ڪتاب جو نالو: سنڌين جي فوجي مهارت
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: موهن جو دڙو پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1102 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 328 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هي اهم ڪتاب ”سنڌين جي فوجي مهارت“ نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي جيئن هو ان ڳالهين کان واقف ٿئي ته سنڌ جي جوڌن هر دور ۾ ڪيئن نه ڌرتيءَ مٿان پاڻ قربان ڪيو آهي. سنڌين ڪيئن ڌارين سان مهاڏا اٽڪائي سکي سنڌ کي بچائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • اڳياڙي
  • • دراوڙن جو دور
  • • آرين جو دور
  • • مھاڀارت ۽ رامائڻ جو دور
  • • سنڌي فوجي ڏيساور ۾
  • • سڪندر جو دور
  • • موريا گھراڻي جو دور
  • • راءِ گھراڻي جو دور
  • • برھمڻ گھراڻي جو دور
  • • عربن جو دور
  • • دھليءَ جي مرڪزيت وارو دور
  • • سومرن جو دور
  • • سمن جو دور
  • • ارغون ۽ ترخان گھراڻن جو دور
  • • مغلن جو دور
  • • ڪلھوڙن جو دور
  • • ٽالپرن جو دور
  • • انگريزن جو دور
  • • پاڪستان جو دور
  • • پَڇاڙي

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (134) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هي اهم ڪتاب ”سنڌين جي فوجي مهارت“ نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي جيئن هو ان ڳالهين کان واقف ٿئي ته سنڌ جي جوڌن هر دور ۾ ڪيئن نه ڌرتيءَ مٿان پاڻ قربان ڪيو آهي. سنڌين ڪيئن ڌارين سان مهاڏا اٽڪائي سکي سنڌ کي بچائڻ جي جدوجهد ڪئي آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون سوڀيدري سان تعلق رکندڙ علم ۽ ادب دوست شخصيت سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • اڳياڙي

    اسانجي سون ورني سنڌ سونھاري، سرسبز، سائو ستابو، شاداب ۽ آباد علائقو آھي. زرخيز زمين ۾ سدا بھار سايون پوکون ٿين ٿيون. ڊگھن ۽ گھاٽن ٻيلن ۽ باغن ۾ مٺيون مٺيون لاتيون لنوندڙ پکي ۽ ڪمائتا جانور ٿين ٿا. ميو متو مھراڻ آب حيات بڻجي ھتان جي رھواسين جي زندگيءَ کي زندھ جاويد بڻائي ڇڏي ٿو. مال لاءِ درياھه جي ڪَچي ۾ چارو اڪيچار ٿئي ٿو. کير ۽ مکڻ، ڏُڌ ۽ ڏھي، ڪڻڪ ۽ ٻاجھر، ساريون ۽ چڻا، تِتر ۽ آڙيون، سنڌين جي جان ۽ جسم کي، سرير ۽ بدن کي مضبوط ۽ طاقتور بڻائين ٿا. ھو تندرست، صحتمند، تازا توانا ۽ تنومند رھن ٿا. منھنجي ملڪ جا مارو اصل کان ئي سادا سودا، سھڻا سياڻا، سلڇڻا ۽ سوڀياوان، سادگي ۽ سچائي، مھر ۽ وفا جا پُتلا آھن. ڪفايت شعار، سانگ سرفي وارا، آئي ويل ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ وارا، اؤکيءَ ويل ۾ سِر ڏيڻ وارا، مھمان نواز، باغيرت، باھمت، بھادر ۽ دلير آھن. سنڌي ثقافت، جيڪا ھيٺئين عناصر جو مجموعو آھي، تنھن کي ايامن لاڪو سانڍيندا اچن- مھمان نوازي، ڪشاده دلي، دوستيءَ ۾ وفاداري، سُخن جي سچائي، غيرت، حياءُ ۽ حجاب، پاڙي جي لڄ، در آئي خون بخشي ڇڏڻ، سامُن تي سِر ڏيڻ، ھمت، توڪل، محنت ڪشي، الله تعاليٰ تي ڀروسو رکڻ، پنھنجن کَٿن ۽ لوين، پَسين، پيرُن، کَٻڙن ۽ کنياتن تي فخر ڪرڻ ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ پراون پَٽن، پٽيھرن، ٻوڙن، پلاون، باغن ۽ بلبلن کي تڇ ڀانئڻ – ھنن سڀني شين مان جيڪا خاص خوبي ۽ گُڻ، سنڌ واسين کي دنيا جي ٻين قومن کان ممتاز ۽ منفرد حيثيت بخشي ٿي، سا آھي حُب الوطني، ساڻيھ جي سِڪ ۽ جنم ڀوميءَ سان محبت، وطن عزيز جي عزت ۽ سرخروئي، بلندي ۽ بھتري جو اونو کين ھر گھڙي ھوندو آھي. حبِ وطن سندن جان جي رڳ رڳ ۽ نَس نَس ۾ سمايل آھي. ملڪ ۽ ملت جي خدمت لاءِ تَن مَن ۽ ڌَن قربان ڪرڻ سندن شيوو آھي.
    ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي شريف جذبي جو بنياد نيت جي صفائي، خلوص ۽ ايثار جي اصولن تي آھي. ۽ سنڌ جي باشندن ۾ اھڙا ھڪ نه، ٻه نه، پر لکين فردَ ملندا جن پنھنجي وطن ۽ قوم جي خدمت ۽ سالميت لاءِ ھر طاغوتي طاقت سان ٽَڪر کائيندي، لال لھو وھائيندي، ڪال ڪوٺڙين ۾ ھَڏ ٽوڙ سزائون سھندي، آل اولاد جون دربدرون سَٺيندي، اشتھا ۽ پياس جا ڏولاوا برداشت ڪندي، جسماني ۽ ذھني عذاب کِلندي سيني سان لاتا. سنڌ جي انھن مرد مجاھدن ايثار ۽ قرباني جا جيڪي اڻ مٽ نقش ڇڏيا، اھي اسان جي ماضيءَ جا شاندار روشن قنديل آھن.
    تاريخ شاھد آھي ته جُڳن کان وٺي سنڌ تي حملا ٿيندا پئي رھيا آھن پر مادرِ وطن جي جوڌن ۽ سورھيه پُٽن انھن لُٽيرن ۽ عالمي درندن جو جھڙي طرح مقابلو ڪيو آھي، تن کين ھڪ فوجي قوم ۽ جنگي جوڌو بڻائي ڇڏيو آھي. ھونئن به ھن ڌرتيءَ جا رھواسي بھادر، جانٺا ۽ پھلوان رھيا آھن آڳاٽي وقت کان ئي سنڌ ۾ پھلوانيءَ جو دور دوره ھو. پھلوانن جو شان شوڪت جاري ھو. جنگ ۾ بھادري ۽ جرئت، جسماني زور ۽ طاقت، کيڏ ۽ راند ۾ قوت ۽ ڪسرت سنڌ ۾ مکيه ڪرتب ڪري شمار پئي ڪيا ويا آھن. ھڪڙا پنجاھيا پھلوان ھئا، جي ھڪئي سِر پنجاھه ڄڻن جو مقابلو ڪندا ھئا ته ٻيا ڏھيسر ھئا، جيڪي ڏھن جا مَٽ ھئا. جسماني زور ۽ طاقت ۾ ھڪڙا اڍائي ونگ ورنھ ھئا، جيڪي پنھنجن ڊگھن وارن کي، ھٿ تي اڍائي وڪڙ ڏيئي، زور ڏيندا ھئا ته وارن، ۾ پيل تيل ٽِمي پوندو ھو ته ٻين ڌڱ مڙسن وري پاڻ کي لوھه مروڙ ٿي چوايو- (ملھ ۽ ملاکڙا – ڊاڪٽر بلوچ صاحب – مھراڻ سالگرھه نمبر 1961ع) سندن انھيءَ پھلواني ۽ زور ھن قوم کي به جنگي جوڌو بڻائي ڇڏيو. سنڌين جي شجاعت ۽ سورھيائيءَ جا قِصا، ڏينھن کان جَڳ مشھور آھن. جيئن ته جين ڊڪشنه چيھنه لکي ٿو ته – ”سنڌي ٺاھوڪا، سھڻي ٽِلندڙ ٽور وارا، راڳ ناچ جا شوقين ۽ ساڻيھ تان سِر گھوريندڙ آھن-“ (سنڌ صدين کان – ممتاز مرزا ص نمبر 162)
    ھِت ھن ڳالھ کي به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌي عوام جا پيشوا ۽ اڳواڻ، سردار ۽ رھنما خود سورھيه، سخي ۽ سچا ھئا. سورھيائي، سخاوت ۽ سچائي سندن قومي اخلاق جون نمايان خصوصيتون ھيون. ھو قومي ۽ ذھني آزاديءَ جا علمبردار ھئا. جي حاڪم ھئا ته غيرتمند ۽ عادل ھئا. ھو پنھنجن پاڙن ۽ رعيت سان پورا وفادار ۽ سچا ھئا. اھڙي بلند اخلاق ۽ قومي روايات کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪڏھن کين وقت به وقت قرباني جي ضرورت سامھون آئي ته جرئت ۽ مردانگي، ھمت ۽ حوصلي، سرويچي ۽ سورھيائي سندن طبع جا فطري جُزا بڻجي ويا. اھلِ سنڌ جي انھيءَ جرئت ۽ بھادريءَ جا بنيادي ڪارڻ قومي آزادي، قبائلي عزت، پاڙيسريءَ جي مدد، پنھنجن سردارن، پڳدارن ۽ دوستن سان وفاداري، خانداني ننگ و ناموس ۽ شخصي غيرت جا جذبات موجود آھن. انھن مڙني جذبن ۾ وطن جي محبت ۽ قومي آزاديءَ جو جذبو سنڌ واسين جي لنؤن لنؤن ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل آھي، جنھن جي خاطر، ھنن تاريخ جي ھر دور ۾، وڏيون وڏيون جنگيون لڙيون ۽ قربانيون ڏنيون. سنڌي نه صرف ماحول جي وسعتن تي اثر انداز ٿيا پر تاريخ جو پنو گواھه آھي ته اڪثر وقت گير انقلابن جو آغاز به ھِن سرزمين تان ٿيو. (سماھي مھراڻ – سوانح نمبر 1957 – ص 234) نه صرف ھنن پنھنجي ديس جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي غيرت لاءِ ڌارين سان لڙايون لڙيون پر ڪيترن پاڙيسري ملڪن ۽ يار قومن سان ڪلھو ڪُلھي ۾ ملائي، سندن ھر طرح ملڪ جي سالميت ۽ لَڄن جي حفاظت ڪري، دوستي، خلوص ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جي رنگين اصولن کي زندھه جاويد بڻائي ڇڏيو. اھوئي سبب آھي جو سندن حب الوطني، جذبئه آزادي، ھمت ۽ مردانگي، سورھيائي ۽ سچائي جي شاندار روايتن کي دنيا جي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو ويو آھي.
    اڳين صفحن ۾ سنڌين جي انھن عظيم ڪار گذارين جو تاريخ وار جائزو پيش ڪجي ٿو


    • دراوڙن جو دور

    تاريخ ۾ سنڌي قوم مان، جن پھرين فردن سِر قربان ڪيا ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڪُڏي، سِر تريءَ تي رکي، ملڪ ۽ ملت جي آزادي ۽ سالميت لاءِ قربانيون ڏنيون تن مان دراوڙن جو نالو سرِ فھرست آھي.
    دراوڙ سنڌ جا اصلي باشندا ھئا ۽ سنڌ جي اولين تھذيب ۽ تمدن جا امين ھئا. موھن جي دڙي ۽ ھڙاپا جي عظيم تھذيب جا باني ھو ئي ھئا. ايس – وي ونڪٽ سوسيرا لکي ٿو ته ”دراوڙي قبيلا، ٻاھران سمنڊ رستي يا خيبر لڪ جي راھه کان، ھن ملڪ ۾ داخل ڪونه ٿيا ھئا، پر ھي ماڻھو اصلي ھتي جا ئي رھاڪو ھئا ۽ سندن خمير ھن ئي ڌرتيءَ جي مِٽيءَ مان ھو“- (بحوالہ سنڌ جي طِبي تاريخ ج اول- نياز ھمايوني ص 50)
    دراوڙن صنعتي، تجارتي ۽ زرعي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي. ھي ماڻھو نھايت ئي سُڌريل ھئا. ڌاتو استعمال ۾ آندو ھئائون ۽ خاص طور ٽامي مان ھٿيار ٺاھيندا ھئا. ان ڪري تاريخ ۾ ھن دور کي (Copper Age) ”ٽامي جو دور“ چئجي ٿو. ھو سون ۽ چانديءَ جا زيور به ٺاھي پھريندا ھئا ۽ ٽامي جا سِڪا به ٺاھيا ھئائون. جايون ٺاھي انھن ۾ رھندا ھئا ۽ حفاظت جي خاطر، چوڌاري قلعا ٺاھيندا ھئا. ھو جھاز راني جا ماھر ھئا ۽ تجارت جي مقصد سان، سمنڊن ۾ جھازن ذريعي سفر ڪندا ھئا. اھي لکڻ به ڄاڻندا ھئا ۽ انھن جي ٻولي، علم و ادب خوب ترقي ڪئي. دراوڙن جي ھي عظيم، تھذيب اڍائي يا ٽي ھزار سال قبل مسيح جي درمياني عرصي ۾ پکڙي- ھو پڪن گھرن ۾ رھندا ھئا. ڪڻڪ، ڪپھ، جَون ۽ چانورن جون پوکون ڪندا ھئا. سون، چاندي، ٽامي، ڪانسي جي زيورن ٺاھڻ کانسواءِ زردوزي ۽ ڀرٿ ڀرڻ ۾ ڪاريگر ھئا. دراوڙ اھڙو ته سنھو ڪپڙو تيار ڪندا ھئا جو سڄو تاڪيو، ڇَلي مان ٽپي ويندو ھو. ھِن ڪپڙي جي مصر، بابل ۽ يورپ ۾ وڏي طلب ھوندي ھئي.
    دراوڙن جو رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو ۽ قدري گھنڊيدار، ڪاريون اکيون ۽ قد ۾ بِندرا ھئا. سنڌ جي ھنن اصلي رھاڪن تي آرين ڪاھه ڪئي. ان دور ۾ دراوڙن جا قبيلا ھي ھئا. (1) ليبيسا (2) ڌني (3) چوموري (4) پيپرو (5) ورچين ۽ (6) سمبارا – آرين جي اچڻ وقت دراوڙ، جنگي فن ۾ به مھارت حاصل ڪري چڪا ھئا. وٽن مضبوط قلعا ھئا، جيڪي دفاع جي لاءِ ڪم آڻيندا ھئا. انھن کي پورا چئبو ھو. اُھي مٽي يا پٿر جا بند ھئا، جيڪي ھنن آبڪلاڻي کي روڪڻ لاءِ پنھنجي شھرن کي ڏنا ھئا. رگويد ۾ انھن بندن ۽ قلعن کي شردي يعني موسمي قلعا ڪوٺيو ويو آھي. (آرياڻي شاعري ۽ قديم سنڌ- محرم خان- سه ماھي مھراڻ 1967)
    آرين کان گھڻو اڳ ھندوستان جي ڪن راجائن دراوڙن تي حملا ڪيا. جن ۾ ديو سروا ۽ ديواواتا راجا قابل ذڪر آھن. تراسا داسيو جيڪو پوروڪوٽس جو پٽ ھو سو دراوڙن جو سخت ويري ھو. ھن سمورو وقت سنڌ جي قديم رھاڪن سان وڙھندي گذاريو. دراوڙن خلاف يورو قبيلي ڀارتين جي مدد ڪئي. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 40) پر ڀارتي راجا نه سنڌ تي قبضو ڪري سگھيا، نه وري دراوڙن کي ماري مڃائي پنھنجو غلام ڪري سگھيا. پر آرين دراوڙن سان مسلسل جنگيون جوٽيون ۽ کين ماري مڃايو. سنڌ جي ھنن رھاڪن جھڙي طرح آرين سان بھادري ۽ دليري سان مقابلو ڪيو، اھو ثابت ڪري ٿو ته ھي ماڻھو ڪيڏا نه بھادر ۽ فوجي تربيت يافته ھئا. ھنن آرين سان خوب چڪريون کاڌيون- آرين جو ھڪ بھترين سپھ سالار اِندر ھو، جيڪو ھر جنگ ۾ مقامي ماڻھن سان وڙھڻ لاءِ آرين جي فوج جي اڳواڻي ڪندو ھو. پر سنڌي جوڌا، کانئس قطعاً نه ڊڄندا ھئا، ۽ ساڻس جنگيون ڪندا آيا. آرين جو ھڪ رشي لکي ٿو ته- ”ٽي ھزار ورسي ونت (سنڌي سپاھي) جنگي لباس ڍڪي، پنھنجو بدن ويڙھي، پاڻ ۾ پڪي صلاح ۽ ٻَڌي ڪري، يوياوتي وٽ گڏ ٿيا، پر اِندر جي تيرن تن کي تباھه ڪري موت جي گود ۾ ليٽائي ڇڏيو. ان ھوندي به سنڌين آڻ نه مڃي. وروسين قبيلي مان ھڪ دراوڙ جوڌو نڪري نروار ٿيو، جنھن جو نالو واسو ديو ھو. ھو انگيرس جو ٻالڪو ھو. ھن اِندر سان ايڏو ته سخت مقابلو ڪيو جو آرين جو ھي سپھ سالار شڪست کائي ڀڄي ويو.
    ان دور ۾ ٽيھارو کن سنڌي سردار پنھنجي ديس تان قربان ٿيا ۽ ڪيترائي ڪونڌر ڪُسي ويا. سنڌ مان توشٽا ۽ پرترڌن ٻه غدار پيدا ٿيا جن اِندر سان وڃي ياراڻي ڳنڍي- توشٽا، اِندر کي ھڪ ڳجھو ھٿيار ”وجر“ ڏنو، (جيڪو خالص سنڌي ھو) انھيءَ بجليءَ واري ھٿيار سان اِندر ڪئين قلعا ۽ شھر ساڙي ناس ڪري ڇڏيا. ان کانسواءِ ڪيترائي وڏيرا به آرين سان سَنمک ٿي ھڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻ وٺڻ لڳا.
    انھن غدار سنڌين جون سخائون رگ ويد ۾ آرين ھينئن ڪيون- ”سنڌونديءَ جي ڪپ تي رھندڙ، ھڪڙو وڏو پٽيل جنھن کي پنھنجي نالي ڪڍائڻ جي وڏي سَڌ ھوندي ھئي، تنھن اِندر کي املھ سوکڙيون ڏيئي، پنھنجي اڻ مٽندڙ واکاڻ اُڀ تائين اسرائي ڇڏي“ (آرياڻي شاعري ۽ قديم سنڌ- سه ماھي مھراڻ 4/1967ع) انھن وطن جي ويرين ۽ پاڻ وڻائيندڙن جي موجودگي ۾ به سنڌين، آرين جو جنھن بھادري ۽ جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، تن جو مؤرخن دل کولي داد ڏنو آھي. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو ته ”سنڌو ماٿر جي قديم رھاڪن، آرين کي پنھنجي ملڪ ۾ پير کوڙڻ نٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون ھئائون. انھن چڪرين کائيندي ھزارين اڻ آريا لوڪ مارجي ويا. ڪن اڻ آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناھه ورتي، جتان پوءِ وجھ وٺي، آرين تي ڪاھي ايندا ھئا. منجھن قربانيءَ جو انگ جھجھو ھو ۽ ديس ڀڳتي ھين. پنھنجي ديس جي بچاءِ خاطر، پنھنجو سِر تريءَ تي رکي، انت گھڙيءَ تائين آرين سان لڙيا“- (قديم سنڌ- ص نمبر 153) جناب نياز ھمايوني لکي ٿو ته ”دراوڙن آرين سان سخت مقابلا ڪيا ۽ ھنن کين جيڪا توڻي تپائي ڏني، تنھن جي موٽ ۾ کين اڻ آريو، ۽ ديئت ڪوٺيو ويو. ھوڏانھن اھي ئي اڻ آريا کانئن وڌيڪ سڌريل ھئا“- (سنڌ جي طِبي تاريخ- ج اول ص نمبر 96)
    ھي دستور آھي ته حاڪم قوم کڻي ڪيڏي به وحشي، اڻ سڌريل ۽ ظالم ھجي پر اھا محڪوم قوم تي رعب ضرور رکندي آھي ۽ ان کي جاھل، ڄَٽ ۽ بيوقوف سڏيندي آھي. آرين به پنھنجي ڀرم کي لڪائڻ خاطر دراوڙن کي اسر، دئت، دانو، راڪاس، اڻ آريا ۽ ٻيا اُگرا نالا ڏنا. ھنن کين ڪرشڻ (ڪارو) داس ۽ دسيو سڏيو. حالانڪ اھي دراوڙ کانئن قابل ۽ ماھر ھئا. مسز ماني شاھوڪار لکي ٿي ته ”آرين جي سنڌو ماٿر ۾ اچڻ کان اڳ، دراوڙ، داس ۽ ٻيون پراڻيون ڏيھي قومون، علوم ۽ فنون جي وڏي عروج تي پھتل ھيون-“ پر ھنن ظالمن جي اچڻ سان، ڪسابن کان قائم ٿيل، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي جوڙجڪ درھم برھم ٿي ويئي. گھرن ۽ شھرن ۾ آڏڻ جو ھنر ھزارن سالن تائين وري نه اسريو ۽ کيتيءَ جو ڌنڌو به ڪجھ صدين تائين ڊانوان ڊول ٿي ويو. آرين دراوڙن کي ھولناڪ سزائون ڏنيون، جھڙوڪ: جيئري باھه ۾ ساڙڻ، انھن جي خاص عضون کي بيڪار ڪرڻ، انھن کي درندن ۽ خونخوار جانورن کان ڦاڙائڻ، کين جانورن جي کَل ۾ سبائڻ ۽ کين ٻارن ٻچن سميت ذبح ڪيو. حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”آرين درواڙن جي ٻوليءَ کي 'مير ڌرا واڇا' نالو ڏنو ۽ کين ڌڪار مان 'اناسہ' يعني نڪ ڦٽا سڏڻ لڳا. اھڙي دشمني، نفرت ۽ ڌڪار ھوندي به ھو آڳاٽن درواڙن کي صفحئه ھستي تان مِٽائي نه سگھيا.“ پروشاسوڪتا وارا اشعار ۾ اھو ڏيکاريل آھي ته آريا قومن پھريون دفعو، سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن تي شودرا يعني نيچ قوم نالو رکيو ھو. اھي آرين جي صاحبي اندر سماجي طور غلام شمار ٿيڻ لڳا- (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 41)
    آرين سنڌ جي پر امن سماج ۽ برادرانه سماج ۾ ذات پات جو رواج وجھي، ھتان جي عوام کي پنھنجو خادم بڻائي ذات پات جي طلسمي شڪنجن ۾، اھڙي طرح ڦاسايو جو ھو، انسانيت جي شرف کان محروم رھيا، ھنن ھٿرادو ڌرمي قانون ٺاھي عوام کي مجبور ۽ محڪوم بڻائي ڇڏيو. منوسمرتي موجب ”شودر ماڻھو سوئر ۽ ڪُتي مثل آھن، ان ڪري جڏھن برھمڻ کاڌو کائي ته شودر اھڙي ھنڌ ويھي جو برھمڻ جي مٿس نظر نه پئجي سگھي.“ ٻيو فقرو آھي ته ”جيڪو شخص شودر کي مذھب ۽ عبادت جو سبق ڏئي ٿو اھو شودر سميت دوزخ جو ٻارڻ بڻبو، ڪنھن شودر کي اھو حق نه آھي ته اھو لِکڻ جو خيال به دل ۾ آڻي. جيڪڏھن ڪو شودر لڪي ڪٿي ويد جو ڪو لفظ ٻڌي وٺي ته، ان کي ڪَنن ۾ شيھو پگھاري وجھو“- (تاريخ انقلابات عالم- (اردو) ڀاڱو اول ص نمبر 85) آرين جي ھن تنگ نظري، ٻيائي ۽ تعصب ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پھتو ۽ ڊي- سي سين جي لفظن ۾- ”ذات پات جو مت ڀيد ھڪ انسان کي ٻئي انسان کان دور ڪندو رھيو. سماج جو ھيٺيون طبقو اوچي طبقي جي استبداد جي چڪيءَ ۾ پيسجي رھيو ھو ۽ مٿس علم جو دروازو بند رھيو“-
    مطلب ته دراوڙن، وطن جي سالميت ۽ بقاءَ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ ھڪ با صلاحيت جنگجو قوم وانگر مقابلا ڪيا.
    *


    • آرين جو دور

    آريا ھڪ ظالم ترين ۽ خونخوار قوم ھئي، جيڪا سنڌ جي سرزمين تي الاھي غذاب بڻجي نازل ٿي. آريا لفظ جي معنيٰ آھي رولو ۽ ڀٽڪندڙ- ھنن کي گھر ٺاھي، ٿانيڪو ٿي ويھڻ نه ايندو ھو. پنھنجي لڏ پلاڻ لاءِ چوندا ھئا ته اسين پنھنجي جاءِ به جَوءِ وانگر پاڻ سان گڏ وٺيو پيا ھلون. سندن اصل وطن، خزر جي سمنڊ کان وٺي پروشيا ۽ ڪريميا وارو ميدان ھو، جتي سندن رولو قبيلا چوپائي مال جي ڌڻن سان، چراگاھن جي تلاش ۾ گشت ڪندا رھندا ھئا. سنڌ ۾ ھيءَ ڦورو قوم عيسوي سَن کان سورھن صديون اڳ وچ ايشيا مان ڀٽڪندا ڀٽڪندا، ايران ۽ بلوچستان جي پھاڙي لَڪن مان لنگھي موھن جي دڙي ۽ ھڙپا مٿان اچي ڪڙڪيا- (آرياڻي شاعري ۽ قديم سنڌ- سه ماھي مھراڻ- 4/1967ع) سنڌ جي زرخيزي، سرسبزي ۽ شادابي ڏسي ھنن ھتي رھڻ کي ترجيح ڏني. پر ھتان جي رھواسين ساڻن سخت مقابلا ڪيا. آخر آرين پاڻ کي ھتان جي زمين سان وابسته ڪرڻ شروع ڪيو- ۽ فاتح ۽ مفتوح درميان ناتن ۽ رشتن استوار ڪرڻ جو آغاز ٿيو ۽ غير آريائي تھذيب اسرڻ لڳي. پروفيسر گوس واسي لکي ٿو ته- ”آرين ۽ مقامي ماڻھن جو ھڪ ٻئي سان ميلاپ ۽ شادين مرادين جو سلسلو عام ٿيڻ ڪري ڪيترائي اڻ آريا قبيلا ۽ غير آريائي قومون به آريائي قومن ۾ گڏجي سڏجي ويون. آرين ۽ ديسي ماڻھن جي اھڙي ميل ميلاپ مان ھڪڙي نئين تھذيب اسرڻ لڳي.“ (بحواله سه ماھي مھراڻ- 4/ 1967ع) دراوڙي تھذيب جو آريائي تھذيب تي به وڏو اثر پيو. پر خاص ڳالھ ته سنڌ جي عسڪري نظام پختگي حاصل ڪئي. آريا جيڪي ھن زمين تي اچي ھتان جا ٿي ويا. سنڌ کي ماتر ڀومي سنڌ ۽ جيجل ماتا سمجھڻ لڳا. تن درواڙن سان گڏجي سنڌ جي بقا، آزادي ۽ سالميت لاءِ به اڳوڻن رھاڪن وانگر سِرن جي سودن ڪرڻ جا عزم ڪيا.
    آريا ھڪ جنگجو قوم ھئا. سندن فوجي نظام ۽ وڙھڻ جو طريقو انوکو ھو. ھنن جنگ جو ھڪ ڌار شعبو قائم ڪيو ۽ اھو ڪم ڇتري (کتري) جي حوالي ڪيو. مگر ھر ذات وارو تربيت يافته ھو. رشِين ۽ برھمڻن جو گھڻو ڌيان ڌرمي ڳالھين ڏي ھوندو ھو ته به ھٿيارن ھلائڻ ۾ ڀڙ ھوندا ھئا. فوجن ۾ زرعي پيشه ور ۽ ھنرمند ڀرتي ڪيا ويندا ھئا، سنڌ جا راجا پاڻ لشڪر وٺي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندا ھئا. ان وقت ڪمانڊر به مقرر ڪيا ويندا ھئا، جن کي سيناپتي چئبو ھو.. ننڍي فوجي عملدار کي گراماني چوندا ھئا. يروھتا ڪٽنبن جا برھمڻ جنگين جي نگراني ڪندا ھئا، جن کي وڏا برھمڻ پنھنجي طرفان، جنگين ۾ موڪليندا ھئا. برھمڻن جا ايجنٽ پروھت، جنگ جي ميدان ۾ راجائن جي سوڀ لاءِ پرارٿنائون ڪندا ھئا. (قديم سنڌ- ڀيرومل آڏاوڻي ص نمبر 224) لشڪر سان پروھت ھم رڪاب ھوندا ھئا. راجائون ۽ امير کشتري سادن رَٿن تي سواري ڪندا ھئا.
    رَٿن جي کاٻي پاسي کان، فوجي ھلندا ھئا، رَٿن ھلائڻ وارا تجربيڪار ھئا. پيادا دوبدو لڙندا ھئا. مگر ھٿيار وٽن تير ڪمان ھئا ۽ ڪمانن کي ھو ڪَن تائين ڇڪيندا ھئا. تير ڪمانن کان سواءِ نيزن، ڀالن، ترارن، ڪھاڙين ۽ کانڀاڻين وسيلي پٿرن اڇلائڻ جو به ڏَس ملي ٿو. سپاھي زرھون ۽ خود ٻانھن تي غلاف به چاڙھيندا ھئا. تِير ڪانن جا ھئا، جن جو نوڪون سِڱن يا ڪنھن ڌاتوءَ جون جڙيل ھيون. ڪن ڪن موقعن تي، زھرناڪ تِير به استعمال ڪندا ھئا. جنگيون درياءَ جي ڪَپن تي لڳنديون ھيون. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 51) جنگي جوڌا مخالف ڌر جي پٺيان جوش منجھان ڪاھي پوندا ھئا. جڌ مھل، سورھيه سپاھي پنھنجا جھنڊا کڙا ڪندا ھئا. جنگ شروع ڪرڻ مھل ڀيريون يا نغارا وڄائيندا ھئا ته پريان ئي سُڌ پوندي ھئي ته ھاڻي جنگ لڳي ٿي. جنھن مھل ڌوم مان ڌمالون وڄنديون ھيون، تنھن وقت مانجھي مڙس، شور مچائي، تِکا تِير کڻي، جنگ جي ميدان ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ سندن شور پرانھن پَٽن ۾ پڙاڏا پيو ڪندو ھو. اوڏي مھل سارٿي، پنھنجا رَٿ تڪڙا تڪڙا ڪاھي، ناھموار پَٽن تان به ائين تِکا ويندا ھئا، جيئن ندين جو پاڻي ڪنھن وڏي لاھه تان لھي، تڪڙو تڪڙو وھندو آھي. پنھنجن گھوڙن جون واڳون، ٻنھي ھٿن ۾ قابو جھلي، دشمنن تي ائين وڃي پوندا ھئا، جيئن باز ڪنھن شڪار کي وڃي جھٽ ھڻندو آھي. گھڻن سوارن جا گھوڙا، ھڻڪارون ڏيندا، ھڪڙي ئي وقت، تڪڙا ڊوڙندا ھئا ته گھڻي لٽ اٿندي ھئي. ڪن جنگي جوڌن کي، ڪلھن تي ڀالا ھوندا ھئا ۽ جيڪي زيور پيل ھوندا ھئا، تن جو چمڪو پريان پيو پسبو ھو. ڪيترن جوانن کي پيرن ۾ ڪڙيون پيل ھونديون ھيون. ڪن جون سونيون زنجيرون، ڇاتيءَ تي پيون لڙڪنديون ھيون، ٻانھن ۾ پٽا پيل ھوندا ھئا. ڪن کي زرھه پيل ھوندا ھئا ۽ ڪمانون ڪلھن تي پيل ھونديون ھيون. سندن گھوڙن ۽ گھوڙين کي موتين جون ڪنٺون پيل ھونديون ھيون. جنگي سپاھين مان ڪي ھاٿين، گھوڙن ۽ رَٿن تي سوار ھوندا ھئا ته ڪي پيادا ھوندا ھئا. پٿرن رکڻ لاءِ تيرڪش يا بٿيون ھونديون ھيون. دوبدو لڙڻ مھل ڪھاڙا، نيزا ترشولن نموني جڙيل ھٿيار ڪم آڻيندا ھئا. ڪنھن جڌ ۾ سوڀارا ٿيندا ھئا ته ڀيرون يا نغارا زور سان وڄائيندا ھئا ۽ بلند آواز سان- ”جئي جئي ڪار“- منائيندا ھئا. (قديم سنڌ- ڀيرومل ص نمبر 398) جڏھن سوڀ ٿيندي ھئي ته انھن جي مال ملڪيت آل اولاد راجا جي غلامي ۾ اچي ويندي ھئي.
    ان وقت سنڌ جي راجائن جا جنگ بابت ٻه ڌار اصول ھئا. ھڪڙن جو اصول اھو ھو ته پنھنجو ملڪ سنڀالي وھجي، ۽ ڪنھن ڌارئي کي پنھنجي ملڪ ۾ پير پائڻ نه ڏجي، تنھن ڪري جنگ فقط تڏھن ڪجي جڏھن غنيم ڪاھي اچي. ٻين جو مَتو ھي ھو ته خوامخواه به ٻين ملڪن تي ڪاھي کين پنھنجو ڏَن ڀرو ڪجي. ان زماني ۾ آرين جا سنڌ ۾ مختلف قبيلا ھئا. ھڪ قبيلو وشاني ھو، جيڪو سنڌ جي ھڪڙي ڀاڱي تي حڪومت ڪندو ھو. ٻيو قبيلو آنو ھو، جيڪو راوي نديءَ تي رھندو ھو، جنھنجو پنڊت پريگو خاندان مان ھو. دروھيو سندن ڀر ۾ رھندڙ ھو. سرسوتيءَ تي رھندڙ ترواسا ۽ يادو سندن طرفدار ھئا. سرسوتي پريان پورو ڀارتين جا پاڙيسري ھئا. ھنن قبيلن کان سواءِ، الينا ڪافرستان جي اتر اڀرندي ۾ رھندا ھئا. پڪٽا، (پختون) افغان، بھالاوا بولان دري تي رھندا ھئا، سيوا سيوستان، سيوي ۽ ھاڻوڪي قلات ۽ سيوستان (يوب ۽ لورالائي) پرڳڻن جا حاڪم ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 33) آرين جي دور ۾، سنڌ واري ميدان ۾ ڏھن راجائن جي جنگين جو ذڪر ملي ٿو، جنھن کي ”دش راجن“ چئجي ٿو. اھي جنگيون ڀارتا يعني برھم ورتا جي رھاڪن ۽ اتر الھندي وارن قبيلن جي وچ ۾ لڳيون. ڀارتا وارن قبيلن جو راجا سوداس ھو، جيڪو ترتسو خاندان مان ھو. ھن جي ساراھه ۾ ڀنڊت وششارزمي گيت چيا آھن. وششا کانپوءِ وشامترا پنڊت ھو، جنھن جي نگراني ھيٺ ڀارتين بياس ۽ ستلج وارن سان جنگ جوٽي ھئي. پوئين جنگ پروشني (راوي) جي ڪپ تي لڳي ھئي، جتي سنڌو جي رھندڙ ڏھن آرين قبيلن مقابلو ڪيو ھو. پروشني واري جنگ سوداس، داسا، سمبارا، پني، پاراوات ۽ بريسايا قبيلن سان جنگيون ڪيون ھيون. سنڌ جي پراڻن رھاڪن مان دسيو راجا به آرين جو حمايتي ھو ۽ ان پنھنجي قبيلي سان گڏجي پنجاب جي پنجن راجائن سان جنگ ڪئي. ان کانسواءِ پني قبيلو به دراوڙن مان ھو، جنھن کي يونانين پرنيمي سڏيو آھي. ھي به ھڪ جنگجو قبيلو ھو، جنھن آرين جي جنگي مدد ڪئي.
    آرين نه صرف سنڌ جي بقاءَ ۽ سالميت لاءِ جنگيون ڪيون. پر سندن سپاھيانه خصوصيت کي ڏسي ڀر وارا ملڪ به ساڻن ”دفاعي معاھدا“ ڪري، سندن فوجي خدمتون حاصل ڪري، پنھنجي سلطنت جي توسيع ۽ دفاع کي مضبوط ڪرڻ لڳا، جيڪا قديم سنڌين جي فوجي مھارت جي ھاڪ ۽ مقبوليت جي گواھي آھي.


    • مھاڀارت ۽ رامائڻ جو دور

    ڪنھن زماني ۾ ھستناپور تي، ڀرت جي ڇھين پيڙھيءَ مان پانڊو راجا راڄ ڪندو ھو. سندس وڏي ڀاءُ ڌرتراسٽر کي سؤ پٽ ھئا. وڏي پٽ جو نالو ڌريوڌن ھو. اھي ڪورو سڏبا ھئا. پانڊو جيئن ته انڌو ھو، ان ڪري ھن تاج ۽ تخت ڌرت کي ڏنو. سندس ڌريوڌن حڪومت ڪرڻ لڳو. پانڊو کي ٻن زالن مان پنج پٽ ھئا. نڪل، سھديو، ڀيم، ارجن، ۽ يڌشٽر. اھي پنج ئي ڄڻا پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ھستناپور ۾ رھڻ لڳا، جن کي پوءِ ڌريوڌن ھڪالي ڪڍيو، جتان ھو قنوج ويا جتي پنچال راجا جي ڌيءُ دروپدي ارجن کي پسند ڪري شادي ڪئي. ڌرتراسٽر سڏائي، کين کانڊا پرست جو پرڳڻو ڏنو، جتي پانڊو راڄ ڪرڻ لڳا. ڌريوڌن جيڪو سندن خلاف ھو، کين ھستناپور ۾ گھرائي، جوئا ۾ سندس زال کٽي، پانڊون کي 12 ورھيه شرط موجب بنواس ڀوڳڻو پيو. ارجن کي گجرات جي راجا پنھنجي ڌيءَ پرڻائي، جا مٿرا جي يادو راجا ڪرشن جي ڀاڻيجي ھئي. ڪرشن پھريائين ڪورون کي سمجھايو، پر جڏھن ھو نه مڙيا تڏھن ھن جنگ ڪئي.
    مھاڀارت جي ھن تاريخي جنگ ۾ سنڌ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ھي عظيم جنگ 850 ق-م ۾، امبالي ضلعي جي ڪرو کيتر واري ميدان تي لڳي. ھن لڙائيءَ ۾ ھڪ طرف جو سئناپتي سيوھڻ جو راجا ۽ ڪورون جو ڀيڻويو، جئدرٿ جوڌو ھو ته ٻيءَ ڌر سان ارجن جو ماروٽ سندس سالو ۽ ارجن جو پٽ اڀيمنيو جو مامو ۽ سھرو يادو اڳواڻ سري ڪرشن سمو ھو. جئدرٿ پنچالن مان ھو. سندس ٻيو نالو سؤوير ھو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ جا حصا ۽ ملتان جون سرحدون ھيون. سنڌ جي حڪومت، ڪشمير جي واديءَ تائين ٽئڪسيلا، پشاور ۽ پنجاب جي اندرئين ڀاڱي تائين ھئي، جنھن تي ھي عظيم جئدرٿ حڪومت ڪندو ھو. جنگ پورا 18 ڏينھن ھلي، جنھن ۾ آتشي تِير، ۽ زبردست مگڌر وغيره ڪم آندا ويا. ھن جنگ ۾ سنڌي راجائن جنگي ھاٿي مڪا ھئا. ھن جنگ ۾ ناقابل تسخير سنڌي لشڪر، پنھنجي حريفن سان ڪورون لاءِ ڏاڍي بھادري سان وڙھيو ۽ پانڊون جي وڏي بھادر ارجن جو پٽ اڀيمنو مارجي ويو. جڏھن ڪرشن مھاراج ۽ پانڊون ڏٺو ته ڪورون جو لشڪر جيتجڻ بجاءِ مورڳو فاتح ٿو ٿئي، تڏھن ھنن شري ڪرشن گجرات جي بادشاھه جي جنگي چالن کان ڪم وٺڻ بھتر سمجھيو. پانڊون جا پنجئي ڀائر به بھادر ھئا. جھنگن ۽ پھاڙن جي رھائش، ھنن جي دلين کي وڌيڪ بھادر ۽ سخت بڻائي ڇڏيو ھو. لڙائي زوردار لڳي. ٻنھي طرفن بھادرن جا سپاھي تيرن سان ڇلجي ويا. آخر ڪرشن صحيح ڪري ورتو ته سنڌي لشڪر ۽ سندس مھندار کي ڪنھن اٽڪل سان مارائجي. ان ڪري ھن ڀيم کي ڪَن ۾ چيو ته ”راجا جئدرٿ کي مقابلي لاءِ للڪاري، سج لٿي تائين مقابلو ڪندو رھي ۽ جڏھن اوندھه ٿئي، تڏھن سندس پيرن ۾ تلوار ھڻي قتل ڪري ڇڏج.“ ڀيم اِئين ڪيو ۽ راجا جئدرٿ قتل ٿي ويو. توڙي جو ان وقت جنگي قانون موجب، گوڏن ھيٺان ڌَڪ ھڻڻ نه گھربو ھو. جڏھن سنڌي سوڍن کي ان غير اخلاقي ۽ بي قانوني حرڪت جي خبر پيئي تڏھن، ھنن پلئه وٺڻ خاطر سري ڪرشن کي قتل ڪري ڇڏيو. (ديس دروھي- اديب انقلابي- ص نمبر 60) ھڪ مؤرخ لکي ٿو ته- ”اھو ثابت ڪري ٿو ته سنڌي سورمن جي اڳيان سڄي ھند جو لشڪر ۽ اڳواڻي بي معنيٰ ھئا انھيءَ کان پوءِ سنڌي لشڪر سنڌ ۾ موٽي آيو پر پانڊون کي اھا جرئت نه ٿي جو پلاند وٺڻ لاءِ، سنڌ تي حملو ڪن- (ادب سنڌ- غلام حيدر گبول- ص نمبر 40)
    رامائڻ جي دور ۾، سنڌ جو راجا اسواپتي يعني گھوڙن وارو راجا ھو. سندس حڪومت جون حدون درياءَ اٽڪ جي ڪناري تائين ھيون، ھن کي ھڪ ڀيڻ ڪيڪئي ھئي، جنھنجي پٺيان سندس حڪومت ڪيڪيه نالي سڏبي ھئي. (تاريخ سنڌ- ڀاڱو پھريون- مولوي نور محمد نظاماڻي ص نمبر 23) ان زماني ۾ ايوڌيا جو راجا دسرٿ ھو، جنھن سان ڪيڪئي جي شادي ڪئي ويئي. ان ڪري سنڌ جو راجا اسواپتي دسرٿ جو سالو ھو. پانڊون جي زماني ۾، راجا جمني جياني ھستناپور جي راجا، جيڪو راجا پانڊو جي نسل مان ھو تنھن راجا اسواپتي کي قتل ڪرايو ڇو ته ڪورون جي مدد ڪئي ھئي.
    راجا اسواپتي جي ڀيڻ ڪيڪئي جيڪا دسرٿ جي نازنين راڻي ھئي، سا سنڌ جي ملڪئه بھادر، شجاع ۽ جنگجو ھئي. ھڪ دفعي جنگ جي ميدان ۾، پاڻ به شريڪ ٿي ھئي ۽ راجا دسرٿ کي دشمن جي وار کان بچائي خون ٿيڻ کان نجات ڏياري. ان ڪري راجا کيس وردان گھرڻ لاءِ چيو. ھن پنھنجي پٽ ڀرت کي ايوڌيا جي گادي تي ويھاريو ۽ شري رامچندر کي بنواس موڪليو. رامچندر 14 ورھيه جلاوطن رھيو. ھن مٿيلا جي راجا جنڪ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي جا مڙس ۽ ڏير لڇمڻ سميت جلاوطني ۾ شامل رھي. ھڪ ڏينھن سندس غير حاضريءَ ۾، لنڪا جو راجا راوڻ، سيتا جي خوبصورتي ٻُڌي کيس کڻي ويو. رامچندر دکن جي راجا سگريو جي مدد سان، سمنڊ پار لنڪا وڃي، راوڻ کي قتل ڪري، سيتا ھٿ ڪئي. ھو 14 ورھيه گزرڻ بعد، ايوڌيا موٽي آيو. مھاراجا دوارڪا پرشاد لکي ٿو ته ”اھو سنڌ جي راجڪماري ڪيڪئي جو ڪامياب منصوبو ھو، جنھن پنھنجي پتي، راجا دسرٿ کي قربان ڪري، ڏکڻ ھندوستان تي آريا سڀيتا جو جھنڊو بلند ڪرايو. جنھن لنڪا تي، راجا راوڻ حڪومت ڪندو ھو، تنھن جون حدون، ھاڻوڪي آمريڪا کنڊ تائين پکڙيل ھيون. ان ڪري مان بي ڌڙڪ چوندس ته، اسان جي سنڌي راجڪماري ڪيڪئي، ويدڪ آريا سڀيتا جو جھنڊو، سري رامچندر جي معرفت نه صرف ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۾، بلڪ آمريڪا کنڊ ۾ به بلند ڪرايو“- (ھر فن ۾ ھوشيار سنڌي- ص 27) جڏھن رامچندر کي ايوڌيا جي حڪومت ملي، تڏھن، ھن سنڌ، شري ڀرٿ جي پُٽن تڪش ۽ پشڪر کي ڏني. جن سنڌ جون حدون قنڌار (گانڌار) تائين ڪيون. (شري دوارڪا پرشاد جو مضمون).
    ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻه جنگجو ذاتيون ھيون، ميد ۽ جاٽ، جن پنھنجا سردار ھستناپور روانا ڪيا. ڌرتراشٽر جي پٽ ڌريو ڌن، جئدرٿ جي راڻي دھشلا کي، جا سندس ڀيڻ ھئي، ٽيھ ھزار برھمڻن سان سنڌ روانو ڪيو. دھشلا ميدن ۽ جاٽن کي، ملڪ ورھائي ڏنو ۽ امن امان سان حڪومت ڪئي.
    ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا رھاڪو مھاڀارت ۽ رامائڻ جي دور ۾، ساري ھندوستان ۾ پنھنجي شجاعت ۽ سياست جو ڌاڪو ڄمايون ٿي آيا. ۽ ڪنھن نه ڪنھن طرح ھنن انھن ٻنھي عالمي جنگين ۾ پاڻ ملھائي، پنھنجي دليري ۽ جنگي مھارت جو رڪارڊ قائم رکيو.
    *


    • سنڌي فوجي ڏيساور ۾

    پراڻي زماني کان وٺي، سنڌ جا رھاڪو غيرت ۽ ھمت، عظمت ۽ جرئت جا مينار سمجھيا وڃن ٿا. جن نه صرف وطن عزيز جي بقا ۽ سالميت، آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ جان جا نذرانا ڏنا، پر پنھنجن پاڙيسري فوجن سان گڏجي، سندن دشمنن کي ٽوٽا چٻائي پاڙي جو حَق ادا ڪيو. انھن مڙني جنگين ۾، جيڪي سندن سرزمين تي لڳيون، ھنن پنھنجي شجاعت ۽ جنگي مھارت جو ثبوت ڏيندي، دنيا تي واضح ڪيو ته، سنڌ جا رھواسي، ھن فن ۾ ڪيڏي نه مھارت رکندڙ ھئا. دراوڙن جي دور کان وٺي، سنڌي فوجي ڏيساور ۾ وڃي پنھنجي دوست ملڪن جي فوجن سان گڏجي غنيمن سان وڙھندا رھيا آھن. ھن باب ۾، ان جو تفصيل سان ذڪر ڪجي ٿو.
    حمورابي مشھور اشوري شھنشاھه ھو، جنھنجو ڳاڻاٽو دنيا جي پراڻن عظيم بادشاھن ۾ ٿئي ٿو. ھو اٽڪل 1800 ق م اڳ ٿي گذريو آھي. ھن جڏھن عراق کي فتح ڪرڻ چاھيو، تڏھن سنڌ مان دراوڙ فوجي گھرايا ھئائين، ڇاڪاڻ ته اھي آرين کان وڌيڪ بھادر، سگھارا ۽ قداور ھئا- (سنڌ جا اسلامي درسگاھه- محمد جمن ٽالپر- ص نمبر 25)
    فونيقيا لبنان جي ڏکڻ ۾ آھي، جنھن سان سنڌ جو پراڻو تجارتي ناتو ھو. فونيقين قبرص، نيز، شمالي آفريڪا ۾ بستيون قائم ڪيون، پر سڀ کان وڌيڪ قرطاجنه مشھور ٿيو، جنھنجو بنياد ھنن 814 ق . م ۾ وڌو. قرطاجنه جي رھاڪن، پنھنجي حڪومت کي وڌائڻ لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون. سندن خاص 3 جنگيون مشھور آھن، جيڪي ھنن يورپ سان لڙيون. اھي 268 ق . م کان شروع ٿيون. ٻي جنگ ۾ قرطاجنه جو سپھه سالار ھيني بال ھو، جيڪو دنيا جي نامور سپھ سالارن ۾ ڳڻيو ويندو ھو. (انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم- ج 2- اردو ترجمو ص نمبر 64) ھيني بال 218 ق . م ۾ 26 ھزار فوج ۽ ھاٿين سان روم تي چڙھائي ڪئي. مؤرخ لکن ٿا ته ان فوج ۾ سنڌي فوجي به ھئا، جن پاڻ سان 12 ھزار گھوڙا، ۽ 37 ھاٿي سنڌ مان نيا ھئا. ھن جنگ ۾ رومين کي شڪست ملي- (سياره ڊائجسٽ- اپريل 1965 – ص نمبر 62) 217 ق .م ۾، رافيا وٽ بطليموس چوٿين، شاھه مصر ۽ انطاڪس والي شام جي وچ ۾ جنگ لڳي، تڏھن ٻنھي طرفن کان سنڌي ھاٿي ڪتب آندا ويا، جيڪي لازمي طور سنڌي سپاھي ھتان ڪاھي ويا ھوندا. دارا گشتاسپ اول، 486 ق . م، ۾ جڏھن يونان تي حملو ڪيو، تڏھن پنھنجي لشڪر سان گڏ ھڪ سنڌي فوجي دستو به ان ۾ شامل ڪيو ويو، جنھن جنگ ۾ سنڌي ھاٿي استعمال ڪيا. 490 ق . م ۾ دارا اٿينس تي ڪاھه ڪئي ۽ ميراٿان جي جاءِ وٽ ھڪ وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ دارا سنڌي فوج کي شامل ڪيو ھو. ھن فوج ۾ پھريون دفعو سنڌين پاڻ سان گڏ ڪتن کي به نيو ھو، جن دشمن جو وڏو نقصان ڪيو. 480 ق . م ۾ دارا جو پٽ زرڪسيز تخت تي ويٺو. ھن جي دور ۾ سنڌين پنھنجي اعليٰ سپاھيانه ڪردار جو عظيم مظاھرو ڪيو. ان دور ۾ دارا فيصلو ڪيو ته، ھو يونان کي ھميشہ لاءِ ختم ڪندو ان ڪري ھن وڏو جنگي ٻيڙو ۽ وڏي فوج تيار ڪئي. اھا جنگ ٿرماپلي ۽ سليمس جي نالي مشھور آھي. زرڪسيز 2 لک 60 ھزار لشڪر، 12 سؤ جھازن ۽ 3 ھزار باربرداري جي جھازن سان ھيلسپانٽ جي ڳِچي سمنڊ کي لتاڙي، اٿينز تي گھيرو ڪيو. ھن فوج ۾ سنڌين جو گھڻو تعداد ھو، جن پاڻ سان ڪتا به نيا ھئا. سنڌي سپاھي اعليٰ نموني سان وڙھيا. ھيروڊوٽس لکي ٿو ته: ”سنڌي سوار ۽ پيادل فوج جا سپاھي ھئا. سندن پوشاڪ سوٽي ڪپڙي جي ھئي. سندن ھٿيار تِير ۽ ڪمان ھئا. تِير ڪانن ۽ بيد جا جڙيل ھئا، جن جا مٿا لوھه جا ھئا. اھي پاڻ سان رٿ ۽ ھاٿي به کڻندا ھئا. سوارن وٽ گھوڙا ۽ رٿن ڇڪڻ لاءِ گورخر به ھئا. سيتاني سنڌين کي ڊگھيون ٽوپيون پاتل ھيون. بلوچستانين وٽ پتل ۽ فولاد جا ھٿيار ھئا. سندن پوشاڪ چمڙي جي ھئي. سنڌين مان جاٽ محنتي، سادا، ايماندار، بدن جا مضبوط، قد جا ڊگھا ۽ جنگجو ھئا.“ (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي، ص نمبر 65) حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته: سنڌي برصغير ۾ پھرين قوم ھئي، جنھن 500 ق . م ۾ سمنڊ پار يونانين سان بري ۽ بحري ويڙھه ۾، پنھنجي فوجي قابليت جو ثبوت ڏنو. ھي پھريون دفعو ھو جڏھن يورپ وارن، سندن ئي سرزمين تي سنڌي سورما ڏٺا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي، ص نمبر 65) دارا ثالث جي ڏينھن ۾، سڪندر ايران تي حملو ڪيو. دارا ساڻس جنگ ڪرڻ لاءِ، اربيلا جي ميدان ۾ تورانين، بلوچن، باختري، ساڪا ۽ سنڌي فوجن سان سندس مقابلو ڪيو. ھن جنگ ۾ سنڌي فوجن ھاٿين کان به ڪم ورتو. ھڪ ايراني بادشاھه سائرس ھڪ سنڌي سپاھي جي نيزي جو نشانو ٿيو. 316 ق . م ۾ ھڪ سنڌي سورمو ايران ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ويو ۽ اتي مارجي ويو، ته پٺيان سندس ٻن زالن چکيا تي چڙھي، پاڻ کي قربان ڪيو.
    سنڌي سپاھين جي فوجي مھارت ۽ ملٽري فورس جو ايران جو حاڪم ھرمز وڏو قائل ھو. ھرمز نوشيروان جو پٽ ھو. ھن سنڌي فوج کي پنھنجي فوج ۾ شامل ڪري، پنھنجي عسڪري قوت کي مضبوط ڪيو. سندس مرڻ کان پوءِ خسرو پرويز (589ع) تخت تي ويٺو. ھن سنڌي لشڪر کي مضبوط ڪيو. سنڌي فوجين تي کيس ايڏو ته اعتماد ھو جو سندس باڊي گارڊ به سنڌ جا بلوچ سپاھي ھئا. خسرو پرويز روم سان جيڪي به جنگيون ڪيون، تن ۾ سنڌي فوج وڏو ڪردار ادا ڪيو. اھڙي طرح سنڌي فوجي، ايراني لشڪر سان گڏجي رومن شھنشاھت ۽ مشرقي بازنطوم شھنشاھيت جي سلسلي ۾، جيڪي ايران ۽ روم جون خونخوار لڙايون لڳيون تن ۾ خاص حصو ورتو.
    يزدگرد پرويز جو پوٽو ھو ۽ 634ع ۾ تخت تي ويٺو. ھن جي ڏينھن ۾ عربن ايران تي ڪاھون ڪرڻ شروع ڪيون. ان دور ۾ سنڌي لشڪر ايران ۾ تمام گھڻو رھندو ھو. اطھر مبارڪپوري لکي ٿو ته: سنڌي، شاھانِ فارس جي اثر ۽ اقتدار ھيٺ ھن طرح ھئا جو ھتان جا راجا ۽ مھاراجا، سندس ڏن ڀريندڙ فرمانبردار ھئا ۽ ضرورت جي وقت ايراني، سنڌي سرويچن جي مدد پڻ وٺندا ھئا. ايران جي بادشاھه اردشير، سنڌي مھاراجائن کي، سندن امداد ڪرڻ ڪري، القابن سان پڻ نوازيو ھو، جھڙوڪ: قفصد شاھه، قيقان شاھه، قشميران شاھه، انھن کان سواءِ ھتان جا راجا پنھنجي ذاتي نالن سان پڻ مشھور ھئا. ايراني لشڪر ۾ سنڌ جا جاٽ ۽ ميد گھڻي انداز ۾ شامل ھئا- (عرب و ھند عھد رسالت ص نمبر 520) ان کان سواءِ سيابج، اساورھه ۽ اندغار به سنڌي ذاتيون ھيون جيڪي ايراني فوج ۾ ھيون. اساورھه نوشيروان جي ڏينھن کان ايراني فوج ۾ نوڪر ھئا. چچ بن سيلائج، سنڌ جي حاڪم به ھڪ معاھدي ھيٺ، سنڌ مان ڪافي فوج ايران موڪلي ھئي.
    ايرانين سان عربن جون جيڪي جنگيون لڳيون تن ۾ جنگ ذات السلاسل مشھور آھي. ھيءَ جنگ 12ھه ۾ ھرمز ۽ خالد بن وليد جي وچ ۾ لڳي. ھن لڙائيءَ ۾ ھرمز سنڌي جَتن کان ڪم ورتو. ھي جَت سپاھي ميدان جنگ ۾ اھڙي طرح وڙھندا ھئا جو پيرن ۾ کين زنجير ٻَڌل ھوندا ھئا ته جيئن انھن مان ڪوبه ميدانِ جنگ مان ڀڄي نه وڃي. ان ڪري ھن جنگ ۾ به ھر سپاھيءَ جي پير ۾ زنجير ٻَڌل ھئي، ان ڪري ھن ذات السلاسل سڏيو ويو. ھن جنگ سنڌين وڏي بھادري ڏيکاري.
    ان کان پوءِ سن 14ھه مطابق 635ع جنگ قادسيه لڳي. ھيءَ جنگ يزدجرد جي زماني ۾ لڳي. ان لاءِ ھن سنڌ جي راجا کان فوجي مدد گھري. جنھن ھڪ وڏي فوج سان گڏ جنگي ھاٿي به موڪليا. اھڙي ھڪ سفيد ھاٿي مسلمانن کي وڏو نقصان پھچايو. ھيءَ جنگ 3 ڏينھن ۽ 3 راتيون جري رھي. (آئينه حقيقت نما- مولانا اڪبر نجيب آبادي ص 79) ان کان سواءِ سنڌي سپاھين ايرانين سان گڏجي مڪران وٽ مسلمانن جو مقابلو ڪيو. سنڌي سپاھين جي ان بھادري ۽ سورھيائيءَ جو تذڪرو، ايران جي مشھور شاعر فردوسيءَ پنھنجي شاھنامي ۾ ڪيو آھي. ايران جي ملڪ الشعراءَ بھار، پنھنجي شاھنامه نوبخت ۾ ھڪ بھادر سپھ سالار جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪو مڪران جو سنڌي بلوچ ھو، جيڪو يزد جرد جي زماني ۾ عربن جي لشڪر سان وڙھيو. پوءِ مسلمان ٿي ساساني حڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. (ماھنامه پيغام- جولاءِ آگسٽ 1983ع) مطلب ته سنڌي فوج ايران، يونان ۽ يورپ جي سرزمين تي پنھنجا اڻ مٽ شجاعتي نقش ڇڏيا آھن.
    ايران کان پوءِ، ٻئي جنھن ملڪ ۾ سنڌي فوجين جو گھڻو تعداد ملي ٿو سو عرب آھي. پراڻي زماني ۾ سنڌ جا ڪافي ماڻھو واپار جي ڪري عرب ۽ يمن ويا. جيڪي سنڌي ذاتيون ھتان لڏي عرب ۾ وڃي رھيون تن مان زط، ميد، سيابچ، احاصره، اساوره، بياسره ۽ تڪاڪره (ٺاڪر) مشھور آھن. ھي ماڻھو عمان، مسقط، قطيف، بحرين، قطر، ڪويت ۽ بصره کان سواءِ عرب جي ريگستاني علائقن نجد ۽ وچ عرب جي مڪي ۽ مديني ۾ گھڻي تعداد ۾ رھندا ھئا. زط ۽ ميد جنگجو ۽ فوجي فن جا ماھر ھئا. عربستان ۾ سندن بھادريءَ جو ڌاڪو ڄميل ھو. ھڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾، ايران جي لشڪر کي شڪست ملي، ۽ يمن تي حبشين قبضو ڪيو. جڏھن ان جو اطلاع ايران جي شھنشاھه ڪسريٰ کي مليو، تڏھن ھن چيو ته ”يمن تي ڪھڙن ڌارين ماڻھن قبضو ڪيو آھي، سنڌين يا حبشين (سيرت ابن حشام- ص 11 مترجم محمد اسماعيل پاڻيپٽي) ھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌي، فوجي لحاظ کان مڃيل مڃايل حيثيت جا مالڪ ھئا جو ايران جو حاڪم به قبول ڪري ٿو.
    سنڌي سپاھين جو گھڻو تعداد جنگ قادسيه کان پوءِ عرب ۾ پھتو. اھي سنڌي سپاھي، 4 ھجري کان 9 ھجري وارين فتوحات ۾ مسلمان ٿيا ۽ سندن عزت وڌي ويئي. ھو پوءِ اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي ڪافي جوھر ڏيکارڻ لڳا. پھريائين سنڌي سوڍا، عربن جي جھازن جي نگراني ڪندا ھئا ۽ سامونڊي قزاقن جو مقابلو ڪري، عرب جي جھازن کي محفوظ ساحلن تائين سلامتيءَ سان پھچائيندا ھئا. سندن بھادريءَ جي باري ۾ ھڪ عربي شاعر، حضرت عثمان غنيءَ کي به ٻُڌايو ھو.
    بلاذري لکي ٿو ته حضرت علي رضه جڏھن بصره فتح ڪيو تڏھن سندس خدمت ۾ ستر سنڌي سوڍا حاضر ٿي مشرف اسلام ٿيا ۽ حضرت علي رضه جي خلافت جو اقرار ڪيائون، تڏھن کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ حضرت علي رضه جا ٻانھن ٻيلي ٿي، اموي فوجن جي مد مقابل ٿي تلوار جا جوھر ڏيکاريندا رھيا. بعد ۾ يوم مسعود ۽ يوم ربذه ۾ به سنڌين خاص حصو ورتو ۽ بھادري ۾ روايتي مثال قائم ڪيائون. حضرت علي رضه کانئن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بصري جو خزانو سندن حوالي ڪيائين، اُموي دور ۾ امير معاويه ۽ وليد بن عبدالملڪ رومين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ، جَتن جي ڪجھ قبيلن کي شام جي ڪناري انطاڪيه ۾ آباد ڪيو ھو.
    ڪربلا جي ميدان ۾، امام حسينء جي ستر ڄڻن ۾، ڪجھ سنڌي سپاھي به ھئا. (مولانا گرامي صاحب سه ماھي مھراڻ گرامي نمبر) مختار ثقفي جڏھن انتقام حسين رضه لاءِ لشڪر گڏ ڪيو ۽ شامي فوج سان وڙھڻ لاءِ، ابراھيم الشتر کي ويھ ھزار فوج ڏيئي روانو ڪيو. ان ۾ سمورا ڪوفي ۾ رھندڙ سنڌي سپاھي ھئا جن کي مؤرخن حمراءَ لکيو آھي ڇاڪاڻ ته ھو گيڙو ڪپڙا پائيندا ھئا. (عرب و ھند- عھد رسالت ۾- مولانا اطھر مبارڪپوري)
    عبدالرحمان بن اشعت، جڏھن بنو اُميه ۽ حجاج بن يوسف جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ھڪ فوجي جماعت ٺاھي ميدان ۾ آيو، تڏھن بصري ۾ رھندڙ سنڌي فوجي به ھن ٽولي ۾ شامل ٿي ويا. جنھن ڪري حجاج جي عتاب ھيٺ آيا. جنھن سندن گھر ڊھرائي، کين جلاوطن ڪري ڇڏيو. ابن زبير رضه جي زماني ۾، ربزھه جي جنگ ۾ ھڪ جماعت شريڪ ٿي ۽ گھڻن ماڻھن کي پنھنجي تِيرن سان ھلاڪ ڪيائين، ڇو ته انھن جو ڪوبه نشانو خطا ڪونه ٿي ٿيو. اھي سنڌي زط ھئا، جيڪي بصره ۾ آباد ھئا. (فتوح البلدان)
    عباسين جي دور ۾ سنڌين تمام گھڻي تعداد ۾ عربي لشڪر ۾ والنٽيئر فوج جي حيثيت ۾ اجين، ڀڙوچ ۽ ٿٻيٽ تائين جنگين ۾ حصو ورتو. بغداد جي خليفي معتصم باالله عباسي جي ڏينھن ۾، سنڌ جي جَتن جن جو تعداد سترھن ھزار ھو، سامونڊي ٻيڙين رستي عراق تي حملو ڪيو. ان کان پوءِ ھو سليشيا ۾ آباد ٿيا، جتان پوءِ ٿريش ۾ وڃي رھيا. مشرقي يورپ جا زنگاري، بوھيمين، جپسي ۽ ٻيا قبيلا انھن سنڌي سپاھين جو اولاد آھن. اڄ به اھي جيڪا ٻولي ڳالھائين ٿا سا گھڻو ڪري سنڌي ٻوليءَ جھڙي آھي. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ- نئين زندگي سيپٽمبر 1971ع)
    عرب جي سرزمين ۾ رھي سنڌي فوجن جيڪا مھارت ڏيکاري، انجو عربي شاعرن دل کولي داد ڏنو آھي. ھڪ عربي شاعر ھمان، سيابج سنڌي سپاھين جي بھادريءَ کي ساراھيندي چيو آھي ته ”جي ھاٿيءَ جو ڪنھن ھنڌ، سيابج سان مقابلو ٿي وڃي ته سيابج ان جون ڳچي ۽ ھڏيون ڀڃي وجھندو.“ (بحوالا: سنڌ جي طبي تاريخ- ج اول- نياز ھمايوني ص نمبر 226)
    ان کان سواءِ سنڌي سپاھي، جنگ جي وقت جيڪي ھٿيار ڪم آڻيندا ھئا، تن جو به شاعرن ذڪر ڪيو آھي. مثال: تلوار جو ذڪر ڪندي زھير بن ابي سلميٰ چئي ٿو ته ”ٻين تلوارن جي وچ ۾، ھندي تلوار توکي جنگ جي ميدان ۾ ڪڏھن به ناڪام ڪري نٿي سگھي جڏھن ھٿياربند لشڪر جي جنگ لڳي.“ حاتم طائي سنڌي زرھه، نيزن ۽ ترارن جو ھن طرح ذڪر ڪيو آھي. ”مان پنھنجي مال ۾ عمديون زرھون پڪي رنگ جا نيزا ۽ ھندي تلوارون محفوظ رکندس.“


    • سڪندر جو دور

    دنيا جي عظيم ڌاڙيل سڪندر مقدونيءَ کان ڪجھ عرصو اڳ به سنڌ تي حملا ٿيندا رھيا. مصر جي فرعوني راڻي سميرا ميسد 810 ق . م، ۾ سنڌ تي ڪاھه ڪئي. سندس اڀرندي سرحد ھندوستان ۽ سنڌ سان مليل ھئي. ھن پنھنجي لشڪر ۾ عراق ۽ اسيريا جا سپاھي آندا. ھن اٽڪ ٽپي، سنڌ تي حملو ڪيو. تن ڏينھن ۾ ھِتان جو راجا بروبيٽيس ھو، جيڪو زبردست منتظم ھو. ھن جا سپاھي بھادر ۽ قلعا مضبوط ھئا. ھتان جا ماڻھو ھاٿين تي سوار ٿي وڙھندا ھئا. سميرا ميسد، ھاٿين تي رعب وجھڻ جي ھيءَ ترڪيب ڪئي جو ڍڳن جون کَلون لھرائي، اُٺن تي وڌيون ۽ انھن کي ھاٿين کان به خوفناڪ صورت جو جانور بڻائي ڇڏيو. لڙائيءَ ۾ ھن جي پيادل سپاھين، ھاٿين تي حملو ڪيو پر ناڪام رھيا. آخر سميرا زخمي ٿي شڪست کائي ڀڄي ويئي. (تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا نور محمد نظاماڻي ص نمبر 103) سيليوڪس 305 ق . م، ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، پر سنڌ جي فوجين کيس عبرتناڪ شڪست ڏني. راجا ڪفند جڏھن سنڌ تي حڪومت ڪندو ھو تڏھن سنڌ تي بھمن، ايران جي بادشاھه حملو ڪيو ۽ سنڌ جي ڪيترن شھرن تي قبضو ڪري آتشڪده ٺھرايا، پر راجا پنھنجي ڀاءُ ساميد جي ھٿ ھيٺ تمام وڏو لشڪر موڪلي ايرانين کي لوڌي ڪڍيو ۽ سندس ٺھرايل آتشڪدن کي به ڊھرائي ڇڏيو. اھڙي طرح دارا اعظم پنھنجي سپھ سالار، اسڪاءِ ليڪس کي وڏو لشڪر ڏيئي سنڌ کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ موڪليو. ھي سالار جڏھن ھِت پھتو، تڏھن سنڌين پنھنجي حب الوطني ۽ دفاعي صلاحيتن جو ڀرپور ثبوت ڏنو ۽ ڏيڍ ٻن سالن تائين جنگ جاري رکي کيس زبردست پريشان ڪيو. (سنڌ- اسلام کان اڳ- ايڇ ٽي لئمبرڪ)
    ھن کان پوءِ سڪندر سنڌ تي حملو ڪيو. ھو لک ويھ ھزار پيادا ۽ 15 ھزار گھوڙي سوار تيار ڪري سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. انھن ڏينھن ۾ سنڌ ھڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ ھو. اسپارٽا جيان ھِت به بچاءَ وارين فوجن لاءِ گڏيل کاڌي جو رواج ھو ۽ لشڪر لاءِ باقاعدي ريسٽورنٽ ٺھيل ھئا. ھِت فوجي حڪمت عملي جي اٽڪلن واري نظريي کي ”ڏوھارين جي حرڪت“ چئبو ھو. سڪندر پنجاب ۾ سواءِ ڪنھن جنگ کان فتح ماڻيندو جڏھن ملتان پھتو، تڏھن سنڌي عوام سندس سامھون ٿيو. ھتان جي راجا پورس جي فوج ۾ سنڌي کترين جو تعداد گھڻو ھو. سندس فوج ۾ 30 ھزار پيادا، گھوڙيسوار ۽ ھاٿي ھئا. سنڌي کترين پنھنجي تاريخي روايتن ۽ صلاحيتن کي قائم رکندي سڪندر سان زبردست مقابلو ڪيو. يوناني مؤرخن سندن بھادريءَ جو نقشو ھن طرح چِٽيو آھي. ”پورس جا ماڻھو به ترارن ۽ ھڪڙي ڍال کڻي وڙھن ٿا. سندن ڪمان ماڻھن جي قد جيڏي ھئي. تير اڇلائڻ مھل، ڪمان جي تار کي، پوئتي ڇڪي تير ھڻندا ھئا. سندن تير چار فوٽ ڊگھا ھئا، جيڪي ڪيتري به مضبوط ڍال مان، لنگھي پار ٿي ويندا ھئا. پنھنجي کاٻي ھٿ ۾، ھو چمڙي مان ٺھيل ڊگھي پر سوڙھي ڍال کڻندا ھئا. ٻيا سپاھي تلوار باز ھئا، جن جون تلوارون ساڍا چار فوٽ ڊگھيون ھيون. ھو ٻنھي ھٿن سان ترار ھڻندا ھئا ته جيئن زورائتو ۽ اثرائتو ڌڪ لڳي. پورس جي پيادل فوج مان جتي ھڪ ٿي مُئو ته سڪندر جي پنجن ماڻھن جو سِر ٿي کنيائين.“ (ھلال مئگزين- جنوري 1983ع غلام دستگير ڀٽي.) ملتان ۾ ان وقت ھڪ سنڌي جنگجو ذات مَل ھئي، جنھن سڪندر سان زبردست مقابلو ڪيو. منوسمرتي موجب مَلي کترين جي ذات جو ھڪ پاڙو ھو، ٻيو پاڙو پھلو ھو. مَلھ ۽ پھلوان ھنن ذاتين جي جوڌن کي چئبو ھو. گنگارام سمراٽ پلوٽارچ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”مَلي ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ جنگجو جاتي چئي ويندي ھئي. جنھن يُڌ ڪندي سڪندر ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي وڃي ھا.... حملي سان سندس زرھه کي چني تلوار خواھه بڙڇين سان کيس گھائل ڪري ڇڏيو. ھڪ مَلي جو ڪجھ پري بيٺو ھو، جنھن ايتري زور سان تِير ڪشي ھنيو جو سڪندر جي پاسريءَ ۾ وڃي لڳو ۽ ھو گوڏن ڀر اچي ڪريو. (ملھ ۽ پھلوان- ڊاڪٽر سنديلو- نئين زندگي جنوري 1972ع) ھن جنگ ۾ ملوئي ذات وارن پاڻ سان نو سؤ سنڌي ھاٿي به ميدان جنگ ۾ آندا ھئا. مشھور مؤرخ پلوٽارچ لکي ٿو ته، ”پورس خلاف وڙھندي سڪندري فوجون پست ھمت ٿي پيون، دراصل ھِت کين شڪست ملي ھئي.“ رابن لين فاڪس به لکي ٿو ته: ”ھندوستاني مؤرخن جو خيال آھي ته پورس سڪندر کي ماري مڃايو ھوندو، ان ڪري ئي سڪندر کيس اعزاز ڏنو.“ (ڏيئي ڏنڀ ڏڏن- سڪندر مقدوني- دادا سنڌي ص نمبر 29-30) ان کان پوءِ سڪندر پنھنجي لشڪر مان مکيه سپھ سالار، پھلوان ۽ قابل جوڌا چونڊ ڪري، ھڪ لک سپاھين سان سنڌ تي حملو ڪيو. ھت ھر وِک ۽ قدم تي سنڌين سندس مقابلو ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”سڪندر کي سنڌ ۾ گھڻي مخالفت ڏسڻ ۾ آئي. ھو سنڌ مان جتان به گذريو، اتان سندس فوج جو سخت مقابلو ٿيندو رھيو.“ مر وستي ۽ ھر ڳوٺ ۾، پرڏيھي پرمارن سان ويڙھاند ۾ رُڌل ھئا ۽ ڪنھن به وستي جي ماڻھن آڻ نه مڃي.“ (ڏيئي ڏنڀ ڏڏن- سڪندر مقدوني- دادا سنڌي ص نمبر 29-30) ان دور ۾، سنڌ جو آرمي فورس تمام مضبوط ۽ اعليٰ پائي جو ھو. ان وقت سنڌ جي راجائن وٽ ٻه لک پيادا، 20 ھزار سوار، 2 ھزار رَٿ ۽ چار ھزار جنگي ھاٿي ھئا. سندن تِير ھلڪا ھئا، جن کي مٿي تي لوھه لڳل ھئا. سنڌي بھادر ۽ جنگجو ھئا. راجائن وٽ فوجي قوت کان سواءِ مضبوط قلعا ھئا. جنگ جي ميدان ۾ سنڌي راجائون، لشڪر جي اڳيان، ھاٿين جون قطارون کڙيون ڪندا ھئا. جن جي پٺيان پيادا سپاھي، صِفن ۾ بيھندا ھئا. ساڄي ۽ کاٻي کان، سوارن جا دستا، راجا جي حڪم لاءِ، انتظار ڪندا ھئا، جنھن جي پالڪي لشڪر جي وچ ۾ ھوندي ھئي. سوارن جا رَٿ به ھوندا ھئا. لشڪر جي اڳيان جھنڊي بدران ڪوشنايا اندرا جا بُت، بانس جي ڇڙين تي بيٺل ھوندا ھئا. حملي ڪرڻ وقت نغارا يا شرنايون وڄايون وينديون ھيون. سنڌي جنگ ڪرڻ وقت، مرڻ مارائڻ کان سواءِ، ھرگز ميدان نه ڇڏيندا ھئا. نيرڪوس سنڌين جي بھادريءَ بابت لکي ٿو ته ”سنڌي جوڌا، قد جا ڊگھا ھئا. سندن ڪمانون، سندن قد جتريون ڊگھيون ھونديون ھيون، جن کي کٻي پير سان موڙيندا ھئا. سندن ڍالون، ننڍيون چمڙي جون ٺھيل ھيون، وٽن ڪشادي ڦَر سان ٻه منھيون ترارون ھيون. سوارن وٽ بڙڇيون ھيون. (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 108)
    مطلب ته سنڌي سورھين سڪندر کي مزي سان سنڌ کي لُٽڻ نه ڏنو، مشھور مؤرخ ايڇ ٽي لئمبرڪ سنڌين جي سورھيائي کي ساراھيندي لکي ٿو ته: ”ھن مغرب جي پھرين ڌاڙيل سان، سنڌين جون، ھي طويل ۽ خوني جنگيون ظاھر ڪن ٿيون ته، سنڌين اندر آزادي لاءِ وڏو جوش ھو. جيترو عرصو سڪندر سنڌ ۾ رھيو، سُڪون گھڙيءَ لاءِ نه مليس. (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 302)
    بابل واپس وڃڻ وقت، سڪندر پنھنجي فوج کي ٻن حصن ۾ ورھايو. ھڪ حصو پنھنجي ڪمان ھيٺ خشڪيءَ رستي ۽ ٻيو حصو نرخوس جي ڪمان ھيٺ سمنڊ رستي روانو ڪيو. جڏھن سنڌ جي بحري فوج کي خبر پيئي تڏھن، ھن نرخوس تي حملو ڪري کين تباھه ڪري ڇڏيو. ھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ جا بحري جنگي جھاز، سڪندر جي ٻيڙن کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ۽ ڦڙت ھئا ۽ اھي عربي سمنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ھئا، سڪندر کان پوءِ باختر جي يوناني بادشاھن ڊميٽرا اپالو ڊوٽس ۽ منافدر جي سنڌين سان ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ جنگين جو ذڪر ملي ٿو. اھي بحري آرماڙ سنڌ جي ماڻھن ٺاھيا ھئا ۽ ان جا ناکئا به اھي سنڌي ھئا. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ- سنڌ ۾ جھاز راني جو فن- نئين زندگي- 1972ع)
    ھن سڪندر واري دور ۾ سنڌين جنھن جوان مردي، بھادري ۽ سورھيائيءَ جا مختلف ملڪن جي فوجن سان مقابلا ڪيا، ان مان صاف ظاھر آھي ته ھو فوجي ۽ عسڪري لحاظ کان ڪيڏا نه بھادر ۽ جنگجو ھئا.


    • موريا گھراڻي جو دور

    موريا گھراڻي جو باني راجا چندر گپت ھو. جيئن ته سندس ماءُ مور پاليندي ھئي، ان ڪري ھو موريا سڏجڻ لڳو. ھن ٽئڪسيلا جي مڪتب ۾ تعليم ورتي ۽ سڪندر جي فوجي جوڙجڪ ۽ جنگي فنن مان واقف ٿيو. ھن مگدھه جي نندا خاندان جي پوئين راجا مھا پدما کان 322 ق . م، ۾ مگدھه فتح ڪيو ۽ پنجاب ۽ سنڌ مان يونانين کي ڀڄائي ھڪ منظم ۽ مضبوط سلطنت جو بنياد وڌو. ھن جي گاديءَ جو ھنڌ پاٽلي پتر (پٽنه) ھو ۽ سندس سلطنت مغرب ۾ ھرات تائين پکڙيل ھئي. سندس وڏو وزير چانڪيه پنڊت ھو، جيڪو سنڌ جو مشھور سياستدان ۽ ماھر طب ھو. سندس دور حڪومت 322 ق . م کان397 ق . م آھي.
    راجا چندر گپت ھڪ جليل القدر بادشاھه ھو، سندس دور ۾ سنڌ جي عسڪري پوزيشن مضبوط ھئي. ھن 317 ق . م، سنڌ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. ان وقت ھت 5 لک يوناني طرز تي سيکاريل فوج ۽ نو ھزار جنگي ھاٿي ھئا. سندس ڏينھن ۾ سڪندر جي فوجي جرنيل سيليوڪس سنڌ تي ڪاھه ڪئي. ھو سڪندر جي مرڻ کان پوءِ شام جو حاڪم بڻيو ھو ۽ سندس حدون شام ۽ ڀونچ سمنڊ کان وٺي مھراڻ تائين ھيون. سندنس لشڪر ۾ يوناني ۽ مقدوني سپاھي ھئا.
    سيليوڪس جي حملي وقت سنڌ جي فوجي قوت کي راجا چندر گپت چانڪيه، پنڊت جي نظرداري ھيٺ تمام مضبوط ڪيو ھو. چنانچه کترين جو موروثي پيشو سپھ گيري ھو. وقت سر ضرورت آھر امدادي لشڪر به ڀرتي ڪندا ھئا، جن ۾ جھنگلي قبيلا به شريڪ ٿيندا ھئا. زير نگران صوبا جنگ جي وقت فوجي رواني ڪرڻ ۾ ٻڌل ھئا. بيروني حملي وقت ڳوٺاڻن جي پئنچائتن جي فيصلي موجب، ملڪ جي حفاظت لاءِ ھرڪو ٻَڌل ھو. بلڪ واپاري به حصو وٺندا ھئا. ھاٿين جا دستا فوجن ۾ رھندا ھئا. سوار ۽ پيادا، لشڪر جا مکيه حصا ھئا. ڪي دستا سفر سينا جو ڪم به ڪندا ھئا، مثلاً لشڪر لاءِ ڇانوڻيون ھڻڻ ۽ رستا تيار ڪرڻ. سنڌين جا قلعا مضبوط ھئا، جن کي چؤطرف خندقون ھيون. انھن کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا ھئا. محاصري جي حالت ۾ قلعن اندر کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جو ڪافي انتظام ھو. بحرحال سنڌي جنگي فن کان واقف ھئا. ھاٿي ۽ رَٿ پيادل جي اڳيان ۽ پٺيان بيھاريندا ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 131)
    جڏھن سيليوڪس جي سامھون سنڌ جو ايڏو تربيت يافته لشڪر آيو تڏھن کيس ذليل شڪست سان منھن ڏيڻو پيو. ھن صلح لاءِ درخواست ڪئي. افغانستان ۽ بلوچستان وارا علائقا جنگ جي خرچ عيوض ڏنائين ۽ پنھنجي ڌيءُ جو سَڱ چندرگپت کي ڏيئي دوستي رکيائين. ان کانسواءِ سندس ھڪ سفير مئگسٿينز به ھندوستان م رھيو.
    موريا دور ۾ سنڌ جي عسڪري نظام جيڪا مضبوطي حاصل ڪئي ۽ سيليوڪس کي جنھن نموني شڪست فاش ملي، تنھن مان سنڌ جي رھاڪن جي فوجي مھارت جو چٽو ثبوت ملي ٿو.

    *


    • راءِ گھراڻي جو دور

    راءِ گھراڻي وارن 495ع کان 632ع تائين حڪومت ڪئي. ھن جا پنج راجا ھئا، جيڪي ٻُڌ جا پوڄاري ھئا. سندن مائٽي قلات جي سيوا راجائن ۽ راجپوتانا جي راجائن سان ھئي. سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، ھلمند تائين، الھندي ۾ ڪرمان جي وادي نور منشور تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙھه تائين ھيون. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 70) ھن حڪومت جو باني راءِ ديواجي ھو. ان زماني ۾ ملڪ چئن صوبن برھمڻ آباد، سيوستان، اسڪلنده ۽ ملتان ۾ ورھايل ھو. ھر صوبي تي ھڪ گورنر مقرر ھو جنھن کي ملڪ چئبو ھو. ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ الور ھو، جتي راجا رھندو ھو.
    راءِ گھراڻي وارن سنڌ جي دفاع لاءِ وڏا ڪم ڪيا ۽ ھنن دفاعي نوعيت جا اھم قدم کنيا. ھنن مختلف جنگجو قبيلن کي منظم ڪيو. ڪيترن قلعن جي مرمت ڪئي ۽ متعدد نوان دفاعي مرڪز ۽ ڪوٽ تعمير ڪيا. ان دور ۾ سنڌ اندر آسودگي ھئي ۽ ڏُک ڏڪار جو نالو به نه ھو. فوجين کي بروقت پگھار ڏيڻ جو بندوبست ٿيل ھو. صوبن جي بچاءِ لاءِ مصبوط قلعا اڏيل ھئا. جھڙوڪ: سيواراءِ، ماٿيلو، الور، برھمڻ آباد، سيوستان، لورالائي ۽ ديبل. برھمڻ آباد جو قلعو برصغير ۾ مشھور ھو. ان جي بچاءَ لاءِ بھرور ۽ دھليلا ٻه ننڍا قلعا به ھئا. ھي قلعو ان دور ۾ وڏي دفاعي حيثيت جو مالڪ ھو. ابن خلدون ان کي، ھند جي مضبوط قلعن مان ھڪ سڏي ٿو. ابوالفضل لکي ٿو ته- ”برھمڻ آباد جو قلعو، ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھو، جنھن کي 14 سؤ برج ھئا. ھن ۾ ھڪ ئي وقت چاليھ ھزار لشڪر سمائجي سگھندو ھو.“ (برھمڻ آباد قلعي جي دفاعي حيثيت- غلام محمد لاکو. ماھوار پيغام- مارچ 1984ع) ھتان جا فوجي اعليٰ پائي جا تربيت يافته ھئا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته، ”برھمڻ آباد جي قلعي جا ماڻھو، تِير ڪمان سان ليس ٿي، جنگي ھاٿين، گھوڙن ۽ پيرين پيادل، جنگ لاءِ ميدان ۾ ايندا ھئا. ڏينھن جو دشمن کي للڪارڻ، رات جو قلعه بند ٿي، شھر جي حفاظت ڪرڻ، راتاھا ھڻي دشمن جي رسد ۽ جانورن جو چارو بند ڪرڻ مخصوص قسم جي ٿري جنگ ڪرڻ، ھتي جي جنگي طور طريقن ۾ شامل ھئا.“ (برھمڻ آباد قلعي جي دفاعي حيثيت- غلام محمد لاکو. ماھوار پيغام- مارچ 1984ع)
    ھن دور ۾، ايران جي حاڪم نيمروز سنڌ تي حملو ڪيو، جنھن جي حڪومت فارس، اصفھان، اھواز، بست زابل، سجستان، مڪران ۽ ڪرمان تائين ڦھليل ھئي. نيمروز ڪرمان جي رستي سنڌ ۾ آيو. ان وقت راجا سھيرسد اعليٰ لشڪر وٺي، نيمروز جو مقابلو ڪيو. (چچ نامو- سنڌي ترجمو- صفحو نمبر 15) تاريخ معصومي وارو لکي ٿو ته- ”ھو وڏي بھادريءَ سان وڙھيو“- ۽ اھڙي طرح پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ وڙھندي مارجي ويو، پر نيمروز کي ڀڄائي ڪڍيو.
    اھڙي طرح ھن دور ۾ به سنڌين پنھنجي اعليٰ فوجي مھارت جو ثبوت ڏنو.


    • برھمڻ گھراڻي جو دور

    برھمڻ حڪومت 622ع کان 711ع تائين قائم رھي. ھن حڪومت جو بنياد وجھندڙ چچ پُٽ سيلائيج نھايت برجستو ۽ سياستدان حڪمران ھو. ھن تخت تي ويھڻ شرط پنھنجي وزير بديھمن کان مشورو ورتو ته ھن چيس ته، ”منھنجي خيال ۾ بھادر فوج ۽ ھاٿين جي ڪثير تعداد لشڪر سان نه صرف ملڪ ۾ امن امان رھندو پر ملڪ جون سرحدون به محفوظ رھنديون.“ ۽ اوھان جا سڀ دشمن اوھان جي تلوار جي خوف کان ڊڄندا رھندا ۽ ڪوبه ملڪ تي حملو نه ڪري سگھندو. (تاريخ سنڌ- مولانا قدوسي- ج- اول- ص نمبر 19) ان ڪري ھن اندروني طور پوزيشن مضبوط ڪئي. ۽ خارجي طرح قسطنطنيه جي قيصر ھرقل جي درٻار ۾، پنھنجو سفير موڪلي، ايران جي خلاف پنھنجو سياسي توازن برقرار رکيو. 627ع ۾ جڏھن خسرو پرويز کي ھرقل شڪست ڏني ته ان موقعي تي چچ قيصر ڏانھن مبارڪباد جو پيغام موڪليو. خلافت فاروقي ۾ جنگين جي موقعي تي ايران جي بادشاھه يزد جرد کي فوجن ۽ جنگي سامان جي ھاٿين سان مدد ڪئي. ھن دشت ندي تي کجيءَ جا وڻ پوکرائي. سرحد تي نشان لڳرايا. (مولائي شيدائي- روزانه مھراڻ سالگره نمبر 1961ع ص نمبر 25)
    برھمڻ حاڪمن سنڌ جي فوجي قوت کي ڦھلايو ۽ مضبوط ڪيو. ھن دور ۾ وڏن ۽ خاص شھرن ۾ فوجون رھنديون ھيون. حڪومت اندر ملڪ جي بچاءَ لاءِ مضبوط قلعا ھئا، جن کي چؤگرد کاھيون يا ڍنڍون ھيون. اھي قلعا گھڻو ڪري، ٻيلن يا ٽڪرين تي ھوندا ھئا. راورجي قلعي اڳيان ڌُٻڻ واري زمين ھئي. نيرون ڪوٽ قلعي جي چوگرد، ڍنڍ جو پاڻي برسات ۽ آبڪلائي ۾ گڏ ٿيندو ھو. سيوستان جي قلعي ھيٺان اڙل واھه وھندو ھو. ساموئي يا سمانگو قلعي کي، کاھي ڏنل ھئي. ديبل جو قلعو سمنڊ جي ڪناري تي ھو، ان کان علاوه اُچ، سيواءِ، ماٿيلو ۽ مائو به مضبوط قلعا ھئا. سنڌي فنِ قلعي سازي کان پوري طرح واقف ھئا. برھمڻ آباد جي قلعي جي اھميت ھن دور ۾ به مسلمه ھئي. ھر قلعي کي برج ھوندا ھئا، جن جي اوچائي 40 فوٽن کان به مٿي ھئي. شھر جي انتظام لاءِ، ھر ھڪ حصي تي فوج جا دستا رکيل ھئا، اھڙن ھنڌن کي گلما چئبو ھو. (تاريخ تمدن سنڌ- حضرت مولائي شيدائي- ص نمبر 125)
    برھمڻن جي دور ۾ سپاھين وٽ زرمون، نيزا، تِير ڪمان، ترارون، ڀالا، بڙڇيون ۽ گينڊن جو ڍالون، جنگي ھٿيار ھئا. راجا خود لشڪر جي مھنداري ڪندا ھئا ۽ جڏھن راجا ھاٿي تي سوار ٿي سوارن، پيادن ۽ ھاٿين جي ڪٽڪ سان، جنگ جي ميدان ۾ نڪرندو ھو ۽ سپاھي گھنڊ ۽ واڄا وڄائيندا ھئا تڏھن دشمن جي دلين تي ھيبت ڇائنجي ويندي ھئي. کتري سپاھي، پنھنجي روايت مؤجب، چيلھ ۾ رسا ٻڌي، ميدانِ جنگ ۾، جوان مردي سان وڙھندا ھئا. ھڪ ٻئي جي چيلھ ۾ رَسا ان ڪري ٻڌندا ھئا، جيئن ڪو بزدل ميدان مان ڀڄي نه وڃي. جنگ جي ميدان ۾ ڪي ھندو سوار، موقعي جي نازڪ حالت ۾، ھاٿين ۽ گھوڙن تان ھيٺ لھي، دشمن سان دوبدو مقابلو ڪندا ھئا. جنگ جو سمورو دارومدار راجا جي سرڪردگي ۽ موجودگيءَ تي ھوندو ھو. ھو ھر لحمي پنھنجي فوج سان گڏ ھوندو ھو. ائين نه ھو ته، فوج کي ٻوھي ۾ ڏيئي پاڻ ويٺو عيش ڪري. ان دور ۾، سنڌ ۾ لشڪر تمام گھڻو ھو، مثال: اروڙ واري تاريخي جنگ ۾ 35 ھزار زرھه پوش، ڏھه ھزار پيادا ۽ نيزا بردار ۽ سٺ ھاٿي ھئا. برھمڻ آباد واري جنگ ۾ 40 ھزار سوار ۽ پيادا ۽ ھڪ سؤ ھاٿي ھئا. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 360)
    برھمڻ خاندان جو ٽيون حاڪم راجا ڏاھر ھو، جيڪو 700ع ۾ تخت تي ويٺو. مولانا قدوسي لکي ٿو ته- ”ڏاھر تخت تي ويھڻ شرط عدل ۽ انصاف کي پنھنجو شيوو بڻايو. فوج کي پئسن سان ۽ رعيت کي احسان سان گرويده ڪيو، جنھن ڪري رعيت ۾ ھن لاءِ غير معمولي جذبهءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري پيدا ٿي. ھن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو. سنڌ جي مشرقي سرحد تي وڃي، اتي قابل اعتماد ماڻھو رکيا. اتان ٿي ھو مغربي سرحد تي آيو ۽ اتي انتظام درست ڪيائين. اتان ٿي برھمڻ آباد ۾ اچي پنھنجي ڀاءُ ڏھرسين جي حڪومت کي درست ڪيائين. پوءِ ھو ڪيچ مڪران ويو، جتي ڪرمان جي بادشاھه، جنھن جي سرحد سنڌ سان ملندڙ ھئي سان دوستيءَ جو معاھدو ڪري واپس گاديءَ جي ھنڌ اروڙ ۾ آيو. (تاريخ سنڌ- ج اول- ص نمبر 43)
    راجا ڏاھرھڪ اعليٰ حڪمران، سپھ سالار ۽ فوجي جرنيل ھو. ھن جي دور ۾ 711ع ۾ عربن سنڌ تي ڪاھه ڪئي. مڃيون کڻي ته راجا ڏاھر ڪافر ھو، ڪراڙ ھو، جيڪو سنڌ کي نه پر پنھنجي اقتدار ۽ تخت کي بچائڻ لاءِ وڙھيو. ھن مسلمانن سان وڙھي پنھنجي عاقبت ڪاري ڪئي ۽ اسان سنڌين تي ڪارنھن جو ٽِڪو لاتو. ڇو ته ھن مسلمانن کي حڪومت نه ڏني- ائين نه! پر محنت سائين چور جي به نه وڃائجي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي! پر ٻيلي واڻيو ٿي، ھمراھه مڙسي واھه جي ڏيکاري- دنيا ۾ ڀلا اھو ڪھڙو حاڪم آھي، جنھن پنھنجي تخت ۽ ڪرسيءَ کي بچائڻ لاءِ جنگ نه ڪئي ھجي. تاريخ شاھد آھي ته ھن ھڪ تربيت يافته، آرمي آفيسر وانگر دليريءَ سان مھنداري ڪئي ۽ مقابلو ڪيو. چچ نامي وارو لکي ٿو ته ”10 رمضان تي اروڙ ۾ آخري معرڪو ٿيو. ان وقت راجا ڏاھر پاڻ جنگ ۾ آيو. سندس پٽ جيسينه به گڏ ھو، جيڪو فوج جي وچ ۾ ھو ۽ ڏھه ھزار فوج ان جي اڳيان پٺيان ھئي، جن جون تلوارون مياڻِن کان ٻاھر نڪتل ھيون ۽ کين زرمون پاتل ھيون. سندن ھٿن ۾ تلوارون ۽ ڍالون ھيون. اھڙي شان سان مقابلي لاءِ نڪتا ھئا.“ (چچ نامو- ص نمبر 173) مير معصوم بکري لکي ٿو ته-”ڏاھر جي فوج جي اڳيان جنگي ھاٿي ھئا. ان کان پوءِ ڏھه ھزار سوار زرھه پوش ھئا. پوءِ ٽيھ ھزار پيادا ھٿيارن سان ليس ھئا. لشڪر جي وچ ۾، راجا ڏاھر سفيد ھاٿيءَ تي سوار ھو، جنھن کي وڏا وڏا سردار ۽ امير وچ ۾ ڪيو بيٺا ھئا. (تاريخ معصومي- ص نمبر 24) راجا ڏاھر، پنھنجي ھاٿي سان گڏ، چار سؤ سوارن کي ساڻ ڪري، ميدان جنگ ۾ ڪُڏي پيو. ھن جي ھٿ ۾ ھڪ چڪرو ھو، جنھن ۾ تيز چاڪو لڳل ھئا، جنھن کي ھو گھمائيندو ھو ته، جيڪو به ھن جي ويجھو ايندو ھو، ان جو سِر ڌڙ کان ڌار ٿي ويندو ھو. ڏاھر ۽ ان جا ساٿي، ھن آخري جنگ ۾ وڏي بھادريءَ سان وڙھي رھيا ھئا-“ (تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا قدوسي ص نمبر 152)
    10 رمضان المبارڪ 93ھه ۾ سنڌ فتح ٿي ۽ ھت عربن جي حڪومت قائم ٿي. تاريخن ۾ اچي ٿو ته اروڙ جي فيصله ڪن جنگ ۾ ڪيترن ئي سنڌي اڳواڻن عربن جي مدد ڪئي، جن ۾ ديبل جو مولانا اسلامي، نيرون ڪوٽ جو حاڪم ڀنڊارڪن موڪه بن بسايا وغيره شامل آھن.


    • عربن جو دور

    ھيءَ ھڪ تاريخي حقيقت آھي، ته سنڌ جي رھاڪن مسلمانن جي روش ۽ سلوڪ ڏسي خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. جنگين ۾، سنڌين جي بھادري ۽ عسڪري قوت عربي لشڪر جي سپھ سالار کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ان ڪري جڏھن سنڌين اسلام قبول ڪيو، تڏھن محمد بن قاسم کين پنھنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪري، پنھنجي عسڪري قوت کي مضبوط ڪيو. نيرون ڪوٽ جي فتح وقت جيڪي جاٽ سپاھي مسلمان ٿيا، تن کي فوج ۾ داخل ڪيائين. سيوستان جي سمنيه پنڊتن کي ساڳيا فوجي عھدا مليا. برھمڻ آباد جي قلعي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ چئن ئي دروازن تي جيڪي فوجي دستا مقرر ڪيا ويا، انھن ۾ ھر دستي جو فوجي آفيسر برھمڻ ھو، جن کي ھڪ گھوڙو ۽ خلعت ڏيڻ سان گڏ، ھٿن ۽ پيرن ۾ سونا ڪنگڻ وڌا ويا- درٻار ۾ ھر ھڪ کي ڪرسي ڏني ويئي. جن فوجي سپاھين اسلام قبول ڪيو، تن کي فوج ۾ ساڳيا عھدا ڏنا ويا.
    ان کان پوءِ، جيڪي به عربي گورنر سنڌ ۾ آيا، تن سندن جنگي فن جي قابليت کان متاثر ٿي، کين فوج ۾ وڏا وڏا عھدا ڏنا ۽ ڪيترائي سنڌي سپھ سالار ۽ ڪمانڊر انچيف بڻجي ويا. والنٽيئر فوجن ۾ ھندو، جاٽ، بلوچ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون ڀرتي ٿيون. انھن سپاھين کي روڪ پگھار ملڻ لڳي. مٿن ڍلون معاف ھيون. ڪن کي انعام ۾ زمينون به مليون. سنڌ جي والين وٽ مضبوط لشڪر رھندو ھو. منصوره جي فوجي قوت مسعودي جي بيان مطابق چاليھ ھزار ھئي. ان فوج سان اسي ھاٿي به ھئا. ھر ھڪ سان پنجن سون پيادن جو دستو ھوندو ھو.
    ھن دور ۾ سنڌ جي عظيم لشڪر ڪشمير، گجرات ۽ مالوه تائين سوڀون ڪيون ھيون. 107ھه (725ع) جنيد، مارواڙ، مانڊل، پٽن، ڀڙوچ، اُجين ۽ ڪشمير تائين ڪاھون ڪري بيشمار مال غنيمت ھٿ ڪيو. 140ھه ۾ ھشام ڪشمير تائين ملڪ فتح ڪيو. ڪڏھن ڪڏھن مڪران ۽ ڪرمان جي علائقن جي نگراني به، سنڌ جو لشڪر ڪندو ھو. تن ڏينھن ۾ سنڌين وٽ جنگي ھٿيار، نيزا، زرھون، خود، ڍالون، جوشن ۽ ڪمانون ھيون. وٽن ٽن قسمن قسي، الرجل ولرڪاب، قسي اللوب ۽ جراد جا تِير ھئا. جراد جي ڊيگھ فقط گرانٺ ھئي. زرھن جا به ڪيترائي قسم ھئا. جھڙوڪ: مبطزه ۽ زرديات. عربي فوجن کي ھٿيار سرڪاري ملندا ھئا. مال غنيمت ۾ پنجون حصو سرڪار وٺندي ھئي، باقي سپاھين ۾ ورھايو ويندو ھو. عباسي دور ۾ فوجن جون پگارون وڌايون ويون. پيادي جي پگھار ڏھه روپيا ۽ سوار جي پگھار 25 روپيا ڪئي ويئي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 322)
    عربن جي آخري دور ۾ ھبارين تي سلطان محمودغزنوي حملو ڪيو، جنھن سان سنڌي جاٽن وڏي بھادريءَ سان مقابلو ڪيو. ان ڪري 1027ع ۾ محمود غزنوي چار ھزار ٻيڙيون اھڙي قسم جون تيار ڪرايون جن جي کاٻي پاسي بڙڇيون ۽ ھڪ اڳئين حصي ۾ بڙڇي لڳل ھئي. اھي ٻيڙيون سنڌ ۾ روانيون ڪري ھر ھڪ تي ويھ ويھ سپاھي تِير ڪمان، ڍال ۽ نيزي سان مسلح ڪري 28 ھزار فوج وٺي سنڌ روانو ٿيو. سنڌي جاٽن کي جڏھن اھا خبر پيئي تڏھن ٻار ٻچا محفوظ جڳھ تي ڇڏي اٺن ھزار ٻيڙين ۾ سوار ٿي، محمود سان بحري جنگ لڙي ۽ نھايت شجاعت ۽ بھادريءَ سان محمود جا ماڻھو ماري، پاڻ به وطن تان سِر قربان ڪري ويا- (تاريخ سنڌ- ج اول- مولانا قدوسي ص نمبر 325)
    بھرحال ھن دور ۾ به سنڌين پنھنجون فوجي صلاحيتون قائم رکي، پاڻ کي مسلح قوم جو فرد ثابت ڪيو.


    • دھليءَ جي مرڪزيت وارو دور

    سنڌ جي سرسبزي، خوشحالي ۽ آسودگي، ھند جي حاڪمن کي اکين ۾ ڪَٽر ٿي چڀندي ھئي. ھو ھر طرح ھن خطي کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي، ان کي ڦرڻ لُٽڻ لاءِ ڪوشان رھندا ھئا. پوءِ ان لاءِ کڻي پنھنجو ڪيڏو به لشڪر مارائڻو ڇونه پوي. شھاب الدين غوري، جڏھن دھلي سلطنت جو بنياد وڌو، تڏھن، سنڌ تي حملو ڪيو، پر سنڌين جي بري فوج کيس زبردست شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. ٻيو ڀيرو ھن، 1177ع ۾، حملو ڪري ملتان ۽ اُچ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. 1206ع شھاب الدين جي مرڻ کان پوءِ قطب الدين ايبڪ تخت تي ويٺو ۽ غلام گھراڻي جي حڪومت شروع ٿي. 1288ع ۾ خلجي سلاطين جو وارو آيو، جن اٽڪل چاليھ سال حڪومت ڪئي. خلجين کان پوءِ تغلق حاڪم ٿيا. غوري خاندان کان وٺي خلجي دور تائين، سنڌ ۾ سومرن جو زور رھيو، جيڪي ڪڏھن به چُپ ڪري نه ويٺا. آزادي ۽ صوبائي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجھد ڪندا رھيا ۽ لاڳيتي ڪوشش کان پوءِ ھنن سنڌ جي سرزمين کي، دھليءَ جي مرڪزيت کان آزاد ڪرائي وڳھ ڪوٽ کي پنھنجو تخت گاھه بڻايو، جيتوڻيڪ ھن دور ۾ سنڌ جي ڪن حصن ملتان، بکر ۽ سيوھڻ تي وقت به وقت گورنر دھلي کان پئي آيا، مگر سنڌ جا حقيقي حاڪم اھو سمورو عرصو سومرا ئي ھئا ۽ لاڙ جي حصي تي مضبوطيءَ سان قائم رھيا. ھڪ غلام گورنر ناصر الدين قباچه سنڌين جي زور ڀرڻ تي، سنڌ کي دھليءَ جي مرڪزيت کان ڌار ڪري خودمختيار ملڪ بڻايو. تغلق گھراڻي جي حاڪمن به سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ ھڪ ٻئي پٺيان 3 حملا ڪيا. ان دور ۾ ھتان جا حاڪم سما ھئا، جن کين وٺ نه ڏنو ۽ آخر ھو معاھدو ڪري دھلي موٽي ويا.
    ھن سڄي دور ۾ سنڌ جو فوجي نظام اعليٰ پايي جو ھو، جن کي ھندوستان جي مڙني شھنشاھن تسليم ڪيو ۽ ھو سنڌين جي بھادري خواھه عسڪري قوت جا ڳُڻ ڳائيندا رھيا. ھن دور ۾، سنڌ ھند تي مغلن جا حملا ٿيندا ھئا، جن کي روڪڻ لاءِ قطب الدين سنڌ جي سرحد تي مضبوط قلعا ۽ فوجي ڇانوڻيون قائم ڪري فوجون وھاريون. اھڙيون ڇانوڻيون لاھور، ملتان، ديبالپور، بکر ۽ سيوھڻ ۾ ھيون. ان دور ۾ فوجون ٻن قسمن جو ھيون. وجھي يعني باقاعده فوج ۽ ٻيو غير وجھي يعني بي قاعده فوج. فوج مٿان ھي عملدار ھئا. (1) سپھ سالار (2) سرخيل. ھڪ سپھ سالار ھيٺان ڏھه سرخيل ھئا. (3) امير، جنھنجي ماتحت ڏھه سپھ سالار ھئا. سپھ سالارن کي امير به چوندا ھئا. (4) ڏھن سپھ سالارن مٿان وڏو عملدار ”خان“ ھوندو ھو، جنھنجي ماتحت ڏھه مَلڪ رھندا ھئا. سپھ سالار جي نگراني ھيٺ ھڪ سؤ سپاھي رھندا ھئا. في مَلڪ ماتحت، ھڪ ھڪ ھزار سپاھي رھندا ھئا. في خان ماتحت جنھن کي نمندار به چوندا ھئا، ڏھه ھزار لشڪر رھندو ھو. ھڪ لک سپاھه مٿان پنج ھزار مَلڪ مقرر ھئا. سپھ سالارن کي ڊگھا جبا پيل ھوندا ھئا جن جي آستينن؛ ڳِچي ۽ ڪلھن تي سونا ڪاري جو ڪم ٿيل ھو. سندن ٽوپيون چئن ڪُنڊن واريون ھيون؛ جن تي جواھر لڳل ھئا. سپاھين کي به مختلف رنگن جي پوشاڪ ھوندي ھئي. فوجي عملدارن مان خلجي دور ۾ في سوار کي 234 ٽَڪا؛ خان جي پگھار ھڪ لک ٽَڪا؛ امير جي پگھار 30 يا 40 ٽَڪا؛ ملڪ جي 50 يا 60 ھزار ٽَڪا ساليانو پگھار ھئي. ڪو امير، لشڪر ڏيندو ھو ته ھن کي سرڪار پاران پروانو ملندو ھو ۽ سندس سپاھين کي نقد پگھار ملندي ھئي. لشڪر جي سپاھين کي صوبن جي خزانن مان چيڪن ذريعي پگھار ملندي ھئي. ھر ھڪ فوجي دستي جي حساب ڪتاب لاءِ جدا رجسٽر ۽ منشي مقرر ھو. محمد تغلق ھر سوار کي کاڌي، پوشاڪ ۽ گاھه پٺي کان سواءِ پنج سؤ ٽَڪا پگھار ڏيندو ھو. جھونن سپاھين جي مائٽن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ خاص موقعو ڏنو ويندو ھو. سلطان علاءَالدين خلجي جي فوجين جو تعداد چار لک پنجھتر ھزار ھو ۽ محمد تغلق وٽ نو لک لشڪر ھو. فوجن کي حڪم ھو ته رواني ٿيڻ وقت کيتن ۽ ڳوٺن کي ڪوبه نقصان نه پھچائين جيسين کين لُٽمار ڪرڻ جو حڪم نه ملي. لشڪر کي ندين ٽَپائڻ لاءِ، سرڪاري ٻيڙو مقرر ھو، جنھن کي بحر چوندا ھئا ۽ پيڙھه جي عملدار کي اميرالبحر جي لقب سان ڪوٺيندا ھئا. شاھي فوج کي گھوڙن مھيا ڪرڻ لاءِ سلاطين وٽ شاھي اصطبل ھئا، جن کي پايه گاھه چئبو ھو. شاھي گھوڙن جي پرورش لاءِ، جدا عملدار آخور بيگ مقرر ھو. دھليءَ ۾ پنج شاھي اصطبل ۽ فيل خانه ھئا، فيل خاني جي عملدار کي، شھنائي فيل چوندا ھئا. ھزارن جي تعداد ۾ ھاٿي پرورش وٺندا ھئا. لشڪر وٽ ترڪي ۽ ايراني ڪمانون ھيون. لشڪر وٽ بم گولا به ھئا. علاءُالدين خلجيءَ وٽ توبون ھيون. لشڪر جي صف آرائي ھن طرح ٿيندي ھئي. ڪي دستا اڳيان، ڪي پٺيان، ڪي ساڄي ڪي کاٻي، ۽ ڪي وچ ۾. ڪوچ ڪرڻ وقت لشڪر کي سيڌي سامان پھچائڻ لاءِ، واپاري ساڻ ھلندا ھئا، جن کي بنجارا يا وڻجارا چئبو ھو. لشڪر رواني ٿيڻ وقت نغارا ۽ باجا وڄندا ھئا. مال غنيمت مان پنجون حصو سرڪار جو ھو، جنھن کي خمس چوندا ھئا. باقي فوجين کي ورھائي ڏيندا ھئا. پيادي جي مقابلي ۾ سوار کي 2 يا 3 حصا وڌيڪ ملندا ھئا. سلاطين وٽ جھنڊا به ھوندا ھئا، جن جا مختلف رنگ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 231)
    دھليءَ جي ھن مرڪزي حڪومت واري دور ۾، سنڌين صوبائي خودمختياري ماڻڻ لاءِ جيڪي مسلسل ڪوششون ڪيون ان لاءِ مؤرخ سنڌ، مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”سنه 1321ع تائين غلام، خلجي، تغلق سلاطين سنڌ تي حڪومت ڪئي پر کين ساڳيون مشڪلاتون پيش آيون، جيڪي عربن ۽ غزنوين کي پيش آيون، ڇاڪاڻ ته سنڌ دھليءَ کان گھڻو پري ھئي. حڪومت جا باغي به دستور موجب ھن صوبي ۾ پناھه وٺڻ لڳا، انھن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لاءِ دھلي سلاطين کي؛ بکر ۽ سيوھڻ ۾ وڏي فوج رکڻي پيئي. وري جڏھن ڪا بيروني طاقت ڪاھه ڪندي ھئي جھڙوڪ مغل، ته اھڙن موقعن تي سنڌ جا ھندو مسلمان گڏجي بغاوتون ڪندا ھئا. دھليءَ جا گورنر فقط سنڌ مان ڍَلون اڳاڙيندا ھئا. انھن مسلسل بغاوتن ڪري دھليءَ جي سلاطين کي لاچار سنڌ سنڌين جي حوالي ڪرڻي پيئي. 1726ع ۾ جيسلمير جي راول جئسي سنڌ جي خزاني مان ٽن ھزار ڀريل گھوڙن ۽ خچرن کي، دھليءَ ڏانھن ويندي واٽ تي ڦريو. دھليءَ جي سلاطين کي جڏھن فوج جي ضرورت پوندي ھئي ته خراسانين ۽ مڪرانين کي ڀرتي ڪندا ھئا. علاءُالدين خلجي کي اَٺن سالن تائين سنڌ جي رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ، ڀاٽين سان جنگ ڪرڻي پيئي. (تمدن سنڌ- ص نمبر 372)
    سنڌين وٽ ان دور ۾ جنگ ڪرڻ جا مکيه ۽ اعليٰ طريقا ھئا، جن سان ھنن دشمنن کي ٽوٽا چٻايا. سندن بھادرانه صلاحيتن، عسڪري نظام، آزادي ۽ صوبائي خود مختياري جي جذبن کي مجروح ڪرڻ ۽ ھيسائڻ لاءِ دھلي جي ظالم حڪمرانن وڏيون سختيون ڪيون مگر سنڌين کي ڪچلي نه سگھيا.
    آخر ۾ خود دھليءَ جي حاڪمن، سندن فوجي صلاحيتن کي قبول ڪندي کين فوج ۾ وڏا عھدا ڏنا ۽ اھڙي طرح کين پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سمن حاڪمن مڪمل طرح خود مختياري حاصل ڪري سنڌ ۾ وري آزاد حڪومت جو جھنڊو بلند ڪيو.


    • سومرن جو دور

    سنڌ جي تاريخ ۾، سومرن جو دورِ حڪومت انفرادي حيثيت جو حامل آھي. ھن زماني ۾ سنڌ جي تھذيب، تمدن، ادب ۽ ڪلچر جيڪا ترقي ڪئي اھا تاريخ جي ورقن ۾ لکي ويندي. سنڌ جا روماني قصا ۽ رزميه داستان ھن دور جا لافاني يادگار آھن. عمر مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ دودو چنيسر ھن زماني جا اھي تمدني ۽ ادبي پھلو آھن جن کي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو مقام آھي. ھنن ئي قِصن ۽ داستانن، سنڌي ادب ۾ ھڪ تغير ۽ انقلاب آندو، جنھن ڪري سنڌي شاعريءَ رومانوي ۽ رزمي طرح وڏي فضيلت حاصل ڪئي. جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته- ”مقامي حڪمرانن جي مضبوط مرڪز سبب مقامي ماڻھن جو ڌيان ٻين مسئلن ڏانھن وڌايو. امن امان سُک ۽ سلامتي جي ڪري محفلن، معرڪن ۽ ڪچھرين جو رواج پيو. مقامي راڳ رنگ ۽ شعر و شاعري جو شوق وڌيو. ھن نجي ماحول ۾ ماڻھن جو توجھه اندروني مسئلن ۽ معاملن طرف وڌيو. ملڪي آزاديءَ سببان ماڻھن جا ذھن کليا ۽ حاڪمن ۾ سردارن جي ڪچھرين ذريعي مقامي قصن، ڪھاڻين، عشقيه داستانن ۽ ٻين خاص واقعن جي پھت پجار شروع ٿي. سنڌ جي عام مقبول ڪنھن قصن ۽ عشقيه داستانن جو بنيادي ٿَڌو سومرن واري سر زمين ۾ لڳل نظر ايندو. (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ- ص نمبر 220)
    سومرن جي حڪومت جو دور، جيڪو ستين صديءَ کان شروع ٿئي ٿو، سنڌ جو انتھائي عروج ۽ ترقي جو دور آھي. ھنن جي ھر مرد ۽ عورت، ٻار خواھه ٻُڍي ۾ پنھنجي ملڪ جي آزادي ۽ سالميت لاءِ محبت ۽ سِڪ ھئي. ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته ”ھن دور ۾ ساڻيھ تان سِر صدقو ڪرڻ، نه فقط مَردن جو مَرڪ ھو، پر عورتن به حب الوطنيءَ جا مثال قائم ڪيا. ٻارن، ٻُڍن، مَردن ۽ زالن ۾ وطنيت، خود قرباني، استقلال، ھمت ۽ مريادا جو جذبو، اول کان ئي رھيو آھي. ھو ھر مھل، ھر حال ۾ ۽ ھر موقعي تي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي عزت لاءِ، سِر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان ڪين ھَٽيا. (سومرن جي دور جو سنڌي ادب- نئين زندگي مارچ 1980ع) ھن دور ۾ عورتن به ملڪي سياست ۽ دفاع ۾ تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجو مقام اوچو رکيو. مائي تارا ٻائي ڌيءُ دودي جي، پھرئين سنڌي عورت آھي، جنھن سڄي برِصغير ۾ پھريون دفعو سنڌ تي عورت ٿي حڪومت ڪئي. ان کان سواءِ سنگھار جي مرڻ کان پوءِ سندس زال ھمون ٻائي حڪومت جون واڳون سنڀالي وڏي ھوشمنديءَ سان حڪومت ھلائي.
    سومرن جي دور ۾، سنڌ جو انتظام اعليٰ قسم جو ھو. حڪمران کي سومرن جي پاڙي جا سرڪردا سردار ۽ راڄن جا سربراھه ۽ ھر پاڙي جا مھانڊا گڏجي چونڊيندا ھئا. حڪمرانن لاءِ ھڪ مخصوص بادشاھي جھنڊو ھوندو ھو، جنھنجو رنگ اڇو ھو، ان ڪري ان کي اڇو جھنڊو چئبو ھو. اھو تخت تي ويٺل حڪمران جي جاءِ تي چاڙھيو ويندو ھو. ملڪ جي انتظام لاءِ مرڪزي عملي ۾ عامل ۽ ڪاتب مقرر ٿيل ھئا. گاديءَ جي شھر ۾ حڪومت جو شاھي دفتر ھو، جيڪو پھريائين ھميرا سومري قائم ڪيو ھو. انتظامي لحاط سان سڄو ملڪ صوبن ۾ ورھايل ھو ۽ ھر صوبو وري شھرن ۾- ھُن دور ۾ سنڌ جو عسڪري نظام تمام مضبوط ھو، جنگ ڪرڻ جو فيصلو، اسيمبلي ڪندي ھئي. حاڪم خود لشڪر وٺي، ميدان ۾ ايندو ھو ۽ پاڙي جا سردار به پنھنجو لشڪر آڻيندا ھئا. جيڪو جنگ ھارائيندو ھو، انکي کٽندڙ ڌُر داڳ ڏيئي پنھنجو غلام بڻائيندي ھئي. (سومرن جو دور- ڊاڪٽر بلوچ صاحب- ص نمبر 228)
    سومرا حاڪم بھادر، غيور ۽ محب وطن ھئا. بھادري ۽ شجاعت ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھئا. سندن دور ۾ محمود غزنوي ڪاھه ڪئي، جنھن سان ھنن دليريءَ سان مقابلو ڪيو. 1032ع ۾ شھاب الدين غوري حملو ڪيو پر سومرن کيس سنڌ ۾ اچڻ نه ڏنو. ھنن جنھن فوجي حڪمت عملي ۽ بھادريءَ سان علاءُالدين ترم شيرين جو مقابلو ڪيو، تنھن کين ھڪ اعليٰ قسم جو جنگجو بڻائي ڇڏيو. ھن جنگ ۾ ھر سنڌي پنھنجي اعليٰ فوجي مھارت جو ثبوت ڏنو. ھن ترم شيرين، محمد بن تغلق جي تخت نشينيءَ کان ٻه سال پوءِ ھندوستان تي ڪاھيو، جنھن کي تغلق حاڪم زر ۽ جواھر ڏيئي رخصت ڪيو. ان کان پوءِ خاص موصوف مارواڙ ۽ گجرات ۾ ڦرمار ڪري سنڌ رستي وطن وريو. ھن جنگ جو مکيه سورمو دودو آھي. ھو ھڪ عظيم جرنيل ۽ اعليٰ سپھ سالار ھو، جنھن اسان جي قومي آزادي لاءِ قرباني ڏني. دودو سونھن، سياڻپ ۽ سورھيائيءَ جو مجسمو، حب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبن سان اسان جي قومي ڪردار جي نمائندگي ڪري ٿو. سندس جنگي ڪارنامو وطن جي راھه ۾ سرفروشي ۽ قربانيءَ جي عوامي جذبن جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. دودو سنڌ جو ھڪ لافاني، لاثاني ۽ قومي ھيرو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس جنگ ڪرڻ جو نقشو ھيئن چِٽيو آھي- ”دودو دلير ۽ دلاور ھو. ڪوپو ۽ ڪنڌار ھو. جڏھن دودو جنگ تي چڙھيو ته سندس حشمت ۽ ھيبت کان بادشاھي لشڪر جا ھانءُ کاڄي ويا. دودو چڙھيو ته پنھنجو خاص ٽھانگ ھٿيار کڻي چڙھيو جنھن ۾ ست تلوارون سميٽيل ھيون. دودي کي سَت ھٿيارو سومرو ڪري ٿي سڏيائون جو جنگ جي ميدان ۾، ٻين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ سَت ھٿيار پئي وڙھيا ۽ جتان ٿي شاھي فوج ۾ پيو اتان ته پھا ڪڍي ٿي ڇڏيائين. ڄڻ درياءَ اٿلون ڪري پلٽجي ٿي پيو ۽ مخالف لشڪر کي، ٻنھي ڪنڌئين ٻوڙي ٿي ڇڏيائين. دودي جي مقابلي جي ڪنھن کي به جرئت ڪانه ٿي ٿِي. دودو چوڏھن چنڊ وڙھيو ۽ عالادين جي لشڪر جو وڏو حصو مارجي ويو پر شاھي لشڪر کُٽڻ جو ڪونه ھو، آخري جنگ ۾ دودو ڪفن پائي وڙھيو ۽ جڏھن جوش مان حملا ڪيائين، تڏھن سڀني کي پَڪ ٿي ته دودو مارجڻ جو ئي ناھي. آخر چنيسر کين حرفت ڏَسي، جنھنڪري دودي کي ٺَڳيءَ سان شھيد ڪيائون. (سومرن جو دور- ص نمبر 336)
    دودي کانسواءِ ھن جنگ عظيم ۾ ننگر، ھاسو سوڍو، ساھڙ سومرو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا حاڪم اھڙا سپھ سالار ۽ سورھيه سپاھي ھئا جن پنھنجي لَکن جي فوج جي ڪمانڊنگ ڪندي فوجي قابليت ڏيکاريندي وطن تان سِر صدقو ڪيا. ان کان سواءِ ھن دور جي عورتن ۾ به ايڏي ته حب الوطني ۽ ساڻيھ جي سِڪ جو عنصر ھو جو وطن خاطر ھنن ھر قرباني کي برداشت ڪرڻ جو عزم ڪيو. محترمه مھتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته، ”سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ جن عورتن جا نالا نقش ٿيل آھن، تن مان خاص طور تي سومرا دور جون عورتون قابل ذڪر آھن، جن پنھنجي ديس کي، ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ، سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به ميدان جنگ ۾ نڪري آيون. اھڙين بھادر ۽ جانباز عورتن ۾ ٻاگھل ٻائي، ڪوئل، ساران، مالھان ۽ ابڙي جي ڌيءُ زينب جا نالا قابلِ ذڪر آھن، جن ڌارين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ، پنھنجي وِت ۾ وسعت آھر پاڻ ملھايو. (سنڌي عورت جو تحريڪ آزادي ۾ ڪردار- ماھوار پيغام مارچ 1983ع)
    سومرن جي دور جا ھي ھڙئي سورما ۽ سپھ سالار قابلِ عزت آھن، جن اسان جي تاريخ، تھذيب، آزادي ۽ غيرت تي سِر ڏيئي پاڻ کي ۽ ملڪ کي سلامت رکي پنھنجو نالو وطن دوست شھيدن ۾ لکرايو. سندن عظيم ڪردار حب الوطني ۽ قرباني جي ڀرپور جذبن سان اسان جي قومي روايتن جي پوري پوري نمائندگي ڪن ٿا. سندن مردانگي، شجاعت، دليري ۽ ساڻيھ جي سِڪ جو جذبو، اڄ به نئين نسل ۾ اھو روح ڦوڪي ٿو.
    بنا کر دند خوش رسمي نخون و خاک غلطين
    خدا رحمت کند اين عاشقانِ پاک طينت را-


    • سمن جو دور

    سما، سنڌ جي ھڪ قديم ذات آھي، جيڪي اصل چندر ونسي راجپوت ھئا. دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي جامبوتي جي وڏي پٽ سامبا سنڌوندي جي ٻنھي ڪَپن تي، زابلستان تائين ھڪڙي حڪومت جو پايو وڌو ھو، جنھنجو تخت گاھه سمبانگو يا مينانگو ساموئي وٽ ھو. اھا حڪومت سنڌ سما سڏبي ھئي. سامبل ھن خاندان جو راجا ھو، جنھن سڪندر يوناني سان جنگ ڪئي ھئي. جامبوتي جي بطن مان ھئڻ ڪري سندس اولاد جو لقب ڄام ھو. برھمڻ راجائن جي حڪومت جي زماني ۾ ھن ذات جا ماڻھو وڏا جاگيردار ۽ مندرن جا متولي ھئا. سنڌ جي سياست ۾ سندن وڏو دخل ھو. چچ جي ڏينھن ۾ سيوراج سمو ديبل جو حاڪم ھو. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 323)
    شروعات ۾ سمن، سومرن جي مدد ڪئي، ان ڪري سومرن جي حڪومت مضبوط ٿي ويئي، پر پوءِ ھنن ٻنھين جو پاڻ ۾ ٽَڪر ٿي پيو ۽ سما ڪڇ ڏانھن ويا جتي پنھنجي بادشاھي قائم ڪيائون. ڪڇ جي سمن جو سنڌ جي سمن سان به ناتو ھو، جن جي مدد سان 1351ع ۾، سومرن جي پوئين حاڪم ھمير جي ڏينھن ۾، سڀ سما، ڄام انڙ جي سرداري ھيٺ گڏ ٿيا ۽ سما حڪومت جو پايو وڌائون، سندن اوائلي تخت گاھه سمانگر ھو، جيڪو مڪليءَ کان 3 ميل اتر طرف ھو.
    سمن جو دور سنڌ لاءِ رحمت جو دور ھو. ملڪ ۾ امن امان ھو. خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه ھو. سنڌ جا ماڻھو سُکيا ستابا ھئا. سڄو ملڪ ريان کيان ھو. ديانتداري ۽ دنيا داري ٻيئي گڏوگڏ ھيون. ديني ۽ دنوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئن ئي ڪُنڊن ۾، انتھائي عروج تي ھئي. اھو دور سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جو دور ھو. سنڌ واسين ۾ قوميت جو احساس ڪر موڙي رھيو ھو. علم و ادب گھڻي ترقي ڪئي. اسلامي تعليم لاءِ مدرسا کليا، جن ۾ وڏا وڏا محدث ۽ بلند پائي جا عالم تعليم ڏيڻ لڳا. ٺٽي کي دارالعلوم جي حيثيت ملي، جنھن ۾ خراسان، ايران ۽ عربستان کان عالم لَڏي اچي رھيا. سَمن حاڪمن علم ۽ فَن جي قدرداني ۽ عالم جي عزت افزائي ڪئي.
    ھن دور ۾، سنڌ جي گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان سان سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيا. سمن فرمانروائن ڌاڙيلن جي بيخ ڪني ڪئي، جن جن واپارين جا مال سنڌ اندر ڌاڙيلن لُٽيا ھئا سي انھن گجرات تائين سندن وارثن کي ڌاڙيلن سميت پھچايا. گجرات نو مسلم مظفريه سلاطين سان، جيتوڻيڪ سمن جي مائٽي ھئي، تاھم سما سلاطين، ٿر ۽ جوڌپور جي سرحد تي سومرن، ڪلھوڙن، سوڍن ۽ بلوچن جي ڪٽڪن کي وھاري ڇڏيو ھو. انھن 1362ع ۾ دھليءَ جي غلاميءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرايو. 1459ع ۾ جوڌپور جي راجا راٺوڙ تي ڪاھه ڪئي. ھن جنگ ۾ راجپوتن شڪست کاڌي ۽ راجا جو پٽ سنتل مارجي ويو. سن 1470ع ۾ 24 ھزار سنڌين جي گڏيل فوج گجرات تي ڪاھه ڪئي. سلطان محمود بيگڙھه، سنڌي لشڪر جي سردارن کي سورٺ ۾ جاگيرون ڏنيون.
    سمن جي دور ۾، سنڌ جو عسڪري نظام اعليٰ پائي جو ھو. سنڌي فوجن جي ھاڪ ملڪان ملڪ ھئي. ھنن جي بھادري، جرئت ۽ شجاعت جا مثال ڏنا ويندا ھئا. سنڌي فوجن جي ويڙھه جا طريقا نھايت جديد ۽ خوفناڪ ھئا. گوريلا جنگ ۾ سنڌي فوجن جو ڪوبه ثاني نه ھو، سنڌي جڏھن به ڪو دشمن ۽ ڌاريو غنيم پنھنجي ملڪ ۾ ڏسندا ھئا ته تمام زرخيز زمينن ۽ باغن کي اڳواٽ ئي ويران ڪري ڇڏيندا ھئا، جيئن حمله آورن کي کاڌ خوراڪ ۽ گاھه نه ملي سگھي. سمن حاڪمن فوج کي منظم ڪيو. ملڪ جي بچاءَ لاءِ قلعن ۾ فوجون رکيائون. ھنن ملڪ ۾ قلعن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. ان زماني ۾ ھي قلعا مشھور ھئا. سوڍن جو قلعو عمر ڪوٽ ۾، نصرپور سرڪار ۾ سانڪره واھه تي قلعو، بٺوره جو قلعو، سيوھڻ جو قلعو، نيرون ڪوٽ جو قلعو، سيوي جو قلعو، بکر جو قلعو. ھنن وڏن قلعن کان سواءِ، ٻيا ننڍا قلعا ۽ ڇانوڻيون انيڪ ھيون. سما سلاطين ملڪ جو گشت ڪري، حالتن کان واقف رھندا ھئا. ڇانوڻين ۽ قلعن کي مرڪز مان فوجن ۽ باربرداريءَ جي جانورن جي امداد ملندي ھئي. سما، فوجي عملدارن کي جاگيرون ڏيندا ھئا. سنڌين جي فوجي قابليت کي نظر ۾ رکي ملتان ۽ گجرات جي حاڪمن کين پنھنجي لشڪر ۾ نوڪريون ڏنيون.
    ھن دور ۾، سنڌين تغلقن ۽ ارغونن سان جيڪي لڙايون ڪيون تن مان سندن فوجي مھارت جو چِٽو ثبوت ملي ٿو. دھليءَ جا ٻه تغلق حڪمران محمد شاھه ۽ فيروز شاھه تغلق سنڌ جي سمن کان شڪستون کائي، نامراد ٿي واپس ويا. محمد شاھه تغلق ٻن لکن جي فوج سان 751ھه ۾ ھِت آيو، جنھن سان سنڌي فوج نھايت جوانمردي، ھمت ۽ سورھيائيءَ سان وڙھي ۽ بادشاھه کي اھو ڏسي دلھول وٺي ويو ۽ اتي ئي مري ويو. وري 1361ع ۾ فيروز شاھه تغلق نوي ھزار سوار، چوراسي ھزار پيادا، چار سؤ اسي ھاٿي ۽ پنج ھزار ٻيڙين جي عظيم فوج سان سنڌ تي چڙھائي ڪري آيو. ان وقت ھت ڄام انڙ جو ڀاءُ ۽ ان جو ڀائيٽو ڄام بابينو حڪمران ھئا. تاريخ فيروز شاھي وارو لکي ٿو ته ”ٺٽي ۾ مضبوط قلعو آھي. ھتان جا رھاڪو بھادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ وطن جي محبت ۾، مرد و زن سرشار آھن.“ عفيف لکي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻھو مٿير مڙس آھن، سندن مڙسي ۽ مردانگي جي سڄي دنيا کي خبر آھي. سندن فوج ۾ ويھ ھزار دلير مرد ۽ چار لک پيادا ھئا. ھر سوار زور ۽ طاقت ۾، پنھنجي زماني جو رستم ھو. (تاريخ فيروز شاھي) ھنن دشمن مؤرخن جي بيانن مان، سنڌ واسين جي فوجي مھارت جو چڱي طرح پَتو پئجي وڃي ٿو. ھڪ ڏيھي مؤرخ سنڌ جي عوام جي فوجي مھارت ۽ حب الوطني بابت لکي ٿو ته ”حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جي محبت سنڌ واسين کي ايڏي ھئي جو سنڌ جا عام ماڻھو به پنھنجي جان ڏيڻ کان دريغ نه ڪندا ھئا. ٺٽي وارن طرفان، ماڻھن جو وڏو ھجوم ھو. انھن مان ھر ھڪ پاڻ انجمن ھو ۽ وقار ۽ پھاڙ مثل ھو. سڀئي بھادر ۽ جنگجو ھئا. سندن قوت ۽ بھادريءَ جا مثال ھر ھڪ لاءِ روشن ھئا.... ان وقت ٺٽي وارن جو لشڪر ويھ ھزار بھادر سوارن تي مشتمل ھو. ھر ھڪ قوت، دلاوريءَ ۾ يگانو روزگار ھو ۽ پيادل فوج جو انداز 4 لک ھو. ھن بي پناھه لشڪر ۽ بي پايان قوت سان، ٺٽي جا ماڻھو لشڪر جي سامھون آيا.“ (تاريخ سنڌ- جلد اول- مولانا قدوسي ص نمبر 334) ۽ فيروز شاھه کي ھن سنڌي لشڪر، اھڙي ته شڪست ڏني جو ھو گجرات ڏانھن ڀڄي ويو. وري ٻئي دفعي ھو، ٻيڻو لشڪر وٺي آيو. سنڌ واسين فوجي حڪمت عملي کان ڪم وٺي، دشمن جي اڳتي وڌڻ جون راھون بند ڪري ڇڏيون. دشمن جي رسد بند ڪرڻ لاءِ درياھه ۽ سمنڊ جي ڪنارن وارا علائقا خالي ڪري، اتي جو فصل ۽ گاھه ڀيلائي، سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو. دريائي پلون ۽ تَڙ ناس ڪيا. سنڌي فوج درياھه ٽپي، الھندي پاسي مورچه بند ٿي ويٺي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي 160 ميل ويڪري بچاءُ لائين کڙي ڪئي ويئي. ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي جوڌا، ملٽري ۽ جنگ جي سڀني جديد لاڙن ۽ طريقن کان واقف ھئا. اھڙي طرح سنڌ واسين اھڙو ته مڙسي سان مقابلو ڪيو، جو بادشاھه شڪست جو اعتراف ڪري، مخدوم جھانيان جھان گشت جي معرفت صلح ڪري واپس ويو. ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته- ”فيروز شاھه جون ٻه زبردست ڪاھون، سنڌ کي ڪمزور ڪري نه سگھيون. نه صرف ايترو پر فيروز شاھه جي فوج به کين لوڏي نه سگھي. ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستيءَ سان گڏ اعليٰ انتظامي صلاحيتون به موجود ھيون، جنھن سبب ھنن عوام جي دلين تي حڪومت ٿي ڪئي.“ (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- ھلال مئگزين سيپٽمبر 1983ع)
    ڄام نندي جي ڏينھن ۾ (1520ع) ۾ شاھه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو، جنھن سان سنڌين جنھن جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو سو تاريخ ۾ نمايان آھي. جناب مولانا اعجازالحق قدوسي، ان دور ۾ سنڌين جي بزدلي ۽ مرعوبيت بابت ھڪ ڳالھ لکي آھي، جيڪا تاريخي حقائق جي لحاظ کان صفا غلط ۽ ڪوڙي آھي- لکي ٿو ته- ”سنڌي مرزا عيسيٰ ترخان جي لشڪر کان ايترو ته مرعوب ٿي چڪا ھئا جو ڪنھن به طرح ان جي مقابلي لاءِ تيار نه ھئا. سنڌين جي مرعوبيت جو اندازو، صرف ھن واقعي مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھڪ دفعي ھڪ مغل جي گھوڙي جي زين جو پَٽو ڍِلو ٿي ويو ۽ ان جي زين زمين تي ڪري پيئي. مغل گھوڙي تان لھي، زين کي درست ڪرڻ لڳو ته سنڌي فوج جا 40 سپاھي، ھن طرف آيا. انھن مغل کي اڪيلو ڏسي ان تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مغل جِئين، انھن کي ڏسي، پاڻ ڀڄڻ جي ارادي سان ، رڪيب ۾ پير وڌو ته چاليھ ئي سنڌي فوجي فوراً ڀڄي ويا.“ (تاريخ سنڌ- ج اول- ص نمبر 255) اُف، ڪيڏو نه اُڀ جيڏو ڪوڙ آھي. سنڌين جي تاريخ سان ڪيڏي نه ھٿ چراند ڪئي ويئي آھي. حالانڪ اھو عيسيٰ ترخان، جڏھن شاھه بيگ پاران سنڌ تي، لشڪر ڪشي ڪري آيو، تڏھن دريا خان کيس زبردست شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو ۽ ھن وري اڪيلي سپھ سالار جي حيثيت ۾ سنڌ تي ڪاھه نه ڪئي. جيسيتائين سنڌي فوجن جو تعلق آھي ته تاريخ شاھد آھي ته اھي ھٿ ھٿ تي ڏيئي چُپ ڪري نه ويٺيون، پر شاھه بيگ سان چَپي چَپي تي مقابلو ڪيائون. سنڌين جي شاھه بيگ سان لڙائيءَ جو ڍنگ ۽ طريقو، مير معصوم بکريءَ ھن طرح بيان ڪيو آھي. ”ڪَڇ ۽ ٿَر جي سوڍن ۽ راجپوتن جي پنجاھه ھزار سوارن ۽ پيادن جي جماعت، جڏھن دشمن جي لشڪر کي سامھون ڏٺو، تڏھن گھوڙن تان لھي، مٿا اگھاڙا ڪري، پٽڪا چادرون ۽ ڪمربند، ھڪ ٻئي سان ٻَڌي دشمنن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڏنائون.“ ھو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سنڌي جڏھن ڪُسڻ جو پھ ڪندا، تڏھن اِئين وڙھندا آھن. (تاريخ معصومي- ص نمبر 143) مؤرخ سنڌ حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”شاھه بيگ سان جيڪي سَمن جون جنگيون لڳيون، تن ۾ سھتن ۽ ھندو سوڍن حب الوطني جي جذبي ھيٺ سمن جي مدد ڪئي. پوئين جنگ ۾ سنڌي سورمن ھڪ ٻئي جون چيلھيون پَٽڪن سان ٻَڌي پوءِ مغلن جو مقابلو ڪيو، ان کانسواءِ مخدوم بلاول سمي جي مريدن، مُئي مارڻ کان سواءِ سنڌ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھڙي طرح محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو، مغلن جي لشڪر سان وڙھيا. ھن جنگ ۾ سنڌين جي شڪست بزدلي ۽ مرعوبيت ڪري نه ٿي پر قاضي قادن جي غداري ۽ ارغونن جو قرآن شريف وچ ۾ آڻي دريا خان کي ٺَڳيءَ سان شھيد ڪرڻ آھي. ان کا علاوه مولائي شيدائيءَ جي لفظن ۾ ”سنڌ جا وڏيرا، جيڪي دستور موجب ابن الوقت آھن، جيڏانھن اڀرندڙ سِج ڏِسن اوڏانھن لاڙو ڪن، سي اندروني طرح شاھه بيگ جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ شاھه بيگ کي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ لڳا. (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 374) اھڙي طرح ھن جيڪي ٺٽي ۾ مغل موڪليا ھئا تن به ھن لاءِ ڪافي راھه ھموار ڪئي. باقي سنڌ جو عوام ۽ فوج، پنھنجي پوري صلاحيت ۽ بھادريءَ سان ارغونن سان وڙھيا، جنھن لاءِ تاريخ جو پَنو پَنو گواھي ڏيندو.


    • ارغون ۽ ترخان گھراڻن جو دور

    سنڌ ۾ ارغون گھراڻي جي حڪومت جو بنياد، 1520ع ۾، شاھه بيگ ارغون وڏي ڦرلٽ، غارتگري ۽ تباھيءَ کان پوءِ وڌو. ھي ھڪ جابر ظالم ۽ خونخوار حاڪم ھو. سندس حڪومت جو دور صرف ھڪ سال آھي، پر اھو سنڌ ۾ ظلم ۽ بربريت جي لحاظ کان صدين کان به وڌيڪ آھي. مولانا قدوسي صاحب لکي ٿو ته ”شاھه بيگ جو سنڌ ۾ دورِ حڪومت وڏو ناڪاميءَ جو دور ھو، سنڌ ۾ ان جو اھڙو ڪوبه ڪارنامو نٿو ملي، جنھن جو بنياد، سنڌ وارن جي فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ ھجي. ھن پنھنجي عھد حڪومت ۾، اھلِ سنڌ جي غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط کان مضبوط تر ڪيو ۽ سنڌ وارن کي قتل، غارتگري، سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جون سوکڙيون ڏنيون. سنڌين ۾ ٻين جي غلامي ۾ اچڻ سان ئي، پنھنجي آزاديءَ جو شعور پيدا ٿيو، پر جيترو به ھي احساس، سنڌين ۾ پيدا ٿيڻ لڳو، اوتروئي رولر مشين وانگر، شاھه بيگ ان کي ڪچليو. دريا خان جھڙو محب وطن ۽ شاندار انسان، جنھن آخري دفعو، پنھنجي قومي حڪومت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٺٽي کان ٻاھر، انھن جي ھٿان وڏي بھادريءَ سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. سوڍن ۽ سھتن جھڙا حريت پسند قبيلا، ٽلٽي جي ميدان ۾، پنھنجي قومي حڪومت جي بحاليءَ لاءِ وڙھيا. پر شاھه جي قتل ۽ غارتگريءَ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو. مخدوم بلاول جھڙي جليل القدر عالم ۽ درويش، ھن جي ھٿان صرف ان ڪري مصيبتون سٺيون ۽ ڏنڊ ڀوڳيا جو ھي قومي تحريڪ کي مدد ڏيئي رھيو ھو. ماڇي ذات جي جذبئه آزادي کي شاھه بغاوت ۽ سرڪشيءَ جو نالو ان ڪري ڏيئي اھڙي طرح ڪچليو جو انھن جي گھرن ۽ قلعن کي پاڙان اکيڙي، زمين سئين ڪري ڇڏي. ڌاريجن جي 47 سردارن تي، بغاوت جو الزام مڙھي انھن کي بکر جي قلعي ۾، گجرن ۽ مورين وانگر ان ڪري ڪپيو ۽ وڍيو جو اھي، ھن جي غلاميءَ جي لعنت کي پنھنجي مٿان ختم ڪرڻ جي ويچار ۾ ھئا. بلوچن جي 47 ڳوٺن کي ان ڪري تلوار جو نشانو بڻايو ويو، جو اھي سندس حڪومت لاءِ خطرو ھئا. مطلب ته ھن جي دور حڪومت ۾، سنڌ ۾، امن ۽ سڪون نظر نٿو اچي ۽ تباھين، قتل ۽ غارتگري کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڏسي نٿو سگھجي ۽ سنڌ ۾ اھڙو ڪوبه ماڻھو نظر نه ايندو جيڪو ھن ٻاھرئين اقتدار مان خوش ھجي. (تاريخ سنڌ- ج 2- ص نمبر 47) شاھه بيگ جڏھن وفات ڪئي تڏھن سندس پٽ شاھه حسن ارغون 1522ع ۾ تخت تي ويٺو. ھي به حد کان وڌيڪ ظالم ھو. فخري بن اميري لکي ٿو ته: شاھه حسن ارغون مغل (چنگيز جي اولاد مان) ھو ان ڪري فطري طور، سندس مزاج ۾ سختي ۽ بي رحمي موجود ھئي. سنڌ تي ڌاڪ ڄمائڻ کان پوءِ، ھن ھتان جي رھاڪن تي، ڪابه ڪھل نه ڪئي. بلڪ مثالي انداز ۾ انھن جو رت وھايائين ۽ مٿن ظلم ڪيائين. سياسي بنيادن تي، ھن ھر ھنڌ، پنھنجا امير ۽ پنھنجي قبيلي جا ماڻھو، مسلط ڪيا، جيئن ملڪي ماڻھو ڪنڌ نه کڻي سگھن. ھن (ظالم پيءُ جي ظالم پٽ) ايترو ته ٻوسٽ پيدا ڪيو، جو ماڻھن جو ساھه مُٺ ۾ اچي ويو- (روضة السلاطين- بحواله سنڌ جي طبي تاريخ- ج ٻيو- نياز ھمايوني) شاھه جيئن ته بي اولاد ھو، ان ڪري سندس مرڻ کان پوءِ، ھن جو امير، عيسيٰ ترخان 1554ع تخت تي ويٺو ۽ اھڙي طرح ترخانن جو دور شروع ٿيو، جن به سنڌ ۾ باھه ٻاري ڏني. ظلم ۽ تشدد ۾ مرزا باقي ۽ بداخلاقي، بدڪرداري ۽ عيش و عشرت ۾ مرزا جاني بيگ ۽ غازي بيگ ساماڻيا.
    ھنن ڌارين لٽيرن ۾ غاصبن جي دور ۾، سنڌين جيڪي قربانيون ڏنيون ۽ ساڻن مقابلا ڪيا، تن جو ذڪر تاريخن ۾ محفوظ آھي. سنڌين رِڻ ٻاري ڏنو، ان ڪري ارغونن سنڌ واسين جي دلين کي ٺارڻ جي ڪوشش ڪئي. پھريون ته ھو سنڌ کي وطن ڪري ويٺا ۽ سمجھيائون ته زمين جو ناتو منجھن حب الوطني جو شعور پيداڪندو ۽ ٻيو ته، سنڌين جي فوجي صلاحيت مان فائدو وٺي بابر کي به منھن ڏيئي سگھندا ۽ پنھنجي مملڪت جي به توسيع ڪري سگھندا، ان ڪري، ھو سنڌ کي وطن ڪري ويٺا ۽ خراسان جا خواب ختم ڪري، پنھنجي فوج کي منظم ڪرڻ لڳا.
    سندن ڏينھن ۾ سنڌ جي فوجي حالت مضبوط ھئي. ھنن وٽ ترارون، زرھون، ڍالون، تير ڪمان ۽ زرھون جنگي ھٿيار ھئا. ھنن جون ڪمانون سنڌ جي ڪمانن کان ڊگھيون ھيون ۽ مضبوط اھڙيون ھيون جو تير گھوڙن ۽ ڍڳن کي لڳڻ سان آرپار ٿي ويندا ھئا. سندن گھوڙا ڊگھي ڪنڌ ۽ وارن وارا ھئا. ھنن سنڌ جي ماڻھن جا عھدا بحال رکيا ۽ سندن ھمت افزائي ڪئي. سميجا، مھر ۽ بلوچ سنڌي لشڪر ۾ شامل ڪيا ويا، جن جي بازوئن جي قوت سان مرزا شاھه حسن ارغون ملتان ۽ گجرات کي فتح ڪيو ۽ اھڙي طرح ملتان جي لانگاھه سلاطين جو خاتمو ڪيو. ارغونن ۽ ترخانن وٽ فوجي نقل و حرڪت لاءِ سنڌونديءَ تي ٻيڙو رھندو ھو. فوجي اميرن کي جاگيرن کان سواءِ وظيفا به ملندا ھئا ۽ سپاھين کي مال غنيمت به ڏنو ويندو ھو. 1539ع ۾ ھمايون بادشاھه کي شيرشاھه سوريءَ ڀڄايو ته ھو سنڌ ۾ آيو. نسلي لحاظ کان ھو، شاھه حسن جو مائٽ ھو ۽ رت ڇڪي پئي ڏني ته شاھه حسن ڀاڄوڪڙ بادشاھه جو خير مقدم ڪري. پر سنڌي افواج جو مزاج ۽ رايو ڏسي، ھن ھمايون سان جنگ ڪرڻ جو خيال ڪيو. شاھه حسن سندس خلاف سنڌين واري پاليسي اختيار ڪئي. ھن واپارين کي منع ڪئي ته، ھمايون جي لشڪر سان ڏيتي ليتي بند ڪن ۽ ميربحرن کي حڪم ڪيائين ته، ھمايون کي ٻيڙيون نه ڏين. ھمايون، جڏھن سيوھڻ پھتو ته اتي جا باغ شاھه حسن ويران ڪرائي ڇڏيا. نتيجو ھي نڪتو جو ھمايون جو لشڪر بُک وگھي، پنھنجا گھوڙا ڪُھي، انھن جو ماس کائڻ لڳو. جوئر جو سير ھڪ اشرفيءَ ۾ ملڻ لڳو. ھمايون جي ھڪ سپھ سالار ابوالمعالي کي بکر وارن ماري وڌو. اھا حالت ڏسي سندس فوج جا گھڻا سپاھي ڀڄڻ لڳا. ھمايون سيوھڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ آيو پر ھتان جي سوڍن قلعي تي توبون چاڙھي سندس مقابلو ڪيو. ھمايوني فوج خندقون کوٽي قلعي جو ھڪ برج ڪيرائي وڌو پر قبضو ڪري نه سگھيو. شاھه حسن ٺٽي کان ٻيڙين تي توبون رکائي سيوھڻ پھتو. اھا حالت ڏسي ھمايون اتان ڀڄي عمرڪوٽ آيو، جتي جي راجا کيس ٽن ھزار سپاھين جي مدد ڏني. شاھه حسن به ھڪ وڏو لشڪر وٺي چاچڪن وٽ سندس مقابلو ڪيو ۽ کيس شڪست ڏيئي، ايران ڀڄائي ڪڍيو.
    مرزا جاني بيگ جي ڏينھن ۾، سنڌ جي عسڪري قوت مضبوط ھئي. سنڌي جديد اسلحي کان واقف ٿي چڪا ھئا. . بارود ۽ آتشي ھٿيار سنڌ ۾ پھچي چڪا ھئا. توبن ۽ بندوقن جو رواج به پئجي چڪو ھو. سنڌي فوج کي يڪرنگي فرنگي لباس ڏنو ويو. لھري بندر تي چار توبون نصب ٿيل ھيون. مرزا جاني بيگ به پاڻ بھادر ۽ شجيع ھو، ھن دور ۾ اڪبر کي سنڌ فتح ڪرڻ جو شوق ٿيو. اھا سنڌ جيڪا سندس سندس جنم ڀومي ھئي، سندس وسيع سلطنت جي اولھ ۾ ھئي. سنڌ جي خوشحالي سندس اکين ۾ ڪنڊو ٿي چڀڻ لڳي، ان ڪري ھن محمد صادق خان کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. سندس اشاري تي، صادق خان سيوھڻ تي چڙھائي ڪري، شھر جو گھيرو ڪيو، پر سنڌين کيس شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو. ھن شڪست اڪبر جي وقار کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو. ماثر رحيمي جو مصنف لکي ٿو ته- ”سنڌ جي فوج نه صرف اڪبري فوج کي جاني نقصان پھچايو، پر ان جو توبخانو ۽ مال اسباب کي کسي ورتو. ھن شڪست فاش کان پوءِ، صادق خان درٻار ۾ حاضر ٿي، شھنشاھه کي روداد ٻُڌائي. اھو سُڻي اڪبر سنڌ جي صورتحال تي، سنجيدگي سان غور ڪيو ۽ طئي ڪيو ته مرزا جاني ۽ سنڌ جي رھاڪن کي ضروري تنبيھ ڪئي وڃي.
    پوءِ ھن 999ھه ۾، پنھنجي خاص جرنيل عبدالرحيم خان خانان کي زبردست لشڪر ڏيئي سنڌ موڪليو ۽ پاڻ صلاح مشوري ۽ حڪم احڪام ڏيڻ لاءِ لاھور ۾ اچي رھيو. مؤرخ لکن ٿا ته ”دارالسلطنت کان پري، لاھور ۾ اڪبر جي قيام مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ھِن لشڪر ڪشيءَ کي ڪيترو اھم سمجھندو ھو. ھن لاھور ۾، ٻيڙين جوڙڻ جو ڪارخانو کولايو ۽ خان خانان کي ٻن سَون جھازن جي آرماڙ، توبخاني ۽ ھاٿين سان سنڌ روانو ڪيو. ان زماني ۾ سنڌين وٽ ٻه سو جھاز، تير ڪمانن سان ڀريل ۽ مضبوط توبخانو ھو. ٺٽي ۾ 5 ھزار لشڪر رھندو ھو. ۽ ھتي بندوقن ۽ توبن ٺاھڻ جو ڪارخانو به ھو. ھڪڙي مسلح سنڌي سپاھيءَ جي بدن تي ھٿيارن جو وزن ٻه مڻن جيترو ھوندو ھو.
    سنڌين اڪبري لشڪر سان، پورو ھڪ سال، خشڪي ۽ سامونڊي، ٻنھي جاين تي مقابلا ڪيا. سنڌي لشڪر ھڪ تربيت يافته ملٽري وانگر خندقون کوٽي مقابلو ڪيو، پر عين موقعي تي مرزا جاني بيگ جو پيءُ ۽ پٽ مري ويا. عمرڪوٽ جي راڻي سوڍي اڪبر کي فوجي امداد ڏني ان ڪري مجبوارً سنڌين کي صلح ڪرڻو پيو. حالانڪ اڪبري فوج جو به سنڌي فوج نَڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو ھو.
    ھيءَ ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته ھند جي ٻن شھنشاھن سان ھن دور ۾، جيڪي سنڌي فوج جنگيون ڪيون سي سندن فوجي مھارت جو زندھه ثبوت آھن، نه ته ترخانن جھڙن عياش حڪمرانن کي اھڙي دل ۽ جذبو ڪٿان آيو جو، پنھنجن مائٽن سان جنگيون جوٽين ھا.
    مرزا جاني بيگ ۽ غازي بيگ ٻيئي، سنڌين جي فوج جي بھادري ۽ سورھيائي ڪري اڪبر ۽ جھانگير وٽ پنج ھزاري ۽ ڏھه ھزاري منصبن تي فائز ٿيا.
    سنڌ واسين، تڏھن به ھنن مغلن ۽ ترخانن جي غلامي قبول نه ڪئي ۽ سنڌ کي مغلن جي تسلط کان ڇڏائڻ لاءِ ھڪ منظم تحريڪ ھلايائون، جن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪيون ٿا.


    • مغلن جو دور

    مغل گورگان، ھندوستان جي مغلن جو ڏاڏو، امير طرغلائي برلاس جو پٽ ھو، جيڪو 1333ع ۾ ڄائو. سندس وڏا چغتائي جي درٻار ۾ وزارت تي معمور ھئا. قيشن شھر سندس جاگير ھئي. ھجري 9 صدي جي پڄاڻي ۽ عيسوي 15 صدي جي شروعات ۾، تيموري شھزادا، خراسان افغانستان ۾ نظر اچن ٿا. منجھان ظھيرالدين بابر بن عمر شيخ مرزا بن ابو سعيد بن سلطان مرزا بن ميران شاھه بن امير تيمور گورگاني ڪابل جو بادشاھه ھو، جنھن1526ع ۾ ھندوستان کي فتح ڪيو. سندس پٽ ھمايون 1555ع ۾ ٻيھر تخت کي ھٿ ڪيو. ھمايون کي، سنڌ ۾ جلاوطني جي حالت ۾ اڪبر پٽ عمرڪوٽ ۾ ڄائو. جڏھن اڪبر (1556ع) تخت تي ويٺو تڏھن 1591ع ۾ سنڌ کي پنھنجي جاگير شاھي ۾ داخل ڪيو. 1605ع کان 1627ع تائين جھانگير تخت تي ويٺو. 1627ع کان 1658ع تائين شاھجھان شھنشاھي ڪئي. 1658ع کان 1707ع تائين اورنگزيب عالمگير شھنشاھت جي حدن کي، اڀرندي ۾ ارڪارن ۽ دکن جي ڇيڙي تائين پھچائي ٿو. ھن دور، سنڌ تي دھلي پاران نواب حڪومت ھلائيندا ھئا. سنڌ ٻن حصن ۾ ورھايل ھئي. بکر ۽ ٺٽو. بکر تي 27 نوابن ۽ ٺٽي تي 38 نوابن حڪومت ڪئي. ٻئي حڪومتون ملتان جي ماتحت ھيون. ٺٽو پنجن ۽ 18 محالن ۾ ورھايل ھو. بکر 12 محالن ۾ ورھايل ھو. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 542)
    مغلن جي دور ۾، فوجي قوت مضبوط ھئي. مغليه فوج چئن قسمن ۾ ورھايل ھئي. ”سرڪاري، منصبداري، داخلي ۽ عھدي فوجن ۾ اڪثر افغان، سيد، بلوچ ۽ راجپوت ڀرتي ٿيندا ھئا. سپاھين وٽ بندوقون ھيون. عراقي گھوڙي رکندڙ جي ماھوار پگھار 30 روپيا ۽ رواجي گھوڙي رکندڙ سوار کي ماھوار ٻارھن روپيا پگھار ملندي ھئي. پيادل سپاھيءَ کي ماھوار ويھ روپيا پگھار ملندي ھئي. منصبدار جي ماھوار پگھار ھڪ سؤ کان وٺي ستن سون تائين ھئي. ، منصبدار پاڻ وٽ سوارن جو دستو رکندا ھئا، جن لاءِ کين حڪومت کان پگھار ملندي ھئي. توبخانو ٻن قسمن جو ھو. ھڪڙو وزندار، جن کي ھاٿي ڇڪيندا ھئا ٻيو ھلڪو توبخانو جو ٻيڙين وسيلي کڄي سگھندو ھو. ڪي توبون اُٺن مٿان به کڄنديون ھيون، جھڙوڪ زنبورڪ ۽ شترنال. اھي توبون تيل جون ھيون. فوجي ھٿيارن ۾ خود، چلته، چار آئينه، زرھه، بڪتر، ترار، ڍال، نيزو، قرابين ۽ بندوق ھيون. جنگ ۾ ھاٿي، سوار ۽ پيادا دستا دشمن سان لڙندا ھئا. مغليه لشڪر خندقن کوٽڻ ۽ قلعن کي بارود سان اڏائڻ کان به واقف ھئا. ھنن مغربي سفيد فام قومن کان به ڪم ورتو، جن آگري ۽ لاھور ۾ توبن ڍالڻ جا ڪارخانا کوليا، ۽ وڏين پگھارن تي مغليه توبخاني ۾ ڪم ڪندا ھئا. ھر ھڪ فرنگي توبچيءَ کي ماھوار ٻه سؤ پگھار ملندي ھئي. فوجي منصبدارن وٽ نقارا ۽ جھنڊا به ھئا. سنڌ جي عوام کي ھنن پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. اورنگزيب پنھنجي ملتان جي نائبي جي زماني ۾، بلوچن کي ويڙھائي، نوحاڻين، ھوتن، نومڙين ۽ جوکين کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو پر پوءِ سنڌ جي مغليه نوابن کي مجبورن بلوچن سان دوستي رکڻي پيئي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 425)
    مغل حڪمرانن، سنڌين کي پنھنجو ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سندن نوابن سنڌ جي مسلمانن سان ڍورن کان بدتر ورتاءُ ڪيو. جھانگير پنھنجي تزڪ ۾ پنھنجي ٺٽي جي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آھي ته- ”ماڻھن سان ھن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چؤطرف دانھن پئجي ويئي، ۽ ٻيون به ڪيئي خرابيون ھن بابت ٻڌڻ ۾ آيون.“ سندس ھڪڙي مغل نواب فوج علي بابت جيڪو بکر جي ماتحت ھڪ جاگير جو حاڪم ھو، ان لاءِ ذخيرة الخوانين ۾ آيل آھي ته ”ٻه ڪڻاھه پاڻي جا، سدائين وٽس باھه تي پيا ٽھڪندا ھئا ۽ ڪوبه چور يا ساڌو يا ٻيو ڪو ڏوھي يا بيڏوھي ھٿ چڙھيس ته، ان جا ھٿ پير ٻَڌي، انھن ڪڻاھن ۾ اڇلارائي ڇڏيندو ھو ۽ اھي اتي ئي رَجھي پاھه ٿي ويندا ھئا. اٽڪل ھڪ ھزار کن ماڻھو، اُن پٽ جا ھن اِئين ماريا. ڪميڻپ ۽ بي پرواھي ۾ ھن جو ٻيو ڪو مثال نه ھو.“ شاھجھان جي دور ۾، نواب احمد بيگ، جيڪو سيوھڻ جو گورنر ھو، بيحد سُست، نااھل ۽ نڪمو ھو، جنھن حڪومت جون واڳون، پنھنجي ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪيون، جنھن پنھنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان، سڄي صوبي کي ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. ھو ھر روز شھر جي بي گناھه ماڻھن کي (ڪوڙا) ھڻائيندو ھو. دُرن جي لڳندي لڳندي مظلومن جي کَل لھي ويندي ھئي ۽ اڪثر اھي مري ويندا ھئا. ائين ٻن ٽن سون بي گناھن جو مرڻ، ھن لاءِ روزانو جو معمول ھو. صوبي ۾ جنھن به ماڻھو بابت خبر پوندي ھيس ته مالدار آھي، ان تي ڪوڙيون تھمتون رکي، پاڻ وٽ گھرائيندو ھو ۽ معمولي سوال جواب کان پوءِ، پھريون ته ھن کي خوب دُرا ھڻائيندو ھو. ان کان پوءِ ھن جو سڄو مال اسباب ضبط ڪري وٺندو ھو. سندس ھي سلوڪ نه رڳومَردن سان ھوندو ھو، پر مالدار عورتن سان به اھائي ڪار ڪندو ھو. (تاريخ مظھر شاھجھاني- مترجم. نياز ھمايوني ص نمبر 133)
    سنڌ جي عوام، جنھن دلي طرح مغل راڄ کي قبول نه ھو، تنھن پنھنجي فوجي صلاحيت کي ڪم آڻيندي، مغل سامراج خلاف بغاوت شروع ڪئي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته- سنڌ جا طاقتور ۽ نامور قبيلا، شروع کان وٺي، مغلن جي تسلط کي ذھني طرح سان قبول ڪري نه سگھيا ھئا. مرڪز جي ڪمزوري ۽ ڀائرن جي جنگ و جدل ۽ ھڪ ٻئي خلاف، سازشن جو فائدو وٺي، سنڌين ازسر نو پنھنجي ھلچل جو آغاز ڪري ڏنو. اورنگزيب انھن آزاديءَ جي سورمن کي، متمردن جي شرارت ۽ رھزنن جو فساد سڏي ٿو. حالانڪ شاھجھان جي زماني اندر به اھا تحريڪ موجود ھئي. اورنگزيب 28 نومبر 1650ع ۾ سنڌ جي صورتحال بابت، شاھجھان کي جيڪو خط لکيو. ان ۾ سنڌ جي سورھين بابت ھيٺيان نقطا واضح ٿين ٿا: 1- سنڌ تي ڌارين، ارغونن جي دور ۾ قبضو ڪيو ۽ سنڌين جي جدوجھد آزادي جو آغاز، ارغونن جي دور کان شروع ٿيو، سو ترخانن کان ٿيندو اڪبر ۽ جھانگير جي دور ۾ قائم رھندو، شاھجھان جي آخري ايامن تائين اچي پھتو ھو. ۽ انھيءَ سلسلي ۾ تقريباً سمورا قبيلا متحد طور، برسر پيڪار ھئا. 2- عالمگير تسليم ڪري ٿو ته مغلن کان اڳ به، سنڌ جي قبيلن ڪنھن جي اڳيان ڪنڌ ڪونه نِوايو ھو- (تذڪره امير خاني- ص نمبر 352) جناب غلام حيدر گبول لکي ٿو ته، ”سنڌ جا آزاد، فارغ البال باشندا، مغلن جي اثر ۽ اقتدار کي پسند ڪونه ڪندا ھئا. سنڌين جي طبيعتن مان آزاد زندگيءَ جو روح فنا ڪونه ٿيو ھو. مغلن جي طرز حڪومت سان سنڌين جي ڪا گھڻي دلچسپي ڪانه ھئي.“
    ان دور ۾ سنڌ جي سميجن، انڙن، ڌاريجن ۽ ٻين سنڌي ذاتين، جيڪي مغليه گورنرن، انھن جي لشڪرن، نوابن ۽ جاگيردارن سان لڙايون لڙيون، سي سندن فوجي مھارت، پنھنجي انانيت، خودداري ۽ قومي غيرت جو زندھه ثبوت آھن. جناب رسول بخش پليجو لکي ٿو ته، ”سنڌ جي وطن دوست ماڪوڙين، سامراجي ھاٿين سان نه رڳو وڙھڻ جي جرئت ڪئي پر ھنن کين اھڙا ٽوٽا چٻايا، جو سامراج جي بدن مان سدائين سوٽون اڀرنديون رھيون. بي واجبي ڍلن مڙھڻ، بي واجبي گرفتارين ۽ ٻين ظلمن خلاف اٿي کڙا ٿيندا ھئا ۽ سامراجي ڪامورن کانوٺي ويندي سامراجي حاڪمن تائين، ڪنھن تان ڪونه ٽرندا ھئا. ھڪڙو سنڌي قبيلو اھڙو ھوندو ھو، جنھن جي سامراج دشمن ويڙھه جي ڀيٽ، اسين سڄي ھندوستان توڙي ٻي دنيا جي نامور آزادي پسند، قبيلن جي ويڙھه سان ڪري سگھون ٿا.“ (جن جھونا ڳڙھ جلايو- ص نمبر 52) ان دور ۾ نومڙيا ۽ جوکيا ٻين قبيلن سان متحد ٿي، ملڪ اندر منتشر لڙائي لڙي رھيا ھئا. ھارون، کڙتل، ڪانڀو، نومڙين مان ۽ جوکين مان مريد جوکيو، پنھنجي ھمراھن سان انھيءَ تحريڪ جي، مھنداري ڪري رھيا ھئا. جن جي جدوجھد جو دائرو، سنڌ مان وڌي، ھڪ طرف ڪيچ مڪران ۽ ٻئي پاسي ڪَڇ ڀڄ تائين پھچي چڪو ھو. جعفر نومڙيو، علي جا پٽ، حاجي رونجھو، ڄام جمعو، ٻڍو نھمردي وغيره پڻ ساڳئي تحريڪ جا معاون ۽ مددگار ھئا. خاص ٺٽي جي، علائقي ۾ ڪڪرالي جا ڄام، جھڙوڪ: ستابو، ھالو ۽ گاھي ھالو عالمگير جي قول مطابق دست اندازي ڪري رھيا ھئا. سنڌين جي ان خودمختياري ۽ آزاديءَ واري تحريڪ کي منھن ڏيڻ لاءِ مرڪز طرفان، ملڪ حسين کي موڪليو ويو. پر سنڌين جي فوجي قوت ايڏي ته مضبوط ۽ قوي ھئي جو مغلن جو لشڪر کين دٻائي نه سگھيو. پير حسام الدين لکي ٿو ته- ”باوجود وڏي لشڪر، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي به ملڪ حسين، سنڌي قبيلن جي پٺيان ناڪام ھلندو رھيو.“ (تذڪره امير خاني- ص نمبر 353)
    ٺٽي جي صوبيدار جوکين تي غير واجبي ڍل مڙھي، پر ھنن اھا ڦرلٽ قبول نه ڪئي ۽ پنھنجن ڳوٺن مان لڏي جبل طرف روانا ٿي ويا. ان تي شاھه محمد فوجون وٺي سندن پٺيان ويو. مغلن تلوارن ۽ نيزن جي لڙائي ڪئي ۽ جوکين تيرن جي. آخر جوکين، شاھه محمد کي 50 فوجين سميت قتل ڪري، سندن گھوڙا ۽ ھٿيار لُٽي جبل ۾ گھڙي ويا. نومڙين جي ٽن سون سوارن ۽ اٺ سؤ پيادن سان مغلن جي لشڪر بندوقن سان مقابلو ڪيو، پر مغلن جي ازبڪ فوج کان ڪوبه کڙ تيل نڪري نه سگھيو. شاھجھان جي ڏينھن ۾، شورا، دل ۽ ٻٻر ٽن قبيلن سندن حڪومت کي تباھه ڪري ڇڏيو. ٺٽي جي گورنر خسرو بيگ جو پٽ رستم سندن ھٿان قتل ٿي ويو. ان ڪري ھو فوج وٺي مٿن ڪاھي ويو پر ناڪام وريو. جھانگير جي ڏينھن ۾، ھنن ٽولن جي قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي فوج رواني ڪئي ويئي. سنڌين کي به خبر پئجي ويئي ۽ ھو گھَٽ وٺي ويھي رھيا، تان جو نيرون ڪوٽ جي آسپاس اچي پھتا. سنڌين ھر سوار سان چار پيادا، يعني ٻه سوار ھڪ پاسي ۽ ٻه ٻئي پاسي ڪري بيھاريا. جيئن مغلن حملو ڪيو ته سنڌين جي پيدل فوج دشمنن جي گھوڙن جو ٽَنگون ڪپي ٿي ڇڏيون ۽ مغليه فوجن گھوڙن جي پُٺن تان اچي ٿي پَٽ تي ڦھڪو ڪيو.
    مغلن جو سپھ سالار خواجه محمد سلطان مارجي ويو ۽ ٻيا شڪست کائي وڃي نيرون ڪوٽ ۾ لڪا (تاريخ مظھر شاھجھاني- سنڌي ترجمو- نياز ھمايوني- ص نمبر 241) مغلن جي دھليءَ واري مرڪزيت جي دور ۾ سنڌين جي ھنن مسلسل جنگين، راتاھن، شب خونن، دوبدو لڙاين مان، سنڌ واسين جي فوجي مھارت ۽ آزاديءَ لاءِ محبت جو ثبوت ملي ٿو ۽ پتو پوي ٿو ته ھيءَ قوم، پنھنجي بھادري، سورھيائي ۽ شجاعت جي لحاظ کان ھڪ غير معمولي ۽ شاندار روايتن جي وارث رھي آھي. اھڙين شڪستن ۽ سنڌين جي روزانه جنگين ۽ جھڙپن کان ڪَڪ ٿي، سندن آزاديءَ جي جدوجھد کي تسليم ڪندي، آخر مغلن سنڌين کي خودمختياري ڏيئي ڇڏي ۽ اھڙي طرح سنڌ وري به ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ماڻي، جنھن ۾ مادرِ وطن جي فرزندن جي عظيم قربانين کي بنيادي حيثيت حاصل آھي.


    • ڪلھوڙن جو دور

    ڪلھوڙا سنڌ جي اصل رھاڪن جو ھڪ مُک قبيلو ھئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سنڌن وڏو ڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جھانگارا باجارا جا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ وفات ڪئي. ھن قبيلي مان ميان آدم شاھه ڪلھوڙو پيدا ٿيو، جنھن جا ڪافي مريد ھئا. ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. سندس ڏينھن ۾ خان خانان سنڌ تي ڪاھه ڪئي. ھن ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، پنھنجي مريدن کي منظم ڪري، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو. ان ڪري ملتان جي گورنر کيس شھيد ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ھن جي پوٽي ميان الياس گادي سنڀالي. ميان الياس کان پوءِ شاھل محمد پنھنجي مريدن کي گڏ ڪري مغلن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو، جنھن ڪري کيس شھيد ڪيو ويو. کانئس پوءِ ميان نصير محمد 1657ع ۾ شاھجھان جي ڏينھن ۾، گاديءَ کي زور وٺرايو، جنھن جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو جنھن مغلن خلاف بغاوت کي زور وٺرايو، ان ڪري کيس قتل ڪيو ويو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي اھل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھه ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ کان ٿيندي، منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر سامتائي ۽ ڳاھن جي ايراضي، فتح پور، شڪارپور، گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ ڪيا. 1701ع ۾ مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي سبي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن جا اختيار سندن حوالي ڪري خدايار خان جي لقب سان گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪَلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي به ھن جي پذيرائيءَ طور کيس ڏنا. (شاھه سچل سامي- محمد ابراھيم جويو- ص نمبر 55) ھن اتر سنڌ ۾ پنھنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪري، خداآباد کي پنھنجو تخت گاھه بڻايو. 1718ع ۾ ميان يار محمد جو پُٽ نور محمد تخت ڌڻي ٿيو، جنھن لاڙ ۾ ڪڪرالو ۽ سري ۾ شڪارپور ۽ سيوي تائين قبضو ڪيو. 1736ع ۾ دھلي سرڪار کان بکر، سيوھڻ ۽ ٺٽو فتح ڪري، ساري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ غلام شاھه دٻدٻي سان حڪومت ھلائي. آخر ۾ 1783ع ۾ ٽالپرن کانئن حڪومت کَسي.
    سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلھوڙا دور سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اھميت جو حامل آھي، ميان يار محمد، نور محمد ۽ ميان غلام شاھه ھن خاندان جا روشن ستارا ھئا جن سنڌ کي آزاد، خودمختيار، سرسبز ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ پنھنجي محدود وسيلن ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي ڪانه ڪئي. ھنن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بحال رکڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ملڪ ۾ آبپاشي ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ھنن سنڌ ۾ واھن جو ڄار وڇايو. مسٽر ڊيل ھوسٽ ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ کوٽايل ھي واھه ڄاڻايا آھن. پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگھاڙ، داديجي، گھار، امرڪس ۽ نُور واھه. واھن جي انتظام ڪري سنڌ جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ ماڻھو روزي ڪمائڻ لائق ٿيا. ڪلھوڙن حاڪمن مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد شھر تعمير ڪرايا. ميان غلام شاھه، شاھبندر جو بندر ٺھرايو ۽ پراڻ جي موريءَ کي بند ڏياريو، جنھنڪري ٿر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ملڪ جي زراعت زور وٺڻ ڪري سنڌ جي سالياني اُپت وڌي اسي لکن تي پھتي. سندس دور ۾ امن امان ھو ۽ عوام اطمينان سان پنھنجي روزاني ڪِرت ۾ رُڌل ھو. گلدسته نورس بھار جو مصنف لکي ٿو ته، ”رستن جو امن ۽ رعيت جي بھبودي تمام اعليٰ درجي تي پھتل آھي. مسافر توڙي مقامي ماڻھو، پنھنجي ڪاروبار کي لڳل آھن. ھِت ايڏي پئماني تي امن امان آھي جو مسافر، ھر انديشي کان فارغ ٿي، رات ڏينھن امن امان سان ھر ھنڌ اچن وڃن ٿا.“
    ڪلھوڙن جي دور ۾، سنڌين جي فوجي قوت نھايت مضبوط ھئي. ڪلھوڙا بذاتِ خود ھڪ بھادر ۽ با اثر زميندار ھئا جن ٻه سؤ سالن جي، غير سنڌي حڪومت کان، سنڌ کي پنھنجي سياسي بصيرت، سرجوشي، بھادري ۽ ذھانت سان آزاد ڪرايو ۽ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت قائم ڪئي. ھنن پنھنجي فوج کي چڱي خاصي تربيت ڏني ھئي ڇوته ھنن کي پنھنجي دور حڪومت ۾ ڪيتريون لڙايون ڪرڻيون پيون. ھنن کي دھليءَ جي مغلن کان سنڌ، انھن جي فوجي ڪارنامن جي ڪري ئي ملي ھئي. ”ڪتاب التبصرة الناظرين“ جي بيان مطابق ڪلھوڙن جي فوج پروري حيرت انگيز ھئي. (سنڌ جو عسڪري نظام- ڊاڪٽر محمد علي قاضي ص نمبر 286) ھن دور ۾ ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاھه مشھور فاتح ٿي گذريا آھن ۽ راڄو ليکي، حبيب الله نائچ، محمد حسن کھاوڙ، الله بخش جھنجھڻ، عزت يار خان، تاجو سامٽيو، تاجو جتوئي، بلاول نائچ، شالمين شيدي، ٻڍو خان، ڌڱاڻو خان جتوئي، بجار جوکيو، محراب خان جتوئي ۽ شاھه بھارو مکيه سپھ سالار ٿي گذريا آھن. ڪيترين ئي جنگين ۾ پاڻ موکيو. شاھه بھارو جھنجھڻ ھن دور جو، چانڊڪا پرڳڻي جو ڪمانڊر انچيف ھو، جنھن جي ڪمان ۾ ڏھه ھزار سپاھه ھوندو ھو. ھن 84 جنگيون ڪيون ليڪن ھر جنگ ۾ ڪاميابيءَ سندس قدم چميا.
    ڪلھوڙن جي فوج ھڪ طرف بھادر ۽ بي باڪ ھئي ته ٻئي طرف تربيت يافته به ھئي. ھيءَ فوج ھر وقت تيار رھندي ھئي. ان وقت سنڌي فوجن جي طاقت جو اندازو آئين اڪبريءَ ۾ ھِن ريت ڏيکاريل آھي. ڪلمتي بلوچ لکيءَ وارا ويھ ھزار سوار ميدان ۾ آڻيندا ھئا. نومڙيا سيوھڻ جي تَر ۾ سؤ سوار ۽ ست ھزار پيادل فوج جي طاقت رکندا ھئا. مزاري بلوچ ھڪ ھزار جوان وقت سر ميدان ۾ آڻيندا ھئا. ميان يار محمد ڪلھوڙي جو فوجي فورس اعليٰ پائي جو ھو. ھن جي فوج ۾ بلوچ ۽ سنڌي سپاھي ھئا. ھن سنڌي ۽ بلوچن کي دعوتون ڏيئي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ سندن سردارن کي جاگيرون ڏنيون. ھن بلوچن جي مدد سان سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. ھن پنھنجي آرمي فورس جي طاقت ۽ سورھيائي سان ئي مغلن کان سنڌ آزاد ڪرائي. ميان نور محمد ڪلھوڙو ھڪ اعليٰ فوجي جرنيل ھو. ھو پنج ھزاري منصب تي فائز ھو. ھن جي فوج ۾ سماٽ ۽ بلوچ سپاھي ھئا. ھن ڌاريجا لاڙ ۾، عمرڪوٽ ٿر ۾، سِري ۾ شڪارپور ۽ لکي ۽ عبدالله خان ”شھباز- ڪوھستان“ کان ڪڇي فتح ڪري، سنڌ جي سرحدي پرڳڻي چانڊوڪي ۾، لاڙڪاڻي کي تختگاھه جوڙي، اتي مٽيءَ جو قلعو تعمير ڪرائي مٿس توبون رکائي ڏھه ھزار لشڪر شاھه بھاري جي نگراني ھيٺ رکيو. ميان نور محمد پنھنجي لشڪر کي جديد اسلح سان آراسته ڪيو. سندس مدراس جي راجا سان دوستي ھئي، جنھن جي معرفت ھن انگريزي قلعي کان پراڻيون توبون خريد ڪيون. ڪي توبون پرچوگيزن کيس سوکڙيءَ طور ڏنيون ھيون. جڏھن سيويءَ کي شڪارپور جي افغانن فتح ڪيو، تڏھن ميان نور محمد، پنھنجي پٽ دائود خان جنھن ترتيب سان ميدان جنگ ۾، کٻي ۽ سڄي کان سپاھه آرائي ڪري، دشمن تي حملو ڪيو، سو قابل تحسين آھي. دشمن کي شڪست ملي ۽ ڪلھوڙن کي فتح حاصل ٿي. ميان نور محمد جو ٻيو پٽ غلام شاھه به نھايت بھادر ۽ دلير جوان ھو. جڏھن ھن عطر خان کي شڪست ڏني، تڏھن قنڌار جي بادشاھه کيس شاھه وردي جو خطاب ڏنو. ان کان سواءِ جڏھن ھن ڪڇ جا بندر فتح ڪيا، تڏھن بادشاھه کيس صمصام الدوله جو خطاب ڏنو. (تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي ص نمبر 266)
    ڪلھوڙن ايشيا جي ٻِن عظيم ڦورن ۽ ڌاڙيلن نادر شاھه ايراني ۽ احمد شاھه ابدالي سان جيڪي جنگيون جوٽيون سي سندن ملٽري فورس ۽ عسڪري نظام جو زنده ثبوت آھن. چون ٿا ته جڏھن نادر عمرڪوٽ وڃي رھيو ھو، تڏھن ماڇي قبيلي جي فوج جو ھڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رھيو ۽ وڏي بھادريءَ سان وڙھيو. اھا جنگ اڃا جاري ھئي ته رڻ پٽ جي پاسي کان ھڪ ٻي فوج نمودار ٿي. اھا مھيري قبيلي وارن جي فوج ھئي، جنھن ۾ فقط نو سؤ سوار ھئا پر انھن اھڙي ته تيزيءَ سان حملو ڪيو جو ايرانين جا پير اکڙي ويا. پر وطن جي ويرين نادر کي ڪامياب ڪرايو. ھن دور ۾ پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾ سنڌي سپاھي وڙھندي نظر اچن ٿا. 1761ع ۾، جڏھن احمد شاھه ابداليءَ کي ھندوستان جي مسلمانن، مرھٽن ۽ سِکن جي تششد کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن کي گھرايو تڏھن سرفراز خان ڪلھوڙي، شاھه فقيرالله علوي جي چوڻ تي ڪافي سنڌي فوج ساڻس رواني ڪئي، جنھن اسلام جي بلنديءَ لاءِ، ڪفر جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري پنھنجي اسلام دوستي جو ثبوت فراھم ڪيو. (ماھنانه نئين زندگي- 1971ع ڪريم بخش خالد. سنڌ ۽ آزادي جي جدوجھد)
    ھن دور ۾ جنگي ھٿيارن ۾ تير، تلوار، ڀالا، خنجر، ڍال، توبون ۽ بندوقون ڪم اينديون ھيون. جنگ جي ميدان ۾، گھڻو ڪري گھوڙا استعمال ٿيندا ھئا، وقتي ھاٿي به ڪم ايندا ھئا. ھر سپاھيءَ کي ماھوار پگھار ٽي روپيا ۽ سوار کي گھوڙي لاءِ روزانو ھڪ روپيو ملندو ھو. فوجين کي سرڪاري راشن به ڏنو ويندو ھو.
    بھرحال ڪلھوڙن جو دور سنڌ جي عسڪري نظام جي لحاظ کان اعليٰ پائي جي حيثيت رکي ٿو. جنھن جي زور ۽ قوت تي ڪلھوڙن، سنڌ کي دھلي جي مرڪزي تسلط کان آزاد ڪرائي، نادر شاھه، مدد خان پٺاڻ ۽ تيمور شاھه جي شورش کي منھن ڏيئي ھڪ خودمختيار ۽ پاڻ ڀرو ملڪ بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.


    • ٽالپرن جو دور

    ٽالپر اصل ۾، ايراني ميد آھن، جي ڪلھوڙن جي صحبت ۾ رھي، سنڌ ۾ آيا ۽ آھستي آھستي زور وٺي حڪومت تي قابض ٿيا. ٽالپر اصل ۾ ٽال- پور آھي، جنھنجي معنيٰ آھي ٽال يا ٽالي خان جو اولاد- ٽالپرن کي تالمر يا تن مير سان به ملايو ويندو آھي، جنھن کي يوناني پالميرا سڏيندا ھئا. جيڪڏھن اِئين آھي ته ٽالپر عرب، قبطي، يوناني، يھودي ۽ رومين جي مخلوط نسل مان آھن. ٽالپرن جي شڪل شباھت، اُٿ ويھ، بدني بناوٽ ۽ پڻ سندن ٻوليءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته اھي آريا آھن، جي يا ته ڪردن جي جنگجو قبيلي جي ھڪ شاخ آھن يا ميد آھن، جن ايران، خراسان ۽ آذربائيجان جي علائقن تي ڪيترا سؤ سال حڪومت ڪئي. سندن اصل وطن مازندران يا ڪئسپين سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر وارو علائقو آھي. (شالمين شيدي- ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ- نئين زندگي) مؤرخ سنڌ مولائي شيدائي جو چوڻ آھي ته ٽالپور لفظ ٻن بلوچي لفظن جو مرڪب آھي. ٽال معنيٰ شاخ- بر معنيٰ وڍڻ. وڻ ڇانڱيندڙ يا ڪاٺيار- ٽالپرن مان مير آلودو خان ۽ مير مسعود خان ميان مير محمد جا مريد ھئا، جن کي ميان يار محمد دعوت ڏيئي خداآباد گھرايو- رچرڊ برٽن جو چوڻ آھي ته جڏھن ھو سنڌ ۾ آيا، تڏھن ھنن ٻنھي سردارن جي ڪلھن تي ڪانڀو ۽ ھٿن ۾ ڏاس جي ڍيري ھئي، جا ھو وٽيندا آيا. سندن پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ ھو ۽ سندن ٻار ٻچا ۽ اٽالو گڏھن تي سوار ھو. اھڙي حالت ۾ ھو تختگاھه خدا آباد ۾ وارد ٿيا. بلوچ سنڌي آھن ۽ بلوچستان جي سڀني ضلعن لسٻيله، مڪران، جھالاوان، قلات، خاران ۽ ڪڇي ۾ سنڌي قومن جو تعداد تمام گھڻو ھو. سلطان محمد غزنوي جي والده سيتان جي بلوچاڻي ھئي. رند ۽ لاشار جي جنگ ۾، سمن لاشارين جو طرف ورتو ھو. ٽالپرن کان اڳ بلوچ پھريان سنڌي ھئا جن شاھجھان جي ڏينھن ۾ مغلن جي خلاف فساد ڪيا ھئا. ٽالپرن کان اڳ کوسا ڪلھوڙن جي لشڪر ۾ سپاھي ھئا جن کي ڪلھوڙن کان جاگيرون مليل ھيون. مير شھداد خان کي جيڪڏھن يار محمد گھرائي سپھ سالار ڪيو ته ان معنيٰ نه آھي ته سنڌي بلوچ ٻه جدا قومون آھن. حقيقت ۾ بلوچ ھڪ جنگجو سنڌي قوم آھي جا پنھنجي ھن فطري طبيعت ڪري ھر وقت سنڌ ۾ با اقتدار حيثيت سان زندگي بسر ڪري ٿي. (تاريخ تمدن سنڌ ۽ جنت السنڌ- مولائي شيدائي)
    ميان غلام شاھه جي وفات کان پوءِ ڪلھوڙن حاڪمن سماٽ وزيرن جي چُرچ تي ٽالپري سردارن کي مارائڻ شروع ڪيو. ان ڪري ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي وچ ۾ 1783ع ۾ ھالاڻيءَ جي جنگ لڳي، جنھن ۾ ڪلھوڙن کي شڪست ملي ۽ سندن حڪومت جو بنياد پيو. جملي ڇھن اميرن 1843ع تائين حڪومت ڪئي. سندن ٻه چوياريون مشھور آھن. مير فتح علي خان 1783ع کان 1802ع تائين حڪومت ڪئي. ھن سنڌ کي ٽن خاندانن ۾ ورھايو. جيڪي مير شھداد خان پيڙھي مان ھئا سي شھداداڻي سڏجڻ لڳا ۽ سندن تختگاھه حيدرآباد ٿيو. ماڻڪاڻي ٽالپرن جو ميرپور خاص ۽ سھراباڻين جو خيرپور ٿيو. انھن ٽنھي رياستن جو نظامِ حڪومت ھي ھو ته جڏھن ڪوبه دشمن، حملو ڪندو ته ھو ٽيئي متحد ٿي، ان جو مقابلو ڪندا ھئا ۽ جيڪڏھن ڪنھن ملڪ تي پاڻ قبضو ڪندا ھئا ته اھو انصاف سان پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا. ھنن حاڪمن پنھنجي ٻَڌيءَ سان سنڌ جا اصلوڪا علائقا به واپس ورتا، جيڪي ڪلھوڙن جي دور ۾، ٻين جي قبضي ۾ ھئا. مثلاً سبزل ڪوٽ کي نواب بھاولپور کان، ڪراچي ۽ ان جي ٻين علائقن کي خان قلات کان، ۽ ريگستان کي راجا جوڌپور کان واپس ورتو. اھڙي طرح ھنن سنڌ جي حڪومت کي وسعت بخشي مضبوط ڪيو. (لُب تاريخ سنڌ- ص نمبر 145)
    ٽالپر بلوچ ھئا. سندن پيشو سپھ گيري ۽ ھٿيار ھلائڻ ھو، ان ڪري ھنن جي ڏينھن ۾ سنڌ جو آرمي فورس مضبوط ھو. مولانا قدوسي صاحب جو ھي چوڻ بلڪل غلط آھي ته ”ٽالپر حڪومت وٽ ڪنھن به قسم جي فوج نه ھئي، صرف چند سپاھي قلعي حيدرآباد ۾ متعين ھئا- (تاريخ سنڌ- جلد 2- ص نمبر 777) پر حقيقت ھن طرح آھي ته وٽن باقائده سِکيا ورتل فوج ھئي. ان دور ۾ ھر سنڌي، سپاھي ھو. نازڪ حالت ۾، سردارن تي سپاھي فراھم ڪرڻ جو تعداد مقرر ھو. ميرن جي گڏيل فوجن جو 11 سوار ۽ 19 ھزار پيادا ھئا. ماڻڪاڻي ۽ سھراباڻي پنجاھه ھزار لشڪر ڏيندا ھئا. قلات ۾ 33 ھزار، بھاولپور ۾، 3 ھزار سوار ۽ 5 ھزار پيادل فوج ۽ جنگ وقت سردار 17 ھزار لشڪر گڏ ڪري ڏيندو ھو. ملتان ۾ 2 ھزار سوار ۽ چار ھزار پيادل فوج ھئي. شھداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سھراباڻين جي گڏيل فوج ھئي. مير فتح علي خان 25 ھزار لشڪر آڻي سگھندو ھو. سھراباڻي لشڪر جو تعداد 10 ھزار ھو. ميرن جي لشڪر ۾ نظاماڻي، لغاري، پتافي، جوکيا، جمالي، ڀرڳڙي، بوزدار، مري، چانگ، کٽياڻ، ڪپري، لاشاري ۽ شيدي وغيره شامل ھئا، جيڪي سڀ سنڌي ھئا. خيرپور رياست جي لشڪر ۾ غير سنڌي فوجي به ڀرتي ٿيل ھئا، جيڪي ھندوستان؛ ڪابل ۽ پنجاب جا ھئا.
    ميرن جي دور ۾، سڄي سنڌ ۾ ٽيويھ مضبوط قلعا ھئا. جن ۾ بکر، امام ڳڙھه، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، فتح ياسين ڪوٽ، لاڙڪاڻو، خداآباد، رني ڪوٽ، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، سڪرنڊ، اسلام ڳڙھه، فتح ڪوٽ، نئون ڪوٽ، منھوڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي مشھور ھئا. منھوڙي، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، لاڙڪاڻي، فتح ڪوٽ ۽ اسلام ڳڙھه تي توبون رکيل ھيون. منھوڙي جي قلعي ۾ ته ھر وقت ٽي ھزار مسلح لشڪر تيار رھندو ھو. ميرن جا خاص جنگي ھٿيار تلوارون ۽ ڍالون ھيون، جنھن تي ھو وڏو خرچ ڪندا ھئا. ان کان سواءِ ھو بندوق، پستول، ڀالا ۽ خنجر به استعمال ڪندا ھئا. اھي ھٿيار وڏين قيمتن تي خراسان، ايران ۽ عربستان کان گھرائيندا ھئا. جيمس برنس کي سوکڙي طور ڏنل ھڪ تلوار جي قيمت پنجاھه ھزار روپيا ھئي. وٽن ڀرمار بندوقن به ھيون، جن جون ناليون ڊگھيون ھئڻ ڪري پري تائين نشانو چُٽي سگھنديون ھيون. وٽن توبخانو به ھو. حيدرآباد ۾ ھٿيارن ٺاھڻ جا ڪارخانا به ھئا. ميرخاني پٺاڻ توبون به ٺاھيندا ھئا. ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا ھئا. ھر سپاھي جديد ۽ ديسي ھٿيارن سان مسلح ھوندو ھو. رچرڊ برٽن جي بيان مطابق سالار توڙي سولجر رانُن تائين زرھه پھريندا ھئا، مگر ٻانھون کليل رکندا ھئا. امير پاڻ غير ملڪي ريشم جا ڪوٽ ڍڪيندا ھئا، جن سلائي اھڙي قسم جي ھوندي ھئي جو انھن ۾ تلوار جي ھر زخم کان محفوظ رھندا ھئا.
    ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جي فوج ھئي. بري ۽ بحري فوج ۾ گھوڙن کي وڏي اھميت ھئي، جيڪي خراسان، ايران ۽ عربستان کان وڏي قيمت تي گھرايا ويندا ھئا. فتح نامي ۾ انھن گھوڙن جي ھن طرح تعريف ٿيل آھي.
    م گويم رفتار آن بادپا- که جويد سراغش نسيم ازمبا
    به شھباز فکرم ھم آھنگ بود- که بروي فضاءِ زمين تنگ بود.
    گھوڙن کان سواءِ ھو لشڪر جي رسائي ۽ رسد جي فراھمي لاءِ اُٺ به ڪم آڻيندا ھئا. بحري فوج کي ٻيڙين جي فوج چئبو ھو، جنھن ۾ دريائن ۾ لشڪر کي جنگ ڪرائي ويندي ھئي. سپاھين کي باقائدي پگھار ملندي ھئي. جنگ جي دوران في پيادي کي ھڪ سير چانور ۽ 5 پئسا روڪ ملندا ھئا. في سوار کي گھوڙي جي خرچ سميت روزانو چار آنا ملندا ھئا. پوسٽنس جي چوڻ مطابق اھا پگھار روزانو 3 پيسن يا ماھيانه 4 روپين کان ڪجھ گھٽ ھئي. گھوڙي سوار کي ٻيڻي پگھار ملندي ھئي. ان کانسواءِ ڊريس ۽ ٻيو روزمره جو سامان به کين حڪومت طرفان ملندو ھو. جنگ کَٽڻ کان پوءِ لشڪر کي انعام به ڏنو ويندو ھو، جيڪو نقد ۽ قيمتي سامان جي صورت ۾ ھوندو ھو.
    ميرن جي دور جو سنڌي لشڪر جَري ۽ بھادر ھو. ھو دشمن تي شينھن وانگر حملو ڪندا ھئا. جوش وقت بندوقون ڇڏي، تلوار سان، دشمنن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ مرندي مري ويندا ھئا، پر پوئتي نه ھٽندا ھئا. سندن ٻارن کي به چيلھ سان لونگين مان خنجر پيا لٽڪندا ھئا. سر ٽامس ھنگر بورڊ لکي ٿو ته ” بلوچ پنھنجي دشمن کي للڪاري، ساڻن کليل ميدان ۾ مقابلو ڪن ٿا. صلح ۽ امن جي زماني ۾، جڏھن پنھنجي قومي پوشاڪ مٿان، چمڪندڙ ھٿيارن کي، زيب تن ڪري نڪرن ٿا، تڏھن سندن ڊگھن لڙڪيل وارن کي ڏسي، انسان پاڻمرادو تسليم ڪندو ھو ته، بلوچ ايشيا جي قومن ۾ انسانيت جي غير معمولي تصوير آھن. ھو بلند قامت ۽ بانڪا بھادر آھن.“ ساڳي طرح ھڪ ٻيو انگريز مسٽر گرئٿن لکي ٿو ته، ”بلوچ ھڪ شريف قوم آھن. جيتوڻيڪ ھو ظاھري طرح خاموش ۽ صابرين نظر اچن ٿا، مگر سندن طبيعت بدلجڻ ۾ ڪا ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. اھي بدن ۾ جانٺا ۽ چست آھن. ھر وقت سجاڳ رھڻ سندن عادت آھي.“
    ميرن جو دور، سنڌ ۾ مردانگي، سورھيائي ۽ جنگين جي گھڻائيءَ جو دور ھو. انگريز دشمن ڏکڻ ايشيا ۾ پھچي چڪو ھو ۽ سنڌ تي ڳِجھين وارا لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ھئائين، جنھن کان سنڌي لشڪر پوري طرح واقف ھو. ميرن سنڌي فوج کي منظم ڪري، ھر خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رکيو. ان دور ۾، سنڌي فوج جي صلاحيت ۽ بھادري سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ مشھور ھئي. 1799ع ۾ جڏھن ٽيپو سلطان، سرنگاپٽم ۾ انگريز سامراج خلاف جھاد بلند ڪيو، ته ان ويڙھه ۾ سنڌي سپاھين سندس مدد ڪئي. جناب ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته ”ٽيپو سلطان انگريزي ۽ فرانسسي، واپاري ڪوٺين جي اصول تي، مسقط ۽ ڪراچيءَ ۾ به ڪوٺي قائم ڪئي ھئي. ڪراچي واري ڪوٺي، بندرگاھه تي، نصير خان بلوچ جي ماتحت ھئي. ٽيپو سلطان جي طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ جو مقصد، محض واپار يا بين المملڪتي تعلقات قائم ڪرڻ کان علاوه فوجي نوعيت پڻ ھو ۽ يقيني طور چئي سگھجي ٿو ته نصير خان جھڙي محب وطن، مشڪل وقت تي ضرور سلطان جي فوجي مدد ڪئي ھوندي.“ وري جڏھن انگريزن جي اشاري تي پنجاب ۾ رنجيت سنگھ جي ڏينھن ۾ مسلمانن سان سِکن ظلم ڪيا ۽ سندس عورتون زوريءَ کڻي ويا، تڏھن سيد احمد شھيد بريلوي فوجي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 1824ع ۾ آيو. تڏھن سنڌ جي ھڪ جيد عالم، آزاديءَ جي روح روان، حر فوج جي ڪمانڊر انچيف سيد صبغت الله شاھه بن حضرت محمد شاھهؒ کيس پنھنجي غير سرڪاري فوج مان 5 سؤ مُريد ڏنا ۽ کين خاص قسم جون ڊريسون پارائي روانو ڪيو. پير صاحب ھن قافلي کي ھڪ ھزار روپيا نقد، ھڪ بندوق ۽ ھڪ خنجر جي جوڙِي به سوکڙي طور ڏني. (علماءِ ھند ڪا شاندار ماضي، محمد ميان ص نمبر 520) اھڙي طرح ھي سنڌي فوجي پشاور جي سرزمين ۾ ڪوٽ ادو وٽ ظالمن سان وڙھندي امن ۽ ايڪانت قائم ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ جي زرين اصولن کي پنھنجائيندي سنڌ جو شان بلند ۽ بالا رکيو ۽ ثابت ڪيو ته ھيءَ فوجي قوم، پنھنجي ڀائرن سان ھٿ ھٿ ۾ ملائي دشمنن سان لڙي سگھي ٿي. ساڳئي طرح انگريزن جي چُرچ تي جڏھن افغانستان جي حاڪم شجاع الملڪ سنڌ تي متواتر چار حملا ڪيا، تڏھن سنڌ جي فوجن جنھن شجاعت ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪري، سکر جي کرڙيءَ واري ميدان ۾، شجاع کي جيڪا شڪست ڏني سا ھن دور ۾ سنڌي فوجن جي فوجي مھارت جو زنده ثبوت آھي. انھيءَ زماني ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين، ايجنسين، جاسوسن ۽ سندن واپاري قافلن کي ڦرڻ، لُٽڻ ۽ کين قتل ڪرڻ لاءِ انفرادي طور به سنڌي جوڌا شب خون ھڻندا ھئا يا ساڻن مقابلا ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام ڄاتو ٿي ته انگريز سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جا ظاھر ظھور دشمن آھن. انھن ٽولن ۾ جاني پٽ قنبر جکراڻيءَ جو ٽولو مشھور ھو، جنھن جي نالي ٻُڌڻ سان انگريز ڏڪي ويندا ھئا. ھن افغانستان ڏانھن ويندڙ انگريزن جي ڪابل واري لشڪر جو نڪ ۾ دم ڪري ڏنو ھو ۽ سندن فوجي ڇانوڻين ۽ رسدگاھن تي مسلسل حملا ڪري، انگريزن کي ڪافي نقصان پھچايو. ھن ھڪ ئي وقت انگريزن جي 48 فوجين کي قتل ڪيو ھو. (نئين مصر جا پراڻا ورق- ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ) ان کانپوءِ، سنڌي فوج انگريزن جھڙي سامراج، منظم ۽ جديد اسلح سان آراسته ملٽري سان جھڙي نموني جنگ ڪئي، سا دنيا ۾ پنھنجو مثال پاڻ آھي. تاريخ شاھد آھي ته انگريزن ڪھڙي حرفت، چالبازي، ٺڳي ۽ انسان دوستي جي نالي ۾ سنڌ جي پاڙيسري ملڪن ڪڇ، جوڌپور، جيسلمير، بھاولپور، قلات ۽ ڪابل کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو. ان کانسواءِ نوابن ۽ پرڏيھي ماڻھن کي جاگيرون ڏيئي پنھنجو ڪيو. مثلاً باڪاسر جو ٽڪر، جوڌپور جي راجا کي، اتر وارو ٽڪر نواب بھاولپور کي، ۽ ڪراچي اولھ وارو ٽڪر نواب قلات کي ڏنو. ان کانسواءِ سري ۾ مير مراد علي خان، لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي خريد ڪيو. ميرن جي پرڏيھي نوڪرن ۾ جان ھاويل ۽ سائمن به انگريزن جي چنبي ۾ آيا. ڏيھي نوڪرن کي لالچون ڏيئي ھنن پنھنجو ڪيو. ميرن سان ھر وقت دوستيءَ جو ڍنڍورو پِٽيندا رھيا ۽ سندن نمڪ کائيندا رھيا. اھو نمونو ۽ طريقو سڄو ان ڪري ڪيو ويو ته ٻاھريان ميرن جي ڪابه مدد نه ڪن ۽ اندروني طرح سندن اتحاد ٽُٽل ھجي، جيئن سندن فوج کي نه ٻاھران امداد ۽ رسد پھچي سگھي ۽ نه اندروني طرح ھن جي ڪو ڪمانڊ ڪري سگھي. ان ھوندي به سنڌين جنھن فوجي مھارت، جنگي سِکيا، بھادري ۽ وطن دوستيءَ جو جيڪو مظاھرو ڪيو، ان کي خود دشمن به تسليم ڪن ٿا. انگريز فوج جو نڪ، نيپئر لکي ٿو ته، ”ھتي بندوقن ۽ سنگينن تي تلوارن ۽ ڍالن جي سبقت ڏسڻ وٽان ھئي. بلوچ جوڌا، پنھنجن پستولن ۽ بندوقن سان وڙھيا ۽ پوءِ وڏي بھادريءَ سان ترارون ھلائڻ شروع ڪيائون.“ پوسٽنس لکي ٿو ته، ”ھو اِئين وڙھيا، جيئن ڪو ماڻھو، پنھنجي اھڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي، جا کيس زندگيءَ کان وڌيڪ پياري ھجي.“ ميجر وائيڊ گن لکي ٿو ته، ”جنگ تمام ڇِتي ھئي ۽ وڙھندڙ بلوچن، ڪڏھن به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.“ 22 نمبر گوري ريجمينٽ جي ھڪ سپاھي ھڪ سنڌي سپاھي جي سيني ۾ سنگين لنگھائي وڌي ته اھو سنڌي زمين تي ڪرڻ بدران، پنھنجي ڍال کي ڦِٽو ڪري، دشمن جي سنگين کي کاٻي ھٿ ۾ جھلي، بُت کي اڳڀرو ڪري، ساڄي ھٿ سان اھڙو وار ٿو ڪري جو مٿس حملو ڪندڙ، سپاھي ۽ پاڻ ھڪ ئي ھنڌ گڏ مَرن ٿا. سنڌي تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ سان ڪم پورو ڪندا آھن ۽ بلڪل ورلي، ھنن کي ٻئي ڌَڪ ھڻڻ جي ضرورت پوندي آھي. جيتوڻيڪ ميرن جنگ ھارائي ۽ سپاھه آھستي آھستي پوئتي ھٽيو، تنھن جي باوجود نه ھو ڇڙوڇڙ ٿيا ۽ نه وري مٿن ڪو خوف ئي طاري ھو. ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، جٿن جي صورت ۾ ھلندا رھيا. فاتحن ويجھو وڃي مٿن گوليون ھلايون ۽ قتل ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا ان جي باوجود به ھي سخت جان جوڌا، پوري صبر ۽ استقلال سان، ساڳي ريت ھلندا رھيا. پر موت جي ڪنڌ تي ھئڻ کانپوءِ به ھو نه ڀڳا ۽ نه سندن رفتار ۾ ڪا تيزي آئي. (مياڻي جي جنگ- باب ٻيو- قادر بخش نظاماڻي)
    دُٻي ۽ مياڻي جي جنگين ۾ سنڌي لشڪر جا سپھ سالار ھوش محمد قنبراڻي ۽ شير محمد ملڪاڻي جنھن سورھيائي ۽ بھادريءَ سان وڙھيا ان مان صاف ظاھر آھي ته ھو جديد جنگ جي طريقن ۽ اسلحي جي استعمال کان پوري ريت واقف ھئا. سندن سورھيائي ۽ ويڙھه جي طريقي جي خود انگريزن به تعريف ڪئي آھي. وليم نيپيئر لکي ٿو ته، ”ھوشو شيدي نھايت منظم طريقي سان جنگ ڪري رھيو ھو ۽ ھو جنگ جي فن ۾ ڪنھن به انگريز جرنيل کان گھٽ ڪين ھو. ھن جنگ ۾، ھن ھڪ عظيم توبچيءَ جو ڪردار ادا ڪيو.“ ميجر جيڪب جو چوڻ آھي ته، ”مان 17 جنگين ۾ وڙھيو آھيان پر مون ھوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آھي.“
    وليم نيپيئر وري ٻيءَ جاءِ تي لکي ٿو ته، ”ھوش محمد شيديءَ جي اھا بھادري بي مثل ھئي ۽ جنگ ڪرڻ، توڙي ٻين کي ھمٿائڻ ۾ ھو ڪنھن انگريز جنرل کان گھٽ نه ھو.“ اھي مثال سنڌي قوم جي شان، مردانگي، سورھيائي ۽ جنگي مھارت تي شاھد آھن، جن کي ھو صدين کان سانڍيندا اچن ٿا. ھن ٽن ڪلاڪن جي مياڻيءَ جي جنگ ۾، سنڌين کي شڪست غدارن جي ڪري ملي. برٽن لکي ٿو ته، ” انگريزن، ميرن جي توبچين کي اڳواٽ روپيا ڏيئي پنھنجي طرف ڪري ڇڏيو ھو. انھن جنگ جي ميدان ۾ توبن جا منھن مٿي ڪري گولا ڇڏيا. ٻيو ته فوج جا سردار عين جنگ جي موقعي تي ميدان ڇڏي ويا.“ سنڌي عوام ۾ پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ ايڏي ته سِڪ ھئي جو جنگ جي ٻئي ڏينھن ڏھه ھزار لشڪر ميدان ۾ آيو ۽ ڏھه ھزار وڌيڪ ڀر وارن ڳوٺن ۾ موجود ھو، مگر جنھن صورت ۾ ميرن سندن رھنمائي ڪانه ڪئي، ان ڪري ھو واپس گھرن ڏانھن موٽي ويا.(جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 540)


    • انگريزن جو دور

    ھندوستان ۾ انگريز، واپارين جو ويس پھري داخل ٿيا. برطانيا جا ھڙئي غندا، گڏ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاھي، ڏھه لک روپين جي موڙيءَ سان، 1612ع ۾ ھندوستان جي حاڪمن کان جازت وٺي، احمد آباد، سورٺ ۽ بمبئي ۾ پنھنجا تجارتي مرڪز ۽ ڪارخانا قائم ڪري، اچي دونھي دکايائون ۽ ھوريان ھوريان ويا اثر رسوخ وڌائيندا. ھنن پوءِ سياست ۾ دخل اندازي ڪري ھندوستان جي نوابن کي پاڻ ۾ ورھائي، ملڪ کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو. جڏھن ھو ھندوستان تي مڪمل قابض ٿي ويا، تڏھن سنڌ جھڙي سوني جھرڪيءَ تي سندن حريص نگاھون پيون. ھت به ھو پھريون واپارين جي شڪل ۾ آيا ۽ ڪلھوڙن جي دور ۾، ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي کوليائون. ڊاڪٽر جيمس برنس معالج بڻجي اچي اميرن جي درٻار ۾ رھيو، جيڪو سياسي مقصد سان ھت آيو. انگريزن سان ٽيون عھدنامو ٿيو. مير مراد علي جي ڏينھن ۾، انگريزن سنڌونديءَ ۾ جھازراني ڪئي ۽ چوٿون عھدنامو ڪيائون. 1833ع ۾، مير محمد جي ڏينھن ۾، ھنن بنگال ۽ بمبئي لشڪر کي، زوريءَ سنڌ مان لنگھائڻ لاءِ، بکر ۽ ڪراچي تي قبضو ڪيو. 1840ع ۾، مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو. خيرپور رياست جو والي مير علي مراد ٿيو. ھي مير گھر جو ويري بڻيو. 1843ع ۾، انگريزن سنڌ فتح ڪري، مير حاڪمن کي گرفتار ڪري، ڪلڪتي ۾ نظربند ڪيو.
    انگريزن کي سنڌ واسين ٽوٽا چٻايا ھئا ۽ ھو سنڌ جي عوام کان، مڪمل پلاند وٺڻ لاءِ، موقعي جي تاڙ ۾ ھئا. پھريائين ھنن، سنڌ ۾ انگريزي راڄ قائم ڪيو ۽ سر چارلس نيپئر کي، سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو جيڪو 1847ع تائين رھيو. ھي سڄو دور، سنڌ ۾ فوجي راڄ رھيو، جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ھڪ عجيب استبدادي دور مان گذرڻو پيو. ان کان پوءِ برطانيه جي گورنر جنرل، سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ کي حڪم ڪيو ته ھو سنڌ لاءِ، ڪمشنر مقرر ڪري. ان ڪري 1847ع ۾ مسٽر آر ڪي يونگل کي، سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. اھڙي طرح انگريزن سنڌ جي علحده پرڳڻي واري حيثيت ختم ڪري، سندس خودمختياري کسي، سنڌ کي بمبئي کاتي سان لاڳو ڪري، سندس حيثيت محض ھڪ ڊويزن واري رکي. حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جھڙي سکئي ستابي، ملڪ کي بمبئي جي ماتحت بڻايو ته جيئن سنڌ جي دولت، انگريز قوم جي پيٽ جو ٻَل بڻجي سگھي ۽ سنڌ جا ماڻھو، پنھنجن مالي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ھوندا ته ھو آزادي وٺي نه سگھندا، ڇو ته انگريز سرڪار کي ڊپ ھو ته مبادا سنڌي قوم به، افغانستان وانگر بغاوت ڪري، خود مختياري حاصل ڪري. ان ڪري انگريزن سنڌ کي ڦُرڻ ۽ لُٽڻ لاءِ انيڪ پروگرام بڻايا. حڪومت سڀ کان، سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن ۽ پِيرن سان اھڙو برتاءُ ڪيو، جيئن ھو پنھنجي مانَ ۽ مرتبي کي، سلامت رکڻ لاءِ سرڪار جا خوشامدي ٿي رھن. انھن پاڻ کي سرڪار سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيکارڻ لاءِ، ڪيئي طريقا اختيار ڪيا، جنھن ۾ آفيسرن جو دعوتون، سرڪاري ڪامورن کي شڪار ڪرائڻ، تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪرڻ وغيره ھو. جنھن به جاگيردار يا زميندار خودداري ٿي ڏيکاري ان کي ڪُچليو ويو. زميندار کي، پنھنجي عزت رکڻ لاءِ، سرڪاري ڪامورن جي آنِڪي ڀرڻ لازمي ھئي. مختيارڪار ۽ ڪليڪٽر جي درٻار ۾، ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ، عملدار جي خوشامد ڪرڻ ضروري ھئي. جنھن لاءِ ڪيترائي اجايا خرچ ڪرڻا پوندا ھئا. سنڌي پورھيت 70 سيڪڙو ھو، جيڪو زميندار ۽ جاگيردار جي چنبي ۾ قابو ھو، عدالتن جو نظام رائج ھو. وڪيل ملزم جا مددگار ٿيا. پوليس ۾ رشوت جو رواج پيو ۽ ان سان گڏ انگريز حڪومت ۾ رشوت جو مرض وڌڻ لڳو، ھي رشوت، عوامي راءِ آزادي ۽ ايمانداريءَ جي واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي. ڪُوڙيون شاھديون شروع ٿيون. ڏوھي ۽ بي ڏوھيءَ جي تميز مشڪل ٿي پيئي. ڏوھه جي جانچ دوران ماڻھن جي زالن، ٻارن، ڌيئرن، ڀينر۽ مائرن تي به ظلم ٿيڻ لڳو. سنڌ، سرڪاري ڪامورن جي شڪارگاھه بڻجي ويئي، جنھن جو سارو خرچ زميندار ڪندو ھو. عام ماڻھو رستا ٺاھڻ، تنبو کوڙائڻ، گاھه ميسر ڪرائڻ ۽ ٻين اھڙن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا ھئا. سرڪار پرست زميندارن، انگريز سرڪار جي خدمت ڪري وڏا وڏا انعام، لقب ۽ خطاب حاصل ڪيا. ڪاموري کي صاحب بھادر سڏيو ويو ۽ انگريز سرڪار کي فيل مست (جابر ۽ طاقتور) سرڪار جو تصور ڏنو ويو. (سنڌ جي سياسي جدوجھد- ڊاڪٽر محمد لائق زرداري)
    تاريخ شاھد آھي ته سنڌ جي عوام، منڍ کان ئي انگريزن کي صفا پسند نه ڪيو. سنڌي چوندا ئي اِئين ھئا ته، ”اسان ٽوپلو ڏٺو، ڄڻ ڪيھر شينھن ڏٺو-“ انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ آخوند لطف الله به پنھنجي سوانح عمري ۾ صاف لکيو آھي ته سنڌي ماڻھو انگريزن کي نفرت جي نگاھه سان ڏِسن ٿا. اھوئي سبب آھي جو، مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين کان پوءِ حالانڪ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت پڪي ٿي ويئي، پر سنڌي، انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي، ڇاپامار حملا ڪري کين پريشان ڪندا ھئا. ھن جاءِ بئريسٽر محمود مرزا جا ھي لفظ اسان جي ھِن خيال جي تائيد ڪن ٿا ته، ”جڏھن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ته اتي اُن مھل سِکن جو راڄ ھو ۽ پنجابي مسلمانن انگريزن جي آجيان ڪئي ۽ انھن کي سِکن کان چڱو سمجھيو. ان جي ابتڙ سنڌ ۾، انگريزن جي قبضي مھل، ھِتي ٽالپرن جو راڄ ھو.... سنڌي قوم نه رڳو فرنگي حڪومت کي دل سان قبول نه ڪيو، پر انھن خلاف ويڙھه ڪيائون ۽ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي حملا ڪندا رھيا، معنيٰ ته انگريزن کي پنجابين جيان نجات ڏياريندڙ ڪونه ليکيو ويو پر کين پرڏيھي قابض ۽ غير مھذب وارا حاڪم سمجھي کانئن نفرت ڪئي ويئي. (اڄوڪي سنڌ- روزانه جنگ ڪراچي- 23- 2- 1984ع) ان ڪري انگريز حڪومت سنڌين مان اھي مردانگي ۽ بھادري ۽ فوجي صلاحيت جا گُڻ کسڻ لاءِ ھڪ طرف کين جاگيرداريءَ جي نظام ۾ جڪڙي عوام کي محڪوم بڻائي، کين ناس ڪيو، وڏيرن، زميندارن ۽ چڱن مڙسن کي لقبن سان نوازي، پنھنجو پَٺُو بڻائي منجھانئن خوداريءَ جي خوءِ، عزت پسندي ۽ وطن دوستي جي جذبي کي ختم ڪيو ته ٻئي طرف سگريٽ نوشي، چانھ، ڀَنگ ۽ چڪلن جو رواج وجھي، سنڌين کي مخرب الاخلاق شين جو عادي بڻائي، بھادري، جرئت ۽ ھمت جا اوصاف ختم ڪري ڇڏيا ۽ اسانجي وڃي اھا حالت ٿي جو ڪوٽوال کي پيرين پوڻ لڳاسون ۽ ڪمشنر جي آفيس ۾ سنڌي جُتي ٻاھر لاھي، پَٽڪو ڪَڇ ۾ ڪري اندر وڃڻ لڳا. انگريزن مڪمل پاليسي ٺاھي پروپئگنڊا شروع ڪئي ته سنڌي بزدل ۽ گِيدي آھن ۽ ھو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لائق ئي نه آھن. خود ڪرنل فلپ لکي ٿو ته، ”اسان ڳُجھي طرح رپورٽ ۾ واضح طور لکي ڇڏيو ھو ته، فوج ۾ سنڌين کي ڀرتي نه ڪيو وڃي، ڇوته ھو حُڪم بجاءِ عقل کي وڌيڪ سمجھندا آھن، جڏھن ته فوج ۾ صرف حُڪم ھلندو آھي پر عقل نه....“ (سنڌ جا شھيد- اجرڪ پبليڪيشن جو پھريون ڪتاب) ان کان سواءِ انگريزن اسڪولي ڪتابن ۾ به اھڙا سبق ڏيڻ شروع ڪيا، جنھن ڪري سنڌي ٻارن مان جنگي صلاحيتون، بھادري، بي خوفي ۽ حڪومت ڪرڻ جي خوبين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ريسارو گدڙ ۽ ٽانءِ ڀريو سامبر، ان جا ڪي ٿورا مثال آھن.
    شکایت ھے مجھے، خداوندا ان مکتبون سے،
    قوم کے شاھینون کو ملتا ھے، جھان سبق خاکبازی کا.
    پر اصول آھي ته ڀِت ھميشہ ايئري تي ويندي آھي. ”کل شيءِ يرجع اليٰ اصلہِ“- قدرتي قانون آھي- آخر سنڌي ڪيستائين، ان غلامي ۽ محڪومي جي ڄار ۾ جڪڙيل رھي سگھندا. اسين ڏسون ٿا ته، چند سالن کان پوءِ، 1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾، ھي ڪُوپا مرد ۽ ڪونڌر جوان، سڀ کان اڳرا رھيا ۽ ھميشہ وانگر طاغوتي طاقت کي ڪُچلڻ لاءِ انگريز سامراج کان وطن عزيز کي آزاد ڪرائڻ لاءِ، سِر سان ڪفن ٻَڌي ميدانِ جنگ ۾ ڪُڏي آيا. ان دور ۾، شھنشاھه ھند ۽ آزادي تحريڪ جي منظم اعليٰ بھادر شاھه ظفر، شير سنڌ مير شير محمد ملڪاڻي کي خط لکيو ته، ”ھو انقلابين جي مدد ڪري (مير محمد بخش ٽالپر- سه ماھي مھراڻ- 1- 1968ع ص 162) مير شير محمد، سپاھي، بارود ۽ پئسا مدد لاءِ دھليءَ موڪليا. ان کان سواءِ ھت سنڌ ۾ مخفي جدوجھد لاءِ ڪيترائي منصوبا ٺاھي، سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تحريڪ ھلائي ويئي. خانبھادر خداداد خان، انگريزن جو مؤرخ لکي ٿو ته، ”1857ع جي فساد عظيم ۾ عَلم غدر ھندوستان ۾ برپا ٿيو، جنھن سبب سنڌ جي وڏن شھرن جھڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور جيڪب آباد ۾، مختلف پلٽڻين جي عملدارن سپاھين نافرماني ڪندي شورش ۽ فساد برپا ڪيو ته مارٽينو لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ باغين جو منصوبو ھو ته، حيدرآباد جي قلعي تي قبضو ڪري ان کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو وڃي. تنھن کان پوءِ ڪراچي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ملتان ۾ ھڪ ئي وقت عملي قدم کنيو وڃي. پر ھي منصوبو ظاھر ٿي پيو ۽ منصوبي رٿيندڙن کي ڦاسين تي لٽڪايو ويو.“ سنڌ ۾ ان دور ۾ دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد کوسي اھم ڪردار ادا ڪيو. بارٽل فريئر لکي ٿو، ”160 ديسي پيادي فوج جي صوبيدار، جيڪو باغين جو رھنما ھو، پنھنجي موت کان اڳ ٻُڌايو ته، جيڪڏھن کيس ٻن ڏينھن جي مھلت ملي ھا ته ھو دنيا کي پنھنجون رِٿون چڱيءَ طرح ڏيکاري سگھي ھا.“ (سر بارٽل فريئر- لطف الله بدوي- سه ماھي مھراڻ)
    ھن عوامي تحريڪ کي انگريزن جنھن سختي ۽ بيدردي سان ڪچليو ۽ ماڻھن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ ۾ موجود آھن ۽ مرڪزي ليول تي، ھندوستانين جا حوصلا پست ٿي ويا ۽ ھيءَ تحريڪ دٻجي ويئي، ليڪن سنڌ ۾ بغاوتن جي باھه ڀڙڪندي رھي ڪيترن ھنڌن تي، سنڌ جي مسلح باغين رِڻ ٻاري ڏنو. 15 اپريل 1859ع ۾ ٿر جي راڻن انگريزن خلاف ھڪ مسلح بغاوت ڪئي. ھنن انگريزي ٿاڻي تي حملو ڪيو. ڪچھري جلائي، خزانو لٽيو، انگريزي نوڪرن کي موت جي مٺي ننڊ ۾ سمھاريو تارون وغيره ڪپي ڇڏيون. اھا حالت ڏسي ڪرنل ايونس احمد آباد، ڪڇ ۽ حيدرآباد جون فوجون وٺي، جديد اسلحو کڻي ننگر پارڪر تي ڪاھي آيو. سوڍن سندن زبردست مقابلو ڪيو، پر راڻو ۽ سندس سپاھي گرفتار ٿي پيا. جڏھن اڌيسنگھ کي اھا خبر پيئي تڏھن ھن ڪافي سنڌي گڏ ڪري انگريزي لشڪر تي راتاھو ھڻي، جيل جو دروازو ڀڃي، راڻي ۽ ٻين سڀني سپاھين کي آزاد ڪرايو. اھڙي طرح مسلسل ڇھ مھينا، پارڪر جا ھي سوڍا انگريزي فوجين سان وڙھندا رھيا. آخر انگريزن چند ناڻي جي طالبن جي معرفت راڻي ۽ اڌيسنگھ کي مارائي ڇڏيو، پوءِ وڃي پارڪر ۾ امن قائم ٿيو. (پراڻو پارڪر- منگھارام اوجھا- ص 35)
    ان دور ۾، انگريزن کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌين ڪيتريون ئي زيرِ زمين تحريڪون ھلايون جن جي ڪارڪردگي ھن طرح ھئي:
    (الف) سنڌ ۾ ھڪ کان وڌيڪ ھنڌن تي زيرِ زمين تحريڪن جا مرڪز رھيا. (ب) سنڌ ڪيترن ئي ناميارن باغين کي پناھه ڏني. (ت) سنڌ، پرڏيھ ۾ ھلندڙ وطن جي آزادي وارن زيرِ زمين تحريڪن سان تعاون ڪيو. (ث) سنڌ واسين پرڏيھ ۾ رھي به، ڏيھ جي آزاديءَ خاطر تحريڪ ھلائي.
    سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪن جو آغاز 1909ع کان شروع ٿيو. جڏھن مھاراج گوورڌن شرما تي، ھڪ پمفليٽ ڇپرائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ جن ٻاھرين باغين پناھه ورتي، ان ۾ پھريون باغي خوديرام بوس آھي، جنھن 1908ع ۾ مظفرپور ۾ بم گولو اڇليو. ان کان پوءِ دھليءَ ۾ گورنر تي بم گولا اڇلائيندڙ رامسد بھاري، گوش، ڪاڪا، ڪاليڪر، گردت سنگھ، ۽ ھنس راج وائرليس، جنھن وائسراءِ جي ٽرين کي بارود سان اُڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، جھڙا عالمي باغي سنڌ ۾ آيا. سنڌين نه رڳو پناھه ڏني پر سندن رھنمائي ۽ مدد به ڪئي. جڏھن دھليءَ ۾ گورنر جي جاءِ تي بم گولو اڇلايو ويو، تڏھن ان ۾ ٻه سنڌي لوڪرام ۽ وشنو به ھن منصوبي ۾ شامل ھئا. ان عرصي ۾ سکر، شڪارپور ۽ حيدرآباد انھن تحريڪن جا مرڪز ھئا. سنڌ جون اخبارون الامين ۽ ھندو زيرِزمين تحريڪن جو نقيب ھيون. (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ- آئينو ۽ اولڙو ص 140)
    1914ع ۾ جڏھن پھرئين مھاڀاري لڙائي شروع ٿي، تڏھن انگريزن ھندوستان مان، تمام گھڻي ديسي فوج پنھنجي محاذ تي موڪلي. ان ۾ جيڪي سنڌي سپاھي ھئا، تن انگريزن جي طرفان وڙھڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ھنن پنھنجي سنڌي ڀائرن کي مارڻ نه ٿي چاھيو ۽ انگريز سامراج کي مضبوط ڪرڻ نه ٿي چاھيو، ان ڪري ھو انگريزن جا لاڏلا نه ٿي سگھيا. ان دور ۾ مدرسه مظھرالعلوم کڏو ڪراچي، سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪن جو مرڪز ھو. مولانا محمد صادقؒ ، جيتوڻيڪ سپھ سالار ڪونه ھو، پر ھڪ آزمودگار جرنيل ضرور ھو. ان انگريزن خلاف لسٻيلي ۽ مڪران ۾ بغاوت ڪرائي، جيڪا سردار نورالدين مينگل ڪئي. جنھنجو نتيجو ھي نڪتو جو ڪمڪ ۽ رسد نه پھچڻ ڪري، جنرل پانوسن جيڪو عراق ۾ شھرن پٺيان شھر فتح ڪندو ٿي ويو، تنھن جي پيش قدمي رڪجي ويئي ۽ ھو ڪوٽ العمارت ۾، قلعو بند ڪري ويھي رھيو. سندس ٽيھ ھزار فوج مان باقي تيرھن بچي، ۽ ٻي ساري مارجي ويئي. (نقش حيات- مولانا حسين احمد مدني)
    1915ع ۾ جڏھن برِصغير ۾ ريشمي رومال تحريڪ شروع ٿي تڏھن ان جو سارو نظام سنڌين ئي سنڀاليو، جن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي عبدالله لغاري، مولوي محمد صادق، مولانا تاج محمد امروٽي ۽ ٻيا چوٽيءَ جا سنڌي ليڊر ھئا، جن جي ڪوشش سان سنڌ جا لکين ماڻھو رضاڪارانه طور ھن تحريڪ ۾ شامل ٿي، انگريزن کي ملڪ مان تڙڻ لاءِ، پروگرام ٺاھيا. مولانا عبيدالله سنڌي ھڪ اعليٰ فوجي سپھ سالار ھو. ھن ڪابل ۾ جيڪا فوج ”جنود ربانيه“ تيار ڪئي، ان ۾ سنڌي عوام جي فوجي صلاحيت جو اعتراف ڪندي ڪيترن ئي نامور عالمن کي، وڏا وڏا عھدا ڏنا ويا. خلافت تحريڪ، ھجرت تحريڪ ۽ قطع تعلقات تحريڪ، جيڪي ھند جون ملڪ گير تحريڪون آھن، جن انگريزي اقتدار کي لوڏي ڇڏيو، تن سڀني جو روح روان سنڌ ئي آھي. 1920ع ۾ حضرت مولانا تاج محمد امروٽيؒ جي مشوري تي آل انڊيا ليول تي، ھنن تحريڪن کي اپنايو ويو ۽ سنڌ مان ڪيترائي قافلا ھندوستان کي ”دارالحرب“ قرار ڏيئي، افغانستان لڏي ويا. اھڙي طرح سنڌ ھر انگريز خلاف تحريڪ ۾ پھرئين پوزيشن حاصل ڪندي سڀ کان اڳري رھي.
    سنڌ جي حريت پسند عوام، سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرائڻ ۽ سندس آزادي ۽ صوبائي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ 1906ع کان آئيني جدوجھد شروع ڪئي ۽ برطانوي سرڪار کي ايڏو ته مجبور ڪيو جو ھن سندن بصيرت افروز بحث مباحثن کي تسليم ڪندي، پھرئين اپريل 1936ع ۾، سنڌ کي خودمختيار صوبو بڻائي سر لئنسيلاٽ گرھام کي گورنر مقرر ڪيو.
    انگريزن جي ظلم، بربريت ۽ تشدد کي ڏسي پير پاڳاري حضرت صبغت الله ثانيؒ، 1922ع ۾ پنھنجي حُر فوج کي منظم ڪرڻ ڪرڻ شروع ڪيو. ھن وٽ فارورڊ بلاڪ جا ڀَڳل قيدي موجود ھئا، جن جي رھنمائي ھيٺ حرن اعليٰ فوجي تربيت حاصل ڪئي. مکي ٻيلي ۾ ھٿيارن ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارخانا تيار ڪيا ويا ۽ ان جي چئن ئي پاسن کان سرنگھن جو وسيع ڄار پکيڙيو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته پير صاحب، پنھنجي ھن سرفروش ۽ جانباز فوج ۾ مرشد سان عقيدت، ساڻيھ سان سِڪ، ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ جو جيڪو روح ڦوڪيو ھو. سو ڪنھن ٽرينڊ فوج کان ڪنھن به طرح گھٽ نه ھو. ھيءَ جماعت مڪمل جنگي سکيا ورتل ھئي. جڏھن ھو دشمن جي گھيري ۾ ايندا ھئا، تڏھن به سرنگھون ٺاھي، انگريزن جي قبضي مان نڪري ويندا ھئا.
    سنڌ جي ھن غير سرڪاري فوج جنھن جانبازي ۽ سرفروشي سان انگريزن جو مقابلو ڪيو، اھو تاريخ جو سونھري ورق آھي. پيٽرمئن، ”سينٽين آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته، ”جڏھن ٻي جنگ عظيم جو اعلان ٿيو، تڏھن عوام ۾، ھي افواھه اٿيو ته پير صاحب پاڳاري طرفان ھڪ نجي فوج تيار ڪئي پيئي وڃي، جنھن کي فوجي تربيت به ڏني ٿي وڃي ۽ ڪافي اسلحو به گڏ ڪيو ويو آھي. جڏھن حڪومت کانئن پڇيو تڏھن چيائون ته ھو فوجي امداد لاءِ ڪوشش ڪري پيو. ھن چيو ته مان حُرن کي سول گارڊز ۾ ڀرتي ڪري رھيو آھيان.“ پير صاحب حرن کي غازيءَ جو لقب ڏنو ۽ ڏھه ھزار روپيا چندو گڏ ڪيو. ھن حرن کي مخاطب ٿي چيو ته- ”اڄ اوھان پنھنجون جانيون، منھنجي حوالي ڪيون آھن. تمام جلدي، مون کي انھن جي ضرورت پوندي. اوھان ٻڌو آھي ته، ماڻھو گانڌيءَ جي گرفتاريءَ تي مشتعل ٿي پيا آھن. جي انھن مونکي به گرفتار ڪيو ته اوھان لائينون ٽوڙجو- رسل رسائل جو سلسلو درھم برھم ڪجو. واھن کي ڀڃجو. باھيون لڳائجو. (بحوالہ سياره ڊائجسٽ سراج نظامي- آڪٽوبر 1966ع) پير صاحب، جنھن ھن تحريڪ جو آغاز ڪيو، سو ھڪ محب وطن عالمِ دين ھو. ھن ھر صورت ۾ انگريز سامراج کان نجات حاصل ڪرڻ پئي گھري. ھيءَ تحريڪ خالص سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ھئي. جيئن ڪرنل فلپ لکيو آھي ته، ”1912ع ۾ حر تحريڪ کي، پير صبغت الله پھرئين زور وٺايو، ڇاڪاڻ ته اھا ھڪ مذھبي تحريڪ ھئي، پير صبغت الله (ٻيو) جي به پنھنجي تحريڪ آزاد مسلمان تحريڪ ھئي پر ھيءَ تحريڪ ”آزاد سنڌ“وطنيت تي ٻڌل ھئي، جيڪا پھرئين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي.“ (اجرڪ پبليڪيشن جو پھريون ڪتاب- سنڌ جا شھيد)
    ان کان پوءِ پير صاحب جي اشاري تي ھيءَ آزاد سنڌ تحريڪ شروع ٿي ۽ وڏي پئماني تي ھلي. سنڌي سورما سر تريءَ تي رکي، ميدان ۾ کلندي آيا. حرن حڪومت ۽ ان جي مشينري کي اپاھج ڪرڻ لاءِ ڦرلٽ ڪرڻ، ڪئنال ٽوڙڻ، ريلوائي اسٽيشنن تي حملا ڪرڻ ۽ انھن جي عملي کي قتل ڪرڻ، سرڪار جي دلالن، خابرن ۽ ڇاڙتن کي مليا ميٽ ڪرڻ جي رٿا رٿي. سرڪار به جوابي ڪاروائي ڪندي ھن ايراضيءَ ۾ حرن ۽ ٻئي عوام کي ھيسائڻ لاءِ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪري، جڙتو مقدما ھلائي ماڻھن کي وڏيون سزائون ڏنيون، پرسرڪار جو اھو دڙڪو به حرن جي ھلچل کي ٿڌو ڪري نه سگھيو. آخر ھنن پير صاحب کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو. ھن جي دليري ڏسو جو صبح جو کيس تخت دار تي چڙھڻو ھو ۽ ان رات ھڪ انگريز ساڻس شطرنج راند کيڏڻ ويٺو ته کيس راند به ڏيئي نه سگھيو.
    پير صاحب جي ڦاسيءَ تي چڙھڻ کان پوءِ ”حر“ مشتعل ٿي ويا پر انگريز حڪومت به تشدد ۾ اضافو ڪيو. ڪوٽ تي بمباري ڪري ان کي ڍير ڪري ڇڏيو. ھزارين حرن کي گرفتار ڪري، کين لوڙھن ۾ بند ڪيو ويو. 1942ع کان 1945ع تائين، سنڌ ۾ مارشل لا لڳائي، ھزارين حرن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. اٽڪل چاليھ ھزار حر شھيد ٿي ويا، پر ھو ھڪ تر به پوئتي نه ھٽيا. (حر ھلچل- ميجر جنرل وصال مجمد- سنڌ ڪوارٽرلي) ان وقت جي ھڪ اخبار ”باب الاسلام“ پنھنجي ادارتي نوٽ ۾ لکيو ته ”اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته سنڌ جا ھي ورھين کان ماريل ۽ خانه بدوش چند حُر جرمني جي طاقت آھي يا ايشيا جي ڪميونسٽ قوت، جن جي خلاف ايترا ھٿيار استعمال ڪرڻ ۽ رات ڏينھن پوليس ۽ سنڌ رائفل فوج بڇي ڇڏڻ جي باوجود به ھو اڃا تائين حڪومت جي قبضي ۾ نٿا اچن.“ ھن تحريڪ ۾ مَردن سان گڏ سنڌي عورتن به وڏي بھادريءَ سان ڪم ڪيو. محترمه ڊاڪٽر قمر واحد لکي ٿي ته ”سنڌي حُر عورت، جنھن دليري ۽ شجاعت جو مظاھرو ڪيو، اھو ساراھڻ لائق آھي. حر عورتون انھن مَردن کي، جيڪي جھنگ ۾ لڪل ھوندا ھئا، کاڌو ۽ ھٿيار پھچائينديون ھيون. سندن غير موجودگيءَ ۾ زمين جي نظرداري ڪنديون ھيون ۽ ڪن حالتن ۾، انگريز فوج جي چرپر تي، نظر رکنديون ھيون. انھن عورتن وقت اچڻ تي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ضرورت پوڻ تي، سنڌي عورت پنھنجي سون چانديءَ جون چوڙيون لاھي، لوھه جون بندوقون کڻي سگھن ٿيون. ھي اھي ساڳيون عورتون ھيون، جيڪي ڪڌھن اڪيلو ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃي نه سگھنديون ھيون پر ان وقت اڌ رات، پيادل جھنگ پار ڪري، جھنگلي جانورن ۽ انگريزن جي لشڪر کان پاڻ بچائي، ساري ڌينھن جي ڪاروائي کان مجاھدن کي آگاھه ڪري اينديون ھيون ۽ انگريز فوج تي شب خون مارڻ ۾ پنھنجي مَردن سان گڏ ھونديون ھيون. انھن عورتن ۾ وساڻ، نظاماڻي، ھنڱورا، ڳاھا ۽ راڄڙ خاندان جون عورتون قابل ذڪر آھن. (سنڌي عورت- صدين جي آئيني ۾- جنگ ميگزين 8-2- 84ع)
    سنڌ جي آزاديءَ لاءِ حُرن جي ھيءَ ھلچل پنھنجن جي غداريءَ ڪري، ڪچلجي ويئي. جيڪڏھن آل انڊيا ليول تي، ھن تحريڪ جي حمايت ڪئي وڃي ھا ته انگريز بروقت ٽپڙ ٻَڌي وڃن ھا. ڪرنل فلپ لکي ٿو ته، ”جيڪڏھن اسين حُر تحريڪ کي ختم نه ڪري سگھون ھا ۽ سنڌ آزاد ٿي وڃي ھا ته ايشيا مان ڏسندي ڏسندي اسين ختم ٿي وڃون ھا، جو سنڌ آزاد ٿيندي بنگال آزاد ٿئي ھا.“
    ھند سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جي مسلح جدوجھد جي ھڪ تمام وڏي سگھاري تحريڪ ”آزاد ھند فوج“ آھي جيڪا سنگاپور کي فتح ڪرڻ وقت قائم ٿي. ھن فوج کي قائم ڪرڻ ۾ سنڌ جي ماڻھن مالي مدد ڪئي. انھن سنڌي ليڊرن مان ھڪ سنڌي عورت مسز ڀٽائي ۽ ٻيو سنڌي ليڊر ٽي اين آھوجا ھو. جيئن ته ھي سنڌي واپار جي سلسلي ۾ ٻاھرين ملڪن ۾ رھندا ھئا، ان ڪري ھو ھنن سنڌي تحريڪن جي مدد ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندا ھئا. ھن ”آزاد ھند فوج“ ۾ سنڌي ماڻھن جي جنگي صلاحيت ۽ بھادرانه ڪارنامن جو خيال ڪندي کين وڏن عھدن تي رکيو ويو. انھن ليڊرن مان نارائڻ داس منسکائي پڻ ھو، جيڪو آزاد ھند فوج جو پھريون سنڌي ميمبر ھو ۽ ايم ٽي پنج ڪئمپ جو ڪمانڊر ھو. ھن کي برطانيا سرڪار قيد ڪري ملتان جيل ۾ رکيو ھو. (ديس دروھي- اديب انقلابي ص نمبر 96)
    مطلب ته انگريزن جي دور ۾ سنڌ واسين جون ھي قربانيون آزاديءَ جي تاريخ ۾ سونھري باب جي حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري سنڌين جي منظم فوجي حُر تحريڪ ھڪ اھڙي تحريڪ ھئي، جنھن برطانيا سرڪار کي مجبور ڪيو ته ھو، ھن قوم جي آزادي ۽ خودمختياري بحال ڪري، نه ته ٻي صورت ۾ ھيءَ سنڌي قوم، انگريزن کي سڄي دنيا ۾، منھن مٿي نه کڻڻ جھڙو بڻائي سگھي ٿي، اھوئي سبب آھي جو 1943ع ۾ حُر تحريڪ شروع ٿي ۽ 1947ع ۾ آزادي ملي.


    • پاڪستان جو دور

    ھيءَ حقيقت آھي ته، پاڪستان جي تحريڪ ۾ ننڍن صوبن وڏو ڪردار ادا ڪيو، جن مان سنڌ جو نالو سرِ فھرست آھي. سنڌ ھر ننڍي خواھه وڏي تحريڪ ۾ پاڻ ملھايو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ کان وٺي 1947ع تائين، سنڌي عوام پاڪستان جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ سنڌ ڌار صوبو ٿيو، تڏھن ھتان پاڪستان لاءِ آواز بلند ڪيو ويو. مسلم ليگ، جنھن تي پاڪستان بڻائڻ جو سھرو آھي، ان جو بنياد 1906ع ۾ انھيءَ وفد کان پوءِ پيو، جيڪو شملي ۾ وائسراءِ ھند سان مليو. ان وفد جو اڳواڻ، سنڌ جو نامور فرزند سر آغا خان ھو. 1938ع ۾ آڪٽوبر مھيني ۾ ڪراچيءَ ۾، مسلم ليگ جو ھڪ اھم ۽ عظيم الشان اجلاس ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ گڏيل ھندوستان جا سڀئي مسلمان ليڊر شريڪ ٿيا. ھن اجلاس جي صدارت قائد اعظم ڪئي. ھن اجلاس ۾ پھريون دفعو پاڪستان جو مطالبو ڪيو ويو ۽ شيخ عبدالمجيد طرفان مطالبو ڪيو ويو ته مسلم گھڻائيءَ وارن صوبن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪيو وڃي ته جيئن ٻيئي قومون، پنھنجن علائقن ۾ پنھنجي مرضيءَ مطابق، آزاد حڪومتون قائم ڪري سگھن. اھو ٺھراءُ 23 مارچ 1940ع تي پاس ڪيل آل انڊيا مسلم ليگ جي لاھور واري ٺھراءُ ”قرارداد پاڪستان“ کان اٽڪل ڏيڍ سال اڳ پاس ڪيو ويو ھو. نه صرف ايترو، پر ڪراچيءَ وارو ٺھراءُ، لاھور جي ٺھراءَ کان وڌيڪ کُليل ۽ واضح ھو. برِ صغير جي تاريخ ۾ سنڌ پھريون صوبو آھي، جنھن پاڪستان جو مطالبو ڪيو. ان کان پوءِ ھندوستان جي يارھن صوبائي اسيمبلين مان، سنڌ اسيمبلي پھرين اسيمبلي ھئي، جنھن 3 مارچ 1940ع تي، آئيني طور پاڪستان جو مطالبو ڪيو. اھو مطالبو سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي- ايم- سيد پيش ڪيو. ھي کُليل ثبوت آھي ته سنڌ اسيمبلي، ان کان اڳ ۽ نه وري ان کان پوءِ اھڙو مطالبو پيش ڪيو. پاڪستان کان اڳ، پاڪستان ۾ اھڙو ڪوبه صوبو ڪونه ھو جيڪو مسلم ليگ جي وزارت ٺاھي سگھي. پر اھا سنڌ ھئي، جتي پنجن سالن کان مسلم ليگ جي وزارت قائم ھئي. 1946ع ۾ ھندوستان ۾ مسلم ليگ کي، مسلمانن جي واحد سياسي جماعت معلوم ڪرڻ لاءِ جيڪي چونڊون ڪرايون ويون، ان ۾ مسلم ليگ سؤ سيڪڙو ڪامياب ٿي. بھرحال سنڌ سياسي طرح پاڪستان ٺاھڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. 1947ع ۾ جڏھن پاڪستان ٺھيو، تڏھن سنڌ ئي مرڪزي حڪومت کي، پنھنجي صوبائي سيڪريٽريٽ جون عمارتون پيش ڪيون ۽ پاڪ حڪومت کي پنھنجو صنعتي علائقو ڪراچي گاديءَ لاءِ ڏنو. سنڌ واسين فراخدليءَ جو ثبوت ڏيندي لُٽيل، ڦَٽيل، بي گھر ۽ خانه بدوش مسلمان ڀائرن کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي، پنھنجي ساري ملڪيت انھن جي حوالي ڪئي، جڏھن ته ٻين صوبن گاڏيءَ تان پليٽ فارم تي کين پير به رکڻ نه ڏنو. غير سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ واسين نون ڀائرن کي ساڍا 27 لک ايڪڙ زمين آباديءَ لاءِ ۽ 99 ھزار ست سؤ ڏھه گھر ۽ اٺٽيھ ھزار 5 سؤ دڪان ڏنا. اھڙي طرح 1955ع ۾ جڏھن ون يونٽ بڻايو ويو تڏھن سنڌ ٽيھ ڪروڙ روپيا روڪ ۽ پنجاھه ڪروڙ روپين جون جايون، دفتري سامان نئين حڪومت جي نذر ڪيون. ان کان سواءِ ھر صوبي جي ماڻھوءَ کي، سنڌ پاڻ وٽ رھائي، ان جي آسودگي ۽ خوشحاليءَ لاءِ، پاڻ کي وقف ڪيو آھي.
    ھي سچ آھي ته، جنھن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏبيون آھن ۽ تڪليفون برداشت ڪبيون آھن، اُھا ساھه کان وڌيڪ پياري ھوندي آھي ۽ ان جي بقاءَ ۽ سالميت لاءِ، ماڻھو جان ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻائيندو آھي. پاڪستان سنڌ واسين لاءِ ان قيمتي چيز جو درجو رکي ٿو. سنڌين جي حب الوطني ۽ پاڪستان سان محبت ڪنھن تعارف جي محتاج نه آھي، پر شرط ھي آھي ته، ان کي خلوص ۽ سچائيءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ۽ پاڻ سان گڏ ٻئي کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. پاڪستان چئن صوبن جو ھڪ گلدستو آھي، جنھن ۾ ھر گُل خوشبوءِ ۽ سونھن پئدا ڪئي آھي. پاڪستان پنھنجي بقا ۽ سالميت لاءِ ٽي جنگيون لڙي چڪو آھي ۽ انھن جنگين ۾ سنڌ جي عوام، پنھنجي حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيندي ھر محاذ تي، دشمن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. 1965ع جي جنگ ۾، سنڌين جنھن سرفروشي، حريت پسندي، قوم پرستي ۽ اسلام دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آھي، سو پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار رھندو. ھن جنگ ۾ سنڌ جي غير سرڪاري ۽ خانگي فوج ”حُر فورس“ جنھن نموني دشمن سان مقابلو ڪيو، اھو ڪنھن به طرح ٽرينڊ ملٽري کان گھٽ نه ھو. ميجر جنرل وصال محمد خان لکي ٿو ته- ”آءٌ حُرن جي بھادري، ريگستاني علائقن ۾ سندن تيز رفتاري، حالتن جي صحيح ڪَٿ ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مقصد خاطر، جان قربان ڪرڻ جي تڙپ کان متاثر ٿي، 1965ع واري جنگ ۾ حرن کي ڀرتي ڪرڻ جي سفارش ڪئي.“ (سنڌ ۾ حُر تحريڪ- ھلال ميگزين- سيپٽمبر 1983ع) اھڙي طرح 7 سيپٽمبر 1965ع تي 25 ھزار حُر، مجاھد فورس ۾ ڀرتي ٿي، ملڪ جي حفاظت خاطر ميدانِ جنگ ۾ آيا. ان وقت کين پاسي پُٺ کان، دشمن تي حملي ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو ته جيئن دشمن دھلجي وڃي. اھي حملا ھن ريت ھئا.
    (1) دشمن جي مواصلاتي لائين تي حملا.
    (2) دشمن جي ڪئمپن تي راتاھا.
    (3) دشمن جي آسانيءَ سان بڻجندڙ حِصن ۽ پاسَن ۾ ٿرٿلو مچائڻ.
    (4) دشمن جي، انتظامي ايراضي ۾ داخل ٿي، ھن جي رسد ڪاريءَ جي نظام کي ناس ڪرڻ.
    حُر جيئن ته ھِن ريگستاني ايراضيءَ جا سونھان ھئا، انھيءَ ڪري رات ھجي يا ڏينھن، آسانيءَ سان چرپر ڪري سگھيا ٿي. ھنن کي جيڪو ڪم سونپيو ويو ھو، سو ڏاڍي جوش ۽ ولولي سان ادا ڪري رھيا ھئا. ڏسڻ ۾ ھو اھڙا طاقتور ته نظر نه ايندا ھئا پر جڏھن دشمن جي مواصلاتي لائين ۽ ذخيري جي اَڏن تي حملا ڪندا ھئا ته تباھي مچائي ڇڏيندا ھئا ۽ دشمن مجبور ٿي پويان پيرَ ڪندو ھو. نتيجو اھو نڪتو جو حمله آور تنگ ٿي، پاڪ و ھند سرحد کان به پوئتي ھٽي ويو ۽ سندن پنھنجو علائقو اسان جي وڌڻ لاءِ خالي ٿي ويو. جيئن ته مارواڙ جي ريگستاني ايراضي، اسانجن ھنن سورمن جي ڄاتل سڃاتل ۽ ڏٺل وائٺل ھئي، انھيءَ ڪري انھن تي به، ھِنن سولائيءَ سان قبضو ڄمائي ورتو ۽ دشمن جي فوج کي، پنھنجا مورچا خالي ڪرڻا پيا. ھنن بھادر حُرن. دشمن سان جيڪا ويڌن ڪئي، تنھن جي نتيجي ۾، جنگبنديءَ جي اعلان تائين، ھندوستاني رڻ پٽ جو وڏو علائقو، اسان جي قبضي ۾ اچي چڪو ھو. آئون ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته ريگستاني گوريلا جنگ ۾، حُرن جو مشڪل سان به ڪو مَٽ يا ثاني ٿي نٿو سگھي ۽ ڪوبه غير سپاھي، ھنن کان انھيءَ ۾ قطعي گوءِ نه ٿو کڻي سگھي. (سنڌ ۾ حُر تحريڪ- ھلال ميگزين- سيپٽمبر 1984ع)
    سيپٽمبر جي جنگ ۾، اسان جي ھن غير سرڪاري سنڌي فوج راجستان سيڪٽر ۾ روھڙي، ساچو چندور، مليسر، ڀوتيلي، ڪلان، برادا، آچوري، ٽويا، ساڌو والاتار، گٽارو، نوتارا، ۽ شاھه ڳڙھه تي قبضو ڪيو ھو. گڊڙو جي اُتر ۾ ھنن پوچينا، مائيا، رام ديرو، ڊيگوري، رام تلا، ۽ ڏَکڻ ۾ ڪيلمور، سوڀالا، بت دادوسرا ۽ ڪلدون ڪاٽالا تي قبضو ڪيو. راجستان سيڪٽر ۾ ڀارت جي اھم قلعن کانسواءِ، ويھن فوجي چوڪين تي پڻ قبضو ڪيو. مجموعي طور ھڪ ھزار چورس ميل ڀارت جو علائقو فتح ڪيو. ڪڇ جي رِڻ کان رحيم يار خان تائين، سَون ميلن جي سرحد تي، ھن مادرِ وطن جي حفاظت ڪئي. حُرن رام ڳڙھه تي جڏھن حملو ڪيو، تڏھن اتي چار ھزار ھندوستاني فوج ھئي، پر سندن ھڪ ھَڪل سان ئي اھا فرار ٿي ويئي. ان وقت خيرپور ڊويزن جي ڪمشنر چيو ھو ته- ”اُھي حُرن جا جگر آھن، جن اھرو قلعو فتح ڪيو.“ ھڪ ڪمانڊر چيو ھو ته- ”مون کي حُرن تي ناز آھي. اھي بلڪل اھڙي طرح وڙھن ٿا، جيئن تربيت يافته فوجي وڙھندا آھن.“ روزانه ڪوھستان ملتان جي نمائندي لکيو ته، ”حُر مجاھدن جنگ جي محاذ تي، جيڪو منظم ڪردار ادا ڪيو آھي، تنھن جو مَٽ ناھي. حُر وڏا بھادر آھن.“ روزانه مارننگ نيوز ڪراچي جي نمائندي لکيو ته- ”جڏھن راجستان جي جنگ متعلق، تاريخ لکي ويندي. تڏھن حُر مجاھدن جا ڪارناما تاريخ ۾، ھڪ سونھري باب جو اضافو ڪندا، جن کي محبت ۽ عزت سان پڙھيو ويندو.“ روزانه مغربي پاڪستان سکر لکيو ته، ”جڏھن جنگ جي تاريخ لکي ويندي، تڏھن حُر مجاھدن جي ڪارنامن کي سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو. حُرن ۾ ايتري قوت ۽ صلاحيت اڄ به موجود آھي، جو ھنن ڀارتي سورمن کي عبرتناڪ شڪستون ڏيئي، سندن علائقن مان ڀڄائي ڇڏيو آھي.“ محترم سراج نظاماڻي لکي ٿو ته- ”حُر موت کان نه ڊڄندا آھن. ھو سمھي يا مورچو ٺاھي وڙھڻ کي بزدلي سمجھندا آھن. ھو سدائين سيني تي گولي کائيندا آھن. وٽن ميدانِ جنگ مان ڀڄي وڃڻ ڪفر برابر آھي. اھوئي سبب آھي جو راجستان جي اھم چوڪين تي قبضو ڪري انھن دشمن کي ھراسان ڪيو. بيشڪ پاڪستان کي لال خان مڱرئي، حاجي خان راڄڙ، مارو مڱرئي، ۽ جمال جھڙن سرفروش حُرن تي فخر آھي، جن جي سرڪردگيءَ ۾ حُر مجاھدن درخشان ڪارناما انجام ڏنا.“
    سنڌي شاعرن به حُرن جي انھن ڪارنامن کي ور ور ڪري ڳايو. عارف المولا جي ھڪ ڪافيءَ جا بند آھن:

    مَرد مٿير مجاھد آيا، ڪونڌر ڪُوپا ڪاھي،
    سِر ڏيڻ لاءِ سورھيه ھليا، لوڪ لاڳاپا لاھي،
    موذي ماري ڍير ڪري، اڄ ورنھ آيا دلير-
    اجھي آيا حُر فقير.
    جنگ کَٽي اڙٻنگ لڳايو، رنگ انھن رڻن،
    محبت جو ميدان ملھائي، موج سدا ماڻن،
    راجستان جا راجا آيا، لاکيڻا لکمير-
    اِجھي آيا حُر فقير.

    بھرحال سنڌين جي ھِنن سوڍن پنھنجي روايت کي قائم رکي، پاڻ ۾ اھوئي پراڻو فوجي مھارت وارو عنصر ۽ ويڙھه جو ڍَنگ زنده رکيو آھي.


    • پَڇاڙي

    گذريل ورقن ۾، سنڌ واسين جي بھادري، سورھيائي ۽ فوجي مھارت جا جيڪي تاريخي ثبوت پيش ڪيا ويا آھن، تن مان صاف صاف ظاھر آھي ته سنڌي قوم ھڪ باقاعده مارشل ريس ۽ فوجي صلاحيتن سان آراسته آھي ۽ سندن تاريخ، بھادري ۽ جانفروشي جي تاريخ آھي. سنڌين جي اُن جذبي ۽ صلاحيت کي ھر دور جي شاعر ڳايو آھي. ڀِٽ ڌڻي چوي ٿو ته:

    سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻ سين،
    تيغ تنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏھين.
    -
    چار تراريون چيلھ سين، ٻَڌي ٻه پاڳون،
    ايءَ اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.
    خليفي نبي بخش چيو ته:

    ڪٽاري ۽ ڪات، مَن مرادون پنيون،
    رَت ڀريائون وات، مانجھين ھڏ مڇائيا.
    سنڌي عورت جي بھادري ۽ سورھيائي به ضرب المثل آھي. ڀِٽ ڌڻي سنڌي عورت جي جذبءِ غيرت کي ھن طرح پيش ڪري ٿو:
    ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريوسين وسھان،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سونھان؛
    ته پڻ لڄ مران، جي ھوئنس پُٺ ۾.
    خليفي نبي بخش چيو ته:

    جي تون ڀَڄي آئين ڀڄڻا، ته آئون تنھنجي ڀيڻ،
    نَٿ تنھنجي نَڪ ۾، وجھان ڏيئي ويڻ،
    جي توڏي کڻان نيڻ، ته پَسان پنھنجي پُٽ کي.

    سنڌي قوم جي انھيءَ بھادرانه صلاحيت ۽ قرباني جي انگ کي؛ انگريزن پنھنجي پاند وٺڻ لاءِ غلط پروپئگنڊا ڪري سندن فوجي معيار کي ڌَڪ لڳايو. روزانه ڪاروان جو ايڊيٽر لکي ٿو ته، ”انگريزن کي سنڌ جي متعلق جيڪي بدگمانيون ھيون، تن جي پيش نظر ھنن نه فقط سنڌ جي ماڻھن کي، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو پر ھنن کي سنڌ جي انتظامي طرح الڳ صوبو بڻائڻ يا مغربي پاڪستان جي ڪنھن ٻئي قريبي علائقي سان ڳنڍڻ بدران ان کي بمبئي جي ھندو اڪثريت واري صوبي جو حصو بڻائي ڇڏيو.“ ساڳئي طرح روزانه مھراڻ جو ايڊيٽر لکي ٿو ته- ”انگريزن ڏٺو ھو ته سنڌي محب وطن ۽ غيور قوم آھي ۽ ڪنھن به قيمت تي پنھنجي عزت ۽ غيرت کي وڪڻڻ وارا نه آھن. اھو اندازو ھنن انھيءَ امر مان لڳايو ته اُھا سنڌ ئي ھئي، جيڪا ھندوستان جي ٻين سڀني علائقن کان پوءِ قبضي ۾ آئي ۽ اُھي سنڌ جا احرار ئي ھئا؛ جيڪي انگريزن جي حڪومت سان آخري وقت تائين لڙندا رھيا. ليڪن انگريز وڏا سياستدان ھئا، جن سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي نه ڪرڻ جو عذر اِھو پيش ڪيو ته سنڌي بزدل ۽ تن آسان آھن ۽ نه صرف اھو پر انگريزن سنڌين جي دل ۽ دماغ ۾ پڻ بزدلي ۽ تن آسانيءَ جي اثرات کي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳئي وقت پروپئگنڊا جي مھم کي ايترو ته تيز ڪري ڏنو جو بيرون سنڌ ۾ پڻ اھو تاثر پئدا ٿي پيو ته سنڌي گِيدي ۽ سست آھن.“ انگريزن جي انھيءَ پروپئگندا جو اھو نتيجو نڪتو جو سنڌين لاءِ عام چوڻ ۾ آيو ته اھي بزدل آھن، ڪانئر آھن، ڊڄڻا آھن، چُلھ جا مارنگ آھن ۽ مارشل ريس نه آھن، ان ڪري کين فوج کان پري رکيو ويو.
    1947ع کان پوءِ، جڏھن انگريزن جو منحوس ۽ ملعون پاڇو، اسان تان ھٽيو تڏھن سنڌ جي عوام پر زور مطالبو ڪيو ته کين فوج ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ جي روزانه اخبارن جا ادارتي نوٽ ھن امر جي نشاندھي ڪن ٿا ته سنڌين فوج ۾ شموليت لاءِ ھر وقت پئي رڙيون ڪيون آھن. پاڪستان جي حڪومت، سنڌين کي فوج ۾ شامل ڪرڻ لاءِ، پيٽارو ۾ 1959ع ۾ ھڪ فوجي تربيت گاھه قائم ڪئي. ان موقعي تي روزانه ڪاروان جي ايڊيٽر لکيو ته، ”غلاميءَ جي منحوس ۽ ملعون دور جي خاتمي ۽ فوجي قيادت جي بر سر اقتدار اچڻ کان پوءِ، سنڌ کي موقعو مليو آھي ته ھو پنھنجي تاريخ ڏانھن موٽي ۽ سنڌي جوان پنھنجي وطن جي ناموس لاءِ بھادري ۽ قربانيءَ جا اھي ساڳيا جوھر ڏيکارين، جيڪي سؤ ورھيه اڳ ھنن کان سندن مائرون، ڀينرون ۽ زالون طلب ڪنديون ھيون. اسان کي اميد آھي ته، پيٽاري جو فوجي ڪاليج، سنڌ جي سُتل فوجي روح کي جاڳائيندو ۽ ھن ڪاليج مان تربيت حاصل ڪري اھڙا جوان نڪرندا جيڪي ملڪ ۽ قوم جي اڳواڻي ڪندا ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏانھن وٺي ويندا.“
    سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ روزانه الوحيد 12 مارچ 1952ع تي ڪي رِٿون ۽ مشورا پيش ڪيا ھئا جن جي ايتري ئي اھميت آھي جيتري اڳ ھئي. ان ڪري مان اھي ھِت پيش ڪريان ٿو ته، جيئن حڪومت انھن تي غور ڪري.
    (1) پاڪستاني فوج ۾، سنڌ مان سپاھين جي ڀرتيءَ لاءِ ھڪ بورڊ قائم ڪرڻ گھرجي، جنھن تي سنڌ جي سڀني اثر رسوخ ۽ معزز ھستين کي نامزد ڪيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي اثر رسوخ ذريعي، سنڌي نوجوانن کي پاڪستاني فوج ۾ ڀرٿي ٿيڻ لاءِ شوق ڏيارين. جيڪڏھن ائين ڪيو ويو ته، سنڌ جي ڪافي نوجوانن کي پاڪستاني فوج ۾ ڀرتي ڪري سگھبو.
    (2) سرڪار طرفان، سنڌ جي مشھور ۽ مصروف اديبن ۽ شاعرن تي، مشتمل ھڪ ڪميٽي مقرر ڪرڻ گھرجي جا سليس سنڌي مضمونن، شعرن، غزلن، بيتن، نظمن وغيره ذريعي سنڌي نوجوانن ۾، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ، چاھه پئدا ڪرائي. ان ڪميٽي طرفان ڪي دلچسپ ۽ دلپذير اشتھار وغيره پڻ شايع ڪرائي سنڌ جي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪرڻ گھرجن ۽ اھي سنڌ جي جدا جدا اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ گھرجن.
    (3) سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ ثانوي اسڪولن جي سمجھدار شاگردن کي درخواست ڪئي وڃي ته ھو رضاڪارن جا جٿا ٺاھي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گشت ڪري ۽ مختلف ھنڌن تي ميٽنگون ۽ جلسا ڪري، تقريرن ذريعي سنڌين ۾ فوجي روح پئدا ڪن ۽ سنڌين جي دلين ۽ دماغن مان فوجي زندگي متعلق غلط فھمين دور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن.
    (4) جيڪي به سپاھي ڀرتي ٿين، تن لاءِ لوئر سنڌ بئراج واري زمين مان ڏھه ايڪڙ في سپاھي جي حساب سان مخصوص ڪري، اھا کين پينشن طور عطا ڪرڻ گھرجي.
    (5) ڀرتي ٿيندڙ سپاھين کي پنجن سالن جي عرصي لاءِ سنڌ کان ٻاھر نه موڪليو وڃي ۽ انھن کان فقط سنڌ جي سرحدن جي حفاظت جو ڪم ورتو وڃي.
    آفيسرن جي لاءِ ضروري آھي ته اھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن موجب ڪرڻ گھرجن ۽ خاص سنڌ لاءِ فوجي آفيسرن جي لياقتن ۾ ترميم ڪئي وڃي. مثال طور موجوده وقت ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ جيڪا 21 سال عمر آھي، تنھن کي وڌائي 30 سال ڪيو وڃي. آفيسرن کي ڀرتي ڪرڻ وقت تمام سخت حلف نامن تي صحيحون ڪرايون وڃن ۽ انحرافي ڪندڙ کي سزا ڏني وڃي.
    1952ع ۾ حڪومت پاڪستان، فوج ۾ سنڌين کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ھڪ رڪروٽمينٽ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي، جنھن سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ سنڌ ريجمينٽ ٺاھڻ جي سفارش ڪئي، پر پوءِ مجاھد فورس قائم ڪري، سنڌين کي ڀرتي ڪيو ويو. سنڌ جي اخبارن سنڌ ريجمينٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي لکيو ته، ”سنڌ واسي، جداگانه ريجمينٽ جي تقاضا ان ڪري، ڪري رھيا ھئا جو ھنن محسوس ٿي ڪيو ته انھيءَ ريجمينٽ جا آفيسر خواھه انسٽرڪٽر به سندن پنھنجا سنڌي ھوندا، جيڪي نه صرف سندن غيرت ۽ عزتِ نفس جو خيال رکندا پر کين ٽريننگ جا اشارا وغيره به آسانيءَ سان سمجھائي سگھندا. ائين ڪرڻ سان سنڌين کي اھو يقين ٿي ويندو ته سندن جذبات جي مجروح ٿيڻ يا سندن روايات جي توھين ٿيڻ جو امڪان نه رھندو.“ اھڙي طرح روزانه الوحيد، ڪاروان، نواءِ سنڌ، ھفتيوار آزاد، سنڌ ريجمينٽ جي قيام لاءِ لکنديون رھيون ۽ عوام به پر زور مطالبو ڪندو رھيو. آخر 1973ع ۾ سنڌ ريجمينٽ وجود ۾ آئي، مگر اڃا تائين ڪو خاطر خواه نتيجو نه نڪتو آھي. فوج ڀرتي ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي دفعا ڀرتي ڪاميٽين، سنڌ جي ڳوٺن ۾ چڪر لڳايا آھن، پر سنڌين ان ۾ گھٽ چاھه ورتو آھي.
    ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۾ اڃا به نيم جاگيردارانه نظام موجود آھي. ھتان جو عوام وڏيرن، پيرن، سيٺين ۽ زميندارن جي ظالمانه چنبي ۾ جڪڙيل آھي. ان ڪري ضروري آھي ته حڪومت، سنڌ جي پيرن، سيدن، زميندارن ۽ سردارن جو مڪمل تعاون حاصل ڪري. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به اتان جي عوام کي، معزز ۽ اثر رسوخ وارن ماڻھن جي معرفت ئي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو ويو آھي. اھڙي طرح جيڪڏھن سنڌ جا اھي افراد، فوج ۾ دلچسپي وٺندا ته شايد سٺو نتيجو نڪري سگھندو ۽ عوام فوج ۾ دلچسپي وٺندو.
    (1) سنڌ جي سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فوجي تربيت لازمي قرار ڏني وڃي ۽ تيستائين ڪنھن به شاگرد کي امتحان ۾ ويھڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، جيستائين ھو پنھنجي ڪاليج، يونيورسٽي يا اسڪولن لاءِ مقرر ڪيل فوجي عملدارن طرفان فوجي ڪورس پوري ڪرڻ متعلق، سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪري.
    (2) سنڌ جي مختلف سياسي جماعتن طرفان متحده طور ساري سنڌ ۾ يومِ سنڌ ريجمينٽ ملھايو وڃي ۽ ان ڏينھن تي صوبي جي ھر ڳوٺ ۽ شھر ۾ جلسا ۽ ميٽنگون ڪري، اھڙيون تقريرون ڪيون وڃن، جيئن سنڌي نوجوانن ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق ذوق پئدا ٿئي. اھو سارو انتظام يونين ڪائونسلن ۽ تعلقي ڪائونسلن جي حوالي ھجي.
    (3) سنڌ جي وڏن ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي اتان جي ضلع ڪائونسل، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جي تعاون سان فوج ۾ ڀرتي ڪندڙ ڪاميٽي، فوجي پريڊن، فوجي ڪرتبن ۽ ورزش جو انتظام ڪري ۽ فوجي ڀرتي لاءِ زور شور سان پروپئگنڊا ڪري.
    (4) اخبارن، ريڊيو ۽ ڪتابچن ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ حب الوطني، مردانگي، فوجي لوازمات ۽ انعامات جو پرچار ڪري، سنڌين کي آماده ڪيو وڃي.
    (5) سنڌين جي ذاتي وير ۽ ڪيني، پراڻن پلاندن، قبائلي لڙاين، چورين ۽ ڌاڙي واري رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته تعليم کي عام ڪيو وڃي ۽ تَر جي با اثر ۽ مقتدر شخصيتن تي ضابطو رکجي. اھڙي طرح سنڌين ۾ قومي ۽ سياسي شعور پئدا ڪري، سندن بھادري ۽ سورھيائي واري عنصر کي منظم ڪري ملڪ ۽ ملت جي اصلاح لاءِ ڪم وٺڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪجي.
    ھنن چند تجويزن تي جيڪڏھن عمل ڪيو ويو ته لازمي طرح سنڌي، فوج ۾ شامل ٿي، پنھنجون سابقه روايات کي بحال رکي، پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان نه ھٽندا. ھن وقت به، سنڌين ۾ اھائي بھادري ۽ سورھيائي موجود آھي. ميجر جنرل وصال محمد لکي ٿو ته: ”آئون سنڌ جي بھادر ماڻھن جو قدر ڪريان ٿو، جيڪي سنڌ جي فتح يعني 1843ع کان وٺي ڌارين اڳيان نه جھڪيا آھن.“ ان ڪري لازمي آھي ته سنڌ جي ھر فرد کي محب وطن سمجھي سندس قدر ڪيو وڃي ۽ کين بزدل، ڪانئر، ٽوٽي ۽ وطن دشمن جھڙا حقير ۽ برطانوي حڪومت جي غلامانه دور وارا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن. سنڌي محب وطن، سورھيه ۽ بھادر آھن. سندن اعلان آھي ته:
    بہ گريز دا از صف ماھر که غوغا نيست،
    کسي که کشتا نه ثه از قبيلهءِ ما نيست
    يعني ڀاڙيو اسان جي صِفن مان ڀڄي وڃي ۽ جيڪو سِر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ تيار نه آھي، سو اسان جي ڪٽنب مان نه آھي.
    تاريخ ھڪ منتقل فن آھي. تاريخ قوم جو عظيم ورثو آھي. تاريخ قوم جي تجربي گاھه آھي. تاريخ جي لئبارٽريءَ ۾، قوم جي نسل کي عظيم درس ڏنو وڃي ٿو. قوم افراد جو مجموعو آھي ۽ فرد تاريخ جي پئداوار آھي. تاريخ نئين نسل جي تعمير ڪندي آھي. تاريخ فرد ۾ حب الوطني جو جذبو، ٻَڌي، اتحاد، کَري ۽ کوٽي جي سُڃاڻ، پنھنجن ۽ پراون جي پَرک، احساس خود شناسي، احاس بالاتري ۽ غدارن جي ڄاڻ پئدا ڪندي آھي. تاريخ ھڪ روشن مينار آھي جيڪو پُٺيان ايندڙ افراد جي رھنمائي ڪري، منجھن اباڻي ورثي جي ساڃھ پئدا ڪندي آھي. تاريخ زندھه قومن جي جيون جو نشان آھي. قوم جي زندگيءَ جو اھڃاڻ آھي. جنھن قوم جي تاريخ نه آھي اھا قوم دنيا ۾ پنھنجو وجود برقرار رکي نٿي سگھي. تاريخ اھو روشن ڏيئو آھي، جيڪو ملڪ ۽ ملت جي بقا جو راز ٻڌائي ٿو. تاريخ اھو آئينو آھي، جنھن ۾ قوم جي شاندار ماضي جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ اھا قوم ان اولڙي جي رھبريءَ ھيٺ حال ۽ مستقبل جي تعمير ڪري ٿي. تاريخ ھڪ قوم جي نئين تعمير ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي ۽ نئين نسل جي تربيت ڪري ٿي. اھوئي سبب آھي جو زندھه ۽ خوددار قومون، پنھنجي تاريخ کي محفوظ ڪنديون آھن. پنھنجون تاريخي روايتون نئين نسل تائين پھچائڻ لاءِ وڏا وڏا ادارا قائم ڪنديون آھن.
    اسان جي تاريخ عظيم آھي. اسان جو تاريخي ورثو قابلِ فخر آھي. اسان زندھه قوم جا فردَ آھيون، اسان جي قوم تاريخ ۾ اڻ مِٽ نقش ڇڏيا آھن. اسان ھڪ فوجي ۽ جنگجو قوم جا وارث آھيون. اسانجن وڏن، پلنگن ۽ سيجن تي رڳڙي رڳڙي، عزرائيل سان منھن نه ڏنو پر ھنن جنگ جي ميدان تي دشمنن سان لڙندي، گھاءَ کائيندي ۽ ترارون ھلائيندي، جان قربان ڪئي. ھو موت کان نه ڊنا پر ان جي مُرڪندي آجيان ڪيائون. اسانجن ننڍڙن نؤنھالن، ٻارن ۽ مکڙيءَ جھڙي زندگي گذاريندڙن، ننگر سومري، خاڪي لنگ، مير حسين علي ٽالپر جھڙن اکين ٺارن ۽ ھِئين جي ھارن کي به مائرن ۽ ڀينرن ھٿيارن سان ليس ڪري ڳراٽڙي پائي وطن جي ويرين ۽ ديس جي دشمنن سان وڙھڻ لاءِ روانو ڪيو.
    سماج تغير پذير آھي. اڄ جو دور سائنٽفڪ دور آھي. صدين واريون ڳالھيون اڄ نه آھن. اسان سنڌي پنھنجو وجود، ھن سنگلاخ زمين تي تيستائين سلامت رکي نه سگھنداسين، جيستائين پاڻ ۾ فوجي صلاحيت ۽ سپاھيانه شعور پئدا نه ڪنداسين. فوج ۾ شامل ٿيڻ اسان جي روايت آھي ۽ دشمن سان منھن ڏيئي وڙھڻ اسان جو شيوو آھي. ترارن جا گھاءَ کائڻ اسان جو مَرڪ آھي ۽ موت سان لائون لھڻ اسان جي تھذيب آھي ۽ ھا، سپاھي ٿي ڀينرن ۽ مائرن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ثقافت آھي.
    اھي ڳالھيون ڌيان ۾ رکي، مون ھي مختصر ڪتاب تاليف ڪري، نوجوانن جي خدمت ۾ پيش ڪندي عرض ڪريان ٿو ته اچو- اڳڀرا ٿيو، وِک وڌايو پنھنجو اباڻو ورثو سنڀاليو. وَر وَر ڪري اوھان کي سڏيو ٿو وڃي. سنڌ ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. فوج ۾ ڀرتي ٿيو. اھڙي طرح اوھان پنھنجو ۽ ملڪ ۽ ملت جو مستقبل روشن ڪري سگھندؤ.

    دادا سنڌي
    جنوري 1985


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394156
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159373
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ