي هڪ دفعو وري پڇيو ته ان بابت منهنجو ڇا خيال آهي “توهان صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان؟” هن پڇيو.
    “منهنجي جي ڳالهه مڃين ته گرمين جي هنن موڪلن ۾ پٽهين کي رڌ پچاءُ ويهي سيکارينس. پٽاٽا بصر ڪٽرائينس، ٿانوَ ڌوئارائينس، ڀت رڌڻ سيکارينس.....
    “سر! توهان ته اسان سان چرچا ڪري رهيا آهيو يا ٽوڪي رهيا آهيو.” ڇوڪري جي ماءُ چيو.
    مون کيس ٻُڌايو چرچا بنهه نه ڪري رهيو آهيان پر توهانجي ڀلي ۽ ڇوڪر جي مستقبل لاءِ بهتر صلاح ڏئي رهيو آهيان. ان بعد مون کيس جيڪي وڌيڪَ ٻُڌايو اهو هي پڙهندڙ ٻيون مائرون به هينئين سان هنڊائي سگهن ٿيون.
    ڳالهه اها آهي ته اسين غريب ملڪن جا نه فقط غريب ماڻهو آهيون پر فطرتا سست ۽ ٿوري ڳالهه تي همت هارڻ وارا پڻ آهيون. هي سمر ڪئمپون جن ۾ ٻارن کي رانديون رونديون، ترڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ، فلمون ۽ ڊراما ڏيکارڻ يا ائڪٽنگ سيکارڻ ۽ نخرن سان پڙهائڻ انهن وڏن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي ڪارخانيدار، جاگيردار ۽ بي انتها دولت وارا هجن جن کي هڪ طرف وقت ناهي جو ٻارن سان گڏ ڪجهه وقت گهاري سگهن ۽ ٻي طرف هنن جا ايڏا ڪاروبار سيٽ ٿيل آهن جو هنن جي ٻارن کي فقط چار اکر پڙهي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ BA ڪري پنهنجي اباڻي فرم جو CEO ٿيڻو آهي. هي سمر ڪئمپون يا اهڙي قسم جا نخرا فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آهن. انهن مان فائدو انهن کي ٿئي ٿو جيڪي ان قسم جون ڪئمپون يا نمونا ڪن ٿا جن مان هو بيوقوف والدين مان پئسو ڪمائين ٿا. يا جيئن حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي جهڙن شهرن ۾ بيوٽي پارلر کلندا وڃن جِتي وڏن ماڻهن جون سست زالون جيڪي ورزش ڪري پنهنجي سونهن وڌائڻ بدران وڃن ميڪ اپون ڪرائينديون. پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي چڪو آهيان ته کارادر ۾ اٽي جي چَڪي هلائڻ واري پڻ، جنهن کان اٽو وٺندو هوس، پنهنجي چَڪي بند ڪري حيدرآباد ۾ اچي بيوٽي پارلر کوليو آهي جِتي سندس زالَ جيڪا ڪراچي ۾ ڪُتيانا ميمڻ خيراتي اسپتال ۾ دائي هئي، اها هن پارلر ۾ عورتن جي چهري جي آڍَ ۽ مٿان ميڪ اپ جو ليپ لڳائي ٿي ۽ بقول هنن جي ان ڪم ۾ وڏي ڪمائي آهي.
    اهوئي حال سَمر ڪئمپن جهڙن ڊرامن ۾ آهي. آئون ته اهوئي چوندس ته موڪلن جو فائدو وٺي مائٽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول/ڪاليج طرفان هوم ورڪ ڪرائڻ بعد باقي ٽائيم ۾ پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ ڪِتاب پڙهائين جو اسان جا ٻار ڊاڪٽري انجنيري ڪرڻ بعد نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ۾ چڱي طرح انگريزي ڳالهائي ججن کي مُتاثر نٿا ڪريو سگهن. اڄ ڪلهه پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ملڻ محال ٿي پئي آهي. ذرا سوچيو ته ولايت ۾ اسان جي ڪنهن مائٽ کي نوڪري ملي پر اهو ان سبب کان موٽِي اچي ته اتي هن کي ٻوڙ ماني يا ڀت نٿو ملي جنهن جو هو عادي آهي! جپان جي هڪ شهر ۾ پنهنجي هم وطني نوجوان کي ان سبب ڪري نوڪري ڇڏيندو ڏٺم. هو ٻارن (فئملي) کي گهرائي نٿي سگهيو سو هن لاءِ ماني ڪير پچائي. خبر ناهي نوڪري ڇڏي موٽي آيو يا نه باقي مون ڏاڍو سمجهايو مانس ته ڀت يا ٻوڙ رڌڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي. بصر ڪٽي ان جو داڳ ڪري ٽماٽا، مسالا ۽ ڪڪڙ جا پيسَ رُڳو سِلو باهه تي ڇڏي ڏيندي ته ٻوڙ تيار ٿي ويندو. ماني به جهڙي تهڙي پچائي سگهين ٿو...... ڀلا ٻيو نه ته فرائنگ پئن ۾ تيل يا گيهه وجھي ان ۾ مشين ذريعي ڳٿل اٽي جو اڦراٽو ٺاهي سگهين ٿو. اهڙي طرح ٻيون ڀاڄيون. ولايت ۾ هميشه ائين ٿيندو آهي ته ڪجهه ٻاهر جون شيون ڪجهه گهر جون، ڪجهه تازون مڇيون ڪجهه دٻي جون ۽ بيضو پچائڻ يا مڇي گانگٽ ترڻ ۾ ڪهڙي Ph.D جي ضرورت آهي پر اسانجا ڪي ڪي مرد به عجيب ناز نخرن وارا آهن. کانئن رڌ پچاءُ ته ٺهيو پر پنهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ، ٻيڙو ٽانڪڻ جهڙا معمولي ڪم به نٿا پڄن پوءِ انهن جي جاين تي ساڳيو انڊين، بنگلاديشي، سري لنڪن ۽ ٻيا خوش ٿي نوڪري به پيا ڪندا ته گهر جي اهڙن ننڍن مسئلن کي به پيا منهن ڏيندا.... اهي حالتون ڏسي اڄ جي مائرن کي اها ئي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته پنهنجي ٻارن کي لاڏلو نه ڪريو.... اڳتي ڏاڍو ڏکيو ۽ مقابلي جو زمانو اچي رهيو آهي. پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت (اخلاق) هڪ طرف سيکاريو ته گهر جا ڪم ٻئي طرف. ۽ آرام پسند “ڪِڪِلو” بنائڻ بدران کين رَف ۽ ٽَف بَنايو. رڳو ڪلف لڳل ڪپڙا پائي اوچي برانڊ جو موبائيل فون هٿ ۾ ۽ اکين تي مهانگو چشمو رکي هلڻ ڪا وڏي ماڻهپي يا ڪامياب زندگي جو اهڃاڻ ناهي.......


    پرديسَ ۾ پهچندڙن سان جٺيون.......

    پرديس ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پهچي ٿو ته پوءِ هو چاهي کڻي ڪنهن نوڪري تي چڙهڻ لاءِ آيو هجي، شروع جا ڏينهن ڏاڍو ڊپريشن ۾ گذاري ٿو. ڀلي کڻي پهچڻ سان هن کي رهائش ۽ مهيني يا اڌ جو پگهار ائڊوانس ۾ ڏنو وڃي ته به ڪيترين ئي ڳالهين جي کوٽ: جهڙوڪ مائٽن مٽن کان دوري، موسم جي تبديلي، زبان جي ڏکيائي ۽ ماحول جي اوپرائپ ڪري هو غريب ۽ يتيم محسوس ڪري ٿو. ويندي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي به ڪجهه ڏينهن دل ٻڏندي محسوس ٿيندي هئي. هڪ جونئر انجنيئر جي حيثيت ۾ ڇا پر چيف انجنيئر ٿيڻ بعد به..... جيتوڻيڪ جهازن جو ماحول گهر جهڙو ٿئي ٿو جِتي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي ملڪ جي ماني ٽڪي ۽ ريتون رسمون ٿين ٿيون. ۽ جيسيتائين ماڻهو پنهنجي ڪئبن ۾ ويٺو آهي ته ٻارهوئي هڪ ئي ٿڌڪار واري موسم 24 ڊگريون سينٽي گريڊ ٽيمپريچر رهي ٿو پوءِ جهاز چاهي اونهاري جي سخت گرمين وارن مهينن ۾ آفريڪا وٽ هجي يا سياري جي ڏينهن ۾ ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن يا فنلئنڊ ۾ هجي جتي ٻاهر جي ٿڌ جو پڌ منفي ٽيهه چاليهه ڊگريون به رهي ٿو.
    بهرحال گهڻي پئسي ڏوڪڙ ۽ اهم پوسٽ (نوڪري) جي باوجود پرديس ۾ ماڻهو پهريان ڏينهن ڪافي پريشان رهي ٿو پر ان ماڻهوءَ جو سوچيو جيڪو بي روزگار آهي، هو نوڪري جي ڳولا ۾ پرديس آيو آهي، غريب آهي، کيسي ۾ پئسو ڏوڪڙ نه برابر اٿس ان جي ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڇا حالت ٿيندي هوندي. اهڙا ماڻهو همدردي جي لائق ٿين ٿا. مڪاني ماڻهن کي انهن جي مدد ڪرڻ کپي. اسلام ۾ به مسافر کي پيٽ ڀري ماني کارائڻ ۽ هن جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر توهان کي ڇا ڏک ڀريا داستان ٻڌايان ته اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو حق حلال جي روزي ڪمائڻ لاءِ ڌارئين ملڪن ۾ جڏهن پهچن ٿا ته هنن سان پنهنجا ئي هم وطني، جيڪي هاڻ انهن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن، ڪيڏا ظلم ڪن ٿا. هنن جي پورهئي ۽ پگهر مان پاڻ امير ٿين ٿا ۽ نون وطن ڇڏي آيلن جي احتجاج تي هنن کي حق ڏيڻ بدران هنن کي پوليس ۽ ڪورٽ جي چڪرن ۾ ڦاسائي سزائون ڏيارين ٿا.
    نيويارڪ ۾ هوس ته اتي پنهنجي هڪ ڳوٺائيءَ کي ڏٺم جيڪو اتي اچڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلارڪ هو. آمريڪن ويزا واري لاٽري ۾ سندس نالو نڪتو. پنهنجي وطن ۾ پگهار مان پورت نٿي ٿيس. پنهنجا ۽ ٻچن جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ اچي آمريڪا کان نڪتو هو. هن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گرين ڪارڊ ته ملي ويو پر روزگار ملڻ ڪو سولو ڪم نه هو جو ولايت ۾ اڏي ڏٺائين ته وڌيڪَ تعليم يافته، ڊاڪٽر، يا انجنير به پيا سب وي ۾ برگر وڪڻن يا سپر مارڪيٽن ۾ گوشت ڍوئين. آخر هن کي هڪ پاڪستانيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڪڙين ترڻ جو ڪم ملي ويو. نيويارڪ ۾ جِتي سخت سردي ٿئي ٿي اتي اونهاري جي مهينن ۾ سخت گرمي به رهي ٿي ۽ هن کي ان گرمي ۾ اٺ ڪلاڪ پيرن ڀر بيهي وڏي ڪڙهائيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻيون پيون ٿي. قانوني طرح جيڪو پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار آهي کيس ان کان به گهٽ مليو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ريسٽورنٽ جي وڏي ڏاڙهي واري پاڪستاني مالڪ اهو چئي ته کيس ٽئڪس وغيره به ڏيڻا پون ٿا، کانئس صحيح گهڻي پگهار واري انگ تي ورتي ٿي. مون پنهنجي ڳوٺائيءَ کي چيو ته اهو نسورو ظلم آهي. مولانو ٿي ڪري تنهنجو حق پيو ماري.... توکي احتجاج ڪرڻ کپي. اسانجو ڳوٺائي، جنهن کي ڪيترا مهينا ڌڪا کائي مس مس نوڪري ملي هئي ۽ هِتي جي حالتن کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن مونکي نماڻائي سان چيو سائين هِتي جيڪو پئسي پٺيان آهي ان لاءِ ڪو دين ڌرم ناهي. اسان مزورن جي ئي پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري هي سيٺ ٿيا آهن. مونکي ته وري به گرين ڪارڊ هجڻ ڪري هو ايترو به پگهار ڏئي ٿو ٻيا ويچارا پاڪستاني جن جي ويزا ختم ٿي وئي آهي ۽ هِتي هاڻ غير قانوني طور آهن انهن جو ته رت ست ٿو چوسيو وڃي ۽ مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪن. سيٺ کي رڳو هڪڙو فون اميگريشن پوليس کي ڪرڻو پوي ٿو ۽ هو جيل حوالي ٿيو وڃن.
    منهنجي هوندي هن منهنجي ڳوٺائي غريب ڇوڪري جو ڪڪڙيون تريندي ٽهڪندڙ تيل ۾ هڪ هٿ سڙي پيو. پوءِ مون ڏٺو ته هو سخت تڪليف جي حالت ۾ به روزانو 8 ڪلاڪَ ڊيوٽي ڪندو رهيو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ريسٽورنٽ جي مالڪ کي سڙيل هٿ ڏيکاري ڏينهن ٻه موڪل ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيو ته هو انهن ڏينهن جو پگهار ڪٽي سگهي ٿو پر هو ظالم نه مڃيو ۽ اهوئي چوندو رهيو ته “منهنجي ڪاروبار کي نقصان رسندو ۽ هڪ ڏينهن به ڪم کان گسائيندي ته توکي ڪڍي تنهنجي جاءِ تي ٻيو رکي ڇڏيندس.... گهڻي ئي پاڪستاني ۽ بنگلاديشي بيروزگار پيا ڦرن جيڪي غير قانوني هجڻ ڪري توکان به گهٽ پگهار تي ڪم ڪندا.”
    دراصل اها ذهنيت هر ترقي يافته ملڪ جي ٿيندي وڃي يعني جنهن ملڪ جي معاشي حالت بهتر آهي اتي اسان جهڙن ملڪن جا بيروزگار ماڻهو پورهئي جي ڳولا ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ مڪاني سيٺ اهڙا غير قانوني ماڻهو ڳوليندا وتن ٿا جن کي سولائيءَ سان چيڀاٽي تيل ڪڍي سگهجي. ملائيشيا ۾ به ڏسان پيو ته اسانجي ئي ملڪ جا ماڻهو جيڪي گهڻو اڳ هتي اچي Settle ٿيا ۽ هاڻ هتي جا شهري آهن پنهنجن هم وطني ماڻهن کي ڏٽا ڏئي پاڪستان، هندستان، بنگلا ديش ۽ سري لنڪا جهڙن عريب ملڪن مان وزٽ ويزا تي گهرائي پوءِ هنن کان گهٽ پگهار تي پورهيو وٺن ٿا. غير قانوني هجڻ ڪري اسانجو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو نه گهڻي ڪم جي دانهن ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري ڪا طبي يا ٻي سهولت گهرڻ لاءِ وات کولي سگهي ٿو. هن کي پنهنجو هم وطني، هم زبان ۽ هم مذهب سيٺ هر وقت ان ڳالهه جو خوف ڏيندو رهي ٿو ته تنهنجي ويزا ختم ٿي چڪي آهي تون هِتي غير قانوني طرح پورهيو ڪري رهيو آهين ڪجهه ڪُڇندين ته پوليس اهڙي جيل ۾ هڻندءِ جِتي مائٽ به ڳولي نه سگهندءِ. ۽ اسانجي ڪنگال ۽ سست سفارتخاني کي ڪٿي آهي ايترو پئسو جو کڻي هو پنهنجي سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙن جون گهرجون پوريون ڪري.... سو ڪٿي ٿو ملڪ کان آيل ماڻهن جي مدد ڪري سگهي.... سو به ڪو هڪ ٻه هجي جيڪو ڀل چُڪَ ۾ غلطي ڪري ڦاٿو هجي ..... هتي ته غير قانوني ڪمن ڪري اسان جي سوين ماڻهن سان جيل ڀريا پيا آهن. هنن مهانگن ملڪن ۾ ڪير هنن لاءِ وڪيل ڪري ۽ ڪير هنن لاءِ رٽرن ٽڪيٽون مهيا ڪري .... ۽ اسانجو ماڻهو لڳي ٿو ته هر وقت ان غلط فهمي ۾ مبتلا رهي ٿو ته هو ڏوهه ڪرڻ جي باوجود ائين ڦٻي ويندو جيئن اڪثر اسانجي ملڪ ۾ ٿيندو رهي ٿو.
    ٽيهارو سالن کان ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي حاجي غلام علي سولنگيءَ اهڙن مجبور ماڻهن جي ڏکن جا داستان ٻڌائي روئي ڏنو. هن چيو ته هن وقت به ملائيشيا جي مختلف جيلن ۾ اسان جا اهڙا 500 کن پاڪستاني قيد آهن جن جا پاسپورٽ گم آهن، جعلي ويزائون آهن يا غير قانوني طرح آيا آهن يا گهمڻ جي بهاني مقرر وقت کان وڌيڪَ رَهي پيا آهن يا هنن وزٽ ويزا تي هِتي اچي پورهيو يا نوڪري ڪئي. غلام علي ٻڌايو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هنن ۾ اڌ کان وڌيڪَ سنڌي آهن جيڪي بنا سمجهه ۽ عقل جي ٺڳ ڦورو ايجنٽن جي چنبي ۾ ڦاسي پيا جن ذريعي هنن ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف پئسو وڃايو ته ٻئي طرف پاڻ کي جيل حوالي ڪيو. علي اهڙن بي سهارا ۽ بيوقوفي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي جيلن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي ۽ سنڌ جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ کان علاوه مدد لاءِ به اپيل ڪري رهيو آهي ته سرندي وارا ماڻهو چندا گڏ ڪري هنن ماڻهن جي موٽڻ جي ٽڪيٽ جو بندوبست ڪن جو ان معاملي ۾ نه اسان جو سفارتخانو ان پئماني تي مالي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ نه ملائيشيا جي حڪومت رحم کائڻ لاءِ تيار آهي جنهن لاءِ ڌارين ملڪن کان ايندڙ غير قانوني ماڻهو مٿي جو سور بنجي ويا آهن ۽ وڃن ٿا روز بروز وڌندا ۽ هنن جي سوچ موجب اهڙائي ماڻهو هِتي جي وڌندڙ ڏوهن جو ڪارڻ آهن.
    آمريڪا ۽ انگلنڊ پاسي ڏِسان پيو ته اسان جي ملڪ جا شروع جا لڏي آيل جيڪي هاڻ هنن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن اهي پنهنجي ڌنڌي يا ڪاروبار ۾ پوندڙ نقصان به هنن نون آيلن کي بيوقوف بنائي ڪڍن ٿا. پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ڌارين ملڪن ۾ اچڻ وارن ۾ رڳو بيروزگار ۽ غريب طبقو ناهي پر انهن ۾ ڪيترائي اهڙا امير ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهم کاتن ۾ اهم عهدن تي هئا جن رشوت ۽ ٺڳين ذريعي خوب پئسو ميڙيو ۽ پوءِ پوليس، NAB ۽ ڪورٽ ڪچهرين جي خوفَ کان ڀڄي آمريڪا، انگليند يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اچي نڪتا آهن پوءِ انهن کي پهرين جا پهتل ٺڳ هم وطني دوستي ۽ مائٽي جا ناتا جوڙي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، کانئن پيٽرول پمپ، ڪو دڪان يا ڪو ٻيو ڪاروبار خريد ڪرڻ لاءِ راضي ڪن ٿا جيڪو دراصل نقصان ۾ هلي رهيو آهي. يا ان ۾ پاڻ سان ڀائيوار ڪري سندن الهه تلهه چٽ ڪريو ڇڏين. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجن آمريڪي سفرنامن “نيو هالا کان نيويارڪ” ۽ “بخشو لغاري کان بالٽيمور” ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. مون ڏٺو آهي ته ٻاهر رهي (شايد) هي اهڙا ظالم ۽ پٿر دل ٿيو وڃن جو پنهنجن هم وطنين کي ڦري فقير ڪرڻ ۾ به هنن کي قياس نٿو ٿئي! نه فقط انهن رشوتخور ۽ چورن ڌاڙيلن کي بيوقوف بنائين ٿا پر انهن کي به جيڪي گهر ۽ ٻني ٻارو وڪڻي حق حلال جو پئسو کڻي سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ اهڙن دوستن ۽ مائٽن جي چوڻ تي هنن وٽ پهتا آهن. هي ڪالم به هن وقت اهڙي هڪ شخص جي ڪهاڻي ٻڌي لکڻ ويٺو آهيان جيڪو سٺي مستقبل جي اُميد ۽ دوست جي ڳالهين تي لڳي پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪنهن مائٽَ وٽ رهائي، پنهنجو گهر ۽ دڪان وڪڻي سڀ رقم کڻي ولايت پنهنجي دوست وٽ پهتو ته جيئن هو هن کي بهتر ڪاروبار کولي ڏي پر هو اٽڪل ڪري سندس هر رقم هڙپ ڪري ويو ۽ هاڻ هڪ طرف سندس ٻچا ٻار پريشان آهن ته ٻئي طرف پرديس ۾ پاڻ آهي. هن وٽ ايترو به پئسو نه بچيو آهي جو واپس موٽڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهي. ان لاءِ هو روزانو ڪنهن جاب جي ڳولا ۾ رهي ٿو.


    ڇا آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي.....

    سڄي دنيا خبردار ٿي وئي آهي ته سگريٽ يا شراب جهڙيون شيون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ اڄ به ان کي، خاص ڪري شراب پيئڻ کي فيشن ۽ وڏ ماڻهپي سمجھيو وڃي ٿو. دنيا جي هر پڙهيل ڳڙهيل ۽ سڌريل ملڪ ۾ شراب پيئڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو خاص ڪري گذريل صديءَ جي ويهارو سالن کان شراب خلاف سخت مهم هلي رهي آهي. ايشيا جا ملڪ جپان ڪوريا هجن يا يورپ آمريڪا..... هن شيءِ لاءِ اهوئي چيو پيو وڃي ته هي اهو زهر آهي، اها بيماري آهي جيڪا اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا.
    ميڊيڪل سائنس به هاڻ اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته دنيا جا پنجاهه سيڪڙو ڏوهه شراب جي ڪري ٿين ٿا. آئون اسلام جي ڳالهه نٿو ڪريان ته قرآن انسان ذات کي ان ڳالهه کانِ اڄ کان 1400 سال اڳ خبردار ڪيو. آئون ۽ منهنجا جهازي آفيسر هميشه پنهنجن شاگردن ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ پنهنجن جونئر آفيسرن کي ان شيءِ کان خبردار ڪندا رهندا آهيون پر پنهنجي وطن اچي پنهنجن کي کڻي چئه ته يڪدم چوندا سائين توهان هاڻ ڏاڙهي رکائي مولوي ٿيا آهيو ان ڪري ٿا چئو؟. مونکي کل ايندي آهي ته اها ڳالهه ته آئون ان وقت به چوندو هوس جڏهن ڏاڙهي نه هئي. ۽ آئون نه تڏهن دين جو عالم هوس نه هاڻ ڪو مولوي آهيان آئون هڪ مئرين انجنيئر آهيان ۽ منهنجي سڄي زندگي جهازي انجڻيون ٺاهڻ، هلائڻ ۽ پاڙهڻ ۾ گذري آهي. آئون ته فقط پنهنجي مشاهدي ۽ سائنسي ڄاڻ جي بنياد تي ٿو ڳالهه ڪيان. مون ته سلجهيل ۽ سٺن گهرن جي انگريزن کي به ان شيءِ کان نفرت ڪندي ڏٺو آهي. جيسيتائين مذهب جو واسطو آهي ته ڪو مذهب نشي جي اجازت نٿو ڏئي. اسانجا ڪيترا ڳوٺاڻا، سرڪاري ڪامورا، پير، مير، وڏيرا اهوئي سمجھن ٿا ته جيڪو ولايت ۾ رهي ٿو اهو شراب پيئي ٿو يا ان لاءِ پيئڻ ضروري آهي. اسان جا ماڻهو ڪيڏو بي عقل آهن! اڄ سڄي دنيا ان شيءِ کان نفرت ڪري ٿي ٻيا ملڪ ته ڇڏيو آمريڪا ۾ هلي ڏسو ته به ڪيترا آهن جيڪي شراب پيئن ٿا؟ اسان جا سنڌي ته ڇڏيو پر مڪاني گورا به ڪيترا آهن جيڪي پيئن ٿا .... هر عقلمند ماڻهو شراب کي خراب سمجھي ٿو ۽ جيڪڏهن سوشل زندگي ۾ ڪو پيئي ٿو ته هڪ Limit مطابق. اسان جا ماڻهو ڏسو....... ڏوگهي ڏوگهي بيهوش ٿي ويندا، گاريون پيا ڏيندا، يا رستي تي الٽيون ڪري اوندها ڪريا پيا هوندا. قميص الٽين ۾ ۽ ڪانچ ڪاڪوس سان ڀرجي ويندين، زال ۽ ماءُ ڀيڻ ۾ فرق نه ڪري سگهندا. اهو ٻڌي مونکي ڪيڏو ڏک ٿيو جڏهن دهلي ۾ هڪ سنڌي اديب مونکي کلي چيو ته توهان جا سنڌي اديب انڊيا فقط شراب جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
    ڪراچيءَ ۾ هڪ دعوت ۾ هڪ ننڍي عمر جي سرڪاري آفيسر کي شراب پيئندو ڏسي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. رات جا ٻه ٿي ويا هئا ۽ هو هاڻ اوٽ پٽانگ بڪي رهيو هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي فئملي ڳوٺ ئي رهي ٿي ان ڪري هن کي دير سوير موٽڻ جو فڪر نٿو رهي. “ٺهيو!” مون دل ۾ سوچيو “ٻار پيا ڳوٺ ڌوڙ پائين ۽ پاڻ سڀني جوابدارين کان بي فڪر هتي ٺڙڪو عيش پيو ڪري.” منهنجي سمجھائڻ تي هن کي حيرت ٿي ته اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ولايت ۾ رهي به شراب نه پيئي! ۽ هن جي ڳالهين مان مون اهو مطلب ڪڍيو ته هن لاءِ شراب پيئڻ وڏ ماڻهپي جي نشاني آهي. پگهار ته شراب ۾ پورو ٿيندو هوس، ٻچن کي الائي ڇا نصيب ٿيندو هوندو! مون دل ۾ سوچيو.
    ۽ اها حقيقت آهي ته اسانجي سياستدانن، وزيرن، وڏيرن، ڪامورن وغيره کي ڏسي ڪيترائي ننڍين نوڪرين وارا، پورهيت ۽ غريب ڳوٺاڻا به شراب پيئڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ۽ شل نه ڪو وڏيرو يا ڪو وڏو آفيسر ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهو کي يا ڪنهن ننڍي آفيسر يا ڪلارڪ کي ان ميءَ جي دعوت ۾ گهرائي. بس هن جي لئه ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
    ڳوٺ جو نالو نٿو لکان، ان جي هڪ غريب ڇوڪري کي يونيورسٽي ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي جپان ۾ اعليٰ تعليمَ جي اسڪالرشپ ملي وئي ۽ هن اتي به نالو پيدا ڪيو ۽ کيس ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪرين جي به آفر ٿي. هونءَ ته هن غريب کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن پڇيو ڪونه ٿي پر جپان مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تي کيس ڳوٺ جي وڏيري به محفل ۾ گهرائي نه فقط عزت ڏني پر شراب به آفر ڪيو ۽ هن به سمجھيو ته هاڻ هن لاءِ اهو پيئڻ ضروري آهي جو ولايت مان موٽڻ ۽ وڏ ماڻهپي جي اهائي نشاني آهي. وڏيري کي به وندر لاءِ ماڻهو ٿي کتو سو هن کي روز شامَ جو اوطاق تي گهرائي گلاس مٿان گلاس پياري ساڻس پاڻ، سندس ٻارن ۽ ٻين پيالي ڀاين چرچا ڀوڳَ ڪيا ٿي ۽ هي ان ۾ خوش ته “آئون وڏي اهم شيءِ ٿي ويو آهيان”. اوطاق تان پي نشي ۾ موٽندو هو ته رستي تي ڳوٺ جا ماڻهو مذاق ڪندا هئس ۽ هي ان ۾ خوش ته هن جي وڏيري تائين رسائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن کي خوار ڪرڻ لاءِ وڏيري جي اوطاق تي اهڙا ڪاڪ ٽيل پياريندا هئس جو وچ بازار ۾ ڪري پوندو هو ۽ اوٽ پٽانگ وڦلندو رهندو هو. کيس قدرت ڪيتريون ئي اعليٰ کان اعليٰ نوڪريون ڏياريون پر هو شراب جي علت ۾ اهڙو ته اونهو ڦاسي ويو جو هن لاءِ نوڪري ڇڏڻ آسان ٿي پيو پر شراب ڇڏڻ نا ممڪن هو. هڪ کان وڌيڪَ شاديون به ڪيائين پر سندس ڪا به زالَ کيس برداشت نه ڪري سگهي. اڄ به ان جو سوچي مونکي افسوس ٿيندو آهي ته ڇا ٺاهوڪو جوان هو ۽ ڇا جپان ۾ رهي نالو پيدا ڪيائين پر نشي خاطر پنهنجو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيائين. اڄ به ان تي بحث هلندو آهي ته ان بدبختي ۾ سندس ڏوهه هو يا وڏيري جو! شرابَ کيس وڏو ماڻهو بنائڻ بدران تباهه ڪري وڌو.
    ورجينيا جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ بعد مانيءَ تي ڊاڪٽر منور عباسي، مقبول هاليپوٽي ۽ فلڪ شير ڳالهين دوران ان ڳالهه جو ڏک ڪيو ته پٺيان وطن ۾ اسان جا ڪيترا دوست ان غلط فهمي ۾ آهن ته آمريڪا ۾ جيڪي اسين رهون ٿا انهن جو رڳو ڪم شراب پيئڻ آهي. منهنجي خيالَ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجو وطن ڇڏي آيو آهي اهو هِتي ڪو شراب پيئڻ يا عيش جي زندگي لاءِ نه آيو آهي پر هو پورهيو ۽ مزوري ڪري ٿو. ۽ هنن ملڪن ۾ پورهيو يا نوڪري ڪرڻ سولو ڪم ناهي. ها البت ڪجهه اهڙا ماڻهو ضرور آهن جن جي زندگي جو مقصد ئي شراب پيئڻ آهي. اهي ماڻهو آمريڪا ۾ ڄمي رهڻ بدران پنهنجي وطن موٽي اچن ٿا ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ته هو آمريڪا جا شهري آهن فخر سان شراب پيئن ٿا. هيوسٽن ۾ رهندڙ نوابشاهه جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته اهڙن ڪارين رڍن ۾ (جيڪي ٻين کي بدنام ڪن ٿا) گهڻائي انهن جي آهي جيڪي تعليم يافته نه آهن، هنن کي سندن قابليت تي آمريڪي شهريت نه ملي آهي پر پورٽوريڪن يا حبشي عورتن سان پيپر مئريج ڪري گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيو آهي. اهڙا ماڻهو اهڙي طرح ڪيل شاديون ۽ بعد ۾ انهن حبشاڻين مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ نفسياتي مريض ٿيو پون. واپس وطن اچڻ تي ٻهڪيل ٻهڪيل ڳالهيون ڪن ٿا. جڏهن ريمن ڊيوس نالي آمريڪن پاڪستان ۾ ٻن ڀائرن جو خون ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته غريب پاڪستانين کي اهو ميسيج مليو ته آمريڪي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو طاقتور شيءِ آهي، بقول اسان جي دانشور دوست ڊاڪٽر جوڻيجو جي آمريڪا مان تڙيل اسان جا ڪيترا ماڻهو هر ڳالهه ۾ رعب رکڻ لاءِ اڄ ڪلهه اهو چوندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته “اسان وڏا خوني آهيون. اسان ٻه قتل ڪري چڪا آهيون.... وغيره” جيئن سندن مائٽ ۽ ڳوٺائي هنن کان خوف کائين ۽ هنن جي ڪيل ڪُڌن ڪرتوتن تي تنقيد نه ڪن .
    ان قسم جا نڪما، آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ اسان جا ديسي ۽ جاهل ماڻهو، اهو سمجھن ٿا ته هنن کي آمريڪا جو پاسپورٽ ڇا مليل آهي، هنن کي هر ڏوهه کان بخشش آهي. اسانجي ملڪ ۾ قانون جي کڻي ايڏي حڪمراني ناهي پر اهڙو به ڪو انڌير ناهي. بقول سنڌي پهاڪي جي سنڌ ڪا گدڙن نه کاڌي آهي. بهرحال اهو مٿيون مثال مونکي اڄ ئي ڌيان ۾ اچي ويو جڏهن هڪ ٺڳ قسم جو ماڻهو هن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به شراب ۾ ڌت ٿي گاڏي پئي هلائي ۽ ٻئي کي ٽڪر هڻڻ تي ان کان معافي وٺڻ بدران هن کي دڙڪا ڏئي رهيو هو ته سندس پوليس به نالو نٿي وٺي سگهي جو هو آمريڪي شهري آهي. دل ۾ مون سوچيو ته هو عجيب خوش فهمي ۾ آهي. هو سمجھي ٿو ته هو ڪو اڪيلو آمريڪن آهي. هتي ته ڪراچي جو اڌ شهر آمريڪن، ڪئناڊين آسٽريلين آهي يا برٽش ۽ بقول واشنگٽن ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم يافته ۽ خيرجا ڪم ڪندڙ سائين علي نواز ميمڻ جي اهڙن جاهلن جي انهن ڪڌن ڪرتوتن ڪري، آمريڪا توڙي ڪئناڊا ۾ ايندڙ اسان جا نوان هم وطني روزگار يا شهريت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا.


    ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟

    ٻين ملڪن ۾ آزاديءَ سان وڃڻ لاءِ اسانجي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهريت اختيار ڪن ٿا.
    ڪو زمانو هو 1990ع تائين به ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ اسين پاڪستاني ائين هليا ويندا هئاسين جيئن ڪو سکر کان لاڙڪاڻو وڃي... يعني سامان رڳو بئگ ۾ وجھڻو پوندو هو ۽ ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي دڪان تان ٽڪيٽ وٺي اچي هوائي جهاز ۾ ويهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور يا بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اتي جو اميگريشن آفيسر پاسپورٽ تي مهيني، ٻن يا ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. پر هاڻ اسان کي اهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا لاءِ جُھد پٽڻا پون ٿا. پنهنجي ملڪَ ۾ انهن جي موجود سفارتخاني يا قونصل خاني کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته اسان مهيني اڌ لاءِ توهانجو ملڪ فقط گهمڻ لاءِ ٿا وڃون. اتي وڃي ترسي نه پونداسين ۽ نه وڃي نوڪري ڪري توهان جي ماڻهن جي روزگار کي لت هڻنداسين ۽ نه اتي چوري ڪري يا پني پيٽ گذر ڪنداسين... ان جو ثبوت اهو آهي جو اسان خرچڻ لاءِ نه فقط هيترو پئسو کڻي پيا وڃون پر پٺيان بئنڪ ۾ به هيترو بئلنس اٿئون ۽ اهو بئلنس سال کان به مٿي قائم رکندا اچون... پوءِ مس مس ويزا ٿي ملي ۽ پوءِ ان ويزا جي باوجود جڏهن مٿين ايئرپورٽن تي پهچون ٿا ته اتي جا واسطيدار عملدار: اميگريشن پوليس، ڪسٽمس ۽ انٽيليجنس وغيره اسان کي حيرت ۽ شڪ جي نگاهن سان جانچين ٿا ته اسان جي دماغ ۾ ڪا لُچائي ته نه آهي ۽ آن لائين ڪمپيوٽر تي اسان کي چيڪ ڪندا رهن ٿا ته مقرر مدت اندر سندن ملڪ مان نڪرون ٿا يا موٽڻ کان نٽايون پيا.
    انگ اکر ڏيکارين ٿا ته اسان جا ڪيترا ماڻهو موٽڻ بدران غير قانوني طرح ٽِڪي پون ٿا ۽ پنهنجي ملڪ جي بدحال معاشي حالتن ڪري هو مجبور ٿي ڪنهن اهڙي نوڪري يا ڌنڌي جي ڳولا ڪن ٿا جِتي هو پوليس جي پڪڙ کان لڪي ڇپي سگهن. پوءِ ڪي ڪجهه عرصي تائين وٺ ۾ نٿا اچن، ڪي جھلجي پوڻ تي جيلن ۾ موڪليا وڃن ٿا جن جون خبرون مڪاني اخبارن ۾ وڏين سرخين سان اچن ٿيون ۽ اتي جي عوام اسان جي مجبور ماڻهن سان همدردي ڪرڻ بدران خطن ذريعي اخبارن ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿي ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ته خيري به اچڻ نه ڏيو. ڪي ويچارا پوليس جي پڪڙ ۾ ته نٿا اچن پر هو ڪو روزگار به حاصل نٿا ڪريو سگهن. پوءِ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، هو ويچارا مجبور ٿي ننڍيون وڏيون چوريون ڪن ٿا ۽ جھلجڻ تي هڪ طرف هنن کي سزا اچيو وڃي ته ٻئي طرف اخبارن ۾ خبر اچڻ ڪري اسان جي ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ سندن هم وطني جيڪي قانوني طرح نوڪري ڪري رهيا آهن اهي منهن کڻڻ جهڙا نٿاٿين.
    بهرحال جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۾ پهرين اسين آزادي سان وڃي سگهياسين پئي. 1980ع تائين به اسان کي جپان جي اڳواٽ ويزا جي ضرورت نه هئي پر مونکي ياد آهي ته ملائيشيا وارن کي وٺڻي پئي ٿي. 1975ع تائين مون ملئي عورتن ۽ مردن کي ڪراچي جي ڪيترن گهرن ۾ ماسي طور ڪم ڪندي ڏٺو جيئن اڄ ڪلهه فلپينو نظر اچن ٿيون يا عرب ملڪن ۾ انڊونيشين، سري لنڪن ۽ اسانجون پاڪستاني ۽ انڊين عورتون گهر جو ڪم ڪار ڪندي نظر اچن ٿيون. اڄ ملائيشيا کي سندن سياستدانن هر ڳالهه ۾ خوشحال بنائي ڇڏيو آهي ته هر ملڪ هنن جي ماڻهن جي آڌر ڀاءَ ڪري ٿو. گذريل مهيني ملائيشيا ۾ هوس ته جپان حڪومت جو اخبارن ۾ اهو اعلان پڙهيم ته هاڻ ملائيشيا جا ماڻهو جپان ۾ بنا ويزا جي اچي وڃي سگهن ٿا. سنگاپور جيڪو 1971ع تائين به چور ملڪ سڏبو هو ۽ هر دو نمبري ڪم کان سنگاپور مشهور هو اڄ اخلاقي، معاشي، تعليمي ۽ ميڊيڪل معيار کان اهڙو مٿڀرو ٿي ويو آهي جو يورپ جي ملڪن ته ڇا آمريڪا وارن به اعلان ڪيو آهي ته ڪو به سنگاپوري جڏهن به چاهي هو USA ۾ رهي سگهي ٿو.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي جو اسانجو ملڪ ۽ اسانجا ماڻهو ان معاملي ۾ ڪيترو پٺتي رهجي ويا آهن. اڄ اسانجا ماڻهو پئسا ڏئي، پنهنجيون ملڪيتون شفٽ ڪري آمريڪا يا ڪئناڊا جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ خوار ٿيندا رهن ٿا ۽ کڻي سونا ٿي رهن ته به ڌارين ملڪن جي عوام ۽ حڪومت شڪ جي نگاهه سان کين ڏسي ٿي. ڪئناڊا ۾ هڪ هموطني مليو جنهن لاءِ ٻين ٻڌايو ته هي پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهم کاتي ۾ آفيسر هو جِتي هن رشوت جو خوب پئسو حاصل ڪيو ۽ پيئڻ پيارڻ کان علاوه عورتن جي چڪر ۾ ڪڏهن ٿائلنڊ وڃڻ جو شوق ڪيائين ٿي ته ڪڏهن روسي رياستن جو رخ رکيائين ٿي. هر وقت ويزا وٺڻ جي خواري کان بچڻ لاءِ ۽ ميڙيل پئسي کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ هو ڪئناڊا هليو آيو ۽ هاڻي ڪئناڊا جو پاسپورٽ هجڻ ڪري هو پنهنجا شوق پورا ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ ويندو رهي ٿو. ڇو جو، ڪئناڊا جي پاسپورٽ تي هو بنا ويزا جي ٿائلنڊ ۽ ازبسڪتان ته ڇا ڪيوبا ۽ دبئي به وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح انهن پابندين کان آزاد آهي جيڪي هڪ پاڪستاني لاءِ آهن.
    پر سائين دنيا جا ملڪ به اسانجي پويان اهڙو آهن يا اسانجي افعالن کان اهڙو واقف آهن جو هو هر ڳالهه جو “توڙ” ڳوليو وٺن. ملائيشيا کان باءِ روڊ سنگاپور وڃڻ مهل فقط ڏيڍ ڪلوميٽر جي پل ٽپبي آهي جيڪا هن ٻيٽ کي ملائيشيا سان ڳنڍي ٿي. گهڻو اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته يورپ ۽ آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙن کي آساني مهيا ڪرڻ لاءِ هنن لاءِ الڳ ڪائونٽر هو جنهن تي نه برابر رش هجڻ ڪري هنن جي پاسپورٽن تي سنگاپور جي انٽري جو ٺپو يڪدم هڻي ڏنو ويو ٿي. هن ڀيري ملائيشيا کان سنگاپور هڪ هم وطني سان وڃي رهيو هوس جنهن وٽ ڪئناڊا جو پاسپورٽ هو. مون کي خوشي ٿي ته سنگاپور ۾ گهڙڻ وقت اميگريشن جي ڊگهي قطار ۾ نه بيهبو. پر جڏهن سنگاپور جي ٻيٽ تي چڙهياسين ته اسان واري همراهه آمريڪن ۽يورپين جي قطار ۾ بيهڻ بدران انڊيا پاڪستان جي ملڪن جي ‘ڪت خلق’ واري ڊگهي قطار ۾ ڪار کي لڳايو. مون چيومانس ته منهنجا ڪارا انگريز هاڻ توکي ڪئناڊا جو پاسپورٽ آهي تون هنن باگڙي ڀيلن واري قطار ۾ نه بيهه ــ هُن پاسي هليو هل جتي آمريڪن ۽ ڪئناڊا وارن لاءِ دروازو آهي..
    هن ڦلهڙو منهن ڪري چيو ته “سنگاپور ۽ ملائيشيا جا وڏا ذليل آهن. ڪئناڊا واري پاسپورٽ ڪري اڳئين دفعي آئون هن قطار ۾ وڃي بيٺس ته مونکي اهو چئي ڀڄائي ڇڏيائون ته تنهنجي Country of Origin ڇا آهي. يعني هن پاسي فقط نج گورا اچي سگهن ٿا. تو وٽ پاسپورٽ ته ڪئناڊا جو آهي يعني تون پَني تي ته پاڻ لاءِ ‘سيد پير’ لکايو پيو هلين پر آهين ته باگڙي ڀيل.
    انڊيا ۾ ڪنهن به شهر ۾ پهچڻ تي اتي جي پوليس آفيس ۾ رپورٽنگ ڪرڻي پوي ٿي ته اسان فلاڻي اڏام ۾ پهتا آهيون ۽ هيترا ڏينهن هن شهر جي هن هوٽل يا گهر ۾ رهنداسين. بهرحال اهو پنجن منٽن جو به ڪم ناهي پر پوليس رشوت وٺڻ جي باوجود ڪلاڪ ڏيڍ وهاريو ڇڏي خاص ڪري اسان پاڪستانين کي. بمبئي ۾ هڪ پوليس آفيسر کي سٺي موڊ ۾ ڏسي چيومانس ته آئون جي ڪئناڊا يا انگلينڊ وغيره جي پاسپورٽ تي هجان ها ته پوءِ توهان مونکي ‘اڇوت’ بدران ‘ٻائو ٻانڀڻ’ سمجھو ها. هن کلندي چيو “نو سر! اها ڳالهه ناهي. اهي اوريجنل پاڪستاني يعني جن جي ڄم جي جاءِ پاڪستان آهي پر پاسپورٽ انگلنڊ يا آمريڪا وغيره جو اٿن انهن تي ته اسان جي انٽيليجنس پوليس وڌيڪَ ڪرڙي نظر رکي ٿي جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته هنن ۾ ڏوهه ڪرڻ جي وڌيڪَ tendency ٿئي ٿي جو هو سمجھن ٿا ته هنن جو ڪو نالو نٿو وٺي سگهي جو هو هاڻ آمريڪي يا برٽش يا ڪئناڊين شهري آهن.
    مون کي ان ڳالهه جت حيرت رهي پر سگهوئي دبئي جي هوٽل ۾ رهڻ دوران مونکي هڪ عجيب واقعو نظر آيو. رات جو هڪ بجي ڌاري هوٽل جي رسيپشن ۾ هڪ همراهه نشي ۾ ڌت گار گند ڪري رهيو هو. هوٽل جي گارڊن هن کي کڻي جھليو جيئن ٻين مسافرن تي هن هوٽل جو خراب اثر نه پوي. رسيپشن تي ويٺل همراهه کي چيم ته ڪو انڊين يا پاڪستاني ٿو لڳي.
    “نه. انڊين نه هوندو.” هن وراڻيو، “انڊين ائين چرين وانگر شراب پي آپي کان ٻاهر نٿا نڪرن.” هن وراڻيو.
    “ته پوءِ ڪو پاڪستاني هوندو.” مون چيومانس.
    “پاڪستاني ضرور هوندو پر پاڪستاني پاسپورٽ وارو نه هوندو جو اهي گهڻو پي الٽيون وغيره ضرور ڪن ٿا پر گار گند يا ائين بي ڊپو ٿي پراين عورتن سان بداخلاقي ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.”
    “تنهنجي معنيٰ ته ڪو پاڪستاني نه هوندو.” مون چيو.
    “نه! پاڪستاني ئي هوندو پر ڪنهن ٻئي ملڪ جي پاسپورٽ وارو.”
    ڪجهه دير کانپوءِ خبر پيئي ته هوٽل واري جو تجربو ۽ مشاهدو سچ ثابت ٿيو. هو هڪ پاڪستاني هو آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ.
    هوٽل جي رسيپشن واري جيڪو پاڻ به پاڪستاني هو تنهن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سائين افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجا ڪيترا جاهل ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته هنن آمريڪي يا ڪئناڊين پاسپورٽ ڇا هٿ ڪري ورتو آهي هنن تان ڄڻ قتل به معاف آهي. پر ائين ناهي ههڙن ملڪن ۾ قانون نه فقط سخت آهي پر سڀني لاءِ آهي.


    ڇا ٻاهر اسان لاءِ چين ۽ سڪون آهي.

    تعليم ختم ٿيڻ کانپوءِ مون جهاز واري نوڪري 1968ع کان شروع ڪئي. هڪ ئي روٽ ۽ هڪ ئي جهاز تي رهڻ بدران منهنجا جهاز ۽ routes تڪڙيون تڪڙيون تبديل ٿينديون رهيون. مختلف جهازن کي ڪڏهن ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي ته ڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ڏي وٺي وڃڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪاري سمنڊ وارا سوشلسٽ ملڪ: رومانيا، بلغاريا، روس وغيره ته ڪڏهن عرب ملڪ. شروع جا سال سئيز ڪئنال بند هو ان ڪري جهازن جي مالڪن جي مرضي نه هوندي به اسان کي جهاز سڄي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائڻو پيو ٿي ۽ رستي تي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون، ڊڪار ۽ عابد جان جهڙن آفريڪي بندرگاهن تي راشن پاڻي ۽ جهاز لاءِ فيول وٺڻو پيو ٿي. پهرين سال ئي اسان کي جهاز کي آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ۽ هر سال ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن برمودا، ڪيوبا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو کان آمريڪي بندرگاهن هيوسٽن، نيواورلينس، فلڊلفيا، بالٽيمور، نيويارڪ وڃڻو پيو ٿي ۽ اڃان به مٿي اتر ۾ ڪئناڊا جي به ڪجهه بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي.
    انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو ڪئناڊا اسان لاءِ ٿر جيان هوندو هو جِتي رڳو سڃ ئي سڃ، واري ئي واري هئي.... يعني جيئن ٿر ۾ واري ئي واري تيئن ڪئناڊا ۾ سال جو وڏو حصو رڳو برف ئي برف ۽ ٿڌيون هوائون هيون. مينهن وسڻ تي ٿر ۾ جان ايندي آهي تيئن اونهاري جي ڪجهه مهنن ۾ جي جهاز ڪئناڊا ايندو هو ته اس ۽ ساوڪ ڏسي دل خوش ٿيندي هئي نه ته ڪئناڊا وڃڻ جو ٻڌي ڊپريشن ٿيندي هئي. چوندا هئاسين ته هي ڪئناڊين چريا ماڻهو ڪئناڊا ۾ ڇو رهيا پيا آهن... هيٺ ڏکڻ ۾ نيويارڪ پاسي ڇو نٿا هليا وڃن. جيتوڻيڪ نيويارڪ ۾ به سياري ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو. ٻارهوئي بهار فقط برمودا، بهاما، جئميڪا، باربادوس، ٽرنيڊاڊ جهڙن ٽراپيڪل ٻيٽن تي هوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ۽ ويران هنڌن تي ته نظر نه ايندا هئا پر آمريڪا ۾ به ورلي نظر آيا ٿي. آخر هيڏانهن اچن به ڇو. هندستان ۽ پاڪستان جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ خوشحالي هئي. ٿورا گهڻا جيڪي تعليم يا روزگار لاءِ نڪتا ٿي ته انگلئنڊ کان اچي نڪتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا لاءِ ويزا يا گرين ڪارڊ ملڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو، پر انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ رهڻ به ڪو مشڪل نه هو. جيڪو آيو ٿي ان کي سال ٻن اندر اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ ملي ويو ٿي. پوءِ ڏورانهين ڏيهه آمريڪا يا ويران ۽ رڃ ۽ سڃ جهڙي ڪئناڊا ۾ ڪو ڇو وڃي رهي! مون کي ياد آهي ته 1973ع ۾ منهنجو جهاز سئيڊن جي بندرگاهه اسٽاڪهوم ۾ بيٺو هو ته انهن ڏينهن ۾ سئيڊن جي “ڪوڪم” شپ يارڊ ۾ مئرين انجنيرن جي ضرورت ٿي. هنن جو نمائندو مون وٽ جهاز تي آيو ۽ مونکي جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري لاءِ صلاح ڪيائين. مون سان گڏ منهنجي زال ۽ سال ڏيڍ جي ڌيءَ به هئي. جهاز جي نوڪري تڏهن ڇڏي وڃي ٿي جڏهن ٻار ست اٺ سالن جا ٿين ٿا ۽ هنن لاءِ جهاز تي پڙهڻ بدران اسڪول وڃڻ ضروري ٿئي ٿو سو منهنجي لاءِ اهو مسئلو نه هو پر مونکي ان دفعي موراڪو ۽ اسپين کان وٺي هر سمنڊ ۽ موسم اهڙي ته خراب ملي هئي جو منهنجي سامونڊي نوڪري کان دل کٽي ٿي پئي هئي ۽ شايد منهنجي ان روڄ پٽڪي ۽ سمنڊ کي پِٽون پاراتا ڏيڻ ڪري مڪاني آفيس وارن مونکي ان پوسٽ جي آفر ڏني ۽ ان کي وڌيڪَ پرڪشش بنائڻ لاءِ هنن اهو به چيو ته هو مهيني اندر مونکي ۽ منهنجي فئملي کي سئيڊن جي شهريت به ڏيندا. مونکي اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه پسند آئي پر آخري فيلصي ۾ انڪار ئي ڪيم جو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڇا خرابي هئي... امن امان، تعليم، سستائي، دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت... تڏهن ته هر ملڪ ۾ اسان بنا جھل پل جي وڃي رهياسين ٿي، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون ڪيونسين ٿي ... دنيا جي بهترين ملڪن مان پاڪستان هڪ هو جنهن ۾ عرب به رهڻ لاءِ پئي آيا.
    بهرحال پوءِ اسانجي ملڪ جون حالتون بهتر ٿيڻ بدران ويون خراب ٿينديون. بي روزگاري، نا انصافي ۽ دهشت گردي ويئي وڌندي ۽ اڃان تائين وڃي وڌندي. هڪ طرف پڙهيل ڳڙهيل ۽ پئسي وارا عيسائي، پارسي، قادياني، سنڌي هندو، شيعا ملڪ ڇڏي وڃڻ لڳا جنجي سخاوت ڪري ملڪ جا ڪيترائي تعليمي توڙي صحت جا ادارا هلي رهيا هئا، ته ٻي طرف ملڪ جي معاشي بدحاليءَ ڪري ڪيترائي غريب ۽ بي روزگار پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳا. شروع ۾ ته عرب توڙي يورپي ملڪن ۾ اسان جي ماڻهن کي سولائي سان مزدوري ۽ پورهيا ملڻ لڳا پر پوءِ انهن غريبن کي به exploit ڪيو ويو. کين نوڪريون يا ملڪ ۾ داخلا ڏيڻ لاءِ مڪاني ماڻهو ويزائون پئسن تي وڪڻڻ لڳا. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جا عرب مسلمان به پنهنجن پاڙيسري ملڪن جي اهڙن غريب ۽ مجبور ماڻهن کان پئسا وٺي ويزا وڪڻڻ لڳا. ياد رهي ته رڳو ويزا...! نوڪريءَ لاءِ وري کين ٻين عربن کي منٿ ميڙ ڪرڻي پئي ٿي. آهستي آهستي يورپ ۽ آمريڪا ته ڇا پر ڪئناڊا جهڙا ملڪ جن شروع ۾ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي گهرائڻ لاءِ سندن همت افزائي ڪئي ٿي ۽ کين ٿورو گهڻو ٽرين ڪري سٺيون نوڪريون ڏنيون ٿي، اڄ اسان جي ملڪ جا جيڪي ڊاڪٽري ۽ انجنيري پڙهي اتي پهچن ٿا ته هنن کي ٽئڪسي يا ٽرڪ ڊرائيور ٿي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، اسٽورن ۽ گدامن ۾ سامان ڍوئڻ جي مزوري ڪرڻي پوي ٿي يا چوڪيداري .... ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙو روزگار به نٿو ملي! اهو ڏسي ڏک ٿو ٿئي ته اسانجي ملڪ جو MBBS يا B.E پاس اتي جي بس اسٽاپن يا سب وي ۾ سئنڊوچون پيو وڪڻي. ڪئناڊا جهڙا ملڪ ڌارين جي اچڻ تي پابندي جون به ڳالهيون ڪن ٿا ته ساڳي وقت ماڻهن جي اچڻ جو هڪ لميٽيڊ وهڪرو به قائم رکڻ چاهين ٿا جو هنن کي هيٺاهين درجي جي پورهين: رستن ۽ گٽرن کي صاف ڪرڻ، ٻني ٻاري، عمارتن جا شيشا ۽ ٽئاليٽ صاف ڪرڻ جهڙن menial Jobs لاءِ ته اسان جهڙا ماڻهو کپن. نيويارڪ جي غلام مصطفيٰ انڙ چيو “سائين هي ائين آهي جيئن اسان وٽ زميندار يا وڏيرو پنهنجي ٻنيءَ تي ڪجهه باگڙي ڀيلن کي جھوپڙيون ٺاهي رهڻ جي موڪل ڏئي ٿو. اهو ان ڪري نه ته ڪو هن کي هنن سان همدردي اٿس ۽ هو هيٺين درجي جي ذاتين وارن کي به پاڻ جهڙو سيد پير ٿو سمجھي پر ان ڪري جيئن هنن کان ٻني ٻاري جا ڏکيا ڪم وٺي سگهجن جيڪي هاڻ سندن مسلمان هاري به نٿا ڪن.”
    “ڀلا اهو ته آهي ته ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ ميڊيڪل ۽ تعليم مفت ۾ آهي!” مون هڪ نوجوان کي چيو جيڪو اعليٰ تعليم مڪمل ڪري پنهنجي وطن موٽي آيو هو جيتوڻيڪ هن کي سندس تعليم جي آڌار تي ڪئناڊا ۾ نوڪري ملي رهي هئي. پر جيئن ته هن کي پاڪستان ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ سٺي پگهار سان نوڪري پهرين کان هئي ان ڪري هن ان کي قائم رکڻ چاهيو ٿي. بقول هنجي ته جنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ سٺي نوڪري هجي ان کي ٻاهر ڌڪا کائڻ نه کپن. هن ٻڌايو ته ڪئناڊا ۾ ٻارن جي تعليم مفت ضرور آهي پر اها ڪا بهتر قسم جي نه آهي اها ائين آهي جيئن اسان وٽ سرڪاري اسڪولن ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو افورڊ ڪري سگهي ٿو ته اسان وٽ پرائيويٽ اسڪول تمام بهتر آهن. جيسيتائين اهو چيو وڃي ٿو ته ڪئناڊا ۾ ميڊيڪل مفت آهي ته اهو ايڏو آساني سان نٿو ملي، اتي جي اسپتالن ۾ به ائين ڪلاڪن جا منهن وهڻو پوي ٿو جيئن سنڌ جي ڳوٺن جي سرڪاري اسپتالن ۾. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ڪئناڊا ۽ USA ۾ رهندڙ اسانجا ماڻهو طبي علاج يا آپريشنن لاءِ هوائي جهازن جا ڀاڙا ڀري پاڪستان ۽ انڊيا اچن ٿا .... جِتي هنن جو بهتر خيال رکيو وڃي ٿو ۽ پاڪستان ۽ آخرڪار انڊيا جا سرجن به بين الاقوامي معيار جا آهن.


    ڪجهه فون ڪرڻ بابت

    ڪيترا ماڻهو پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي پڙهائي لاءِ يا ٻاهر وڃي نوڪري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون کان صلاح وٺڻ لاءِ فون ڪندا رهنداآهن. هو منهنجو فون نمبر اخبار وارن کان يا شايد انٽرنيٽ تان هٿ ڪري ڳالهائين ٿا ۽ ڪوشش ڪري هنن کي جواب ڏيڻ، پنهنجي ڄاڻَ ۽ تجربي مطابق هنن کي مشورو ڏيڻ آئون پنهنجو فرض سمجھان ٿو. آئون سوير سمهڻ وارو آهيان پر اسان جي ملڪ ۾ دير تائين جاڳڻ ۽ صبح جو دير سان اٿڻ جو ڪلچر ٿي پيو آهي (جيڪو ڪنهن قوم يا ملڪ لاءِ بيحد خراب ۽ نقصان ڪار شيءِ آهي) سو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فون رات ڌاري ننڊ ڦٽائيندو آهي ته سخت ڊسٽرب ٿي ويندو آهيان پر پوءِ پاڻ کي اهي لوليون ڏئي ننڊ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي انهن ڳالهين جو احساس ئي نٿو ٿئي ... ته اهي ڳالهيون اخلاق کان ٻاهر آهن بلڪه اسان جو مذهب به اهڙين ڳالهين لاءِ تنبيهه ٿو ڪري ته ٻئي جي آرام ۾ خلل نه وجھو. نه فقط اسان جو مذهب پر هر ڌرم ۾ ۽ هر سڌريل ملڪ ان جي تاڪيد ڪري ٿو ته سوير سمهڻ کپي ۽ صبح جو سوير اٿڻ کپي، ٽي وي يا ريڊيو جو آواز اتاهون ڪري پاڙي وارن جو سک نه ڦٽائجي، گهر يا دڪان جي ٻاهران انڪروچمينٽ ڪري پاڙي وارن کي تڪليف نه ڏجي ... پر انهن ڳالهين کان اسين، خاص ڪري اسانجي نوجوان ٽهي بي حس ٿيندي ٿي وڃي. نتيجي ۾ ٻاهر جي ملڪن ۾ اسان جي انهن عادتن ڪري اسان کي سٺي نِگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي. بهرحال رات جو دير سان فون ڪري ٻي کي ڊسٽرب ڪرڻ جي نه فقط مونکي شڪايت آهي پر ان بابت مون سان ٻاهر رهندڙ منهنجي ڪيترن هم وطنين ڪئي آهي ته آئون ان بابت لکان. ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا.... جپان، چين، ملائيشيا کان دبئي، سعودي عرب، ايران، انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪئناڊا وغيره. هنن جا فون نمبر هنن جي مائٽن ۽ دوستن وٽ رهن ٿا. پرديس ۾ رهي اسان جا هم وطني پنهنجي وطن کان فون اچڻ جو انتظار ڪن ٿا جو ظاهر آهي پرديس ۾ هر ڪو پنهنجي اباڻي گهر جي ياد محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڳوٺ يا وطن کان ڪنهن دوست يا مائٽ جي آيل فون تي ڳالهه ٻولهه ۽ خبرچار حاصل ڪري دل خوش ڪري ٿو. ڄاڻي واڻي ته ائين نه ٿيندو هوندو پر اڻ ڄاڻائي يا غير ذميدار رويي ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي جنهن وقت دل چوي ٿي فارين ڪال ڪن ٿا. هو اهو نٿا سوچين ته هنن وٽ ته ڏينهن آهي پر جنهن ملڪ ۾ هو پنهنجي دوست يا مائٽ کي فون ڪري رهيا آهن اتي ڇا هوندو.
    مثال طور ڪو صبح جو اٺين بجي پنهنجي ڪنهن مائٽ کي ملائيشيا، سنگاپور يا جپان فون ڪري ٿو ته ڪو مسئلو ناهي جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 3 ۽ 4 ڪلاڪ اڳ اڀري ٿو. يعني اسان وٽ صبح جا اٺ آهن ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ منجھند جا يارهن ۽ جپان ۾ ٻارهن آهن. يعني ڏينهن آهي ۽ هو جاڳن پيا. پر انهن سان ڳالهائي ان بعد ڪو انگلنڊ يا جرمني رهندڙ دوست سان خوش خير عافيت لاءِ فون ڪري ته اهو ان تي ٿورو ڪرڻ بدران هن سان ظلم ٿيندو جو ان وقت اتي رات جا 3 وڳا آهن جو انهن ملڪن ۾ سج اسان کان 5 ڪلاڪ پوءِ ٿو اڀري. هِتي اهو به لکندو هلان ته اسان وٽ ته اهڙو No Work ڪلچر ٿي پيو آهي جو رات جو ننڊ ڦٽڻ يا ننڊ پوري نه ٿيڻ تي ٻئي ڏينهن آفيس مان غير حاظر رهي يا آفيس ۾ اٻاسيون ڏئي گذارو ڪري سگهجي ٿو پر ولايت ۾ ته صبح جو 9 کان شامَ 5 تائين ايمانداري سان نوڪري ڏيڻي پوي ٿي .... چاهي ڪو سرڪاري آفيسر هجي يا دڪان ۾ ڪم ڪندڙ سيلس گرل. سو وقت جو خيال نه رکڻ ڪري توهان ڪنهن لاءِ خوشي مهيا ڪرڻ بدران تڪليف ۽ پريشاني پيدا ڪيو ٿا.
    هي ڪالم ملائيشيا جي شهر پينانگ مان لکي رهيو آهيان ۽ ٿوري دير اڳ هِتي جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ سرجن سان خبر چار ڪري موٽيو آهيان. هو ويچارو به اهائي دانهن ڏئي رهيو هو ته ڪنهن ڪنهن رات جو ڳوٺان يا پنهنجي پراڻي پاڪستاني اسپتال مان مائٽ يا ڊاڪٽر دوست جو غلط وقت تي رات جو فون اچيو وڃي ... پاڪستان ۾ ته ان وقت کڻي رات جا ڏهه يا يارهن ٿيا هجن ۽ هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر هِتي ان وقت رات جا ٻه آهن ۽ فون جي گهنٽي تي گهاٽي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻو پوي ٿو. ۽ پوءِ باقي رات ننڊ نه اچڻ تي ٻي ڏينهن ڳري مغز سان تڪليف ۾ ڊيوٽي ڏيڻي پوي ٿي.
    ان تي مون هن کي اها صلاح ڏني جنهن تي اڄ ڪلهه آئون به عمل ڪريان ٿو.....
    “هينئن ڪريو جو سمهڻ مهلَ پنهنجي فون جي گهنٽي بند ڪري Silent تي رکي ڇڏيو.” مون چيومانس.
    “پر آئون ائين نٿو ڪري سگهان.” هن وراڻيو.
    “ڇو ڀلا؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “ان ڪري جو سڄو ڏينهن مونکي آپريشنون ڪرڻيون پون ٿيون. رات جو منهنجي ڊيوٽي ناهي پر مونکي فون کليل رکڻو پوي ٿو جو ڪنهن به آپريشن ٿيل مريض جي حالت خراب ٿي سگهي ٿي ۽ مون کي ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪال ٿي سگهي ٿي”. هن دليل ڏنو.
    هڪ ٻي ڳالهه به هِتي لکڻ چاهيان ٿو ته ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري آفيسر توڙي هڪ عام پورهيت کي پنهنجي آفيس يا ڪمپني جو فون نمبر ڪنهن کي ذاتي ڪم لاءِ ڏيڻو ناهي. پر ائين به ٿئي ٿو جو ڪن دوستن يا مائٽن وٽ اهو نمبر هجڻ ڪري هو فقط ايمرجنسي ۾ ٻه اکر ڳالهائڻ بدران ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا جيڪا ڳالهه ولايت ۾ خراب سمجھي وڃي ٿي ته هو ڊيوٽي ٽائيم ۾ آفيس جي فون تان ڪنهن کي فون ڪري يا ٻئي جو فون receive ڪري رهيو آهي.
    جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان جي هڪ ملڪي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر جي زال ان شهر جي هڪ جپاني ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هڪ ڏينهن گهر ڇڏي آيل ٻارن جي خبر لهڻ لاءِ هوءَ ان اسٽور ۾ لڳل پبلڪ فون ۾ پنهنجا سڪا وجھي ڳالهائي رهي هئي ته ان سيڪشن جو مئنيجر اچي اتان لنگهيو. تنهن هن کي فون ڪندو ڏسي چيس ته اهو تون غلط ڪم ڪري رهي آهين، آئيندي ساڳي غلطي ورجائڻ سان توکي نوڪري مان ڪڍي ڇڏينداسين.
    “پر سر آئون توهان جي اسٽور جو نه پر پنهنجا پئسا وجھي پبلڪ فون استعمال ڪري رهي آهيان.” هن پنهنجي جپاني باس کي چيو.
    “اها ته مونکي به خبر آهي ته تون پنهنجا پئسا استعمال ڪري رهي آهين”، مئنيجر چيس، “پر وقت ته اسان جو استعمال ڪري رهي آهين”.


    شاگردن کي مستقبل جو سوچڻ کپي

    ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ملڻ تي يا ڪو شاگرد تعليم لاءِ ولايت روانو ٿيڻ تي ان ملڪ جي حالتن بابت ... خاص ڪري موسم، کاڌي پيتي ۽ اتي جي ماڻهن جي مزاج بابت ڪوبه پڇي ٿو ته پنهنجي ڄاڻَ موجب هن جي رهنمائي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو جيئن منهنجي غلطين، تجربن ۽ ڄاڻَ جي آڌارَ تي ڪنهن جو ڀلو ٿي سگهي.
    هِتي اهو به لکندو هلان ته ڪجهه اهڙا به سوالَ پڇيا وڃن ٿا جيڪي حيرت ۾ وجھندڙ آهن بلڪه اهڙن سوالن مان اسان جي ماڻهن جي سادگي ۽ عجيب مزاج ۽ سوچَ جي ڄاڻَ پوي ٿي. جيئن اڄ هڪ همراهه جو فون آيو ته هن جي پٽ لاءِ نيوي بهتر ٿيندي يا آرمي؟
    ائين به ٿيندو آهي ته ڪيترائي شاگرد انٽر ۾ هوندا آهن ته هو آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ٽنهي لاءِ apply ڪندا آهن ۽ ٻن يا ٽن ۾ چونڊجڻ بعد سوچيندا آهن ته هاڻ ڪيڏانهن وڃجي. اسان پاڻ به ائين ڪيو هو. آرمي، نيوي، مرچنٽ نيوي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج لاءِ اپلاءِ ڪيو هئوسين. جيئن هڪ نه ٻي ۾ چونڊجي وڃجي. ۽ هڪ کان وڌيڪَ ۾ چونڊجي وڃڻ تي پوءِ ڪنهن کان صلاح وٺي سگهجي ٿي ته ڪيڏانهن وڃجي. اسان وٽ مرچنٽ نيوي ۾، مئرين انجنيئرنگ يا مئرين سائنسز ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد جيسين جهاز تي Sail ڪرڻ جو وارو اچي، ڪيترا شاگرد ان دوران CSS يا آرمي يا ٻين technologies لاءِ اپلاءِ ڪري انهن جا امتحان به ڏئي وهندا آهن. اسان جا ڪيترا مرچنٽ نيوي جا آفيسر هڪ ٻه سامونڊي سفر ڪرڻ بعد چونڊجي وڃڻ تي آرمي ۾ هليا ويا ۽ هو بعد ۾ مون وانگر مئرين انجنيئر يا جهاز جا ڪپتان ٿيڻ بدران آرمي ۾ ميجر، ڪرنل ۽ برگيڊيئر ٿي ويا.
    منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ نورالوهاب خنڊڪر مون سان گڏ هڪ ٻه سامونڊي سفر ڪري نيوي جي وڌيڪَ امتحانن لاءِ، جڏهن ڪناري تي لٿو (جيئن اهي پاس ڪري وڌيڪَ پرموشن حاصل ڪري) ته هن جهازراني جا سبجيڪٽ پڙهڻ بدران اڪيڊمڪ سبجيڪٽ پڙهي CSS جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ئي بنگلاديش الڳ ٿيو ۽ هو پنهنجي وطن هليو ويو. ڪجهه سالن بعد جڏهن حالتون نارمل ٿيون ۽ اسان جي ملڪن جا جهاز هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃڻ شروع ٿيا ته اسان کي چٽگانگ وڃي خبر پئي ته اسان وارو خنڊڪر صاحب جهاز هلائڻ بدران بنگلاديش جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ويٺو آهي. اهڙا ڪيترائي مثال آهن. مون کان گهڻو گهڻو پوءِ اٽڪل 12 سال کن پوءِ عمرڪوٽ جو هڪ نوجوان انٽر بعد مئرين اڪيڊمي ۾ چونڊجي ويو جِتان هن گرئجوئيشن ڪئي. پر جيسين جهاز ملڻ جو وارو اچي هو ڪراچي ۾ ئي انتظار ڪندو رهيو. انهي دوران هن وٽ هن جا ٻه ٽي جونئر ڳوٺائي اچي رهيا جن پاڻ به ۽ هن کي به CSS جي امتحان لاءِ attempt هڻڻ لاءِ چيو. هن به امتحان ڏئي بس ڪيو ته کيس جهاز تي sail ڪرڻ جو وارو ملي ويو. آمريڪا تائين جو سفر ڪري ڪراچي موٽيو ته خبر پيس ته هو CSS امتحان ۾ نه فقط پاس ٿيو آهي پر کيس فارين سروسز ۾ چونڊيو ويو آهي. سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري.
    “مونکي دنيا گهمڻ جو شوق آهي ان ڪري جهاز جي نوڪري ڪيئن ڇڏيان؟” هن پنهنجي اندر جو حال دوستن سان اوريو. دوستن چيس ته “دنيا ته تون فارين سروس ۾ نوڪري ڪري به ڏسي سگهين ٿو.”
    ڳالهه ته معقول هئي ۽ هو جهاز هلائڻ بدران استيفا ڏئي هليو ويو. گذريل سال جپان ويس ته خبر پئي ته هو ٽوڪيو ۾ پاڪستان ايمبسي جو سفير آهي. سندس نالو نور محمد جادماڻي آهي. سو ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته توهان ذهين آهيو، محنتي آهيو ۽ هڪ ئي وقت ٻه ٽي شيون حاصل ڪري وٺو ٿا ته پوءِ ڀلي سوچيو ته ڪهڙي لائين اختيار ڪجي. يعني پهرين ته پڙهائي ۾ پاڻ کي ڀڙ بنائجي ۽ پوءِ وقت تي مختلف هنڌن تي apply ڪرڻ جو موقعو نه وڃائجي. ڇو جو ڪيتريون اهڙيون چونڊون آهن جن جا انٽري ٽيسٽ يا داخلا لاءِ درخواستون انٽر جي امتحان کان اڳ ٿين ٿيون. ان ڪري ڪلاس يارهون پاس ڪرڻ بعد جيئن شاگرد ٻارهين ڪلاس يعني انٽر ۾ داخل ٿئي ته هن کي فيصلو ڪري ڇڏڻ کپي ته هن کي ڪهڙي ڪهڙي فوجي يا تعليمي اداري ۾ وڃڻ جو ارادو آهي ۽ پوءِ هن کي اخبارن، انٽرنيٽ ۽ پنهنجي ڪاليجي استادن معرفت ڄاڻَ رکڻ کپي ته ڪهڙي ڪهڙي اداري جي داخلا جا درخواستي فارم يا انٽري ٽيسٽ ڪڏهن آهن.
    هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته ڪيترن ئي ادارن ۾، خاص ڪري فوج يا مرچنٽ نيوي ۾ عمر جي پابندي به ضروري آهي. ڪيترا اسان جا شاگرد انٽر ڪرڻ کانپوءِ سال ٻه گهمي ڦري پوءِ سندن دل چوندي ته جيڪر ڪنهن فوجي اداري ۾ داخلا وٺجي. پوءِ ان وقت کين خبر پوندي ته هو ته ان نوڪريءَ جي حاصل ڪرڻ واري عمر ٽپي ويا آهن. ڇو جو اهڙن ادارن ۾ داخلا لاءِ هڪ مقرر عمر ٿئي ٿي.... گهڻو ڪري 19 يا 20 سالن تائين. ان مقرر ٿيل عمر کان مٿي هڪ ڏينهن به اوور ايج سمجھيو وڃي ٿي ۽ هو مقابلي/انٽري ٽيسٽ ۾ ويهي نٿو سگهي. مٿي فون ڪندڙ همراهه جو به ڪجهه ان نوعيت جو ڪيس هو.
    فون ڪندڙ جي پڇڻ تي ته: “منهنجي پٽ لاءِ نيوي بهتر آهي يا آرمي؟ ته ظاهر آهي مون اهوئي پڇيو ته آيا هو ٻنهي ۾ چونڊجي ويو آهي؟
    “نه هن کي فوج ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو آهي ان لاءِ توهان کان پڇي رهيو آهي ته ڪهڙي بهتر آهي ۽ ان جي چونڊ ڪڏهن ٿيندي” هن پڇيو.
    “هو ڪهڙي ڪلاس ۾ آهي؟” مون پڇيو.
    “هن ٻه سال اڳ انٽر ڪئي آهي.”
    “پوءِ ته هو ڪئڊٽ ٿيڻ واري چونڊ لاءِ اوور ايج ٿي ويو هوندو ... هونءَ سندس انٽر ۾ ڇا رزلٽ هئي؟” مون پڇيو.
    “هن جون 62 سيڪڙو مارڪون هيون ۽ هو سيمنس (Seamen) واري چونڊ ۾ ويهڻ چاهي ٿو.”
    هتي پڙهندڙن لاءِ اهو لکندو هلان ته فوج (آرمي نيوي وغيره) توڙي مرچنٽ نيوي لاءِ هڪ ته آفيسرن واري چونڊ ٿئي ٿي جنهن بابت مٿي لکي آيو آهيان ته انٽر ۾ هجڻ دوران ئي ٿئي ٿي ۽ چونڊ بعد اهو شاگرد فوج ۾ ڪئڊٽ ٿي ڪاڪول اڪيڊمي يا ڪراچي ۾ PNA (پاڪستان نيول اڪيدمي) يا PMA (پاڪستان مئرين اڪيڊمي) ۾ پڙهي ٿو. نيول ڪئڊٽ پوءِ اڳتي ليفٽينٽ، ڪمانڊر، ڪئپٽن ۽ ڪموڊور وغيره ٿين ٿا ۽ آرمي وارا ميجر، ڪرنل، برگيڊيئر وغيره.
    اهڙين چونڊن ۾ سڄي ملڪ جا هزارين نوجوان وهن ٿا جن مان هر سال ٽيهه چاليهه کن ضرورت موجب چونڊيا وڃن ٿا. چونڊ جو معيار تمام سخت ٿئي ٿو ۽ نه فقط انٽر جي زرلٽ تي پر انٽري ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ، نفسياتي ٽيسٽ ۽ ٻين ڳالهين: تقريرن، بحث مباحثن، راندين وغيره کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو. بهرحال سوين ڇوڪرا قابل ثابت ٿين ٿا پر آخري چونڊَ ۾ فقط اهي کنيا وڃن ٿا جيترن جي ضرورت آهي ۽ جيڪي انهن بهترين اميدوارن ۾ به ٽاپ تي آهن. ان ڪري هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ منهنجي نوجوان شاگردن ۽ سندن والدين کي اهائي صلاح آهي ته اهڙين چونڊن لاءِ اٺين نائين ڪلاس کان وٺي تياري ڪئي وڃي. شاگرد کي نه فقط امتحان پاس ڪرڻ جو الڪو هجڻ کپي پر هن کي علم حاصل ڪرڻ جو پڻ اونو هجي. مئٽرڪ يا انٽر جي ڪيترن شاگردن کي ڏسندو آهيان ته هو فقط امتحان پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، مئٿس ۽ ٻين سبجيڪٽن جي امپارٽنٽ سوالن جي چڪر ۾ هوندا آهن ته اهي سکي يا رٽو لڳائي امتحان پاس ڪجي پر منهنجو تجربو آهي ته اهڙا شاگرد اڳتي پروفيشنل ڪاليجن ۾ پهچي failure ثابت ٿين ٿا.... ان کان اڳ انٽري ٽيسٽ ۾ ئي ڪاٽا ٿيو وڃن.
    پڙهائي کان علاوه والدين کي کپي ته پنهنجن ٻارن جي صحت تي پڻ خيال رکن ۽ کين ڊوڙائين ڊُڪائين، ورزش ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪرائين ۽ رانديون کيڏائين. ڪيترا اميدوار هوشيار هوندي ۽ چونڊجي چوندجي فقط over weight ڪري رهجي ويندا. هو مائٽن جا لاڏلا هجڻ ڪري گهڻو کائڻ ڪري ٿلها رهن ٿا. مائٽن کي کپي ته ٻارن کي صحيح روشني ۾ پڙهڻ ڏين ۽ ڪمپيوٽر يا TV تي گهڻو وقت وهڻ نه ڏين ڇو جو ڪيترين فوجي توڙي نيم فوجي چونڊن ۾ اکين جو بهتر هجڻ به ضروري آهي.
    مٿين فون ڪندڙ همراهه ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ کي seamens (خلاصين) واري چونڊ ۾ موڪلڻ چاهي ٿو جنهن ۾ عمر جي توڙي تعليمي معيار جي سختي گهٽ آهي. اڄ ڪلهه سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترا ئي نوجوان آرمي توڙي نيوي جي هيٺين نوڪرين ۾ آهن. وڌيڪَ پڙهڻ جي طاقت نه هجڻ يا پڙهائي ۾ ڪمزور هجڻ ۽ ڪجهه به نه ڪرڻ ۽ بيروزگار ٿي رهڻ کان وري به اهي نوڪريون بهتر آهن جن ۾ ٺيڪ ٺاڪ پگهار ملڻ کان علاوه رهائش ۽ ميڊيڪل مفت آهي ۽ منهنجي خيالَ ۾ ته اڄ ڪلهه والدين جي ميڊيڪل جي به سهولت شامل آهن.
    باقي اها ڳالهه ته ان قسم جي چونڊ ڪڏهن ٿي ٿئي ان لاءِ بهتر آهي ته شاگرد پاڻ ۽ سندس والدين اونو ڪري اخبارن ۾ ان بابت اشتهار ڏسندا رهن يا وڏن شهرن حيدرآباد، سکر وغيره ۾ جيڪي فوجي رڪروٽنگ سينٽر آهن انهن وٽان معلوم ڪندا رهن. اڄ ڪلهه ته ڪيترين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ئي Online فارم، شرط شروط، اپلاءِ ڪرڻ جي آخري تاريخ ۽ گهربل ڊاڪيومينٽن وغيره جي معلومات ملي ٿي، يا وري پنهنجي ڳوٺ جي انهن ڪامياب شاگردن کان پڇيو وڃي جيڪي سال ٻه اڳ يعني ويجھڙائيءَ ۾ ان فوجي يا تعليمي اداري ۾ چونڊيا ۽ هاڻ اتي آهن.... باقي اسان جهڙن پوڙهن کان اهڙين چونڊن جون تاريخون يا قاعدا پڇڻ ناداني آهي جو انهن ۾ هر وقت تبديلي ايندي رهي ٿي.... اسان جهڙا ماڻهو وڌ ۾ وڌ پنهنجي وقت جي معلومات ٻڌائي سگهن ٿا.... شاگردن ۽ والدين کي کپي ته اهي پنهنجو مستقبل سنوارڻ لاءِ جستجو ڪن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڏورانهن ڳوٺن جا شاگرد محنت ۽ معلومات هئڻ ڪري ڪامياب ٿيو وڃن ۽ ڪيترائي شهرن جاذهين شاگرد هر سهولت هوندي به پنهنجي سستي ڪري اهڙين چونڊن لاءِ رهجيو وڃن.


    ٻارن جي هوشيار ٿيڻ جو راز

    هونءَ ڪيترا ماڻهو اهو سمجھندا آهن ته ناليري اسڪول يا ڪاليج جا ٻارَ سٺين مارڪن سان پاس ٿين ٿا ۽ کين سٺيون نوڪريون ملن ٿيون. پر ائين ناهي. مون به ذري گهٽ چوٿو صدي (25 سال) لڳاتار ماستري ڪئي آهي ۽ اڃان تائين وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ مئرين انجنيئرنگ جي سبجڪيٽن تي ۽ ڪٿي ته.... خاص ڪري ممبئي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي سفرنامي تي ليڪچر ڏيندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچَ مطابق امتحان ۾ سٺي پوزيشن سان پاس ٿيڻ ۾ ٽيچر سان گڏ شاگرد ۽ والدين جو به هٿ ٿئي ٿو. ائين هرگز هرگز ناهي ته ڪنهن ڏڏ ڇوڪري کي ڪنهن ناليواري يعني اهڙي تعليمي اداري ۾ داخل ڪيو جنهن جا شاگرد بورڊ يا يونيورسٽي ۾ پوزيشن کڻن ٿا ته توهان جو پٽ به مٿاهين مارڪن ۾ پاس ٿي ويندو.
    پهرين ڳالهه ته جيڪي به ناليوارا ڪاليج آهن اهي چونڊي چونڊي ٽاپ جي شاگردن کي داخلا ڏين ٿا... سو ظاهر آهي اهڙا ذهين ۽ هوشيار چونڊيل شاگرد ٿوري محنت سان مٿاهين مارڪن ۾ پاس ٿيندا رهن ٿا.... بلڪه ٿيڻ کپن. پر سؤ سيڪڙو ائين به ناهي. سٺن ٽيچرن جي باوجود، ذهين ۽ محنتي شاگردن جي هوندي به توهان ڏسندئو ته اهڙن ناليرن ڪاليجن جا ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي نڪما به ثابت ٿين ٿا. ايتري قدر جو فيل به ٿيو پون. مون کي ياد آهي ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اسانجو هڪ ڪلاس ميٽ جنهن شروع جي ويڪلي، منٿلي ۽ پهرين سال (اٺين ڪلاس) ۾ فرسٽ پوزيشن کنئي اهو ٻئي سال کان هيٺ ٿيندو ويو.... ايتري قدر جو انٽر جي امتحان ۾ هن ايتريون ته گهٽ مارڪون کنيون جو هو نه ڪنهن فوجي اداري ۾ چونڊجي سگهيو نه مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ جيڪو ان سال ڄامشوري ۾ کليو هو!
    هڪ هوشيار ڇوڪري جو هڪ سٺي ڪاليج ۾ وڃي پٺتي رهجي وڃڻ جو سبب اهو هو جو هن ڇوڪري تي والدين نظر رکڻ (Monitoring ڪرڻ) ڇڏي ڏني ته هو ڇو پٺتي پيو وڃي. ٻي ڳالهه ته هن ڇوڪر جي ٻئي سال کان ٻن وڏيرن جي اهڙن پٽن سان دوستي ٿي جن پاڻ پڙهڻ نٿي چاهيو. هنن پي ٽي، پريڊ، راندين ۽ پڙهائي ۾ مٿاهين پوزيشن حاصل ڪرڻ بدران گهمڻ ڦرڻ، ڪاليج مان بَنڪ ڪري وڃي فلمون ڏسڻ جهڙن ڪمن کي Heroic Deeds ٿي سمجھيا. هونءَ به نوجوان طبقي کي اهڙيون خراب ڳالهيون وڌيڪَ fascinate ڪن ٿيون. ان ڪري والدين کي کپي ته اولاد تي نظر رکن ۽ جيئن ته اڄ جي دور ۾ جڏهن نوڪري يا ڪو Job ڪرڻ فل ٽائيم ٿو گهري ۽ پيءُ روزگار بلي رهي ٿو، ماءُ جي وڌيڪَ ڊيوٽي آهي ته اها ٻارن جي پڙهائي تي ڌيان ڏئي. ۽ روزانو ڏسي ته ٻار هوم ورڪ ڪري ٿو يا نه ۽ اسڪول ۾ هو ڌيان سان سبق سمجھي اچي ٿو يا نه. ۽ اهي ٻار جيڪي Residential ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا يعني هاسٽلن ۾ رهن ٿا انهن تي اڃان به وڌيڪَ نظر رکجي. آئون پنهنجي پيٽارو جي ڪجهه اهڙن ساٿين لاءِ به هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته هنن جا پيئر جيتوڻيڪ اسڪول ٽيچر يا آفيس ۾ اسسٽنٽ جهڙين ننڍين نوڪرين ۾ هئا پر هو جڏهن به پيٽارو ۾ پنهنجي ٻارن سان ملڻ ايندا هئا ته هنن کان اهو پڇندا هئا ته هنن جي سنگت ڪهڙي قسم جي ڇوڪرن سان آهي؟ چڱي طرح پڙهن پيا يا نه؟ کين ڪنهن ڳالهه تان سزا ته نه ملي ۽ پوءِ آخر ۾ کين وڏ ماڻهپي جو احساس ڏيارڻ بدران اهوئي چوندا هئا ته “پٽ! توهانجو پيءُ غريب آهي. هو ڪيئن تڪليف ۾ رهي توهانجي ڪاليج جي فين جو پورائو ٿو ڪري. توهان لاءِ هڪ هڪ ڏينهن قيمتي آهي ۽ وقت وڃائڻ بدران پڙهائي ۾ دلچسپي وٺو جيئن سٺن نمبرن سان پاس ٿي ڪٿي نوڪري حاصل ڪري سگهو.” اهي ڇوڪرا بعد ۾ ٿري اسٽار جنرل ۽ سرجن ٿيا. منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جو والد ته پشاورکان ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ڪاليج ۾ سڄي پاڪستان جا شاگردَ هئا. هڪ مشرقي پاڪستان جو به هو. اهو پشاور وارو والد اچڻ سان پنهنجي پٽ کان پهريون سوال ڪندو هو ته “بيٽي نماز قضا تو نهين هوئي؟”
    يعني ڪيترن جي والدين کي پنهنجي ٻار جي پڙهائي سان گڏ هن جي اخلاق جو به فڪر هو. هنن سمجھيو ٿي ته هر مذهب اخلاق سيکاري ٿو. ٻار جو Religious هجڻ ضروري آهي. ڪنڊياري جي شري نارائڻ داس اوڏ جا ٽي پٽ هئا. هو جڏهن به پيٽارو ايندو هو ته ارجن، نولراءِ ۽ رامچند کي اهو چئي ويندو هو ته ڪوڙ نه ڳالهائجو، ڪنهن سان گار گند نه ڪجو ۽ ڪلاس ۾ ڪوشش ڪري اڳين بينچن تي ويهجو جيئن توهان کي کيچل ڪرڻ جو موقعو گهٽ ملي ۽ ٽيچر جو ليڪچر غور سان ٻڌي سگهو. جيتوڻيڪ هو پئسي وارو ۽ وڏي نوڪري وارو هو، پر ٻارن کي اهوئي چوندو هو ته منهنجي پئسي ۽ عهدي تي نه ڀاڙجو. پڙهي پوندئو ته توهانجو فائدو آهي نه ته ڪو به، مون سميت، مدد نه ڪندئو.
    ارجن ننڍي هوندي گذاري ويو، نول راءِ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ٿيو ۽ رامچند آمريڪا جي ڪولوراڊو يونيورسٽي جو پروفيسر ٿيو. هڪ دفعي نولراءِ کي سندس پٽ سفارش لاءِ چيو. نولراءِ هرگز نه مڃيو. “تون ايڏو سٺي طرح نوڪري ڪر جو تنهنجو باس توکان پڇي ته تون ڪنهن جو پٽ آهين ۽ نه مونکي کيس ٻڌائڻو پوي ته هي ڪمشنر جو پٽ آهي هن جو خيال ڪر.....”
    سو ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به شاگرد کي سندس تعليمي ادارو سرخرو نٿو بڻائي پر سٺي ٽيچر (جيڪو سندن صحيح طرح رهنمائي ڪري ۽ سمجھاڻي ڏئي) سان گڏ سندس محنت ۽ ذهانت به ضروري آهي ۽ ان سان گڏ مائٽ جي Monitoring (نظرداري، ڪرڙي اک) پڻ اهم آهي. ڪيترا اهو چوندا ته، (هيءَ ڳالهه مثال طور لکي رهيو آهيان ته)، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي سٺي نه آهي. پر آئون agree نٿو ڪريان.... ٿي سگهي ٿو ڪراچي جي NED يونيورسٽي پراڻي هجڻ ڪري ڪن معمولي ڳالهين ۾ بهتر هجي پر جيسيتائين پڙهائيندڙن جو سوال آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جا پروفيسر به بين الاقوامي معيار جا آهن ... هو سفارش تي DSP مان DIG نه ٿيا آهن پر Ph.D ڪرڻ ۽ تجربي جي بنياد تي ئي پروفيسر ٿيا آهن ۽ اهي ئي مهراڻ جا پروفيسر ٻاهرين ملڪن ۾ پيا پڙهائين ۽ ڪي ته M.Sc ڪرڻ دوران ئي اهڙا ذهين آهن جو هو جڏهن ملائيشيا يا سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ Ph.D ڪرڻ وڃن ٿا ته اتي جون يونيورسٽيون هنن کي واپس وڃڻ بدران پاڻ وٽ نوڪر ڏيو ڇڏين.
    دراصل ڏوهه اسانجي شاگردن جو به آهي جيڪي پڙهڻ بدران ٻين ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا. گهمڻ ڦرڻ، موڪلون ڪرڻ، ڳالهه ڳالهه تي هنگاما ڪرڻ.... مائٽن جو به وس نٿو هلي جو کڻي پنهنجن ٻارن کي چون... بلڪه هنن کي ڪو هوش ئي ناهي. هو اهو ئي سمجھن ٿا ته بس نينگر کي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي ته هو انجنيئر/ڊاڪٽر ٿي هڪ ڏينهن نڪرندو. اسان وٽ B.E يا MBBS ڪرڻ کي ئي وڏي ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو پر هيڏانهن دهلي، ممبئي يا هِتي بنارس ۾ (جِتان هي لکي رهيو آهيان) ڪنهن اسٽوڊنٽ کان کڻي پڇ ته هو ٽانءَ ۾ ڀرجي نه پر بيحد نياز نئڙت سان چوندو “سر! اڃان ته B.E ڪري رهيو آهيان. B.E يا ويندي M.E جي حيثيت ئي ڇا آهي! بس دعا ڪريو ته ڪنهن فيلڊ ۾ Ph.D ڪريان ته ڪا سٺي نوڪري ملي وڃي.”
    منهنجي خيالَ ۾ هنن جي اها سوچَ صحيح آهي. اڄ جو زمانو مقابلي جو زمانو آهي ۽ ايندڙ دور ته اڃان به ڏکيو اچي رهيو آهي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا قابل شاگرد ئي نوڪري يا جاب حاصل ڪري سگهندا. اسان وٽ مهراڻ يونيورسٽي جهڙن تعليمي ادارن ۾ ڪجهه شاگردن جي سوچ گهري آهي.... هو محنتي آهن.... Adverse حالتن هوندي به پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اهڙن کي فقط B.E ڪرڻ بعد به سٺا جاب مليو وڃن جو هنن وٽ رڳو ڪاغذ جي ڊگري نه پر ان سبجيڪٽ جي صحيح ڄاڻ به آهي.... هنن ڏينهن رات پڙهيو ۽ استادن جا ليڪچر سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي..... ائين جي نه هجي ها ته مهراڻ يونيورسٽي جا پروفيسر عبدالله ساند، دادو جو منصور شيخ، چانڊڪا جو ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر گل بليدي جهڙا ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ پروفيسر نه هجن ها. مهراڻ يونيورسٽي جا ٻه ڄڻا پروفيسر لڇمڻ (هالا وارو) ۽ پروفيسر اجمل شاهه ته ملائيشيا جي يونيورسٽين جا پرو وائيس چانسلر (Pro-Vice Chancellor) آهن... اهو ان ڪري جو هنن محنت ڪئي... ضرور هنن جي والدين به هنن تي ڌيان ڏنو هوندو. باقي گهڻي ڀاڱي اسان جا شاگرد اهو سمجھن ٿا ... بلڪه اهو ڪلچر ٿي چڪو آهي ته نه پڙهڻو آهي نه ڪلاس اٽينڊ ڪرڻا آهن، بس امتحان ۾ ڪاپي ڪري B.E يا MBBS جي ڊگري جو پنو حاصل ڪرڻو آهي ۽ هو اهوئي سمجھن ٿا ته اهو پنو ڏيکارڻ سان نوڪري ملي ويندي ... پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ائين نه آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نوڪري لاءِ اميدوارن جي چونڊَ لاءِ مونکي به ڪيترا دفعا ججن جي پئنل تي وهاريو ويو. منهنجي هر وقت اها خواهش رهي ٿي ته پنهنجي وطن جا ماڻهو ڇونڊجي سگهن ... پر مونکي افسوس ٿيندو هو ته اسان جا ڪيترا شاگرد انٽرويو ۾ ججن طرفان پڇيل سوالن جا صحيح جواب نه ڏئي ججن کي چونڊَ لاءِ مطمئن نه ڪري سگهندا هئا. ۽ اسانجا اڪثر شاگرد انگريزي ڳالهائڻ ۾ ته اهڙو ڪمزور ثابت ٿين ٿا جو پنهنجو مفهوم به نٿا سمجھايو سگهن جيتوڻيڪ هنن کان جڏهن مون سنڌي يا اڙدو ۾ پڇيو ٿي ته ڪيترن کي معلومات هئي پر ولايت ۾ ته هر ڳالهه لاءِ انگريزي هلي ٿي، چاهي ملائيشيا هجي يا جپان ... دبئي هجي يا مالديپ....


    سئيڊش عورت جي سوچ

    ڪئناڊا، آمريڪا، انگلنڊ، سئٽزرلئنڊ، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ پنهنجي شهرين جو خيال ڪن ٿا ۽ کين مفت ميڊيڪل، بنيادي تعليم جو خرچ، بيروزگاري جو الائونس ۽/يا ٻيا ڪي فائدا پهچائين ٿا پر منهنجي نظرن ۾صحيح معنيٰ ۾ فلاحي (ويلفيئر) اسٽيٽ يا ملڪ فقط سئيڊن آهي جنهن ۾ مونکي تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه ڪيترائي دفعا جهاز کي به وٺي وڃڻو پيو.
    سئيڊن هڪ اهڙو سکيو ستابو ملڪ آهي جنهن جي اڳيان انگلنڊ، فرانس، جرمني ۽ اٽليءَ جهڙا ملڪ به مسڪين آهن. سئيڊن هڪ چڱو وڏو ملڪ آهي جنهن جي مقابلي ۾ ان جي آدمشمساري تمام گهٽ آهي. جبلن ۾ ڌاتو ۽ ڌرتي هيٺ تيل به موجود آهي، سڄو ملڪ Oak وڻن جو ٻيلو آهي جن جي ڪاٺ مان بهترين فرنيچر ۽ پنو ٺهي ٿو. نوڪري پيشي وارن، ڪارخانيدارن ۽ بزنيس ڪندڙن کان تمام گهڻو ٽئڪس ورتو وڃي ٿو سو سرڪار جا خزانا خالي ٿيڻ بدران اٿلن ٿا. ان ڪري سئيڊن ۾ سرڪار طرفان شهرين کي ميڊيڪل ۽ تعليم کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون ملن ٿيون. ڪو بيروزگار آهي ته هن کي حڪومت طرفان ايترو خرچ (جنهن کي اسان جا ايشيائي وطن ڇڏي سئيڊن ۾ رهڻ وارا “سوشل” سڏين ٿا) مليو وڃي جو هن جي هڪ ڪمري جي فليٽ جي مسواڙ، لائيٽ ۽ پاڻي جو بل ۽ کاڌو پيتو ٿيو وڃي. ٻار جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تي دفن ڪفن جو بندوبست سرڪار ٿي ڪري. بلڪه ڄمڻ کان نه پر ماءُ جي پيٽ ۾ سرجڻ تي ان ٻار جو وظيفو شروع ٿيو وڃي. جيڪو 18 سالن تائين ماءُ پيءُ کي ملي ٿو. ان بعد ان ٻار کي جيستائين نوڪري ملي تيستائين سرڪار طرفان “بيروزگاري الائونس” ملندو رهي ٿو. پر اهو آهي ته ڪنهن ٻار جو سيءَ ۾ صحيح طرح گرم ڪپڙا نه پائڻ تي اسڪول جي ٽيچر جي شڪايت تي ان ٻار جي والدين جو پڇاڻو ۽ سزا ملي ٿي ته هو ٻار لاءِ ملندڙ خرچ کي صحيح طرح ڇو نٿا استعمال ڪن. ماءُ پيءُ کي ان ڪري به سزا ملي سگهي ٿي جيڪڏهن ٻار پنهنجي ٽيچر کي ٻڌائي يا ڪو پاڙي وارو پوليس کي شڪايت ڪري ته ٻار جي ماءُ يا پيءُ هن کي دڙڪا ڏئي ٿو يا ماري ٿو. سچ ته اهو آهي ته ٻار ڄڻي سو ماءُ ٿي پر آهي سرڪار جو. ڇو جو سرڪار ان تي وڏو خرچ ڪري ٿي. ٻار جو الائونس ايترو ته ملي ٿو جو ٻار جو هر خرچ پورو ڪرڻ بعد به ڪيترو پئسو مائٽن کي ڦٻجي ٿو. ان کان علاوه بيروزگاري الائونس نه فقط مردن کي پر زالن کي به ملي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪا زال طلاق وٺي ٿي ته اها سڀ ۾ امير ٿيو وڃي جو هن کي هڪ طرف مڙس کان خرچ ملي ٿو ته ٻئي طرف سرڪار کان طلاق جو الائونس ملي ٿو. شايد اهو ئي سبب هجي جو سئيڊن ۾ طلاق تمام عام آهي. پهرين ڳالهه ته سئيڊن جي ڇوڪري شاديءَ کان پاسو ڪري ٿي. ائين ڪڏهن ڪنهن بئاء فرينڊ سان ته ڪڏهن ڪنهن بئاء فرينڊ سان رهي پئي هوندي (جيڪا ڳالهه هِتي قانوني سمجهي وڃي ٿي) پر پوءِ جي شادي جي رسم ملهائڻ جو شوق ٿيو ۽ شادي رجسٽرڊ ڪرائي ته گهڻو ڪري سال اندر ئي طلاق ٿي ويندي. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ زال مڙس جي ڪوشش اها رهي ٿي ته ٻار نه ٿئي ته سٺو. هونءَ ڏٺو وڃي ته نفسياتي طرح هو ٻار لاءِ ڇو سوچين! اسانجي ماحول ۽ معاشري ۾ ته اهو سوچيو وڃي ٿو ته جيئن ٻار وڏو ٿي پنهنجن پوڙهن والدين جي خذمت ڪري پر سئيڊن ۾ اهو خذمت جو ڪم به سرڪار حوالي آهي. هر شهر ۾ “اولڊ هائوسز” آهن جن ۾ ملڪ جا رٽائرڊ ۽ پوڙها ماڻهو مفت ۾ رهي سگهن ٿا جن جي کاڌي پيتي کان دوا درمل جو خيال اتي جون نرسون ڪن ٿيون. مَري وڃڻ تي ڪفن دفن واري کاتي جا ماڻهو ڪاري ڪمپليٽ سوٽ ۽ ڪاري ٽاءِ ۾ اچي هن کي هن جي مذهب ۽ وصيت مطابق رسمون ۽ ساڻ سوٽ ڪري درگور ڪريو وڃن. هونءَ به ڪنهن جو ٻار پوءِ چاهي اهو پٽ هجي يا ڌيءَ جيئن ئي 18 سال جي ٿئي ٿي ته ماءُ پيءُ کي باءِ باءِ ڪري سرڪار کان حاصل ڪيل الڳ فلئٽ ۾ وڃيو رهي جيئن هو يا هوءَ رات جو دير سان موٽڻ يا بئاء فرينڊ سان رات گذارڻ ۾ آزاد محسوس ڪري سگهي. سو اهڙي تناظر ۾ سئيڊن جي ماڻهن ۾ اها Feeling ئي نه آهي ته ٻار ٿين جيڪي وڏا ٿي ماءُ پيءُ جي خذمت ڪن يا ماءُ پيءُ انهن جي شاديءَ جا ڪاڄ ڪري آسيس حاصل ڪن. بلڪه هر زال ان چڪر ۾ هوندي آهي ته ٻار نه ٿئي ته سٺو. اهوئي سبب آهي جو ههڙن ملڪن جي آدم شماري وڌڻ بدران وڃي پئي گهٽجندي. زال يا مڙس کي ٻار جو جي گهڻو شوق ٿيندو ته کڻي هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه پيدا ڪندا نه ته ڪوشش اها ئي ڪندا ته آفريڪا جي ڪنهن ملڪ مان ڪو ڪارو ٻار يا ٿائلنڊ ۽ هندستان جي تامل ناڊو رياست جو ڪو يتيم ٻار حاصل ڪري ان کي پالجي. جنهن سلسلي ۾ آئون سئيڊن جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته سئيڊن جي اخبارن ۾ اهڙا اشتهار عام ايندا رهن ٿا. ويندي شپ يارڊ ۽ ڪارخانن جي نوٽس بورڊن تي به ڪيترن ملڪن جي والدين جا خط نظر اچن ٿا ته هو غربت ڪري يا وڏي عيال ڪري اسان پنهنجو ٻار ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهو ئي سبب آهي جو سئيڊن جا ماڻهو جيڪي رنگ جا تمام گهڻو سفيد آهن پر سندن ڪنهن ڪنهن جوڙي سان گڏ توهانکي شيدي، سري لنڪن، انڊين يا ٿائي رنگن ۽ نقشن جو ٻار نظر ايندو.
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سئيڊن جي عورتن کي ٻار ڄڻڻ کان ٻَرو چڙهي ٿو پر تقريباً هر سئيڊ ڇوڪريءَ سان گڏ هڪ بگھڙ جهڙو ڪتو ضرور هوندو جنهن کي هوءَ موتين واري سهڻي پٽي ذّريعي پاڻ سان جِتي ڪٿي ڇڪينديون وتنديون. پر جي اهو ڪتو ننڍي سائيز جو آهي ته کيس ڀاڪر ۾ کڻي يا سائيڪل تي ويهاري شهر جو سير ڪرائينديون. سئيڊن ۾ بس جي ٽڪيٽ تمام ڳري آهي پر ڪتي کي سيءَ کان بچائڻ خاطر پاڻ سان گڏ هن جي به ٽڪيٽ خريد ڪري پنهنجي ڀرسان هيٽر لڳل سيٽ تي وهارينديون. سخت سيءَ ۾ به پنهنجي ننڊ ڦٽائي منهن اونداهيءَ ۾ کين ڪنهن پارڪ ۾ واڪ ڪرائي، هنگائي مُٽائي پوءِ گهر اچي کين وهنجارڻ لاءِ اهي اهي اعليٰ قسم جا صابڻ ۽ شئمپو استعمال ڪنديون جيڪي اسان وٽ ڏهن فلمي اداڪارائن ۾ ڪا هڪ خوش نصيب ڪندي هوندي.
    ڪتن کان منهنجي دل ۾ ننڍي هوندي کان خوف ويٺل آهي. هِتي جا ماڻهو پنهنجي دوست کي کيڪارڻ کان اڳ پهرين سندس ڪُتي جي ڪنڌ تي هٿ ڦيري هن سان پيار جو اظهار ڪن ٿا ۽ اها نه فقط سئيڊن پر سڄي يورپ جي ريت ۽ سٺي اخلاق جي ڳالهه سمجھي وڃي ٿي. سئيڊن ۾ رهائش دوران گس پنڌ تي ڪنهن مڪاني سئيڊ پاڙي واري يا ڪنهن پروفيسرياڻي کي به ڪتي سان گڏ ڏسندو هوس ته هن کي کيڪارڻ بدران پاسو مٽائي ويندو هوس. بس اسٽاپ تي ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڪتي سان گڏ ڏسندو هوس ته ترسي پوندو هوس جيسين اها ڇوڪري بس ۾ هلي وهي.... جيتوڻيڪ ڪُتي سان گڏ سفر ڪرڻ واري کي پهرين ٻين کي بس ۾ گهڙڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو آهي پر سئيڊن جي سخت سيءَ ۽ ٿڌي هوا ۾ قطار ۾ اڳيان بيٺل هجڻ جي باوجود پاسي تي ٿي بيهندو آهيان. جيسين اها ڪتي واري يا ٻيون جن سان گڏ ڪتا آهن اهي هلي وهن. هونءَ ههڙي سيءَ ۾ هرڪو اهو ئي چاهي ٿو ته سڀ کان اڳ گرم بس ۾ گهڙي وڃجي پر مونکي اهو خوف هوندو آهي ته ڪٿي منهنجي ڀرسان يا منهنجي ڀر واري سيٽ تي اها ڪتي واري ڇوڪري نه اچي وهي..... ان ڪري آئون آخر ۾ بس ۾ گهڙي ان سيٽ تي وهندو آهيان جيڪا ڪُتي واريءَ کان پري هجي. هونءَ ته يونيورسٽي وارن ڏينهن ۾ اسان سڀني، هِتي جي مڪاني ڇوڪرين کي سر اکين تي وهارڻ چاهيو ٿي پر نڀاڳين جي ڪتن جو ڇا ڪجي! يمن جي بندرگاهه جو هڪ انجنيئر مُبارڪ نالي منهنجو ڪلاس ميٽ مونکي هر وقت چوندو هو ته “برادار هتي جي ڪتن کان ڊڄڻ هرگز نه کپي. ههڙي ٿڌ ۾ هنن کان ته ڀونڪيو به نٿو ٿئي. ٿڌ هر شيءِ کي هيڻو ڪريو ڇڏي.” واقعي حق جي ڳالهه ڪجي ٻه سال سئيڊن ۾ رهڻ دوران ڪتا ته گهڻائي ڏٺاسين پر ڪنهن کي نه ڀونڪندو ٻڌوسين ۽ نه وري ڪنهن ڪتي کي ڪنهن کي چڪ هڻندي ڏٺوسين. اکين سان ته ڇا پر ڪڏهن اخبار به نه پڙهيوسين ته مالمو يا اسٽاڪهوم جهڙي شهر ۾ ڪنهن ڪتي ڌارئين کي ڏاڙهيو. اسان ته رڳو اهو ڏٺو ته فلم ائڪٽريسين جهڙيون سهڻيون ڇوڪريون رستي تان پنهنجي ڪتي جو گونهه ميڙينديون وتن. ياد رهي ته سئيڊن ۾ ڪتن جي هنگڻ مٽڻ لاءِ الڳ پارڪ ۽ پلاٽ ٺهيل آهن. مارڪيٽ، بازار يا بس اسٽاپ تي امرجنسي جي حالت ۾ ڪُتي جي مالڪ يا مالڪڻ جو فرض آهي ته رومال ڪڍي ان کي صاف ڪَري ۽ پاڻ سان کڻي هلندڙ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ داخل ڪري اها ٿيلهي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي. سئيڊن ۾ هر گهٽيءَ جي ڪنڊ تي توهان کي ڪچري لاءِ ٻه بالٽيون نظر اينديون جن مان هڪ ڍڪ واري جنهن جي ٻاهران ڪُتي جي شڪل ٺهيل آهي اها ان ڪم لاءِ آهي.
    چون ٿا ته ڪُتو انسان جو دوست آهي. اهو ضرور انسان جو دوست هوندو پر گهٽ ۾ گهٽ سئيڊن ۾ ته مونکي هي وڏو رئيس ٿو لڳي جنهن جون پالڻ واريون سڄو ڏينهن هن جي خذمت ٿيون ڪن پر کانئن (يعني نواب ڪتن کان) اهو نٿو پڄي ته اسان جهڙين ڌارين کي ڏسي کڻي ڪا ڀوءنڪار ڪن. اها دوستي ته نه چئبي! ان تان مونکي هڪ چرچو ياد اچي رهيو آهي جيڪو ان حقيقت تي آهي ته ڪتو ۽ گهوڙو انسان جا سٺا دوست مڃيا وڃن ٿا. پر هڪ گهوڙي جي مالڪ پنهنجي ڏک جو اظهار دوست سان ڪندي چيو ته “ادا اسانجو ته گهوڙو به نڪمو نڪتو.”
    “ڪيئن ڀلا؟” دوست پڇيس.
    “هڪ دفعي مٿس سواري ڪندي ڪري پيس ۽ سخت سور کان چري پري به نه پئي سگهيس. منهنجي گهوڙي مونکي پنهنجي چڪ ۾ کڻي اچي ڊاڪٽر وٽ ڦٽو ڪيو.”
    “اهو ڪم ته هن تمام سُٺو ڪيو جو ترت علاج لاءِ توکي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.”. دوست حيرت مان چيس.
    “پر ذليل خبر اٿئي ڪهڙي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو؟”
    “آرٿوپيڊڪ سرجن وٽ؟” دوست پڇيس.
    “نه. ڊاڪٽر ڍور (جانورن جي ڊاڪٽر) وٽ.”
    سو سئيڊن ۾ مونسان گڏ پڙهندڙ منهنجو بنگالي ڪلاس ميٽ هتي جي ڪتن.... يا شايد هتي جي حسينائن جا هي حال ڏسي حيرت مان چوندو هو: “يار سئيڊن جي ڇوڪرين جا پئسا بئنڪ ۾، ڳهه ڳٺو پائين ڪونه. عصمت بچائڻ جهڙا جملا فلمن ۾ به نٿا ٻڌجن جو هِتي جي سوسائِٽي Sex-Free سڏجي ٿي.... باقي ڪُتا ڪهڙي حفاظت لاءِ رکن ٿيون؟!
    اسانجو پاڪستاني دوست سليم قاسم اها ڳالهه ٻڌي پنهنجو تڪيو ڪلام ورجائيندو هو ته: “بابا شوق از اي شوق! ضروري ناهي ته هر ڳالهه جو ڪو فائدو هجي.”
    سيد عطا حسين موسوي صاحب پنهنجي ڪِتاب “ڪچ ڪوڏيون” ۾ لکي ٿو ته “ڪيترا ماڻهو ڪتو ڌارڻ زماني بازيءَ جي ضرورت سمجھن ٿا. هر فيشن پرست ماڻهو ڪُتي کي ضرور رکي ٿو جيئن هن کي شامَ جي وقت پاڻ سان گهمائي. ڪُتو نفيس ۽ نازڪ بدن لاءِ زيب ۽ زينت آهي.”
    ايراني شاعر حافظ هڪ ڏينهن پنهنجي محبوب کي عرض ڪيو ته “تون ڪتي کي پاڻ سان وٺي وئين، پر مونکي وساري وئين!” يعني عاشق، معشوق جي ڪُتي ٿيڻ ۾ به عيب نٿو سمجھي. ڇاڪاڻ ته معشوق ڪنهن وقت ڪُتي کي ڌڪ هڻندو ته ڪنهن وقت مشڪي پٺي به ٺپيريندو.....” پر حافظ کي اها ڄاڻ نه هئي ته سئيڊن ۾ ڪنهن ڪتي يا جانور کي مارڻ سخت ڏوهه جو ڪم آهي.
    ڪنهن شاعر ڪُتي کي پٽو ڳچيءَ ۾ ڏسي چيو آهي: “اهڙو ڳٽ غلاميءَ جو جيڪر منهنجي ڳچيءَ ۾ نه وجھين ها.” ڪهڙو نه عاشق آسائو ٿي چيو آهي! شاهه صاحب پڻ فرمائي ٿو: “ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينئي ڪيچ جا.”
    اهڙي طرح مجنون به ليليٰ جي ڪُتي کي چمندو هو، جو اهو معشوق جي در تان ايندو هو. پر سئيڊن ۾ رهي اسان ته هميشه معشوقائن کي پنهنجن ڪُتن کي ڀاڪر پائيندو ۽ چمندو ڏٺو. هڪ سئيڊش نوجوان عورت کي ڪُتي کي ڪڇ ۾ کڻي رستو ٽپندو ڏسي اسانجي هڪ ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ چيو هو: “هِتي جون عورتون ڪتا پالين ٿيون باقي ٻارن ڄڻڻ کان ٻرو ٿو چڙهين.”
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو هئومانس.
    “ان ڪري جو ڪُتي پالڻ ۾ اها تڪليف ناهي جيڪا ٻار ڄڻڻ ۽ نپائڻ ۾ آهي. ڪُتو ته مارڪيٽ ۾ ان ئي وقت پئسا ڏئي وٺي سگهجي ٿو پر ٻار کي ته نوَ مهينا پيٽ ۾ سانڍڻو پوي ٿو. ان بعد ويم جا سور ۽ پوءِ نيپاج پٺيان اوجاڳا ۽ خواري. ظاهري توڙي اندروني طرح عورت جي سونهن ئي ختم ٿيو وڃي. هِتي جون عورتون ڪڏهن به نٿيون چاهن ته هنن جي سماجي زندگي اثر انداز ٿئي ۽ ٻار خاطر گهڻو وقت گهر ۾ گذارڻو پوي. هِتي جون عورتون هالي وڊ جي هيروئنن وانگر سنهڙيون، سهڻيون ۽ سمارٽ ٿي هلڻ چاهين ٿيون. هو هرگز نٿيون چاهين ته نو مهينا ڍُڍڙي ڪڍي هلجي ۽ ٻار ڄمڻ بعد اوجاڳا ڪري هن کي ٿڃ پياري پنهنجيون ڇاتيون پينگهون بنائجن.”


    ٺڳين جي ور چڙهي ويندڙ اسان جا سادا ماڻهو!

    اسان جي ماڻهن جي به عجيب سوچَ آهي بلڪه آئون ته اهو چوندس ته هو ايتري ته سادي طبيعت جا آهن جو هر هڪ جي ڳالهه تي آسانيءَ سان اعتبار ڪريو وڃن. هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به هنن کان اها تڪليف نٿي پڄي ته کڻي صحيح معلومات حاصل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان کان بچائين. مثال طور هڪ ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي کان هڪ همراهه فون ڪيو ته هو MBA پڙهڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهي. مونکي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته MBA يا B.E ۽ MBBS جهڙيون معمولي ڊگريون ته هِتان پاڪستان مان به ڪري سگهجن ٿيون. انهن بيچلر وارين ڊگرين کي آئون معمولي ان ڪري چوان ٿو جو اڄ جي دور ۾ انهن جي Value ئي ڇا آهي. ايئن ته جن ڏينهن ۾ آئون پنجين ڪلاس ۾ هوس يعني 1954ع ۾، انهن ڏينهن ۾ ته مئٽرڪ به وڏي ڳالهه هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ وارن کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ٿي پر هاڻ ته Ph.D ڪرڻ بعد به معمولي ماستري مشڪل سان ٿي ملي.
    پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليجن کان علاوه ڪيترائي خانگي ڪاليج آهن جن ۾ انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري پڙهائي وڃي ٿي. انهن جي في سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان کڻي وڌيڪَ آهي پر ته به ڪنهن سستي کان سستي ملڪ جي ڪاليج جي خرچ کان وري به گهٽ آهي.... اهو ملڪ ڀلي کڻي بنگلاديش هجي، ايران هجي يا چين ۽ ملائيشيا يا ڪو ٻيو ايشيائي ملڪ.... جِتي ڪٿي ٻاهرين ملڪن کان آيل شاگردن لاءِ ڳريون فيون آهن ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو به وڏو خرچ آهي. ۽ اهو شاگرد جنهن انٽر ۾ سٺي پوزيشن نه کنئي آهي (تڏهن ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي آهي، اهو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ئي چئبو) ان کي جڏهن ولايت ۾ ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج داخلا ٿو ڏئي ته اهو پڪ ڪو اعليٰ معيار جو درسگاهه نه پر ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو ئي هوندو جنهن جي ڊگري کي بين الاقوامي طور گهٽ ئي قبول ڪيو ويندو هوندو.
    مون گهوٽڪي جي همراهه کي سمجھايو ته “ان بنيادي ڊگري MBA لاءِ ڇو ٿو ٻاهر وڃين. اهو سوچ ته ان تي تنهنجو ڪيڏو خرچ ايندو!”
    “نه مونکي اسڪالرشپ ملي رهي آهي، ملائيشيا ۾ پڙهڻ جي” هن ٻڌايو جنهن تي مونکي ويتر حيرت ٿي.
    خير اها ته مونکي خبر آهي ته ڪجهه ملڪن جون يونيورسٽيون ڌارين ملڪن، خاص ڪري پٺتي پيل ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن جي شاگردن کي پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿيون. پر اها اڪثر انهن کي ڏني وڃي ٿي جيڪي پڙهائي ۾ هوشيار آهن ۽ ٻي ڳالهه ته جپان وارا ڏين يا ملائيشيا وارا ..... اسڪالرشپ ان کي ملي ٿي جنهن جي پوسٽ گرئجوئيشن ٿيل آهي يعني هو پنهنجي فيلڊ ڊاڪٽري، انجنيئرنگ يا ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ فقط بيچلر نه پر ماسٽرس ڊگري يافته آهي. ان کي Ph.D لاءِ گهرايو وڃي ٿو.... نه MBA وغيره لاءِ.
    ان تي هن ٻڌايو ته ڪو ايجنٽ آهي جيڪو 80 هزار رپين جي بدلي ۾ ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺرائي ڏئي ٿو ۽ سوا لک رپين ۾ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾. پر هو چوي ٿو ته “ان لاءِ ان ملڪ جي سفارت خاني طرفان ورتل انٽرويو ۾ ان کي مطمئن ڪرڻ توهانجو ڪم آهي. سو ان سلسلي ۾ آئون اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته توهان جي ملائيشيا جي قونصل خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي جو منهنجو ڪم ٿي سگهي.”
    مون هن کي سمجھايو ته ڌارئين ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پنهنجي خرچ يا مليل اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ پهرين پوسٽ رستي يا انٽرنيٽ ذريعي ان تعليمي اداري ۾ داخلا لاءِ apply‏ ڪرڻو پوندو آهي. داخلا ملڻ بعد هنن کي اسڪالر جو ٻڌائڻو پوندو آهي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ جي صورت ۾ هنن جي پهرين سيمسٽر جو خرچ بئنڪ ذريعي online ادا ڪبو آهي يا ويسٽرن يونين جهڙي اداري ذريعي Cash پئسا موڪلبا آهن. پوءِ اها يونيورسٽي ان شاگرد کي داخلا ڏيڻ جي رضامندي جو خط موڪليندي آهي ته جيئن پاسپورٽ سان گڏ اهو خط ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارت خاني ۾ جمع ڪرائي ان تي Study Visa جو ٺپو لڳرائي ۽ پوءِ ٽڪيٽ خريد ڪري اچي. اهي تعليمي ادارا ان خط جي نقل جي ڪاپي سڌو سفارتخاني کي به موڪلين ٿا جيئن هو ٻنهي خطن جي خاطري ڪري اُميدوار کي ويزا جو في الحال مهيني يا اڌ جو ٺپو هڻي ڏين جيئن اهو شاگرد في الحال يونيورسٽي ۾ هلي داخلا وٺي. هفتو کن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد يونيورسٽي وارا ان شاگرد کان پاسپورٽ وٺي سال جي ويزا جو ٺپو هڻائي، پوءِ پاسپورٽ پاڻ وٽ رکن ٿا. اڳ ۾ اهو پاسپورٽ شاگرد حوالي ڪري ڇڏيندا هئا پر پوءِ ڪيترا شاگرد تعليم جاري رکڻ بدران نوڪريون ڳوليندا وتيا ٿي.
    مون اها ڳالهه هن گهوٽڪي جي شاگرد کي سمجائي ته ويزا حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي ۽ سفارت خانن ۾ ايڏي سختي آهي جو انهن جي ملڪ ۾ نوڪري ملڻ يا پڙهڻ لاءِ داخلا ملڻ بعد به ڪو اميدوار سنئون سڌو ڪنهن سفارتڪار سان نٿو ملي سگهي. ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ پاسپورٽ، يونيورسٽي طرفان آيل خط (يا نوڪري جي صورت ۾ نوڪري ڏيندڙ اداري جو خط) ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ TCS، فيڊيڪس يا ڪنهن ٻي ڪوريئر سروس ذّريعي سفارتخاني/قونصل خاني موڪلڻا پون ٿا. ۽ ڪم ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي پنهنجا ڪاغذ حاصل ڪرڻ لاءِ وري به ان ڪوريئر سروس جي آفيس ۾ وڃڻو پوي ٿو.
    سفارتخانن کي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، نه وقت آهي نه سڪيورٽي کين اجازت ٿي ڏئي ته ويزا وٺندڙ سان روبرو ملن. هڪڙو جپان اهڙو ملڪ آهي جنهن جي ويزا لاءِ اميدوار کي پنهنجن ڪاغذن ۽ پاسپورٽ سميت قونصل خاني ۾ گهرايو وڃي ٿو جِتي هڪ ڪمري ۾ ڪو جپاني بدران پاڪستاني همراهه اهي ڊاڪيومينٽ وٺي ٿو ۽ ضرورت موجب سوال جواب پڇي ٿو. پر ان ڪمري جي دريءَ جو شيشو اهڙي قسم جو آهي جو هو ته اندر ويهي توهان کي ڏسي سگهي ٿا پر توهان هن کي هرگز ڏسي نٿا سگهو ته ڪير آهي ۽ هن سان توهان جي ڳالهه ٻولهه فون ذريعي ڪرائي وڃي ٿي ۽ پاسپورٽ ۽ ڪاغذ ڏيڻ لاءِ دريءَ جي هيٺان هڪ سوراخ آهي جنهن ۾ ڪاغذ وجھڻا پون ٿا.
    اهي ڳالهيون ٻڌائي مون گهوٽڪي جي همراهه کي چيو ته “مونکي لڳي ٿو ته اهو ايجنٽ اوهان سان ٺڳي ڪري رهيو آهي.” پر مون ڏٺو ته هو ان ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي اڏيل پروگرام ۾ ايڏو ته منڊيل هو جو هن کي ٻي جي ڳالهه نه پئي وڻي.
    مون چيومانس ته ڀلا هڪ ڪم ڪر جيڪڏهن اهو ايجنٽ توهان جو مائٽ آهي يا ڳوٺ جو آهي ته هن کي چئن چڱن اڳيان ڪرينس ته جيئن تنهنجو ڪم نه ٿئي ۽ تنهنجو پئسو غرق ٿي وڃي يا اتي پهچي توکي ڪا سزا اچي وڃي ته هن ايجنٽ جي پويان وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي.
    “هو اسانجي ڳوٺ جو ناهي. پر سکر ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست جو سڃاڻو آهي.” هن ٻڌايو.
    “چڱو ڀلا هڪ ٻيو ڪم ڪر،” مون هن کي صلاح ڏني، “جي ڪڏهن تون سمجھين ٿو ته ايئن لک سوا لک رپيا ڏيڻ سان ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ويزا ملي ويندي ته هن ايجنٽ کي چئو ته هو توکي انهن ٻن ٽن شاگردن جا فون نمبر ڏئي جن کي هن ٻاهر پڙهائي لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺي ڏني آهي. پوءِ تون انهن شاگردن کي فون ڪري پڪ ڪر ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي يا نه. باقي گهر وٺرائي ڏيڻ واري ايجنٽ وانگر هن جو ڪم تومان ڪميشن ڪڍڻ آهي. پوءِ ڀلي توکي بعد ۾ خبر پوي ته اهو گهر ڦڏي جو آهي ۽ تنهنجي حوالي ٿي نٿو سگهي.”
    سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لک رپيا ڏيڻ سان جي ٻاهر پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وڃي يعني سال جي پڙهائي جو ڏهه ٻارنهن لک خرچ ملي وڃي ته هرڪو ائين نه ڪري. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو شڪار اڄ ڪلهه گهڻو تڻو سنڌ صوبي جا ماڻهو آهن، جن کي نه ايڏي ڄاڻ آهي ۽ نه ڦڙتي جو هو اڄ جي دور جون ٺڳيون سمجھي سگهن. هو هر وقت ٻين جي مٺين ڳالهين تي جھٽ پٽ ڦاسيو وڃن.


    فائدو وري به ڌارين ملڪن کي

    ڪيترا ماڻهو جن جو ڪڏهن واپار وڙي سان واسطو نه رهيو آهي اُهي سمجھندا آهن ته ڪاروبار ڪرڻ هڪ آسان ڪم آهي. هو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن هنن وٽ پئسو اچي وڃي ته ڪاروبار آٽوميٽڪ ٿي ويندو. پر اها ڳالهه ناهي. جهاز هلائڻ دوران توڙي نوڪري دوران مون ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سري لنڪا کان ٽرنيڊاڊ، برمودا، بالٽيمور ۽ بريمن ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندن، چينين، گجراتين ۽ بوهرين کي ويجھڙائي سان ڏٺو آهي. ڇا ته هنن کي بزنيس جي ڄاڻَ آهي جيڪا ظاهر آهي هنن پنهنجن ۽ وڏن جي تجربن مان حاصل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ملائيشيا جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ جون ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هن چينين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن ساڳي شيءِ ايتري ته گهٽ اگهه ۾ وڪجي ٿي جيڪا ٻين دڪاندارن کي خريد ۾ به نٿي پئي. ان لاءِ هو هندو واپاري پاڻ مختلف ملڪن ۾ وڃي گهٽ اگهه تي گهڻو مال وٺي آيو ٿي. بهرحال سٺي دڪانداري لاءِ ڪئين اٽڪلون سٽڪلون آهن جيڪي هو پشت به پشت پنهنجن وڏن کان سکن ٿا، جيڪي پڻ بزنيس ۾ ماهر هئا. هنن کي گراهڪن سان ميٺاج سان ڳالهائڻ جا طريقا اچن ٿا. ائين ناهي ته ڪو اسان جي ملڪ جو ڪامورو جنهن سڄي عمر ٻين سان رعب سان ڳالهايو، اهو رٽائرڊ ٿيڻ تي ڪو دڪان کولي ويهي ۽ هو گراهڪ کي باس سمجھڻ بدران اڃا تائين پاڻ کي ئي باس سمجھندو رهي. اهڙا ڪيترا بيوروڪريٽ منهنجي نظرن ۾ آهن جن رشوت جو خوب پئسو ٺاهيو ۽ پوءِ پڪڙ ڌڪڙ جي خوف کان پنهنجو ملڪ ڇڏي دبئي يا آمريڪا ۾ ڪو دڪان، ڪا اسٽيٽ يا ٽريول ايجنسي کولي، پر هو هلي نه سگهيا. ڪيترا ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته پئسو اچي وڃي ته بس پوءِ ڪو نه ڪو بزنيس ڪري سگهجي ٿو ۽ زندگي آرام سان گذرندي رهڻ کپي پر ائين ناهي. بنا عقل، بنا بزنيس جي ڄاڻَ، بنا تجربي ۽ بنا بخت جي، فقط پئسو ڪجهه نه آهي ۽ واپار ۾ آرام نه پر سخت محنت ۽ پريشاني آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ پگهار کڻڻ وارو واپار جي ڪمن کان بي خبر هجڻ ڪري هو ائين ئي سمجھي ٿو.
    مونکي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ پاڪستان جي ڪجهه بئنڪن ۽ ٻين ادارن پاڻ وٽ پگهار دارن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ گولڊن هئنڊ شيڪ اسڪيم ڪڍي هئي جنهن ۾ نوڪري ڇڏيندڙن کي پنج ڇهه لک ڏئي فارغ ڪيو ٿي ويو. اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمان آفيسرن ۽ ڪلارڪن شايد سنڌي هندن کي يا ڪجهه شيخ ۽ ميمڻ واپارين کي خوشحال ڏسي پنهنجو سيڌي جو دڪان يا ٽريول ايجنسي، اسٽيٽ ايجنسي جهڙو ڌنڌو شروع ڪري گهڻو پئسو ڪمائڻ جي خوابن ۾ پنهنجيون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. بزنيس جي ڄاڻ يا پهرين جو تجربو نه هجڻ ڪري هو ويچارا سال ٻن اندر سمورو پئسو چٽ ڪري پهرين کان وڌيڪَ غريب ٿي ويا.
    اڄ ڪلهه اهو دورو وري اکين اڳيان ڦري رهيو آهي جڏهن اسان جا ماڻهو.... خاص ڪري رشوتي آفيسر يا وڏيرا، سياستدان يا اهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کان مايوس ٿي پيا آهن اهي پنهنجو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ اچن ٿا. اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن آئون 1968ع ۾ پهريون دفعو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيس ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ الائي ڇا هيو ۽ اسان ڪنڌ مٿانهون ڪري هلندا هئاسين.... تعليم ۾، جهازراني ۾، عمارت سازي ۾، معاشي ترقي ۾.... اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ملائيشيا جهڙا ملڪ مسڪين هئا. سنگاپور، ٿائلنڊ، انڊونيشيا ويندي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا جي حالت ته بيحد خراب هئي پر پوءِ پهرين جپان ان بعد سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۽ انهن کي ڏسي ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ به ڳالهه سمجھي ويا ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻه چار معمولي شيون ضروري آهن. پوليس ۽ انصاف جو کاتو صحيح رکجي جيئن ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف رهي ۽ مڪاني توڙي ڌاريا ماڻهو سڪون محسوس ڪن ۽ ڪاروبار قائم رهي ته جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو به پنهنجي ملڪ ۾ پئسو سيڙائڻ يا بئنڪن ۾ رکڻ بدران هيڏانهن اچن ۽ ٻيو زور تعليم تي ڏجي جيئن ملڪ جو ٻچو ٻچو پڙهيل ڳڙهيل ٿي وڃي. ۽ هاڻ نتيجو اسان جي سامهون آهي. 1980ع تائين به ڪنهن کي خواب خيال ۾ نه هو ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ يورپ جهڙا ٿي پوندا. اڄ تعليم توڙي واپار وڙي لاءِ هر ڪو هنن ملڪن جو رخ رکي ٿو. ۽ هي ملڪ ڌارين کي اهو ئي چون ٿا ته اچو اچي پاڻ به پئسو ڪمايو اسان کي به سکيو بنايو. ۽ اسانجا ڪيترائي ڌاڙيل جن اغوا ۽ ڌاڙن ذريعي پئسو ڪمايو آهي يا سياستدان جن ترقياتي ڪمن جو پئسو کاڌو يا نوڪريون وڪڻي پئسو حاصل ڪيو يا سرڪاري ڪامورا جن رشوتن ذريعي مال ٺاهيو اهي ڦُرَ جو پئسو کڻي هِتي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ پهچن ٿا. پر آئون ڏسان پيو ته هِتي چينين ۽ انڊين سان مقابلي ۾ ڪو ورلي ڪامياب وڃي ٿو نه ته اسان جا گهڻا تڻا پنهنجي ڀينگ ڪري ويهن ٿا.
    ويجھڙائيءَ ۾ هڪ همراهه ڪروڙها رپيا خرچ ڪري ملائيشيا ۾ زمين وٺي ان تي پيٽرول پمپ ۽ دڪان کوليو پر جيڪي هن خواب ڏٺا اهي پورا نه ٿي سگهيس، يعني نه هليس ۽ ڀينگ ٿي ويس نيٺ ڀڄي جان ڇڏايائين. ملائيشيا جي حڪومت کي فائدو ئي فائدو جو هڪ غير ملڪيءَ اچي هنن جي زمين ٺاهي، پئسو لڳايو ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪيو.
    هي بزنيس جي ڳالهه ان ڪري ڪڍي ويٺو آهيان جو ڪالهه سنڌ جي هڪ شهر جي خاتون جيڪا ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ان جو فون آيو ته هوءَ ۽ هن جو مڙس جيڪو پڻ ڪنهن سرڪاري اداري ۾ آهي، اهي نوڪريون ڇڏي سمورو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ ڪو دڪان کولڻ ٿا چاهين ۽ پنهنجن ٻن ٻارن کي جيڪي اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهن ٿا انهن کي ملائيشيا ۾ پڙهائڻ چاهين ٿا.
    مون کين صلاح ڏني ته جيڪڏهن هنن کي بزنيس جو تجربو نه آهي ته پوءِ هڪ ڌارئين ملڪ ۾ اچي هڪ نئين شيءِ شروع ڪرڻ اجائي آهي. ان کان پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪريو پيا ان سان ئي رهو جو توهان کي ان جي ڄاڻَ ۽ تجربو آهي. ها، هنن ٻڌايو ته هنن وٽ ستر اسي لک رپيا آهن. ۽ هنن انٽرنيٽ تي ڏٺو آهي ته ڪوالالمپور ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا دڪان سٺ ستر لک رپين جيترن ڊالرن ۾ مليو وڃن ۽ دڪان وٺرائي ڏيڻ وارو اتي جو ايجنٽ ٽي سيڪڙو ڪميشن ٿو وٺي.
    مون هنن کي سمجھايو ته ايجنٽ کي ته پنهنجي ڪميشن سان واسطو، اهو ضرور دڪان وٺرائي ڏيندو پر پوءِ توهان ان دڪان کي ڪيئن هلائي سگهندئو؟ پنهنجو ملڪ ته نه آهي جنهن ۾ دڪان وٺي سامان رکي وڪرو شروع ڪري ڏجي. ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ لاءِ خاص ڪري ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي هنن قاعدا ٺاهيا آهن اهي سڀ انهن جي فائدي لاءِ آهن. هڪ ته دڪان، هوٽل يا ڌنڌو شروع ڪرڻ لاءِ توهان کي ڳريون فيون ڏئي پهرين ڪمپني ٺاهڻي پوندي. پوءِ ان دڪان، هوٽل يا ڌنڌي ۾ ٻه يا ٽن مڪاني ماڻهن کي روزگار ڏيڻو پوندو يعني توهانجو دڪان هلي يا نه هلي پر هنن کي ڳرا پگهار، طبي سهولتون ۽ ٻيا فائدا ڏيڻا پوندا. ان بعد حڪومت فقط توهان کي ۽ توهان جي مڙس کي رهڻ ڏيندي. ٻارن کي هرگز نه. ٻارن کي اسڪول يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ تي رهڻ جي اجازت ڏيندا پر توهان جا ٻار جن ڪلاسن ۾ آهن انهن ۾ هنن کي سنڌي ۽ اڙدو سبجيڪٽن وانگر ملئي يا چيني زبان ۽ اگاما (مذهب) جو ملئي زبان ۾ سبجيڪٽ کڻڻ لازمي آهي. جيڪو پهرين ڪلاس کان پڙهڻ ته سولو آهي پر ستين ۽ اٺين ڪلاس ۾ ڊئريڪٽ اچڻ واري لاءِ بيحد مشڪل آهي.


    ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم

    ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائڻ جي جيڪا ملائيشيا وارن “سيڪنڊ هوم اسڪيم” ڪڍي آهي ان بابت منهنجا ڪيترائي پڙهندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا پڇندا رهن ٿا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ طرف شريف ماڻهو پنهنجي ملڪ جي امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري ۽ هنن جي زندگي خوف ۽ پريشاني ۾ گذرڻ ڪري، ۽ ٻي طرف ڏوهاري قسم جا ماڻهو، خاص ڪري اسانجا رشوت خور ڪامورا جن کي جڏهن گرفتار ٿيڻ جو خوف ورائي ٿو ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهڻ جو سوچين ٿا. ان کان علاوه اهي ماڻهو پڻ جيڪي ايماندار آهن ۽ هنن محنت ڪري حق حلال جي پورهئي يا ڌنڌي مان پئسو ڪمايو آهي پر ملڪ جا دهشگرد يا ڀتي خور هنن کي وڌڻ ويجھڻ بدران هنن جي زندگي عذاب ڪن ٿا ۽ ٽي طرف ڪيترا غير مسلم جن سان اسانجي ملڪ ۾ پوليس توڙي عوام باهه ٻاري ڏئي ٿو ته پوءِ هو نيٺ پنهنجو وطن ڇڏي پرائي ڏيهه وڃڻ جو سوچين ٿا. جيتوڻيڪ بقول ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم جي هر ملڪ جي عوام کي پنهنجن اهڙن ماڻهن جي عزت ڪرڻ کپي، جيڪي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان ڪاروبار ۾ وڌي رهيا آهن ڇو جو هنن جي لڳايل ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ڪري ٻين کي به روزگار ملي ٿو ۽ سندن ڏنل ٽئڪسن مان ملڪ جا اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون، روڊ ۽ رستا ٺهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جهڙا ملڪ امير ٿي رهيا آهن جو اتي سڪون ۽ سهولتن هجڻ ڪري ٽاٽا، گودريج، واديا، امباني، برلا ۽ والچند جهڙيون فئمليون وڃن ڪارخانا ۽ فئڪٽريون وڌائينديون. پارسي، عيسائي، يهودي ۽ سنڌي هندن جهڙا ماڻهو وتن غريب عوام لاءِ مفت جا اسڪول، اسپتالون، پارڪ ۽ رهائشي گهر ٺهرائيندا ۽ خير خيرات ڪندا. اسان وٽ NED يونيورسٽي، ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) سائنس ڪاليج، آغا خان يونيورسٽيون ٺاهڻ وارن پارسين، هندن، بوهرين، آغا خانين، قاديانين ۽ شيعن کي به ستايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اسان وٽ جيڪي يهودي ۽ سک رهن ٿا حڪومت کي انهن جو به خيال رکڻ کپي جو هو به هن ملڪ جا شهري آهن. پر اسان ماڳهين هنن جا عبادت گهر به ڊاهيو ڇڏيون.
    پوءِ اسان وٽ اهڙي گهٽيل ۽ خوف جي فضا ۾ هر هڪ ماڻهو مجبور ٿي وطن ڇڏڻ جو سوچي ٿو. پر يارو! اهو ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو ملڪ جيڪو اسان پاڪستانين کي رهڻ ڏئي؟ هميشه لاءِ رهڻ ته ڇا پر ڪجهه ڏينهن جي گهمڻ لاءِ ويزا به هر ملڪ ستائي ستائي پوءِ اسانکي ڏئي ٿو. اهو فقط ان ڪري جو اڄ اسانجو ملڪ ۽ ان جا ماڻهو بدنام ٿي پيا آهن جن کان ڌاريان ملڪ خوف کائين ٿا ته متان اسان هنن جي ملڪ ۾ وڃي ڦڏو فساد ڪريون.... ڪنهن پڙهندڙ فون ڪيو ته “سائين هاڻ منهنجي دل هن ملڪ ۾ رهڻ تي نٿي چوي. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته رهڻ لاءِ ڪهڙو ملڪ سٺو ٿيندو؟”
    هن جي ڳالهه ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته هو ڪهڙي سن جي ڳالهه پيو ڪري. ڪو زمانو هو 1967ع تائين جو اسان پاڪستانين کي ايران يا ترڪي ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ته ڇا پاسپورٽ جي به ضرورت نه هئي. اچڻ وڃڻ جي سهولت لاءِ ۽ هوائي جهاز جو ڳرو ڀاڙو بچائڻ لاءِ ڪراچي کان انقرهه (ترڪي) تائين روڊ ٺاهيو ويو هو جيڪو ايران جي شهرن زاهدان، تهران ۽ تبريز مان ٿيندو انقرهه ۽ استنبول تائين ٿي ويو ۽ ان روڊ جو نالو RCD روڊ رکيو ويو هو . ملائيشيا سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ته 1990ع تائين ويزا جي به ضرورت نه هئي. اهڙي طرح 1981ع تائين جپان وڃڻ لاءِ به ويزا جي ضرورت نه هئي. رڳو ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ چڙهڻو پوندو هو. بئنڪاڪ، ڪوالالمپور يا ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لهڻ سان ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو پاسپورٽ تي لڳي ويندو هو. پر هاڻ اهو حال آهي جو هر ملڪ جي ويزا لاءِ جھُد پٽڻا پون ٿا پوءِ ڪو مس مس مهيني جي گهمڻ جي ويزا ملي ٿي. هو ڇا شاهه لطيف سسئي واتان چورايو آهي ته:

    اڳي ائين هئاس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
    هاڻ ايئن ٿياس جو جَت نه نِينِ پاڻ سين

    اهو شايد پهرين به لکي چڪو آهيان ته گذريل سال ڪوالالمپور پهچي ايئرپورٽ کان نڪري رهيو هوس ته ڪسٽم واري مونکي اشارو ڪري ترسڻ ۽ بئگ چيڪ ڪرائڻ لاءِ چيو. سامان چيڪ ڪري بس ڪيائين ته ٿئنڪ يو چئي وڃڻ لاءِ اجازت ڏنائين ته مون ملئي زبان ۾ چيس ته “تون شايد منهنجي ڏاڙهي ڏسي شڪيو آهين؟” وراڻيائين “نه. سائو پاسپورٽ ڏسي.”
    ان تي چيومانس “پاڪستان کي تو اهڙو سمجھيو آهي ڇا؟ توهانجي ملڪ جي ايئر لائين، شپنگ ۽ ٻيا ڪيترا ادارا اسان پاڪستانين ٺاهيا. مون پاڻ هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ توهان جي ملڪ ۾ ڏهه سال پڙهايو آهي. هينئر به توهان جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو آهيان.”

    ڏک جا آثار هن جي چهري تي صاف ظاهر ٿيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري رازدارانه انداز ۾ چيائين.
    “سر! ڇا ڪريون مٿان آرڊر آيل آهن ته پاڪستاني کڻي ڪو پوڙهو هجي يا عورت ذات، هن جو سامان چڱي طرح چيڪ ڪندا ڪريو.”

    دل ۾ مون چيو ته واقعي هن جو ڪهڙو ڏوهه، اسان جا پوڙها به ڏوهه ڪرڻ کان نٿا مڙن ۽ حج يا عمري تي ويندڙ عورتون به چرس پيون اسمگل ڪن.
    سو جڏهن فون ڪندڙ مونکان پڇيو ته “ڪهڙو ملڪ هن لاءِ سٺو رهندو جِتي هو وڃي رهي.” ته مون به ٺهه پهه وراڻيس ته “ادا دنيا جي گولي تي آهي ڪو ملڪ جيڪو اڄ اسان کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي. بنگلاديش، انڊيا، برما ۽ نيپال جهڙو ڪو ملڪ به اسان کي سندن ملڪ ۾ گهڙڻ نٿو ڏئي.”
    بهرحال ملائيشيا وارن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪافي عرصي کان “Second Home” جي نالي سان هڪ اسڪيم شروع ڪئي آهي. اها اسڪيم هنن ڪا اسانجي ڀلي يا سِڪَ لاءِ نه ٺاهي آهي ته اسان پاڪستاني اچي رهون پر پنهنجي فائدي لاءِ ايجاد ڪئي آهي. هونءَ ملئي ماڻهو ڏسڻ ۾ يا هڪ ٻه دفعو ملڻ ۾ لڳندو ته هو ڪي اسان جي ڳوٺاڻن وانگر سادا سودا ۽ گهٽ عقل وارا آهن پر هو، توڙي سندن حڪومت وڏي گهري سوچ رکي ٿي. هنن لاءِ پنهنجي قوم ۽ پنهنجو ملڪ سڀ ۾ اهم آهي. هِتي “قوم” سان منهنجو مطلب فقط ملئي مسلمان نه پر ملائيشيا جو هر شهري توڙي کڻي هو چيني هجي يا تامل، سک هجي يا ڪرسچن، پارسي، ٻڌ.... ڌارئين ملڪ جي مسلمان، عرب توڙي انگريز يا آمريڪن کان به اهم آهي. هو ڌارئين ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ (يعني شهريت) ته ڇا پي آر (Permanent Residency) يعني هميشه لاءِ رهڻ لاءِ پاس ڏيندي به ڪيٻائين ٿا. باقي اهو چاهين ٿا ته ٻين ملڪن جا امير ماڻهو سندن ملڪ ۾ ٿوري عرصي لاءِ گهمڻ ضرور اچن جيئن هو ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ مان ڪمائي سگهن. اهڙي طرح هن “سيڪنڊ هوم اسڪيم” ۾ به هنن جي ماڻهن ۽ حڪومت جو وڏو فائدو آهي جو هو ان طريقي ذريعي ٻاهرن جو پئسو پنهنجي ملڪ ۾ ڇڪيو وٺن.

    ملائيشيا حڪومت اهو سو ڪم ڪيو آهي جو سنگاپور ۽ جپان جهڙن ملڪن کي ڏسي ڏسي هنن وانگر پنهنجي ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن امان ۽ انصاف قائم ڪيو آهي جنهن ڪري هڪ ڌاريون ماڻهو ملائيشيا اچي سڪون محسوس ڪري ٿو ۽ هن جي دل چوي ٿي ته هِتي رهي پوان. پر ملائيشيا وارن اٽڪل ڪري اهڙو طريقو ڪڍيو آهي جو فقط امير ماڻهو سندن ملڪ ۾ اچي سگهن ٿا. هنن هيءَ اسڪيم ٺاهي ته يورپ، آمريڪا ۽ امير عرب ملڪن لاءِ آهي پر ڪو يمن، پاڪستان يا آفريڪا جي ڪنهن ٺڳ ملڪ جو ماڻهو اچڻ چاهي ته اهو به اچي سگهي ٿو.... بس پئسو سو جام هُجيس.... پوءِ اهو پئسو هن پنهنجي ملڪ ۾ ڀلي ڌاڙا هڻي ڪمايو هجي يا رشوت ذريعي.
    ماڻهو ته سمجھن ٿا ته ملائيشيا وارا “سيڪنڊ هوم” ٿا آفر ڪن.... يعني هڪ گهر توهانجو ملڪ آهي ته ٻيو گهر توهان ملائيشيا کي سمجھو جنهن لاءِ هو ملائيشيا جو پاسپورٽ ڏيندا هوندا پر ايئن هرگز ناهي. هو توهان کي نه شناختي ڪارڊ ڏين ٿا ۽ نه وري پاسپورٽ.... بس توهانجي پنهنجي ملڪ جي پاسپورٽ تي ڏهن سالن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏين ٿا.... يعني توهان ڏهن سالن لاءِ ملائيشيا ۾ اچي وڃي سگهو ٿا ۽ ملائيشيا ۾ پنهنجو گهر به وٺي سگهو ٿا. پر ايئن ناهي ته اِهو گهر توهان ڪنهن ڳوٺ يا سمنڊ ڪناري ڏهين ويهين لک جو وٺي سگهو ٿا. هرگز نه. هر فارينر فقط اهو گهر وٺي سگهي ٿو جنهن جي قيمت پاڪستاني رپين ۾ ڏيڍ ڪروڙ يا ان کان مٿي هجي. يعني اهو فائدو به ملائيشيا وارن کي ٿيو. هو پنهنجي جھنگلن وارا علائقا صاف ڪري اتي انهن جون ڪمپنيون فلئٽ ٺاهيو مهانگا وڪڻن ٿيون.ان ڳالهه ۾ به هنن جي ماڻهو جو فائدو ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا ۾ رهڻ جو ڌاريون شوقين ڦرجيو وڃي. گهر/فلئٽ خريد ڪرڻ بعد هو هن ۾ سڄو سال رهي يا نه رهي پر هر سال ميونسپالٽي جو ٽئڪس هڪ طرف ڏيڻو اٿس ته ٻئي طرف هر مهيني ان فلئٽ جو Maintenance چارجز الڳ ڏيڻيون اٿس جيڪي تمام ڳريون ٿين ٿيون. ان کان علاوه ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ بجلي ۽ پاڻي ته اچي ٿو پر ڇا ڳريون انهن جون چارجز آهن! اسان وٽ ته سئي گئس ڄڻ مفت ۾ آهي پر ملائيشيا ۾ گئس نه هجڻ ڪري سلينڊر خريد ڪرڻا پون ٿا جيڪي بيحد مهانگا آهن. ڪو زمانو هو..... 1990ع تائين به ملائيشيا ۾ کاڌي پيتي جون شيون سستيون هيون. ڪي ڪي شيون خاص ڪري مڪاني فروٽ: ڪيلا، انناس، رمبوتان، چڪون، شريفا ۽ مڙيئي ڀاڄيون اسان جي ملڪ کان گهڻيون سستيون هيون پر هاڻ هي ملڪ ماڊرن ڇا ٿيو آهي هر شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري. اسان جي ڏينهن ۾ نيرن لاءِ “اڦراٽو” يا “ناسي ليما” (ناريل جي کير ۾ رڌل چانورن جي پليٽ) 30 سينٽن ۾ ملي ٿي جيڪو اگهه ان وقت اسان جي ٽن رپين برابر هو جو ملئي رنگٽ اسان جي اٺن نون رپين برابر مس هو. پر هاڻ اهي معمولي شيون به ڏيڍ رنگٽ (ملئي ڊالر) ۾ ملن ٿيون يعني اسان جي 42 رپين برابر ٿيو جو اسانجو رپيو ايترو ڪري پيو آهي جو 36 رپين ۾ هڪ رنگٽ ملي ٿو. يعني اسان جي ناڻي جو قدر ڪرڻ ڪري اسان کي ٻاهرن ملڪن ۾ هر شيءِ مهانگي پوي ٿي. دبئي، سعودي عرب، انگلنڊ ۽ يورپ جهڙن ملڪن ۾ ته اسان لاءِ هر شيءِ اڃان به مهانگي آهي.

    هاڻ اچو ان ڳالهه تي ته ملائيشيا وارن سيڪنڊ هوم اسڪيم لاءِ ڌارين تي ڪهڙا شرط رکيا آهن. هڪ ته 50 سالن کان وڏي عمر واري لاءِ ملائيشيا جي بئنڪ ۾ ستر لک رپيا کن فڪس ڊپازٽ ۾ رکڻا آهن جن جو اڌ هڪ سال بعد ڪڍي سگهي ٿو باقي اڌ بئنڪ ۾ رهندو جيسين هو ويزا ڪئنسل ڪرائي يا 10 سال پورا ڪري جنهن ملڪ کان آيو هجي اوڏانهن روانو ٿئي. ان کان علاوه هن کي پنهنجي ملڪ جي بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ سال کان رکيل هڪ ڪروڙ رپين جي statement ڏيکارڻي آهي. ان کان علاوه ٽيون شرط اهو آهي ته هن جو پنهنجي ملڪ يا ڪنهن ٻئي ۾ ڪو اهڙو ڪاروبار هجي يا ڪو مائٽ مٽ هجي جيڪو هن کي خرچ پکي لاءِ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک رپيا ملائيشيا ۾ موڪليندو رهي. ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ننڍا ننڍا شرط آهن جيئن ته ملائيشيا ۾ سيڪند هوم وٺڻ واري کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪو به ڪاروبار يا نوڪري ڪرڻي ناهي. هن جا فقط 18 سالن کان ننڍا ٻار هن سان گڏ رهي سگهن ٿا.... وغيره وغيره. هاڻ ڏسو ته هر طرف ملائيشيا جي ڪمائي ۽ ڪمائي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو جنهن سڪون لاءِ پنهنجو وطن ڇڏين ٿا اهو سڪون جي هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ مهيا ٿي ملي ته ڇو هو ايڏو خرچ ۽ خواري برداشت ڪري ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ اچن.

    Regional Cooperation for Development (RCD) was a multi-governmental organization which was originally established in 1964 by Iran, Pakistan and Turkey to allow socio-economic development of the member states. In 1979, this organization was dissolved. It was replaced by Economic Cooperation Organization (ECO) in 1985. Seven new members were added Afghanistan,Kazakhstan, Kyrgyzstan, Uzbekistan, Tajikistan, Turkmenistan and Azerbaijan.


    Missing You a Lot ....

    خبر ناهي ته ڪمپيوٽر تي فيس بڪ ڪڏهن کان شروع ٿيو پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين، جڏهن آئون هڪ شيعا زائرين جي قافلي سان گڏ ڪراچيءَ کان مشهد پهتس ته Facebook کان اڻ واقف هوس. رات جي ماني بعد هوٽل جي لائونج ۾ پنهنجي قافلي جي ماڻهن جون تصويرون ڪڍي رهيو هوس ته منهنجي ٽولي ۾ موجود ڪراچي جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ ان جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻي خاتون جنهن بعد ۾ٻڌايو ته هوءَ ڪراچيءَ جي ڪنهن بئنڪ جي مئنيجر آهي تن مونکان آهستي پڇيو ته هي فوٽو “فيس بڪ” تي ڏيندائو؟
    دل ۾ سوچيم ته الائي ڪهڙي بڪ جي ڳالهه پيون ڪن.
    “نه آئون پنهنجي بڪ ۾ ڏيندس.” مون کين وراڻيو. هن پڪ مونکي بيوقوف سمجھيو هوندو جو هو ٻئي منهن تي ڪاري چادر ڏئي کلڻ لڳيون. ڪراچي ايئر پورٽ تي ته هو sleeveless قميصن ۾ ڪافي سمارٽ لڳي رهيو هيون ۽ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ تائين سمورو وقت ڪمپيوٽر تي ويٺيون هيون يا سامهون وارن دڪانن تان ڪڏهن ڪافي ٿي وٺي آيون ته ڪڏهن peanuts جي ٿيلهي. تهران جي امام خميني ايئرپورٽ تي لهڻ شرط هنن به ٻين وانگر کڻي ڪاري چادر اوڍي ۽ بيبي بختاور بڻجي ويون. بهرحال هڪ ئي ٽولي ۾ هجڻ ڪري ۽ هر هنڌ گڏ گڏ هلڻ، کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڪري اسان جي گروپ جي ماڻهن جي ڏينهن ٻن ۾ هڪ ٻي سان سٺي انڊر اسٽئنڊنگ ۽ دوستي ٿي وئي ۽ بعد ۾ پوءِ هنن ئي مونکي فيس بڪ بابت ٻڌايو ۽ تعارف ڪرايو ته اهو دوستن ۽ سڃاڻن جو هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي. پر ان کان ٻه ڏينهن اڳ به مشهد جي هڪ ايراني فيمليءَ کان ان بابت ٻڌم. جن سان گڏ پڻ فوٽو ڪڍرائڻ تي ان فئملي جي خواتين مونکان ساڳيو سوال ڪيو ته آئون وائڙو ٿي ويو هوس. جواب نه ڏيڻ ۽ مونکي منجھيل ڏسي گهر جي وڏيءَ چيو ته ڇوڪريون ان ڪري اهو سوال ڪري رهيون آهن ته جي اهي فوٽو فيس بڪ تي ڏيو ٿا ته هو مٿي کي ڍڪين ۽ پنهنجي چوڌاري چڱي طرح چادر اوڍين.
    ان بابت آئون پنهنجي ايراني سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ به لکي چڪو آهيان ته ايران هڪ بيحد لبرل ملڪ آهي جنهن ۾ عورتون ڪو گهر ۾ قيد ٿيل نه آهن. ايران جي پڳڙي وارن ملن کي به تصوير لاءِ چيم ٿي ته هنن يڪدم هائوڪار ڪئي ٿي. مون سمجھيو ٿي ته ايران جون عورتون ته تصوير بنهه نه ڪڍرائينديون هونديون پر مونکي ته ڪنهن به انڪار نه ڪيو. فقط اهو چونديون هيون، سو به ڪي ڪي، ته اسانکي چادر اوڍڻ ڏئي پوءِ ڀلي تون اسانجو فوٽو پنهنجي مضمون سان گڏ اخبار يا ڪنهن ڪِتاب ۾ ڏي!
    ايران بابت ٻي ڳالهه جيڪا مون ايران واري سفرنامي سان گڏ سئيڊن وارن سفرنامن ۾ به لکي آهي ته ايراني ڪمپيوٽر سائنس ۽ IT جهڙين شين ۾ اسان کان گهڻو گهڻو اڳ آهن. آئون سئيڊن ۾ جڏهن پڙهندو هوس ته منهنجا ايراني ڪلاس ميٽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ يورپين جو مقابلو ڪندا هئا. اسان جي عرب ملڪن ۾ ايئرپورٽن تي ڏسندو آهيان ته انچارج عرب آفيسر هڪ آڱر سان ڪمپيوٽر تي ٺونگا هڻي آيل مسافرن جو اندراج پيا ڪندا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي منجھي پوندا ۽ ڪورين ٽيڪنيشين کي پيا سڏ ڪندا ته ڪمپيوٽر اچي ٺيڪ ڪري ڏي (تيسين مسافرن جو قطارن ۾ بيهي بيهي ساهه پيو نڪرندو آهي ته ڇو دبئي آياسين يا ڇو دمام آياسين) ۽ هوڏانهن تهران کان مشهد، اصفهان، تبريز جي هوائي اڏن تي ايراني اميگريشن، ڪسٽم، پوليس ۽ ايئرپورٽ اٿارٽي جي نوجوان آفيسر عورتن کي وڏي اعتماد سان ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو ڏسي مغربي سياح به حيرت کائيندا هوندا ته هي ايران اهو نٿو لڳي جنهن بابت ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙا رسالا ۽ CNN جهڙا ٽي وي چئنل ڪوڙ بدوڙ ٻڌائين ٿا!
    بهرحال چڱو جو ايران ويس ۽ فيس بڪ بابت خبر پئي ۽ اندازو لڳايم ته ان جا نفعا به آهن ته نقصان به. آئون Facebook ذريعي ڪراچي، ملاڪا، اوساڪا يا دنيا جي ڪنهن ٻئي شهرَ ۾ ويهي مختلف شهرن ۽ جهازن تي رهندڙ دوستن، مائٽن عزيزن ۽ شاگردن جي خبرچار لهي سگهان ٿو. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن کان پنهنجن مضمونن ذريعي پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪريان ٿو. پر جيستائين ڪو مضمون ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي ان کان اڳ اهو مضمون تصويرن سميت فيس بڪ ۾ ڏيان ٿو ۽ ان ئي وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهندڙن تائين پهچيو وڃي. فيس بڪ وارا وڌ ۾ وڌ 5000 دوستن جي اجازت ڏين ٿا، ان ڪري مونکي ٻيو ۽ هاڻ ٽيون اڪائونٽ کولڻو پيو آهي ۽ اهي دوست، پڙهندڙ ۽ شاگرد جيڪي منهنجي انهن ٽن فيس بڪن تي آهن انهن جو تعداد اٽڪل 14000 جي لڳ ڀڳ آهي. يعني ڪو مضمون “ڪاوش” اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته اهو هڪ لک کن ماڻهو اخبار ۽ نيٽ ذريعي پڙهن ٿا نه ته ٻي صورت ۾ ٻين اخبارن کان وڌيڪَ طاقتور پنهنجو فيس بڪ سمجھان ٿو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ ۽ ان جو وڏو شهر هجي جنهن ۾ منهنجو سنڌي يا اڙدو جو ڪالم پڙهندڙ هم وطني نه هجي. اخبار ۾ منهنجا سفرناما ته اچن ٿا پر تصويرن جي گنجائش نه هجڻ ڪري اهي فيس بڪ يا گوگل ۾ هڻي ڇڏيندو آهيان ۽ پڙهندڙ Save ڪري وٺندا آهن.
    ڪيترا آهن جيڪي فيس بڪ يا انٽرنيٽ جا نقصان به ڳڻائين ٿا پر هي شيون به ڪِتابن، رسالن ۽ ٽي وي جي چئنلن وانگر آهن. اسان تي depend ٿو ڪري ته ان کي ڪهڙي طرح استعمال ٿا ڪريون. سٺ جي شروع وارن سالن جي ڳالهه ٿي ياد اچي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اخبار واري نئون نڪتل رسالو “اخبار جهان” جو هوڪو ڏنو ته ان جي ٽائيٽل تي هيڏي وڏي ميڪ اپ واري عورت جي تصوير ڏسي ڳوٺ جي ملن وڏو اعتراض ڪيو هو. ڪجهه سالن بعد وري ڳوٺ آيس ته ڏٺم ته اهو رسالو جِتي ڪٿي رکيو آهي. اخبار واري ٻُڌايو ته ان ۾ اندر اسلامي ڳالهيون، رڌ پچاءَ جا طريقا ۽ ٻيون ان قسمَ جون شيون ڏسي مولوين کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. اها ئي حالت T.V سان آهي. ڪيترن ڳوٺن جا مولوي TV کي ڪافر ٿا سمجھن پر اسان جهڙا ڪيترا ماڻهو ٽي وي تي ايندڙ مذهبي پروگرام ڏسي اسلام بابت معلومات حاصل ڪن ٿا .... خاص ڪري سمنڊن تي يا ولايت جي ملڪن ۾. سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ڪيترن T.V چئنلن تي اگهاڙيون فلمون هلن ٿيون پر آئون ڏسان ٿو ته اتي جا ماڻهو ننڍي هوندي ئي ٻارن کي سيکارين ٿا ته ڪهڙا چئنل ڏسجن ڪهڙا نه. جيئن ڪمپيوٽر آهي. اهو ته ٽي وي کان به خطرناڪ آهي پر صحيح والدين پنهنجي ٻارن کي شروع کان ئي ان جي آگاهي ڏين ٿا ته ڪهڙيون sites بداخلاق آهن، جن کان پاسو ڪجي. رڳو ائين چوڻ ته ڪمپيوٽر ڪافراڻي شيءِ آهي غلط ٿيندو. ڇو جو ڪمپيوٽر ته سٺيون، اخلاقي ۽ معلوماتي شيون به مهيا ڪري ٿو ۽ سعودي عرب توڙي ايران جي هر تعليمي اداري ۽ هر مدرسي ۽ گهر ۾ ڪمپيوٽر موجود آهي.
    پر ڇا آهي جو اسان جي ملڪ ۾ انهن شين جو غلط استعمال به ماڻهن کي بد دل ڪري وڌو آهي. فيس بڪ جهڙن سوشل ميڊيا جون خرابيون پنهنجي جاءِ تي پر بقول پاڪستان جي مشهوراخبار ۽ ٽي وي رپورٽر عاجز جمالي جي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي آزاديءَ سان پنهنجا خيال ٻين ماڻهن سان ونڊڻ (شيئر ڪرڻ) ۾ سولائي ٿي رهي ڇو ته اخبار يا ٽي وي ۾ ايڏي گنجائش ناهي جو هر ماڻهو خبر ڇپرائي سگهي يا ٽيليفون ذريعي هر دوست يا مائٽ کي پنهنجي غمي يا خوشيءَ کان آگاهه ڪري سگهجي. ۽ نه وري هر هڪ سان دوستي به ڪري سگهي ٿو.
    سنجيده ڳالهيون هڪ طرف هِتي پڙهندڙن لاءِ فيس بڪ بابت ٻه چرچا به لکندو هلان جيڪي اڄ ڪلهه تمام عام ٿي پيا آهن ۽ فيس بڪ جي هيڪاندي مشهور ٿيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا..... يعني اٺ سال کن اڳ اسان جهڙي گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهوءَ کي به فيس بُڪ جي خبر نه هئي پر اڄ ڪلهه ڳوٺ ڳوٺ جو ۽ سوسائِٽي جو هر ماڻهو فيس بڪ کان واقف ٿي چڪو آهي ۽ سندس وندر جون گهڙيون فيس بڪ تي ئي گذرن ٿيون.... چاهي امير هجي يا غريب.
    هڪ بيگم صاحبا پنهنجي هونڊا اڪارڊ گاڏي سگنل وٽ بيهاري ته هڪ فقير هٿ ٽنگي کانئس خيرات گهرڻ لڳو.
    بيگم صاحبا فقير کي غور سان ڏسي، شيشو هيٺ ڪري هن کي چيو : “لڳي ٿو توکي مون پهرين به ڪٿي ڏٺو آهي!”
    فقير مرڪندي ٺهه پهه وراڻيو: “بيگم صاحبا! پاڻ ٻئي فيس بڪ فرينڊس ته آهيون.”
    اڄ ڪلهه هر هڪ کي پنهنجن دوستن يارن جي چرپر جي خبر فيس بڪ جي پهرين خاني status مان پوي ٿي..... ڪنهنجو جهاز اڄ ڪٿي پهتو آهي... ڪڏهن اهو بندرگاهه ڇڏي رهيو آهي.... ڪنهنجي طبيعت ناساز آهي.... ڪٿي ادبي فنڪشن آهي.... وغيره.
    هڪ ڏينهن گسائڻ بعد جڏهن ڪم واري ڇوڪري صفائي لاءِ آئي ته بيگم صاحبا ڪاوڙ ڪندي چيس ته جيڪڏهن بيمار به ٿين ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اطلاع ته ڪندي ڪر ته آئون انتظار ته نه ڪريان.
    ڪم واري ڇوڪريءَ وراڻيس: “بيگم صاحبا ناراض نه ٿيو. هي جو ڪالهه فيس بڪ تي پنهنجي Status بابت لکيم ته چاق نه آهيان ان ڪري ڪم تي اچي نه سگهنديس.... توهان کي خبر نه پئي ڇا؟ ايتري قدر جو صاحب ته منهنجي ڪمينٽس واري خاني ۾ اهو به لکيو ته : “او! شَل مِس يُو اي لاٽ” (Oh! Shall miss you a lot!)


    سنڌُ جي عورتن جون شڪايتون.....

    حيدرآباد جي هڪ گرلس ڪاليج ۾ ڪئريئر تي ليڪچر ڏنم ته اڄ جي ڇوڪرين کي انٽر بعد ڪهڙا سبجيڪٽ کڻڻ کپن جن جي اڄ جي دور ۾ پاڪستان توڙي ولايت ۾ demand آهي ۽ اڳتي هلي انهن سبجيڪٽن ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ وارن کي بهتر نوڪري ملي سگهي ٿي. ليڪچر بعد ڪاليج جون ليڪچرار ۽ پرنسپال مونکي هڪ ڪامن روم ۾ وٺي آيون جِتي هنن چانهه جو بندوبست ڪيو هو. ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙ ماسترياڻيون اخبار ۾ ايندڙ منهنجي ڪالمن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. مونکي پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوشي ۽ ٽيڙي ٿي ته نه رڳو شاگرد پر پڙهيل ڳڙهيل عورتون به منهنجيون لکڻيون پڙهن ٿيون ۽ پسند به ڪن ٿيون. ان قسم جي همت افزائين تي هر ليکڪ کي لکڻ لاءِ وڌيڪَ شوق ۽ شڪتي پيدا ٿئي ٿي.
    انهن سنڌي ماسترياڻين ۾ هڪ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ بدران ڏاڍي سٺي انگريزي لهجي ۾ چيو ته “سر! مون توهان جو آمريڪا جو سفرنامو “بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور” ويجھڙائيءَ ۾ پڙهيو آهي. توهان آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي....”
    واقعي جن جن سان آئون آمريڪا ۾ مليس اهي ماڻهو واکاڻ جوڳا هئا. مونکي اڄ جي هم وطنين ۽ اڄ کان 40 سالن کن اڳ جي ماڻهن ۾ وڏو فرق نظر آيو. گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ۽ جهاز آمريڪا ۽ ڪئناڊا ويندو هو ته ان وقت اتي اسان جي مڊل ڪلاس ۽ لوور مدل ڪلاس جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ايندا هئا سي به فقط نيويارڪ، هيوسٽن ۽ لاس اينجلس جهڙن آمريڪا جي وڏن شهرن ۾. ظاهر آهي اسان جي ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ تعليم توڙي نوڪري ۽ مزدوري لاءِ انگلنڊ ۽ يورپ جا ملڪ بهتر ۽ ويجھو هئا..... هو آمريڪا يعني هڪ ڏورانهين ڏيهه ڏي ڇو وڃن؟ انهن ڏينهن ۾ اسانجا پورهيت يا بيروزگار ماڻهن جي اچڻ بدران اسان جا وڏيرا، رئيس ۽ سردار فصل لهڻ تي پئسو ساڻ کڻي عياشي لاءِ آمريڪا جو رخ رکندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٿائلنڊ وارا مالش گهر ۽ چڪلا اڃان عام نه ٿيا هئا. آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ اوسي پاسي جي ملڪن ميڪسيڪو، گئاٽمالا، پورٽوريڪو جون رنڊيون کَنڊيون جِتي ڪٿي نظر اينديون هيون جيئن اڄ ڪلهه دبئي جي هوٽلن ۾ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي غريب ملڪن جون عورتون جن جا حقوق غير محفوظ آهن نظر اطن ٿيون ۽ اهي اسان جهڙن ملڪن کان آيل وڏيرن، رئيسن ۽ رشوت خور ڪامورن کي تاڙينديون رهن ٿيون. ۽ اسان جا ڪئين ڏسڻا وائسڻا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ ته شرافت جو لبادو اوڙهيو پيا هلن، ويڪ اينڊ تي عياشي لاءِ دبئي جي ايئرپورٽ تي لهي ٻاهر ٽئڪسي ۾ وهڻ کان اڳ ايئرپورٽ وٽ ٺهيل ڊيوٽي فري شاپ مان بيئر جو ڪريٽ ۽ وسڪي جي بوتل خريد ڪري هوٽل تي پهچڻ بعد پهريون ڪم ڪنهن ازبڪستاني، ترڪمنستاني يا فلپينو رولاڪ رن جي ڳولا ڪن ٿا. هن کان اڳ اسانجا اهي حرام جي پئسي وارا بيوروڪريٽ ۽ سياستدان توڙي هنن عرب ملڪن جا شرابي ڪبابي شيخ، ٿائلنڊ پهچي ويندا هئا. پر هاڻ دبئي وارن پنهنجي ۽ اسانجي حرام مان ڪمايل پئسي وارن عياشن لاءِ ڍڪ ئي ڍڪ ۾ خوب اهي ڪم دبئي ۾ چالو ڪيا آهن جن ۾ حڪومت جي به ٽئڪس ذريعي ڪمائي پئي ٿئي ته ٽوئرسٽن جي آمد به وڌندي وڃي. ساڳي وقت شاپنگ جا مال ۽ دڪان به کلي پيا آهن جِتان اسانجا هي عياش هم وطن موٽڻ وقت پنهنجي ٻارن لاءِ ٻه چار وڳا ۽ رانديڪا خريد ڪري گهر پهچن ٿا جيئن سندن زالن کي شڪ به نه پوي ته سندن رشوت خور مڙس يا وڏيرا حقيقت ۾ دبئي ڇا جي لاءِ ٿا وڃن.
    سو آمريڪا ۾ به انهن ڏينهن ۾ روزگار ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ ايترا نه ايندا هئا جيترا پئسو خرچ ڪرڻ ۽ شراب ۽ شباب جو مزو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. نيويارڪ جي سڄي ٻائيتالهين گهٽي چڪلن، اگھاڙن ناچ گهرن ۽ Sex فلمن کان مشهور هئي جنهن کي فقط هاڻ ڏهه سال اڳ واري ميئر سخت قدم کڻي صحيح بڻايو آهي. بهرحال اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا نوجوان آمريڪا ۾ اڪيلو گهمڻ لاءِ اچڻ بدران نوڪري ۽ پورهئي لاءِ اچن ٿا سو به فئملي سان گڏ. سخت ڊيوٽي ۽ پورهيا ڪري پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالين ٿا ۽ مغربي ماحول ۾ رهي ڪري پنهنجي ٻارن جي پڙهائي ۽ اخلاق جو خيال رکن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي ملڪ کان لڏي آيل نون ماڻهن جي پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مدد ڪن ٿا ۽ ٻيا به خير جا ڪم ڪن ٿا.
    SANA ۽ WSI جهڙيون سوسائِٽيون ٺاهي مذهبي ۽ ثقافتي جلسا جلوس ڪن ٿا. چندا گڏ ڪري پنهنجي وطن جي غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏين ٿا ... سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ مسڪينن کي مفت ماني کارائڻ جو بندوبست ڪن ٿا.... ۽ مون آمريڪا ۾ رهندڙ اهڙن هم وطنين جي تعريف ڪئي آهي ۽ اهو سفرنامو پڙهي ان جي حوالي سان هيءَ ماسترياڻي منهنجي ڪيل ان احوال جي ڳالهه ڪري رهي هئي.
    “اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجا سنڌي بلڪل تعريف جا لائق آهن.” مون پنهنجي ڳالهه کي پختو ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ لفظ تي زور ڏئي چيو.
    “پر سر! اهڙي ڳالهه ناهي”، هن ماسترياڻيءَ مون سان دليلن جي زور تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجا سنڌي، گهڻي ڀاڱي ضرور سٺا هوندا پر انهن ۾ ڪجهه ڪجهه ڪاريون رڍون به آهن جيڪي پنهنجي وطن جي ماڻهن جي مدد ۽ ڀلو ڪرڻ بدران پنهنجي مفاد خاطر پنهنجن سان ئي دوکو ۽ ويساگهاتي ڪن ٿا....”
    آئون سمجھي ويس ته هيءَ محترمه ڏکويل آهي ۽ اها حقيقت به آهي ته ڪو به معاشِرو سؤ سيڪڙو سٺو يا صاف سٿرو ٿي نٿو سگهي. مون ته پنهنجي سفرنامي ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تعريف انهن کي ڏسي لکي آهي جيڪي مونکي مليا ۽ اتفاق سان اهي سڀ سٺي طبيعت ۽ بلند اخلاق جا هئا پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ته آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجو يا ڪنهن ٻئي قوم جو هر ماڻهو بااخلاق، پنهنجي اباڻي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان حب ۽ پيار رکڻ وارو، ايمانداريءَ سان محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪرڻ وارو آهي. هن محترمه ٻڌايو ته هن جي ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي همراهه سان ٿي جيڪو آمريڪا ۾ رهيو ٿي ۽ هن جي ڳالهين ۾ اچي هن جي امير والدين پنهنجي ڊاڪٽرياڻي ڌيءَ جي شادي هن سان ڪرائي. شادي بعد خبر پيئي ته هو ڪنهن طريقي سان آمريڪا جو پاسپورٽ هٿ ڪري آمريڪن شهري ته ٿي ويو آهي پر بنهه ناڪارو نڪمو آهي جنهن کان ڪجهه به ڪم نٿو پڄي نه وري ڪو ڪنهن خاص يا نامياري تعليمي اداري مان پڙهيو آهي جنهن جي ڊگري جي زور تي هن کي ڪا نوڪري ملي سگهي. شادي کان اڳ جيڪا مڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙن ريسٽورنٽن ۾ بئرو ٿي نوڪري ڪري رهيو هو سا به شادي کان پوءِ ڇڏي، هڏ حرام ٿي گهر ۾ ويهي رهيو آهي ۽ زال جي آندل پئسي کي خرچ ڪري هن جي معرفت هر مهيني پنهنجي سهري کان پئسي جي پَٽَ ڪري رهيو آهي. پئسو نه ملڻ تي زال سان گار گند ۽ هاڻ هٿ به کڻڻ لڳو هو پر زال هيومن رائيٽس اداري معرفت جان بچائي پنهنجي وطن کان اچي نڪتي آهي.
    ڳالهه ٻڌائڻ واري ڪاليج جي ليڪچرار ڪافي غم ۽ غصي ۾ هئي جنهن لاءِ هن وٽ جائز سبب هو. سندس ٻي ليڪچرار ساٿياڻيءَ ٻڌايو ته مٿينءَ ليڪچرار جي ڊاڪٽرياڻي ڀيڻ کي ڪيترائي سٺا رشتا مليا ٿي پر هنن آمريڪا جو نالو ٻڌي اهو ئي سمجھيو ته جيڪو ماڻهو آمريڪا ۾ رهي ٿو اهو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪامياب انسان ئي هوندو. ڇو جو اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو ئي آمريڪا وڃن ٿا .... گهـٽ ۾ گهٽ شادي کان اڳ تائين هنن جي اهائي سوچ هئي.
    اها واقعي حقيقت به آهي ته ناروي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته جاهل ڄٽ به گذارو ڪريو وڃن جو اتي بيروزگارن کي به حڪومت طرفان ايترو سوشل (حڪومت طرفان خيرات) مليو وڃي جنهن ۾ هو آرام جي زندگي گذاري سگهن ٿا پر آمريڪا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ گهڻو پڙهيل ڳڙهيل يا ايماندار ۽ محنتي پورهيت ئي survive ڪري سگهي ٿو. پر چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. اسانجا ڪي ٽوٽي ماڻهو به اتي پهچي ويا آهن جيڪي منفي سوچ جا هجڻ ڪري اٽڪلون سٽڪلون ڪندا رهن ٿا ۽ آمريڪا جي نالي کي exploit ڪري پنهنجن کي ئي بيوقوف بنائين ٿا. ڪجهه اهڙا به case ٻڌڻ ۾ آيا آهن جن ۾ آمريڪا ۾ غير قانوني طرح رهڻ وارا اسان جا ماڻهو جيڪي ويزا ختم هجڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ورتل اتي لڪندا هلن ۽ انهن کي خبر آهي ته هو هڪ دفعو پنهنجي ملڪ پاڪستان ويندا ته هنن کي وري آمريڪا ۾ گهڙڻ نه ڏيندا.... ان قسم جا ماڻهو پاڪستان ۾ شاديون ۽ سڱ رشتا ڳولڻ وارين ڪمپنين ذريعي ڪنهن سکئي ۽ عزت واري گهر مان شادي ڪن ٿا ۽ پوءِ زال کي آمريڪا گهرائڻ بدران پاڻ پنهنجي ديس موٽي اچن ٿا ۽ زال کي پالڻ بدران هن جي مٿي لڳن ٿا. هنن جو واپس نه وڃڻ جو وڏو سبب اهو به آهي جو هنن کان هڪ ته محنت مزدوري نٿي پڄي جيڪا آمريڪا ۾ رهندڙ لاءِ ضروري آهي ۽ ڪيترن سان اهو سبب به لاڳو آهي جو هن آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ ڪجهه اهڙا غير قانوني ڪم ڪري وڌا آهن جو هو آمريڪا ڏي موٽڻ کان گهٻرائين ٿا ته متان وٺ پڪڙ نه ٿئي. جيئن خيرپور پاسي جي لاکي صاحب ۽ پيٽارو جي حميد انور جو احوال لکي چڪو آهيان ته هنن سان ڪيئن پنهنجا پاڪستاني بزنيس ۾ دوکو ڪري پوءِ آمريڪا ڇڏي ويا. اهو ضرور آهي جو اهي ماڻهو بيحد تيز آهن. بقول اسان جي هڪ پوليس سان واسطو رکندڙ دوست جي “هو تيز آهن تڏهن ته آمريڪا ۾ گورن کي به بيوقوف بنائين ٿا ... ۽ پوءِ پنهنجي وطن ۾ اچي اتي به هو پنهنجيون چال بازيون قائم رکن ٿا.” ان سلسلي ۾ ماتلي جي هڪ همراهه جو قصو لکي چڪو آهيان ته هو ڳوٺاڻو ٿي ڪري ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي آمريڪن گورن کي بيوقوف بڻايو.
    اسان جي ملڪ جا بيوروڪريٽ (ڪامورا) بيحد هوشيار آهن پر اسان جي مٿين دوست جي چواڻي موجب هي ولائتي پاسپورٽ وارا ديسي ٺڳ انهن کي به بيوقوف بڻايو ڇڏين. هو خاص ڪري اسان جي رشوت خور ۽ عياش آفيسرن کي پاسو ڏين ٿا ۽ هنن کي آمريڪا توڙي انگلئنڊ ۽ ملائيشيا گهرائڻ ۽ هنن جي رشوت جو پئسو ٺڪاڻي لڳائڻ جون کين هرکائيندڙ ترڪيبون ٻڌائين ٿا ۽ موٽ ۾ کين هنن آفيسرن وٽان ڪيترائي فائدا مليو وڃن. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ڪلاس ميٽ عرب جيڪي پڙهائيءَ ۾ ته ڏڏ هئا پر وڏي هوشياريءَ سان يونيورسٽي جي پروفيسرن کي ڏٽا ڏيندا رهندا هئا ته توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ وڏو جاب يا بزنيس وٺرائي ٿا ڏيون ۽ اسان جا ڪيترائي يورپي پروفيسر ۽ يونيورسٽي جا آفيسر هنن جي مٺين مٺين ڳالهين ۾ اچي هنن جو خيال ڪندا هئا.
    نيوجرسي آمريڪا جي “سريش دلال وڪالت ڪمپني” جي هڪ وڪيل چيو ته پاڪستان يا ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڇوڪرين ۽ والدين کي کپي ته ڪنهن آمريڪن ديسي سان رشتو ڳنڍڻ کان اڳ هن جي چڱي طرح پڇا ڳاڇا ضرور ڪرائين ... پوءِ ڀلي کڻي اهو سندن ويجھو مائٽ هجي ڇو جو آمريڪا ۾ رهندڙ اهي ڇڙا جيڪي ڪافي سال اڪيلي زندگي گذارين ٿا اهي مائٽي مٽي ۽ اخلاق نيڪي جي جذبن کان خالي ٿين ٿا ... هو مادي (materialistic) زندگي جا پوڄاري ٿين ٿا. ڇوڪريءَ کي يا ان جي والدين کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڏسڻ کپي ته هن کي آمريڪا جو پاسپورٽ به آهي يا گرين ڪارڊ به نه اٿس.
    اسان جي ملڪ جون ڪيتريون عورتون خاص ڪري گهٽ تعليم يافته، قانون کان اڻ ڄاڻ يا غريب، اهو سوچين ٿيون ته سندن مڙسن کي ولايت جي ڪنهن ملڪ جو پاسپورٽ هجڻ ڪري هن کي جيڪو وڻي اهو ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ سندس نالو پاڪستان جي پوليس يا جج به نٿو وٺي سگهي. آمريڪا ۾ سنڌ جو هڪ مشهور وڪيل ۽ اٽارني امداد سيهڙ صاحب جنهن جي “لا ڪمپني” جي آفيس هيوسٽن ۾ آهي ۽ هو بيحد قابل ۽ اعليٰ درجي جو ڄاڻو وڪيل آهي ان ٻڌايو ته ان قسم جي مظلوم عورتن کي بلڪل فڪر نه ڪرڻ کپي جو عورتن جي حقن لاءِ اڄ ڪلهه سڄي دنيا جي ملڪن ۾ فڪر آهي خاص ڪري آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ته هيڪاندو گهڻو آهي. هوءَ جيڪڏهن ولايت ۾ آهي ته يڪدم اتي جي حڪومت کي پنهنجي مڙس جي ٺڳين ۽ دوکيبازين بابت آگاهه ڪري سگهي ٿي ... هن کي يڪدم انصاف ملي ويندو پر پاڪستان پهچي وئي آهي ته هوءَ پوليس يا ڪورٽ ذريعي ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارت خاني کي آگاهه ڪري سگهي ٿو.
    نيوجرسي جي هڪ ٻئي قابل سنڌي وڪيل مائيڪل ڦلواڻيءَ فون تي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته انڊيا يا پاڪستان ۾ رهندڙن کي اهو ڪڏهن به تصور نه ڪرڻ کپي ته ولايت ۾ رهندڙ هر ديسي نوجوان بااخلاق ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو آمريڪا يا يورپ ۾ نوڪري ملڻ تي اهڙو ته عياشي جي زندگيءَ ۾ اچيو وڃن جو هنن کي پنهنجي اولاد جو به فڪر نٿو ٿئي. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. ڪالهه جا ٻار جوان ٿيو وڃن ۽ هو پنهنجي والدين کي عيش جي زندگي گذاريندو ڏسي پاڻ به عياش ٿيو وڃن ۽ پوءِ سندن والدين جو به هنن تي ڪنٽرول نٿو هلي. هو صحيح طرح تعليم به حاصل نٿا ڪريو سگهن ۽ سندن اخلاقي ڏيوالو ته شروع کان نڪتل رهي ٿو. پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي اهڙي ٻار کي دڳ لائڻ لاءِ، جنهن کي ولايت ۾ ته ڪو به لفٽ نٿو ڪرائي، هو پنهنجي وطن جي ڳوٺ جي ڪنهن غريب ڇوڪريءَ سان اهو سوچي شادي ڪرائين ٿا ته من سندن ڇوڪرو شادي بعد سڌري وڃي. پر گهڻين حالتن ۾ سڌرڻ بدران ڇوڪريءَ جي به زندگي زهر ڪريو ڇڏي ۽ اسان جي ڪمزور سوسائِٽي ڇوڪريءَ تي ئي ڏوهه مڙهي ٿي ته هن کي مڙس سان صحيح طرح هلڻ نه آيو.
    بهرحال پاڪستاني توڙي سڌريل يورپي ۽ آمريڪي وڪيلن، پوليس آفيسرن ۽ هيومن رائيٽس وارن جو اهو ئي چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي اهڙي انڌير ۾ عورت جي مدد ڪن ٿيون. پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ کڻي ڪو ڇا به چوي ته لاقانونيت آهي پر عورتن جي حقن جي معاملي ۾ پوليس توڙي جوڊيشري ۽ پاڪستان ۾ موجود بين الاقوامي تنظيمون تمام گهڻو active آهن. بين الاقوامي تنظيمون ۽ يو اين او طرفان چارٽر دنيا جا سمورا ملڪ قبول ڪن ٿا جنهن ۾ عورت خلاف ظلم Human Rights جي خلاف سمجھيو وڃي ٿو.

    • “Violence against women” is violence of human rights and a form of discrimination against women and shall mean all acts of gender-based violation that result in, or are likely to result in physical, sexual, psychological or economic harm or suffering to women including threats of such acts. Coercion or arbitrary deprivation of liberty whether occurring in public or private life.
    • “Domestic Violence” all acts of physical, sexual, psychological or economic violence that occur with the family or domestic unit or between former or current spouses or partners. Whether or not the perpetrator shares or has shared the same residence with the victim.
    بهرحال جِتي اسان وٽ عورتن سان مڙسن طرفان ٿيندڙ ظلم عام آهن اتي اسان جي اڄ جي آزاد ميڊيا اسانجي ڳوٺن جي عورتن کي سندن حقن بابت ڪافي آگاهي ڏني آهي ۽ ڪيترين عورتن جي تنظيمن اسان جي اڻ پڙهيل عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ educate به ڪيو آهي. ويندي ڏورانهن ڳوٺن جون عورتون ساڻن ٿيندڙ گهرو ظلم يا ٻين نا انصافين جو آواز اٿارڻ لاءِ ڪنهن شهر جي پريس ڪلب م پهچن ٿيون ته اسانجو ميڊيا سندن آواز سڄي ملڪ ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ پهچايو ڇڏي. پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ مڙس ڪاوڙ ۾ اچي زال تي تيزاب هاريو ته ٻئي ڏينهن ميڊيا ذريعي آمريڪا مان نڪرندڙ نيويارڪ ۽ واشنگٽن ٽائيمس اخبار ۾ خبر اچي وئي ۽ پوءِ دنيا جي عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيمون اٿيو بيهن.
    هِتي ٻه اکر مٿي بيان ڪيل آمريڪا جي وڪيلن بابت تعارف خاطر لکڻ ضروري سمجھان ٿو:
    مائيڪل ڦلواڻي: سنڌي هندو وڪيل آهي جيڪو بعد ۾ عيسائي ٿيو ۽ عمر ۾ مونکان پنج ڇهه سال وڏو آهي. مائيڪل ڦلواڻي 40 سالن کان نيوجرسي ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ سندس اهم سبجيڪٽ اميگريشن آهي. سندس قانون بابت ڪيترائي مضمون آمريڪا ۽ انڊيا جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ هڪ ڪِتاب Guide to U.S. Visas جو مصنف به آهي. پاڻ انگريزي کان علاوه سنڌي، اڙدو، پنجابي ۽ گجراتي به سٺي ڳالهائي ٿو.
    امداد سيهڙ: هي سنڌ جو اعليٰ تعليم يافته، محنتي شاگرد، قابل بيوروڪريٽ ۽ ڪامياب وڪيل آهي. امداد سيهڙ سنڌ جي تعليمدان خدا بخش “ناطق” مورائي جو پٽ ۽ سنڌ پوليس جي ڊي آءِ جي ارشاد رضا جو وڏو ڀاءُ آهي. امداد 1983ع ۾ لياقت يونيورسٽي مان MBBS ان بعد ايڪانامڪس ۽ هسٽري جي سبجيڪٽن ۾ M.A ڪئي. ان بعد CSS جو امتحان نه رڳو پاس ڪري DMG گروپ ۾ آيو پر هن ان امتحان ۾ ٽاپ ڪيو ۽ رڪارڊ آهي ته هن جيتريون مارڪون اڄ تائين ڪو به کڻي نه سگهيو آهي. پاڻ ڪجهه سال ماتلي، سانگھڙ ۽ ڪراچي جو اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. ان دوران هن ڪراچيءَ مان قانون جو امتحان LL.B به اعليٰ پوزيشن ۾ پاس ڪيو جنهن بعد هن کي LL.M ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي يونيورسٽي آف ميامي فلوريڊا ۾ داخلا ملي ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ اٽارني آهي ۽ سندس قانون جي ڪمپني “Law office of Imdad Sehar” نالي آهي ۽ ويب سائيٽ www.eaglejusticeusa.com آهي.
    سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي جاکوڙي امر سنڌو جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي ان ٻڌايو ته “اسان جو پوليس جو ڊپارٽمينٽ کڻي ڪيترو به بدنام هجي پر انهن ۾ عبدالخالق شيخ وانگر ڪجهه پوليس آفيسر نيڪ ۽ مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان ثابت ٿيا آهن. اسان عورتن جي حقن يا سندن مٿان مڙسن جي ٿيندڙ ظلمن جي سلسلي ۾ اسان جڏهن به اهڙن پوليس آفيسرن کي اطلاع ڪيو آهي ته هنن يڪدم اسان جي سڏ کي اوڻايو آهي ۽ بيوس ۽ مظلوم عورتن جي مدد ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ اهڙن نيڪ پوليس آفيسرن جي تعريف ڪرڻ اسان جو فرض آهي جيئن ته ثناالله عباسي، عبدالله شيخ، فدا مستوئي، خادم رند وغيره ...”
    پروفيسر امر سنڌوءَ اهو به ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترائي رٽائرڊ جج ان معاملي ۾ عورتن جي مدد ڪن ٿا جن مان جسٽس ماجده رضوي اڳيان اڳيان آهي. سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻي پروفيسرياڻي عرفانا ملاح جيڪا پي ايڇ ڊي آهي ۽ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ سان واسطو اٿس، تنهن ٻڌايو ته اسان وٽ سنڌ ۾ عورتن جي رهنمائي ۽ کين پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ جي معاملي ۾ صلاح مشورو ۽ مالي مدد ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جن ۾ پاڻ، امر سنڌو ۽ سنڌ جون ٻيون پڙهيل ڳڙهيل عورتون جهڙوڪ حسين مسرت، نسيم جلباڻي، نجما پنهور، گلبدن جاويد مرزا، روزينا جوڻيجو جهڙيون اعليٰ سرڪاري نوڪرين واريون عورتون سنڌ جي ڏکويل عورتن جي مدد ڪن ٿيون. جن تنظيمن جي معرفت هو ڪم ڪن ٿيون انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    - عورت فائونڊيشن
    - شرڪت گاهه......... خاص ڪري قانوني مسئلن ۾
    - سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن
    - پناه شيلٽر هائوس
    - نئشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين، وغيره
    - وومين ائڪشن فورس ... (جنهن جي چيئرپرسن شايد امر سنڌو ئي آهي)، وغيره.
    بهرحال انهن طرفان سنڌ جي مظلوم عورتن لاءِ اهو ئي ميسيج آهي ته اسان جي سنڌ جون عورتون خاص ڪري ڳوٺن جون اڻ پڙهيل ۽ غريب عورتون، مڙسن جا ظلم يا ناانصافيون سهڻ ۽ گُهٽجي گهر اندر پنهنجو انت آڻڻ بدران ڪجهه همت کان ڪم وٺي مٿي بيان ڪيل تنظيمن ۽ مخير حضرات جي معرفت پنهنجو آواز بلند ڪن ۽ انصاف جي گهُر ڪن.


    سخيءَ کان شوم ڀَلو

    ڪو زمانو هو جو ورلي ڪو ٻاهر ويندو هو پر اڄ ڪلهه شهرن جا ته ڇا پر ڳوٺن جا ماڻهو به ولايت ويندي نظر اچن ٿا.... مرد عورتون، ڇوڪرا ڇوڪريون.... پوءِ ڪي نوڪرين لاءِ ته ڪي تعليم لاءِ، ڪي ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ته ڪي بزنيس ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ.
    گذريل دفعي ڳوٺ هڪ مائٽ جي گهر وڃڻ ٿيو. هن جو ڇوڪرو آفيس طرفان ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ سنگاپور وڃي رهيو هو. هو بيحد خوش هو. ظاهر آهي ولايت وڃڻ اسان لاءِ سماجي شان (Status symbol) بنجي ويو آهي. ٻاهر جي نوڪري ملڻ يا تعليم لاءِ يا اسڪالرشپ يا مٿئين همراهه وانگر ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو ملڻ کي به هر ڪو خوش نصيبي ٿو سمجھي. مونکي حيرت ٿي ته هو مونکان هڪ ئي ساهه ۾ پڇندو ويو ته انڪل ڪنهن سڃاڻو جو ته ٻڌائيندا جيئن آئون هن سان ملي سگهان.... ڀلا سنگاپور ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون جايون گهمڻ جهڙيون آهن.... وغيره وغيره.... ان ئي قسم جا سوال ملائيشيا يا جپان ويندڙ مونکان ڪندا آهن. ۽ جيڪي ٻن ٽن ڏينهن يا هفتي ڏيڍ جي سيمينار يا ڪنهن ڪورس کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويندا آهن ته انهن کي آئون اهو ئي چوندو آهيان ته “بابا توهان ٻئي جو ڪو واقفڪار معلوم ڪرڻ ته ڇڏيو پر توهانجو ڪو پنهنجو سڃاڻو يا مائٽ مٽ آهي ته ان کي به وساري ڇڏيو جو توهان کي ڪو اتي آزاد نه ڇڏيندا ته پيا گهمو ڦرو. وقت تي نيرن ڪرائي 9 بجي کان ڪلاس يا تقريرن جو سلسلو شروع ٿيندو ته شامَ جا پنج وڃي ٿيندا ۽ توهان کي لڳاتار ويهي ٻڌڻو آهي ۽ اهم نقطا درج ڪرڻا آهن ــ وچ ۾ فقط منجهند جي ماني ۽ چانهه جو وقفو ملي ٿو ۽ آخري ڏينهن تائين اهو سلسلو هلي ٿو. سو سيمينار يا ڪانفرنس دوران توهان جو ڪنهن مائِٽ يا دوست سان ملڻ کي بيحد خراب سمجھيو وڃي ٿو. ۽ جي ڪو هلي ملي اتي توهان وٽ اچي ٿو ته ان کي به خراب سمجھيو وڃي ٿو. شامَ جي وقت توهان مان اها اميد رکي وڃي ٿي ته هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري جو احوال لکو، مليل هوم ورڪ ڪريو ۽ رلڻ پنڻ بدران جلدي سمهي رهو جيئن ٻئي ڏينهن اٻاسيون ڏيڻ بدران غور سان سيمينار اٽينڊ ڪري سگهو.”
    هر اهڙي ڪانفرنس يا سيمينار ۾، ان جي انتظاميه، حصو وٺندڙ participants کي آخري ڏينهن تي يا اهو هفتي کان مٿي آهي ته ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينهن تي، ٽوئرسٽ بس ۾ وهاري شهر جو سير ڪرائي ٿي ... سو توهان کي ان جو فڪر نه هجڻ کپي ته ان شهر ۾ ڇا ڇا گهمجي. هونءَ به توهان ڀلي کڻي پنهنجي ٽئڪسي ڪريو ته به ايترو گهڻو ۽ سٺي طرح ڏسي نه سگهندائو جيترو توهان کي انتظاميه طرفان مقرر ڪيل گائيڊ گهمائي سگهندو. ٻي ڳالهه ته اسانجي ملڪ جهڙو حال جِتي ڪٿي ناهي جو توهان آزاد گهمندا ڦرندا وتو. ڌارين ملڪن ۾ اهڙن سيمينارن ۾ هڪ هڪ منٽ جو حِساب ڪِتاب رکيو وڃي ٿو ۽ ڪو به اٽينڊ ڪرڻ وارو سُستيءَ جو اظهار ڪري ٿو يا ڪلاڪ ٻه به غير حاضر رهي ٿو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪري ٿو. سو ڪجهه ڏينهن لاءِ ان مقصد سان وڃڻ واري کي فقط ۽ فقط ان ڪورس يا سبجيڪٽ جو سوچڻ کپي جنهن جي معلومات ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان هو پنهنجي يا سرڪار جي خرچ تي اوڏانهن وڃي رهيو آهي.
    بهرحال ان ڏينهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويندڙ منهنجي مائٽ جي پٽ جڏهن سنگاپور ۾ گهمڻ ڦرڻ جون جايون پڇيون ته مونکي ان تي ايڏي حيرت نه ٿي.... ها البت ان وقت ضرور ٿي جڏهن ان دوران سندس ڪو دوست اچي نڪتو جنهن جو ڪو مائٽ سنگاپور ۾ رهيل آهي ۽ هن پنهنجي مائٽ لاءِ هن هٿان ڪجهه مٺائي ۽ ٻيو سامان موڪلڻ ٿي چاهيو. مون ڏٺو ته اسانجو مائٽ ۽ ان جو پٽ، ٻئي ڄڻا انڪار يا ٽال مٽول ڪرڻ بدران جواب ۾ يڪدم “سائين بلڪل، ڇو نه کڻي وينداسين. اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه ....” چوندا رهيا. اهو به اسانجي ملڪ جي ماڻهن جو هڪ خاص اسٽائيل آهي! خاص ڪري مون پنهنجي سنڌين ۾، خاص ڪري مسلمان سنڌين ۾ ڏاڍو ڏٺو آهي ته ڪنهن به ڪم لاءِ کڻي چئه ته بنا سوچي سمجھي ته آيا اهو ڪم ٿي به سگهندو يا نه ... ڪرڻ جهڙو آهي يا نه .... بنا غور ڪرڻ جي، اسين يڪدم وڏي ڊاڙ ڦٽاڪ اهڙي هڻنداسين ڄڻ ملڪ جا والي مرشد هجون. وري جي کڻي مجبوري ڏيکاربي ته اڳلو ڏک پيو ڪندو ته دوست ٿي ڪري هي معمولي ڪم به نٿو ڪرين .... ٻه ٽي ڪلو سامان جا کڻي وڃڻ سان ڇا لهي پوندين ... وغيره. بهرحال اسان واري مائٽ ۽ هن جي پٽ توڙي هن وٽ آيل دوست جي مٿين گفتگو مان مون يڪدم اندازو لڳايو ته ٻئي ڌريون بيوقوف ۽ ساديون آهن ۽ ان قسم جي سادگين ئي اسان جي ماڻهن کي ماريو آهي. مون هنن کي ڪجهه نه چيو .... اڃان به مونکان صلاح وٺن ها ته کين کڻي حالتن مطابق حقيقتون ٻڌايان ها پر اڄ اها ڳالهه ياد ڪري پنهنجي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان ته ان جاءِ تي اسان سنڌين بدران ملئي، جپاني يا ويندي سنڌي هندو هجي ها (جو مشاهدو اهو ٿو ٻڌائي ته هو اسان مسلمانن کان وڌيڪَ ڄاڻَ رکندڙ ۽ سنجيده طبيعت جا آهن) ته هو نه ٻئي کي پنهنجو سامان کڻي وڃڻ لاءِ چوي ها نه ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي پاڻ کڻي وڃڻ لاءِ هائوڪار ڪري ها. ڇو جو ايئرپورٽن تي غير قانوني شيون کڻي سفر ڪرڻ ۾ ايترا ته ڏوهه ٿين ٿا ۽ انهن جون سزائون ايڏيون ته سخت آهن جو ڪير به ٻئي جي سامان کڻڻ جو ته رسڪ نٿو کڻي پر پنهنجو سامان به پاڻ وٽ سوگهو رکي وهي ٿو ته متان بي خيالي ۾ ڪو سندس سامان ۾ ڪا غلط شيءِ وجھي ڇڏي ۽ هن لاءِ مصيبت پيدا ٿي پوي.
    ياد رهي ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته چرس، آفيم، گانجو يا ان قسم جي نشي جي شيءِ جو فقط اڌ تولو (يا شايد ان کان به گهٽ) رکڻ جي به سزا ڦاهي آهي. اهو قانون انهن ملڪن ۾ 1986ع کان لاڳو ڪيو ويو ۽ مونکي ياد آهي ته ان قانون پاس ٿيڻ بعد ان جا پهريان victims هڪ نيوزيلينڊ جو ۽ هڪ آسٽريليا جو ٽوئرسٽ ٿيو هو. انهن ٻنهي ملڪن جا وزير اعظم ملائيشيا ۾ وزيراعظم مهاتير وٽ اچي ويهي رهيا ته به هنن جي ڳالهه نه مڃي وئي ۽ قانون کي قائم ۽ سڀني لاءِ هڪ جهڙو رکڻ لاءِ ٻنهي کي ڦاهي ڏني وئي. ملائيشيا ۾ اها سزا نه فقط ان قسم جو نشو واپرائڻ واري لاءِ آهي پر وڪڻڻ واري، پوکڻ واري، پاڻ وٽ رکڻ واري ۽ ٻئي کي ڏيڻ واري لاءِ پڻ آهي. ان ڪري انهن ملڪن جي هوائي اڏن تي توهان باٿ روم ۾ وڃڻ وقت ڪنهن کي پنهنجي بئگ يا ٿيلهو جھلڻ لاءِ ڏيندئو ته ان لاءِ به هو يڪدم انڪار ڪندو ۽ چوندو ته پاڻ سان ٽئاليٽ ۾ کڻي وڃ. ڇو جو هر ڪو سمجھي ٿو ته ان ۾ جي ڪنهن شيءِ جي موجودگي جي خبر پئجي وڃي ته سامان رکڻ وارو ڦاسندو، ڀلي کڻي هو قَسم کڻي ثابت ڪري ته ٻئي جو سامان آهي.
    ڪراچي جا سٺ سال جا پوڙها زال مڙس عمري تي وڃڻ دوران جدي ۾ جھلجي پيا ڇو جو هنن وٽ جيڪي ٻه اسپنج جا چمپل هئا جيڪي کين ٽڪيٽون وڪڻندڙ ايجنٽ پنهنجي ڪنهن مائٽ کي مڪي ۾ ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا، انهن ۾ هيروئن پيل هئي. هنن جي هڪ به نه ٻڌي وئي ته اهي چمپل ڪنهن ٻي همراهه پنهنجي مائٽ لاءِ ڏنا آهن. مڃان ٿو ته منهنجي مائٽ جي پٽ کي سنگاپور کڻي وڃڻ لاءِ جيڪا مٺائي ڏئي رهيو هو ان ۾ ڪا خرابي نه هوندي ته به اهڙين شين خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين کي ٻي ملڪ ۾ کڻي وڃڻ کان گريز ڪجي. ڇو جو ڪيترن ميون ۽ رڌل شين کي ڪيترن ملڪن ۾ آڻڻ جي اجازت ناهي. اسان جي ملڪ ۾ هر ڪا شيءِ هلي ٿي ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ٻين ملڪن ۾ به قاعدو قانون ڍرڙو آهي. يورپ ۽ آمريڪا پاسي جا ملڪ ته بيحد خبردار رهن ٿا ۽ نِمڪو جهڙي شيءِ جي به اجازت نٿا ڏين جو هنن کي ڊپ آهي ته متان انهن ۾ جراثيم هجن ۽ سندن ملڪ جي ماڻهن کي بيمار ڪن .... خاص ڪري اسان پاڪستانين کان ته ايشيا جي ملڪن جا ماڻهو به گهٻرائين ٿا جو اسان وٽ اڃان تائين نه پوليو تي ڪنٽرول ٿي سگهيو آهي نه مليريا ۽ ٽائفائيڊ تي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سڄو جنگل آهي، مڇرن سان ڀريو پيو آهي، پر مجال آهي جو ڪنهن کي مليريا ٿئي!
    ڪيترائي اسان جا ٽوئرسٽ يا خاص ڪري اُهي جن کي ٻاهر نوڪريون ملن ٿيون، انهن کي ڏسندو آهيان ته هنن لاءِ ٻاهر روانو ٿيڻ ائين هوندو آهي جيئن اڄ کان 60 سال اڳ اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو حج تي ويندا هئا. هو پاڻ سان اٽا، چانور، مرچ مصالحا ويندي سُڪا گوشت ۽ مڇيون کڻي ويندا هئا جو هڪ ته انهن ڏينهن ۾ حج لاءِ ٽي مهينا وڃڻو پوندو هو ۽ ٻيو ته سعودي عرب ۾ غربت هئي.... کاڌي پيتي جي شين جي قلت هئي. پر حيرت ٿيندي آهي جڏهن اڄ جو مسافر پاڻ سان اوٽ پٽانگ شيون کڻي نڪرندو آهي. ڀائي! اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ٿي وئي آهي جِتي ڪٿي نان، ڊبل روٽي، مرچ مصالحا ملن پيا. ڪراچيءَ مان ڇو ٿا هڙون ٻڌي نڪرو؟ ڀلا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪا هڪ اڌ شيءِ نٿي ملي ته به مڙيئي خير آهي. توهان جي ٻوڙ ۾ هئڊ، اڇو جيرو، جئڦل يا جاوتري نه پئي ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي ... ۽ اسان پاڪستانين کي ته اڃان به انهن ڳالهين ۾ احتياط ڪرڻ کپي جڏهن ته اسان اهڙا بدنام ٿي چڪا آهيون جو اسان لاءِ چيو وڃي ٿو ته حج ۽ عمري لاءِ ويندڙ پاڪستاني مرد ته ڇا پر عورتون پنهنجن خاص عضون ۾ چرس/هيروئن جهڙيون نشيدار شيون لڪائي سمگلنگ ٿيون ڪن! ويجھڙائيءَ ۾ هڪ اسانجو هم وطني ٽوڪيو ايئرپورٽ تي ان ڪري خواهه مخواهه جھلجي پيو جو هن جي مصالحن جي لفافي ۾ خَس خ!س هئي. خس خس جيتوڻيڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا مون ڏٺو آهي ته جرمني ۽ پولنڊ جهڙن ملڪن ۾ به ڪيڪ پيسٽرين مٿان تِرن جي ٻج وانگر ڇٽي وڃي ٿي ۽ عام کاڌن ۾ به استعمال ٿئي ٿي پر هو ڇا چوندا آهن ته غريب جو ٻار ڪتا پاليندو ته چوندا ڪارو منهن ٿيو اٿس. امير جو ٻار پاليندو ته چوندا شوق ڪيو اٿس. سو اهائي شيءِ ڪنهن گوري جي بئگ مان نڪري ها ته ڪسٽم آفيسر ڌيان به نه ڏئي ها پر اسان دنيا ۾ ايڏو ته بدنام ٿي ويا آهيون جو ڏني نه ورتي اسان تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته ڌارين ملڪن ڏي جي سفر ضروري آهي ته خبرداري سان هلو. اهڙي تهڙي ڪا شيءِ يا ڪو اهڙو ڪم نه ڪريو جيڪو توهان جي سفر کي unpleasant بڻائي. خس خس جيڪا توهان لاءِ مصالحي جو قسم آهي پر سونگهڻ وارا ڪتا ته يڪدم اچي توهان جي بئگ وٽ بيهندا جو خس خس ڏوڏي (poppy) جو ٻج آهي ۽ پاپي مان ئي ته آفيم ٺاهيو وڃي ٿو.
    ڪنهن مونکان پڇيو ته ڪو دوست ولايت کڻي وڃڻ لاءِ سامان ڏئي ته ڪيتري حد تائين خبردار رهجي. مون وراڻيومانس ته پهرين ته دوست کي اهڙي ڪم لاءِ هرگز نه چوڻ کپي. ڪنهن مائٽ مٽ لاءِ هن کي سامان موڪلڻو آهي ته Post ذريعي ئي موڪلي. 4 ڪلو سامان جا ٻه هزار رپيا پوسٽ خرچ ٿئي ٿو. دوست کي پريشان ڇو ڪجي. جيسين خبرداري جو سوال آهي ته کاڌي پيتي جون شيون ته نه کڻجن پر خشڪ شيون به نه کڻجن.
    “ڀلا ڪپڙا گنديون؟” هن پڇيو.
    “انهن کي به avoid ڪجي ته بهتر.” مون چيو ۽ کيس ٻڌايم ته لنڊن هيٿرو ايئرپورٽ تي ڪيئن هڪ پاڪستاني کي سزا اچي وئي جيڪو ڪنهن جو باٿ ٽاول کڻي پهتو هو. چرس سونگهڻ وارا ڪتا ۽ مشينون هن جي بئگ کي چھٽي ويا. خبر پئي ته ان ٽوال ۾ چرس آهي جنهن کي پاڻي ۾ ٻوڙي نپوڙيو ويو ته چرس جي سالوشن نڪتي. اهڙا انيڪ مثال آهن جن ۾ نوي سيڪڙو کان مٿي غريب ۽ سادا ماڻهو ڦاسن ٿا جن کي ٻين طرفان جڏهن سامان چهٽايو وڃي ٿو ته حضور شرمي ۾ هو انڪار به نٿا ڪن. بهتر اهو آهي ته سفر جي معاملي ۾ “سَخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب” تي عمل ڪجي.


    اهڙي به ڇا نازڪ مزاجي.....

    منهنجي هڪ سڃاڻو فئملي کي پنهنجي پٽ کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڇوڪري پنهنجي همت سان سمورا امتحان، ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏئي ڪامياب ٿي، ڪاليج ۾ داخلا ورتي. داخلا کان اڳ هن جا ماءُ پيءُ چوندا رهيا ته هو بيحد هوشيار آهي ضرور پاس ٿي ويندو .... اها ڳالهه هر ٻار جا والدين ڪن ٿا. منهنجي هنن کي اها ئي نصيحت هوندي آهي ته هر وقت اها دعا گهرجي ته جنهن ۾ بهتري هجي ائين ٿئي. ڪو به ڪاليج ٻار کي وڏو ماڻهو نٿو بڻائي پر ٻار جي پنهنجي محنت ۽ والدين جي نظرداري هن کي انٽر ۾ سٺي پوزيشن ٿي کڻائي ۽ پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي لائق بڻائي ٿي.

    سڄي ملڪ جا بهترين شاگرد چونڊي چونڊي ڪئڊٽ ڪاليج ڇا ڪنهن ڳوٺ جي ڪاليج ۾ به رکندئو ته بورڊ ۾ پوزيشن انهن مان ئي ڪو کڻندو. ڪاليج جي نالي جو جادو هجي ته پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڏڏ شاگرد رکي پوءِ انهن کي پوزيشن کڻائي ڏيکاريو ته ڳالهه مڃجي. مزي جي ڳالهه اها ته بهتر کان بهتر شاگردن جي چونڊ ڪرڻ بعد به ناليرن ڪاليجن مان ڪجهه شاگردن جي سندن گهٽ شوق ۽ والدين جي بهتر نظرداري نه هجڻ ڪري ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيو وڃي. ان جا ڪيترائي مثال آهن. ان ڪري ٻار کي دماغ ۾ اهو نه وجھجي ته بس تولاءِ ان قسم جو ڪاليج ئي بهتر آهي نه ته تنهنجو مستقبل تباهه ٿي ويندو. ظاهر آهي چونڊ لاءِ آيل اميدوار شاگرد ڀلي کڻي سڀ هوشيار هجن پر ڪاليج وارا ته فقط اوترن کي کڻندا جيتريون هنن وٽ مقرر جايون هونديون. ان جو مطلب اهو ته ناهي ته باقي بچيل شاگرد بيڪار ٿيا. سو مائٽن کي اهو چئي پنهنجي ٻارن کي دل شڪستو ۽ نفسياتي مريض بنائڻ نه کپي ته تولاءِ فلاڻو ڪاليج ئي بهتر آهي. سٺو اهو آهي ته چونڊ کان اڳ ٻار کي چئجي ته “بابا فلاڻي ڪاليج لاءِ ٽراءِ ڪر. چونڊجي وئين ته ٺيڪ آهي نه ته ٻيا به سٺا ڪاليج آهن ـــ جيڪڏهن تون واقعي محنت ڪرڻ چاهين ٿو.” اهڙن موقعن تي آئون هميشه سلطانا صديقي (هم ۽ مسالا چئنل جي مالڪڻ) جو مثال ڏيندو آهيان. هن جو پٽ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ سال ٻه پڙهيو ان بعد هن کي اتان ڪڍرائي پاڻ وٽ ڪراچي جي هڪ عام ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. منهنجي پڇڻ تي سلطانا ٻڌايو ته آئون هن کي پنهنجي نظرن اڳيان رکڻ چاهيان ٿي جيئن هو گهڻي کان گهڻو وقت پڙهائي کي ڏئي انٽر ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿئي. ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هن واقعي پنهنجي پٽ جي اهڙي رهنمائي ۽ monitoring ڪئي جو هن انٽر ۾ سٺين مارڪن سان پاس ڪئي پر انجنيرنگ ۾ ته پهرين پوزيشن کنئي. ان تي کيس آمريڪا ۾ وڌيڪَ پڙهڻ ۽ ريسرچ ورڪ ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ به ملي پر سلطانا هن جي شوق کي ڌيان ۾ رکي هن کي بزنيس ۾ آندو.
    هڪ ٻيو مثال..... اهو پڻ ساڳي فئملي جو آهي. سلطانا جي ڀاءَ شمس صديقي جي پٽن کي ڪراچي ۾ نئين ٺهيل “اسٽيل مل ڪئڊٽ ڪاليج” ۾ داخلا ملي جيڪو ان وقت وڏي ڳالهه هو جنهن جا ڪلاس روم به روس وارن ايئرڪنڊيشن ٺاهيا هئا. شمس پنهنجي پٽ کي هڪ سال به ڪو مس پڙهايو ۽ هن کي ان ڪاليج مان ڪڍرائي آيو. هن جو اهو منطق هو ته اهڙي آرام ده ماحول ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ٻار رهندا ته اڳتي هلي هو تڪليفن کي ڪيئن منهن ڏيندا. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته هن پنهنجي ٻنهي پٽن ۽ ڌيئن کي سادگي ۾ رهائي اعليٰ تعليم ڏياري. هو پنهنجي ڀاءُ مظهر صديقي سان گڏ هن جي بنگلي ۾ رهيل هو. ادا مظفر انهن ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري هو. نوڪر چاڪر، گاڏيون سڀ ڪجهه هوندي شمس پنهنجي وڏي ڀاءَ جو گهر ڇڏي مسواڙ تي هڪ ٻن ڪمرن جو ننڍڙو گهر ٻارن جي اسڪول ڀرسان وٺي اچي رهيو. منهنجو جهاز ڪراچي ايندو هو ته آئون هن وٽ ضرور ويندو هوس. مون ڏٺو ته جيسين هن جا ٻار انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن تائين نه پهتا هن گهر ۾ رنگين T.V به نه رکي. هر وقت ٻارن کي پڙهائيندو رهيو ٿي ۽ ان کان ٻه رتيون وڌيڪَ سندس گهر واريءَ ٻارن تي محنت ڪئي ٿي. اڄ هن جا ٻار مختلف ملڪن ۾ وڏين نوڪرين تي آهن. سو محنت جو ڦل ضرور ملي ٿو. پڙهائي واري ٻار کي کپي ته هو هميشه محنت ڪري ۽ سادگي ۾ رهي ڇو جو اڳيان خبر ناهي ڪهڙا ڏکيا ڏينهن اچن.... ڪهڙي نوڪري ملي! ڪهڙي ملڪ ۾ ملي!

    پاڻ ڳالهه جنهن شاگرد تان شروع ڪئي ان کي هن جي ماءُ ۽ پيءُ جي شوق موجب ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ته ملي وئي. آئون به کين مبارڪون ڏئي ملائيشيا هليو ويس. ٻن مهينن بعد موٽيس ته هن جا ماءُ پيءُ سخت پريشان هئا. ماءُ ته ماءُ پر پيءُ به روئڻهارڪو ٿي ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ کي ڪئڊٽ ڪاليج مان ڪڍڻ ٿا چاهين جو هنن کي هاسٽل لائيف پسند ناهي. مون کانئن سبب پڇيو ته آخر ائين ڇو ٿا ڪرڻ چاهين.....

    “ڇا ڇوڪرو ماءُ پيءُ کي ياد ٿو ڪري؟” مون پڇيومان
    “نه”
    “ڀلا ڪو ٽيچر يا شاگرد کيس تنگ ٿو ڪري؟”
    “نه اهي سڀ هن جو خيال ڪن ٿا.”
    “ڇا هن کي اتي جي پڙهائي سمجهه ۾ نٿي اچي؟”
    “نه پڙهائي ۾ ته هوشيار آهي ۽ هينئر به منٿلي ٽيسٽ ۾ ٽيون نمبر آيو آهي.”
    مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ ان دوران مون کين مٿيان سلطانا صديقي ۽ شمس صديقي جا مثال ڏنا ۽ چيو ته هو به جيڪڏهن پنهنجي ٻار جي بهتر مستقبل لاءِ اتان ان کي ڪڍڻ چاهين ٿا جيئن هو وڌيڪَ پڙهي سگهي ته ڀلي ڪن. ساڳي وقت مونکي به تجسس ٿيو ته جڏهن ڇوڪرو پاڻ به نٿو چاهي ته ڪاليج مان نڪران ۽ پڙهائي به صحيح پئي هليس ته آخر والدين ڇو ٿا هن کي ڪڍڻ چاهين جڏهن ته هو خوش نصيب آهن جو هنن جي پُٽَ کي ههڙي ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي آهي جنهن لاءِ ڪيترا ٻار سڌون ڪن ٿا.
    بهرحال نه نه ڪري آخر ماءُ ٻڌايو ته هو هن کي ياد ٿا ڪن.

    “اها ته ڪا اهڙي ڳالهه آهي ڪا نه. اڄ نه ته سڀان توهان جي پُٽ کي گهر کان پري وڌيڪَ تعليم يا نوڪري لاءِ ته وڃڻو ئي پوندو. هي ته وري به اٺين ڪلاس ۾ آهي. اڄ ڪلهه ته سنڌ جي ڳوٺن جا ننڍا ننڍا ٻار به پيا ڪوهه مري ۽ ائبٽ آباد جي اسڪولن ۾ پڙهن هالا جي مدرسي ۾ سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جا ننڍڙا ٻار، ماءُ پيءُ کان پري رهيا پيا آهن جن کي کائڻ يا سمهڻ لاءِ ڪو سولو هنڌ بسترو به ناهي. توهان وٽ ته ٻيا پٽ به توهان سان رهيا پيا آهن. اڃان به هو ياد ڪري ۽ صفا راضي نه ٿئي ته مجبورن ڪاليج مان ڪڍرائي اچوس.”
    “نه اسان کي ڏک ٿو ٿئي ته ٻچو اسان کان پري آهي. اسان زال مڙس اهو ئي سوچيندا رهون ٿا ته اسان سڄو ڏينهن ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺا آهيون ۽ هو گرمي ۾ سمهندو هوندو.”

    مون کلندي چيومان ته “پوءِ ان جو بهتر علاج ته اهو ئي آهي ته توهان به بنا ايئرڪنڊيشن جي رهو. پنهنجو پاڻ کي ايڏي عياشيءَ جو عادي ڇو بڻايو اٿو. آخر اسان جڏهن ننڍا هئاسين تڏهن ته ڳوٺ ۾ لائيٽ ئي ڪانه هئي جو کڻي پنکو هلائجي. منجھند جو به اسڪول ٿيندو هو ۽ وهڻ لاءِ ڪڏهن به ٽيڪ واري ڊيسڪ نه ڏٺيسين.” مون سندس مڙس کي چيو ته هو کيس سمجھائي.
    “نه هي ته مونکان به وڌيڪَ پريشان آهي.” ڇوڪر جي ماءُ چيو، “سنڌ جي گرمي به ته گرمي آهي.”
    “اهو توهانکي رڳو احساس آهي”، مون کيس سمجھائڻ لاءِ ٻڌايو ته جپان هلي ڏسو ته جِتي سياري ۾ سخت سيءَ ٿا ٿين اتي اونهاري ۾ ڪيڏي غضب جي گرمي ٿي ٿئي. پوءِ ڇا اتي جو هر ڪو ماڻهو ايئرڪنڊيشن هلايو ويٺو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان ۾ لائيٽ 24 ئي ڪلاڪ موجود آهي پر آهي ڪا اهڙي سستي جو هرڪو ايئرڪنڊيشنر يا سياري ۾ هيٽر هلائي. وڏا وڏا ماڻهو به ٿوري دير لاءِ ايئرڪنڊيشنر هلائڻ لاءِ ٻه ٻه دفعا سوچين ٿا. ۽ ننڍي هوندي ئي اهڙي ڏکي زندگي گذارڻ جا عادي هجڻ ڪري هو آفريڪا جي گرم ملڪن ۾ به ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ يورپ جي سرد راتين ۾ به. اسان وٽ ڪنڍا سسٽم ذريعي چوريءَ جي لائيٽ ۾ هرڪو ايئرڪنڊيشن هلائڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون عادتون خراب ڪريو ڇڏي. بهرحال هاڻ ته لائيٽ جو اهڙو بحران پيدا ٿي ويو آهي جو پنکي هلائڻ لاءِ به پيو سڪجي ... نه ته چار پنج سال اڳ دادو جو هڪ همراهه ٻڌائي رهيو هو ته دادو ۾ هو في ايئرڪنڊيشن جا رشوت طور فقط ٻه هزار رپيا لائين مئن کي ڏيندو آهي ۽ پوءِ ڏينهن رات ايئرڪنڊيشن مفت ۾ (يعني چوري جي لائيٽ ۾) پيو هلي.
    اسان پيٽارو وارا اهڙن موقعن تي پنهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جو مثال ڏيندا آهيون جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ هو. فئڪٽرين جو مالڪ هجڻ کان علاوه هن جو پيءُ هڪ وڏي عهدي تي هو. هن جي پيءُ پنهنجي پٽ کي گهر ۾ رکڻ بدران ڪئڊٽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ ان ڪري رکيو ته جيئن هو گهر جي عياشيءَ بدران هاسٽل جي ٽف لائيف جو عادي ٿئي. مال مليدا کائڻ بدران ڪاليج جي ميس جا سڪل نان کائي..... ۽ پاڻ کان وڏن ماڻهن جي ٻارن کي ائين گذر ڪندو ڏسي پاڻ وڌيڪَ سادگي ۽ ماءُ پيءُ کان پري بنا لاڏ واري زندگي گذارڻ جو عادي ٿئي.

    هونءَ جي يارو سچي ڳالهه پڇو ته پيٽارو جي هاسٽل جي ڪمرن ۾ پکا هجڻ جي باوجود اسان شاگرد اونهاري ۾ رات جو ٻاهر کٽون ڪڍي سمهندا هئاسين ۽ اونهاري ۾ پيٽارو جون ڇا ته ٿڌيون هوادار راتيون ٿين ٿيون. خبر ناهي زندگي ڪهڙن ڪهڙن ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ گذري پر ڪٿي به پيٽارو جي راتين جي راحت نه ملي. منهجي خيال ۾ ڄامشورو جي به ساڳي آب هوا آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهي ويل شاگرد پڻ اتي جي راتين کي مون وانگر ياد ڪندا هوندا.
    بهرحال دنيا ۽ ان جون حالتون وڃي ڪٿي پهتيون آهن .... نوڪرين ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڏينهون ڏينهن competition وڌندي وڃي پر اسان جو نوجوان آهي سو ڇوڪرين وارا نخرا پيو ڪري. اسان وٽ جهازي نوڪرين ۾ به جتي گهمڻ ڦرڻ ۽ جهاز تي 5 اسٽار هوٽل واري رهائش آهي اتي زندگي به سخت ترين آهي ۽ سمنڊ تي درپيش ٿيندڙ حادثن، طوفانن ۽ بگڙيل سمنڊن جو مقابلو مرد ماڻهو ۽ پنهنجي پروفيشن جي اعليٰ ڄاڻ رکندڙ ئي ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جو ذهني ۽ جسماني طرح مضبوط هجڻ به ضروري آهي جيئن آفريڪا جي گرمين ۽ مڇريل سمنڊن تي توڙي يورپ جي برفاني ۽ اونداهين ٿڌين راتين ۾ هو نه فقط ڪجهه ڪلاڪ پر امرجنسين ۾ سڄو سڄو ڏينهن پيرن تي بيهي جهاز کي ڪنهن دڳ لڳائي سگهن. ان ڪري ته اسان وٽ ايندڙ نئين ڪئڊٽ کي پهرين ڏينهن ئي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته: Sea life is not a bed of roses پڙهايو ته مون ملائيشيا، سنگاپور، انڊيا ۽ سريلنڪا، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ به پڙهايو آهي پر اسان وٽ پاڪستان ۾ ڏسان پيو ته اسانجا ڪي ڪي نوجوان عجيب نخريلا آهن ۽ لڳي ٿو ته ڪجهه وڌيڪَ ئي لاڏ ڪوڏ ۾ پليا آهن. ان قسم جا شاگرد ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ته بي سرا سوال ڪندا آهن جن مان سندن نازڪپڻي ۽ ڊيڄوڙي جو اظهار ٿيندو آهي ۽ پوءِ آئون به هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ کين شرمائڻ خاطر اڪثر هي شعر ٻڌائيندو آهيان ته:

    فرش مخمل په ميري پائون ڇلي جاتي هين
    ڪيلا کاني سي ميري دانت هلي جاتي هين

    اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي نخرن کي ڏسي اسان جي ملڪ جا ڪيترا جهازن جا مالڪ جن جون جهازراني جون ڪمپنيون هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن پنهنجن هم وطنين کي نوڪري ڏيڻ بدران بنگلاديشي، سريلنڪن ۽ سائوٿ انڊين نوجوانن کي پنهنجن جهازن تي نوڪري ڏيڻ ۾ وڌيڪَ عافيت سمجھن ٿا.


    اسان لاءِ ولايت ۾ نوڪري ڇو ناهي؟

    سڀ کان پهرين اها ڳالهه ته اسان وٽ گهڻن جي اها سوچ آهي ته ولايت ۾ بي انتها نوڪريون ۽ ڌنڌا آهن.... ڄڻ اتي هر آفيس ۾ ۽ هر ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي وڏي کوٽ آهي ۽ هو آتا آهن ته ڌارين ملڪن جا ماڻهو اهي جايون اچي پُر ڪن. اها خام خيالي جي ڳالهه سوچي اسان جا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته بس رڳو ڪنهن نموني سان سفر جو بندوبست ٿي وڃي پوءِ ڪوالالمپور، سنگاپور، هانگ ڪانگ يا ٻئي پاسي دبئي جده يا لنڊن ۽ استنبول جي هوائي اڏن تي پهچڻ سان هنن کي نوڪري جو پروانو ملي ويندو ۽ مختلف ڪمپنين وارا هن کي پاڻ وٽ هلي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندا.
    حقيقت ۾ اهڙي ڪا ڪهاڻي ناهي. خاص ڪري اڄ جي دور ۾ هر ملڪ جي هر شهر ۾ ڌارين ملڪن کان آيل اميگرنٽس کان وٺي ڪيترائي مڪاني ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ ڦرندا رهن ٿا. فقط هڪ اهڙو دور آيو هو.... هي گذريل صدي جي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن عرب دنيا ۾ پيٽرول جي ڪري بي انتها ناڻو اچي ويو هو ۽ دبئي ۽ دوحا کان ڪويت ۽ سعودي تائين ڪنسٽرڪشن جا ڪم شروع ٿي ويا هئا.... ان لاءِ انجنيئر، ڊاڪٽر، مڪينڪ، مستري، دوڪاندارن ويندي نوڪرن چاڪرن، بورچي ڊرائيورن جي تمام گهڻي ضرورت پيدا ٿي پئي ۽ پوءِ اسانجا عرب جيڪي هاڻ اسان کان به وڌيڪَ هوشيار ٿي ويا آهن تن هر هڪ کي وڏا پگهار پئي ڏنا. پاڪستان ۾ اچي ماڻهو رڪروٽ ڪندا هئا ۽ ڪي ته پاڻهي اتي پهچي ويندا هئا ۽ هنن لاءِ هر قسم جي نوڪري هڪي تڪي رکي هئي. پر اڄ ڏسو ته هر عرب ملڪ ۾ اسان جا سوين مزدور ۽ پڙهيل ڳڙهيل اتي جي شهرن جي چوراهن تي انتظار پيا ڪن ته من ڪو اڌ ڏهاڙيءَ تي به ڪو کانئن پورهيو ڪرائي جيئن پيٽ ته ڀري سگهن.
    اڄ ڪلهه اهو ئي حال ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ملڪن جو آهي. مثال طور: اسان جي جهازراني جي فيلڊ کي ڏسو. سٺ واري ڏهي ۾ اسان جيئن ئي گرئجوئيشن ڪئي ته پنهنجي ملڪ جون جهازران ڪمپنيون الڳ منٿون ڪرڻ لڳيون ته ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن جون الڳ. اهو ان ڪري جو جنهن تنهن ملڪ جهاز ته خريد ڪيا پئي پر انهن کي هلائڻ وارا نه پئي مليا. انهن ڏينهن ۾ ايشيا ۾ مئرين اڪيڊميون فقط ٽن ملڪن ۾ هيون: روس، انڊيا ۽ پاڪستان.... جن مان جهاز هلائڻ وارا نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ٿي نڪتا. پر اڄ هر ملڪ کي هڪ يا ٻه مئرين اڪيڊميون آهن جن مان سندن لوڪل نوجوان تعليم حاصل ڪري نڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پنهنجن جهازن تي کپائڻ به مسئلو ٿي پيو آهي..... ڇو جو ڏينهون ڏينهن پاڻيءَ جي جهازن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي. گهڻي ڀاڱي مُسافر ۽ مال هوائي جهازن راستي پهچايو وڃي ٿو.
    بهرحال اهڙين حالتن هوندي به اسان جي ماڻهن کي ڌارين ملڪن ۾ گهرايو وڃي ٿو. يعني ڪيترا خوش نصيب ولايت ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. اهي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ هي اهي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، آهن جن ڪنهن خاص سبجيڪٽ جي اهڙي برانچ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي آهي جيڪو سبجيڪٽ ڏکيو ۽ خاص قسم جو آهي ۽ جنهن جي سخت گهرج آهي ۽ جنهن سبجيڪٽ ۾ ان ڌارئين ملڪ جو ورلي ڪو ماڻهو آهي. شهدادپور جو هڪ همراهه ملائيشيا ۾ مليو. هُو Ph.D ڪري رهيو ته هن کي اتي تعليم دوران ئي نوڪري ملي وئي.... اهو ان ڪري جو هو ڪنهن خاص قسم جي مڇي تي ريسرچ ڪري رهيو هو. هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سنڌ جو ائناٽامي پروفيسر مليو هن ٻڌايو ته ائناٽامي اهڙو سبجيڪٽ آهي جنهن ۾ وڌيڪَ پڙهڻ کان هر ڊاڪٽر لنوائي ٿو ۽ هنن کي اهڙي پروفيسر جي سخت ضرورت هئي. تازو اسان جي هڪ دوست ڪامريڊ روچي رام جي پٽ ڊاڪٽر نيل ڪنٺ کي ملائيشيا جي هڪ اعليٰ قسم جي يونيورسٽي ۾ پروفيسري ملي وئي جو هو ٻارن جي بيماري جو ماهر ڊاڪٽر آهي. ڊِاڪٽر نيل ڪنٺ چيو ته هن کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ رهڻ پسند آهي “پر آئون کانئن ڪجهه وڌيڪَ پگهار جي گُهرَ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان علاوه ايندڙ مهيني ڀائٽيءَ جي شادي ٿي رهي آهي ان ڪري آئون مهينو دير سان join ڪرڻ چاهيان ٿو.”
    مون سمجھايو مانس ته اهي ڪم خيال سان ڪجانءِ ۽ بهتر آهي يڪدم هليو وڃ ۽ هي سال ان پگهار تي ئي راضي ٿي ڪم ڪري پوءِ وڌائڻ لاءِ چئجان جو تنهنجي دير سان وڃڻ ۽ پگهار وڌائڻ تي هو اهو جاب ڪنهن ٻئي کي نه ڏئي ڇڏين. ڇو جو نوڪري ڏيڻ وارا به هوشيار ٿين ٿا. هو هڪ بدران ٻه ٽي ماڻهو نظر ۾ رکن ٿا جيئن هڪ نوڪري لاءِ راضي نه ٿئي ته ٻئي کي يڪدم گهرائي وٺجي.
    ڪجهه عرصو آئون ملائيشيا جي سليڪشن بورڊ ۾ رهيس ۽ مون ڏٺو ته نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وارن ۾ اسانجي ماڻهن کان ٻيا تيز ثابت ٿين ٿا. اسانجو ماڻهو نه انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه سمجي ٿو. ان جي مقابلي ۾ سري لنڪن، ڏکڻ انديا جا تامل ويندي بنگلاديش جا اميدوار انگريزي ڳالهائڻ ۾ بيحد تيز آهن ۽ پنهنجي ڦر ڦر (fluent) انگريزيءَ ڪري ٻين کي impress ڪريو وجھن. ان کان علاوه انهن ملڪن جا، خاص ڪري انڊيا جا، پنهنجي سبجيڪٽ کان علاوه ٻين شين ۾ به هوشيار ٿين ٿا جن ڪري انهن کي وڌيڪَ ترجيح ملي ٿي. هڪ دفعي انڊيا، سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڊاڪٽرن مان ٻه کڻڻا هئا. مون ڏٺو ته ٻئي انڊين چونڊيا ويا.... ان ڪري جو هنن کي ڪمپيوٽر جو ڪم (پروگرامنگ) ۽ ملئي زبان به آئي ٿي. چونڊ واري پينل تي ويٺل ملئي آفيسرن يڪراءِ انڊيا جي انهن همراهن کي چونڊيو. اهو ئي سبب آهي جو آئون ڊاڪٽري يا انجنيئري پڙهڻ وارن کي اهو ئي مشورو ڏيندو آهيان ته پنهنجي سبجيڪٽ کان علاوه ٻيون به ڳالهيون سکو.... خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏهن گرئجوئيشن بعد توهان واندا آهيو ۽ اڃان نوڪري نه ملي آهي. خاص ڪري عربي ۽ ملئي جهڙيون زبانون سکي وٺجن جو عربي اچڻ ڪري توهان عرب ملڪن ۾ فائدي ۾ رهي سگهو ٿا. ملئي زبان به ملائيشيا کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپائين ۽ ٿائلنڊ جي ڏاکڻن حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
    ولايت جا ملڪ توهان کي نوڪري ڏيڻ يعني گهڻو پگهار ڏيڻ تي توهان مان ڪم به گهڻو وٺڻ چاهين ٿا. ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ رهيا آهن ۽ هنن جي ذهن ۾ نوڪري معنيٰ پورهيو نه پر آرام ڪرڻ آهي ۽ اهي جيڪي ڪم “نه ڪرڻ” جا عادي ٿي ويا انهن لاءِ ٻاهرن ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. هو هر وقت ڪم کان ڪيٻائيندا رهن ٿا ۽ نوڪري ڏيڻ وارو به اهو سوچيندو رهي ٿو ته هن هڏ حرام کي پهرين فرصت ۾ واپس ڪجي.
    هونءَ منهنجو ڪو اهو مطلب ناهي ته ولايت ۾ نوڪري نه ڪجي. هن بيروزگاري جي عالم ۾ جِتي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ڪيترائي مڪاني ماڻهو بيروزگار ٿيو پيا هلن اتي جي اسان جي ماڻهوءَ کي ولايت ۾ ڊاڪٽري، انجنيري، پروفيسري يا ويندي ڪو ٽيڪنيڪل پورهيو سٺي پگهار تي مليو ٿو وڃي ته ضرور ڪري پر اهو به ياد رکڻ کپي ته جيڪو نوڪري ڏئي ٿو يعني پگهار ڏئي ٿو اهو توهان مان ڪم جي به اميد رکي ٿو. اسان جي ماڻهن لاءِ عربن توڙي هيڏانهن ملائيشيا ۽ جپان وارن کي گهڻي ڀاڱي اها ئي شڪايت آهي ته پاڪستاني چڱي طرح ڊيوٽي نٿا ڏين...... موڪلون ڪن ٿا..... گسائين ٿا.... يا ڳالهه ڳالهه تي غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا...... سعودي عرب واري سفرنامي “اي روڊ ٽُو مدينا” ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن عرب مالڪ سندس ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني ورڪرن مان ناخوش هو جو حج جي ڏينهن ۾ هو سندس اجازت بنا موڪلون ڪري غير قانوني طرح حج ڪرڻ هليا ويندا هئا. ۽ هو اها به شڪايت ڪري رهيو هو ته اسانجي ماڻهن جا هر وقت مهمان ايندا رهن ٿا جن سان ڊيوٽي ٽائيم ۾ ملڻ يا انهن کي گهمائڻ لاءِ گسائيندا رهن ٿا. ساڳي وقت انڊين، ڪورين ۽ فلپينو ورڪر هر وقت ڪم ۾ مشغول رهن ٿا. موڪل واري ڏينهن تي آرام ڪن ٿا جيئن ٻئي ڏينهن ڊيوٽي لاءِ تازا توانا ٿي پهچن. اهو ئي سبب آهي جو آئون ڌارين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙن کي اها ئي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته هو پوري ڌيان ۽ محنت سان ان مالڪ جو ڪم ڪن جيڪو کين پگهار ڏئي ٿو. ويجھڙائيءَ ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽر کي سنگاپور ۾ نوڪري ملي ته هو في الحال اڪيلي سر اچي join ڪري ان بعد سندس فئملي کي گهرائڻ جو به بندوبست ڪيو ويندو. پر هي انهن سان بضد هو ته سندس زال ۽ ٻارن کي به هينئر گهرايو وڃي ۽ سندس ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول جو ڇا بندوبست آهي ۽ گهر ڪٿي هوندو .... وغيره وغيره. مون کيس سمجهايو ته هنن پنهنجو مسئلو حل ڪرڻا لاءِ توکي نوڪري ڏني آهي پر تون ماڳهين پنهنجا مسئلا کڻي وهندين ته هو بيزار ٿي پوندا ۽ هو توکي ڇڏي ڪنهن انڊين، بنگلاديشي يا ٻي ڪنهن کي جاب ڏئي ڇڏيندا. هونءَ به تنهنجي حق ۾ به اهو بهتر آهي ته پهرين اڪيلي سر وڃي پوري ڌيان سان هنن جو ڪم معلوم ڪر ۽ هنن جي اصولن موجب شروع ڪر ۽ ان دوران گهر ۽ اسڪول جي ڳولا ڪري پوءِ مهيني ٻن بعد فئملي کي گهراءِ. هڪ ئي وقت فئملي سان پهچندين ته تون به منجھي پوندين ته آيا نئين مليل جاب جي سڌ سماءَ رکجي يا ٻارن جو خيال ڪجي.
    ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسانجا پاڪستاني رهن ٿا جن کي نه فقط انهن ملڪن جو پاسپورٽ مليل آهي يعني اتي جا شهري آهن پر هنن جا وڏا ڪاروبار ۽ ڪارخانا آهن جن ۾ هو ايشيا ۽ آفريڪا جا ماڻهو گهرائي روزگار سان لڳائين ٿا پر مون ڏٺو آهي ته اسان جي ملڪ جا اهي ماڻهو پنهنجن ڪارخانن يا ڪمپنين ۾ پنهنجي هم وطنين کي جاب ڏيڻ کان لهرائين ٿا. هنن کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ٻه اهم شڪايتون آهن ته اهي محنتي نه آهن يعني ڊيوٽي يا پورهئي مزدوري کان ڪيٻائين ٿا. دل لڳائي ڪم نٿا ڪن جيئن مالڪ کي فائدو رسي ۽ ٻي ڳالهه سندن خراب attitude آهي. هو ڳالهه ڳالهه تي بگڙجيو پون. صحيح طرح ڪم نه ڪندا يا سندن غلطي جي نشاندهي ڪرڻ سان هو اها سکڻ بدران ناراض ٿيو وڃن. ان جاءِ تي بنگالي يا انڊين..... ويندي ڪورين ۽ فلپينو به نئڙت سان هلن ٿا ... humble ٿي رهن ٿا. پنهنجي هڪ ملائيشيا واري سفرنامي “ملائيشيا 12 سالن بعد” ۾ لاهور جي نرسن جو احوال لکي چڪو آهيان ته هنن جي رهائش جو بندوبست اسپتال سان لاڳو فلئٽن ۾ ڪيو ويو جيئن کين پري ۽ پنهنجي رهائش جي ڳولا ۽ تڪليف نه ڪرڻي پوي ۽ هنن کي اهي به احڪامات مليل هئا ته رات جو گهمڻ ڦرڻ نه نڪرن ۽ ڏهين يارهين تائين سمهي رهن جيئن هو ٻي ڏينهن ڊيوٽي تي اچن ته فريش حالت ۾ هجن. پر پوءِ ڇا ٿيو جو هو رات جو دير تائين رلڻ ۽ ڌارين مردن سان دوستيون ڪرڻ لڳيون ۽ ڊيوٽي ۾ صحيح ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪرڻ تي اسپتال جي مالڪ هنن کي سمجھايو ته سندن ان ڇڙواڳيءَ ڪري پيچيدگيون پيدا ٿي پونديون ... پر هنن هن جي ڳالهه هينئن سان هنڊائڻ بدران کڻي هڙتالَ ڪئي ته اسان نوڪري نه ڪنديونسين ۽ ڪوالالمپور ۾ پاڪستاني سفارتخاني اڳيان اچي ڌرڻو هنيائون ته اسان کي واپس وطن موڪليو وڃي. سفارتخاني لاءِ به عجيب صورت پيدا ٿي پئي ته هڪ ته مس مس ڏهه ٻارنهن ڄڻين کي سٺي پگهار سان نوڪري ملي ... هاڻ هو ڪانٽرئڪٽ جي خلاف ختم پيون ڪن. هنن کي مڪاني حڪومت اڳيان به شرمندگي ٿي جن ڀاڙا ڏئي هنن کي ٽن سالن جي ٺيڪي تي گهرايو هو ۽ هاڻ هو ٻن مهينن بعد contract کي رد ڪري موٽن پيون. هنن جي واپسي جي ٽڪيٽ ڪير ڀريندو ۽ اچڻ وارو ملائيشيا جي حڪومت جو ڀاڙو ڪير موٽائيندو جو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪيل ڪورٽ جي ڪاغذن تي contract ملائيشيا وارن نه پر اسان جي ماڻهن ڀڳو آهي..... پوءِ اهو مسئلو خبر ناهي ڪيئن حل ٿيو. ملائيشيا حڪومت يڪدم انڊيا مان نرسون گهرايون جيڪي اڃان تائين ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن کان علاوه انڊيا کان اسپتال جي ڪم لاءِ ٻيو عملو به گهرايو ويو.....
    سو ڳالهه اها آهي ته غلط attitude ڪري اسان پنهنجي نوڪري ۽ روزگار ته ختم ڪريو ڇڏيون پر ٻين پاڪستانين جي روزگار کي به ٻنجو ڏياريو ڇڏيون.
    ساڳيو حالُ اسانجي شاگردن جو آهي جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ ولايت ۾ اچن ٿا خاص ڪري اهي جيڪي ڪچڙي ذهن وارا بنيادي تعليم لاءِ اچن ٿا. هو فرسٽ ييئر ۽ انٽر ۾ محنت ڪري ملڪ جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ بدران ائين ئي هيٺين ڪلاس ۾ پاس ٿين ٿا ۽ پوءِ اتي جي پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ تي فلپين ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ وڃن ٿا جِتي هنن جا مائٽ ڳريون فيون ڏئي هنن کي جهڙن تهڙن ڪاليجن ۾ داخلا وٺرايو ڏين جو بهرحال اتي به سٺن ۽ ناموس وارن ڪاليجن ۾ انهن کي داخلا ملي ٿي جيڪي انٽر ۾ مٿاهون درجو کڻن ٿا. هڪ اهڙو پيءُ پنهنجي”B” ڊويزن ۾ انٽر پاس ڪرڻ واري پٽ کي چين موڪلڻ لاءِ مونکان صلاح ورتي.
    “سرڪاري ميڊيڪل ڪاليج ۾ کيس داخلا نٿي ملي ته هن کي بقائي، اسرا، سر سيد جهڙن خانگي ڪاليجن ۾ ئي داخلا وٺي ڏيو جو هو گهٽ ۾ گهٽ توهانجي نظرن هيٺ ته هوندو. هن عمر ۾ کيس ٻاهر نه موڪليو ته سٺو.” پر هن ڇوڪري جو والد اهو ئي چوندو رهيو ته ڇا ڪريان ڇوڪري کي ولايت ۾ پڙهڻ جو شوق آهي.
    ۽ پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو مائٽن جي نظرن کان ڏور رهندڙ ڪچي عمر ۽ ڪچي ذهن جي هنن شاگردن جي ڪنهن لوفر ٽائيپ هم وطني يا مڪاني شاگرد سان دوستي ٿيو ٿي وڃي ته پوءِ پڙهايون ڇٽيون ماڳهين هو پنهنجون عادتون خراب ڪريو وهن. مائٽن جي نظرن کان دوران قسم جي انٽر پاس ڇوڪرن کي ڌارين ملڪن ۾ رلندو پنندو ۽ وقت ضايع ڪندو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو اٿم ته مائٽ ڪيڏو غلط ڪن ٿا. مئٽرڪ کان انٽر تائين سختي ڪري شاگرد کي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرائڻ بدران ائين ئي ڌارئين ملڪ ۽ اوپري ماحول ۾ موڪليو ڇڏين. ڌارئين ملڪ ۾ پڙهڻ جو ته تڏهن charm آهي جڏهن توهان ڪنهن فيلڊ (انجنيري، ڊاڪٽري، IT يا سائنس) ۾ اعليٰ درجي سان گرئجوئيشن (M.Sc) ڪريو ۽ پوءِ توهان کي Ph.D ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي وڃي. ۽ اها ئي عمر ۽ اها ئي تعليم فائدي واري ثابت ٿي ٿئي.


    آئون صلاح نه ڏيندس....

    مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري توهان پنهنجي توڙي ڌارين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح هڪ GP3 ڪورس جو به اشتهار ايندو آهي ته “ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي هيڏي ڳري پگهار جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.”
    بلڪل صحيح آهي. ان ۾ ڪوڙ تر جيترو به نه آهي. تمام دلڪش ۽ وڻندڙ اشتهار آهي. ڪيترائي شاگرد... خاص ڪري ڏڏ شاگرد، جن ڇڪي تاڻي مئٽرڪ ڪئي آهي ۽ جن لاءِ انٽر سائنس ڪري ڪنهن انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ محال آهي... اهي ۽ انهن جا والدين اهو ئي سوچيندا ته GP3 (جي پي ٿري) جو ڪورس ڪري جهاز تي نوڪري ڪرڻ کان ٻي ڪهڙي بهتر ڳالهه ٿي سگهي ٿي .... جهاز تي ماني ٽڪي ۽ رهائش مفت. ڳري پگهار کان علاوه دنيا گهمڻ جا موقعا الڳ....! هڪ شاگرد ان قسم جو اشتهار پڙهي خيرپور کان مونکي فون ڪيو ته هن کي ان بابت منهنجو مشورو کپي ته آيا هو چاليهه هزار في ڀري ڪراچي ۾ اچي جهازن جي نوڪري وارو اهو GP3 وارو ڪورس ڪري يا نه؟
    جواب ۾ مون صلاح ڏنس ته “هرگز نه.”
    منهنجي ان جواب تي ته سڀ پڙهندڙ حيران ٿيندا هوندا ۽ خيرپور جي هن ڇوڪري کان به رڙ نڪري وئي ته سائين توهان جهازن جي نوڪري ڪندڙ ٿي ڪري اسان کي منع ٿا ڪريو!.... وغيره وغيره.
    يقين ڪريو ته مٿين قسم جو سوال گذريل ڏهاڪو سالن ۾ خبر ناهي سنڌ جا ڪيترا شاگرد مونکان فون تي يا email ذريعي يا فيس بڪ تي پڇي چڪا آهن ۽ مونکي پڪ آهي ته ان کان وڏو انگ انهن جو هوندو جيڪي اهو ساڳيو سوال پڇڻ چاهيندا هوندا پر هنن وٽ منهنجو فون نمبر يا ٻيو ڪو contact ناهي. ان ڳالهه جو سوچي اڄ هن تفصيلي مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم جيئن منهنجي هيءَ ڳالهه يا سوچ ٻين لاءِ رهنمائي ثابت ٿي سگهي ۽ پوءِ هو پاڻ فيصلو ڪري سگهن.
    پهرين ڳالهه ته GP ڇا آهي؟ اهو مخفف آهي جنرل پرپز جو. پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ لاءِ هڪڙا آفيسر ٿين ٿا جن ۾ پنج ڇهه ڪئپٽن کان ڪئڊٽ تائين نيويگيٽر ٿين. اهڙي طرح ڇهه ست مئرين انجنيئر ٿين ٿا جن ۾ چيف انجنيئرن کان جونئر انجنيئر تائين اچي وڃن ٿا. انهن کان علاوه سندن مدد لاءِ ۽ جهاز جي مختلف ڪمن: رسا ڇڪڻ، طوفانن ۾ اسٽيرنگ ويل کي جھلي بيهڻ، انجڻ روم ۾ مشينن کي صاف ڪرڻ ۽ تيل ۽ گريز ڏيڻ، ۽ رنگ روغن ڪرڻ لاءِ جيڪي ورڪر (خلاصي) ٿين ٿا اهي GP سڏجن ٿا. اڳئين دور ۾ يعني گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهي تائين جڏهن اڃان جهاز اڄ جهڙا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ نه ٿيا هئا ته هر جهاز تي آفيسر ۽ خلاصين جو تعداد ڪافي وڏو هوندو هو... ايتريقدر جو ايم وي چناب ۽ ايم وي سرفراز رفيقي جهڙن 25 هزار ٽنن وارن جهازن تي جن جو آئون چيف انجنيئر هوس، ڪئپٽن کان ٽوپس (جهاز جي ڀنگيءَ) تائين ستر کن ماڻهو هوندا هئا. پوءِ 1980ع ۾ جپان کان پهريون آٽوميٽڪ جهاز خريد ڪيوسين ته ان تي جملي 40 کن ماڻهو هئاسين جيڪي پڻ هڪ 25 هزار ٽن واري جهاز لاءِ وڏو عملو هو جو هاڻ ته هڪ لک ٽن واري جهاز تي به 30 کن ماڻهو ڪافي سمجھيا وڃن ٿا.
    ستر واري ڏهي تائين، يعني مالاڪنڊ نالي جهاز کان اڳ تائين، آئون جن به جهازن تي رهيس ان تي انجڻ روم ۾ اسان جي مدد ۽ انجڻين جي صفائي لاءِ الڳ ماڻهو هوندا هئا ته ڊيڪ لاءِ الڳ ... جن ڊيڪ آفيسرن (ڪئپٽن، چيف ميٽ کان ڪئڊٽ تائين نيويگيشن آفيسرن) جي ماتحت رسا ڇڪڻ، رنگ روغن ڪرڻ ۽ ٻيا ڪم ڪيا ٿي. انجڻ روم ۾ انهن ڪم ڪندڙن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي “تيل وارا” هوندا هئا ۽ جهاز جي وڏي ۽ پراڻي موجب.... يعني ان تي هلندڙ مرمت ۽ maintenance جي ڪم مطابق چار، پنج يا اڃان به وڌيڪَ ڪم ڪرڻ وارا رکيا ويا ٿي جيڪي “آگ وارا” سڏبا هئا. انهن آگ وارن (Firemen) ۽ تيل وارن (oil men & Greasers) مٿان جيڪو انچارج يا ڪمدار هوندو هو اهو سرنگ سڏبو هو. اهو به شڪر جو ڊيزل جا جهاز ٿيڻ ڪري گهڻن بئالرن جي ضرور نٿي پئي جو جهاز جي مين انجڻ جا پسٽن ٻاڦ زريعي هيٺ مٿي ٿيڻ بدران ڊئريڪٽ فيول سان ٿيا ٿي. هينئر جهاز تي جيڪو هڪ يا ٻه ننڍا بئالر هلن ٿا اهي پڻ تيل تي ٻرن ٿا نه ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان پڙهندا هئاسين يعني سٺ واري ڏهي جي شروع وارن سالن تائين بئالرن جي کوري (فرنيس) ۾ ڪوئلو وجھي ساڙيو ويو ٿي جنهن لاءِ جهاز تي ٽي چار ماڻهو وڌيڪَ هوندا هئا.
    جهاز جا باٿ روم صاف ڪرڻ لاءِ ٽي چار ٽوپس (ڀنگي) هوندا هئا. ظاهر آهي وڏي عملي ڪري بورچي خاني جو عملو به وڏو هوندو هو.... ٽي کن بورچي، ٻه کن ڀنڍاري (ڀاچي ڪٽڻ وارا)، ڇهه ست بئرا (کاڌو سَروِ ڪرڻ وارا)، انهن جو انچارج پئنٽري مئن وغيره هوندا هئا. انهن سڀني جي چونڊ فقط سندن ڪم جي ڄاڻَ تي ٿيندي هئي ۽ گهڻو ڪري جهاز جو مالڪ پنهنجي مرضي مُطابق نوڪريون ڏيندو هو ۽ جهاز تي سفر ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سرڪاري شپنگ آفيس انهن کي CDC (پاسپورٽ نموني جو ڪِتاب) جاري ڪندي هئي.
    جهازن کي حادثن کان بچائڻ، جهاز تي ڪم ڪندڙ انسانن جي سلامتي ۽ دنيا جي سمنڊن کي گدلي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ستر واري ڏهي ۾ UNO جي جهاز سان واسطو رکندڙ برانچ IMO جهازن ۽ سمنڊن بابت سخت قاعدا قانون ٺاهيا.... انهن ۾ اهو به شامل ٿيو ته جهاز جي انجن روم ۽ ڊيڪ لاءِ الڳ الڳ ڪم وارا رکڻ بدران عام طرح رکبا جيڪي جِتي به ضرورت پئي ته اتي ڪم ڪندا ... يعني اهي عام مقصد (جنرل پرپز) لاءِ هوندا ۽ آگ وارا، تيل وارا، خلاصي، ڀنڊاري وغيره سڏجڻ بدران GP سڏبا، ٻي ڳالهه ته هنن مان هر هڪ مئٽرڪ پاس ضرور هجي ۽ جهاز تي G.P ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي ڇهه کن مهينن جو ڪورس ڪري ان جو امتحان ڏيڻ لازمي آهي جنهن ۾ ٿوري گهڻي انگريزي ۽ مئٿس جي ڄاڻ کان علاوه جهازراني سان واسطو رکندڙ هنن ٽن سبجيڪٽن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري ڪئي وئي: فائر فائيٽنگ (جنهن ۾ مختلف شين کي باهه لڳڻ تي ان کي وسائڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جا طريقا)، فرسٽ ايڊ (ميڊيڪل جي بنيادي ۽ فرسٽ ايڊ معلومات) ، Survival at sea (يعني جهاز جي ٻڏڻ وقت پنهنجو پاڻ کي ڪيئن بچائجي.... وغيره)
    بين الاقوامي طور اهو قانون پاس ٿيڻ تي پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ۾ خلاصين کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ “سي مين ٽريننگ سينٽر” سرڪاري توڙي خانگي طرح کوليا ويا ۽ نون سان گڏ جهاز تي نوڪري ڪندڙ پراڻن کي به موڪل تي لاٿو ويو ته هو مئٽرڪ ڪري پوءِ GP3 جو ڪورس پاس ڪري جهاز تي اچن. جيڪي پاس نه ڪري سگهيا انهن جو مستقل طور نوڪري واري لسٽ مان نالو ڪڍيو ويو. ڪيترن عرب ملڪن توڙي يورپ جي ملڪن ۾ ان ٽريننگ جو بندوبست شروع نه ٿيڻ تي اسانجي ملڪ جي ڪيترن نوجوانن کي جيڪي جيڪي GP3 جو ڪورس ڪندا ويا انهن کي ايران، ڪويت توڙي يونان ۽ اٽلي وغيره جي جهازن تي نوڪريون ملنديون ويون. GP3 خلاصيءَ جي ٻه اڍائي سال جهاز تي نوڪري ڪرڻ بعد ترقي ٿئي ٿي ۽ GP2 سڏجي ٿو. ان بعد هو GP1 ٿئي ٿو. يعني GP1 (جي پي ون) تجربيڪار ٿئي ٿو ۽ جي پي ٿري نئون سيکڙاٽ يا وڌ ۾ وڌ کڻي سال ڏيڍ جي تجربي وارو ٿئي ٿو. بهرحال هيءَ اسڪيم شروع ٿيندي اڄ ٽيهن کان مٿي سال اچي ٿيا آهن ۽ هاڻ هر ملڪ ۾ اتي جا نوجوان GP3 جو ڪورس ڪريو ويٺا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي هو اسانجي ملڪ انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش مان کڻڻ بدران هر ملڪ پنهنجا ماڻهو کڻي ٿو ۽ جيڪي اسان جا نوجوان اتي هئا انهن کي به GP2 ۽ GP1 هجڻ جي باوجود انهن ملڪن مان ڪڍيو ويو. هونءَ به ڏينهون ڏينهن پاڻي جي جهاز جو تعداد گهٽجي رهيو آهي. مسافر جهاز تي ڪي چند وڃي بچيا آهن. مالبردار جهاز به گهٽجي رهيا آهن جو هر ملڪ جي حڪومت چاهي ٿي ته اها ٻئي ملڪ کان چانور ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ٻيو سامان جيتري قدر گهٽ ٿي سگهي گهرائجي جو ان تي غير ملڪي ناڻو ضايع ٿئي ٿو. اڳ ۾ اسان جا جهاز جپان مان ڪارون کڻي نه فقط پاڪستان پر عرب ملڪن ۾ پهچائيندا هئا. هاڻ جپان توڙي جرمني جي هر ڪار جو، هر ملڪ ۾ ڪارخانو آهي. 1980ع تائين اسان جي ملڪ کي 80 کن جهاز هئا هاڻي ڏهه کن وڃي بچيا آهن انهن کي به ورلي ڪو امپورٽ يا ايڪسپورٽ جو سامان ٿو ملي. مونکي ياد آهي ته منهنجي ڏينهن ۾ پاڪستان کان چانورن، ڪپهه، ڌاڳي ۽ گانگٽ مڇين جا جهاز ڀرجي جپان ويا ٿي. اسان جي ڪڻڪ سعودي عرب وئي ٿي. اڄ سعودي عرب ۾ ئي ڪڻڪ ايتري ٿئي ٿي جو هو ٻين کي وڪڻڻ لاءِ تيار آهي. ملائيشيا ۽ جپان وارا پئسو بچائڻ جي چڪر ۾ سندن ملڪ جا سادا چانور کائيندا هئا پر هاڻ هو اسان جا خوشبوءِ وارا اوچا سڳداسي، باسمتي چانور گهرائڻ کان پرهيز ڪن ٿا. اسان جا جهاز جپان کان ٽي وين، واشنگ مشينن ۽ فِرجن سان ڀرجي ايندا هئا. هينئر اهي جپاني شيون لائسنس تي اسان جي ملڪ ۾ پيون ٺهن.... بلڪه پنهنجي لوڪل برانڊ جون به ٺهي رهيون آهن... سو اهڙي حالت ۾ جهاز ڌارڻ نقصان جو سودو آهي. جهاز جي ڪيترن مالڪن پنهنجو پئسو شپنگ مان ڪڍي هوٽل بزنيس ۽ ٻين شين ۾ لڳايو آهي ۽ دنيا جي سمنڊن تي جهازن جو تعداد وڃي ڏينهون ڏينهن گهٽبو .
    بهرحال جهازن جي کوٽ ڪري “نوڪريون” نه پيون نڪرن. GP3 ته ڇا GP1 به هڪ سال کن جهاز تي Sailڪرڻ بعد ٻه ٻه سال بيروزگار ويٺا آهن. اهڙي صورت ۾ هي ڪورس ۽ تعليمي درسگاهه بند ڪري سگهجن ٿا ۽ بند به ٿي وڃن ها پر عوام پُرزور مطالبو ڪيو ته تعليم ته ڏني وڃي ... ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي نوڪري به ملي وڃي .... ۽ ڪڏهن ڪڏهن واقعي ڪو فريش گرئجوئيٽ يعني “جي پي ٿري” ڀاڳ وارو آهي ته هن کي ڪنهن جهاز تي نوڪري مليو وڃي. مثال طور ڪو يورپي جهاز ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي آيو. ان جهاز جو ڪو GP سخت بيمار ٿي ڪناري جي اسپتال ۾ داخل ٿي پيو. جهاز کي ٻي ڏينهن Sail ڪرڻو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ڪو GP کپي ئي کپي. پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ رهندڙن پنهنجي ايجنٽ کي جلد از جلد ماڻهو هٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چون ٿا ۽ اهڙي صورت ۾ تازو ڪورس ڪيل GP3 کي نوڪري مليو وڃي نه ته عام صورت ۾ هر جهازران ڪمپني وٽ پنهنجن پراڻن ماڻهن جي لسٽ آهي جن کي وارو ڏيندا رهن ٿا. پر جي نئون GP کپين ٿو ته به هو GP3 بدران GP1 ڳولين ٿا جيڪو وڌيڪَ تجربو رکي ٿو. ۽ هر جهاز جو مالڪ ۽ جهاز هلائڻ وارو ڪئپٽن توڙي چيف انجنيئر چاهي ٿو ته هن جي جهاز تي پراڻو ۽ تجربيڪار ماڻهو هجي جيڪو خراب سمنڊ ۽ اوچتو آيل طوفانن ۾ ٻين تي بار ٿيڻ بدران همت ۽ پراڻي تجربي مان فائدو وٺي جهاز هلائڻ وارن لاءِ مددگار ثابت ٿئي ۽ باهه لڳڻ جهڙن حادثن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪري سگهي. ڇو جو جهاز تي تمام گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ هنن کي ڏينهن رات (ويندي آچرن تي ۽ عيد برات) سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. ڪو به جهاز جو آفيسر نه چاهيندو ته هن جو جونئر آفيسر يا ڪم ڪار ڪرائڻ وارو GP سست ۽ ناتجربيڪار هجي.... پوءِ اهو ڀلي سندن ڀائيٽو ڀاڻيجو ڇو نه هجي... ڇو جو سمنڊ تي سڀني جي زندگي داءَ تي لڳل رهي ٿي. ڪنهن هڪ جي غلطي يا سستي ڪري سڄو جهاز ۽ ان جا سوار سورن ۾ پئجي سگهن ٿا.
    بهرحال اها حقيقت آهي ته جهاز تي خلاصي جي نوڪري لاءِ GP3 جو ڪورس ڪرڻ ضروري آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هيٺين درجي جي GP يعني “جي پي ٿري” جو پگهار به چڱو خاصو ٿئي ٿو، پر سوال آهي ته جهاز ڪٿي آهن؟ ۽ نوڪريون ڪٿي آهن؟ هن وقت فقط سنڌ جا هزارين نوجوان پئسو خرچ ڪري GP3 جو ڪورس ڪريو ويٺا آهن پر ملڪي يا غير ملڪي جهاز تي ڪا ورلي جاءِ خالي ٿئي ٿي جنهن تي جي پي ون رکيو وڃي ٿو جيڪي پڻ هن وقت مارڪيٽ ۾ انيڪ ويٺا آهن!
    ڪو شايد ائين به چوي ته ملڪ جا جيڪي جهاز آهن... چند ئي سهي، انهن تي جيڪڏهن 8 کن جي پي جي ضرورت آهي ته 8 بدران 12 يا 16 رکيا وڃن جيئن ملڪ جا نوجوان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ ٻه اڍائي سال جهاز تي نوڪري ڪري گهٽ ۾ گهٽ GP2 ٿي سگهن جن لاءِ ڌارين ملڪن جي جهازن تي وري به بهتر موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا. بلڪل سٺي سوچ آهي ۽ جيڪي مالڪ جهازن جي روزانو تيل سڙڻ، بندرگاهن ۾ بيهارڻ جي في ۽ انجڻ جي مرمت تي لکها بلڪه ڪروڙها خرچ ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ ڏهه کن وڌيڪ هيلپر (GP) جن جو پگهار سڀني کان گهٽ ٿئي ٿو، رکڻ ۾ ڪهڙو عار! ۽ جهاز تي ڪيترائي فالتو ڪمرا ٿين ٿا. هڪ هڪ ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ٿي رهي سگهن ٿا ۽ ماني ٽڪي جو به ڪو خاص خرچ ناهي.
    پر اهو ڪم نا ممڪن آهي. بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي ڀلي ڪيترا به ماڻهو ۽ مهمان رهيا پيا هجن پر سمنڊ تي جهاز هلڻ وقت فقط ۽ فقط اوترا ماڻهو رهي سگهن ٿا جيترن لاءِ Boat Capacity آهي. يعني جهاز جي ٻڏڻ وقت جيترن ماڻهن جي جهاز جي ٻيڙيءَ ۾ وهڻ جي جاءِ، لائيف جئڪيٽ ۽ کاڌو پيتو مقرر ٿيل آهي. هي ائين آهي جيئن هوائي جهاز ۾ پنج ڇهه ماڻهو پٽ تي به ويهي سفر پورو ڪري سگهن ٿا پر بين الاقوامي قانون ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي، جو خدا نخواسته رستي تي موسم خراب ٿي پوي ته ٻيا ته پنهنجو پاڻ کي بيلٽ ذريعي پنهنجي سيٽ سان کڻي سوگھو ڪندا ۽ هي فالتو ماڻهو جهاز جي پاسن ۽ ڇت سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پوندا يا آڪسيجن جي کوٽ وقت مقرر مسافرن لاءِ ڇت مان ماسڪ ڪري سگهندا باقي فالتو ته مري ويندا. اهو ئي قانون بحري جهاز تي آهي. هڪ ماڻهوءَ جي موڪل ڪرڻ تي هڪ ماڻهو ئي جهاز تي چڙهي سگهي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا اشتهارن ۾ چئي وڃي ٿي ته GP3 چاهي ته محنت ڪري ڪئپٽن تائين پهچي سگهي ٿو. بلڪل صحيح آهي. پر ان لاءِ پروسيجر اهو آهي ته GP1 ٿيڻ بعد هن کي مزيد ٻه ٽي سال سمنڊ جي نوڪري ڪرڻ بعد انٽر جو امتحان، ان بعد ڪئڊٽ جو امتحان ڏئي پوءِ ڪئڊٽ جي پوسٽ تي Sail ڪرڻو پوندو. مقرر سال Sail ڪرڻ بعد ٿرڊ ميٽ، پوءِ سيڪنڊ ميٽ، پوءِ چيف ميٽ ۽ پوءِ ڪئپٽن جا امتحان ڏيڻا پوندا. سمنڊ تي هر ترقي 21 مهينا رهڻ ۽ مقرر امتحان ڏيڻ بعد ٿئي ٿي ... هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪو اهڙو قابل آهي ته پوءِ هو مئٽرڪ بعد GP3 ٿيڻ بدران ٻه سال وڌيڪَ پڙهي انٽر ڪري آفيسرن واري چونڊ يعني مئرين اڪيڊمي ۾ ٻن سالن جي ڪئڊٽن واري پڙهائي لاءِ مقابلو ڇو نٿو ڪري؟ جنهن بعد هو جهاز جو ڊئريڪٽ ڪئپٽن يا مون وانگر چيف انجنيئر ٿي سگهي ٿو. انٽر بعد منهنجي مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽ جي حيثيت سان 1963ع ۾ چونڊ پاڪستان مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ٿي هئي جيڪو هن وقت بنگلاديش جو شهر آهي.
    هونءَ ته ڏٺو وڃي ته GP3 يا GP1 ڇا هن وقت مرچنٽ نيوي جي جهازن جا 50 کن ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر به جهازن جي کوٽ ڪري بيروزگار ويٺا آهن. هي ائين آهي جيئن ڪو پائليٽ جي ڪورس پٺيان ويهه پنجويهه لک رپيا خرچ ڪرڻ بعد بيڪار ويهي رهي جو ڪٿي آهن نوڪريون؟ مون کان ته ڪو پڇي ته آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته GP3 ته ڇا مئرين انجنيئر ٿيڻ کان به بهتر آهي ته مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ وغيره جو انجنيئر ٿيڻ کپي جنهن کي جيڪڏهن ڪا سرڪاري نوڪري نه ملي ته پنهنجو ئي هڪ ننڍڙو ورڪشاپ کولي روزگار ڪمائي سگهي ٿو. مئرين انجنيئر (يعني جهاز جو انجنيئر) ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ڇا پنهنجو جهاز خريد ڪري اهو هلائي؟ هِتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته پاڻيءَ جو جهاز خريد ڪرڻ واري لاءِ اهو به ضروري ٿئي ٿو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آفيسون ٺاهي، اتي مڪاني عملو رکي جيئن جهاز اتي پهچي ته ان جي ديک ڀال ٿي سگهي. بهرحال ڪو زمانو هو... خاص ڪري گذريل صديءَ جو آخري اڌ جڏهن هيءَ ٽيڪنالاجي بُوم تي هئي... جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ مون شروع جي سفرنامي ۾ سمنڊ تي درپيش ايندڙ مشڪلاتن جو احوال لکڻ بدران ڪوڙيون سچيون ڇوڪرين جون ڳالهيون يا گهمڻ ڦرڻ جا مزا لکيا ته جيئن سنڌ صوبي جا نوجوان سامونڊي زندگي ڏي رخ رکن.... ۽ ان ۾ وڏي حد تائين ڪاميابي به نصيب ٿي ۽ نه رڳو شهرن جا پر ڳوٺن جا به انيڪ نوجوان هن فيلڊ ۾ آيا ۽ ڪيترن ته دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو جهڙوڪ اسان جي ڳوٺ جو ڪئٽپن رشيد ابڙو، دادو جو چيف مئرين انجنيئر ظهير بابر قريشي، غلام شبير ميرجت، روهڙي جو ڪئپٽن عالم شيخ، ميرپورخاص پاسي جي ڪنهن ڳوٺ جو ڪئپٽن عبداللطيف لاشاري، جيڪب آباد جو ڪئپٽن اوستو، نواب شاهه جو ڪئپٽن پيرزادو وغيره وغيره. پر هاڻ سڄي دنيا جي مرچنٽ نيوي جو حال ڏسي شاهه جو شعر ٿو ياد اچي ته:

    اڳي ائين هياس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا،
    هاڻ ائين ٿياس جو جت نه نين پاڻ سين.


    اسان وٽ هروڀرو کاڌي تي زور آهي.....

    سنڌ جي هڪ ڳوٺ جي گهر ۾ وڃان ته اتي ٻار هورلڪس پي رهيا هئا جنهن جو اشتهار اڄ ڪلهه اخبار ۽ ٽي وي تي به ايندو رهي ٿو. سندن ماءُ پيءُ کان پڇيم ته هي ڇا آهي؟ جواب ۾ هو تعريفن جون وڏيون پليون اڏڻ لڳا ته هي ولايت (ڊئنمارڪ) جو پائوڊر آهي جنهن کي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان ٻارن ۾ طاقت اچي ٿي ۽ هو پڙهائيءَ ۾ به سٺا ٿين ٿا.....
    دل ۾ چيم ته منهنجي زندگيءَ جو به وڏو حصو تعليم سان وابسته رهيو آهي پڙهائي ڪرڻ توڙي پڙهائڻ ۾ .... منهنجي تجربي ۾ پڙهائيءَ ۾ ٻار اهو ئي سٺو ٿئي ٿو جنهن کي مائٽ محنت جي عادت وجھن ٿا. هنن کي وقت ضايع ڪرڻ بدران لکڻ پڙهڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪن ٿا ۽ مٿن نظر رکن ٿا يعني هنن جي monitoring ڪن ٿا ته هو ڌيان سان لکي پڙهي رهيو آهي يا هٿ ۾ ڪِتاب اٿس نِگاهون ٽي ويءَ ڏي.
    “اسان کي ‘هورلڪس’ جهڙين شين جي ڪهـڙي ضرورت جڏهن اسان وٽ ڪڻڪ جام آهي.” مون کين چيو ۽ هو حيرت مان مونکي ڏسڻ لڳا. ان تي مون کين سمجهايو ته هورلڪس ڇا آهي؟ .... ڪڻڪ جي اٽي، کير ۽ کنڊ جو مڪسچر آهي ۽ واقعي کير ۽ ڪڻڪ ۾ وڏي طاقت آهي... خاص ڪري ڪڻڪ ۾. ۽ اها شيءِ ان ملڪ جا ٻار ڀلي کائين/پيئن .... يعني ڊئنمارڪ جا، جِتي جي ٻارن لاءِ هنن ٺاهيو آهي. اسان ڇو پيا چرين وانگر پئسو وڃايون! اسان وٽ ته ڪڻڪ جام ٿئي ٿي ۽ اڄ ڪلهه اٽي جو اگهه گهڻو آهي ته به دنيا ۾ اسان وٽ سستي ۾ سستو آهي. ۽ ان پراڻي پئڪ ٿيل دٻي جي هورلڪس کان ته تازي ڪڻڪ جي ماني ۽ کير جو ڪوپ ٻار کي ڏيو ته اهو هن لاءِ وڌيڪَ صحتمند آهي. هي هورلڪس جهڙا نخرا انهن ملڪن لاءِ آهن خاص ڪري ڊئنمارڪ، ناروي، فنلئنڊ، سئيڊن جهڙن ملڪن لاءِ جِتي اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ ٿو پوي جو ڪڻڪ ته ٺهيو پر جهڙو تهڙو اناج به پوکي نٿو سگهجي.
    اسان جڏهن جهاز کي سئيڊن يا ناروي جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ وٺي ويندا هئاسين ته اسان لاءِ کاڌي پيتي جو مسئلو نه هوندو هو. ٻي راشن سان گڏ ڪڻڪ جو اٽو ۽ چانور به ايترا کڻي ويندا هئاسي جو پنج ڇهه مهينن جي سفر بعد به بچي پون. ٽئي ويلا ڪڻڪ جو چپاتيون ۽ اڦراٽا کائيندا هئاسين. ۽ بقول اسانجي هڪ سئيڊن جي واقفڪار فئملي جي “ست رڇيون هڪ طرف ته گيهه ۾ تريل اڦراٽو ٻئي طرف!”
    البت تعليم دوران جڏهن آئون ٻه اڍائي سال فئملي سان گڏ سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو ۾ وڃي رهيو هوس ته ڪڻڪ جي اٽي حاصل ڪرڻ جي ڏاڍي پريشاني ٿيندي هئي ....خاص ڪري سياري ۾ .... ۽ سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ سيارو معنيٰ گهـٽ ۾ گهٽ اٺ مهينا کن سخت سيءُ ٿيندو هو جنهن دوران جسم ۾ چڀندڙ ٿڌيون هوائون لڳنديون هيون. عام ماڻهن کي چانور يا چپاتين بدران پٽاٽا ئي کائيندي ڏسندا هئاسين. يونيورسٽي جي ميس ۾ به مڇي جي ٻيريَ يا گوشت جي چاپ سان گڏ پٽاٽا ملندا هئا يا ڪڏهن ڪڏهن چانور. شهر ۾ هڪڙو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو جيڪو ٻن ٽن هفتن بعد ڪڏهن موراڪو کان ته ڪڏهن اسرائيل کان موسميون ۽ اٽي جا پنج پنج ڪلو وارا ٿيلها گهرائيندو هو جنهن جو اطلاع اشتهارن ذريعي ڪيو ويندو هو جيئن شهر جا ماڻهو اٽي جي شوق ۾ ان دڪان تي اچن ۽ آئي سارو ٻي به خريداري ڪن. هر گهر کي 5 ڪلو وارو هڪ ٿيلهو خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن في ماڻهو 5 ڪلو جو ٿيلهو ٿيندو هو ته ان ڏينهن آئون به يونيورسٽي مان موڪل ڪري زال سان گڏ ان دڪان اڳيان قطار ۾ اچي بيهندو هوس جو اسان کي چپاتي وڌيڪَ پسند آئي ٿي. ايئن ته شهر ۾ هڪ ايراني دڪان وارو نان به وڪڻندو هو پر اهي نان ان وقت يعني اڄ کان 25 سال کن اڳ جڏهن اسان وٽ هڪ رپئي جا ٻه نان مليا ٿي ته اتي هڪ نان 7 ڪرونن يعني ان وقت جي حِساب موجب 35 رپئي جو مليو ٿي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اهـڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي ڪيڏي کوٽ ۽ مهانگائي رهي ٿي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته چانورن ۽ ٻين شين کان وڌيڪَ طاقتور شيءِ ڪڻڪ آهي.... تڏهن ته انهن ملڪن جي ماڻهن ڪڻڪ جهڙي اناج مان اهڙيون هورلڪس جهڙيون شيون ٺاهيون آهن ۽ اهي مهانگيون ان ڪري آهن جو هنن کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوي ٿي .... ۽ اسان جهڙا بيوقوف ڪڻڪ جي هوندي سوندي هورلڪس جهڙيون شيون ڳرن اگهن تي ڊئنمارڪ جهڙن ڏورانهن ملڪن مان گهرايون ٿا. هو ڇا شاهه صاحب فرمايو آهي ته: “پاڻي مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن ....”
    سئيڊن جهڙن اتراهن ملڪن ۾ جِتي سال جا گهٽ ۾ گهٽ اٺ نو مهينا سخت سيءُ رهي ٿو ڪيترا ماڻهو قبضي جو شڪار رهن ٿا. ڇا ٿو ٿئي جو سخت سيءَ ڪري اڃ ته صفا نٿي لڳي ۽ مشغول زندگيءَ ڪري اهو به اڪثر وسريو وڃي ته اُڃ نه هوندي به ٿورو گهڻو پاڻي پيئندو رهجي. پوءِ ماڻهو ته ڇا پالتو ڪتن کي به ڪڏهن ڪڏهن چاڪليٽ کارائڻو پوي ٿو. منهنجي ڪمري جي اتراهين دريءَ جي سامهون ميونسپلٽي طرفان هڪ ٽڪنڊو پارڪ هو جِتي ڪتن جا مالڪ جن ۾ هنن ملڪن ۾ مرد گهٽ عورتون گهڻيون ٿين، ڇو جو اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ ڇوڪرين جو وڏو شوق ڪتو پالڻ هوندو آهي ۽ حڪومت جي سختيءَ ڪري هو هنن کي، يعني ڪتن کي صبح ساڻ شهر جي اهڙن مقرر ٿيل پارڪن ۾ واڪ ڪرائي هَنگائين مُٽائين. ڪتي جي دير ڪرڻ تي ۽ سخت سيءَ ۾ پاڻ کي گهڻو وقت ڏڪائڻ کان بچائڻ لاءِ، هو مجبور ٿي هنن کي چاڪليٽ کارائينديون آهن. جيڪي ظاهر آهي ڪتن ٻلن لاءِ سادا ٿين ٿا پر چاڪليٽ چاڪليٽ ٿئي ٿو ۽ جلد ئي قبضي ٽوڙيو ڇڏي. بهرحال انهن ٿڌن ملڪن ۾ چاڪليٽ کائڻ ماڻهن توڙي جانورن جي مجبوري آهي. مونکي حيرت ٿيندي آهي جڏهن گھوٽڪي، جيڪب آباد.... توڙي حيدرآباد، نوابشاهه جهڙن گرم علائقن جون مائرون اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ جڏهن ته پگهر وڃي کڙيون کڻندو آهي، پنهنجي لاڏلن ٻارن کي چاڪليٽ کارائينديون وتنديون آهن! چاڪليٽ ڪو اسانجي ملڪن جي ماڻهن جي کائڻ جي شيءِ ته نه آهي! پوءِ جڏهن ٻارن کي دست ٿيندا آهن ته ان قسم جو مائرون چاڪليٽ بند ڪرائڻ بدران ڊاڪٽرن کان دستن جي دوا وٺڻ ۾ پوريون هونديون آهن! مون هڪ ملائيشيا واري سفرنامي ۾ پنهنجي آفيس جي هڪ ڪلارڪ ڇوڪري قمريا بابت لکيو آهي ته ملئي ماڻهن کي به پئسو ايندو آهي ته رڳو زور چَٽي تي .... يعني اجايون سجايون شيون کائڻ تي هوندو اٿن! قمريا جي ٽن سالن جي سڪيلڌي پٽ جي هٿ ۾ هر وقت ڪئڊبري چاڪليٽ جي سڄي بار هوندي هئي. ٿڌن ملڪن ۾ گورا مجبوري ۾ چاڪليٽ کائين ته به هڪ ننڍڙي گُري (Piece)، اسانجي ايشيا جا پوءِ ڍاوا ماڻهو چاڪليٽ يا مٺائي به کير ڀت ڪري کائين ۽ پوءِ دست هڪ طرف ته ننڍي هوندي ڊائبٽيز ٻئي طرف! اسان واري ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي هر وقت اهو راڳ هوندو هو ته “منهنجو شهزادو وڏو ٿي MAS جو پائلٽ ٿيندو” (يعني ملائيشين ايئر لائين جو). هڪ دفعي مونتي ناراض ٿي پئي ۽ مونکي کانئس معافي وٺڻي پئي هئي. ان شهر جي چيني ڊاڪٽر ‘تَانَ بليان’ وٽ هڪ ڏينهن دوا لاءِ ويس ته قمريا به اتي موجود هئي جو اهو ڊاڪٽر اسان جي آفيس جي پئنل تي هوندو هو. منهنجي پڇڻ تي پُٽ ڏي (جنهن جي هٿ ۾ ان وقت به چاڪليٽ هو) اشارو ڪندي چيائين ته هن کي دست نٿا ڇڏين ۽ پوءِ کلندي چيائين “سر! هي وڏو ٿيندو ته توهان وانگر پاڻي جا جهاز نه هلائيندو پر MAS (ملائيشين ايئر سسٽم) جي هوائي جهازن جو پائلٽ ٿيندو. تنهن تي مون چيو مانس ته “قمريا! هي ته ضرور پائلٽ ٿيندو پر تون رڳو هن جا چاڪليٽ بند ڪر. ڇوڪر کي سڄو ڏينهن ٿي تيڪائين!”
    اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ به ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ، پيپسي، وغيره پيئڻ جي ايڏي عادت ٿي وئي آهي جو هر مهمان کي عزت بخشڻ لاءِ هو سمجھن ٿا ته ان قسم جو شربت پيارڻ ضروري آهي. ماني تي به ان جو پيئڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.... چي کاڌو هضم ٿي ڪري. ڀائي! توهانجو Digestive سسٽم جيڪڏهن قدرتي طور کاڌو هضم نٿو ڪري تو پوءِ ايترو گهڻو ۽ ڳرو کاڌو کائي هن کي ايڏو Over Loaded ڇو ٿا ڪريو؟ پنهنجو پاڻ تي ڇو ٿا ايڏو ظلم ڪيو. اهو ته ائين ٿيو ته هروڀرو جسم تي هئڊ هڻائڻ لاءِ ڏنڊا کائڻا آهن! سو هروڀرو کائڻو ضرور آهي.... گيهه ۽ مرچ مسالن واريون شيون به ضرور کائڻيون آهن پوءِ ڀلي ان جي مٿان بوتل پيئجي يا هاجمولا جهڙيون کاڌو هضم ڪندڙ گوريون کائجن. ۽ انهن شين جو وري بار بار ٽي وي تي به اشتهار ايندو رهي ٿو.... اهو نه ته overeating نه ڪريو جنهن لاءِ اسلام ۾ به منع آهي. هونءَ به ڪوڪا ڪولا جهڙا مشروب صحت لاءِ ڪي سٺا ته نه آهن جيڪي جسم جو ڪئلشيم سڪايو ڇڏين ۽ اسان جا ڏند ۽ هڏا ڀُرڪڻا ٿيو پون. ولايت ۾ گهر جو گٽر چوڪ ٿيڻ تي امرجنسي ۾ پيپسي وغيره جي سڄي بوتل هاري گٽر کوليو وڃي ٿو! ڪوڪاڪولا وغيره جا مالڪ سئيڊن جا آهن پر اتي جي حڪومت انهن شربتن کي ڄاڻي واڻي تمام گهڻو مهانگو رکيو آهي جيئن ان کي پيئڻ کان ماڻهو دل شڪستا رهن. اسان وٽ شادين مرادين ۾ اڪثر ماڻهن کي ڏسندو آهيان ته پنهنجي ٻارن کي هڪ بوتل پياري وري ٻي پيا ڏيندا آهن. اهو نه سوچيندا آهن ته ان هڪ بوتل ۾ 9 چمچا کنڊ جا ٿين ٿا. شايد انهن بيوقوفين ڪري اسان وٽ وڏا ته وڏا ڪيترائي ٻار به ذيابيطس (Diabetes) جا مريض ٿيندا وڃن.
    آمريڪا ۾ هلڪي ڦلڪي نوڪري ڪندڙ منهنجي هڪ واقفڪار کان اهو معلوم ڪري ڏک ٿيو ته هن جي ڌيءَ جيڪا حيدرآباد ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهي ٿي ان کي تمام مٿاهين درجي جي ڊائبٽيز ٿي پئي آهي. ڇا ٿيو هو جو هوءَ چئن ڀائرن ۾ هڪ هجڻ ڪري ۽ پيءُ آمريڪا ۾ رهي پئسو ڪمائڻ ۽ ڳوٺ ٻارن کي موڪلڻ ڪري هن کي بيحد لاڏلو بڻايو ويو هو. هن کي ڪوڪا ڪولا ۽ جيوس جا دٻا پسند هئا ته اعتدال رکڻ بدران هن کي سڄو ڏينهن پاڻيءَ بدران به جيوس ڏنو ويو ٿي. نتيجي ۾ هن کي شگر ٿي پئي جنهن جي مائٽن کي خبر ئي نه پئي. هوءَ ويئي ڳرندي ۽ ڪمزوري محسوس ڪرڻ تي ويتر هن کي انب، انگور ۽ مٺايون کارائڻ لڳا. هونءَ به چوندا آهن ته ڊائبٽيز ۾ ڪيترا دفعا ڪا به نشاني ظاهر نٿي ٿئي It is a silent killer (ذيابيطس خاموش قاتل آهي). آخر مائٽن کي تڏهن خبر پئي جڏهن هن بيماريءَ وڃي هن جي گُردن (Kidneys) تي اثر ڪيو.
    دراصل افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جا مسئلا اسان جي پئسي وارين فئملين ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو پئسو اچڻ تي سمجھن ٿا ته هاڻ هنن کي ۽ پنهنجي ٻارن کي خوب کارائڻ پيارڻ کپي. هي اهي مٺايون جيڪي اسان ننڍا هئاسين ته فقط عيد برات تي نصيب ٿينديون هيون اهي اڄ روزانو ٻارن کي کارايون وڃن ٿيون. ايتريقدر جو نيرن تي به چپاتي يا اڦراٽو کارائڻ بدران هنن کي ڇڏيو وڃي ٿو ته چانهه ۾ بسڪيٽ يا ڪيڪ ٻوڙي کائين. ڪجهه ٽي وي تي ايندڙ اشتهارن به ماڻهن جو دماغ خراب ڪيو آهي ۽ پئسي وارا ته ڇا غريب به پوري ڪوشش ڪن ٿا ته هو ڪٿان به ۽ ڪنهن ريت به پئسو هٿ ڪري پنهنجن ٻارن کي ڪلفيون، آئيس ڪريمون، ڪپ ڪيڪ، مختلف نالن وارا بسڪيٽ، چاڪليٽ ۽ ٽڪيون کارائين ڇو جو ٽي وي تي ٻارن سان گڏ پوڙهن کي به اهي شيون چشڪا ڏئي کائيندو ڏيکاريو وڃي ٿو.


    ماڻهو کڻي مسلمان هُجن پر اسلام نظر نٿو اچي

    گذريل مضمونَ ۾ ڊئنمارڪ جي هڪ کيرنما شربت جو احوال لکيو آهي ته اسان جا ماڻهو عجيب احساسِ ڪمتري ۾ آهن. هو هر ولائتي شيءِ کي اوچي سمجھي، مهانگي هجڻ جي باوجود ان کي خريد ڪري ان کي کائڻ پيئڻ ۾ پنهنجي صحتيابي سمجھن ٿا. يا گورن کي ٿڌن ملڪن ۾ چاڪليٽ کائيندو ڏسي اونهاري جي سخت گرمي ۽ لُڪن ۾ گهوٽڪي، سکر ۽ ٽنڊو الهيار جا ماڻهو به ان کي کائڻ ۾ وڏ ماڻهپي سمجھن ٿا.
    ۽ پوءِ جِتي اسان وٽ تعليم گهٽ ۽ عقل تي پڙدا چڙهيل آهن اتي اسان جا ٺڳ واپاري اسان جي پئسي واري ۽ پوءِ ڍائي طبقي کي بيوقوف بنائڻ ۽ پئسو ڦرڻ لاءِ نت نيون ولايتي مشروب، ٽافيون، بسڪيٽ، جئمون، ڪريمون گهرائي انهن جي ٽي وي ۽ اخبارن ذّريعي اشتهار بازي ڪري ناڻو ڪمائين ٿا. ڪراچي جي مختلف ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ ويندو آهيان ته اهي ٻين شين سان گڏ ولايتي بسڪيٽن سان به ڀريا پيا هوندا آهن. اسانجي ماڻهن کين ڪير ٻُڌائي ته اسان وٽ ڪڻڪ ۽ ٽيڪنالاجي هجڻ ڪري دنيا جا بهترين بسڪيٽ پاڪستان ۾ ٺهن ٿا.
    سکر جي “جي بي منگهارام” ۽ “يعقوب” بسڪيٽ فئڪٽريون ته پاڪستان ٿيڻ کان به اڳ جون آهن. اسان جا بسڪيٽ ڪيترن ڌارين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿين ٿا. جهاز تي هوندو هوس ته جپان توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن جا منهنجا سڃاڻو پاڪستان کان بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چوندا هئا ۽ هِتي ڏسو ته اسان جا درويش ماڻهو جيڪي بقول اسانجي ٽنڊو قيصر جي دوست نور احمد نظاماڻي جي They are suffering from surplus حرام جي آيل دولت کي خرچ ڪرڻ ۽ Status Symbol خاطر مختلف ملڪن جا مهانگا ترين بسڪيٽ خريد ڪري گد گد پيا ٿين. ويندي انهن ملڪن جا جن ملڪن ۾ ڪڻڪ به نٿي ٿئي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان به ڄٽ آهن. اهڙي طرح اسانجا پئسي وارا اجايون سجايون شيون خريد ڪن ٿا.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو واپاري طبقو وڏو منافعو ڪمائڻ ڪارڻ ۽ ٽئڪس کان بچڻ لاءِ اهي شيون سنئون سڌو ولايت مان امپورٽ ڪرڻ بدران ٻاهران آيل مُسافرن ۽ پاڻي جي جهازن جي خلاصين کان خريد ڪن ٿا. جهاز تي رکيل مهينن جو راشن مدو ختم ٿيڻ جي ويجھو پهچڻ تي جهاز وارا اهو سامان اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي سستو ڪري وڪڻن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ڪٿي آهي قاعدو قانون؟ ڪئالٽي ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ ڪٿي ٿو سختي ڪري. ايترقدر جو آسٽريليا کان گهرايل رڍن جي جڏهن سعودي عرب وارن کي خبر پئي ته اهي بيمار آهن ۽ هنن ان جهاز کي پنهنجي بندرگاهن ۾ گهڙڻ کان منع ڪئي ته جهازران ڪمپني منجھي پئي ته هنن بيمار رڍن کي ڪيڏانهن ڪجي. ڇو جو اهڙي بيماري ۽ گند کي سمنڊ ۾ اڇلڻ به بين الاقوامي ڏوهه آهي. جهاز وارا مختلف غريب ۽ خاص ڪري انهن کي منٿون ڪرڻ لڳا جِتي “سڀ چلتا هي” جو راڄ آهي، کي منٿون ڪرڻ لڳاته مفت ۾ ئي کڻون. اها آفر سوماليا، اٿوپيا ۽ پاڪستان کي ڪئي وئي. منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي واسطيدارن اها آفر قبول ڪئي، بندرگاهه سان واسطو رکندڙ ڪسٽمس ۽ ٻئي عملي کي رشوتون ڏئي هزارين رڍن کي لاٿو ويو جيڪي ڪراچي کان پري ڪنهن فارم تي رکيون ويون، پر پوءِ ماڻهن ۽ ميڊيا کي خبر پئجي وئي ۽ جڏهن گهڻو گوڙ ٿيو ته پوءِ مجبورن انهن رڍن کي ڪهي دفن ڪيو ويو يا شايد جراثيمن ڪڪري انهن کي ساڙيو ويو. سو ولائتي شيون خريد ڪرڻ وارن شوقينن کي ڪپي ته هو گهٽ ۾ گهٽ انهن شين جي Expiry تاريخ ته ڏسن. هڪ دفعي ڪراچي ۾ مون آمريڪا جون ٺهيل مشهور مَلٽي وٽامن گوريون خريد ڪيون. جهاز تي اچي ڏسان ته انهن کي expire ٿئي به 6 مهينا گذري ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ ولايت ۾ رهي آئون سوچي به نٿي سگهيس ته دوائن جي معاملي ۾ به ڪو ٺڳي ڪري! مونکي ان دڪاندار تي سخت ڪاوڙ اچي رهي هئي ۽ سوچيم ته هن کي جڏهن ٻڌائيندس ته مون هن جي ٺڳي پڪڙي آهي ته هو ته بيحد شرمندو ٿيندو ۽ معافي وٺندو جو ان جي سزا ته جيل آهي. پر دڪان تي پهچي مونکي حيرت ٿي ته دڪاندار منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، خاني مان پئسا ڪڍي مونکي واپس ڪيا.
    “پر ڪمال آهي جو توهان هي مدي خارج دوائون وڪڻي رهيا آهيو.” مون چيو مانس. پر هن ذرو به مذامت نه محسوس ڪئي بلڪه چڙ مان مونکي چيو “توهان کي نه کپي ته نه کڻو. توهان کي پئسا ته واپس ڪيم ٻيو ڇا ڪريان.”
    هاڻ توهان پنهنجي ڪنهن سڃاڻي ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو ته expired دوائون ڪيڏو خطرناڪ ٿين ٿيون! اهو ته هو 30 سالن کن اڳ جو واقعواڄ ڪلهه ته الائي ڇا حال ٿي ويو آهي! ماڻهن مان ويتر خدا جو خوف ۽ حيا نڪري ويو آهي... ان سان گڏ لاقانونيت به وڌي وئي آهي. جڏهن دڪاندار مدي خارج دوائون پيا وڪڻن ته هنن کي بسڪيٽ، جئم، چاڪليٽ ۽ ڪريمن جهڙيون پراڻيون ۽ بيڪار شيون وڪڻڻ ۾ ڪهڙو ڀَؤُ؟ پوليس سندن کيسي ۾ آهي..... شين جي ساکَ چيڪ ڪرڻ وارو اسان جو کاتو “Quality Control” ڇا ڄاڻي، فُڊ ۽ هيلٿ انسپيڪشن جي کاتي جي آفيسرن جو جتي ڪم رڳو رشوت وٺڻ هجي... اتي خريدار جي نفعي نقصان جو ڪير سوچيندو؟
    افسوس جي ڳالهه رڳو اها آهي ته برما، ويٽنام ۽ ٿائلنڊ جهڙا مُلڪ اسان کان گهٽ ماڊرن ۽ دُبئي، دوحا، ڪويت جهڙا بدو عربن جا ملڪ به سڌري ويا.... اسان ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃون.
    تڏهن ته اهڙن مسلمانن توڙي غير مسلم ملڪن جا ماڻهو اسان لاءِ اهو چونڊي حق بجانب آهن ته “توهان اسلام جي نالي تي ملڪ ضرور حاصل ڪيو آهي، ماڻهو ڀلي مسلمان سڏرائين ٿا پر توهان وٽ اسلامي ماحول نظر نٿو اچي.”
    هنن جو مطلب اهو آهي ته اسلام ته بي ايماني، ٺڳي، تور ۾ کوٽ، غلط شيءِ وڪڻڻ جهڙين ڳالهين کان منع ڪئي آهي. اسان ڇا به چئون پر دنيا جي ماڻهن کي خبر آهي ته هر قسم جو ڪِنُ سِنُ پاڪستان ۾ وڪاميو وڃي جِتي بيمار ۽ مئل وهٽن تي ڇُري ڦيري بنا ڊپ جي وڪرو ڪرڻ عام ڳالهه آهي ... جِتي گڏهه جو گوشت ٻاڪري جي نالي سان وڪامي ٿو.... ٻيو ته ٺهيو ڪُتن جو گوشت ڇيلي جي نالي ۾ وڪامي ٿو. ڇا ان کي چئبو آهي اسلامي معاشرو؟ پوءِ ان ۾ ڪو پئسي جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي ته ڪو غربت کان مجبور ٿي!
    اڳ ۾ ته فقط اخبارن ۾ خبر ايندي هئي. هاڻ ته مختلف ٽي وي چئنلن تان ڪلاڪ ڪلاڪ هلندڙ پروگرامن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ڪيئن بيمار ۽ مردار جانورن جو ڪوس ٿي رهيو آهي ۽ اهو گوشت هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ٺپن سان ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ وڪامي رهيو آهي. ڪيئن وڏي پئماني تي جانورن جي آنڊن گجين سان گڏ مئل ڪانگ ڪٻرن، ڪتن، ٻلن کي وڏن ديڳڙن ۾ ٽهڪائي انهن مان تيل ڪڍي رڌ پچاءَ لاءِ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پوليس ۽ ميڊيا جي پهچڻ تي انهن ڪارخانيدارن ۽ ورڪرن کي ڀڄندو پڻ ڏيکاريو وڃي ٿو. هر هڪ ڏسڻ واري کي حيرت ٿي ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ پوليس جي نظر هيٺ ٿي رهيو آهي.... ڪا جھل پل نٿي ٿئي. بهرحال ٽي وي تي ان قسم جا ڇاپا ڏيکارڻ وقت غلط ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سوگهو ڪري ٿاڻي تي ضرور آندو وڃي ٿو..... ان کان پوءِ انهن جو ڇا ٿو ٿئي ... ڇا انهن کي سزا ملي ٿي ... ڇا اهو نجس ڪاروبار بند ٿيو ٿو وڃي؟ ڪجهه خبر نٿي پوي.
    ٽي وي تي ڏيکاريل هڪ اهڙي ڇاپي ۾ جنهن ۾ ڏوهاريءَ کي گڏهه جو گوشت وڪڻندو ۽ ڪٽيندو ڏيکاريو ويو آهي... ڪٽڻ واري ڪاسائيءَ جي ڳالهه ٻڌي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هڪ چاليهه ورهين جي ڄمار جو صحتمند همراهه پنهنجي گهر ۾ گڏهه جو گوشت ڪٽي رهيو هو. پوليس ۽ ٽي وي چئنل جو ائنڪر در کڙڪائين ٿا پر هو نٿو کولي. نيٺ هو ڀت ٽپي ڪئميرائن سان گڏ هن جي گهر ۾ داخل ٿين ٿا. هو ڪمري ۾ ڇت واري پنکي هيٺان گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. ٻن گڏهن جون منڍيون پاسي تي رکيو هيون پوليس بدران هٿ ۾ مائيڪ کڻي ٽي وي جو ائنڪر پرسن هن کان رعب سان پڇي ٿو ته هي ڇا جو گوشت آهي؟
    هو جھيڻي آواز ۾ چئي ٿو ته گڏهه جو ـــ ائنڪر صاحب هاڻ جوش ۾ اچي رڙ ڪري هن کان اهو ڪم ڪرڻ جو سبب پڇي ٿو. هو وري جھيڻي آواز ۾ هن جي مختلف سوالن جي جواب ۾ چئي ٿو ته:
    • “گڏهه حرام ناهي. مون ٻن مولوين کان پڇيو آهي.”
    • “آئون گڏهه کي ڪنهن ٻئي جانور جي نالي ۾ نٿو وڪڻان.”
    • “ماڻهو پاڻ هلي اچي مونکان خريد ڪن ٿا،.”
    • “بس هو خريد ڪن ٿا.... ان ڪري جو هو غريب آهن. غريبن جي به ڪڏهن گوشت کائڻ تي دل چوي ٿي، هو رڍ ۽ ٻڪريءَ جو گوشت ته افورڊ نٿا ڪري سگهن....” وغيره وغيره
    ائنڪر صاحب ڪنهن به ريت هن جي پڇر ڇڏي نه رهيو هو. اڪثر ڇاپي وقت غلط ڪم ۾ پڪڙيل ماڻهو پنهنجو ڏوهه مڃڻ ۾ گوٿناٿيون ڪندا آهن پر هي شروع کان پنهنجي هر ڳالهه صحيح ٻڌائي رهيو هو. پر ائنڪر هن کي دڙڪن مٿان دڙڪا ڏئي رهيو هو. آخر ائنڪر چيس “هي تون غلط ڪم ڪري رهيو آهين اسان دنيا کي ٽي وي ذّريعي توکي ڏيکارينداسين.”
    اهو ٻڌي هي ڪاسائي غم ۽ غصي جي مليل جذبن سان هن ائنڪر کي چوي ٿو: “جنابِ والا! بيروزگاريءَ ۾ ڪئين سالَ ڌڪا کائيندو رهيس.... ڪنهن نوڪري نه ڏني. ڌيءَ دوا نه ملڻ ڪري تڙڦي تڙپي مري وئي. زال هر روز جي بک کان بيزار ٿي پنهنجو پاڻ کي هن پنکي ۾ ڦاهو ڏيئي ڇڏيو... ان وقت ته ٽي وي وارن مان ڪنهن به دنيا کي نه ڏيکاريو ته غريب جي زندگي ڪيئن ٿي گذّري.... هاڻ جڏهن ڪنهن مونکي ڪاسائي طور نوڪري ڏني آهي ته تون مون کي جيل جا دڙڪا ٿو ڏين....”
    اهي ڳالهيون جڏهن ڌارين سڌريل ۽ انصاف وارن ملڪن جا ماڻهو ٻڌن ٿا ته هو اهو ئي چون ٿا ته ڪٿي آهي اسلام؟ ڪٿي آهي انصاف؟ حاڪم اهڙيون عياشيون پيا ڪن جيڪي ملائيشيا، ٿائلنڊ، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جا بادشاهه به نه ڪن ۽ غريب آهن جيڪي جانورن جي زندگي پيا گذارين.... جنهن جي جھلڪ اسانجي ملڪ جي هر ڳوٺ هر شهر ۾ نظر اچي ٿي.


    کائي پيا خوش ٿيون....

    گذريل هڪ ڪالم ۾ آئون ڳالهه ڪري رهيو هوس ته اسانجو ملڪ مسلمانن جو ملڪ آهي پر ڌارين ملڪن جا مسلمان توڙي غير مسلم، اسانجي ملڪ جو حالُ ڏسي اهو ئي طعنو ڏين ٿا ته اسانجي ملڪ جو ماحول غير اسلامي آهي يعني روز مرهه جي ڪاروائين مان هڪ ٽوئرسٽ کي اسان ۾ جيڪي خاميون نظر اچن ٿيون اهي مسلمان معاشري ۾ نه هئڻ کپن. ظاهر آهي هن جو اشارو انهن ڳالهين ڏي آهي جنهن جي نشاندهي آئون ڪري چڪو آهيان ته اسان وٽ مردار وهٽن.... ويندي ڪتن ٻلن جو گوشت پيو وڪامي. اسان وٽ دڪاندار مدي خارج دوائون وڪڻندي به ڪو شرم يا گناهه جو ڪم نٿا سمجھن.... ۽ نه وري حڪومت طرفان مقرر ڪيل ادارا ان تي نظر رکن ٿا.... هو رشوت وٺيو اکيون بند ڪريو ڇڏين.... سو ان قسم جا ڪم مڪي مديني، مشهد، قم، ڪئالالمپور ۽ ملاڪا جهڙن مسلمان شهرن ۾ ته نٿا ٿين. اڄ هڪ غير مسلم کي به خبر آهي ته ان طرح سان حرام جو پئسو ڪمائڻ، ٺڳيون ڪرڻ، Cheat ڪرڻ، رشوت وٺڻ اسلام ۾ حرام آهي ۽ اهو معاشرو جنهن ۾ اهي شيون هجن ان کي توهان ڪيئن ٿا اسلامي معاشرو سڏي سگهو؟
    هيڏانهن ملائيشيا انڊونيشيا، ٿائلنڊ پاسي جي ماڻهن کان پڇندائو ته توهان کي ٻڌائيندا ته هو عرب مسلمان واپارين جي نيڪ، اصولن مان متاثر ٿي مسلمان ٿيا. هنن وٽ حجاج بن يوسف ڪو محمد بن قاسم نه موڪليو.... ويندي مٿي ڏور اوڀر جي چيني شهرن ڪئنٽن ۽ دائرين جي مسلمانن کان پڇندا ته هو به اها ئي ڳالهه ڪندا.... اتي جا ماڻهو اسان کان به اڳ مسلمان ٿيا..... حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ئي جيڪي عرب واپاري چين آيا انهن ۾ سعد ابن ابي وقاص، اويس القرني ۽ حسن ابي ثابت جهڙا اصحابي به هئا.... ڪئنٽن واري مسجد انهن ڏينهن جي ٺهيل آهي.
    ملائيشيا ۾ اڄ به کاڌي جي شيءِ توهان کڻي ڪنهن گاڏي وارري کان يا فٽ پاٿ تي چادر وڇائي وڪڻڻ واري کان وٺو يا ڪنهن فائو اسٽار هوٽل مان.... مجال آهي جو توهان کي ڪٿي ڪا پاروٿي شيءِ ملي يا ڪٿي ڪاري مرچن ۾ پپيئي جو ٻج، ڳاڙهن مرچن ۾ پڪين سرن جو ٻورو، يا ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ملاوٽ نظر اچي. ان لاءِ هنن اسان وانگر رڳو قانون نه ٺاهيا آهن پر انهن تي سختي سان عمل به ڪرايو وڃي ٿو. 1970ع ڌاري جڏهن هنن اهي قاعدا ٺاهيا ته هنن ڀڃڪڙي ڪندڙ وڏن اثر رسوخ وارن هوٽلن جي مالڪن کي به جيل حوالي ڪري ڇڏيو ۽ انهن جون ريسٽورنٽون ئي بند ڪرائي ڇڏيون. اڄ ملائيشيا جي شهر جون هوٽلون رات جو بند ٿيڻ کان اڳ انهن جا مالڪکاڌو اڌ قيمت ۾ يا ان کان به سستو نيڪال ڪري پوءِ هوٽلون ۽ دڪان بند ڪن ٿا ... چاهي هنن وٽ ڊيپ فريزر خالي پيا هجن. اسان وٽ بچيل کاڌي جي شيءِ ٻئي ڏينهن ۽ ٽي ڏينهن به وڪرو ٿئي ٿي جيتوڻيڪ ننڍن تڪا ڪواب وڪڻڻ وارون دڪانن تي ته فرجون به نه آهن ... پر جي آهن ته اسان وٽ ڪٿي آهي 24 ئي ڪلاڪ لائيٽ! اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ اڌ کان وڌيڪَ ماڻهو پاروٿي ۽ ملاوٽ واري کاڌي کائڻ ڪري بيمار ٿين ٿا. کاڌي پيتي جي شين ۾ جيتري ٺڳي اسان جي ملڪ ۾ آهي اوتري مصر ۽ جبوتي ۾ به نه آهي. آفريڪا جي به ڪنهن ملڪ ۾ ناهي چاهي گئمبيا هجي يا زئمبيا يا ڏکڻ آمريڪا جو ڪو برازيل يا ڪولمبيا جهڙو ملڪ هجي. توهان جو ڪو مون جهڙو دنيا جا چڪر هڻندڙ جهازي دوست هجي ته ان کان پڇي سگهو ٿا.
    مونکي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ان قسم جي ٺڳين جي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو گهڻو پوءِ وڏي عمر ۾ پهچي خبر پئي. ٻارهن سالن تائين ڳوٺ ۾ گهر ۾ ئي رهيس. انهن ڏينهن ۾ نه هئا بن برگر نه چاڪليٽ ٽافيون. چانهه ماني کائي گذارو ڪبو هو. ڳوٺ ۾ هڪ ئي مٺائي واري جو دڪان هوندو هو جيڪو اڄ به ايمانداريءَ کان مشهور آهي. ان بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۽ نيول اڪيڊمي جا ڏهه يارنهن سال اتي جي هاسٽلن ۾ ماني کاڌيسين. ان بعد 15 سال کن جهاز هلاياسين ۽ اهڙا 15 سال کن جيڪي سئيڊن، جپان ۽ ملائيشيا ۾ گذارياسين انهن ۾ انهن ملڪن جي شهرن جي ڪنهن هوٽل يا کاڌي جي دڪان تان مدي خارج يا ملاوٽ واري شيءِ ملڻ جو ڪو سوچي به نٿي سگهيو. 1994ع ڌاري جڏهن آئون 50 سالن جو ٿيس ته منهنجي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پوسٽنگ ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچڻ جي ڏاڍي خوشي ٿي..... خاص ڪري پڪوڙا، جليبي، ڇولا ۽ سمبوسن جهڙين شين کائڻ جي.... جيڪي ولايت ۾ نه هئا ۽ سڪندا هئاسين.
    ڪراچي ۾ منهنجي پوسٽنگ ۽ رهائش ماريپور جي مئرين اڪيڊمي ۾ هئي جِتي مون کي م ئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ڪري رکيو ويو هو. اڪيڊمي جي ٻاهران هر خميس ڏينهن جمع بازار جهڙي بازار لڳي ٿي جنهن ۾ آئون ڪلاڪ ڏيڍ ڏاڍو enjoy ڪندو هوس. پاڪستاني ۽ چيني شيون خاص ڪري اسٽيشنري، ڪچن جو سامان، ننڍا ننڍا سووينئر وٺندو هوس. آخر ۾ هڪ ڇولا وڪڻڻ واري کان رڌل ڇولن جي پليـٽ مٿان بصر ۽ مرچن جي ڪاتر وجھرائي کائيندو هوس. هي هڪ اهڙي ڳالهه هئي جيڪا منهنجي آفيسر ساٿين لاءِ ناممڪن هئي ۽ هو مون تان کلندا هئا پر آئون ٻاهر جي دنيا ۾ رهي آيو هوس خاص ڪري ملائيشيا جي “پاسار مالمن” (هفتيوار رات جي بازارين ۾) جِتي غريب توڙي امير سڀ گڏ خريداري ڪن ٿا ... گڏ کائين ٿا. سو هِتي به آئون مڪاني ماڻهن: مڪراني، بلوچن، بروهي مزورن ۽ مهاڻن سان گڏ پيو هلندو هوس.... بلڪه انهن سان خبرون چارون ڪندو هوس.
    هڪ خميس تي جيئن ئي مون هن مارڪيٽ مان موٽڻ وقت ڇولن جي پليٽ وٺڻ لاءِ ڇولن واري کي پئسا ڏنا ته هو موٽائڻ لڳو. آئون حيران ٿي ويس ته ڇا ڳالهه آهي جو هو مونکان نه ٿو پئسا وٺي ۽ نه پنهنجي ديڳ جو ڍڪ کڻي مون لاءِ پليٽ ۾ ڇولا وجھي.... جيتوڻيڪ منهنجي اڳيان هو يونس آباد پاسي لوڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ٻن مزرون کي ڏئي چڪو هو جيڪي ٿورو پري وڻ هيٺان مزي سان کائي رهيا هئا. “هان ڀائي ڪيا بات هي؟” مون وائڙو ٿي پڇيومانس ان تي هو منهنجي ويجھو ٿي مونکي راز واري انداز ۾ چيو: “هي ڇولا ٻن ڏينهن جا پُراڻا آهن.”
    “ٻن ڏينهن جا پُراڻا بچيل آهن! “ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. “ڀلا جي ٻن ڏينهن جا پراڻا آهن ته اهي خراب ڇولا هي ڪيئن وڪڻي رهيو آهي ۽ ٻين کي ڇو ڏنا اٿس!” اهو سوچي مون هن کي چيو ته پراڻا خراب ٿي ويل آهن ته هو ٻين کي ڇو وڪڻي رهيو آهي ۽ مونکي ڇو نه؟
    “سائين توهان کائي نه سگهندائو. هي مزور ماڻهو آهن هضم ڪري ويندا نه ته به اڌ ڏينهن پيٽ تي هٿ ڏئي پاڻهي صحيح ٿي ويندا.”
    اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اها ڳالهه ياد ڪري اڄ به چوندو آهيان ته اسان جي ملڪ ۾ امير ته غريب تي ظلم ڪري ٿو پر غريب به غريب کي نٿو بخشي. ٿي سگهي ٿو ان ڏينهن اهڙا باسي ۽ زهريلا ڇولا کائڻ وارن مان ڪجهه اسپتال به داخل ٿيا هجن ۽ پنهنجيون ٻه ٽي ڏهاڙيون وڃائڻ سان گڏ دوا درمل لاءِ قرض کنيو هجين!
    ماريپور ۾ رهائش ڪڏهن ڪڏهن شادي جي دعوت ۾ ڪلفٽن، گلشن اقبال يا نارٿ ناظم آباد ويندو هوس. رات جو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري موٽندي اسان جي اڪيڊمي جي ٻاهران پٺاڻ جي کليل هوٽل وٽ ڪار بيهاري هن وٽ برنين ۾ رکيل مختلف شين مان هڪ مان ٻه ڪيڪ پيس ڪڍي پئسا ڏيندو هوس. شاديءَ جي دعوتن ۾ مرچ مصالحن واري ماني نه کائيندو هوس سو بک ۾ هي ڪيڪ پيس مونکي ڏاڍا وڻندا هُئا. ملائيشيا جي شهر اپوح ۾ ويندو هوس ته اتي اهڙا ملندا هئا ۽ هاڻي ماريپور جا هي ڪيڪ پيس کائي آئون ملائيشيا جا اپوح ۽ پينانگ جهڙا شهر ياد ڪرڻ لڳس.
    مهيني ٻن بعد جون جو مهينو آيو. ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ڪوٽ غلام محمد جي رفيع ڪاڇيلي ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ کي جا منهنجي خبر پيئي ته آئون هِتي پاڪستان ۾ آهيان ته هنن مون ڏي ڪيتريون ئي انبن جون پيٽيون ڏياري موڪليون جن مان هڪ ٻه رکي باقي آفيس ۾ مون سان ڪم ڪندڙ ڪئٽنن ۽ ڪلارڪن کي ورهائي ڏنم. هڪ پيٽي هن هوٽل واري پٺاڻ کي به اچي ڏنم جنهن جا ڪيڪ پيس کائي مونکي زندگي جا ملائيشيا گذاريل سال ٿي ياد آيا جيڪي ملائيشيا ۾ گذاريا هئم.
    پٺاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هو منهنجا ٿورا مڃڻ ۾ پورو پئي ٿيو.
    هن واقعي بعد هڪ آچر جي رات ڪنهن جي شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ بعد جڏهن ماريپور موٽيس ۽ دستور موجب هن پٺاڻ جي هوٽل وٽ گاڏي بيهاري، جيئن ئي مون برنيءَ جو ڍڪ کولي اندران ٻه ڪيڪ پيس ڪڍڻ جي ڪئي ته هوٽل جو پٺاڻ مالڪ يڪدم پنهنجي جاءِ تان اٿي مون ڏي آيو ۽ مونکي ڪيڪ کڻڻ کان منع ڪئي.
    “ڇو ڀلا!” مون وائڙو ٿي پڇيو.
    “سر جي!” هن منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو، “هي ڪيڪ صحيح نه آهن. باسي مانين جي ٽڪرن مان ٺهيل آهن.”
    ان قسم جي واقعن مان توهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسان جي ملڪ ۾ خبر ناهي ڇا ڇا پيو وڪامي ۽ عام پبلڪ مون وانگر بنا ڪنهن فڪر جي کائي خوش پئي ٿئي.


    اسان ڪهڙا مسلمان آهيون.....

    ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جِتي جا سرڪاري ادارا نه فقط کاڌي خوراڪ ۾ ملاوت يا پاروٿو وڪڻڻ تي نظر رکن ٿا پر ان ڳالهه جو به خيال ۽ چڪاس رکن ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ ٺهندڙ ڪا کاڌي جي شيءِ يا ڌارئين ملڪ کان امپورٽ ٿيل ڪنهن شيءِ ۾ ڪو اهڙو جزو (Ingredient) ته نه آهي جيڪو اسلام ۾ حرام هجي. ولايت جي ڪيترن شين چاڪليٽ، جئمن، بسڪيٽن ۾ سوئر جي چرٻي ۽ ٻين شين: هڏن، کلن ۽ وارن مان نڪتل ڪيميڪل جي موجودگي عام ٿئي ٿي. ان ڳالهه جي انسپيڪشن ۽ ٽيسٽ لاءِ ملائيشيا ۾ جاڪم (JAKIM) نالي هڪ ادارو آهي (جنهن جو ملئي زبان ۾ نالو “جباتان ڪَماجوئان اسلام، ملائيشيا” آهي) ان جو ڪم هر کاڌي جي شيءِ کي چيڪ ڪري ان تي پنهنجو نشان (Logo) هڻڻ آهي.... جيئن عوام کي خبر پوي ته ڪهڙي شيءِ حلال آھي.
    ڪيترين کاڌي جي ۽ ميڪ اپ جي سامانن جون بين الاقوامي ڪمپنيون، اهي شيون ملائيشيا ۾ ٺاهن ٿيون ۽ ملائيشيا جي هن اداري موجب انهن ۾ اهي شيون داخل نٿيون ڪن جيڪي اسلام طرفان حرام آهن. مونکي ياد آهي ته 1987ع ۾ ملائيشيا ۾ “آئل آف اُلي” جيڪو عورتون ميڪ اپ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، ان تي ملائيشيا جي مسلمانن ۾ وڏو گوڙ مچي ويو جڏهن اهو راز فاش ٿيو ته ان Oil of Ulay ۾ عورتن جي “عور” (Placenta) وڌي وڃي ٿي. هن آئل جو ڪارخانو سنگاپور ۾ هو جِتي جون اسپتالون عورتن جي ڊليوري بعد انهن جون عورون، هن ڪارخاني کي، في عور هڪ ڊالر جي حساب سان وڪيون ٿي. ان بابت مون پنهنجي ڪنهن ملائيشيا جي شروعاتي سفرنامي ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هن وقت مون کي ياد نه آهي ته ان بعد ڊپارٽمينٽ طرفان ان جي ٺهڻ تي بندش وڌي وئي يا ان آئل ۾ عور بدران ڪا ٻي نعم البدل شيءِ وجهڻ جو فيصلو ٿيو هو. هينئر به گذريل مهيني ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ڪئڊبري چاڪليٽن تي وڏو گوڙ متو جڏهن خبر پيئي ته هن ڪمپني جي ٻن برانڊن: ڪئڊبري هئزل نٽ ۽ ڪئڊبري آلمنڊ (بادام) وارن چاڪليٽن ۾ سوئر جي DNA پيل آهي. بهرحال ان ڳالهه جي کوجنا ۽ ٽيسٽ ملائيشيا جي حلال اٿارٽي (جاڪم) ڪيا. ان بعد پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي هن اشو کي اهڙي طرح اڇاليو ويو ڄڻ هي واقعو پاڪستان ۾ ٿيو هجي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان وٽ جيڪي چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون اچن ٿيون سي فقط ملائيشيا ۽ سعودي عرب کان ته نٿيون اچن. اسان وٽ ته جتان ڪٿان اچن ٿيون ... يورپ ۽ آمريڪا کان وٺي انڊيا ۽ اسرائيل تائين.... ڪي امپورٽ ٿين ٿيون ڪي سمگل ٿي پهچن ٿيون. ڇا اسان جو “ڪئالٽي ڪنٽرول اٿارٽي” وارو ادارو هر شيءِ چيڪ ڪري ٿو. هينئر ته کڻي ملائيشيا وارن چيڪ ڪيو ۽ اسان وٽ به ماڻهن هڪ ٻي کي انهن ٻن قسمن جي چاڪليٽن کائڻ کان منع يا SMS ۽ اي ميل موڪليا نه ته اسان وٽ ڪٿي آهي انهن ڳالهين جو فڪر.... اسان وٽ ته هوٽلن ۾ مئل ڪڪڙيون پيون رڌجن..... گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت پيو وڪامي... ۽ اهي ڪي افواهه نه آهن... ٽي وي تان مختلف پروگرامن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي.... جنهن کي نه فقط اسانجي ملڪ جا ماڻهو ڏسن ٿا پر دنيا جا سمورا ملڪ تڏهن ته هر ملڪ جا واپاري پنهنجو مدي خارج سامان پاڪستان ڏي موڪلين ٿا جو اسان وٽ هر شيءِ هليو وڃي.... چاهي ان ۾ ملاوٽ هجي، پاروٿي هجي يا حرام هجي.
    کاڌي پيتي جون شيون: چاڪليٽ، جئم، جيليون، ڪيڪ، بسڪيٽ، آچار توڙي ميڪ اپ جو سامان جيڪو ولايت مان اچي ٿو، ان ۾ جيڪي شيون موجود آهن انهن Ingredients جا نالا ٻاهران لکيل ته ٿين ٿا پر اهي ڪٿان ڪڍيا وڃن ٿا ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هو پابند نه آهن. مثال طور اسان وٽ پاڪيٽن ۾ بند ٿيل پٽاٽو چپس توڙي Peanut وغيره لاءِ اهو لکيل ته هوندو آهي ته اهي ڪڪنگ آئل ۾ فراءِ ڪيا ويا آهن پر اسان کي ڪهڙي خبر ته اهو تيل آيو ڪٿان.... اهو ويجيٽيبل آئل آهي يا مکڻ مان نڪتو آهي يا مردار جانورن ۽ ڪتن ٻلن جي آنڊن گجين کي ڪاڙهي ان مان تيل ڪڍيو ويو آهي... پاڪستان جي هڪ ٽي وي چئنل تان اسان سڀني اهو پروگرام باربار ڏٺو هوندو جنهن ۾ اسان جي ملڪ جون ڪيتريون فئڪٽريون انهن حرام شين مان تيل ڪڍي مارڪيٽ ۾ سستو وڪڻي رهيون آهن.
    ڪيترين ديسي توڙي ولايت مان گهرايل شين جي جزن ۾ هڪ شيءِ توهان کي عام نظر ايندي... اها جيليٽن (Gelatin) آهي جيڪا کاڌي جي شين کي گهاٽو ۽ ليسدار ڪري ٿي. هن کي حاصل ڪرڻ جا ٻه ئي sources آهن. هڪ جانورن جي هڏين مان ۽ ٻيو انهن جي کلن مان. هن جو استعمال جيلين، ميثميلو ٽافين، جيمن ويندي نهاريءَ جي مصالحن ۾ ٿئي ٿو. نهاريءَ جي رس کي گهاٽو ڪرڻ لاءِ اٽي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر جي هڪ چپٽي جيليٽين جي وجھندائو ته اُها پاءُ اٽي جو ڪم ڪندي. هاڻ هيءَ جيليٽين جيڪڏهن لوڪل ٺهيل آهي ته اسان کڻي چئو ته اها حلال هوندي پر جي اها امپورٽيڊ آهي ته اسان جي دل ڪيئن مڃيندي ته اها حلال آهي. ڇو جو غير مسلم ملڪن ۾ هر جانور جون هڏيون استعمال ٿين ٿيون.... خاص ڪري سوئر جون.... جو اهو جانور سڀ کان گهڻو کاڌو وڃي ٿو.
    اهڙي طرح هڪ ٻي شيءِ اسٽروجين (Estrogen) آهي. هيءَ شيءِ رنگ گورو ڪرڻ وارين امپورٽيڊ ڪِريمن ۽ بليچ ۾ توهان کي نظر ايندي. هن شيءِ کي حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي source ٻڌايو وڃي ٿو ... اهو آهي ڍُڪيل (حامله) گهوڙيءَ جي آخري مهيني جو پيشاب! ان کان علاوه ڪاڪروچن جي پيٽ مان جيڪو ڪِنُ سِنُ نڪري ٿو اُهو به بيوٽي ڪريمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي بيوٽي پارلر کلڻ ڪري خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾ جِتي ذهني اوسر کي اهميت ڏيڻ بدران گوري رنگ کي ڏني وڃي ٿي (۽ اڄ ڪلهه ته ٽي وي تي بار بار هڪ پوڙهيءَ جي نالي واري ڪِريم جو اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ هوءَ پوڙهي پنهنجي نالي واري ڪِريم لاءِ چوي ٿي ته ان ڪِريم جي استعمال سان سڄو پاڪستان گورو ٿي ويندو ... سبحان الله!) سو اسان وٽ مختلف بيوٽي ڪِريمن جي ايڏي ڊمانڊ وڌي وئي آهي جو هيڏانهن ڏکڻ اوڀر ايشيا پاسي جي ملڪن ۾ ڌڙا ڌڙ ڪاڪروچن جي فارمنگ وڌي رهي آهي جيڪي يورپ جي ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا جيئن انهن مان بيوٽي ڪريم ٺاهي وڃي ۽ اسان جي قاسم آباد، فقير جي پڙ، مڪو جي ٽنڊي ۽ واڌو واهه حيدرآباد ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن جون ڪوجھيون عورتون گهٽ ۾ گهٽ شڪل جون ته گوريون ٿي وڃن!
    اسٽروجين جو سڀ کان وڏو پروڊيوسر هالنڊ ۽ ڪاڪروچن جي فارمن جو چين آهي. سوئر جي هڏن ۽ کلن مان سڀ کان گهڻي جيليٽين ٺاهڻ وارو به چين آهي جو دنيا جو چاليهه فيصد سوئر چين ۾ کاڌو وڃي ٿو. چين ۾ دائرين، ڪئنٽن جهڙن شهرن ۾ مسلمانن جو تعداد تمام وڏو آهي ... چين جي انهن شهرن کان پاڪستان آيل بسڪيٽ، چاڪليٽ ڪسٽرڊ جيليون، ڪريمون، يا جيليٽين جا پاڪيٽ جن ۾ جيليٽين پوي ٿي اها ٿي سگهي ٿو حلال جانورن جي هڏن مان نڪتل هجي جيڪي اتي جي مسلمانن هٿان ذبح ٿيل هُجن. هونءَ ڪن ملڪن جا مولوي اها به فتويٰ ڏين ٿا ته ڪا به شيءِ جنهن کي ڪيميائي طرح شڪل بدلائڻ بعد استعمال ڪيو وڃي ته اها حرام ناهي. چاهي ان جو سورس حرام جانور هُجي. هو ان لاءِ مثال ڏين ٿا ته ڪيترا جانور ٻنين ٻارن ۾ هَنگيو مٽيو وڃن جيڪو ڀاڻ جي شڪل اختيار ڪري اسان جي ميون جي وڻن يا فصل کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اسان اهي ميوا توڙي اناج حلال قرار ڏيون ٿا. بهرحال اها ڳالهه باعثِ بحث آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جا عالم ۽ مفتي اسان جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. جيئن اڳ ۾ جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته ٻڌبو هو ته شراب حرام آهي پر سگريٽ يا حقي پيئڻ ۾ ڪا بُرائي ناهي. ڪيترن عرب ملڪن ۽ مصر ۽ موراڪو جهڙن ۾ اتي جي مولوين کي به حقو پيئندي ڏٺوسين. پر هاڻ جڏهن کان ميڊيڪل سائنس ترقي ڪئي آهي ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته “سگريٽ” پيئڻ واري لاءِ ته نقصانڪار آهي پر ڀر ۾ يا ساڳي ڪمري ۾ ويٺل لاءِ به خراب آهي ته اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي اهو چيو وڃي ٿو ته سگريٽ ڇڪڻ به حرام آهي جو اهو انساني جان کي نقصان رسائي ٿو. هونءَ به پبلڪ ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي نه رڳو يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ پابندي لڳل آهي پر ويندي انڊيا ۾ به گذريل ڏهن سالن کان ان ڪم کي ڏوهه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن ماڊرن دور ۾ ۽ مسلمان ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ اڃان تائين نه فقط پبلڪ ۾ سگريٽ ڇڪيو وڃي ٿو پر ان فعل کي فخر جي نِگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ساڳي طرح اڄ جڏهن دنيا جي هر ملڪ ۾ شراب نوشي عيب سمجھيو وڃي ٿو اتي اسان جي مسلمان ملڪ ۾ سڀ کان گهڻو هلي ٿو ... خاص ڪري سنڌ صوبي جي ٻهراڙي ۾ ته شراب نوشي کي باعث فخر سمجھيو وڃي ٿو پوءِ ڀلي اها مئه (ڪَچو شراب) غير سائنسي طريقي سان ٺهيل هجي جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا ۽ گهر تباهه ٿيو وڃن. شل نه ڪو شاديءَ جهڙو ڪاڄ ٿئي. ڳوٺ جي لوفر ڇوڪرن لاءِ پستولن جا ٺڪاءَ ڪڍڻ ۽ ڪچو شراب پيئڻ ضروري ٿيو پوي.
    هڪ همراهه ولايت ۾ سمورو وقت شراب پيئندو رهيو. واپسي تي وڏي فخر سان ٻڌائين ته اسان پاڻ کي سوئر جي گوشت جهڙي حرام کان بچائيندا رهياسين. هڪ جپاني نوجوان جيڪو هاڻ مسلمان ٿيو هو تنهن هڪ ڏينهن مونکان پڇيو ته “توهان پاڪستاني سوئر ڇو نه ٿا کائو؟”
    وراڻيو مانس ته: “مسلمان ٿي ڪري توکي اها خبر ناهي ته سوئر جو گوشت حرام آهي”
    “خبر اٿم... پر اها به خبر اٿم ته شراب به ته حرام آهي پوءِ اهو توهان جي ملڪ ۾ ڇو ٿو پيتو وڃي يا توهان جا مسلمان ولائت پهچي ايڏو ڇو ٿا ڏوگهين؟ ان کان توهان کي بڇان يا گناهه جو احساس ڇو نٿو ٿئي؟ حيرت جي ڳالهه آهي توهان کي رڳو سوئر کان ڪراهت ٿي اچي! اهو ڪنهن کي کائيندو ڏسو ٿا ته چئو ٿا ته ڪافر آهي باقي شراب آب زم زم آهي ان جو پيئڻ وارو ڪافر ان ڪري ناهي جو توهان پيئو ٿا ... ۽ تمام گهڻو پيو ٿا”
    توهان پڙهندڙ ئي سوچي ٻڌايو ته ان جو جواب ڇا ٿي سگهي ٿو. مون کان اهو سوال اڄ کان 20 سال اڳ جڏهن پڇيو ويو ته آئون منجھي پيس. پاسا ڪنارا وٺندي چيومانس ته ان ڪري جو سوئر لاءِ اسان کي ننڍي هوندي کان ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو قابلِ نفرت آهي.” يا شايد چيو هئو مانس ته “ان ڪري جو اسان پنهنجي معاشري ۾ ڪنهن کي سوئر کائيندي نه ڏٺو آهي.”
    هن ان جو جواب اهو ڏنو ته “تنهنجي معنيٰ ته توهان مسلمانن کي شراب لاءِ ننڍي هوندي کان نٿو ٻڌايو وڃي ته اهو صحيح آهي ... پنهنجي ملڪ ۾ نه ته ولائت ۾ پي سگهجي ٿو!”
    يا شايد اهو جواب ڏنو هئائين: “ته تنهنجي معنيٰ ته توهان پاڪستانين لاءِ جيڪا شيءِ ٻين کي واپرائيندو ڏسو ته اها حلال ٿي ۽ نه ڏسڻ سان حرام!”
    بهرحال هن وقت exact ياد نه اٿم ته مون ڇا چيو هو ۽ هن ڇا جواب ڏنو هو پر ان حقيقت جي ڪوڙاڻ اڄ به محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون جن جي معاشري ۾ غير اسلامي ڳالهيون عام ٿين ٿيون...... ۽ اسان آهيون جو غلط ڪم ڪرڻ جي باوجود پاڻ کي وڏا پير مرشد سمجھيو ويٺا آهيون... ۽ ان خود فريبي ۾ اسان اهڙو ته ڦاٿل آهيون جو اسان کي اها به سمجهه ناهي ته دنيا تيز ٿي وئي آهي ۽ هو اسان جي هڪ هڪ ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ رکن ٿا ته اسان ڪيڏا ڊونگي آهيون.


    ننڍي عمر ۾ ولايت وڃڻ......

    نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن مون ماستريءَ ۾ گذاريا جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاگردن سان واسطو پيو. ان کان علاوه ڪيترن ملڪن جي نوجوانن جهازن تي توڙي ملائيشيا ۾ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪيو. ننڍي کنڊ جي نوجوانن کي ٿو ڏسجي ته ان ۾ انڊين شاگرد بيحد محنتي ۽ هوشيار آهن. هنن جي تعليم هيٺين ڪلاسن کان رُخَ ۾ ٿئي ٿي. ممبئي، پوني، دهلي، بنارس ۽ بڙودا جهڙن شهرن جي مختلف اسڪولن توڙي يونيورسٽين ۾ وڃي ڏٺو اٿم ته هو (شاگرد) ڪافي حد تائين Punctual (وقت جا پابند) آهن ۽ پڙهائيءَ کي گهڻو وقت ڏين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي لئبرري ۾ به شامَ جو نائين ڏهين تائين شاگرد ويٺا هوندا. اهڙن موقعن تي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي کي ڀيٽي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم.
    سري لنڪا ۽ بنگلاديش جي تعليمي درسگاهن ۽ شاگردن جو حالُ بهتر نظر اچي ٿو. ملائيشيا ۾ انهن ملڪن جا شاگرد جيتوڻيڪ انڊين جهڙا ذهين نه هوندا هئا پر محنت ڪندا رهيا ٿي. سادگي ۾ رهيا ٿي. گهمڻ ڦرڻ تي وقت وڃائڻ بدران شامَ جو به فقط واڪ ڪري وري اچي لئبرري ۾ ڪِتاب پڙهندا. لڳو ٿو هنن کي مائٽن ننڍي هوندي کان محنت جي عادي وڌي آهي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز سيکاري آهي.
    اسانجو پاڪستاني شاگرد خاص ڪري سنڌ جو ايڏو هوشيار ناهي. پورهئي کان ڪيٻائي ٿو. هيءَ آئون جنرل ڳالهه ڪيان ٿو..... گهڻي ڀاڱي شاگردن جي هو هر وقت شارٽ ڪٽ ۽ سفارشن جي چڪر ۾ رهي ٿو. ڪجهه سالَ ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارتمينٽ جو هيڊ ٿي رهيس. نيول آرڪيٽيڪٽ ۽ شپ ڪنسٽرڪشن جهڙا سبجيڪٽ پاڻ پڙهائيندو هوس. آئون ڏسندو هوس ته ڪلاس روم ۾ يا ماهيانا امتحانن دوران ڪو نه ڪو ڪئڊٽ (شاگرد) سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ اچي چوندو ته سائين آئون به پيٽارو جو آهيان... يا ان ڳوٺ جو آهيان جنهن سان توهانجو واسطو آهي.... يا توهان جو فلاڻو دوست منهنجو چاچو/مامو آهي.
    ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ته جهاز هلائڻ جهڙي اداري جو يا ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد.... جنهن جي هٿ ۾ ٻين جي زندگي رهي ٿي.... اهو پڙهي پنهنجي پروفيشن ۾ قابل ٿيڻ بدران سفارشون پيو هلائي! اهڙن پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ ڪنهن کي بنا پورهئي جي فائدو رسائڻ..... اهو چاهي پنهنجو ڀائيٽو ڀاڻيجو يا پٽ هجي ان لاءِ ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصان ۽ ويساگهاتي آهي. ائون پهرين شاگرد کي ئي ٽوڪي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو آهيان جيئن ٻين جي همٿ نه ٿئي. “پيٽارو جو پڙهيل آهين ته هن وقت ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي”، آئون هميشه اهو چوندو آهيان، “امتحان ۾ اهڙي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکار جو آئون تنهنجو پڇندو رهان ته هي ڪهڙي ڪاليج کان آيو آهي.... ڪهڙي ڳوٺ جو آهي.... ڪهڙي فئملي مان آهي.”
    اسان جي ملڪ جو نوجوان (يعني گهڻي ڀاڱي)، دل لڳائي پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ بدران گهمڻ ڦرڻ ۽ شوبازي ۾ وڌيڪَ دلچسپي رکي ٿو. اڄ ڪلهه ننڍي وهي ۽ ڪچي عمر ۾ ٻارن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم لاءِ موڪلڻ عجيب فئشن ٿي پيو آهي. مون وٽ ڪجهه والدين جا ان بابت صلاح پڇڻ لاءِ اڪثر فون اچن ٿا. ڪالهه به نواب شاهه کان هڪ پيءُ جو فون آيو ته هن جي پٽ انٽر ڪئي آهي هو کيس ملائيشيا يا چين ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪيل ٿو. اهو ٻڌي آئون سمجھي ويندو آهيان ته ڪچيءَ ۾ يعني شروع جي ڪلاسن ۾ نه ڇوڪري محنت ڪئي ۽ نه مائٽن هن تي نظر رکي جو هن جي انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچي سهگي ۽ هو مقابلي ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي علائقي جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪري سگهي. هن شاگرد سان به اهو مسئلو هو. هو سٺين مارڪن سان پاس نه ٿيو هو هاڻ ٻاهر پڙهڻ ٿي چاهيائين.
    دراصل ٻاهرن ملڪن ۾ به ملائيشيا، چين هجي يا انگلنڊ، آمريڪا.... اتي جي سٺين يونيورسٽين ۾ داخلا انهن شاگردن کي ملي ٿي جيڪي top جا آهن باقي هر ملڪ ۾ ڪيترائي ردي قسم جا ٺڙڳ ٺڳيءَ جا ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج آهن جن ۾ھ بيڪار قسم جي شاگردن کي به داخلا مليو وڃي جو هنن جو مقصد فقط ۽ فقط پئسو ڪمائڻ آهي ۽ ڪو به پئسو ڏئي داخلا وٺي سگهي ٿو. ان بعد انيڌ منڊي attendance تي به هن کي ڊگري ڏني وڃي ٿي. ان دگري تي ڪٿي نوڪري ملڻ به سوالي نشاني آهي. گذريل مهيني ڪجهه اهڙن اسانجي ڏڏ شآگرد کي چين جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پرهندو ڏٺم. هنن وڏي فخر سان ٻڌايو ته هنن کي چيني به سيکاري وڃي ٿي ۽ ليڪچر انگريزي ۽ چيني ۾ ڏنا وڃن ٿا! هاڻ انهن شاگردن کي ڇا چين ۾ نوڪري ملي سگهندي جِتي هنن جي سٺن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد به بي روزگار ويٺا آهن ۽*8 ساڳي طرح پنهنجي ملڪ ۾ جِتي Dow ۽ لياقت يونيورسٽين جي گرئجوئيٽس کي ئي نوڪري نٿي ملي سو هنن مان ڪيترن کي ملي سگهندي؟!
    مون نوابشاهه واري پيءُ کي صلاح ڏني ته پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليج ۾ھ داخلا نٿي ملي نه بهتر اهو ٿيندو ته پنهنجي پٽ کي اسرا، سر سيد، باقئي، همدرد ياڪنهن ٻي خانگي يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيار جِتي ولايت جي مقابلي ۾ خرچ به گهٽ ٿيندو ۽ توهان جي به پنهنجي ٻار تي نظر رهندي.
    “پر سائين هن کي شوق آهي ۽ ضد ٿو ڪري ته هو ملائيشيا يا سنگاپور وڃي پڙهي جِتي هن جا ٻيا دوست به وڃي چڪا آهن.” هن ٻڌايو ۽ منهنجي ڪجهه وڌيڪَ سمجھائڻ تي به مون ڏٺو ته هي والد convince ٿي رهيو هو بلڪه هو فيصلو ڪري چڪو هو ته سندس پٽ ٻاهر پڙهڻ لاءِ وڃي ۽ هاڻ هو ڪنهن به ريت روڪڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ بدران اهو ٿو چاهي ته ڪو هن جي فيصلي تي واهه واهه ڪري ۽ چوي ته اهو سٺو ڪم اهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته تنهنجو پٽ ولايت پڙهڻ لاءِ پيو وڃي.
    اسان جڏهن انٽر سائنس ڪئي ته ان وقت سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن (جيڪ ان وقت سڄي سنڌ لاءِ هڪڙو حيدرآباد ۾ هو) ان سال جنهن شاگرد پهرين پوزيشن کنئي هئي اهو اسانجي ڪاليج جو منهنجو ڪلاس ميٽ هو. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ڪاليج جو پرنسپال هڪ گورو (انگريز) هو جيڪو هڪ قابل تعليمدان هو. ان کنا جڏهن هن پهريون نمبر آيل شاگرد صلاح ورتي ته هو B.E (انجنيرنگ) پڙهڻ لاءِ انگلنڊ وڃڻ جو سوچي رهيو آهي ته پرنسپال هن جي والدين کي سمجايو ته ان ڪچي عمر ۾ ٻار کي ٻاهر هرگز نه موڪلجو. هن کي گرئجوئيشن (بيچولر) ۽ ويندي ماسٽرس پنهنجي ملڪ مان ڪري پوءِ ڊاڪٽوريٽ (Ph.D) لاءِ ٻاهر وڃڻ کپي. تيسين هو عمر جي حِساب سان ڪافي Mature ٿي ويندو.
    اها ڳالهه اسان شاگردن کي ان وقت ته سمجهه ۾ نه آئي هئي پر پوءِ وڏو عرصو ولايت ۾ رهڻ بعد مون اهو ئي اندازو لڳايو ته اسانجي پوڙهي انگريز پرنسپال جي ڳالهه صحيح آهي ۽ اڄ آئون به والدين کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪچڙي ذهن جيٻارن کي ٻاهر نه موڪلين. ڇو جو سواءِ ڪجهه جي گهڻي ڀاڱي پنهنجي هم وطني شاگردن کي جنهن آزادي سان بلڪه ڇڙواڳ نموني سان ٻاهرن ملڪن ۾ گهمندي ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪندي ڏسندو آهيان. ان تي افسوس ٿئي ٿو. ڌارين ملڪن ۾ اڌ اگهاڙين ڊريسن ۾ ڇوڪريون، جوا خانا، مساج پارلر ۽ مئخانا ڏسيو اسان جا ماڻهو وائڙا ٿيو وڃن ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرن جي ڀٽڪڻ جي ته اڃان به وڌيڪَ tendency آهي. ويتر هنن کي ولايت ۾ قدم رکڻ سان جي ڪڏهن اهڙو مڪاني يا سندن ڳوٺ جو شاگرد دوست ٿيو ٿو وڃي جيڪو پرهائي کان وڌيڪَ عياشي جو شوقين آهي ته پوءِ ٻي کي کرڻ ۾ دير نٿي لڳي. پوءِ سگريٽ ۽ شراب جي عادتن کان علاوه ڇوڪرين سان عشقن جا چڪر ۽ رقابتون ۽ پوءِ ان شيطاني چڪر ۾ خونرريزن جا به ڪيس ٿي ٻيا آهن. مون ڪيترن ئي اهڙن ننڍي عمر جي شاگرد کي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رات جو دير تائين هوٽلن تي ڪچهريون ڪندي ڏٺو هوندو ۽ نصيحت ڪئي هوندي ته هڪ سٺي شاگرد کي سوير سمهڻ کپي ۽ هنن هوٽلن ۾ پئسو ۽ وقتُ ضايع نه ڪرڻ کپي. پوءِ اهڙا شاگرد جڏهنن موڪلن ۾ ڳوٺ پهچن ٿا ته م ائٽن سان هڪڙيون ڳالهيون ڪن ٿا پر هڪ جيڏن سان پنهنجي گهمڻ ڦرن، اصلي توڙي خيالي عشقن ۽ عياشين جون ڳالهيون ڪر يٻين کي به هر کائين ٿا ۽ پوءِ ٻيا به مائٽن کي مجبور ڪن ٿا ته هنن کي به ولايت موڪليو وڃي ۽ پريشاني مائٽُ اهو ئي سوچي ٿو ته هيستائين ته هو نه پڙهيو (ظاهر آهي پڙهي ها ته انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچيس ها. نه پڙهڻ ڪري ۽ سٺي گريڊ نه اچڻ ڪري هن کي مهراڻ يا لياقت يونيورسٽي ۾ به داخلا نه ملي) سو هاڻ ٻاهر موڪليانس ته من ڊاڪٽر/انجنير ٿي اچي. پوءِ مائٽ ويچارو قرض کڻي به پٽ کي ٻاهر موڪلي ٿو... ويتر هن کي ڪو نه ڪو اهڙو مون جهڙو مليو وڃي جيڪو ٻاهر رهيو آهي، اهو صلاح ڏئيس ٿو ته هن ملڪ جي هن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ موڪلينس.
    هن دفعي ڪوالالمپور ويس ته منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته هن اسڪول کوليو آهي جنهن ۾ هو فلاڻا ڪورس ڪرائي ڊپلوما ڏيندو. آئون هن کي حيرت سان ڏسڻ لڳس ته هن منهنجي حيررت جو سبب سمجھي مونکي ٻڌايو ته فڪر نه ڪريو. ڪيترا شاگرد ۽ انهن جا والدين ملائيشيا کي پسند ڪن ٿا ۽ تعليم جي بهاني هِتي رهڻ پسند ڪن ٿا جو هڪ شاگرد پويان سندس ماءُ يا پيءُ کي ملائيشيا ۾ رهڻ جي ويزا مليو وڃي. هن مونکي اهو به چيو ته تون پنهنجي ڪالم ذريعي يا سرندي وارن کي پنهنجي ملڪ جي فائو اسٽار هوٽل ۾ گهرائي هنن کي سندن ٻار، منهنجي هن ڪاليج ۾ موڪلڻ جي رغبت پيدا ڪر ته توکي به ٻين ايجنٽن وانگر في شاگرد جي داخلا تي هڪ هزار رنگٽ (يعني 32 هزار رپيا) ڏيندس... مونکي ان وقت ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هيءَ بيماري هن قسم جي ايجنٽن به پکيڙي آهي ۽ ننڍي عمر جي ٻارن توڙي هنن جي والدين جو برين واش ڪن ٿا.
    هونءَ ته ڪو مائٽ چوي ته هن پنهنجي پيءُ يا ڌيءَ کي MBBS يا B.E لاءِ ملائيشيا، سنگاپور، چين يا ٻئي ملڪ موڪليو آهي ته ڏٺو وڃي ته اها هن جي پنهنجي بي عزتي آهي... ڇو جو اڳلو سمجھي وڃي ته هن جو ٻار ايڏو نڪمتو آهي جو هن کي چانڊڪا جهڙي ميڊيڪل يا نوابشاهه جهڙي انجنيئرگ ڪاليج ڪ۾ به داخلا نه ملي. پر آئون ڏسان ٿو ته اڄ ڪلهه اهڙن شاگردن جا والدين وڏي فخر سان ٻڌائيندا رهن ٿا ته انٽر بعد هن جو پٽ ملائيشيا ۾ انجنيئرنگ ۽ ڌيءَ چين ۾ ميڊيڪل پڙهي رهي آهي ۽ ٻيا ٻڌڻ وارا Impress ٿيو وڃن ۽ ڪيترا غريب اهو ئي سوچين ٿا ته ڪاش هنن وٽ به پئسو هجي ته هو به پنهنجن ٻارن کي ٻاهر موڪلين.
    ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته گذريل پنجاهه سٺ سالن کان اسان وٽ اها فخر جي ڳالهه هئي ته ڪنهن جو ٻار ولايت پڙهڻ لاءِ ويو آهي. فخر جي ڳالهه ان ڪري هئي ۽ هئڻ به کپي جو هن شاگرد هِتي داڪٽريا يا انجنيئري يا ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ (IT، فزڪس، ڪيمسٽري وغيره) ۾ اعليٰ پوزيشن ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ تي UNDP، IMO، يا جپان، انگلنڊ ۽ آمريڪا جي وڏي يونيورسٽيءَ ۾ هن کي ان سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس يا ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي آڇَ ڪئي آهي. ۽ ان قسم جي ڳالهه ٻڌي اوڙو پاڙو، دوست سنگتي هن هوشيار شاگرد ۽ هن جي ماءُ پيءُ کي مُبارڪ ڏيڻ ويندا هئا ته هو ولايت پڙهڻ پيو وڇي. پر اڄ افسوس ٿو ٿئيم ته اسان جا ماڻهو ان کي مُبارڪ ٿا ڏين جيڪو ڏڏ آهي جنهن مئٽرڪ ۽ انٽر جهڙن خصيص امتحانن ۾ به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ مائٽ قرض کڻي کيس ڊاڪٽريا يا انجنيري لاءِ ملائيشيا يا چين جي ڪنهن بيڪار ڪاليج ۾ھ پيا موڪلينس! هي سلسلو اڃان هاڻ شروع ٿيو آهي. شل اهڙن گرئجوئيٽن کي انهن ملڪن مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد انهن ملڪن مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد انهن ملڪن ۾ يا پنهنجي وطن جي ڪنهن چمبڙ، تلهار، عمر ڪوٽ يا اوٻاوڙي جهڙي اسپتال ۾ به ڪا نوڪري ملي سگهي! باقي اهي ٻار جيڪي اٺين نمائين ڪلاس ۾ آهن انهن جي والدين کي منهنجي ته اها ئي صلاح آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي چار سال ته کين محنت ڪرايو جيئن انٽر ۾ سٺي پوزيشن کڻي پنهنجي ملڪ جي ئي ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهي ۽ هو توهان جي اکين اڳيان پڙهي سگهي ۽ جي ڊاڪٽري يا انجنيري ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪري ٿو وڍي ۽ وڌيڪَ تعليم لاءِ کيس ڪنهن فارين جي يونيورسٽي جي اسڪالرشپ ملي ٿي وڃيس ته ضرور وڇي. اڄ به شهدادپور، بدين، راڻيپور، کپرو، سانگھڙ ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جا ڪيترائي اهڙا محنتي، قابل ۽ ذهين شاگرد ملائيشيا، سنگاپور کان لنڊن نيويارڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ مختلف سبجيڪٽن ۾ M.Sc ۽ Ph.D پيا ڪن.


    پڙهندڙن طرفان گهڻو پڇيل سوالُ

    منهنجا سنڌي پڙهندڙ توڙي ولايت جي بندرگاهن ۾ جهاز گهمڻ لاءِ ايندڙ اسڪولن جا ٻار، جيڪو سڀ کان گهڻو سوال پڇندا آهن اهو جهاز جي حادثي بابت هوندو آهي ته جهاز تي ڪڏهن حادثو به ٿئي ٿو ۽ جي ٿئي ٿو ته ڪهڙي قسمَ جو؟
    ڳالهه اها آهي ته سامونڊي زندگي ۾ حادثا ئي حادثا آهن. ڪير آهي جيڪو چوي ته هن جو سڄو سفر سڪون سان گذريو؟ ٻين لفظن ۾ هن کي Smooth Sailing ملي! جهاز تي، جهاز هلائڻ وارن کي حادثن کي منهن ڏيڻ ۽ صحيح فيصلا ڪري مالڪ کي وڏي نقصان کان بچائڻ جو ئي ته پگهار ملي ٿو.... نه ته ڪڏهن ڪڏهن ته هفتو هفتو سمنڊ ايڏو سانت رهي ٿو، ٽرئفڪ ايتري گهٽ ۽ آسان آهي، انجڻيون بنا مسئلي جي لڳاتار هلنديون رهن ٿيون جو سوچبو آهي ته جهاز تي ڪو به بني بشر نه هجي ها ته به جهاز “آٽو” تي هلندو رهي ها. ٿورو گهڻو مسئلو ٿيڻ تي اڄ ڪلهه جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز اهڙا آهن جن ۾ خود بخود درستي ٿيو وڃي. پر اهڙي ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪو Risk نٿو کڻي سگهي جو انساني دماغ ۽ فيصلي جو ڪو نعم البدل ناهي. جيتوڻيڪ ڪي ڪي لمحا اهڙا به اچن ٿا جن ۾ لڳاتار اوجاڳي، جسماني ٿڪاوٽ ۽ ذهني دٻاءَ جي ڪري اهي فيصلا غلط به ٿيو وڃن. اهو چرچو يا حقيقت مشهور آهي ته جبرالٽر وٽ جِتي سامونڊي سوڙهو لنگهه ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ملائي ٿو اتي هر وقت جهازن جي اچ وڃ (ٽرئفڪ) تمام گهڻي رهي ٿي. سمنڊ تي زمين وانگر پڪا رستا نه آهن جن مٿان اسان گاڏيون هلايون ٿا. اتي ته نقشي تي پاڻ رستو ٺاهي ان مطابق جهاز کي وٺي هلون ٿا. ۽ جي سمنڊ بگڙيل آهي، طوفان آهي، سمنڊ اندر ڪُنون (Under Currents) آهن ته جهاز کي مقرر راهه تي رکڻ جي باوجود اهو ٿيڙ کائيندو رهي ٿو يعني drift ٿيندو رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته سمنڊ تي زمين جهڙا آسان قانون نه آهن ته هر گاڏي هلائڻ واري کي پنهنجو کاٻو پاسو وٺي هلائڻو آهي. سمنڊ تي صحيح رخ اختيار ڪرڻ جو مدار سامهون واري جهاز جي رفتار ۽ وزن تي به آهي. هڪ ويهه پنجويهه هزار ٽن وارو جهاز بريڪ هڻندو ته اهو ميل کن اڳتي وڃي اسٽاپ ڪندو پر هڪ لک يا ٻه لک ٽن وزني جهاز جي رفتار کڻي اها ئي هجي پر ان جو Momentum ايڏو ٿو ٿئي جو بريڪ هڻن کان پوءِ به ٽي چار ميل اڳيان گهلجيو وڃي. مومينٽم ڇا آهي اهو توهان ڪنهن انٽر جي شاگرد کان پڇي سگهو ٿا. هِتي آئون توهان کي جهاز بابت ٻڌائيندو هلان ته پاڻي جي جهاز ۾ سائيڪل يا موٽر لاريءَ وانگر بريڪ ٿئي ئي ڪانه. جهاز کي بريڪ هڻڻ يعني اڳتي هلڻ کان روڪڻ لاءِ پهرين انجڻ بند ڪري پوءِ ان کي پٺيان هلائڻو پوندو آهي جيڪا ڪجهه منٽن تائين جهاز کي پٺيان پئي ڪندي آهي پر جهاز ايڏو ڳرو ٿو ٿئي جو ان جو مومينٽم ٽٽڻ ۾ وقت لڳيو وڃي ان ڪري انجڻ جي پٺيان هلڻ جي باوجود جهاز ميل ڏيڍ اڳيان ترندو ترندو پوءِ وڃي رڪي ٿو ۽ پوءِ پٺيان چرڻ جي ڪري ٿو ته ان وقت انجڻ بند ڪئي وڃي ٿي جيئن اتي رڪجي پوي.
    ان کان علاوه عام ماڻهو جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته اسان وٽ زمين تي گاڏيون هلائڻ لاءِ ڊگهائي ڊگها رستا آهن يعني هڪڙيون گاڏيون هڪ طرف کان پيون اچن ته ٻيون ان جي مخالف طرف کان.... بلڪه ڪيترا هاءِ وي ۽ سپر هائي وي “ون وي” سسٽم آهن جنهن ڪري گاڏين جي ٽڪرجڻ جو خوف بنهه نه برابر آهي پر سمنڊ تي خاص ڪي سنگاپور ۽ جبرالٽر جهڙن هنڌن تي هڪڙا جهاز سامهون پيا اچن ته ٻيا پٺيان... هڪڙا کاٻي کان پيا اچن ته ٻيا ساڄي کان ٽيا وري باقي ڪُنڊن کان. انهن جي رفتار ۽ سائيز مطابق ڪنهن کي ڪهڙو طرف وٺي ٻي کي واٽ ڏيڻي آهي ان لاءِ هر وقت حاضر دماغ رهڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي سانت ۽ سڪون ۾ رکي سڀ ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي ئي افراتفري جي حالت ۾ جهاز جو ڪئپٽن صحيح فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ ساڄي يا کاٻي پاسي کان گذرندڙ جهاز سان پنهنجي جهاز کي ٽڪرائي وڌو. ڏوهاري ڪنهن کي ٺاهيو وڃي ان لاءِ ڪورٽ ۾ ٻه مهينا ڪيس هلندو رهيو ۽ ٻئي ڌريون دليل ڏينديون رهيون پوءِ جج ان فيصلي تي پهتو ته ساڄي پاسي کان ايندڙ جهاز جي ڪئپٽن جي غلطي هئي ۽ ان کي ٻڌايو ويو ته هن جهاز کي صحيح هلائڻ ۾ صحيح فيصلو نه ڪيو.... ان جهاز جي ڪئپٽن مرڪندي چيو ته جنهن ڳالهه جي فيصلي لاءِ توهان کي ٻه مهينا لڳا ان لاءِ مون وٽ ٻه منٽ به نه هئا.
    بهرحال اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. ٻه منٽ هجن يا اڌ منٽ..... جوابداري جهاز هلائڻ واري جي ٿئي ٿي. جهاز جي مالڪ کي ته انشورنس ڪمپني طرفان نقصان جا پئسا مليو وڃن ٿا.... جهاز هلائڻ جو انٽرنيشنل سرٽيفڪيٽ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جو ئي رد ٿئي ٿو. اهڙن حادثن ۾ پوءِ ڪئپٽن يا نيويگيٽر آفيسر ڪوشش ڪري اهڙي ڏوهه جو الزام انجنيئرن تي هڻندو آهي ته هنن ان وقت اسپيڊ صحيح نه ڏني يا اسٽيرنگ انجڻ ۾ نقص هو. جنهن طرف جيترين ڊگرين تي اسان جهاز موڙڻ چاهيو ٿي ان تي نه آيو. بهرحال ان قسم جا ڪم هلندا رهن ٿا. اهڙي قسم جي حادثن ۾ آئون هڪ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ يڪدم سرويئر گهرائي جهاز جي پوڇڙ (Poop) ۾ لڳل اسٽيرنگ انجڻ جي سروي ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺي ڇڏيندو آهيان جيئن جي معاملو ڪورٽ تائين هلي ته اسانجي انجئيرنگ ڊپارٽمينٽ وٽ ڪو ڊاڪيومينٽري ثبوت موجود هجن.
    هونءَ يارو ڪنهن ڪنهن وقت سمنڊ جو جوش ۽ سياري جي اونداهين ۽ سرد راتين ۾ لڳندڙ طوفانن ۾ پنهنجي پنجاهه سٺ هزار ٽنن جي جهاز کي ڪنهن ڇوڏي وانگر ڦٿڪندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي.... ڀلي کڻي جهاز هلائڻ جي اسان سالن جا سالَ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هجي، ڀلي کڻي ان سان گڏ ڪيترن سالن جو هلائڻ جو تجربو هجي ته به اهڙين نفسا نفسي وارين حالتن مان جهاز جو بچي نڪرڻ لاءِ دل هرگز نٿي مڃي ته ڪا اسان جي قابليت آهي..... پر قدرت جو ئي ڪمال آهي.... جيئن ڪنهن ستر اسي ورهين جي ڄمار جي پوڙهي جي دل جي آپريشن دوران ان جي شگر ليول ۽ بلڊپريشر به صحيح نه هجي ان هوندي به هو آپريشن بعد صحيح سلامت ٿي وڃي ته هڪ دهريو سرجن به اهو سوچيندو هوندو ته اهڙا ناممڪن ڪم جيتوڻيڪ اسان انسانن جي معرفت ٿين ٿا پر انهن کي صحيح ڪرڻ واري اصل طاقت ڪا ٻي آهي.
    سامونڊي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به مسئلا پيدا ٿين ٿا جو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان جو حل ڪيئن ڪڍجي ۽ پوءِ اتي جو اُتي اهي مونجھارا پاڻهي صحيح ٿيڻ تي اڃان وڌيڪَ حيرتَ ٿيندي آهي ته اهي نقص (faults) ڪيئن پاڻهي صحيح ٿي ويا! زندگي جا اهڙا ڀوائتا ۽ معجزاتي قسم جا سمنڊ تي درپيش ايندڙ حالات پسي پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تون وارو حساب لڳندو آهي. شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
    صاحب تنهنجي صاحبي، عجب پسي سون
    پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پهڻ تارين تون
    مولا مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهيج ٻاجهه جو
    سامونڊي زندگي ۾ جيئن ئي داخل ٿيس ته مونکي جيڪو پهريون جهاز مليو ‘اباسين’ نالي هو. هي جهاز جيتوڻيڪ نئون نه هو. پنج ڇهه سال کن پُراڻو ٿيندو جيڪو ايڏو پُراڻو نٿو چئي سگهجي جو ان وقت حاجين جو وڏو جهاز سفينه حجاج 35 سالن جو پُراڻو هو. ايم وي اباسين يعني “موٽر ويسل اباسين” جهاز جي روٽ “يو ڪي ــ ڪانٽيننٽل” هئي يعني انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن: فرانس، جرمني، اسپين، بيلجم ۽ هالنڊ وغيره پر اوڏانهن وڃڻ کان اڳ اسان کي ڪنهن اهم ملٽري سامان کڻڻ لاءِ چين موڪليو ويو ۽ اسان رستي تي ڪولمبو (سري لنڪا)، پينانگ (ملائيشيا)، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ترسندا چين پهتاسين جِتان پوءِ ڊائريڪٽ ڪراچي آياسين. سامان لاهي لنڊن روانا ٿياسين. لنڊن، هئمبرگ، بارسلونا، ائنٽيورپ ۽ راٽرڊئم جهڙا بندرگاهه ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو سي چڱي طرح ڏٺم ضرور پر رستي تي ڪجهه سمنڊ خاص ڪري موزمبق چئنل مان گذرڻ وارا اڍائي ڏينهن، ڪيپ آف گڊ هوپ جا ٻه ڏينهن ڏاڍا خراب گذريا ۽ جيتوڻيڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ وارو هفتو ويندي توڙي موٽندي بيحد سڪون وارو مليو پر لنڊن پهچڻ کان اڳ واري سمنڊ خليج بسڪي (Bay of Biscay) اسان جو حشر نشر ڪري ڇڏيو. جهاز ڪڏهن مست اٺ وانگر ڪڏندو رهيو ته ڪڏهن آنڊي (Appendicitis) جي مريض وانگر لڇندو رهيو. ان سان گڏ اسان جهاز وارن کي به نپوڙي رکيو. اڄ ڏينهن تائين خليج بسڪي جو ٻڌي مونکي آت اچن ٿا جو مونکي ڪڏهن به هي سمنڊ ماٺو نه مليو. اصل ڳالهه اُها آهي ته توهان انهن يورپي توڙي آمريڪي ۽ جپاني پهلوان جهازين کان ته سمنڊن جو پڇو. هو توهان کي اسان واري عربي سمنڊ جون سڌيون ٻڌائيندا جنهن لاءِ شاهه لطيف به بار بار خبردار ڪيو آهي ته:
    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سو نئي
    خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڍيا
    هن سمنڊ لاءِ ئي ته شاهه لطيف اهو به چيو آهي ته:
    دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا
    ۽ هن سمنڊ لاءِ هڪ هنڌ چيو آهي ته:
    آڏو چِڪَڻ چارُ، منهنجي موجَ نه سهي مُڪڙي.....
    ۽ ڪراچي کان اڳتي جي سمنڊ لاءِ چيو آ:
    هي ڇارون ۽ ڇَڇ ، اڃان اوڙاهه آڳاهون ٿيو.....
    (جِئَن جُھڳا پائِيين جھولَ ۾، اِئَن نه مَرَنِ مَڇَّ؛
    سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
    هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.)
    بهرحال قسمت ته ڏسو اسان جو جهاز M.V. Abasin اسانجي حساب موجب آفريڪا ۽ يورپ جا خطرناڪ سمنڊ جھاڳي جڏهن آگسٽ جي مهيني ۾ پنهنجي وطن ڪراچي جي ڪناري تي پهتو ته سانوڻي جي موسم واري سمنڊ جي سَٽ نه جھلي ٻڏي ويو. اسانجي غير حاضري ۾ ڪراچي بندرگاهه وٽ هڪ جهاز اڳهين ٻڏي چڪو هو جنهن جي اطلاع کان اسان غير واقف هئاسين. اسان سڄو سفر پورو ڪري خوشي خوشي هاڻ پنهنجي سمنڊ ۾ گهڙياسين ته جولاءِ آگسٽ جي ڪري هڪ طرف اسان وارو عربي سمنڊ بگڙيل هو ۽ جهاز کي اندر بندرگاهه ڏي ڪاهڻ مسئلو پئي ٿيو ٻي طرف هيٺ ٻڏل جهاز جي معلومات نه هجڻ ڪري ان سان اسان جي جهاز جو ترو اهڙو ته ٽڪرايو جو جهاز ٻڏڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. هونءَ ته پاڻي جا جهاز وچ سمنڊ ۾ به ٻڏڻ ۾ ڏينهن ۽ هفتا لڳائيندا آهن پر اسانجي اباسين اهڙا منٽن جا فيصلا ڪيا جو اسان فقط سفري ڪاغذ ۽ ڊاڪومينٽ ساڻ کڻي جهاز مان ڇلانگ ڏئي لائيف بوٽ ۾ ويهي جان بچائيسين. اڄ ڏينهن تائين آئون سوچيندو آهيان ته جن سمنڊن لاءِ مون سوچيو پئي ته اجھو ٿو هي جهاز ٻڏي اتي ته نه ٻڏو پر پنهنجي وطن جي ڪناري تي اچي ٻڏو ۽ اهڙي خطرناڪ نموني سان جو ڪو سوچي نه سگهي ته ڇا پاڻي وارا جهاز به ائين ٻڏندا آهن! ائين ته هوائي جهاز سمنڊ ۾ ڪرڻ سان غرق ٿي ويندا آهن. اڙدو جو هڪ شعر آهي جنهن جو مفهوم آهي ته:
    اهي سفينه (ٻيڙا) جيڪي اٿاهه سمنڊ جھاڳي آيا اهي ڪناري تي پهچي ٻڏي ويا.
    بهرحال اباسين جهاز جي حادثي ۾ ڪنهن تي ڏوهه آيو ان جو اسان کي فڪر نه هو جو اسان ان جهاز تي جونئر هئاسين. جهازن جي حادثن ۽ ٻڏڻ ۾ جهازن جا وڏا آفيسر: ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ئي جوابده رهن ٿا ۽ کين ڪورٽن جا چڪر لڳائڻا پون ٿا ۽ ڪي حادثا اهڙا ته شرمناڪ ٿيندا آهن جو دل ٻڏي مرڻ تي چوندي آهي.
    مَرکے ہوئے رسوا، کیوں نَہ ہوئے غرق دریا
    نَہ کبھی جنازہ اٹھتا نَہ کہیں مزار ہوتا
    اسان جهاز هلائڻ واري هيٺين اسٽاف جا آفيسر پنهنجي هيڊ آفيس مان joining letter وٺي وڃي ڪمپني جي ٻين جهازن تي چڙهياسين.
    بهرحال ان معاملي ۾ قدرت جا پنهنجا حِساب ۽ ليکا آهن. ظاهري طرح ته هر جهاز جو ڪئپٽن توڙي چيف انجنيئر قابل ٿئي ٿو ۽ هنن کي پنهنجو پاڻ تي ناز به ٿئي ٿو ته هو هيڏا آفت جيڏا جهاز ملاڪا نار ۽ جبرالٽر نار جهڙن سوڙهن توڙي ائٽلانـٽڪ ۽ پئسفڪ جهـڙن اٿاهه سمنڊن ۾ هلائيندا رهن ٿا پر هنن کي ڪهڙي خبر ته سندن نصيب ۾ ڇا لکيل آهي. ٽائٽانڪ جهاز جڏهن ٺهيو ته ان جي ورهايل Ballast ٽانڪين کي مد نظر رکي ان جي ٺاهڻ وارن انجنيئرن فخر سان چيو ته هڪ ڪارڪ (يعني بوتل جي ٻوچ جيڪو بلڪل هلڪي ڪاٺ جو ٺهيل ٿئي ٿو)، اهو ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائٽانڪ هرگز نه. ۽ واقعي نيول آرڪيٽيڪچر جي حِساب سان ڏٺو وڃي ته اهڙي جهاز کي تارپيڊو لڳڻ تي به نٿو ٻڏي جو جهاز ۾ سوراخ ٿيڻ تي پاڻي ان سوراخ واري حصي تائين محدود رهي ٿو باقي حصي جون ٽانيڪون خالي رهڻ ڪري اهي جهاز کي ٻڌڻ کان بچايو وٺن. جهاز هلائيندڙ ۽ جهاز جي مُسافرن کي ايڏو ته ڀروسو هو جو بندرگاهه ڇڏڻ وقت جيڪا بوٽ ڊرل ٿيندي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته جهاز ٻڏڻ مهل ڪهڙن ماڻهن کي ڪهڙين ٻيڙين ۾ ويهي پنهنجي جان بچائڻي آهي ان ۾ ڪو ورلي حاضر ٿيو. هر هڪ جي دماغ ۾ اهو هو ته ههڙو جهاز ڀلا ڪيئن ٿو ٻڏي سگهي. ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن جهاز جا مُسافر شراب پي نچي رهيا هئا ته آڌي رات جو هڪ برف جو ايڏو وڏو ۽ اهڙو ڪنڊائتو تودو Iceberg جهاز جي سامهون اچي ويو جنهن کان پاڻ بچائڻ خاطر جهاز کي گهڻو ئي موڙيو ويو پر اهو جهاز جي هڪ حصي سان ٽڪرائڻ بدران جهاز جي هڪ سڄي پاسي کي رهڙي ويو ۽ اها رهڙ اهڙي ته سخت آئي جو جهاز جي سڄي پاسي جون سموريون لوهي چادرون اکڙجي ويون ۽ سمنڊ جو پاڻي سڄي جهاز اندر ايڏو ته تيزيءَ سان گهڙيو جو مُسافرن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. جن جا هوش حواس صحيح هئا انهن کي بچاءَ واريون ٻيڙيون نظر نه پيون اچن ته انهن تي ڪٿان چڙهجي... ڇاڪاڻ جو ڪجهه ڪلاڪ اڳ بندرگاهه مان جهاز جي نڪرڻ وقت هر جهاز جي ٿيندڙ ضروري بوٽ ڊرل هنن attend نه ڪئي هئي جنهن ۾ جهاز ٻڏڻ ۽ باه لڳڻ وقت پنهنجي جان بچائڻ جا طريقا ٻڌايا وڃن ٿا.


    ويا اوهري اوءِ....

    “فارلئنڊ ائنڊ وولف” پاڻيءَ جا جهاز ٺاهڻ واري هڪ ڪارخاني جو نالو آهي جيڪو آئرلئنڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ آهي. جهاز ٺاهڻ (Ship Building) جي هيءَ ڪمپني تمام پراڻي آهي جيڪا 1861ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ اڄ تائين دنيا جا بهترين ۽ مضبوط پاڻيءَ جا جهاز ٺاهڻ کان مشهور آهي. مونکي به هن ڪمپني جي ٺهيل هڪ جهاز تي Sail ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ان وقت 20 سال کن پُراڻو هو. سندس اصل ڄم جي وقت وارو نالو ته هن وقت ياد نه اٿم پر اسان جي قومي ڪمپنيءَ جڏهن هي جهاز خريد ڪيو ته ان جو پراڻو نالو بدلائي “پدما” رکيو. جهاز سو پراڻو هو پر پراڻي وقت جو ٺهيل هجڻ ڪري سندس ٻاهريون لوهي چادرون توڙي اندر جون انجڻيون بيحد مضبوط هيون. بهتر Maintenance ۽ وقت تي اوورهالنگ ڪري ان کي هلائيندا رهياسين. هڪ دفعي ڪراچي بندرگاهه ۾ هجڻ دوران هن جهاز تي هڪ نئون جونئر انجنيئر، هن جهاز تي آيو. انجڻ روم ۾ ڪنٽرول بورڊ جي مٿان لڳل پتل جي پليٽ تي هن ڪمپني “هارلئنڊ ائنڊ وولف” جو نالو غور سان پڙهي مون کان پڇيو:
    “سر! هيءَ اها ڪمپني آهي نه جنهن اٿينڪ، بالٽڪ ۽ اڊرياٽڪ جهڙا جهاز ٺاهيا جيڪي لڳاتار چاليهه چاليهه سال سمنڊ تي هلڻ بعد اسڪريپ ٿيڻ وقت به نوان ٿي لڳا؟”
    مشينن جي گوڙ ۾ مون کيس تفصيلي جواب ڏيڻ بدران فقط ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪري هائوڪار ڪئي. هو بيحد exited لڳو ٿي. جنريٽرن وٽان ڦري وري اچي چيائين: “سر! آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان جو منهنجي پهرين پوسٽنگ هڪ اعليٰ جهاز ساز ڪمپني جي ٺهيل جهاز تي ٿي آهي جنهن جا جهاز مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻَ آهن.”
    هن شايد اهو ٿي چوڻ چاهيو يا اهو سوچي پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو ته جيستائين هو هن جهاز تي آهي هن جي زندگي سلامت آهي. جو هن ڪمپني جا ٺهيل جهاز بيحد مضبوط ٿين ٿا جنهن ڪري مهانگا پڻ هوندا آهن. مون کيس وري ڪنڌ جي ڌوڻ سان هائوڪار ڪئي پر دل ۾ سوچيم ته هي درويش اڃان هاڻ هن زندگيءَ ۾ گهڙيو آهي.... هن کي ڪهڙي خبر ته جهاز کڻي ڪهڙا به مضبوط ۽ ماڊرن هُجن اهي پنهنجو پاڻ نٿا ٻڏن..... انهن کي ٻوڙڻ وارا اسان ئي آهيون... اسان هلائڻ وارن جي غلطين ۽ غلط فيصلن ڪري اُهي ٻُڏن ٿا.
    ڊنر تي ڊائننگ هال ۾ هن نئين آيل انجنيئر کي چيم ته هن ڪمپني جي ٺهيل ٻين جهازن برٽائنڪ، مئگنيٽڪ ۽ سليٽڪ سان گڏ “ٽائيٽانڪ” جهاز به هن ئي ڪمپنيءَ جو ٺهيل هو جيڪو پنهنجي پهرين سفر Maiden Voyage تي ٻڏي ويو هو. ان جي جواب ۾ ڪجهه ڪڇڻ بدران هن پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي ڇڏيو.
    مٿين ڳالهه پورا چاليهه سالَ اڳ جي آهي. اڄ 14 اپريل تي ٽائيٽينڪ جهاز جو سوچي اها ڳالهه ياد اچي وئي. اڄ کان پورا سئو سال اڳ هن جهاز جو ٽَڪر برفَ جي ڇِپَ Iceberg سان ٿيو هو. هونءَ ته پاڻيءَ جا جهاز ٻڏڻ ۾ ڏينهن ڇا هفتا وٺندا اهن پر هن جهاز ڪلاڪن جا فيصلا ڪيا. جهاز ته اڄ به هر روز نه ته سراسري هر هفتي دنيا جي ڪنهن سمنڊ تي ٻڏندو رهي ٿو پر هي جهاز دنيا لاءِ سنسني خيز خبر ان ڪري بڻيو جو هڪ ته هي جهاز ان وقت جو سڀ ۾ نئون، وڏو ۽ ماڊرن هو جنهن جي ٻڏڻ جو ڪو سوچي نٿي سگهيو.... جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
    “When it was built, the Titanic was the largest moving human made object in the world”
    ۽ جنهن جي ٺاهڻ وارن انجينيئرن جو اهو claim هو ته cork (بوتل جو ٻوچ ــ جيڪو بيحد هلڪي وزن واري ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو) ٻڏي سگهي ٿو پر هي جهاز هرگز نه. ايتريقدر جو هن جهاز لاءِ اهو به چيو ويو ٿي ته:
    “God himself cannot sink this ship”
    اهو جهاز پهرين سفر ۾ ئي چٽڻي ٿي ويو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز جا ٻڏي ويل مسافر دنيا جا اهم ۽ امير ترين ماڻهو هئا. جهڙا تهڙا ماڻهو ۽ جهاز ته ان وقت ائين ئي پئي ٻڏيا. اهو اڄ ميڊيا جو دور آهي جو سڪرنڊ، نوابشاهه روڊ تي ڪو بس جو حادثو ٿو ٿئي ته اهو به اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي اچيو وڃي.
    برطانيه جو پئسينجر لائينر ٽائٽينڪ (سڄو نالو RMS Titanic.... رايل موٽر شپ ٽائيٽنڪ) بيلفاسٽ شهر جي شپ يارڊ ۾ 1909ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ ٻن سالن بعد 1911ع ۾ لوهي ڍانچي کي زمين تان سمنڊ ۾ لاٿو ويو جنهن کي عام طور جهاز جي Launching سڏجي ٿو. سمنڊ تي لاهڻ بعد هن ۾ مشينون فٽ ڪرڻ ۽ رهائش جي ڪمرن کي سيٽ ڪرڻ ۾ هڪ سال وڌيڪَ لڳي ويو. جهاز جي ٺهڻ دوران ئي هن جي پهرين سفر جون ٽڪيٽون وڪامي ويون هيون. هن جهاز جو وزن 52300 ٽن هو جيڪو اڄ جي دور جي حساب سان به تمام وڏو جهاز ٿيو. اڄ کان هڪ صدي اڳ هن جهاز جي خبرن ماڻهن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو. ڪراچي ۾ ٽاور وٽ جناح برج تان لنگهندي ڏکڻ طرف بندرگاهه ۾ جيڪي آفت جيڏا لوهي مال بردار جهاز ڏسو ٿا اهي گهڻو ڪري 20 کان 30 هزار ٽنن وارا هوندا آهن، يعني هي مسافر لائينر (لائينر ان مسافر جهاز کي سڏجي ٿو جيڪو شڊول مُطابق مقرر ٿيل بندرگاهن ۾ هلندو رهي) انهن جهازن کان ٻيڻو ٿيو. يا سندس ڊيگهه 270 ميٽرن (900 کن فٽن) جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته اسان وٽ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ وڏا بنگلا جن جي روڊ سائيڊ تي ويڪر 17 وال ۽ اندر ڊيگهه 30 وال ٿئي ٿي 500 چورس والن جا ٿين ٿا. هن جهاز جي ويڪر 300 ميٽر (30 وال کن) ٻَڌجي ته معنيٰ هڪ ٻئي ڀرسان اهڙا 16 بنگلا هجن ته اهي جهاز جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ٿيندا. ۽ ٻي ڳالهه ته اهي بنگلا ته هڪ ماڙ يا ٻماڙ ٿين ٿا پر هي جهاز ڇهه ست ماڙ هو جنهن جو اڌ سمجهو ته سمنڊ کان ٻاهر هو ته اڌ سمنڊ اندر ٿيو. ان ۾ مسافرن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ هڪ هزار کان مٿي باٿ روم ۽ ڊريسنگ روم سان گڏ ڪمرا هئا جيڪي فائو اسٽار هوٽل جي ٽَڪر جا هئا. ڇو ته هي جهاز دنيا جي امير ترين ماڻهن جي سير ۽ سفر لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ سندن هر قسم جي آرام ۽ عيش جو خيال رکيو ويو هو. هن جهاز تي مسافرن لاءِ سئمنگ پول هو، جمنازيم، لئبرري به هڪ نه پر ٽي چار، هاءِ ڪلاس ريسٽورنٽون ۽ ٻيو وندر ۽ موج مزي جو سامان هو. بس سمجھو ته سيون اسٽار هوٽل هئي جيڪا پاڻيءَ تي تري رهي هئي.
    جهاز جي پهرين سفر (Maiden Voyage) تي جهاز تي ڪل 2224 مسافر ۽ جهاز هلائڻ وارا ماڻهو هئا ــ انهن ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن کان علاوه انگلنڊ ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا اميگرنٽ هئا جيڪي پنهنجيون جايون جڳهيون وڪڻي پاڻَ سان سون ۽ پئسو کڻي هميشه لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا ڏي لڏي رهيا هئا ۽ پوءِ ساڻن گڏ سندن ملڪيتون به ٻڏي ويون. انهن اميرن مان هڪ جو اڄ به ذڪر ٿيندو آهي ته هو ڇا ته مغرور هو. هن پنهنجو سڀ پئسو کڻي آمريڪا ۾ وڏو ڪاروبار ڪري پاڻ کي اڃان وڏو امير بڻايو ٿي. هن کي ڪهڙي خبر ته هن جي قسمت ۾ ڇا آهي. جهاز جي اوچتي حادثي ۽ يڪدم ٻڏڻ ڪري پئسينجر پنهنجي جان به مشڪل سان بچائي سگهيا. 1500 کان مٿي ماڻهو ٻڏي ويا 700 کن ماڻهو جيڪي بچيا انهن ۾ هي به هڪ هو پر مال ملڪيت هلي وڃڻ ڪري هو زندگي جا باقي ڏينهن خيرات (Charity) تي گذارو ڪندو رهيو.
    جهاز 10 اپريل 1912ع تي مُسافر کڻي سائوٿمپٽن بندرگاهه مان لنگر کنيو ۽ سڌو نيويارڪ وڃڻ بدران ڏينهن اڌ فرانس جي بندرگاه چربورگ ۽ آئرلنڊ جي بندرگاهه ڪئينس ٽائون (هاڻ ڪوڀ سڏجي ٿو) ۾ ترسيو. ان بعد نيويارڪ وڃڻ لاءِ جيئن ئي اُتر ائٽلانٽڪ اڪرڻ شروع ڪيو ته ان ئي رات ساڍي يارهين بجي ڌاري، اتر قطب کان تري ايندڙ هڪ برف جي ڇِپَ (Iceberg) سان ٽڪر ٿيو ... بلڪه اهو برف جو جبل ٽائيٽنڪ جي ساڄي پاسي واري حصي کي اهڙو ته گهڪو ڏئي ويو جو جهاز جو اهو سڄو پاسو اندر دٻجي ويو جيئن چِپَ ڪري ڪار ۾ dent پئجي ويندو آهي. جهاز جيڪو 16 واٽر ٽائيٽ حصن ۾ هو ان جا 5 حصا کلي پيا ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ انهن ۾ ڌوڪي اچڻ ۾ دير نه لڳائي.
    دراصل اڄ ڪلهه هر جهاز کي مختلف واٽر ٽائيٽ حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. ان جو نه فقط ترو ڊبل ٺاهيو وڃي ٿو پر پاسي واريون ڀتيون به ٿلهين لوهي چادرن ذريعي ٻٽيون ڪيون وڃن ٿيون. پر ٽائيٽينڪ کان اڳ جيڪي به جهاز ٺهيا ٿي انهن جي تري ۾ يا پاسي کان ڪنهن هڪ هنڌ به سوراخ ٿيو ٿي ته ان ذريعي پاڻي سڄي جهاز ۾ پهچي ان کي ٻوڙي رکيو ٿي. پر هي جهاز ٽائيٽنڪ نه فقط سهڻو، وڏو ۽ مسافرن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خيال کان تمام گهڻو آرام ۽ عيش وارو ٺاهيو ويو هو پر حفاظت جي خيال کان به اعليٰ درجي جو هو جو سڄو جهاز 16 واٽر ٽائيٽ طبقن ۾ ورهايو ويو هو ۽ هڪ کان ٻئي طبقي ۾ گهڙڻ لاءِ نه فقط واٽر ٽائيٽ دروازا هئا پر اهي رموٽ ڪنٽرول پڻ هئا. يعني ڪنهن طبقي ۾ جي سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي وڃي ته ان طبقي ۾ اندر وڃي ان جا هٿن سان (Manually) دروازا بند ڪرڻ بدران مٿان ڪنٽرول روم يا ٻي ڪنهن سهولت واري هنڌ تان بٽڻ کي دٻائي هئڊرالڪ پريشر سان بند ٿي سگهيا ٿي.
    ان حساب سان (۽ هاڻ ته هر جهاز ائين ٺاهيو وڃي ٿو) جيڪڏهن ڪو ٻيو جهاز پاسي کان اچي زور سان ٽڪر هڻي لوهي پليـٽ ڦاڙي رکي يا جنگ جي ڏينهن ۾ ڪو جنگي جهاز ٽارپيڊو به هڻي ته به جهاز ۾ سوراخ ضرور ٿيندو، سمنڊ جو پاڻي ضرور ايندو پر جهاز ٻڏندو نه ڇو جو اهو داخل ٿيل پاڻي فقط ان ڪمپارٽمينٽ تائين محدود رهندو ۽ جهاز Buoyancy جي هجڻ ڪري ترندو رهندو. هڪ بدران ٻن هنڌن تي ٽارپيڊو لڳندو تڏهن به جهاز ٻڏي نه سگهندو پر هِتي جهاز جي بد قسمتي، جو هلائيندڙن جي Misjudgment ڪري، هڪ ته هو نه رفتار گھٽائي سگهيا ۽ نه پنهنجو جهاز ٿورو وڌيڪَ پري ڪري سگهيا.
    رات جو وقت هو، Choppy (اٿلون کائيندڙ) اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ هو، سڀني کي Over Confidence ته هُو هڪ اهڙي “بم پروف” ڪار ۾ آهن جنهن تي بندوق جي گولي ڇا اثر ڪندي، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. جهاز کان وڏي ڇپ جهاز جي ساڄي پاسي کي رَهڙي وئي.... ٻه منٽ به نه لڳا.... جهاز اڳيان پنهنجي ڪورس ڏي وڌيو ته ڇپ پٺيان پنهنجي ڪورس تي. هي برفاني ڇِپون جن کي اسان Iceberg سڏيون ٿا، هن مهيني يعني اپريل ڌاري اتر قطب ۾ سياري ۾ ڄميل سمنڊ کان الڳ ٿي ڏکڻ طرف يعني خط استوا ڏي وڌڻ شروع ڪن ٿيون ۽ مهيني اڌ جي سفر ۾، خط استوا تائين پهچڻ کان اڳ ڳري ڳري ختم ٿيو وڃن.
    کاري پاڻي مان مٺو پاڻي ڪرڻ جو پلانٽ “فريـش واٽر ايووپريٽر” يا ٻي ٽيڪنالاجي جڏهن اڃان ايتري پاپيولر نه ٿي هئي..... يعني گذريل صدي جي پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته دبئي ۽ سعودي عرب وارا اهو به سوچي رهيا هئا ته سندن ملڪ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اتر ائٽلانٽڪ مان ڪنهن آئس برگ کي ڇڪي دبئي يا جدي بندرگاهه تي وٺي اچجي جِتي پوءِ ان کي ڀڃي برف سان ٽرڪون ڀرائي شهر کي سپلاءِ ڪيون وڃن. آئس برگ کي رستي تي ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ ان کي پلاسٽڪ سان ڍڪيو وڃي ها. هِتي اهو به لکندو هلان ته هي برف جون ڇِپون (Iceberg) تمام وڏيون ٿين ٿيون ... جهاز جي سائيز کان به ٽيڻيون چؤڻيون ۽ سندن برف پٿر جهڙي سخت ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن توهان کي سمنڊ تي سامهون جهاز جيڏي ڇپ ترندي نظر اچي ٿي ته اها به توهانجي جهاز کان تمام وڏي آهي. سمنڊ تي جيڏو جهاز نظر اچي ٿو دراصل ان نظر ايندڙ سائيز کان اهو ٻيڻو ٿئي ٿو جو جهاز جو اڌ کن پاڻيءَ ۾ اندر رهي ٿو. اهڙي طرح برف جي ڇِپَ (Iceberg) جيترو ٻاهران نظر اچي ٿي ان جيڏا نَوَ حصا اها پاڻي اندر آهي. توهان پاڻي جي گلاس ۾ برف جو ڪيوب وجھي ڏسو... ان جو ڏهون حصو به ڪو مس پاڻي مٿان نظر ايندو. سو اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ چُرندڙ هي برفاني ڇپون تمام وڏيون ۽ خطرناڪ ٿين ٿيون. انهن مان هڪ ان وقت جي سڀ کان وڏي، ماڊرن ۽ مضبوط جهاز کي ٻوڙي رکيو. هن هڪ نه، ٻه نه پنجن ڪمپارٽمينٽن (جهاز جي حصن) جي لوهي چادرن جون Rivets (ڪِليون) اڊوڙي ڇڏيون. ياد رهي ته ان زماني ۾ يعني اڄ کان 100 سال اڳ لوهي پليٽن کي Rivets ذريعي ملايو ويو ٿي. ويلڊنگ اڃان ابتداعي مرحلن ۾ هئي.
    بهرحال ان جاءِ تي ٽائٽينڪ جهاز کي ٻه ٽارپيڊو لڳن ها ته به نه ٻڏي ها جو وڌ ۾ وڌن ٻن حصن ۾ پاڻي اچي ها. بعد ۾ حِساب لڳايو ويو ته جهاز جا ٽي ڪمپارٽمينٽ به ڦاٽن هئا ته بهBuoyancy ايتري رهي ها جو جهاز نه ٻڏي ها. پاڻي جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارا اسين هوائي جهاز هلائڻ وارن دوستن کي چوندا آهيون ته هوائي جهاز تباهه ٿو ٿئي ته منٽن جا فيصلا ٿيو وڃن پر اسان پاڻي جا جهاز هلائڻ وارا ان معاملي ۾ خوشنصيب آهيون جو پاڻي جو جهاز تباهه ٿيڻ بعد به ٻڏڻ ۾ هفتا ڪڏهن ته مهينا لڳايو ڇڏي تيسين بچاءَ لاءِ پاسي اوسي کان لنگهندڙ جهاز پهچيو وڃن ... نه ته به ان ڪم لاءِ هر جهاز تي موجود لائيف بوٽس استعمال ڪري سگهجن ٿيون. پر ٽائيٽينڪ جهاز کي ٻڏندو ڏسي شاهه جو بيتُ ٿو ياد اچي ته:
    صاحب تنهنجي صاحبي، عجب پسي سون
    پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پهڻ تارين تون
    مولا مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهيج ٻاجهه جو
    رات جي وقت جڏهن جهاز جا مُسافر شراب پي ناچ گاني جو مزو وٺي رهيا هئا ته يارهن لڳي چاليهه منٽن تي هن جهاز جو آئيس برگ سان ٽڪر ٿيو ۽ سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر ڌوڪڻ لڳو... جيسين جهاز هلائڻ وارن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته جهاز کي ڪيڏو نقصان ٿيو آهي ۽ ڇا ڪرڻ کپي تيسين هڪ ٿي ويو. ان بعد سمجهه ۾ اچي ويو ته هي ڪڏهن به نه ٻڏندڙ جهاز ٻڏڻ وارو آهي ۽ بچاءَ جي ڪا اميد نه آهي. جهاز جون بچاءَ واريون ٻيڙيون لاٿيون ويون پر حال اهي هئا جو ڪيترا مسافر ته نشي ۾ ڌت هئا جيڪي هوش ۾ هئا انهن کي اهي هوش نه هئا ته جهاز جي ڪهڙي حصي تي ٻيڙيون آهن ۽ ڪنهن کي ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ وهڻو آهي. دراصل بندرگاهه ڇڏڻ وقت مسافرن جي پرئڪٽس لاءِ جڏهن باهه وسائڻ ۽ ٻيڙين ۾ چڙهڻ جي ڊرل هلي رهي هئي ته شايد ئي ڪنهن مسافر ان ۾ دلچسپي ورتي جو هر هڪ کي ان ڳالهه تي پڪو يقين هو ته هن جهاز جو ٻڏڻ هڪ ناممڪن ڳالهه آهي ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته جيترا مُسافر هئا، اوترن جي ٻيڙين ۾ وهڻ جي جاءِ به نه هئي. هي اڄ وارا سخت قانون ته جهاز تي فقط اوترا ماڻهو چڙهندا جيترن جي Boat Capacity هوندي.... يعني بچاءَ وارين ٻيڙين ۾ مقرر جاءِ ۽ راشن پاڻي هوندو...هن ٽائٽينڪ جي ٻڏڻ بعد ٺهيا..... نه ته ان کان اڳ جهاز هلائڻ وارن ۽ مسافرن جي سلامتي ۽ حفاظت واري پهلوءَ جو ڪنهن کي فڪر نه هو.
    برف جي ڇپ سان جهاز جي ٽڪر بعد سمنڊ جو پاڻي جيئن ئي جهاز جي اڳئين حصي ۾ گهڙيو ته جهاز جو اڳ وارو حصو ڳرو ٿي سمنڊ اندر يترو ته هليو ويو جو ان جي پٺ وارو حصو مٿي کڄي آيو. اهڙي صورت ۾ جهاز تي هلڻ به محال ٿي ويو ۽ ماڻهو ڊيڪ تان ڪري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. پوري ٻه لڳي ويهه منٽن تي جهاز جو پويون اڌ جيڪو مٿي کڄي ويو هو اهو ٽڙڪاٽ ڪري ڀڄي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ ٻي طرف لڙهڻ لڳو. ان وقت به ان اڌ تي هزار کان مٿي مسافر هئا جيڪا اونداهي رات ۾ هڪ طرف رڙيون واڪا ڪري رهيا هئا ته ٻي طرف سمنڊ ۾ ڪريل ۽ اڇلون کائيندڙ ٻيڙين ۾ ويٺل باقي ماڻهو الٽيون ۽ دانهون ڪري رهيا هئا. ٽائٽينڪ جهاز جا سگنل جيڪي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ وقت نڪرن ٿا اهي ڀر مان لنگهندڙ ڪارپاٿيا نالي هڪ جهاز حاصل ڪري هنن وٽ چئين بجي ڌاري پهتو ۽ سمنڊ ۾ لڙهندڙ جهاز جي اڌ تي ڪجهه بچيل ۽ ٻيڙين ۾ سوار مسافرن کي ان جهاز تي کنيو ويو ... جن جو ڪل تعداد 710 ٿيو.... باقي 1514 مسافر ۽ جهاز جو عملو اونداهي رات جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا يا شارڪ مڇين جو کاڄ ٿي ويا.
    ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇڏين ماڳهين
    جڳ جا جُگ ٿيا، تئان نه موٽيا
    ڪجهه ڪلاڪَ اڳ جيڪي هيرن جواهرن جا مالڪ هُيا سي پنهنجي مال ملڪيت سميت هميشه لاءِ گم ٿي ويا باقي بچيل ماڻهو ٽن پسيل وڳن ۽ ڏڪندڙ جسم ۽ خوف کان هئڊا ٿيل منهن سان ڪارپاٿيا جهاز جي هال جي فرش تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳا ته هنن کي في الحال فقط هڪ ڪوپ گرم چانهه يا بصر جي سوپ جو ئي ڏنو وڃي.... هي اهي ماڻهو هئا جن جي اڳيان ڪجهه دير اڳ سندن جهاز تي ست رڇيون سجايل هيون ۽ دنيا جي بهترين شرابن جون بوتلون کليل هيون.


    خرابي ڪٿي آهي ۽ حل ڇا آهي؟

    سيوهڻ پاسي کان هڪ شادي شده ڇوڪريءَ فون ڪري مونکان عرفانا ملاح جو نمبر ورتو. پروفيسر عرفانا ملاح پڻ دادو ضلعي جي آهي. ڪيمسٽري ۾ Ph.D آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ سان واسطو رکي ٿي. هوءَ پنهنجين لکڻين ۽ شاعري کان مشهور آهي.... پر ان کان به وڌيڪَ هوءَ عورتن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ۽ مظلوم عورتن جي مدد ڪرڻ جي خدمتن کان سڃاتي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ڊاڪٽر عرفانا ملاح وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ عورتن جو ڀلو ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورتون آهن جن پنهنجي زندگي جي فرصت جون گهڙيون ان قسم جي نيڪ ڪمن ۾ لڳائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن.... انهن مان ڪجهه جن کي آئون سڃاڻان، آهن: امر سنڌو، حسين مسرت شاهه، روزينه جوڻيجو، نسيم جلباڻي ۽ عاليه قادري وغيره.
    ڪجهه دير بعد سيوهڻ جي مٿين ڇوڪريءَ جو وري فون آيو. “سائين! ٻه ٽي دفعا عرفانا کي فون ڪيو اٿم پر کڻي ڪانه ٿي.”
    “ٿي سگهي ٿو هوءَ ليڪچر ڏئي رهي هُجي ۽ فون silent تي رکيو هُجيس. شامَ جو کڻي ڪجوس” مون چيو مانس. پر هوءَ سخت پريشان لڳي رهي هئي جنهن جو اظهار پاڻ به ڪندي چيائين: “سائين توهان ئي ڀلا ٻڌايو ته آئون ڇا ڪريان. آئون سخت ڊپريشن ۾ آهيان.”
    “الله خير ڪندو. لڳي ٿو ڪو گهرو مسئلو اٿانوَ.” مون پڇيو.
    “ها سائين. مونکي سَسُ تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي. منهنجو مڙس پاڻ نوڪري خاطر اڪيلو ڪراچي ۾ رهي ٿو ۽ مونکي پنهنجي ستن سالن جي ڌيءَ ۽ ننڍي پٽ سان هِتي ڳوٺ سَسُ سهري وٽ ڇڏي ويو آهي.”
    هن وڌيڪَ ٻڌايو ته جڏهن سندس مڙس اچي ٿو ته اهي ٻه ڏينهن سَسُ ماني به صحيح ڏئي ٿي “نه ته رڳو ٽوڪون ۽ دڙڪا نصيب ۾ اٿم.”
    هن هڪ ئي ساهيءَ ۾ پنهنجي سَسُ، جا هن کي تنگ ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٻڌايا جيڪي اسان جي معاشري ۾ عام آهن. سواءِ چند سَسُن جي، گهڻي ڀاڱي جي اها ئي خواهش رهي ٿي ته جيڪي ظلم هُنَ نُنهن ٿي سَٺا انهن کان ڪجهه وڌيڪَ ئي ظلم ۽ جٺيون پنهنجي ننهن سان ڪجن .... جيئن ملٽري ڪاليجن ۾ سينيئر ڪئڊٽ جونئرن سان تعديون ڪن ٿا.
    مون کيس اُها ئي صلاح ڏني ته هوءَ صبر ڪري، ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڏينهن سندس سهرو سندس سَسُ کي سمجھائي.
    “نه سائين! اهو نا ممڪن آهي.” هن ٻڌايو، “منهنجو سهرو ته سَسُ کان اهڙو ٿو ڊڄي جو هر ڳالهه ۾ هٿ ٻڌيو پيو هلي. مهرباني ڪري مونکي ڪا صلاح ڏيو آئون اهڙي بيزار ٿي چڪي آهيان جو خود ڪشي ڪرڻ چاهيان ٿي.”
    “آئون پاڻ به دعا ڪندس ۽ توکي به اهو ئي چوندس ته دعا ڪر ۽ جيتري قدر ٿي سگهي پاڻ کي ٽينشن ۾ نه رک. ڇو جو ذهني پريشاني توکي ڊائبٽيز ۽ بلڊپريشر جهڙيون قاتل بيماريون ڏئي ڇڏيندي. تنهنجو پاڻ لاءِ نه ته ٻارن لاءِ زندهه هجڻ ضروري آهي.” مون چيومانس ۽ مونکي لڳو ته منهنجي ڳالهه هن کي ٿوري ئي ٿوري پر تسلي ۽ سڪون پهچايو ڇو جو هوءَ ڪجهه گهڙين لاءِ چپ ٿي وئي پر پوءِ ان ئي گهڙيءَ وري غصي ۾ اچي وئي ۽ جذباتي ٿي چيو:
    “سر آئون رڳو اهو ئي پڇڻ چاهيان ٿي ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي سَسُ منهنجي ماسي ٿي ڪري ظلم ٿي ڪري گهر جو سڄو ڪم ڪار به آئون ڪريان ۽ دڙڪا ۽ طعنا به آئون ٻڌان..... نوڪرياڻيءَ جي به ڪا عزت ٿيندي آهي.”
    “افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هيءَ اهڙي بازي آهي جنهن ۾ منصف (جج) ۽ کٽڻ واري ڌُر ساڳي ٿئي ٿي ۽ هن راند جا اصول به انهن جا ئي ٺهيل ٿين ٿا. ان ڪري تولاءِ بهتر اهو آهي ته صبر کان ڪم وٺ”. مون چيومانس.
    “تنهن جي معنيٰ ته منهنجو ڪو درد فرياد ٻڌڻ وارو ڪونهي؟” هن پڇيو.
    “مون کي ته ائين لڳي ٿو. بقول تنهنجي، تنهنجو مڙس به توکي ڪا اهميت نٿو ڏئي. جيتوڻيڪ اهو سوچي به توکي پريشان نه ٿيڻ کپي جو اسانجي سوسائٽي ۾ گهڻي ڀاڱي اسانجو مرد صاحب پنهنجي زال کي پنهنجو ساٿي نٿو سمجھي....خاص ڪري جي اها ڇوڪري هن جي پنهنجي سنڌياڻي آهي! وري به ڪا پنجابي يا اڙدو ڳالهائڻ واري ڇوڪري آهي ته اسانجو مرد ان سان سڌو رهي ٿو.”
    “اهو ته سائين سنڌي مڙس (husband) ته ڇا سنڌي ڌاڙيل به غير سنڌين کان ڏڪي ٿو. هو فقط گهر جائي ڪڪڙ اغوا ڪري پاڻ کي شينهن مڙس سڏائي ٿو.” هن ٿورو کِلندي چيو.
    “بهرحال تون ڀلي پنهنجي سَسُ جي شڪايت مڙس سان ڪري ڏس. ٿي سگهي ٿو هو تنهنجو پاسو نه کڻي يا پاسو کڻي به .... پر ٻنهي صورتن ۾ Loser تون رهندينءَ.”
    “اهو ڪيئن؟” هن حيرت جو اظهار ڪيو.
    “اهو هن ريت جو هو يا ته ماءُ جو پاسو کڻي توکي ئي دڙڪا ڏيندو پر جي تنهنجو پاسو کڻي.... توکي مظلوم سمجھي، پنهنجي ماءُ کي رحم جي اپيل به ڪندو ته به سندس ماءُ منهن مٿو پٽي اهڙو رڻ ٻاريندي جو وري به سورن ۾ تون پئجي ويندينءَ.” مون سمجهايومانس.
    “تنهن جي معنيٰ توهان منهنجي ان سلسلي ۾ ڪا مدد يا رهنمائي ڪري نٿا سگهو؟” هن پڇيو.
    “آئون ته تنهنجي فقط اها مدد ڪري سگهان ٿو ته جيئن سڀاڻي تنهنجي ڌيءَ اهڙا ڏکيا ڏينهن نه ڏسي سگهي جيڪي توکي اڄ پريشان ڪري رهيا آهن.” مون چيو.
    هوءَ جيڪا هاڻ فون بند ڪرڻ واري هئي هڪ دفعو وري نئين همٿ ۽ جذبي ۾ اچي وئي.
    “اهو ڪيئن؟ اهو ڪيئن!” هن حيرت مان پڇيو.
    “اهو هن ريت ته تون پنهنجيون پريشانيون ۽ ڏک وساري پنهنجي ڌيءَ جي تعليم ڏي ڌيان ڏي. جيئن هوءَ هر امتحان ۾ مٿانهون نمبر کڻندي هلي ۽ انٽر ۾ سٺي پوزيشن اچڻ تي هن کي انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا ڪنهن سٺي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وڃي ۽ پوءِ ننڍي هوندي کان هن ۾ محنت ۽ چڱي طرح پڙهڻ جي عادت ڪري هوءَ گرئجوئيشن به مٿاهين پوزيشن ۾ ڪري سگهندي. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ئي ٻار سول سروس جي مقابلي وارن امتحانن ۾ چونڊجي فارين سروس، پوليس ۽ سول سروس ۾ وڃن ٿا يا سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽري يا انجنيري پاس ڪرڻ سان کين وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپون ۽ نوڪريون ملن ٿيون ۽ اهي ئي ٻار فوج ۾ ڊاڪٽري يا انجنيئرنگ جي نوڪري ۾ وڃن ٿا. اسان جا ڪيترائي مرد ظاهري طرح چوندا رهن ٿا ته ڇوڪرين کي پڙهڻ نه کپي.... نوڪري نه ڪرڻ کپي.... بلڪه ڪيترن جو ڪنهن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جي شاگردياڻي سان مڱڻو ٿيڻ تي اهي هن کي وڌيڪَ پڙهڻ تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندا. پر نظر ائين پيو اچي ته جيڪي ڇوڪريون ڊاڪٽر يا انجنير ٿي نوڪري ڪن ٿيون... خاص ڪري جي هو فوج ۾ ڪئپٽن، ميجر ٿيو وڃن يا سول سروس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، ايس پي يا ڪسٽم ۽ ايڪسائيز ۾ آفيسرياڻيون ٿيو ٿيون وڃن ته پوءِ ڏنگي کان ڏنگا مڙس به انهن کان ڪن هڻن ٿا. ويندي سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جا کريل ٻار به اهڙين زالن اڳيان سڌا آهن. اهڙين زالن جي پچايل سڙيل ماني به مڙس کي لذيذ لڳي ٿي....”
    دراصل اهو مشاهدو.... يعني تعليم حاصل ڪري نوڪري ڪرڻ.... مونکي ملائيشيا ۾ ٿيو جِتي ٻهراڙي جي غريب مائٽن... هارين، مزورن، مهاڻن جون ڌيئرون به پڙهي نوڪري ڪن ٿيون....خاص ڪري سرڪاري نوڪري.... ۽ انهن جون شاديون شهر جي وڏن ماڻهن جي پٽن سان، ويندي سلطانن جي پٽن سان ٿين ٿيون، ان هوندي به هو comfortable محسوس ڪن ٿيون.... ڇو جو هو پڙهيل ڳڙهيل آهن.... نوڪري ۾ آهن... قانون کان واقف آهن. ان ڪري انهن جا مڙس نه گار گند ڪن ٿا نه هٿ کڻن ٿا.
    اِها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته اسان وٽ ڳالهيون ته وڏيون ٿين ٿيون ته نياڻي ست قرآن آهي.... ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي.... وغيره وغيره. پر ڇا اهڙين ڳالهين جو اسانجي معاشري ۾ آهي ڪو وجود؟ منهنجي خيال ۾ جيترا عورتن تي ظلم جا واقعا اسان وٽ سنڌ ۾ ٿين ٿا ايترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نٿا ٿين. آهي ڪو دنيا جو ڪو ملڪ يا ان جو ڪو صوبو جِتي ڪارو ڪاري جي نالي ۾ نوجوانَ ڀيڻ، زال يا پوڙهي ماءُ جو به قتل ڪيو ويندو هُجي....؟ جِتي سڱ چٽيءَ ۾ ننڍڙين ٻارڙين کي سندن مرضي بنا پوڙهن حوالي ڪيو ويندو هجي..... جِتي ملڪيت کي ٻاهر وڃڻ کان بچائڻ لاءِ نياڻين جي قرآن سان شادي ڪئي ويندي هجي .... جِتي اغوا جي انڊسٽرين جا ڊان نياڻين ۽ عورتن کي اغوا ڪندي به شرم نٿا محسوس ڪن ـــ توهان کڻي اخبار نه پڙهندا هُجو ۽ اهو ئي سمجھندا هجو ته All is well پر دنيا ته اخبارن، ٽي وي ۽ نيٽ ذريعي هر ڳالهه جي معلومات رکي ٿي. هڪ الهاس نگر (انڊيا) ۾ رهندڙ اتي جي سنڌي رهاڪن جي اخبار پڙهو ۽ هڪ اسان سنڌي ماڻهن جي ڪاوش، جيجل يا سوڀ پڙهو! ان ۾ ڪو اخبار وارن جو ڏوهه ناهي... اخبار نويس ته ايمانداريءَ سان اسان کي ملڪ جي حالتن جي آرسي ٿا ڏيکارين........ خرابي آهي ته اسان ۾ آهي..... اسانجي معاشري ۾ آهي..... اسان جي حڪومت ۾ آهي جنهن جي ڪارندن (نمائندن) کي اسان ئي ته چونڊي پاڻ تي ٿاڦيو ٿا.


    موڪلن ۾ نينگر اسانجو ڇا ڪَري؟

    حيدرآباد ۾ منهنجا ناناڻا آهن جن سان تعلق رکندڙ سوٽ، ماسات، ڀائيٽا ڀاڻيجا.... هڪ وڏو خاندان آهي. انهن مائٽن مان هڪ جي گهر ۾ منهنجو ٽي چار ڏينهن رهڻ ٿيو. هنن جي هڪ ڇوڪري انٽر جو امتحان ڏنو هو .... بلڪه امتحان جي رزلٽ به نڪري چڪي هئي ۽ هن جي مائٽن کي قوي اميد هئي ته هن کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا ضرور ملي ويندي. هن جي مائٽن يعني والدين ڇوڪري جي پهرين ڏينهن ئي مون سان ڏاڍي تعريف ڪئي جيڪا ٻڌي مونکي به خوشي ٿي ته اسان وٽ اهڙا ئي ڇوڪرا هجڻ کپن.... پر ٽي ڏينهن رهڻ دوران هن ڇوڪر جي مونکي هڪ ڳالهه بنهه نه وڻي. رات جو جنهن وقت به اک کلي ته هي همراهه ڪمپيوٽر تي فيس بڪ کوليو ويٺو آهي يا ان تي پتي راند پيو کيڏي. رڌڻي مان ڪڏهن ڪا شيءِ کڻيو ويٺو کائي ته ڪڏهن چپس يا چونئرن جي ٿيلهي کولي ويٺو چَري. ٻي، اڍائي ٽي بجي ڌاري ٿي ستو. صبح جو ظاهر آهي اٿڻ جو نالو نٿي کنيائين. آئون روز صبح جو نيرن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهه سڃاڻن سان ملي ٻارهين هڪ بجي اچان ته به ستو پيو آهي. پوءِ ٻي بجي ڌاري اٿي پهرين چانهه ۽ پوءِ هيوي لنچ کائي رموٽ هٿ ۾ کڻي ٽي وي جي سامهون هڪ صوفا تي اڌ گابرو ليٽي گانا ۽ فلمون ڏسڻ جو سلسلو شروع ٿي ڪيائين ته رات ٿي ٿي وئي ۽ پوءِ وري ڪمپيوٽر جو سلسلو ـــ مونکي لڳو ٿي ته سگريٽ جو به شوق ڪيائين ٿي. ماءُ ۽ ننڍا ڀاءُ ڀيڻ سندس اڳيان اهڙا خذمتگار ٿيو پي هليا ڄڻ هن انٽر جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي اهڙا ڪي ڦاڙها ماريا آهن جو هن جو رتبو پير مرشد کان به اتاهون ٿي ويو آهي.
    سندس ماءُ جيڪا منهنجي اولاد برابر ٿئي ان کي نيٺ آخري ڏينهن تي چيم ته “پٽ هي آهي ڇا؟!”
    “انڪل ڇا ڪريون يونيورسٽي ۾ داخلا ۽ سيمسٽر شروع ٿيڻ ۾ ته اڃان ٻه مهينا پيا آهن”، هن جي ماءُ وراڻيو، “هن ملڪ ۾ ته ڪجهه آهي به ڪو نه جو هو وڃي دل وندرائي.”
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو. “ڳالهه ٻڌو هڪ ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪي ڪجهه آهي ۽ ٻيو ته هيءَ عُمر ڪا هن جي دل وندرائڻ جي ناهي. پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ هن کي وقت وڃائڻ بدران ڪو هنر سکڻ کپي.... جيڪو ٿي سگهي ٿو کيس اڳتي جي زندگيءَ ۾ ڪم اچي سگهي.”
    “توهان ئي کڻي ٻڌايو ته هن کي سمجھايان ته ائين ڪري.” هن پڇيو.
    “آئون ڪجهه چوندس ته توهان دل ۾ ڪندائو پر سچ اهو آهي ته جسماني طرح توهانجي سُست پٽ کي کپي ته ٻيو ڪجهه نه ته حجامڪو ڪم کڻي سکي..... ان ۾ ڀڄ ڊُڪ ۽ محنت به گهٽ آهي. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته ڪاش جي زندگي موٽي اچي ۽ پوءِ ڀلي اها ئي زندگي ري پلي ٿئي پر انٽر بعد وارن ٻن ٽن مهينن جي موڪلن ۾ آئون جيڪر حجامڪو ڪم به سکي وٺان ها.”
    هوءَ اهو ٻڌي وائڙي ٿي وئي پر ٻي گهڙيءَ ان کي چرچو سمجھي کلڻ لڳي.
    “انڪل توهان ڪهڙيون ته ڳالهيون ڪريو ٿا.”
    “پٽ! آئون بلڪل سيريس آهيان. ڪو چرچو نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجي والد منهنجو اهو موڪلن وارو وقت پنهنجي پَر ۾ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ مونکي هڪ موٽر مڪينڪ وٽ ڪم تي لڳايو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان جو فائدو مونکي جهازن جي انجنيرنگ جي تعليم دوران رسيو جو مونکي گئريج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري انجڻ جي مختلف پارٽس جي اڳواٽ آئيڊيا ٿي وئي هئي ۽ مونکي ڪلاس روم ۾ ليڪچر سمجهه ۾ اچي ويندا هئا.”
    “پر انڪل توهان حجامڪو ڪم سکڻ جي ڇو ٿا خواهش ڪريو؟” ڇوڪري جي ماءُ پڇيو.
    “بابا حجامڪي ڪم جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! اسان وٽ ان کي عيب سمجھيو وڃي ٿو پر ولايت ۾ ته حجام جي وڏي لئه آهي.” مون ٻڌايومانس.
    جپان يا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جِتي جهاز جي ترسڻ ڪري گهڻي خوشي ٿيندي هئي اتي وار وڏا ٿيڻ تي باربر شاپ ڏي رخ ڪرڻ کان گھٻرائبو هو. هينئر به سَستي سَستي هيئر ڪٽ ته به آمريڪا ۾ ڏيڍ هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ ساڳي ريٽ جپان ۾ آهي. ڪوشش ته اها ئي ڪندا هئاسين ته ڪنهن سوڊان يا موزمبق جهڙي آفريڪي ملڪ ۾ جهاز پهچي ته اتي هيئر ڪٽ ڪرائجي يا پنهنجي ملڪ موٽي اچي.
    بهرحال جهاز جي نوڪري دوران ته وري به پگهار سٺو هجڻ ڪري ايڏي ٽينشن نٿي ٿي پر سئيڊن ۾ ٻه اڍائي سالَ تعليم دوران هيئر ڪٽ پٺيان ايترو پئسو وڃائڻ تي ڪڏهن به دل نه چاهيو. سئيڊن ۾ هيئر ڪٽ جو اگهه آمريڪا ۽ جپان کان به مٿي آهي پر اهو آهي ته اتي ڪي اهڙا به دڪان آهن جتي سيکڙاٽ ڇوڪريون فقط ڏيڍ هزار رپين ۾ جهڙي تهڙي هيئر ڪٽ ڪري وٺنديون هيون، اتي اسان جي يونيورسٽي جا ڪيترا ويٽنامي، چيني ۽ سنگاپوري شاگرد جن کي هيئرڪٽ ڪرڻ آئي ٿي اهي به انهن مان ملي هفتي جا موڪل وارا ٻه ڏينهن گراهڪن جا وار لاهيندا هئا ۽ ٻن ڏينهن ۾ ويهه هزار رپين کن جا ڪرونا (سئيڊن جا پئسا) ڪمائي وٺندا هئا. نه رڳو آئون پر منهنجا ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ اهوئي چوندا هئاسين ته ڪاش سئيڊن اچڻ کان اڳ اسان به هيئر ڪٽ سکي اچون ها. مٿين چيني شاگردن مان هڪ ته پنهنجي سال جي حجامڪي ڪمائيءَ مان سيڪنڊ هئنڊ ڪار به ورتي.... ۽ اسان ڏٺو ته هن جي زندگي اسان کان بهتر گذري ٿي.
    دراصل ڳالهه اها آهي ته ڪو به هنر سکڻ عيب ناهي. اهو اسان جهڙن پٺتي پيل ماڻهن جي دماغَ ۾ ويهي ويو آهي ته پورهيو ڪري حق حلال جو نه کائجي باقي گهٽ پگهار تي روينيو جهڙي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪجي جو اتي رشوت جو پئسو آهي.... اتي عوام جي زندگيءَ سان راڱا ڪري پنهنجو کيسو ڀري سگهجي ٿو.... آئون سنڌ جي هڪ ٻن شهرن جي ڪجهه اهڙن ماڻهن کي به سڃاڻان جن ڊاڪٽري يا انجنيري ڇڏي ڪسٽم، ايڪسائيز ۽ روينيو جهڙن کاتن ۾ ڪلارڪي ڪرڻ قبول ڪئي ۽ هاڻ پئسن سان کيسا ڀري خوش نظر اچن ٿا.
    مونسان گڏ هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ هو تنهن فقط ٻه سال جهاز جي نوڪري ڪئي ان بعد نظر نه آيو.... هن کي سمنڊ تي سي سڪنيس ڏاڍي ٿي ٿي. ايتريقدر جو اسانکي به ڏک ٿيندو هو جو هو هڪ غريب جو ٻارُ هو. انٽر تائين هن پورهيا ڪري اسڪولن جي في ۽ ڪِتاب ٿي ورتا. هو پنهنجي چاچي وٽ سلهٽ ۾ چاٻيون ٺاهڻ ۽ تالا کولڻ جو ڪم ڪندو هو. پر محنتي ۽ هوشيار هجڻ ڪري نه فقط اسان واري اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويو پر اسڪالرشپ به مليس. هن جا ڄڻ ڏک درد ختم ٿي ويا. پر قسمت جا ليکا به عجيب ٿين ٿا. تعليم مڪمل ڪري جهاز تي آيو ته هن لاءِ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن عذاب ٿي پيو.... ۽ پوءِ اسان هن بابت نه ٻڌو..... هن جهازن جي نوڪري شايد ڇڏي ڏني.
    اٺ نو سالن بعد هڪ دفعي منهنجو جهاز سنگاپور پهتو ته هي بنگالي ڪلاس ميٽ مونسان ملڻ لاءِ جهاز تي آيو..... بلڪه مونکي ۽ منهنجي فئملي کي اها شامَ گهمائڻ لاءِ پنهنجي ڪار ۾ وٺي هليو..... ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائين ته اڄ کان 8 سال کن اڳ جڏهن هن سامونڊي نوڪري کان استعيفا ڏني ته کيس سنگاپور ۾ پاڻي جي جهاز تان لاٿو ويو ۽ کيس ڪمپني طرفان پنهنجي وطن بنگلاديش موٽڻ جي هوائي ٽڪيٽ ڏني وئي. فلائيٽ ۾ ٻن ڏينهن جو گئپ هو سو ڪمپني طرفان کيس هوٽل ۾ رکيو ويو.
    “اهي ٻه ڏينهن سنگاپور جي گهٽين جا چڪر هڻندي مونکي هڪ چاٻين ٺاهڻ واري جو دڪان نظر آيو”، هن ٻڌايو، “مون هن جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي ته مونکي هي ڪم اچي ٿو تون مونکي پاڻ وٽ رکندين؟ هن منهنجو ٽيسٽ وٺڻ لاءِ هڪ ٻه تالا ڏنا ته هنن کي کولي ڏيکاريان.”
    اسانجي جهازي دوست ٻڌايو ته هو ان ڪم ۾ ته تمام ماهر هو سو چيني دڪاندار هن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي يڪدم نوڪري ڏنائين.
    ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڪار جي يا گهر جي چاٻي گم ٿي وڃي ته چاٻي ٺاهڻ واري کي فون ڪرڻ سان هو يڪدم پهچيو وڃي پر هن جي في تمام ڳري ٿئي ٿي. ان جو احوال پنهنجي سنگاپور واري سفرنامي “سنگاپور ٿو سڏ ڪري” ۾ به لکي چڪو آهيان.
    “چيني دڪاندار ٻه سال کن مونکي پگهار تي رکيو”، اسان جي بنگالي دوست ٻڌايو، “ان بعد هڪ نئون دڪان وٺي ڀائيواري سسٽم ڪيوسين.... ۽ هاڻ شڪر آهي جو اڄ پنهنجي ڪار اٿم ۽ شهر جي سٺي علائقي ۾ فلئٽ اٿم..... ٻار هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.”
    سو يارو! هنر سکڻ يعني هٿ جي پورهئي ۾ ڪو نقصان نه آهي ۽ اهو فقط اتي عيب سمجھيو وڃي ٿو جِتي جا ماڻهو جاهل آهن ۽ احساس ڪمتري جو شڪار آهن..... مونکي هر دفعي انڊيا وڃي ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيندو آهي ته ڇو ڀلا ٻئي ملڪ ساڳي ننڍي کنڊ ۾ هوندي اسان وٽ هنر ۽ پورهئي کي عيب سمجھيو وڃي ٿو پر انڊيا ۾ هندو توڙي مسلمان نوجوان ٽهي پڙهائيءَ کان علاوه ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ به رڌل نظر اچي ٿي!


    ولايت ۾ شراب ۽ ڇوڪرين جي چڪر ۾ ڦاٿل

    اڳ ۾ ولايت ۾ گهڻو ڪري اهو ويندو هو جنهن کي ڪا وڏي نوڪري ملندي هئي يا اعليٰ تعليم لاءِ هن کي اسڪالر ملندي هئي. ٻاهر وڃڻ هڪ سماجي اعليٰ معيار (Status Symbol) جي نشاني سمجھيو ويو ٿي. ڪنهن نالي ٻڌبو هو ته هو ولايت وڃي رهيو آهي ته يڪدم اها سوچ ايندي هئي ته اهو فلاڻي جو پٽ وڏو قابل ڇوڪرو آهي ۽ پاڙي اوڙي جا خواهش ڪندا هئا ته سندن ٻار به هن وانگر محنت ڪري پڙهن ۽ امتحان (انجنيرنگ يا ميڊيڪل) ۾ سٺي پوزيشن کڻن ته هنن کي به ماسٽرس يا Ph.D ڊگرين لاءِ ڪنهن فارين يونيورسٽي يا UNDP يا ڪنهن ٻئي بين الاقوامي اداري طرفان اسڪالرشپ ملي وڃي. پوءِ اهي شاگرد يا انجنير ۽ ڊاڪٽر جن کي يو ڪي، يو ايس اي، جپان، آسٽريليا يا عرب ملڪن ۾ اسڪالي يا نوڪري ملي ٿي ته هنن اتي به محنت ڪري پڙهيو ٿي يا نوڪري ڪئي ٿي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو ٿي. بهرحال اڄ به ان ڪئٽگري جا ٻاهر ويندڙ ايئن ئي ڪري رهيا آهن. پر اڄ ڪلهه ٻاهر فقط مٿين ڪئٽگري جا ماڻهو نٿا وڃن پر هر قسم جا وڃن ٿا.... جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جا جڏا ڪم هجڻ ڪري اسان کي هر ملڪ ڏي وڃڻ کان اڳ ان ۾ وڃڻ جو اجازتنامون (ويزا) وٺڻو پوي ٿو جيڪو اسان لاءِ حاصل ڪرڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو وڃي. پر ان هوندي به ڪيترا manage ڪريو وڃن ۽ اڳ کان هاڻ وڏو تعداد اسان جي ماڻهن جو ٻاهرين ملڪن ۾ نظر اچي ٿو.... ڪي گهمڻ جي خيالَ کان ته ڪي واپار وڙي جي سلسلي ۾ (جنهن ۾ ڏسان پيو ته اسانجي ملڪ جي گهڻي ڀاڱي ماڻهن کي ناتجربيڪاري ۽ مقامي واپارين سان مقابلو ڪرڻ جي همٿ نه هجڻ سبب فائدي بدران نقصان رسي رهيو آهي)، ڪي يونيورسٽين ۽ خانگي ادارن جا مئنيجر بين الاقوامي ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ ته ڪي سرڪاري ڪامورا شارٽ ڪورسن لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نظر اچن ٿا..... ٻيو ته ٺهيو پر هاڻ اهي شاگرد جيڪي انٽر تائين به چڱي طرح پڙهيو نٿا سگهن جو کڻي کين ملڪ جي ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا ملي سگهي انهن کي به مائٽ ولايت انجنيئرنگ يا ميڊيڪل جي بنيادي ڊگري (بيچلر) حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين ٿا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ پئسو ڪمائڻ لاءِ ان قسم جا ٺڙڪو تعليمي ادارا کلي ويا آهن جن جي ڊگري اتي ئي قبول نٿي ڪئي وڃي، انهن ۾ اسان جا ڏڏ شاگرد پهچيو وڃن ۽ مائٽن جو پئسو ضايع ٿي رهيو آهي. اسانجي ڪچي ذهن جا شاگرد ولايت جي دنيا ۾ ڇڙواڳي جو فائدو وٺي خوش ٿي رهيا آهن. هي ٽرينڊ هاڻ ويجھڙائي کان شروع ٿيو آهي. ڀلي ٻه چار بئچون گرئجوئيشن ڪري نڪرن ته خبر پوي ته انهن کي ڪٿي ٿي نوڪري ملي ۽ انهن جي ڊگرين کي ڪهڙو ٿو مانُ ملي. ان سلسلي ۾ تازو آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي فنڪشن ۾ ڪجهه گرئجيوئيٽ ڊاڪٽر مليا جن ءڌايو پئي ته هنن ڪيوبا مان اسپيني ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽري (M.B; B.S ڊگري جي به فقط M.B يعني بيچلر آف ميڊيسن) ڊگري حاصل ڪئي آهي. جنهن لاءِ کين هاڻ حڪومت طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته اها اسان وٽ Recognize ناهي.
    بهرحال افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪيترن ماڻهن..... آفيسرن، واپارين، گهمڻ جي شوقينن کان وٺي شاگردن تائين جو گهڻو رجحان مڪاني قانون جي ڀڃڪڙي جو رهي ٿو. شايد هو پنهنجي ملڪ ۾ هر وقت “سڀ ڪڇ چلتا هي” جا نظارا ڏسي سمجھن ٿا ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ائين ٿئي ٿو. اسان وٽ ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن وارا هر وقت سگنل جي ڀڃڪڙي ڪندا رهن ٿا، اسان وٽ دڪاندار فٽ پاٿ تي قبضو ڪريو ويٺا آهن، اسان جا جوان بازارين توڙي تفريح گاهن تي عورتن سان کيچل ڪندا رهن ٿا، اسان وٽ رمضان ۾ شراب جي وڪري ۽ زهريلي شراب پيئڻ جي موت جون خبرون اڪثر ٻڌبيون رهن ٿيون، رستن تي بيٺل ڪال گرلز ۽ سئنيمائن ۾ هلندڙ واحيات فلمن جو احوال اخبارن ۾ پڙهي پڙهي اسانجو ماڻهو (شايد) اهو ئي سوچي ٿو ته جڏهن اسان جي اسلامي ملڪ ۾ ئي هي ڪم هلن پيا ۽ ڪا خاص پڪڙ ڌڪڙ نٿي ٿئي ۽ جي ڪا انڌي منڊي ٿئي ٿي ته چار پئسا رشوت جا ڏيو ڇٽيو وڃجي ٿو سو ولايت جي ملڪن ۾ ته الائي ڇا موج مزا لڳا پيا آهن. اهڙي قسم جي سوچ جا ماڻهو ولايت پهچڻ سان پاڻ کي ڏوهن ۾ ڦاسايو وجھن ۽ پوءِ پاڻ هڪ طرف ته سندن مائٽ ٻئي طرف پريشاني جي زندگي گذارين ٿا.
    هاڻ وڏو عرصو ٿيو آهي جو PIA جي اڏامن ۾ شراب serve ٿيڻ بند ٿي ويو آهي ۽ مهانگائيءَ ڪري ڌارين اڏامن به ننڍي سفر تي مفت جو شراب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي نه ته اڳ ۾ ڏسندو هوس ته اسان جا ڪيترا مسلمان ڀائر ڪراچي کان جيئن جهاز بمبئي ڏي روانو ٿيندو هو ته چرين وانگر پيئڻ شروع ڪندا هئا.....ڄڻ هيترو وقت روزي ۾ هئا ۽ هاڻ ٻانگ اچڻ يعني جهاز اڏامڻ تي شربت جو گلاس مٿان گلاس پيئڻ لڳا آهن. باقي ملڪن جا مسافر خاص ڪري غير مسلم انهن کي حيرت مان ڏسندا هئا.
    خبر ناهي ڇو اسان وٽ شراب پيئڻ هڪ سماجي معيار (Status Symbol) بنجي ويو آهي. گهڻي ڀاڱي اسانجو وڏيرو، سياستدان، سرڪاري ڪامورو ويندي شاگرد ۽ شاعر اديب به ‘الڪوحلڪ’ (نشي ۾ رهڻ) کي فخر سمجھي ٿو.... دنيا ۾ شراب توڙي سگريٽ کي جيتوڻيڪ خراب سمجيو پيو وڃي ۽ ڪو جيڪڏهن شوق ڪري ٿو ته مقرر پيگ يا اڌ کان مٿي نٿو چاڙهي پر اسانجا ماڻهو شراب کي پاڻيءَ وانگي ڏوگھي پوءِ رستي تي اونڌا ٿيو ڪريا پيا آهن يا وري ڪچيون گاريون ۽ بدبودار الٽيون پيا ڪڍندا. مونکي اڄ به هندستان جي سنڌي ليکڪا ريٽا شاهاڻيءَ جا هي جملا چُڀندا آهن جڏهن پوني شهر ۾ هوءَ مونکي اتي جي هڪ هوٽل ۾ وٺي هلي. آئون ان وقت ماني کائي گيسٽ هائوس مان نڪتو هوس سو هن جي پڇڻ تي ته آئون چڪن سئنڊوچ کائيندس ته مون چيومانس ته مونکي فقط چانهه کپي.
    “توهان فڪر نه ڪريو هن هوٽل ۾ هر شيءِ حلال آهي.” هن چيو جنهن جي جواب ۾ چيومانس ته آئون پاڻ به ڏسان پيو ته مينو تي حلال فوڊ لکيو پيو آهي پر هن وقت مونکي ضرورت ناهي. تون چاهين ته اٿڻ مهل مون لاءِ هڪ ٻه سئنڊوچون پئڪ ڪرائي وٺجانءِ جيئن گهر رات جي ماني تي کائي سگهان پر هينئر بلڪل ضرورت ناهي. هن کي شايد منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه آيو ۽ مرڪندي چيو: “توهان ڪهڙا اديب آهيو جيڪي نڪي شراب ٿا پيو ۽ نه وري سگريٽ ٿا ڇڪيو.” ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي منهن جي ڪن جي ويجهو منهن رکي چيو “تنهنجا ٻيا اديب ۽ شاعر ته انڊيا ۾ ايندا ئي شراب لاءِ آهن.”
    ۽ اهي آخر واراجملا ٻين به ڪيترن کان ٻڌي افسوس ٿيم..... ۽ شراب پي اسان جا ماڻهو جيڪي اهي حرڪتون ڪن ٿا انهن بابت به ڪيترن کان خبر پيئي..... جيڪي ڳالهيون هو پنهنجن سان ڪري کلي رهيا هئا...... ڪيترن موقعن تي انهن کي اها ڄاڻ نه هئي ته ان محفل ۾ آئون به ويٺو آهيان جيڪو سنڌ کان آيل آهيان.
    سکر پاسي جي ٻن نوجوانن جو احوال ته شايد آئون بنارس واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان جن کي ممبئي جي باندرا واري علائقي ۾ ٻن ڇوڪرين کي ڇيڙيندو ڏٺم. هن علائقي ۾ ڪرسچن ۽ گواني رهن ٿا جن جون ڇوڪريون اسڪرٽ پائي هلن ٿيون جيڪا اتي جي عام ڊريس آهي. جيئن اونهاري ۾ سئيڊن جون عورتون سمنڊ جي ڪناري ڇاتيو اگهاڙيون ڪري هلن ٿيون ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ڪي رنڊيون آهن انهن ملڪن جي قاعدي قانون مُطابق هلن ٿيون جن جي انهن کي آزادي آهي ۽ ملڪي آئين طرفان کين اهي حق مليل آهن پر اسان جي ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ برقعي ۾ ويندڙ عورت به بد اخلاق ٿي لڳي ۽ هو سمجھن ٿا ته مرد جي ناتي هو آزاد آهن ته جيئن وڻين تيئن ڪن. مون کين سمجھايو ته ڌارئين ملڪ ۾ اجائي کيچل بازي سٺي نه آهي ته هو مون تان کلڻ لڳا ڄڻ آئون ڌارين ملڪن کان اڻ واقف هجان ۽ هڪ همراهه (هو شايد ڪجهه نشي ۾ ڌت لڳو ٿي) اڌ سنڌي اڌ اڙدو ۾ چوڻ لڳو: “سائين هي ڪو سکر لاڙڪاڻي جهڙو دقيانوسي شهر ناهي.... يه هي بامبي ميري جان......”
    دل ۾ مون سوچيو ته اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي ساک ئي ڇا آهي. گورا يورپي ته ڀلي جيئن وڻين تيئن ڪن انهن جو انڊيا وارا به خيال ڪن ٿا. اسان پاڪستانين کي بنا ڏوهه جي اندر ڪري ڇڏين ته پٺيان اسان جو سفارتخانو به نه پُڇي..... ۽ آخر اهو پڇي به ڇو؟ هنن کي وقت ۽ پئسو آهي جو اسان جي بدمعاشين لاءِ وڪيل ڪندا رهن ۽ ڪورٽن جا چڪر هڻندا رهن؟ اهو به ڪو هڪ به ماڻهو هُجي.... هِتي ٻاهرين ملڪن ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڦاٿل اسان جي ماڻهن سان جيل ڀريا پيا آهن. ڪئالالمپور ۾ رهندڙ روهڙي جي هڪ مولانا بزنيس مئن علي سولنگي، افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جا 500 کن ماڻهو ملائيشيا جي جيلن ۾ آهن جن ۾ 400 کن سنڌ جا آهن جيڪي ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ غلط ويزا تي يا ويزا جي مُدت ختم ٿيڻ تي وڌيڪَ رهڻ ڪري جيلن ۾ آهن. ڪن جي ته سزا ختم ٿي وئي آهي پر کين واپسي جي ٽڪيٽ يا پئسا نه آهن جو هو کڻي موٽن.
    ملائيشيا ۾ تازو هڪ ڪيس “خلوت” جو سامهون آيو آهي جنهن ۾ اسان جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان ڦاسي پيو آهي. دراصل اسان جا گهڻي ڀاڱي نوجوان جيڪي هيڏانهن ملائيشيا يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا ـــ خاص ڪري يورپ جي ملڪن ڏي اهي ان غلط فهمي يا خوش فهمي ۾ نڪرن ٿا ته ڄڻ ٻين ملڪن جون ڇوڪريون هنن لاءِ هار کڻيو بيٺيون آهن ته پاڪستاني اچن ته کين ڀاڪر ۽ چميون ڏئي پنهنجو ڪريون. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته اسان ته ٺهيو پر ايران، عربستان، مصر ۽ لبنان جهڙن ايشيائي ملڪن جي خوبصورت نوجوانن کان به يورپي ڇوڪرين نفرت ڪن ٿيون ۽ جپان جي اسيمبلي جي هڪ ميمبر اهو به چيو ته پاڪستاني ايڏا گدلا آهن جو انهن سان هٿ ملائڻ بعد صابڻ سان ڌوئجي.
    بهرحال هِتي ملائيشيا ۾ به اسانجا ڪجهه نوجوان اچڻ سان پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڇوڪرين لاءِ واجھائين ٿا ان دوران ڪجهه وڏي عمر جون ڇنال قسم جون عورتون جن کي ڪو پنهنجو ته قبول نٿو ڪري اهي ان قسم جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن جي تاڙَ ۾ رهن ٿيون جن سان هنن جي شادي ٿي وڃي پوءِ ڀلي کڻي ڪهڙي به ملڪ، مذهب ۽ ٻوليءَ جو هُجي.... بس ان جو سو مستقبل هجي. پوءِ هو هنن سان دوستي رکن ٿيون ۽ کين ملڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن جاءِ تي يا ڇوڪري جي فلئٽ تي پهچي ٿي. ان دوران هوءَ پاڻ يا سندن ڪا ساهيڙي پوليس کي فون ڪري ٿي ۽ پوليس اچيو مٿان ڪڙڪي ۽ “خلوت” (اڪيلي ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ملڻ) جي ڏوهه ۾ جھليو وڃي جنهن جي سزا جيل آهي خاص ڪري ڇوڪري لاءِ. ان جي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ حڪومت طرفان ڇوڪري کي ڪجهه صلاح ڪجهه پريشر وڌو وڃي ٿو ته هو ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري جو اها ڇوڪري انهن جي ملڪ جي آهي. اخبارن ۾ ڳالهه اچڻ ڪري هڪ “نياڻي” سوسائٽي ۾ ڇا منهن کڻي هلندي.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جي ڏوهن ۾ به اسانجا ڪيترا نوجوان ڦاسي رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته عوام اڳيان ڳالهه فقط انهن ٿورن جي اچي ٿي جن جي خبر اخبار ۾ ڇپي ٿي. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي نوجوانن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته ۾ هڪ غير شادي شده مسلمان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو شام جي وقت، خاص ڪري سج لٿي مهل، پارڪ ۾ اڪيلي وهڻ تي به “خلوت” جو ڪيس لاڳو ٿئي ٿو. ان ڪري ڪنهن اڻ ڄاڻ عورت جي ڪجهه دير پارڪ ۾ وهڻ جي دعوت کي به قبول نه ڪجي.... ۽ ڪنهن اڪيلي ڇوڪريءَ جي فلئٽ تي وڃڻ کان ته خبردار رهجي.


    آفيسرن جي بدلي ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان

    ڪالهه ٽي وي جي ڪنهن چئنل تان ڪنهن تجزيانگار واهه جي ڳالهه ڪئي ته حڪومت پوليس جي وڏن عملدارن کي ٽن سالن جو ڊگهو عرصو پورو ڪرڻ بدران هر هر بدلي ڪندي رهي ٿي. جيڪڏهن ڪو عملدار غلط ڪم ٿو ڪري ته ان جو احتساب ڪرڻ کپي..... هن جي سي آر خراب ڪرڻ کپي. باقي اهو ڇا ته توهان هن کي بدلي ڪري ٿا ڇڏيو يا في الحال هن کي پوسٽ تان لاهيو ٿا ڇڏيو.... ان مان ڪهڙو فائدو؟ ڪجهه وقت کانپوءِ اهو ساڳيو آفيسر ڪنهن سياستدان يا ملڪ جي طاقتور اداري کان سفارش ڪرائي وري ساڳي پوسٽ تي، ساڳي صوبي ۾ يا ڊيپوٽيشن تي ٻي صوبي يا مرڪز ۾ پهچيو وڃي.
    اها ڳالهه ٻڌي مونکي 45 سال اڳ جي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي...... ان وقت به مون دل ۾ ‘واهه واهه’ ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اسان اڃان هيٺين رئنڪ جا آفيسر هئاسين. سمنڊ تي اڃان ٻه سال کن ٿيا هئاسين. منهنجي ۽ منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جي بدلي هڪ اهڙي جهاز تي ٿي جنهن جو ڪئپٽن ايم او علوي نالي هڪ دماغ ڦريل ڪئپٽن مشهور هو جنهن فقط آفيسرن جي ڪم کي ڏسي تعريف ڪئي ٿي. پاڻ به هڪ قابل ۽ محنتي ڪئپٽن هو جنهن جي سڄي عمر انگريز ڪئپٽنن سان گڏ جهاز هلائيندي گذري هئي.
    مون سان گڏ منهنجو ساٿي پنهنجي والد ۽ چاچي جي اهم ۽ وڏي سرڪاري پوسٽ ۽ سياست ۾ مضبوط هجڻ ڪري هو هر جهاز تي صحيح طرح ڊيوٽي ڪرڻ بدران وقت گذاري ڪري رهيو هو. جهاز جو ڪو به سينيئر آفيسر اهو نه چاهيندو ته هن جو ماتحت ڪم ۾ سست ۽ اڻڄاڻ هجي. هيڊ آفيس طرفان کين اها اجازت هوندي آهي ته ڪو به جهاز هلائڻ وارو انجنيئر يا نيويگيٽر نا اهل سمجھو ته کيس ويجھي بندرگاهه تان باءِ ايئر واپس روانو ڪري سگهو ٿا ۽ جي هرڀرو ان جي جاءِ تي ٻي ماڻهو جي ضرورت آهي ته هو ڪراچي هيڊ آفيس کان هوائي جهاز جو ڀاڙو خرچ ڪري ان رئنڪ واري ٻي ماڻهوءَ کي موڪلي سگهن ٿا.
    اسان جي هن جهاز تي پهچڻ تي اسان واري سست ۽ اثر رسوخ هلائي ڪم ڪڍڻ واري مون واري ڪلاس ميٽ جو سک ڦٽي پيو. انجنيئر هجڻ ڪري مهنجو واسطو جهاز جي چيف انجنيئر سان هوندو هو پر اسان وارو ٿلهو يار جيڪو نيويگيٽر آفيسر هو ان جو صبح شام هِن ڪئپٽن سان ئي واسطو پيو ٿي. جهاز تي هڪ ٻه ٻيا به اسانجي اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ هئا ۽ شام جو گڏجڻ وقت خبرن چارن ۾ اهو معلوم ٿيندو هو ته “رضيه غنڊن ۾ ڦاسي وئي آهي”..... يعني اسان واري ٿلهي ڪلاس ميٽ کي هن ڪئپٽن چڱو سوڙهو ڪيو آهي. هن جي سستيءَ ڪري ڪئپٽن هاڻ سڀني اڳيان هن تي خارون کائڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اٽلي جي ڪنهن بندرگاهه کان جبرالٽر ڏي جهاز وڃي رهيو هو ته ڊائننگ سئلون ۾ دير سان پهچڻ تي ڪئپٽن علوي هن ٿلهي ٿرڊ آفيسر کي چيو:
    “توکي خبر آهي ته تون هن جهاز تي ڇا آهين؟”
    “سر ٿرڊ آفيسر.” هن وراڻيو.
    “No. you are unnecessary ballast on my ship”
    ڪئپٽن وراڻيس:
    ان وقت اسان دل ئي دل ۾ چيو ته هن ڪئپٽن لاءِ مشهور آهي ته خرمغز آهي پر ڪي ڪي ڳالهيون واهه جون ٿو ڪري.
    دراصل جهاز جي تري ۾ ٻنهي پاسي وڏيون لوهي ٽانڪيون ٿين ٿيون جيڪي ڊبل باٽم ٽئنڪس (Double Bottom Tanks) سڏجن ٿيون ـــ سمجهو ته جهاز جي هر پاسي پنج ڇهه وڏيون ٽانڪيون (D.B. Tks) ڪٿين ٿيون ... جن مان ڪجهه ۾ فيول (Diesel) هوندو آهي ته ڪجهه ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ... ان کا علاوه هر پاسي ٻه ٻه کن خالي رکيون وينديون آهن. اهي خالي ٽانڪيون بالاسٽ ٽانڪيون سڏجن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ڊگهي سفر ۾ فقط هڪ پاسي جي تيل جي ٽانڪي استعمال ڪرڻ تي اهو پاسو هلڪو ٿي پوندو آهي يا وري رستي تي ڪنهن بندرگاهه تي جهاز تان هڪ پاسي جو سامان گهڻو لهي ويندو آهي ته ظاهر آهي اهو پاسو هلڪو ٿي مٿڀرو ٿي ويندو آهي ۽ ٻيو پاسو هيٺ ٿي ويندو آهي. جهاز کي ان ڦڏي صورت ۾ هلائڻ بدران جهاز جا ٻئي پاسا: کاٻو ۽ ساڄو ... برابر ڪيا ويندا آهن .... جنهن لاءِ هلڪي پاسي واري خالي ٽئنڪ (بالاسٽ ٽئنڪ) ۾ پمپن ذريعي سمنڊ جو پاڻي ڀريو ويندو آهي جنهن پاڻيءَ جو ڪم رڳو عارضي طور جهاز کي بئلنس رکڻ هوندو آهي. ٻئي بندرگاهه ۾ پهچڻ تي ٻي پاسي کان سامان لاهڻ شرط اهو سمنڊ جو کارو پاڻي پمپن ذريعي واپس سمنڊ ۾ اڇليو ويندو آهي. جهاز کي بئلنس رکڻ لاءِ سمنڊ جي ان کاري پاڻيءَ کي Ballast سڏجي ٿو. پراڻي زماني ۾ ٻيڙن کي سڌو رکڻ لاءِ هڪ پاسي پٿر يا مٽيءَ جون ڳوڻيون رکيون ويون ٿي. پوءِ ڪنهن بندرگاهه ۾ جيئن ئي ٻي پاسي جو سامان لهندو هو ته اهي بالاسٽ طور رکيل پٿر سمنڊ ۾ اڇليا ويندا هئا. بهرحال ان زماني ۾ ان ڪم لاءِ مزدورن ۽ گهڻي وقت جي ضرورت پوندي هئي پر هاڻ انجڻين جا جهاز ٿيڻ بعد فقط پمپ جي سئچ کي دٻائڻو پوي ٿو ته ڪلاڪ ٻن ۾ سؤ ڏيڍ سؤ ٽن سمنڊ جو پاڻي ٽانڪي ۾ داخل ٿيو وڃي يا ٽانڪيءَ کان ٻاهر سمنڊ ۾ خارج ٿيو وڃي.
    سو اسانجي جهازراني جي زبان ۾ بالاسٽ (Ballast) معنيٰ اها بيڪار ۽ مفت جي شيءِ جنهن جي فقط ڪجهه وقت لاءِ ضرورت پوي. ضرورت پوري ٿيڻ بعد ان کي يڪدم ڦٽو ڪيو وڃي. پر اسان هن سخت مزاج ڪئپٽن علوي (جنهن جي منهن تي پنجن مهينن جي اوٽ موٽ سفر ۾ ڪڏهن مرڪ نه ڏٺيسين، ان جي) Sense of humour (حسِ لطافت) کي دل ئي دل ۾ داد ڏنوسين جڏهن هن اسانجي ٿلهي آفيسر (جنهن کي ڪم کان هر وقت آڱوٺو ۽ ٽيڳڙ گهڻي هوندي هئي) نه فقط بالاسٽ چيو پر ان سان گڏ غير ضروري (Unnecessary) جي صفت به هنئي. ۽ واقعي اسان جي هن آفيسر جا ڪي ڪي ڪم اهڙا خارون ڏيارڻ وارا هوندا هئا جو جي اسڪول ۾ هجي ته ماستر ڏنڊا هڻي ڪُٽيس ها. ٻين جهازن تي هو پنهنجن وڏن جي عهدن جي لئه رکي ڪئپٽنن کي متاثر ڪيو ويٺو هو پر سائين هن ڪئپٽن ڪنهن کي نٿي ليکيو. اسان وارو ڪلاس ميٽ ٿرڊ آفيسر سمجھي ويو بابا هن جهاز تي دال نه ڳرندي..... ڪئپٽن به کيس ڇڏيو نٿي .... چاهي آفريڪي سمنڊن جون گرميون هجن يا ناروي سئيڊن جي ٿڌن ملڪن جي هوائن وارا سمنڊ. ڪئپٽن هن کي ڪم ۾ لڳائي رکيو ٿي. ڪٿي ڪا سستي ڪيائين ٿي يا غلط ڪم ڪيائين ٿي ته هن سخت مزاج ڪئپٽن کيس سڀني اڳيان ٽوڪيو ٿي.
    هن ڏي وٺ جو ڪلائيميڪس ان وقت آيو جڏهن سمنڊ تي ڪا غلطي ڪرڻ تي هن کي ڪئپٽن خوب دڙڪا ڏنا. ورنديءَ ۾ اسان واري ٿرڊ آفيسر ڪئپٽن کي چيو ته: “سر! جيڪڏهن آئون توهان کي پسند نه آهيان ته ايندڙ بندرگاهه ۾ جهاز جي پهچڻ تي مون کي ڪنهن ٻئي جهاز تي ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.
    نه فقط اسان واري ٿرڊ آفيسر پر اتي موجود اسان مڙني آفيسرن سمجهيو ته ڪئپٽن هن کي يڪدم چوندو ته “ها. هِتان ٽر! رڳو سڀان يا پرينءَ جهاز بيروت پهچي ته توکي اتي لاهي ٻئي جهاز تي ٿو رکرائين جيئن منهنجي تو مان جان ڇٽي وڃي ۽ مون کي هيڊ آفيس طرفان تو بدران ڪو ڪم وارو ماڻهو ملي وڃي. ڇو جو تنهنجو منهنجي هن جهاز تي رهڻ جو هڪ هڪ ڏينهن مون لاءِ عذاب آهي.”
    پر سائين هن ڪئپٽن جي هر ڳالهه نرالي ۽ توقعات کان مختلف هوندي هئي. تنهن جواب ڏيڻ کان اڳ پهرين ڪيوبن سگار جو هڪ ڊگهو ڪش هنيو ان بعد اسان جي ٿرڊ آفيسر جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو:
    “I don’t transfer my officers. I teach them lesson on board.”
    “آئون پنهنجي آفيسرن کي ٻين جهازن ڏي ٽرانسفر نه ڪندو آهيان. آئون کين پنهنجي ئي جهاز تي سبق سيکارڻ ۾ عافيت سمجھندو آهيان.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259778
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ