ڪتاب جو نالو: اي جرني ٽو ٿائلنڊ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1279 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 463 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ ملائيشيا کان ٿائلنڊ جو ريل رستي سفر ڪيو آهي ۽ ان سفر دوران پيش آيل ڳالهيون توڙي ٿائلنڊ ۾ گهُمندي ڪيل مُشاهدا هن سفرنامي ۾ قلم بند ڪيا اٿن. هِن ڪتاب ۾ جنسي معلومات پڻ ڪافي ڏنل آهي. ڇو ته ٿائلنڊ جو گذر سفر ئي ٽوئرسٽ جي عياشيءَ تي آهي. هن ڪتاب ۾ ان بابت تفصيل آهن ۽ ان جا منفي پهلو پڻ لکيا ويا آهن. ان کان علاوه جاپانين جي ظلم جي ڪهاڻي پڻ آهي جيڪا پڙهي اکوين ڀرجي اچن ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • ٿائلنڊ پنڌ به پهچي سگهجي ٿو
  • هتي جو ريلوي نـظام
  • ريلَ جو سفر سڀ کان بهتر
  • ريلَ جو هڪ ڊگھو سفر
  • منهنجو هي ريل رستي ٿائلنڊ ڏي سفر
  • باوا آتائو آتاس ـــ هيٺ يا مٿي؟
  • ڪوالالمپور کان بٽروٿ (پينانگ)
  • ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ
  • هلندڙ چلندڙ هوٽلون
  • زردي رنگ جو شربت.....
  • ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي .......
  • پهرين ۽ آخري منزل
  • امير نه چاهيندو.......
  • ڪا سستي هوٽل سجهنئي......
  • هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني.....
  • سفر لاءِ ويزا ضروري آهي.......
  • ويزا جي مون سان به جٺ ٿي....
  • حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي....
  • کچهه پاکستان نو کچهه قربستان چلي گئي......
  • سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي....
  • ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻَ جو شوق ناهي....
  • ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن....
  • ٿائي عورت جي سمگلنگ......
  • ٿائي ماڻهن جي منجھائيندڙ مُرڪَ.....
  • سي راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي.....
  • آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ......
  • …… SEKARANG SAYA TAKUT
  • هوءَ چرچا پيئي ڪري.....
  • پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ......
  • آيوتٿايا ـــ مڪليءَ جو قبرستان........
  • ٻه وڌيڪَ ڳالهيون......
  • زندهه آهيان ـــ موتَ جي ڪهاڻي سُڻائڻ لاءِ.....
  • ڪئمپ جي ڏُکي زندگي.......
  • جپانين جا انسانن تي ظلمَ.......
  • پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهر.....
  • پتايا کدڙن کان پڻ مشهور آهي......
  • پتايا فقط رنڊين کان مشهور ناهي...
  • بئنڪاڪ ــ ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ...
  • ايشيا ۾ فقط “ٿائلنڊ” ڪالوني نه ٿيو...
  • بئنڪاڪ ڪو شريف ماڻهوءَ جي گهمڻ جي جاءِ آهي؟
  • هڪ ڪساري حقيقت...
  • هڪ ڊاڪٽر کان جماعي بيمارين بابت انٽرويو...
  • واپارين جون ڳالهيون...
  • ڪنول، بهه، پاٻوڙا...
  • بئنڪاڪ جي “راما ـــ نائون” پل...
  • ٿائلنڊ جا مسلمان ۽ مسجدون...
  • هڪ مسلمانن جي ڳوٺڙي ۾...
  • REAL THAI MASSAGE
  • ٻڌ بکشو ۽ “KING & I” وارو بادشاهه.....
  • ٿائلنڊ جو ٻڌ ڌرم...
  • هڪ ٻيو به فوٽو ڪڍ ...
  • بئنڪاڪ جا رستا بولٽن مارڪيٽ جيان...
  • ٿائلنڊ جا هاٿي.....
  • بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏسجي ....
  • Wai - ٿائي کيڪار....
  • مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ....
  • توهانجا پير...
  • مندر، ٻائي ۽ بادشاهه جي عزت ....
  • ڍورن جون بئنڪون
  • هڪ جپاني ليکڪا سان ملاقات
  • زالَ ۽ ماءُ جو فرق
  • چاچو ڇاٽيڇائي...
  • زندگي غَمَ جو درياهه...
  • ٻڌ مت جا ارشاد ۽ ٿائين جو عمل....
  • ٿائلنڊ ويندڙن لاءِ ڪجهه ڳالهيون ....

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪونجاهه (51) سفرنامو اي جرني ٽو ٿائلنڊ اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست آصف رضا نظاماڻي ڪئي آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلو نالي ـــ جنهن جي
    علمي ڳالهين مان تڏهن به ۽ اڄ به آءٌ بيحد متاثر آهيان.

    الطاف شيخ


    پيش لفظ

    الطاف شيخ جي ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ، منهنجي لاءِ وڏي رتبي جي ڳالهه آهي. سندس ليکڪ جي حيثيت ۾ تجربو ۽ منهنجي عمر، سندس زندگيءَ جا سفر ۽ منهنجي کوهه جي زندگي، سندس سنڌي ادب لاءِ خدمتون ۽ منهنجي ڪاهلي .... اهي سڀ جز مونکي ان قابل نٿا بڻائين ته مان هيڏي وڏي ليکڪ، جنهن سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي کوٽ پوري ڪئي آهي، تي ادبي ٽيڪا ٽپڻي ڪيان. پر مان سندس ٿورائتو آهيان. الطاف مونکي نٽهڻ ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو آهي. منهنجي تخليقي قوت جيڪا سالن کان سنڍ ٿي وئي هئي، ان کي ڪروٽ موڙي اٿاريو آهي. ان بهاني شايد مان پنهنجو ڪم اڻپورو پورو ڪري سگهان.
    الطاف جو ڪتاب “اي جرني ٽو ٿائلنڊ” مون سندس پياري ننڍڙي گهر ملاڪا (ملائيشيا) وڃي پڙهيو. پڙهڻ کان پوءِ کيس چيم ته ٻه اکر لکان؟ هن کلي ڏنو ۽ چيائين: “لکندين! ڇڏ جاني تون واندو ٿوروئي آهين!” مان ٻڏ ـــ تر ۾ اچي کانئس پڇيو: “جي لکان ته ڇپائيندي ــــ؟” “ڇو نه” الطاف وراڻيو.
    پنهنجي تلخ تجربي جي ڳالهه ڪئي مانس. هڪ يار محنت ڪرائي پوءِ جڏهن ڏٺائين ته تعريف پوري ساري ۽ تنقيد ججھي آهي ته ڇپائڻ ته ٺهيو پر مسودو به کڻي ويو ــــ متان ڪنهن مخزن ۾ ڏئي ڇڏيان. ان تي مون لڳاتار ٻه مهينا ڪم ڪيو هو. پنهنجي ننڍڙي ڪتب خاني کي ابتو ڪيو هيم. راڻي ۽ ننڍڙي ٽئگور کي ور ۽ پيءُ جي پيار کان محروم ڪيو هوم. ۽ پنهنجو خون پيتو هيم. خير رب کيس خوش رکي.
    سياح جو سفرنامو چترڪار جي چتر کان وڌيڪ اثرائتو ٿئي ٿو. چترڪار جي شاهڪار تي نظر چند ماڻهن جي پئي ٿي ۽ هر هڪ مخصوص جڳهه تي چترڪاريءَ تي ان جو ڊول، ڊانو ۽ رنگن جي ريکا، خيال جي اونهائي، تصور جو چٽو هجڻ ۽ ڏسندڙ کي محسوس ڪرائيندڙ خيال صرف ان تصوير جي اردگرد ئي رکندو. پر سياح جي سفرنامي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سماجي، سياسي، سياحتي، ثقافتي ۽ لساني پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ايتري ئي سهڻي ريت ٿيل آهي جهڙي ريت چترڪار جي تصوير ۾ ته ان جو اثر گهڻو ۽ گهرو ٿيندو. اهو پوءِ رڳو سفرنامو نه، رڳو وندر نه پر مخصوص ملڪ جي ڇنڊ ڇاڻ جي صورت ۾ پڙهندڙ اڳيان اچي ٿو. مڃان ٿو ته اها هڪ فرد جي نظر آهي. ان جي سفرنامي ۾ ڪنهن Comparative Study جو دخل نه آهي. ان هوندي به اهو ڪجهه نه ڪجهه کوجنا جو سامان مهيا ڪري ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته آڳاٽي زماني جا سفر ناما وڻجارن لاءِ واجهه جو ذريعو نه بڻجن. ها الطاف جا سڀئي سفرناما ان ڪسوٽيءَ تي پرکي سگهجن ٿا. سندس رجحان هميشه داخلي Intovert ۽ Subjective رهيو آهي.
    هن هر ان ڳالهه تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي جنهن ۾ جدت هجي. ڪٿي ڪٿي انهن سماجي ۽ ثقافتي اثرن جو به ذڪر ڪيو اٿس جيڪي سنڌ جي ثقافت سان ڀيٽي سگهجن ٿا. ان مان پروڙ پوي ٿي ته سمنڊ پار ڪئين ملڪ ۽ سندن ثقافت ۽ تمدن هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا. ان ۾ هڪ جهڙائي ڇو آهي، اهڙا اثر ڪنهن ڏنن ۽ ورتن، الطاف ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪونه ٿو ڪري. الطاف هر ملڪ جون خوبيون ۽ اوڻايون جيڪي عام نظر سان ڏسي سگهجن ٿيون، ظاهر ڪيون آهن. ڪٿي ته فرض محسوس ڪيو اٿائين ته پڙهندڙ کي خبردار ڪري. رڳو ٿائلنڊ ۾ سماجي برايون سندس ڪتاب جو حصو ڪونهن ــ ٻي مهاڀاري جنگ دوران جپانين جا ظلم ۽ ٿائلنڊ جو ڪنهن کان مفتوح ٿيڻ کان بچڻ جهڙيون تاريخي حقيقتون به شامل آهن. ٿائي عورت جي ڪار ۽ ان جي بيوسي به شامل آهي ته يورپي سياحن جي حوس به. الطاف تمام معصوم ٿو لڳي جڏهن چوي ٿو “ٿائي ڇوڪريون رحم جي قابل آهن” ۽ ڇرڪائي ٿو هڪ “رئيس” جي ڳالهه ڪري. اسانجو نوجوان نسل جيڪو گهٽيل سماج ۾ رهي تنگ ٿي ٿائلنڊ جو منهن ڪندو آهي، ان لاءِ هنڊائڻ جوڳي صلاح ڏني اٿائين.
    حقيقت ۾ “رئيس” واري قصي کي جي الڳ باب “رئيس جو ٿائلنڊ گهمڻ” جي صورت ۾ آڻي ها ته پڙهندڙ جو ڌيان وڌيڪ ڇڪجي ها. منهنجي خيالَ ۾ اهو واقعو اهڙي ڌيان ڇڪائڻ جي قابل آهي. سندس اثر “حويلي جي رازن” جهڙو ته نه پر ڀرپور ضرور ٿئي ها.
    الطاف جي ذات معصوم آهي پر ڪڏهن به سندس فن تي اثر انداز نه ٿي آهي. سندس اصول، سندس تجسس جي اڳيان ڪونه آيا آهن. سندس شخصيت بُراين کان پاڪ هوندي به لچڪندڙ آهي ۽ ان ڪري هن جو هر ماڻهو سان ورتاءُ ۽ سڀاءُ آهي. اهوئي سياڻي سياح جو ڪم آهي ته سڀني ساڻ سڀاءُ رکي. هر رنگ جي ماڻهوءَ سان رلڻ ملڻ جي صلاحيت هجيس. وڏي ڳالهه ته ٿائلنـڊ جي مذهبي ۽ سياسي ماڻهن سان ملي ٿو ته هـٽن ۽ چڪلن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين سان به ڪچهري ڪري ٿو. ڳوڙهو مشاهدو ان ڪري ماڻيو اٿائين، پر ڪٿي ڪي ڳالهيون پي ويو آهي جيڪي ڪري به سگهجن ٿيون.
    مون کيس چيو ته سفرناما گهڻا لکئي هاڻي صبر سان ڪنهن ڳنڀير ڪتابَ لاءِ سوچ. جنهن ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن تي سياسي، سماجي ثقافتي تجزيو موجود هجي. مواد وٽس موجود آهي پر الائي لکي يا نه. منهنجي خيالَ ۾ پرڏيهي معاملن تي سنڌي ۾ ڪتابن جي کوٽَ پوري ڪرڻ لاءِ الطاف اهو به ڪم ڪري سگهي ٿو. سندس سفرماني ۾ اهڙيون ڳوڙهيون جھلڪيون آهن ۽ رڳو انهن کي وڌائڻ لاءِ Subject Treatment ۽ ڪجهه ڪتابن جي مدد جي ضرورت اٿس.
    الطاف جو اڀياس جيترو اونهو آهي اوترو سفرنامي ۾ جھلڪي نٿو. ڇو ـــــ؟ اهو مان الطاف ۽ سندس پڙهندڙ تي ٿو ڇڏيان. اها منهنجي راءِ آهي ــــ سندس ۽ پڙهندڙن جو ان سان متفق هجڻ ضروري ناهي.
    ارشاد عباسي
    (ارشاد عباسي 1987 جي آخر کان ملائيشيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو پريس اتاشي آهي. 1980ع کان 1984ع تائين ساڳئي عهدي تي انڊونيشيا ۾ پڻ رهيو. پاڻ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي سياسي، سماجي تمدني، تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني اڀياس ۾ رڌل آهي. جون 1990ع)


    ٿائلنڊ پنڌ به پهچي سگهجي ٿو

    پاڪستان جي اوڀر ۾ هندستان آهي. اهو لتاڙڻ بعد بنگلاديش اچي ٿو. اڃان به جي وڌيڪ اوڀر ڏي وڃبو ته برما ايندو.
    برما جي بدليل حڪومتي نظامَ ڪري اڄڪلهه اسان جو يا باقي دنيا جو واسطو ۽ اچ ڳوڃ گهٽ ٿي پيئي آهي نه ته مغلن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ برما بلي بلي هو. سندس تواريخي شهر رنگون، منڊالي ۽ اروادي ندي ڪيترن ئي ڪهاڻين ۽ رنگين افسانن جو مرڪز آهي. مشهور مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر به هندستان کان نڪتو ته برما آيو ۽ رنگون ۾ ئي دفن ٿيل آهي. جنهن لاءِ مشهور غزل آهي:
    ڪتنا هي بدنصيب ظفر...... وغيره.
    برما کان اڃان به اڳتي هلبو ته ٿائلنڊ اچي ٿو. ٿائلنـڊ جو نقشو، ڪجهه ڪجهه هاٿي جي سونڍ جهڙو آهي جيڪا هيٺ ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي جتان پوءِ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو. ملائيشيا انگريزن جي ڏينهن تائين ملايا سڏبو هو.
    يعني پاڪستان کان جي اوڀر ڏي پيرين پنڌ نڪري پئجي ته ٿائلنـڊ پهچي سگهجي ٿو. ساڳي طرح هتان ملائيشيا کان ٿائلنڊ ته ماڻهن جوروز جو پنڌ آهي. ڇاڪاڻ جو ٿائلنڊ ملائيشيا جو پاڙيسري ملڪ آهي. ملائيشيا جي ٻي ڪنڊ تي يعني ٻئي پاسي سنگاپور آهي.
    ملائيشيا جي گادي جو هنڌ ڪوالامپور آهي. پر ڌارين ماڻهن لاءِ ملائيشيا جا شهر جو هوربارو ۽ پڊانگ بسار پڻ اهم آهن. جوهوربارو (JOHOR BARU) سنگاپور جي بارڊر تي آهي ته پڊانگ بسار (PADANG BESAR) شهر ٿائلنڊ جي بارڊر تي آهي. ٻئي شهر انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ريلوي اسٽيشنون آهن. ٻنهي جي وچ ۾ هزار کن ڪلوميٽرن جو پنڌ آهي.
    سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي جنهن جي ڊيگهه ويڪر ويهه پنجويهه ميل کن مس آهي. چوڌاري سمنڊ اٿس. هڪ ڪنڊ کان، سيمنٽ ۽ لوهه جي ڊگهي پل ذريعي ملائيشيا جي جوهوربارو شهر سان ڳنڍيل آهي. هيءَ پل جيڪا ڪازوي (cause way) سڏجي ٿي، ڪافي ويڪري آهي ۽ هڪ ئي وقت ٽي چار قطارون موٽر ڪارين ۽ لارين جون لنگهي سگهن ٿيون. ان کان علاوه ريل پڻ لنگهي ٿي.
    هي ڪازوي (پل) ۽ ان جي مٿان ريل جا پٽا انگريزن جي ڏينهن جا ٺهيل آهن. انگريز جتي به رهيو، پنهنجي مطلب لاءِ ئي سهي پر اهو چڱو ڪم ڪيائين جو ريل گاڏيءَ جا پٽا وڇائي سفر جو چڱو سک مهيا ڪيائين. اهي ريل جا پٽا اسان جهڙن ملڪن ۾ اڃان تائين ان ئي صورت ۾ هلندا اچن. اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ بسون ڪارون جام ٿي ويون آهن پر تڏهن به غريب توڙي امير لاءِ ريل جو سفر سستو ۽ آرام وارو آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي جن سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ جوهوربارو کان ٻي ڪنڊ پڊانگ بسار تائين ريل جا پٽا وڇرايا ــ جن تان اڄ ڏينهن تائين KTM “ڪيريٽا آپي تناح ملايو” (ملئي ماڻهن جي ڌرتي جي آگ گاڏي) هلي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڄي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ سوڙهي پٽي واري (Narrow Gauge) ريلَ آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کان ميرپور خاص تائين هئي. يا هينئر به ٽنڊوآدمَ کان پڊعيدن تائين آهي يا ٻين هنڌن تي ننڍن ڳوٺن کي ڳنڍڻ لاءِ آهي. باقي ڪراچي پشاور يا ڪراچي ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي ويڪري پٽي (Broad Gauge) واري ريل هلي ٿي. ساڳي طرح هندستان، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ برما ۾ پڻ انگريزن ريل ٺهرائي.
    اهو ضروري آهي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي سوڙهي پٽي واري ريل آهي پر هتي جو ريل ڊپارٽمينٽ ان کي اهڙو ته سٺي نموني سان هلائي ٿو دنيا مڃي ٿي. صاف سٿرا ۽ سهڻن ڪوچن وارا ريل جا دٻا جيڪي جپان وانگر هر وقت، سفر دوران ڇوڪريون صاف ڪنديون رهن ٿيون. سفر پوري ٿيڻ تي سيٽن تي رکيل سفيد رنگ جي ڪپڙي جا پوشَ لاهي وري نوان چاڙهيا وڃن ٿا. ريل جي اچڻ ۽ ڇٽڻ جا مقرر وقت. هر هڪ پئسينجر لاءِ ٽڪيٽ موجب نمبر سان وهڻ لاءِ سيٽَ يا سمهڻ لاءِ بسترو. ان کان وڌيڪَ فالتو مسافر هڪ به نه. ۽ نه وري ريلوي کاتي کي نقصان پهچائڻ لاءِ بنا ٽڪيٽ وارو. گاڏي توڙي ريلوي اسٽيشن تي امن امان. کائڻ پيئڻ لاءِ صاف سٿرا دڪان ۽ ڪئنٽينون. انتظار لاءِ وهڻ جو بندوبست ۽ هتي جي معيار سارو ٽئاليٽ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽڪيٽ گهر. ٽڪيٽ جو اگهه پڻ هتي جي ڪمائي خرچ جي حساب موجب مناسب ۽ واجبي آهي. جوهوربارو کان پڊانگ بسار تائين هڪ هزار ڪلوميٽر جو سفر جو ڀاڙو، (ايئرڪنڊيشنڊ سيڪنڊ ڪلاس) سٺ کن رنگٽ آهي. يعني پاڪستاني ساڍا چار سؤ رپيا ٿيا....... جو اڄ ڪلهه ملئي رنگٽ ۾ اسانجا اٺ رپيا آهن.
    جھڙي طرح سنگاپور ۽ ملائيشيا جون ريل گاڏيون هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچن وڃن ٿيون تهڙي طرح ٿائلنڊ ملائيشيا جون پڻ، هڪ ٻئي جي ملڪن جا مسافر کڻي بارڊر ٽپنديون رهن ٿيون. ٽنهي ملڪن ۾ يڪو سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به ريلوي اسٽيشنن تان ان وقت يا اڳواٽ وٺي سگهجي ٿي ۽ پوءِ ان سفر لاءِ توهان جي سيٽ رزرو ٿيو وڇي ۽ سڄو سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ هجڻ ڪري ٽنهي ملڪن جي هڙني اسٽيشن تي اها معلومات پهچي ٿي ۽ پوءِ ڪو به ساڳي سيٽ لاءِ ڊبل ٽڪيٽ جاري ڪري نٿو سگهي. توهان جي ٽڪيٽ جا پئسا مفاصلي مطابق، سالَ جي آخر ۾ ٽئي ملڪ حصا پتيون ڪري کڻن. اهو ليکو چوکو پڻ ڪمپيوٽر ذريعي ٿئي ٿو.


    هتي جو ريلوي نـظام

    ٿائلنڊ ڪڏهن به برطانيا يا ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ جي ڪالوني ٿي نه رهيو. هنن ڪنهن به ڌارئين کي لفٽ ڪرائي پنهنجو پاڻ کي انهن جو غلام نه بڻايو. پر جپانين وانگر ٿائي ماڻهن به ڌارين جي سٺن ڪمن ۽ ڳالهين جو ضرور آڌر ڀاءُ ڪيو. ريلَ جو نظام پڻ انهن مان هڪ آهي. اڄ جي بادشاهه جي ڏاڏي چولا لانگڪارن راما پنجين کي انگريزن جو تعليمي نظام، تار ۽ ٽپال کاتو، روينيو ۽ ريلَ جو نظام پسند آيو ۽ يڪدم ٿائلنڊ ۾ اهي سڀ ڪم جاري ڪرايائين. اڄ سڄو ٿائلنڊ ريل رستي مليل آهي. بئنڪاڪ کان ڏکڻ ڏي ويندڙ ريل گاڏي ملائيشيا تائين هليو وڃي ٿي. ۽ سندس ساکَ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريلَ کان به بهتر آهي.
    ٿائلنڊ جي ريل گاڏي روزانو هڪ بجي منجھند جو ملائيشيا جي ريلوي اسٽيشن بٽرورٿ (پينانگ) کان هلي ٿي. ملائيشيا ٿائلنڊ جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن (پڊانگ بسار) تي پاسپورٽ ۽ ويزا جي چيڪنگ ٿئي ٿي. ان بعد ٿائلنڊ ملڪ شروع ٿئي ٿو ۽ ٿائلنڊ جي پهرين ريلوي اسٽيشن هاتيائي (Hatyai) اچي ٿي. هاتيائي ڪوٽڙي وانگر جنڪشن آهي ان بعد اها ٽرين بئنڪاڪ تائين وڃي ٿي. جتان ساڳي يا ٻي ٽرين ۾ اڃان به مٿي چئانگ مائي ۽ چئانگ رائي شهرن تائين وڃي سگهجي ٿو.
    چئانگ مائي ۽ چئانگ رائي شهر بلڪل اتر ٿائلنڊ ۾ لائوس ۽ ويٽنام جي ويجھو آهن. اهي شهر بئنڪاڪ کان اٺ سؤ کن ڪلوميٽر پري آهن ۽ هاتيائيءَ کان پوڻا ٻه هزار ڪلوميٽر اهڙي طرح سنگاپور کان چئانگ رائي تائين پورا ٽي هزار ڪلوميٽر فاصلو آهي.
    ملائيشيا توڙي ٿائلنڊ جي ريل، رستي تي ڪيترين ئي تواريخي شهرن، ڪاٺاڻن گهرن وارن ڳوٺن، بندرگاهن، درياهن، جبلن، جھنگلن ۽ ور وڪڙن مان لنگهي ٿي. مختلف هنڌن جا نظارا خاص ڪري هتي جي جھڙالو موسم ۾، ڏسڻ وٽان ٿين ٿا. تازو هينئر جڏهن ٿائلنڊ جو پرائيم منسٽر بئنڪاڪ کان چئانگ مائي وڃي رهيو هو ته هن هوائي جهاز ذريعي سفر ڪرڻ کان انڪار ڪندي اهو ئي سبب ڏنو، “ڀلي ٿورو دير سان پهچان پر قدرتي نظارا ڏسڻ خاطر آئون ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندس.”
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريل جي سفر جي ڳالهه ئي ٻي آهي جنهن سان ٻي ڪا سواري مقابلو نٿي ڪري سگهي. ريل جي سفر ۾ هوائي جهاز يا موٽر لاري وانگر ماڻهو قيد ٿي هڪ هنڌ ويهي ويهي سڪي نٿو. نه حادثي جو گهڻو الڪو رهي ٿو. ساڳي وقت موسم جي ڦير ڦار ڪري انهن لوڏن جو عذاب پڻ نٿو رهي جيڪو پاڻي واري جهاز ۾ عام آهي. ويتر جي ريلَ جو نظام سٺو آهي، يعني وقت جي پابندي، امن امان، آرام ده سيٽون، صفائي سٺائي ۽ گهٽ ڀاڙو ته پوءِ ٻيو ڇا کپي. پنهنجو يا پرايو ملڪ پسڻ لاءِ دري واري سيٽَ تي ويهي سفر ڪرڻ هڪ سڦل ڳالهه آهي. بس رڳو واندڪائي هُجي ـــ سا اسان ايشيا جي ماڻهن وٽ آهي ئي آهي.


    ريلَ جو سفر سڀ کان بهتر

    ريل جي سيٽي، سندس ڇڪ ڇڪ ڪري اسٽيشن ڇڏڻ يا بريڪ جو چيچاٽ ڪري هر ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي مقرر هنڌ تي بيهڻ ۽ هلڻ وقت ٿڌي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪرڻ يا اڻ ـــ ٿڌي گاڏي جي کليل دري مان ايندڙ هير جي ڇهاءُ کي پسڻ کان علاوه موٽ وٽ گاڏن جا چيڪڙاٽ ۽ پري پري جي وڻن کي تکو تکو ڊوڙندو ڏسي گاڏي ۾ سفر ڪندڙ مسافر جي دل ان کان به وڌيڪ تکو ڌڙڪي ٿي. ساڳيو حال سندس سوچ ۽ خيالن جي رفتار جو رهي ٿو. بئنڪاڪ، بمبئي، بريمن جي ريلوي اسٽيشن هجي يا لورپول، لاهور، لنڊن جي ريلوي اسٽيشن جي عمارت سڄو ڏينهن ملڻ وڇڙڻ جو سمو پيش ڪري ٿي سچ ته ريل گاڏي جي لوڏ اڃان تائين دنيا جي لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.
    ڪو زمانو هو جنهن ۾ ڪار جو سفر آرام وارو سمجھيو ويندو هو. پر هاڻ هڪ ته ڪارن جو تعداد وڌڻ ڪري هميشه ٽرئفڪ جئم جو آزار رهي ٿو ۽ ٻيو پئٽرول جي مهانگائي ڪري ڪار جي سائيز ننڍي ٿي ويئي آهي. ڪار ۾ سفر ڪندڙ مسافر لوهه جي دٻي ۾ پاڻ کي قيدي محسوس ڪري ٿو. ٽرئفڪ جئم ڪري گاڏين جي دونهين ۽ گرمي ۾ هو گهٽبو ۽ پگهربو رهي ٿو. ساڳي ٽرئفڪ جئم جو مسئلو آسمان تي آهي. هاءِ جئڪنگ جو خوف ان کان علاوه. ان ڪري ڪييترا دفعا هوائي سفر جي وقت کان وڌيڪ وقت هوائي اڏي تي پهچڻ، پهچي سامان چيڪ ڪرائڻ ۽ ٻين ضروري ڪارواين تي برباد ٿيو وڃي. هوائي جهاز ۾ به ائين هڪ هنڌ وهڻو پوي ٿو ڄڻ ماڻهو ڪرسي تي نه پر سانچي ۾ پيو آهي. هڪ ٻن دفعن کان وڌيڪ اٿ ويهه ڪر ته ڀر وارو مسافر ناراض. ڇو جو هن جي ننڊ ٿي ڦٽي ۽ ٻئي جي لنگهه لاءِ رستو ڏيڻ لاءِ کيس ٽنگون، سوڙهيون ڪرڻيون پون ٿيون.
    پر سائين ريل جي ڳالهه ئي ٻي آهي. پنهنجي دٻي ۾ ته پيو هل چل پر موڊ ٿئي ته هڪ دٻي کان ٻئي ۾ به هليو وڃ. ڪٿي مٿي تي ويڙهيل تودونگ (پوتي ـــ رومال) ۾ ملئي عورتون “ناسي ـــ ليماڪ” (ناريل جي کير َ ۾ رڌل ڀت) ويٺيون کائين ته ڪٿي چيني ڇوڪرو ڇوڪري منهن منهن سان ملائي هوريان هوريان پيارَ جون ڳالهيون پيا ونڊين. ڪنهن سيٽ تي وڏي ڏاڙهي سان پوڙهو سک گرمکي ۾ ڇپيل اخبار پنهنجي زالَ کي پڙهيو پيو ٻڌائي ته ڪٿي نئون شادي شده تامل جوڙو دنيا کان ڄڻ واسطو ڇني پنهنجي منهن ويٺو آهي. هو دنيا جي خبر فقط تڏهن لهن ٿا جڏهن ڪنهن اسٽيشن تي گاڏي بيهي ٿي. ان وقت مڙسالو پليٽ فارم تي لهي پنهنجي نئين ڪنوار لاءِ چونئرن جي ٿيلهي ۽ پيپسي ڪولا وٺي ٿو يا ڪئميرا ڪڍي فوٽو ڪڍي ٿو. ٽرين جي هڪ هڪ دٻي جي هڪ هڪ سيٽَ تي نرالي دنيا آهي ۽ جي ڪو ان دنيا کي ڏسڻ نٿو چاهي ته سامهون هلندڙ VCR تي فلم ڏسي سگهي ٿو. يا هوٽل واري بوگي ۾ ويهي ڪجهه کائي پي سگهي ٿو. اڃان به جي کيس بوريت محسوس ٿئي ته اسٽيشن اچڻ تي لهي واڪ ڪري سگهي ٿو. تامل انڊين يا سک گارڊ کي رعب سان ڳاڙهو سائو جهنڊو لوڏي سيٽي وڄائيندو ڏسي سگهي ٿو. اڳتي جي سفر ۾ پڙهڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن جي اسٽال تان ڪا اخبارَ يا فلمي رسالو وٺي سگهي ٿو. يا وري چاليهه سينٽن جو ڇانهين جو ٻج وٺي ٻي اسٽيشن تائين اهي ککيون کولڻ ۽ کائڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکي سگهي ٿو.
    ننڍپڻ کان هر لنگهندڙ ٽرين کي ڏسي منهنجي دماغَ ۾ اها خواهش ايندي آهي ته جيڪر آئون به ان ۾ ويٺل هجان ۽ جڏهن به موقعو مليو آهي ته ڪار يا هوائي جهاز ۾ وڇڻ بدران دنيا جي مختلف ملڪن ۾، ريلَ گاڏي ۾ سفر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيو اٿم. اڄ به جپان ۾ اوساڪا کان ٽوڪيو تائين بليٽ ٽرين جو سفر، چين ۾ بيجنگ شهر کان “ٽرانس منگولين ايڪسپريس” جو سفر، لنڊن کان ڊنڊي اسڪاٽلنڊ تائين يا آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ ۾ ريلَ ذريعي ڪيل ڊگها سفرَ منهنجي دماغَ ۾ هر وقت تازگي پئدا ڪن ٿا. منهنجي خيالَ ۾ ملڪ ۽ ان جي ماڻهن کي ڏسڻ لاءِ ريلَ جو سفر سڀ ۾ بهتر آهي.


    ريلَ جو هڪ ڊگھو سفر

    ريلَ جي سڀ کان پهرين ۽ ڊگهي سفرَ جو موقعو اسڪول جي ڏينهن ۾ مليوڳ جڏهن سي ـــ اسڪائوٽنگ جي هڪ جمبوري ۾ حصو وٺڻ لاءِ چٽاگانگ ــــ بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ اوڀر پاڪستان) پهچڻو هو. اسين پيٽاڙو اسٽيشن کان گاڏي ۾ ڪراچي آياسين. ڪراچي اسٽيشن تي اسان کي ويزا ۽ پاسپورٽ مليا جتان ٻي ٽرين ۾، ڪراچي جي ڪجهه اسڪائوٽن سان گڏ، لاهور روانا ٿياسين. لاهور ٻئي ڏينهن پهتاسين جتي پاڪستان جي N.W.R ريلوي بدلائي انڊيا جي گاڏي ۾ چڙهياسين. جنهن ٽيهه پنجٽيهه ميل هلڻ بعد سکن جي مشهور شهر امرتسر ۾ اچي ڇڏيو. امرتسر اسٽيشن تي ٻي گاڏي جي اچڻ لاءِ ٽي چار ڪلاڪ انتظار ڪيو هئوسين. مسافرن جي وهڻ لاءِ، اسٽيشن تي رکيل هڪ ٻه بينچون اڳهين ڀريل هيون سو اسان پٽ تي پٿل ماري ويهي رهياسين، هن وقت به اها اسٽيشن ۽ ان جو ماحول چٽو پٽو ياد آهي. ڪراچي جي هڪ اسڪائوٽ ماستر سڀني ڇوڪرن کي ٻه ڊڳڙين جهڙيون مانيون ۽ هڪ هڪ انب وٺي ڏنو. اسان کي ڏاڍي بک هئي. امرتسر ريلوي اسٽيسن جي ان ماني جو سواد اڄ به نٿو وسري. شامَ ڌاري امرتسر کان مسافر کڻي گاڏي اوڀر طرف هلڻ لڳي ۽ ڪلڪتي پهچڻ لاـءِ اها گاڏي ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون سڄي هندستان جي ويڪر لتاڙيندي رهي. امرتسر کان ڪلڪتي تائين جي ڏيڍ هزار ڪلوميٽر سفر ۾ ڪيتريون ئي مشهور ريلوي اسٽيشنون آيون جن جا نالا ان کان اڳ آڪاش واڻي ريڊيو اسٽيشن جي فرمائشي گانن جي پروگرام ۾ ٻڌا هئاسين يا اردو جي شاعرن جي نالن سان گڏ هوندا آهن. امبالا، لکنو، مراد آباد، پٽنا، گيا، راءِ بريلي وغيره.
    ڪلڪتي ۾ ٽرين بدلائڻي پيئي، جنهن کي بارڊر ٽپي اوڀر پاڪستان وڃڻو هو. بارڊر واري شهر ـــ شايد جيسور ۾ ـــ پاسپورٽن جي چڪاس ٿي. ان بعد پاڪستاني ريل ۾ چڙهي ڍاڪا جي ڀر واري شهر نارائن گنج ۾ آياسين. جتان آخري ٽرين ۾ چڙهي چٽگانگ پهتاسين ــ ان کان اڳيان سمنڊ هو....... خليج بنگال. پيٽاڙو ريلوي اسٽيشن کان چٽگانگ تائين ٽي راتيون ۽ چار ڏينهن لڳي ويا ۽ مختلف گاڏين ۾ اٽڪل ٻه هزار ميل ــ يعني ساڍا ٽي هزار ڪلوميٽر سفر ڪيوسين. شاگرد هئاسين. سڄو سفر ٿرڊ ڪلاس ۾ ڪاٺ جي بينچن تي ويهي گذاريوسين يا پٽ تي چادر وڇائي سمهي ٿي رهياسين. پر تڏهن به ٽرين جي سفر بيحد مزو ڏنو ۽ اڄ به ان سفر جون ياديون دماغَ ۾ تازيون آهن ۽ مونسان گڏ ان سفر ۾ ڪيترن جا چهرا هن وقت به نه وسريا آهن....... نصير قاضي، خالد لطيف، علي رضا ميمڻ، نجم انصاري، شوڪت اقبال چوهاڻ، فرقان، سلمان هاشمي وغيره وغيره. سفر دوران پيش آيل ننڍيون ننڍيون ڳالهيون هن وقت به ساري کِلَ ٿي اچي.


    منهنجو هي ريل رستي ٿائلنڊ ڏي سفر

    گذريل ڇهن سالن کان ملائيشيا جي جنهن شهر ۾ رهان ٿو ان جو نالو ملاڪا آهي. هي شهر ملائيشيا جي اولهه پاسي واري سامونڊي ڪناري West Coast تي آهي. ملائيشيا جا سڀ مشهور شهر هن ڪناري ويسٽ ڪوسٽ تي آهن: جوهوربارو، موئر (Muar)، ڪوالالمپور، اپوح، پينانگ، الور اسٽار، سنگائي پتاني، ڪئالا ڪنگسار وغيره وغيره. پورچوگيز، ڊچ، انگريز ـــ سڀني جي هن ڪناري تي مار مارا هئي. باقي اوڀر پاسي (East Coast) تي عوام به گهٽ آهي ته شهر به گهٽ آهن. اتي خاموش، سامونڊي ڪنارو (Beaches)، ڪُميون، انهن جا بيضا ۽ وائڙا آمريڪن ۽ منجھيل جپاني ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا.
    سو ملائيشيا جي اولهه ۽ اوڀر ۾ سمنڊ ئي سمنڊ آهي باقي اتر ۽ ڏکڻ ۾ پاڙيسري ملڪ: ٿائلنڊ ۽ سنگاپور آهي. ملاڪا کان سنگاپور اڍائي سؤ ڪلوميٽر آهي.
    گذريل مهيني سنگاپور ۾ هفتي کن لاءِ هڪ تعليمي سيمينار هو جنهن ۾ جهاز هلائيندڙ انجنيئرن کي وقت بوقت نئين ٿيندڙ ايجادن بابت معلومات مهيا ڪرڻ جا اُپاءَ وٺڻ بابت سوچڻو هو. سنگاپور، اڄ ڪلهه هر ڳالهه ۽ ڪم جي ڪارڪردگي ۾ ايترو ته بهتر ۽ اڇت (Efficient) ٿي پيو آهي جو ڪنهن به ڪم ۾ دير ڪرڻ بدران اڳواٽ اُڪلايو وٺي. اهو ئي حال اسان جي سيمينار جو ٿيو. ان بعد بئنڪاڪ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس لاءِ وڃڻو هو جنهن ۾ اڃا اٺ ڏهه ڏينهن هُئا. اهي ڏينهن سنگاپور ۾ گذاري پوءِ آخري ڏينهن تي هوائي جهاز رستي بئنڪاڪ وڃڻ بدران آئون ان ئي وقت ريلَ گاڏيءَ جي سفر لاءِ نڪري پيس. مونکي خبر هئي ته سنگاپور کان بئنڪاڪ ريلَ گاڏي رستي پهچي سگهجي ٿو ۽ روزانو هن پاسي جي ٽرين سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جا ملڪ ائين لتاڙيندي رهي ٿي جيئن پاڻ وٽ مهراڻ ايڪسپريس ميرپور خاص، حيدرآباد، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ ايندي ويندي رهي ٿي. سنگاپور جي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس، ان مان سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن تي فون ڪيم.
    “ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ڏي ويندڙ ريلَ گاڏيءَ جي ٽڪيٽ ملي سگهندي؟” مون اسٽيسن ماستر کان پڇيو.
    “اڄ ڪلهه ملائيشيا ۽ سنگاپور جي اسڪولن کي موڪلون هجڻ ڪري ريل گاڏيون ڀريل رهن ٿيون. پرينءَ جي گاڏيءَ م بئنڪاڪ تائين جون ڪجهه خالي سيٽون آهن باقي اڄ جي گاڏي ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوالالمپور تائين خالي سيٽ ملي سگهي ٿي.” سنگاپور جي ريلوي اسٽيسن ماستر ٻُڌايو.
    مون ڪوالالمپور تائين جي ٽڪيٽ وٺڻ قبول ڪئي ۽ ارادو ڪيو ته ڪوالالمپور پهچي، اتان ويندڙ ڪنهن ٻي ٽرين ۾ اڳتي ٿائلنڊ تائين هليو ويندس. جتان پوءِ ٿائلنڊ نه ته به ملائيشيا جي ڇيڙي واري ڪنهن شهر: پينانگ، الور اسٽار، ارائو تائين هليو ويندس. پر جي ريل گاڏيءَ ۾ جاءِ نه ملي ته بس ۾ يا حصن پتين واري ٽئڪسي ۾، جيڪا چار چار ماڻهو کڻي ٿي ۽ منزل مطابق ڀاڙو وٺي ٿي، اڳتي جو سفر جاري رکندس. ڇو جو ملائيشيا جون بسون ۽ ٽئڪسيون پڻ بارڊر ٽپي ٿائلنڊ ۾ ائين پيون اينديون وينديون آهن جيئن دادو جو ٽئڪسيون موري واري پل ٽپي نواب شاهه ۽ حيدرآباد تائين هليون وڃن ٿيون.
    سنگاپور کان ٽرين صبح جو راوني ٿي. سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سمنڊ وارو ٽڪرو ڪازوي ذريعي ٽپي جوهور بارو آئي. جنهن کانپوءِ ڪلائي، ڪلوئانگ، سيگامت، تمپين، سريمبان جهڙيون اسٽيشنون لتاڙي ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي پهتي جِتي مونکي لهڻو پيو جو مون واري اها سيٽ ڪوالالمپور کانپوءِ ڪنهن ٻئي پئسينجر لاءِ اڳواٽ مقرر (Reserve) ٿيل هئي. لهڻ شرط ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ گهر اڳيان قطار ۾ اچي بيٺس. منهنجي اڳيان ٻه ماڻهو مس هُئا. سگهوئي منهنجو وارو آيو ۽ ڪرشن نالي جي ٽئگ واري ٽڪيٽ ڪارڪ کان ڪوالالمپور کان بئنڪاڪ تائين جي ٽڪيٽ جي گُهرَ ڪيم. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ هر ماڻهوءَ جي قميص تي سندس سڏ جي مختصر نالي جو ٽئگ لڳل رهي ٿو. چاهي هو وڏو آفيسر هجي يا ڀنگي باغائي. هتي جو پرائيم منسٽر به پلاسٽڪ تي لکيل سندس مختصر نالو Mahathir (محاطر) قميص تي هڻي آفيس ۾ ايندو آهي.
    ٽڪيٽ ڪلارڪ ڪرشن ڪا دير ڪمپيوٽر جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪري مٿو کنهندو رهيو. آخر پڇيائين ته ڪڏهن کپيم.
    “اڄ، هينئر” وراڻيو مانس
    “ويري ساري! پينانگ (بٽروٿ) تائين ته ڏئي سگهان ٿو. باقي اڳتي تائين اڄ جي ڪنهن به ٽرين ۾ خالي جاءِ ناهي.”
    هن هڪ دفعو وري ڪمپيوٽر جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪيو. “ڪوالالمپور کان پينانگ ٻيٽ چار سؤ ڪلوميٽر اتر ڏي يعني ٿائلنڊ ڏي آهي. اوستائين پهچڻ سان به منهنجو ڪافي سفر هلڪو ٿي پوندو” مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    “ڪرشن” نالي وارو هي انڊين ڪلارڪ اڃان ڪمپيوٽر تي لڳو پيو هو.
    “پوءِ ڀلاـــ؟” مون کڙين تي بيهي دري ۾ اندر جھاتي پائي کانئس پڇيو. ساڳي وقت سندس ڪمپيوٽر جي پڙدي تي پڻ نظر وڌي ته آيا هو منهنجي ڪم ۾ رڌل آهي يا هڪ منو ٿيو ڪا وڊيو گيم ويٺو کيڏي. پر نه هو واقعي منهنجي لاءِ مختلف وقتن تي ويندڙ ريل گاڏين جو سٽاءُ ڏسي رهيو هو. جيئن ڪنهن ريت، ڪهڙي به ڪلاس ۾ مونکي ٿائلنڊ تائين سيٽ ڏياري سگهي.


    باوا آتائو آتاس ـــ هيٺ يا مٿي؟

    ڌارين کي ڌڳ لائڻ جي معاملي ۾ ملائيشا جا ماڻهو چڱو پاڻ پتوڙين ٿا. اهو ڌارين جيڪڏهن اسان جهڙو ڪارو ـــ ڪراچي، ڪولمبو يا ڪلڪتي جهڙن غريب هنڌن کان آيل بدران ڪو چٽو گورو انگلنڊ آمريڪا يا اسپين آسٽريليا جهڙي سکئي ستابي ملڪ جو آهي ته پوءِ ته هي ملائيشين هن تي هيڪاندو گهڻو مهربان ٿيو پون. پر اهو به جس هجين جو اسان جو ايترو به خيال رکن ٿا. اهائي ڳالهه من ۾ رکي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ گهٽ پگهار تي ماستري جهڙي ڊمانڊنگ ۽ مٿي جو سور نوڪري ويٺو ڪريان. مون پنهنجو پاڻ کي ان وقت بور ۽ دلشڪستو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ان قسمَ جو روشن پهلو ڌيان ۾ آندو جنهن سان وقتي طور ٿوري تسڪين ۽ سڪون ضرور محسوس ڪيو.
    “پوءِ ڀلا بٽرورٿ اسٽيشن تائين جي ٽڪيٽ ڏيان؟”
    ڪلارڪ اڳتي تائين جي ڪاميابي نه ڏسي پينانگ تائين جي هام ڀري. پينانگ دراصل هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ ان ٻيٽ تي ته ڪا به ريلوي اسٽيشن ناهي، پينانگ ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ مين لئنڊ تي جنهن ريلوي اسٽيشن ۽ شهر ۾ لهڻو پوي ٿو ان جو نالو بٽرورٿ آهي. نالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو به انگريز ٺهرايو پر اهو ايترو مشهور ناهي. نوانوي سيڪڙو ڌاريان ٽوئرسٽ جيڪي هن اسٽيشن تي لهن ٿا اهي ان ئي وقت اتان فيري ۾ چڙهي، سمنڊ ٽپي پينانگ هليا وڃن ٿا. ان ڪري بٽرورٿ ريلوي اسٽيشن کي اسان جهڙا پينانگ اسٽيشن ئي سڏين ٿا.
    ڪوالالمپور کان اٺين بجي شامَ جو هڪ ٽرين بٽروٿ وڃڻي هئي جنهن لاءِ ڪلارڪ ٽڪيٽ ڪٽڻ وارو هو ته مون ان جي پهچ جو وقت پڇيو.
    “بٽرورٿ ـــ پينانگ ۾ رات جي ٻي اڍائي بجي ڌاري پهچندي.” هن ٻڌايو.
    “بٽروٿ اسٽيشن تي ٽئڪسي يا بس هٿ ڪرڻ جو وڏو آزار آهي،” مون دل ۾ سوچيو ملائيشيا ڌارين کي پنهنجي ملڪ گهمڻ لاءِ دعوتون ته ڏئي ٿو پر ان ۾ سنگاپور يا ٿائلنڊ واريون ڪيتريون ئي سهوليتون غير موجود آهن. مونکي پينانگ مان اڳتي (ٿائلنڊ) جي ٽڪيٽ ملي به وڇي ته به اها ٽرين ڪلاڪ ٻن جي مختصر بعد نه ويندي جو آئون ريلوي اسـٽيسن تي ئي اهو وقت گذّاري ڇڏيان. ٿائلنڊ ڏي ويندڙ گاڏي بٽرورٿ (پينانگ) جي ريلوي اسٽيسن کان روزانو منجهند مهل وڃي ٿي.”
    “ته پوءِ صبح واري ٽرين ۾ وڃ جيڪا هتان ڪوالالمپور کان ستين بجي ڇٽي ٿي ۽ ٿائلنڊ ويندڙ گاڏين سان ڳنڍجي ٿي.” ڪلارڪ صلاح ڏني.
    “يعني اڄ رات هتي ڪوالالمپور ۾ ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهان. ۽ پوءِ صبح ساڻ ويندڙ گاڏي لاءِ پويون پهر ڏيئي اٿان! يار، هتي ٽئڪسي ڏينهن جوئي ڏکي ملي ٿي، صبح ساجھر هوٽل کان ٽئڪسي نه ملي ته معنا ريل به وئي ته ننڊ به وئي.” مون کلندي ڪلارڪ کي چيو. منهنجي پويان قطار ۾ ڪير به نه هو، سو ڪارڪ به واندو هو. آئون ته واندو ئي واندو هوس. بلڪه وقت گذارڻ جي چڪر ۾ هوس.
    انڊين تامل ڪارڪ منهنجي سچي دل سان مدد ڪرڻ جي موڊ ۾ هو.
    “هيئن ڪريو،” هن کي ڪا ٻي آئيڊيا ڌيان ۾ آئي، “هن ريلوي اسٽيشن واري هوٽل ۾ رهي پئو،” هن سامهون لڳل “Kaula Lumpur Railway Station Hotel” جي بورڊ ڏي اشارو ڪندي چيو، “صبح جو بئرو جيئن اٿاريانو، لفٽ ۾ لهي سڌو هيٺ گاڏي م اچي وهجو.”
    صلاح سٺي هئي، ساڳي وقت کيس اڃان بيزار نه ٿيندو ڏسي هڪ ٻيو سوال ڪيومانس:
    “ڀلا ڪرشنن اهڙي ڪا گاڏي ناهي جيڪا اڄ رات ٿورو دير سان ڇٽندي هجي. جيئن رات ان ۾ گذري وڃي ۽ ڏينهن جو بٽرورٿ (پينانگ) پهچان.”
    “آهي،” هن وراڻيو. “اها هتان ڪوالامپور کان رات جو ساڍي ڏهين ڇٽندي ۽ بٽر ورٿ صبح جو اٺين بجي پڄائيندي.”
    “اها ته پوءِ واهه جي ٿيندي.” مون خوشِءَ ۾ ٻهڪندي ٻٽونءَ مان پئسا ڪڍيا.
    “پر ان ۾ توهانکي شايد وهڻو پوي. سمهڻ لاءِ سليپر (Sleeper) جي پڪ نه اٿم”
    “ڏس يار! هاڻ ائين ته نه ڪر.” مون چيومانس. گذريل رات، سنگاپور ۾، اڳ ئي ننڊ پوري نه ٿي هئي ۽ هاڻ هڪ وڌيڪ رات ويهي گذارڻ مون نٿي چاهيو.
    ڪرشنن هڪ دفعو وري ڪمپيوٽر جي اسڪرين ڏي گهورڻ لڳو. سندس هٿ چاٻيون دٻائڻ ۾ مشغول هئا. آئون سندس ڪومايل چهري کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳس، جيڪو گهڙيال جي لڏڪڻي وانگر، لڏي لڏي آشا ۽ ناراشا جي وچ ۾ بيهي رهيو. اسڪرين تي ڊوڙندڙ انگ اکر ـــ پئسنجرن جا نالا ۽ سندن سيٽن جا نمبر ڪنهن وقت به سندس چهري جي پينڊيولم کي هڪ طرف ڌڪو ڏيئي سگهيا ٿي.
    اوچتو سندس منهن تي سرهاڻ نمودار ٿي. يعني سندس ڪومايل چهرو هاڻ گهٽ ڪومايل لڳو. سندس ڪاري منهنَ تي ڏندن جي اڇي قطار ظاهر ٿي. ڄڻ اونداهي گهر جي ڪنهن ڪمري جي بتي ٻري ويئي.
    “يو لڪي لا” (You Lucky –Lah) ــ هن ملئي اسٽائيل انگريزي ۾ مونکي خوشخبري ٻُڌائي ۽ پوءِ ملئي زبانَ ۾ پڇيو:
    “Bawa Atau Atas” هيٺ (واري سيٽ کپي) يا مٿي؟
    هن مون کان سليپر جي پوزيشن معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته آيا هيٺين بستري تي سمهڻ چاهيندس يا مٿئين تي.
    هاڻ ڪا چونڊ جي گنجائش هجي ته نخرو به ڪجي.
    “هونءَ ته هيٺ واري بستر کي پسند ڪندس پر هينئر جيڪو هجي صحيح آهي،.” مون ٻڌايومانس.
    “Nasib – Baik” ــ ڀاڳ موچارو اٿئي. 4-B هيٺيون بيڊ ئي خالي آهي.” هن فور ــ بي واري خالي ڪالم ڏي اشارو ڪندي ڏيکاريو.
    اهو ڪالم ڏسڻ بدران مون اوسي پاسي جي خانن ۾ ٻين پئسينجرن جا نالا پڙهيا. فلاڻو بن فلاڻو، فلاڻو بن فلاڻو، فلاڻي بنت فلاڻو....... انهن نالن مان اندازو لڳايم ته جنهن دٻي ۾ مونکي جاءِ ملي آهي ان ۾ ملئي گهڻا آهن. اها مون لاءِ سٺي ڳالهه هئي. جو مون سگريٽ جي دونهين ۽ گوڙ گهمسان کان ڀڄڻ چاهيو ٿي. ملئي گهٽ سگريٽ پيئن ٿا ۽ عورتون ته بنهه نه. ان کان علاوه ملئي آهستي ڳالهائين ۽ سوير سمهڻ جا عادي آهن. ان ڪري ريل گاڏيءَ ۾ مونکي ننڊ ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويندو. ملئين بعد، ملائيشيا ۾ رهندڙ ٻي وڏي قوم ـــ چيني، ٽرين ۾ اڪثر زور زور سان ڳالهائين ۽ رات وارو سفر ڳائڻ ۽ کل مسخري ۾ گذارين. ننڍي ٽهيءَ جا ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون، گاڏي ۾ هڪ ٻئي کي وهاڻا اڇلي هڻن، رڙيون ڪن ــ يعني جاڳڻ واري لاءِ ته تماشو ٿيو پر لڪل مسافر ننڊ جو سوچي به نٿو سگهي.


    ڪوالالمپور کان بٽروٿ (پينانگ)

    ڪرشن جا ٿورا مڃي کانئس رات واري گاڏي جي 4-B نمبر واري سيٽ جي ٽڪيٽ ورتم ۽ پٽ تي رکيل بئگ ۽ ٿيلهو کڻي ٽڪيٽ واري هال کان ٻاهر نڪتس. گاڏي اچڻ ۽ ڇٽڻ ۾ اڃان پنجَ ڇهه ڪلاڪَ هُئا. ٽڪيٽ جو مسئلو ته حل ٿي ويو، هاڻ باقي سامان جو هو. سامان سان گڏ جهڙو ماڻهو ٻڌل ٻڌل. نه پاڻي پيشاب لاءِ وڃي سگهي ۽ نه بينچ تي ٽيڪ ڏيئي ننڊ ڪري سگهي ۽ نه وري ٻاهر نڪري واڪ ڪري سگهي.
    “ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن انگريزن ٺاهي آهي ۽ اهو ٿي نٿو سگهي ته لاهور، ڪراچي، دهلي، ڪولمبو، چٽگانگ ريلوي اسٽيشن تي ته سامان رکڻ لاءِ لگيج روم ٺاهين پر هتي ڪوالالمپور ۾ نه،” مون سوچيو.
    “Adakah setor simpan barang, disini” ٽڪيٽ گهر جي در وٽ بيٺل هڪ پوليس واري کان گودام (اسٽور) جو پڇيم. اسٽور کي ملئي زبان ۾ “سيٽور” چون.
    پوليس واري هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڪنڊ واري ڪمري ڏي اشارو ڪيو.
    ڪنڊ واري ڪمري وٽ پهچي پڪ ٿي ته جنهن جو پڇيم ٿي اهو ئي آهي. “واهه ڙي واهه انگريز!” مون دل ئي دل ۾ مرڪيو.
    دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ مونکي ڇڏيو. ان جي ريلوي اسٽيشن ڏسي ٻڌائي سگهندس ته آيا ان ملڪ تي انگريزن جو راڄ هو يا نه. اسٽور (لگيج روم) جو ساڳيو نمونو جيڪو اسان جي ريلوي اسٽيشن تي هوندو آهي اهوئي نظر آيو. اتاهين ڇت، سامان تورڻ لاءِ ڪٽ لڳل پراڻي زماني جي ساهمي، روشني پوري پني ــ بلب فيوز ٿيل يا انهن مٿان مَرُ چڙهيل. ڪُنڊن پاسن ۾ اهي ئي ڄارا ۽ ڇتين جي ڪامُن تي پاريهر ۽ سندن ٽيڪنيڪلر وِٺيون. لگيج روم ۾ گهڙڻ بعد اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪراچي ۾ آهيو يا ڪلڪتي ۾، نئروبي ۾ آهيو يا نارائڻ گنج ۾.
    پنجاهه سينٽ وٺي ڪلارڪ رسيد ڏني ۽ ڀر ۾ بيٺل مزدور سامان وٺي مونکي آجو ڪيو. ان بعد هٿ ڇنڊي ٻاهر نڪتس. هاڻ نه دماغ تي بار هو ۽ نه هٿن ۾ هڙون. انهن ڳالهين کان پوءِ ريل جو مسافر جهڙو طوطو ٿيو پوي. بنهه هلڪو ڦلڪو باقي بچيل وقت گذارڻ لاءِ هاڻ آزاد پکي هوس.
    ڪوالالمپور جي ان قبن ۽ منارن واري ريلوي اسٽيشن جي عمارت مان نڪري پنڌ ئي پنڌ هلندو رهيس. مسجد نگارا، دايا بومي بلڊنگ، جنرل پوسٽ آفيس، بئنڪ رعيت ۽ هاءِ ڪورٽ جي عمارت وٽان ٿيندو جالان راجا لائوت تي آيس. (جالان معنا شاهراهه، روڊ، رستو. ڪوالالمپور جا ڪيترا رستا راجائن ۽ سلطانن نالي آهن.) هاڻ هن روڊ تي آهستي آهستي هلڻ لڳس. اُهي دڪان جيڪي ڪار ۾ هتان لنگهڻ وقت چڱي طرح نه ڏسي سگهندو هوس، اهي هڪ هڪ ڪري ڏسڻ لڳس. ڪو ڪار جي اسپيئر پارٽس جو دڪان هو ته ڪو ريديو ڪئسٽن جو، ڪو چاٻي ٺهرائڻ ۽ پين، واچ جو ته ڪو چين تي نالو لکرائڻ ۽ عينڪ گهڙيالن جو. ڪو پڙدن ۽ ڪار جي سيٽ ڪورن جو هو ته ڪو فوٽن تي فريم ٺاهڻ واري جو. ٿورن ٿورن دڪانن بعد ڪنهن چيني، ملئي يا تامل انڊين (ماماڪ) جي هوٽل نظر آئي ٿي. هتي جي ماڻهن جي چوڻ مطابق هن روڊ تي اڪثر هر شيءِ ملي سگهي ٿي ۽ اگهه پڻ پوري پني تي. هي موقعو انهن دڪانن جاچڻ لاءِ سٺو هو.
    راجا لائوت روڊ تي سائيم ڊربي بلڊنگ، گرانڊ ڪانٽينيٽل، پلازا ۽ سٽي هوٽل بعد ساڄي پاسي ڪئپيٽل ۽ فيڊرل سئنيمائون اچن ٿيون. انهن جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾)، ايشيا جو وڏو دپارٽمينٽل اسٽور يوهان، The Mall ۽ پئن پئسفڪ نالي هوٽل آهي ـــ جنهن جي ٽي روم ۾ باقي وقت اچي گذاريم. ان ئي هوٽل جي پبلڪ فون تان پينانگ ۾ رهندڙ هاشم نالي هڪ ملئي دوست سان هن سفر جو ذڪر ڪيم.
    “هاشم! ٿائلنڊ شاپنگ لاءِ ڪڏهن وڃڻ جو ارادو اٿئي؟” مون پڇيومانس. پينانگ، پيرلس، ڪيداح جهڙن ملائيشيا جي اتراهين رياستن جا ماڻهو ذري پرزي خريداري لاءِ ٿائلنڊ ڀڄن. ڪنهن کي ٻي يا ٽين زال آڻڻي هوندي آهي ته ان لاءِ به هو ٿائلنڊ جو رخ رکندو آهي.
    “Kenapa? Bila encik hendag pergai”
    “ڇو ــــ ؟ توهان ڪڏهن ٿا وڃو؟” هاشم جواب بدران سوال پڇيو.
    “ڳالهه ٻڌ. آءٌ هينئر تو وٽ پينانگ اچان پيو. هن وقت ڪوالمپور مان ڳالهايان پيو. مون واري گاڏي هتان رات جو ڇٽندي ۽ بٽرورٿ اسٽيشن تي صبح جو اٺين ڌاري پهچندي. جتان پوءِ SRT ۾ ٿائلنڊ وڃڻ چاهيان ٿو. تون مون سان گڏ هلندين ـــ؟”
    پينانگ بعد SRT (اسٽيٽ ريلوي ٿائلنڊ) جي ريلَ گاڏي هلي ٿي. جيڪا سؤ ميلَ کن ملائيشيا جا لتاڙي، پڊانگ بسار وٽ بارڊر ٽپي پنهنجي ملڪ ٿائلنـڊ ۾ گهڙي ٿي.
    “هائو. بلڪل هليو هلندس. مون سان گڏ شايد دين يا قاسم به هلن.” هاسم وراڻيو.
    “اهو ته ڏاڍو سٺو پر مون کي هتان ٽڪيٽ نه پئي ملي. تون اتان پينانگ مان ڪوشش ڪر. ٿي سگهي ٿو ڪنهن مسافر ٽڪيٽ ڪئنسل ڪرائي هُجي ۽ پاڻ کي ملي وڃي. فارين ايڪسچينج پڻ مون لاءِ مٽائي رکجانءِ جو ٿائلنڊ پهچي ملائيشيا جي سڪي جو سٺو اگهه نٿو ملي.”
    “اوڪي. آئون هينئر ئي ريلوي اسٽيسن تي وڃان ٿو.” هاشم چيو.
    ٿوري دير بعد آءُ پنهنجي ريلوي اسٽيشن ڏي روانو ٿيس. رستي تان هڪ چينيءَ جي دڪان تان مڇرن ڀڄائڻ جي چڪري ورتم. اهو ڪم ضروري هو. هاشم جو گهر ڪجهه ٻهراڙي ۾ آهي. گهاٽن وڻن ۽ گاهه ڪري مڇر ڪجهه وڌيڪ ئي آهن. هاشم کي جي اڳتي جي ٽڪيٽ نه ملي سگهي ته ان صورت ۾ سندس گهر رات رهڻ لاءِ مڇر ڀڄائڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪرڻ ضروري هو.
    ڪي ــ ٽي ــ ايم (Kereta api – Tanah – Malayu) کاتي جي ريلَ گاڏي پوري وقتَ تي ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڇڏي. اها ڳالهه هتي جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي نيڪي واري خاني ۾ ڪريڊٽ ڪري سگهجي ٿي. باقي سڄي رات گاڏيءَ ڇا ته لوڏا ڏنا! اڻانگا سامونڊي سفر ياد اچي ويا. ٿي سگهي ٿو اهو ويل اسان واري بوگي سان هجي جيڪا بلڪل آخر ۾ هئي. يا ٿي سگهي ٿو ان جا اسپرنگ/شاڪ آبزرور/يا جيڪو سسٽم کي آرامده بنائڻ جو هجي، خراب هجي. بهرحال سفر جي هيءَ مائينس ــ پئائنٽ لکڻ پڻ، ضروري سمجھان ٿو. “متان ڪا اُڃَ مري ڏئي پاراتو پنهلَ کي” وانگر متان ڪو پڙهندڙ هن ٽرين ۾ سفر ڪري پوءِ مونکي پٽي. ان ڪري اڳواٽ ڪن کڻائڻ ضروري سمجھان ٿو. آن ــ دي ــ هول، لوڏن جي ڳالهه درگذر ڪري باقي سفرَ جي تعريف ڪري سگهجي ٿي. ۽ ها. هڪ ٻي ڳالهه! آڌي رات کان پوءِ نلن مان پاڻي پڻ آهستي آهستي ٿي ختم ٿي ويو هو. جنهن بعد ماڻهو ڄڻ عمر ڪوٽ کان مٺيءَ پئي ويو ـــ لوڏا ڏيندڙ اٺَ تي.
    صبح جو ستين بجي ڌاري بڪت مرتجام اسٽيشن تي ٽرين پهتي. ٽڪيٽ چيڪر هڪ هڪ کي اٿاري ٽڪيٽ چيڪ ڪَئي. بڪت مرتجام کانپوءِ سگهوئي پينانگ جي ريلوي اسٽيشن بٽرورٿ آئي، جتي سڄي ٽرين خالي ٿي. هاشم ڏند ڪڍي آڌر ڀاءُ ڪيو. مطلب ته ايوري ٿنگ از اوڪي. ان هوندي به پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيومانس: “ڪر خبر هلبو يا نه.”
    “ها ٽڪيٽ به ملي ويئي پر هاتيائي (Hatyai) تائين جي.”


    ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي هاتيائي پهچڻ

    هاشم کان هاتيائيءَ جي ٽڪيٽ وٺي چيومانس:
    “في الحال سنگاپور کان هاتيائي تائين پهچڻ جو بندوبست ٿي ويو. اڳتي بئنڪاڪ تائين پهچڻ جو به گس پنڌ ٿي ويندو.”
    “اسين هاتيائيءَ ۾ ئي ترسڻ چاهيون ٿا. تون ڀلي بئنڪاڪ مان ٿي اچجانءِ. پوءِ گڏ موٽنداسين.”
    “موٽڻ ۾ ته مون کي تمام گهڻو وقت لڳندو.” مون کين بئنڪاڪ ۾ هلندڙ ڪانفرنس ۽ ٻين شهرن گهمڻ بابت ٻُڌايو. “چڱو في الحال اڳتي وڃڻ بدران توهان سان ڏينهن ٻه هاتيائي ۾ رهان ٿو پوءِ پينانگ واپس توهان کي ڇڏي اڪيلو اڳتي هليو ويندس.” مون کين بئنڪاڪ ۽ اڃان به مٿي اتر چئانگ مائي هلڻ جي صلاح ڪئي جيڪو شهر ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پشاور. پر ٻين ملئي ماڻهن وانگر هنن به فقط هاتيائي تائين هلڻ پسند ڪيو.
    ملائيشيا کان ٿائلنڊ گهڙڻ سان هي شهر هاتيائي اچي ٿو، جيڪو ٿائلنڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر (بئنڪاڪ ۽ چئانگ مائيءَ بعد) ۽ ريلوي جنڪشن آهي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا (خاص ڪري سماترا ٻيٽ) جي رهاڪن لاءِ هاتيائي ٻيو سنگاپور آهي. هنن لاءِ هاتيائي ٿائلنڊ آهي ۽ ٿائلنڊ هاتيائي آهي. هاتيائيءَ کان پوءِ هڪ هزار کن ڪلوميٽر ڪري بئنڪاڪ ڇو وڃن جڏهن هنن جي هر پسند جي شيءِ ٿائلنڊ جي هن ڏاکڻي شهر هاتيائي ۾ ملي وڃي ٿي. هونءَ به ملئي رهن ٿا ۽ هتي جا ٿائي به گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن جيڪي حلال ماڻهن کي ٿائلنڊ جي هن شهر ۽ اوسي پاسي جي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي جو هتي ڪيترائي ملئي کاڌي وڪڻن. جيئن انگلنڊ ويندڙ پاڪستانيءَ کي براڊ فورڊ جهڙن شهرن ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو. هينئر هاشم ۽ سندس پاڙيسري قاسم موڪلون گذارڻ ۽ جيڪي ڪجهه گهر جي لاءِ خريد ڪرڻ لاءِ نڪتا هُئا ان لاءِ هاتيائي صحيح هو.
    بئنڪاڪ ٿائلنڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. گاڌيءَ جو هنڌ آهي. منجھس بين الاقوامي هوائي اڏو ۽ بندرگاهه آهي. ٻاهر کان هوائي جهاز رستي ايندڙ مُسافر پهرين بئنڪاڪ اچن ٿا. ان بعد ڪي ڏکڻ ڏي: سورت ٿاني، پکيت، سونگڪلا ۽ هاتيائي جهڙن شهرن ڏي هليا وڃن. جيڪي شهر سامونڊي ڪنارن کان مشهور آهن. انهن شهرن ۾ سندن ڏاکڻو ڪلچر آهي جيڪو ملائيشيا سان ملي ٿو.
    بئنڪاڪ ۾ آيل مسافرن مان ڪي وري اتر ڏي خون ڪائين (khon – kaen)، اڊان ٿاني (Udon – Thani) ۽ چئانگ مائي شهرن ڏي روانا ٿين، جيڪي جابلو علائقا آهن. انهن جو پنهنجو اتراهون ڪلچر آهي جيڪو اوڀر وارن ملڪن لائوس ڪمبوڊيا، ويٽنام ۽ مون ۽ خمر تهذيبن سان ملي ٿو. اتر ٿائلنڊ جي ماڻهن جو نڪ نقشو پڻ انهن ڀر وارن پاڙيسرين ملڪن جي ماڻن سان چڱي مشابهت رکي ٿو. جيئن پاڻ وٽ گلگت، دير، چترال، هنزا ۽ ڪاغان جا ماڻهو پاڙي وارن ملڪن: چين ۽ افغانستان جي ماڻهن سان ملن ٿا. ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن مان ڪي ته چئانگ مائي کان به مٿي، وڌيڪ اتر ۾ چئانگ رائي (Chiang – Rai) شهر تائين هليا وڃن جيڪو بلڪل لائوس جي بارڊر تي آهي ۽ هن پاسي جي مشهور “چرسي ــ ٽڪنڊي” ۾ اچي ٿو. هي حصو جتي لائوس، برما ۽ ٿائلنڊ ملي ٿو هڪ جابلو علائقو آهي جيڪو آڦيم ۽ ڏوڏيءَ جي پوکَ ۽ واپار کان دنيا ۾ بدنام آهي.
    بٽرورٿ (پينانگ) پهچي، ملائيشيا جي KTM ريل گاڏي ڇڏي، ٿائلنڊ جي SRT ۾ چڙهياسين. پينانگ کان هاتيائي سؤ ميل به ڪو مس آهي. وچ تي بارڊر واري شهر پڊانگ بسار ۾ اميگريشن طرفان پاسپورٽن جي چڪاس ٿئي ۽ انهن تي ٺپا لڳن. جيئن سنگاپور کان ملائيشيا ايندي وقت جوهوربارو ۾ ٿئي ٿو. پڊانگ بسار ۾ ريل گاڏي ڪلاڪ کن ترسي ٿي. مطلب ته منجهند ڌاري پينانگ کان نڪرندڙ گاڏي شامَ جو هاتيائي اچيو پهچائي.
    هاتيائي ۽ بئنڪاڪ کان علاوه، ايندي ويندي ٿائلنڊ جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منهنجو لهڻ ٿيو. جن مان ڪجهه اهڙا هئا جن ۾ اڳ به اچي چڪو هوس جِتي ڏهاڪو سال کن اڳ ــ تائين جهاز کي وٺي اچڻو پوندو هو. ڏهن سالن اندر چڱي تبديلي نظر آئي ـــ خاص خاص شهرن، ڳالهين شين، واقعن، تجربن ۽ ماڻهن جو احوال اڳتي هلي ڏيان ٿو. هن سڄي سفر جو احوال سلسلي وار نه آهي. بس جنهن جنهن ڳالهه متاثر ڪيو آهي ۽ جيڪا جنهن وقت ياد آئي آهي ته لکي اٿم. هونءَ به هي جهاز جو لاگ بڪ ناهي جنهن ۾ هڪڙي ڪلاڪ جو احوال لکڻ بعد اهو ڪجهه لکجي جيڪو ان بعد ٻئي ڪلاڪ ۾ ٿي گذريو هجي. هي هڪ سفرنامو آهي جنهن ۾ اهي ڳالهيون آهن جن مونکي متاثر ڪيو ۽ هن وقت به ياد اٿم. ٿي سگهي ٿو منهنجو هي احوال پڙهندڙن کي گهر ويٺي هڪ نئين دنيا جو سير ڪرائي ۽ ساڳي سير لاءِ نڪرندڙن لاءِ رهنمائي ثابت ٿئي. ساڳي وقت اهو پڻ ضرروري ناهي ته جيڪو ڪجهه مون ڏٺو يا محسوس ڪيو اهو هرڪو ڪري. ڇو ته هر هڪ ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ خيال آهي. هر هڪ کي پنهنجي نوع جا واقعا پيش اچن ٿا ۽ اهو انهن کي پنهنجي نموني سان ڏسي ٿو ۽ منهن ڏئي ٿو. شايد اهوئي سبب آهي جو هر سفرنامون، چاهي ساڳي ملڪ جو هجي، نرالو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ ان ۾ هر وقت نواڻ محسوس ڪن ٿا.


    هلندڙ چلندڙ هوٽلون

    هاتيائي شهر ۾ دڪانن ۽ هوٽلن اڳيان، فٽ پاٿ تي ننڍا ننڍا اسٽالَ سڄو ڏينهن کليل رهن. شامَ کان پوءِ ته ٻيا به ڪيترائي کاڌي جا اسٽالَ کليو وڃن. وڏا دڪان نائين ڏهين بند ٿين پر هي فٽ پاٿ وارا دڪان ۽ ريڙهي/گاڏن تي هلندڙ چلندڙ گاڏي جون ننڍڙيون هوٽلون ٻارهين هڪ تائين کليل رهن. هي دڪان ۽ هوٽلون گهڻو ڪري عورتون ۽ ڇوڪريون هلائين. پاڻ سان ننڍڙا ۽ هلڪا فولڊنگ قسم جا ٽيبل ۽ ڪرسيون کڻي اچن جيڪي پنهنجي گاڏي جي ٻنهي پاسن کان گراهڪن جي وهڻ لاءِ رکن. جيئن پاڻ وٽ، اهڙن گاڏي ۾ ڪو شربت، ملڪ روز، ڳنڍا وڪڻن ته ڪي جيرا بڪيون ڪواب تري وڪڻن. خاص ڪري ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۽ بزنس روڊ وٽ، حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٽاور ۽ سول اسپتال ڀرسان اهڙا گاڏا (ريڙها) جام نظر ايندا. هتي انهن گاڏن تي، ڪي ماڻهو فقط کاڌي جون شيون وڪڻن ته ڪي رڳو پيئڻ جون. هڪ گاڏي تي مسلمان ٿائي عورت فرائي ٿيل ڪڪڙيون، بٽير ۽ پاڻي پسيا چانور وڪڻي رهي هئي. هن پاسي تتر نه برابر نظر اچن پر ٻٽير (Quail) پکي جام ٿين ٿا. ملائيشيا ۾ پڻ جام ٿين ۽ في بٽيرو اڌ رنگٽ (ٽين رپئي) جو عام جام مارڪيٽن، رستن ۽ هوٽلن ۾ وڪامي ٿو. مسلمان هوٽل وارو يا گاڏي وارو هوٽل اندر ۽ ٻاهر Halal Meat Foods لکي يا قرآن جي ڪا آيت. گهڻو ڪري “بسم الله” فريم ڪرائي ٽنگي. جنهن مان مسلمان گراهڪن کي خبر پوي ته آيا هن هوٽل يا دڪان تي حال کاڌو آهي يا نه.
    هونءَ ٿائلنڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم آهي ۽ مسلمانن کي ڪا گهڻي لفٽ ناهي. پر ڏکڻ ٿائلنڊ ۾ ڪافي مسلمان رهن ٿا. هو ڪي گهڻا نه آهن پر سندن چڱو سياسي زور آهي. ان کان علاوه هن ملڪ جي ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي، انهن مسلمانن مان پڻ آهي جيڪي ڀر وارن مسلمان ملڪن: ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڏورانهن عرب ملڪن کان اچن ٿا. اُنَ ڪري ٿائلنڊ حڪومت هتي جي رهندڙ مسلمانن سان به ٺاهيو هلي ۽ هو آزاد نموني سان نماز روزو توڙي مسجدون قائم رکندا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته کين نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ اهي وجهه ۽ موقعا نٿا ڏنا وڃن، جيڪي ٿائي ٻڌن کي ملن ٿا.
    مٿئين اسٽال واريءَ وٽ وهڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري آيل گراهڪن بيهي کاڌو ٿي يا گهر کڻي ويا ٿي . يعني Take Away سسٽم هو. چانورن جو ديڳڙو گهران رڌي آئي هئي. هٿ تي پلاسٽڪ جي ڳوٿري چاڙهي پوءِ ديڳڙيءَ مان لپ ڀري، پني ۾ ويڙهي ڏنائين ٿي. هتي جي ڪيترين هوٽلن دڪانن ۾ اهڙو جپان جهڙو رڌل ڀت ٿئي، جنهن جو چانور چانور سان ائين مليل ٿئي ٿي ڄڻ ائين مليل ٿئي ته کونئر سان لتل هجي. پوءِ ان يڪي ڳوڙهي کي ڪيڪ يا ڳڙڌاڻي (مُٺئي) وانگر چڪ هڻي کائڻو آهي. ٽيههَ کن ڪڪڙين جي ٽنگن، کنڀڙاٽين ۽ سيني جي ٽڪرن سان هڪ ڇٻي ڀريل هيس ۽ ٻيءَ ۾ سڄا سڄا ٻٽيرا هئا. گراهڪ جي مرضيءَ مطابق ڪڪڙ جو چونڊيل ٽڪرو يا سڄو ٻٽير ڪڻڇيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ وجھي گرم ڪري ڏنو ٿي. هنن کي هوءَ گهران ئي اوٻاري ۽ اڌ گابرو تري آئي هئي.
    ٻين هڪ هڪ پيس ورتو پئي آئون ڪو وڌيڪ ئي بکايل هوس جو ٻه ٽڪر ورتم. ڇوڪريءَ ڀت ۽ ڪڪڙ سان گڏ، ماچيس جي دٻلي جيڏين ٻن ٿيلهين ۾، سنهي فراءِ ٿيل بصر جي ڪاتر ۽ چٽي ڌار ڌار وجھي، سڀ مال هڪ وڏي لفافي ۾ بند ڪري ڏنو. ويهه ڀاٿ. يعني سورهن رپيا بل ٿيو. جيڪو ملائيشيا جي حسابَ سان ته سستو ٿيو پر پاڪستانَ جي حِسابَ کان به سستو ٿيو. جو اسان وٽ چڪن تڪو يارهين ٻارهين رپئي آهي. هونءَ به هتي جي وڏين هوٽلن کان هي ننڍا اسٽال سستا آهن. گهٽ نفعو رکڻ ڪري هنن جو گهڻو مال وڪامي ٿو ۽ آخر ۾ چڱي خاصي بچت ٿيو وڃين. ان ڪري هن پاسي جي مڙني ملڪن: ٿائلنڊ، ملائيشيا، سنگاپور توڙي انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۾ هن قسم جي گاڏي تي هلندڙ چلندڙ ۽ فٽ پاٿ تي شامَ جو کلندڙ هٽ ۽ هوٽلون بيحد مشهور آهن. هتي جا ماڻهو گهڻو تڻو ٻاهر اهڙن اسٽالن تي کائين، گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن پچائين. هي کڻي هتي جي حساب سان اسان وڏي عياشي ڪئي نه ته هتي جي ماڻهن جو عام طرح روز مرهه جو کاڌو “مي” (Mee) آهي. مي چانورن جي اٽي جون سنهيون سويون ٿين ٿيون جيڪي پاڻيءَ ۾ اوٻارڻ بعد نالي ماتر ڀاڄي ۽ آمليٽ بيضي جي ڇيتن سان فراءِ ڪيون وڃن ٿيون. ان مِي جي پاڪيٽ جي قيمت ٽي يا چار ڀات آهي. غريب غربو توڙي امير، مزدور ۽ آفيسر اها “مي” کائي ۽ ان ذري پرزي کاڌي لاءِ ڪير ويهي رڌڻي ۾ باهه دکائي ۽ ٿانو ڌوئي. اسٽال، دڪان يا گهوريئڙي کان وٺي ڪم اڪلائين.


    زردي رنگ جو شربت.....

    ڀر واري گاڏي تي هڪ ٿائي ٻڌ ڇوڪري هيڊي رنگ جو شربت ۽ ناريل جو پاڻي وڪڻي رهي هئي. سمجھ ۾ نه آيو ته شربت ڇا جو آهي. سخت اڃ ۽ گهڻي هلڻ ڪري ڪجهه ڪجهه دماغ پڻ سوچڻ کان نابري واريو بيٺو هو. سو To be on safe side اهو هيڊو زردو شربت وٺي پيئڻ بدران ناريل ڏي اشارو ڪيم. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي سڄو ناريل وڪامي ته ڪن هنڌن تي هڪ ناريل مان ٻه گلاس ڀَري، ڪجهه مٺي چاش ملائي ڏين. هونءَ ملائيشيا جا ناريل ايترا مٺا نه آهن جيترو هي سيامي (ٿائلنڊ) جا ناريل. قيمت پڻ اڌَ جيتري اٿن. ڇوڪريءَ ناريل جي ٽوپيءَ وٽان پنهنجي ٺونٺ جيڏي پرانگ (ڪات) سان چٿر لاهي، منجس چوسڻ جي ڪاني (Straw) ٽنبي ڏني.
    اها مڃيل حقيقت آهي ته ٿائلنڊ جوميوو توڙي ڀاڄي اوسي پاسي جي مڙني ملڪن ۾ بهتر سمجھيو وڃي ٿو. پپئي، ليچي، دورين کان وٺي ڀينڍي، پالڪ، گوبيءَ تائين. ان کان علاوه هر ميوي ڀاڄيءَ جون هتي ڪيتريون ئي جنسون ٿين ٿيون. جيڪو ناريل مون ورتو ان جي ٻاهرين کل ٻين عام ناريلن کان نرم هئي جو ڇوڪريءَ هڪ ئي هلڪي ڌڪ سان صحيح هنڌ تان ڇوڏو لاهي ورتو. يا ته ان ڪم ۾ هوءَ ضرور ايڪسپرٽ هوندي، نه ته اسان ناريل کي پٽ تي رکي جڏهن مڏي يا تکي ڪاتيءَ سان ست اٺ ڌڪَ هڻندا آهيون تڏهن مس مس کلندو آهي ۽ ان ڏي ـــ وٺ ۾ ناريل جو ڪجهه پاڻ هڪ طرف هاربو آهي ته فرش جا چٿر الڳ لهندا آهن. ملاڪا (ملائيشيا) ۾ اسان جي گهر اڳيان سيمنٽ جي ڌڪيءَ جا لٿل چٿر ۽ ڪاتن جا اونها نشان انهن ناريلن ڀڃڻ جون چٽيون چپاٽيون ۽ دائمي نشانيون آهن.
    ناريل جو پاڻي پيئڻ شروع ڪيم ته ڇوڪريءَ چمچو ڏنو جيڪو ناريل جي اندران ڀتين تي لڳل ملائي لاهي کائڻ لاءِ هو. پر پوءِ ملائي کائڻ مهل بوٽ پائڻ جي شوهارن جهڙو پلاسٽڪ جو اهو چمچو اندر وڃي نه سگهيو. دڪاندار ڇوڪريءَ يا ڀر ۾ بيٺل ٻين گراهڪن کي ملئي يا انگريزي بنهه نٿي آئي ۽ ٿائي ٻوليءَ کان آئون اڻ واقف هوس. پر هوءَ منهنجو مطلب سمجھي ويئي ته سوراخ سوڙهو آهي ۽ اهو ويڪري منهن وارو چمچو اندر وڃي نٿو سگهي. ناريل تان وڌيڪَ ڇلر لاهڻ لاءِ هن ڀر ۾ رکيل هڪ فالتو ڪات ڏي اشارو ڪيو ته اهو ڪم آئون پاڻ سرانجام ڏيان جو هوءَ ٻين گراهڪن کي زردي رنگ جو شربت ٺاهي ڏيڻ ۾ مشغول هُئي.
    ناريل کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ ڌڪ هنيم پر ناريل نه ڀڳو. سڄو گاڏي ۽ گاڏي ۾ سينگاري رکيل گلاس ۽ هيڊي رنگ جون بوتلون لڏي لڇي ويون. اوڙي پاڙي ۾ بيٺل سڀ ڏسڻ لڳا. ڇوڪري سمجھي ويئي (۽ آءٌ پڻ، ته هي گاڏو ڄاڻ ته اسان جي گهر واري ڌڪي ٿي پوندو.) سو ٻيو ڌڪ هڻڻ کان اڳ هن مونکان ناريل وٺي ٻه اڌ ڪري ڏنو.
    ناريل جي پاڻي ۽ ملائيءَ جا پنج ڀاٿ ڇوڪريءَ جي هٿ تي رکي، پوءِ گدري جي ٻج جهڙو ڀَتُ ۽ تريل چڪن کائڻ لاءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏي روانو ٿيس. هن پاسي جي ملڪن ۾ ماڊرنائيزيشن اچڻ ڪري هاڻ ناريل ڪوڪا ڪولا وانگر وڪامي ٿو . نه ته ناريل هتي ائين ملندو هو جيئن پاڻ وٽ سنڌُ ۾ ڪنهن زماني ۾ کير يا ڏڌ يعني مفت ۾. رڳو ٻه ٽي ڀات ڀولڙي واري کي ڏبا هُئا جيڪو ڀولڙي کي ناريل پٽڻ لاءِ ناريل جي ڊگهي ونَ تي چاڙهيندو هو. ساڳيو حال بنگال جو هو. چالنا، کلنا، نواکلي ۽ چٽگانگ پاسي جا ٻار، وڻ تي چڙهڻ جا اهڙا تکا ٿين جو اتي ته ڀولڙي واري کي ڳولڻ جي به ضرورت ناهي. ڪنهن به ٻارَ کي خرچيءَ طور ٻه چار ٽڪا (روپيا) ڏي ته گوڏ کُنجي يڪدم وڻ تي چڙهي ويندو. وڻ ڀلي ڪيڏو به ڊگهو هُجي.
    ناريل واري ٿائي ڇوڪري جيڪو هيڊي رنگ جو شربت وڪڻي رهي هُئي اهو ٻيو ڪو دارون دوا يا تاڙي شراب نه هو پر نج ماکي جو شربت هو، جيڪو پوءِ مون سان گڏ آيل ملئي دوست ايندي ويندي پيئندا رهيا. بقول انهن جي، ماکيءَ جو شربت هن پاسي جي گهم، گهٽ ۽ گرمي کي ماري ٿو ۽ جسم کي ٺاريو ڇڏي. سائين! ضرور ٺاريندو هوندو. نج ماکيءَ جو شربت وري به هنن ولائتي ڪولائن (Cola) کان بهتر آهي. ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. اها نه فقط هتي جي گهاٽن ٻيلن ۾ ٿئي پر ماڻهو گهرن ۾، دٻلن منجهه ماکيءَ جون مکيون ائين پالين جيئن پاڻ وٽ واڙن ۾ رڍون ٻڪريون. ان معاملي ۾ هن پاسي جا ملڪ ـــ جيڪي ڪنهن زماني ۾ پٺتي پيل ليکيا ويندا هُئا، اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. وڪري لاءِ ڪڪڙن، ٻٽيرن ۽ ماکي جي مکين کان علاوه، گهرن ۾ پاڻي جا حوضَ ۽ ناديون ٺاهي ان ۾ گانگٽ ۽ مڇيون پڻ پالين. ان کان علاوه هي ماڻهو پوپٽ ۽ مانگر مڇ پڻ پالين. مانگر مڇ جي کل به وڪڻن ته گوشت به ـــ جيڪو چيني ماڻهو شوقَ سان کائين. بدڪون ۽ ڪميون پڻ عام طرح گهرن ۾ پالي سندن گوشت ۽ آنا وڪڻن.


    ترقيءَ جي رفتار ٻُڙي ٻُڙي .......

    مٿين گاڏن/اسٽالن کان علاوه ڪن تي تريل مڇيون ۽ گانگٽ پڻ وڪامي رهيا هُئا. ڪن تي چانهه، بسڪٽ، ڪُمين، بدڪن، ڪڪڙين ۽ ڪبوترن جا اوٻاريل بيضا پڻ هُئا. هن پاسي جا ماڻهو بيضو گهڻو کائين ٿا. پاڻ وٽ ڪڪڙين جا بيضا هلن ۽ ائين اوٻاريل بيضا مون فقط ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي يا رمضان جي مهيني ۾ پاڪستان چوڪ ۽ برنس روڊ جي چوراهي تي وڪامندي ڏٺا آهن.
    ماني کائي بس ڪيم ته قاسم ۽ هاشم ــــ جيڪي هڪ ملئي ٽُڪ ٽُڪَ واري سان ڀر واري شهر سونگڪلا ويا هُئا، سي ان وقت موٽيا. سونگڪلا هاتيائي کان اٽڪل ويهه کن ميلَ پري سمنڊ جي ڪناري تي هڪ آڳاٽو شهر ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جو مشهور بندرگاهه آهي. مشهور شهر ۽ بندرگاهه ته هاڻ هنن ڏهه پنڌرهن سالن اندر ٿيو آهي نه ته ويهارو سال کن اڳ جڏهن اسانجو جهاز سونگڪلا لاءِ سامان کني ايندو هو ته اهو ٻيو هالا پراڻا هو. يا اڄ جي پسني گوادر بندرگاهن جهڙو هو. حالت اها هئي جو اسانجي ويهه هزار ٽن وزني جهاز لاءِ هن بندرگاهه ۾ نه بيهڻ جي جاءِ هئي نه ٻڌڻ (Pilotage) جو بندوبست هو ۽ نه سامان لاهڻ چاڙهڻ جو. بندرگاهه کان گهڻو پري کلي سمنڊَ ۾ جهاز کي لنگر انداز ڪري پوءِ تانگهين ٻيڙين (Barges) ذريعي بندرگاهه ۾ سامان موڪليو هو ۽ اسان جهازي پنهنجي جهاز جي ٻيڙي (Life- Boat) لاهي بندرگاهه ۾ ايندا هئاسين، جتان پوءِ، ڪنهن زماني جي هالا کان شهدادپور هلندڙ مستري رمضان جي بسن جهڙين پُراڻي زماني ۾ بسن ۾ چڙهي هاتيائي شهر ۾ ايندا هئاسين. پر سائين هاڻ ته ٿائلنڊ جا مڙيئي شهر بلي بلي ٿي پيا آهن. عمارتن مٿان عمارتون. رستن ڀرسان رستا. نوڪريون ۽ ڌنڌا. چوڌاري اسڪول، اسپتالون ۽ عوام جي سهوليت لاءِ سستيون سواريون. ماڻهو به سکيا ته ملڪ جي به ڏوران ڏور ساکَ.
    پر تن ڏينهن ۾ دبئي ۽ دوحا جهڙا عربي بندرگاهه به ته اهڙائي هُئا. سونگڪلا بندرگاهه کان به ننڍا ۽ چَٽُ! دبئي ديرا جون بازاريون ڀٽ شاهه، سيوهڻ جهڙيون هونديون هيون. پر پوءِ ڪن وٽ تيل اچي ويو ته ڪن کي پئسي ڪمائڻ جو کيل اچي ويو. سڀ کان وڏي ڳالهه کين قوم پرستي ۽ سياسي شعور اچي ويو. عقل کان ڪم وٺي، پنهنجن ملڪن کي ڇا مان ڇا ٺاهي ڇڏيو. اڄ دبئي جهڙن بندرگاهن ۾ وڏي کان وڏا جهازَ اچي سگهن ٿا. وقت جي پابندي ۽ اڇتائي الڳ اچي ويئي آهي. هر ڪم ڪمپيوٽرائز ٿي ويو آهي. وڏي کان وڏا جهازَ ڊراءِ ڊاڪ ٿي سگهن ٿا ۽ مشينن جو “ان جي هزارهين” حصي تائين Clearance چيڪ ٿي سگهي ٿو. ڪم جي ساکَ ۽ هاڪَ قائم رکڻ لاءِ سٺن کان سٺن پورهيتن، انجنيئرن جي ضرورت جا اشتهار انگلنڊ جي اخبارن ۾ ڏنا وڃن ٿا. اسانجو ملڪ يعني اسين ڄڻ هڪ هنڌ بيٺي بيٺي ڪنهن پُراڻي گھوٽ جي سرگس ڏسندي رهجي ويا هجون. ڄڃ هلي ويئي. زمانو لنگهي ويو. اسان اتي جو اتي بيٺا آهيون. شايد ڪنهن ٻي ڄڃ جي انتظارَ ۾. جيڪا اسان بي دعوتين کي به ساڻ وٺي هلي ڀت کارائي. اهو آهي اسانجو حال ۽ اسان جي ترقيءَ جي رفتارَ ٻُڙي ٻُڙي.


    پهرين ۽ آخري منزل

    منجھند مهل هاشم ٻڌايو ته کين رستي جي پاسي واري هڪ مسلمان هوٽل “ماريا مسلم ريسٽورينٽ” ۾ اسماعيل نالي ٿائلنڊ جو ملئي همراهه مليو. هن کي پنهنجي ٽڪ ٽڪ (ٽئڪسي) آهي جنهن ۾ هو کين سونگڪلا گهمائڻ وٺي هلي ٿو. هنن مونکي به ساڻ هلڻ جي دعوت ڏني. “سونگڪلا اڄ ئي هلي ڇا ڪجي؟” مون پڇيو جو جهڙا دڪان ۽ خريداري هاتيائيءَ ۾ آهي اهڙي سونگڪلا ۾.
    “سئمنگ لاءِ ڇو ته سونگڪلا سمنڊ جي ڪناري تي آهي.” هاشم چيو.
    “اها سئمنگ ۽ سمنڊ جا ڪنارا ته ڇڏي هاتيائي ۾ آيا آهيون.” نه ته ملاڪا نه ويٺو هجان ۽ توهانجي پينانگ ٻيٽ جي ته چوڌاري سمنڊ آهي مون کلندي وراڻيومانس
    “يار توهان ڀلي وڃو. ههڙي نٽهڻ اُسَ ۾ منهنجو موڊ ناهي. سڀان جي هليائو ته ڏسندس”.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يورپي ملڪن جا ماڻهو خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن ويندي انگلنڊ جا، جن جي ٿڌي موسم کين سندن ملڪن ۾ بدن اگھاڙو ڪري سمنڊ ۾ ترڻ جي اجازت نٿو ڏئي، انهن لاءِ هي ڏکڻ ٿائلنڊ جا سامونڊي ڪنارن وارا شهرَ، جهڙوڪ: سونگڪلا، پٽاني، پتايا بيچ، پکيٽ وغيره تمام عمدا آهن. کين هاتيائي شهر جي گوڙ گهمسان کان سونگڪلا جهڙو سامونڊي ڪناري وارو شهر وڌيڪ پسند آهي. جيتوڻيڪ هاڻ اتي به دڪان، بازاريون، ڊسڪوٿي ۽ گاڏين لارين جا گوڙ ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان وڌي ويئي آهي. بقول سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٽوئرسٽ جي، جيڪو موٽڻ وقت ريل ۾ مليو: “آئون هميشه ماٺ ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ هتي ايندو آهيان. اڳ ۾ ڏاڍو مَزو ايندو هو. پر هاڻ وڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊرن جو گوڙ ايڏو ته وڌي ويو آهي جو آئندي اچڻ تي دل نٿي چوي، هوٽل ۾ وڃ ته اتي به بئنڊ باجو ميوزڪ لڳي پيئي آهي. بس ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃ ته ان ۾ به فُل آواز تي VCR پيو هلي. رستن تان لنگهه ته دڪانن تي وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر ڪن ٿا ڦاڙين. هاڻ هتي اچڻ اجايو آهي، جيڪڏهن مونکي اهي ئي ڊسڪو ڊانس ۽ راڪ ميوزڪ ٻڌڻي آهي ته هيڏا ڀاڙا ڀري سئٽزرلئنڊ کان ٿائلنڊ ڇو اچان. اتي ئي ڪنهن ڀر واري يورپي ملڪن مان چڪر نه ڏئي وٺان.”
    گهڻو گهڻو اڳ، سونگڪلا ــــ جيڪو هاڻ وري مشهور بندرگاهه ۽ شهر ٿي رهيو آهي، ملاڪا ۽ ديبل وانگر ڪنهن دؤر ۾ بلاشڪ هڪ بين الاقوامي شهرت جو بندرگاهه هو. نئين دنيا ۽ ماَ ملڪيت جي ڳولا ۾، هن پاسي ايندڙ چيني، هن بندرگاهه ذريعي ملڪ ۾ گهڙندا هئا. انهن چيني واپارين، سياحن ۽ سپاهين جون جھونيون چيني عمارتون ۽ عبادت گهر اڃان تائين سونگڪلا ۾ موجود آهن جن مان “وات ماچيما واس” نالي ٻڌ ڌرم جو هڪ پرڻو مندر آهي ان کان علاوه سونگڪلا ۾ قومي عجائب گهر پڻ ڏسي سگهجي ٿو. خاص ڪري آرٽ جي شوقين لاءِ ان ۾ رکيل مورتيون ۽ ڀتين تي ٿيل چٽسالي دلچسپي پئدا ڪري سگهن ٿيون. ٻڌ ڌرم جي مندرن کان علاوه سونگڪلا ۾ هڪ وڏي مسجد پڻ آهي. سونگڪلا ڍڳن ۽ سوئرن جي ويڙهه کان به مشهور آهي. هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا انهن جي ويڙهه هلندي آهي. ماڻهو وڏيون وڏيون بازيون لڳائين. ان قسم جي جوا ۽ جانورن جي مار مارا ڪن ماڻهن کي بنهه پسند ناهي ۽ هتي جي اخبارن ۾ ان “مروان موت ملوڪان شڪار” تي دانهن جا خط ڇپبا رهن ٿا.
    انهن سڀني سامونڊي ڪنارن وارن شهرن ۾ پکيت ۽ پتايا تمام گهڻو مشهور آهي. پکيت جو سڄو صوبو هڪ ٻيٽ آهي جنهن ۾ پکيت جو شهر ۽ هوائي اڏو اچي وڃي ٿو. هوائي جهاز رستي بئنڪاڪ ۾ ايندڙ مسافرن مان ڪيترا پکيت جو رخ رکن ٿا. پکيت جي چوڌاري سامونڊي ڪنارو (Beach) آهي. ان کان علاوه بئنڪاڪ وانگر چڪلا، مساج گهر، شراب خانا ۽ اگھاڙن سگھاڙن ناچن جا بندوبست آهن. سامونڊي ڪنارن تي بي انتها يورپي نظر ايندا. اسان جا پاڪستاني به سامونڊي ڪنارن و بهانو ڪري ڳوٺان نڪرندا آهن. پر مونکي اڄ ڏينهن تائين ورلي ڪو سمنڊ اساننجو هم وطني ٽوئرسٽ جي ڪناري تي نظر آيو هوندو. گهڻو ڪري سندن پهرين ۽ آخري منزل هتي جي چڪلن ۽ مساج گهرن واريون گهٽيون هونديون آهن. هو بچيل سچيل ڇوڪرين سان ڀاڙي تي گذاريل گهڙين کي عشقي رنگ ڏيئي ڪي مهينا ـــ بلڪه سال پنهنجي افسانوي رومانس جو داستان ڳوٺاڻن کي ٻڌائي داد وَصول ڪندا آهن ۽ دل ئي دل ۾ انهن رنڊين ۽ کنڊين پٺيان وڃايل پئسي ۽ حاصل ڪيل ايس ـــ ٽي ـــ ڊي ـــ (Sexually Transmitted Diseases) يعني جماعي وچڙندڙ بيمارين تي روئندا رهندا آهن.


    امير نه چاهيندو.......

    هاشم ۽ قاسم تيار ٿيندا رهيا. ايتري ۾ اسماعيل اچي ويو ۽ مون سان خبر چار ڪرڻ لڳو.
    ڪن ڪن ملڪن ۾ سواريءَ جا خاص نمونا ٿين ٿا. جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۾ رڪشا سڀ کان مشهور آهي. ڪوالالمپور ۾ مني بس، جيڪا هوبهو بس جهڙي ٿئي پر ننڍي سائيز جي. پينانگ ۾ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ سائيڪل رڪشا (ٽرائشا). منيلا ۾ جيپني. اهڙي طرح هتي ٿائلنڊ جي وڏن شهرن ۾ ٽڪ ٽڪ (Tuk – Tuk) سڀ ۾ سستي، سولي ۽ هر وقت موجود سواري آهي. شهر جي هڪ ڪنڊَ کان ڀلي ٻي ڪنـڊ تائين وڃو يا هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ تائين. هي ننڍڙيون سوزوڪي پڪ اپون فقط چار باٿ وٺي مُسافر کڻن لاهين. سندن ڪا به مقرر روٽ نه ٿئي. رستي تي جيڪي مُسافر ملندن سي پٺيان ٺهيل ڪاٺَ جي ٻن بينچن تي وهاريندا ويندا. ڪڏهن فقط هڪ ملندن ته به هلندا رهندا. ڪُر ڪُر نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون جهڙن ڊگھن لاءِ اُنَ ۾ وهڻ به عذاب ته چڙهڻ لهڻ به عذاب مٿي تي هٿ رکي ٽڪ ٽڪ ۾ وهڻو پوندو آهي جو رکي رکي جمپ کائڻ تي منهنجي بنا وارن واري گنج سوزڪي جي ڇت واري ڏنڊي سان وڃي لڳندي آهي. ان کان علاوه اڻ تجربيڪار مسافر اوچتو بريڪ لڳڻ تي بينچن تان اٿل کائي اڳيان وچ تي ڍير ٿي پوندا آهن. بهرحال اها هڪ اهڙي نارمل ڳالهه آهي جو هڪ ٻئي مٿان ڪرڻ يا ڇيڀاٽجڻ تي ڪو به “Sorry” چئي معافي نٿو وٺي. هر هڪ پاڻ ڇنڍي جهڙا ميڙا جت تهڙا ميڙا تت ٿي ٿو وهي.
    پنجويهه کن سالن جي سنهڙي اسماعيل ٻُڌايو ته هو ان ٽڪ ٽڪ مان روزانو سئو کن ڀاٿ ڪمائي ٿو. “پر اڄ منجھد کان مون موڪل ڪئي آهي جو هي قاسم ۽ هاشم هڪ ڌارئين ملڪ کان آيل مونسان مليا آهن جن جو مذهب، زبان ۽ ڪلچر ساڳيو اهو آهي جيڪو منهنجن وڏن جو آهي.”
    “اسماعيل تنهنجا وڏا ڪڏهن ملائيشيا کان هتي آيا؟” مون پڇيو مانس.
    “منهنجو ڏاڏو ملايا (ملائيشيا) جي اڀرندي ڪناري واري شهر ترگانو کان ٻي جنگ عظيم ۾ هن پاسي آيو هو. جپاني سولجر ٿائلنڊ ۽ برما کي ڳنڍڻ لاءِ ريل جا پٽا وڇرائي رهيا هُئا. ملايا مان جيڪي ماڻهو وٺي آيا هُئا انهن ۾ منهنجو ڏاڏو پڻ هو. پوءِ بيماريءَ ۽ غربت ڪري واپس وطن (ملايا) وڃي نه سگهيو ۽ هتي ٿائلنڊ ۾ ئي رهي پيو. ساڻس گڏ اسانجي پوڙهي ڏاڏي ۽ پيءُ پڻ هو.”
    “ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون اتي ٿائلنڊ ۾ رهڻ ۾ خوش آهين يا ملائيشيا ۾ رهڻ پسند ڪندين ــــ؟” مون پڇيو مانس.
    “اسان لاءِ ملائيشيا وڌيڪ بهتر آهي جو هڪ ته ملائيشيا ٿائلنڊ کان وڌيڪ ستابو ملڪ آهي ٻيو ته ملائيشيا ۾ اسانجو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ مذهب آهي جتي اسان وڌيڪ آزاد محسوس ڪري سگهون ٿا. ظاهري طرح ته ٿائلنڊ ۾ ڪا به تڪليف نه اٿئون ۽ اسين هتي جا پُراڻا شهري آهيون پر ان هوندي به اسان کي ڌاريون سمجهيو وڃي ٿو. نوڪريون به اسان کي ايترو سوليون نٿيون ملن.”
    “ٿائلنڊ ۾ ملئي نسل جي رهاڪن کان علاوه چيني، ڪمبوڊين، برمي، ويٽنامي، لائوسي ۽ ڪجهه انڊين به آهن. اهي ڪيئن محسوس ڪن ٿا ــــ؟ اهي خوش آهن يا نه؟” مون سوال ڪيو.
    “اهي خوش آهن،” اسماعيل ٻُڌايو، “ڇو جو هو جڏهن پنهنجن ملڪن: چين، ڪمبوڊيا، برما، ويٽنام، لائوس، انڊيا وغيره کي ٿائلنڊ سان ڀيٽين ٿا ته ٿائلنڊ انهن مڙني ملڪن کان گهڻو خوشحال آهي. ۽ ٻيو ته چيني ويٽنامي، توڙي انڊين برمي هتي جي لوڪل ڇوڪرين سان شادي ڪري، پنهنجي اصليت ۽ مذهب وساري پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد کي ٿائي بنائي نوڪرين توڙي ڌنڌن ۾ سرڪاري فائدا حاصل ڪري رهيا آهيون. مذهب ۽ زبان جي معاملي ۾ هنن جو مذهب کڻي عيسائي يا هندو هجي ۽ سندس ٿائي زال جو ٻڌ ڌرم. هو مڙيئي خير سمجھن ٿا. بس پئسو اچي. ايڪانوميڪل ترقي ٿيندي رهي. پر اسين مسلمان ان کي عيب سمجھون ٿا. ان ڪري اسين ٻين کان ڪٽيل ۽ ويڳاڻا رهون ٿا. ويتر پنهنجي اصل ملڪ ملايا ــــ جيڪو چند فقط ميل پري آهي ـــ جي ترقيءَ جو ٻڌي اندر ۾ اڌما پئدا ٿين ٿا ته جيڪر اسان به اتي هجون ها. اسان جا وڏا پنهنجي مرضيءَ سان اباڻو ملڪ ته نه ڇڏي آيا هُئا. کين حالتن مجبور ڪيو. جپانين جي مار ۽ موچڙي ڪري پنهنجو اجھو ۽ وطن ڇڏي هيڏانهن ٿائلنڊ ڏي دربدر ٿيڻو پيو.” اسماعيل ٻُڌايو.
    “ملائيشيا جي ملئي ماڻهن جي توهان سان ضرور همدردي هوندي.” مون پڇيومانس.
    اسماعيل ٿوري دير سوچي پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ٿائلنڊ ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن مان ڪيترن کي ملائيشيا گهرائي ڪيترن کي گهرائي. پوءِ ته سري لنڪا ۽ موريشش ۾ رهندڙ ملئي به چوندا ته کين به ملائيشيا ۾ رهڻ ڏنو وڃي جتي جي ملن جي ٿائلنڊ کان به حالت خراب آهي. پاپا نيوگني ۽ فجيءَ ۾ رهندڙ ملئي به واپس اچڻ چاهيندا. غريب ته پنهنجي گهرَ ۾ هر هڪَ کي گهرائي پنهنجي بک ۽ ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهي ٿو پر امير ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس سک ۾ ڪو ٻيو شريڪ ٿئي. فلسطيني دربدر آهن. سندن عرب ڀائرن جا ڪيترائي امير ملڪ آهن جن جي آدمشماري به گهٽ آهي. هو چاهين ته فلسطينين کي پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا. پر پوءِ ـــ ؟ ڪڏهن ڪنهن عرب ملڪ اهو چيو ته اهي سندن غريب ڀائر فلسطيني هيڏانهن هوڏانهن دربدر ٿيڻ بدران سندن ملڪن ۾ وڃي رهن؟”
    “صحيح آهين.” مون چيومانس ۽ پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿياسين. مون ساڻس هٿ ملايو ۽ هاشم ۽ قاسم کي Selamat Jalan چيو، جيڪي هن سان گڏ اُنَ ئي وقت سونگڪلا روانا ٿي ويا. ۽ هاڻ جڏهن هوٽل ٻاهران اسٽال تان ورتل ماني کائي بس ڪيم ته هي اچي سهيڙيا.


    ڪا سستي هوٽل سجهنئي......

    “الطاف! هل ته مسلم هوٽل ۾ ماني کائي اچون.”
    “مون هينئر فٽ پاٿ واري اسٽالَ تان ماني وٺي کاڌي آهي. هتي ڪيترائي حلال کاڌي جا گاڏا آهن. ڪنهن ڏورانهين هوٽل تي ڇو وڃجي.” مون کين صلاح ڏني.
    “يار اسين ته ڪالهه واري پاڪستاني هوٽل ۾ ئي وڃي ماني کائي اچون ٿا.” ۽ هو مونکي اتي ئي ڇڏي وري هوٽل ڏي روانا ٿيا.
    گهر کان گهٽ نڪرندڙن وانگر هاشم جيسين روز جي عادت وارو کاڌو، باقاعدي ميز ڪرسيءَ تي ويهي نه کائي، تيسين ڄڻ ماني نه کاڌائين ۽ ننڊ ئي نه ايندس. پوءِ ڀلي کيس قسمين قسمين سئنڊوچ ۽ ڪيڪ پيسٽريون ميوا کارايو پر جيسين ملئي نموني جو ڇڊڙو ڳاڙهن مرچن جي ٻڪ تي رڌل ٻوڙ ۽ ڀت نه کارايو تيسين بي فرحتي محسوس ڪندو آهي. ان ڪري جيسين پنهنجي ڳوٺ (گهر) ۾ هوندو آهي ته شينهن مڙس هوندو آهي. باقي ٻاهر مُسافريءَ جو نه آهي.
    پهرين رات جڏهن ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ پهتاسين ته اهو آچر جو موڪل وارو ڏينهن هو. ان ڪري ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن کان ته ڪافي ٽوئرسٽ آيل هُئا پر ٿائلنڊ جي ڀر وارن ڳوٺن جا به چڱا اچي سهڙيا هُئا. هاتيائيءَ جون چنڱيرڙيون هوٽلون، سڀ ڀرجي چڪيون هيون. پسند جي ڪا به هوٽل خالي نه هُئي. آخر ٻه چار گهٽيون رلڻ بعد اسان ٽن ڄڻن جي ٽڪڻ جو بندوبست ٿي ويو. ڪا خاص هوٽل نه هئي پر رات گذارڻي هئي. ائين ته منجھس گڏيل باٿ روم، ٽيليفون، ڪرسي ميز جهڙيون سهوليتون موجود هيون. بس ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو نه هو پر ايترو هو ته آزاديءَ کان اڳ وارو (يعني هندوستان پاڪستان جي)، ٽن پرن وارو پکو (ڄم جي جاءِ: انگلينڊ) ضرور هو. جنهن جي هوا اندر جي مڇرن کي ٻاهر ڪيو ٿي، ۽ جنهن جي چيچاٽي گوڙ، ٻاهر جي آوازن کي گهٽ ڪيو ٿي.
    مسواڙ پڇيسين، ڊبل بستري واري ڪمري جي ڏيڍ سؤ ڀات ـــ يعني پاڪستاني هڪ سؤ ويهه رُپيا. اگهه مُناسب هو. ايترن پئسن ۾ ٻيو ڀلا ڪهڙو ڦاهو ملي سگهندو. سکر ۽ حيدرآباد جي گڊس ناڪي جي منگهڻن وارين هوٽلن جي مسواڙ به ان کان گهڻي آهي. هاشم ۽ قاسم ڊبل ۾ رهيا. آئون اڪيلو سنگل ۾ ـــ جنهن جي مسواڙ اڃان به ويهه باٿ گهٽ هُئي. اسانجا ڪمرا پنجين ماڙ تي هُئا. ٽن ماڙين کان وڌيڪ ماڙ واري عمارت ۾ لفٽ جو هجڻ ضروري آهي. پر اهو سنگاپور جي ميونسپاليءَ جو قاعدو قانون آهي. هي ٿائلنڊ هو. ان ڪري هن ڇهه ماڙ عمارت ۾ لفٽ بدران فقط هڪ اونداهي ڏاڪڻ هُئي.
    ڏاڪڻ اونداهي ضرور هئي پر صبح جو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏٺوسين ته ڀتين تي رڳو ڄارا هُئا. پانن جو پڪون ۽ ڪچيون گاريون لکيل نظر نه آيون ـــ جيڪي شيون اسان جي ملڪ جي تهذيب ٿي پيون آهن. هر ماڙ تي، وچ تي ڪپڙن ڌوئڻ ۽ انهن کي سڪائڻ لاءِ رسيون ٻڌل هيون. اسان واري فلور تي هڪ ڇوڪريءَ اڳهين ڍير ڪپڙن جو رکي ڏنڱريءَ سان سٽ سٽ پئي ڪيو. اهو ڏسي مونکي بيحد خوشي ٿي جو سفر ۾ پائڻ لاءِ مون وٽ فقط ٻَه وَڳا هُئا.
    ڪمري ۾ سامان ٺاهي. ميرو وڳو ٻاهر کڻي، ان ڇوڪريءَ وٽ آيس. انگريزيءَ جو اکر به مس ٿي آيس بهرحال ڪجهه هٿ جي اشاري سان ڪجهه انگريزيءَ ۾ پڇيو مانس.
    “ڪپڙا ڌوئي ڏيندينءَ ؟”
    “ڪڏهن کپن ــ؟ سڀاڻي ڌئان ـــ؟” هن به ساڳي طرح اشارن ۽ ڀڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    “نه. هينئر ڌوئي سگهندينءَ؟” پاتل وڳي ڏي اشارو ڪري چيومانس ته ٻيو اهو ئي آهي.
    ڇوڪري ٿڪل هئي. پر هائوڪار ڪيائين. استريءَ لاءِ به هائوڪار ڪيائين. پوءِ پهرين جا پسيل ڪپڙا پاسي تي رکي منهنجن کي پسائڻ، مهٽڻ ۽ سٽڻ ۾ لڳي ويئي.
    هاشم جي ڪمري ۾ گهڙي کين اها خوشخبري ٻُڌايم ته هن ريت ڪپڙن ڌوپڻ جو بندوبست ٿي ويو آهي.
    “ڇوڪري ته خبر ناهي ڪير آهي. هوٽل جي مالڪَ جي ڪا مائٽياڻي، ڪم واري، يا اسان وانگر ٻاهران آيل ڪنهن اسان جهڙي ڪنگلي ملڪ جي ٽوئرسٽ.” مون ٻڌايو مان.
    کانئس ڌئارڻيءَ جو اگهه اڳواٽ طيءِ نه ڪرايم. پر اها پڪ هيم ته جپان وارا اگهه هتي نه هوندا. جتي هانگ ڪانگ جي فٽ پاٿ (جمعي بازار) ٽائيپ مارڪيٽ مان ورتل پنجويهين رپئي واري چڍيءَ جي ڌئارڻي ٽيهه رپيا. ۽ واقعي ٿيو به ائين ٻئي ڏينهن نيرن تي هن پتلون قميص، گنجي ۽ ٽي شرٽ ڌوئي استري ڪري ڏنا جن جو اجورو فقط پندرهن ڀاٿ ورتائين ـــ يعني ٻارهن رپيا.
    ان قسم جي سستين هوٽلن ۽ هاسٽلن ۾ رهڻ جو اهو فائدو ضرور آهي ته ڪپڙن ڌوئڻ، چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪٽلي ۽ پڙهڻ لاءِ پُراڻين اخبارن ۽ رسالن جي ڍيرَ جو بندوبست ضرور آهي. انهن سهوليتن ۽ گهٽ مسواڙ ڪري، پنهنجي خرچَ تي دنيا جي سير تي نڪتل، ڪيترن يورپين جو اهڙين هوٽلن تي مارو هوندو آهي. بس هڪ ڌوتل چادر وارو هنڌ هُجي. سڄو ڏينهن پنڌ ئي پنڌ شهر گهمي رات جا ٽي چار پهر ان تي اچي ننڊ ڪجي. ائين ته اٺ ڏهه هزار رپئي ڪمري واريون هوٽلون به پيون آهن. پر سفر جي سياڻن لاءِ گهٽ خرچ تي گهڻي کان گهڻا ڏينهن ڌارين ملڪن ۾ گذارڻ ئي هڪ آرٽ آهي. وطن پهچڻ تي سندن سمجھو ۽ پڙهيل ڳڙهيل دوست اهوئي سوال ڪندا آهن ته ڇا ڇا ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. (۽ نه ڪيڏي وڏي هوٽل ۾ ٽڪيا ۽ مال مليده کاڌانوَ.) ۽ جواب ۾ هو ان شهر جي تواريخ جاگرافي کان وٺي ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ڪلچر بابت ٻڌائي ويندا. ٻيا وري اسانجي ايشيائي ملڪن جا (خاص ڪري اسانجي ملڪ جا)، احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا مُسافر هوندا آهن جيڪي اُهوئي ور ور ڏيئي پيا ٻڌائيندا ته فلاڻي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهياسين جنهن جو هيڏو وڏو ڪمرو هو. ههڙي ٿلهي فر جا غاليچا وڇايل هُئا. زبردست سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ هُئي. صبح جو ڏهين يارهين تائين خوب مزي مزي جو ننڊون ڪندا هُئاسين. ان بعد سونهري رنگ جي ٽب ۾ وهنجي سهنجي، زبردست نيرن ڪري، ٽين بجي ڌاري هوٽل جي سهڻي هيئر سئلون تان ڏاڙهي باڙهي لهرائي پوءِ هيٺ واڪ لاءِ نڪرندا هُئاسين. هوٽل جو هڪ هڪ بئرو ايندي ويندي سلام ڪندو هو جو پنجاهه ڀاٿن کان گهٽ ته ڪڏهن به ٽپ نه ڏنيسين........... وغيره.
    پر سائين هي يورپي، انگريز، آسٽريلين ۽ نيوزيلنڊ وارا ٽوئرسٽ کڻي ڪيڏي به وڏي نوڪري ۽ شان وارا هجن پر سفر ۾ خرچ ڪيل پئسي پئسي جو فائدو وٺن ٿا. هر وقت پنو پينسل کڻي حساب ويٺا ڪندا. ڪمري جي مسواڙ پنجاهه رپيا، صبح جو اسٽال تان چانهه ۽ ڊبل روٽي وٺي کاڌيسين تنهنجا پنج رپيا، ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ پنجين رپئي جو صابڻ ٻُورو. ٽئڪسيءَ ۾ ته ورلي ڪو چڙهندا. پنڌ تي گهڻو زور هوندو اٿن. وڌ ۾ وڌ بوٽ ڇڄي پوندن ته ان کي چتي يا ٽانڪو هڻائڻ جو پنج رپيا خرچ ڪندا. هونءَ اها حقيقت آهي ته اهڙائي ماڻهو دنيا جي سير سفر جوصحيح طرح لطف وٺن ٿا.
    جنهن هاسٽل نما، غريب نواز هوٽل ۾ اسان اچي رهياسين ان ۾ اڌ کن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ جي سڌريل ۽ امير ملڪن جا ٽوئرسٽ هُئا. ٻه ته سئٽزرلئنڊ جا به هُئا. هڪ جرمني جو . هڪ زال مڙس ــ يا ٿي سگهي ٿو دوست هُجن، اسپين جا هُئا. سڄو ڏينهن پاڻي جي بوتل هٿ ۾ کڻي گهمندا هُئا. ڪوڪا ڪولا يا ڪنهن شربت تي پنج باٿ به خرچ نه ڪندا هُئا. بچت کان علاوه هنن جو چوڻ هو ته پرديس ۾ اجايو سجايو کائي بيمار ٿيڻ بدران نج پاڻي ۽ سادو کائڻ ۾ صحت سٺي ۽ چست رهي ٿي.
    ان هوٽل ۾ هڪ انگريز پڻ هو Kent شهر جو. هو اڃان به سستي هوٽل جي ڳولا ۾ هو. مونسان به جيئن ئي عليڪ سليڪ ٿيس ته هڪدم سوال ڪيائين:
    “ڪا سستي هوٽل سجنئي ــــ؟”
    ۽ پوءِ حساب ڪري ٻڌايائين: “ڏس نه آءٌ اڪيلو آهيان ۽ روز ڪمري جا سوا سؤ باٿ (اٽڪل نوي رپيا) ڀريان ٿو. منهنجو هتي ڏهه ڏينهن رهڻ جو ارادو آهي. ان حساب سان ٻارهن تيرهن سؤ باٿ خرچ ايندو مونکي ڪا پنجاهه سٺ ڀاتنواري هوٽل ملي وڃي ته منهنجو سنئون سڌو اڌ خرچ بچي وڃي جنهن مان ڪجهه وڌيڪ ڏينهنَ ٿائلنڊ جي ڪنهن ٻئي شهرَ ۾ جيڪر رهي سگهان.”
    مونکي اهڙيون ٻه ٽي هوٽلون سُجھيون ٿي. پر هن پوڙهي انگريز جي ڪَمَ جون نه هُيون اهي هتي ٿائلنڊ ۾ نه پر حيدرآباد ۾ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ۽ شمس سئنيما جي پويان واري گهٽيءَ ۾ ۽ شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم ۾ آهن. جن جي مسواڙ هينئر ته خبر ناهي ڇا هُجي پر سٺ واري ڏهي ۾ 20 روپيه (يعني پنجويهه (25) باٿُ هُئي)، پر انهن ۾ نه چانهه ٺاهڻ واري ڪٽلي هئي ۽ نه ڪپڙا ڌوئڻ واري ڇوڪري.


    هاتيائيءَ ۾ پهرين رات جي ماني.....

    ان پهرين رات وهنجي سهنجي پوءِ ماني لاءِ هيٺ لٿاسين. هوٽلون ڳولڻ وقت مون ڏٺو ته رستي تي ڪيترائي ننڍا وڏا اسٽالَ ۽ گاڏا هئا جن تي کائڻ پيئڻ جو شيون جامَ هويون. ٻن ٽن گاڏن تي چنڊ تارو ٺهيل هو يا “بسم الله” جو فريم لڙڪيل هو جتي حلال کاڌو هجڻ ڪري اسين کائي سگهياسين ٿي. بلڪه منهنجو ارادو هو ته هيڏانهن هوڏانهن مانيءَ لاءِ پري ڀٽڪڻ بدران اسٽالن تان ئي ڪجهه وٺي کائجي. پر هاشم ان جي فائدي ۾ نه هو. هو ڪنهن پاڪستاني هندستاني يا ملئي جي مسلم هوٽل ۾ پُر تڪلف ماني کائڻ جي موڊَ ۾ هو ـــ جتي پهرين به کائي چُڪو هو.
    پاسي کان لنگهندڙ هڪ “ٽڪ ٽڪ” کي بيهاري، کيس راتا ڪارن (Rattakarn) روڊَ تي، پاڪستاني مسجد وٽ، هلڻ لاءِ چيو. ڊرائيور اسان ٽنهي کان جملي ٻارهن ڀات وٺي اڌ شهر جون گهٽيون ۽ رستا لتاڙائي، رستن تي لڳل پهرين جي ويٺل مسافرن کي لاهي، نيٺ اسانکي پاڪستاني مسجد اڳيان اچي ڦٽو ڪيو. رستي جي بتين جي روشني ۾ سٺي مون مسجد کي ڏٺو تها اها ساڳي رنگ روپَ ۾ هئي جنهن کان اڄ کان پنڌرهن سورهن سالَ اڳ ڏٺو هوم. اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ دُڪانَ ٺهي وَيا هُئا. سامهون واري ڪنڊَ تي هوٽل هاليڊي جي ڊگهي عمارت هُئي جنهن جو روشنين ۾ (Neon – Signs) لکيل نالو پري کان نظر اچي رهيو هو. ان جي سامهون ڪتابن جو دڪان هو. انهن دڪانن جي ڀر ۾ ربي ريسٽورنٽ هئي جنهن جي مٿان Muslim پڻ لکيل هو. معنا هن موٽل ۾ مسلمانن لاءِ حلال کاڌو آهي.
    اسان کان اڳ آيل، هڪ ملئي فيمليءَ جا ڀاتي، در جي جي ويجھو واري ميزَ تي ماني کائي رهيا هُئا هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين مان هڪ ملئي ۽ هڪ ٿائي کين Serve ڪري رهي هُئي. هڪ ٻئي ٽيبل تي تامل فئملي هُئي جيڪا لڳو ٿي ته انڊيا کان گهمڻ آئي هُئي. بئنڪاڪ کان، هتي جي هوائي ڪمپني Thai ايئر لائين جو مدراس يا بمبئي تائين ڀاڙو گهٽ پوي ٿو. ان کانسواءِ ٿائلنڊ مان سستي شاپنگ به ٿيو وڃي.
    هوٽل جا باقي ٽيبل خالي هُئا. هڪ تي اسين ويٺاسين. سامهون V.C.R ذريعي ٽي ويءَ تي هڪ انڊين هندي فلم “اجازت” هلي رهي هُئي. (هيرو ۽ هيروئن وڻ جي چوڌاري ڦري گانو ڳائي رهيا هُئا) جنهن شيشي جي ڪٻٽ ۾ ٽي وي رکيل هُئي ان جي مٿان ٻيا به ڪيترائي ڪئسٽ رکيا هئا. ڪجهه تامل ۽ هندي فلمن جا هئا ته ڪجهه WWF (ورلڊ ريسلنگ فيڊريشن) جي ڪشتيءَ جا پئسا وٺڻ واري ٽيبل تي هڪ سنهو همراهه، پنجويهه ٽيهه سالن جو ويٺل هو. هاشم ذري ذري چوي ته هيءَ پاڪستاني جي هوٽل آهي ۽ هو همراهه پاڪستاني آهي. اڙدو به ڳالهائي ٿو ۽ آئون ساڻس ضرور ملان.
    نيٺ مانيءَ بعد کاڌي جو بل چڪتو ڪري پڇيو مانس ته آيا هو پاڪستان جو آهي.
    “ها. ۽ ڇا توهان به پاڪستاني آهيو؟” هن مونکان پُڇيو.
    “هائو. پر ملائيشيا ۾ رهان ٿو. اتان هتي آيو آهيان.” مون هاڻ ساڻس اڙدوءَ ۾ ڳالهايو.
    “معاف ڪجو. مون توهان کي سڃاتو ڪونه. نه ته هر پاڪستانيءَ سان آئون پاڻَ ئي اچي ملندو آهيان.” هوٽل واري چيو.
    “ٻين کي ڪيئن سڃاڻين ته اهي پاڪستاني آهن؟”
    “ڪپڙن مان. اهي گهڻو ڪري شلوارَ قَميص ۾ هوندا آهن ـــ چاهي ڪو سنڌي پنجابي هجي يا پٺاڻ بلوچ. اڄ ڪلهه پاڪستاني ۽ افعاني ان ڊريس مان سڃاتا وڃن ٿا. توهان پهريان آهيو جيڪي نڪر ۾ آيا آهيو.”
    “هو پري کان ايندا آهن، آئون هتان ويجھو آيو آهيان ان ڪري چڍيءَ ۾ آهيان.” مون چرچي طور چوندي کيس پنهنجو نالو ٻڌايو.
    “۽ منهنجو نالو حاجي شبير احمد آهي. ٽن چئن مهينن کان هتي رهان ٿو.”
    ٽيهن ورهين جي جوان شبير احمد وڌيڪَ ٻُڌايو ته هو لاهور جو آهي جتان بي ـــ ڪام ڪرڻ بعد لاهور ۾ ڪجهه سالَ ڪار ڊيلر ٿي رهيو. سندس پنهنجو Shabbir Motors نالي لاهور جي لبرٽي پلازا ۾ شو روم هو. جتان پوءِ جپان جي شهر سائتاما ۾ ٻه سال کن غاليچن جو واپار ڪيو. هاڻ هتي سندس دوست طارق وٽ رهيل آهي جنهن جي هيءَ Ruby Restaurant نالي هوٽل آهي.
    “طارق هن وقت سامهون واري “پاڪستان مسجد” ۾ سومهڻي جي نماز پڙهڻ ويو آهي. ڄاڻ ته آيو.” شبير ٻڌايو.
    “ڀلا طارق ڪڏهن کان ٿائلنڊ ۾ رهي ٿو ـــ؟” مون پڇيو.
    “هو ٻن سالن کان هتي آهي.”
    “هتي جي پي .آر (Permanent Residency) يعني پڪي رهائش ڪيئن مليس؟” مون معلوم ڪرڻ چاهيو.
    “هن جي زالَ ٿائي آهي.” هن سامهون ڪچن ۾ هڪ عورت ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو جيڪا آيل گراهڪن لاءِ ڪجهه پچائي رهي هُئي. “ٻه سال اڳ هو بئنڪاڪ گهمڻ آيو هو ۽ اتي هن سان شادي ڪيائين.”
    “اسانجا پاڪستاني به هاڻ ڪافي سمارٽ ٿي ويا آهن ۽ Marriage of Convenience چڱي عام ٿيندي وڃي.” مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    ڇوڪريءَ ڏي لڳاتار نهاريندو ڏسي شبير چيو: “سائين هاڻ هوءَ مسلمان آهي.”
    “ماشاءَ الله ڀلا پوءِ توهان هتي رهڻ جو بندوبست ڪيئن ڪيو آهي؟”
    “منهنجي مهيني جي ويزا ختم ٿيندي آهي ته ٿائلنڊ ملڪ ڇڏي، ڀر واري ملائيشيا جي شهر پينانگ هليو ويندو اهيان. جتان وري ٿائلنڊ موٽڻ تي وڌيڪ مهيني جي ويزا ملي ويندي آهي.


    سفر لاءِ ويزا ضروري آهي.......

    اتي هوٽل جو مالڪ طارق نماز پڙهي موٽيو. هو به شبير جي عمر جو لڳي رهيو هو. سلام دعا ۽ ڄاڻَ سُڃاڻ ڪرائڻ بعد پڇيو مانس: “ٻئي ڪنهن ڌنڌي بدران توهان کي هوٽل کولڻ جو خيال ڪيئن آيوــــ؟”
    “منهنجو هن ڌنڌي سان پهرين کان واسطو نه هو. منهنجي ساهرن (ٿائي زال جي پيءُ) کي بئنڪاڪ ۾ هوٽل آهي جتي منهنجي زالَ پڻ ڪم ڪيو ٿي. ان ڪري شاديءَ بعد مون هوٽل کولڻ بهتر سمجھيو.”
    “پر بئنڪاڪ ۾ ڇو نه کوليائون؟ بئنڪاڪ کان هزار ڪلوميٽرن پري، هيڏانهن ڏکڻ ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ هوٽل کولڻ جو ارادو ڪيئن ٿيو؟”
    “ان ڪري جو هڪ ته بئنڪاڪ ۾ هن قسم جون پاڪستاني، اتر هندستاني ۽ ڪشميري کاڌن واريون هوٽلون اڳهين جامَ آهن. ٻيو ته ٿائلنڊ جي بارڊر وارو هي شهر هاتيائي اسان جي ماڻهن (پاڪستان، هندستان، نيپال، بنگلاديش وغيره) لاءِ سولو رهي ٿو. هو هر وقت ويزا Renew ڪرائڻ لاءِ هتان ملائيشيا وڃن ٿا. ٿائلنڊ جا ٻيا پاڙيسري ملڪ: برما، لائوس، ڪمبوڊيا، ويٽنام وغيره صحيح قسم جا نه آهن ان ڪري ملائيشيا وڃڻ لاءِ هر ڪو هيڏانهن هاتيائي اچي ٿو.” طارق ٻُڌايو.
    ٻاهر ويندڙن کي اهو ضرور معلوم رکڻ کپي ته ڪو به ملڪ ڌارئين کي هميشه رهڻ نٿو ڏئي. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هفتو ٻه يا مهينو ڇڏي ٿو. مثال طور ملائيشيا جي حڪومت، پاڪستاني مُسافر کي ملائيشيا گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنڌرهن ڏينهن جي ويزا ڏئي ٿي. قانون موجب پنڌرهن ڏينهن ختم ٿيڻ کان اڳ هن کي ملائيشيا جي سرحد ڇڏڻي آهي. وڌيڪ ٽڪي پوڻ تي هو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو جنهن جي سزا جيلَ ۽ ڏنڊ آهي. پر جيڪڏهن ڪو ان کان وڌيڪ رهڻ چاهي ته ان لاءِ هن کي ويزا Renew ڪرائڻ کپي. ان لاءِ اهوئي طريقو آهي ته ويزا ختم ٿيڻ شرط ملائيشيا ڇڏي سنگاپور يا ٻئي ملڪ مان ڏينهن ٻن لاءِ چڪر هڻي اچي. ائين موٽڻ سان هڪ دفعو وري ويزا مليو وڃي. پر هو تيسيتائين آهي جيسيتائين ٻين ملڪن ۾ اسنا کي بنا ويزا وڃڻ جي اجازت هجي ڇو جو هاڻ ٻُڌجي پيو ته سنگاپور وارا به اسانکي Visa بنا اچڻ نٿا ڏين.
    مثال طور اسانجو هڪ پاڪستاني دوست يوسف شاهه جيڪو ملائيشيا جي هوا ڪمپني MAS ۾ انجنيئر آهي. قاعدي موجب کيس ٽن ٽن سالن جي ورڪنگ ويزا ملندي رهي ٿي. کيس هتي هي تيرهون چوڏهون سال آهي. ساڻس گڏ سندس زال ۽ ارڙهن ورهين جي ڄمار تائين جي ٻارن کي Dependent ويزا مليل آهي جنهن موجب جيسين هو هتي آهي سندس فئملي جا ماڻهو به رهي سگهن ٿا. باقي 18 سالن کان وڏو پٽ طارق جيڪو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري ٿو، ماءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ مهيني جي سوشل ويزا تي ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي دل وڌيڪ رهڻ لاءِ چوندي آهي ته مهينو پورو ٿيڻ کان ڏينهن ٻه اڳ ملائيشيا ڇڏي سنگاپور هليو ويندو آهي. پوءِ ساڳي ٽرين يا بس ۾، يا ٻئي ڏينهن ڪنهن سواريءَ ۾ ملائيشيا ايندو آهي ۽ کيس وڌيڪ هڪ مهيني جي ويزا ملي ويندي آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي سنگاپور ۽ ملائيشيا اسان لاءِ ان تي به سختي ڪري.
    هر ملڪ ۾ ويزا جو سلسلو ان ڪري رکيو وڇي ٿو ته جيئن ڪو به ڌاريون پرائي ملڪ ۾ ترسي نه پوي ۽ ساڳي وقت سندس چرپر کان حڪومت واقف رهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ڦرڻ خاطر ضرور اچي جنهن ۾ پنهنجو پئسو خرچ ڪري ان ملڪ جي معاشي حالت بهتر ڪري (ان ڪري ڪيترن ملڪن ۾ گهڙڻ وقت پاسپورٽ سان گڏ پئسا به ڏسندا آهن ته آيا هٿين خالي ته نه آهي) ان ڪري گهڻي پئسي واري کي مانُ ڏنو وڃي ٿو ته ڀلي آيو جيءُ آيو. جيترو جلدي ٿي سگهي ڏوڪڙ کپائي وڃي. ڪو به ملڪ اهو نٿو چاهي ته ڌارئين ملڪ جو ڪو غريب اچي ۽ نه ڪو سندن ملڪ ۾ هميشه لاءِ ٽڪڻ جي ڪري ۽ نه وري هو سندن ملڪ ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري پئسو ڪمائي پنهنجي ملڪ کڻي وڃي. ڪيترا مُسافر ـــ خاص ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جا، گهمڻ جي ويزا تي اچي لڪي ڇپي ويندا آهن. پوءِ ڏورانهن ڳوٺن ۽ جھنگلن ۾، گهٽ پگهار تي، ڏکيا ڏکيا پورهيا ڪندا آهن. ساڳي وقت حڪومت انهن جي ڳولا ۾ هوندي آهي. جھلجڻ تي کين جيل حوالي ڪيو ويندو آهي. سعودي عرب کان سنگاپور تائين ۽ جپان کان ڪئناڊا تائين، ڪيترن ئي امير ملڪن جا جيل، اهڙن ڪيترن بدقسمت زماني جي ستايل، غريب ملڪن جي ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. سنگاپور ته هن سال کان اميگريشن جو قانون اڃان به سخت ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سنگاپور ۾ ويزا ختم ٿيڻ بعد، هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻ لاءِ به جيل جي ڊگهي سزا آهي. ان کان علاوه ڏوهاريءَ کي ڦٽڪا پڻ هنيا وڃن ٿا.
    ڪنهن به ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ اڄ ڪلهه سولي ڳالهه ناهي ۽ ڪنهن به مُسافر کي ڌارئين ملڪ ۾ مقرر ويزا کان وڌيڪ ٽڪڻ هرگز نه کپي. (ڌارئين ملڪ ۾ مقرر ڏينهن لاءِ رهڻ جي اجازت نامي کي ويزا Visa سڏجي ٿو.) ۽ Visa جا قانون هر وقت بدلجندا رهن ٿا. ان ڪري پنهنجو ملڪ ڇڏڻ وقت ٻئي ملڪ جي قاعدن قانونن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ رکي پوءِ نڪرجي ڇو جو مشڪل وقت ۾ ڌارئين ملڪ ۾ ڪو به مدد نه ٿو ڪري. ڪيترين ڳالهين ۾ سفارت خانا به مجبور آهن. ڌارئين ملڪ ويندڙ کي هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ڪن ملڪن جي ويزا ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچي ملي سگهي ٿي جيئن اڄڪلهه (يعني هي سال 1987ع آهي) سنگاپور يا ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي پهچي هڪ پاڪستاني انهن ملڪن جي مهينو يا پنڌرهن ڏينهن جي ويزا وٺي سگهي ٿو پر ٿائلنڊ گهمڻ جي لاءِ ويزا، ٿائي ايمبسي اسلام آباد يا ٿائي قونصل خاني ڪراچيءَ مان اڳواٽ وٺي نڪرڻ ضروري آهي. بنا ويزا واري کي بئنڪاڪ جي ايئرپورٽ تان ئي واپس ڪيو وڃي ٿو. (نوٽ: هينئر سنگاپور ۽ ملائيشيان وارن پڻ پاڪستانين لاءِ اها سهوليت بند ڪرڻ جو ارادو ڏاکري رهيا آهن.)
    دنيا جي مختلف ايئرپورٽن تي ڪيترا دفعا اهڙا مُسافر نظر ايندا جيڪي ويزا نه هجڻ ڪري (يا پاسپورٽ/هيلٿ سرٽيفڪيٽ/ يا سفر جا ٻيا ڪاغذ گم ٿي وڃڻ ڪري) ٻي اڏام ۾، واپس وطن وڃڻ جي انتظار ۾، ٻه ٻه ڏينهن ايئرپورٽ جي ڪرسين تي ويٺا هوندا. ڪن ايئرپورٽن تي ته کائڻ پيئڻ جو به ڪو هٽ يا هوٽل نه هوندي آهي. نه وري کين ٻاهر قدم رکڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي.


    ويزا جي مون سان به جٺ ٿي....

    هڪ دفعو Visa جي مون سان به ٿوري گهڻي جٺ ٿي چڪي آهي جيڪا منهنجي بي ڌيانيءَ جو نتيجو هئي. اهو هن ريت: ٻه سال اڳ تائين ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي هئي. جڏهن دل چاهيندي هئي ته پاسپورٽ کڻي هليو وڃبو هو. بارڊر تي ٿائي اميگريشن جو آفيسر، پاسپورٽ تي داخلا (Entry) جي ٺپي سان گڏ مهينو رهڻ لاءِ ويزا جو ٺپو پڻ هڻي ڏيندو هو.
    هڪ دفعي موڪلن ۾ ڪوالالمپور ويس جتي هڪ عرب ۽ آسٽريلين دوست پينانگ هلڻ لاءِ چيو. پينانگ پهتاسين ته اتي جو ملئي ميزبان ۽ هڪ سنگاپوري انجنيئر ٿائلنڊ وڃي رهيا هئا. اسان کي به زور ڀريائون ۽ سڀ هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ اتان کان ريل گاڏي ٿائلنڊ وڃڻي هئي. جلدي جلدي ۾ ٽڪيتون وٺي ٿائلنڊ واري ريل ۾ ٿائلنڊ ڏي روانا ٿياسين. پوري پنجين بجي ڌاري ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن Padang Besar تي ريل گاڏي پهتي. پڊانگ بسار جنگشاهيءَ جهڙو هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن کانپوءِ ٿائلنڊ جو ملڪ شروع ٿيو وڃي. پڊانگ بسار جو سڄو شهر ملائيشيا ۾ اچي ٿو. باقي ريلوي اسٽيشن کي اڌو اڌ ڪيو ويو آهي ـــ اڌ ملائيشيا وارن جون آفيسون آهن ته اڌ ۾ ٿائلنڊ وارن جون.
    ملائيشيا واري اميگريشن آفيس مان اسان سڀني ـــ يعني مون وارن ملئي، سنگاپوري، آسٽريلين ۽ عرب دوستن Exit جو ٺپو هڻائڻ بعد ٿائي اميگريشن آفيسر وٽ آياسين. ان سلسلي ۾ اسان قطار ۾ بيٺا هئاسين ته هڪ سگريٽ چاڪليٽ وڪڻندڙ ٿائي گهوريئڙو، ذري ذري منهنجي سائي رنگ جي پاسپورٽ ڏي اشارو ڪري ٻين کي چوي ته “هِنَ کي ٿائلنڊ ۾ اچڻ نه ڏيندا.”
    مون کي ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ته هو ائين ڇو پيو چوي. هن کان اڳ ته ڪڏهن به ڪنهن نه روڪيو آهي. ڀلا فقط مون کي ڇو اچڻ نه ڏيندا. ٽرين مان ته سوين ماڻهو لٿا پر هي چريو فقط مون لاءِ ڇو پيو چوي. ايتريقدر جو اسان وارو آسٽريلين دوست جيڪو قطار ۾ اڳيان هو ۽ پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا هڻائي چڪو، تنهن ڇڙٻ ڏيئي چيس:
    “Why do you say so?”
    ٺهه پهه جواب ڏنائين: Because he is a Pakistani
    دراصل ڇا ٿيو هو جو فقط ٻه ڏينهن اڳ ٿائلنڊ جي حڪومت اعلان ڪيو هو ته هاڻ ان ڏينهن کان پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي ماڻهن کي پهرين وانگر ٿائلنڊ ۾ آزاديءَ سان اچڻ نه ڏنو ويندو ـــ يعني کين Arrival (پهچڻ) تي ويزا نه ڏني ويندي. هو پنهنجن ملڪن ۾ موجود ٿائي ايمبسي يا قونصل خاني کان ويزا وٺي پوءِ ٿائلنڊ لاءِ نڪرن. اها ڳالهه نه مونکي ڌيان ۾ هئي ۽ نه منهنجن دوستن کي. اسان سڄي واٽ چرچا ڀوڳَ ڪندا اچي بارڊر واري شهر پڊانگ بسار ۾ نڪتا هئاسين. مونکي ته اها به ڄاڻ نه هئي ته ٻه ڏينهن اڳ ٿائلنڊ حڪومت اسان جهڙن غريب ملڪن لاءِ هي نئون قانون جاري ڪيو آهي. (آهي ته ٿائلنڊ به غريب. پر هاڻ مڙيئي اسان کان ڪجهه سڀرو ٿي ويو آهي ته اسان ڄڻ هن لاءِ ايراغيرا ٿي پيا آهيون)
    منهنجي اڳيان بيٺل مڙني دوستن کي ٿائي اميگريشن آفيسر Entry ۽ Visa جو ٺپو هڻي ڏنو. منهنجو وارو آيو ته اهوئي ٿيو جنهن جو انديشو هو پاسپورٽ موٽائي ڏنائين ته مونکي اچڻ نه ڏيندا.
    “ڪوالالمپور يا پينانگ وڃي اسانجي ٿائي آفيس ۾ ويزا جو درخواست فارم ڀري پوءِ ويزا وٺي اچ.” هن چيو.
    مون هن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٻڌايو ته آئون پهرين به ٿائلنڊ ويندو رهيو آهيان. پر جواب ۾ هن خبر جي اها ڪٽنگ ڏيکاري جنهن ۾ پاڪستانين کي بنا ويزا اچڻ کان جهل جي قانون جو اعلان ٿيل هو.
    ٽرين جي اسان واري دٻي ۾ ملائيشيا جو هڪ رٽائرڊ سينئر سيڪريٽري پنهنجي پوڙهي زالَ سان سفر ڪري رهيو هو. اُها ٿائي عورت هئي. ڪپڙي گندي ۽ ڳالهائڻ مان لڳو ٿي ته زال به ڪنهن اهم عهدي تي رهي چڪي آهي ۽ ٿائلنڊ جي ڪنهن اهم گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. هو پڻ، پينانگ کان وٺي اسان سان ڪچهري ڪندا آيا ۽ هڪ ٻئي سان ايتري واقفيت ٿي ويئي جو هنن بئنڪاڪ ۾ ٺهرايل نئين گهر جي ائڊريس ڏني ته جيڪڏهن بئنڪاڪ وڃون ته هنن جا مهمان ٿي رهون.
    اُنَ وقت قطارَ ۾ هو ٻئي منهنجي پويان هُئا. مونکي ويزا نه ملڻ ڪري سيڪريٽريءَ جي ٿائي زال اميگريشن آفيسر کي ٿائي زبان ۾ مون لاءِ ايتريون ته منٿون ڪيون جو مون ئي منع پئي ڪئيمانس ته مڙيئي خير آهي. پر جڏهن اميگريشن آفيسر نه مڃيو ته هن عورت سندن باس سان ملڻ لاءِ عرض ڪيو جيڪو ڀر واري آفيس مان هلي آيو. ٿائي عورت پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ڪنهن طرح مونکي اجازت ڏيڻ لاءِ چيو. ايتريقدر جو هوءَ ضمانت ڏيڻ لاءِ به تيار هئي. پر ان وڏي صاحب به اهوئي چيو ته هو مجبور آهي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نٿو سگهي. هن ٻڌايو ته اڄوڪي ڏينهن ۾ بئنڪاڪ ايئرپورٽ تان به مون جهڙا ڪيترائي پاڪستاني واپس ڪيا ويا آهن.
    مونکي ان وقت محسوس ٿيو ته هڪ شهريءَ جو سٺو هجڻ يا خراب هجڻ ڪا اهميت نٿو رکي. توهان جي اهم هجڻ جو مدار ملڪ جي ڌاڪ، ساک، دٻدٻي ۽ دولت تي آهي. اڄ به اسانجي ملڪ ۾ سون، پيٽرول، پلاٽينم نڪري اچي ته سڀان کان اسان به دنيا جا باعزت ماڻهو بنجي وينداسين. ڌارين ملڪن جا ماڻهو اسانکي به عربن وانگر V.I.P ڪري سمجھندا جن سان ويزا جهڙا ٺڙڪو قانونَ لاڳو ٿي نه سگهندا. اسانجي ملڪ جي حڪومت جو نظام صحيح معنيٰ ۾ جمهوري ٿي وڃي، معيشيت مضبوط ٿي وڃي، سِڪي جي ساکَ سگهاري ٿي وڃي ته اسان ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي کان به بهتر سمجھيا وينداسين. اسان جو ملڪ Technical Know How ۾ مٿڀرو ٿي وڃي ۽ بم توبون، جهاز راڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڏئي ته اسانجي به جپان، اسرائيل، انگلينڊ، فرانس جهڙي آؤ ڀڳت ٿي سگهي ٿي..... پوءِ اها ڳالهه ڪنهن کي به ڌيان ۾ نه ايندي ته ايٽمي هٿيار ٺاهڻ غير اخلاقي ڳالهه آهي.
    دوستن سان مرڪي موڪلايم جن کي منهنجي الڳ ٿيڻ جو ڏک ضرور ٿيو.
    “مڙيئي خير آهي. ائون سڀاڻي ئي پينانگ ۾ ٿائي قونصل خاني وڃي، ويزا وٺي، توهان سان هاتيائي ءَ ۾ اچي ملندس. جتان پوءِ گڏجي اڳتي بئنڪاڪ هلنداسين.”
    ساڳي وقت اهو به چيومان ته انتظار نه ڪجو. آيس ته اچي نڪرندس. (ڇو جو دلي طرح مون هاڻ ٿائلنڊ وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو.)
    پاسپورٽ کڻي واپس ملائيشيا واري اڌ ۾ آيس جتي جا اميگريشن آفيسر ٽپڙ ٻڌي آفيس بند ڪري رهيا هُئا جو هاڻ ٻي ٽرين ٻئي ڏينهن اچڻي هئي. چڱو جو Exit جو ٺپو هڻائڻ مهل، ان ملئي اميگريشن آفيسر سان عليڪ سليڪ ٿي ويئي هئي. هن جي پڇڻ تي مون ٻڌايو هئو مانس:
    “ورڪنگ ويزا تي ملائيشيا ۾ رهيل آهيان. مئرين انجنيئر آهيان ۽ توهان جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهايان ٿو. ماستر آهيان.”
    ملائيشيا دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي ماستر جو اڃان تائين مان ڪيو وڃي ٿو. استاد کي اتم سمجھيو وڃي ٿو. مهاتير کان به وڌيڪَ سندس پيءُ جي عزت ڪئي وڃي ٿي جو هو ٽيچر هو. سو هن ملئي آفيسر ذڪريا مونکي سندس پاسي واري اڌ ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي تعجب مان پڇيو: “cigu ڇو ـــ؟ خير ۾” چيگو “چيڪ ـــ گرو” جو شارٽ فارم آهي. يعني “سائين ماستر”. (گرو معنا ماستر، مهاگرو معنا وڏو ماستر ۽ گرو بسار معنا هيڊماستر. هي هندي يا سنسڪرت جا لفظ آهن جيڪي ملئي زبانَ ۾ اچي ويا آهن. ساڳي وقت مريد معنا شاگرد)
    “ڪوالالمپور مان ويزا وٺڻ وسري ويم. هاڻ ٿائلنڊ وڃي نٿو سگهان.” ٻڌايو مانس.
    هن شريف انسان “ڊپارچر ڪارڊن” جي وري هڙکولي جنهن مان منهنجو ڪارڊ ڳولهي ڪڍيو. ان ڪارڊ ۽ پاسپورٽ تي لڳل Exit جا ٺپا رد ڪري ٻئي واپس ڪيا. ٿائلنڊ واري ريل، ٻين مسافرن سان گڏ، منهنجا دوست پڻ کڻي رواني ٿي ويئي. اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ هڪ هڪ ٿي هليو ويو. پڊانگ بسار ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم سڄو خالي ٿي ويو. ٽڪيٽ واري کان ملائيشيا ڏي ويندڙ ٽرين جو وقت پڇيم جيئن پينانگ يا واپس ملاڪا هليو وڃان.
    “هتان هاڻ سڀاڻي نائين بجي ڌاري ملائيشيا ڏي ويندي.”
    “ڀلا هن شهر ۾ رهڻ لاءِ ڪا هوٽل آهي ـــ؟ مون پڇيو.
    “سائين ننڍڙو ڳوٺ آهي. هتي ڪير رهڻ چاهيندو.”
    “ڀلا ڪا ٻي سواري ــ؟”
    “سانجهي نماز کانپوءِ هڪ بس پينانگ وڃڻي آهي.” هن ٻڌايو.
    آئون ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجھي ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس. رمضان جو مهينو هو. سج لهڻ تي هو. روزو کولڻ لاءِ هڪ ملئي هوٽل ۾ اچي ويٺس. ٻاهر رستي تي ٿائي ۽ ملئي عورتون ٿائلنڊ کان سمگل ٿي آيل ٿوم، بصر ۽ چانور وڪڻي رهيون هيون. اهي شيون ٿائلنڊ ۾ سستيون ۽ سٺيون آهن پر ملائيشيا ۾ مهانگيون. روزو کولي مسجد ۾ ويس. رستي تي بس اسٽاپ هو. جِتي ويٺل ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان بس جو پڇيم.
    “هتان اٺين بجي بس ويندي ۽ ان بعد ڏکڻ ڏي آخري بس نائين بجي ويندي. (ظاهر آهي هن ڏکڻ پاسي جي ڳالهه ڪئي جو اتر ڏي ته چند قدمن بعد ٿائلنڊ شروع ٿئي ٿو). پر عيد ويجھي هجڻ ڪري سڀ سيٽون ڀريل آهن. جيڪڏهن ڪو مُسافر نه آيو ته پوءِ توکي ان جي سيٽ ڏيئي سگهنداسين.”
    اٺين تائين انتظار ڪيم پر ان بس ۾ ڪا به خالي سيٽ نه نڪتي، مسجد جي ملئي امام چيو ته ان صورت ۾ مسجد ۾ ئي رات گذاريان. جسماني ٿڪ ۽ ذهني مونجھاري ڪري مٿي جو سور پئجي ويو هو. موٽي وري ڳوٺ جي ساڳي هوٽل ۾ چانهه لاءِ آيس. هوٽل جي سامهون، ميدان تي ڪجهه پرائيويٽ ٽئڪسيون بيٺيون هيون جن جا ڊرائيور هوٽل جي ٻاهران دڪين ۽ بينچين تي ٻين ڳوٺاڻن سان خبرون ڪري رهيا هئا. هڪ اڌ ڊرائيور، رکي رکي، ٻين کان نظرون بچائي منهنجي ڀرسان ويهي، بنا ويزا جي ٿائلنڊ وٺي هلڻ جي آڇَ ڪَئي.
    “انچق! (سائين) هيترو ڀاڙو ڏيو. توهانکي اهڙن رستن تان بارڊر ٽپائي ٿائلنڊ وٺي هلندس جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي. ويزا ته ڇا پر پاسپورٽ جي به ضرورت ناهي.” ڊرائيور خاطري ڏني.
    “ان طرح غير قانوني رستي هرگز وڃڻ نٿو چاهيان.” مون کين سختيءَ سان چئي کانئن جند ڇڏائي. دل ۾ چيم ته هي ٽئڪسي وارا ڪجهه سڪن ڪارڻ پريشان مسافر کي ڪيڏي غلط راهه ڏسين ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪو سندن ڳالهين ۾ اچي وڃي. ان کي ڏوهه جو ڪم نه سمجھي سندن ڏسيل واٽ تي هليو پاڻ کي ڦاسائي، پرديس ۾ پاڻ لاءِ به پريشاني پئدا ڪري ته ملڪ جو به نالو بدنام ڪري. اهڙا ڪيس به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندا رهن ٿا. ان ۾ ڦاسندڙ به جيڪڏهن امير يا طاقتور ملڪ جو آهي ته ٿاڻي تائين به نالو درج نٿو ٿئي. باقي بنگلاديش، پاڪستان، هندستان جهڙن ملڪن جا نالا ان سلسلي ۾ اخبارن جون سرخيون هونديون آهن. پوءِ بعد ۾ڀلي کڻي اهو ثابت ٿئي ته ملزم جو انهن ملڪن سان تعلق ئي نه هو.
    چانهه پي نائين وڳي واري بس لاءِ اچي انتظار ڪيم. خوش قسمتيءَ سان ان ۾ مونکي جاءِ ملي ويئي. پينانگ تائين ايندي ايندي رستي تي جتي ڪٿي هنن جي خفيه پوليس بس جي چيڪنگ ڪئي ٿي. پر ڀر ۾ ويٺل همراهه ٻڌايو ته بارڊر وارن علائقن ۾ اها چيڪنگ ضروري آهي نه ته ڪيترا ماڻهو غير قانوني طرح اسانجي ملڪَ ۾ گهڙي پون ٿا.
    رات جو پوري ٻارهين بجي بٽروٿ (پينانگ) پهتاسين. اتان ڪيتريون ئي بسون ڏکڻ ڏي: ڪوالالمپور، ملاڪا، جوهوربارو ــــ ويندي سنگاپور تائين، وڃڻ لاءِ تيار هيون. آڌي رات جو ڪنهن دوست جو گهر کڙڪائڻ يا هوٽل ۾ ڪمرو هٿ ڪرڻ بدران بس ۾ ئي سمهڻ بهتر سمجھيم. هڪ بس جيڪا سنگاپور تائين وڃي رهي هئي، ان جي آفيس ۾ پنجٽيهه رنگٽ (پوڻا ٽي سؤ رپيا) ڀاڙو ڏيئي سنگاپور تائين جي ٽڪيٽ ورتم ۽ باقي موڪلن جا ڏينهن سنگاپور ۾ اچي گذاريم ــــ جتي اسان پاڪستانين کي اڳواٽ ويزا وٺڻ بنا اچڻ ڏين ٿا.
    (نوٽ: پر هاڻي تازي قانونَ موجب (ملائيشيا ۽ سنگاپور) لاءِ به پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ مان اڳواٽ ويزا وٺي اچڻ کپي.)


    حلال جو پورهيو ڇڏڻ نه کپي....

    انڊيا جي رهاڪن کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور لاءِ به اڳواٽ پنهنجي ملڪ مان ويزا وٺي نڪرڻو پوي ٿو. ڪي ملڪ ته اهڙا آهن جيڪي رهڻ ته نٿا ڏين پر گهمڻ لاءِ به اچڻ نٿا ڏين. انهن ملڪن جي ويزا نه سندن ايئرپورٽ تي ملي سگهي ٿي ۽ نه سفارت خانن مان. سئيڊن، ناروي، ڪويت، برونائي ۽ ٻيا ڪيترائي عرب ملڪ ڌارين کي اچڻ نٿا ڏين ـــ منهنجو مطلب آهي اسان جهڙن غريب ملڪن جي رهاڪن کي. باقي ڪو آمريڪن، انگريز، فرينچ وغيره آهي ته بالم ٿيو پيو هلي. هن لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن جا دروازا کليل آهن. بلڪه انهن لاءِ اسانجو هر ايشيائي ملڪ واٽون پيو نهاري.
    جن ملڪن ۾ اچڻ جي اجازت ناهي، يا جن ملڪن ۾ اڳواٽ حاصل ڪيل ويزا بنا اچي نٿو سگهجي، اتي توهان ٽڪيٽ خريد ڪري انهن ملڪن جي هوائي اڏي (ايئرپورٽ) تائين ته پهچي سگهو ٿا پر ان ملڪ جي “اميگريشن پوليس” توهان کي ايئرپورٽ کان ٻاهر هرگز نه ڪڍندي.
    1984ع ۾ برونائيءَ کي خودمختياري ملڻ جو جڏهن اعلان ٿيو ته پاڪستان ۾ خبر ناهي ڪنهن افواهه پکيڙيو ته فلاڻي تاريخ کان اڳ جيڪو برونائيءَ ۾ پهچندو ان کي برونائي ۾ هميشه لاءِ رهڻ ڏنو ويندو ۽ نوڪري ڌنڌي ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني ويندي. ڪيترا غريب ويچارا الهه تلهه وڪڻي هوائي جهازن جا ڳرا ڀاڙا ڀري جڏهن اتي پهتا ته کين ايئرپورٽ کان ئي ٻاهر نه ڪڍيائون. اتان ئي اڃيو بکيو ٻي اڏام ۾، سندن ئي خرچَ تي، کين پاڪستان موڪليو ويو. سو گهر کان نڪرڻ مهل هميشه اهو خيال ڪجي ته آيا ٻئي ملڪ ۾ اچڻ ڏيندا يا نه. ڇو جو ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ فقط پاسپورٽ ۽ رٽرن ٽڪيٽ ڪافي نه آهن. ان سان گڏ ويزا، هيلٿ سرٽيفڪيٽ ۽ غير ملڪي ناڻي جو هجڻ پڻ ضروري آهي.
    سو ڌارين ملڪن جا جيڪي ٿائلنڊ ۾ اچن ٿا، ويزا ختم ٿيڻ تي هن ڏاکڻي شهر هاتيائيءَ مان ٿي ملائيشيا وڃن ٿا، جيئن کين مهينو کن وري وڌيڪَ رهڻ لاءِ ملي وڃي. ڪيترائي پاڪستاني ماڻهو ڌارين ملڪن جا کاڌا ــــ ويندي سئنڊوچ، ڊبل روٽي کائڻ جا عادي نه هجڻ ڪرري مسٽر طارق جي “ربي ـــ ريسٽورانٽ” جهڙين هوٽلن ۾ پنهنجي پسند جو ٻوڙ ماني يا ڀت کائڻ لاءِ اچن ٿا. جيئن اسان جو ملئي دوست هاشم به سڄي شهرَ کي ڇڏي هتي آيو. سو طارق جي ربي ريسٽورانٽ جا اهم گراهڪ گهڻو تڻو پاڪستاني ۽ اتر هندستاني آهن. ڪجهه ڏکڻ هندستان جا به اچن ٿا. جن جي پسند جون شيون، اڊلي، ڊوسا وغيره پڻ هن پنهنجي هوٽل ۾ رکيا آهن.
    طارق کان پڇيم:
    “ملائيشيا جو ته سرڪاري مذهب اسلام آهي ۽ جتي ڪٿي حلال کاڌو ملي ٿو پر هتي ٿائلنڊ ۾ ان جو بندوبست ڪيئن ڪريو جتي نوي سيڪڙو ماڻهو ٻڌ آهن.”
    “هتي حلال گوشت سولائيءَ سان مليو وڃي جو هتي جا گهڻا ڪاسائي مسلمان آهن. انهن ۾ ڪجهه ته پاڪستاني پٺاڻَ آهن، ڪجهه ملئي ۽ ڪجهه هتي جا ٿائي مسلمان آهن.”
    “ڇو ڀلاــــ ؟”
    “ ان ڪري جو ٻڌ ڌرم موجب ڪنهن به ساهه واري جي جان، هڪ ٻڌ کي وٺڻي ناهي. ان ڪري ڪو به ٻُـڌ ڪاسائي ناهي. باقي “ٻوٽي حرام رهو حلال” موجب کائين سڀ ڪجهه ٿا.”
    “ڀلا توهان جو ڌنڌو ڪيئن ٿو هلي؟” مون طارق کان پڇيو.
    “بس . ٺيڪ آهي. گهڻو سٺو به نه آهي. گهڻو خراب به نه آهي. گذر سفر پيو ٿئي. رشوت، غنڊه گرديءَ جو چڪر ناهي. ٽئڪس ڪٽڻ بعد جيڪي بچي ٿو اهو اسانجو فائدو آهي. جيترو پورهيو ڪريون ٿا اوتروئي ڪمايون ٿا. ملڪ ۾ لا ۽ آرڊر آهي. ورلي ڪو چوري، ڌاڙي جو ڪيس ٿئي ٿو. زنا يا اغوا جي واردات ته ڪڏهن به نه ٻڌي اٿئون. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مسلمان آهن. شيعا سُني، بوري، آغاخاني سڀ هڪ ٻئي سان ۽ هتي جي ٻڌ ڌرم جي رهاڪن سان امن امان ۽ دوستي سان وقت گذّاريون ٿا. ڪو گهڻو ڌاريون يا اوپرو محسوس نٿا ڪريون.”
    “تڏهن به پنهنجي وطن جي ته ڪڏهن ياد ايندي هوندانو؟” مون سندس ان بابت خيال معلوم ڪرڻ چاهيو.
    “صحيح آهي. پر ڪنهن جو رزق ڪٿي لکيل آهي ته ڪنهن جو ڪٿي. ڪو وقت هوندو هو جو ڳوٺ کان نڪرڻ به عيب سمجھيو ويندو هو. هاڻ ته سڄي دنيا هڪ ڳوٺ هڪ شهر مثال آهي. جنهن کي جتي روزي ملي ان کي اتي جنبي وڃڻ کپي. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، جن جي ملڪ جي وڌندڙ آدمشماريءَ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ روزگار حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. تيل، سون، لوهه جهڙا قدرتي وسيلا گهٽ هئڻ ڪري اسان ڀر وارن عرب ملڪن کان غريب ٿيندا وڃون. سو ظاهر آهي ته زندگيءَ جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پورهيو ڪرڻو پوندو ۽ حق حلالَ جو پورهيو جتي به ملي ته نه ڇڏڻ کپي.


    کچهه پاکستان نو کچهه قربستان چلي گئي......

    واپس موٽڻ لاءِ، رستو ٽپي، ٻئي پاسي پاڪستان مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ (سواريءَ) لاءِ اچي بيٺاسين. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن: هانگ ڪانگ، برما کان ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سري لنڪا وغيره ۾ ڪيترائي پاڪستاني پنجابي ۽ پٺاڻ رهن ٿا. اهي هينئر کان نه پر ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ انگريز فوج سان آيا ۽ پهرين ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ بعد هتي ئي ترسي پيا. ڪي ته واپار وڙي ڪارڻ آيا، ٻي وڏي جنگ بعد حالتن جي مجبوريءَ ڪري هن پاسي رهي پيا. بهرحال انهن ڏينهن ۾ هن پاسي رهڻ ڪو چرچي ڀوڳ جو ڪم نه هو. ان زماني ۾ هي ملڪ، پاڪستان هندستان کان به وڌيڪ غَريب هئا. موسم به ڪا خاص سٺي نه هئي. مڇرن ۽ جيتن جڙن کان علاوه هنن جھنگلي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ صحيح پاڻي به نه هو. جيڪي واپس موٽيا ٿي تن مان ڪي پهتا ٿي ته ڪي تن ڏينهن جي ڪمزور ٻيڙن سميت سمنڊ جو اَجل ٿي ويا ٿي. هتي رهندڙن جيئڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪيا. مٽن مائٽن کان پري هنن ڪئين سالَ غربت جي زندگي گذاري. ڏکي کان ڏکيا پورهيا ڪيا. سندن روزيءَ ۾ رب برڪت وڌي. ان سان گڏ هن پاسي جا ملڪ به سکيا ستابا ٿي ويا. هاڻ اهي تن ڏينهن جا پنجابي توڙي پٺاڻ، اڄ چاهي ٿائلنڊ ۾ آهن يا ملائيشيا ۾، هانگ ڪانگ ۾ آهن يا سنگاپور ۾، پنهنجي زبان، ڪلچر ۽ مذهب قائم رکندا اچن. ڏهٽن پٽن پوٽن وارا ٿي ويا آهن واپار ۽ نوڪرين ۾ پنهنجو نالو ڪڍي رهيا آهن. ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر زمان خان پٺاڻ آهي جيڪو هاڻ هن ملڪ جو شهرري آهي ۽ ملائيشين سڏائي ٿو. ڪوالالمپور جي باتو روڊ ۽ سنگاپور جي آرچرڊ روڊ تي مشهور ڪارپيٽن جي دڪانن جا مالڪ پنجابي ۽ پٺاڻَ آهن. هو وڏا ماڻهو ٿي وڃڻ بعد به پنهنجن غريب مائٽن کي ياد رکندا اچن. جيڪي بچين ٿو، اهو پاڪستان موڪلين ٿا. عيد برات تي انهن سان ملڻ پاڪستان وڃن ٿا. سنگاپور ۽ ملائيشيا کان PIA ۽ MAS جي هوائي جهازن ۾ پاڪستان ايندڙ ويندڙ اڌ کان وڌيڪ پنجابي ۽ پٺاڻ پاڪستاني پاسپورٽ نه پر ملائيشيا، سنگاپور يا ٿائلنڊ جو پاسپورٽ رکن ٿا. پر هنن جي دل اڄ به پنهنجي اصلي وطن جي رهواسين سان گڏ ڌڙڪي ٿي. سندن نئين ٽهي هنن نون ملڪن ۾ هري مري ويئي آهي پر جھوني جڳ جا بچيل هي ماڻهو اڄ به پنهنجن ڳوٺن جون ڳالهيون ياد ڪري هنجون هارين ٿا. هاتيائي شهر جي هيءَ مسجد اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ اهڙن غريب مسلمانن پائي پائي چندو ڪري ٺهرائي. هنن گاري ۽ گچ جون تغاريون پنهنجن ڪلهن تي ڍوئيون. سرون ۽ ڪامون پاڻ کنيون. اهڙي طرح ٿورن وسيلن هوندي به هيءَ مسجد سهڻي کان سهڻي ۽ وڏي کان وڏي ٺاهي ورتي. ان جو نالو رکيائون “پاڪستان مسجد”. جيئن ڪوالالمپور ۾ پاڪستانين جي ٺهيل مسجد “پاڪستان ـــ مسجد” سڏجي ٿي.
    هاتيائي (ٿائلنڊ) جي هيءَ “پاڪستان مسجد” اڄ به ان رنگ روپَ ۾ قائم آهي. انهن ماڻهن، جن هن جي اڏاوت ۾ حصو ورتو، جيتوڻيڪ اڄ موجود نه آهن. ڪي وقت جي تقاضائن موجب، ٻارن جي تعليم نوڪرين ۽ ڌنڌي ڌاڙين پٺيان هي ننڍا شهر ڇڏي بئنڪاڪ لڏي ويا. انهن مان فقط ڪي ٿورا هيڏانهن هوڏانهن نظر اچي رهيا آهن. نه ته اڄ کان پنڌرهن سال کن اڳ (73 ـــ 1972ع ۾) جڏهن هنَ شهرَ ۾ ايندا هئاسين ته شلوار قميص ۽ وڏين ڏاڙهين ۾ ڪيترائي پٺاڻ هن علائقي ۾ عام جام نظر ايندا هئا. انهن لاءِ طارق کان پڇيم. پر طارق کي ته هتي آئي فقط ٻه سالَ ٿيا آهن. تنهن اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪندي چيو:
    “خبر ناهي. آئون ته اهي ئي ڏسندو اچان.”
    “ڀلا مسجد جو امام اڄ ڪلهه ڪير آهي؟” مون طارق کان پڇيو. ڇو جو جيڪڏهن اڃان تائين اهو ئي جوھنو آهي ته هو گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو.
    “هڪ پاڪستاني پٺاڻ هوندو هو. پر هو گهڻو اڳ گذاري ويو. هاڻ برما کان، هن مسجد لاءِ، هڪ برمي امام گهرايو اٿئون.” طارق ٻڌايو.
    مسجد جي در وٽ ٽُڪ ٽُڪ جو انتظار ڪرڻ وقت هڪ پٺاڻ اندر مسجد مان نڪرندو نظر آيو. ساڻس عليڪ سليڪ ڪئيسن. يڪدم پنهنجائيءَ جو اظهار ڪندي چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪيائين. هو چڱو چرچائي ۽ خوش اخلاق لڳو ٿي. پنهنجو نالو سيد افضل شاهه ٻڌايائين. پاڻ هن شهر هاتيائيءَ ۾ ڪپڙي جو دڪاندار آهي. آڱر جي اشاري سان ٻڌايائين ته سامهون واري روڊ تي، پل جي هيٺان سندس دڪان آهي. موڪلائڻ وقت پڇيومانس:
    “خانصاحب! ڪنهن زماني ۾ هتي تمام گهڻا پٺاڻ رهندا هئا پر هاڻ نظر نٿا اچن؟”
    “بس چلي گئي.” هن ڏاڍي آرام سان وراڻيو.
    “ڪهان چلي گئي؟” کلندي پڇيومانس.
    “ڪهان چلي گئي!؟” جواب بدران هن پهرين منهنجو سوال دهرايو ۽ پوءِ چيو، “ بس کچهه لوگ پاڪستان ڪو واپس چلي گئي تو کچهه قبرستان ڪو چلي گئي.”
    ۽ پوءِ پاڻ به اسان سان گڏ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ايتري ۾ ٽُڪ ٽُڪ اچي ويئي. ڊرائيور کي منزل ٻڌائي اسان ان وئگن جي پوئين پاسي کان داخل ٿياسين.


    سيڪس ڪو چاڪليٽ ناهي....

    اڄ رات هاشم وري ان پاڪستاني هوٽل يا ان جهڙي ڪنهن ٻي مسلم ريسٽورينٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ تيار ٿيو هو. مون ساٿ نه ڏنومانس. قاسم ۽ پاڻ “ٽڪ ٽڪ” واري کي چار چار باٿ ڏيئي روانا ٿيا. آئون ڀر واري روڊ تي هڪ پراڻن ڪتابن ۽ اخبارن جي دڪان تان اڌ قيمت تي ڪجهه پراڻا ڪتابَ ۽ اخبارون وٺي پنهنجي هوٽل جي ڪمري ڏي موٽيس. لفٽ ۾ اڪيلو ڏسي. “لفٽ بئاءِ” هڪ دفعو وري پنهنجي مال جي اگهه جي خوبيءَ جو بيان جاري رکيو.
    جيئن ئي اسين پهرين سستي واري هاشم نما هوٽل ڇڏي هن ٻي ايئر ڪنڊيشن Sakol ۾ آياسين، اسان واري پنجين ماڙ جي بئري، ڪمرو صاف ڪندڙ داداگير قسم جي عورت، ۽ هن “نفٽ بئاءِ”، ايندي ويندي، اسان مان هر هڪ کي پنهنجي منهن، سندن هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارين ڇوڪرين جون خوبيون ٻڌايون ٿي. يعني هن قسم جي ماڻهن، هوٽل ۾ پنهنجو پنهنجو مختصر پرائيويٽ چڪلو پڻ هلايو ٿي. منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ هڪ پوڙهو انگريز رهيل هو جيڪو پڻ اسان سان گڏ پهرين واري هوٽل مان شفٽ ٿي هتي آيو هو ۽ هتي جي ـــ يعني ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي جيتن جڙن تي کوجنا يا ٿيسز لکي رهيو هو. ان سلسلي ۾ هن کي ذري ذري ٻاهران مختلف قسم جا جيت وڇون، ٽنڊڻ، سؤپيريون آڻڻيون پيون ٿي. هوٽل ۾ ايندي ويندي هن جو پڻ، هنن سوداگرن سان واسخطو پيو ٿي. هو هن فاني دنيا جا عيش ماڻڻ جي حق ۾ ضرور هو پر هن وقت هن کي هنن ٿلهين سٿرن وارين ٿائي ڇوڪرين کان اهي ٽنڊڻ ۽ سؤپيريون وڌيڪ پياريون هيون.
    پنجين ماڙ تي پهچي لفٽ مان ٻاهر نڪتس ته ان ماڙ جي بئري سلوٽ ڪري پنهنجي مال جي ڪنواسنگ شروع ڪئي. سامهون، پوڙهو انگريز، ٻاهر ئي بيٺل نظر آيو. هو ڪمرو بند ڪري وڌيڪ جيت جڙن جي ڳولا ۾ وڃڻ وارو هو. تنهن کلي چيو:
    “Sex ڪو چاڪليٽ ته نه آهي جو ايندي ويندي پيو کائجي. وڌ ۾ وڌ ماڻهو هڪ دفعو خواهش پوري ڪري سگهي ٿو. هتي هر ڪلاڪ بعد ڪا ڇوڪري وٺيو اچن.”
    ساڻس گڏ اهي ٻئي ڇوڪريون بيٺيون هيون جيڪي صبح کان اسان واري ماڙ جو بئرو وٺي آيو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦيرائين. بقول بئري جي اهي سندس سنگتياڻيون آهن ۽ هو هنن جي هيلپ ڪري رهيو آهي.
    مونکي ايندو ڏسي، انهن ٻنهي ٿائي ڇوڪرين مان هڪ مون وٽ اچي بيٺي. ويهن سالن جي ڪا مس ٿيندي. اڌ اگهاڙي ڊريس ۾ اشتعال انگيز حد تائين ولوله خيز لڳي رهي هئي. بئرو چوڻ لڳو:
    “سائين ٿڪل هوندائون. ڪلاڪ زور ڏيڻ جا فقط هڪ سؤ ڀاٿ (اسي روپيه) لڳندا. سيڪس لاءِ وڌيڪ هڪ سؤ ڀاٿ. پر جي رڳو سيڪس چاهيو ٿا ته فقط ڏيڍ سؤ ڀاٿ.”
    بئري جي اهڙي دليريءَ مان ملڪ جي قانون ۽ اخلاقي بئروميٽر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مونکي گهيري ۾ ڦاٿل ڏسي پوڙهو انگريز پاڻ کان گهٽ پوڙهي ـــ يعني مون تي کلڻ لڳو. مونکي ستر واري ڏهي جا اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن هن پاسي فقط اسان جو جهاز ٻڌبو هو. باقي جهاز جو عملو رسا ڇنائي ڀر واري بندرگاهه سونگڪلا کان هتي هاتيائيءَ اچي نڪرندو هو. ڪناري تي هڪ واري اچڻ بعد وري واپس جهاز تي ڊيوٽي جو ڪو به نه سوچيندو هو. هي اهو وقت هو جڏهن دماغ جو دل تي بنهه ڪنٽرول نه هو. ان وقت اسان جهازين کي دڪانن توڙي بس اسٽاپن تي ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون هيون. پارڪن توڙي ريسٽورينٽن ۾ ــــ ويندي مندرن ۾ به رڳو ڇوڪريون ئي ڇوڪريون ڏسڻ ۾ اينديون هيون...... ٻيو ڪجهه به نه. ۽ پوءِ بندرگاهه ڇڏڻ بعد، سمنڊ تي به ڪيترا ڏينهن اهي اڌ سچا اڌ ڪوڙا، حقيقي ۽ خيالي قصا ۽ معاشقا، فقطڇوڪريون جا ئي هوندا هئا. هن شهر هاتيائي ۾ هلندي هلندي وقت جي به ڄاڻ نه پوندي هئي ته ڏينهن يا رات ڪيئن گذري ويو!

    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي
    ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باکَ ڦُٽي
    ائين وقتُ ڪٽيو ائين عمر لُٽي
    سڀ سانگ سجايو آ پيارا.

    امداد حُسيني ۽ شيخ اياز جهڙن جڏهن ڏهه سال کن اڳ سٺ جي ڏهي ۾ ان قسم جي شاعري ڪئي ته ڇا هنن کي اهو Vision هو ته ويٽنام ۾ آمريڪن سپاهين جي اچڻ بعد ٿائلنڊ جو هي خال وڃي ٿيندو!
    “ڇا پيا سوچيو ـــ ؟” ڇوڪريءَ تمام سٺي انگريزيءَ ۾ پڇيو، “پليز مونکي ٿورن پئسن جي ضرورت آهي.” هن پنهنجو پرس ٺيڪ ڪري پينٽ جي پوئين کيسي ۾ رکيو.
    مون کانئس پرس وٺي کولي ڏٺو. شناختي ڪارڊ تي سندس ڄم جي تاريخ هئي جنهن حسابَ سان هوءَ اوڻيهن سالن جي...... ٿي ائڊريس ٿائلنڊ جي ڪنهن اتراهين شهر Lamphun جي هُئي.
    “چانگ مائيءَ پزهان ٿي. هتي ائين گهمڻ آئي هيس. سڀاڻي واپس وڃڻي آهيان.” هن ٻڌايو.
    شناختي ڪارڊ کان علاوه، سندس پرس ۾ ٻه پنج پنج سؤ ڀاتن جا نوٽ هئا. ۽ ٻيا ڪيترائي هڪ هڪ سؤ ڀاتن جا نوٽ جيڪي مون ڳڻيا ته مڙئيي ٽي هزار ڀاٿ (اڍائي هزار رپيا) ٿيا ٿي.
    “توکي ته يار اسان کان به وڌيڪَ پئسو آهي.” مون نوٽن ڏي اشارو ڪري چيومانس. جواب ۾ بئري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته هن شهر هاتيائيءَ ۾ سون سستو آهي سو هوءَ هتان ايئرنگ وٺي وڃڻ چاهي ٿي. ان ۾ کيس ڪجهه پئسا کٽن ٿي.”
    “سو ـــ؟” مون چيو.
    “ان ڪري هيءَ ڪجهه ڌنڌو ڪرڻ چاهي ٿي.” بئري جواب ڏنو. پر جيئن ته بئري جي انگريزي سٺي نه هئي. ان ڪري وري ڇوڪريءَ دهرايو:
    “هي پئسا سڀ منهنجا نه آهن. مون سان گڏ آيل منهنجين ڪلاس ميٽ ڇوڪرين جا پڻ آهن. جن کي ڪاليج پهچي واپس ڪنديس.”
    انگريز سان گڏ بيٺل ڇوڪري پڻ اسان جي اڳيان اچي بيٺي. انگريز ڪهاڻي ٻڌڻ جي موڊ ۾ هو. انگريز کي ٿوري دلچسپي وٺندو ڏسي بئري کيس مشرقي مساج (مالش) جا گڻ ٻڌائڻ شروع ڪيا ته ان سان، نه فقط جسم جو درد ۽ اندروني بيماريون ختم ٿيو وڃن پر وڃايل شڪتي پڻ موٽيو اچي. وغير وغيره.
    “پر هيءَ سنهڙي ۽ نازڪڙي ڇا مساج ڪري سگهندي ـــ؟” فائدا ٻڌڻ بعد انگريز عقلمنديءَ جو سوال ڪيو.
    “پر سيڪس ذريعي ته توهان کي مطمئن ڪري سگهي ٿي.” بئري ٺهه پهه وراڻيو ۽ ان سان گڏ منهن ٺاهي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. اسان ٺلهيون ڳالهيون ڪري هن جو وقت وڃائي رهيا هئاسين، ۽ هن کي اسان جي اها ونڊو شاپنگ هرگز پسند نٿي آئي. ان ئي وقت ٻه ٻيا همراهه هوٽل جي ان ماڙ تي داخل ٿيا. جن تي نظر پوڻ سان هو ٻنهي ڇوڪرين کي رڍين ٻڪرين وانگر، ورانڊي مان هڪليندو انهن وٽ وڃي پهتو.
    “نڀاڳا هن وقت اچي نڪتا، “ناگريز کلندي مونکي چيو، “خبر ناهي توکي لکڻ لاءِ ڪهاڻيءَ جو مڪمل مواد ملي سگهيو يا نه؟”
    “يار ڳالهه ٻڌ!” مون هن پوڙهي سائنسدان جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيڪارن کي به ڪهاڻي لکڻ کان وڌيڪَ چاڪليٽ کائڻ تي دل چوندي آهي.”


    ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻَ جو شوق ناهي....

    هن پاسي جي ملڪن ۾ جتي ڪنهن زماني ۾ چيني، ملئي ۽ ٿائي زور ڏيڻ وارا سَنڌ سَنڌ مان سور نچوڙي ڪڍڻ ۾ مشهور هُئا اتي اڄ انهن جي ساک ۽ آڙَ ۾ هاڻ جسمن جو واپار ٿئي ٿو. پوءِ ڪي ڇوڪريون ائين ڪاروبار ڪن ته ڪي حجام جي دڪانن (Beauty Parlor) يا مساج پارلرن جي نالي سان ڪم هلائين. سوخنٿا (Sukhontha) هوٽل جي پٺيان هتي جو Pink-Lady نالي مساج پارلر اهڙن ڪمن کان پري پري تائين مشهور آهي. ان کان به وڏو نورا هوٽل ۾ Chao-Phraya مساج هائوس آهي جنهن ۾ ٽي سؤ کن ڇوڪريون زور ڏيڻ (مساج) جو ڪم ڪن ٿيون. بقول هتي جو ٽوئرسٽ گائيڊ ڪتاب موجب:
    “It (Chao – Phraya Massage House) has many A Southern Beauty to Sooth away the Pains.”
    ٿائلنڊ ۾ جيڪو عورت ذات کي هيٺانهون سمجھيو وڃي ٿو يا هن کي دل وندرائڻ جو رانديڪو سمجھيو وڃي ٿو اهو شايد ئي ڪنهن ٻبئي هنڌ هجي. عورت هتي فقط هڪ Sex Symbol آهي. هتي عورت جو قدر سؤ ڀاٿ ڪو مس آهي. ٿائلنڊ ۾ هزارين مساج پارلر آهن جن مان هر هڪ ۾ ڪئين نوجوان ٿائي ڇوڪريون شيشي جي ڪمري ۾ ويهي گراهڪن جو انتظار ڪن ٿيون. هنن مان هر هڪ صبح کان شام تائين، چپن ڳلن تي ٿلهي ميڪ اپ جا تهه چاڙهي، اڌ اگهاڙي لباسَ ۾، هر ايندڙ ماڻهوءَ ڏي دعوتي ۽ نماڻين نگاهن سان نهاري ٿي جيئن کيس پسند ڪيو وڃي. پوءِ سندس ڪلاڪ سوا جي “خذمَت” جي عيوض کيس سؤ سوا رپيا ملن ٿا. ان مان به اڌ کن ضرور ڪلب هلائيندڙ رکندو هوندو جيڪو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري، اشتهار بازي ۽ پوليس جي پروٽيڪشن تي خرچ ڪري ٿو.
    ٻي جنگ عظيم کان پوءِ هن پاسي جي ڪيترن ئي ملڪن ويندي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جو، غربت ڪري اهو حال وڃي ٿيو هو. ٻيو ته ٺهيو پر جپان جو پڻ. پر پوءِ آهستي آهستي هي سڀ ملڪ معاشي طرح جيئن جيئن ترقي ڪندا ويا تيئن تيئن عورت جي جسم جو واپار گهٽجي ويو. جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا...... هڪ هڪ ملڪ ۾ عورت جو مانُ مٿانهون ٿي ويو. نوڪريون، پورهيا، روزگار ايترا پئدا ٿي ويا جو ورلي ڪا ڇوڪري جسم جي واپارَ ۾ شريڪ شامل ٿيڻ لڳي. بقول هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي: “عزت جو روزگار سولائيءَ سان ملي سگهي ته ڪنهن کي به رنڊي ٿيڻ جو شوق ناهي.”
    انڊونيشيا ۾ اڃان جسم جو واپار هلي ٿو پر لڪ ڇپ ۾. ڏکڻ ڪوريا ۾ هلي ٿو پر تمام گهٽ. ٿائلنڊ جهڙو کليو کلايو ڌنڌو ايشيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه هلندو هوندو. جيتوڻيڪ ٿائلنڊ ڪو اهڙو غريب ملڪ ناهي. ڪيترن ملڪن کان سکيو ستابو آهي. پر هن جسم جي واپار کي، هتي ٿائلنڊ ۾ اڄ ڏينهن تائين عيب نٿو سمجھيو وڃي. بلڪ اندروني طرح حڪومت به همت افزائي ڪري ٿي ته هتي جو ٻانڀڻ ٻائو به اک ڦير ڪريو ڇڏي. ڀلي گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ اچن ۽ ڪمائي ٿيندي رهي. ڀلي ڊالر، يين، مارڪ ملڪ ۾ ايندا رهن....... اخلاق ڀلي ڪري ته ڪري پوي پر بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڀات جي وئليو نه ڪري.
    ۽ هاڻ ته ٿائي ڇوڪريون ٿائلنڊ کان ٻاهر ملائيشيا، سنگاپور، جپان ۾ به اهو ڌنڌو هلائڻ لڳيون آهن. هن سال سنگاپور ۾ جيڪي غير قانوني طرح نوڪري ڪندي جھليا ويا ان ۾ اڌ کان وڌيڪَ ٿائلنڊ جون هي ڇوڪريون هيون، جن جسم جو ڌنڌو ڪيو ٿي. ساڳي طرح جپان ۽ هانگ ڪانگ ۾ پڻ ٿائي ڇوڪرين جي پڪڙجڻ جون خبرون اينديون رهن ٿيون. ملائيشيا ته ٿائلنڊ جي بلڪل ڀر ۾ آهي. بارڊر تي سختي هوندي به ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون لڪ چوريءَ، غلط ۽ نقلي ڪاغذن تي، اڪيلي سر ملائيشيا اينديون رهن ٿيون، جتي هنن جي وڌيڪَ ڪمائي آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا ۾ ڪيترا اهڙا ٽولا (Syndicates) جھليا ويا جن ٿائلنڊ مان ٿائي ڇوڪريون مگمل ڪري ملائيشيا جي مخطتلف مساج ۽ بيوٽي پارلرن کي وڪڻي ڏنيون ٿي.
    ملائيشيا جي اخبارن ۾ ڪيترا دفعا اهڙيون خبرون ڇپيون آهن ته فلاڻي يا فلاڻي شهر ۾ فلاڻو ماڻهو هيترين ٿائي ڇوڪرين کي پنهنجي گهر، دڪان يا اوطاق تي ويهاري کانئن ڌنڌو ڪرائيو ٿي. پوءِ اهڙا اڏا، ڪڏهن پوليس جي ڇاپي تي ظاهر ٿين ٿا يا ڪڏهن ٿائي ڇوڪريون، گهٽ پئسو ۽ گهڻي سختيءَ ڪري بيزار ٿي، پنهنجو پاڻ کي انهن سوداگرن جي چنبي مان آزاد ڪري، پوليس ۾ اطلاع ڪن ٿيون. پوليس جي آڏي پڇا تي اهوئي ٻڌائين ٿيون ته ٿائلنڊ کان ملائيشيا ۾ھنن ان آسري تي آندو ويو ته کين دڪان يا آفيس ۾ باعزت نوڪري ڏني ويندي پر پوءِ هتي پهچڻ تي رنڊيءَ جو ڪم ورتو وڃي ٿو.
    “اسانکي نه کائڻ لاءِ پورو ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جي آزادي. هر روز ڪيترن ئي گراهڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. حڪم جي چڱيءَ طرح پوئواري نه ڪرڻ تي ماريو ڪٽيو وڃي ٿو.”
    ٿائلنڊ جي حڪومت کڻي امير آهي. ملڪ ضرور سهڻو ۽ شاهوڪار ٿيندو وڃي پر ملڪيت جو وڏو حصو فقط چند ماڻهن جي هٿَ ۾ آهي جيڪي امير کان امير تر ٿيندا وڃن. گهڻي ڀاڱي ماڻهو هاري ناري آهن يا مهاڻا. ڳوٺن ۾ ته تمام گهڻي غربت آهي. غريبت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي نوجوان شهرن ڏي، ڌنڌن ڌاڙين لاءِ اچن ٿا، ۽ دڪانن، هوٽلن يا بسن لارين ۽ سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون ڪن ٿا انهن جا پگهار تمام گهٽ آهن. شهري زندگيءَ جون ضرورتون تمام وسيع آهن جن جي پورت ڪرڻ لاءِ سندن پگهار پورو نٿو پوي.
    ٿائلنڊ جي ڳوٺن جا ڪيترا غريب ۽ قرضي ٿيل، ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجيون ڌيئرون وڏيرن يا واپارين کي وڪڻي ڏين ٿا. اهي ڪجهه فائدي تي ٽين ڌر کي وڪڻي ڏين ٿا ۽ آخر ۾ اهي بئنڪاڪ ۽ چئانگ مائي، پتايا ۽ هاتيائي جهڙن شهرن جي ڪلبن، هوٽلن، مساج پارلرن ۾ اچيو پهچن ۽ هر وقت بدلجندڙ يا ساڳي مالڪ جي هٿ وس آهي ته کين ڪيترو حصو ڏنو وڃي يا رڳو کاڌ خوراڪ ۽ رهائش. هڪ نوڪر به سختيءَ جي دانهن ڪري سگهي ٿو پر هي جيڪي زر خريد ٻانهيون آهن انهن جي حيثيت هڪ غلام وانگر آهي جن کي آقا جي خوشيءَ لاءِ اخلاقي توڙي غير اخلاقي ڪم ڪرڻا پون ٿا.


    ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي لائق آهن....

    ملڪ جي هن وهنوار ۽ هن قسم جي ريتن رسمن کان بيزار ٿي هي بي وس ٿائي ڇوڪريون موقعي ملڻ تي ٿائلنڊ مان ڀڄي ڀر واري ملڪ ـــ ملائيشيا ڏي وڃن ٿيون. جيڪو ٿائلنڊ کان پوءِ به سکيو ستابو ۽ امن امان وارو آهي. يا جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور گهمڻ جو بهانو ڪري اتي ٽڪي پون ٿيون. پوءِ جيڪو محنت مزدوريءَ جو کين ڌنڌو ملي ٿو ـــ گهر آفيس جي صفائيءَ کان فئڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو، ته ان ۾ هي راضي رهن ٿيون. پر اڻ پڙهيل هجڻ ڪري اتي به کين اهوئي جسم جو وڪرو ڪرڻو پوي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ لاءِ اتي به کين ڪنهنجو سهارو وٺڻو پوي ٿو جيئن هو هنن لاءِ ڪو ڌنڌو ڳولي ۽ کين اميگريشن پوليس کان لڪائي رکي. پر ان قسمَ جو سهارو ڏيڻ وارو ورلي ڪو صحيح ماڻهو نڪري ٿو. نه ته اهڙين ڇوڪرين جي ڳولا ۾ ڪيترائي لوفر غنڊا واجھائيندا رهن ٿا جيئن کين ٻاهرينءَ زبان جي مک چک سان، کين ڌتاري کانئن غلط پورهيا ڪرائي، انهن جي ڪمائيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. پوءِ هنن مجبور ڇوڪرين کي هر ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ۽ ٿوري به چون چران ڪرڻ تي جپاني پوليس به ساڻن همدردي ڪرڻ بدران کين غير قانوني رهڻ جي جرم ۾ جھلي ٿي ۽ ويتر جي کين سندن ملڪ موڪليو وڃي ٿو ته اتي ٿائي پوليس به کين ماري ڪٽي جيلن ۾ بند ڪري واپس ساڳين ٿائي مالڪن/مائٽن حوالي ڪري ٿي جن جي ظلم کان هو ڀڄي نڪتيون هيون.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هي ٿائلنڊ جون ڇوڪريون همدردي جي لائق آهن جن جي پيٽ خاطر سڄي زندگي لڳاتار جدوجهد ۾ گذري ٿي. جن جي زندگي ڄمڻ کان وٺي ڏکن سورن ۾ پوري ٿئي ٿي. غريب گهر ۾ ڄمڻ ڪري هنن جو ننڍپڻ پڙهڻ بدران ٻنين ٻارن ۾، اڌ بک اڌ ڍؤ تي، پورهيو ڪندي گذري ٿو. جوان ٿيڻ تي هنن جا مائٽ کين ڍورن وانگر وڪڻيو ڇڏين ۽ نون خريدارن وٽ هنن جي زندگي گراهڪن کي زور ڏيندي، نچندي، شراب پيئاريندي يا پنهنجو جسم هنن جي حوالي ڪندي گذري ٿي. معصوم منهن تي ميڪ اپ جو ليپ ڏيئي هر ايندڙ گراهڪ جو مرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ، ٿائلنڊ جون هي ڇوڪريون، هر وقت گراهڪن ۽ سندن نون آقائن جي موڊَ جو شڪار رهن ٿيون. مرڪ بدران کين موٽ ۾ مار موچڙو ۽ Sexual Diseases (جنسياتي بيماريون) ملن ٿيون.
    ان سڄي عذاب کان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ جڏهن ڪڪو پوڙهو پڪو يورپي يا ڀرواري ملڪ ــ ملائيشيا جو، کين شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته ان وٽ گولي ٿي گذارڻ لاءِ به تيار ٿيو وڃن. ٻئي ملڪ هلي ڪنهن آبرو واري پورهئي ڪرڻ لاءِ ڪو کين آسرو ڏئي ٿو ته ان کي سچ سمجهي، بنا ڪنهن اڳتي جي خوف جي، يا پوءِ جي انجامَ سوچڻ جي، نڪريو پون.
    “مستقبل جي خطري جو خوف انهن کي ٿي سگهي ٿي جن جو حال سک ۾ گذرندو هجي.” هڪ ان قسم جي ٿائي ڇوڪريءَ ٻُڌايو.
    حالتن جي چنبي ۾ ڦاٿل هنن ٿائي ڇوڪرين کي ٻئي ڪنهن وٽ ٿورو گهڻو به سک مليو وڃي ته هو پاڻَ کي خوش نصيب سمجھن ٿيون. جيترو وقت سڪون سان گذرين ٿو ان کي هو غنيمتَ سمجھن ٿيون. پر پوءِ ڪن جي بدبختيءَ جو اهو ڏينهن جلد اچيو وڃي جڏهن پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ يا شادي ڪندڙ جي مار موچڙي يا طلاق ڏيڻ تي، هڪ دفعو وري پنهنجي ساڳي زندگيءَ ۾ موٽي اچڻو پوين ٿو.
    ملائيشيا جا ڪيترا شادي شده ملئي مسلمان (ان ڪري جو ٻي يا ٽي شادي لاءِ هو اسلام کي سولائيءَ سان Exploit ڪن ٿا) هڪ يا ٻن زالن هوندي، ٿائلنڊ شاپنگ جي ارادي سان پهچي، موڊ ٿيڻ تي ڪنهن ٿائي ڇوڪريءَ کي نئين ڪنوار ٺاهي پنهنجي ملڪ وٺيو وڃن. پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد، دل کٽي ٿيڻ تي، (يا پهرين زال جي باه ٻاري ڏيڻ تي) ٿائي زال تي ئي مصيبت اچي ٿي، جو هن جو ڪو اوهي واهي ناهي. پوءِ هوءَ ٿائلنڊ موٽي واري ساڳي سورن جي زندگي گذاري ٿي.
    هاڻ ملائيشيا ۾ اهو شاديءَ جو چڪر البت گهٽجي رهيو آهي جو حڪومت روز بروز سخت قاعدا ڪڍي رهي آهي جن موجب هڪ ته ٻاهرين ملڪ مان آندل ڪنوار کي ملائيشيا جي قوميت نه ملندي. ٻيو ته شادي کان اڳ، مڙس کي پهرين زال کان ٻن شاهدن اڳيان لکت ۾ موڪل وٺڻي پوندي. ٽيون ته جنهن ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻي آهي، سال اڌ اڳ ان جو نالو ۽ پتو رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو جيئن خبر پوي ته پهرين کان ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ هو صحيح طرح شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ائين نه ته پهرين زالَ ۽ ٻارن کان اهو چئي موڪلائي نڪري ته توهان لاءِ ٿائلنڊ مان عيدَ جا ڪپڙا ۽ رانديڪا ٿو آڻيان، موٽي هڪ عدد ٿائي جوان جماڻ عورت سان.


    ٿائي عورت جي سمگلنگ......

    بهرحال هاڻ وري ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون ملائيشيا گهمڻ جي ارادي سان پهچي، ڪنهن امير يا اثر رسوخ جون سرتيون (Keeps) ٿي رهن ٿيون. يا وري ملائيشيا جا چيني گڙنگ، جيڪي ملائيشيا ۾ سختي هجڻ جي باوجود اٽڪل بازيءَ سان شراب، جوا ۽ عياشي وغيرا جا اڏا هلائين ٿا، سي مختلف نمونن سان ٿائي ڇوڪرين کي ملائيشيا گهمڻ جي ويزا تي يا ڪنهن ٻئي بهاني سان، ملائيشيا آڻي پوءِ ڏورانهن هنڌن تي کين لڪايو ڇڏين. پوءِ وقت بوقت کين خاص گراهڪن آڏو پيش ڪري پئسو ڪمائين ٿا. ان قسم جا به ڪيترائي پاٿاريدارَ پڪڙيا ويا آهن جن جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو.
    آخري ڏينهن تي ريل ذريعي جڏهن ٿائلنڊ کان ملائيشيا موٽي رهيو هوس ته هڪ سورهن سترهن سالن جي ٿائي ڇوڪري ۽ هڪ ٻي پنجويهه ٽيهه ورهيه ڄمار واري ٿائي عورت، اسان واري دٻي ۾ ئي سفر ڪري رهيون هيون. پڊانگ بسار وٽ ڪسٽم ۽ اميگريشن جي چڪاس ٿي. ان بعد گاڏي ملائيشيا جون مختلف ريلوي اسٽيشنون لتاڙڻ لڳي. هنن ٿائي عورتن سان گڏ، ظاهري طرح هڪ ملئي ڇوڪرو گڏ گڏ هو، جنهن جي عمر ويهارو سال ڪا مس هوندي. ڪو به هن جي نيت تي شڪ نٿي ڪري سگهيو. پر هتي جي پوليس جيڪا ڪافي قابل، مڃيل ۽ ايماندار چئي وڃي ٿي. جنهن لاءِ انگلينڊ جي پوليس به واکاڻ ڪندي آهي، ان جي خفيه برانچ وارن هڪ ٻن اسٽيسن بعد کين جھلي ورتو.
    ملئي ڇوڪرو منهنجي پاسي واري ڊبل سيٽ تي ويٺل هو ۽ ان جي پٺيان واري ڊبل سيٽ تي هي ٻئي ٿائي عورتون هيون. باقي اڳين پوين سيٽن تي ڪجهه مڪاني ماڻهو هئا ته ڪجهه يورپ آسٽريليا جا ٽوئرسٽ.
    بارڊر واري شهر ٽپڻ کان پوءِ سگهوئي اهو نوٽ ڪيم ته عام ڊريس ۾ ٻه همراهه ذري ذّري منهنجي پاسي واري سيٽَ تي ويٺل ملئي ڇوڪري (جنهن پنهنجو نالو فوزي عبدالله ٻڌايو) ۽ پويان ويٺل ٿائي عورتن سان اچيو ڳالهائين. پهرين آهستي آهستي جيئن ٻيا مسافر ڊسٽرب نه ٿين پر پوءِ ڪجهه ڇڙٻ ۽ دڙڪي سان ساڻن سوال جواب ڪرڻ لڳا. ملئي ڇوڪري جو شناختي ڪارڊ ۽ ٿائي ڇوڪرين جي سفر جا ڪاغذ ذري ذري ڏسندا رهيا. خفيه پوليس جي ٻن سپاهين مان هڪ، منهنجي ڀر واري خالي سيٽَ تي به اچي ويٺو ٿي. آخر ملئي زبان ۾ مون کانئس پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي ۽ اهي ڪاغذ ڇا جا آهن ـــ؟
    “هي ڪاغذ هنن ٿائي ڇوڪرين جا Travel Documents آهن جن ۾ لکيل آهي ته هي ٿائي عورتون ملائيشيا بارڊر کان فقط پنجويهه ميل ملائيشيا اندر سفر ڪري سگهن ٿيون، وڌيڪَ نه ـــ يعني وڌ ۾ وڌ ارائو (Arau) ريلوي اسٽيشن تائين جيڪا ڪڏهوڪي لنگهي ويئي پر هي نه لٿيون. ان ڪري اسان کي شڪ آهي. پڇڻ تي ڪڏهن پينانگ تائين وڃڻ جو ٻڌائين ٿيون ته ڪڏهن ڪوالالمپور تائين جو. ڏسو هي صاف صاف Tidak Labeh 25 KM لکيو پيو آهي.” هن مونکي ڪاغذ ڏيکاريندي چيو، جن تي هنن جا فوٽو به لڳل هُئا. ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جو نالو “ملوات” لکيل هو ۽ وڏيءَ جو “ناتاپورن”.
    مون پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي کانئن پڇيو ته آيا هو اميگريشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکن ٿا يا ريلوي ڊپارٽمينٽ سان.
    “اسين ملائيشيا جي خفيه پوليس جا ماڻهو آهيون ۽ هنن کي بارڊر کان وٺي تاڻيندا اچون. هنن کي هي ملئي ڇوڪرو وٺيو پيو وڃي. پر پاڻ مڃي نٿو.”
    “هي ــــ!” مون فوزي عبدالله ڏي اشارو ڪندي تعجبَ مان پڇيو. ڇو ته هن جي معصوم چهري ۽ ننڍي عمر ڪري، بنا ثبوت جي، اهو مڃڻ مشڪل لڳو ٿي، “توهان ڪيئن ٿا چئو؟”
    “ڇوڪريون مڃن ٿيون،” هن ٿائي عورتن ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو، جن اسان جي نهارڻ تي پنهنجي سڪل چپن تي هلڪي مرڪ آندي. “هو چون ٿيون ته هو هن ملئي ڇوڪري سان گڏ هلن پيون. دراصل هن سڄي ڪرتا ڌرتا جو اڳواڻ ڪو ٻيو آهي جيڪو هي ڪم ڪرائيندو رهي ٿو. هن ملئي ڇوڪري کي ته ائين ئي استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٿائلنڊ کان ڪڏهن ڪڏهن بارود گوليون پڻ ملائيشيا ۾ سمگل ڪيون وڃن ٿيون. هي ڇوڪريون ڪوالالمپور جهڙي شهر ۾ چئن پنجن هزار ڊالرن (ٽيهه چاليهه هزار رپين) ۾ وڪيون وينديون.
    مون ٿائي ڇوڪرين ڏي وري نهاريو. هو ساڳي پهرين واري روايتي ٿائي مرڪ سان مرڪي رهيون هيون. جنهن جو هن وقت اهوئي مطلب چئي سگهجي ٿو ته “اسين بي وس ڇا ڪريون. چين سڪون جي جنهن اُميد تي سفر ڪري رهيون هيوسين، پڪڙجڻ تي اها اميد ختم ٿي ويئي.”
    ڪجهه ائين لڳو ٿي ته هو ايترو ته نا اميدن ۽ نراسائن جو شڪار ٿيل آهن، جو هڪ ٻي اميد کي نا اميد ۾ بدلجندو ڏسي، کين ذري ماتر به رنج، افسوس يا صدمو نه پيو محسوس ٿئي. سندن چهري تي ڪو به Reaction نه هو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هنن جي نصيب ۾ ڄڻ ڏک ئي ڏک هجن يا ڪنهن غنڊي جي اڏي تي. پنهنجو ملڪ هجي يا ڌاريون ملڪ، پوليس جي لاڪ اپ ۾ هجن، سندن زندگي لڳاتار جسماني پورهيو ۽ ذهني پيڙا آهي.
    “ڇا تو کي پڪ آهي ته تون هنن عورتن کي نٿو سڃاڻين؟”
    عام ڊريس ۾ ملبوس، هنن پوليس وارن مان هڪ، ملئي ڇوڪري فوزي کي وارن کان ڇڪي، سوال ڪيو.
    ملئي ڇوڪري احتجاج ڪندي پهرين پنهنجا وار پوليس واري جي هٿ مان ڇڏايا. پر اتي جو اتي ٻي پوليس واري کيسي مان هٿ ڪڙي ڪڍي ڇوڪر جي ٻانهن ۽ ڪرسيءَ جي لوهي ٻانهن ۾ هنئي.
    “جھٽ جھٽ ٻڌاءِ. جيڪڏهن تون اسان سان سچو ٿيندي ته وڏي سزا کان بچي ويندين.” پوليس واري هاڻ سختي ڪرڻ بدران کيس ڌيرج سان آهستي آهستي سمجهايو. ساڳي وقت هنن چوڌاري دٻي ۾ نظر ڊوڙائي ته آيا سندن ان وٺ پڪڙ سان ٻيا مسافر پريشان ته نه پيا ٿين. پر ٻيا سڀ اڻ سڌُ ستا پيا هئا. يا دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪري رهيا هُئا.
    ڇوڪرو جيتوڻيڪ ننڍي عمر جو هو گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ معصوم لڳو ٿي پر پوليس کان بنهه نٿي ڊنو. هن ڪافي دير تائين نه مڃيو سو نه مڃيو. ريل پنهنجي رفتارَ سان پنهنجي منزل (پينانگ) ڏي وڌي رهي هئي. پينانگ اچڻ ۾ هاڻ باقي ڪي ٽي چار اسٽيشنون هيون. پوليس وارن کي بيحد گهڻي تڪڙ هئي، ڏوهه مڃرائڻ جو ڪم، هنن پينانگ کان اڳ ڪرائڻ چاهيو ٿي جيئن هنن کي هن ڏوهه پٺيان لڪل همراهه يا ٽولي جي ڄاڻ پئجي سگهي. هنن کي پڪ هئي ته اصل ماڻهو پينانگ ۾ ضرور ايندو، جنهن هن انساني سمگلنگ تي پئسو لڳايو آهي.
    ٿوري دير بعد پوليس واري ڇوڪري جي کيسن جو جھاڙو ورتو. هن کي اهو گمان اچي ٿيو ته متان هن وٽ ڪو هٿيار هجي جيڪي ٿائلنڊ ۾ (خاص ڪري اتر ٿائلنڊ ۾)، ڪمپوچيا ۽ لائوس جي بارڊر تي ائين سولائيءَ سان ملن ٿا جيئن اسان وٽ افغانستان جي بارڊر يا پشاور يا لنڊي ڪوٽل ملن ٿا.
    ان جھاڙؤَ ۾ پستول يا خنجر ته ڪونه نڪتو پر ڇوڪري جي کيسي مان سفر جي هڪ ٽڪيٽ بدران ٻه نڪري آهيون. جن جي پڇا تي هن کي ٻڌائڻو ئي پيو ته اها سندس هڪ ٻئي ملئي دوست جي آهي جيڪو ٻه چار سيٽون اڳيان ويٺو آهي. ان بعد پوليس وارن جو ڪم آسان ٿي ويو. ان ڇوڪري کي به آڻي سندس ڀرسان وهاريائونس ۽ ٻي هٿ ڪڙي هن جي هٿن ۾ هنيائون. هي جيتوڻيڪ پهرين کان ڀريل جسم جو هو پر بيحد ڊڄڻو هو. ٿوري ئي دڙڪي دامان تي نڙي خشڪ ٿي ويس ۽ اُگلي ڇڏيائين ته هي واقعي هنن ڇوڪرين کي سڃاڻن ٿا ۽ ڪنهن جي چوڻ تي کين ٿائلنڊ کان وٺيو پيا اچن.
    “پينانگ ۾ ڪنهن جي حوالي ڪرڻيون اٿانو؟” پوليس پڇيو.
    “اها اسان کي به خبر ناهي.” هاڻ ته پهرين واري ملئي ڇوڪري به ٻڌائڻ شروع ڪيو، “اسان کي ڪو روزگار ڌنڌو ناهي. هڪ توڪئي (چيني سيٺياڻيءَ) اسان کي ٿائلنڊ وڃڻ اچڻ ۽ کاڌي پيتي جو خرچ ڏنو آهي ۽ مٿان ٻه سؤ ڊالر خرچي ته هنن کي پاڻ سان وٺي اچون.”
    “هنن کي توهان جي حوالي ڪنهن ڪيو؟” پوليس ڇوڪرن کان پڇيو.
    “هدايتن موجب هنن کي اسان سان هاتيائي (ٿائلنڊ جي ريلوي اسٽيشن) تي ملڻو هو. پوءِ پينانگ (ملائيشيا) تائين مٿن نظر رکڻي هئي ته ڪٿي لهي ڀڄي نه وڃن.”
    پوليس ڇوڪرن سان ان شرط تي نرميءَ جو وعدو ڪيو ته هو اندران ئي اندران پوليس سان ملي ان چيني سيٺياڻيءَ کي ٻڌرائڻ ۾ مدد ڪن جيڪا هن قسمَ جي انساني سمگلنگ جو ڌنڌو هلائي رهي آهي.
    ڇوڪري مڃيو ۽ سندن هٿ ڪڙيون کوليون ويون.
    مون ڇوڪرين ڏي نهاريو. سندن منهن تي اهائي ساڳي ۽ اوتري جي اوتري مرڪ هُئي. نه وڌ نه گهٽ. سندن “رهنمائن” يا “چوڪيداري ڪندڙن” کي هٿ ڪڙيون پئي لڳيون ته به سندن اهوئي چهرو ۽ اُهائي مرڪ هئي. هٿ ڪڙيون کليون ته به اهوئي چهرو اوترئي مرڪ هئي.
    پوليس ڇوڪرين کان به سوال ڪيو ته هو ڪنهن وٽ وڃي رهيون آهن. پر هنن اهوئي ٻڌايو ته ان بابت کين ڪا خبر ناهي. کين سندن ٿائي مالڪ اهو ئي ٻڌايو آهي ته هڪ ملائيشيا جي چيني سيٺياڻيءَ کين خريد ڪيو آهي ۽ هاڻ هن جي مرضيءَ مطابق کين هلڻو آهي.
    پوليس طرفان جيئن ئي ڇوڪرن کي چرپر جي موڪل ملي ته سنهو ڇوڪرو اٿيو ۽ گاڏيءَ جي هوٽل واري بوگيءَ مان ٻه ڪوڪا ڪولا جا دٻا خريد ڪري آيو. هڪ مان اڌ اڌ ڪري پاڻ ۽ سندس ٿلهي دوست پيتو. ٻيو دٻو ڇوڪرين کي پيئڻ لاءِ ڏنو. جيڪو وڏي عمر واري عورت وٺي ننڍي عمر واريءَ کي پهرين پيئڻ لاءِ ڏنو. پر هن بنا پيئڻ جي پاسي کان ئي رکي ڇڏيو. اتي هنن خفيه پوليس جي ايجنٽن جو صاحب پڻ اسان جي دٻي ۾ اچي ويٺو جيڪو پڻ ان ريل گاڏيءَ ۾ موجود هو ۽ هنن پوليس وارن وانگر سادي لباس ۾ هو.
    پينانگ اچڻ ۾ هاڻ فقط ڪا هڪ ريلوي اسٽيشن “بڪت مرتجام” هئي. پوليس جي صاحب جو خيال هو ته متان هن گاڏيءَ ۾ چيني سيٺياڻي جو ڪو ٽيون همراهه هجي جيڪو ٿائي عورتن ۽ ملئي ڇوڪرن تي نظر رکندو هجي ۽ هن سڄي ڪاروائيءَ کان ايندڙ اسٽيشن تي لهي فون ذريعي آگاهه ڪري ۽ سيٺياڻي، جيڪا هينئر پينانگ جي ريلوي اسٽيشن (بٽرورٿ) تي هوندي، متان ڀڄي نه وڃي. سو ڇوڪرن کان ان مالڪياڻيءَ جي ڪار جو رنگ ۽ نمبر پڇيو جيئن پينانگ پوليس کي پاڻ اطلاع ڪري هن کي ڀڄڻ کان جھلرائي. پر ڇوڪرن کي ان بابت ڪا خبرَ نه هُئي.
    هڪ پوليس واري هنن ٿائي ڇوڪرين کي ٿائي زبان ۾ سمجھايو ته پينانگ ۾، هي ڇوڪرا توهانکي جنهن پاٿاريدار عورت جي حوالي ڪرڻ وارا آهن، ان سان هيءَ پوليس جي روئداد بيان هرگز نه ڪجو.
    ٻنهي هائوڪار ۾ ڪنڌ جي ڌوڻ ڪئي. مون هنن ڇوڪرين ڏي وري ڏٺو. سندن چهري تي نه ڪا خوشيءَ جي ليڪَ هُئي ۽ نه وري غمَ جي ريکا. نه ڊپ جو اولڙو نه نراسائيءَ جي لهر. سندن چهرو ساڳيو هو، جهڙو شروع کان هو. هنن جي چهري تي هن وقت به اهائي هلڪي اڌ گابري مرڪ ڄڻ ڇپي پيئي هئي.
    ٿائلنڊ واري هن گاڏيءَ جي آخري منزل پينانگ جي ريلوي اسٽيشن (بٽرورٿ) ٿئي ٿي. اڳتي وڃڻ وارا هتان ريل گاڏي بدلائيندا آهن. جيئن مونکي ڪوالالمپور وڃڻ لاءِ ٻي گاڏي ءَ جي پليٽ فارمَ تي وڃڻو هو. پينانگ (بٽرورٿ) پهچڻ تي اسين سڀ پئسنجر لٿاسين. ملئي ڇوڪرا ۽ ٿائلنڊ واريون مايون اسان واري دٻي مان هيٺ لٿيون. پوليس وارا، گاڏيءَ منجھان انداران ئي اندران هلي ٻئي دٻي مان لٿا. سندن هٿن ۾ خالي بئگون هيون جيئن ڪنهن کي به شڪ نه ٿئي ته هو ڪي خفيه پوليس سان تعلق رکن ٿا. هر ڪو اهو سمجهي ته هي به مسافر آهن.
    اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ضرور ان پاٿاريدار چيني عورت کي جھليو هوندائون. ان سان، ان ڪاروبار ۾ شامل ٻين ساٿين کي پڻ جھليو هوندائون. آئون اسٽيشن کان ٻاهر وڃي نه سگهيس جو ڀر واري پليٽ فارمَ تي منهنجي ڪوالالمپور واري ٽرين وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هُئي.


    ٿائي ماڻهن جي منجھائيندڙ مُرڪَ.....

    هاتيائي شهر ۾ مون سان گڏ پينانگ جو واقفڪار ملئي هاشم هو ۽ ٻيو هاشم جو پاڙيسري ۽ دوست قاسم ـــ جيڪو پڻ نالي مان ئي ظاهر آهي ته ملئي آهي. هن غريب جو مائٽن ڄمڻ وقت نالو غلط لکرايو. يا ڳوٺ جي رجسٽريشن آفيس ۾، ان وقت ڊيوٽي تي پوليس وارو لکڻ پڙهڻ ۾ صفا ڪو چٽ هو، تنهن سندس نالو ڄم جي رجسٽر تي قاسم (Qasim) يا Kasim لکڻ بدران خاسم (Khasim) لکي ڇڏيو. ملائيشيا جيڪو نالو ڄمڻ مهل لکائجي ٿو اهو ئي نالو ان ئي اسپيلنگ سان، سڄي ڄمار قائم رکڻو پوي ٿو. پاسپورٽ توڙي شناختي ڪارڊَ تي به ائين لکائڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾ مرڻ تي ڪانڌي دفن ڪري قبر جي ڪتبي تي “ڪمبالي ڪپادا رحمة العالمين” سان گڏ واري جو نالو ان ئي اچار سان لکرائي هڻن ٿا. (ڪمبالي ڪپادا ملئي لفظ آهي جنهن جي معنا آهي: واپس وريو ـــ الله جي رحمت ڏانهن.) ملائيشيا ۾ مسلمانن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي اهي لفظ، دفن ٿيل همراهه جو نالو، ۽ مرڻ جي تاريخ لکڻ جو دستور عام آهي.
    ان ڏينهن هاتيائي شهر ۾ هاشم ۽ قاسم مونکي ڇڏي پاڻ ڪنهن مسلمان جي هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ روانا ٿيا. آئون پوڙهي انگريزي ۽ ٿائي ڇوڪرين سان ڳالهائي ڪمري تي آيس ۽ ٿائلنڊ جي هن سفر بابت وڌيڪ پروگرام ٺاهيم. ان بعد سفرنامي لکڻ لاءِ ڪجهه خاڪا تيار ڪيم. ۽ هاڻ چانهه پيئڻ جي ٻاڙ ستايو. ملائيشيا وانگر هتي ٿائلنڊ ۾ به چانهه معنا گهاٽي مٺي کير (Condensed Milk) جي چوٿي گلاس ۾ چانهه جي پتي واري پاڻيءَ جو مڪسچر. هڪ هنڌ مونکي سجھيو ٿي ـــ هاتيائي ريلوي اسٽيشن جي “راج ڌاني” نالي هوٽل ـــ جتي اها چانهه ملي سگهي ٿي، جيڪا اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي هندوستان يا انگلنڊ ۾ آهي ـــ يعني عام زبانَ ۾ اسپيشل چانهه ملي ٿي.
    راج ڌاني (Rajthanee) هتي جي ريلوي اسٽيشن جي هوٽل آهي جيڪا ريلوي اسٽيشن سان بلڪل ڳنڍيل آهي. هن پاسي ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنن تي انگريزن جي ڏينهن کان هوٽلون ٺهيل آهن. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ انڊيا جي به ڪن ڪن ريلوي اسٽيشنس تي انگريزن جي دور کان ان قسم جون هوٽلون قائم آهن. پاڪستان جي شهرن جي ڄاڻ نه اٿم. گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشنن تي ته نه آهن. يا ٿي سگهي ٿو انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪا هجي ان بعد بند ڪئي ويئي هجي. پر ايترو آهي ته ماني ٽڪيءَ يا چانهه پاڻيءَ لاءِ ريسٽورنٽ ضرور آهن. بهرحال هن پاسي ان قسم جون ريلوي اسٽيشن واريون هوٽلون، مسافرن لاءِ وڏي سهوليت آهن. توهان کي صبح جو سوير واري گاڏيءَ ۾ وڃڻو آهي ته اهڙي هوٽل ۾ رهڻ کپي. گاڏي اچڻ کان فقط ڪجهه منٽ اڳ سامان کڻي اچي گاڏيءَ ۾ چڙهجي. نه ٽئڪسيءَ جو فڪر نه رستي تي ٽرئفڪ جئم جو الڪو. قُليءَ بدران هوٽل جي بئري کان ئي سامان هيٺ لهرائي وٺجي ۽ هوٽل واري جي ئي ڊيوٽي آهي ته توهان کي گاڏي اچڻ کان اڳ اُٿاري. هنن هوٽلن جي مسواڙ به مناسب ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رات جو لنگهندڙ ريل گاڏيون ڄڻ کٽ هيٺان پيون لنگهن جو هي هوٽلون پليٽ فارم جي مٿان ئي اڏيل آهن.
    ٿائلنڊ جي هن شهر هاتيائيءَ ۾ اسان پڻ ريلوي جي هوٽل Raj Thanee ۾ رهڻ چاهيو ٿي پر هوٽل جي ڪلارڪ پنهنجي روايتي مُرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪندي ٻڌايو ته موڪل وارن ڏينهن جي ڪري هيءَ هوٽل سڄو هفتو فُل آهي. ڪلارڪ ڇوڪريءَ هاشم ۽ قاسم کي سڃاتو ٿي جو هو پهرين به ٻه ٽي دفعا هن ئي هوٽل ۾ رهي ويا هئا. “توهان جي هڪ ڏينهن اڳ گهران فون ڪري نڪرو ها ته آئون توهان لاءِ ڪمرا خالي رکي ڇڏيان ها.”
    ٻي ڪنهن هوٽل جي ڳولا ۾ نڪرڻ کان اڳ اتي ويهي چانهه پيتيسين. ان هوٽل ۾ ملئي يا ٿائي اسٽائيل بدران انگلش نموني جي چانهه ملي ٿي يعني ڪٽليءَ ۾ فقط پتيءَ جو پاڻي ۽ کير کنڊ الڳ الڳ. هوٽل جي ان ڪلارڪ ڇوڪريءَ، جنهن جو نالو (Se Ranee) سي راڻي هو تنهن اسان جي رهائش لاءِ هن شهر جي ڪيترين هوٽلن کي فون ڪيو. پر ڪامياب نه ٿي. هر فون بعد اسان ڏي ڏسي مرڪيو ٿي ۽ ان مرڪ کي پهرين مون هوٽل ۾ ڪمرو ملي وڃڻ جي سوڀ سمجھيو ٿي. پر پوءِ هاشم ٻڌايو ته نه. هوءَ مجبوريءَ جو اظهار ڪري رهي آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ سي ــ راڻي کان پڇيم:
    “ڪمرو خالي آهي ـــ؟”
    جواب ۾ وري اها ئي مُرڪ
    “Yes?” سواليه پڇيم.
    “I Try Another Hotel. آئون ڪنهن ٻي هوٽل ۾ فون ڪري معلوم ڪريان ٿي ته من اتي خالي ڪمرا هُجن.” سي رانيءَ صحيح ۽ سٺي لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي.
    ملئي ماڻهن وانگر ٿائي به ڪيترين ئي ڳالهين جو جواب اڦٽ نه ڏيندا خاص ڪري جنهن ۾ انڪار هُجي. گهڻو پڇ پڇ ڪرڻ تي به وات کولي جواب ڏيڻ بدران رڳو چپ کولي مُرڪندا. مصيبت اها ته ڪم ٿيڻو هوندو يا هائوڪار ڪرڻي هوندي اٿن ته به اهائي مُرڪَ ڏيندا. جنهن مُرڪَ کي سمجهڻ لاءِ تجربي ۽ وقتَ جي ضرورت آهي. سي راڻي، هر فون بعد اهائي مُرڪَ ڏيندي رهي. آخر هڪ فون بعد اهڙي مُرڪَ ڏنائين جيڪا مونکي ته پهرينءَ جهڙي ئي لڳي پر اها ڪاميابيءَ جي مرڪَ هُئي. اسان جي لاءِ هڪ گيسٽ هائوس نموني جي هوٽل ۾، اها رات رهڻ لاءِ، ٻه ڪمرا ملي ويا. جتي پهرين رات اچي رهيا هُئاسين، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڪپڙا به ڌئارياسون. ٻئي ڏينهن کان هڪ ٻي هوٽل (پهرين کان چڱيرڙيءَ) ۾ ڪمرا خالي ٿي رهيا هُئا، جن لاءِ پِڻ هِنَ اسان لاءِ فون تي ريزرويشن ڪرائي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ٽپڙ کڻي ان ۾ اچي رهياسين. هينئر ان هوٽل مان واڪ ڪري چانهه لاءِ هن ريلوي اسٽيسن واري هوٽل (راڄ ڌانيءَ) ۾ پهتس.
    سي راڻيءَ جي ان وقت ڊيوٽي هئي. گهڙڻ سان هن کيڪارڻ خاطر مرڪيو. مونکان ٿوري کل نڪري ويئي.
    “ڇو ڀلا ـــ؟” هن پڇيو
    “بس. تنهنجي مُرڪ چڱو ماريو آهي.” وراڻيومانس.
    “نئين هوٽل ڀلا ڪيئن آهي “
    “اسان جهڙن لاءِ بلڪل صحيح آهي. اڍائي سؤ ڀات (يعني ٻه سؤ رپين) ۾ ٻيو ڇا ملندو. منهنجي خيالَ ۾ تنهنجي هن ريلوي واري هوٽل کان به ڪفايتي آهي. ايئرڪنڊيشنڊ آهي. گڏيل باٿ روم اٿس. فون، ٿڌو ڪوسو پاڻي ـــ سڀ ڪجهه ته اٿس. ٻيو ڇا کپي. ان مقابلي ۾ تنهنجي هوٽل به مهانگي ٿي جنهن جي مسواڙ هن کان ڊبل (پنج سؤ ڀاٿ) آهي.”
    “نه اسان واري هوٽل وڌيڪ بهتر آهي. هر ڪمري ۾ ٽي وي به اٿس.” سي راڻيءَ وراڻيو.
    “ٿائلنڊ ۾ هر ايندڙ مُسافر، ٽي وي به ڏسندا آهن ڇا؟” مون کيس چتائي ڏٺو. هوءَ بلو رنگ جي، انگلش اسٽائيل ڊريس ۾ سمارٽ لڳي رهي هئي. سندس چهري جا نقش هن پاسي جي مُون ۽ خمر يا ملئي ويٽنامين جيان گول مٽول هجڻ بدران گهڙيل گهڙيل هئا. بنا شڪ جي هوءَ هن پاسي جي ڪليڪٽر انب جهڙين شڪلين وارين ڇوڪرين جي وچ ۾ سونهن جي راڻي لڳي ٿي.
    جواب ۾ هن وري چپن تي مُرڪَ آندي.
    ۽ اُنَ مُرڪَ کي Decode يا Decipher ڪرڻ ۽ لڪل معنا ڪڍڻ وارو هاشم ۽ ان وقت مون سان گڏ هجڻ بدران قاسم ٽڪ ٽڪ ۾ چڙهي ڪنهن مسلمان جي هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ ويا هئا ۽ آئون فقط چانهه پيئڻ لاءِ هتان اچي نڪتو هوس.


    سي راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي.....

    سي راڻيءَ جي ڪائونٽر اڳيان ئي چانهه جي ريسٽورينٽ آهي. هڪ ڪرسي تي ويهي چيومانس: “چانهه پيئڻ لاءِ آيو آهيان. تون به پيئڻ چاهين ته صلاح اٿئي. پر هڪ مهرباني ڪر. ان Serve ڪرڻ واري ڇوڪريءَ کي ٿائي زبان ۾ سمجھاءِ ته ففقط ڪوسي پاڻيءَ بدران ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ چانهه جي پتي وجھي اچي.”
    هٿ جي اشاري سان ها ڪري، چانهه لاءِ ڇوڪريءَ کي سمجھائين ۽ پاڻ جلدي جلدي ڪاغذ پٽ صحيح ڪرڻ لڳي. سندس ڊيوٽي ختم ٿيڻ جو وقت اچي ڀريو هو.
    ٿوري دير بعد ويٽريس چانهه کڻي آئي. ان دوران سي راڻيءَ ڊيوٽيءَ تي آيل ٻي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي هوٽل جون بنديون، رجسٽر ۽ چاٻيون ڏيئي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺي.
    “ڊيوٽي ختم ٿي ڇا ـــ؟” مون پڇيومانس.
    “اڄ جي “ڏهاڙي” پوري ٿي. هاڻ وري سڀاڻي.” هن جواب ڏنو.
    مون پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي، کير ۽ کنڊ هن ڏي وڌايو.
    “هتي جي آهين يا ڪنهن ٻئي شهر جي ـــ؟” مون پڇيومانس.
    “هتي جي ئي آهيان. هتان ويجھو ئي گهر اٿم. ماءُ سان گڏ رهان ٿي.” هن ٻُڌايو.
    “۽ مڙس ـــ؟ يا اڃان شادي نه ٿي اٿئي؟” مون پڇيومانس.
    “شادي ته پري جي ڳالهه آهي اڃان ڪنهن ڇوڪر، پسند به نه ڪيو اٿم.”
    “ڇو ڀلا ـــ ؟”
    “بس سهڻي نه آهيان، شايد.”
    “منهنجي خيالَ ۾ ته اها تنهنجي غلط بياني آهي. يا نماڻائيءَ کان ڪم وٺي رهين آهين.”
    “نه. سچ ٿي چوان.”
    “بهرحال گهٽ ۾ گهٽ ايڪناميڪلي ته سُکي آهين جو نوڪري اٿئي. ڪنهن تي بار ته نه آهين.”
    “ڪهڙي نوڪري آهي.” هن نوڪريءَ جي نوعيت تي ناراضپي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي وري ترت پنهنجي چپن تي مُرڪَ آندي.
    “ڇو ڀلا! پگهار گهڻو ٿو ملنئي ـــ؟” مون پڇيو مانس.
    پهرين هن ٻڌائڻ کان ڪيٻايو. شايد هوٽل طرفان کين منع ٿيل هُجي. جواب ۾ فقط مرڪندي رهي. پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي ٻڌايائين ته کيس هڪ هزار ڀات کان به گهٽ ملي ٿو ـــ يعني پنهنجا پاڪستاني ڇهه ست سؤ روپيا کن. جيڪي کاڌي پيتي، اٽي لٽي، گهر جي مسواڙ ۽ بجلي پاڻيءَ جي خرچَ جي حسابَ کان هتي جي ڳوٺَ ۾ رهڻ لاءِ به گهٽ آهن. ان سان گڏ سندس ماءُ جي اگهائي سگهائي جو خرچ به هن جي ذمي آهي ۽ ٿائلنڊ ۾ ميڊيڪل يعني دوا درمل تمام گهڻو خرچ گهري ٿو.
    هن جي ڊيوٽي وري به تعليم يافته هجڻ ڪري هوٽل جي ڪلارڪ واري آهي. جيڪا ايئرڪنڊيشن ماحول ۾، هڪ هنڌ ويهي ڪرڻ واري آهي ۽ اها هلڪي سمجھڻ گهرجي، نه ته گهٽ پڙهيل ڇوڪريون جيڪي دڪانن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ ڪم ڪن ٿيون انهن کان دڪانن جا مالڪ عام طرح اٺ نو ڪلاڪن بعد ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪ ٻه اڃان به مٿي ڪم وٺن ٿا. اهڙي ڊيوٽيءَ ۾ هُنن کي بيٺي پير گراهڪن سان مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ڊڪي سامان ڏيکارڻو پوي ٿو. انهن کي ته هن ڪلارڪ ڇوڪري سي راڻيءَ کان به گهٽ پگهار ملي ٿي. گهٽ پگهار ۽ چوڌاري فئشن ۽ هر عياشي جي سامان جي موجودگيءَ، هتي جي ڪيترن ڇوڪرين کي ان آسائشي زندگي کي حاصل ڪرڻ ۽ عيش عشرت جي تمنا ۾ ڪرپٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان گهٽ پگهار کي وڌندڙ ضرورتن لاءِ برابر ڪرڻ ۾ هو ڪيترائي غير اخلاقي ڪم ڪن ٿيون. ڪيترائي ٿائي مرد شاديءَ بعد به پنهنجي زالَ جو نه قدر ڪن ٿا ۽ نه جوابداري کڻن ٿا. هنن لاءِ هر عورت گوشت پوست جي گڏي آهي جنهن کي، ضرورت جي وقت، فقط سؤ ڏيڍ سؤ ڀاتن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي جيئن دل چاهي تيئن استعمال ڪجي.
    سي راڻيءَ “ادب” ۾ گرئجوئيشن دوران، پئسي جي قلت ڪري، آخري وقت تي پڙهڻ ڇڏي ۽ نوڪري شروع ڪئي. انگريزي تمام سٺي ڳالهايائين ٿي ۽ ٿائي ادب ۽ ڪلچر تي ڪافي ٻڌائيندي رهي. “جيئن ٿائي ڪلچر تي هندو مذهب جو وڏو اثر آهي، ساڳي ريت ٿائي زبان تي سنسڪرت جو وڏو اثر آهي. هن هوٽل جو نالو راج ٿاني پڻ حقيقت ۾ هندي لفظ (راڄ ڌاڻي) لفظ جي کار آهي.” هن ٻڌايو.
    “لڳي ٿو تنهنجو نالو پڻ ننڍي کنڊ کان امپورٽ ٿيل آهي.” مون پڇيو.
    “ها صحيح چئو ٿا.” سي راڻيءَ وراڻيو.
    “پنهنجي نالي جي معنا جي خبر اٿئي ـــ؟” مون کانئس پڇيو.
    “ها. اهو شايد راڻي لفظَ مان نڪتو آهي. معنا اٿس راڻين جي راڻي.”
    اهو چئي ٿورو شڪي ٿي. ڄڻ چئي رهي هجي “منهنجو ڏوهه ناهي. مائٽن جو آهي جن اهو نالو مونتي رکيو. آئون ته راڻين جي راڻي ڇا پر ٺلهي راڻي به نه آهيان.”
    “مائٽن توتي بلڪل صحيح نالو رکيو آهي.” هاڻ مون مرڪي وراڻيس. شآيد آئون رومانٽڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس يا وقت گذارڻ لاءِ دل پشوري. بهرحال اهو چوڻ تي هن پهريون دفعو، فقط مرڪڻ بدران کِليو ۽، هٿ جي اشاري سان مهرباني ڪندي چيو:
    “چانهه جا پئسا پاڻ ڏيندائو يا ان ساراهه جي خوشيءَ ۾ آئون ڀريان.؟”
    “في الحال ته آئون ٿو ڏيان ڪا سٺي نوڪري ملنئي ته پوءِ ماني به ڀلي کارائجانءِ، “چانهه جو بچيل آخري ڍڪ ڀري، اٿي کڙو ٿيس.”
    هن پنهنجو پرس کنيو ۽ مون پنهنجي ڪئميرا کڻي کانئس موڪلايو.
    “مون توهان کان توهانجو Job ته پڇيو ئي ڪونه.” سي راڻيءَ موڪلائيندي موڪلائيندي پڇيو.
    منهنجو جاب ڇا ٿي سگهي ٿو. جهازن جو انجنيئر؟ انجنيري پڙهائڻ جو ماستر ــــ؟ يا ڪو ٻيو!، مون دل ۾ سوچيو.
    “آئون هڪ ننڍڙو ليکڪ آهيان.” آخر مون ڪڇيو، “تو جهڙن ماڻهن جون ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون لکندو آهيان.”
    “ته پوءِ منهنجي به اها مختصر ڪهاڻي ضرور لکجانءِ.”
    سي راڻيءَ آخري دفعو چپن تي مرڪَ آڻي موڪلايو.


    آرامَ لاءِ هزار ڪلوميٽر هلڻ......

    هاتيائي ريلوي اسٽيشن جي هوٽل “راڄ ڌانيءَ” ۾ چانهه پيئڻ ۽ اتي جي ڪلارڪ ڇوڪري سي راڻيءَ سان خبر چار ڪرڻ بعد پنهنجي هوٽل Sakol جي ڪمري ۾ آيس. اڃا ڏهه منٽ ڪي مس گذريا ته هاشم اچي سهڙيو.
    “ڪر خبر اچي ويائو. Sudah Makan ـــ ماني کاڌانو؟” مون ملئي زبان ۾ پڇيو مانس.
    “ Belum Lagi Lah. اڃان نه. جنهن هوٽل ۾ وياسين سا بند هئي. هتان هُتان رلي پني اچي نڪتا آهيون. هيٺ هڪ اسٽال ڏسي آيا آهيون هاڻ اتي ئي ٿا کائون. تون به هل. ڪجهه ٿڌو يا ڪوسو هلي پيءُ.” هاشم هلڻ لاءِ زور ڀريو.
    “چڱو هل ڀلا ۽ هو ٻيو همراهه قاسم ڪٿي آهي؟” مون پڇيو.
    “اهو ڀر واري ٽريول آفيس ۾ صبح واري شاگردياڻي مس ناتا پورن سان عشق بيٺو پچائي. هوءَ اڄ رات واري بس ۾ پنهنجي ڳوٺَ “چئانگ مائي، ڏي پئي وڃي.” هاشم ان ڇوڪريءَ ڏي اشارو ڪيو جنهن کي صبح کان اسان واري فلور جو بئرو ساڻ وٺيو پئي هليو. جنهن کي هتان ڪو سونو زيور خريد ڪرڻو هو.
    هوٽل مان نڪري ڀر واري آفيس مان قاسم کي سڏيوسين ڪجهه ڪنهن دير بعد ايندڙ بس لاءِ چار پنج مسافر انتظار ڪري رهيا هُئا. هڪ ڪنڊ ۾ قاسم ويٺو هو.
    “Boleh Augkat Gambar Saya يار منهنجو هن سان فوٽو ته ڪڍو. وري خبر ناهي ڪڏهن ملاقات ٿئي.” قاسم مس ناتا پورن کي ڀاڪر ۾ جھلي قربَ جو اظهار ڪيو.
    “فوٽو جام. هڪ بدران ٻه.” مون قاسم کي چيو ۽ پوءِ مس ناتا پورن کي اک ڀڃي چيو: “بلڪل صحيح جوان جھليو اٿئي. تنهنجا کٽل پئسا اهو ضرور پورا ڪري ڏينديءِ.”
    هوءَ ٿڪل ٿڪل لڳي رهي هئي. بيزاريءَ مان ڀر ۾ ويٺل قاسم جي ٻانهن کي پري ڪندي ملئي زبان ۾ چيو:
    “دوئيت تيادا. چڪپ چڪپ سهاجا.” ـــ يعني پئسي ڏيڻ کان آڱوٺو رڳو ڪچهريءَ تي زور اٿس. کيس مانيءَ لاءِ قاسم صلاحَ ڪئي. پر هن هٿ ملائي موڪلايو. ان سان گڏ سندس ڀر ۾ ويٺل ٻي ساهيڙيءَ به هٿ لوڏي کيس باءِ باءِ ڪيو.
    رستي تي ڪيترن ئي اسٽالن ۽ گاڏن تي رکيل شين جو جائزو وٺي نيٺ هڪ اسٽال تان هاشم چار پنج وڏا گانگٽ، هڪ کيکڙو (Crab) ۽ ويهارو کن سپون ورتيون. جيڪي وڪڻڻ واري ٿائي عورت ڇلي، صاف ڪري، ڪاتر ڪئي. ان بعد ڪڻڇيءَ ۾ تيل وجھي انهن کي فراءِ ڪيو ـــ جيئن پاڻ وٽ ڪٽ ڪٽ وارا بڪيون، جيرا، مغز وغيره گڏ تري (مڪس گرل Grill ڪري) ڏيندا آهن.
    سامونڊي کاڌي ڪري هاشم لاءِ اهو معلوم ڪرڻ ضروري نه هو ته آيا دڪاندار مسلمان آهي يا غير مسلم. ڇو جو سمنڊ جي هر شيءِ ۽ مڪڙ بنا ذبح ڪرڻ جي حلال چيو وڃي ٿو. بس اها سا پَڪَ ڪيائين ته هو ساڳي تئيءَ ۾ سوئر ته نٿو پچائي ـــ جيڪو گهر ۾ پچائيندو به هوندو ته ان جي ڪهڙي گئرنٽي.
    گانگٽن، کيکڙي ۽ سپن جي تريل ڪٽ ڪٽ وٺي اڳتي هڪ ٻئي گاڏي وٽ آياسين جتي هڪ ويهه پنجويهه سالن جي ڇوڪريءَ ڊبل روٽي ۽ “نج ڳائو” کير وڪيو ٿي. کير جي نج ۽ ڳائي هجڻ جي ساکَ هڪ هاشم ڏني ۽ ٻي ان بورڊ، جيڪو گاڏي مٿان لڙڪيل هو. جنهن تي ٿائي ۽ انگريزي زبانَ ۾ (Fresh Cow Milk) ـــ “ڳئون جو تازو کير” لکيل هو.
    گاڏي جي هر هڪ پاسي ٻه ٻه ننڍا ٽيبل رکيل هُئا جن جي چوڌاري چار پنج پلاسٽڪ جون ڪرسيون هيون. ڪل چئن ٽيبلن مان ٻه اڳهين ڀريل هُئا. هڪ صفا خالي هو ۽ هڪ تي چيني مهانڊي جو همراهه ويٺل هو ـــ جيڪو ٿوري دير اڳ هاشم جن کي باٽا جي دڪان ۾ مليو هو. هاشم منهنجي ان سان واقفيت ڪرائي ته هي مسٽر ڊئوڊ چيانگ آهي. سنگاپور کان چئن پنجن مهنن جي موڪل تي هتي آيو آهي. اتي جي جهاز تي ڪم ڪري ٿو.
    مسٽر ڊئوڊ سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ يڪدم بي تڪلف ٿي هر عنوان تي بنا رک رکاءَ جي پنهنجا رايا ڏيندو رهيو. ٿائلنڊ ـــ خاص ڪري هن شهر جي چپي چپي کان واقف لڳو ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هو سنگاپور جي ڪنهن ڪوسٽل (ڪنارو ڏيئي هلندڙ) جهاز تي مستري (انجڻ ڊرائيور) آهي. سندس جهاز جي سالن کان سنگاپور ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ روٽ رهي آهي ان ڪري هو ملئي ۽ خاص ڪري ٿائي ته تمام سٺي ڄاڻي ٿو. ان کان علاوه چيني سندس مادري زبان آهي.
    “جهاز ڪڏهن ٿو هتان Sail ڪري ـــ؟” مون پڇيومانس.
    “آئون پنهنجي خرچَ تي باءِ روڊ هتي آيو آهيان. اڄڪلهه اسانجي جهاز جي روٽ، ڪجهه مهينن کان سنگاپور انڊونيشيا ٿي آهي. ان ڪري مهيني ٻن بعد چئن پنجن ڏينهن جي موڪل وٺي آءُ هتي هاتيائيءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ايندو آهيان.”
    “ڇو ڀلا هاتيائيءَ جي اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جو سنگاپور کان هزار ڪلوميٽر کن جهاڳي هتي اچين ٿو؟” مون پڇيومانس. مونکي سندس اها فلاسافي سمجھ ۾ نه پئي آئي. سمنڊ جا ڪنارا ۽ هوٽلون ته سنگاپور ۾ به آهن.
    “آئون اسپيشل لگزري بس ۾ ايندو آهيان جنهن ۾ ٿڪ بنهه نٿو ٿئي. ويههَ ئي ڪلاڪَ سمهندو ايندو آهيان.” هن ٻڌايو.
    “پوءِ هتي ڪيئن وقت گذاريو؟ گهمو ڦرو، سمنڊ جي ڪناري تي وقت گذاريو، شاپنگ ڪريو ـــ جيڪا ته سنگاپور ۾ به ڪري سگهو ٿا، يا ٿائي ڇوڪرين جي چڪر ۾ اچو” مون کانئس پڇيو.
    “منهنجي هتي هڪ پراڻي گرل فرينڊ آهي. آئون مساج پارلر يا چڪلن جي عام ڇوڪرين وٽ هرگز نه ويندو آهيان. هو بزنيس مائينڊيڊ ٿين ٿيون. پيار محبت بدران هنن جي دماغ ۾ هر وقت پئسو ڦرندو رهي ٿو. ملڻ وقت وڏي اڪير سان ملنديون پر پوءِ توهان کي جھٽ پٽ آجو ڪرڻ لاءِ وٺ پڪڙ لڳائي ڏينديون. آئون جنهن وٽ ويندو آهيان اها منهنجي خاص فرينڊ آهي. هوءَ مونکي ڏاڍو چاهي ٿي. ان ڪري سنگاپور کان هلي ملي هن سان ملڻ اچان ٿو.”
    مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. يعني ان جو اظهار ڪيو ته مونکي سندس ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي. منهنجي ان ڪنڌ ڌوڻڻ تي ڊئوڊ خوش ٿيو ته هو پنهنجو Point of View مونکي سمجھائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاشم ۽ قاسم اڃان ڪٽ ڪٽ کائي رهيا هئا. رکي رکي مون کي پڻ کائڻ لاءِ صلاح ڪيائون ٿي. پر آئون سندس انتظار ۾ هوس ته کائي بس ڪن ته پوءِ ڪجهه پيئجي. ان ڪري وقت پاس ڪرڻ لاءِ وري ڊئوڊ سان خبرون ڪرڻ لڳس.
    “ڀلا ڊئوڊ تون اڪيلو اڪيلو پيو نظر اچين ـــ يعني جنهن سان ملڻ آيو آهين اها توسان گڏ آئي ڪانه!”
    “دراصل هتي پهچڻ سان مون کيس بُڪ نه ڪيو. سو هوءَ ٻئي گراهڪ سان هلي ويئي آهي. هينئر مونکي رستي تي ملي هئي. مونکي ڏسي يڪدم ڏوراپو ڏنائين “ڇو ڀلا ڊئوڊ! هتي ڪڏهن آئين ۽ مون وٽ ڇو نه آئين؟” مون کيس ٻڌايو ته جاني مان ٿڪل هوس. پهچڻ سان سمهي رهيس. ان بعد فون ڪيم ته تنهنجي ماما سان (ڇوڪريءَ جي روايتي رکوالي ۽ ڪاروبار هلائيندڙ عورت) ٻڌايو ته اڄ لاءِ تون بزي آهين. هاڻ سڀان کان گڏ آهيون.” ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيو، “او! شي ريئلي لوز مي!”
    هو ڇا آهي پدما شريءَ جو شعر:
    هِنَ جي چاهت تي مونکي غرور آهي
    سندس پيار جو دل کي قرار آهي
    هوءَ چئي نه چئي مونکي اعتبار آهي
    هن کي مون سان بيحد پيار آهي.

    ڊئوڊ سان ان ساڳي موضوع تي وڌيڪ سوالَ جواب ڪري مون کيس وڌيڪَ کولڻ نٿي چاهيو. عنوان بدلائڻ لاءِ مون کانئس پڇيو:
    “ڀلا مسٽر ڊئوڊ توهان جي بحري جهاز جي انجڻ ڪهڙي آهي؟”
    “ B & W آهي. پر پراڻي هجڻ ڪري ڏاڍو ستائي ٿي. ٿورو به جهاز کي تکو هلاءِ ته Exhaust – Temp ايڏو وڌيو وڃي جو سلينڊر جا “پاپيٽ ـــ وال” سڙيو وڃن، پوءِ اهي گرم گرم ڪڍي اسانکي ئي Grind ڪرڻا پون ٿا.......”
    جملي جملي بعد هن وات جو چشڪو ڏنو ٿي. ماني کائڻ بعد، هن پاسي جي ماڻهن ۾ چشڪا ڏيڻ جي عادت عام آهي. خاص ڪري ملئي ماڻهن ۾ ته هيڪاندي آهي. ان سان گڏ ڊئوڊ ڪاڙيءَ سان ڏند پڻ کوٽيا ٿي. گاڏي واري ڇوڪريءَ ٺلهو کير ۽ ڊبل روٽي وڪي ٿي ـــ ۽ سائي رنگ جي هٿ جي ٺهيل جيلي پڻ. پر انهن ۾ ته ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي جيڪا ڏندن ۾ ڦاسي پوي ۽ ڊئوڊ کي ايڏي کوٽ کوٽان ڪرڻي پوي. يا ٿي سگهي ٿو هي به هاشم جن وانگر ڪنهن ٻئي دڪان تان گوشت وٺي آيو هجي يا اتي ئي کائي آيو هجي.


    …… SEKARANG SAYA TAKUT

    هاشم وارن سامونڊي شيون کائي بس ڪيون ۽ جنهن پني ۾ اهي ويڙهيل هيون ان سان هٿ اگهي پنو ڪچري جي بارديءَ ۾ اڇلايو. گاڏي واري ڇوڪريءَ هاڻ ويجھو اچي کانئن آرڊر پڇيو. جيڪو سنگاپوري چيني همراهه ڊئوڊ، ٿائي زبان ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻڌايو. هاشم کير بدران چانهه جو آرڊر ڏنو.
    “ڇو ڳئون جو کير نٿو پين؟” ڊئوڊ هاشم کان پڇيو.
    “ڳئون جو کير هندو پيئندا آهن.” هاشم وراڻيو.
    “پر توهان مسلمان ڳئون جو گوشت ته کائو ٿا.”
    “اهو وري هندو نٿا کائين.” هاشم کلندي ٺهه پهه جواب ڏنس.
    ڳئون جي کير ۾ جيتوڻيڪ ڪا خرابي ناهي پر ملئي ماڻهو کير پيئڻ جا عادي ناهن. جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ ڳئون، مينهون ۽ ٻڪريون جام پيون هلن. پر کير رڳو انڊين پيئن. جيئن جهڙو گانگٽ مڪروهه تهڙو کيکڙو. پر پاڪستان ۾ گانگٽ خوشيءَ سان کاڌو وڃي ٿو پر کيکڙي کائڻ جا عادي نه هجڻ ڪري ان کان گهڻا ماڻهو ڀڄن ٿا. هاڻ مڙيئي حڪومت طرفان مهم هلي رهي آهي ته ننڍي وڏي لاءِ کير پيئڻ ضروري آهي.
    ڇوڪريءَ هاشم ۽ قاسم لاءِ ڊبل روٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ مان نڪرندڙ ٻاڦ ۾ اوٻاري، چانهه سان گڏ کڻي آئي. هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي شيون ـــ خاص ڪري ناريل جون مٺايون، پاڻيءَ جي اُٻَ ۾ رڌين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻاڦ تي رڌل شين جو پنهنجو هڪ خاص سواد ٿئي ٿو. ڊئوڊ ٻڌايو ته اها سائي رنگ جي جيلي، جيڪا ناريل جي آهي، اها پڻ هيءَ ڇوڪري، گهر ۾، ٻاڦَ تي ٺاهيندي آهي.
    ڊئوڊ مٿين ڳالهه ٻُڌائي جيسين ڏند کوٽيا تيسين هاشم راز واري انداز ۾ چيو:
    “اها ڇوڪري مسلمان آهي ۽ نالو اٿس سڪينه.”
    “توکي ڪيئن خبر پئي ـــ؟” مون پڇيومانس.
    “ڊئوڊ ٻڌايو هوم. ۽ هُن ئي، هن وٽ کائڻ لاءِ صلاح ڏني هُئي”.
    تائيد ۾ ڊئوڊ چيانگ ڪنڌ ڌوڻيو.
    “هن جي شادي هڪ ملئيءَ سان ٿي هئي. ڪجهه وقت هيءَ ملائيشيا ۾ پڻ رهي هئي.” هاشم وڌيڪَ ٻُڌايو.
    “پوءِ ــــ؟” مون پڇيو.
    “بس پوءِ مڙسَ ڪڍي ڇڏيس.” جواب ڊئوڊ ڏنو.
    “ڇو ڀلا ـــ ؟”
    “بس ڪو ٻار نه ٿيس. ان ڪري مڙس ڪڍي ڇڏيس. سندس پوڙهي مڙس کي اڳهين ٻه زالون هيون. جن مان پڻ اولاد نه هوس. پوءِ هتان هُن کي وٺي ويو.” ڊئوڊ ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري دير ڏند کوٽي چيو، “سڪينا جيڪو وقت ان مڙس وٽ رهي، اهو سورن ۾ گذريس. رات جو اهو چَم جهڙو پوڙهو سندس جسم پٽيندو هو ته ڏينهن جو سندس پهريون ٻه جويون ڄنڊا پٽينديون هيس. غريب ڪري سو ڪري ڇا. نيٺ ملائيشيا کان واپس ٿائلنڊ ڀڄي آئي. هاڻي هي شيون وڪڻي پيٽ پالي ٿي.”
    “او پوئر گرل!” هن ڏي ڏسي منهنجي واتَ مان نڪتو. انگريزيءَ کان نا واقف هجڻ ڪري منهنجا لفظ يا ڊئوڊ جو سندس بابت قصو، سڪينه جيتوڻيڪ نه سمجھيو، پر ايترو ضرور سمجهيو ته اسان هن جي ئي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. سو پڪ ڪرڻ خاطر ڊئوڊ کان ٿائيءَ ۾ پڇيائين ته اسان ڪهڙي ڳالهه پيا ڪريون. ڊئوڊ ٻڌايس ته تنهنجي ڏکن جي ڳالهه پيا ڪريون ته ڪيئن شادي ٿي ۽ جھٽ ختم ٿي وئي. اهو ٻڌي هوءَ منهنجي ويجھو اچي تکو تکو ٿائي زبان ۾ ڪو قصو ٻڌائڻ لڳي ڄڻ مونکي ٿائي ٻولي ايندي هُجي. پر هوءِ پنهنجي اندر جوڳ بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندي رهي. ڊئوڊ ترجمو ڪري ٻڌايو ته هوءَ چوي ٿي ته هن جو ڪو ڏوهه نه هو. مڙس ۾ مڙسي بلڪل نه هئي ٻار ڪٿان ٿيندو. سندس پهريون ٻه ڏاڏي پوٽيءَ جون ملئي زالون، هن (سڪينا) تي الزامَ هڻنديون هيون ته پاڙي وارن سان ٺهيل آهي. کيس چونديون هيون ته ملڪيت جي وارثياڻي بنجڻ لاءِ پيٽ سان ٿيڻ چاهين ٿي پر جنهن وقت توکي ٻار ٿيو ته توکي ڪورٽ ۾ ڇڪرائينديون سين. مڙس جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي ثابت ڪنديوسين ته هي مڙس صفا اڳڙين جو گڏو آهي ۽ ٻار ڪنهن ٻئي مان آهي. بهرحال اتي جي انهن تعدين کان، هوءَ، هن پورهئي جي زندگيءَ مان خوش آهي.”
    قاسم چيو “بڪواس ويٺي ڪري.” تنهن تي ڊئوڊ کلي چيس: “ان ۾ بڪواس جي ڪهڙي ڳالهه آهي. تنهنجي ملئي ماڻهن جا ڪَمَ ئي اهي آهن ــ خاص ڪري اهي جيڪي ٿائلنڊ جي بارڊر ڀر وارن شهرن ۾ رهن ٿا”.
    ڊئوڊ کي چيم: “مڙس ته ڇڏي ڏنس. ٻار به نه اٿيس. عمر جي به ڪا وڏي ناهي. کيس کپي ته هينئر به ڪنهن سان شادي ڪري ڇڏي.”
    سڪينا منهنجي ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ ڊئوڊ کان پڇيو. جنهن ٿائي ۾ ترجمو ڪري ٻڌايس. جيڪو ٻڌي ملئي ۾ چيائين:
    “Sekarang Saya Takut”
    هاڻ آئون (شاديءَ جي نالي کان به) ڊڄان ٿي.
    هاشم چيو: “چڱو جو ملائيشيا حڪومت ويجھڙائيءَ ۾ اميگريشن جا قاعدا سخت ڪيا آهن. نه ته ڪيترا اسانجا ملئي مردَ ٿائي ڇوڪرين سان شادي رچائي پنهنجي گهرَ ۾ هنگامو برپا ڪندا هئا. پوءِ بهانو آهو ئي ته اسلام ۾ چئن شادين جي موڪل آهي. يا چوندا ڪنهن غير مسلم کي مسلمان بنائڻ ثواب جو ڪم آهي. ٻيا نيڪ ڪَمَ ڪرڻ ۽ فرض پورا ڪرڻ اتي ٿيا، زور ان تي ته ٿائي ٻڌ ڇوڪرين سان شادي ڪري مسلمانن جو ڳاڻيٽو وڌائجي. ساڳي وقت ٿائي ڇوڪرين جو به ڏوهه آهي. ڪيتريون ٿائي ڇوڪريون ملائيشيا ۾ رهڻ جي شوقَ ۾ گرو گنجو، پڪو پوڙهو جيڪو به ملئي مڙس ملين ٿو ان کي کڻيو قبول ڪن. بلڪه اهي پوڙها، پٽن پوٽن وارا جن کي پنهنجي ملڪَ ۾ ته لفٽ نٿي ملئي، ٿائلنڊ مان جوان ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي رچائي اچن ٿا. پوءِ هڪ طرف گهر ۾ زال مڙس جو جھيڙو ته ٻئي طرف پاڙي جي جوان ڇوڪرن جي هڪ ٻئي سان دشمني.”


    هوءَ چرچا پيئي ڪري.....

    “گهڻو ڏوهه هنن ٿائي ڇوڪرين جو آهي.” ڊئوڊ چيو، “هتي جي غربت ۽ پورهئي واري زندگيءَ کان ڀڄڻ ۽ وڌيڪَ خوشحال ۽ آسائشي رهائش لاءِ هو واقعي جيڪو پئسي وارو ڏسن ٿيون ان کي چنبڙيو پون. پوءِ کڻي اهو پوڙهو هجي، بيمار هجي، اڌ چريو هُجي، جرائم پيشه هجي يا هن وٽ اڳهين زالن جو ڌڻ ويٺو هجي.”
    “خاص ڪري گوري کل واري کي ته هي الائي ڇا ٿيون سمجھن. اهو ڀلي کڻي خالي کيسي واروڳ رومانيا، بلغاريا، البانيا جهڙي ڪنهن کٽل ملڪَ جو هجي پر هي ڇوڪريون هن کي امير آمريڪن ئي سمجھن ٿيون، جيڪو هنن جي سپنن کي ساڀيان ڏئي سگهي.” هاشم چيو.
    جيڪڏهن ان پهلوءَ جو تجزيو ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترن شاهوڪار يورپين ۽ آمريڪنن، پنهنجي اتي جي گهرو زندگي ۽ چڙچڙي زالن کان بيزار ٿي هتي جي ٿائي ڇوڪرين سان شادي ڪئي آهي جيڪي جپاني ڇوڪرين وانگر بيحد چئيوان ۽ خذمتگار آهن ۽ ٿوري ۾ به خوش رهن ٿيون. شادي بعد اهي فارينر هتي رهيو پون ۽ وڏا گهر ٺهرائي ٿائي زالن کي رکن ٿا. ڪي هنن کي پنهنجي ملڪ وٺيو وڃن. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ هنن جو ٺٺ ۽ ٺانگر ڏسي اوڙي پاڙي جون يا مٽي مائٽيءَ جون ٻيون هڪ جيڏيون ٿائي ڇوڪريون پڻ اهڙي زندگي لاءِ تمنا رکن ٿيون. نتيجي ۾ ڪهڙو به گورو ماڻهو، انگريز، آمريڪن يا ڪو يورپين يا آسٽريلين، کين نظر اچي ٿو ته هي ڇوڪريون ان تي فدا ٿيو پون. پوءِ ان کي ڀلي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ به ڪجهه نه هجي! اهو ئي سبب آهي جو ٿائلنڊ ۾ هڪ ايشين يا آفريڪن، وڏي نوڪري ۽ جھجھي پئسي هوندي به اها عزت نٿو ماڻي سگهي جيڪا اڇي کل وارو مغربي. هتي جي ڇوڪرين لاءِ هو دلپسند شخصيت آهي پوءِ چاهي هن جا کيسا خالي هجن ۽ عمر ۾ سندن ڏاڏو هجي ۽ کل پيئي لڙڪيس.
    مٿين ڳالهه ڊئوڊ سان ڪيم ته هن کان ٽهڪ نڪري ويو. گاڏي وٽ سڪينا جيڪا ٻاڦ تي ڊبل روٽيون سيڪي رهي هئي تنهن شڪي نگاهن سان اسان ڏي ڏسي ڊئوڊ کي چيو:
    “توهان اڃان منهنجي مڙس جي ڳالهه پيا ڪريو ڇا؟”
    “نه هاڻ ڪنهن ٻي بادشاهه جي ڳالهه پيا ڪريون.” ڊئوڊ ٺهه پهه وراڻيس.
    “ڪهڙي جي. مونکي به ته ٻڌايو.”
    سامهون رستي تي ڪيترائي يورپي ڦري رهيا هُئا. ڪي اڪيلا ڪي پنهنجن زالن يا ملڪي ساهيڙين سان، ته ڪي هتي جي ٿائي ڇوڪرين سان. هڪ ڊگهو پوڙهو يورپي جيڪو ان وقت هڪ بندري قد جي ٿائي ڇوڪريءَ سان هٿ هٿ ۾ ملائي اسان جي ڀرسان اچي لنگهيو، تنهن ڏي ڊئوڊ اشارو ڪندي سڪينه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چيو:
    “اسان ان جهڙن رنڊي بازن جي ڳالهه پيا ڪريون.”
    اتفاقَ سان ساڳيو همراهه ان ساڳي ڇوڪريءَ سان گڏ واپسي واري ڏينهن بئنڪاڪ کان بٽرورٿ (پينانگ) ويندي ريلَ گاڏيءَ ۾ مليو. هن ٻڌايو ته ڇوڪري هن سان گڏ سندس ملڪ هلڻ لاءِ ماندي آهي. “خبر ناهي ويزا مليس به يا نه. پر في الحال هن پرديس ۾ مون لاءِ سٺي ڪمپني ٿي پيئي آهي.”
    هاشم ۽ قاسم چانهه پي بس ڪئي. پئسا وٺڻ لاءِ سڪينه آئي ته ڊئوڊ چيس: “چڱو هاڻ هيڏانهن اچي ويهه ته توسان گڏ فوٽو ڪڍرايون.”
    سڪينه کلي ڊئوڊ کي ڪجهه چيو تنهن ترجمو ڪري اسانکي ٻڌايو ته هوءَ فوٽي لاءِ تيار آهي پر ان جا ڇهه ڀات (پنج رپيا کن) چانهه جي بل ۾ جوڙ ڪندي.
    اهو ٻڌي هاشم چڙي پيو. “اٿو اٿو. فوٽو ڪڍائڻ جو ڪو شوق نه اٿئون. اتي جو اتي ڏٺانو. گورا آهن سي وتن مفت ۾ عياشيون ڪندا. باقي اسان فوٽي جا به ڇهه ڀات ڏيون.”
    “Oh She is joking – Jangan Marah”
    (هوءَ چرچا پيئي ڪري ـــ ڪاوڙجو نه) ڊئوڊ هاشم کي اڌ انگريزي اڌ ملئي ۾ سمجھايو. پر سائين هاشم باهه ٿي ويو. سرچي ئي نه. هوءَ ڇوڪري ماڳهين اسٽول کڻي، فوٽو لاءِ، اسان جي وچ ۾ اچي ويٺي. نيٺ مون سمجايو مانس ته خدا جا بندا تون کڻي فوٽو نه ڪڊراءِ پر اسان جو ته ڪڍ. ٿي سگهي ٿو مونکي ڪنهن مضمون ۾ ڏيڻ لاءِ ضرورت پئجي وڃي. ان بعد ڪئميرا وٺي مونکي وهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ مون پاران فوٽو ڪڍيو.


    پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ......

    ڪيترن ماڻهن لاءِ ٿائلنڊ بئنڪاڪ آهي ۽ بئنڪاڪ ٿائلنڊ. هو هوائي جهاز ۾ چڙهي سڌو بئنڪاڪ لهن ٿا ۽ بئنڪاڪ کان اڳتي ٻي ڪا ڳالهه نه ڄاڻن نه سڃاڻن. هڪ کان پڇيم ته هتان پوءِ ڪيڏانهن ويندين ته وراڻيائين:
    “بس ادا هيءُ ئي هڪڙو ملڪ بئنڪاڪ ڏسڻو آهي.”
    يعني ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته بئنڪاڪ شهر جو نالو آهي يا ملڪ جو. ڪيترا ته عرب ملڪن جا (۽اسانجي ملڪ پڻ) ٿائلنڊ فقط ۽ فقط عورت ۽ شراب لاءِ اچن ٿا.
    اهڙن ماڻهن کي هفتو ٻه بئنڪاڪ ۾ رهڻ بعد به ٿائلنڊ جي تواريخ جاگرافي، سياسي نظام، ڪلچر، رسم رواج يا ڪنهن ٻي ڳالهه جي ڄاڻ نٿي رهي. هو جو چوندا آهن ته سفر ماڻهوءَ لاءِ تعليم آهي ۽ سفر معلومات مهيا ڪري ٿو. پر اسانجي ڪيترن ماڻهن کي ٿائلنڊ جو سفر فقط پئت پانگ گهٽيءَ جي معلومات ميسر ڪري ٿو ـــ جيڪا دنيا جي چڪلن اگهاڙن ناچن، شراب خانن، مساج پارلرن ۽ جماعي بيمارين جا جراثيم ڏيڻ کان مشهور آهي.
    بهرحال ڪي ڪي اسانجي ملڪ جا ـــ تمام ٿورا ـــ کوجا، بوري چينيوٽي ۽ ٻيا واپاري ڪميونيٽين جا، واپار ۽ ڌنڌ ڌاڙيءَ جي کوج ۾ پڻ اچن ٿا. نه ته گهڻي ڀاڱي، بئنڪاڪ يا ٿائلنڊ جي ٻين سهرن ڏي ٺڙڪو عياشيءَ جي چڪر ۾، پئسي ۽ صحت جي بربادي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هندستان کان ايندڙن جو، شراب ۽ عورت تي ايترو مارو ناهي. اهي ڪم سندن ملڪ ۾ به لڳا پيا آهن. ويندي ڪيترا ڌارين ملڪن جا ـــ خاص ڪري عرب، بيروت ۽ ڪراچيءَ جون سِڪون بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي مان لاهين ٿا. هندو ڪميونٽيءَ لاءِ مون ٻڌو آهي ته هو انڊيا ۾ به انهن ڳالهين پٺيان هروڀرو پئسو نٿا وڃائين ـــ جيتوڻيڪ مذهب ۾ جھل اسان مسلمانن کي ٿيل آهي. پر هندو پئسي مان پئسو ٺاهڻ ۾ مشغول رهن ٿا. ساڳي طرح ٿائلنڊ ۾ به سندن اهوئي مقصد رهي ٿو. هو پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ اتاهين هوٽل ۾ رهڻ بدران، سادي سودي هوٽل ۾ سادي سودي نموني سان رهي، ڪجهه گهمڻ ۽ ڦرڻ ڪجهه ڌنڌي ڌاڙيءَ جو جائزو لڳايو وڃن ٿا. نتيجي ۾ سندن سڄو سفر مفت ۾ ئي پئجيو وڃي. ٻين لفطن ۾ هنن جو سفر انڌي عياشيءَ بدران بزنيس ٽرپ رهي ٿو. سندڌيءَ جو مشهور پهاڪو: “هندو کُڏ مٿان کڏ اڏيندو آهي ۽ مسلمان......” جنهن به ٺاهيو آهي ضرور سوچي سمجي ٺاهيو هوندو.
    ننڍي کنڊ جي ملڪن ۽ عرب رياستن جي ماڻهن کان علاوه يورپ. آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ جپان جا ماڻهو پڻ بئنڪاڪ ۽ ٿائلنڊ جي ٻين شهرن ۾ نظر اچن ٿا. اهي ڀلي اچن جو انهن جون ڪمايون ۽ پگهار به وڏا آهن. سندن ملڪ جي سِڪي جي ساک وڏي آهي. ان کائڻ پيئڻ، شراب شباب ۽ هتي جي هوٽلن ۽ تانگهن سامونڊي ڪنارن تي فرحت ۽ آرام لاءِ اچن ٿا. هو هن پاسي جا ماڻهو ۽ مندر ڏسڻ اچن ٿا. هن پاسي جي غربت ۽ اڻ هوند ڏسڻ اچن ٿا. هتي جا جھونا ۽ ڊٺل شهر ۽ برقرار رسمون رواج ڏسڻ اچن ٿا. اهي سُک جيڪي کين گهر ۾ نصيب ناهن اهي عيش هتان ماڻڻ اچن ٿا. سندن ملڪ جي مقابلي ۾ هنن لاءِ ٿائلنڊ ۾ هونءَ ئي سستائي آهي. ويتر جو هنن جي پرس ۾ گلڊر، مارڪ يا يين ۽ آمريڪن ڊالر آهن ته پوءِ هنن لاءِ ٿائلنڊ ۾ مُرڪون ئي مُرڪون آهن چاندي ئي چاندي آهي.
    بئنڪاڪ جي روزگارڊن (Rose – Garden) ۾ منهنجي ڀر ۾ ٽي جپاني ڇوڪرا ويٺا هئا. هنن ٻُڌايو ته هو ٽوڪيو ۾ ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ آهن. هينئر مهيني لاءِ ٿائلنڊ گهمڻ ۾ پئسو بچائڻ آيا اهن.
    “اهو ڪيئن ـــ؟” مون تعجب مان کانئن پڇيو.
    هنن سڄو حساب ڪري ٻڌايو ته کين ٻارهن هزار رپيا کن پگهار ملي ٿو جيڪو ٽوڪيو جهڙي شهر ۾ رهڻ لاءِ تمام گهٽ آهي. ٽئي ڄڻا هڪ ڪمري ۾ رهن ٿا جنهن لاءِ اٺ هزار رپيا کن مسواڙ ڏين ۔ باقي اٺاويهه هزار رپيه ماني ٽڪي ۽ ڪپڙي لٽي تي پورا ٿيو وڃن. ٽوڪيو گهڻي مهنگائيءَ ڪري هو چانهه جو وڌيڪ ڪوپ به سوچي سمجھي پيئن ٿا. “ويتر جي ڪنهن مهيني شوق ڪري ڪنهن جپاني ڇوڪريءَ سان ڪنهن چڱيڙي بار ۾، گلاس ٻه وسڪي يا سنتوري پي ورتوسين ته معنا مهيني جا آخري ڏينهن قرض تي گذار وڪرڻو پوندو.” هنن مان هڪ ٻڌايو.
    سو ان حساب سان ٿائلنڊ جي هوٽلن جي مسواڙ ۽ کاڌو ٽوڪيو جي اڌ جيترو به ناهي. ۽ کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ بعد به سندن بچت ٿي ويندي. سو ڪمپني طرفان مليل مهينو موڪل، ٽوڪيو ۾ رهڻ بدران هيڏانهن گذارڻ آيا آهن. ان ڪري مٿي لکي آيو آهيان ته ههڙن ملڪن جا ماڻهو ڀلي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرن. باقي اسان جهڙن غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ پنهنجي هڙ مان خرچ ڪري ٻاهر نڪرڻ ڪهڙي ڪم جو. پر نه، ان هوندي به اسان جا ڪيترائي ماڻهو به نڪرن ٿا. پوءِ مهيني جا آخري ڏينهن ته ڇا، ڀلي سال جا باقي مهينا ڪم اوڌر تي هلي ــــ جيسين نئون فصل لهي ـــ پر هوائي جهاز ۽ ولايت جو سير ضرور ڪجي. ٻين کي ڪيئن خبر پوي ته هو وڏي پئسي وارا زميندار آهن، وڏي پگهار ۽ رشوت وارا آفيسر آهن ـــ ان لاءِ ولايت جو چڪر هڻي اچڻ ضروري ٿي پيو آهي. ڪاري ڪاروبار ۽ رشوت ۽ ڦر جي پئسي مان هاڻ ڪيترن ئي وٽ گهر ۽ اوطاقون ٿي پيون آهن. ٽي وي، ريفريجريٽر ۽ ڪارون به آهن. هاڻ ٻئي تي مٿڀرائي رکڻ لاءِ، اسان جهڙن ملڪن ۾، “پار ـــ ولايت” وڃڻ ضروري ٿي پيو آهي. اهو هڪ نئون Status Symbol آهي. ٺڙڪو عياشيءَ پٺيان ، پنهنجي هڙون خرچ ڪري پوءِ، خالي کيسين، اهي وڏيري قسم جا ماڻهو جڏهن پنهنجي وطن جي ايئرپورٽ تي لهن ٿا ته هنن جي اها به خواهش آهي ته سندن راڄ جا ماڻهو، پورهيت ڳوٺاڻا ـــ جيڪي هنن جي هٿ هيٺ آهن، اهي هلي اچي ايئرپورٽ تي گلن جي هارن سان سندن استقبال ڪن. پوءِ باقي سال سفر جون ڊاڙون ٻٽاڪون ٻڌن. جهاز ۾ هنن ڇا ڪيو. ولايت جي هوٽلن ۾ هنن جي ڇا لئه هئي. رستن تي هو هليا ٿي ته ڪيئن ان ملڪ جون ڇوڪريون مٿن فدا ٿيون ٿي...... وغيره وغيره. ۽ پوءِ ڳوٺاڻا “بلي!!” “بروبر! رئيس سچ ٿو چوين” کان علاوه ڪڇي به ڇا ٿا سگهن.
    مهراڻ يونيورسٽيءَ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڳوٺاڻي نوجوان ٻڌايو:
    “اهڙا اسانجي ڳوٺن جا وڏيرا يا سندن اولاد راڄ لاءِ عذاب آهن. هڪ طرف هو پنهنجو نالو ٻاهر چٽ ڪريو اچن. ٻئي طرف هو چاهين ٿا ته اسان غريب ماڻهو ڪم ڪاريون ڇڏي بس ريلن جا ڀاڙا ڀري کين وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ اچون. ايئرپورٽ تي پوليس وارن جا دڙڪا کائون جيسين صاحبن جو جهاز پهچي. ان بعد ڳوٺ پهچي کين نذراني طور ڪجهه پيش ڪريون جو هو “خير” سان پهچي ويا ــــ ڄڻ وڏي کيپ کٽي آيا هجن. پوءِ سندن سفر جون لٻاڙون ٻڌڻيون پون ٿيون. سائين ظلم آهي ظلم. ڪاڏي وڃجي. ڪڇ ته غريب ماڻهو اهڙن وڏيرن، صاحبن ۽ سندن چمچن جي موچڙن ۾ ٿو اچي.”
    ۽ هيڏانهن هي جپاني، يورپي، آمريڪن وغيره پنهنجي خرچ تي اچن ته به ماڳهين بچت ڪريو وڃن. گهڻا تڻا ته اچن ئي سرڪاري يا ڪمپنين جي خرچ تي. پوءِ آئي سارو گهميو ڦريو وڃن. يا وري بزنيس جي واڌاري لاءِ اچن ـــ يعني هنن جو گهمڻ به ڪمائي ڪمائي آهي.
    پنهنجي ملڪ جو هڪ ڪامورو بئنڪاڪ ۾ مليو جنهن ٻڌايو ته هو هر ٻئي ٽئي سال، ڪڏهن موڪل وٺي ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ هن پاسي جو چڪر هڻي ويندو آهي.”
    “خير ۾ ـــ؟ مون پڇيومانس.
    “بس. مولا پئسو پيو ڏئي ته ان کي کپائڻ ته گهرجي.” هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.
    “پر توهان کي بچائڻ به ته کپي. ٻار ننڍا اٿانوَ انهن جي پڙهائي ۽ پنهنجي صحت، دوا دارون وغيره لاءِ.” مون چيومانس.
    ٿوري دير اڳ، جيڪي هو ملڪ ۾ چوري، اغوا ۽ ڌاڙن جون ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو، انهن جو حوالو ڏيندي چيائين: “پئسي بچائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ بئنڪاڪ ويندا کڻي ملڪ جا ڌاڙيل ۽ ٺڳ. تنهن کان بهتر آهي کپائي هن دنيا جو چار ڏينهن چٽڪو ماڻي وٺجي.”
    سو ڪجهه ماڻهن جي اها به سوچ آهي. صحيح يا غلط، اها هڪ ذاتي سوچَ آهي. بئنڪاڪ هڪ هوٽل ۾ ٻه همراهه ڀاڙي جي ٻن ٿائي ڇوڪرين سان گڏ ماني کائي رهيا هئا. هو بيحد خوش هئا. ان ئي هوٽل ۾ آئون به ٽڪيل هوس. ۽ ان وقت سندن ڀر واري ٽيبل تي ماني کائي رهيو هوس. کين اها خبر نه هئي ته آئون به پاڪستاني آهيان ۽ سندن زبان سمجھان ٿو. هو پنهنجي ملڪ کان ڏور، پنهنجي ڳوٺن جي ڄاتل سڃاتل نگاهن جي زنجيرين کان آزاد، بئنڪاڪ جي هڪ هوٽل جي ڪنڊ ۾ ويٺا هئا. آءٌ به اهي گهڙيون واندو هوس. ويٺي سندن ڳالهيون ٻڌم. هو ساڻ ويٺل ٿائي ڇوڪري مان بيحد خوش هئا. ڳالهين ڪندي هڪ انهن ڇوڪرين جي واکاڻ ڪئي. ٻئي مانيءَ جو گراهه وات ۾ وجھي. ان ڳالهه جي، ڪنڌ جي وڏي ڌوڻ سان تائيد ڪئي ۽ پوءِ ماني چٻاڙي چيو:
    “بلڪل صحيح ٿو چئين. هي ٿائلنڊ جون ڇوڪريون واهه جا پکي آهن. ماوا آهن مکڻ آهن سندن سنڌ سنڌ مان خوشبوءِ ٿي اچي. پنهنجين زالن مان ته رڳو اچي ٿي پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ.” ۽ پوءِ ان پنهنجي ئي چرچي يا حقيقت تي ٻئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.


    آيوتٿايا ـــ مڪليءَ جو قبرستان........

    جپاني، انگريز ۽ يورپي ماڻهو ـــ خاص ڪري سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، سئٽزرلئنڊ پاسي جا، هوائي جهاز رستي بئنڪاڪ پهچي، بئنڪاڪ ۾ ڏينهن اڌ ڪو مس ترسي پوءِ اتر ٿائلنڊ يا ڏکڻ ٿائلنڊ ڏي وڃن ٿا. اتر ٿائلنڊ جابلو علائقو آهي ۽ هو ان پاسي “چئانگ مائي” يا “چئانگ رائي” شهرن ۾ وڃن ٿا. ڏکڻ ٿائلنڊ سامونڊي ڪنارن ۽ خاموش ٻيٽن کان مشهور آهي. جهڙوڪ: پتايا، چمغون، سونگڪلا، پکيٽ، ساموئي، ڦانگن وغيره. هنن کي بئنڪاڪ کان وڌيڪَ ٿائلنڊ جا ننڍا ۽ خاموش ٻيٽَ پسند آهن. ڇو جو هنن لاءِ شراب ۽ شباب، شاپنگ ۽ اگھاڙا شو پنهنجن ملڪن ۾ به جام آهن. هو پنهنجي ملڪ جي مشغول زندگي ۽ ظلم جهڙي سرديءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ماٺيڻا ٻيٽ ۽ سامونڊي ڪنارا پسند ڪن ٿا. هنن مان ڪي اڪيلا اچن ٿا ته ڪي پنهنجن ملڪن جي ساهيڙين يا مڱيندن سان گڏ هن پاسي گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا. (سواءِ جپانين جي. جپاني مرد هميشه اڪيلو نڪرندو. پنهنجي زال کي پنهنجي شهر جي دعوت ۾ گڏ وٺي هلڻ کان به هن کي ٻرو چڙهي ٿو).
    يورپي ملڪن جون ڪي ڪي ڇوڪريون (مرد ساٿي نه هجڻ جي صورت ۾) پاڻ ۾ ئي ٽولو ٺاهي نڪرن ۽ گهڻو ڪري تواريخي جاين تي فوٽو ڪڍائيندي يا مڪاني ريسٽورينٽ ۾ کيکڙا ۽ وڏا گانگٽ کائيندي نظر اينديون. (جپاني عورتون اڪيلي سر به نظر نه اينديون. هو گهمڻ ڦرڻ بدران پنهنجي گهر جون ڌڪيون صاف ڪن ۽ ڇت جا ڄارا لاهين).
    بئنڪاڪ جي آسپاس وارن شهرن ۾ آيوتٿايا (Ayutthaya) تمام جھونو ۽ اهم شهر آهي. ٿائلنڊ جو هي شهر ـــ آيوتٿايا تواريخي حيثيت رکي ٿو. توهان کي جي تواريخ جي ڄاڻ ۽ شوق آهي ته پوءِ هي شهر جيڪو بئنڪاڪ کان ايترو پري آهي جيتو ٽنڊي آدم کان نواب شاهه (اٽڪل پنجاهه کن ميل)، ۽ اتراهين شهر چئانگ مائي ڏي ويندي رستي تي پوي ٿو، ضرور ڏسڻ گهرجي. پر توهان پاڪستان ۾ رهي جيڪڏهن ڏٺو موهن جو دڙو يا ڪوٽڏيجي، ڀنڀور ئي ناهي ته پوءِ توهان لاءِ آيوتٿايا اچڻ پئسي ۽ وقت جي بربادي ٿيندي. ڳالهه سمجھ ۾ ڪجهه نه ايندي. ڇو ته توهان ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ آيا آهيو.
    ٿائلنڊ جو هينئر وارو بادشاهه سلامت جيڪو راما نائون سڏائي ٿو چڪري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو پڙڏاڏو ــ راما پهريون جنرل فياتاڪسن وٽ فوج جو سپاهي هو. ان وقت جي بادشاهه کي پنهنجن ئي مارايو ۽ هن کي بادشاهه ٿيڻ جو وجهه ملي ويو. اها سن 1782ع جي ڳالهه آهي بادشاهه ٿيڻ سان هن ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ بئنڪاڪ ڪيو. ان کان اڳ ٿائلنڊ (جنهن کي سيام به سڏجي ٿو) جي گاديءَ جو هنڌ، 1350 کان 1765ع تائين آيوتٿايا هلندو آيو هو. يعني هي دور بابر همايون جي حڪومت کان به اڳ جو هو ۽ پاڻي پٽ لڙائي 1766ع وارن ڏينهن تائين هليو ـــ جنهن ۾ احمد شاهه درانيءَ مرهٽن کي شڪست ڏني. يا ٻين لفطن ۾ شاهه لطيف 1782ع ۽ نور محمد ڪلهوڙي 1754ع جي وفات کان پوءِ به هي شهر آيوتٿايا ڏهه پنڌرهن سال ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. ان بعد بئنڪاڪ ٿيو. عمر ۽ اوج ۾ آيوتٿايا، ٺٽي ۽ شڪارپور کان به جھونو آهي. ٺٽو 1350ع کانپوءِ سمن جي حڪومت ۾ وڌيو ويجھيو ۽ شڪارپور 1616ع ۾ دائود پوٽن ٻڌرايو ۽ سنڌي هندو واپارين کيس اوج ڏياريو.
    1350ع کان 1765ع تائين وارو عرصو ـــ جنهن ۾ آيوتٿايا ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هند رهيو، مختلف گهراڻن جي ڪل ٽيٽيهه ٿائي بادشاهن ان عرصي ۾، هن شهرَ ۾ ويهي ٿائلنڊ تي راڄُ ڪيو. واپار وڙي، پئسي دولت، سونهن صفائيءَ ۾ هن ايشيائي شهرَ جو مٿانهون مانُ هو. جو ذڪر ان وقت هر هڪ جي واتَ تي هو. ديبل بندر وانگر آيوتٿايا هن ملڪ جو مشهور بندرگاهه پڻ هو. مال جي اچ وڃ ۽ ڏيتي ليتي ۾ هن شهر تي ڀر وارا برمي ته ڇا پر يورپي به حسد ۽ ريس ڪندا هئا. جن جي ڪيترين لکڻين ۾ ان جو احوال آهي. جنهن مطابق آيوتٿايا جي مقابلي ۾ تن ڏينهن جا پئرس ۽ لنڊن ڳوٺڙا هُئا. ان جي تصديقَ ڪيترن هنڌن تي ملي ٿي.
    هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ پڻ تعريف جوڳي آهي. جيئن ڪوالالمپور جو شهر ڪلانگ ۽ گومبوڪ نديءَ جي سنگم تي آهي، الهه آباد گنگا ۽ جمنا ندين جي ميلاپَ تي آهي تيئن آيوتٿايا شهر آهي. پر هن شهر جي بيهڪ ٻن بدران ٽن ندين جي گڏجاڻيءَ تي آهي. پاساڪ (Pa-Sak) ندي، ٻي چائو فرايا (Chao-Phraya) ۽ ٽين لاپ بوري (Lop Buri). هڪ ويڪرو ڪئنال انهن ٽنهي ندين جي چوڌاري ڦري شهر کي ٻيٽ جي شڪل ڏئي ٿو. انهن ندين ۽ ڪئنال مٿان، جتي ڪٿي پليون ٺهيل آهن جيئن شهر کان ٻاهر يا شهر اندر اچي وڃي سگهجي. نه فقط چيني ۽ عرب پر ڏورانهين پنڌَ کان ايندڙ ڊچ، پورچوگالي، فرينچ ۽ انگريز واپاري پنهنجي وطن موٽي هن شهر جون چاهه سان ڳالهيون ڪندا هئا. ڪهاڻين ۽ خطن ۾ ان جو ذڪر ڪندا هُئا ته آيوتٿايا جهڙو سهڻو شهر دنيا ۾ ناهي.
    يارو! اڄ اهو شهر ڀنڀور ٿيو پيو آهي. لبنان جو بيروت ۽ سريلنڪا جو جافنا ٿيو پيو آهي. سائين ڪيڏانهن ويون جايون جڳهيون ۽ اوج، ڪيڏانهن ويون ماڻهن سان ڀريل بندر بازاريون. “ڪٽين ڪٽ لُهار، هاڻ انهين ڀيڻين” وارو حساب لڳو پيو آهي. اڄ آيوتٿايا مڪليءَ جي قبرستان وانگر سنسان ۽ ويران آهي. جتي ڪنهن دور ۾ هڪ ٻئي پويان ٽيٽيهه ديوراج راڄ ڪري ويا، اُتي اڄ فقط اسان پارا فوٽو ڪڍائڻ جي چڪر ۾ نظر اچن ٿا يا وري رول ڪتا، ڳجھين جهڙا ڳچيءَ کٿل ڪانگ ۽ گِيدو ڪيترڻ وارا بشني ۽ ڳنڍيڇور شڪار جي تلاش ۾ ڏسجن ٿا.
    پاڙي وارين برمين کي آيوتٿايا جو اوج هميشه اک ۾ هوندو هو ۽ رکي رکي ڪاهون ڪندا هُئا. آخرڪار 1765ع ۾، برمين جيڪو هن سهڻي شهر تي حملو ڪيو تنهن ۾ نادر شاهه وانگر هر شيءِ ٻاري ساڙي رک ڪري ڇڏي ـــ مندر مورتيون، مذهبي ڪتاب ۽ قلمي دستاويز، سڀ ڪجهه. باقي ڪي نالي ماتر بچيل ڊٺل مندر، ميوزيم ۽ شهنشاهي محلاتن جا کنڊر ڏسي ان وقت جي شان شوڪت جو تصور ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته “عمارت عَجيب هُئي!”
    برمين جيتوڻيڪ ملڪ ته فتح ڪري ورتو پر پاڻ به رهي نه سگهيا. پورن چئن سالن بعد فياتاڪسن (Phya Taksin) نالي هڪ فوجي جنرل کين ڀڄائي ڪڍيو. پر پوءِ آيوتٿايا وري آيوتٿايا ٿي نه سگهيو.


    ٻه وڌيڪَ ڳالهيون......

    مٿيون فوجي جنرل فياتاڪسن فتحيابيءَ بعد ٿائلنڊ (سيام) جو بادشاهه ٿيو جنهن وٽ اڄ جي ٿائلنڊ جي بادشاهه جو ڏاڏو تڙڏاڏو جنرل چڪري فوجَ ۾ هو. فياتاڪسن بعد جنرل چڪري پاڻ کي راما پهريون سڏائي ٿائلنڊ جو بادشاهه ٿيو ۽ چڪري گهراڻي جو بنياد وڌو جنهن جو نائون بادشاهه راجا ڀومبال موجوده بادشاهه آهي ۽ راما نائون سڏرائي ٿو.
    ٻي ڳالهه اها ته جنرل فياتاڪسن کان اڳ جا ٽيٽيهه بادشاهه آيوتٿايا ۾ رهي ٿائلنڊ (سيام) تي حڪومت ڪئي جيڪي “ديوراج” سڏبا هُئا. انهن بادشاهه کان اڳ وارا ـــ سُخوٿائي (Sukhothai) دور وارا راجا “ڌرما راما” سڏبا هُئا. ديو راج ۽ ڌرجا راجا ٿائي لفظ آهن جيڪي سنسڪرت مان کنيا ويا آهن. سخو ٿائي دور 1238ع کان وٺي 1376ع تائين هليو. پر ان کان اڳهين، 1350ع کان وٺي آيوتٿايا جا بادشاهه زور ٿي ويا هُئا.

    “موتَ جي ريلوي” عرف “Bridge on River Kawai”

    بئنڪاڪ جي ڀر ۾ (اٽڪل اسي ميل کن اولهه ۾) ٿائلنڊ جو هڪ ٻيو اهم شهر ڪنچنا بوري (Kanchanaburi) آهي. هي شهر ڪوٽڙيءَ وانگر درياهه جي ڪناري تي آهي. گهمڻ ڦرڻ لاءِ منجھس ڪا خاص شيءِ ناهي ۽ نه وري ڪو ايڏو پُراڻو شهر آهي. اڄ جي بادشاهه جي تڙ ڏاڏي راما ٽئين سن 1833ع ۾ اڏاريو هو.
    هن شهر (ڪانچنابوري) ۾ ماڻهو هڪ ئي ڳالهه لاءِ اچن ٿا ـــ ريلوي جي اها بدنام پُل ڏسڻ جيڪا جپانين، ٻي جنگ عَظيم ۾، انگريز ۽ يورپي جنگي قيدين کان ٺهرائي. انهن کان علاوه ڀر وارن ملڪن جي مڪاني ماڻهن کي پڻ ان ڪم ۾ لڳايو ويو هو. سخت پورهئي، بک ۽ بيماري وگھي ڪئين هزارين ماڻهو مري ويا. راشن بچائڻ لاءِ ڪيترن پوڙهن ۽ بيمارن کي، جپانين جيئري جلائي ڇڏيو هو. هيءَ “ريلوي” انسان انسان تي ظلم جي علامت سمجھي وڃي ٿي. هن ريلوي بابت فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي جيڪا ان ئي نالي واري ڪتاب The Bridge on the River Kwai تان ٺهي آهي. هن فلم ۾ ريلوي لائين جو اهو حصو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڪوائي درياهه تي ٺهيل پل مٿان لنگهي ٿو.
    دراصل هيءَ پل، ان فلم بعد ئي دنيا ۾ گهڻو مشهور ٿي. سو ٿائلنڊ جو هي شهر ڪانچنا بوري پنهنجو پاڻ حيثيت نٿو رکي باقي ان پويان جيڪا Death Railway جي ڏک ڀري ڪهاڻي آهي اها انسان جي انسان تي ستم جي ڊرامائي ڪهاڻي آهي. ماڻهو اها پل، ريل جا پٽا ۽ ان کي ٺاهڻ ۾ مري ويلن جا قبرستان ڏسي، جپانين جي ظالم تي ڦٽڪار ياد ڪن ٿا.
    پڙهندڙن جي معلومات ۽ دلچسپيءَ لاءِ مختصر طور اهو لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته هن بدنام ريلوي جي ٺاهڻ ۾ جيڪي خوش نصيب انسان موت جي منهن مان بچي نڪتا انهن مان ڪيترا هينئر جھور پوڙها ٿي چُڪا آهن. هتي ملائيشيا ۾، ڪجهه منهنجي اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ پڻ رهن ٿا. هنن ان ريلوي تي ڪم ڪيو ۽ سندن احوال لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. سندن ڪهاڻي ڏک ۽ ظلم جي ڪهاڻي آهي. انهن مان هڪ اڌ جو بيان هن باب ۾ ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.
    ٻي جنگ عَظيم ۾، هڪ پاسي جرمنن پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجي باقي يورپ ۽ انگلينڊ تي جلهه ڪري ڏني ته ٻئي پاسي جپاني ويا ايشيا جا ملڪ هڙپ ڪندا.... خاص ڪري جن تي انگريزن، فرينچن ۽ ٻين يورپين جو قبضو هو. انگريزن ۽ ٻين گهڻو ئي زور لڳايو پر هو جپانين کي روڪي نه سگهيا. ڪوريا، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انڊونيشيا، ملايا ـــ هڪ ٻئي پويان جپان جي قبضي ۾ اچي ويا. جپانين، ايشيا جي ملڪن کي انگريز حاڪمن کان آزاد ڪري پنهنجو اثر ڄمائڻ چاهيو ٿي. سنگاپور، ملايا ۽ برما ۾ مار مارا ڪرڻ بعد، هاڻ هو گڏيل هندستان جي بارڊر ويجھو اچي پهتا هُئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪن جي بمن، جيڪي هنن جپان جي شهرن ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ڪيرايا، جپانين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ جنگ کي ٻنجو اچي ويو. نه ته معاملو ويو پئي وڌندو ۽ هند سنڌ ايران عرب ٽپي وڃي ها.
    ان جنگ ۾ جپانين کي ٿائلنڊ ۾ روڪ ٽوڪ نه ٿي. ٿائلنڊ ڪنهن به ملڪ جي ڪالوني نه هو ۽ نه هن جھيڙن جھٽن ۾ پئجي پنهنجا ماڻهو مارائڻ چاهيا ٿي. بقول هڪ ٿائي فوجيءَ جي “ٿائلنڊ وارن جپانين کان پڇيو ته توهان اسان جي ملڪ مان لنگهي برما ۽ هندستان تي حملو ڪرڻ چاهيو ٿا نه؟ ڀلي لنگهو جيءُ لنگهو.”
    سو ٿائلنڊ بعد هو برما پهچي ويا. فوج جي اڳتي وڌڻ ۽ وڙهڻ لا ءِ کاڌ خوراڪ، بارود اسلح، ڪپڙي لٽي ۽ دوا درمل جي لڳاتار سپلاءِ ضروري ٿئي ٿي. برما ۾ اها سپلاءِ پهچائڻ لاءِ ٻه طريقا هُئا. هڪ سنگاپور کان سمنڊ رستي مال موڪلجي جنهن ۾ خطرو هو. انگريزن ۽ ڊچن جا جهاز ڪنهن وقت به حملو ڪري سگهيا ٿي. خاص ڪري ملاڪا جي سوڙهي ڳچي سمنڊ مان ان لنگهڻ وقت. ٻيو خشڪي رستي هو. سنگاپور کان ٿائلنڊ تائين ريل جا پٽا هئا. برما ۾ پڻ ريل گاڏي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين هلي ٿي. پر ٿائلنڊ ۽ برما جي وچ ۾ ريل نه هئي جيڪا ٻن ملڪن کي ڳنڍي. ان لاءِ جپانين جون 1942ع کان ٿائلنڊ (سيام) جي ريلوي اسٽيشن “نان پلادق” (Non - Pladuk) کان وٺي برما جي ريلوي اسٽيشن ٿانبيوزايات (Thanbyuzayat) تائين ميٽر گيج جي ريلوي لائين وڇائي، ٻن ملڪن کي ڳنڍڻ شروع ڪيو جيئن سنگاپور ۽ ملايا کان ايندڙ سامان، ٿائلنڊ کان هن ريل ذريعي ٽپي برما جي باقي ريل سسٽم (اڄ جي Moulmein ye لائين) سان ڳنڍجي وڃي.
    ٿائلنڊ ۽ برما جي مٿين ريلوي اسٽيسن جي وچ ۾ چار سؤ ڪلوميٽر فاصلو آهي جنهن ۾ هنن ريل جا پٽا وڇائڻ چاهيا ٿي ۽ اهو بارڊر وارو علائقو گهاٽن جھنگلن، جبلن، لاهين چاڙهين، دريائن ڀڏن ۽ نين سان ڀريل آهي. ان ڏکئي ۽ پر خطر علائقي ۾ ريل وڇائڻ لاءِ تمام گهڻن ماڻهن جي ضرورت هُئي. جنگي قيدين کان علاوه، جپانين کي سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، باليءَ ۾ جيڪو سگهارو شهري نظر آيو ٿي ان کي دوکي يا زبردستيءَ سان ريل جي ڪم لاءِ ٿائلنڊ ۽ برما موڪليو ويو ٿي. انهن ماڻهن تي جپانين ايڏا ظلم ڪيا ٿي ۽ ايڏو سخت پورهيو ورتو ٿي جو انهن کي موت ئي نصيب ٿيو ٿي. ان خوف ۽ ظلم کان بچڻ لاءِ ڪيترن ماڻهن پنهنجا هڏ گڏ پاڻهي ئي ڀڃي پاڻ کي (Un Fit) بيڪار ڏيکاريو ٿي جيئن جپاني فوجي کين ان ريل جي ڪم لاءِ نه موڪلين.
    هو، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ڳوٺن جي غريب ماڻهن کي نوڪرين ۽ گهر جي پورهئي جا ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏيئي وٺي ويا ٿي. مردن سان گڏ عورتن کي پڻ وٺي ويا ٿي. ملائيشيا جي مائي معصومه ۽ يوسف پڻ انهن مان آهن جن جي ان بابت مختصر ڳالهه ٻولهه هن بعد لکان ٿو.
    ريل گاڏي ۽ درياهه مٿان پل ٺاهڻ لاءِ پٽا ۽ لوهي سامان ملائيشيا ۽ جاوا جي ڪن ريلن جو پٽرائي آندو ويو. انهن ريلن جي پٽن کي وڇائڻ لاءِ مزدورن کي بنا مشين جي جبل ٽڪڻا پيا، کاهيون ڀرڻيون پيون ۽ گهاٽا ٻيلا ڪٽڻا پيا. هيترن هزارين مزدورن جي رهائش لاءِ وڻ ڪٽي جھوپڙيون ٺاهڻيون پيون، رڌ پچاءَ ۽ رڌڻي جي ڪم لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ بورچي ۽ نوڪرن جي ضرورت هئي. هي هڪ وڏو پروجيڪٽ هو جنهن لاءِ ويندي ڪيترن قبر کوٽڻ وارن جي ضرورت هئي جيڪي اڻ پوري کاڌي، مڇرن ۽ جنگلي جانورن جي چڪ پائڻ ڪري يا جپانين جي مار موچڙي ڪري مري ويا ٿي ۽ انهن کي دفن ڪرڻو پيو ٿي.
    هن ريلوي جو ڪم جون 1942ع کان شروع ٿيو ۽ آڪٽوبر 1943ع ۾، ڪوائي پل سميت مڪمل ٿيو. جنگ جي يورپي قيدين کان علاوه اٽڪل ٽي لک ايشيائي ماڻهن پڻ ان موت جي ريلوي تي ڪم ڪيو. ان سال سوا ۾، ان ڪم پٺيان ايڪهٺ هزار ته فقط جنگي قيدي مري ويا. ان کان به گهڻا، اٽڪل ڏيڍ لک انڊونيشي ۽ ملئي شهري مري ويا. ڪيترا جهنگلن ۾ ئي مئا يا ماريا ويا ۽ سندن لاش جانورن ۽ جيتن جڙن کاڌا. ڪي جتي جتي مرندا ويا اتي اتي زمين ۾ دفن ڪيا ويا. ڪي لاش، بک وگھي ڏٻرا ٿيل يا بيمار ماڻهو جيئري ئي ساڙيا ٻاريا ويا. باقي ڪجهه جنگي قيدي ڪانچنابوري شهر جي ٻن مشهور قبرستانن ۾ آهن. هڪ جيڪو وڏو قبرستان آهي جنهن کي ڪانچنابوري جنگي قبرستان سڏين ٿا، ان ۾ انهن قيدين جون ست هزار قبرون آهن. ٻيو “چئانگ ڪائي” جنگي قبرستان سڏجي ٿو، جنهن ۾ هڪ هزار ست سؤ پنجاهه قبرون آهن ـــ گهڻو ڪري سڀ ڊچ، آمريڪن، انگريز، آسٽريلين، فرينچن، نيوزيلئنڊرن ۽ ڪئناڊئن جون آهن جن کي جپانين سنگاپور، ملائيشيا ۽ انڊويشيا مان جھليو. هن ريل جي ڪم لاءِ کين اتان پيرين پيادو وٺي آيا. هر هڪ قبر جي ٻاهران لڳل ڪتبي تي ان ۾ دفن ٿيل جو احوال لکيل آهي.
    ڪانچنابوري شهر جي اڄ ڪلهه اڌ لک کن آدم شماري آهي. هي شهر ڪجهه ڪجهه پنجند وانگر آهي. ٻه ننڍيون نديون هتي ملي هڪ وڏي ندي ڪوائي يائي ٺاهين ٿيون جنهن تي فلم Bridge on the River Kwai The واري مشهور پُل آهي. جنهن پل مٿان هن ريل جو پٽو لنگهي ٿو.


    زندهه آهيان ـــ موتَ جي ڪهاڻي سُڻائڻ لاءِ.....

    ٿائلنڊ کان برما تائين ريلَ جو پٽو وڇائڻ لاءِ جپاني جن قيدين ۽ عام ماڻهن کي مختلف هنڌن تان وٺي آيا انهن مان اسانجي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ پنجهٺ سالن جي ملئي عورت پئان معصومه پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته لڳ ڀڳ ٻه لک ماڻهو بک، اڃ ۽ جپانين جي ظلم وگهي مري ويا ۽ جيڪي خوش نصيب اهڙين تڪليفن مان پار ٿي بچي ويا، تن مان پئان معصومه بنت احمد پڻ هڪ آهي. (ملئي زبان ۾ شادي شده عورت کي پئان سڏجي، جيئن پاڻ وٽ بيگم، محترمه يا مسز) پئان معصومه هن وقت (1987ع ۾) ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئن جي ماءُ ۽ ارڙهن ٻارن جي ڏاڏي ناني آهي. اڌ صدي کن اڳ ٿيل اهي ظلم جا واقعا کيس اڄ به چٽا پٽا ياد آهن.
    “ان ريلوي جي ڪم لاءِ توهان کي ڪيئن وٺي ويا؟” مون سندس ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ ڏينهن کانئس پڇيو.
    “1942 جي ڳالهه آهي،” معصومه ٻڌايو، “اسان کي ڪا خبر نه هئي ته جپاني اسان کي اهڙي سخت پورهئي لاءِ وٺي پيا وڃن جتان هڙ حاصل رڳو موت ٿي سگهي ٿو. اسين ڳوٺَ جا رهاڪو، جهڙو تهڙو پورهيو ڪري پيٽ قوت ڪري رهيا هئاسين. جنگ لڳي ته اهو روزگار به هليو ويو چار پئسا ڪمائڻ لاءِ آتا ٿي پياسين.”
    انهن ڏکين ڏينهن ۾ جپاني سپاهين معصومه ۽ سندس مڙس کي ان ريل جي ڪم لاءِ ٿائلنڊ هلڻ لاءِ چيو.
    “اسنا کي ته اهو ٻڌايو ويو ته توهان کي يونيفارم ٺاهڻ جي فئڪٽريءَ ۾ موڪلي رهيا آهيون جتي ٽن مهينن لاءِ، جپاني سولجرن جا ڪپڙا استري ڪرڻا پوندا ۽ ان ڪم لاءِ اسانکي چڱو پگهار ڏنو ويندو.”
    پر ٽن مهينن بعد موٽڻ بدران هنن کي، هن ڌرتيءَ جي دوزخ ۾ ٽي سالَ لڳي ويا. کين لاريءَ ۾ وهاري سندن ڳوٺَ کان ملائيشيا جي ڀرواري ريلوي اسٽيشن تي آندو ويو. جتي جپانين، ٻين هنڌن کان آندل ماڻهو پڻ اچي گڏ ڪيا هئا. اتان کين گاڏيءَ ۾ چاڙهي ٿائلنڊ جي بئنپانگ (Banpong) شهر ڏي موڪليو ويو.
    “گاڏيءَ ۾ ٽيهه چاليهه گاڏا هُئا. ويهه فٽ ڊگهي ۽ اٺ فٽ ويڪري ان ريلَ جي هر هڪ گاڏي ۾ ٽيهه پنجٽيهه ماڻهو ڀريا ويا. اسين پنهنجي پنهنجي سامانَ سان گڏ سوڙها سنگهوڙا ٿي رڳو ويهي سگهياسين ٿي. چار ڏينهن چار راتيون ريلَ گاڏي هلندي رهي. ڪڏهن سارين جي پوکَ مان ته ڪڏهن جنگلن ۽ بانس جي گهاٽي فصل مان. گاڏن ۾ ڪاڪوس به نه هُئا. ان ۾ سوار مردَ توڙي عورتون پنهنجي چوڌاري گوڏا ويڙهي ڪنڊ ۾ رکيل دٻي تي فارع ٿينديون هيون، جيڪو اسٽيشن اچڻ تي ڇنڊي صاف ڪيو ويو ٿي ڪنهن اسٽيشن تي گهڻي دير لاءِ گاڏي بيٺي ٿي ته پراڻي زماني جي ريلوي ڪاڪوسَ اڳيان ماڻهن جي قطار لڳي ويئي.
    “هر اسٽيشن تي جپاني فوجين نظرداري ڪئي ٿي ته ڪو ڀڄي ته نٿو وڃي. پئان معصومه ٻڌايو ته ڪنهن هڪ ٻن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻين کي سبق سيکارڻ لاءِ، جپاني سپاهين هنن کي پليٽ فارم تي، سڀني اڳيان بيد جي لڪڻن سان ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو. هن سفر دوران، يا اڳتي پورهئي دوران، ڏينهن ۾ ٻه دفعا پاڻي پُسي ڀت جو وٽو ۽ سڪل مڇيءَ ذرو (يا ڀاڄي) ملندي هُئي” . ڀاڄي ڇا هئي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ گجرن جا ٽڪر يا ساوا پن وجھي کين ڏنو ويو ٿي. هن ٻڌايو ته ان مانيءَ لاءِ به هر اسٽيشن تي ڊگهيون قطارون ٺهيون ٿي ۽ بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري، ڏسڻا وائسڻا، لپ ڀت لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا ٿي.
    “ڇا ڪجي، بک ۾ پاهه ٿيل انسان ڪتي کان به بدتر ٿيو پوي. پٽ تي چانور ڪري پوندا هئا ته اهي به چٽي کائيندا هئاسين. آخر بئنپانگ اسٽيشن اچي وئي.
    “ريلوي جي مزدورن کي پهرين هتي گڏ ڪري پوءِ مختلف ڪئمپن ۾ ڪم لاءِ موڪليو ويو ٿي. جتان پوءِ هنن کي کليل ٽرڪن ۾ چاڙهي اڳتي موڪليو ويو ٿي. هر ٽرڪَ ۾ ماڻهن سان گڏ ريلَ جي پٽن جو سامان پڻ سٿيو ويو ٿي.
    “سڄي رات سفر ڪرڻ بعد، ٻئي ڏينهن اسان وانتائي (Wan Tin Kin) پهتاسين.” معصوما کي اها رات اڃان تائين چٽيءَ طرح ياد آهي ته کليل ٽرڪَ ۾ کين هڪ ته ٿڌي ته هوا ڏڪائي رهي هُئي ۽ ٻيو اڻ ڄاڻ منزل جو خوف. کين خبر نٿي پيئي ته آخر ڪيڏانهن نيو پيو وڃي. سو به اهڙي بيدرديءَ سان. مائٽن کان ته هوءَ اهو چئي موڪلائي نڪتي هئي ته هتي ئي اوسي پاسي جي ڪنهن فئڪٽري يا ڪئمپ ۾ هوءَ جپاني فوجين جا يونيفارم استري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي. سندس ماءُ پيءُ کي ڪهڙي سڌ ته سندن غريب ڌيءَ جو پنج ڇهه ڏينهن کان بک ۽ نه سمهڻ ڪري جسم پيو ڪڙهي. پر اها خبر ته معصومه کي به نه هئي ته اها مصيبت فقط اتي ختم ٿيڻ جي ناهي. هن جي قسمت ۾ ته اڳتي هلي اڃان به وڏا ظلم ۽ تڪليفون اچڻيون آهن. ٻئي ڏينهن وان تائي ڪن (جنهن کي هوءَ وانجھائي سڏي رهي هئي) پهچڻ بعد هن کي اڳتي جا ٻه سؤ ميل پنڌ هلڻ لاءِ چيو ويو. ڇو جو ان کان پوءِ جي جنگلن ۽ جابلو لاهين چاڙهين ۾ ڪا به سواري هلي نٿي سگهي. ماڻهن يا جانورن جي هلڻ ڪري فقط پيچرا ٺهيل هُئا.
    پئان معصومه ۽ ٻين عورتن اهو ٻه سؤ ميلن جو پنڌ مردن سان گڏ، ٻارهن ڏينهن ٻارهن راتين ۾ پورو ڪيو. ڪٿي ته ڏينهن جا ڏينهن کين گهاٽي جنگل مان هلڻيو پيو ٿي، جتي گاهه ئي ماڻهوءَ جي قَدَ جيڏو هو. پٽَ تي چڀندڙ ڪنڊا ۽ ڀرٽ، انسان جو ماسُ چڪيندڙ ماڪوڙيون ۽ زهريلا جيتَ هُئا ته مٿي وڻن تي نانگَ بلائون ۽ ڏنگيندڙ مکين ۽ چيلاٽن جا مانارا. چڪن ۽ ڏنگن ڪري هنن جي جسمَ تي سوڄ، ڦٽ ڦرڙيون ۽ بخار ٿي پيو ٿي. پر تڏهن به کين پنڌ جاري رکڻو پيو ٿي.
    “ڪو آهستي هليو ٿي ته جپانين کيس لڪڻ سان اهڙو سٽيو ٿي جو جسم جي کل ڦاٽي، گوشت ظاهر ٿي پيو ٿي. پنڌ به ڪو سولو نه هو. ڪٿي چيلهه جيڏا، مينهن جي پاڻيءَ جا دُٻا هئا ته ڪٿي نيون ۽ درياهه.
    “مردن کي نه فقط پنهنجو بار ڍوئڻو پيو ٿي پر جپانين جو سامانُ پڻ مٿي ۽ ڪلهن تي ٻڌي هلڻوپيو ٿي. سج اڀرڻ کان به گهڻو اڳ، اسان جو هي سفر شروع ٿي ويو ٿي. سج لهڻ يا اوندهه ٿيڻ تي اتي پٽ تي ئي سمهڻو پيو ٿي. وڌ ۾ وڌ هيٺان وڇائڻ لاءِ ڪيلي جا سُڪل پَنَ هُئا يا ڪو گاهه.”
    پئان معصومه ٻڌايو ته ان سفر ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو مئا ٿي. ڪي مليريائي مڇرن، وڇن بلائن جي چڪن ڪري ته ڪي گندي پاڻي ۽ اڻ پوري کاڌي ڪري ڪالرا، ٽائفائيڊ ۽ ٻين بيمارين جو شڪار ٿيا ٿي. ڪئمپ ۾ پهچڻ تائين، رستي تي کين، کانئن اڳ جي لنگهندڙ ماڻهن جا، ڪيترائي چيريل ڦاڙيل لاشَ نظر آيا. جيڪي ڳجھن، جھنگلي جانورن ۽ جيتن ماڪوڙين جو کاڄُ ٿي رهيا هُئا.
    “سندن ڌَپَ نڪ ٿي ساڙيو. پر اسان جي ٽولي جي ڪيترن ماڻهن اهڙن لاشن کي اٿلائي پٿلائي سندن ڪپڙن ۽ سامانَ مان بچيل سچيل قيمتي شيون ڳولهيون ٿي. يا مئل عورتن جي لاشَ جا ڳهه چورائڻ لاءِ هنن جون ٻانهون ڪن ۽ آڱريون جانچيون ٿي. انهن مُردن کي دفن ڪرڻ جو ڪنهن کي به وقت نه هو. هر هڪ پاڻ به اڌ مئو لاش هو. هڪ نفسا نفسيءَ جو عالم هو.”


    ڪئمپ جي ڏُکي زندگي.......

    پئان معصومه جڏهن گهران نڪتي هئي ته هن وٽ فقط ٽي وڳا هُئا. سندن سادو سودو سپاٽو ان پنڌ جي شروع واري ڏينهن ۾ ئي ڇڄي ويو ۽ پوءِ باقي ڏينهن اگهاڙين پيرين پنڌ ڪندي رهي ـــ نه فقط ڪئمپ تائين، هي ٻارهن ڏينهن وارو، پر جيسين ريلوائيءَ جو ڪم هلندو رهيو هوءَ پيرين اگهاڙي رهي. کيس شاديءَ ۾ مائٽن فقط سونا ايئرنگ ڏنا هئا جيڪي گهر ڇڏڻ وقت هن جي ڪنن ۾ هئا. هن ٻارهن ڏينهن جي پنڌَ ۾ هڪ ڏينهن سندس اها نشاني به هلي ويئي.

    “هڪ سڪڻي جپانيءَ جي پهرين ڏينهن کان ان ۾ اک هئي. هن نيٺ مونکان اهي زوريءَ لهرائي ورتا ته کيس ان مان سونا ڏند ٺهرائڻا آهن.” پئان معصومه ٻڌايو.
    معصومه کي پنهنجي پهرين ڪئمپ جو هن وقت نالو ياد نه آهي. پر سندس ڳالهين مان لڳي ٿو ته اها برما واري پاسي ٿانبيوزايات (Thanbyuzayat) جي ڀر ۾ هئي. برما کان ٿائلنڊ تائين چار سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جيڪي ريلَ جا پٽا وڇائڻا هئا، ان ڪم لاءِ ڪيترن هنڌن تي ڪئمپون ٺاهيون ويون هيون. هي مزور ڏينهن جو پورهيو ڪري پنهنجي پنهنجي ڪئمپ ۾ موٽيا ٿي. انگريز فلم “Bridge on the river Kawai” ۾ هن ريل جي پٽي جو فقط اهو حصو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ٿائلنڊ جي شهر ڪانچانا بوري وٽ ڪوائي نديءَ تي ٺاهيل پل مٿان لنگهي ٿو. جپانين آخر تائين سڄي ريل ٺاهي ورتي. انگريزن اهو ريل وارو رستو ناڪاره ڪرڻ ۽ جپاني فوجين کي کڻي لنگهندڙ گاڏيءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪوائي (Kwai) درياه مٿان اڏيل ان پل کي ڊائنا مائيٽ ذريعي اڏايو ـــ ۽ ان سان گڏ لنگهندڙ گاڏي پڻ تباهه ٿي وئي. ڪيترا ماڻهو اها فلم ڏسي، اهو تاثر وٺن ٿا ته جپانين جنگي قيدين کان فقط اها ڪا پل ٺهرائي.
    پئان معصومه ٻڌايو ته ان ڪئمپ ۾ پهچي هنن کي پهرين بانس جي لڙهن مان ابتي “وي” واري ڇت جا گهر ٺاهڻا پيا. ڇت کي ڍڪڻ لاءِ ناريل ۽ ٻين وڻن جا پن استعمال ڪرڻا پيا. برما ۽ ٿائلنڊ جي جبلن تي بانس جا سٺ سٺ فٽ ڊگها لڙها به ٿين جن جي تري جي ٿولهه ماڻهوءَ جي سٿر جهڙي ٿئي ٿي. جھوپڙين جهڙن انهن گهرن جي چئني ڀتين ۾، اچڻ وڃڻ لاءِ طاقن بنا در ٺاهيا ويا. درن کي ڍڪ نه هئڻ ڪري ايترو پڙدو نٿي رهيو. مردن توڙي عورتن کي ساڳي ساڳي جھوپڙيءَ ۾ رهڻو پيو ٿي. وچ ۾ لنگهه جو رستو ڇڏيل هو. ٿورن ئي هفتن ۾ انهن جھوپڙين ۾ منگهڻ، ماڪوڙن ۽ ٻين جيتن ڪينئن جا ميڙَ مَچي ويا.
    “شروعاتي جھوپڙين ۾ ڪاڪوسَ نه هئا،” پئان معصومه ٻڌايو، “هر ڪو رات جي اونداهيءَ ۾، پري وڃڻ بدران در جي ويجھو ئي ڪاڪوس ڪندو هو. جنهن تي پڻ سڄو ڏينهن ڪارين وڏين مکين ۽ ڪينئن جا ڍيرَ رهندا هئا. ٻاهر نڪرڻ وقت سنڀالي سنڀالي پير کڻڻو پوندو هو. سڄي ڪئمپ ۾ مينهن جي ڪري اڪثر گَپَ پڻ هوندي هئي. اسين سڀ ايشيائي ماڻهو بنا بوٽن يا چمپلن جي ڪم ڪندا هئاسين. جنهن جي اسانکي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پيئي. ٿوري ئي عرصي بعد اسان جا پيرَ سُڄي دڙا ٿي پيا. ان بعد ڦٽن ڦلوڪڙن، ڪارن زخمن ۽ ناسور (Tropical Ulcers) سان ڀرجي ويا.
    “رڌ پچاءَ لاءِ رڌڻا ٺاهيا هُئاسين جتي وڏين لوهي ڪڻڇين ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به گرم ٿيندو هو ته ماني به ٺهندي هُئي. مانيءَ جو ڏهاڙي ٻه دفعا لنگر هلندو هو جنهن ۾ رٻ جهڙو ڇڊو ڀت ۽ گجر هوندا هئا. يا وري ڦنگي پاڻيءَ ۾ ڪنهن سستي ڀاڄيءَ جا نالي ماتر ساوا پن هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن رنگون کان گوشٽ جا دٻا پڻ ايندا هئا. پر ڪئمپ تائين دير سان رسڻ ڪري منجھن ايڏي ڌپ ٿي ويندي هئي جو ان گوشت کي رڌڻ بدران کڏ کوٽي ان ۾ اڇلائڻو پوندو هو. پاڻيءَ ۾ بيماريون پکيڙيندڙ ڪينئان ۽ جراثيم هجڻ ڪري اسان کي هميشه گرم پاڻيءَ پيئڻ لاءِ چيو ويندو هو. اهو ان ڪري نه ته ڪو جپانين کي اسان جي صحت جو اونو هو. پر ان ڪري جو هنن ڏٺو ته بيمارين ڪري ڏينهون ڏينهن مرڻ وارن جي تعداد ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اسان سڀني اهو ڄاتو ٿي ته ڪني پاڻيءَ پيئڻ ڪري بيمار ٿي رهيا آهيون پر سڄو ڏينهن اُسَ ۾ ڪم ڪرڻ ڪري هر وقت اُڃَ لڳندي هُئي ۽ جتي جتي، جنهن کي جيڪو پاڻي ملندو هو اهو اُڃَ اُجھائڻ لاءِ پيئندو رهندو هو. خاص ڪري ڪريل وڻ جي ڏار ۾ يا کڏي کوٻي ۾ مينهن جو ٿورو پاڻي به نطر ايندو هو ته ٻڪ ڀري هر ڪو پيئندو هو. گپ ۾ هاٿين جي هلڻ ڪري ٺهيل پيرن جي نشانن ۾گڏ ٿيل پاڻي پڻ پي ويندا هئاسين.”
    کاڌي جي ٻن وقتن مان هڪ صبح جو ستين بجي ۽ ٻيو شامَ جو، کين قطار ۾ بيهاري ڏنو ويندو هو. کاڌي بعد اٺين بجي سندن پريڊ ٿيندي هئي ۽ نائين بجي انجنيئر ۽ ڪمدار ڏهاڙي جي ڪم لاءِ پنهنجا پنهنجا ٽولا وٺي سائيٽ تي پهچندا هئا. هر هڪ ماڻهو ڪنهن ٽولي ۾ ورهايل هو ۽ هر هڪ ٽولي جو پنهنجو پنهنجو مقرر ڪم هو. وڻ ڪٽڻ، جبل ٽڪڻ ۽ پٿر ڀڃڻ، مٽي کوٽڻ، پري پري کان وڏا پٿر مٿي تي رکي اچڻ، وغيره. اهو ڪم شامَ جو ساڍي ڇهين بجي تائين هلندو هو. شروع ۾ هر مزور کي منو ڪيوبڪ ميٽر مٽي کوٽڻي پيئي ٿي. جيڪا پوءِ ماپي ويندي هئي. جيڪو پوري ڪوٽا نه ڪندو هو ان کي سزا ڏني ويندي هئي. بعد ۾ جيڪي مزور ڏينهن تتي جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ صبح پهر ۾ جلدي جلدي کوٽائي ڪندا هئا انهن کي باقي ڏينهن گهٽ ڪم ڏيڻ بدران اڃان به وڌيڪَ کوٽڻ لاءِ چيو ويندو هو. پوءِ جپانين اها ڪوٽا وڌائي هڪ ڪيوبڪ ميٽر ڪئي. پوءِ ڪم جي جلدي اڪلاء لاءِ اها اڃان به وڌائي ڏيڍ ڪيوبڪ ميٽر ڪئي ۽ شامَ جو ساڍي ڇهين بدران رات جو اٺين، ۽ پوءِ ڏهين ٻارهين تائين ڪم ۾ لڳائي رکيو. جيڪو ڍرو ٿيندو هو اهو مار کائيندو هو. مار ڏيڻ ۾ جپانين جا ڪورين گارڊ جپانين کان به ڏنگا هئا.”
    پئان معصومه کان مون سندس مڙس جو پڇيو.
    “اسان سگهوئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وياسين،” معصومه ٻڌايو، “جپاني اسانجي ڪم جي نوعيت ۽ ڪئمپ بدلائيندا رهيا ٿي. هن جي مونکي آخر تائين خبر پئجي نه سگهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ ٻئي ملئي دوست سان جنگلن ۾ لڪي ويو. ڪي چون ٿا ته ملائيشيا موٽندي پڪڙجي پيو ۽ جپانين کيس شوٽ ڪري ڇڏيو، ڪي چون ٿا ته ٻي ڪئمپ ۾ بيمار ٿي پيو ۽ ڪم جي لائق نه سمجھي جپانين کيس ساڙي ڇڏيو.”
    “ هي مسٽر يوسف؟” مون سندس هن مڙس لاءِ پڇيو.
    “ريلوي جو ڪم سوا سال کن هليو ان بعد اسين ٿائلنڊ ۾ ٻه سالَ کن بي واهي بي مددگار پيا هئاسين. پئسو نه هو جو ڀاڙو ڪري ملائيشيا موٽجي. اتي يوسف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ شادي ٿي. اسان ٻئي ڪجهه عرصو هتي هُتي پورهيو ڪري، پئسو بچائي پوءِ وطن ورياسين.


    جپانين جا انسانن تي ظلمَ.......

    ريلوي جي ڪم دوران، پئان معصومه جا ڪم بدلبا رهيا. ڪڏهن بورچيخاني لاءِ جھنگ مان ڪاٺيون ڪري اچڻ هو ته ڪڏهن ڪمپ ۾ رهندڙن لاءِ پاڻي ڀري اچڻ.
    “مٽي کوٽڻ ۽ پٿر کڻڻ جهڙا ڪم به ڪرڻا پيا ٿي. ڪڏهن اگھائي يا ڪمزوريءَ ڪري تکو نٿي هلي سگهيس ته گارڊ سپاهين هڪدم رڙ ڪئي ٿي Kurrah! ۽ پٺن تي لڪڻ جا وسڪارا ڪيا ٿي.”
    معصومه ٻڌايو ته ان بعد ٻي ڪئمپ جنهن جو نالو Konkoita هو، ۾ کيس موڪليو ويو. اتي ته اڃان به گهڻي سختي هئي. ڪو به مزور ٿورو ئي بيمار ٿيو ٿي ته هن کي جيئري ئي ساڙيو ويو ٿي.
    “جپانين بيمار قيدين کي زمين تي سمهاري، مٿان سڪل ڪاٺيون رکي، گاسليٽ هاري باهه ڏني ٿي. هڪ دفعي آئون مٿي تي ڀاڄين جو ٽوڪرو رکي ويس پئي ته رستي تي منهنجي ان ڪئمپ جي هڪ سڃاڻ مائي ائياح ملي جنهن کي جپاني ٻين بيمار ماڻهن سان گڏ وٺي پئي ويا. هن مونکي رڙ ڪري ملئي ۾ چيو:
    Tolong Kakkak! Aku tak sihat
    (وڏي ڀيڻَ واهر ڪر! آئون بيمار ٿي پئي آهيان.)
    پر افسوس جو آئون ڪجهه ڪري نٿي سگهيس ۽ چيومانس:
    Macam mana nak tolong. Jepun ada
    (جپانين جي هوندي آئون تنهنجي ڪيئن ٿي مدد ڪي سگهان؟.)”
    معصومه ٻڌايو ته هن کي اگنريزن ۽ يورپي نسل جي ماڻهن تي بيحد رحم ايندو هو، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ته سندن حاڪم هئا ۽ هاڻي ڇاتي جيڏي پاڻيءَ ۾ بيهي پل جا پايا کوڙي رهيا هئا يا وڏي ڳري پٿر کي رسي سان ٻڌي مٿي ڇڪي ڪاٺ جي پيلپائي کي زمين اندر کوڙي رهيا هئا. ٿوري به سستي ڪرڻ تي کين لوهه جي شيخن سان ڪٽيو ويو ٿي.
    “اسان لاءِ وهنجڻ پڻ وڏو مسئلو هوندو هو. هڪ ته سڄو ڏينهن اسان کي مزدوري ڪرڻي پيئي ٿي. نه عيد برات نه جمعي ڇنڇر تي موڪل ٿيندي هئي جو کڻي پنهنجي جسم ۽ ڪپڙي گندين جي صفائي ڪجي. ٻيو ته درياهه پري هجڻ ڪري مرد ته اڪيلي سر به هليا ويندا هئا، پر اسان چار پنج عورتون گڏ ٿي ان وقت نڪرنديون هيونسين جڏهن ڪو مرد نه هجي. اهڙي ريت هفتن بعد وهنجڻ نصيب ٿيندو هو. ان ڪري عورتن توڙي مردن جا مٿا هميشه جؤئن سان ڀريل رهندا هئا.
    “اڻ پوري، بي سواد ۽ بي طاقتي کاڌي ۽ پاڻيءَ ڪري، ۽ گهڻي ڪم ڪري ڪمزور هڪ طرف ٿي پياسين ته بيمار ٻئي طرف. ڪالرا ڊسينٽري ۽ بيري بيري (Beri - Beri) بيمارين ۾ ويا ماڻهو مرندا. جپانين محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هو ڪجهه نه ڪندا ته بيماري سڀ ماڻهو ختم ڪري ڇڏيندي ۽ هنن وٽ ڪم لاءِ پورهيت نه بچندو. ان لاءِ هنن آنڊي جو سئمپل ورتو. هر هڪ ماڻهوءَ کي، جپاني ڊاڪٽر اڳيان، پتلون لاهي جھڪي بيهڻو پيو ٿي. جنهن هڪ ڊگهي تار (جيڪا ٿورو مڙيل هئي)، ذريعي ڪاڪوسَ جو نمونو ڇڪي ڪڍيو ٿي. ان لاءِ مرد توڙي عورت ڪنهن کي به نه بخشيو ويو. هر هڪ کي سڀني اڳيان ان شرمناڪ حالت مان گذرڻو پيو. آپريشن لاءِ پڻ هنن وٽ ڪي خاص اوزارَ نه هئا. گئنگرين يا نرجي قسم جي ناسور لاءِ ماڻهوءَ جو هٿ پيرُ وڍيو ويو ٿي. ان لاءِ بورچيخاني جي ڪارائي استعمال ٿيندي هئي. آڱر آڱوٺي جهڙو عضوو ته ڪئنچيءَ سان ڪٽيو ويو ٿي. انسٿيسيا جهڙي دوا جو ته نالو نشان ئي نه هو جنهن جي استعمال سان مريض جو اوک گهٽائي سگهجي.
    “هڪ عذابَ جي زندگي هئي. هڪ ڀوائتو خواب هو جنهن جو اڄ تصور ڪندي به ڏڪڻي وٺيو وڃي. اڄ به انهن ڏينهن جي سوچڻ سان ماڻهن جا لاشَ ۽ زنده جلائڻ جا نظارا اکين اڳيان ڦرڻ لڳن ٿا جنهن مان خبر ناهي مون جهڙي ڪمزور ۽ ناتوان عورت ڪيئن بچي آئي.”
    “پئان معصومه! آئون ٿائلنڊ پيو وڃان،” اٿڻ مهل مون چيومانس، “ڪانچنابوري شهر وري گهمڻ لاءِ تون هلندينءَ؟”
    “بلڪل، ضرور هلنديس،” هن کلي وراڻيو، “اهو ڏسڻ لاءِ ته هيڏي عرصي ۾ اتي ڪهڙي تبديلي آئي آهي.”


    پتايا ـــ رنڊين ۽ کنڊين جو شهر.....

    پاڪستان مان جيڪي شوقين بئنڪاڪ لاءِ نڪرن ٿا اهي پتايا اچيو دنگ ڪن. پاڪستان جون ٽوئر ايجنسيون اهو پروگرام ڪراچي کان ئي مقرر ڪن ٿيون جيئن واپسيءَ تي همراهه چشڪا ڏيئي پتايا بيچ جون خبرون پنهنجن يارن دوستن سان ڪري، ۽ اهي به ٻاهر نڪرڻ لاءِ آماده ٿين ۽ ساڳي ڌوڙپائڻ لاءِ خرچ ڪن.
    بئنڪاڪ کان ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پري، “پتايا بيچ” سمنڊ جي ڪناري تي، هڪ ننڍڙو شهر آهي. اهڙا سامونڊي ڪنارن وارا شهر ۽ تانگھا ڪنارا ٿائلنڊ کان علاوه ٻين ملڪن ۾ به کوڙ. ويندي پاڪستان ۾ به ڪلفٽن، منهوڙو، سئنڊس پٽ ۽ هاڪس بي کان وٺي پورٽ قاسم، گڊاني ۽ پسني وارو علائقو سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو آهي.
    ڪراچي ۾ هڪ واقفڪار همراهه کان پڇيم:
    “سائين پتايا خير ۾ وڃو پيا ـــ؟”
    سندس ڀر ۾ الوداع چوڻ لاءِ دوست ۽ مائٽ پڻ بيٺا هئا. ککو وکو ٿي چوڻ لڳو: “ادا اتي جو سامونڊي ڪنارو ڏسڻ وٽان آهي. ضرور گهمڻ کپي. توهان جو ان پاسي وڃڻ ٿيو آهي”
    “نه سائين” مون سندس پت رکي مختصر جواب ڏنو.
    دراصل پتايا بيچ جنهن شيءِ جو نالو آهي اتي ڪي اهڙاصحيح قسم جا سامونڊي ڪنارا به نه آهن. باقي چڪلا، رنڊيون، کنڊيون ۽ اسان جي برادريءَ جا ماڻهو ـــ يعني جهازي (Sailors) ضرور ڌڪا کائيندا نظر اچن ٿا. ڪجهه سالَ اڳ تائين پتايا شهر ڪجهه به نه هو. اڄ جو پسني گوادار هو. پوءِ ڀر واري شهر Sattaheep ۾ آمريڪن جي فوجي اڏن ٿيڻ بعد هتي ناچ گانا، راڳ روپ ۽ ٻيا منڊل شروع ٿي ويا. آمريڪن پوءِ هليا ويا پر پٺيان ميلو مچائي ويا. سائين ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هڪ طرف ٿائي ماڻهن جي ڪمائي هلندي رهي ٿي ته ٻئي طرف اوسي پاسي جي ايشين ۽ ڏورانهين ڏيهن کان آيل شوقينن جو کيسو هلڪو ٿيندو رهي ٿو. هاڻ ته رات جي وقت، هي شهر پتايا، هتي جي ڪلين، شراب خانن، ناچ گهرن ۽ ٻين اڏن جي روشن بتين جي جھڳ مڳ ۾، هالي ووڊ جو ڏيکُ ڏئي ٿو. پندرهن ويهه سالَ اَڳُ پتايا جيڪو هتي جي مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن کي اوسي پاسي جي ماڻهن به نٿي ڄاتو سڃاتو سو هاڻ بين الاقواميSex جو اڏو بنجي ويو آهي.
    اڄ کان ٻه سؤ سالَ اڳ ڀر واري علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ بادشاهه تاڪسن ۽ سندس لشڪر هن ڳوٺ ۾ مانجھاندو ڪيو هو ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن جي سادگي ۽ شرافت مان متاثر ٿي هن شهر جي نشاني (Logo) پنهنجي مورت واري سيل مقرر ڪئي هئي. تنهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته اهو شهر ٻن صدين بعد ڇا مان ڇا ٿي ويندو. هي سڀ ڪم هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ئي ٿيا آهن.
    مون کي ياد آهي ته ويهه سالَ اڳ (70-1969ع ۾) هتي فقط هڪ ننڍڙو مئي خانوMariner-bar نالي، پهريون دفعو کليو هو. ان ۾ ڏکڻ هندستان ۽ فلپين جا ٽرڙا ٽرڙا جهازي، سستي قسم جو شراب پيئڻ لاءِ ايندا هئا. واپسيءَ تي هڪ ٻه اتي ئي الٽيون ڪري ڍير ٿي ويندو هو...... يا پاڻ کي کڻائي ويندو هو. شراب پيئارڻ، يعني ساقيءَ جا فرض ادا ڪرڻ لاءِ، بار جي مالڪ، کدڙن جهڙيون عورتون رکيون هيون ـــ جن لاءِ پوءِ معلوم ٿيو ته اهي آهن. ئي کدڙا. مٿينءَ ماڙ تي مئرينر ڊسڪو هو جتي سج لٿي کان پوءِ هڪ ڪاري ڪوجھي، عمر چڙهيل عورت، چنجھي روشنيءَ ۾ انگريزي گانا ڳائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ساٿ ڏيڻ خاطر ڊگهن وارن، بيل باٽم پتلونن وارا انڊونيشي Sailors (جن جا ننڍڙا جهاز ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ئي هلندا هئا) والنٽري طور، پنهنجي بي سري آواز جو مظاهرو ڪندا هئا. اسانجا جهاز به جپان ڪوريا ڏي ويندي توڙي موٽندي هند پاسي جي بندرگاهن ۾ پڻ ترسندا رهيا ٿي.
    پوءِ آهستي آهستي ويو ڪم وڌندو. فئنٽسي ڪلب، يورپين ڊسڪوٿي Hank’s Hideway يورپين بار، وغيره وغيره هاڻ ته انهن اڏن جو تعداد ڳڻڻ کان ئي ٻاهر نڪري ويو آهي. انهن ۾ ڪم ڪندڙ “ڇوڪرين” جو تعداد به واقعي ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهي. پر پتايا اڄ به پنهنجي پراڻي روايت قائم رکندو اچي. ڪن ڪن اڏن تي سؤ سيڪڙو، ڪم ڪندڙ “ڇوڪريون” عورتون نه پر کدڙا آهن جيڪي ٿائي زبان ۾ Ka-toeys يا ٺلها “توئي توئي” سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه جي نت نين لالين سرخين ۽ ٻي مارڊرن سونهن ۽ ميڪ اپ جي سامان سان جھنجھيل، هو خوبصورتي ۽ ڏيکَ ۾ ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون لڳن ٿيون. جيسين ڳالهائين نه تيسين شڪل شبيهه، ڪپڙي گندي، چال ڍال مان ڪنهن کي نه گمان نه ٿيندو ته ڪي هي ڇوڪرا آهن. پر جنهن جي عمر گهٽ آهي ان جي ته ڳالهائڻ مان به محسوس نه ٿيندو.
    Tiffany شو نالي هتي جو هڪ کدڙن جو مشهور شو آهي. جنهن جا هر رات ٽي شو ٿين ۽ موڪل وارن ڏينهن تي چار ٿين. هر شو ۾ تماشبين جي ويهڻ لاءِ ست سؤ سيٽون آهن. هر سيٽ جي ٽڪيٽ ڏهه ڀات آهي. ان ۾ پنجاهه کن “ڇوڪريون” نچن، ڳائين ۽ هٿ ٺوڪي ڪئبري ڊانس ڪن ـــ يعني نچندي نچندي جسم جو هڪ هڪ لٽو لاهين..... سواءِ ڪڇي ۽ باڊيءَ جي. اهي ڇوڪريون ـــ جيڪي مڙيئي کدڙا (توئي توئي) آهن، دل ڦيٿڪ، تماشبين اڳيان دُڏ لوڏي، ٽنگون مٿي اڇلي دادُ وصولي ڪن. ڪن ڪن کان پنهنجن هٿن تي چميون ڏياري ٽپ طور پئسا اوڳڙ ڪن. ٻئي ڌريون خوش هونديون آهن..... ان طريقي سان پئسا پني پتايا جا اهي کدڙا به خوش ٿين ته پرديس ۾ آيل پيار جا بکايل هي تماشبين به نرن کي چميون ڏئي خوش ٿين ۽ پنهنجي ڳوٺ وڃي ڊاڙون پڻ هڻن ته ڀوتار تي حسينائون عاشق ٿيون. ڪيترائي، پهرين نظر ۾ عاشق ٿيندڙ، شو بعد انهن “محبوبائن” لاءِ انتظار ڪندا نظر ايندا. يا انهن محبوبائن جو جمال ماڻڻ لاءِ وري وري ٽڪيٽ وٺي ساڳيو شو ويٺا ڏسندا آهن. اهي حال ڏسي منهنجو هڪ پراڻو جهازي عبدالصمد انهن کدڙن لاءِ هميشه چوندو آهي: “ڪراچيءَ جا کدڙا فقط لالو کيت ۽ لياريءَ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا پر پتايا جا کدڙا سڄي دنيا کي.”


    پتايا کدڙن کان پڻ مشهور آهي......

    اسان جي ڀر واري ضلعي جي هڪ زميندار ٿائلنڊ گهمي موٽڻ تي ٿائي ڇوڪرين جي ڏاڍي تعريف ڪئي جو هڪ حسينا مٿس موهت ٿي پيئي ۽ بقول سندس، ساڻس سچو پيار ٿي ويو.
    “پر سائين توهان کي اها ڇوڪري ڪٿي ملي؟” مون پڇيومانس.
    “بابا ڳالهه ئي نه پڇ،” هن مڇ کي وٽيندي ٻڌايو. “گذريل سال پتايا ويو هوس. اتي الڪاذار (Alcazar) ڪلب ۾ نچندڙ هڪ ڇوڪري بس عاشق ٿي پيئي ۽ اسان به کيس دل ڏيئي ويٺا آهيون.”
    “سائين ڳالهه ئي نه پڇو،” سندس ٻئي ساٿيءَ ٻڌايو جيڪو ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو. “ڇوري اسٽيج تي ٿورو گهڻو نچيو، اچيو سائينءَ کي هٿڙا لاهي. پوءِ ته سائينءَ جي هئي نوٽن ڏيڻ تي ڌم.”
    “بس ابا هفتي ۾ ئي فقير ٿي آياسين. چڱو جو بئنڪاڪ مان اڳواٽ زال ۽ ٻارن لاءِ خريداري ڪري ڇڏي هُيم نه ته جهڙو هٿين خالي ويو هوس اهڙو ئي وران ها.”
    ۽ هاڻ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ گهرجي ته الڪاذار پتايا جو هڪ ٻيو ڪلب آهي جنهن ۾ سؤ سيڪڙو کدڙا ڪم ڪن ٿا. ان ڪلب جي فلپينو انچارج هڪ دفعي هڪ اهڙي حسين ڇوڪريءَ نما کدڙي سان ملايو. مون ساڻس انٽرويو نما ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيو. نالو هوس ائن هو/هوءَ پنجويهه سالَن جو ٿيندو/ٿيندي. گذريل پنجن سالن کان هن شو جو/جي آرٽسٽ آهي.
    “اسانجي هتي جي زندگي وڌ ۾ وڌ ٽيهه سالَ آهي.” هن ٻڌايو، “هن وقت آئون سٺو پئسو ڪمائي رهي آهيان جيڪو گڏ ڪندي وڃان. ٻن ٽن سالن ۾ ڪافي گڏ ڪري وٺندس تيسين سڀ آپريشنون به ڪرائي وٺنديس. جنهن ڪري منهنجي ڌنڌي جي عمر ٻيا به اٺ ڏهه سالَ وڌي ويندي.
    “آپريشنون ـــ؟!” مون پڇيومانس. هڪ آپريشن جو ته مون جپان ۾ ضرور ٻڌو هو جنهن ۾ ڇوڪرا پنهنجا مردانا عضوا وڍائي ڇوڪريون ٿين ٿيون ۽ ان آپريشن لاءِ اهي جپاني کدڙا فرانس ويندا آهن. پر هتي ٿائي کدڙي ائن جو آپريشن مان ڇا مطلب هو.
    “منهنجو مطلب آهي ته نڙگهٽ جي آپريشن ته تازو ڪرائي چڪي آهيان ۽ هاڻ ڇاتين جو ڀراءُ ڪرائڻ چاهيان ٿي. ان لاءِ چاليهه هزار ڀات گهرجن. ائين ته ٻارهن هزارن ۾ به ان ڪم جي آپريشن ٿيو وڃي پر اها سادي قسم جي چئي وڃي ٿي. آئون چاهيان ٿي ته منهنجي ڇاتين جي بيهڪ اعليٰ قسم جي رهي. جنهن لاءِ چاليهه هزار ڀات گڏ ڪري رهي آهيان. ان بعد آخري آپريشن وڍ ڪٽ واري آهي جنهن تي پڻ ايترو ئي خرچ ايندو. ان لاءِ هفتو ٻه موڪل وٺي بئنڪاڪ جي ڪنهن اسپتال ۾ داخلا وڻي پوندم.”
    “چئبو ته توهان ان ڌنڌي کي ئي ڪئريئر بنائڻ چاهيو ٿا ـــ منهنجو مطلب آهي چاهيو ٿيون؟” مون چيومانس.
    “ها. بلڪل. آئون جڏهن سورهن سالن جي هيس تڏهن کان منهنجو ان ڌنڌي ڏي رجحان هو. سو هاڻ ان جي خرابي يا سٺائي بابت وڌيڪَ سوچڻ اجايو آهي.” هن وراڻيو.
    ائين نه آهي ته پتايا ۾ رڳو کدڙا آهن. پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ هتي هر قسم جو شراب، شباب ۽ جوا پڻ هلي ٿي. ڪي ڪي امير، خاص ڪري عرب، عيش عشرت لاءِ ٻين هنڌن تان پاڻ سان ڇوڪريون وٺي، هتي اچي رهن ٿا جيئن ڄاتل سڃاتل نظرن کان پاسيرا هجن. ڇو جو هي شهر ڪنڊ پاسي ۾ آهي. پتايا جي هڪ پراڻي پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڪو دور هو جڏهن هتي عربن جا ميلا هئا.
    “بيروت جي تباهيءَ بعد بئنڪاڪ ۽ پتايا هنن لاءِ ويجھا شهرٿي پيا جتي هنن کي هر قسم جي عياشي ملي سگهي ٿي.”
    “پر هنن لاءِ ته بئنڪاڪ کان وڌيڪَ ويجھو ته بمبئي آهي.” مون ٻڌايومانس.
    “بلاشڪ اوڏانهن به وڃن ٿا. پر هڪ ته هندستان ۾ رهائش ۽ کاڌو پيتو ايڏو صفائي وارو ناهي ۽ هو نا چاهين ته هندوستان پاڪستان جا مسلمان کين انهن ڌنڌن ۾ مشغول ڏسن. سو پنهنجو اميج بچائڻ لاءِ هيڏانهن اچن ٿا.”پوليس واري سمجھايو.
    “پر مونکي ته عرب نظر نٿا اچن.” مون وري کيس رد ڪد ڏنو.
    “آهن. پر بئنڪاڪ ۾ لهڻ بعد هو پنهنجو روايتي جُبي وارو لباس بدلائي عام سوٽ ڪوٽ يا سفاريءَ ۾ ٻين سان گڏ ٻين جهڙا ٿيو وڃن. البت اهو آهي ته اڳئين کان هاڻ گهٽ اچن ٿا جو ٻن ٽن سالن کان هتي نسلي ۽ ذاتي جھيڙا وڌي ويا آهن. عربن کي هتي جا ماڻهو نٿا سهن.”
    ٻه چار ڏينهن اڳ، ٿائلنڊ جي اخبار Bangkok Post ۾ هڪ عرب ڊاڪٽر جو ڇپيل خط مونکي ياد آيو جنهن ۾ هن انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي ته عرب هجڻ ڪري ڪيترن هنڌن تي کيس نٿو سَٺو وڃي. يا نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو .
    “................ عرب هجڻ ڪري هوٽل جو بئرو توڙي رسيپشنسٽ منهنجو ايترو خيال نٿو رکيو جيترو هن ساڳي هوٽل ۾ رهندڙ يورپ جي رهاڪن جو رکيو وڃي.” هن پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو هو.
    عرب ڊاڪٽر سان اڻپورو برتاءُ ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي. ان جا ڪيترائي مثال ملندا. مغربي پريس جو هن ملڪ (ٿائلنڊ) تي چڱو واسو آهي ۽ هتي جا ماڻهو مغربي اخبارون رسالا پڙهي پڙهي هاڻ هر عرب کي هوائي جهاز هاءِ جئڪ ڪندڙ سمجھن ٿا. اهڙي طرح هتي جي ماڻهن جو اسان (ننڍي کنڊ جي ماڻهن) لاءِ پڻ سٺو تاثر ناهي. هو پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جي هر ماڻهوءَ کي کُٽل ۽ Illegal Immigrant سمجھن ٿا. هنن کي اهوئي لڳي ٿو ته متان اسان پورهئي لاءِ هتي ئي نه ترسي پئون. اهو سبب آهي جو اسان جو ايشين ان احساس ڪمتريءَ کان بچڻ لاءِ وڏي کان وڏي هوٽل ۾ رهي ٿو. بئري کي گهڻي کان گهڻي ٽپ ڏئي ٿو ـــ جيئن هتي جا ماڻهو کيس صحيح رخ ڏين.
    عربن، پاڪستانين، ملئين ۽ ٻين مسلمانن کي ٿائلنڊ ۾ گهمندو ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ٻين مذهبن جا ماڻهو کلن ۽ تعجب کائين ٿا ته سندن ته ڀلا ٿيو ڪارو منهن جو سندن مذهب شراب يا شباب لاءِ روڪي نٿو پر اسان جهڙا مسلمان جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪريون ٿا اهي ٿائلنڊ پهچيو ڇو بدلجيو وڃون. هڪ اهڙي غير مسلم Lynard Skynard نالي هڪ بار جي ٻاهر واري ڀت تي هيٺيان جملا اپري رنگ سان لکي پنهنجي ان قسم جي خيال جو اظهار ڪيو آهي:
    “No Arab to sit down here.
    We do not want Arab people consuming alcohol and accosting women.
    We respect your belief in Islam. Thank you.”

    افغان مجاهدين لاءِ جيترو پاڪستان کي همدردي آهي اوترو ملائيشيا وارن کي به. ملائيشيا جون اخبارون توڙي ٽي ــ وي ريڊيو هر وقت افغانين لاءِ دل کولي چندو ڏيڻ لاءِ اپيلون ڪندو رهي ٿو. ڪوالالمپور ۾ افغان مجاهدين جي آفيس پڻ آهي ۽ هو ملائيشيا جي وڏن شهرن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. قداور جسم، وڏي چاپئي ڏاڙهي، شلوار قميص ۾ ڪو پاڪستاني پيو ويندو ته به چوندا افغاني آهي. پتايا شهر جي رستي تي، هڪ ڏينهن هڪ ملئي همراهه سان بيٺو هوس ته رستي جي ٻي ڀر تي هڪ اهڙي بار مان ٽي چار افغاني نڪتا. مون واري ملئي واقف ڪار هنن کي ڏسي يڪدم رمارڪ ڏنو:
    “ڪمال آهي! عربن کي ته آهي پئسو جيڪي ڀلي لٽائين ۽ عيش ڪن . پر هنن جي هٿن ۾ ته بندوقون هجڻ کپن ۽ پتايا جهڙي بدنام شهر ۾ هجڻ بدران جنگ جي ميدانَ تي هئڻ کپن.”
    ۽ پوءِ ساهه کڻي چيائين: “پڪ اسان جو ڏنل چندو ائين ضايع ٿي رهيو هوندو يا بندوقون توهانجي ملڪ ۾ ئي وڪڻي ڪئش کڻي عيش لاءِ آيا هوندا.”
    سمجھ ۾ نه آيو ته اهڙي Comment تي، چاهي اها پنهنجي جي هجي يا ڌارئين جي، ڇا ڪرڻ کپي. چرچو سمجھي کلڻ کپي، شرم کان ٻڏڻ جي واهه ڳولڻ کپي، سنجيدو ٿي سوچڻ کپي يا عام ڳالهه سمجھي ڪن لاٽار ڪرڻ کپي؟ بهرحال ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نظارا ڏاڍو ڪربناڪ ٿين ٿا ۽ ٻين کي اسان تي کلڻ جوموقعو ڏين ٿا.


    پتايا فقط رنڊين کان مشهور ناهي...

    ٿائلنڊ جو هي شهر پتايا فقط رنڊين کنڊين، ڀڙون، ڪڃرن ۽ کدڙن کان مشهور ناهي. پر هتي چور ۽ ڳنڍيڇوڙ به ڦرندي نظر اچن ٿا جيڪي نه فقط امير ملڪن جي ماڻهن کي پر اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي به نٿا بخشين. جتي ڪٿي پوليس ۽ قانون جي سختي هوندي به جيب ڪترن کي موقعو مليو وڃي.
    هڪ اهڙي ويڌن، اسان جي هوندي ڪراچيءَ کان آيل هڪ گهمڻ جي شوقين مڙس سان به ٿي. سندن پئسو ڏوڪڙ گم ٿئي. اتي ڪهڙو ڌاريو مدد ڪندو. ساڻ آيل ساٿي به ڪيترو ڏيئي ڪيترو ڏيندا. جو هر هڪ پنهنجي گهمڻ سارو بجيٽ کڻي نڪري ٿو. پر ڌارين ملڪَ ۾ پئسي ڏوڪڙ کان به ڏکيو ڪم پاسپورٽ جو گم ٿي وڃڻ آهي. پئسا ته ڪنهن کان به ملي سگهن ٿا....... پِني به سگهي ٿو پر پاسپورٽ جو گم ٿيڻ معنا گاديءَ واري شهر ۾ ملڪي ايمبسيءَ جا چڪر هڻڻ. ڪهڙي به ملڪ جي ڪيترو به اڇت (Efficient) ايمبسي هجي پر نئين پاسپورٽ ملڻ ۾ وقت ۽ ڊڪ ڊوڙ لڳي ٿي. ڇو ته هر ملڪ جي سفارتخاني (ايمبسيءَ) جون پنهنجيون مجبوريون ۽ قاعدا قانون آهن ۽ پاسپورٽ جهڙي شيءِ جيڪا ملڪ جي صدر يا وزير اعظم طرفان جاري ٿئي ٿي ۽ هڪ تمام اهم دستاويز آهي. اهو ائين وات جي ٻن اکرن تي هر هڪ کي ڪيئن ٿو ملي سگهي. ٻاهرين ملڪ ۾ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ائين سولو ڪم هجي ته هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪندا رهن. ڪيترا بنگلاديش، هندستان، افغانستان جا پاڪستان ۾ ڪاهي پون. ڪيتران اسان جا ماڻهو عرب ۽ يورپ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڙي پون. ان ڪري سفارت خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ هوندي به ان ماڻهوءَ کي نئون پاسپورٽ ملڻ کان اڳ ايمبسي وارا تصديقَ خاطر سندس رهائش واري شهر جي پوليس آفيس، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين هنڌن تان تصديقَ ڪرڻ ضروري سمجھن ٿا. جنهن لاءِ چڱا ڏينهن لڳيو وڃن.
    ان ڪري سڄاڻ مسافر پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ جهڙي شيءِ جان سان گڏ محفوظ رکي ٿو. يورپي نسل جا ڀلي ڇنل چئمپل ۽ هپين وانگر ڦاٽل ڪپڙا پائي پيا هلن پر پاسپورٽ پينٽ جي اندر چيلهه سان سوگهو هوندن يا قميص هيٺيان پهريل، ڪپڙي جي گنجيءَ جي زِپ يا ٻيڙي واري کيسي ۾ مضبوط هوندن. ڪي حاجين وانگر چيلهه تي ٻڌل موڪري پٽي ۾ رکن جيئن پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ هر وقت قابو رهي. پوءِ ڀلي ٻيون شيون بوٽن سميت، ڪو چوري ڪري وڃي. پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ هوندي ته پيرين اگهاڙو به في الحال پنهنجي وطن پهچي ويندو.
    ٿائلنڊ جي هڪ پوليس واري ٻڌايو ته سريلنڪا ۾ ڦڏن فسادن ڪري، اتي جا تامل ۽ فلسطيني هر وقت ڌارين ملڪن جا پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا. جيئن پاڻ کي ان ملڪ جو سڏائي خفيه تحريڪن ۾ حصو وٺي سگهن. ان ڪري اڄ ڪلهه ٿائلنڊ ۾ پئسي ڏوڪڙ کان وڌيڪَ پاسپورٽ جي چوري ٿي پئي آهي. اسان پنهنجي هم وطني، يعني مٿيئن ڪراچي واري همراهه کان گهڻو ئي پڇيو ته ابا پاسپورٽ ڪيئن ۽ ڪٿي ڪري پيئي، يا ڪيئن چوري ٿي ويو ـــ جيئن اتي ۽ ان هنڌ تي اهڙي طرح ڳولا ڪري سگهجي. پر همراهه پهرين ته ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو. پر پوءِ نيٺ اصل ڳالهه ٻڌائين ته هو هڪ ٿائي رنڊيءَ کي پاڻ سان رات رهائڻ لاءِ پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي آيو هو. ان اچڻ سان کيس جام مٿان جام اهڙو پيارو جو هو سنجھي مان ئي الٽيون ڪري پٽ تي غش ٿي ڪريپيو. هوءَ سنجھي مان ئي سندس ٻٽون ۽ پاسپورٽ کڻي رواني ٿي ويئي. پرديسَ ۾ هرڪو، سموري پئسي کي هڪ کيسي ۾ رکي هلڻ بدران ٻن ٽن ۾ ورهائي هلي ٿو. بلڪه ڪجهه بئگ ۾ ڪجهه هوٽل جي ڪئشر وٽ پڻ رکي ٿو. جيئن هڪ کيسو ڪترجي وڃي ته ٻئي ۾ رڪشا جي ڀاڙي جيترا ته پئسا هجن. پر هن همراهه جو الهه تلهه ان ٻٽونءَ ۾ هو ــــ زالَ جي فوٽوءَ سان گڏ ـــ جيڪو چورائڻ واريءَ ان وقت تائين ڪنهن ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏيو هوندو.
    بهرحال اسان ٻن ٽن همراهن هن جي هوٽل جي مسواڙ ڏني ۽ بئنڪاڪ تائين جو ڀاڙو ڏيئي کيس اوڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ڪيو جيئن سفارت خاني مان وڃي نئون پاسپورٽ ٺهرائي. وڃڻ وقت هو اڃان به منجھيل هو ۽ ايمبسيءَ ۾ وڃڻ کان به ڪترائي رهيو هو. جنهن جو سبب هن ٻڌايو ته هو ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ حڪومت جي قاعدي خلاف، بنا اجازت نامي جي، اچي هتان ولايت کان نڪتو آهي.
    ان بعد ڇا ٿيو ان جي خبر ناهي. پتايا کان پوليس جي پهري ۾ هو بئنڪاڪ روانو ٿيو (جو پاسپورٽ گم ٿيڻ بعد ٿائلنڊ جي پوليس کي اهو خدشو هو ته هو متان هتي رهي پوي.) پاڪستاني سفارتخاني تحقيق ڪرڻ بعد کيس ضرور پاسپورٽ، ڪو سرٽيفڪيٽ يا ڪو خط پرزو ڏنو هوندو جنهن ذريعي هو ڌاريون ملڪ ڇڏي پنهنجي ملڪ روانو ٿيو هوندو ۽ هنو قت پنهنجي ڪکن ۾ هوندو ۽ نج مرداني سنگت ۾ ٿائي ڇوڪرين جون ته مائٽن مٽن ۽ زال کي پتايا جي سهڻي سمنڊ جون، افسانوي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هوندو.


    بئنڪاڪ ــ ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ...

    ڏور اوڀر جو هي رنگين شهر بئنڪاڪ، 1782ع کان وٺي ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ان کان اڳ ڪجهه صديون (چار سؤ کن سالَ) آيوتٿايا (Ayutthaya) سيام جي گادي جو هنڌ هو. آيوتٿايا ۽ بئنڪاڪ جي وچ وارو عرصو، ڪجهه سال، ٿان بوري (Than Buri) پڻ ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ رهي چڪو آهي. پر ٿانبوري شهر کي بئنڪاڪ ئي سمجھڻ گهرجي جو ٿانبوري ۽ بئنڪاڪ ائين آهي جيئن لطيف آباد ۽ حيدرآباد يا ملير ۽ ڪراچي. بئنڪاڪ جي وچ مان وهندڙ درياهه جي هڪ ڪپر تي بئنڪاڪ آهي ته ٻئي تي ٿانبوري.
    بئنڪاڪ ٿائلنڊ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. اٽڪل 40 لک آدمشماري ٿينديس ــ يعني ڪراچي جي اڌ جيترو عوام منجھس رهي ٿو. بئنڪاڪ شهر مان جيڪو درياهه وهي ٿو ان جو نالو چائو فرايا (Chao-phraya) آهي جيڪو 25 ميل اڳتي سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري. هي درياهه بئنڪاڪ مان ائين لنگهي ٿو جيئن ٿيمس ندي ڪئنالن مان يا ملاڪا ندي ملاڪا شهر مان. درياه جي ڪناري ۽ درياه مان نڪرندڙ انيڪ ڪئنالن جي ڪپرن تي بئنڪاڪ جو ڄڻ ته اڌ شهر رهي ٿو. واٽ تي ڪا ڊيم يا بئراج نه هجڻ ڪري دنيا جي مختلف ملڪن جا جهاز کارو (سمنڊ) لتاڙي، درياهه جا پنجويهه ميل جھاڳي بئنڪاڪ جي وچ ۾ اچيو لنگر ڪرائين.
    مصر جي سئيز ڪئنال ۽ جرمنيءَ جي ڪيل (Kiel) ڪئنال وانگر ٿائلنڊ جي هن درياهه جو بئنڪاڪ تائين اهو سفر، سامونڊي مسافرن لاءِ هميشه دلچسپ رهي ٿو. درياهه جي ڪنارن تي ماڻهن جا گهرَ، دڪانَ، ، مارڪيٽون ۽ سندن مختلف پوشاڪون ۽ ڪرتون ڌنڌا، ڌارئين آيل کي هتي جي ڪلچر ۽ تهذيب جو چٽو پٽو روپ ۽ ڏيک پيش ڪن ٿيون.
    اڄ ڪلهه سنڌو نديءَ ۾ پاڻ ٻي ناهي پر تصور ڪري سگهجي ٿو ته جنهن زماني ۾ منجھس جهاز هلندا هئا يعني درياهه Navigable هو ان وقت يورپ کان ايندڙ مسافر، جهاز ذريعي سکر يا ملتان پهچندي پهچندي چڱو سير ڪندا هوندا. سڄي واٽ سنڌ جا ٻيلا ۽ رڻ پٽ، ڪناري جون پوکون ۽ وهٽ وڙا، ٺٽي، ڪوٽڙي، هالا، سن جهڙن بندر بازارن مان لنگهندي اهي شهر ۽ انهن جي عمارتي رٿابندي ۽ مختلف پوشاڪن ۾ هلندڙ چلندڙ ماڻهو ۽ سندن کيڪار کڙي ـــ ائين ڏسندا ويندا هوندا جيئن سئنيما هال ۾ پڙدي تي تصويرون هلن. پاناما ۽ سئيز ڪئنال مان اسانجو جهاز جڏهن به لنگهندو آهي ته مون ماضي جي سنڌو ندي جو تصور ٿيندو آهي.
    بئنڪاڪ به استنبول وانگر آهي. اڌ شهر درياهه جي هڪ پاسي ته اڌ ٻئي پاسي يا هانگ ڪانگ ڪولون ۽ روهڙي سکر وانگر چئي سگهجي ٿو جن مان هڪ شهر پرل ندي يا سنڌو نديءَ جي هڪ پاسي آهي ته ٻيو ٻئي ڪناري. اڀرندي ڪناري وارو بئنڪاڪ ڪارنگ ٿيپ (Krung Thep) سڏجي ٿو (جيڪو صحيح معنيٰ ۾ پڻ بئنڪاڪ آهي ۽ ڪرنگ ٿيپ معنا “ملائڪن جو شهر” ـــ ڪهڙا ملائڪ؟ اهي اچي ڏسي سگهو ٿا) ۽ الهندي ڪناري وارو ٿانبوري ـــ جيڪو بئنڪاڪ ۽ آيوتٿايا جي وچ ۾ پنڌرهن سال کن گاديءَ جو هنڌ رهيو ـــ اٽڪل 1767ع کان وٺي 1781ع تائين. انهن ڏينهن ۾ ٿائلنڊ جوراجا فرايا تاڪسن (Phraya Taksin) هو. (جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته پتايا آيو هو). اڄ جي ٿائي بادشاهه ڀوميبال جو پڙ ڏاڏو تڙ ڏاڏو چڪري، هن راجا تاڪسن وٽ فوج جو جنرل هو. انهن ڏينهن ۾ (1781ع ۾) ٿائلنڊ جي ڀرواري ملڪ ڪمبوڊيا سان کٽ پٽ هلي رهي هئي، جنهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ راجا تاڪسن پنهنجي فوجي سپهه سالار جنرل چڪري کي اوڏانهن روانو ڪيو هو.
    جنرل چڪري اڃان اڌ واٽ تي ئي هو ته پٺيان محلاتي سازش هيٺ راجا تاڪسن کي سندس ئي شاهي خاندان ۾ اعليٰ عملدارن تخت تان لاهي ڇڏيو. راجا تاڪسن حياتيءَ جي آخري سالن ۾ عوام جي لاءِ ماڳهين مٿي جو سور ٿي پيو هو. هو سپاهيءَ مان بادشاهه ٿيو ۽ هاڻ پاڻ کي ماڳهين گوتم ٻڌ جو وارث سڏرائي پيري مريديءَ جو چڪر ٿي هلايائين. چوي: “گوتم ٻڌ جو روح مون ۾ اچي ويو آهي. منهنجي پوڄا پاٺ ڪريو.” عوام ۽ سندس مائٽ مٽ سمجھي ويا ته هاڻ ڍر ڏبي ته وڏا گند ٿيندا. شاهه لطيف وانگر گوتم ٻڌ پنهنجي حياتيءَ ۾ ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه چيو ته مونکي يا منهنجي مرڻ بعد منهنجي قبر کي پوڄجو پر پوءِ سندس ڪئين گادي نشين ۽ قبرپرست نڪري پيا. پري هتي جي ٿائي عوام سمجھي وئي ته هي بادشاهه ماڳهين مجاور مان مرشد ٿي پنهنجي موج مزي لاءِ هاڻ ڊراما ٿو رچائي، ۽ ڪندو ملڪ ۽ قوم جي ستياناس. سو سندس مائٽن ئي کيس ڌڪو ڏيئي تخت تان لاٿو ۽ ڪمبوڊيا ڏي ويندڙ جنرل چڪريءَ کي اطلاع ڪيو. جنرل چڪري انهيءَ پيرين واپس وريو ۽ اعليٰ عملدارن ٿائلنڊ جو تخت ۽ تاج سندس حوالي ڪيو. اهڙي طرح ٿائلنڊ تي چڪري گهراڻي جو راڄ 1782ع کان شروع ٿيو. جنرل چڪريءَ پاڻ کي راما پهريون سڏايو ۽ اڄ جو بادشاهه ڀوميبال عدوليا ديج ۽ ان لڙيءَ جو نائون حاڪم آهي يعني راما نائون.
    جنرل چڪريءَ، بادشاهه ٿيڻ سان، ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ بئنڪاڪ ڪيو يعني درياهه جي ٻي ڀر وارو شهر ڪرنگ ٿيپ. هڪ ٻي ڳالهه ته “ٿائلنڊ” هن ملڪ جو ويجھڙائيءَ ۾ نالو رکيو ويو آهي. اصل ۾ هي ملڪ سيام Siam جي نالي سان سڏبو هو ۽ هن ملڪ جا ماڻهو اڃان به سيامي سڏجن ٿا. جيئن صدين کان ايران پرشيا سڏبو هو. ايران ته 80 سال کن اڳ پهلوي بادشاهه هن تي نالو رکيو. ان طرح هن ملڪ سيام تي “ٿائلنڊ” نالو اڄوڪي بادشاهه جي وڏي ڀاءُ بادشاهه آنندا ماهيدل جي اٽڪل ڏينهن ۾ سن 1939ع ڌاري) تجويز ڪيو ويو. ٿائلنڊ جي معنا آهي آزاد ماڻهن جو آستان. دنيا هتي جي ماڻهن کي جيتوڻيڪ هاڻي “ٿائي” سڏي ٿي پر اوسي پاسي جي ملڪن جا پوڙها اڄ به “ٿائي” ماڻهن کي “سيامي” چون ۽ ٿائلنڊ جون ڪيتريون ئي شيون ـــ جهڙوڪ: بُجن واري مشهور ٻلي ٿائي ٻلي نه پر “سيامي ـــ ٻلي” سڏجي ٿي.


    ايشيا ۾ فقط “ٿائلنڊ” ڪالوني نه ٿيو...

    چڪري گهراڻو ــ جنهن جو اڄڪلهه ٿائلنڊ تي راڄ آهي، ٻه سؤ کن سال اڳ شروع ٿيو. ان جي پنجين بادشاهه چولا لانگارن (Chulalongkarn) سڀ کان گهڻي حڪومت ڪئي. 1868ع کان وٺي 1910ع تائين. هو اڄ جي ٿائي بادشاهه ڀومپال جو ڏاڏو هو. چولا لانگڪارن جي ڏينهن ۾ بئنڪاڪ تمام گهڻي ترقي ڪئي. گرانڊ پئلس واري چڪري بلڊنگ پڻ انهن ڏينهن ۾ ٺهي سندس ئي ڏينهن ۾، 1885ع ڌاري ٿائلنڊ پوسٽ ۽ ٽيليگراف جو سلسلو شروع ٿيو ۽ 1892ع ۾ نيو روڊ تي اليڪٽرڪ ٽرام هلڻ شروع ٿي ۽ 1900ع ۾ ملڪ جي پهرين ريلَ گاڏي بئنڪاڪ کان پراڻي ۽ تواريخي شهر آيوتٿايا تائين هلڻ لڳي. سنيڪ فارم (نانگن جو فارم) ۽ رايل اسپورٽ ڪلب جي وچ ۾ جيڪا ٿائلنـڊ جي پهرين يونيورسٽي آهي سا هن چولا لنگڪارن بادشاهه نالي پٺيان آهي جيڪا سندس ننڍي پٽ ۽ اڄ جي بادشاهه جي پيءُ پراجا ديپڪ (راما ستين) 1917ع ۾ ٺهرائي.
    راما چوٿين ۽ پنجين جو اهو زمانو هو جنهن ۾ يورپي حڪومتن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضا شروع ڪيا. چولا لنگڪارن جيڪو ٿائلنـڊ جو راما پنجون هو، ان جي ڏينهن ۾ فرينچن پنهنجي جنگي ٻيڙي کي بنا سڏ (دعوت) جي بئنڪاڪ ۾ اچي بيهاريو ۽ بندوقن جا منهن کڻي شاهي محلات ڏي ڪيا. چي راما پنجين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي. يعني جيڪي چئون ائين ڪر نه ته موچڙا پونديءِ. مرتا ڪيا نه ڪرتا وارو حساب ٿيو. ڏاڍي جي لٺ جا ٻه مٿا، ٻين ملڪن جو حشر ۽ پنهنجو هيڻو حال ڏسي راجا چولا لنگڪارن هيٺاهين ورتي ۽ فرينچن ۽ انگريزن جي پِن ۽ گُهر گُهر کي ٿورو گهڻو منهن ڏيندو رهيو. پر پنهنجن وڏن وانگر هن به يورپين کي گهڻي لفٽ نه ڪرائي ۽ نه پنهنجن جي جھڳڙن ۾ هنن کي چوڌري يا وڏيرو بڻايو. فرينچن ۽ انگريزن به اها ڳالهه ڳڻي ٿائلنڊ کي آزاد ۽ نيوٽرل بفر زون مڃيو.
    اسان جهڙن ملڪن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻي هر دؤر ۾ درد پرايو آهي. پوءِ اهي ڌاريان چاهي يورپ کان آيا يا وچ ايشيا کان. پر ٿائلنڊ ان معاملي ۾ شروع کان عقلمند رهيو. هن ڌارين سان فقط نالي ماتر کيڪار کڙي رکي ۽ نه وري ٻين جي جنگين لڙائين ۽ ڦڏن ڦيٽارن ۾ پاڻ کي ڦاسايو. ٻي جنگِ عظيم ۾ به جڏهن جاپاني اچي بارڊر تي پهتا ته کين ان وقت جي ٿائي حاڪم چيو: بابا لڙائي ڇو ڪجي. توهان کي هتان لنگهي برما وڃڻو آه؟ ڀلي وڃو. جيءُ وڃو. پنهنجي ياري رهندي.
    جن ڏينهن ۾ هندستان، برما، ملايا، انڊونيشيا ۽ ٻين ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ يورپ وارا مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري ڌوڪي رهيا هئا انهن ڏينهن ۾ به ٿائنڊ کانئن پنهنجو پلاند آجو رکيو ۽ کين پنهنجي ويجھو اچڻ هرگز نه ڏنو. ٿائلنڊ وارن جي اها پاليسي زماني کان هلندي اچي. اڄ به يورپي، آمريڪن توڙي عرب ۽ جپاني سندن ملڪ ۾ جڏهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا ته سندن آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي ٿو پر جيئن ئي هو ديرو ڄمائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته کين نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. پئسو خرچڻ ۽ خريداري ڪرڻ لاءِ ٿائلنڊ ضرور اچو باقي نوڪري ڪرڻ يا پئسو ڪمائي سندن ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو نالو نه کڻو.
    اڄ جي ٿائي بادشاهه ڀوميبال کان اڳ جيڪي ٿائلنڊ جا راجا هئا انهن به ڌارين کي، خاص ڪري مغرب وارن کي پنهنجي ويجھو اچڻ نه ڏنو. هنن جو سٺيون ڳالهيون پنهنجيون ڪيون. هنن جا سٺا نمونا ۽ طرزون استعمال ڪيون. پر کين ٿائلنڊ ۾ ديرو ڄمائڻ نه ڏنو ـــ جيڪي اچڻ وقت نيڪ ڪمن جي پرچار ۽ مذهبي ڪم جو بهانو ڪري ايشيا ۽ آفريڪا ۾ گهڙيا ٿي. پوءِ “آئي ٽانڊي لاءِ ٿي ويٺي بورچياڻي” وارو حساب ڪيائون ٿي.
    مزي جي ڳالهه ته ان اصول هيٺ هنن چڪري گهراڻي جي بادشاهن کان اڳ، ٿائلنڊ جي حاڪم نارائي شهنشاهه، (جنهن 1657ع کان وٺي 1688ع تائين سيام تي حڪومت ڪئي) جي ڏينهن ۾، هنن فرانس وارن سان ٿورو گهڻو واپار وڌايو ته اتي کان آيل فرينچ پادري ٻاون کي اچي غلط فهمي ٿي ته هي ٻڌ بادشاهه هاڻ ڄاڻ ته عيسائي (ڪرسچن ڪئٿولڪ) ٿيو. (جيئن ملاڪا جو ملئي راجا پراميشورا، جيڪو پهرين هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو ته ان پٺيان سندس عوام به جلدي جلدي مسلمان ٿيندي وئي. سو اها ڳالهه ڳڻي 1687ع ۾ فرانس کان فرينچ پادري، اٽڪل ڇهه سؤ سپاهين ۽ ٻئي اٽالي کي ساڻ وٺي اچي ٿائلنڊ لٿا. انهن ڏينهن ۾ ٿائلنڊ (سيام) جي گاديءَ جو هنڌ تواريخي شهر آيوتٿايا هو. ٿائي ماڻهو خوش ٿيڻ بدران تٿ پٿان ۾ اچي ويا. هيترن ڌارين کي هڪ ئي وقت ڏسي هو ايڏو حراسجي ويا جو پنهنجا جھيڙا جھٽا ڇڏي، هڪ ٿي وٺي گوڙ گهمسان ڪيائون ۽ اهڙي باهه ٻاريائون جو فرينچ ڪک پن ٿي ويا. پوءِ ڪي سالَ فرينچ تي ٺهيو پر ٻيا يورپي به ويجھو نه آيا. پري پري کان ئي ٻيڙا هاڪاريندا رهيا. ان ڳالهه ۾ ٿائي ماڻهن جي عقل کي داد ڏجي نه ته ٿائلنڊ سان به اهو حشر ٿئي ها جيڪو ننڍي کنڊ سان ٿيو. جيڪو ملاڪا ۽ مئڊاگاسڪر سان ٿيو. جيڪو ڪوريا ۽ ڪينيا سان ٿيو. تواريخ ۾ آخر تائين ٿائلنڊ ئي هڪ اهڙو ملڪ رهيو، جيڪو ڪنهن يورپي طاقتَ جي زبردستيءَ ۾ نه آيو.
    هتي اها دلچسپ ڳالهه لکڻ بي وقتي نه ٿيندي ته ٿائي زبان ۾ هر يورپي نسل جي ماڻهوءَ کي فرنگ (Farang) چون ٿا، جيڪو هتي جي تعليمي ماهرن جو خيال آهي ته اهو ٿائي لفظ Farangset مان نڪتو آهي جنهن جي معنا آهي فرينچ ماڻهو (فرانس جو رهاڪو).


    بئنڪاڪ ڪو شريف ماڻهوءَ جي گهمڻ جي جاءِ آهي؟

    بئنڪاڪ اڄ ڪلهه ڪيترن ئي نالن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪو هن کي مُرڪ ۽ سُرڪ جو شهر سڏي ٿو ته ڪو “گناهن جو گھاٽ” ((City of Sin. ٿائلنڊ جو ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان اشتهاري ڪتابڙن تي ٿائلنڊ لاءِ لکيل هوندو آهي ته هي ملڪ چئن “S” (انگريزي الفابيٽ جو اکر “ايس”) جو آهي:
    Land of Smile, Sun Shine, Sand & Sea
    پر هر ٽوئرسٽ کي خبر آهي ته ان ۾ پنجون S وارو لفظ پڻ اچي ٿو. ۽ اهو آهي Sex. دنيا جو اهو ڪهڙو شهر آهي جنهن ۾ بئنڪاڪ وانگر ٻه هزار مساج گهر ۽ چڪلا هجن. جن ۾ سرڪاري انگ اکرن مطابق اڍائي لک رنڊيون ڪم ڪنديون هجن. جيتوڻيڪ صحيح ڳاڻيٽو ان کان گهڻو مٿي چيو وڃي ٿو.
    ڪيترن کي شايد ان ڳالهه جو احساس نه هجي ته جتي بئنڪاڪ عيش عشرت، شراب ۽ شباب جو شهر آهي اتي اهو جنسي ۽ جماعي بيمارين جو پڻ ڳڙهه آهي. بئنڪاڪ ۾ ٻه سؤ کان مٿي وي ڊي (Venereal Diseases) جون ڪلينڪون/اسپتالون آهن جن ۾ هر سال ٻه لک کان مٿي سفليز، گنهوريا (آتشڪ، پرميل، سوزاڪ) Aids ۽ ٻين باد ِفرنگ بيمارين جا مريض اچن ٿا. جيڪي بيماريون هو پاڻ سان آڻين ٿا يا کين بئنڪاڪ ۾ لڳيو وڃن.
    هن ۾ انهن مريضن جو تعداد شامل ناهي جيڪي شرم کان ان جو ڪنهن سان به ذڪر نٿا ڪن يا جيڪي چپ چاپ پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿي اتي وڃي علاج ڪرائين ٿا. Aids جهڙين لا علاج بيمارين لاءِ ته بئنڪاڪ هڪ کليل ميدان آهي ۽ هيسيتائين ان مرض ۾ ورتل پنج سؤ کن مريضن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. نه فقط ائڊس خوفناڪ ۽ موتمار بيماري آهي پر ٻيون ايس ٽي ڊي (Sexually Transmitted Diseases) يعني جماعي بيماريون پڻ، گهٽ خوفناڪ نه آهن. اهي نه فقط هڪ کان ٻئي تائين پکڙجن ٿيون پر انهن جو اثر بعد ۾ ڄمندڙ ٻارن تي پڻ ٿئي ٿو. “چند منٽن جي عياشيءَ جي عيوض”، اسانجو هڪ انگريز چيف انجنيئر جهازين کي سمجھائيندو هو، “انهن بيمارين جو مريض پوءِ شطرنج جي گهوڙي وانگر ٿيو پوي. شديد سور ڪري هو ٻه قدم اڳيان هلي ٿو ته اڌ قدم پاسيرو. هن لاءِ زندگي عذاب ٿيو پوي.”
    هتي ڪم ڪندڙ لاهور جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته V.D جهڙيون موذي بيماريون جن لاءِ ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته اهي انگريزن ۽ يورپين ۾ آهن ۽ ان ڪري انهن جو نالو ئي باد فرنگ “ولايت جي هوا” پيو، اهي اڄ ڪلهه اسان جي ايشيا ئي ماڻهن کي به وڪوڙي ويون آهن.
    “ان جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو ـــ؟” مون ان ڊاڪٽر کان پڇيو.
    “هڪ ته ايشيا جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو گهٽ تعليم هجڻ ڪري انهن بيمارين جي موذي پڻي ۽ خطري کان اڻ واقف آهن. هو سمجھن ٿا ته اهي جمائي بيماريون به ٿڌ بخار وانگر آهن. گوري کائڻ يا سُئي لڳڻ سان، يا ڪنهن حڪيم جي ڦڪي ڦڪڻ سان سڀ صحيح ٿي ويندو. ٻيو ته هنن کي انهن بيمارين جي بچاءَ لاءِ اپائن جي خبر ناهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو هلي ملي ٿائلنڊ جهڙين جڳهين تي اچي پنهنجو پئسو هڪ طرف ضايع ڪن ٿا ته بيماريون ٻئي طرف لڳرايو وڃن. ان سڄي بڇڙائيءَ کي هو وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. اڄڪلهه جون ٽريول ايجنسيون، پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾، بئنڪاڪ گهمائڻ جو هوڪو ڏيئي، ننڍي وڏي، پڪي پوڙهي جا تڏا ڪڍي رهيون آهن.”
    “ان ڏس ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟” مون پڇيو.
    “ان ڏس ۾ ٻيو ڪو ڇا ڪري سگهي ٿو،” ڊاڪٽر ڏک جو اظهار ڪندي چيو، “نه حڪومت ڪجهه ڪري سگهي ٿي نه يار دوست. وڌ ۾ وڌ اهڙي ماڻهوءَ جي زالن کي خبردار رهڻ کپي ۽ مڙسَ جي ميڊيڪل ٽيسٽ کان اڳ، هن جي ويجھو وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي. نه ته اهڙن موذي مرضن جو ٻئي نمبر تي شڪار اهي غريب ۽ معصوم عورتون ٿين ٿيون جن کي پنهنجن مڙسن جي ڪرتوتن جي خبر ئي نه آهي.”
    ٿائلنڊ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مدراسي ڊاڪٽر ويرولنگم نالي پڻ ان قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي......
    “يورپ ۾ جنسي تعليم عام هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو خبردار رهن ٿا ۽ کين ان قسم جي عياشيءَ جي نقصانن جي ڀلي ڀت واقفيت آهي. پر اسانجا ايشيائي يارَ هتي ٿائلنڊ ۾ اکيون ٻوٽي فقط ان عياشيءَ لاءِ ئي اچن ٿا ڇو جو ڪنهن عورت جي پيار حاصل ڪرڻ کي ـــ عارضي طور پئسا ڏيئي، هو وڏي ڳالهه سمجھن ٿا. هنن لاءِ ٿائلنڊ جو سمنڊ، باغ بستان، ماڻهو ۽ مندر ڪا به حيثيت نٿا رکن. هنن لاءِ عورت سڀ ڪجهه آهي. سوچڻ جي اها ڳالهه ته اها عورت جيڪا سالَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هزار کن ماڻهن سان سمهي ٿي اها ڇا صاف سٿري رهي سگهي ٿي.”
    بئنڪاڪ جي مشهور ۽ بدناموس پئت پانگ (Pat Pong) اسٽريٽ ۾ ملتان کان آيل هڪ نوجوان ٽولي جي هڪ نينگر کان پڇيم ته آيا هنن کي اها ڄاڻ آهي ته هنن قسم جي عورتن سان همبستري ڪرڻ سان بيماري لڳڻ جا امڪان آهن.
    “ها خبر اٿئون”، هن مان هڪ وراڻيو، “پر اسانکي ڪڏهن به نه لڳندي جو Sex کانپوءِ اسان يڪدم وهنجي ڇڏيندا آهيون. يا يڪدم پيشاب ڪرڻ سان جراثيم نڪريو وڃن.”
    “اهڙين ڳالهين مان اسانجي ماڻهن جي اڻڄاڻيءَ جي خبر پوي ٿي،” مٿين ڳالهه تي ڊاڪٽر تبصرو ڪندي چيو، “V.D جا جراثيم اندران ئي اندران هڪ جسم کان ٻئي تائين پهچن ٿا. ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اهڙو ڪو سولو ڪم ناهي. صابڻ يا ڊيٽال سان صفائيون...... ڪجهه نٿيون ڪري سگهن. ها رٻڙ (Condom) ڪنهن حد تائين بچاءُ ڪري سگهي ٿو.”
    ساڳئي روڊَ تي ڄامشوري جي هڪ اعليٰ تعليم واري اداري جا ٻه نوجوان شاگردَ مليا. هو فقط هڪ سال اڳ انٽر ڪري ان مٿين درجي جي تعليمي درسگاهه ۾ پهتا هئا. (ان مان سندن عمر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو). هنن کي مونسان ملي خوشي ٿي ۽ مونکي تعجب لڳو جو هو پنهنجي درسگاهه طرفان تعليمي دوري تي نه پر ذاتي خرچَ تي گهمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجي غريب مائٽن جو پئسو برباد ڪرڻ آيا هئا. هنن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪيتري دير خبرون چارون ڪندا رهيا. ٻئي ڏينهن کين ڪو خيال آيو سو پڇائي پڇائي منهنجي هوٽل جو پتو هٿ ڪري مونکي فون ڪيائون . آئون سيمينار مان اٿي ساڻن فون تي ڳالهائڻ لڳس.
    “سائين هڪ عرض آهي.” هنن مان هڪ چيو.
    “چئو” مون وراڻيو
    “سائين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جو ذڪر پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ نه ڪجو. دراصل اسان مائٽن کي ٻڌائڻ بنا، لڪ چوريءَ پاسپورٽ ٺهرائي ۽ پئسا هٿ ڪري هتي گهمڻ لاءِ آيا آهيون.” هنن ٻڌايو. اڃا تائين انهن جا معصوم چهرا اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. شاگرد ٿي ڪري، غريب مائٽن کان پڙهائيءَ بهاني پئسو وٺي، ان ڪچڙي عمر ۾، پنهنجو وقت، پئسو ۽ صحت برباد ڪرڻ لاءِ هو ٻاهر نڪتا هئا ـــ بئنڪاڪ جهڙي بدنام شهر ڏي. بئنڪاڪ ڪو ٻارن يا شريف ماڻهن جي گهمڻ جي جاءِ ناهي. اتي ته گهڻو تڻو اسان جهڙا جهازي، لوفر ۽ رول ئي نظر اچن ٿا. هنن ڇوڪرن جيڪي پنهنجا ڳوٺ ٻڌايا انهن ۽ ٻين ڳوٺن جو خيال ايندي ڏک ٿئي ٿو ته انهن ۾ رهندڙ ڪيتريون خوش فهمي ۾ مبتلا مائرون اهو سوچينديون هونديون ته سندن اولاد موڪلن جي ڏينهن ۾ به هاسٽل ۾ ترسي پڙهي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته شاگرد کي پنهنجي تعليم جو سوچڻ کپي يا مائٽ کي پنهنجي اولاد جي چرپر تي نظر رکڻ کپي؟!


    هڪ ڪساري حقيقت...

    هڪ دفعي بئنڪاڪ جي سلم روڊ تي، هڪ ڏينهن اوچتو هڪ پراڻي دوستَ سان ملاقات ٿي ويئي جيڪو ڪنهن زماني ۾ مونسان گڏ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. هو پاڪستان کان ايندڙ ٽوئرسٽن جي هڪ جٿي سان آيو هو. ان قسم جون ٽوئرون اڄ ڪلهه ڪيترون ئي ملڪي ۽ غير ملڪي ٽريول ايجنسيون ٺاهين ٿيون. آمريڪي ڊالر هڪ هزار کن، بئنڪاڪ تائين اوٽ موٽ جو ڀاڙو، بئنڪاڪ ۽ پتايا بيچ ۾ ٽي چار ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ ۽ روزاني نيرن پڻ ان ۾ شامل هوندي آهي.
    هو گذريل ٻن ڏينهن کان بئنڪاڪ جي مساج گهرن ۽ شراب خانن جا چڪر هڻي رهيو هو. پاڻ ننڍي هوندي کان شراب ۽ شباب جو شوقين آهي. جيڪو ڪمائي اهو ان ۾ ئي چٽ ڪري. پنهنجي ملڪ ۾ جتي شراب ۽ جوا تي بندش آهي اتي به آفيس بعد سندس اهو شغل هوندو آهي.
    “چئبو ته اڃان سڌريو نه آهين؟” مون کلندي کيس چيو:
    منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪندي آهستي چيائين: “مونکي ڇو ٿو ڏوهه ڏين. آئون ته آهيان ڇڙو ڇانڊ. هي جيڪي مونسان گڏ آيا آهن اهي ته مڙيئي شادي شده آهن. ڪي ته زالون به ساڻ وٺي آيا آهن هڪ همراهه ته تازي شادي ڪري هني مون ملهائڻ جي بهاني هتي آيو آهي.”
    “پوءِ سندن زالون ڪيڏانهن ويون؟” مون ساڻس گڏ اڪيلن مردن کي ڏسي پڇيو.
    “انهن کي هي هوٽلن ۾ ڇڏي آيا آهن.”
    “هنن ضد نه ڪين ته اسين به گڏ ٿيون هلون؟”
    “نه. انهن کي هو شام جو ئي شاپنگ ڪرائي آيا. هاڻ هو ويٺيون پنهنجي خريداري جاچين ۽ هي آيا آهن ٿائي عورتن جا اگهاڙا ناچَ ۽ کيل تماشا ڏسڻ. پنهنجين زالن کي اهو چئي آيا آهن ته واڪ ڪري ٿا اچون.”
    جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس ان ۾ هڪ ڊاڪٽرن جو به سيمينار هلي رهيو هو ۽ مٿيون لاهور جو ڊاڪٽر پڻ ان لاءِ آيو هو. پاڪستان جي ٻين شهرن جا پڻ ڪجهه ڊاڪٽر هئا. هڪ سکر جي ڊاڪٽرياڻي پڻ هئي. پاڻ، ڊاڪٽرياڻيءَ کان علاوه، سماجي ورڪر پڻ آهي. کيس پئسي ڪمائڻ کان وڌيڪَ غريب مريضن جو گهڻو اونو رهي ٿو. هوءَ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهي آهي.
    هڪ ڏينهن منجھند جي مانيءَ تي اسين هڪ ئي ٽيبل تي اچي ويٺاسين. بئنڪاڪ جي مٿين پهلوءَ تي ڳالهيون ڪندي هن چيو:
    “ليکڪ آهين. هڪ ڳالهه اڪيڊمڪ پئانٽ ــ آف ـــ ويو کان ٻڌايان ٿي جيڪا تون چاهين ته نالا بدلائي، ماڻهن جي ڄاڻ خاطر لکي سگهين ٿو.”
    “توهان ضرور ٻڌايو.” مون وراڻيو مانس.
    “هائو ۽ اها حقيقت اسان جي عالم فاضل ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي لاءِ سوچ جو سامان مهيا ڪري سگهي ٿي.”
    “توهان جي مهرباني.”
    “سنڌ جي جنهن شهر ۾ اڄ ڪلهه آئون نوڪري ڪريان ٿي،” ڊاڪٽرياڻيءَ ٻڌائڻ شروع ڪيو، “اتي ڀر واري ڳوٺ جي هڪ نوجوان زميندار جي نوڪرياڻي علاج لاءِ آئي. هوءَ غير شادي شده هئي پر هن کي S.T.D (جماع ذريعي پکڙندڙ بيماري) ٿي پيئي هئي. علاج لاءِ هوءَ تعويذ، ڳوٺ جي پوڙهين جا ڏس پتا، ٽوڻا ڦيڻا ۽ پسار ڪيون شيون کائيندي رهي. مون وٽ جڏهن پهتي ته سندس بيماري ڪافي پراڻي ۽ خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي هئي.
    “علاج دوران هن سڄي حقيقت ٻڌائي. جنهن بيماريءَ کي هن معمولي ڦٽ ڦرڙي يا نظر لڳت سمجھيو پئي اها کيس ان نوجوان زميندار سان جنسي تعلقات رکڻ سان ٿي هئي جنهن جو بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ عيش عشرت لاءِ اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيٿو. مون ان نوڪرياڻيءَ کي ٻڌايو ته اها بيماري نه فقط ان همراهه کي هوندي پر ان جي زال کي به منجھانئس لڳي چڏڪي هوندي.نوڪرياڻيءَ اقرار ڪيو ته بلڪل ائين آهي پر هوءَ ۽ زميندار پنهنجا ديسي علاجَ ڪندا رهن ٿا. نه رئيس ٿو ڪنهن ڊاڪٽر سان ڳالهه ڪري ۽ نه سانئڻ کي علاج لاءِ موڪلي ٿو. هو ان ۾ پنهنجي بي عزتي سمجھي ٿو.”
    “پوءِ ڇا ٿيو ـــ؟” مون تجسس مان پڇيو.
    “ڪجهه عرصي بعد جڏهن ان بيماريءَ سخت تڪليف ۽ پيڙا پئدا ڪئي ۽ جيئڻ جنجال ڪيو ته اها زميندار جي زال، مڙس کي ٻڌائڻ بنا، لڪ چوريءَ مون وٽ علاج لاءِ آئي. ننڍي نيٽي معصوم، پريءَ جهڙي سهڻي نينگري پر سفليز ڪري ختم ٿي ويئي هئي. هڪ وڏو عرصو علاج ڪرائڻ بعد، سو به هوءَ خوش نصيب هئي، کيس وڃي ڪجهه شفا حاصل ٿي آهي. پر هن جي منهن جي اها ملوڪائي موٽي نه آئي آهي، جنهن جي برباديءَ ۾ هن جو ڪو پنهنجو هٿ نه هو.”
    ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ان ڊاڪٽرياڻيءَ چيو: “وري به هن همت ڪئي. خبر ناهي ڪيترون اهڙيون معصوم جانيون ڪوٽن اندر ڪڙهنديون رهن ٿيون جن جا عياش مڙس ڪا جوابداري محسوس نٿا ڪن. اهڙيون اسان وٽ ڪيتريون هونديون جيڪي پنهنجن مڙسن کي تنبيهه ته هي جو توهان هزارين رپيا ٿائلنڊ جهڙن ڌارين ملڪن ۾ چٽ ڪريو اچو، ان مان پاڻ ۽ ڪٽنب کي ڇا ٿو هڙ حاصل ٿئي؟ بدنامي، سور، عذاب ۽ بيماريون!”


    هڪ ڊاڪٽر کان جماعي بيمارين بابت انٽرويو...

    سوال: V.D ڇا آهي ـــ؟
    ڊاڪٽر: وي. ڊي وچڙندڙ بيماري آهي جيڪا هڪ کان ٻئي کي جنسي ميلاپ (Sex) ذريعي لڳي ٿي. ڪوڙهه جهڙي هن بيماريءَ ۾ نه فقط جنسي عضون کي نقصان رسي ٿو پر جسم جا ٻيا عضوا پڻ وٺجيو وڃن ۽ ان جو اثر دماغ تائين پڻ رسي ٿو. V.D جا ڪيترائي قسم آهن ۽ سڀ هڪ جهڙائي خطرناڪ آهن. انهن ۾ سفليز (Syphilis) ۽ گهنوريا (Gonorrhea) عام بيماريون آهن. ان کان علاوه ٻيون به پنجويهه کن جنسي ميلاپ (جماع) مان پيدا ٿيندڙ بيماريون آهن. جن ۾ ڪلاميڊيا (Chlamydia)، هرپس (Herpes) ۽ ائڊس (Aids) تمام گهڻيون خطرناڪ آهن جن جو اڃان تائين ڪو علاج، ڪا دوا درمل نه نڪتي آهي. ان ۾ ڪي اهڙيون موذي بيماريون پڻ آهن جن جي اوائلي منزل تي ڪا خبر نٿي پوي ته آيا اهي لڳي چڪيون آهن يا نه.
    سوال: پبلڪ باٿ روم يا ڌارئين جو ٽوال استعمال ڪرڻ سان اهي بيماريون لڳي سگهن ٿيون ـــ؟
    ڊاڪٽر: نه انساني جسم کان ٻاهر اهي جراثيم هڪ سيڪنڊ به جيئرا رهي نٿا سگهن. ان بيماريءَ جا جراثيم چمي ڏيڻ يا جنسي ميلاپ سان ئي هڪ جسم مان ٻئي ڏي پهچن ٿا.
    سوال: وي. ڊي (جماعي بيماريون) ڪهڙن ملڪن ۾ عام آهن؟
    ڊاڪٽر: هي بيماريون اسانجي ملڪن ۾ عام نه هيون . انهن بابت آمريڪا ۽ يورپ ۾ ٻڌبو هو. پر گذريل ويهن سالن ۾ اسانجي ڪريل اخلاقي ۽ سماجي قدرن ڪري هي بيماريون ڪيترن ئي ايشيا جي ملڪن ۾ به عام ٿي ويون آهن.
    سوال: هنن بيمارين جو علامتون (Symptoms) ڪهڙيون آهن؟
    ڊاڪٽر: گهنوريا بيماريءَ جو جراثيم زناني خاص عضوي جي اندرين کل (Mucous Membrane) تي حملو ڪري ٿو. جنسي ميلاپ بعد، اٽڪل ٻن کان ڏهن ڏينهن اندر مريض پيشاب ۾ ساڙو ۽ تيزابيت محسوس ڪري ٿو. ان سان گڏ کيس اڇي رنگَ جي گهاٽي پونءِ (Pus) خارج ٿيندي نظر اچي ٿي. وڏي حملي جي صورت ۾ اهي جراثيم جسم جي ٻين حصن تي به حملو ڪري سگهن ٿا. جيئن ته جراثيم لڳل هٿ اکين تي هڻڻ سان اکين تي به اثر ٿي سگهي ٿو.
    بيماريءَ جي صحيح طرح پڪ ڊاڪٽر ئي ڪري سگهي ٿو جو اهي ساڳيون علامتون ٻين پيشابي بيمارين (Urologic) جون پڻ ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر ئي علاج بابت صحيح دوا ۽ صلاح ڏيئي سگهي ٿو. عورت کي اها بيماري لڳڻ سان ورلي ڪا نشاني ظاهر ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ هن لاءِ اها بيماري ايتري ئي خطرناڪ آهي. گهنوريا جو جراثيم عورت جي ٻچيداني ۽ فلوپيئن ٽيوب تائين اثر ڪري ٿو ۽ هن جي ٻار ڄمڻ جي قوت هميشه لاءِ ختم ڪريو ڇڏي. عورت جي علاج لاءِ دوا جا وڌيڪَ ڊوزَ استعمال ڪرڻا پون ٿا.
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماٺ ۾ رهي ۽ هن بيماريءَ جو جلدي علاج نه ڪرائي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا؟
    ڊاڪٽر: هن موذي مرض جي علاج ۾ سُستي ڪرڻ سان، يا رکندڙ ۽ صحيح دوائون نه کائڻ سان، هن مرض کي وڌڻ جو موقعو مليو وڃي. جراثيم Prostate - Gland ۽ مثاني تائين پهچيو وڃن. ان حالت ۾ ذري ذري پيشاب جو خيال ٿئي ٿو جنهن ۾ رت جو اچڻ پڻ شروع ٿيو وڃي. اڳتي هلي پيشاب جي نليءَ ۾ سوڙهه ٿي سگهي ٿي. مختلف اندروني عضون جي سوڄ ۽ Infection ڪري ڪيترا ماڻهو نامرد ٿيو پون. ڪن حالتن ۾ هن بيماريءَ جون اثر گوڏي جي سنڌن تائين به رسي ٿو جيڪي گند ۽ پونءِ سان ڀرجيو وڃن. علاج نه ڪرائڻ سان اڳتي هلي هنن جراثيمن جو اثر دل ۽ دماغ تائين به پهچي ٿو. جسم جو سور هڪ طرف ته نفسياتي ۽ ذهني تڪليف ٻئي طرف انسان کي ڳاريو ۽ کاريو رکي.
    سوال: ۽ سفليز بيماري ـــ؟
    ڊاڪٽر: Syphilis (باد فرنگ، آتشڪ) ايترو عام ناهي جيترو گهنوريا (پرميل) پر سفليز وڌيڪ خطرناڪ جماعي بيماري آهي جيڪا پڻ ان بيماريءَ جي مريض سان جنسي ميلاپ يا چم چٽ ڪرڻ سان لڳي ٿي. هن بيماريءَ جا ٽي طبقا يا منزلون آهن.
    پهرين منزل تي مريض جي خاص عضون يا چپن تي ڦرڙيون يا السر جهڙا زخم، جسماني ميلاپ بعد، هڪ کان ٽن هفتن اندر ظاهر ٿين ٿا. انهن ڦرڙين جي چوڌاري سوڄ پڻ شروع ٿئي ٿي. علاج نه ڪرائڻ جي صورت ۾ به هي ڦرڙيون ڪجهه ڏينهن ظاهر ٿي پوءِ ڇٽي وڃن ٿيون. ان ڪري مريض سمجھي ٿو ته ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. پر ائين نه آهي. بيمار جو ٻج جسم ۾ ئي رهي ٿو. پوءِ ڪجهه عرصي بعد پنهنجو وري اثر ڏيکاري ٿو جنهن کي هن بيماريءَ جي ٻي منزل سڏجي ٿو.
    هن بيماريءَ جي هيءَ ٻي اسٽيج پهرين اسٽيج کان اٽڪل ڇهن هفتن بعد شروع ٿئي ٿي. ان ۾ کل تي خارش ۽ ڳاڙهاڻ ظاهر ٿئي ٿي. ٿورو تپ، نڙيءَ ۾ سُر سُر ۽ اکين ۾ سوڄ ظاهر ٿئي ٿي. هن منزل ۾ سفليز جا جراثيم رت جي نلين ذريعي سڄي جسم ۾ پکڙجيو وڃن ـــ خاص ڪري جسم جي چمڙي ، اکين، تنتي سرشتي ۽ ميوڪسي حصي ۾.
    ان بعد وري خاموشيءَ جو دور شروع ٿئي ٿو جيڪو چند مهينن کان چند سالن تائين ٿي سگهي ٿو. جنهن ۾ ظاهري طرح ڪا به تڪليف يا جسماني تبديلي نظر نٿي اچي. سفليز جي آخري منزل جنهن کي “دير ـــ بعد ـــ اثر ـــ ڏيکاريندڙ سفليز” سڏجي ٿو اها تمام گهڻو تباهي مچائيندڙ ٿئي ٿي. ان ۾ ڇا به ٿي سگهي ٿو.
    هن اسٽيج تي، هيءَ بيماري دل تي به اثر ڪري سگهي ٿي ته دماغَ ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي تي به .ڪيترا ماڻهو انڌا ٿي پوندا آهن. پيٽ واري عورت جي ٻار تي به اثر پهچيو وڃي. ٿورن لفظن ۾، هيءَ بيماري ماڻهوءَ کي موت جي منهن تائين پهچايو ڇڏي.
    سوال: علاج لاءِ ڇا ڪجي ـــ؟
    ڊاڪٽر: هن بيماريءَ جو اثرائتو علاج اوائلي اسٽيج تي ئي چڱيءَ طرح ٿي سگهي ٿو. پوئين اسٽيجن تي پهچڻ بعد مشڪل ٿيو پوي ۽ نقصان ٿيل شيءِ جي مرمت ڪري نٿي سگهجي. رڳو بيماريءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ان ڪري مريض کي پنهنجي بيماري لڪائڻ بدران يڪدم ڊاڪٽر سان حال اوري ان جو علاج ڪرائڻ کپي. چاهي مرد هجي يا عورت. جيسين علاج نه ٿئي، پنهنجي زال/ مڙس سان جنسي تعلقات رکڻ کان پاسو ڪجي نه ته هڪ مان ٻيووٺجي وڃي ٿو. ڪيترن سڌريل ملڪن جهڙوڪ: جپان، انگلنڊ، آمريڪا وغيره ۾ ته اخلاقي ۽ قانوني طرح مريض لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ان ماڻهوءَ جي نشاندهي ڪري جنهن مان کيس اها بيماري لڳي، جيئن اصل مريض جو به علاج ٿي سگهي ۽ بيماري کي پکڙجڻ کان ٻنجو اچي وڃي.


    واپارين جون ڳالهيون...

    ٿائلنڊ جي اتر واري شهر “چئانگ مائي” کان بئنڪاڪ موٽندي وقت مون واري ريل جي دٻي ۾ ٻه جوان سنڌي هندو واپاري پڻ هئا. هو ملائيشيا کان ٿائلنڊ بزنيس ٽوئر تي آيا هئا. کين اها ڄاڻ نه هئي ته آئون به سنڌي آهيان ۽ سندن ٻولي سمجھان ٿو، سو هو بي فڪر ٿي، سڄي واٽ کلئي دل سان پنهنجو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا رهيا. رکي رکي سنڌي ۾ ان وقت ڳالهيون ڪيائون ٿي جڏهن ڪنهن واپاري مسئلي تي بحث ڪرڻو پين ٿي يا ڪو اهڙو چرچو ڀوڳ ڪيائون ٿي جيڪو هنن نٿي چاهيو ته گاڏيءَ جا ٻيا مسافر سمجھن. سندن سنڌي ايتري روان ۽ سٺي نه هئي جيترو هو ملئي ۽ انگريزي ڳالهائي رهيا هئا. ان مان اندازو لڳايم ته هو انگريزي اسڪولن مان پڙهيل آهن. اها ٿوري گهڻي سنڌي، گهر ۾ ماءُ پيءُ کي ڳالهائيندو ٻڌي سکيا آهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ سنڌ کان ملائيشيا آيا هوندا. ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌين جي نئين ٽهي کي سنڌي لکڻ پڙهڻ ته نٿو اچي پر هاڻ سندن ڳالهائڻ به جهڙو تهڙو وڃي بچيو آهي. اها سنڌي زبان جي ٽرئجڊي آهي جو سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي هاڻ نئين ٽهي ڪجهه مجبوريءَ ڪري، ڪجهه ٻولي جي اهميت نه سمجھندي، پنهنجي ٻوليءَ کي تيزيءَ سان وساري رهي آهي. هاڻ هو گهرن ۾ ماءُ پيءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻَ سان به انگريزيءَ ۾ ڳالهائين ٿا. يا وري اها ٻولي جيڪا ان ملڪ ۾ عام آهي. جيئن ملائيشيا ۾ ملئي، اسپين ۽ اسپئني، فرانس ۾ فرينچ وغيره. اڄ جي ڪنهن به سنڌي نوجوان کان پڇ ته سنڌي راڳ ٻڌڻ جو شوق اٿئي؟ يا سنڌي گانن جو ڪئسٽ کپنئي ته ويهارو سال اڳ (سٺ واري ڏهي ۾) سندس پيءُ ڏاڏي وانگر هائوڪار بدران شڪل کڻي ٺاهيندو يا وراڻيندو: “My Dad Listens” يا چوندو “ماءِ گرانڊ پا لائيڪس اٽ.”
    نئين ٽهيءَ ۾ به ڪي ڪي ڳالهائڻ جي حد تائين سنڌي ڳالهائين ٿا. خاص ڪري واپاري طبقو. جو اها زبان کين هتي جي ملئي، چيني تامل ۽ انگريز گراهڪ کي خبر پوڻ بنا ڳجهه جي ڳالهه ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. بهرحال هن سفر ۾منهنجي اڳيان ويٺل هي همراهه وري به بهتر سنڌي ڳالهائي رهيا هئا. جيتوڻيڪ هنن ان ۾ڪيترائي ملئي جا لفظ استعمال ڪيا ٿي جيئن اسان اڙدو ۽ عربيءَ جا ڪيون ٿا. پر ٻئي زبانون مونکي به اچڻ ڪري سندن گفتگو سمجھڻ ۾ مونکي ڪا رنڊڪ نه ٿي.
    هنن ملائيشيا جي ڪنهن شهر ۾ نئون نئون دڪان کوليو هو جنهن ۾ اهو ئي سامان رکيو هو جيڪو ڀر واري چينيءَ جي دڪان ۾ هو. لاءِ هو ٿائلنڊ مان ڪجهه سامان وٺڻ آيا هئا. هنن جو سڄو زور ان تي هو ته ڪنهن طرح اهو سامان سستي اگهه تي خريد ڪجي جيئن ڀر واري چيني دڪاندار جي مقابلي ۾گهٽ اگهه تي وڪڻجي. ان لاءِ هو ان ڪوشش ۾ پڻ هئا ته ڪجهه رشوت خرچي ڏيئي بارڊر تي ڪسٽم ڊيوٽي به گهٽ لڳرائجي ۽ ساڳي وقت اهو سامان هوائي جهاز ۾ موڪلڻ بدران ريل گاڏيءَ يا ٽرڪَ ۾ ڍوئجي جيئن ڀاڙو به گهٽ لڳي ۽ سامان جي پئڪنگ به سٺي ڪرائجي جيئن سامان جي رستي تي ڀڄ ڀور نه ٿئي ۽ ساڳي وقت ڪي اهڙا پئڪر ڳولجن جيڪي گهٽ اگهه تي سامان پئڪ ڪري ڏين.
    “اهي سڀ فئڪٽر جڏهن پورا ٿيندا”، هڪ ٻئي کي چيو، “تڏهن پاڻ کي في ڪن سستو پوندو. پوءِ ريزڪي وڪري لاءِ چڱو ملهه ڪيرائي وڪڻڻ سان گهڻي کان گهڻا خريدار پئدا ڪري سگهنداسين. نه ته گراهڪن خاص ڪري چيني گراهڪن کي ڪا گتي آهي جو هو پنهنجي چيني چاچي دڪاندار کي ڇڏي اسان جي دڪان چائنٺ چڙهن.”
    چيني دڪاندار تي سندن سخت باهه هئي جو رکي رکي هن کي سنڌي ۽ انگريزي ۾ گاريون ڏئي رهيا هئا. انگريزي ۾ هر وقت ساڳي گار ـــ “دئٽ باسٽرڊ” چيو ٿي پر سنڌيءَ ۾ ان عنوان تي سندن Vocabulary، واپاري تجربي وانگر چڱي وسيع ۽ فصيح هئي. “اهو دٻلي جهڙو”، “اهو ناسوري” “ڍڍ ڦاٽيس”، “ترا نڪرنس” يا، وري گهڻي چڙ اچڻ تي “مٽانس ناسن ۾” جو ورجاءُ ڪيائون ٿي. ۽ هڪ دفعو ته “مٽانس ناسن ۾ ڪيِف (ڪمي) رکي”! پڙهندڙن لاءِ اها گار پڪ نئين هوندي. جيڪا هنن جي پنهنجي ايجاد لڳي ٿي. رکي رکي هيڏانهن هوڏانهن به نهاريائون ٿي ته ڪو ٻڌي ته نه رهيو آهي ــ خاص ڪري انگريزي. جو سنڌيءَ جي ته پڪ هين ته کانئن سواءِ ڪو به ان دٻي۾ ناهي ۽ مون سڄي واٽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ساڻن ڪرائڻ بهتر نه سمجھي. ڪجهه ٿڪل به هوس. رکي رکي اکيون بند ڪري سمهي رهيس ٿي.
    هڪ دفعو اک کلي ته هو دنيا جي ناڻي تي بحث ڪري رهيا هئا. آمريڪي ڊالر جي اگهه ڪرڻ ۽ جپاني YEN جي وڌڻ بابت. کين ان جو افسوس هو ته جپاني يين جي اگهه وڌڻ جي اڳڪٿي يا سوچ ويچار هو اڳواٽ ڪري نه سگهيا. نه ته پنهنجي سموري بچيل رقم جپاني سڪي ۾ اڳواٽ ئي مٽائي بئنڪن ۾ رکي ڇڏين ها.
    “ائين ڪرڻ سان سڪي جي واڌ جو فائدو الڳ ٿئي ها ته وياج جو الڳ. پر پهرين ڌيان ۾ ئي نه آيو.” هڪ چيو
    “هونءَ پراڻن ڪتابن ۽ پرانن ۾ جپاني يين جو ذڪر ٿيل آهي.” ٻئي چيو.
    “اهو ڪيئن ـــ؟” پهرين پڇيو ۽ ان سان گڏ مون به حيرت ۾ سندن ڳالهه غورَ سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي جو اها ڳالهه مون لاءِ به نئين هئي. “جپاني سڪي کي ٽيهه سال اڳ تائين پڇيو ئي ڪنهن ٿي”، مون دل ۾ سوچيو.
    “بابا هاڻ پيون اسان کي خبرون پون. اڳواٽ پون ها ته گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهجي ها.” ٻئي چيو تنهن تي پهرين بي صبرو ٿي وري پڇيس. “پر آخر YEN بابت ڇا چيل آهي؟” ظاهر آهي هن کي به ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته سندن ڌرمي جهونن ڪتابن ۾ جپان بابت ڇا ٿي سگهي ٿو. اهو جپان جيڪو ٻي لڙائيءَ کان پوءِ به ڏهه ويههَ سالَ معاشي طور لولو لنگڙو هو.
    “بابا اهو هيئن”، ٻئي پهرين کي سمجھايو، “ته Money (دولت) کي ابتو ڪبو ته ڇا ٿيندو ـــ؟ ايم، او، اين، اي، واءِ کي ابتو ڪري لکندين ته ٿيندو يين ـــ اوم Yen – om آئي ڳالهه سمجھه ۾؟”
    “چڱو چڱو. هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو. اهو سوچ ته اڳتي جو ڇا حساب ڪتاب ٿيڻو آهي” پهرين اُٻاسي ڏيندي پڇيو. “هاڻ ويٺو ڏسجانءِ ته ڀاٿ (ٿائلنڊ جو سڪو) چڙهي ويندو.” هن پنهنجو هَٿُ مٿي ڪري ٻڌايو. يعني ان جو گراف ائين سڌو ويندو.
    “ڇو ڀلا ــ؟ تنهنجي نظرن ۾ پنهنجو ملڪ ملائيشيا يا ڀر وارو سنگاپور ڪجهه به نه آهي.”
    “بلڪل ڪجهه به نه آهن. اهو آئون توکي ٻڌائي ڇڏيان. ٿائلنڊ ۾ اڄ ڪلهه هر ملڪ Investment ڪري رهيو آهي. جپان ۽ آمريڪا نه ڏس، ته فرانس جرمني نه ڏس. کين خبر آهي ته ٿائلنڊ ۾ فئڪٽري ڪارخانو کولڻ سان گهٽ مزدوري ۽ گهٽ هڙتالن ڪري مال سستو ٺهندو. ان کان علاوه سندن پئسو پڻ محفوظ رهندو جو حڪومت جي ساکَ آهي.”
    “ملائيشيا ۽ سنگاپور جون حڪومتون به ڌارين کي پنهنجي ملڪَ ۾ فئڪٽريونکولڻ ۽ ناڻو لڳائڻ لاءِ چئي رهيون آهن.” پهرين ٻئي جي ڳالهه تي يڪدم وسواس ڪرڻ بدران ڪو ٺوس ثبوت گهريو ٿي.
    “چڱو ڏس. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي حڪومت چوي ته گهڻو ئي ٿي ته اچو اچو. اچي اسانجي ملڪَ جون زمينون وٺو. ڪارخانا هڻو ۽ پنهنجو ناڻو لڳائي توهان به ڪمايو ۽ اسان جي ماڻهن لاءِ نوڪريون ۽ پورهيا پئدا ڪريو جيئن جمشيد ٽاٽا کي لي ـــ ڪئان ـــ يو چيو.”
    هن اهو مثال هن ريت ڏنو ته هڪ دفعي هندستان جو وڏو واپاري ۽ ڪارخاندار جمشيد ٽاٽا (جنهن جون انڊيا ۾ اسٽيل مل، بس ۽ ٽرڪن جا ڪارخانا ۽ ٻيون لوهي شين جون ايتريون ته ملون ۽ فئڪٽريون آهن، جو هو دنيا ۾ Steel-man سڏجي ٿو) هو جڏهن سنگاپور گهمڻ آيو ته سندس دوست مسٽر لي ڪئان يو (سنگاپور جي وزير اعظم)، سندس ماني ڪئي. ان بعد ٽاٽا چيس: “لي ڪئان يو! تنهنجو ننڍڙو ملڪ آهي. پئسي ڏوڪڙ يا قرضَ لاءِ چئين ته آئون تنهنجي مدد ڪريان؟”
    ان تي لي ڪئان يو چيس “تنهنجي مدد سون برابر پر اسان کي اها نه کپي. اسين چاهيون ٿا ته تون پاڻ اسان وٽان پئسو ڏوڪڙ ڪمائي وڃ.”
    “اهو ڪيئن ـــ؟” جمشيد وائڙو ٿي پڇيو.
    “اهو هن ريت ته تون هتي سنگاپور ۾ اچي ڪو ڪارخانو هڻ. سنگاپور مـشغول بندرگاهه آهي تنهنجي ضرور ڪمائي ٿيندي. ساڳي وقت آٽوميٽيڪلي اسان جي ملڪ جومزدور، پڙهيل ڳڙهيل ۽ هنر مند پڻ روزگار کي لڳي ويندو.”
    “بهرحال ڪي ڪي ماڻهو”، ريل ۾ سفر ڪندڙ سنڌيءَ ڳالهه جاري رکي، “سنگاپور ۾ ڪجهه پئسو واپار ۽ ڪارخاني ۾لڳائين پيا. پر اهو ڏسو ته سنگاپور آهي ڇا! هڪ ننڍڙو ويهه باءِ پنجويهه ڪلوميٽر ايراضيءَ جو ٻيٽ آهي. سندس سڄو روز ڌارين ملڪن کان ايندڙ توئرسٽن تي آهي. ڪنهن سال جي انهن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته حڪومت ۽ عوام جي حالت خراب ٿيو وڃي. سڀان ڀر وارن وڏن ملڪن: ملائيشيا ۽ انڊونيـشيا جو ڪنهن ڳالهه تان ساڻن جھيڙو ٿي پوي يا ڪنهن ٽئين ملڪ جو ڦڏو ٿي پوي ته ماڻهو سنگاپور گهمڻ ته ڇڏي ڏيندا پر هوائي ڪمپنيون پنهنجا هوائي جهاز هن علائقي جي مٿان لنگهائڻ به پسند نه ڪندا ته متان ڪنهن جي گولي بارود جو نشآنو بنجي پون. اهو ئي جيڪي ڪجهه بيروت، جيروسلم، سريلنڪا ۽ عدن جو حال ٿي ويو، اهو سنگاپور جو ٿي ويندو. ان ڪري هرڪو سنگاپور کان ٿائلنـڊ بهتر سمجھي ٿو. ملائيشيا ٿائلنڊ وانگر وڏو ملڪ آهي پر ان ۾ ٿائلنڊ وانگر هڪ بادشاهه ناهي پر نو سلطان آهن جن مان هر هڪ واري وٽيءَ تي پنجن سالن لاءِ هڪڙو بادشاهه ٿئي ٿو. سو ملائيشيا ۾ ناڻي لڳائڻ واري کي اهوئي خوف ٿئي ٿو ته خبر ناهي هڪڙي بعد ٻيو بادشاهه ڪهڙي تبديلي آڻي. ساڳي وقت ملائيشيا ۾ ملئي ۽ چيني ماڻهن جو ته پاڻ ۾ جھيڙو لڳو رهي ٿو پر ويجھڙائيءَ ۾ ملئي جيڪي سڀ مسلمان آهن انهن جو به سياست ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ٿي پيو آهي. اهي سڀ ڳالهيون هڪ ڌارئين واپاريءَ کي منجھائين ٿيون ته سياسي هنگامن ۽ هيٺ مٿاهين ۾ سندس ملڪيت ۽ ناڻو نه هيٺ مٿي ٿي وڃي. ان ڪري اهڙي جوکي جي ڪم کان بزنيس مئن ڀڄي ٿو ۽ هن سڄي پٽ (علائقي) ۾ هنن کي ٿائلنڊ بهتر لڳي ٿو. تڏهن ته ڏس جپاني ۽ ڪورين به جيترو سنگاپور، ملائيشيا ۾ لڳائين ٿا ان کان ڏهوڻو وڌيڪَ ٿائلنڊ ۾ لڳائين ٿا.”
    پهرين همراهه سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.


    ڪنول، بهه، پاٻوڙا...

    ٿائلنڊ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ٻڌ بکشوئن، پگوڊائن ۽ ڪنول جي گلن جو راڄ نظر ايندو.
    ڪنول جي گل جي، مذهب توڙي سونهن جي لحاظ کان اهميت نه فقط ٿائلنڊ ۾ پر ٻين به ڪيترن ئي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ آهي ۽ اها پراڻي دؤر کان هلندي اچي. “موهن جو دڙو” جي جڏهن کوٽائي ڪئي ويئي ته منجھانئس مٽيءَ جي مورتي نڪتي جيڪا دنيا ۾ Aryan - Goddess جي نالي سان مشهور آهي. اها ديويءَ جي مورتي الف اگهاڙي آهي جنهن جي جسم تي ڪو ڪپڙو ناهي سواءِ وارن ۾ لڳل هڪ گل جي. اهو گل ڪنول جو گل ئي آهي. ان جي معنا ته ڪنول جي گل جي اهميت ايشيا جي ملڪن ۾ هاڻ نه ٿي آهي پر اڄ کان پنجَ هزار سال اڳ کان هئي جنهن جا اهڃاڻَ ان مورتيءَ مان به ملن ٿا.
    ڪنول جو گل ـــ جنهن کي باٽنيءَ جا شاگردَ “Speciosum Nelumnium” سڏين ٿا. ڪيترن ئي علامتن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو، جهڙوڪ: سونهن جي، شاهوڪاريءَ جي ، ويجھ ۽ واڌاري جي، انساني ترقيءَ جي. وغيره وغيره. ڪنول جو گل ڊيڪوريشن خاطر ٽيڪسلا ۽ کاجوراءِ کان ٽوڪيو ۽ کٽمنڊو تائين مٽيءَ جي پيالن، مندرن ۽ محلاتن ۾ نظر اچي ٿو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن ۽ فلسفن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. ان کان علاوه ڪنول جو گل مختلف کاڌن ۾ استعمال ٿئي ٿو ته دوائن، ميڪ اپ جي سامانَ ۽ طا قت جي ڪشتن معجونن ۾ پڻ.
    برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا جي ڀاڄي مارڪيٽن ۾ ڪنول جو گل ۽ مکڙيون ڀينڊين، تورين وانگر عام نظر اچن ٿيون. ويندي ملائيشيا جي ان ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ جتي آئون رهان ٿو. پهرين مون سمجھيو ته ڪنول جو گل هتي جا فقط ٻڌ ۽ هندو پوڄا پاٺ لاءِ وٺن ٿا. هڪ ڏينهن ملئي دڪاندار مونکي ڪنول جون تازيون آيل ڪچڙيون مکڙيون وٺڻ لاءِ چيو.
    “ڇا لاءِ ــ؟” مون پڇيومانس.
    “کائڻ لاءِ.” وراڻيائين.
    “مونکي ته خبر ناهي ته اهي کائبيون آهن.” مون تعجب مان وراڻيس.
    “تمام لذيذ ۽ خوشبودار ٿين ٿيون، نه فقط انڊين پر اسين ملئي مسلمان به کائيندا آهيون. ڪاتر ڪري سلاد طور يا ڀت ۾ وجھڻ سان خوشبوءِ رهي ٿي.” ۽ پوءِ آهستي چيائين “هتي جا چيني ته ان کي زبردست ڪشتو سمجھن ٿا.”
    کائڻ جي معاملي ۾ ڪنول جي گل جي ايتري اهميت هجي يا نه پر يقينن ان جو ڦل پاٻوڙا، هن دنيا ۾جتي جتي چيني ۽ ٿائي رهن، ڪشتي طور کاڌا وڃن ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ پاٻوڙا ائين ئي ٽڪي ٽڪي پيا وڪامن پر هتي پاٻوڙن بدران انهن جون پٻڻيون سڪائي پساريءَ جي دڪان تي ٻين جڙين ٻوٽين سان گڏ وڪيون وڃن ٿيون. سڪل پٻڻين کي پيهي ان جو پائوڊر پڻ وڪامي ٿو يا انهن کي گهوٽي ٿاڌل ٺاهي وڃي ٿي جيڪا ذهني ۽ جسماني خيالَ کان قوت بخش چئي وڃي ٿي. مڙيئي جيئن اسان وٽ حڪيم پاساري طاقت راني موٽائڻ جا ڏٽا ڏيئي ڪوڙن سچن موتين جا خاڪا وڪڻي پنهنجو کسو گرم ڪن ٿا. بلڪل اهڙي طرح هن پاسي هي شيون وڪامن ٿيون.
    هتي جي سبزي مارڪيٽ ۾ بيهه پڻ ملن ٿا ۽ هن پاسي جا ماڻهو انهن کي رڌين يا ڪچو کائين. اهي بيهه پاٻوڙا وغيره جيڪي دادو لاڙڪاڻي پاسي غريبن جو کاڄُ سمجھيو وڃي ٿو اهو هن پاسي (ڏور اوڀر جي ملڪن ۾) اميرن ۽ خوشنصيبن جي خوراڪَ آهي. ان کان علاوه بيهن (بهن) مان ڪڍيل رس ۽ ٻورو Starch مريضن ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ جلد هضم ۽ طاقت وارو کاڌو سمجھيو وڃي ٿو ۽ کين رٻ وانگر رڌي کارائبو آهي. بهن مان ڏيئي جي وٽ پڻ ٺاهي وڃي ٿي جيڪا هن پاسي جي مندرن ۾ ٺڪر جي ڏيئي ۾ گيهه يا خوشبودار تيل وجھي ٻاري وڃي ٿي. ڪنول جا پن وري کاڌي پيتي جون شيون ويڙهڻ ۾ ڪم اچن ٿا ـــ ڪيلي جي پنن وانگر، ڪي چيني ۽ ٿائي ماڻهو گهرن توڙي هوٽلن ۾ ڪنول جي پنن ۾ گوشت کي ويڙهي ٻاڦ ۾ رڌين. ائين ڪرڻ سان گوشت ۾ ڪنول جي سڳنڌ رهي ٿي.
    ڪچن پاٻوڙن مان نڪتل ساوا گولا، پاڻ وٽ سائي کل لاهي اندرين ڪچي اڇ کائين. پٻڻيون سڪي وڃڻ تي پوءِ دوائن ۽ ڪشتن ۾ ڪم اچن جيئن مٿي لکي آيو آهيان. ڪنول جي کل جون مکڙيون ۽ اڇي گل جون پتيون عبادت طور ديوتا اڳيان رکن. هونءَ انهن سڪل گلن جي پتين کي ٻين مصالحن سان ملائي هڪ خاص چانهه پڻ ٺاهي وڃي ٿي جيڪا ويم وقت عورت جا سور جھڪا ڪرڻ لاءِ مُفيد چئي وڃي ٿي. قديم چيني، پاڻيءَ ۾ لوڻياٺ جو مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ، پٻڻيون استعمال ڪندا هئا. اهي پاڻيءَ ۾ جي ٻڏي ويون ته معنا پاڻي صاف آهي ۽ جي تريون ته معنا پاڻي ٻاڙو.
    ڪنول جي گل ـــ جيڪو ڏسڻ ۾ بيحد سهڻو ٿئي ٿو پر اڀري ڇا مان ٿو ــ؟ ڪاري گپ مان. اها ڳالهه پنج هزار سالن کان فيلسوف قسم جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪيندي رهي آهي. ان سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، قصا ۽ فلسفي ڳالهيون آهن. ان جو هڪ مثال يارهين صديءَ جي ڪنفيوزن اسڪالر چائو تن زي جو ڪنول جي ٻوٽي بابت آهي. جيڪو فسلفو هڪ زماني ۾ چين ۾ هر ٻار کي طوطي وانگر رٽايو ويندو هو:
    “اهو ڪنول، جيڪو جيتوڻيڪ گپ جي هنڌ تان جاڳي ٿو پر مٿي اڀري ڪيڏو صاف ۽ سٿرو لڳي ٿو. ڪيئن ته اهو پاڻيءَ جي حوضَ ۾ فضيلت سان وهنجي ٿو. اهو جنهن کي اندران رڪاوٽ نه آهي ۽ ٻاهران پڻ سنئون سڌو اڀري ٿو.
    اهو نه هيڏانهن هوڏانهن وڇي ٿو ۽ نه پاڻ مان شاخون پئدا ڪري ٿو.
    هن جي سڳنڌ جي ڇا ڳالهه ڪجي. هو وڏي دٻ دٻي سان هميشه سڌو ئي بيهي ٿو.
    اهو پري کان ڏسڻ سان بيحد سهڻو لڳي ٿو. اهو نٿو چاهي ته ڪو به هن جي ويجھو اچي.” وغيره وغيره.
    نه فقط چين ٿائلنڊ جي پر ٻين هنڌن تي به ان ملڪ جي ڪلچر ۽ مذهب ۾ ڪنول جي گل جو دخل آهي. هندستان جي هندو ڌرم جون ديويون: پدما، ڪالي ۽ لڪشمي تصويرن توڙي مورتين ۾ گهڻو ڪري ڪنول جي گل سان گڏ ڏيکاريل آهن. ڪوريا ۾ ڪنول کي سج جي ڌيءَ سڏيو وڃي ٿو، يا ان کي اهو “گل جيڪو ڳالهائي” چيو وڃي ٿو. جپاني جنازو کڻي هلڻ مهل پاڻ سان چاندي يا سون جا ننڍڙا ڪنول جا گل هڻي هلن. ٻڌ ڌرم جي شروعاتي ڏينهن ۾ گوتم ٻڌ جي نمائندگي سندس اصل صورت ۾ مورت بدران ڪنول جي گل سان ڪئي ويندي هئي.
    مغربي ادب ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪنول جو ذڪر ٿيل آهي. خاص ڪري Odyssey ۾ هومر اهو يادگار بيان ڏنو آهي جنهن ۾ ڪو قبيلو ڪنول جا گل کائي هميشه مدهوش رهي ٿو ۽ دنيا جي غمن کي وساريو ڇڏي. ان ڪهاڻيءَ کان شايد متاثر ٿي بعدم الفرڊ، لارڊ ٽينيسن (Lord Tennyson) نالي مشهور شعر لکيو ۽ ڪيئن سالن تائين اسان جا مغربي شاگرد اهو ئي سمجھندا رهيا ته ڪنول جي گل ۾ نشو پڻ آهي. پر هاڻ کوجنا بعد باٽنيءَ جي ماهرن اهو ظاهر ڪيو ته هومر جنهن ڪنول جي گل جيOdyssey ۾ ڳالهه ڪئي آهي اهو اسان وارو ڪنول Nelumnium - Speciousum نه پر اهو هڪ ٻيو ڪنڊن وارو ٻوٽو Ziziphus – Lotus آهي جيڪو يونان ۽ اتر آفريڪا ۾ جام ٿئي ٿو. ماکيءَ جهڙو مٺو ميوو جيڪو ان ٻوٽي ۾ ٿئي ٿو ان جي تاڙيءَ جهڙي رس ۾ ضرور نشو آهي.
    اسانجي سنڌي ادب ۾ پڻ ڪنول جو نالو نسيم کرل جي “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” ڪتابي عنوان کان وٺي شاهه جي شعرن ۾ موجود آهي. گوتم ٻڌ جا جيڪي به پهريان بت ٺاهيا ويا ان ۾ گوتم ٻڌ کي ڪنول جي پن تي ويٺل يا بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. ويندي دعا لاءِ به ڪيترائي ٻڌ چوندا آهن: اوم ماني پدمي هُوم (Om Mani Padme Hum) جنهن جو مفهوم ڪجهه هن ريت آهي ته شل منهنجو اندر ڪنول جي پن تي ڪريل موتيءَ جهڙي ماڪ ڦڙي جهڙو صاف ۽ شفاف رهي.
    ڪنول جي ڦٽڻ ۽ اڀرڻ کي هتي جا ٻڌ پنهنجي اندرَ سان ڀيٽيندا آهن جيڪو اونداهه مان اڀري ٿو ۽ گناهن جي گپ مان بچي، ڍنڍ جهڙي صاف پاڻيءَ وانگر شفاف روشنيءَ ۾ جياپو ماڻي ٿو.
    ٿائلنڊ جي ڪنهن به مندر ۾ وڃو ـــ يا ايشيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ: سريلنڪا کان جپان تائين، انڊيا کان انڊونيشيا تائين، اتي جي مندرن ۾ ڪنول جو گل انيڪ نمونن ۾ نظر ايندو..... تصويرن ۾، ڪاٺ ۽ پٿر جي ٽُڪ ۾، ۽ اصلي روپَ ۾.
    گوتم ٻڌ جي مورتي ڪنول جي پن مٿان هوندي ته سندس اڳيان ڀيٽا لاءِ ڪنول جي تازن گلن ۽ مکڙين جو ڍيرُ هوندو. ڪنڊ پاسي ۾ ويٺل ٻڌ بکشو پٿل ماري جنهن پوزيشن ۾ نظر ايندو ان کي پڻ ڪنول وارو نمونو Lotus-Position چئجي ٿو ـــ جنهن ۾ هو اها ذهني ۽ جسماني سانت پئدا ڪري سگهي ٿو جيڪا اونهي سوچَ لاءِ ضروري آهي.
    ايشيا جي مختلف قومن جون کڻي مختلف زبانون، رسمون رواج ۽ عقيدا هجن پر سڀني لاءِ ڪنول جو گل هڪ ئي اهميت رکي ٿو. هو سڀئي سونهن، کاڌي پيتي، دوا درمل ۽ عبادت لاءِ ڪنول کي ضروري سمجھن ٿا.


    بئنڪاڪ جي “راما ـــ نائون” پل...

    شروع ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته بئنڪاڪ شهر جي وچ درياهه وهي ٿو.شهر جي ٻن حصن کي ڳنڍڻ لاءِ هن درياهه مٿان ٽپڻ لاءِ پليون آهن جن مان ٻه ته پراڻيون ٺهيل آهن باقي ٽين جيڪا سڀ ۾ وڏي ۽ نئين آهي اها تازو هاڻ (87-1986ع) ۾ٺهي راس ٿي آهي ۽ گذريل سال يارهين نومبر تي ٿائلنڊ جي هاڻوڪي بادشاهه ڀوميبال جي سٺهين ڄم جي ورسيءَ تي ٽرئفڪ لاءِ کولي. هاڻوڪو بادشاهه چڪري گهراڻي جو نائون بادشاهه آهي ۽ “راما ـــ نائون” سڏجي ٿو. ان ڪري هن پل جو نالو سندس ياد ۾ “راما نائون” پل رکيو ويو آهي.
    هيءَ پل اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهي جو بئنڪاڪ ۾ پهچڻ سان توهان جي هن تي نظر ضرور پي ٿي. ڪيترين ئي هوٽلن جي مٿين ماڙين تان هيءَ پل چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي جيئن هن وقت جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل آهيان ان جي دريءَ مان ڏسي رهيو آهي ۽ ان تي ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو هن پل تي هتي جي ماڻهن کي تمام گهڻو فخر آهي.
    ٿائي ماڻهن کي هن پل ٺهي راس ٿيڻ جو ايڏو انتظار هو جو جيئن ئي مڪمل ٿيڻ بعد ٽرئفڪ لاءِ کلي ته ماڻهن جا جٿن جا جٿا پيرين پيادا نڪري پيا. اخبارن ۾ آيو ته ڪل نو ڏينهن هزارين ماڻهن ان پل مٿان چهل قدمي ڪندا رهيا. ڪي ته پاڻ سان کائڻ پيئڻ جوسامان کڻي آيا ۽ ڪنڊ پاسي ۾ پوتڙو وڇائي کائڻ لڳا....... ڄڻ پڪنڪ تي آيا هجن. ڏيڍ هفتي بعد جڏهن عوام جي اچ وڃ گهٽ ٿي تڏهن وڃي موٽر ڪارون هلڻ لڳيون.
    هڪ هزار ملين ڀات جي ٺهيل هيءَ پل انجنيئرنگ جي شاگردَ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي جو (1988ع ۾) هيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي “Single Cable - Stayed” پل آهي. سندس ڊيگهه هڪ ڪلوميٽر ۽ ڪماني span ساڍا چار سئو ميٽر آهي. هن پل ۾ اوڻهين هزار ٽن رڪ استعمال ٿي آهي. پل جون لوهي تارون جرمني مان گهرايون ويون ۽ رُڪ جون چادرون جپان مان. جرمني، جپان، انگلنڊ ۽ ٿائلنڊ جي انجنيئرن گڏجي هن پل تي ڪم ڪيو. ڪچو سامان جيتوڻيڪ ٻاهران گهرايو ويو پر لوهي چادرن تي وڍ ڪٽ، ۽ جوڙجڪ وغيره سڀ ڪجهه ٿائلنڊ ۾ ٿيو. هيءَ سڄي پل پهرين اوڻهتر ٽڪرن ۾ ڌار ڌار ٺاهي ويئي جنهن کي انجنيري زبان ۾ فئبريڪيشن (Fabrication) سڏجي ٿو. پوءِ هڪ هڪ ٽڪرو ڳنڍي پل کي مڪمل ڪيو ويو.
    هن پل لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ئي وقت ايڪيهه ٽن بار جھلي سگهي ٿي ۽ ڪنهن به وقت هن جي ڇڄڻ ڀڄڻ جو الڪو ناهي. ڪجهه عرصو اڳ ان سلسلي ۾هن پل جي مشهور انگريز صلاحڪار ۽ سپروائيزر مسٽر رالف فريمئن (Ralph-Freeman) جو انٽرويو آيو هو ته هن پل کي با حفاظت بنائڻ لاءِ ان جو هر هڪ حصو: پليٽ، ڪوڪو، ريوٽ، (Rivet) گارڊر وغيره جو چڱيءَ طرح حساب ڪتاب ڪري صحيح ماپ ۽ وزن جو ٺاهيو ويو آهي.
    هونءَ مسٽر فريمئن جي هن پل سان وابستگي بذات خود هن پل کي تواريخي حيثيت ڏئي ٿي جو هن همراهه جي خاندان جو دنيا جي پلين سان گهڻو واسطو رهيو آهي. سندس ابا ڏاڏا پڻ پليون ٺاهيندا هئا. آسٽريليا ۾ جيڪا سڊني هاربر جي پل آهي اها مسٽر فريمئن جي ڏاڏي ٺاهي هئي. انگلينڊ جي همبر پل يا استنبول (ترڪي) جي جڳ مشهور “باسفورس پل” سندس پيءُ ٺاهي.
    ۽ اڄ هن هوٽل مان بئنڪاڪ جي هيءَ راما ـــ نائون پل ڏسي هئمبر، باسفورس ۽ سدني جون پليون پڻ اکين اڳيان ڦري رهيون آهن جن جي هيٺان اسان جو جهاز لنگهندو هو. هي پليون جيتوڻيڪ مختلف ملڪن ۾ آهن پر سندن ٺاهڻ وارن جو هڪ ئي خاندانَ سان تعلق آهي.


    ٿائلنڊ جا مسلمان ۽ مسجدون...

    بئنڪاڪ فقط بدنام شين کان مشهور ناهي پر جتي گناهه جي زندگي پسند ڪرڻ وارن لاءِ قدم قدم تي خرابين جا ڄار وڇايل آهن اتي هن شهر جي رهواسين لاءِ خاموش ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ سانت واريون جايون پڻ آهن.
    ٿائلنڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم آهي ۽ ٿائلنڊ ۾ رهندڙ پنجانوي سيڪڙو ٻڌ آهن. سندن عبادت لاءِ چار سؤ کان به مٿي مندر (Wat) آهن. ٻڌن جي انهن مندرن ۽ مڙهين (Monasteries) کان علاوه بئنڪاڪ ۾ٻين مذهبن ۽ ڌرمن جا پڻ عبادت گهرَ آهن. عيسائين جا ڏيڍ سؤ کن ديول (Churches) آهن ته مسلمانن جون اوتريون ئي مسجدون آهن. ويندي سکن ۽ هندن جا ٽڪاڻا ۽ مندر آهن. جن ۾ هتي جي اقليت عبادت ڪري روحاني سڪون ماڻي ٿي.
    ٿائلنڊ ۾ جيڪي مسلمان رهن ٿا انهن جو نمونو ۽ مسئلا ٻين ملڪن خاص ڪري مسلمان ملڪن کان مختلف آهن. ٿائلنڊ ۾ مسلمان هڪ ته ڏکڻ وارين رياستن ۾ گهڻا آهن ۽ ٻيو بئنڪاڪ شهر ۾. سيام (ٿائلنڊ) جڏهن ڏکڻ وارين رياستن تي قبضو ڪيو ته اهي اڳهين مسلمان هيون. اتي جا ماڻهو اصل ۾ ملئي نسل سان تعلق رکن ٿا. پيرلس، ڪيداح، ترنگانو وغيره جيڪي ملائيشيا جون رياستون آهن اهي پڻ ٿائلنڊ جي هٿ هيٺ هيون ۽ پوءِ انگريزن جي حڪومت ٿيڻ تي ٿائلنڊ کي ڇڏڻيون پيون.
    بئنڪاڪ ۾ جيڪي ٻه لک کن مسلمان رهن ٿا اهي ڏکڻ ٿائلنڊ جي مسلمانن وانگر ملئي نسل جا نه آهن. بئنڪاڪ ۾ رهندڙ هنن مسلمانن ۾ ڪجهه ٿائي آهن. جيڪي سخوٿائي (Sakho – Thai) دور ۾ مسلمان ٿيا، جڏهن ٿائي حڪومت جي عرب ۽ ايراني حڪومتن سان دوستي ۽ واپار هو. يعني اهي ٿائي ماڻهو اصل ۾ ٻڌ هئا پر پوءِ مسلمان ٿيا. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ ننڍي کنڊَ جا پنجابي، پٺاڻ ۽ ڪشميري، برما تي جپانين جو قبضو ٿيڻ تي ٿائلنڊ ۾ ٽڪي پيا. هتي جي ٿائي عورتن سان شادي ڪيائون جن مان ٻار ٻچا اٿن. بعد ۾ ڪن هندستان/پاڪستان کان پنهنجي پهرين زالَ ۽ ان جا ٻار ٻچا پڻ گهرائي ورتا. هو پشتو ۽ پنجابي به ڳالهائين ته ٿائي به. پر سندن اولاد پڪو ٿائي سڏيو ۽ سمجھيو وڃي ٿو. ڪجهه آغا خاني/اسماعيلي ۽ بوهري به آهن جيڪي مختلف دورن ۾ ــــ خاص واپار لاءِ هتي آيا ۽ هتي ئي رهي پيا. ڪجهه قادياني ۽ بهائي به آهن جيڪي پڻ مسلمان سڏائين ٿا. پٺاڻن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي واپار لاءِ اوڻهينءَ صديءَ جي آخر ۽ ويهينءَ جي شروعات ۾ اچي رهيا. خاص ڪري هو ڪابل قنڌهار کان ڪشمش، بادام، زردالون، کڻي اچي وڪڻندا هئا يا وري ڪپڙو ۽ سٽ ڌاڳو.
    بئنڪاڪ جي ڪجهه علائقن جهڙوڪ: لا ـــ فرائو(La-Phrao) مين بوري (Meen -Buri) ۽ پراڪانانگ (Prakanong) ۾ تمام گهڻا مسلمان رهن ٿا ۽ سياست ۾ پڻ حصو وٺن. هو پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ٿائي قوميت ۽ مسلمانيت ٻئي برقرار رکندا اچن. بئنڪاڪ جي ارد گرد اڄ ڪلهه ڏيڍ سؤ کن مسجدون آهن ٻه ٽي سالَ اڳ بئنڪاڪ جي سينٽرل مسجد ٺهي راس ٿي جيڪا ٿائلنڊ جي سڀ ۾ وڏي مسجد آهي. هيءَ مسجد مسلمانن جي علائقي پراڪانانگ ۽ ڪلانگٽن جي ويجھو رام خامهانگ (Ramkhamhaeng) روڊ تي ساڳي نالي واري يونيورسٽي جي ڀرسان آهي. هن کان اڳ به هڪ ڪتاب ۾ هن مسجد جو احوال لکي چڪو آهيان ته اها اسلامڪ سينٽر آف ٿائلنڊ جو هڪ حصو آهي ۽ ان اسلامڪ سينٽر جي سورهن هزار چورس ميٽر ميدان جي وچ ۾ هيءَ مسجد اڏي ويئي آهي. پاسي کان ٻيون شيون جهڙوڪ: آڊيٽوريم، ڪلچر سينٽر، لائبرري ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٺهندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي باقي شيون ڪڏهن ٺهي راس ٿين جو هتي جا مسلمان ان ڳالهه تي يڪراءِ نه آهن. ڪي چون ٿا ته شو ـــ شا پٺيان ايڏو پئسو خرچ ڪرڻ مان ڪهرو فائدو. خاص مقصد نماز پڙهڻ ۽ عبادت سان هئڻ کپي. ٻيا چون ٿا ته نه، گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏي مسجد ۽ ان سان گڏ هي ٻيون شيون هجڻ ضروري آهن. جيئن دنيا کي اسانجي موجودگيءَ ۽ اسلام جي شانَ جو احساس ٿي سگهي. ان قسم جي بحث مباحثي ڪري هن مسجد جي ٺهڻ ۾ پڻ ويهن سالن کان مٿي عرصو لڳي ويو، 1963ع کان ٺهڻ شروع ٿي هي. مسجد جي بناوٽ ۾ ٿائي حڪومت به خرچ ڏنو ته هتي جي مسلمانن پڻ چندو ڪيو. ڪجهه ٻيا عرب ۽ مسلمان ملڪ پڻ مسجد ۽ هاڻي باقي ٻين شين لاءِ مدد ڪندا. فقط مسجد جي اڏاوت تي ٽي ڪروڙ رپيا خرچ اچي ويو آهي ۽ باقي شين تي، اندازو آهي ته ٻيا ٽيهه ڪروڙ رپيا خرچ ايندو.
    ٿائلنڊ جا ڪيترا مسلمان اسلامي علم جي ڄاڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي مصر، هندستان ۽ پاڪستان جي مذهبي اسڪولن ۾ موڪلين ٿا. هن وقت ڏهه هزار کان مٿي ٿائي شاگردن مٿين ملڪن ۾ اسلام جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    “اسان پنهنجي علائقي جي شاگرد کي هميشه ڪراچيءَ جي مڪي مسجد ۽ مدرسه بنوري ۾ موڪليندا آهيون”، اسماعيل نالي هڪ مسجد جي ٿائي امام ٻڌايو، “پر ويجھڙائيءَ ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ گوڙ فسادن ڪري هاڻ کين ايران موڪليون.”
    “ايرن ۾ڪهڙي شهر ۾ ـــ؟” مون پڇيو.
    “تهران کان اتر ۾ هڪ شهر آهي، گذريل سال کان اوڏانهن وڃن.”
    “عرب ملڪن ۾ به وڃن يا نه ـــ؟”
    “اتي موڪلڻ تي دل چوي ٿي پر سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ مهانگائي ڏاڍي آهي ۽ اسان جا ٿائي مسلمان ايترو شاهوڪار نه آهن جو ايڏو خرچ ڀري سگهن.”
    “ٿائي مسلمان ڇوڪريون ديني تعليم ڪٿان وٺن ـــ؟”
    “ڇوڪرين لاءِ بئنڪاڪ ۾ ڪيترائي مدرسا آهن جن ۾ هو مذهب جي صحيح معلومات حاصل ڪن. هن پاسي نئين ٽهيءَ جو مذهب ڏي لاڙو وڌي رهيو آهي. ان ڪري اهڙن مدرسن ۽ شاگردياڻين جو تعداد ماشاءَالله وڌندو رهي ٿو.”
    بئنڪاڪ جي هن اوڻهين ٿنڀن واري مسجد ۾ پنج سؤ چورس ميٽرن جي ڇهه ڪنڊي هال ۾ هڪ ئي وقت پنج هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. پر ڪڏهن ڪڏهن مذهبي يا مرڻي پرڻي جي گڏجاڻيءَ ۾ ان کان وڌيڪَ به ماڻهو ٿيو وڃن. اهڙن موقعن تي مسجد جو کليل ميدان استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    مسجد تي کڻي هيڪاندي فضول خرچي ٿي هجي پر اهو آهي ته بئنڪاڪ پهچڻ سان توهان کي هيءَ مسجد پري کان ئينظر اچي سگهي ٿي ـــ خاص ڪري سندس پنجونجاهه ميٽر ڊگهو منارو.


    هڪ مسلمانن جي ڳوٺڙي ۾...

    ٿائلنڊ ٻڌن جو ملڪ آهي جنهن جي آدمشماري اسان جي ملڪ جي اڌ جيتري آهي. يعني سٺ ملين کن. ان ۾ اٽڪل پنجانوي سيڪڙو ٻڌ آهن باقي پنج سيڪڙو آدمشماريءَ ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ يهودي اچي وڃن ٿا.مٿي لکي آيو آهيان ته مسلمان ڏکڻ ٿائلنڊ جي شهرن ۾ رهن ٿا جيڪي اصل ۾ اتي جا ئي رهاڪو آهن ۽ ٿائلنڊ جي قبضي ۾ اهو حصو اچڻ کان اڳ هو مسلمان هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي کاڌ خوراڪ ۽ ڪلچر ڀر واري ملڪ ملائيشيا جي ملئي ماڻهن سان گهڻو ملي ٿو. هو جيتوڻيڪ ٿائي قوميت رکن ٿا پر ڪيترن جي اها خواهش آهي ته ملائيشيا جي رياستن وانگر ٿائلنڊ جون ڏکڻ واريون رياستون پڻ گهڻي مذهبي آزادي ماڻين ڇو جو هنن رياستن ۾ ستر سيڪڙو کان به مٿي مسلمان آهن. منجھن ڪيترائي Separatist گروپ پڻ آهن. جيڪي رکي رکي حڪومت سان کٽ پٽ ڪن ٿا. جھڙوڪ: پٽاني يونائيٽيڊ لبريشن آرگنائيزيشن (PULO). پٽاني، ناراٿي، وات، يالا، ساتون ۽ سونگڪلا جي صوبن ۾اهڙا جوشيلا مسلمان گهڻا ملندا. وچ ٿائلنڊ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو حصو بئنڪاڪ ۾رهي ٿو جن جو ذڪر پڻ مختصر طور مٿي ٿي چڪو آهي. اهي ڏکڻ ٿائلنڊ ۾ رهندڙ مسلمانن وانگر جوشيلا نه آهن. اهي ٿڌي طبيعت جا آهن ۽ “ٿائي” قوميت ۽ “اسلام” مذهب ـــ ٻئي شيون پنهنجي سڃاڻپ لاءِ قائم رکندا اچن.
    انهن کان علاوه ڪجهه مسلمان ٿائلنڊ جي اتر ۾ به رهن ٿا. اهي چيني نسل جا آهن ۽ اڄ کان چاليهه سالَ اڳ چين جي ينان (Yunan) صوبي کان لڏي هتي ٿائلنڊ ۾ اچي رهيا. هو اتر ۾، بلڪل بارڊر وٽ رهن ٿا جتي ساڳ (Teak) جا گهاٽا ٻيلا آهن ــ يا جبلن جون قطارون.
    ڪجهه سالَ اڳ انهن چيني مسلمانن جي هڪ ڳوٺ بان ـــ يانگ (Ban - Yang) ۾ وڃڻ ٿيو هو. اتي جي مسجد ۾ ٻه راتيون گذاريون هيم. ان ڳوٺ ۽ ماڻهن جو احوال هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو.
    ٿائلنڊ جو هي اتراهون ڳوٺ “بان ـــ يانگ” ٿائلنڊ جي چئانگ مائي صوبي جي فانگ ضلعي ۾ آهي. جبلن جي قطار جيڪا اتر ٿائلنڊ کان چين جي ينان علائقي تائين هلي وڃي ٿي ان جي بلڪل پڇڙيءَ وٽ آهي. هن علائقي جو ڏيکُ پاڪستان جي ڪاغان،گلگت ۽ سڪردو جهڙو آهي. ڳوٺ ۾ ٻه سئو کن گهر آهن جن مان ستر کن مسلمانن جا آهن. هي چيني مسلمان “پاڪ ۽ سچي دين” جا پوئلڳ سڏجن ٿا. چين ۾ جڏهن اسلام آيو ته هن مذهب کي چيني چنگ ـــ شين ــــ (Ching Shen) سڏڻ لڳا ۽ اڄ تائين اسلام ان نالي سان سڏجي ٿو جنهن جي معنا آهي “پاڪ ۽ سچو”. ويندي مسجدن کي به “چنگ ـــ شين زي” (Ching - Shen - Tse) سڏيو وڃي ٿو. هونءَ Tse جو مطلب آهي عبادت گهر. جيئن “شائولن زي” معنا ٻڌن جو مندر. هر مسجد جي ٻاهران وڏن چيني ۽ انگريزي اکرن ۾ بورڊ تي لکيل آهي: Ching shen tse – the pure sincere mosuque.
    منهنجي خيالَ ۾ هي نالو ائين مشهور ٿيو آهي جيئن پاڻ وٽ اسلام، مڪو مدينو يا حضور صلعم جن جو نالو کڻڻ بدران چيو ويندو آهي: سچو دين ايمان، سچو نالو، ڀلارو پَٽُ، ڀلي پار، مٺو محبوب وغيره.
    بان ـــ يانگ ڳوٺ جا هي چيني مسلمان “هُئي” (Hui) پڻ سڏائين، اهو نالو کين چين طرفان مليل آهي. ڳوٺ جي چوڌاري جبل ئي جبل آهن ۽ ان اڳيان پري پري تائين سارين جا فصل ۽ ميدان آهن. ڳوٺ جي منهن وٽ، کاٻي پاسي هڪ نهر وهي ٿي جنهن جي ڪپر تي اڇي ۽ سائي رنگ جي مسجد آهي. هن ڳوٺَ ۾ ڪا هوٽل نه هجڻ ڪري ٻئي راتيون ان مسجد ۾ ٽڪيو هوس.جبل، سارين جون پوکون، نهرون، چهچ ساوا ڊگها وڻ ۽ ٿڌڪار ـــ هڪ خوبصورت قدرتي نظارو آهي جيڪو ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. ڳوٺ جا ماڻهو خوشنصيب آهن جن کي ساهه کڻڻ لاءِ بيمارين کان پاڪ، صاف ۽ سٺي هوا ۽ پيئڻ لاءِ چشمن جو صحت مند منرل پاڻي نصيب ٿئي ٿو. ڳوٺ جا ماڻهو پئسي پونجيءَ ۾ کڻي گهڻو امير نه آهن ۽ نه وري ٻين اتر ۾ رهندڙ ٿائي ڪڙمين جيان چُچ غريب آهن. بس جن کي مڇي مانيءَ وارو سڏجي، هي اهي آهن. ڪي هارپو ڪن ته ڪن کي پنهنجو زمين ٽڪرو آهي جنهن ۾ چانور پوکين. هتي ليچي (Lychee) ميوي جا وڻ پڻ ٿين. سڄي ٿائلنڊ ۾ سٺي ۾ سٺي ليچي هتان اچي ٿي.
    ماٺ مٺوڙي واري هن ڳوٺڙي ۾ رکي رکي “اسلام عليکم” جو آواز ڪن تي پوي ٿو. ڄڻ پاڪستان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي وڃجي. مونکي مسجد جي امام سان گڏ ۽ مٿي تي آر واري ٽوپي ڏسي ڳوٺ جا سڀ سمجھي ويا ته آئون ڪنهن ٻئي ديس کان آيو آهيان هر هڪ مونکي به سلام ڪري چيني زبان ۾ کيڪارڻ لڳو. ڪنهن ڪنهن اهو سمجھي ته متان مونکي ٿائي ايندي هجي ۽ هتي ئي نوڪري ڪندو هجان، ٿائيءَ ۾ خير عافيت ڪئي ٿي.
    مسجد جو امام پنجونجاهه سالن جو ٿيندو. سندس نالو Ma-Wen-Pee اسحاق ـــ وين ـــ پي آهي. يعني اسلامي نالو اسحاق اٿس باقي ذات “ما وين پي” ساڳي چيني هلندي اچيس جيئن پاڻ وٽ عبدالله خاصخيلي، اسماعيل هاليپوٽو وغيره يا ايران ۾ آيت الله خميني وغيره. يعني نالا اسلامي آهن پر ذاتيون هر ملڪ جون پنهنجيون آهن. هتي جي ڪيترن مسلمانن جون ذاتيون توڙي نالا پڻ ساڳيا چيني لڳن ٿا پر اهي پڻ اسلامي آهن ۽ سندن ساڳيو نيڪ مطلب آهي.جيئن پاڻ وٽ ڪي اهڙا نالا آهن جن جي ڌارئين کي جيڪڏهن معنا نه ايندي ته وائڙا ٿي ويندا ته هي ڪهڙا نالا آهن. جيئن ته آگي ڏنو جمالي، ڀلي ڏنو ميمڻ، سچيڏنو سنجراڻي وغيره. جن نالن جي اسان کي معنا اچڻ ڪري خبر آهي ته اهڙن نالن وارا مسلمان آهن. اهڙي طرح منهنجو ميزبان جو نالو هو مان ـــ يو ـــ چانگ (Ma-Yu-Chang).
    “ڪڏهن عيد تي اچي اسان جي دعوت کاءُ” ، مسٽر ما ــــ يو ـــ چانگ چيو، “هتي ٻه ٽي ڏينهن وڏي گڏجاڻي ۽ وڏي ماني پئي هلندي آهي.”
    اهو ڏينهن جمعي جو هو. جمعي نماز تي ٻه سؤ کن ماڻهو ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا هئا. ڪٿي پنهنجا پاڪستاني، ڪٿي ملئي ۽ هاڻ هتي ننڍڙي قد جي چينين سان گڏ ٻي صف ۾ نماز لاءِ بيٺو هوس. هڪ صف کان ٻي صف تائين هنن پنهنجي قد مطابق فاصلو ڇڏيو. نتيجي ۾ پهرين رڪعت ۾ سجدي مهل منهنجو مٿو اڳين قطار واري جي پيرن۾ وڃي لڳو ۽ ٻيءَ ۾ ٿورو پٺيان ٿي بيهڻ ڪري پوئين جو مٿو منهنجي پيرن ۾اچي لڳو. نماز بعد امام اسحاق ذڪر ۽ وڏي دعا گهري جيڪا عربي ۽ چينيءَ ۾ هئي. خطبي جو پهريون حصو ٿائي زبان ۾ پڙهيو ويو جيڪوملائيشيا ۾ ملئيءَ ۾ ۽ پاڻ وٽ سنڌي يا اڙدوءَ ۾ پڙهجي ٿو. باقي ٻيو حصو عربيءَ ۾.
    بان ـــ يانگ جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڀر واري وڏي شهر “چئانگ ــ مائي” ۾ چوڏهن چنگ ــــ شين مسجدون آهن جن مان هڪ عربن ٺهرائي هئي. ان قسم جون چيني مسجدون ٿائلنڊ جي ٻين اتر وارن ڳوٺن: تاٿان، فانگ (Fang)، ها ــ فيح (Ha-Feh)، بان ـــ لئانگ (Ban - Luang)، چئانگ رائي، مائي سائي (Man - Sai) وا ـــ وي ۽ مي ــ سالانگ ڳوٺن ۾ پڻ آهن.
    چين ۾ اسلام پراڻي Silk-Road واري رستي ۽ سامونڊي واپار ذريعي پهتو جيڪو چين ۽ عرب ملڪن جو هڪ ٻئي سان هو. انگلنڊ ۽ يورپ وارن جي سمنڊ تي سوڀ گهڻو پوءِ ٿي، نه ته ان کان اڳ اٺين صدي جي شروعات کان وٺي سمنڊ تي راڄ ڃينين ۽ عربن جو هو. وڏا ۽ ڳرا چيني ٻيڙا ۽ دنگيون جيڪي جنڪ (Junk) سڏبا هئا چين ولايت کان سامان کڻي هرمز، پرشيا (هاڻوڪو ايران) ۽ زنجبار (Zanzibar) ڏي روانا ٿيندا هئا. انهن جنڪن تي هزار کان مٿي ماڻهو چڙهندا هئا ۽ پنجاهه پنجاهه مٿن سڙهه هئا. هر هڪ سڙهه چاليهه پنجاهه فٽ ڊگهو هوندو هو ۽ هوڏانهن عرب ملڪن کان عربي ڌائو ٻيڙا عربي ۽ هندي سمنڊ لتاڙي ڪئنٽن، ذئتون (Chao Kwang) ۽ ٻين چيني بندرگاهن ۾ ايندا هئا. ڪوانگ ــ چائو بندرگاهه جنهن کي عرب زئتون سڏيندا هئا، ان ۾ هزار کان به مٿي سالن تائين ڌارين ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رهائش رهي. شهر جو پنجون حصو آدمشماري عربن، شامين، ايرانين، يهودين، نسرانين ۽ ترڪن جي هئي.
    چين جي تنگ (Tang) گهراڻي ۾ (ستين کان ڏهين صدي) ته ڪافي حد تائين ترڪن جو رت هو جو چيني شهزادا گهڻو ڪري ترڪ شهزادين سان شادي ڪندا هئا جيئن عربن ايراني ڇوڪرين سان شادي ڪئي ٿي، ڪيترائي ترڪ سپاهي چين جي ازدها (Dragon) تخت تاج پاران وڙهيا ۽ خذمت ڪيائون. ان جي بدلي چيني حاڪمن کين وڏا وڏا انعام اڪرام، سندون خطاب ۽ زمينون هٿيار ڏنا.
    ينان (Yunan) علائقي جا چيني، گهوڙن جي قافلن تي ـــ جنهن ۾ سؤ کان به مٿي گهوڙا هوندا هئا، چين جي بارڊر وارا جبل لتاڙي ڀر وارن ملڪن: برما، ٿائلنڊ/لائوس ۾ ايندا هئا. تن ڏينهن ۾ نه هئا پاسپورٽ نه ويزا جا چڪر نه وري ڪي ٻيون پابنديون. برما، ٿائلنڊ ۽ لائوس ۾ جن شين جي کوٽ هوندي هئي اهي شيون هي واپاري چين مان کڻي اچي وڪڻندا هئا ۽ واپسيءَ تي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جا گرم مصالا ۽ ٻيو سامان پاڻَ سان وٺي موٽندا هئا. هنن چينين جو ڌنڌو ئي واپار هو.
    اسان واري يار مسٽر “اسحاق ــــ ما” ٻڌايو ته “بان ـــ يانگ”جا رهاڪو انهن واپاري چينين جو اولاد آهن.
    اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ هر ملڪ سياسي سرحدون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ اسين هڪ ٻئي سان ناتا رشتا ڊاهي ڇڄي ڌار ٿي پيا آهيون. سو اڄوڪي اميگريشن واري دور ۾ بارڊر تي رهندڙ هنن چينين لاءِ جبل لتاڙي، پوءِ هيڏانهن هوڏانهن اچڻ وڃڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
    “اٽڪل چاليهه هزار سال کن اڳ هڪ ڀيري چين کان هيڏانهن ٿائلنڊ اچڻ تي اسان کي واپس وڃڻَ کان روڪيو ويو. ان بعد منهنجي قوم ماڻهن هتي ٿائلنڊ ۾ ئي ٽڪڻ جو سوچي، هن ڳوٺ ۾ گهر ٻار اڏي رهي پيا،” هن ٻڌايو، “جڏهن چين ۾ مائوزي تنگ ڪميونزم آندي ته ان وقت اسانجي علائقي ينان جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به چين کان لڏي، هتي، هن ڳوٺ ۾ اچي رهيا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهي ۽ اسين هتي رهيا پيا آهيون.”
    هي ڳوٺ بان ـــ يانگ تن ڏينهن ۾ گهاٽو جنگل ۽ جنگلي جانورن جو ٺڪاڻو هو. هيٺ ميدان ۽ سڌن پٽن تي ٿائي ماڻهو سارين جي فقط هڪڙي فصل تي گذارو ڪندا هئا.
    اسحاق ـــ ما وڌيڪَ ٻڌايو ته: “اسان هتي اچي، چانورن جي پوکَ کان علاوه ٻيون به پوکون ڪيون. جهڙوڪ: سويابين، ٿوم، ادرڪ وغيره. ان ۾ ٿائي حڪومت به اسانجي مدد ڪئي. ملڪ جي هن بادشاهه ــــ راما نائين کي ائگريڪلچر سان دلچسپي آهي. هو هر سال اسان جا علائقا پڻ گهمڻ اچي ٿو.”
    بان يانگ ڳوٺَ جا هي جابلو ماڻهو اسان جي پٺاڻن وانگر سخت محنتي ۽ پورهيت آهن. عبادت سان پڻ هنن جو گهڻو چاهه آهي. نماز جي پنجن ئي وقتن تي ٻانگ اچڻ سان ڳوٺ جا مسلمان ڪم ڪاريون ڇڏي نمازَ لاءِ مسجد ۾ اچي گڏ ٿيا ٿي. اسي سالن جا پوڙها توڙي جوان ڇوڪرا، مٿي تي اڇيون ٽوپيون رکي ڳوٺَ جي ڪچن رستن تان هلي سڌا مسجد ۾ اچي نڪتا ٿي. ڳوٺَ جي ههڙن پوڙهن کي، سيءَ ۾ به ٿڌي، برف جهڙي، پاڻيءَ سان وضو ڪندي ۽ چستائيءَ سان نمازَ جا ارڪان پورا ڪندو ڏسي مونکي دل ۾ آيو ته جسماني صحت ۽ روح جي پاڪائي ٻئي لازم ملزوم شيون آهن.
    بان يانگ ڳوٺ جي مسلمانن نماز سان اهڙو تعلق رکيو آهي جو هنن لاءِ نماز ۽ مسجد گهڙيال جي ڪانٽن وانگر آهي. هنن جي سڄي ڏ ينهن جي روٽين نماز موجب آهي. پوڻي پنجين بجي فجر جي ٻانگ تي هي ڳوٺ جاڳي ٿو. فجر جي نماز مسجد ۾ پڙهڻ بعد گهر وڃي نيرن ڪرڻ کانپوءِ هر هڪ لاءِ پورهئي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ هرڪو جبلن جي اردگرد پنهنجي ٻني ٻاري کي وڃيو لڳي. اڳين نماز جي ٻانگ معنا هنن جو لنچ ٽائيم. اڳين (ظهر) جي نماز پڙهي مانيءَ ڀور کائي ٿوري دير آرام ڪن.
    منجھند جي ماني مون ٻئي ڏينهن “زين العابدين ـــ تان سؤ” سان سندس گهر ۾ کاڌي. روز مرهه جو کاڌو ــــ پاڻي پُسيو ڀت ۽ ڀاڄيءَ جو سوپ هو پر مون لاءِ هنن ڪنهن ڀر واري شهر مان ڊبل روٽي به گهرائي هئي.
    “توهان پاڪستان جا ماڻهو ڪڻڪَ کائيندا آهيو. ان ڪري ڊبل روٽي گهرائي اٿم متان ڀت نه وڻيو.” هن چيو.
    “پاڪستان جي اتر ۾ جابلو علائقي جا ماڻهو ڪڻڪ (نان) کائين پر اسين هيٺاهين (ڏاکڻن) علائقن جا سنڌي ۽ پنجابي چانور پڻ کائون” مون کين ٻڌايو.
    کيس ٻه پٽ آهن جن کي گهر ۾ سندس زال قرآن پڙهائي ٿي. سندس زالَ جو چيني نالو ڪجهه ٻيو هو پر گهر ۾ سندس سس سهري ۽ مڙسينس “اُمي” (Umi) سڏيو ٿي.
    ڪلاڪ سوا ۾ نماز ۽ مانيءَ جو ڪم لاهي وري هرڪو ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويو ٿي. پنجين بجي ڌاري وچين (عصر) جي ٻانگَ آئي، معنا موڪل جو گهنڊ لڳو. هرڪو پنهنجي ڪوڏر، رنبو، ڪهاڙي يا ڏاٽو رکي، شاخَ يا واٽر ڪورسَ تان وضو ڪري مسجد ۾ پهتو ٿي. ان بعد شهر يا گهر جو ڪم ڪار يا ڪچهري ڪڙي هلي ٿي. مرد اسڪول جي ٿلهي تي يا هوٽل ريسٽوران ۾، عورتون درن اڳيان يا ڪريل وڻ جي ٿڙ تي ويهي سج لٿي تائين هڪ ٻئي کي سڄي ڏينهن جي ڪار گذاري ٻڌائي ٿي. سانجھي (مغرب) جي ٻانگ اچڻ تي سڀ اٿي کڙا ٿيا ٿي. ڪلمو پڙهي عورتن گهر اندر بتي ٻاري نمازَ جي تياري ڪئي ٿي ۽ مرد مٿي تي ٽوپي رکي مسجد ڏي.
    اسان وٽ ڳوٺن ۾ به ڪنهن زماني ۾ ائين هوندو هو. ننڍي هوندي جو زمانو ياد اٿم ته ڳوٺ ۾ بجلي نه هوندي هئي. سانجھيءَ جي ٻانگ اچڻ مهل ڏاڏي مرحوم ڏيئي جو لاپ جھڪائي، وٽ کي مٿڀرو ڪري، پوءِ ماچيس جي تيليءَ سان روشن ڪري يڪدم ڪلمو پڙهندي هئي. ڏينهن ڏٺي جو بتي ٻارڻ خراب سمجھيو ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ يا ڏاڍي ڳالهائڻ شيطاني ڪم سمجھيو ويندو هو. هاڻ ته سائين شامَ کان ئي ٽي ويءَ جي اهڙي ڌماچوڪڙي مچيو وڃي جو ٻانگ جو ئي آواز ڪن تي نٿو پوي ۽ ههڙن ڳوٺن ۾ اچي احساس ٿئي ٿو ته اسانجي باب اسلام جي ڳوٺن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. هتي سانجھي نمازَ کانپوءِ هرڪو گهرن ڏي روانو ٿئي. ان بعد گهمڻ ڦرڻ، کل کلڪو ۽ مستي رولپڻو نه برابر نظر اچي ٿو. ڳوٺَ ۾ ٻيا جيڪي چيني ٻڌ رهن ٿا انهن جو به ڪجهه اهڙو ئي وهنوار ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ هر گهر ۾ ٽي وي ريڊيو آهي ۽ ٿائلنڊ جي ٽي وي رات جو دير تائين هلي ٿي پر سڌريل ملڪن سمجھو ماڻهن وانگر هي به ٽي ويءَ جا دير وارا پروگرام ڏسڻ عيب سمجھن.
    اٺين، سوا اٺين بجي ڌاري، سومهڻي (عشا) نماز ٿئي جنهن کان پوءِ هر ڪو ننڊ جو ئي سوچي، تڏهن ئي ته انسان صبح جو سوير اٿي سگهندو. سوير سمهڻ، سوير اٿڻ، خوف خدائي ۽ سادگيءَ جي زندگيءَ ڪري ڪوڙ گلا، چوري ٺڳي ۽ ٻيون برايون، جيڪي اڄ جي ماڊرن شهرن جون عام ڳالهيون آهن، اهي “بان ـــ يانگ” جهڙن ڳوٺن ۾ بنهه گهٽ نظر اچن ٿيون. نماز هنن جي زندگيءَ کي پرسڪون ۽ ڊسيپلينڊ بنائي ٿي. سادو ۽ نج کاڌو ۽ پورهيو کين صحت مند بنائي ٿو. رات جي پوري پُني ۽ گهاٽي ننڊ کين تازو توانو رکي ٿي.
    هن وقت به بان ـــ يانگ جي جبلن جي وچ ۾ گونجندڙ ٻانگَ جو پڙاڏو منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي. مسجد جي نک (تڏيءَ) تي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ هوندو هوس ته ڇهويهه سالن جو نوجوان چيني “يوسف ــــ ذڪريا ــــ لي” منهن اونداهيءَ ۾ مسجد جي دڪيءَ تي بيهي فجر جي ٻانگ ڏيندو هو. سندس مٺي آواز ۾ جادو ئي طاقت لڳي ٿي. ڄڻ “الصلواة خير من النوم الصلواة خير من النوم” جو سڏ پائيڊ پائيپر جي مرلي هجي جنهن جو آواز هر هڪ جي ڪن تي پهچي ويو ٿي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ اونداهه مان، مسجد ڏي ايندڙ ڳوٺاڻن جي پيرن جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا ٿي.
    ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته هن ڳوٺَ جا چيني، زبان کان اڻواقف هوندي به عربي ٻانگ جو مطلب سمجھن ٿا. تڏهن ته هو ههڙي ٿڌي رات جي مٺي ننڊ، نماز ڪارڻ قربان ڪري اچي مسجد ڀيڙا ٿين ٿا.


    REAL THAI MASSAGE

    جيئن چين پاسي ڪيترين بيمارين جو اڪوپنڪچر (جسم ۾ ڊگهيُن سُيُن چُڀڻ) ذريعي علاج عام آهي تيئن ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج “مساج” يعني آڍَ آهي. هنن جو چوڻ آهي ته پنهنجي جسمَ کي آڍائڻ سان نه فقط ٿڪ ۽ جسم جو سور لهيو وڃي، پر ڪيترين بيمارين جو علاج پڻ ٿئي ٿو.
    هونءَ ٿائلنڊ ۾ ڌاريون آيل جڏهن پاڻَ آڍائڻ چاهي ٿو ته هوٽل يا ٽيڪسيءَ وارو کيس چڪلن کان مشهور پئت پانگ علائقي جو ڏس ڏئي ٿو ـــ چاهي هن جي نيت ۾ خلل نه هجي. بئنڪاڪ جو پئتپانگ علائقو مساج گهرن کان مشهور آهي. جتي سواءِ صحيح طرح آڍَ ۽ زور ڏيڻ جي ٻيو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو. پر هتي جوڳ مڪاني ماڻهو جڏهن پنهنجي جسمَ کي واقعي آڍائڻ چاهي ٿو ته پوءِ اهڙي ڪنهن مساج گهر جو رخ رکڻ بدران هو ٻڌن جي خانقاهه ڏي وڃي ٿو، جتي آڍَ ڪرڻ جا هنرمند همراهه آهن. جن جي خاص قسم جي آڍپي Massage لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد شفا بخش آهي.
    انهن سڀني خانقاهن ۾ “وات ـــ پو” Wat – Po جو مندر مالش/زور ڏيڻ/يا آڍ لاءِ بهتر چيو وڃي ٿو. گوتم ـــ ٻڌ جي ٽيڪ ڏيئي ويٺل مورتيءَ اڳيان آڍڻ وارو همراهه مريض جي جسم کي اٽي وانگر ڳوهي ٿو. مروٽي، چيڀاٽي، سٽي ۽ پسيل ڪپڙي وانگر ڄڻ نپوڙي ٿو.
    “صحيح معنيٰ ۾ مساج هتي ٿئي ٿي” ، اسي سالن جي هڪ پوڙهي رٽائرڊ سرڪاري عملدار مسٽر پراسان واسو ٻڌايو، جيڪو هن مندر “وات ـــ پو” جو آڍپي جو ڪم هلائي ٿو. “اسان ماڻهن کي اصلي ٿائي مساج سان نوازيون ٿا، جنهن سام مريض چاق ٿيو وڃي ۽ چاق ماڻهو ان مساج بعد وڌيڪ تندرست محسوس ڪري ٿو. اسان جي آڍَ ٻاهر جي مساج پارلرن وارين ڇوڪرين جهڙي ناهي. جيڪي آڍَ ۽ زور ڏيڻ بدران پنهنجا ۽ گراهڪ جا ڪپڙا لاهي چم چٽ ۽ ڀاڪر پائي هن کي خوش ڪن ٿيون”.
    آڍڻ وارن ڪمرن ڏي گهڙن واري گيٽ وٽ جيڪو بورڊ لڳل آهي ان تي لکيل آهي:

    “The office of the Wat-po’s Traditional Medical College Association”

    اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ٿائلنڊ ۾ آڍڻ جو رواج ڪنهن وڌو ۽ ڪنهن کان شروع ٿيو. پر چيو وڃي ٿو ته اڪوپنڪچر وانگر هي به چينين ئي شروع ڪيو هو. ڇو جو اڪوپنڪچر وانگر هن ۾ به جسم جي مختلف تڪليفن لاءِ بدن جا ڪجهه اهم حصا آڍيا وڃن ٿا.
    جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته کاٻو پير سمهي رهي ته ساڄي ڪن پاپڙي مهٽڻ سان رت جو دورو صحيح ٿيو وڃي. اهڙڙي طرح انسان جي جسمَ جا ڪجهه هنڌَ آهن، جن کي مساج ڪرڻ (مهٽڻ يا زور ڏيڻ) سان ڪيترائي ڪرشمن جهڙا فائدا ٿي سگهن ٿا. اڪوپنڪچر جي سين بدران مالش وارو انهن خاص هنڌن تي پنهنجين آڱرين سان جسم کي ڳوهي ٿو، جيئن رت جو وهڪرو دٻاءَ ڪري تيز ٿي وڃي.
    ڪن جو چوڻ آهي ته ٿائي مساج گوتم ٻڌ جي ڏينهن کان شروع ٿي. انهن ڏينهن ۾ انڊيا کان هڪ هندو فيلسوف ، هتي سيام (ٿائلنڊ) ۾ اچي هي هنر مشهور ڪيو. هن جو اهو يقين هو ته انسان کي جسم جون تڪليفون بادي، گئس يا هوا جي ڦاسڻ ڪري ٿين ٿيون. بهرحال مساج، مالش، آڍَ يا زور ڏيڻ ڪنهنجي به ايجاد هجي، پر سڀني جو اهو يڪراءِ خيال آهي ته اهم هنڌن تي رت جي وهڪري کي روڪڻ سان انسان بهتر محسوس ڪري ٿو. ٿائي آڍَ ڪرڻ وارا دعوا ڪن ٿا ته هو هِڪَ ڪلاڪ آڍڻ سان هر مرض دور ڪري سگهن ٿا. اڌ رنگ جي بيماريءَ کان وٺي پتي، مثاني، يا آنڊي جي سورَ ۾ ڦٿڪندڙ مريض کي تازو نوبنو ڪري سگهن ٿا. ڪي ته اهو به چون ٿا ته صحيح قسم جي ٿائي آڍَ سان گهٽ نظر يا من جو مونجهه پڻ ختم ٿي سگهي ٿو. بس پنهنجو پاڻ کي ڪلاڪ ٻن لاءِ آڍڻ واري جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته مشهور ٿيو وڃن جو اسانجي ڳوٺن جا پوڙها مريض به منيلا (فلپين) تائين پهچيو وڃن.
    ٿائلنڊ ۾ پنڌرهن دفعا اچڻ بعد به آئون ڪنهن به آڍَ جي ساکَ نه ڏيندس. پهريون دفعو جڏهن جهاز تي انجنيئر ٿي ٿائلنڊ آيو هوس ته انجن روم جي حادثي ۾ ساڄو پيرُ مُڙي پيو هو. دراصل پير جو وچيون هڏو ٽڙڪي پيو هو، جنهن کي ٽنڊي جو ڪنڀر پٽو ٻڌي ها ته ان معمولي علاجَ سان ئي ٺهي وڃي ها. پر ٿائلنڊ ۾ اسان جي آفيس جي ٿائي مئنيجر هتي جي ان روايتي ٿائي آڍَ (Massage) جي وٺي اهڙي تعريف ڪئي جو ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻ بدران، هن سان گڏ، هڪ مندر ۾ هليو آيس. پهلوان مالش واري ٻڌ بکشوءَ اسنا کي وڏي ڪار مان لهندو ڏسي، گهڻو پئسو ڦرڻ جي خيالَ کان، پير تي گهڻو تيل هڻي وٺي جو زور زور سان مالش ڪئي ته منهنجي رڙ بيهي نه.
    “هن مالش ۾ سور ضرور ٿيندو”، ٿائي مئنيجر مونکي سمجھائيندو رهيو، “پر ان بعد لڳندءِ ته ڪجهه ٿيو ئي نه. انجن روم ۾ ڊوڙون پائيندو رهندين.”
    ڪلاڪ کن جي ڇڪ ڇڪان بعد جڏهن مالش بند ٿي ته اڳيون نور به چٽ! هو جو هيسيتائين منڊڪائي پهتو هوس هاڻ ان ٽاپون راند کان به ويهي رهيس. مئنيجر ڍڍئيءَ تي کڻي ڪار ۾ وهاريو. ان بعد اهڙي ئي طرح جهاز تي پهچايائين.
    خوش قسمتيءَ سان ان ڏينهن ئي جهاز ڪراچيءَ لاءِ لنگر کنيو.
    سڄو هفتو پير ۾ سور رهيو. ڪراچڏي پهچڻ سان ڊاڪٽر جوکئي وٽ پهتس. ايڪسري ڪڍي پڇيائين:
    “ڪهڙي گڏهه کان مالش ڪرائي هئي ـــ؟”
    “جيڪو ٿيو سو ٿيو”، وراڻيو مانس، “هاڻ جنهن کان چئو ان کان مالش ڪرايان.”
    “بابا هڏي ڪرئڪ ٿي پيئي آهي. جنهن ۾ ڪا به مالش نه ڪبي آهي. پٽو چاڙهي ٿو ڇڏيان. انشاءَالله ويهه پنجويهن ڏينهن ۾ پير صحيح ٿي وينديءِ.”
    پٽي چڙهڻ سان، ان وقت ئي فرق اچي ويو. پوءِ مقرر وقت بعد پٽو کولڻ تي پير (مسترين واري زبان ۾) ائز ـــ گڊ ـــ ائز اوريجنل ٿي ويو. ان ڪري ڀائرو پير ڀڄڻ تي ايڏانهن سرجن اسلم گهلو انصاري صاحب يا جوکئي صاحب کان ئي علاج ڪرائي ڇڏجو. ٿائي مالش جي چڪر ۾ هيڏانهن بئنڪاڪ جو رخ هرگز نه ڪجو، متان پئسي سان گڏ پير به توهان کان جدائي نه اختيار ڪري وڃي. باقي هونءَ ئي جي بئنڪاڪ اچڻ جي نيت ڪئي اٿانوَ ته ان لاءِ هي ٻيا بهانا کوڙَ.


    ٻڌ بکشو ۽ “KING & I” وارو بادشاهه.....

    بئنڪاڪ کي مندرن ۽ Monks (ٻڌ بکشوئن) جو شهر چون ٿا.... ته گيڙو پوشاڪن جو پڻ. بئنڪاڪ ۾ اٽڪل چار سؤ کن مندر ٿيندا. سڄي شهرَ ۾ گيڙو رنگ جي ڪپڙن ۾ پنڌرهن هزار ٻڌ بکشو ــــ ٻوڌي ٻاوا آهن، جيڪي صبح ساڻ گهرن مان خيرات وٺندي نظر اچن ٿا. جيئن هر آمريڪن يا سنگاپوريءَ کي ٻه سال ملٽريءَ ۾ رهڻو آهي، تيئن هر ٿائي ٻڌ کي پنهنجي زندگيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ٽڪڻ ڪرائي، ڪفني پائي، ڪشتو کڻي، ٻائي جي زندگي گذارڻي آهي. پوءِ ڪي ننڍي هوندي ئي ٻاوا ٿين ته ڪي وڏي عمر ۾. ڪي سالَ بدران يڪا ٽي چار سال مندر ۾ گذارين ته ڪي پنهنجي سڄي عمر مندرن جا مجاور ٿي بسر ڪن.
    ٻڌ ٻائي ــــ بکشوءَ کي اهو عرصو ٻڌ خانقاهه (Monastery) ۾ ئي رهڻو پوي ٿو، جنهن کي ٿائي زبان ۾ سئان (Suan) يا وات (Wat) سڏجي ٿو. بکشو هن ۾ اهو عرصو رهي عبادت ڪن. مذهبي علم حاصل ڪن. قدرت جي نرالي رنگن تي سوچَ ويچار ڪن. ٻڌ خانقاهه جي وڏي ليڊر بکشوءَ کي پرا ـــ مها (Pra - Maha) چئجي ٿو. پر معنا ٻائو ۽ مها معنا وڏو. اهو لقب وڏو عرصو ٻائو ٿي رهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي بادشاهه طرفان ملي ٿو.
    نئين آيل سيکڙاٽ کي بکشو (ٻائو) بنائڻ لاءِ پهرين هن جي مٿي جي جھنڊ لاٿي وڃي ٿي. ان بعد اکين جا ڀرون ڪوڙي گيڙو رنگ جي چادر جهڙي ڪفني (جبو) پهرايو وڃي ٿو. ان عمل دوران، باقي ٻاوا زور زور سان، ٻڌن جي پاڪ زبان پاليءَ ۾ منتر ۽ بيتَ پڙهندا آهن. جنهن جا شروعاتي، لفظ ڪجهه هِنَ ريت آهن.
    اها ڀانتي، سارا نسلم يا ڪامي...... وغيره وغيره. ان بعد نئين ٻائي کي پنڻ لاءِ هڪ عدد ڪشتو ڏنو وڃي ٿو. هو کڻي امير گهر جو هجي يا غريب جو، پر هي عرصو سڀ هڪ ٿي ويندا آهن. مٿو اگهاڙو، پيرن ۾ سادڙو چمپل، جسمَ تي گيڙو رنگ جي ڪفني ۽ هٿ ۾ ڪشتو. صبح ساڻ اٿي گهر گهر مان خيرات وٺندا آهن. ثواب جي آسري ۾ هتي جو غريب غربو دل کولي خيرات ڏيندو آهي. پوءِ ٻاوا ٽولن ۾ ويهي پنيل کاڌو ورهائي ورڇي کائيندا آهن. کين چويهن ڪلاڪن ۾ هڪ دفعو، منجھند ڌاري کائڻو پوندو آهي. مندر ۾ رهائش وارو عرصو کين عورت ۽ شرابَ کان پاسو ڪرڻو پوندو آهي. بازارن يا چوراهن ۾ ڪنهن عورت جي هٿ لڳڻ سان هنن کي پنهنجي پر ۾ وضو ڪرڻو پوندو آهي. سڄو وقت کڙين تي يا پٿل ماري ــــ جنهن کي هتي جا ماڻهو ڪنول جي گل وارو ويهڻ جو نمونو سڏين، پنهنجي استاد/گروءَ جا علمي ليڪچر ۽ ڌرمي واعظ ٻڌڻا پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ذڪر پڻ ڪرڻو پوندو اٿن. شامَ جي وقت مندر جي صفائي، ان اڳيان گلڪاري ۽ وڻن ٽڻن جي سارَ سنڀالَ لهڻي پوندي آهي.
    ٿائلنڊ جا ٻيا بادشاهه خبر ناهي ٻڌ بکشو ٿي رهيا يا نه. جي ان قسم جو چلو پچايائون ته به ڪو نالي ماتر ٿوري وقت لاءِ پر هڪ بادشاهه: راما چوٿون ـــ هاڻوڪي بادشاهه جو پڙڏاڏو ۽ راجا چولا لانگڪارن جو پيءُ، جنهن جو اصلي نالو منگڪوت (Mongkut) هو، يڪا سارا ستاويهه سالَ گيڙو ڪپڙا پائي، هٿ ۾ ڪشتو کني، مختلف مندرن ۾ بکشو ٿي رهيو. هن اهو عرصو مذهبي علم کان علاوه ڪيتريون ئي ٻوليون، سائنسي معلومات ۽ هنر حاصل ڪيا. هن بادشاهه جي زندگي تمام گهني اثرائتي رهي آهي. هن گوتم ٻڌ وانگر تخت تاج کان پري ڀڄي ستاويهه سالَ جوڳي فقيرن واري سخت ۽ ڏکي زندگي گذاري. جيتوڻيڪ مغرب جي ماڻهن هن کي بيوقوف ڏيکارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. خاص ڪري راجرس ۽ هئمرسٽن جهڙن پنهنجي انگريزي فلم ۽ ڪتاب “The King and I” ۾ کيس هيڪاندو بدنام ڪيو آهي. نه ته ٿائلنڊ (سيام) جو مٿيون راما چوٿون (منگڪوت بادشاهه) جنهن 1851ع کان 1868ع تائين حڪومت ڪئي، پهريون ايشيائي بادشاهه آهي، جنهن انگريزي علم حاصل ڪيو. هن شيڪسپيئر جي ڪتاب Merchant of Venice جو ٿائي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. سيام کي يورپين جي قبضي کان بچائڻ ۾ پڻ هن بادشاهه جو هٿ هو. هي پالي (ٻڌن جي پاڪ زبان) ۽ سنسڪرت جو ڄاڻو هو. ان کان علاوه پاڙيسري ملڪن جوڳن ٻوليون پڻ ڳالهائي سگهيو ٿي. سائنس ۾، خاص ڪري تارن جي علم Astronomy ۾ پڻ ڀڙ هو 1868ع ۾ جيڪا سج گرهڻ ٿي هئي ان بابت حساب ڪتاب ڪري صحيح ۽ پورو وقت هن شخص ئي ٻڌايو. ايتري قدر جو ان وقت جي فرينچ ماهرن کان به صحيح وقت ۾ ٿورو فرق ٿي ويو.
    بکشو واري زندگيءَ ۾ هو يورپ کان ايندڙ عيسائي تبليغي جماعتن سان هر وقت فلسفي بحث ڪندو هو. خاص ڪري رومن ڪئٿولڪ جي مشهور بشپ پاليگو (Palego) سان. منگڪوت کيس پالي زبان سيکاري ۽ هُنَ کيس لاطيني سيکاري. انگريرزي زبان مانواري ۽ مشهور پادري براڊلي (Bradley) ۽ ڪاس ويل (Caswell) کان سکي. منگڪوت بادشاهه تن ڏينهن جي انگلنڊ جي راڻي وڪٽوريا ۽ آمريڪا جي صدرن سان سنئون سڌو خط و ڪتابت ڪندو هو. ان ڪري هن جو ساڻن سياسي طرح سٺو وهنوار هلندو رهيو. هن جي ملڪ نه ايترو گهڻو وڃايو ۽ نه ڪنهن جي ڪالوني ٿي رهيو. منگڪوت بادشاهه جا اهي لکيل خط ۽ انهن جي آيل جوابن مان ڪجهه اڃا تائين موجود آهن. آمريڪا جو صدر لنڪن کيس هميشه My Great & Good Friend چئي مخاطب ٿيندو هو. انهن خطن ۾ منگڪوت بادشآهه پاڻ کي هن ريت سڏائيندو هو:
    Queen Victoria’s Distinguished Friend, by Race of the Royalty, Affectionate Brother, And By Humble Respect Most Obedient Servant…
    ..... وغيره وغيره.
    بس مڙيئي انگريزي، آمريڪي ۽ يورپي جنن کي بوتل ۾ بند رکيو ويٺو هوندو هو. ملڪ ۽ ماڻهن کي سندن ڪالوني ۽ غلام ٿيڻ کان بچائي ورتو.
    هڪ ٻي ڳالهه. منگڪوت بادشاهه کي فرانس جي ان وقت جي حاڪم نيپولن سان پڻ ياري دوستي ڪرڻ جو شوق هو، پر کيس فرينچ نٿي آئي ـــ اها ڳالهه هن پاسي جي ٻارن جي تواريخي ڪتابن ۾ پڻ آهي.
    منگڪوت بادشاهه ٻين مذهبن جي تعليم تي بندش هرگز نه وڌي. يورپ کان ايندڙ عيسائين جي مبلغن جي پاڻ همت افزائي ڪيائين ته هو سندس ماڻهن کي ڀلي عيسائيت جا اصول سمجھائين، پر موٽ ۾ هنن مغرب جي رهاڪن هن بادشاهه کي ئي خوار ۽ بدنام ڪيو. خاص ڪري ان ڳالهه هجي آڙَ ۾ ته هن کي ڪيتريون ئي زالون ۽ سريتون آهن. هن ٿائي بادشاهه جون ڪيتريون ئي سياسي، علمي ۽ روزمرهه جي دلچسپيءَ جون ڳالهيون آهن، جيڪي وڌيڪَ لکڻ سان ٻيا عنوانَ رهجي ويندا۔


    ٿائلنڊ جو ٻڌ ڌرم...

    هن وقت هندو ڌرم بعد ٻئي نمبر تي ٻڌ ڌرم، دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو زنده ڌرم سمجھيو وڃي ٿو، جنهن جا پوئلڳ تبت، نيپال، سريلنڪا کان وٺي برما ۽ چين جپان تائين آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترائي ٻڌ ڌرم کي هڪ مڪمل مذهب يا ڌرم مڃڻ بدران فلسفو سڏين ٿا ـــ جيڪو گوتم ٻڌ انسان ذات کي سوچڻَ لاءِ ڏنو. ڇو جو دين، مذهب يا ڌرم ان کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ پروردگار/خلقڻهار/اهم طاقت جي عبادت ڪئي وڃي. پر گوتم صاحب ته اهو پهلوئي لنوائي ڇڏيو. هن نه پاڻ ڪنهن جي عبادت ڪئي ۽ نه پنهنجي پوئلڳن کي پنهنجي يا ڪنهن ٻئي جي عبادت لاءِ چيو.
    ٻڌ ڌرم جو باني يا بنياد رکندڙ سڌارٿا گوتم هو، جيڪو ٻڌ يا ٻڌا (علم جي روشنيءَ سا پُر) جي لقب سان مشهور آهي. پاڻ هندستان جي هڪ رياست جي بادشاهه جو پٽ ۽ اتر انڊيا جي ڪاٻيلا واستو شهر ۾ سن 866 قبل مسيح ڄائو ـــ يعني حضرت عيسيٰ کان به ساڍا پنج سؤ کن سالَ اڳ ڄائو ـــ سندس ڄم وارو شهر هن وقت نيپال جو حصو آهي، اوڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ هو پنهنجو شهر ڇڏي ڪجهه عرصو بن ۾ وڃي رهيو ۽ واپسيءَ تي چند ڳالهيون جيڪي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ هو سوچي آيو ان فلسفي کي ٻڌ ڌرم سڏجي ٿو. مثال طور: مشڪلاتن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انسان لاءِ ضروري آهي ته هو لوڀ ۽ لالچ کان پاسو ڪري وغيره. پاڻ اسي سالن جو پوڙهو ٿي هن جهانَ مان روانو ٿيو.
    ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ هندستانَ مان شروع ٿيو، پر اتي گهڻو نه رهي سگهيو. هندستان کان ٻاهر سريلنڪا، برما، سيام، ۽ ڪمبوڊيا ۾ وڌيو ۽ چين جپان پڻ ان کي پنهنجو ڪيو. ٽڙڻ پکڙڻ دوران ٻڌ مت جون تعليمات (Teachings) هنايانا ۽ مهايانا ۾ ورهائجي ويون. سريلنڪا، ٿائلنڊ ۽ برما ۾ جيڪو ٻڌ ڌرم هلي ٿو، اهو هنايانا آهي ۽ اهو گوتم ٻڌ جي ٻولن (Teachings) جي ڪافي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان کي (Theravada) پڻ سڏجي ٿو.
    سڄي ٿائلنڊ ۾ هن وقت اٽڪل چار لک کن ٻڌ بکشو آهن. جن مان فقط چار في سيڪڙو بئنڪاڪ ۾ رهن ٿا. ٻڌ ڌرم ٿائلنڊ جو سرڪاري مذهب آهي ۽ سڄي ٿائلنڊ ۾ ٽيهه هزار ٻڌ ـــ مندرَ آهن، جتي نه فقط مذهبي رسم رواج ۽ عبادت هلي ٿي، پر اهي تعليم گهر پڻ سمجھيا وڃن ٿا. بلڪه ڪنهن زماني ۾ اسڪولن بدران هي خانقاهه ئي علم حاصل ڪرڻ جا مدرسا هئا. تڏهن ته راما چوٿون (منگڪوت بادشاهه) به ههڙن مندرن مان تعليم حاصل ڪري وڏو عرصو ٻائو (بکشو) رهيو. راما چوٿين جي پٽ راما پنجين ٿائلنڊ ۾ اسڪولن جو رواج وڌو ۽ اڄ وارو تعليمي سسٽم شروع ڪيو. پر ان هوندي به مندرن مان ملندڙ مذهبي تعليم ۽ سماجي سکيا کي هتي جا ماڻهو وڌيڪَ اهم ۽ اثرائتو سمجھن ٿا.


    هڪ ٻيو به فوٽو ڪڍ ...

    بئنڪاڪ ۾ ايترا ته ڪئنال آهن جو بئنڪاڪ مشرق جو وينس (Venice) سڏيو وڃي ٿو. ماڻهن ۽ گاڏين جي هلڻ لاءِ اسان وٽ مين روڊ ۽ برانچ روڊ آهن پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ گهاٽن ٻيلن ڪري شروع کان اچ وڃ لاءِ درياهه استعمال ٿين ٿا. اهو سسٽم اڃان تائين هن پاسي جي ڪيترن شهرن ۾ هلندو اچي. ان جو مثال بئنڪاڪ آهي. بئنڪاڪ جي وچ مان درياهه وهي ٿو ۽ ان درياهه مان اٽڪل نوي کن ڪئنال نڪرن ٿا جيڪي شهر ۾ پکڙيل آهن. اڃان ته ڪيترا ڪئنال بند ڪرائي مٿان لارين موٽرن جي هلڻ لاءِ رستا ٺاهيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان پاڻ آمدرفت ۾ رخنو پيو آهي. ڇو جو هن پاسي لارين موٽرن کان وڌيڪَ سولي سواري ٻيڙي، لانچَ آهي. يا سامان ڍوئڻ لاءِ دنگيون، بارجون ۽ جهازَ آهن ــــ جيڪي سڀ پاڻيءَ ۾ ئي هلن ٿا.
    جيئن اسنا وٽ پڪي يا ڪچي رستي جي ڪنارن تي گهر بنگلا، دڪان، هوٽلون آهن تيئن هن پاسي درياهه ۽ ڪئنالن جي ڪپر تي آهن. هتي جو درياهه ۽ ڪئنال (جن کي ٿائي زبان ۾ ڪلانگ Klong سڏجي ٿو) فصلن کي پاڻي پهچائڻ لاـءِ ڪم نٿا اچن. فصل ۽ پو.کَ کي آسمانَ مان پاڻي پهچي ٿو. يعني اها پورت مينهن ڪري ٿو. درياهه ۽ ڪئنال “رستي” جو ڪم ڏين يعني انهن ۾ هزارين ٻيڙيون، جيڪي “ٽئڪسيون” سڏجن ٿيون، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين مسافر ڍوئين. ويندي ڪيترن اسڪولن جا ٻار انهن “ٽئڪسي ــــ ٻيڙين” ۾ سواري ڪن. وڏا بنڊ ۽ ٻيو ڳرو سامان بارجون ڍوئين جيڪي تانگهيون ٻيڙيون ٿين. ڌارين ملڪن کان مسافر ۽ مال، جهاز آڻين.
    هتي جو سبزي گوشت ۽ سيڌي سڙهي جون مارڪيٽون ۽ بازارون پڻ انهن ڪئنالن ۽ درياهن ۾ ٿين ۽ اهي ترندڙ دڪان ٻيڙين ۾ ٿين. سرڪاري انگن اکرن موجب، بئنڪاڪ شهر ۾ ڏهه هزارن کان به مٿي اهڙيون ترندڙ دڪانن واريون ٻيڙيون آهن جيڪي بئنڪاڪ مان لنگهندڙ درياهه ۽ ڪئنال کي رنگين بنايو ڇڏين. انهن ٻيڙين تي وڪري لاءِ دنيا جهان جو سامان هوندو آهي. تازين ڀاڄين، ميون ۽ گلن کان وٺي پلاسٽڪ ۽ ٽينَ جا ٿانوَ پيا، ٻهارا، منجيون، عطر، صابڻ، ڪپڙو ــــ هر شيءِ. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي ٽڪري ۾، هي دڪانن واريون پنجاهه سٺ ٻيڙيون اچي گڏ ٿينديون آهن. ڪو ڀت ۽ ٻوڙ پيو وڪڻي ته ڪو ڳنڍا ڪلفيون، ڪو تيل، گيهه، گاسليٽ ته ڪو ٻارن جي اسڪول جا ٿيلها، جتيون، ٽوپيون ۽ پنا پينسلون. خاص ڪري صبح جي وقت ڀاڄي وڪڻڻ واريون ٻيڙيون ڏسڻ وٽان ٿين ٿيون. جن ۾ قسمين قسمين رنگن جون ڀاڄيون ۽ ميوا هوندا آهن. يورپ آمريڪا توڙي عرب ۽ اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ اهو نظارو درياهه جي ڪناري تان يا هوٽل جي دريءَ مان ڏسڻ وٽان هوندو آهي ۽ مڪاني ماڻهو ڀاڄيءَ جي اگهه لهرائڻ ۾ ۽ ٽوئرسٽ فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول هوندا آهن.
    هي درياهه ۽ ڪئنال هتي جي ماڻهن لاءِ هڪ ٻيو اهم ضرورت پڻ پوري ڪن ٿا. اها آهي ڪاڪوس، وهنجڻ جاءِ ۽ گٽر جي. ماڻهن جا گهر ۽ هوٽلون درياهه جي ڪناري تي آهن جن جو هڪ در درياهه واري پاسي ٿئي جيئن ٻيڙيءَ ۾ اچڻ تي اهو استعمال ڪجي ۽ ٻيو در پڪي رستي واري پاسي ڪاڪوس ۽ “نالي ــــ ماتر ــــ وهنجڻ جايون” درياهه پاسي ٿين. جن مان ڪن کي ته در يا ڀتيون ئي ڪونه ٿين. بلڪه ڪن گهرن کي ته وهنجڻ جاءِ ئي ڪانه ٿئي. مرد توڙي عورتون ان دڪيءَ تي ويهي ٻه چار بارديون درياهه جي ميري پاڻيءَ جون مٿان نائيون ڇڏين. هن پاسي جون ڪي ڪي شيون تمام تڪڙيون ٿين ٿيون. وهنجڻ پڻ انهن مان هڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پاسي جا ماڻهو وهنجن روز. ڪيترا ته روزانو ٻه چار دفعا به وهنجن. سنڌ ۽ راجستان جي “سيمي ـــ ڊيزرٽ” جا اسان جهڙا رهاڪو پاڻيءَ جي ايتري هار وير جو سوچي به نٿا سگهون.
    درياهه پاسي واري در جي سيمنٽ جي ڌڪين تي هي ڪپڙا به ڌوئين ته ناريل به ڀڃن. ويجھو هلندڙ ٻيڙين يا جهازن مان ڀلي ڌاريان ماڻهو کين پيا ڏسن پر هنن لاءِ ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي ناهي. مرد ننڍي ڪڇي يا پوتڙي ۾ وهنجن. عورتون ـــ جن جي عام ڊريس چولو يا بشرٽ ۽ ڊگهي گوڏ آهي، اهي قميص لاهي، گوڏ کي مٿڀرو ڪري ٻڌن جئين انهن جي ڇاتي ڍڪجي سگهي. اهو اسٽائيل هن پاسي (برما، ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا) جي سڀني ماڻهن جو آهي جنهن سان اڌ گابريون ڇاتيون ۽ سٿرن تائين ڍڪ ٿئي ٿو ٻيو مڙيئي خير. وهنجڻ مهل ڪي صابڻ هڻن ڪي اها به تڪليف نه ڪن. وڏي هٿي واري دکيءَ جيڏي ڪري کڻي، شپ شپ پاڻي نائي، وهنجڻ جي آنگ لاهين. درياهه جي ڪناري وارن گهرن جا اهڙا ئي اڌ اگهاڙا ٽئاليٽ هن جن کي بنهه مختصر قسم جا دروازا ٿين. جن ۾ ويٺل ماڻهو نظر نٿو اچي باقي اٿي بيهڻ سان سندس مٿيون ڌڙ صاف ظاهر رهي ٿو. شئنڪ ۽ ڍڪيل گٽر بدران پاڻيءَ جي باردي هاري درياهه جو خانو خراب ڪن، جنهن جي ساڳي ڪپر تي، ٿورڙو ئي ڀر ۾، ڀلي ڪا ٻي دوشِزه، پنهنجي گهر جي دڪيءَ تي ويهي، درياهه کي ارپڻلاءِ ڪنول جا گُلَ رکي عبادت ۾ مشغول هجي. اسانجي جهاز جي لنگهڻ وقت، ڪئميره کڻي ڊيڪ تان ڪنهن جو فوٽو ڪڍڻ تي، دل ۾ ڪرڻ بدران اهي اڪثر چونديون ته هڪ ٻيو به ڪڍو. ڪا ڪا ته اڃا به پنهنجائپ جو اظهار ڪندي رڙ ڪندي: “هيلو! ڊونٽ فرگيٽ ٽ پوسٽ مي.”
    (Hello! Don’t forget to post me)
    سو ٿائي ماڻهو بئنڪاڪ جي درياهه ۽ ڪئنالن کان پوکَ کي پاڻي پيارڻ جو ڪم سو نٿا وٺن باقي ٻيو هر ڪم وٺن ٿا. هونءَ به هِتي جا درياهه پوکن کي پاڻي رسائڻ لاءِ نه پر پوکن کي مينهن جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ کان بچاءَ لاءِ اهو بارشي پاڻي سمنڊ تائين پهچائين ٿا.


    بئنڪاڪ جا رستا بولٽن مارڪيٽ جيان...

    بئنڪاڪ شهر ۾ گرانڊ پئلس جي ڀر واري مندر (Wat Phra kec) ۾ جيڪو گوتم ٻڌ جو پتلو Emerald Buddha ٽيهه فٽ اُتاهين سونهري سيج تي رکيل آهي اهو چڪري گهراڻي جي پهرين بادشاهه جنرل “چڪري ـــ راما پهرين” اڄ کان ٻه سؤ ڏهه سالَ اڳ پنهنجي حڪومت جي آغاز تي هِنَ شهرَ جي وچ ۾ يادگار طور رکرايو. اهو پُتلو هو 1778ع ۾ لائوس کان کڻي آيو هو ۽ ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته جيسين اهو سلامت رهندو، ٿائلنڊ تي چڪري گهراڻي جي حڪومت رهندي. هيسيتائين اٺ بادشاهه ٿي گذريا آهن ۽ موجوده بادشاهه ڀوميبال، هن گهراڻي جو نائون بادشاهه ـــ يعني راما نائون آهي.
    بئنڪاڪ ۾ روزانو ستر هزار ماڻهو دنيا جي مختلف شهرن ۽ ٿائلنڊ جي ڳوٺن کان هوائي، پاڻي واري جهاز، ٻيڙين، ريل گاڏين، بسن، ٽئڪسين ذريعي اچن ٿا. بئنڪاڪ کي ايڪهين صديءَ جو وڏو شهر چئي سگهجي ٿو ۽ ايشيا ۾ ٽوڪيو، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ سيول بعد بئنڪاڪ جو نمبر اچي ٿو. دنيا جي مشهور شهرن وانگر بئنڪاڪ جي زمينَ جو به چپو چپو قيمتي ٿيندو وڃي. چاليهه سالَ اڳ، بئنڪاڪ جي پٽ جا اٽڪل ڏهه چورس فٽ چار سؤ رپئي ۾ مليا ٿي پر هاڻ ان جو اگهه سؤ دفعا وڌي ويو آهي. ۽ هاڻ اهو ساڳيو پٽ ڀور چاليهه هزار رپئي ملي ٿو.
    ٽائيم رسالي ۾ هڪ دفعي آيو ته چاليهه سالَ کن اڳ هن ويڳاڻي شهر ۾ ڪي ڏهه کن ڪروڙ پتي ماڻهو مس هئا. پر هاڻ هن شهر ۾ ايڏو پئسو اچي ويو آهي جو ڏهه هزار کان مٿي آهن ۽ هر مهيني ٽيهن ماڻهن جو ان ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
    هن شهر ۾ چوڌاري مرسيڊيز ۽ BMW ڪارون نظر اچن ٿيون. هوٽلون ۽ اوچيون عمارتون نظر اچن ٿيون ۽ هر وقت ڪيترين ئي عمارتن ڪم هلي رهيو آهي. ٻه سالَ کن اڳ نئون ايئرپورٽ ٽرمينل ٺهيو ۽ هاڻ ٽيهه ماڙ ورلڊ ٽريڊ سينٽر بلڊنگ ٺهي رهي آهي. انهن ڳالهين مان هن شهر ۽ ملڪ جي خوشحالي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    گهڻي دولت ۽ خوشحالي جي اچڻ ڪري لالچ، بد امني ۽ ڏوهه پڻ وڌيا آهن. شهر جي گاڏين لارين جو نمبر وڌڻ ڪري جيڪو گوڙ وڌيو آهي ان ڪري بئنڪاڪ جا ڪيترا ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک اڌ گابرا ٻوڙا ٿي پيا آهن. دونهين ۽ گئس کان شهر جي رستي تي بيٺل چاليهه هزار پوليس وارا ۽ ڪئين هزار گاڏين تي شيون وڪڻڻ وارا ساهه جي بيمارين ۾ ورتل آهن.
    جيڪي بئنڪاڪ مان ٿي آيا هوندا انهن کي خبر هوندي ته شهر ۾ Rush - Hours ۾ لارين موٽرن جي پيهه پيهان اهڙي رهي ٿي جو پنڌ هلندڙ به اڳواٽ پهچيو وڃي. شهر جي ڪيترن رستن جو اهو حال ٿيندو وڃي جيڪو يارهين کان پنجين تائين ڪراچي جو بولٽن مارڪيٽ، ميرٽ روڊ، جھونا مارڪيٽ ۽ کوري گارڊن جو آهي. ٽرئفڪ جئم کي سڌو ڪرڻ لاءِ پوليس وارن جا حالَ هوندا آهن ۽ جيڪي ڪارين موٽرن ۾ هوندا آهن اهي پڻ بئنڪاڪ جي نٽهڻ اُسَ ۾ پاڻَ کي لوهي کوري ۾ محسوس ڪندا آهن. ٿائي ـــ خاص ڪري بئنڪاڪ جا ماڻهو، سنگاپور، جپان يا ملائيشيا جي ماڻهن وانگر ايترو ڊسيپلينڊ نه آهن، پر بقول هلٽن هوٽل جي مالڪ سومباتسري صاحب جي ـــ جنهن جي پيءُ بئنڪاڪ جي پهرين بس سروس شروع ڪئي هئي، “اهو به شڪر آهي ته بئنڪاڪ جي ماڻهن جي ماٺيڻي ۽ صبر واري طبيعت آهي ۽ جيسيتائين منجھن اها خوب رهندي تيسيتائين بئنڪاڪ جنگل نه بنبو.”


    ٿائلنڊ جا هاٿي.....

    هاٿي جنهن کي هن پاسي جمبو پڻ سڏين ٿا، ٿائلنڊ جو اهم جانور آهي. اڄ ڪلهه ڪنهن سان ٿائي جمبو جي ڳالهه ڪبي ته هو ٿائي ايئر لائين جو بوئنگ هوائي جهاز ئي سمجھندو. پر ماضيءَ جو ٿائي جمبو هاٿي هو جنهن جي “ڪاڪ پٽ” يعني مٿي تي ماهوت (پائلٽ) ويهي کيس بار کڻڻ يا ڇڪڻ جي ڪم لاءِ هلائيندو هو. هاٿيءَ جو ٿائلنڊ ۾ ايڏو مانُ هو جو 1917ع تائين ٿائلنڊ جي جھنڊي تي به سندس شڪل هئي. جنگ جي ميدانَ ۾ هاٿيءَ جي ڇتائي ۽ وفاداري ڪري هو راما جي ڪهاڻي Ramkein کان وٺي بادشآهن شهزادن جي شاعريءَ ۾ ڳايو وڄايو وڃي ٿو.
    ائين ناهي ته هاٿي رڳو ماضيءَ ۾ ڪم آيو ٿي. اڄ به انڊيا، سري لنڪا، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جي گهاٽن جنگلن ۾ هاٿي فورڪ لفٽر (بار مٿي کڻڻ جي مشين) ۽ ٽرڪ لاريءَ طور ڪم اچي ٿو. جيتوڻيڪ هڪ هڪ هاٿيءَ جي قيمت انهن مشينن کان به ڳري آهي، پر کانئن ڪم وٺندڙن کي خبر آهي ته جتي ٽرڪ لارين جي هلڻ لاءِ رستا نه هجن، جتي انهن گاڏين جي نقص دور ڪرڻ لاءِ مڪينڪ مستري ۽ ورڪ شاپَ نه هجن، جتي پيٽرول پمپ نه هجن ۽ انهن مشنين ۾ ٻرندڙ تيل مهانگو هجي ـــ اتي هي هاٿي انهن ئي وڻن جا پن ٽاريون کايو، اس مينهن ۾ بنا ڪنهن مرمت، اسپيئر پارٽس ۽ سروس جي، صبر سان بار ڍوئي سگهن ٿا.
    روز مرهه جي زندگيءَ ۾ هاٿيءَ جي ايڏي ضرورت هجڻ ڪري هن جانور ٿائلنڊ جي مذهب، ديوڪٿائن، ادب ۽ تواريخ ۾ وڏو رول ادا ڪيو آهي. ٿائلنڊ ۾ جيڪي هاٿي آهن، انهن ۾ ڪي وري مذهبي خيالَ کان اتم ذات ۽ نسل جا سمجھيا وڃن ٿا. ٿائي ماڻهن جو ان ۾ عام عقيدو آهي ته ٿائلنڊ جي خوشحالي ۽ ڀاڳَ بختَ، ۽ موجوده حاڪم گهراڻي جي بقا جو دارو مدار انهن اتم ۽ اعليٰ شجري جي هاٿين جي موجودگي ڪري آهي. پراڻن ڏينهن ۾ ڪن هاٿين جو نسل جنگ جي ميدان ۾ سواري طور ڪم آڻڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو هو. ڪي هاٿي خاص ڪري اڇي رنگ جا، شان شوڪت ۽ وڏ ماڻهپي جي نشاني سمجھيا ويندا هئا ۽ اهي هاٿي رڳو گهر ۾ سڻڀا سڻڀا طعام کائي متارا پيا ٿيندا هئا. اهي هاٿي نه ڪهڻَ جا هئا ۽ نه ڏهڻَ جا. يعني انهن مان فائدو ڪو به نه هو رڳو خرچ هو. ان تان ته انگريزيءَ جو پهاڪو ٺهيو:
    To Give White Elephant to a Poor man.
    غريب کي انعام ۾ اڇو هاٿي ڏيڻ معنيٰ ان کي ويتر کٽائي ڀينگ ڪرڻ ٿيو. پر حاڪمن لاءِ چيو ويندو هو ته اهو حاڪم واهه واهه آهي، جنهن وٽ هي ست شيون آهي: قيمتي ڦيٿو (جلهه يا حملو ڪرڻ جي شڪتي)، قيمتي خزانو، قيمتي عورت (وفادار هوشيار ساٿياڻي)، قيمتي جنگي ڪمانڊر، قيمتي گهوڙو ۽ قيمتي هاٿي.
    مٿين شين ۾ هڪ ٻي شيءِ به شامل آهي، جيڪا هن و قت ياد نه پئي اچي، شايد قيمتي تاج يا هيرو آهي يا قيمتي تخت. اڇو هاٿي دولت يا جنگ ۾ حاصل ڪيل مال سان تعبير ڪيو وڃي ٿو. تواريخ شاهد آهي ته اڇي هاٿيءَ تان نه فقط ماڻهو پر سڄا ملڪ وڙهيا. اڇي هاٿيءَ جي جنگ برما ۽ ٿائلنڊ جي وچ ۾ لڳي. برما جيڪو ٿائلنڊ کان هر وقت ڏن وٺڻ جي چڪر ۾ هوندو هو، تنهن پنهنجي طاقت جي زور تي، تن ڏينهن جي آيوتٿايا جي بادشاهه کي، چار اڇا هاٿي تحفي/ڏقنَ طور موڪلڻ جو حڪم ڪيو. حڪم جي پوئواري نه ٿيڻ تي برما ٿائلنڊ تي ڪاهي آيو. اڄ به ٿائلنـڊ ۾ اڇو هاٿي فقط بادشاهه ئي رکي سگهي ٿو.
    اڄ ڪلهه جي بادشاهه، راجا ڀوميبال وٽ چار ماديون ۽ ڇهه نر اڇن هاٿين جا آهن. پوڙهي کان پوڙهو هاٿي اٺاويهه سالن جو آهي ۽ ننڍو پنجن سالن جو. اهي هاٿي شاهي گهر (Chitralada - Palace) جي اندر ٺهيل وٿاڻ ۾ رهن ٿا.


    بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏسجي ....

    بئنڪاڪ ۾ هڪ ته مندر ضرور ڏسجن. دنيا جي ڪنهن به شهرَ ۾ ٻڌ ڌرم جا ايترا مندر نه آهن جيترا بئنڪاڪ ۾ آهن. سڀ مندر ڏسڻ لاءِ ته مهينا گهرجن ۽ وقت جي بربادي آهي. پر آئي سارو ٽي چار اهم مندر ضرور ڏسجن.
    Phra-Kaeo جو مندر ۽ شاهي محلات: سڀ کان اول ته”وات را ڪائيو” ۽ گرانڊ پئلس ۾ وڃجي. (وات (Wat) مندر کي چئجي ٿو.) هي ٻئي عمارتون پرراماني گرائونڊ جي ڀر ۾ نا ــ فرا ـــ لان(Na-Phra-Lan) روڊ تي آهن. ٻنهي عمارتن جي چوڌاري اڇي رنگ جون وڏيون ڀتيون آهن جيڪي هڪ چورس ميل کن جي ايراضي کي گهيرو ڪن ٿيون. هي محلات 1782ع ۾ ٺهيو ۽ هيسيتائين منجھس ڪيترو ئي واڌارو آيو آهي. عمارتن جي اڏاوت ۽ ڪمرن جي درن درين ۽ ڇتين جي ڊيزائين ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ هن ملڪ جو شاهي خاندان ڪيترائي سالَ رهيو. هينئر هي محلات فقط نمائش طور ۽ ريتن رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. رهائش لاءِ نئون محلات ٻئي هنڌ ٺاهيو ويو آهي.
    وات ـــ فرا ـــ ڪائيو مندر کي زمرد مان ٺهيل گوتم ٻڌ جي پتلي جو مندر (Temple of Emerald Buddha) پڻ سڏجي ٿو. گوتم ٻڌ جو هي پتلو جيڪو اصل ۾ سنگ يشم يا پکراج جي قسم جي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ تمام ننڍو آهي ـــ اٽڪل چار گرانٺون کن، سڄي ٿائلنڊ ۾ تمام اهم سمجھيو وڃي ٿو. حاڪمن ۽ عوام جو عقيدو آهي ته موجوده گهراڻي جا بادشاه گوتم جي هن مورتيءَ جي مهر سان اڃا تائين قائم دائم آهن. هن پتلي (مورتيءَ) جو فوٽو ڪڍڻ تي پڻ جھلَ آهي. ان ڪري گوتم ٻڌ جو هي پتلو توهان کي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي اخبار ۾ نظر نه ايندو. ان کي فقط هتي ايندڙ ڏسي سگهن ٿا. ٻڌ ڌرم جي ماڻهن لاءِ ان جو ديدار وڏي برڪت ۽ سعادت منديءَ جي ڳالهه ليکي وڃي ٿي. ڪيترائي ملائيشيا ۽ سنگاپور جا ٻڌ پنهنجين اهڙين ڌرمي شين کي ڏسڻ لاءِ ٿائلنڊ ۽ سري لنڪا ۾ اچن ٿا.
    هي سڄو ڪامپليڪس، روزانو ساڍي اٺين کان ساڍي يارهين تائين ۽ هڪ کان ساڍي ٽين تائين ٽوئرسٽن لاءِ کليل رهي ٿو. اندر وڃڻ لاءِ هڪ سؤ ڀات جي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي.
    نئشنل ميوزيم: شاهي محلات جي ڀر ۾، پراماني (Pramane) گرائونڊ جي ٻئي پاسي قومي عجائب گهر آهي، جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) تي مختلف دورن ۾ مختلف بادشاهن جي ڏينهن جون ڪيتريون ئي پراڻيون شيون رکيل آهن. گذريل ٻن سؤ سالن کان چڪري گهراڻي جا بادشاهه ٿائلنڊ تي حڪومت ڪري رهيا آهن جن ان وقت کان بئنڪاڪ کي ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو. نه ته ان کان اڳ تيرهن کن سالن لاءِ، درياهه جي ٻئي پار وارو شهر ٿانبوري هو ۽ اهو مختصر عرصو جنرل فيا تاڪسن بادشاهه ٿي رهيو. ٿانبوريءَ کان اڳ ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ آيوتٿايا هو جيڪو يڪا سارا چار سؤ سالَ رهيو. آخر ۾ ان کي برمين اچي تباهه ڪيو. ۽ هينئر آيوتٿايا هڪ ويران شهر آهي. ۽ اڃان ان کان به اڳ سخوٿائي شهر هو جيڪو صحيح معنا ۾ 1238ع کان سيام جو پهريون گاديءَ جو هنڌ ٿيو. سو ٿانبوريءَ کي جي ڇڏي ڏجي (جيڪو هڪ مختصر دور هو)، ته ٿائلنڊ جي شهنشاهيت ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي.
    1. سخوٿائي دور
    2. آيوتٿايا دور
    3. هاڻوڪو دور، جنهن کي بئنڪاڪ جو دور يا چڪري خاندانَ جي شهنشانيت جو دور سڏجي ٿو.
    انهن مڙني دورن جي بادشاهن ۽ سندن حڪومتن جون ناياب شيون مٿئين ميوزيم ۾ نظر اچن ٿيون. اهو سومر ۽ جمع کان سواءِ هفتي جا باقي ڏينهن صبح جو نائين کان شامَ جو چئين بجي تائين کليل رهي ٿو ۽ داخلا جي ٽڪيٽ ويهه ڀاٿ آهي. آچر ڏينهن داخلا مفت آهي.
    “وات ـــ پو” يا ٽيڪ ڏيئي ستل گوتم جو مندر: وات پو يعني پو جو مندر هن کي ٽيڪَ ڏيئي ستل گوتم جو منظر (The Temple of reclining Buddha) پڻ سڏجي ٿو. هي گرانڊ پيلس جي ڏکڻ ۾ آهي.
    ٿائلنڊ ۾ جيڪي به مندر آهن انهن ۾ هي وڏو، پراڻو ۽ امير ترين مندر آهي. مندر ۽ جھونيون شيون ڏسڻ جي شوقينن کي کپي ته هن مندر کي چڱيءَ طرح ڏسن جو هن جا ننڍا توڙي وڏا ڪمرا، بت، پتلا، مورتيون۽ تصويرون ڏسڻ وٽان آهن. مندر جو احاطو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ٻڌ بڪشوئن جي رهائش لاءِ آهي باقي ٻئي ۾ تعليم، عبادت، دعا وغيره سڀ ڪجهه ٿئي. هي مندر، اڄ کان ٻه سؤ سالَ اڳ، چڪري گهراڻي جو پايو وجھندڙ بادشاهه راما پهرين ٺهرايو هو. کيس سورهن دروازا آهن. شروع جي ڏيهن ۾ هر قسم جي تعليم مندرن ۾ ڏني ويندي هئي ۽ هي مندر به ان ڪم کي ڌيانَ ۾ رکي، اهڙي حسابَ سان ٺهرايو ويو هو.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته هن صديءَ جي شروعات ۾ اسڪولي نظام کي ڌرمي مندرن کان ڌار ڪيو ويو ـــ جيڪو نظام اڄ تائين هلندو اچي. پر پهرين مندر ئي درسگاهه هئا. خاص ڪري هي مندر پهريون وڏو درسگاهه سمجھيو وڃي ٿو ۽ منجھس مذهب کان وڌيڪَ تعليمي قسمَ جون گهڻيون شيون آهن. هن مندر کي اڃان تائين ڪيترا ماڻهو “ٿائلنڊ جي درين يونيورسٽي” ڪوٺين ٿا.
    دور دراز علائقن کان ڪيترائي ماڻهو، هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو بت ڏسڻ لاءِ اچن ٿا جيڪو ٿائلنڊ ۾ موجود باقي بتن کان وڏو آهي. سندس ڊيگگ ڇاهيتاليهه ميٽر آهي. ان جي قد جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهو جو قد ٻه ميٽر کن ٿئي ٿو. گوتم ٻڌ جي هن پتلي جو هڪ هڪ ڪن به ماڻهوءَ جي قدَ جيڏو آهي. سڄي بت مٿان سونو ورق چڙهيل آهي.
    هن مندر جي احاطي ۾ڪيترائي يوناني حڪيم، پنساري ۽ مالش رستي بيمارين جو علاج ڪرڻ وارا چمپي، حڪيم ملندا ـــ جيڪي جسم جي خاص هنڌن تي آڱرين جي دٻاءَ سان رت جي هلچل ۾ فرق آڻي مختلف بيمارين جي يڪ ٽڪ علاجَ جي دعويٰ ڪن ٿا. هڪ اهڙي مندر جي مالش ۽ آڍَ جو ذڪر گذريل بابَ ۾ ڪري چڪو آهيان. هي مندر روزانو اٺين کان شامَ جو پنجين بجي تائين کليل رهي ٿو داخلا جي ٽڪيٽ ڏهه ڀات آهي.
    (Wat Traimit) ترائيمت جو مندر سوني ٻڌ جو مندر پڻ سڏجيٿو، جيڪو بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آهي. هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو رکيل بت نج سونَ جو آهي. اهو ٽي ميٽر ڊگهو آهي ۽ تور ۾ ساڍا پنجَ ٽَنَ آهي. مندر شهر جي وچ ۾ ئي آهي. سو هتان لنگهندي مهل مندر ۽ گوتم ٻڌ جو بت ڏسي سگهو ٿا. يا گهٽ ۾ گهٽ انهن سکن وانگر سون جو ڪاٿو ڪري سگهو ٿا جيڪي ان مندر ۾ منهنجي ڀرسان بيٺل هئا. گائيڊ ان مندر جي تواريخ پئي ٻڌائي ۽ هنن سون جو حساب پئي ڪيو..... ساڍا پنجَ ٽن سون! هڪ ٽن ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪلو گرام. سي ٿيا ساڍا پنج هزار ڪلو گرام! هڪ هڪ ڪلوگرام ۾ هزار گرام..... سي ٿيا پنجونجاهه لک گرام!..... ڏهه گرام سون جي قيمت آهي ساڍا ٽي هزار ڀات ته هڪ جي ٿي، ٽي سؤ پنجاهه ڀات..... ته پنجونجاهه لک گرام سون جي قيمت ٿي ........ وغيره وغيره.
    هن بت لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٿائلنڊ جي اوائلي دور يعني سخوٿائي دور جو آهي جيڪو دور 1238ع سن کان وٺي 1376ع تائين هليو. ان بعد آيتوٿايا جو دور شروع ٿئي ٿو.
    Wat-Arun- آرن جي مندر کي نيراني هير جو مندر Temple of Dawn پڻ سڏيو وڃي ٿو. هي مندر درياهه جي ٻي ڀر ٿانبوريءَ ۾ آهي. هي اهو مندر آهي جيڪو اڪثر ٿائلنڊ جي اشتهاري ڪتابڙن ۽ پمفليٽن مٿان نظر اچي ٿو. اسي ميٽر کن اتاهون، هي مندر سج اڀرڻ يا لهڻ وقت نڪتل فوٽن ۾ تمام سهڻو نظر اچي ٿو. هي مندر هندو ديوتا اورنا نالي آهي. جيڪو باکَ ڦُٽڻَ جو ديوتا سمجھيو وڃي ٿو. تاڪسن بادشاهه جي دور ۾ هي شاهي مندر هوندو هو. زمرد وارو اهم بت پڻ هتي ئي رکيل هو، جيڪو پوءِ چڪري گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان درياهه جي هن ڀر فرائيڪو مندر ۾ آندو ويو. (زمرد جو بت تاڪسن بادشاهه جي ڏينهن ۾ جنرل چڪريءَ ئي لائوس مان آندو هو).
    هن مندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي پري کان ئي سهڻو لڳي ٿو. ماڻهن جي ڏسڻ لا هي مندر روزانو کليل رهي ٿو ۽ فقط پنج ڀات ٽڪيٽ آهي. مندر جيئن ته درياهه جي ٻي ڀر آهي سو اتي پهچڻ لاءِ نا ــ فرا ــ لان روڊ جي جيٽيءَ تان ڀاڙي جي ٻيڙي (River-Taxi) ذريعي پهچي سگهجي ٿو. ٻيڙي مندر جي بلڪل ڏاڪڻين تي وڃيو ڇڏي.
    نانگن جو فارم: بئنڪاڪ ۾ نانگن جو فارم (Snake -Farm) ڏسڻ وٽان آهي. گهٽ ۾ گهٽ اشتهاري بروشرن ۾ ان جي وڏي تعريف آهي. راما چوٿين روڊ تي، هي فارم پاسچر انسٽيٽيوٽ ۾ آهي. هتي روزانو صبح جو يارهين بجي نانگن جي وات مان زهر جا ڦڙا ڪڍيا وڃن ٿا. ان کي نانگ ڏهڻ چئجي ٿو. نانگ جي وات مان نڪتل اهو زهر ڪيترين ئي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. خاص ڪري نانگ جي ڏنگ جي علاجَ لاءِ. بهرحال اها به هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا شايد ئي ڪن ڏسڻ وارن کي مزو ڏئي، نه ته گهڻا تڻا بور ٿيندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ انهن اشتهارن کي گهٽ وڌ چوندا آهن. اهي اهڙيون شيون آهن جيڪي اڄ ڪلهه ٽي ويءَ جي ڊاڪيومينٽري فلمن ۾ وڌيڪَ چٽيون ۽ ويجھو کان ڏيکاريون وڃن ٿيون. هوٽل جو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو ڇڏي ڪاڙهي ۾ بس يا ٽئڪسيءَ ۾ ڌڪا کائي، پاسچر انسٽيٽيوٽ فقط اهو ڏسڻ، ته همراهه نانگ جي منهن تي زور ڏيئي ٻه چار ٽيپا پاڻيءَ جي رنگ جهڙي زهر جا ڪيئن ٿو ڪڍي، سراسر احمقپڻو آهي. جيڪو اسان جهڙا ڪيترائي ڪندا رهن ٿا. اهو ڪجهه ڏسڻ ۾ جيڪو سڄو ڏينهن ضايع ٿئي ٿو ان ۾ فائدو ضرور آهي. پر ڪنهنجو ــ؟ هوٽل وارن جو جتي توهان رهيا ۽ ماني کاڌي. بس/ٽئڪسي واري جو. نانگن جي فارم جو ـــ جن ٽڪيٽ مان ڪمايو. ۽ دنيا ۾ فقط اسان ته بيوقوف نه آهيون. Snake Farm جهڙين شين جا اشتهار پڙهي ٻيا به هزارين روزانو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هن ملڪ جي فقط ان شيءِ مان چڱي ڪمائي ٿيو وڃي اهڙي طرح هتي جو چڙيا گهر، باٽنيڪل باغ، واڳن جو فارم ۽ ٻيون به اهڙيون ٽي چار شيون آهن. سچي ڳالهه ته اها آهي ته انهن کي ڏسڻ به مٿي جو سور ته نه ڏسڻ به مٿي جو سور! ظاهر آهي ته هتي جي چڙيا گهر ۾ به اهي ئي جانور آهن جيڪي ٻين ملڪن يا پنهنجي ملڪَ جي چڙيا گهر ۾ آهن. اهي جانور رنگين رسالن ۽ ٽي وي جي پروگرامن ۾ به ڏسي سگهجن ٿا بلڪه بهتر نموني سان ان لاءِ پاڻ کي تڪليف ۾ وجھڻ اجايو آهي. پر ساڳي وقت اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ به ضروري آهي نه ته ائين جي ڪجهه به نه ڏسبو ته ڳوٺ اچي ڊاڙون ڇا هڻبيون.
    بئنڪاڪ ۾پنهنجي يا ڪمپنيءَ جي خرچَ تي، ذاتي يا آفيس جي ڪم سانگي اچي نڪرجي ته پوءِ هتي جو روز گارڊن (Rose Garden) وري به ڪجهه بهتر آهي ۽ ضرور گهمجي. ان ۾ روزانو شامَ جو ٽين وڳي ٿيندڙ شو ڏسڻ وٽان آهي جنهنجي ٽڪيٽ هڪ سؤ ويهه ڀات آهي.


    Wai - ٿائي کيڪار....

    کيڪار لاءِ ٿائي ماڻهو هٿ ٻڌي ٿورو جھڪي “وائي” (Wai) چون، جيئن انڊيا ۾ کيڪار لاءِ هٿ ٻڌي نمستي چيو وڃي ٿو يا جپاني ماڻهو جھڪي “ڪوني چِيوا” چون ٿا. پر ٿائي ماڻهن جي هن هٿ ٻڌي واءِ ڪرڻ مان مطلب فقط کيڪار يا “هيلو” چوڻ نه آهي پر ساڳي Wai معافي وٺڻ جي لاءِ به ڪئي وڃي ٿي ته ڪنهن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ لاءِ پڻ. رستي تي ڪيترن هنڌن تي ٿائي ماڻهو، ٻڌ بکشوئن (ٻاون)، مندرن ۽ گوتم ٻڌ جي مورتين کي “واءِ” ڪندي نظر ايندا. واءِ جو جواب هٿ ٻڌي واءِ ڪرڻ سان ئي ڏنو وڃي ٿو. پر کيڪارڻ وارو ننڍو يا آفيس جو جونيئر آهي ته پوءِ صاحب يا وڏي لاءِ ضروري ناهي ته هو به هٿ ٻڌي ورندي ڏئي. ڪنڌ جي ڌوڻ ئي ڪافي آهي.
    ٿائلنـڊ جي بادشاهه اڳيان فقط رعيت “واءِ” ڪري ٿي پر بادشاهه لاءِ ضروري ناهي ته ورنديءَ ۾ هو به ساڳي طرح هٿ ٻڌي کيڪار ڪري. البت اڳلو جي ٻڌ بکشو آهي ته پوءِ ان جي عزت ڪرڻ لاءِ بادشاهه کي به هٿ ٻڌي کيڪارڻو پوي ٿو. جيئن انگلنڊ جي راڻي پنهنجي عوامَ سان هٿ ملائي نه کيڪاريندي آهي ـــ سواءِ چند اهم ماڻهن جي.


    مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ....

    اهو پهاڪو هند سنڌ جي زبانن ۾ عام آهي پر ڏٺو وڃي ته ان تي عمل ننڍي کنڊَ جا ماڻهو گهٽ ڪن ٿا. ضرورت هجي يا نه پر اهي ڳالهائيندا رهندا. تبصرو ۽ پرائي پچار ڪندا. هڪ ٻئي تي، پنهنجي پرائي تي ـــ خاص ڪري جيڪو غير موجود هوندو ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا. ان ڪمزوريءَ جو احساس هتي جي ماڻهن جي ابتڙ عادت کي ڏسي ٿئي ٿو جيڪي گهڻو ڳالهائڻ ۽ Comment بازيءَ کان گريز ڪن ٿا ۽ خاموشيءَ کي ترجيح ڏين ٿا. ان جو مطلب اهو ناهي ته هي سڄو ڏينهن ٻوٿ ٻڌي هلن ٿا. هرگز نه. ڳالهائين ضرور ٿا پر گل گلڪاري، موسم، راندين، ٽي وي پروگرامن جهڙن ڪيترن ئي عنوانن تي. اهڙن هلڪن ڦلڪن موضوعن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪَ ڳالهائيندا ۽ ڪچهري ڪندا. پر مذهب، قوم، ذاتي عقيدن ۽ هڪ ٻي جي گهرو ڳالهين تي نه برابر. ان قسم جي عنوان تي کانئن کوٽي کوٽي سوالَ پڇبو ته به نٽائي ويندا يا چپ رهندا.
    ڏٺو وڃي ته اها سٺي ڳالهه آهي. گلا، غيبت ۽ هڪ ٻئي تي اجائي سجائي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سان اسان وٽ ڪيتريون ئي غلط فهيميون ۽ جھيڙا فساد ٿين ٿا جيڪي هن پاسي: ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ۾ گهٽ آهن. اسانجا پاڪستاني هندستاني جيڪي سالن کان هتي رهيا پيا آهن اهي به ان ڳالهه ۾ هتي جي ماڻهن وانگر آهن. جيڪا تعريف جوڳي ڳالهه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جي اها خاموش طبيعت اسان جهڙن ڌارين کي نٿي وڻي ۽ کين ٽوڪيو وڃي ٿو هو ڊپلوميسيءَ کان ڪم وٺن ٿا..... ڳالهيون ٿا لڪائين يا..... دوستي نٿا رکڻ چاهين، ان ڪري ٻين جو ڳالهيون نٿا ٻڌائين، وغيره. پر بقول M.A.S (ملائيشين ايئر سسٽم) ۾ ڪم ڪندڙ اسانجي هڪ پاڪستاني انجنيئر دوست محمد يوسف شاهه جي ـــ جنهن کي هتي پنڌرهن سالَ ٿي ويا آهن: “اُنَ خيالَ کان هن تر جا ماڻهو نيڪ آهن. هو گهڻو نٿا ڳالهائين ۽ گلا غيبت کان پاسو ڪن ٿا ـــ جنهن لاءِ اسلام پڻ ائين چوي ٿو. ۽ هونءَ به الله تعاليٰ ٻه ڪن ڏنا آهن پر وات هڪڙو جيئن گهڻو ٻڌو پر ڳالهايون گهٽ.”


    توهانجا پير...

    ٿائي ڪلچر ۾ جتي مٿي کي جسم جو اتم حصو سمجھيو وڃي ٿو اتي پيرن کي بنهه نيچ ۽ بي مانائتو ليکيو وڃي ٿو. ٿائي ماڻهوءَ لاءِ اها وڏي بي عزتي آهي ته توهان هن جي مٿي ڏي پير ڪريو. يا ڪنهن مندر، گوتم ٻڌ جي پتلي يا بادشاهه جي فوٽي ڏي پير سان اشآرو ڪيو. هڪ ٻئي پويان وهڻ مهل يا گاڏيءَ جي مٿئين برٿ تان هيٺ لهڻ مهل خيالَ کان ڪم وٺجي جيئن اوهان جا پيرَ ڪنهن ٿائيءَ جي مٿي کي نه ڇهن.
    ٿائلنڊ ۾ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ڀلي وهجي پر پير (يا بوٽ جو ترو) ٻئي همراهه ڏي هرگز نه ڪجي. ماڻهو يا مندر ڏي آڱر سان اشارو ڪرڻ پڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو ــــ پوءِ ايترو کڻي نه، جيترو پير سان اشارو ڪرڻ کي اُگرو سمجھيو وڃي ٿو.


    مندر، ٻائي ۽ بادشاهه جي عزت ....

    ٿائلنڊ ۾ مندرن، ٻاون، گوتم جي پتلن ۽ موجوده بادشاهه جي تمام گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري هڪ ڌارئين کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻ کپي ۽ انهن بابت اجائي سجائي ڳالهه هرگز نه ڪجي. ايتريقدر جو ان پني کي به خيالَ سان رکجي جنهن تي ڪنهن مندر، گوتم جي پتلي يا بادشاهه جو فوٽو هجي.
    ٿائلنڊ جي سڀني نوٽن تي بادشاهه جي تصوير آهي. ان جي معنا ته نوٽن کي ٻيڻو ڪري پرس ۾ يا کيسي ۾ ته رکي سگهو ٿا پر پٽ تي ڪيرائڻ يا بادشاهه جي تصوير تي ليڪا ڪڍڻ بيحد خراب سمجھيو وڃي ٿو.
    هڪ فرينچ ٽوئرسٽ جي ڳالهه ڪن ٿا ته بئنڪاڪ ۾ هُنَ جي هڪ دڪاندار سان حساب ڪتاب تي کٽ پٽ ٿي پيئي، جيڪو هن کي ٿورا پئسا واپس ڪري رهيو هو. فرينچ اهي وٺڻ لاءِ تيار نه هو ۽ آخر ڪاوڙ ۾ اچي نوٽن کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري دڪاندار کي اڇلي ڏنا. دڪاندار وري واپس ڪيس پر هن فرينچ همراهه کي ايڏي ڪاوڙ هئي جو پئسا وٺڻ بدران انهن کي پيرن سان چلهڻ لڳو. سندس ان حرڪت تي باقي بيٺلن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس ٺونشن سان ورائي ويا. فرينچ وائڙو ٿي ويو ته بيٺل ماڻهو، جيڪي هيترو وقت ساڻس همدردي ڪري رهيا هئا تن مٿس موچڙن جو وسڪارو ڇو ڪيو! پر پوءِ خبر پيس ته نوٽن تي بادشاهه جي تصوير ٺهيل آهي ۽ بادشاهه جي تصوير مٿان پير ڏيڻ معنا توبه توبه! ٿائي ماڻهن جي نظرن ۾ ان کان وڌيڪَ ٻيو ڪهڙو گناهه ۽ بي عزتي ٿي سگهي ٿي.


    ڍورن جون بئنڪون

    سانُ جنهن کي انگريزيءَ ۾ واٽر بفئلو (Water Buffalo) سڏجي ٿو، هن تر جي ملڪن ۾ هاٿيءَ وانگر ڪمائتو جانور آهي. هي هر ۾ ڪاهيو وڃي ٿو. بار ڍوئڻ ۽ سواريءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ان کان علاوه فصل لهڻ بعد کانئس ڳاهڻ جو ڪم پڻ ورتو وڃيٿو. اس، مينهن ۽ چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ هي ئي جانور هلي سگهي ٿو.
    اڄ ڪلهه جي سائنسي دور ۾ شهرن جي ويجھو وارن علائقن ۾ جيتوڻيڪ ٽرئڪٽر، ٿرئشر ۽ ٽرالر عام ٿيندا وڃن، پر ٿائلنڊ جي ڏورانهن اتر وارن علائقن ۾ اڄ به غريب هاريءَ جو ساٿي هي سان آهي. جيڪو زمين کيڙڻ کان وٺي اپايل مال کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. دنيا ۾ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جون بئنڪون ته هر هڪ ڏٺيون هونديون پر ٿائلنڊ ۾ مينهن ۽ سانن جون پڻ بئنڪون آهن جتان غريب هاري قسطن تي يا مهيني ٻن لاءِ مسواڙ تي مينهون ۽ سانَ وٺي سگهن ٿا. موٽائڻ وقت وياج ۾ پئسن بدران مينهن جي وڇ يا پاڏو ڏيڻو پوي ٿو.
    ٿائلنڊ جي موجوده بادشاهه کي فصلن، ٻنين، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن سانن جي وڌڻ ويجھڻ جو تمام گهڻو خيال آهي. هو سمجھي ٿو ته فصل ۽ وهٽن جي واڌاري سان عوام جي خوشحالي ٿيندي. اهو ئي سبب آهي جو هو هر سال پنهنجي ملڪ جي هڪ هڪ علائقي جو دورو ڪري غريب عوام جي خبر چار لهي ٿو ۽ ڏک درد دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ويندي ڏورانهن جابلو توڙي گهاٽن جنگلن وارن ڳوٺن جي رهواسين جي به خبر چار لهي ٿو. جيئن بانگ يانگ ڳوٺ جي مسلمان رهواسين ٻڌايو ته ٿائلنڊ جو بادشاهه ويندي هنن غريب ڳوٺاڻن جي به خبر چار لهي ٿو ۽ پورهيو ڪندڙ جي همت افزائي ڪري ٿو.
    هيءَ بئنڪ ڪيئن شروع ٿي؟ 1979ع جي ڳالهه آهي. ٿائلنڊ جو بادشاهه ڀوميبال (Bhumibol Adulyadej)، بئنڪاڪ جي اتر اوڀر واري صوبي “پراچن بوري” جو دورو ڪري رهيو هو ته هڪ غريب هاريءَ اچي فرياد ڪيو ته هو ايترو غريب آهي جو هر ڪاهڻ لاءِ هن وٽ پنهنجو سانُ نه آهي ۽ مسواڙ ايتري ڳري آهي جو فصل لهڻ تي الهه تلهه ان ۾ چٽ ٿيو وڃي ۽ پٺيان سندس گهر ٻارَ لاءِ چانورن جي مٺ به نٿي بچي.
    بادشاهه ان ڳالهه تي سوچي دنيا جي هڪ نئين شيءِ ـــ سانن جي بئنڪ The Royal cattle and Buffalo Bank of Thailand جو پايو وڌو. ان بئنڪ جي شروعات لاءِ هن پنهنجي کيسي مان هڪ لک ڀات (اسي هزار روپيه) مدد طور ڏنا. تر جي ڪجهه ٻين سکر ماڻهن کان به چندا ورتا ويا ۽ پهرين کيپ ۾ گڏ ڪيل رقم مان 280 وهٽ ورتا ويا ۽ پوءِ ان بئنڪ مان ان صوبي جا هاري ضرورت موجب سولين قسطن تي سان ۽ مينهون خريد ڪرڻ لڳا.
    اڄ سڄي ٿائلنڊ ۾ ان جون ستر کن بئنڪون آهن جن ۾ ست هزار سان، مينهون ۽ ڍڳا آهن. هارين جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته جيئن هنن کي سولو لڳي تيئن ضرورت موجب وهٽ حاصل ڪن. سان يا ڍڳي جي قيمت ڇهه هزار رپيا مقرر ٿيل آهي جيڪي ٽن سالن اندر قسطن ۾ ادا ڪرڻا آهن يا پنج سؤ رپيا سالياني مسواڙ تي اڌارا وٺي سگهن ٿا. اها مسواڙ مارڪيٽ جي عام مسواڙ کان تمام گهٽ آهي جيڪا هزار کان ٻه هزار روپيه کن آهي.
    ڪو ڦرن لاءِ مينهن وٺڻ چاهي ته بئنڪ ان جو به بندوبست ڪري ٿي پر مادي جانور وٺڻواري کي پهريون ٽيون ۽ پنجون ڦر بئنڪ حوالي ڪرڻو پوندو آهي. ٻيو چوٿون ۽ ڇهون پاڻ رکي سگهي ٿو. بيحد غريب هاري ۽ رٽائرڊ سپاهي ـــ جن کي ڪمائيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو ناهي ۽ عيال وڏو آهي ته اهي بئنڪ کان بنا مسواڙ جي ڏاند وٺي سگهن ٿا. هن قسم جي بئنڪن مان هر سال، ٿائلنڊ جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو ڀلو ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ڪنهن زميندار يا وياجَ خور وٽ وڃائڻ کان بچيو وڃن.


    هڪ جپاني ليکڪا سان ملاقات

    ٿائلنڊ جي هن ٽوئر دوران جپان جي هڪ ليکڪا، صحافي ۽ سوشل ورڪر يايوري مئتسوئيءَ سان ملاقات ٿي. هوءَ جپان جي مشهور اخبار “اساهي شمبون” سان واسطو رکي ٿي ۽ اخبار طرفان ايشيا جي ملڪن جي نمائندي آهي. پاڻ ايشيائي عورتن جي ايسوسيئيشن Asian Women’s Association جي باني هجڻ جي ناتي سان وڌيڪَ ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. جپان توڙي ايشيا جي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ ستم ۽ جٺن پٺن جي تدارڪ لاءِ سندس ائسوسيئيشن توڙي پاڻ ذاتي طرح ڪوشش ڪري رهي آهي. خاص ڪري ٿائلنڊ جي عورتن لاءِ جيڪي هن جي نظر ۾ تمام گهڻو مظلوم آهن.
    “اڄ ڪلهه توهان ڇا ڪري رهيون آهيو؟” مون پڇيومانس.
    “اڄ ڪلهه آئون پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن سان ئي وڙهي رهي آهيان، جيڪي ٿائلنڊ جي عورت جي ڪمزوري ۽ صبرَ مان ناجائز فائدو وٺي ان کي Exploit ڪري رهيا آهن.”
    هن ٻڌايو ته جپان ۾ اڄ ڪلهه مافيا ٽائيپ ماڻهن ڪيتريون ئي لڪ ڇپ ۾ ايجنسيون ٺاهيون آهن جيڪي، ظاهري طرح ايشيائي ملڪن جي ڇوڪرين کي جپان ۾ صاف سٿرين نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي جعلي پاسپورٽ ۽ ڪوڙين ويزائن تي گهرائين ٿيون. ان بعد کانئن هوٽلن، ڪلبن ۽ پرائيويٽ اڏن تي بار گرلس، اگهاڙن ناچن ۽ رنڊپي جو ڪم ورتو وڃي ٿو. انڪار جي صورت ۾ کين ماريو ڪٽيو وڃي ٿو يا نشي تي رکيو وڃي ٿو. اهي ڇوڪريون جيڪي سوچي سمجھي ان پيشي لاءِ اچن ٿيون ۽ اهو سوچي ته جھٽ پٽ امير ٿي وينديونسين، انهن کي به پورو اجورو ڏيڻ بدران تمام گهٽ پئسا ڏنا وڃن ٿا.
    “سڄي رات لاءِ سندن جسم حاصل ڪرڻ لاءِ جپاني گراهڪ ٽيهه هزار يين (ساڍا چار هزار روپيه) ڏئي ٿو. پر ان مان به هنن کي فقط چوٿو حصو ڏنو وڃي ٿو. باقي پئسو ان جو جپاني دلال ڪوڙي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيئي گهرائڻ جي حساب ۾کائيندو رهي ٿو. جيڪڏهن هو سرهي منهن سان گراهڪ جون گهرجون چڱيءَ طرح پوريون نٿيون ڪن، يا ڪم تي دير سان اچن ٿيون، يا منهن تي مرڪ نٿيون آڻين ته ان تان ٻئي ڏينهن کين ماريو ڪٽيو وڃي ٿو ۽ سندن اجوري جو حصو پتي اڃا به گهٽايو وڃي ٿو.”
    جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي ٺلهي ڊبل روٽي ۽ چانهه به مهانگي آهي اتي سندن حصي ۾ ملندڙ هي پئسا تمام گهٽ آهن. پٺيان مائٽن مٽ کي ڇڏڻ جو کين الڳ ڏک رهي ٿو ۽ وطن واپس ورڻ تي پاڻ سان ڪيتريون ئي Sexually Transmitted Diseases (جماعي بيماريون) کڻيو اچن.
    ان قسم جون ڇوڪريون جيڪي جپان جهڙن ملڪن ۾ غير قانوني طور رهيل آهن، ۽ مرداني حوس جو ڪنهن نه ڪنهن ريت پورائو ڪن ٿيون. انهن ۾ ملائيشيا، فلپين ۽ ٿائلنڊ جون سڀ کان گهڻيون آهن ۽ انهن ۾ وري ٿائي ڇوڪريون سڀ کان وڌيڪَ مظلوم آهن، جو هو بيحد چئيوان ۽ غريب سڀاءَ جون آهن.”
    مونکي ياد آيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملائيشيا جي اخبارن ۾جپان بابت اهڙيون خبرون آيون هيون. ان کانپوءِ ملائيشيا جي حڪومت ملائيشيا جي ڇوڪرين کي جپان ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ سوچي سمجھي قدم کڻڻ لاءِ صلاح ڏني. ملئي ڇوڪرين لاءِ جيڪي مسلمان آهن، بار گرل جهڙي نوڪري ڪرڻ لاءِ بلڪل منع ڪري ڇڏي. باقي ملائيشيا جون چيني انڊين ڇوڪرين هروڀرو بهتر سمجھن ته انهن نوڪرين لاءِ وڃي سگهن ٿيون.
    “توهان ڀلاٻين ملڪن جي ڇوڪرين سان همدردي رکو ٿيون يا رڳو ٿائلنڊ جي ڇوڪرين سان؟” مون کانئس پڇيو.
    “هن وقت گهڻي مصيبت ۾ ٿائي ڇوڪيون آهن، جيڪي گهٽ تعليم، دور دراز ڳوٺن جون ۽ سادي طبيعت واريون هجڻ ڪري ٻاهر جي چالبازين کان اڻ واقف آهن. اهي جپان جهڙن ملڪن ۾ پهچي ڦاسيو وڃن ۽ ڀڄڻ جي واهه نٿي ملين. جيڪي خوش نصيب ظالم جي چنبي مان بچي پنهنجي ملڪ موٽن ٿيون انهن سان سندن حڪومت همدردي ڪرڻ بدران بئنڪاڪ جي هوائي اڏي تي ئي کين ڪوڙي پاسپورٽ جي ڏوهه ۾ جھلي جيل اندر ڪري ٿي. يعني اصل ظالم ۽ ڏوهاري ته وريو وريو بچيو وڃي ۽ سکيو ستابو ويٺو آهي پر هي غريب ۽ مظلوم ڇوڪريون ڦاسيو وڃن. گذريل سال به فقط ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تان چار هزار ڇوڪريون موٽايون ويون، جن مان ٻارهن سؤ کن ٿائي هيون، جن تي ٿائلنڊ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن اسان جي “ايشيائي عورتن جي ائسوسيئيشن” چندا گڏ ڪري انهن عورتن جي قانوني مدد ڪري رهي آهي، جيئن هنن جو ڏوهه معاف ٿئي ۽ کين جيلَ ۽ غلاميءَ کان آزادي ملي. ساڳي وقت هن پاسي جي عورتن کي اڳتي جي جوکائتي زندگي کان اسين واقف ڪري رهيون آهيون، جيئن هو ڪوڙن ايجنٽن معرفت ڦاسي نه پون.”
    “ٿائلنڊ يا ٻين ملڪن مان ڇوڪرين کي ڌتاري وٺي وڃڻ جو ڪم رڳو جپاني ڪري رهيا آهن يا انهن سان ٻيا به شامل آهن؟” مون يايوريءَ کان پڇيو.
    “اهي ڪم بين الاقوامي گئنگون ڪري رهيون آهن، جن ۾ وڏو حصو جپان ۽ جپان کان ٻاهر رهندڙ مافيا ٽائيپ ياڪوزا Yakuza گئنگ جو آهي. ڪجهه ٿائلنڊ جي پوليس ۽ اميگريشن به اندران ئي اندران ساڻن مليل لڳي ٿي.”
    “ڇوڪريون پاڻ، يا سندن مائٽ، ان ڏس ۾ ڇا ٿا ڪن.” مون پڇيومانس.
    “هو مجبور آهن، ٿائلنڊ جي ڳوٺن ۾، خاص ڪري اتراهن ڳوٺن ۾، جتي تمام گهڻي غربت ۽ بي روزگاري آهي، ڳوٺاڻا ويچارا قرضي ٿيل آهن. هنن وٽ پنهنجي اولاد جي پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. پوءِ هو قرض جي ادائگيءَ ۾ پنهنجون ڌيئرون وڪڻن ٿا، جيڪي خريد ڪندڙ مالڪ يا مالڪياڻي وٽ غلام ٿي ڪم ڪن ٿيون. مالڪ کي وڻي ته کين ڪارخاني ۾ ڪم لڳائي. وڻيس ته پنهنجي دوڪان يا گهر ۾ پورهيو ڪرائي. وڻيس ته ڪنهن چڪلي يا مساج پارلر ۾ ڪمائيءَ لاءِ ويهاريس. ٿائلنڊ جي مختلف اڏن تي ڪم ڪندڙ اسي سيڪڙو ڇوڪريون اهڙيون غلام زرخريد ٻانهيون آهن، جيڪي پنهنجي جسم جي ڪمائي پاڻ نه پر پنهنجي آقا کي ڏين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انهن غلام ٿائي ڇوڪرين جا مالڪ، گهڻي پئسي جي لالچ ۾ کين ملائيشيا، سنگاپور يا جپان وڪري لاءِ موڪلين ٿا. ڪي ڇوڪريون پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ جي پرورش لاءِ ٻاهر جي دنيا ۾ اچن ٿيون. ان ۾به ڪيتريون غريب اڻ پڙهيل ڳوٺاڻيون آهن، جيڪي تعليم نه هجڻ ڪري ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ بدران مساج گهرن ۽ چڪلن ۾آيل گراهڪن کي زور ڏين ٿيون يا پنهنجو جسم وڪڻن ٿيون. جيتوڻيڪ ٿائلنڊ هاڻ معاشي طرح بهتر ٿي ويو آهي ۽ حڪومت کي هنن جي باعزت روزگار مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ کپي، پر اها به ماٺ ۾ آهي...... شايد اهو سوچي ته رنڊي بازي بند ڪرائڻ تي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچڻ بند ٿي ويندا ۽ پئسي جي ريل پيل ۾ فرق اچي ويندو.”
    ڇا ايڪانامي جو مدار اخلاق سان آهي؟ اسان جو ٿائي يار مسٽر سووت خونڪٿي، جيڪو هتي جي پارليامينٽ جو ميمبر آهي، تنهن کي هڪ ڏينهن چيم: “ماڻهو توهان (ٻڌن) لاءِ چون ٿا ته توهان جي ملڪ ۾ عورت سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي عيب نٿا سمجھو. گوتم ٻڌ جي چوڻي آهي ته: “هيءَ دنيا تڪليفن ۽ سورن جي دنيا آهي.” ۽ دنيا ۾ جي سور ئي سور آهن ته جيڪي گهڙيون عيش جون ملن، سي عيش ۾ ئي گهارجن! ڪجهه ان فلاسافيءَ تي ئي توهان يقين رکو ٿا. معاف ڪجو! ڪيترن ڌارين ماڻهن جوڳ توهان لاءِ اهو تاثر آهي.”
    “نه اها ڳالهه ناهي. ٿائلنڊ جي ٻڌ ڪلچر ۾ به ان ڳالهه کي غير اخلاقي سمجھيو وڃي ٿو ۽ اسان هرگز نٿا چاهيون ته ٿائلنڊ ۾ ڪا رنڊي بازي هلي پر ملڪ جي معاشي مسئلن ڪري هي خرابيون پيدا ٿيون آهن. امير ماڻهو هر دور جي حڪومت ۾ موج مزا ڪيو ويٺا آهن. غريب ان ئي غربت جي زندگي ۾ رهندو اچي. وچئين طبقي به ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. اهو به ڄڻ اتي ئي بيٺو آهي. ٻه ويلا پيٽ لاءِ ۽ اڇا لٽا پائڻ ۾ ئي سندس پگهار پورو ٿيو وڃي. جيڪڏهن وچيون ۽ هيٺيون طبقو خوشحال ٿي پوي ته هي جسم جو واپار پنهنجو پاڻ مرادو گهٽجي وڃي. جيتوڻيڪ بنهه بند ٿيڻ مشڪل آهي. جپان ۾ به ساڳيا ڪم هئا. ساڳيو حال ڪوريا ۽ تائيوان جو هو. پوءِ جيئن جيئن انهن ملڪن جي ايڪانامي سڌري تيئن تيئن ماڻهن اهي ڌانڌا گهٽائي ڇڏيا.”


    زالَ ۽ ماءُ جو فرق

    ٿائلنڊ جي هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي جنهن مان پڙهندڙن کي ٿائي ماڻهن جي، مختلف ڳالهين بابت سوچَ جي خبر پئجي سگهي ٿي.
    ڪهاڻي هن ريت آهي: هڪ بادشاهه سلامت جي شڪار ڪندي هڪ هاريءَ سان ملاقات ٿي. هن هاريءَ کان سندس خرچَ پکي جو پڇيو.
    “بادشاهه سلامت!” هاريءَ ٻڌايو، “فصل لهڻ تي ڏاندن ۽ گهر جي مسواڙ زميندار کي ڏيڻ بعد جيڪي بچندو آهي ان کي چئن حصن ۾ ورهائيندو آهيان. پهريون حصو زمين ۾ ئي دفن ڪيان. ٻيون حصو قرضين کي ڏيان جيڪي مونتي خرچ ڪندا رهيا، ٽيون حصو درياهه ۾ اڇلايان چوٿون ۽ آخري حصو پنهنجي دشمن جي حوالي ڪريان.”
    “اهو ڪيئن ـــ؟!” بادشاهه تعجب مان هاريءَ کان پڇيو. “سائين منهنجا زمين ۾ دفن ڪرڻ وارا اهي پئسا آهن جيڪي خير خيرات ۾ خرچ ڪريان ٿو ۽ جن جو ثواب ٻئي جهان ۾ حاصل ڪرڻ جي اُميدَ رکان ٿو. جيڪو پئسو ماءُ پيءُ جي دوا درمل ۽ کاڌي پيتي تي استعمال ڪريان ٿو، اهو ڄڻ قرضين حوالي ٿيو. جيڪي، جڏهن آئون ننڍو هوس ته مونتي خرچ ڪندا هئا ۽ مٿن اهو خرچ ڪرڻ منهنجو فرض آهي. درياهه ۾ پئسو اڇلائڻ مان مراد ان خرچڏ سان آهي جيڪو آئون شراب ڪواب ۽ جوا ۾ وڃايان ٿو ۽ آخري حصو جيڪو زالَ حوالي ڪريان ٿو اهو ڄڻ دشمن کي ڏيان ٿو.”
    يعني اهو مٿيون ٿائي هاري، ڪمايل پئسو چئن شين تي خرچ ڪري ٿو: مذهب، ماءُ پيءُ، عياشي ۽ زالَ پٺيان. ماءُ پيءُ ۽ زالَ تي خرچ ڪرڻبابت هن جا خيال بلڪل مختلف آهن. باقي پئسو هن دنيا جي عارضي عيش عشرت ۽ ٻڌ ڌرم جي مستقل سک ۽ سڪون حاصل ڪرڻ پٺيان خرچ ڪري ٿو. مذهب پٺيان ڪيل خرچ هن لاءِ بهتر آئيندي جي ضمانت آهي.
    ٿائلنڊ جي هيءَ جھوني ڪهاڻي اڄ جي ماڊرن ٿائي زندگيءَ جي پڻ گهڻي قدر عڪاسي ڪري ٿي. مدتون گذرڻ بعد به ٿائي همراهه جي سوچ ۽ زندگيءَ ۾ ڪو خاص فرق نه آيو آهي.


    چاچو ڇاٽيڇائي...

    مسٽر ڇاٽيڇائي جنهن کي ٿائي ماڻهو پيار مان انڪل ڇاٽ پڻ سڏين ٿا، آگسٽ 1988ع ۾ ٿائلنڊ جو وزير اعظم چونڊيو. ان کانپوءِ سگهو ئي پاڪستان ۾ به اليڪشن ٿي ۽ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزير اعظم ٿي. ٻنهي جي چونڊ کان اڳ ٻنهي ملڪن ۾ ڏهه يارهن سالن لاءِ ڪا به صحيح طرح اليڪشن نه ٿي هُئي . چاچو ڇاٽ جيڪو شوقين مڙس مڃيو وڃي ٿو هن وقت ستر سالن جو آهي ۽ سندس پرائيم منسٽري مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪو جهڙو تهڙو ليڊر ناهي.
    1976ع کانپوءِ ٿائلنڊ جو هي پهريون چونڊيل وزير اعظم آهي. ان کان اڳ پارليامينٽ يا بغاوت (Coup) ذريعي فوجي جنريلن کي ملڪ جو وزير اعظم بنايو پئي ويو. ڇاٽيڇائي ڇهن سياسي پارين جي گڏيل حڪومت جي اڳواڻي ڪري ٿو.
    ٿائلنڊ جي پرائيم منسٽر ڇاٽيڇائيءَ جو پيءُ مسٽر ڇون هاون آرميءَ جو فيلڊ مارشل هو ۽ پوءِ 1950ع ۾ ٿائلنڊ جو ڊپٽي پرائيم منسٽر پڻ ٿيو. ڇاٽيڇائي پڻ پنهنجي پيءُ وانگر ملٽري ۾ رهڻ بعد سياست ۾ آيو. ملٽري ڪاليج ۽ پوءِ ڪافي عرصو سفارتي عهدن تي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ رهيو. 1974ع ڌاري بئنڪاڪ موٽيو ۽ سياست ۾ حصو ورتو. هيسيتائين هو هيٺين هائوس جو ڇهه دفعه ميمبر چونڊجي چڪو آهي. پاڻ پرڏيهي وزير ۽ انڊسٽريز جو وزير پڻ رهي چڪو آهي. گذريل حڪومت ۾ جڏهن پريم وزير اعظم هو ته پاڻ ان جو ڊپٽي وزير اعظم هو.
    مٿي لکيو اٿم ته پاڻ شوقين مڙس آهي. جو کيس موٽر سائيڪلون هلائڻ، ڊانس ڪرڻ ۽ پولو کيڏڻ جو بيحد گهڻو شوق آهي. هاڻ پرائيم منسٽر ٿيڻ تي اهي ڊگها سگار ڇڪڻ، ڊانسون ڪرڻ ۽ پولو ۽ موٽر سائيڪلون هلائڻ جا سڀ شوقَ ڇڏائي ويا اٿس. ڪجهه جوابدارين ڪري ڪجهه عمر جي تقاضا ڪري. بقول سندس:
    “I am no longer my true self I have to be what the people like”
    (هاڻ صحيح طرح سان اهو نه رهيو آهيان جيڪو آئون هوس. پرائيم منسٽر ٿيڻ بعد مونکي ائين ٿي هلڻو پوي ٿو جيئن منهنجا ماڻهو پسند ڪن ٿا)
    بهرحال راندين جو شوقين چاچو ڇاٽ، ههڙي اهم عهدي تي هن عمر جي باوجود به ڪجهه وقت گولف کيڏڻ لاءِ ڪڍيو وٺي. هينئر چين ۽ ملائيشيا جي دوري تي انهن ملڪن جي اهم ماڻهن سان سياست سان گڏ گولف جو مقابلو پڻ ڪيائين. بئنڪاڪ ۾ هجڻ دوران ملڪ جي اهم نيول آفيسرن سان گڏ ساڻس هڪ تقريب ۾ ڊنر کائڻ جوموقعو مليو. ڊانس ۽ پارٽين جي شوقين پرائيم منسٽر ڇاٽيڇائيءَ ڌارين ملڪن کان آيل اسان جهڙن مئرين انجنيئرن سان چڱي دير چرچي ڀوڳَ واري نموني سان ڳالهائيندو رهيو. موڪلائڻ وقت کلندي پڇيائين:
    “هاڻ ڇا پروگرام آهي.”
    اهو سوال پڇڻ وقت سندس رخ مون ڏي هو. آئون ڪا ورندي ڏيان ان کان اڳ منهنجي ڀر ۾ بيٺل سنگاپور جي هڪ ساٿي انجنير مون ڏي اشارو ڪري چيو:
    “سر! اسان جي هن انجنير جو ڪو طيءِ شده پروگرام ناهي. جو هي “انجنيئر” سان گڏ “ليکڪ” پڻ آهي. ٿي سگهي ٿو هن وقت ڪنهن ڊانسر يا بارگرل کان وڃي انٽرويو وٺي يا ڪنهن سياستدان کان. موڊ ٿئيس ته هوٽل ۾ موٽي وڃي يا رستي تي ڪنهن مسجد يا ٽڪاڻي ۾ ئي ٽڪي پوي.”
    هن محفل ۾ چاچي ڇاٽ کان علاوه ڪجهه ٻين اهم ٿائي شخصيتن جا فوٽو پڻ ڪڍڻ جو موقعو مليو جيڪي هن مضمون سان شامل آهن. پر اهو ڪم ڪتاب جي پبلشر جي موڊَ تي آهي ته هڙ فوٽو ڏئي، يا هڪ ٻه يا هڪڙوبه نه.


    زندگي غَمَ جو درياهه...

    هونءَ گوتم ٻڌ جي ارشادَ موجب زندگي هڪ مصيبت آهي. ٻين لفظن ۾ زندگي ڪنڊن جي سيڄَ آهي. ٿائلنڊ ۾ ته موج مزو لڳو پيو آهي. سمجھه ۾ نٿو اچي ته گوتم ٻڌ جو ان فلسفي پٺيان ڇا حڪم احڪام يا صلاح مشورو هو ته زندگي غم جو درياهه آهي...... ان کي صبر سان برداشت ڪجي! پر بقول اڄ جي ٿائي ماڻهن جي: “زندگي هونءَ ئي ڏکن تڪليفن جي صحرا آهي، تنهن ۾ موج مزي جو جيترو موقعو ملي، ماڻي وٺجي.”
    هڪ منهنجو ٿائي جهازي دوست، جيڪو هر وقت نئين ڇوڪريءَ کي ٻک وجھي پيو هلندو آهي، تنهن کي گوتم جو اهو مٿيون ارشاد ياد ڏياريم. ته هن ٺهه پهه وراڻيو.

    If all life is Suffering, As the Lord Buddha suggests, why not make the most of the moment? And why feel guilt of the pleasures that do not harm our Soul?

    هڪ جهازي يا هڪ ساٽي مهاڻي کان ڀلا ٻئي ڪهڙي جواب جي اميد رکي سگهجي ٿي. پر نه. اهائي ڪجهه فلاسافي آهي جنهن تي هتي جا (ٿائلنڊ جا) گهڻا تڻا ماڻهو عمل ڪن ٿا.


    ٻڌ مت جا ارشاد ۽ ٿائين جو عمل....

    پنج وڏا ارشاد Commandments جيڪي ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن لاءِ ضروري سمجھيا وڃن ٿا، اهي آهن:
    1. ڪنهن جو به ساهه نه ڪڍو. (يعني انسان توڙي جانور يا جيت جڙي کي به نه ماريو).
    2. چوري نه ڪريو.
    3. زنا نه ڪريو.
    4. غير صحيح ڳالهيون نه ڪريو.
    5. نشي کان پاسو ڪريو.
    سڀئي ٿائي ماڻهو انهن حڪمن کان واقف آهن. ٿائلنڊ ۾ سواءِ ٿورن جي باقي سڀ ٿائي ٻڌ مت جا آهن. هر ڪو پيو گڏوچڙ هلي. جيت جڙا ته ٺهيو پر رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون سڀ ڪهيو کايو ويٺا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٿائلنڊ ۾ڪاسائي سڀ مسلمان آهن جيئن هاتيائي هوٽل جي پاڪستاني مالڪ ٻڌايو. پوءِ ڪنهن ٿائي ٻڌ کي کڻي چئه ته چوندو:
    “آئون ته ڪنهن جو ساهه نٿو ڪڍان. مون ته ڪٺل شيءِ خريد ڪئي آهي.”
    يا ڪنهن ٻڌ، ٻائي، ٻانڀڻ، مک کان پڇ ته اهو به چوندو ته اسان جي ڪشتي ۾ خيرات طورجيڪا شيءِ وڌي وڃي ٿي اها کائي شڪر ڪريون ٿا. کاڌي جهڙي شيءِ کي اڇلائي ته نه ڇڏينداسين.
    چوري چڪاري به ٿائلنڊ ۾ هلي پيئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته چور ڌاڙيل گهٽ آهن پر آهن اهڙا جو سندن ڪارڪردگي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ٿائلنڊ دنيا جتي انهن ملڪن مان آهي جي ڏوهن جو تعداد گهڻو آهي ان معاملي ۾ ٿائلنڊ کي سنگاپور يا ملائيشيا جهڙو گهڻو شريف نه سمجھجو. سندن پنهنجا توڙي پرايا بشني ڪاٽڪو گهڻيئي پيا هلن. بس يا ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ لهڻ وقت يا سوڙهين گهٽين بازارين مان لنگهڻ وقت پنهنجي کيسي پاڪيٽ جو خيال ضرور رکجو. ساڳي وقت هوٽل ۾ پڻ پنهنجي پرس، پاسپورٽ ۽ قيمتي شين جو خيال رکڻ ضروري آهي.
    ساڳي وقت دڪانن تان شيءِ شڪل وٺڻ مهل پڻ خبرداريءَ جي ضرورت آهي. دنيا جي مشهور ڪمپنين جا عطر، قميصون، ريڊيا ٽيپ رڪارڊر، پرس، پينون ۽ واچون، ٿائلنڊ ۾ سستي اگهه تي ملن ٿا پر گهڻو تڻو مال نقلي آهي. جيسيتائين پئسو توهان جي کيسي ۾ آهي سنڌي هندو ۽ پاڪستاني پٺاڻ کان وٺي ٿائي ٻڌ، چيني يا سک دڪاندار توهان جو سڄڻ آهي. توهان تي ساهه پيو صدقو ڪندو. ڪو دڪاندار ساڳي مذهب جا ناتا جوڙيندو ته ڪو ساڳي زبان ذريعي توهان سان دوستي ياري ڳنڍيندو. شامَ جي ماني ساڻس گڏ کائڻ جي دعوت ڏيندو. سندس گهر/اوطاقَ ۾ ٽڪي پوڻ جي سکڻي صلاح ڪندو. هڪ دفعو توهان جو گيدو خالي ٿي ويو ته پوءِ توهان وائڙا ۽ واندا واندا محسوس ڪندائو باقي سڄو جڳ اهڙو مشغول ايندانوَ جو توهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به کين پنج منٽ نه هوندا.


    ٿائلنڊ ويندڙن لاءِ ڪجهه ڳالهيون ....

    ٿائلنڊ ۾ ملڪ جي موجوده بادشاه، گوتم ٻڌ جي پتلن ۽ ٻڌ بکشوئن (Monks) جي بيحد گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي. انهن خلاف ڪا به ڳالهه نه ڪجي ۽ نه ٻڌجي. ويندي اخبار ۾ آيل تصويرن جو به خيال ڪجي جن ۾ مٿين شين جا فوٽا هجن.
    ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويهڻ ايترو خراب نٿو سمجھيو وڃي پر توهان جي پير يا بوٽ جو ترو ڀر ۾ ويٺل ماڻهو ڏي آهي ته اها بيحد خراب ڳالهه سمجيوڃي ٿي.
    ڪنهن به ماڻهوءَ ڏي آڱر سان اشارو ڪرڻ کي بي عزتي سمجھيو وڃي ٿو.
    ٻئي جي گلا يا طعنو ٽوڪَ ڪرڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. ٿائي ماڻهو تعريف مان تمام گهڻو خوش ٿين ٿا.
    ڪنهن جي به وارن کي يا مٿي تي هٿ نه لاهجي. اپاڪي هٿ لڳي وڃي ته يڪدم “ايڪسڪيوز ـــ مي” چئي معافي وٺجي.
    ٿائلنڊ ۾ عورت ذات کي ناپاڪ سمجھيو وڃي ٿو. خاص ڪري ٻڌ ٻائو (Monks) عورت جي پاڇي کان به ونءُ وڃي ٿو. عورت جو هٿ لڳڻ تي هو پاڻ کي پليت سمجھي ٿو. ان ڪري عورتن کي ٻاون، بکشوئن اڳيان لنگهڻ وقت خيال رکڻ کپي.
    ٿائلنڊ جا ڪيترا ڌوٻي، عورتن جا اندريان ڪپڙا: گنجيون، ڪڇا، پيٽي ڪوٽ ڌوئڻ کان انڪار ڪن ٿا.
    مندرن توڙيگهرن ۾ بوٽ لاهي گهڙجي. هي رواج ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن: جپان، ڪوريا، ملائيشيا، سنگاپور وغيره ۾ پڻ عام آهي.
    ڪا به شيءِ ٻئي کي اڇلي ڏيڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو.
    اُٻهري ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ کي خراب ۽ غير مهذب سمجھيو وڃي ٿو.
    شاهي خاندان جي هتي تمام گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي. سئنيما ۾ بادشاهه يا سندس خاندان جي تصوير ڏيکارڻ ۽ قومي ترانو وڄڻ وقت اٿي بيهجي.
    ٿائي ماڻهن جو عام کاڌو چانور آهي. چانور هن پاسي جي ملڪن ۾ پوڄا جو درجو رکن ٿا ـــ اهو چانور ئي آهي جنهن کي حاصل ڪري، پيٽ جي پورائي ڪرڻ لاءِ هر ڪو پورهيو ڪري ٿو. ڪنهن به ٿائيءَ جي موجودگيءَ ۾ بچيل ڀت يا چانور جا داڻا هرگز نه اڇلائجن.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259758
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ