ڪتاب جو نالو: ڪفايت شعاري
مصنف: آغا تاج محمد خان
ڇپائيندڙ: آر – ايڇ – احمد ائنڊ برادرس بوڪسيلرس
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 1957
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 03 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 935 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ يونيورسٽي جي 1957ع جي دور ۾ رهندڙ رجسٽرار خانصاحب آغا تاج محمد خان جو لکيل ڪتاب ”ڪفايت شعاري“ 1957ع ۾ آر ايڇ ۽ برادرز پاران ڇپايو ويو. ڪفايت شعاري جي اڄ به ساڳي ئي اهميت آهي جيڪا ان دور ۾ هئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • ڪفايت شعاري

  • • قناعت
  • • ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت
  • • ڪفايت شعاري مان فائدا
  • • ڪفايت شعاريءَ جي مقرر حَد
  • • ڪفايت شعاريءَ جي پابندي
  • • ڪفايت شعاري ۽ بُخل ۾ فرق
  • • ڪفايت شعاري ۽ فضول خرچيءَ جي حَد
  • • ڪفايت شعاريءَ جو مقصد
  • • اولاد کي ڪفايت شعاريءَ جي تعليم ڏيڻ
  • • ڪفايت شعاريءَ ۾ عورتن جو حصو
  • • ڪفايت شعاري بنسبت ڪي مثال
  • • ڪفايت شعاريءَ ۽ اسراف تي باريڪ نظر
  • • ڪفايت شعاريءَ جي رستي ۾ ڪي رڪاوٽون
  • • ڪفايت شعاريءَ سان گڏ سليقه شعاري
  • • آخرين استدعا
  • • جان ڊي راڪ فيلر

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (132) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ يونيورسٽي جي 1957ع جي دور ۾ رهندڙ رجسٽرار خانصاحب آغا تاج محمد خان جو لکيل ڪتاب ”ڪفايت شعاري“ 1957ع ۾ آر ايڇ ۽ برادرز پاران ڇپايو ويو. ڪفايت شعاري جي اڄ به ساڳي ئي اهميت آهي جيڪا ان دور ۾ هئي.
    اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڪفايت شعاري

    • قناعت

    اسانجي ملڪ کي ڪفايت شعاريءَ جي بلڪل ضرورت آھي ڇاڪاڻ ته جمله اھلِ اسلام ھن وقت فضول خرچي ۽ اسراف بيجا سبب تباھ ٿي رھيو آھي. سي جيڪڏھن ڪفايت شعاري تي عامل رھن ته انشاءَالله وري نئين سر عظمت ۽ ثروت کي پھچي وڃن. خصوصاً اسانجي سنڌ کي ته بلڪل سخت ضرورت آھي، جو اجاين رسمن ۽ شادين ۽ غميءَ جي رسمن تي حد کان وڌيڪ خرچ ڪري رھيا آھن.


    • ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت

    دنيا ۾ ھر انسان خواه مرد ھجي يا عورت، پوڙھو ھجي يا جوان، عالم ھجي يا جاھل، حياتيءَ جي بقا جو خيال ٿو رکي ۽ قوت قائم رکڻ لاءِ کاڌو ٿو کائي. پنھنجي جسم کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا ٿو پھري. پنھنجي آرام ۽ آسائش لاءِ مڪان ٿو جوڙائي. جيڪڏھن خدانخواسته بيمار ٿو ٿئي ته فوراً علاج جو بندوبست ٿو رکي. مطلب ته ھر ڪنھن گھٽ ۾ گھٽ تڪليف جي دفع لاءِ قِسم قِسم جون تدبيرون ۽ تجويزون ٿو اختيار ڪري. انجو صرف ھيءُ مقصد آھي ته منھنجي عزيز زندگي قائم رھي، جو اھا انکي سڀ کان وڌيڪ پياري چيز آھي. پر افسوس آھي، جو اھڙي چيز ڏي سندس مطلق خيال نٿو ٿئي، جا زندگيءَ لاءِ ضروريءَ ۾ ضروري چيز آھي! اھا آھي ڪفايت شعاري!!
    سڀڪو ڄاڻي ٿو ته پنھنجي زندگي لاءِ مختلف قسمن جون ضرورتون پيش اينديون رھن ٿيون. کائڻ لاءِ غِذا گھرجي، پھرڻ لاءِ ڪپڙو گھرجي، رھڻ لاءِ جاءِ گھرجي. اھڙي طرح بيماريءَ لاءِ دوا گھرجي. اھي ضرورتون جيڪڏھن پوريون نه ٿين ته زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. پر انھن مان ھڪ به پوري نه ٿيندي. جيڪڏھن اوھان وٽ پئسو موجود نه ھوندو ته اوھان وٽ پئسو جمع ٿي نه سگھندو، جيستائين اوھان ڪفايت شعاري کان ڪم نه وٺندا.
    تنھنڪري انجو لازمي نتيجو نڪتو ته ڪفايت شعاري ھر انسان لاءِ نه فقط ضروري آھي، بلڪ شرط زندگي آھي. ازانسواءِ انسان جو فرض فقط زندگيءَ جي بقا تائين محدود نه آھي، پر ان کان وڌيڪ ٻين انسانن جي زندگي به ان جي ذات سان وابسته ٿي رھي. جھڙوڪ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، زال ۽ ٻار ٻچا. جن جي پرورش جو بار به اخلاقاً توڙي شرعي ان تي واجب ٿو رھي. ان صورت ۾ سندس فرضن جو دائرو يا ان کان زياده وسيع ٿي وڃي ٿو. يعني ڪفايت شعاري جي پابندي ڪرڻ اُن تي بدرجه اوليٰ لازم ٿي ٿئي.
    جيتوڻيڪ انسان انھيءَ قدرتي ذميداريءَ کي محسوس نٿو ڪري يا ان تي عمل نٿو ڪري ته يقين سان ٿو چئجي ته ھو پنھنجي انساني فرض ادائيءَ کان ڄڻ ته قاصر رھيو.
    ڪيتريقدر نه اھو حيرت انگيز ۽ عبرتناڪ منظر آھي، جو ھڪ شخص جو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪمائي ٿو، سو اُڏاري ڇڏي ۽ پنھنجي لاڳاپي وارن انسانن جو ڪوبه خيال نه رکي ۽ مرڻ وقت پنھنجي بيوھ عورت ۽ ننڍن ٻَچن کي اھڙي بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ ڇڏي وڃي، جو اُھي ويچارا ٽُڪر لاءِ محتاج ٿي وڃن ۽ ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جو مُنھن تڪيندا رھن. ليڪن انھن جي ڪوبه دستگيري ۽ مدد نه ڪري!
    افسوس جو اُھو شخص پنھنجي زندگيءَ ۾ نفس کي تڪليف ۾ رکي عيش پسنديءَ ۽ فضول خرچيءَ کان پري ڀڄي، پنھنجي عيال لاءِ ڪجھ پونجي يا سرمايو ڇڏي وڃي ھا ته پوءِ جيڪر انھن جي مٿين حالت ڇو ٿئي ھا!! ۽ پوءِ ڇو گداگرن وانگر دربدر رُلن ھا!!
    ان لاءِ الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:-
    ولا تسرفو- ان الله لا يحب المسرفين.
    يعني اجايو خرچ نه ڪريو. تحقيق الله پاڪ اسراف (اجايو خرچ) ڪندڙن سان محبت نه ٿو رکي.
    مطلب ته الله پاڪ اجائي خرچ ڪرڻ کان منع ٿو فرمائي، ڇو ته اجائي خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر ٿا ڪوٺيا وڃن، جنکي الله پاڪ دوست نٿو رکي.


    • ڪفايت شعاري مان فائدا

    جيستائين انسانن لاءِ مختلف ضرورتن جي مقرري نٿي ٿئي، تيستائين انجي نظر ۾ ڪفايت شعاري جا فائدا به شمار ۾ اچي نه ٿا سگھن.
    ڪنھن شخص ھڪ حڪيم کان پڇيو ته عقلمند ۽ بيوقوف ۾ فرق ڪھڙو آھي. تنھن تي حڪيم فرمايو ته عقلمند حال تي ۽ مستقبل تي نظر ٿو رکي ۽ بيوقوف فقط حال کي ٿو ڏِسي. يعني عاقل خيال ٿو ڪري ته ”اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي“ ۽ بيوقوف جو فقط ھي حال آھي ته ھينئر ته کائي پي ۽ عيش آرام ڪري وٺجي اڳتي جيئن قسمت.
    ”اب تو آرام سے گذرتی ھے،
    عاقبت کی خبر خدا جانے.“
    اھوئي ساڳيو فرق انڌي ۽ اکين واري انسان ۾ آھي. اکين وارو جنھن رستي ھلي ٿو ته ان کان پرئين رستي جي به خبر ٿو رکي، پر انڌو پري ڏسي نٿو سگھي ته کَڏ آھي يا کوٻو آھي. انھيءَ ڪري ھلاڪت ٿي رَسيسِ.
    اھڙي طرح ڪفايت شعاريءَ وارو انسان ھلندڙ خرچ جي ته نظر رکي ٿو، پر آئينده جي ضرورتن جو به خيال ٿو رکي. انجو نتيجو اھو ٿو نڪري، جو جڏھن کيس اوچتو ضرورتون پيش ٿيون اچن ته ھو انھن کي منھن ڏئي ٿو سگھي ۽ سندس وقت خوش گذري ٿو وڃي. پر فضول خرچ انسان فضول خرچيءَ سبب اھڙو اوچتو وقت ٽپائي نٿو سگھي. پوءِ اھڙي وقت ۾ ٻئي جو محتاج ٿو بڻجي پوي. اھوئي وقت آھي جو انسان کي بلڪل بيوس ڪري اڻ ٿيڻ جھڙا ڪم به ڪرايو ڇڏي ۽ اھوئي وقت آھي، جو گھرج وارو انسان ٿوري پيسي تي پنھنجي ملڪيت ناس ڪري ڇڏيندا آھن. تڏھن سمجھڻ گھرجي ته عقلمندي ۽ دورانديشي اھا آھي، جو انسان آمد ۽ خرچ کي نظر مان ڪڍي. ازانسواءِ موجوده خرچ سان گڏ اوچتيءَ ضرورت جو به خيال رکي. جيڪڏھن سندس آمدني گھٽجي وڃي ته پنھنجون ضرورتون ۽ گھُرجون به گھٽائي ڇڏي. جيڪڏھن اِئين ڪندو ته ھو ھر حال ۾ ھميشہ خوش ۽ خورم گذاريندو ۽ سڀڪو ان تي رِيس ڪندو رھندو. اھڙو انسان سڀ ڪنھن لاءِ مثال ٿي ٿو سگھي. گھڻيءَ ڪمائيءَ واري فضول خرچ کان ٿوري ڪمائي وارو ڪفايت شعار انسان ھزار دفعا بھتر آھي. ھزار روپيه پگھار واري قرضيءَ انسان کان 50 روپيه پگھار وارو ڪفايت شعار انسان وڌيڪ خوش آھي. ڇو ته حقيقي خوشيءَ کي اُن ئي انسان ڳولي لڌو آھي، جو ”سوڙ آھر پير ٿو ڊگھيري.“ ھڪ فلاسافر جو قول آھي ”دنيا ۾ فقط اھو شخص خوش ٿو رھي، جنھن جون گھرجون گھٽ آھن.“ ڪفايت شعار انسان ئي آھي جي ٿوري ڏني تي ئي راضي ۽ قانع رھي، ان جو صحيح تصرف ٿو ڪري ۽ بيشڪ اھو آسودو انسان آھي جو صحيح تصرف ڄاڻي ٿو.
    مطلب ته حتي الوسيع جيترو ٿي سگھي ته ڪجھ نه ڪجھ بچائي رکڻ تمام ضروري آھي، جو بيماريءَ، بيڪاريءَ ۽ مھانگائيءَ ازانسواءِ اتفاقي وقتن تي خرچ ڪري سگھجي. اھي شخص ڪم فھم ۽ ڪوتاھ انديش آھن، جي اڳ ۽ پوءِ نٿا جاچين. نه ٿا آمدنيءَ جي خبر رکن ۽ نه ٿا خرچ جي خبر رکن. اھڙا انسان ضروري ۽ فضول خرچن ۾ ڪابه تميز نٿا رکن.
    اُھي فقط موجوده حالت کي ڏِسن ٿا ۽ اتفاقي ضرورتن جو ڪوبه خيال نٿا رکن. جي شخص اُھو خيال نٿا رکن ته اھي بچائڻ جو قدر به ھرگز نٿا ڄاڻن ته پوءِ يقين رکو ته اُھي ئي شخص آھن، جي جلد مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ گرفتار ٿا ٿين.
    جو شخص ڪفايت شعاري ڪري ڪجھ سرمايو گڏ ٿو ڪري (پوءِ اھو کڻي ڪيترو به ٿورو ھجي) ته ان کي ھر وقت ھر طرح جي تقويت ۽ خوشي ٿي رھي.
    اھو انسان زماني ۽ قسمت اڳيان فقط رانديڪو نه ٿو بڻجي پر مڙس ٿي اُن کي منھن ڏئي ٿو سگھي. اھو به سچ آھي ته محتاج انسان کڻي ڪيترو به عاقل ھجي، پر اُھا عزت حاصل ڪري نٿو سگھي، جنھنجو ھو حقدار آھي. محتاجيءَ ڪري ھن کي خسيس ۾ خسيس ماڻھوءَ جي ڪاڻ ڪڍڻي ٿي پوي. جا ذات ۽ ضمير واري انسان لاءِ موت کان گھٽ نه آھي.
    ڪفايت شعار (قناعتي) انسان دنيا وارن سان اک ۾ اک ملائي ھلي سگھي ٿو. پر جي محتاج انسان آھي ته پوءِ ڪيڏو به خاندان يا ملڪيت وارو انسان آھي، ته به اک ۾ اک ملائي نٿو سگھي. پر وقتن تي اھڙن انسانن جو ئي ڪنڌ شرم کان ھيٺ جھڪيل نظر ايندو آھي. سڀڪو انسان پاڻ کي عزت وارو بڻائي سگھي ٿو ته بي عزت به بڻائي سگھي ٿو. سو ھِن ريت جي ھُو ڪفايت شعار آھي ۽ وقت تي ڪنھنجو محتاج نه آھي ته بلڪل عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. جي فضول خرچ آھي ۽ ننڍي وڏي جو محتاج ۽ دست نگر آھي ته ھو ڪنھن به حالت ۾ عزت جو حقدار نه آھي ۽ کيس عزت ملي نٿي سگھي.
    ڪفايت شعار ھر معاملي ۾ خودمختيار آھي ۽ وقت راحت ۾ گذاري سگھي ٿو.
    فضول خر چ ھر حالت ۾ نفس جو پابند ۽ گوناگون مصيبتن جو شڪار آھي.


    • ڪفايت شعاريءَ جي مقرر حَد

    دنيا ۾ ھر شخص جي مالي حالت جدا جدا آھي. ڪو دولتمند آھي، ڪو مفلس آھي، ڪو امير آھي ۽ ڪو غريب آھي. ڪنھن جي آمدني زياده آھي ته ڪنھن جي آمدني گھٽ آھي. ان ۾ ڪفايت شعاريءَ جي اھڙي حَد مقرر ڪانھي، جنھن ۾ چئي سگھجي ته فلاڻو ماڻھو ڪفايت شعار آھي ۽ فلاڻو ماڻھو ڪفايت شعار ڪونھي. تنھن ڪري ضروري آھي ته اول حَد مقرر ڪرڻ کپي، جو اُن موجب دولتمند ۽ غريب جي ڪفايت شعاريءَ جي نسبت قائم رھي سگھي.
    مثلاً جنھن شخص جي آمدني ھزار روپيا آھي ۽ اھو ٻه سؤ روپيا بچائي ٿو. ٻيو شخص جنھن جي آمدني ھڪ سؤ روپيا آھي ۽ ويھ روپيا ٿو بچائي. ٽيون شخص جنھن جي آمدني ويھ روپيا آھي ۽ چار روپيا ٿو بچائي ۽ چوٿون شخص جيڪو ڏھن روپين جي آمدني مان ٻه روپيا ٿو بچائي. چئبو ته اُھي چارئي شخص پنھنجي پنھنجي لياقت آھر ھڪ جھڙي بچت ڪن ٿا. اُھي سڀ ڪفايت شعار چئي سگھبا.
    گھڻن ماڻھن جي اھا غلطي آھي، جو چوندا آھن ته اسان ٿوري آمدنيءَ وارا آھيون، سو اسان ڇا بچائي سگھنداسون. ڇو ته جو ھڪ رپيه ٿو بچائي ته به انکي بچت چئي سگھبي. جي اَٺ آنه ماھوار ٿو بچائي ته به بچت چئبي، مگر ٿوري. اِئين ته ڪين چئبو ته فلاڻي شخص بچايو ئي ڪونھي. جو شخص فقط ھڪ آنو روزانو بچائي ٿو ته به سالاني بچت سندس ويھارو روپين جي قريب چئي سگھبي. ڇو ته داڻي داڻي مان ڍِڳ ٿو بڻجي ۽ قطري قطري مان دريا ٿو بڻجي. جڏھين انسان ڪفايت شعاريءَ جو عادي ٿو بڻجي وڃي، تڏھن ھو پئسن مان آنا ٿو بڻائي سگھي ۽ آنن مان روپيا۽ روپين مان نوٽ. ان بعد سو يا ھزار بڻجڻ ڏُکيا نه آھن.
    ھڪ دانشمند جو قول آھي ته سَون مان ھزار ۽ ھزارن مان لک بڻجڻ تمام سولا آھن، مگر پھرين سؤ به ڪَٺو ڪرڻ ڏکيو آھي.
    اھو فلسفو سمجھڻ تمام سولو آھي. ڇاڪاڻ ته پھريائين انسان کي شروعات ۾ تڪليف ڪري، پنھنجون گھُرجون بند ڪري، آنا، روپيه گڏ ڪري، ڪا رقم بڻائڻي پوي ٿي. پر اھڙي تڪيلف جو ھو عادي نه آھي، تنھن ڪري ھن کي بلڪل مشڪلات ٿئي ٿي. مگر جڏھن ته اُھي تڪليفون جھاڳي پار پيو ۽ ڪجھ رقم پس انداز ڪيائين ته عادت پوڻ ڪري، آئينده سولائيءَ سان رقم ميڙيندو ويندو. پوءِ جڏھن سؤ يا ٻه سؤ رقم جڙي ته ان کي ڪنھن ڌنڌي ۾ لائي وڌائڻ سولو لڳندو. باقي اھو سچ آھي ته پھريائين ٿورڙي رقم ميڙڻ ڏُکي آھي. جڏھن ڪفايت شعاري جي عادت پئجي وڃي ٿي پوءِ پيسو ميڙڻ ھن کي بار معلوم نٿو ٿئي ۽ اميد ته پوءِ ھو جلد ئي حيرت انگيز ترقي ڪري ويندو.
    ازان سواءِ ھن جيڪي ٿورا پيسا يا ٿورا روپيا گڏ ڪري ڪجھ رقم جوڙي ته اھي ٿورا پئسا سندس اخلاقي توڙي دماغي تربيت ۽ ذاتي خودمختياريءَ جي درجي بلند ڪرڻ ۾ ڪيتريقدر مددگار ٿا بڻجن. شروعات ۾ اھا ٿوري گڏ ڪيل رقم گويا نفس ڪشي، فرزانگي ۽ دانشمنديءَ جو سنگ بنياد ليکي وڃي ٿي. جيئن ڪنھن رنگ محل يا عمدي محلات جو بنياد به پھريائين ساڳي پيڙھ تي ٿئي ٿو، جھڙي ڪنھن معمولي جاءِ تي پھريائين ٿورو خرچ ڪيو وڃي، پر اھو سنگ بنياد ۽ اھا ٿوري خرچ ڪيل واري پيڙھ ايترو ته حوصلو وڌائي ٿي ڇڏي، جو ان بعد ئي ھر ھڪ انسان جي ھمت سان ھزارن توڙي لَکن جي عمارت جُڙي سگھي ٿي.
    ”خيال ھرکس بقدر ھمت اوست“
    ھر ھڪ انسان جو خيال سندس ھمت جي قدرتي ڏات کان ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪو شخص فقط اڍائي روپيا مھيني ۾ بچائي ڪنھن ويمي واري ڪمپنيءَ ۾ ڏيندو ٿو رھي، پوءِ جي ان شخص جي عمر 25 ورھيه آھي ته 20 ورھين ۾ سندس جيئري يا مرڻ وقت سندس پوين کي ھزار ڏيڍ جي رقم ملي ويندي.
    ڪفايت شعاري درحقيقت اھڙي چيز آھي، جو ان جي وسيلي انسان کڻي ڪھڙي به غريبي حالت ۾ آھي ته به اطمينان ۽ مُسرت جي زندگي بسر ڪري سگھي ٿو.
    مولانا محمد ذڪاءُالله صاحب مرحوم، جو ھڪ وڏو مؤرخ ٿي گذريو آھي ان کان ڪنھن پڇيو ته انسان حقيقي خوشي ڪھڙي طرح حاصل ڪري ٿو سگھي؟ فرمايائين ته ”جو شخص ڏھ روپيا، ڪمائي ان مان ٻه روپيا ٿو بچائي ته ھو خوش گذاريندو. پر جي ڏھ ھزار ڪمائي، يارھن ھزار خرچيندو ته ھميشہ حيران ۽ پريشان گذاريندو.“ بھرحال خوش گذارڻ انھن انسانن کان سِکي ٿو سگھجي، جيڪي نفس تي ضابطو رکي سگھن ٿا.


    • ڪفايت شعاريءَ جي پابندي

    جھڙي طرح نئين عادت ڪرڻ ۾ پھريائين سخت تڪليف ۽ دقت محسوس ٿئي ٿي، تھڙي طرح ڪفايت شعاري ڪرڻ ۾ به پھريائين نفس ڪشي ڪرڻي پوي ٿي ۽ نفس تي سختي ڪرڻ بعد مطلب پورو ٿي سگھندو ۽ ٿوري عرصي ۾ گوناگون فائدا حاصل ٿي سگھندا. ڪفايت شعاريءَ سبب ھر قسم جي ضرورت دفعي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ ان مان تڪليف جي بجاءِ حقيقي مسرت حاصل ٿئي ٿي. ان بعد ڪنھن به قسم جي مطلق تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي. اعتدال وارو شخص ڪڏھن به مفلس نه ٿيندو.
    اھو شخص ھزار دفعا چڱو آھي، جو صاف صاف چئي ڏئي ته فلاڻي ڪم ڪرڻ جي مون ۾ طاقت ڪانھي پر اُھي ماڻھو چڱا نه چئبا، جي رڳو ماڻھن جي خوف کان ته متان اسان کي پرپٺ بُرو ڀلو چون ته تمام شوم ۽ بخيل آھي. ان خوف کان پاڻ کي گرداب ھلاڪت ۾ وجھي ڇڏيندا آھن، يعني حد کان وڌيڪ خرچ ڪري پاڻ کي حقيقي طور ناس ٿا ڪري ڇڏين. جيڪڏھن غور ڪري ڏسبو ته اھڙا طعنا ھڻندڙ گھڻو ڪري ڏھن مان نو عقلمند ۽ عاقبت انديش نه ھوندا جيڪي ٻين کي ڪفايت شعار ڏِسي مھڻا ڏيندا ۽ طعنا ھڻندا ھوندا.
    اھا ڳالھ ھر ڪنھن جي ٻُڌل ھوندي آھي ته ھڪ شخص پئسي وارو ھوندو ھو، اھو ڪنھن به ماڻھوءَ سان انڪار نه ڪندو ھو. پر ڪوبه ماڻھو جيڪي گھرندو ھوس ته ان کي کڻي ڏيندو ھو. ھو پنھنجو دشمن ھوندو ھو ۽ ٻين جو سخت دوست. يعني پنھنجو ڪم بگاڙي، ٻين جو ڪم پورو ڪندو ھو. جيڪو به پئسو ھن وٽ ھو، سو پنھنجي گھرج وارن دوستن ۾ ورھائي ڇڏيائين. جڏھن سمورو سرمايو لُٽي بيٺو ۽ گھرج مھل ڪن دوستن اڳيان امدا لاءِ ھٿ ڊگھيريائين، تڏھن کيس بلڪل مايوسي ڏِسڻي پيئي. يعني ھن کي ڪنھن به پئسو ڪونه ڏنو.
    جلد ئي باقي رَکيل ھڪ اشرفي به خرچي پنھنجي بيوقوفي ۽ حماقت جو شڪار بڻيو. اھڙي ناعاقبت انديشيءَ کان به ڪم نه وٺڻ کپي، جو پڇاڙيءَ ۾ افسوس جا ھٿ ملڻا پون. اھڙو بخيل ۽ ڪنجوس به ٿيڻ نه کپي، جو ھوندي سوندي دُکي رھي ۽ پنھنجي پيٽ کي سِڪائي بکون ڪڍي.
    جئن ھڪڙي شاھوڪار جي ڳالھ ڪندا آھن ته پئسو وٽس جام ھو، پر خرچ اصل ڪونه ڪندو ھو. پئسي خرچڻ کان وڌيڪ پاڻ کي اُڃيو ۽ بکيو رکڻ چڱو سمجھندو ھو. ھڪ دفعي ڏٺائون ته اھو شخص مُئو پيو آھي ۽ سندس ڀرسان ھڪ ٻِلي به مئي پئي آھي. ان جي مرڻ جو سبب فقط اھو ھو، جو ماني به پوري ڪونه ٿي کاڌائين ته متان خرچ ٿئي. ٻليءَ کي به پورو کاڌو نه ڏيندو ھو، پر سندس دولت جو حال اھو ھو، جو سندس بستري ھيٺان روپين، اشرفين ۽ بئنڪ جي چيڪن جا انبار لڳل ھئا. اھڙي ھلت وٺڻ واري کي به ڪفايت شعار چئي نه سگھبو.
    سچي ڪفايت شعاري اھا آھي، جو واجبي خرچ ڪري، غير واجبي خرچن کان پاڻ کي بچائي، ڪجھ پئسو رکي سگھجي، جو مشڪل ۽ اتفاقي وقتن تي خرچ ڪري سگھجي. ان جو مطلب ته نه تمام گھٽ خرچ ڪري پاڻ کي نقصان ھيٺ آڻي ۽ نه وڌيڪ خرچ ڪري، آئيءَ ويل پاڻ کي شرمندو ڪري. پر ميانه رويي ۽ اعتدال واري ھلت ھلي. جنھن کي وچولي درجي واري يا اوسطه درجي جي ھلت چئبو آھي. تنھن لاءِ مثال آھي ته ”خير الامور اوسطھا“ يعني چڱا ڪم اھي آھن، جي وچولي درجي ۾ ھجن نه گھٽ نه وڌ. پر پورا پُنا. اھڙي پابندي رکڻ ھر طرح فرض آھي.
    ڊاڪٽر جانسن لکي ٿو ته اھي ماڻھو جي پنھنجي اعليٰ دماغيءَ، روشن خياليءَ ۽ علمي لياقت سبب فخر کان روزاني زندگيءَ جھڙي اعليٰ اصول کي ھڪ معمولي ڳالھ سمجھي بي پرواھ رھن ٿا ۽ ان کي نظر انداز ڪري ٿا ڇڏين، تن کي ياد رکڻ گھرجي ته ان دور انديشيءَ جي گھٽتائيءَ کي ڪابه چيز پورو ڪري نه سگھندي.اھڙي غفلت ۽ نا عاقبت انديشي ٻين صفتن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندي.
    مثلاً جيڪڏھن ڪو شخص وڏي قابليت ۽ علميت وارو آھي ۽ ان ۾ ٻيا سڀ اخلاقي نقطا سچائي ۽ ايمانداري گھڻي آھي. ازانسواءِ دولت جي به ھن وٽ ڪمي ڪانھي، پر جي ڪفايت شعار نه آھي ته ڪنھن وقت ھن کي به سخت ھٿ ھڻڻا پوندا ۽ غفلت سبب ڪنھن وقت ھن کي رَت رئڻو پوندو. تنھنڪري ٻين صفتن سان گڏ ڪفايت شعاريءَ جھڙيءَ اعليٰ چيز ھٿان ڇڏڻ نه کپي. جيڪڏھن ٻين صفتن سان گڏ ڪفايت شعاري به شامل آھي ته پوءِ ”کير کنڊ“ يا ”سوني تي سھاڳي وارو“ معاملو آھي.
    مسٽر ٽامس لپٽن جو بيان آھي ته مونکي درخواست ڪئي وئي آھي ته آءٌ ڪاميابيءَ جو اصلي راز ظاھر ڪري، ان جي تشريح ڪريان. سو اُھو راز ڪفايت شعاري آھي. ڪفايت شعاريءَ جو اصول زندگي جي ھر ڏاڪي ۾ ضروري آھي، يعني جھڙو ننڍپڻ ۾ تھڙو وڏي عمر ۾. جھڙو جوان لاءِ ضروري آھي، تھڙو پوڙھي لاءِ.
    ڪفايت شعاري جو مقصد آھي ته پئسو ڪنھن به صورت ۾ بچائجي، ھر ھڪ نوجوان پنھنجي دوست جي دوستيءَ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ اعتماد ڪري سگھي ٿو، پر جھڙو سچو رفيق اھو ڇوٽڙو ڪتاب آھي، (جنھن تي ڪنھن بئنڪ جو نالو لکيل آھي، جنھن ۾ ڪي انگ اکر ڪنھن رقم جا موجود آھن) تھڙو ھمدرد ۽ رفيق ٻيو ڪوبه ڪونه آھي ۽ اھو ھميشہ لاءِ ياد ڪري ڇڏڻ گھرجي. ٿي سگھي ٿو ته اھي اکر دل تي تختيءَ تي اڪيري ڇڏڻ گھرجن. جيئن ڪنھن به طرح وِسري نه سگھن. سچ ته اھي اکر آب زر سان لکڻ لائق آھن.
    پوري ڪاميابيءَ جي راز جو پھريون اصول آھي، پئسن جي بجت. ڇو ته بچت جي ڪري نوجوانن جي دل ۾ آزاديءَ ۽ خود اعتماديءَ جو جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. روپين جي بچت انسان جي جسم ۾ چُستي ۽ چالاڪيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري، ھمت ۽ حوصلو وڌائي ٿي ڇڏي. روپين جي بچت ان کي مسرت ۽ قناعت جي اعليٰ مقام تائين پھچائي ڇڏي ٿي.

    ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ ۽ فضول خرچيءَ کان بچڻ لاءِ ھيٺين ڳالھين تي ڌيان ڏجي، جي ياد رکڻ جي قابل آھن:-

    1. پنھنجي آمدنيءَ ۽ خرچ جو حساب رکو.
    2. اجائي خرچ کان پنھنجو ھٿ يڪدم روڪيو.
    3. ڪھڙي شيءِ ڪيتري به سھانگي ملي، پر ان جي ضرورت به آھي ته خريد نه ڪريو.
    4. جنھن خرچ ڪرڻ مان اوھان جو فخر وَڌي، ان جي ويجھو وڃڻ به گناھ سمجھو.
    5. فضول خرچيءَ کي ھڪ قسم جو ڏوھ سمجھو. ڇاڪاڻ ته حُڪم آھي ته فضول خرچ شيطان جا ڀائر آھن. جو به خرچ ڪريو ته اُھو نقد پئسو ڏئي خريد ڪيو. قرض تي ڪابه چيز نه خريد ڪريو. توڙي ٿوري عرصي لاءِ به ھجي.


    • ڪفايت شعاري ۽ بُخل ۾ فرق

    مٿي ٿورو ذڪري ڪري آيا آھيون ته بُخل ڇا کي چئبو آھي. پر ھِتي ڪفايت شعاري ۽ بخل بابت کولي لکجي ٿو، جنھن مان بخل جو تفاوت نمايان نظر ايندو. ڪي ماڻھو پنھنجي ناداني ۽ غلط فھميءَ سان ڪفايت شعاري ۽ بخل ۾ ڪابه تميز نٿا رکن. انھن جي خيال ۾ اُھي ٻئي ھڪ ئي درخت جون شاخون آھن. يعني ڪفايت شعاري ۽ بُخل ٻئي ھڪ آھن. ٻنھي ۾ ھڪ جھڙي گھٽتائي آھي، حالانڪ ھن ڳالھ جي اظھار ڪرڻ کان رھي نٿو سگھجي ته انھن ٻنھي جو اھڙو تفاوت آھي، جھڙو رات ۽ ڏينھن جو ۽ اولھ ۽ اوڀر جو ھڪ ٻئي ۾ تفاوت آھي. اُھي جيڪڏھن ھڪ ڳالھ آھن ته ڪفايت شعاري ۽ بُخل به ساڳيون چيزون آھن. پر انھن جو تفاوت اھڙو ظاھر ظھور آھي، جو ٿوري سمجھ رکندڙ آدمي به چڱي طرح سمجھي سگھندو، سو ھيءُ آھي.
    ڪفايت شعاري ان کي چئجي، جو جڏھن سڀ ڪنھن قسم جو واجبي خرچ ڪري بيھجي. ان بعد جا بچٿ ٿئي، اھا ڪِن ضروري ۽ اتفاقي وقتن لاءِ رکڻ. اُھا آھي ڪفايت شعاري ۽ بُخل ھي آھي، جو اوھان کي جيڪو به پئسو ھجي سو بند رکو. ڪنھن به ضروري ۽ سَجائي ڪم تي به خرچ نه ڪريو ۽ سموري پئسي بچائي رکڻ لاءِ ڪوبه سبب نه ھجي.
    ڪفايت شعاري جو مقصد آھي فضول خرچيءَ کان پرھيز ڪرڻ، جا ھڪ عمدي ۾ عمدي ۽ اعليٰ درجي جي فضيلت آھي. پر بخل جو مطلب ھي آھي، جو ضروري ۽ واجبي خرچ کان به پري ڀڄڻ ۽ پرھيز ڪرڻ. جا نھايت خراب ۽ نيچ عادت آھي.
    مثلاً ٻه شخص آھن، جن جي آمدني سؤ روپيا آھي. ھڪڙو شخص کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي تي واجبي خرچ ڪري ٿو ۽ پنھنجي تعلق رکندڙ انسانن جي واجبي گھُر پوري ڪري ٿو. ازانسواءِ پنھنجي اولاد جي تعليم تي به خرچ ڪندو رھي ٿو. حتي الوسع پاڻ کي توڙي اولاد کي ڪنھن به قسم جي تڪليف نٿو ڏئي. ان بعد ٿورو گھڻو بچائي رکي ٿو، جي آئي ويل ڪتب اچي.
    ٻيو شخص اُھو آھي، جو پنھنجو توڙي پنھنجي اولاد جو ڪوبه ضروري خرچ پورو نه ٿو ڪري ۽ نڪي اولاد جي تعليم لاءِ بندوبست ٿو ڪري، پر رڳو گھڻو پئسو گڏ ڪري رکندو وڃي ته انھيءَ صورت ۾ پھرين کي ڪفايت شعار چئبو ۽ ٻئي کي بخيل سڏبو.


    • ڪفايت شعاري ۽ فضول خرچيءَ جي حَد

    اھڙي طرح ڪفايت شعاريءَ ۽ فضول خرچيءَ ۾ به فرق آھي. ٿوري گھڻي وڌيڪ ڪرڻ سان ڪفايت شعار فضول خرچ سڏجي سگھي ٿو، ڇو ته ڪفايت جي معنيٰٰ ئي آھي ڪافي ھجڻ. ڪفايت شعاريءَ مان اھو ڍنگ يا سليقو مراد آھي، جو اسان کي ضرورت کان گھٽ ۾ گھٽ ۽ واجبي خرچ ۾ پورائي ڪرڻ سيکاري ٿو. جڏھن اھو واجبي خرچ ڦِري وڌيڪ ٿئي ٿو ته ان کي فضول خرچي چئبو.
    ھن مان ڏسبو ته ڪفايت شعاريءَ ۽ فضول خرچيءَ ۾ تمام ٿورو تفاوت آھي. مثلاً جيڪڏھن ھڪ ھزار پيدائش يا پگھار وارو، سو روپيه مسواڙ واري جاءِ ۾ رھي ته نامناسب ڪونھي. پر جيڪڏھن سو روپيه پگھار وارو فقط 30 يا 40 روپين مسواڙ واري جاءِ ۾ رھندو ته به فضول خرچ سڏبو، ڇو ته سندس پگھار موجب نسبت پوري نه آھي. جيڪڏھن اھو وري قدر آھر 10 روپين واري جاءِ ۾ رھندو ته ڪافي سمجھي چئبو ته ھو ڪفايت شعار آھي ۽ اِئين به سمجھبو ته پنھنجي قدر تي ٿو ھلي. جيئن چئبو آھي ته ”سوڙ آھر پير ڊگھيرجن“ ۽ اھو مثال آھي، جو ڪفايت شعاري لاءِ موزون آھي.


    • ڪفايت شعاريءَ جو مقصد

    ڪفايت شعاريءَ جو اصل مقصد آھي، پنھنجي حيثيت مطابق خرچ ڪري ۽ فضول خرچيءَ کان پاڻ کي بچائي ڪجھ نه ڪجھ پس انداز ڪري ته اھو رکيل پئسو ضرورت تي ڪتب اچي. جيڪڏھن قوم جي ھر ھڪ فرد ۾ اھو پئسي بچائڻ جو جوھر پيدا ٿي پوي ته اسان جي قوم نه فقط دولتمند ٿي پوي، پر اھڙا جيڪر ماڻھو پيدا ٿي پون، جي قوم جي فلاح، ترقي ۽ بھبوديءَ لاءِ سخت قدم کڻن. جي ماڻھو ڪفايت شعار آھن، سي ھميشہ بي فڪريءَ سان زندگي گذارڻ وارا انسان ٿين ٿا. خوشحاليءَ سبب پنھنجي اولاد جي سنڀال به عمدي طريقي سان ڪري سگھن ٿا. پنھنجي حاجت مند ڀائرن سان به چڱي طرح ھمدرديءَ ۽ امداد جو ھٿ ڊگھيري سگھن ٿا.
    ازانسواءِ قومي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺي سگھن ٿا. ڪار خير ۾ جيڪي ڪفايت شعار ماڻھو امداد ڪري سگھن ٿا، سو فضول خرچ ماڻھو ڪري نه سگھندا ڇو ته ھو پنھنجي عرق ۾ غرق ھوندا ۽ مالي حالت ۾ پريشان، سي ٻين جي مدد ڇا ڪندا. پارسي مقولي وانگر ته: ”او خويش گم آمداست کرا رھبري کند“.
    ھي به واضح رھي ته دولت بار بار ھٿ اچي نه ٿي سگھي ۽ آمدني ھميشہ يڪسان نه آھي. ھڪ سچ آھي ته ٻه پاڇا آھن. ڪڏھين انسان امير آھي ته ڪڏھن فقير آھي ته ڪڏھن غريب به ٿي سگھي ٿو. بھاريءَ کي خزان به آھي، ھڪ شاعر چيو آھي ته:

    کسی کی ایک طرح بسر ھوئی نہ انیس،
    عروج مھر بھی دیکھا تو دو پھر دیکھا.

    شاعر انيس چوي ٿو ته ڪنھن به انسان جو وقت ھڪ جھڙو نٿو گذري. ڪڏھن ڪھڙي حال ۾ ته ڪڏھن ڪھڙي حال ۾. سج جو عروج به جيڪڏھن ڪنھن ڏٺو ھوندو ته ٻپھرو، سارو ڏينھن ان جو عروج يعني ڪمال به ڪنھن نه ڏٺو ھوندو. سو انسان به اھڙي طرح آھي، ڪڏھن تندرست آھي ته ڪڏھن بيمار به آھي. سو جيڪڏھن تندرستيءَ ۽ چڱڀلائيءَ واري موقعي تي جيترو ٿي سگھي اوترو سرمايو يا مُوڙي گڏ ڪري رکجي. اھڙا ماڻھو جيڪڏھن پئسو وقت ناوقت لاءِ رکن ته ڪڏھن به پريشان نه ٿيندا. دانشمند انسان ئي آھن، جي اھڙن وقتن مان فائدا حاصل ڪندا رھن ٿا. اُھي ڪوتاھ انديش انسان آھن، جي ھميشہ انھيءَ مغالطي ۾ رھندا آھن ته اسان ھميشہ ساڳي پيدائش وارا ھونداسون يا اسان جي آمدني ھميشہ ھڪ جھڙي رھندي. اسان ھميشہ اھڙائي ھونداسون پوءِ اھڙي مشڪلات يا تنگيءَ واري موقعي تي (جو اھڙو اوچتو حادثو پڇي نه ايندو آھي) ڏاڍو پڇتائيندا آھن. پر پوءِ وقت گذريل ھٿ نه ايندو آھي. جيئن ”ڏُڌو کير ٿڻين نه پوي“ تيئن حيرانيءَ سرگردانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪري نه سگھندا آھن. سندن افلاس ۽ مصيبت گذارڻي پوندي اٿن. اِئين ڪرڻ چڱو نه آھي. دورانديش انسان ھميشہ اڳ پوءِ جاچيندا ۽ ھو حال کان به وڌيڪ مستقبل جو خيال رکندا آھن. تنھنڪري انسان لاءِ عاقبت انديش ٿيڻ ھڪ بھترين صفت آھي، جا پاڻ ۾ موجود رکي.


    • اولاد کي ڪفايت شعاريءَ جي تعليم ڏيڻ

    پيءُ ماءُ تي فرض آھي ته ابتدا کان وٺي ٻارن کي ڪفايت شعاريءَ جو عادي بڻائڻ. پر اھي ڪفايت شعار تڏھن ٿيندا جڏھن پنھنجي والدين جو عمل ان تي ڏسندا. فضول خرچ انسان جو اولاد ڪڏھن به ڪفايت شعار ٿي نه سگھندو. جيڪڏھن انسان سمجھي ته اھو ٻِج ننڍي ھوندي ٻارن ۾ وجھجي ته ڪفايت شعاريءَ جون ترڪيبون عمل ۾ آڻي ٻارن کي ڏيکارين ۽ ان جا فائدا سندن دلين تي چڱي طرح ويھارين. جڏھن اھا عادت ٻارن ۾ ننڍي ھوندي پئي ته وڏي ھوندي ان تي خوب عامل ۽ پابند رھندا. پر جيڪڏھن ان جي برخلاف لاڏ ۽ پيار سان ڪنھن ٻئي سبب ڪري ٻار فضول خرچ ٿي پيا ته پوءِ ساري عمر فضول خرچ رھندا. تنھن ڪري سندن ڪَنن تي ڳالھيون ئي ڪفايت شعاريءَ جون آڻينديون رھجن ته دنيا ۾ پئسو وڏي شيءِ آھي ان کان سواءِ دنيا ۾ ڪوبه ڪم ٿي نه سگھندو. جيڪڏھن پئسو موجود ھوندو ته جيڪا شيءِ دلپسند ھوندي سا وٺي سگھبي. جي نه ھوندو ته اھا حسرت ھميشہ دل ۾ رھندي ته جيڪر پئسو ھجي ته فلاڻي چيز خريد ڪجي. پئسو ئي آھي جنھن سان زندگي آرام ۽ آسائش سان گذاري سگھجي ٿي. پئسي واري جي عزت ھر ڪو ڪري ٿو، پر مفلس کي ھر ڪو ڌِڪاري ٿو. جن وٽ پئسو ڪونھي، اھي ئي بُکيا رھن ٿا. تڪليفون ۽ مصيبتون کين جدا سھڻيون پون ٿيون. مطلب ته پئسي کان سواءِ انسان ذليل خوار ٿو رھي. برخلاف ان جي پئسي وارو ھميشہ خوشحال ٿو رھي ۽ زندگي ھميشہ مسرت سان ٿو گذاري. ٻارن کي مثال ڏيئي ڏيکارجي:
    مثال اول پنھنجي پاڙي جو ڏجي ته فلاڻو انسان، جو ماڙين ۽ بنگلن وارو آھي. کائڻ پيئڻ لاءِ ان کي سڀڪي موجود آھي. ڪم لاءِ کيس خدمتگار موجود آھن. پھرڻ لاءِ کيس عمديون پوشاڪون ميسر آھن. انھن جا ٻار ڏسو ته ڪھڙا نه خوش ٿا رھن. ڇا کاڌي پيتي ڏانھن ڇا ڪپڙي پھرڻ ڏانھن. اھو سڀ تڏھن آھي جڏھن انھن وٽ پئسو موجود آھي. سڀڪو انھن جي عزت ڪري ٿو سو به پئسو ھجڻ ڪري. اُن پئسو گڏ ڪيو آھي، ڪفايت شعاري ڪرڻ سبب. اوھان به فلاڻا فلاڻا رستا اختيار ڪندا ته شاھوڪار ٿيندا ۽ انھن وانگر ھميشہ خوش گذاريندا رھندا.
    وري غريب ۽ مسڪين ڏيکاري انھن کي مثال ڏجي ته اھي ويچارا جو سٺين ۽ عمدين جاين ۾ نه آھن يا انھن وٽ پورو کاڌو به ڪونھي ۽ پھرڻ لاءِ ڪپڙو موجود ڪونھي. پر انھن کي ڪوبه عزت ڪونه ٿو ڏئي. سو به اُھو سبب آھي جو ان وٽ پئسو ڪونه آھي.
    ٻارن کي رغبت ڏيکارڻ ته اھڙا ڪم ڪريو جنھن مان ھميشہ عزت ملي ۽ چڱي دستور موجب ڪم ڪريو، جيئن ڪفايت شعار بڻجو.
    اھڙا ڪيئي طريقا آھن، جن مان پئسي جو قدر يا قيمت ٻارن کي ذھن نشين ڪرائي سگھجي ۽ ھو ڪفايت شعاريءَ جا عادي بڻجي سگھن.
    مثلاً ٻارن کي جيب خرچي ڏئي انھن کي اھو شرط ٻڌائجي ته مھيني اندر اوھان جيڪي پئسا بچايا ته اوھان کي اوترا پئسا ٻيا به ڏبا. جڏھن گھڻا پئسا جمع ڪندا ته اوھان کي پنھنجي مرضيءَ موجب عمديون عمديون شيون وٺي ڏبيون يا اھو کين سمجھائجي ته اوھان جيترا پئسا گڏ ڪندا ته اوترا پئسا اوھا کي ٻيا به ڏبا ۽ اھي پئسا اوھان کي بئنڪ ۾ رکائي ھڪ ڪتاب وٺي ڏبو، جنھن ۾ مرضي پويو ته پئسا داخل ڪرائيندا رھو، وڻيو ته وقت سر پئسا ڪڍايو.
    اھڙي طرح اوھان جا پئسا جمع ٿيندا رھندا. اھڙا ڪم ڪندا ته انھن ۾ ڪفايت شعاريءَ جي عادت پئجي ويندي.


    • ڪفايت شعاريءَ ۾ عورتن جو حصو

    جيتوڻيڪ فطرتاً عورتون ڪفايت شعار ٿين ٿيون. مگر زماني جي رفتار موجب انھن کي ڌيان ڏيڻ کپي. انھن کي گھرجي ته سڀ ڪنھن خرچ تي نظر رکي ڪفايت شعاريءَ جو نمونو اختيار ڪن. انھن کي ناموس يا ڏيک ويک جي اجائي خرچ کي ترڪ ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته اھي ڳالھيون فضول ۽ بي سود آھن. ان ۾ سواءِ پئسي جي برباديءَ جي ٻيو ڪجھ به حاصل نٿو ٿئي. اڄ اوھان جي فضول خرچ تي ماڻھو واه واه ڪندا، صبحاڻي اوھان جي ناداريءَ ۽ مفلسيءَ تي کِل ۽ ٺٺولي ڪندا. جيڪڏھن تو وٽ پئسو ھوندو ته اڄ به تنھنجي خوشامد ڪندا ته صبحاڻي به اھڙي عزت ڪندا ڇو ته پئسو تو وٽ موجود ھوندو. ڇو ته خوشامد ۽ عزت پئسي جي ٿئي ٿي ۽ ھر ڪو سلام به پئسي کي ٿو ڀري، نه ماڻھوءَ کي. تنھنڪري اھڙو ڪم ڇو نه ڪريو، جو اوھان جي ھميشہ عزت قائم رھي. جيڪڏھن پئسو ھڪ دفعي ھٿن مان نڪري ٿو وڃي ته پوءِ ھزار جَتن ڪندي به وري مشڪل ٿو ھٿ اچي. سچ پڇو ته ڪنھن به شاديءَ، وھانءَ، عقيقي تي راڳ، ناچ ۽ باجا گانا اھي سڀ فضول خرچيءَ برباديءَ جو ڍنگ آھن. جن رَسمن تي پئسو خراب طرح خرچ ٿئي ٿو. ان جي اصلاح لاءِ قدم کڻڻ به اوھان جي وَس ۾ آھي.
    اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جيڪڏھن ڪا رسم مرد فضول سمجھي روڪڻ چاھيندا آھن ته عورتون اُن ڳالھ ۾ رنڊڪ وجھن ٿيون ۽ بدشگونيءَ جي خيال سان مَردن کي مجبور ڪن ٿيون ته اُھي رسمون جاري رکيون وڃن. عورت تي پڻ زور آندو وڃي ۽ انھن کي سمجھايو وڃي ته اھو زمانو نه رھيو آھي. اجايون رسمون ترڪ ڪريو ۽ جيترو ٿي سگھي ته پئسو گڏ ڪريو، جو اوھان جي ۽ اوھان جي اولاد جي ڪتب اچي. اھي اوھان جا ننڍڙا ننڍڙا ٻچا جن تي اجائي طرح بي دريغ پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو. ائين چڱو نه آھي جو انھن کي دربدر ۽ بي روزگار بڻائڻ کان روڪي سگھو؟
    سو تڏھن ٿيندو، جڏھن اوھان انھن جي واسطي ڪجھ پئسو ڪَٺو ڪري رکندا، جو وقت سر انھن کي ڪتب اچي. اھو به ممڪن آھي جو ڪو اوھان کي چئي ته اوھان جو اولاد رکيل پئسو تلف ڪري ڇڏي ته پوءِ؟ ان لاءِ اھو چوڻ ڪافي آھي ته اوھان پنھنجو فرض بجا آڻيو، پوءِ انھن جي قسمت! ڪفايت شعاري ڪري ڪجھ رقم گڏ ڪجي، ان لاءِ بھترين طريقو اھو آھي، جيڪڏھن سرمايو گڏ ڪري فقط رکي ڇڏبو ۽ ڪنھن نفع بخش ڪم ۾ نه لائبو ته بدستور اوتري جو اوترو رکيو ھوندو. ان ۾ ڪنھن به قسم جو واڌارو ڪونه ٿيندو. تنھنڪري اسان تي واجب آھي ته پئسو ٿورو ھجي يا گھڻو، پر ان کي ڪنھن به حالت ۾ بيڪار رھڻ نه ڏجي. پر ان ۾ اھڙي ڪوشش ڪجي جو محفوظ به رھي ۽ روزبروز ڪجھ ته واڌارو به ٿيندو رھي. سرمائي کي جيڪڏھن گھر ۾ رکبو ته ممڪن آھي ته ڪنھن نه ڪنھن طريقي ناس به ٿي وڃي. چوريءَ جو ھر وقت خطرو رھندو. گھڻا ماڻھو پنھنجي نادانيءَ سبب پنھنجي سرمائي کي نقد زيورن جي صورت ۾ صندوق ۾ وجھي ڪٿي پوري ڇڏيندا آھن. پوءِ يا اھو مال چور چوري ڪري کڻي ويندا آھن يا ته ڪنھن ٻي صورت ۾ ضايع ٿي ويندو آھي.
    البت بئنڪن يا ويمي ڪمپنين ۾ ضايع ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي. اتي ان جي پوري پوري حفاظت ٿئي ٿي. پبلڪ جي سھوليت لاءِ گورنمينٽ ننڍي وڏي شھر ۾ سيونگس بئنڪ جو ڪم ٽپال خانن سان گڏ کولي ڇڏيو آھي، جنھن ۾ چئن آنن کان وٺي سون روپين تائين پئسا امانت رکي سگھجن ٿا. اتي جيڪڏھن بچت سرمايو رکندا ته چڱي طرح محفوظ رھندو ايندو. ازانسواءِ ويمي ڪمپنين ۾ به حيثيت آھر سماھيون يا ششماھيون قسطون ڏئي پڇاڙيءَ ۾ چڱي رقم ملڻ جا اميدوار رھو. ليڪن ويمي ڪمپنين ۽ بئنڪ ۾ ھيءُ فرق آھي جو بئنڪ ۾ جا رقم ھوندي يا وياج سميت ڪنھن به وقت ڪڍي سگھو ٿا. باقي ويمي ڪمپنين ۾ فقط ھڪ ئي قسط ڏئي خدانخواسته فوت ٿي وڃو ته مقرر رقم اوھان جي اولاد يا وارثن کي ملي ويندي.
    بئنڪ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ماڻھو وقت به وقت رقم داخل ڪري ۽ نيٺ ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ خرچ ڪري ڇڏي ٿو. آخر ان جو نتيجو اُھو ٿو نڪري جو بئنڪ ۾ سندس ڪوبه پئسو ڪونه ٿو بچي. پر برخلاف ان جي ويمي ڪمپنين مان پئسا ڪڍائي نٿا سگھجن. پر ھٿان قسطون ڏيڻ تمام ضروري ۽ لازمي سمجھيون وڃن ٿيون. انھيءَ خوف سبب ته متان ڏنل پئسا ضايع ٿي وڃن ۽ قسطون ادا ڪرڻ ڪري مقرر رقم تي سندس ھميشہ حَق رھي ٿو جا سندس پڇاڙيءَ لاءِ يا اولاد لاءِ توشو ٿئي ٿي.
    مطلب ته بئنڪ توڙي ويمو نفعه کان خالي نه آھن. گويا انھن ٻنھي صورتن ۾ پڇاڙي سرھي ٿئي ٿي. ڇو ته جوانيءَ کان وڌيڪ پئسي جي ضرورت ٻڍاپڻ ۾ رھي ٿي. ڇو ته ان وقت انسان کي پئسي جي ضرورت وڌيڪ ٿي رھي. سواءِ پئسي جي اھڙي وقت ۾ بلڪل نادار ۽ مفلس رھي انسان گھڻا دک ٿو پسي، جنھن لاءِ اڳواٽ خبردار رھڻ گھرجي.


    • ڪفايت شعاري بنسبت ڪي مثال

    ڪي انسان بيان ٿا ڪن ته ھڪ انگريز سان ھڪ وفد ملاقات ڪرڻ ويو. انھن جو مطلب ھو ته تعليمي ڪَمن لاءِ جي ترقي لاءِ ڪجھ چندو ڪَٺو ڪجي. ان مقصد سان چندو وٺڻ لاءِ صاحب موصوف سان وڃي مليا، ان وقت ڏٺائون ته ھو صاحب ان وقت ميم صاحبه سان اجاين گھڻين تِيلين ٻارڻ تي تمام سختيءَ سان ڳالھائي رھيو ھو. ان وقت وفد پنھنجو وڃڻ بلڪل بي عزتيءَ جي برابر سمجھيو. ڇو ته سمجھيائون ته جيڪو صاحب ٻن چئن تِيلين لاءِ مين صاحبه سان وڙھي رھيو آھي سو اسان کي چندو ڇا ڏيندو.
    خيال ڪيائون ته صاحب بخيل آھي اسان ناحق آياسون، پر پوءِ خيال ڪيائون ته آيا انھيءَ ڪم لاءِ آھيون جي اسان کي ڪجھ به نه ڏيندو ته نه ڏئي، ان جو فِڪر ڪونھي اسان سان به ته وڙھندو ته ڪونه. کيس اچڻ جو مقصد چڱي طرح ذھن نشين ڪرائجي. صاحب ملڻ بعد انھن سان بلڪل اخلاق سان پيش آيو ۽ وفد کي سندن قياس کان به وڌيڪ رقم ڏنائين جنھن تي ھو حيران ٿي ويا.
    اھڙي حالت ۾ ان وفد پاڻ کي مجبور سمجھي ان انگريز کان اُن جو سبب پڇيو ته اسان سان دريا دلي سان پيش آيا ۽ چڱي رقم جي مدد ڪئي ۽ ميم صاحبه سان فقط خسيس ڳالھ تي سختي سان ڳالھائي رھيا ھئا جو اوھان صاحبن جي چوڻ موافق فقط ٻه چار تيليون وڌيڪ ناس ڪري ويٺي ھئي.
    ان تي صاحب چيو ته اوھان جيڪي چئو ٿا سو برابر آھي. پر جيڪڏھن انھن بيجا خرچن جي حد بندي ڪندڙ نه ھجان ھا ته اوھان اڳيان اھا رقم پيش ڪرڻ جي لائق نه ھجان ھا. جنھن صورت ۾ ھينئر اوھان اڳيان سرخرو ٿيو آھيان. اھڙو جيڪر نه ٿي سگھان ھا.
    غور ڪريو ته اجايو ۽ بيجا خرچ ڪرڻ کڻي ڪيترو به ٿورو ھجي، بلڪل ظلم آھي. ظلم جي معنيٰ ئي آھي ڪنھن به چيز جو بيجا استعمال. ڪوبه ڪم بي جاءِ ڪرڻ.

    ٻيو مثال

    ڪنھن صاحبِ فھم رئيس جو چوڻ آھي ته مون موم بتين جي ٻرڻ بعد جا موم رھجي ويندي آھي ان موم مان ويھن سالن اندر 500 روپين جي رقم بچت ڪئي ۽ ان ئي رقم مان مون فلاڻو خير جو ڪم ڪيو ۽ اھوئي سبب آھي جو آءٌ ببانگ دھل اعلان ٿو ڪيان ته خسيس ۾ خسيس ڳالھ ۽ ڪم ۾ به جيڪڏھن ڪفايت شعاري کان ڪم وٺبو ته چڱي ۾ چڱي حيثيت آھر بچت ڪري، دنيا ۾ سرخرو رھبو ۽ عزت حاصل ڪري سگھبي.
    جيڪڏھن ڳولبا ته ھن کان به وڌيڪ گھڻائي اھڙا مثال لڀندا، جو ڪيترا انسان ڪفايت شعاريءَ ڪري تنزل مان ڦِري عروج کي رسيا آھن. ڪنھن خاص انسان جو احوال پڻ ھن بعد ڏبو.


    • ڪفايت شعاريءَ ۽ اسراف تي باريڪ نظر

    حقيقت ۾ ڪفايت شعاري ۽ اسراف ھڪ ٻئي جي نسبت متعلق الفاظ آھن ۽ اھي انسان جي ٻِن دلي ڪيفيتن ۽ حالتن کي ظاھر ڪن ٿا.
    اسراف غير ضروري ۽ بي جاءِ طرح خرچ ڪرڻ کي ٿو چئجي. اسراف ڪفايت شعاريءَ جي رستي ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي، جتي اسراف ھوندو، اتي ڪفايت شعاري غائب ھوندي. ڇاڪاڻ ته واجبي طور خرچ ڪرڻ کي ئي ڪفايت شعاري ٿو چئجي.
    انساني زندگيءَ جو ھڪ پھلو (پاسو) اھڙو به آھي جو باوجود يڪه انسان اسراف ڪندي به ڪفايت شعار ٿو سڏجي، مثلاً: ھڪ شخص ڪفايت شعار آھي. ھر طرح اسراف کان بچندي ڪفايت شعاري ڪري پئسو بچائيندو ٿو اچي. پر نالي ظاھر واسطي يا بي جاءِ رسمن جي پابند ٿيڻ واري حالت ۾ شاديءَ خواھ غميءَ تي اجايو وڌيڪ خرچ ڪري ته اھو به اسراف ڪندڙ يا فضول خرچ ڪوٺبو. ڇو ته ڪفايت شعاريءَ جي معنيٰ ئي آھي ته اجائي ۽ بي جاءِ خرچ جي عادت کان پاڻ کي دور رکجي. جيڪڏھن انھن اجاين خرچن جي بند ڪرڻ جي به ڪوشش ڪجي ته پوءِ ڪيترو پئسو بچائي ٿو سگھجي.
    حاصل ڪلام ته مٿئين تفصيل مان اھو معلوم ٿو ٿئي ته فقط ڪفايت شعاريءَ جو اھو مطلب ڪونھي ته آمدنيءَ مان خرچ گھٽائي ڪجھ بچائجي. بلڪ جائز ۽ ناجائز، ضروري ۽ غير ضروري، لاچاري ۽ اڻ لاچاري ضرورتن ۾ فرق ۽ تفاوت معلوم ۽ محسوس ڪري، مٿيون حالتون طريقي پوريون ڪجن ۽ بيجاءِ ڪمن کي ترڪ ڪري ڪجھ بچائڻ ڪفايت شعاري آھي. نه فقط اھو پر ٻين ذريعن سان آمدني کي وڌائڻ به ڪفايت شعاري آھي.
    ڪفايت شعاري جي صحيح اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ انسان کي ھڪ طرف بُخل ۽ ٻئي طرف اسراف کان پاڻ بچائڻ گھرجي.
    ڪفايت شعاريءَ جا ڪي خاص اھڙا اصول بيان ڪري نٿا سگھجن، جن جي پابندي ھر انسان تي ھڪ جھڙي مفيد سمجھي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان جو تعلق طبيعت، آبھوا، پيشي، ملڪ جي رسم ۽ رواج، حيثيت ۽ ٻين حالتن سان ٻڌل آھي. البت ھيٺين ڳالھين کي جيڪڏھن پيش نظر رکبو ته ھر طرح فائدو نصيب ٿيندو.


    • ڪفايت شعاريءَ جي رستي ۾ ڪي رڪاوٽون

    جھڙي طرح اسراف (فضول خرچي) ڪفايت شعاريءَ جي رستي ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ آھي ته اھڙي طرح اڌاري چيز خريد ڪرڻ به وڏي رڪاوٽ آھي. ڇو ته ان ۾ خبر نه پوندي آھي ته ته گھرج کان وڌيڪ سامان خريد ڪيو ويو آھي يا پورو. پر پڪ آھي ته وڌيڪ سامان خريد ڪيو ويو ھوندو. ٻيو اوڌر تي مليل چيز سٺي به نه ملندي، پر ان جي قيمت ھوندي ته سٺي چيز کان وڌيڪ نه ته به ان جيتري به ضرور ھوندي. اڌاري سامان وٺڻ مان ھي به نقصان آھي، جو آمدنيءَ کان به وڌيڪ خرچ ڪبو ته به خبر ڪانه پوندي. جيڪڏھن ٿورا ڏينھن اھا عادت پاڻ ۾ وجھبي ته پوءِ غير ضروري خرچ ڪرڻ تي به انسان جھٽ پٽ مائل ٿي ويندو. تنھنڪري ضروري آھي ته پاڻ کي اڌاري سامان خريدڪرڻ کان روڪجي. انھيءَ عادت کان پاڻ کي روڪڻ لاءِ زور انھيءَ ڪري به رکجي ٿو، جڏھن گھڻو وقت اھا عادت ھوندي ته يقيني امر آھي ته بقايا به دڪاندار جي ضرور رھندي ايندي. پوءِ پاڻ کي ڄڻ ته ان حساب دار يا دڪاندار جي وس ٿيڻو پوندو. پوءِ ان تي ڪوبه زور ھلي نه سگھندو، جيڪڏھن ھو ارزان ۽ خراب شيون ڏئي قيمت وڌيڪ رکندو ته به انسان اھڙين شين جي قبول ڪرڻ لاءِ لاچار ۽ مجبور ٿو رھي. اھا حالت تمام نقصان ڪار آھي، تنھن ڪري ان کان بچڻ ضروري آھي.


    • ڪفايت شعاريءَ سان گڏ سليقه شعاري

    گھر جو پورو انتظام رکي، سليقي سبب جا خرچ ۾ تخفيف ڪجي ٿي، ان جو گھڻو واسطو ڪفايت شعاريءَ سان آھي. ڪفايت شعاريءَ مان سليقه شعاري پيدا ٿيندي ۽ سليقي رکڻ مان ئي ڪفايت شعاريءَ جو بنياد پوندو. مطلب ته انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ گھرو تعلق ۽ لاڳاپو آھي، تنھن ڪري سليقه شعاريءَ جو بيان ڪرڻ به ضروري ٿيندو.
    جي موجوده حالتن ۽ مشڪلاتن جي مدنظر خيال ڪري ڏسبو ته ھر طرف جيڏانھن ڪيڏانھن ”تخفيف تخفيف“ جي پڪار آھي. ”پيدائشون ڪينھن“ واپار گھٽجي ويا آھن، زمين ڪجھ نٿي اُپائي. اُھي پيا آواز ٻُڌڻ ۾ اچن. ازان سواءِ پگھارون گھٽبيون ٿيون رھن، اھو آواز به عام آھي. انھن سببن ڪري گھرو ڪَمن جا انتظام به محفوظ نه آھن ۽ محفوظ رھي به نه سگھندا. تڏھن اتي به ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت آھي. پر ظاھر ته گھرن جي خرچن ۾ تخفيف ڪرڻ بلڪل مشڪل ٿي نظر اچي. پر جيڪڏھن تخفيف به ڪجي ٿي ته جاءِ جي مسواڙ، کاڌي ڪپڙي ۽ آرائش جي ڪمن ۾. مگر ننڍيون ننڍيون ڳالھيون اھڙيون آھن جو انھن ڏي ڪوئي به توجھ نٿو ڪري ۽ خرچ جو سلسلو ساڳيو ئي جاري آھي. جيڪڏھن سليقه شعاريءَ کان ڪم ورتو وڃي ته انھن ننڍين ننڍين ڳالھين مان خرچ بچائي ڪافي رقم گڏ ڪري سگھجي ٿي.
    1 – گھرن ۾ ھميشہ ائين ٿيندو رھي ٿو ۽ عام طرح ڏِسبو به آھي ته شيشي جو گلاس ٻئي گلاس ۾ اوچتو پئجي ويندو آھي ۽ اھڙو ته ڦھڪي ويندو آھي، جو نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. جيڪڏھن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي آھي ته ڀڄندا ٻئي گلاس آھن نه ته به ھڪ جو آسرو لاھڻو پوندو آھي. اھڙي طرح بار بار ٻين گلاسن خريد ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي آھي. اھڙي حالت ۾ جيڪڏھن سليقي کان ڪم وٺبو ته گلاس مان ٻيو گلاس آسانيءَ سان نڪري پوندو. انجو طريقو اھو آھي جو مٿئين گلاس ۾ ٿڌو پاڻي وجھي ڇڏجي ۽ ھيٺئين گلاس جو ترو گرم پاڻيءَ ۾ وجھجي. ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي گلاس جدا ٿي ويندا.
    2 – بوٽن جي پالش ته ھر گھر ۾ ٿيندي رھي ٿي. گھڻو وقت ائين ڏٺو ويو آھي ته پالش جي دٻي کولي ڪم لاھي، پوءِ بند ڪئي ويندي آھي ته اھڙي دٻجي ويندي آھي جو وري کولڻ مشڪل ٿي پوندي آھي. پوءِ مجبوراً اھا ڀڃڻي پوندي آھي. ڀڳي کان بعد وري پالش سُڪي ويندي آھي ۽ لاچار ٻي وٺڻي پوندي آھي. تنھن ڪري انھيءَ اجائي خرچ کان بچڻ لاءِ ھيٺيون آسان طريقو ڪتب آڻجي. سو ھيءُ آھي ته جڏھن جڏھن پالش واري دٻي کولجي ۽ ڪم لاھڻ بعد وري بند ڪجي ان وقت ٻنھي پُڙن جي وچ ۾ ڪپڙي يا ڪاغذ جو ٽُڪرو وجھي ڇڏجي. جڏھن کولڻ جي ضرورت پوي تڏھن ان کي ٿوري ڇِڪ ڏجي ته ڍڪ اُمالڪ لھي پوندو.
    3 – ڏِسبو ته ڪتابن جا جلد خراب پيا ٿيندا آھن ۽ بار بار مرمت پيئي ڪرائبي آھي. ان لاءِ ھيٺين تجويز ڪارگر آھي جو جُلد ڪاري چمڙي جا ٻَڌائي ڇڏجن. جڏھن ميرا ٿين تڏھن ٻه چمچا ڪاري مس جا کڻي ان ۾ ھڪ چمچو تيل جو گڏي چمچي سان خوب ملائي، پوءِ اسپنج جي ٽُڪر سان اھو مرڪب ڪتاب جي جُلد تي ڦيرائي سُڪڻو رکجي. سڪڻ بعد ڪپڙي سان خوب رڳڙي صاف ڪجي ته اھو چمڙو نئون پيو نظر ايندو.
    4 – اڪثر ڪري ماڻھو جاين جي ڀِتين ۾ وڏا ڪاغذ ھڻي ڇڏيندا آھن. ڪي سونھن سبب ته ڪي ڪپڙن ٽنگڻ وارين ڪِلين جي ھيٺان ھڻندا آھن ۽ پوءِ ٿورن داغن ٿيڻ سبب وري پيا ٻيا ڪاغذ خريد ڪري ڀِت تي ھڻدا آھن. ان خرچ کان بچڻ لاءِ وري ڇا ڪجي جو نشاستي جو سفوف داغن تي ملي ٿوري دير ڇڏجي ۽ پوءِ ان ڪاغذ تي ھلڪو برش گھمائجي ته نشاستي سان گڏ داغ ڌٻا به دور ٿي ويندا ۽ پوءِ اھو ساڳيو ڪاغذ ڪيترو عرصو ڪم ايندو رھندو.
    5 – اھڙي طرح ٻارن جي لاءِ پتلونون ۽ پاجاما وغيره فلالين مان ٺھرائبا آھن جي گوڏن وٽان جلد ڦاٽي پوندا آھن ۽ ان سبب ڪري اھي ڪپڙا زياده تعداد ۾ ٺھرائڻا پوندا آھن. پر جيڪڏھن انھن ڪپڙن کي گوڏن وٽان اندران ڪالڪي يا ٻئي ڪپڙي جو چَتيون ھڻائي ڇڏجن ته ان ھنڌ ٻئي ڪپڙي ھجڻ ڪري ڦاٽڻ جو امڪان گھٽ ٿيندو.
    شائسته گھراڻن ۾ باھ ۾ سڙڻ جي حادثي جي روڪڻ لاءِ فائر پروف برتنن جو رواج وڌندو ٿو وڃي. ڇو ته اھو ٿانءُ باھ ۾ جلي نه ويندو آھي ۽ انھن کي قدرتي طور پسند به ڪيو وڃي ٿو. اھو رواج اسان جي سنڌ ملڪ ۾ عام جام جاري ڪونھي. ليڪن اھڙن برتنن (ٿانون) ۾ ھڪ خرابي اھا آھي جو انھن ۾ داغ جلد ٿي پوندا آھن ۽ ٿانوَ بلڪل بڇڙا نظر ايندا آھن. خرابيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اُھو آھي جو ڪپڙو آلو ڪري ان ۾ پيٺل لوڻ ڇڻڪائي ڇڏجي. ان حالت ۾ ٿانءُ ٽانڊن تي رکي گرم ڪجي. جڏھن گرم ٿي وڃي تڏھن لوڻ وارو آلو ڪپڙو داغن تي خوب مھٽجي ته ٿانءُ بلڪل صاف ٿي ويندو.
    جيڪڏھن سليقه شعار عورت گھُري ته پراڻن جورابن مان به ڪم ڪڍي ٿي سگھي. پھريون انھن کي کولي انھن جا ڌاڳا ڪڍي ڪنھن نه ڪنھن ڪم لائي ٿي سگھي. ٻيو ان مان اھو ڪم به ڪڍي ٿي سگھي، جو گھڻا جوراب گڏ ڪري ان مان اھڙي ڳوٿري بڻائي ٿي سگھي، جو ان ۾ ٻاھر پيل بوٽ جي پيا خراب ٿين سي بند ڪري ڪِليءَ ۾ ٽَنگي ٿي سگھي ۽ وقت تي ڪم آڻي ٿي سگھي. اھي بوٽ ٻاھر پيل بوٽن کان وڌيڪ محفوظ رھي سگھن ٿا ۽ جلد خراب به نه ٿي ويندا، ڇو ته مٽيءَ جي بار بار لَٽجڻ کان قيمتي بوٽ بلڪل بچي پوندا. گھميل آبھوا واري موقعي ۾ اڪثر ڪري پيٺل لوڻ نمڪ دانن ۾ ڳنڍا ڳوڙھا ٿي پوندو آھي ۽ نه نڪرڻ سبب وري ٻيو لوڻ پيھين وجھڻو پوندو آھي. اھڙي موسم ۾ بار بار لوڻ پيھين وجھڻ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ھيٺيون سولو طريقو اختيار ڪجي، جو نمڪ دانيءَ ۾ بلاٽنگ پيپر وجھي ڇڏجي ڇو ته آلاڻ لوڻ تائين پھچڻ نه ڏيندو ۽ چوسي وٺندو، لوڻ ڳنڍا ڳوڙھا نه ٿيندو. ٻيو طريقو ھيءُ به آھي جو نمڪ دانيءَ ۾ ڪجھ چانور وجھي ڇڏجن ته به لوڻ محفوظ رھي سگھندو. شيشي جي بوتلن، گلاسن يا برنين وغيره ۾ اڪثر ڪري شگاف پئجي ويندا آھن. انھيءَ سبب ڪري بيڪار سمجھي ڦِٽا ڪبا آھن. پر جيڪڏھن ھيٺيون طريقو ڪتب آڻبو ته وري نئين سر ھو گھڻو ڪم ڏئي سگھندا. ھيئن ڪجي جو دوا فروش وٽان واٽر گلاس جي ھڪ دٻي خريد ڪري رکجي. جڏھن شيشي جو ڪو ٿانءُ ٽُٽي پوي ۽ چير پوڻ يا ڪرڻ ڪري بيڪار ٿي پوي ته پوءِ ھن کي گرم ڪري مٿان ٻوچ سان کيس بند ڪجي.
    ان بعد برش سان ٿورو واٽر گلاس انھن چيرن يا شگافن تي لائجي. ان بعد اُس تي رکجي ته سُڪي وڃي. پوءِ اھا ساڳي شيشي واري چيز جا بيڪار ٿي ويئي ھئي، ان ۾ پاڻيءَ جھڙين پترين چيزن کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھ وجھي سگھبو ۽ وري نئين سر ڪتب اچي سگھندي.
    مٿيون ڳالھيون ظاھر ڪري تمام خسيس ڳالھيون نظر اچن ٿيون، مگر ٿيڻ ڪري حقيقي ڪفايت شعاري نصيب ٿيندي ۽ خرچ ۾ به تخفيف نظر ايندي. جيڪڏھن خيال ڪبو ته ان کان وڌيڪ ٻيون به گھڻيون ڳالھيون آھن جي ”امور خانه داري“ ۾ مدد ڏينديون. حال في الحال فقط ”يکه مشت نمونه خروار“ ٿورا مثال ڏيئي ڏيکاريو ويو آھي ۽ مٿين مثالن تي اڪتفا ڪئي ٿي وڃي مگر فرصت ملي ته وڌيڪ مثال ”امور خانه داري“ ۾ ڏبا جو علحده ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ايندو.


    • آخرين استدعا

    پڇاڙيءَ ۾ ساري سنڌ جي ھر قوم کي عموماً مسلمانن کي خصوصاً التجا ڪئي وڃي ٿي ته جيترو ٿي سگھي ته ڪفايت شعاريءَ تي ڪاربند رھو ۽ پنھنجي حيثيت موافق ڪجھ نه ڪجھ سرمايو گڏ ڪري پنھنجي زندگي آرام ۽ عزت سان بسر ڪريو بلڪ پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي قوم جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجو ڇاڪاڻ ته قوم جي ھڪ فرد جي تنگدستي ۽ غريبي قوم جي تنگدستي ۽ غريبي آھي ۽ قوم جي ھڪ فرد جي خوشحالي قوم جي خوشحالي سمجھي وڃي ٿي.
    ھڪ اھو زمانو ھو جڏھن جسماني طاقت ۽ بھادريءَ جو قدر ھو، ان بعد وري اھو زمانو آيو جو اشرافت جو قدر ھو ۽ وقت تي ڪم ايندي ھئي. وري ان بعد ھڪ زمانو اھو ھو جو جڏھن سڀ کان وڌيڪ علم جي عزت ھئي. پر ھاڻي انھن سڀني ڳالھين جو زمانو ويو ۽ انھن جو دور ختم ٿيو، ھينئر زمانو دولت جو آھي. جنھن وٽ دولت آھي اھو امير آھي ۽ اھوئي بھادر به آھي، سو عالم فاضل آھي. بلڪ سڀ ڪجھ آھي. ڇو ته اڄڪلھ جو معيار (ڪسوٽي) دولت آھي. جنھن وٽ دولت آھي، اھو ئي وڏو خاندان ٿو سڏيو وڃي ۽ سمجھيو وڃي. اوھين ڏسندا ته دنيا جون جملي مھذب ۽ تمدن واريون بادشاھيون به دولت سبب ئي ڪارگر ۽ زور واريون ثابت ٿيون آھن.
    مثلاً: آمريڪا وارن وٽ دولت جي فراواني آھي ته سڀ ڪنھن قوم ۽ سڀ ڪنھن ملڪ جي اک به وڃي آمريڪا تي پوندي آھي، جو وڏا وڏا طاقت وارا ملڪ به ان کان قرض حاصل ڪري سندس محتاج بڻيا آھن.
    دولت آھي ته سڀ ڪجھ آھي، جنھن وٽ دولت ڪانھي ته ان وٽ ڪجھ به ڪونھي. جي امير آھن سي دولت سبب وڌيڪ امير بڻبا ويندا ڇو ته دولت جي ڪري ئي اعليٰ ۾ اعليٰ درجو حاصل ڪري سگھندا.
    جي غريب آھن سي روز بروز وڌيڪ غريب ٿيندا ويندا، ڇاڪاڻ ته انھن وٽ دولت ڪانھي، جنھن جي ڪري اعليٰ درجو حاصل ڪري سگھن. موجوده دنيا ۾ غريب لاءِ امير بڻجڻ واسطي ڪفايت شعاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه علاج تصور ۾ اچي نٿو سگھي.
    آخر اھڙن ماڻھن جا مثال ڏجن ٿا، جي صاحبَ ڪفايت شعاريءَ سبب غريبيءَ مان اميريءَ جي درجي تي پھتا آھن. اھڙن ماڻھن مان ھڪڙو آمريڪا جو رھاڪو ”جان ڊي راڪ فيلر“ آھي جو پھريائين تمام مفلس ھو ۽ پوءِ ڪروڙ پتي ٿيو. ان جي زندگيءَ جو حال ھيٺئين ريت آھي.


    • جان ڊي راڪ فيلر

    ھي 8 جولاءِ 1839ع مقام رچفورڊ نيويارڪ ۾ ڄائو ھو. سندس والدين بلڪل غريب ھئا، جي حد درجي جي مفلسيءَ ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ گذاريندا ھئا. غريبيءَ جي اھڙي حالت ھُين جو ڀڳل ٽُٽل جھوپڙيءَ ۾ گذاريندا ھئا، جا انھن جھنگ مان ڪاٺيون گڏ ڪري ٺاھي ھئي. ٻاراڻي زندگي: جان ڊي راڪ فيلر کي ننڍپڻ ۾ نھايت محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي ھئي. ھن کي ھر روز جھنگ مان ڪاٺيون آڻڻيون پونديون ھيون. ان بعد کير ڏُھڻو ۽ گھر لاءِ پاڻي ڀرڻو پوندو ھوس. جڏھين انھن ڪمن کان فرصت ملندي ھيس ته پوءِ اسڪول ۾ ويندو ھو جو اتان ڇھ ميل مفاصلي تي ھو.

    سندس پھريون واپار

    راڪ فيلر جون سخت ٿڌ واريون راتيون به ان جھوپڙيءَ ۾ گذريون. اڪثر اھڙو اتفاق به ٿيندو ھو، جو رات جو برف پوڻ ڪري سارو برف سان ڀرجي ويندو ھو. ھڪڙي دفعي برفباريءَ واري موقعي تي سندس اک ننڊ مان کلي وئي ته وري کيس ننڊ نه آئي. ان وقت ھن ھڪ جھنگلي جانور ڏٺو، بستري تان اٿي سندس پُٺ ورتائين. ان جانور جي رھڻ واري ھنڌ پھچي ان جا ٻچا کڻي آيو ۽ گھر اچي پاليائين. انھن کي کير پياري جڏھن وڏو ڪيائين تڏھن بازار ۾ وڃي انھن کي وڪيائين. انھن جي قيمت وٺي ڏاڍو خوش ٿيو. ساري عمر ۾ اھو واقعو ياد ھوس ۽ چوندو ھو ته اھو پھريون ئي سودو ھو جنھن مان مون کي سو تي سو فائدو پيو.
    ڇاڪاڻ ته انھن جھنگلي جانورن جي ٻَچن تي ڳنڍ مان پئسو به خرچ نه ڪيو ھئائين.

    بيڪار کان بيگار بھتر

    ھن غريبي ۽ مسڪينيءَ واري حالت ۾ افلاس ۽ ناداريءَ جو بھادرانه مقابلو ڪيو ۽ سُتت ئي ھاءِ اسڪول جو امتحان پاس ڪيائين. ليڪن انھن ڏينھن ۾ نيويارڪ ۾ تعليم يافته ماڻھن جي قلت ھئي، انھيءَ سبب ڪري نوڪري ملي نه سگھيس. لاچار ھڪ تجارتي ڪمپنيءَ وٽ بنا اجوري مھينو ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ کيس فقط 50 ڊالر مليا ۽ آئينده لاءِ 35 ڊالر پگھار مقرر ٿيس.
    ٿوري وقت بعد محاسب جي جاءِ خالي ٿي، جا کيس ملي. بحيثيت محاسب جي کيس ڪمپني جي دفتر ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ھو. جتي ڪمپنيءَ جا حصيدار جمع ٿي تجارت ۽ ڪاروبار جي مختلف مسئلن تي بحث مباحثو ڪندا ھئا، راڪ فيلر پنھنجي ڪم پوري ڪرڻ سان گڏ انھن ماڻھن جا بحث مباحثا پڻ غور سان ٻڌندو ھو ۽ انھن ماڻھن جي گفتگو ڪن لائي ٻڌڻ جو نتيجو اھو نڪتو جو ٿوري ئي وقت ۾ تجارت جي سڀني رمزن ۽ مسئلن مان چڱيءَ طرح واقف ٿي ويو.
    بلڪ اھڙن ڪمن ۾ سندس راءِ جو پڻ قدر ٿيڻ لڳو. آخر سترھن ورھين جي عمر ۾ ان جي اڳيان ”سنگ مرمر ڪيئن ڍوئجي“ وارو مسئلو پيش آيو. راڪ فيلر ڪمپنيءَ کي ھڪ اھڙي ڪارآمد ترڪيب ڏَسي جو ان جو مالڪ بيحد خوش ٿيو. ان کان پوءِ سندس پگھار ست سو ڊالر مقرر ٿي.

    مُوڙيءَ جي ضرورت

    راڪ فيلر دفتر جي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ھي خيال سوچڻ لڳو ته تجارت ۾ ترقي فقط سُٺي دماغ ۽ خيال سان نٿي ٿئي، پر ان لاءِ روپين جي ضرورت آھي. روپيا گڏ ٿيندا آھن ڪفايت شعاريءَ ۽ سادگيءَ جي قدم کڻڻ سان. نيٺ اھو خيال سندس دماغ ۾ اھڙو ته پختو ٿي ويو جو ان وقت کان پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪفايت شعاريءَ جا جيڪي به ڪارائتا رستا ھئا، سي ڪتب آندائين. نيٺ ٻن ورھين ۾ چڱو ناڻو ڪَٺو ڪيائين.

    ھڪ انگريز سان ملاقات

    ان زماني ۾ راڪ فيلر جي ھڪ انگريز سان دوستي ٿي ويئي. ان جو نالو ڪلارڪ ھو. ھو نھايت حوصلي وارو آدمي ھو. ان تجارت جي غرض لاءِ ٻه ھزار ڊالر جمع ڪيا ھئا ۽ ھو اھڙي حصيدار جي تلاش ۾ ھو، جو سڀ ڪنھن طرح ساڻس پورو پورو ڀائيوار ثابت ٿئي ۽ اھو ارادو ھوس ته جيتري رقم آءٌ ڪڍندس ته اوتري رقم ھو به ڪڍي.
    راڪ فيلر وٽ انھيءَ جيترا پئسا اڃا ڪَٺا نه ٿيا ھئا. آخر پنھنجي پيءُ کان ڪجھ رقم قرض کنيائين، اھو به اُن وقت ٿوري پونجيءَ وارو اچي ٿيو ھو ۽ ڪجھ پنھنجي رقم جا ڪَٺي ٿيل ھيس، سا سڀئي گڏي تجارت ۾ ڀائيوار ٿيا.

    ترقي ۽ واڌارو

    تجارت جي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ بعد کيس ڏينھن جو ٻيڻي ۽ رات جو چؤڻي ترقي ٿيندي وئي. روپيا مينھن وانگر وسندا رھيا. جيتوڻيڪ ترقيءَ جو اھو حال ھو ته به راڪ فيلر دماغ ۾ ڪڏھن به غرو ۽ تڪبر کي جاءِ نه ڏني. ھر روز رات جو جڏھن بستري تي وڃي سمھندو ھو تڏھن پاڻ ئي ائين چوندو ھو ته ھيءَ معمولي ترقي آھي. توکي اُن تي ناز نه ٿيڻ گھرجي. عنقريب تنھنجو تنزل ٿيندو ۽ جلد تون ڪِري پوندين. ڇا! تون پاڻ کي ھاڻي ڪامياب تاجر ٿو سمجھين. ڇاڪاڻ جو تنھنجي ابتدا چڱي ترقيءَ ۾ آھي؟ تون اڃا اڳتي ھل. ترقيءَ جا نوان رستا ڳول، نه ته تنھنجو دماغ خراب ٿي ويندو. صبر ۽ استقلال کان ڪم وٺ.

    گرجا جي حفاظت

    راڪ فيلر ۾ ھڪ ڳالھ تمام عمدي ھئي جو سخت مصيبت جي وقت ۾ صبر ۽ استقلال کي ھٿان نه ڇڏيندو ھو. بلڪ نھايت عقلمنديءَ ۽ ھوشياريءَ سان مالي مشڪلات منٽن ۾ حل ڪري ڇڏيندو ھو. ھڪ دفعي ھڪ ديول گروي رکيل ھئي ۽ قرض ادا نه ٿيڻ سبب نيلام ٿيڻي ھئي قرض کڻندڙ کي قطعي اميد ڪانه ھئي ته ڪو اھو قرض ادا ٿيندو ۽ ھر ھڪ شخص کي گرجا جي نيلام ٿيڻ جو بلڪل رنج ھو.
    اتفاق سان اھا ڳالھ راڪ فيلر جي ڪَن تي وڃي پئي. سو يڪدم چندو گڏ ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويو ۽ ڳالھين ڪندي ٻه ھزار ڊالر گڏ ڪري ورتائين. جنھن ڪري گرجا نيلام ٿيڻ کان بچائي ڇڏيائين.


    گاسليٽ جي تجارت

    1862ع ۾ گاسليٽ جي تجارت شروع ڪيائين. معمولي تيل کي گندڪ جي تيزاب سان صاف ڪري پيٽروليم بڻائڻ جي ترڪيب سئيمول انڊوروز کان معلوم ڪيائين. ان ڪاروبار ۾ کيس خوب فائدو ٿيڻ لڳو. پر جلد ئي گھڻن سوداگرن پنھنجا پنھنجا ڪاروبار ڦٽا ڪري کڻي گاسليٽ جي تجارت شروع ڪئي. کين خبر ھئي ته گاسليٽ مان چڱو نفعو حاصل ٿيندو. راڪ فيلر کي به سخت مقابلو ڪرڻو پيو. گاسليٽ جي تجارت مان جي خطرا ھئا، تن جي خبر راڪ فيلر کان وڌيڪ ڪنھن کي به ڪانه ھئي.
    چشمي جي خشڪ ٿيڻ جو انديشو ھڪ طرف ۽ تيل کي باھ لڳڻ جو خطرو ٻئي طرف. ازانسواءِ تيل جي ڪڍڻ ۾ بي شمار تڪليفون ۽ نون نون سوداگرن ۾ اضافو. اھي ڳالھيون ھيون، جو جيڪر ھڪ غير معمولي دل ۽ دماغ آدمي جي آرام برباد ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب بڻجي سگھن.

    مصيبت مٿان مصيبت

    ان کان وڌيڪ تماشو ھي ٿيو جو جڏھن تيل جا سوداگر وڌيا ته تيل جي پيداوار ۾ واڌ گھڻي ٿي. انھن ماڻھن جي وچ ۾ مقابلو به سخت ٿيو. انھن ڳالھين جو لازمي نتيجو اھو ٿيو جو تيل سھانگو وڪڻڻ ۾ آيو ۽ سوداگرن کي نقصان پوڻ لڳو.
    راڪ فيلر انھيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ ترڪيب سوچي ته مال جي روانگيءَ جا سَستا ذريا ھٿ ڪجن ۽ شھرن ۾ تيل پيپن ۾ نيڻ بجاءِ نَلن جي رستي روانو ڪجي. ٽيون تيل شھرن ۾ موڪلي ضرورتن پوري ڪرڻ کان پوءِ ساري دنيا جي ملڪن ۽ شھرن ڏانھن روانو ڪجي.

    پنھنجين خامين جو علاج

    سن 1867ع ۾ ان فيلگر کي پنھنجو ڀائيوار بڻائي اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني ڏھن لکن ڊالرن جي سرمائي سان قائم ڪئي. فيلگر نه صرف ساڻس روپين سان ڀائيواري ڪئي، پر ان سان گڏ اھي خوبيون به پاڻ سان گڏ آندائين، جي راڪ فيلر ۾ نه ھيون. يعني فيلگر جي ڀائيوار بڻجڻ بعد راڪ فيلر جون ڪيتريون ڪمزوريون ۽ عيب غائب ٿي ويا. مثلاً فيلگر ۾ ھڪ خوبي ھيءَ ھئي جو ٺيڪي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ بلڪل ھوشيار ھو. ھو ٺيڪيدارن جي شرطن جي عبارت اھڙي نموني تيار ڪندو ھو جو ڪڏھن به ڪمپنيءَ کي نقصان ڏيڻ جو فقط انديشو به نه رھندو ھو.
    پڙھندڙ صاحبن جي خدمت ۾ عرض آھي ته اسان لاءِ اتحاد ۽ ان مان فائدي جو بھترين سبق ھي موجود آھي ته اڪيلي ڪم مان ايتري قدر نمايان ترقي نٿي ٿي سگھي، جيترو گڏجي ڪم ڪرڻ مان، آسانيءَ سان حاصل ٿي سگھي ٿي. اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني جنھن جو نالو اڄ ساري دنيا ۾ مشھور آھي، ان جي ترقيءَ جو راز صرف ھي ھو جو ھڪڙو ٻئي جون خاميون دور ڪندو ھو.
    اھي ٻئي ڀائيوار گڏجي ھڪ ٻئي مان خاميون ڪڍي خوبيون وڌائيندا ھئا. در حقيقت اھڙي ترقي ٻڌيءَ مان ٿئي ٿي، جا ھرگز فنا ٿيڻ جي نه آھي. خود غرضيءَ ۾ شخصي فنا ٿيڻ جو امڪان آھي. جڏھن ٻه دليون ھڪ جاءِ ڪَٺيون ٿين ٿيون، تڏھن انھن ۾ ٻيڻي طاقت نه ٿي ٿئي، پر انھن مان ھر ھڪ جي طاقت ڏھوڻي ٿئي ٿي.

    دولت جي غلامي

    1899ع تائين راڪ فيلر ساري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دولتمند آدمي ٿي ويو. سندس دولت جو شمار ڇھ ڪروڙ چاليھ لک پائونڊ ٿي ويو. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ان وٽ ڪيترا روپيا ھئا. ان جي ھر ھڪ سيڪنڊ جي آمدني قريباً سوا روپيو ھئي.
    ان کان پوءِ ته ان جي دولت ايتري ته وڌي وئي جو ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو.
    پر اٽڪل روءِ ٽي ارب سمجھيو ويو، باوجود ايتري دولت ۽ مال گڏ ڪندي به راڪ فيلر نه دولت جو مطيع ۽ غلام رھيو ۽ نه ان جو پوڄاري ٿيو.
    چنانچه ھو خود ھميشہ ائين چوندو ھو ته اھڙي ماڻھوءَ تي افسوس آھي، جو رات ڏينھن دولت کي رڳو ميڙڻ جي غرض سان پاڻ کي فِڪر ۾ مشغول رکندو ھجي.
    راڪ فيلر ڪڏھين ڪڏھين ڪاروبار ڦِٽو ڪري جھنگلن ۽ باغن ۾ سير تفريح لاءِ نڪري ويندو ھو ۽ چوندو ھو ته انسان کي روپين مان خوشي حاصل نٿي ٿي ٿئي.
    ھن پنھنجي عمر جي پنجاھين ورھيه ۾ ئي ڪاروبار ڦِٽو ڪري گوشي نشين ٿيڻ چاھيو. ليڪن ھن کي اھڙو موقعو نه مليو. آخرڪار 61 ورھين جي عمر ۾ گوشه نشين ٿي سادي زندگي گذارڻ لڳو.

    ڪارِ خير

    سن 1921ع ۾ سندس دولت جي اندازي ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته ھو 48 ڪروڙ پائونڊن کان وڌيڪ دولت جو مالڪ ھو.
    ان مان 10 ڪروڙ پائونڊ تعليم ۽ ٻين رفاھ عام جي ڪمن لاءِ وقف ڪيا. ان شڪاگو وارو دارالعلوم قائم ڪيو.
    ان لاءِ مالي سرمايو محفوظ رکيائين. نيويارڪ ۾ ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ”راڪ فيلر“ نالي سان کوليائين، ۽ لکھا روپيه زرد بخار ۽ دق وغيره امراضن جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪيائين.
    سن 1910ع ۾ ھڪ انجمن ”راڪ فيلر“ قائم ڪئي. جنھن جا اغراض ۽ مقاصد رفاه عام، تھذيب ۽ تمدن جي ترقي ۽ علم، ھنر جي واڌاري بابت ھئا. ڪنھن انسان ٺيڪ چيو آھي ته ”خدا قد ڏسي ڪپڙا ٿو پھرائي“ ”گنجي کي وار نٿا ملن“ راڪ فيلر کي خدا جيڪو دولت جو خزانو گھڻو ڏنو ته ان خرچ به عمدا ڪيا. ھو مسلمان نه ھو. باقي ھو دولت جي زڪوات ڪڍڻ جو طريقو بيشڪ ڄاڻندو ھو.
    اسين به دولتمند ٿي سگھون ٿا. مگر دولت گڏ ڪرڻ جو مطلب نيڪ ھجي ۽ نيت سٺي ھجي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259579
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ