ڪتاب جو نالو: سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي
مصنف: سيد غلام مصطفيٰ شاھه
ڇپائيندڙ: شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1080 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
19 مارچ 1987ع تي شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي جي ڪانفرنس ۽ سيمينار جي موقعي تي سوسائٽي جي صدر سيد غلام مصطفيٰ شاھه جي استقباليه تقرير کي ڪتابي شڪل ۾ ڇاپيو ويو آهي. تقرير ۽ ڪتابڙي جو عنوان آهي ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي : سيد غلام مصطفيٰ شاھ

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (133) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 19 مارچ 1987ع تي شاهه عبد اللطيف ڪلچرل سوسائٽي جي ڪانفرنس ۽ سيمينار جي موقعي تي سوسائٽي جي صدر سيد غلام مصطفيٰ شاھه جي استقباليه تقرير کي ڪتابي شڪل ۾ ڇاپيو ويو آهي. تقرير ۽ ڪتابڙي جو عنوان آهي ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“.

    اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي : سيد غلام مصطفيٰ شاھ

    عزيزو: آئون توھان سڀني دوستن، بزرگن، نوجوانن ۽ عورتن جو مشڪور آھيان جو توھان اسانجي مفلسيءَ جي سَڏ تي ھِتي آيا آھيو.
    آئون خاص طرح ۾محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جن جو مشڪور آھيان جو اسان جي دعوت تي اڄ ھن پروگرام جو افتتاح ڪرڻ منظور فرمايو اٿن. بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ ۽ سنڌي معاشري ۽ اسان جي ملڪ جو شان آھي. سندس ھمت تي کيس داد آھي. اھڙي اڄڪلھ جي مڪدر فضا ۾ ھڪ نياڻي ھن دقيانوسي ماحول ۾ ھيڏي جرئت ۽ بھادريءَ سان ھيڏين تڪليفن کي منھن ڏئي، سَھي ۽ برجستگيءَ سان ھيڏو زبردست مقابلو ڪري، ڪو آسان ڪم ناھي نه ئي ڪو چرچو آھي. ھن عمر ۾ پنھنجي علم ۽ حِلم ۽ سوچ جي طاقت سان ھيڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ. ھن ابتدائي زندگيءَ ۾ ھيڏين ڪَٺن ۽ ظالمانه روايتن ۽ جاھل ۽ بد دماغ حاڪمن کي سامھون ٿي مصيبتن مان گذرڻ سندس ئي شان آھي ۽ پاڪستان جو مان آھي ۽ دنيا جو مثال آھي. ھڪ شاندار ماحول ۾ پيدا ٿيل نياڻي ھڪ اعليٰ تعليم يافته مشرقي ۽ مغربي تربيت مان گذريل عورت ھڪ خوشحال گھراڻي جي نينگر ھن ننڍي عمر ۾ جِن ڪَٺن امتحانن ۽ آزمائشن مان گذري آھي، ھن جو مثال تاريخ ۾ ٿورو ملندو. اڄ ھن جابرانه، جارحانه، غاصبانه پاڪستان جي تاريخي دور ۾ اڃان به خبر ناھي ته مستقبل سندس لاءِ ڇا ڇُپايو ۽ لِڪايو ويٺو آھي.
    پاڪستان ھڪ سنجيده ۽ باوقار قومن جو ملڪ ھو ۽ پاڪستان جو معاشرو وڏين برڪتن ۽ نعمتن جو حامل ھو، مگر درندن جي حوالي چڙھي ويو ۽ دنيا ۾ اڃان تائين ذلت، تنقيد، تمسخر ۽ حقارت جو نشان آھي. ھھڙي قوم جو ۽ اھڙي معاشري جو چاليھن سالن ۾ بدترين نموني جي حاڪمن جي ھٿ چڙھڻ سان اھو حال ٿيو آھي ۽ اھو روئڻ ۽ منھن پِٽڻ جو سامان آھي ۽ ھن دنيا جو ھڪ بدترين تاريخي مثال آھي.
    عزيزو: عوام جو آواز ھئڻ يا کڻڻ ھن زماني م واڳونءَ جي وات ۾ سِر ۽ موت جي مُنھن ۾ مُنھن وجھڻ آھي. منھنجي سوسائٽيءَ جا دوست ۽ آئون اڄ ھِتي ھڪ باوقار سنڌي، ھڪ شاندار پاڪستاني، ھڪ عالم شخصيت، باوقار عورت ۽ ھڪ درد رکندڙ انسان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ کيس سلام ڪريون ٿا.
    عزيزو: ٻئي طرف اسان جي ھِن افتتاحي تقريب جي صدر محترمه شمس عباسي آھي، جنھن کي آئون عام طرح ڏاڏي سڏيندو آھيان. ھن بزرگ عورت جو سڄي زندگي تعليم ۽ تدريس سان واسطو رھيو آھي ۽ اتان رٽائر ڪيو اٿس. حياتيءَ کيس به وڏين آزمائشن ۽ ڪَٺن وقتن مان گذاريو آھي. جيڪي غم ۽ اَلم سندس دل ۽ ذھن تي آھين انھن جو اسان کي علم آھي. شوھر جو وڃڻ ۽ پُٽ جو وڃائڻ ھڪ وڏو درد آھي. ھنن صدمن ھوندي به رب جي رضا تي راضي رھي ھمت ۽ جرئت کان ڪم وٺي خدمت ڪرڻ ۽ معاشري جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ ھڪ غير معمولي مثال آھي. اڄ به پاڻ سنڌي عورت تحريڪ جي سربراھ آھي.
    عزيزو: اسان ھن کان اڳ اسان جي ڪانفرنسن جي افتتاح ۽ صدارت لاءِ مَردن کي پئي گھرايو آھي. ھن دفعي سنڌ جي عورتن ۽ نياڻين کي مدعو ڪيو آھي جن جي شدت احساس ۽ جذبي ۽ خلوص جو اعتراف ڪندي سندن سوچ ۽ سچائيءَ کي سلام ڪندي، سندن تاريخي ڪردار جي عزت ڪندي اسان ٻِن سائڻين کي سڏيو آھي جن تي اسان کي فخر آھي.
    عزيزو: اسان جي شاھ عبداللطيف ڪلچرل ۽ ادبي سوسائٽي کي ڪم ڪندي تقريباً پندرھن سال ٿيا آھن. اسان ھيءَ سوسائٽي تڏھن ٺاھي جڏھن آئون وائيس چانسيلر ھوس.
    اسان سنڌي عورت ڪانفرنس گھرائِي، جا سنڌي معاشري جي تاريخ ۾ پھريون مثال ھئي. جنھن ۾ تقريباً چار ھزار عورتون سنڌ جي مختلف آبادين، جبلن ۽ ريگستانن مان آيون ۽ اسان جون مھمان ٿيون ۽ اُھو شاندار منظر دل اُڀاريندڙ ۽ سنڌ جي مستقل ۾ اُميد رکڻ جو مثال ھو. 1982ع کان پوءِ وزيرن جي حالت کي ڏسندي، سندن بي حسيءَ جي حالتن تي رحم کائيندي اسان کين گھرائڻ ڇڏي ڏنو. 1977ع کان پوءِ گورنريون ۽ وزارتون ايترو ته ماڻھن جي نظرن ۾ ڪِريون آھن ۽ معاشري جي خدمتن کان پري ٿي ويون آھن ۽ عوام جي اکين ۾ ايترو ته ذليل ٿي ويون آھن جو اسان ڊپ کان کين گھرائڻ بند ڪري ڇڏيو. وزارتن ۽ گورنرن جي ذلت، خواري تي افسوس کائيندي اسان کين رسوائي کان بچايو ۽ اسان جي ڪانفرنسن ۾ نه اچڻ سان اسان تان ذھني ٻوجھ لٿو. گذريل ٽن سالن ۾ باقي جو ڪجھ ٿيو آھي ۽ توھان جي ڊپ کان ۽ وزيرن ۽ گورنرن جي ڪردار کي ڏسي اسان نه صرف مٿن رحم کاڌو مگر پنھنجن ڪانفرنسن جو معيار بلند ڪيو. الله سائين کين خوش رکي. اسان کان جيترو پري ايترو توھان ۽ اسان لاءِ بھتر. اسان 1982ع کان ھيءُ فيصلو ڪيو آھي ته ھاڻي ھِنن ڪانفرنسن ۽ معاشرتي ڪمن ۾ غير سرڪاري ادارن ۾ وزيرن ۽ گورنرن کي پري رکي ئي اسان ڪجھ صحيح فِڪر ۽ عمل جو طريقو اختيار ڪري سگھون ٿا.
    عزيزو: اسان جي سوسائٽي ھڪ خاموش ۽ شور کان پري ٺوس معاشرتي ۽ ادبي ڪم پئي ڪيو آھي، اسان ھر دفعي ھر ڪانفرنس ۾ ڪنھن نه ڪنھن جِدت کان ڪم ورتو آھي ۽ اسان جي رھنمائي اسان جي چند بزرگ دوستن پئي ڪئي آھي. مرحوم محترم پير حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويو، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مظھر يوسف، دولت مھتاڻي، ڏاڏِي شمس عباسي، ليلا ھربچنداڻي، معينه ھدايت الله ۽ ڪيترن ٻين مَردن ۽ عورتن اسان کي سھارو ۽ مشورو پئي ڏنو آھي. اسان جي ڪم جو بنيادي فڪر ۽ عمل جو ميدان معاشرو ۽ ان جو مستقبل رھيو آھي. اسان جي ڪانفرنسن جا موضوع ھي رھيا آھن. ”معاشرو ۽ ادب“ ”معاشرو ۽ عورت“ ”معاشرو ۽ نوجوان“ ۽ شاھ ۽ نوجوان“ اھڙي طرح اسان پنھنجي سنڌي معاشري جي ھر سمت ھر پھلوءَ تي سوچيو آھي ۽ اسان تشخيص ڪئي آھي. عزيزو! ھن دفعي ھن ڪانفرنس ۽ سيمينار جو موضوع آھي، ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“. اڄوڪي ڪانفرنس سياسي يا غير سياسي، ادبي، لساني، جاگرافيائي يا معاشرتي مسئلن تي سوچ لاءِ سڏي آھي. سنڌ ۽ سنڌي معاشرو اڄ ھڪ عجيب ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جو مرڪز آھن. پراڻا قلعا ۽ محلات ڪِري رھيا آھن. نيون پراڻيون روايتون ۽ رجحانات اسان کي عجيب موڙ ڏانھن موڙي رھيا آھن. سنڌ سڀاڻي، نه صرف اسان جو مگر اسان جي اولاد ۽ نسلن جو مسئلو آھي، جنھن کي اڄ درڪنار يا نظرانداز ڪرڻ ظلم ٿيندو. اھا سوچ ھن وقت اسان جي اشد ضرورت آھي. سڀاڻي جو نه سوچيوسين ۽ جيڪڏھن ھمت ۽ جرئت کان ڪم نه ورتوسين ته ڏاڍيون ٺوڪرون ۽ مصيبتون سھنداسين. اُھي البيلايون، بودلايون ۽ احمقانا نظريا اسان کي تحت الثرا ڏانھن وٺي ويندا. اسان جو موضوع توھان سڀني جي سوچ ۽ عمل جو متقاضي آھي. اسان کي توھان ۾ سڀ اميدون ۽ آسرا آھن. اگر پنھنجو فرض وساريوسين ته مستقبل ڏاڍو تاريڪ ڏسندا. سنڌ سڀاڻي سڀني پوڙھن، جوانن، مَردن، عورتن، تعليم يافته يا اٻوجھ غريبن يا اميرن، زالن يا مَردن، سڀني لاءِ ھڪ يڪسان مسئلو آھي.
    عزيزو: اسان ڪوشش ڪري پنھنجي اديبن، استادن، شاعرن، سگھڙن ۽ فنڪارن کي ھمتايو آھي ۽ ٺوس ادب جي روايت قائم ڪئي آھي. اسان جي لکندڙن ۽ مفڪرن کي اسان ڪڏھن به زنجيرن ۾ نه ٻَڌو آھي. صحيح فِڪر جي قوت، اسان صحيح عمل جو بنياد تصور ڪريون ٿا. انھيءَ ڏَس ۾ اسان ٻيون ڪيتريون ڪوششون ڪيون آھن. ڪانفرنسن جي مقالن ۽ تقريرن کان سواءِ آئون چند خاص ڪتابن جو ذڪر ڪندس جن تي اسان کي فخر آھي. اسان ننڍڙا ننڍڙا معاشرتي ڪتاب ڇَپيا آھن ۽ سڄي سنڌ ۾ ورھايا آھن مثلاً ”سنڌي معاشرو ۽ ڪامورو“ ۽ ”سنڌ جو سَڏ“. تحقيق جي طرف ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو شاھ عبداللطيف تي لکيل ڪتاب جنھن کي آئون ھڪ خاص معياري ۽ نئين نموني جي ڪوشش تصور ڪيان ٿو، ۽ تازو اسان جو ڪتاب ”املھ اڻ توريا“ ڇپائي ظاھر ڪرڻ اسان پنھنجو وڏو ڪارنامو تصور ڪريون ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي ھڪ جديد رنگ ۾ انداز فڪر سان شست زبان سان پيش ڪيو آھي. ”املھ اڻ توريا“ اھي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت آھن جيڪي ھِن کان اڳ ڪڏھن به نه ڇَپيا آھن. اھو ڪم اسان جي چند دوستن وڏن ڪشالن ۽ مصيبتن سان ڪيو. اسان ھن ڪم ۾ تقريباً ڇھ سال لڳايا، جنھن ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ھندوستان ۽ ڪَڇ ۽ ڀِڄ ۽ راجستان ۾ وڃڻو پيو. پاڪستان ۾ ٿر ۽ لاڙ ۾ وڏين ڪوششن سان مواد حاصل ڪيو. جن دوستن اسان جي مدد ڪئي آھي، اُھي آھن فقير امداد علي سرائي، مولوي حاجي خميسو ميرپور بٺوري وارو ۽ فقير رمضان کور واھ وارو. جَت ۽ ناکئا صدين کان شاھ جا مداح ۽ مريد رھيا آھن. شاھ، جو رسالو لاڙي زبان ۾ آھي. جبل، ريگستان، ڪوھستان ۽ سمنڊ سڀ شاھ جي فِڪر جو مرڪز رھيا آھن. اسان ھڪ تمام وڏو مواد ھٿ ڪيو ھو، جنھن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصحيح لاءِ اسان محترم محمد ابراھيم جويو ۽ محترم ٻانھي خان کان ڪتاب کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ورتي. ٻانھو خان نه صرف ڀٽ شاھ جو رھواسي آھي پر شاھ صاحب جي ڪلام تي وڏو عبور رکن ٿا. اسين سندن ھِن ڪم لاءِ مشڪور ۽ ٿورائتا آھيون.
    آئون ھِن ڏَس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري چيئرمن سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، اسان جي سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ جو خاص ذڪر ڪندس. خدا جو شان آھي. ڏسو ته سھي، قادري صاحب منھنجو شاگرد آھي ۽ ريٽائر ڪري ويو آھي. آئون کيس سندس حيا ۽ صبر تي، ادب ۽ اخلاق ۽ خاموش ادائن تي مبارڪ چوندس. اسان جي خوش نصيبي آھي جو اڃان اسان وٽ انھيءَ معيار ۽ محنت جا استاد موجود آھن، پر عام طرح استادن تي نظر ڊوڙائڻ سان ڪجھ مايوسي وٺيو وڃي. ھن مڪدر فِضا، ھن لا ابالي دنيا، ھن جبر ۽ غارت جي ماحول، ھن شدت ۽ مطلق العناني جي دؤر ۾، ھن بندوق، ڀالن جي يلغارن ۾، ھن چادر جي ڌڄين اُڏائڻ، ديوارن جي انھدام ۾، ھن خوف، بيحيائي ۽ بيحرمتي جي للڪارن ۾ ھڪ سچي ۽ صحيح شيءِ جو ھئڻ؛ رھڻ ۽ بچڻ ڪيترو نه مشڪل ٿي پيو آھي، اسان جي معاشري ۾ کوکلاپڻ جون سڀ علامتون نظر اچن ٿيون.
    عزيزو! ھن دفعي اسان پنھنجي ڪانفرنس ۽ سيمينار جو پروگرام اديبن ۽ فڪر رکندڙن جو جوش ۽ انداز ڏسي ۽ توھان جو اسرار ڏسي ٽِن ڏينھن لاءِ رکيو آھي. مقالن ۽ تقريرن لاءِ ٻه ڏينھن رکيا ويا آھن. ھن تقريب کان پوءِ اڄ شام جو ھِتي سنڌي مشاعرو آھي جنھن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪندو. مخدوم صاحب جن کي آئون اسان جو تمام وڏو ادبي سرمايو سمجھان ٿو. ھڪ وڏي عزت وارو مخلص ۽ با وقار پِير، مستقل مزاج انسان، نامور شاعر ۽ اديب، علم دوست، اخلاق ۽ روايتن جو ڀنڊار ۽ سنڌ جو شان آھي.
    سندن بلند ڪردار ۽ علم ۽ ادب دوستيءَ تي اسين فخر ۽ ناز ڪريون ٿا. ٻن ڏينھن جي مقالن جي دور ۾ اسان سنڌ جي معاشري ۾ ۽ سنڌ ۾ رھڻ وارن ۽ سنڌ جي مستقبل ۾ دلچسپي رکندڙن حساس اديبن کي گھرايو آھي.
    توھان پروگرام ۽ نالا پڙھي خوش ٿيندا. مقالا سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ھوندا ۽ ڪجھ موسيقيءَ جو پروگرام آھي، جنھن جي صدارت ليڊي صغريٰ ھدايت الله ڪرڻ فرمائي آھي. ليڊي صاحبه جھڙو ولولو ۽ جذبو ڪي ٿورا مَرد ۽ عورتون رکندا ھوندا. سنڌي عورت جي شان ۽ روايتن جو مثال آھي. سنڌ جي شاندار سياستدان جي بيوي آھي، پاڻ خود ھڪ تاريخ آھي. وٽس وڃي کيس ٻُڌڻ سان 60 سالن جي تاريخ ملي ٿي. الله تبارڪ کيس خوش رکي. پاڻ مون سان وڏي مشفق رھي آھي. جھڙي طرح سر غلام حسين ھدايت الله نوجواني ۾ مون کي پيار ڪندو ھو. ڇا سنڌ جا ماڻھو ھئا. جِتي ھنج ھئا اتي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا آھن. ھن اسان جي پروگرام ۾ ڪتابن جي نمائش جو انتظام به ڪيو ويو آھي. اھڙا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون جيڪي سنڌ ۾ نڪرن ٿا يا ڇپجن ٿا يا ڇپيا آھن يا سنڌ تي ڪنھن به زبان ۾ لکيا ويا آھن.
    عزيزو: جيئن مون عرض ڪيو ته اسان جي ڪانفرنس ۽ سيمينار جو بنيادي مقصد گذريل پندرھن سالن کان معاشرو رھيو آھي. ھن زماني ۾ معاشري جو ذڪر ڪرڻ ھڪ وڏي لا ابالي ۽ بي پرواھي جو منظر آھي. معاشري کي گنھگار سمجھيو ويندو آھي. معاشري جي اصلاح جي ضرورت ھر صاحب اقتدار، جاھل، تنگ نظر ۽ ظالم بيان ڪندو آھي. ھر انسان انفرادي مستانگيون ۽ ڏاڍايون گناھ ۽ غلطيون معاشري جي آڙ ۾ لڪائڻ يا ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي يا صفائي پيش ڪرڻ ۾ نظر ايندو آھي. معاشرو عموماً خواص، حاڪم، مالدار ۽ طاقتور لاءِ ھڪ اعليٰ فتنو ٿي غريب عوام ۽ ڪمزور جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آھي. عوام جو ذڪر حاڪمن لاءِ تڪيه ڪلام ۽ زورآوري ۽ ڏاڍائيءَ جي اظھار لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.
    گوئٽي چيو ته عوام کان سواءِ قوم جو تصور ئي غلط آھي. وري به چيائين ته ھر فعل ۽ قول عوام جي بھتري جي ڪسوٽيءَ تي لڳائي ڏسو، وري چيائين اھا سياست جيڪا عوام جي نظريه ۽ ذڪر کان خالي آھي اھا غلط ۽ ظالمانه آھي. وري چيائين ته سياست جو صحيح ھئڻ قومن لاءِ ضروري آھي ڇاڪاڻ ته ھن جو اثر ۽ نتيجو قوم ۽ انسان ڀوڳيندا. اسان جي رسول ڪريم جن فرمايو ته بھترين انسان اُھو آھي جنھن مان انسانيت کي فائدو پھچي.
    يونانين کان وٺي دھرايو ويو آھي ته عوام جو آواز خدا جو آواز آھي. عوام جي نظريه کان خالي معاشرو عذاب آھي ۽ خدائي ڏمر آھي. ”سنڌ سڀاڻي کي ڏِسڻو آھي“ پرکڻو آھي يا ان جو ڪو تصور قائم ڪرڻو آھي يا ڪو تدارڪ ڪرڻو ته اچو ته اسين پنھنجي سنڌ جي معاشري جي طرف نظر ڊوڙايون.
    عزيزو: 1947ع تائين اسين ھڪ صلح پسند، خوشحالي، امن ۽ سڪون جو علائقو ھئاسين. اسان وٽ نه شيعه نه سني جو فرق، نه بريلوي ۽ نه ديوبندي جو حساب، نه اھلِ حديث نه وھابي نه قادياني نه عيسائي نه اسمائيلي نه پارسي ۽ نه ھندو نه رائونڊيءَ جو ذڪر ھو. نه پٺاڻ نه ٻروچ جو ذڪر ھو. ھر طرف ھر نموني سان زمين جو لڳاءُ فڪر ۽ ھمدردي ۽ محبت جو معاشرو ھو. سنڌ جي معاشري ۾ ھڪ توازن سنجيدگي ۽ ھمه گيري ھئي. سنڌ ھڪ غيرت ۽ دليريءَ جو چشمو ھو. نه غريب نه بيوس نه ويڪيل ھو. سندس محبت سنڌ جي زمين سان ھئي. ھو خدا جو شڪر گذار ۽ سنڌ جو مستانو ھو. سنڌ تان قرباني سندس جان ۽ روح جو ارتقاءَ ھو. سنڌ جي نالي ۾ ۽ سنڌ جي شان ۾ انھن لاءِ ڪابه شيءِ مھانگي نه ھئي. جڏھن سنڌ ياد آيس تڏھن سڀ مفاد غرض ھٽائي پري ٿي ڪيائين ۽ جان جي بازي ٿي لڳايائين.
    سنڌي معاشرو ھڪ سچائي ۽ محبت جو معاشرو ھو. زبردستي، جارحيت، خون خرابي، گوڙ فساد، نعري بازي، الزام تراشي يا زبان جي بي لغامي نه ھن برداشت ڪئي نه پسند ڪئي. سنڌي معاشرو غيرت ۽ خلوص جو معاشرو ھو. ٻٽاڪ لٻاڙ ۽ ھنگامي کان پاڪ ھو. ڪجھ صبر ۽ برداشت جو مادو ھوس ۽ تڪليف به خاموشيءَ سان سھندو رھيو. مگر جڏھن جاڳيو ته ڏاڍن کي ڏاري وڌائين. ظلم ۽ ڏاڍائيءَ جو مقابلو اسان جي عالمن، ولين، فلسفين، سردارن، پيرن ۽ سيدن ڪيو. تاريخي سنڌي معاشري ۾ وڏيرو رھبر ھو. ۽ طاقت ۽ ثروت رکندي به معاشري جو غيرت مند حصو ھو. جتي ڳوٺن جو عوام پير ٻَڌي بيٺو اُتي وڏيرو به پٺتي نه ھٽيو. مگر 1947ع کان 1977ع تائين وڏيري مان جان ڪڍي ويئي. کيس ھيسيو ويو ۽ خريد ڪيو ويو. سندس ھوش گُم ڪيو ويو. عوام سان سندس تعلقات ڪٽيا ويا. سنڌ کي 1953ع کان پنجاب جو وڪيل معاشرتي نظام ڳلي پئجي ويو. پنجاب پنھنجي حاڪميت کي سرِ عام کُلم کُلا پاڪستان جي سياست ۾ رعب ۽ تاب سان ڏيکاريو. سنڌ ۾ وڪيل گھوڙا پيدا ڪيا ويا. جاسوسي، مخبري ۽ تشدد پيدا ڪيو ويو. جنھن سنڌي معاشري کي انگريزن به ڊپ ۽ شڪ سان ڏٺو، انھن جون پاڙون ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ ۾ صاف سٿري سياست ختم ڪئي ويئي ۽ رعب دار جابرانه حاڪميت نمودار ٿي. ڪلڪتي جي ”بليڪ ھول“ يا ”جليانه والا باغ“ ”ٽوڙھي ڦاٽڪ“ ۾ ڇا فرق ھو. مغرور ۽ جابر سلطنتي نظريو سنڌ لاءِ قائم ڪيو ويو.
    سائين منھنجا! ھِنن حالتن ۾ اھو نه سوچيو ويو ته سنڌ ”ھوشو شيدي“ جکراڻين، منگسين، بروھين، سيدن ۽ پيرن جو يڪسان محبوب ملڪ ھو. مخدوم بلاول، شاھ عنايت، قلندر شھباز، سچل سرمست، مخدوم محمد ھاشم؛ مخدوم محمد زمان ۽ انقلاب جي بادشاھ، عوامي فِڪر جي سردار، سنڌ جي اُمنگن ۽ احساسن ۽ مجسمي ۽ رھبر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مُلڪ ھو. جتي ايڏيون شاندار صدين جون روايتون، حڪايتون ۽ تعريفون ھجن، انھيءَ معاشري سان ھٿ چراند يا ڇيڙ ڇاڙ ضرور رنگ لائينديون. اسان اھو منظر ۽ ڏھڪار گذريل ڏھن سالن ۾ ڏٺو. ساھ گھٽڻ جي حالت ۾ بيوسيءَ جي ماحول ۾ روايتي سردارن ۽ وڏيرن جي بيغيرتيءَ ۾ پئسي جي يلغار، تلوار جي وار، لالچ جي سيلاب، ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. تان جو زمين لُڏڻ لڳي. سنڌ معاشرو شِدت احساس کان بيغيرتيءَ جو عتاب ھاڻي برداشت نه ڪري سگھيو. قدرت جو قانون اٽل ھو، زمين لُڏي، ڦاٽ ڦاٽو، قلعن ۾ ڏار پئجي ويا. ظلم ۽ تشدد جي انتھا ٿي ويئي. 83-1984ع جا سال قدرتي ۽ تاريخي نتيجو ھو، جنھن جو اچڻ لازمي ھو. مگر جن جون نظرون بندوق جي ناليءَ کان ۽ تلوار جي نوڪ کان پري نٿي ويون انھن کي انسانيت جي قدرن ۽ شرافت جي ڪھڙي خبر.
    عزيزو: مون اُھي دردناڪ حالتون اکين سان ڏٺيون، پيرن پنڌ ڪري ڏٺيون، مَردن زالن ٻارن جي چيخ پڪار کي ڏِٺو ۽ ٻُڌو. نه – نه جن مون کي ڳِچيءَ ۾ ڀاڪر پائي رنو، اوڇنگارون ڏنيون. مون زمينون ڪاريون ڏٺيون، دريون دروازا ڪاٺ انڱار ٿيل ڏٺا. مسجدون باھين جون لوساٽيل ڏٺيون، ڳوٺ تباھ ويران ۽ دِل ڏڪائيندڙ ڏٺا. مون اُنھن غريبن کي ڏٺو جن لاءِ چيو ٿي ويو ته پنج سؤ روپين تي ٿا وڙھن ۽ پڙھيل لکيل وڪيلن ڊاڪٽرن کي ڏٺو جن لاءِ چيو ٿي ويو ته پندرھن سون روپين لاءِ ٿا وڙھن. بيروني بيٺڪن ۽ قدرن جي غرور ۾ حاڪمن مستقبل کي بلڪل وساري ڇڏيو. اُھا ڳالھ انھن لاءِ حيران ڪن ھئي ته سنڌ جي نالي ۾ محبت ۽ لگن ۾ امير ۽ غريب، پير ۽ فقير بنا لالچ يا مرتبي جي حصول ۾ جان ڏني. سنڌ لاءِ جان ڏيڻ، سنڌ جي نالي قرباني ڏيڻ سنڌ جي تاريخي روايت آھي.
    عزيزو: وري چيو ويو ته اھو مختصر ۽ عارضي جوش ھو جو ختم ٿي ويو. انھيءَ جو وري اچڻ يا دُھرائڻ ممڪن نه ھو. حالات جي تجربي مان مڪمل تياري ڪئي ويئي آھي. 83 – 1984ع واريون حالتون ٻيھر ممڪن نه آھن. مگر اھو نه سوچيو ويو ته قدرت ۽ پروردگار جي قانون ۽ راز کي للڪارڻ شيطان جو عمل ھو. ۽ ڏيڍ سال ۾ يعني آگسٽ 1986ع ۾ ٻيو معجزو ٿيو. اُھو معاشرو جنھن جو ديني، ذھني، فِڪري، اخلاقي ۽ غيرت جون روايتون ۽ مثال زمين جي پاتال ۾ ھئا. ان سان جابرانه برداشت کان ٻاھر ھٿ چراند خطرناڪ ھئي ۽ اسان ھن شرارت جو منظر ۽ نتيجو ڏٺو. اسان تي سڀ بھتان ھٿرادو ثابت ٿيا. ثابت ٿيو ۽ واضح ٿيو ته جنرل ۽ جماعت اسلامي ملڪ جي اساس اکوڙي ۽ پاڙون پَٽي رھيا ھئا. ڇا قومن جي يڪجھتي اخوت ۽ وقار ۽ بقا اھڙن نظرين قائم رکڻ ۽ عمل ڪرڻ سان حاصل ٿينديون آھن؟
    عزيزو: تازو ھڪ سيمينار اسلام آباد ۾ سڏايو ويو جنھن شھر کي آئون شيطاني بيغيرتيءَ جو اڏو تصور ڪندو آھيان. جنھن کي مون اندران ۽ ٻاھران ڏٺو آھي. ان لاءِ ته تفتيش ڪجي ته پاڪستان جو واحد مسئلو ڇا آھي ته مون کي کِل آئي. ڇا اھڙي سوال جي ۽ اُن جي جواب جي پاڪستان جي چاليھن سالن جي وجود کان پوءِ ضرورت محسوس ڪرڻ ڪرڻ ھڪ کِل ۽ مسخري ھئي. ملڪ بلوغت کان چڙھي ويو ھو ۽ اسين طفلانه سوالن ۽ الجھنن ۾ مصروف آھيون. چاليھن سالن ۾ به ذھن صاف نه ٿيا ھئا. ڇا ھن مُلڪ جو اُھو مقدر ھو، ڇا مذاحقه سوال ھو؟ ۽ تعجب اھو ھو ته چاليھن سالن کان پوءِ جواب لاءِ تقاضا ڪئي ويئي. ڇا اھُو سوال مترادف نه آھي انھيءَ سوال جو ته پاڪستان ڇو ٺھيو؟
    عزيزو: اچو ته آئون جواب ڏيان ھڪ ستر سالن واري جو جواب ھڪ تاريخ ۽ تمدن جي شاگرد جو جواب ھڪ پنجيتاليھ سال تعليمي تدريس سان واسطو رکندڙن جو جواب ھڪ نوجوانن سان پنجيتاليھ سال انھن جي خدمت ڪرڻ واري جو جواب ھڪ نوجواني ۾ قيام پاڪستان جي جدوجھد ۾ شريڪ ۽ حساس جو جواب ھڪ قائد اعظم کي بلڪل نزديڪ ڏِسڻ واري جو جواب ھڪ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ ۽ سوچيندڙ جو جواب ھڪ زماني جي لاھين چاڙھين جي سيکاريل جو جواب، ھڪ خدا جو خوف دل ۾، قول ۽ فعل ۾، رکڻ واري جو جواب ھڪ ضعيف درويش جو جواب. ڇا عزيزو اڃا به سوال جي جواب جي ضرورت آھي ۽ جواب جو اسرار آھي.
    عزيزو؛ گذريل ڏھن سالن ۾ علم و دانش، درس و تدريس، قَدرن ۽ اخلاق جو جيڪو حشر ٿيو آھي اھو اسان جي قوم تي داغ آھي. اھو نقصان اسين صدين ۾ پورو نه ڪنداسين. اڌ ملڪ اڌ پڙھيلن ۽ جاھل مُلن، گُڏن ۽ وڪيل، مصنوعي دانشورن، بودلن، نشي ۽ جوئا ۾ جڪڙيل، شڪارن ۽ دعوتن جي بدعتن ۾ ڦاٿل بي شعور سياستدانن جي وَر چڙھي ويو آھي، جيڪي ھِن کي تباھ ٿيڻ کان سواءِ نه ڇڏيندا. بندوقن ۽ گولين اسان کي درندن جي درجي تي پھچايو آھي ۽ اسين منافقت ۾ غلطان، روحانيت ۽ نظامِ مصطفيٰ جي جستجو ۾ آھيون. ڇا عبث ۽ بيھودو خيال ۽ نظريو آھي.
    عزيزو؛ اڄ ھن معاشري جون سڀ روحاني ۽ اخلاقي قوتون ۽ قدر، انسان ڪشي جي يلغار ۾ پائمال ٿي ويا آھن.
    سائين منھنجا! ھن قوم جي نيست ۽ نحوست جي اول ۽ آخر سبب، فوج جا جنرل ۽ جماعت اسلامي آھن. اسان جي ملڪ ۽ قوم ۾ اسلام کي بحث مباحثي، تمسخر ۽ ذلت ۾ وجھڻ وارا اُھي حضرات آھن. غريبن جي ايمان کي لوڏڻ وارا ۽ منجھائن ظلم ۽ تشدد سان خدا جو خوف ڪڍڻ وارا اھي آھن. ڇا سِتم ظريفي آھي. اسان کان قربانين جون کَلون وٺڻ وارا اسان جون کَلون لاھڻ ۾ پورا آھن.
    عزيزو: جڏھن اسان ھِن ڪانفرنس ۽ سيمينار لاءِ مضمون جو تعين ڪيو ته اسان سنڌ سان ڪيل عقوبتون، ڏاڍايون، واعدي خلافيون ۽ بي ايمانيون خيال ۾ رکيون ۽ اسان سان چاليھن سالن ۾ ڇا حشر ٿيو ان جو تجزيو ضروري سمجھيو. سڀاڻي ڇا ٿيندو، ڇا نصيب ۾ آھي، ھن تي سوچ ضروري آھي. گذريل ڏھن سالن ۾ حالتون ۽ واقعات جنھن تيزيءَ سان نظر آيا آھن اُھي دل ڏارين ٿا.
    گذريل ڏھن سالن جي ظلمت ۽ غارتگرين کان پوءِ توھان سنڌ جي غريب عوام ۾ ڇا ڇڏيو آھي ۽ کيس ڇا نعمت نصيب ڪئي آھي جو پاڪستان سان محبت ڪري، سنڌ جو عوام ھر قسم جي حاڪمن، توھان ۽ اسان کان بيزار آھي. سنڌ جي عوام لاءِ گذريل ڏھ سال ڪُوڙ ۽ منافقت جو دور رھيا آھن.
    عزيزو: سنڌ کي چاليھن سالن ۾ نچايو ويو آھي. سنڌي معاشري جي قدرن کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. سنڌ کي ھيسيو ويو آھي ۽ دٻائي رکيو ويو آھي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مشرقي پاڪستان ۽ سنڌ ظلم، غضب ۽ جارحيت جا ميدان ھئا. مشرقي پاڪستان ته ڀڄي ۽ وڙھي جِند ڇڏائي ۽ سنڌ کي به تنگ آيد به جنگ آيد تي پھچايو ويو آھي. اھا سنڌ، جنھن کي باب الاسلام سڏيو ويو. جنھن اول پاڪستان جو نعرو ھنيو، ھن کي ڪيئي مارشل لا نصيب ٿيا. توھان جيڪڏھن تجزيو ڪندا ۽ تاريخي واقعن ۽ حاڪمن جي قول، فعل ۽ عمل کي ڏِسندا ته توھان کي يقين ٿيندو ته ھر مارشل لا جو حقيقي ۽ واحد نشان سنڌ ھئي ۽ سنڌي معاشري تي وار ھو. توھان غور سان ڏِسندا ته مارشل لا فقط سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بھيمانه نموني نمودار ٿيا. بلوچستان جا جبل ۽ پھاڙ ڏھڪائيندڙ ھئا. مگر سنڌ جي زرخيز زمين، جارحيت کي د عوت ھئي. حاڪمن اُھو نه سوچيو ته جنھن زمين جي ضرورت جرمنيءَ کي تباھ ڪيو اُھا پاڪستان کي به تباھ ڪندي. ڇا قوم ۽ ملڪ حاڪمن جي ھَوس، غارت گيري، خون خرابي، نعره زني، تنگ نظريءَ سان برقرار رھندو. اسان جي چاليھن سالن جي زندگي ٻڌائي ٿي ته اسان جا حاڪم ڏنڊا مُٽا ضرور ھئا. مگر سندن دماغ خالي ۽ اکيون بند ھيون. انڌي ۽ معذور جي اِمامت اسلام ۾ ناجائز آھي. لياقت علي خان، غلام محمد، چوڌري محمد علي، اسڪندر مرزا، ايوب خان، يحييٰ خان ۽ وغيره پاڪستان جي ڪمزوري ۽ رسوائيءَ جا علمبردار ثابت ٿيا. مودودي ۽ ميان طفيل سڀني جنرلن کي اسلام جو علمبردار ۽ خادم سمجھيو ۽ اڄ مُلڪ جو جيڪو حشر آھي اُھو ڪنھن کان به لڪل ناھي. قومون جڏھن ھن قتل و غارت ۽ باھ جي حالت ۾ رھن ٿيون ته اُنھن جي بقا ۾ شَڪ پيدا ٿئي ٿو.
    سائين منھنجا: آئون اھو به عرض ڪندس ته مثال مشھور آھي ته، مِيرن کي ڪِٿان لڳي گھر مان لڳي. کھڙو، پيرزادو، پير الاھي بخش سڀ چڱا مُڙس ھئا، جن کي اسان اکين تي رکيو مگر ميدان ۾ پيرَ کوڙي نه بيٺا. اڄ به اسان جن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. باھ جي مُنھن ۾ اُھي آھن، ڍال ضرور آھن مگر تلوار ٻئي ڪنھن جي ھٿ ۾ آھي. ڪيترا پھاڪا ۽ چوڻيون ياد ٿيون اچن. مگر مجمع ۾ آئون وتائي فقير ۽ فولاد فقير کي وٺي اچڻ تي گريز ڪندس. منھنجو عزيز دوست علي احمد بروھي ھن مقالن ۽ ڪھاوتن جو انسائيڪلوپيڊيا آھي. سائين اسين پنھنجي قسمت کي رونئون ته چڱو آھي جو پنھنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجھون جيڪو مولانا عبيدالله سنڌيءَ اسان جي حالتن لاءِ ھميشہ دھرايو ۽ اُھي آھن لفظ جيڪي منھنجي دوست مير رسول بخش ٽالپر سندس فوت ٿيڻ کان به ٽي ھفتا اڳ منھنجي گھر ۾ چيا. اڄ به سنڌ جا ڪي نام نھاد سردار جيڪي سنڌ کي نڌڻڪو ڇڏڻ لاءِ تيار آھن انھن کي جزا ربُ پاڪ ڏيندو. ماڻھن جي وڪڻجڻ ۽ کَرڻ جي ڪابه مند نه ھوندي آھي.
    عزيزو: سقراط چوندو ھو ۽ خبردار ڪندو ھو ته اڪيلي آواز ۽ ڳوٺاڻي جي پُڪار کان ڊڄو. توھان کي خبر آھي ۽ تاريخ شاھد آھي ته سڀ نبي ۽ ولي اڪيلا ھئا ۽ سڀ ولي. نبي ۽ قلندر ريڍار ھئا يا ٻڪرار ھئا ۽ اوٺِي ھئا. ”ڊاڪٽر جانسن، چوندو ھو ته اي ظالم! سوچيندڙ جي آواز کان ڊپ ڪر. سائين سوچ اُڀ ڦاڙي ڇڏيندو ۽ زمين کي ڏار وجھي ڇڏيندو آھي. ”نپولين“ چوندو ھو ته والٽيئر نه ھجي ھا ته فرانس جو انقلاب نه ھجي ھا. والٽيئر چوندو ھو ته ڇا ٿي پيو جو مون وٽ تاج ۽ تلوار ناھن. مون لاءِ قلم ڪافي آھي. آئون چوندس ته اسان سنڌي معاشري ۾ اڄ نه صرف سوچ جي ارتقا آھي مگر گذريل ڏھن سالن ۾ سوچ نئين انداز عمل ۽ غصي کي اثر انداز ۽ نمودار ڪيو آھي.
    سائين: سنڌي معاشرو جو متوازن ھو اڄ معجزي جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي. اسان بخوبي واقف آھيون ته جيمس پھرين جھڙو مفڪر ڊاڪٽر اسرار ۽ راسپوتين جھڙو ميان طفيل ڪھڙو علم ۽ دماغ رکن ٿا. سائين اسان کي اڄوڪي مصنوعي پرچار مذھب کان بعيد ڪري ڇڏيو آھي. آئون ھنن بزرگن کان اسلام تي ۽ پيغمبر تي تقرير ٻڌندو آھيان ته اسلام ۽ پيغمبر تي رحم کائيندو آھيان. مون کي رسول اڪرم جن جون پيشنگويون دورِ حاضر جي مُلن ۽ فقيھن کي ڏسڻ ۾ خاص نظر اچي رھيون آھن.
    سائين آئون اسان جي حاڪمن ۽ مصنوعي عالمن کي عرض ڪندس ته ھن ملڪ ۽ معاشري جون پاڙون پاتال ۾ آھن. ان کي حيران ۽ پاڳل نه بڻايو. توھان مڇرائي ته ڇڏيو اٿس، پاڳل پڻ تي پھچايو اٿس. توھان سڀ ھٿ ھڻندا ۽ نِدامت جي آڱرين کي چَڪ ھڻندا. فطرت جو قانون اسان جي مُلن جي تابع نه آھي، ۽ نه ئي انھن کي پڇندو ۽ نه ئي انھن سان مشورو ڪندو. بقول مولانا عبيدالله، مُلن جو بغداد، سمرقند، بخارا، اندلس ۽ قاھره ۾ جيڪو حشر ٿيو، جيڪو مغرب ۽ مشرق ۾ حشر ٿيو اٿن تاريخ ان جي شاھد آھي.
    مون سڄي زندگي 1940ع کان وٺي ھندوستان ۽ پوءِ پاڪستان، سنڌ جو چپو چپو ڏٺو آھي. پاڪستان ۾ ھر وقت جي حاڪمن کي تمام ويجھو ڏٺو آھي. سندن قول ۽ ڪردار کي ڏسندو رھيو آھيان. مون کي زندگيءَ ۾، نوڪريءَ ۾، واسطيداريءَ سان يا دوستي ۾ سڀ واقعات ۽ سڀ شخصيتون بلڪل ويجھو وڃي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ آئون انھن سڀني جي ڪردار تي حيران ٿيندو آھيان.
    سائين: آئون سنڌ جي مُلن کي بريلوي يا ديوبندي يا وھابي ۽ شڪرقندي يا الانوي يا فلانوي سڏيندو ڏسي کلندو آھيان. خدا جا بندا، جن نه بريلوي ڏٺي نه ديوبند ڏٺو نه وري ڪا ڏِسڻ جي اميد اٿن، وتن ٿا ھوائي فائر ڪندا. سنڌ شيعي يا سُني ڪشيدگي ۽ جھڳڙي کان پاڪ ھئي. سنڌ جو خالص اسلام رھيو جيڪو نبي سڳوري جو اسلام رھيو. سنڌ جي اسلام ۾ سِکن، عيسائين جو يا قاديانين جو يا بريلوين جو يا ديوبندين يا راءِ ونڊين جو نام ۽ نشان نه ھو. سنڌ ۾ عريان پسند اقبال جو به دخل نه ھو. اسان سادا غريب مسلمان رھيا آھيون. اسين انھن فحش نظرين ليڪچرن ۽ لٻاڙن کان بيزار ٿي چڪا آھيون. اسان کي نوان نبي نه کپن، نه ئي اسان جي زمين ۾ نبين جا ڪارخانا لڳل آھن. اسين رلھين ۽ گودڙين جي اسلام جا قائل آھيون. سنڌ ۾ بدعتن جي يلغار اسان مان برڪتون ڪڍي ڇڏيون آھن. اڄوڪو اسلام ڦرلٽ ۽ منافقت جو اسلام رنگ لائيندو نظر اچي ٿو. اڄوڪو اسلام پيٽ ڀرڻ ۽ حاڪمن جو اسلام آھي، جن ٿلھن کي اسين ٿونا ھڻندي ڏسون ٿا.
    عزيزو: اسان جناب ميان طفيل ۽ حضرت الطاف قريشي جي گوھر افشانين جو اڳي به گھڻو ٻڌو آھي. مگر ھاڻي تازو ڊاڪٽر اسرار به ھن شرارت جي لڏي ۾ شامل ٿي ويو آھي. جنرلن وانگر سنڌ سندن خاص نظرِ احسان جو شڪار آھي. مشرقي پاڪستان کان پوءِ فوج ۾ سنڌي بغض، تنقيد ۽ حقارت ٻڌندا رھيا. ھي اسلام جا پوڄاري سنڌ متعلق لغو گوئي ۽ گارين کان سواءِ ڪڏھن به باز نه آيا. سنڌ سندن پاسرين ۾ کُٽڪي رھي آھي. اسلام جا اُھي علمبردار باب الاسلام کي منھدم ڪرڻ لاءِ تيار ھئا ۽ ھر سازش ۾ مصروف ھئا. اھي عالم ۽ مفڪر سنڌ ۾ خون خرابي نفرت ۽ حقارت جا خاص حامي رھيا. ۽ ڪڏھن به سنڌ کي گارين ڏيڻ کان گريز نه ڪيائون. ھن وقت اسان جا ھندوستان مان آيل ھم وطني سندن توجھ جو خاص موضوع آھن. سنڌ ۾ معاشرتي انتشار سندن دلين کي سڪون ۽ دماغ کي تسلي ڏئي ٿو.
    سائين منھنجا: مرحوم ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ ھڪ فوجي وزير چيو ته ھر سنڌيءَ جي شڪل ۾ کيس ڀٽو نظر اچي ٿو. چند موجود آفيسر اھو ٻُڌندي خاموش رھيا. جنرل صاحب کان سندس ڪنھن دوست پڇيو ته ڇا توھان کي پير پاڳاري جي شڪل ۾ ڀٽو نظر اچي ٿو ته چيائين بلڪل. مون کي پير جي شڪل ۾ ڀٽو نظر اچي ٿو. ڇا اسين به ائين چئون ته اسان کي به ميان طفيل، ڊاڪٽر اسرار، الطاف قريشي، سردار قيوم جي شڪل ۾ خبر ناھي ته ڇا ڇا نظر اچي ٿو. جڏھن به سردار قيوم، ميان طفيل، ڊاڪٽر اسرار ۽ ڪي جنرل پنھنجو فلسفو کڻي سنڌ ۾ اچن ٿا ته اسان جي دلين کي ڏھڪاءَ ۽ زبان مان چيخ نڪريو وڃي. يا الله خير – خبر ناھي ڪھڙو نزلو ڪرندو ۽ ڪھڙو زھر پکيڙبو.
    عزيزو: اسلام کي غريبن مان ڪوبه ڊپ ڪونھي. مسلمان حاڪمن ۽ عالمن تاريخ ۽ اسلام سان راند پئي ڪئي آھي. اسان کي خبر ناھي ته ابو موسيٰ عامر بن عاص، حجاج بن يوسف جيڪي سڀ عالم ھئا انھن ڇا ڪيو اسان کي خبر ناھي جعفر بن منصور ڇا ڪيو. اسان کي خبر ناھي ته ھڪ مخمور خليفي ھڪ عورت کي نماز جي امامت جو حُڪم ڏنو ۽ مُلن ان پٺيان نماز پڙھي. ٻئي خليفي ھڪ خواجه سرا کي امامت ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇا ٿا پڇو.
    اسلام کي ڪُفر کان بلڪل ڊپ ناھي. ڪفر جي وچ ۾ ته پيدا ٿيو ۽ ڪامياب ٿيو، پکڙيو. مگر اڄ اسلام کي اگر ڊپ آھي ته مسلمان حاڪمن جي منافقت، درندگي، ذلت ۽ بي ايماني کان آھي. اڄ ڪلھ جي غريب جي اسلام ۽ ايمان کي آزمايو پيو وڃي. الله رحم ڪري، قدرت جو قانون خبر ناھي ته ڪھڙا ڦاٽ ڦاڙيندو.
    سائين منھنجا: اديون سائڻيون اچو ته توھان کي اسان جي اڄوڪي ھڪ عجيب غريب قسم جي فڪري تاريخ ڏانھن متوجھ ڪريان. اھا اسان جي قوم ۽ معاشري جي بدنصيبي رھي آھي، جو جڏھن به مطلق العناني يا مارشل لا جو دور آيو آھي ته علم دانش، درس تدريس، خلوص اخلاق جي توھين ۽ بي قدري ڪئي ويئي آھي. اھا فضا 1953ع کان شروع ٿي جڏھن آمريت جھنڊو کوڙيو، ۽ نادر شاہ وانگر تلوار زمين ۾ بيھاري. اڄ اسين ھن دور ۾ انھيءَ ڪيفيت تي پھتا آھيون.
    سائين: ٽالسٽاءِ چيو ڳالھيون سڀ عوام جون ڪندا مگر نه ھنن جي پُٺن تان لھندا نه ئي انھن جي ڳِچيءَ مان ھٿ ڪڍندا ۽ وري چيائين جنرلن جي فلسفي کان خدا بچائي.
    چيسٽرٽن: چيو ته گھڻي ڳالھائيندڙ ۽ تقرير ڪندڙ جنرل کان خدا بچائي. جيڪڏھن ھو سٺو مقرر آھي ته اڃا به وڏي مصيبت آھي. توھان کي خبر آھي ته انگلنڊ جي ھڪ جنرل جڏھن ملڪ جي قانوني ۽ صدين جي مجلس عامه کي ختم ڪيو ته تقريرون شروع ڪيائين. ۽ جڏھن مئو ته سندس لاش قبر مان ڪڍي لنڊن جي گھٽين ۾ ڦيرايو ويو ۽ سندس سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ۽ سندس کوپڙي صدين کان پوءِ اڄ به نيلام ٿي رھي آھي. سائين، الله بي پرواھ آھي، حاڪميت خدا کي جڳائي. اسين پاڳلن جي ھٿ چڙھي ويا آھيون.
    عزيزو: 1947ع کان پوءِ سنڌ نه صرف ڪشمڪش ۾ رھي مگر ھر طرح سان سندس شڪل ۽ انداز بدلجڻ لڳو. نئين ملڪ مان ماڻھو ڪيترن مختلف ماحولن مان ڪيترين مختلف زبانن سان ڪيترن مقصدن سان ھِتي آيا. سنڌ جو سڄو وايو منڊل ۽ معاشرو ھڪ عجيب ۽ غير متوازن نموني ھلڻ لڳو. سياسي، ادبي، لساني تعلقات، تجربات ۽ ماحول پيدا ٿيا. سنڌ جي صورت بدلجي ويئي. اسان جا ھندوستان مان آيل ھم وطني پاڻ سان ھڪ اجنبيت کڻي آيا جيڪا انھن سنڌ تي ۽ سنڌي معاشري تي مسلط ڪرڻ ٿي گھري ۽ انھي ڪوشش کي غير فطري نه سمجھيائون. ڏاڍائيءَ کان ڪم وٺي سنڌ جو حليو ۽ نقشو بدلائڻ ٿي گھريائون ۽ اُن کي آسان ٿي سمجھيائون. وقت گذرندو ويو تان جو 1967ع کان ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽي جي طرفان 1970ع جي اليڪشن ۽ 1972ع مشرقي پاڪستان جي وڃڻ سندن پيرن ھيٺان زمين ڪڍي ڇڏي ۽ سندن اکين اڳيان ھڪ نئون منظر نمودار ٿيو. آھسته آھسته سر زمين سنڌ کين جبرن پنھنجي لپيٽ ۾ وٺڻ لڳي. حالتون سندن قبضي کان ٻاھر نڪرڻ لڳيون. سندن دماغن مان ھوائي قلعا گُم ٿيڻ لڳا. سنڌ جي سر زمين سندن زبان ۾ آھسته آھسته سمائڻ لڳي. آھسته آھسته نوان سنوان پيدا ٿيا، جيڪي ڄڻ نه سنڌي ھئا نه ھندوستاني. وقت منجھن ۽ سندن بزرگن کي ختم ڪيو. سنڌ جي سرزمين جيڪا اڳي سندن لاءِ مسئلو ھئي تنھن کي ويجھو اچڻ لڳا. ڀٽي صاحب جي حڪومت سنڌين جي حڪومت ٿي نمودار ٿي. خود غرضي ملڪيت، دنياوي ترقي، واپار ۽ صنعت کين حڪومت جي طرفان مائل ڪيو. ۽ اسان ڏٺو ته نشست برخواست جون روايتون سلام تسليم جون روايتون ڦِرڻ لڳيون. وقت سندن چھرن ۽ لباس تي اثر انداز ٿيو آھي. شيون جن سان سنڌ جي صدين کان وابستگي ھئي جيڪي سندن لاءِ ھن کان اڳ بعيد، ٻاھريون ۽ پَرايون ٿي لڳيون سي انھن پنھنجون ڪرڻ شروع ڪيون. سنڌ جا ڳوٺ شھرن تي اثر انداز ٿيڻ لڳا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر واري ڏيڏرن واري زندگي برقرار رکڻ مشڪل ٿي پئي. شھرن ۾ گھُٽن پيدا ٿي. ڳوٺاڻي سنڌ کان ڌار رھڻ مشڪل ٿي پيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ھڪ قسم جا زمين تي ٻيٽ پيدا ٿي پيا. 1977ع ۾ جيڪي به کين اُميدون ھيون اُھي سڀ نا اُميديءَ ۾ ڦري ويون. جيڪي تمنائون ھيون سي خواب ٿي ويون. جيڪي کڳل ٿي نظر آيا سي ھٿن مان ڦرجي ويا. تان جو حياتي جي انقلاب ھر طرف ھر ھنڌ سنڌ کان ٻاھر شين سان الحاق ڳچي ۾ پئجي ويو. ڦرلٽ جي نئين دور سندن اکيون کولي ڇڏيون، آھسته آھسته جيڪي سنڌ وڃايو، سَٺو ۽ ڏٺو تنھن کان پاڻ به بچي نه سگھيا. جن تي پاڻ مدار رکيو اٿن تن کين ڳلي کان جھليو. آھسته آھسته ھندوستاني اجنبيت کين مشڪلات ۾ وجھي ڇڏيو ۽ اسين ڏسي رھيا آھيون ته اڄ اُھا فضا، اُھي اميدون، اُھي آسرا، اُھي خواب ھوا ۾ اُڏي ويا آھن. زندگي ۽ سنڌ جو ماحول پنھنجي رعب ۽ تاب سان اڳيان اچي بيٺو، جنھن کان جند ڇڏائڻ يا ڀڄي بچڻ جي گنجائش نه رھي، نه وقت رھيو نه ڪا ڪاميابي رھي.
    عزيزو: ڇاڪاڻ ته اسين ھڪ ادبي ۽ ثقافتي ادارو آھيون ۽ اسان سان ھن ڪم ۾ ھر مڪتبه فڪر جا ماڻھو، ھر طبقي جا ماڻھو ۽ ھر مذھب جا ماڻھو شامل آھن، اسان جو واحد نظريو سنڌي ادب، سنڌي معاشري، سنڌ جي تواريخ ۽ سنڌ سان تعلق رھيو آھي. 1947ع کان پوءِ جيڪي ڪجھ ٿيو آھي انھن مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪندا رھيا آھيون. آءٌ اڄ مختصر طرح مگر چند بنيادي ڳالھين جو ذڪر ڪندس جن جو تجزيو ڪرڻ اڄ وقت جي اشد تقاضا آھي.
    1947ع کان پوءِ اسان وٽ سنڌ ۾ ھزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ھندوستان مان لڏي آيل ھم وطني موجود آھن ۽ اڄ تقريباً ٻه نسل ھتي گذاري چڪا آھن جيڪي ھتي ڄايا، نپنا ۽ پليا ۽ جن کي ھن زمين ۾ آخري آرام نصيب ٿيندو. سنڌ، سنڌ جو ادب، سنڌ جي ثقافت ۽ اڄ سنڌ جو معاشرو پاڪستان ۾ منفرد حيثيت رکن ٿا. سنڌ کي ڪي خاص فوقيتون نصيب آھن. ادبي، تواريخي، لساني، شخصي، حڪمراني ۽ جاگرافيائي طرح سنڌ ھڪ عجيب انفراديت جي حامل ھئي جيڪا ھام پاڪستان جو ٻيو حصو يا پرڳڻو ھڻي نه سگھندو. سنڌ کي ھندوستان ۾ به ھڪ انفراديت نصيب ھئي، سنڌ ۾ ادب ۽ ثقافت، ۽ روايتن ۽ شخصيتن، تواريخي ۽ جاگرافيائي پاڙون ڄمايون ھيون جن تي سنڌ کي ھزارن سالن کان ناز آھي. سنڌ جي معاشرتي گھراين جو مثال پاڪستان جو ٻيو ڪو به حصو پيدا ڪري نه سگھيو آھي ۽ نه ئي مستقبل قريب ۾ اتي ڪا پيدا ٿيڻ جي اُميد آھي. سنڌ ۾ نه صرف روايتي ادب نظم يا نثر، افسانه يا غزل، مضمون نويسي ۽ لوڪ ادب ملندا مگر اُن سان گڏ تصوف، مذھبي فڪر، انقلابي رجحان ملندا، جن جي سلسلي کي سَون سالن کان دنيا جي اديبن ۽ مؤرخن تسليم ڪيو آھي.
    عزيزو: آئون انھيءَ ڳالھ کي ڊيگھ نه ڏيندس مگر ڪجھ ذڪر ڪرڻ جو فرض ضرور آھي. درس ۽ تدريس جي زندگي، تحرير تقرير ۽ مطالعي جي زندگي سنڌي معاشري سان محبت ۽ لگن ۽ سنڌ جي مستقبل تي سوچڻ مون پاڻ لاءِ زندگيءَ جو فرض ۽ مِشن سمجھي آھي. اُنھيءَ فڪر، خوض ۽ شدت احساس اسان کي ھِن ڪانفرنس ۽ سيمينار جي موضوع جي انتخاب ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي ”سنڌ سڀاڻي“ سڀني سنڌ جي رھواسين جي نسلن جو مسئلو آھي. اسان جي نون پراڻن سنڌين جي زندگيءَ جو مسئلو آھي، اسان جي مستقبل تي سوچ اسان جي ھر فرد ۽ جماعت تي فرض آھي. آئون انھيءَ سلسلي ۾ تازو چند اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪندس جيڪي اسان جي نون ھم وطنين جي تصنيف آھن. آئون انھن ڪتابن کي ڏسي پڙھي حيران ٿيس. مون کي انھن ڪتابن جي پڙھڻ سان نه صرف شبھ پيدا ٿيو مگر ڊپ وٺي ويو آھي. ھنن مصنفن پنھنجي جوش، اندازِ فڪر ۽ مطالعي ۽ تجربي اندر لکيا ھجن مگر آئون انھن کي پاڪستاني ڪلچر يا پاڪستاني ادب ٿو تسليم ڪريان. آئون 1947ع کان اڳ ھندوستان جي عالمن بزرگن ۽ شخصيتن ۽ ادارن کي احترام ۽ عزت سان ڏسان ٿو ۽ انھن لاءِ منھنجي دل ۾ تعريف آھي. علي ڳڙھ ۾ پڙھي ھندوستان جي ڪيترن ادارن جماعتن ۽ شخصيتن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو موقعو نصيب ٿيو مگر سائين ياد رکو ته اھي سڀ اڄ ھندوستان جو ورثو ۽ تواريخي ملڪيت آھن نه پاڪستان جو، سواءِ ڪن تواريخي تعلقات ۽ روايات جي. پاڪستاني معاشري، ادب ۽ ثقافت ۽ روايتن ۾ انھن جو ڪوبه دخل نه آھي نه ئي ھئڻ ۽ رھڻ گھرجي. انھيءَ قسم جو تصنيفون، روايتون ۽ مثال جن جون بنيادي پاڙون ھندوستان ۾ آھن يا ھندوستان جي تخليق آھن ته اھي پاڪستان جي ثقافت، پاڪستان جي معاشري جي مستقبل لاءِ عام طرح ۽ سنڌ جي ادب، ثقافت، معاشرتي ارتقا ۽ افاديت کي نقصان پھچائي سگھن ٿا. چڱو ائين ٿيندو ته چاليھن سالن کان پوءِ اسين ھندوستان ۽ پاڪستان ۽ خاص طرح ھندوستان ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ ادب جي مستقبل تي پاڪستاني معاشري جي تشڪيل ۽ مستقبل کي ادبي ڪاوشن ۾ خيال مان نه ڪڍون. آخر ھڪ ڏينھن ھندوستان وِسارڻو ضرور آھي. انھيءَ وِسارڻ کان سواءِ پاڪستاني معاشرو عام طرح ۽ سنڌي معاشرو خاص طرح عذاب ڏسندو ۽ وڏين تلخين ۽ دشوارين ۾ رھندو. ائين نه ٿئي جيئن اسي سالن جي بزرگ ڪيو جيڪو نئون مسلمان ٿيو ھو. ھِن گھري ننڊ مان اٿندي، اوٻاسي ڏئي چيو، ”اي رام“ يڪدم مسلمان ھئڻ جي ياد پوڻ تي مايوسي مان منھن تان ھٿ ڦيريندي چيائين، ”بھائی سو برس کام رام کب تو بھولے گا“ ھي آھن اُھي لفظ جيڪي مون پاڪستان جي ٻن مشھور عالمن ۽ اديبن مولانا عبدالرزاق جنھن قرآن جو سنڌي ترجمو ڪيو ۽ تفسير لکيو آھي ۽ پروفيسر محمد سرور کان ٻڌا جيڪو تازو فوت ٿيو آھي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد رشيد ھو.
    عزيزو: سنڌ ۾ اسان سڀني پراڻن سنڌين يا نون سنڌين کي وطنيت مطابق لکڻ وقت ڪجھ احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. اسان کي سنڌ جي معاشري جي مستقبل جو ھر تحرير ۽ تقرير ۾ خيال ڪرڻو پوندو. ”پدرم کس م بود“ جو مثال ھندوستان جي متعلق ذھن ۾ رکڻو پوندو. 1947ع کان پوءِ ھندوستان جي تواريخ کي پاڪستان جي تواريخ کان الڳ ۽ پري رکڻو پوندو ۽ صرف پاڪستان جي ادب ۽ ثقافت ۽ ورثي جي انفرادي ۽ خاص ۽ جامع حيثيت رکڻ لاءِ اسان جي ھر قسم جي سنڌ جي شاعرن، اديبن، مؤرخن کي ذھن ۾ رکڻو پوندو. ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي انفراديت کي ھندوستان تي ترجيح ڏيڻي پوندي. 1947ع کان پوءِ پاڪستان جي تواريخ ھندوستان جي تواريخ نه آھي اسان کي انھيءَ ۾ تميز ڪرڻي پوندي، پاڪستاني ڪلچر ھندوستاني ڪلچر نه آھي، پاڪستاني ادب ھندوستاني ادب نه آھي، پاڪستاني فِڪر ھندوستاني فڪر نه آھي. فڪري تخليقات ھندوستان کان علحده ھڪ پنھنجي انفراديت جي رستي تي ھلڻ گھرجي. چڱو آھي ته اسين ھندوستان جي تواريخ ۽ تعلقات کي چاليھن سالن کان پوءِ شدومد سان ياد ڪرڻ ۾ ڪجھ احتياط ڪريون. ھندوستان جي ڳالھين تي اصرار يا انھيءَ حالتن جي ياد يا رجحان پاڪستان جي قوميت جي تشڪيل ۽ ترقي ۾ ضرور شبھات ۽ رڪاوٽون پيدا ڪندو ۽ ھندوستان جي اثرن ھيٺ ۽ ھندوستان جي پس منظر ۾ اسان جو ادب، نظم يا نثر، ڪلچر يا ترقيءَ طرف تيزيءَ سان ۽ ڪنھن يقيني ۽ اعتماد سان ۽ اخلاص سان ٺوس قدم کڻي نه سگھندو ۽ راہ راست تي نه ھلندو.
    عزيزو! آءٌ ڪتابن ۽ اخبارن جي ذڪر ڪرڻ کان اڳي ۽ خاص طرح اردو اخبارن کي ڪجھ چوڻ کان اڳي اھو ضروري سمجھان ٿو ته چند ڳالھيون اسان کي ذھن ۾ رکڻ گھرجن، سائين ھي منھنجا لفظ جڏھن آءٌ ھن دنيا ۾ نه ھجان تڏھن به ياد رکجو.
    عزيزو! اسان اردو زبان قبول ڪئي آھي ۽ ان کي اسان غير فطري ھوندي ۽ قوم جي مشڪلاتن ھوندي به قومي زبان جو درجو ڏنو آھي. انھيءَ فيصلي پاڪستاني معاشري ۾ ڪيترا مسئلا به پيدا ڪيا آھن مگر اسان ان فيصلي کان انحرافي نه ڪئي آھي. فطرت ۽ تواريخ ھِن کان پوءِ ڇا ڪندي اُن جا آثار نظر اچي رھيا آھن مگر آءٌ اُن جو زيادہ ذڪر نه ڪندس. ڇا اردو جي قبول ڪرڻ سان اُھو ضروري آھي ته اسين ان کي پنھنجي زبانن ۽ ادب تي ترجيح ڏيون ڇا اُھو ضروري آھي ته اسين پنھنجيون لساني، ادبي ۽ تواريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون ۽ روايتون وِساريون خاص طرح انھيءَ حالت ۾ جڏھن اردو اديب، شاعر ۽ مصنف پاڪستان جي حقيقتن کي قبول ڪرڻ ۾ قاصر رھيا آھن. پاڪستاني معاشرو عام طرح ۽ سنڌي معاشرو خاص طرح پنھنجي تواريخي روايتن ۽ ٺوس ادارن ۾ بلند پايه شخصيتن ۾ وڏي معيار جو حامل رھيو آھي. اسان ته اردو کي قبول ڪيو آھي مگر آئون اڄ چاليھ سالن کان پوءِ حق بجانب نه رھندس جو پڇان ته ڇا اردو زبان ۽ اردو اديبن پاڪستان ۽ سنڌ کي به قبول ڪيو آھي؟ ڇا ھندوستان جي فضا جون يادون ۽ براتون ۽ ھندوستاني اثرات اڃا به اردو تي حاوي رھندا، ڇا پاڪستان ۾ اردو ڪلچر ڪا معنيٰ رکي ٿو ته پوءِ اسان پاڪستان ٺاھيو ڇو؟ چاليھن سالن کان پوءِ ڇا پاڪستان ۽ سنڌ جون حقيقتون پاڪستان تي اردو تي ڪيتري قدر اثر انداز آھن ۽ ڪيتري قدر فوقيت رکن ٿيون. ڇا اھو ضروري نه آھي ته اردو زبان فقط ڳالھائڻ سان نه پر ان جي ترتيب عبارت، تلفظ سان، امثال، تماثيل، استعارات ۽ روايتن ۾ پاڪستاني خوشبو ملي ۽ منجھائس ھندوستاني اجنبيت ختم ٿئي. ڇا ھندوستان جي اثر ۽ انداز فڪر کي قائم رکندي اردو جي قومي حيثيت تي اثر نه پوندو ۽ شبھات سان نه ڏٺو ويندو ڇا اردو زبان ۾ ھن وقت نه صرف رجحان مگر اصرار ۽ غلبو سڄو وقت انھيءَ ادب جو رھيو آھي جو زيادہ تر فرسوده آھي ۽ پاڪستان جي ثقافت ۽ حقيقتن کان خالي آھي يا صرف مذھبي يا نيم مذھبي يا سطحي مذھبي يا شعر و شاعري يا افسانه نويسي يا غير فقري يا غير تحقيقي يا تنقيدي يا ترجمي ۽ عريانيءَ تائين محدود رھيو آھي. مطلب ته ھر طرح اردو جي ڪتابن ۽ موجوده تصنيفات ۾ دنيا جي فڪري ۽ تسليم شده ادبي معيار ۽ تحقيقي انداز کي اردو اڃان نه پھتي آھي آخر ان جي ڇا وجہ آھي؟ ڇا اردو فقط سطحي، ھوائي، تنقيدي، عرياني ۽ اخباري زبان رھجي ويندي؟ ۽ انھيءَ حالت ۾ بلاشبہ پئسي، منافع، مبالغي، مصنوعيت ۽ انسانيت جو شڪار رھندي. ڇا اردو پاڪستان ۽ سنڌ جي فطري انداز کان پري رھندي ۽ ان جي جذبي کان بعيد ۽ ان جي قبول ۽ تسليم ڪرڻ ۾ پٺتي رھندي ڇا اڄ ويچاري قائد اعظم ۽ مَلنگ ڊاڪٽر اقبال لاءِ به طنز ۽ مذاق جي رسي تي رھندي. اسان جا اديب ته ھنن ٻنھي بزرگن کي مُلا ٺاھي ويٺا آھن مگر ھر طرح سان سڀني طريقين سان اخبارن ۾، ڪتابن ۾، ڪتبخانن ۾ ۽ پريس ۾ سندن ھڏا وِڪڻي به پئسا ڪمائي رھيا آھن.
    عزيزو! ھن تمھيد کان پوءِ اچو ته توھان کي ھڪ شديد ۽ افسوسناڪ مثال پيش ڪريان. آئون اڄ ڪتابن ۽ سنڌ ۾ ڇپيل اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ صحافين جو ذڪر ڪندس. اڄ اسين سندن مھمان آھيون مگر آئون کين عرض ڪندس ته پنھنجيون ذميواريون محسوس ڪن. عزيزو، مون ڪجھ وقت ٿيو ته ھڪ ڪتاب پاڪستان جي لئبرين ۽ ڪتب خانن تي لکيل ڏٺو. آئون اھو ڪتاب ڏسي حيران ٿي ويس. ان ڪتاب جي مصنف پاڪستان جي ھڪ به لئبرري جو ذڪر نه ڪيو آھي. سڀ لئبرريون اُھي آھن جيڪي ھندوستان ۾ آھن مگر پاڪستان جي نالي ۾ ڪلڪتي، پاٽنا، علي ڳڙھ، الله آباد، دھلي، لکنو، حيدرآباد دکن ۽ بمبئي جي لئبررين جو ذڪر آھي. ڇا ظلم آھي ڇا جاھليت جو مثال آھي، ڇا پاڪستان متعلق معلومات آھي. انھيءَ شخص کي ته ھندوستان ھئڻ گھرجي ھا. سندس پاڪستان اچڻ فضول ھو. پاڪستان ۾ رھي پاڪستان جي لئبررين تي لکندي ھن پاڪستان ۾ نه ڪا لئبرري ڏٺي نه ڪتب خانو ڏٺو. ڇا ھي ڪتاب پاڪستان ۽ انھي معاشري جي توھين نه آھي. ڇا ھي ڪتاب پاڪستان جي اردو اديبن تي عتاب نه آھي. ڇا پاڪستان 1947ع کان پوءِ ھڪ جاھلن جو ملڪ ھو جنھن جي باشندن کي ادب، تعليم، مذھب ۾ مطالعي سان ڪابه دلچسپي ڪانه ھئي. ڇا سنڌ جھڙو ادب 1947ع کان اڳي ڪيترا ھندوستان جا پرڳڻا حاصل ڪري چڪا ھئا. 1947ع کان اڳي انگريزن به سنڌي زبان سان تاريخي ۽ ادبي بنيادن جي ڪري ھٿ چراند نه ڪئي. اسين 1947ع ته ڇا مگر اڄ به سنڌي ادب جي صحت، توازن، ذخيري ۽ انقلابي حيثيت تي ناز ڪريون ٿا. سنڌ جھڙا ڪتب خانه ھندوستان ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا ھئا. لٻاڙيا پروپئگنڊا ٻي ڳالھ آھي ادب ٻي ڳالھ آھي. اردو جون پاڙون ڏيڍ سو سالن جون آھن سنڌيءَ جون پاڙون پنج ھزار سال، ڇا ھِن قسم جا ڪتاب پاڪستان جي زمين ۾ لکجن ڇا انھيءَ جي باشندن ۽ اديبن جي توھين نه آھن؟
    عزيزو! مون کي افسوس آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ڇاڪاڻ ته اردو زبان ۽ اردو مصنفن، استادن ۽ صحافين اڃان پاڪستان کي پنھنجو ذھني طرح نه ڪيو ۽ نه سمجھيو آھي اسان جو ھي حال آھي. افسوس ۽ حيرت جي ڳالھ آھي ته چاليھن سالن ۾ اردو ۾ ھڪڙو به اھڙو ڪتاب نه ڇپيو آھي جو بين القوامي يا ڪنھن به طرح فِڪر ۽ عبارتي معيار جو ھجي. اسان اڄ به تعليمي انجمنن ۾ مصروف آھيون ۽ تعليم کي تباھ ڪري رھيا آھيون ڏھن سالن ۾ جيڪا احمقانه تعليمي بي ڍنگي رھي آھي ۽ ترتيبون ڪيون پيون وڃن اُھي ھِن قوم کي جاھل، غلام، نا اھل، منتشر ۽ طبقاتي نظرين جي پوري ڪرڻ ۾ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي آھن. پاڪستاني زبانون ته پاڪستان ۾ ئي حقير ۽ بي وس آھن. قومي زبان اڃان پاڙون نه جھليون آھن ۽ ذلت ۽ اجنبيت طرف وڃي رھي آھي، باقي ھاڻي انگريزي جي پٺيان اچي پيا آھيون ۽ ان کي به ڪمزور ۽ غير موثر ۽ غير مفيد بڻايو پيو وڃي، حاڪمن ۽ جماعت اسلامي جا سڀ ھن ملڪ خلاف شيطاني مقصد حاصل ۽ حَل ٿي رھيا آھن.
    عزيزو: اسان جون لئبرريون خرافات ۽ واھيات ڪتابن سان ڀريون پيون آھن، انھن ۾ توھان کي ڪي به معياري ڪتاب نه ملندا جيڪي علم ۽ دانش يا مطالعي جي لائق ھجن. اسان جي ملڪ ۽ قوم جي، اردو لکندڙن اُھا خدمت ڪئي آھي، حڪومتِ پاڪستان ته پنھنجي غرور ۽ حاڪميت ۾ مصروف آھي، حڪومتِ سنڌ پنھنجن الجھنن ۾ ڦاٿل آھي ۽ تعليم تباھ ٿي رھي آھي. سنڌ ۾ لئبررين کي ڏسي شرم ٿو اچي، ھر قسم جي نقصان، تعليمي، اخلاقي، اقتصادي ۽ ادبي انحطاط جو اندازو توھان کي اسان جي لئبررين مان ملندو. پري نه وڃو، ڪراچي جي لئبررين کي ڏسڻ ئي ڪافي آھي. توھان ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي لئبررين کي ڏِسي رُئندا.
    عزيزو: اردو جا اديب ۽ شاعر ۽ صحافي ھندوستان جي يادگيرن، مرثيه خاني، ترجمي ۽ تنقيد انحماق سان ڪابه پاڪستان جي زمين ۽ آسمان قوم ۽ ان جي ترقي لاءِ ڪوبه قدم نه کڻي رھيا آھن. سندن پاڪستان جو مطالعو ناقص، معلومات مذاحقه خيز ۽ گفتگو ۾ ملڪ متعلق تبصرو طفلانه ٿو نظر اچي. مون کي مجلس ۾ ويھي اُھي حماقتون ٻُڌي حيرت ۽ کِل ايندي آھي. اچو ته توھان کي ھڪ ٻي طرف وٺي ھلان.
    عزيزو: افسوس ھي آھي ته چاليھن سالن کان پوءِ به اردو ۽ انگريزي اخبارون کڻي ڏسندا ته سنڌ جي ماڻھن، قومن ۽ قبيلن، ڳوٺن ۽ شھرن جا نالا نه صرف ھجه ۽ تلفظ ۾ غلط آھن بلڪ انھن کي اھڙو خراب ڪن ٿا جو معنيٰ ئي نٿي رھي ۽ جن جو سمجھڻ ۽ تعين ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ کي مروڙيو ۽ خراب ڪيو ٿو وڃي. توھان کي ٿورا ماڻھو ملندا جي اردو ۾ ۽ انگريزيءَ ۾ اخبارون پڙھن ٿا جن کي ملڪ متعلق ڪابه خبر يا صحيح معلومات ھجي. ڪيترا تعليم يافته پڙھيل ڳڙھيل دنيا جي سير و سفر جا مالڪ اسان جا پاڪستاني ھم وطني توھان کي ملندا جن لاءِ ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان ۾ ڪو فرق ڪونھي، جن کي درياءِ سنڌ جي وھڪري جي خبر ڪانھي، جيڪي چولستان، بلوچستان ۾ سمجھن ٿا، جن لاءِ ميرپور ساڪرو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آھي، سجاول سن وٽ آھي، شھدادڪوٽ ۽ شھدادپور ھڪ آھن. خيرپور ميرس ۽ خيرپور ناٿن شاھه ھڪ ضلعي ۾ آھن. جيڪي نصيرآباد کي نصرپور سمجھن ٿا. جن لاءِ ٿاڻو بولا خان بلوچستان ۾ آھي. جن لاءِ بدين سانگھڙ ۾ آھي. ۽ کين سنڌ جي شھرن ۽ ڳوٺن کي سنڌو دريا جي ھڪ طرف کان ٻئي طرف کڻي وڃڻ ۾ ڪابه تڪليف رڪاوٽ ۽ شرمساري نٿي ٿئي.
    عزيزو: ھاڻي وقت اچي ويو آھي ھِن قسم جي بي پرواھي، لا علمي ۽ لا تعلقي ھيءَ زمين برداشت نه ڪندي. آئون اردو اديبن، شاعرن، صحافين ۽ استادن کي عرض ڪندس، خدارا پنھنجي ۽ پنھنجي نسلن جي مستقبل کي نظر ۽ ذھن ۾ رکو. سنڌ جي سرزمين کي اپنايو ۽ اُن کي سمجھو. جيڪڏھن اردو زبان ۽ ادب پاڪستان ۽ سنڌ کي پنھنجو وطن جذبي ۽ احساس جو مرڪز نٿا ٺاھين ته سائين فطرت ڏاڍي زبردست اٿوَ ۽ اردو نه بچندي ۽ ھميشہ خطري ۾ رھندي. اردو ھوا ۾ رھي ته نه بچندي کيس زمين تي آڻيو ۽ توھان به اچو. ھندوستان جي روايتن حقيقتن جو اردو زبان ۽ ادب تي غلبو اردو کي پاڪستان ۾ تباھه ڪندو ۽ کيس قومي درجي تان ڪيرائيندو.
    عزيزو: مون درس تدريس، مطالعي ۽ لِکڻ کي زندگي جا اڌ صديءَ سال ڏنا آھن. اڄ مان توھان کي خبردار ڪندس. ياد رکو اردو زبان يقيناً اسان قبول ڪئي آھي ۽ ڪنھن حد تائين اسان جي دماغ تي اثر ڪيو اٿس مگر اسان جي دلين ۾ جاءِ وٺڻ لاءِ ۽ محبت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اڃان به وڏو ڪم ڪرڻو آھي ۽ وڏو مفاصلو طي ڪرڻو آھي، اردو کي پاڪستاني زبانن لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ٺاھڻي پوندي. اردو جي الف ب پاڪستان جي ماڻھن عوام ۽ زمين لاءِ اڄوڪي حالت ۾ بلڪل ڪارآمد نه آھي. جنھن ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻھن، جاين، شھرن، ذاتين قبيلن جا نالا به صحيح نه لِکي سگھجن. اردو جي الف ب ۽ صورتخطي ۾ ڪي حرف وڌايا ويندا جيڪي ھن وقت اردو ۾ مروج نه آھن پر جي پاڪستان جي مختلف ٻولين جو اھم حصو آھن. مون کي ڊپ آھي ته اردو برھمڻن جي زبان ٿي ويئي آھي ۽ حاڪمن جي ظلم ۽ استبداد جو ذريعو بڻجي وئي آھي. برھمڻن دنيا جي تاريخ شاھد آھي ته زبانن کي تباھه ڪيو ۽ نابود ڪيو. برھمڻن سنسڪرت ختم ڪئي، عبراني ختم ڪئي. پاڪستان ۾ اردوءَ کي زمين تي اچڻو پوندو ۽ پاڪستان جي عوام جي زبانن تي اچڻو پوندو. ھوا ۾ رھي يا ڪُونڊين ۾ اُڀري نه سگھندي، ۽ جيڪڏھن عوام جي دلين ۾ جاءِ نه ڪيائين ته نه رھندي نه بچندي. شھري زبان، دنيا جي تاريخ شاھد آھي ته عوام جي زبان نه آھي، ملڪن جون زبانون ڳوٺن جون زبانون آھن ۽ زمين جون زبانون آھن. توھان ابن خلدون، بڪل، بلاذري، طبري ۽ بيڪر کان پڇو. اردو پاڪستان جي زبان ٿيندي ته بچندي ۽ ھندوستان جي ھوندي ته ختم ٿيندي.
    تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته برھمڻن جي زبان ۽ شھرن جي زبان ملڪ ۽ قوم جي زبان ٿيڻ ناممڪن آھي، جيستائين ملڪ جي ماڻھن جي روح جي ترجماني يا روايتون اختيار نه ڪري. مگر ايترو چوندس ته جيتري الله تبارڪ زندگي نصيب ڪئي آھي سچ جو بيباڪ پرچار سنڌ جي خوشيءَ جو اونو ۽ بھتري ھميشہ منھنجي زنگديءَ جو مقصد رھندو.
    عزيزو: پنھنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ آئون ٻه لفظ نوجوانن کي چوندس. خبر نه آھي ڇو ھر ھنڌان ۽ ھر طرفان توھان جي تنبيھ، حوصلي ۽ دماغي توازن جي متعلق مون کي چيو وڃي ٿو. مون توھان سان زندگي گذاري آھي ۽ ڪاٽي آھي. مون توھان سان گڏ سَٺو آھي. توھان سان ھر مشڪلات ۾ پير ٻڌي بيٺو آھيان. آئون فخر سان چئي سگھندس ته زندگي ۾ مون ڏنو آھي ڪنھن کان ورتو ڪجھ به ناھي. 70 سالن کان پوءِ فقط توھان جي خوشي، خوشنودي ۽ پروردگار جي رحم ۾ نظر اٿم.
    عزيزو؛ نوڪري کي ڇڏڻ، لکڻ پڙھڻ ۽ توھان جي خدمت ڪرڻ ۾ باقي ڏينھن حياتي جا گذارڻ خوش نصيبي سمجھان ٿو. آئون توھان کي عرض ڪندس ته آئون توھان جون حماقتون سمجھي سگھان ٿو. نوجواني جون بيوقوفيون توھان جو ورثو آھي. مگر وقت ۽ زماني توھان کي نه سيکاريو ته اسان جي بدنصيبي آھي. جنھن تعليم تربيت توازن نه سيکاريو اُھا فاش ۽ فرسوده آھي. آئون توھان کي صرف دعائن سان ياد ڪري سگھان ٿو. توھان جي مستقبل جو سنوارڻ منھنجي حياتي جي اُميد آھي.
    عزيزو: مون توھان جي صبر کي ڪافي آزمايو آھي. ڊگھي تقرير جي مونکي معافي ڏيندا. ويھڻ کان اڳ آئون سڀني بزرگن، دوستن، سوچيندڙن، استادن، شاگردن، مَردن ۽ عورتن جو مشڪور آھيان. اسان جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاھيون معاف ڪندا. ھي جيڪو ڪجھ ڏِسو ٿا اسان جيڪو پروگرام پيش ڪيو آھي اھو سڀ محنت ۽ پِنڻ جو نتيجو آھي. آئون انھن سڀني دوستن جو مشڪور آھيان جِن اسان جي ھن پروگرام ۾ مدد ڪئي آھي. آئون سندن ٿورائتو آھيان جو مون مان بيزار نٿا ٿين ۽ وٽن وڃڻ تي گھرن مان ڊوڙائي نٿا ڪڍن ۽ منھنجي تقاضائن کي ٻوجھ نٿا سمجھن. آئون محترمه بي نظير صاحبه، ڏاڏي شمس عباسي، سائين مخدوم طالب الموليٰ، ليڊي صغريٰ ھدايت الله، منھنجي عزيز دوست مجحمد ابراھيم جويو، سراج ميمڻ ۽ دادي ليلا جو مشڪور آھيان. آئون انھن سڀني پوڙھن ۽ نوجوان مَردن ۽ عورتن جو ٿورائتو آھيان جن مقالا لکيا آھن ۽ پڙھندا. آئون انھن نوجوانن ۽ نياڻين جي تعريف ڪندي نه رھندس جيڪي ايڏي جفاڪشي ڪندي اسان سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا آھن.
    ويچارو ڊاڪٽر اياز قادري اسانجو جنرل سيڪريٽري وڏي امتحان مان گذريو آھي. آئون پنھنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙن کي شاباس ڏيندس جن رات ڏينھن ڊوڙ ڊڪ ڪئي آھي. ۽ منھنجي وٺ پڪڙ ۽ ڇڪتاڻ کي خنده پيشاني سان برداشت ڪيو اٿن ۽ سَٺو اٿن. آئون انھن دوستن جو شڪر گذار آھيان جن اسان جي پيٽ جي پرگھور ڪئي آھي. الله سائين کين اَجر ڏيندو.
    مھرباني –


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259765
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ