ڪتاب جو نالو: هليو آ، هليو آ... ملائيشيا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1480 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 428 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي سفرنامو پڻ ملائيشيا بابت آهي. هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جي شهر ڪئالالمپور گهُمڻ بابت ڪافي صلاحون آهن ته ڪٿي رهجي؟ ڇا کائجي پيئجي. مختلف وقعن سان ڀرپور هن سفرنامي ۾ ملائيشيا جي بادشاهي نظام بابت پڻ تفصيل ڏنل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • شروعاتي صفحا

  • پنهنجي سامونڊي ساٿي ظهير بابر قريشي نالي
  • پيش لفظ
  • پيش لفظ 2
  • باب پهريون

  • وڏي عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟
  • باب ٻيون

  • ملائيشيا ۽ ان جي ماڻهن بابت لکي سگهيس
  • باب ٽيون

  • دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد
  • باب چوٿون

  • پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ....
  • باب پنجون

  • اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....
  • باب ڇهون

  • ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو وڌندڙ تعداد
  • باب ستون

  • ڪئالالمپور ۾ ڪٿي رهجي
  • باب اٺون

  • ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون...
  • باب نائون

  • حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه
  • باب ڏهون

  • روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا
  • باب يارهون

  • ايئر ايشيا- سستي ٽڪيٽ واري هوائي ڪمپني
  • باب ٻارهون

  • اسانجي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟
  • باب تيرهون

  • ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟
  • باب چوڏهون

  • منهنجي زال کي اهڙو پير مرشدبه نه سمجهه...!
  • باب پندرهون

  • ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم
  • باب سورهون

  • نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم
  • باب سترهون

  • رستي تي بي يار مدد هوس
  • باب ارڙهون

  • هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس
  • باب اڻويهون

  • قسمت جا ليکا...
  • باب ويهون

  • ڪئالالمپور جي ڪهاڻي (1)
  • باب ايڪويهون

  • ڪئالالمپور جي ڪهاڻي (2)
  • باب ٻاويهون
  • باب ٽيويهون

  • ڪئالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن
  • باب چوويهون

  • هالا جي هڪ تعليم يافته فئملي ملائيشيا ۾
  • باب پنجويهون

  • قدرت جا کيل نرالا...
  • باب ڇويهون

  • ڪئالالمپور ۾ ڪيڏانهن وڃجي
  • باب اٺاويهون

  • پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ
  • باب اٺاويهون

  • ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو
  • باب اڻٽيهون

  • منهنجي صلاح موجب ڇا گهمڻ کپي؟
  • باب ٽيهون

  • اڻ کٽندڙ روڊن جون اڻ کٽندڙ يادون
  • باب ايڪٽيهون

  • مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾....
  • باب ٻٽيهون

  • مون سي ڏٺا ماءُ.....
  • باب ٽيٽيهون

  • ڦڪيون تڏهن فرق ڪن...
  • باب چوٽيهون

  • ملائيشيا جو ”نواب شاهه“- ”شاهه عالم“
  • باب پنجٽيهون

  • ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ
  • باب ڇٽيهون

  • ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي
  • باب ستٽيهون

  • هي ملائيشيا جا تُن، تُنڪو ۽ تانسري....
  • باب اٺٽيهون

  • ملئي ڇوڪرين سان شادي رچائڻ
  • باب اوڻيتاليهون

  • سفر در سفر...
  • باب چاليهون

  • ڪئالالمپور جو سير سپاٽو
  • باب ايڪيتاليهون

  • ملائيشيا جو ماضي ۽ حال
  • باب ٻائيتاليهون

  • ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات
  • باب ٽيتاليهون

  • ملائيشيا جي سهڻي، امير ۽ مشهور ڳائڻي
  • باب چوئيتاليهون

  • ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نرالو سسٽم.....
  • باب پنجيتاليهون

  • ملائيشيا جون ٻه چار ٻيون ڳالهيون
  • باب ڇائيتاليهون

  • ڪئالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست
  • باب ستيتاليهون

  • ڪئالالمپور ۾ رهائش

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ستيتاليهون (47) ڪتاب، سفرنامو هليو آ هليو آ ملائيشيا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هي سفرنامو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    شروعاتي صفحا

    پنهنجي سامونڊي ساٿي ظهير بابر قريشي نالي

    ملائيشيا جو هي سفر نامو “ هليو آ، هليو آ، ملائيشيا” پنهنجي هم وطن ۽ هم پيشه ۽ هڪ قابل مئرين انجنيئر، سٺي دوست ۽ دادو جي نيڪ انسان ظهر بابر نالي ڪري رهيو آهيان. مئرين انجنيئر ته اسين به هئاسين، پر موقعي ملڻ تي مڙيئي گوٿ ناٿ ڪندا رهياسين ٿي، ڪڏهن سامونڊي سختين جي سٽ نه جهلي دنيا جي مختلف ملڪن جي اسپتالن ۾ داخل ٿي ساهي پٽيسين ٿي، ته ڪٿي پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي شوق جي پورائي لاءِ ملائيشيا جي ٻهراڙيءَ ۾ به رهي پياسين، پر اسان جي ظهير، جهازن سان ناتي رکڻ جي نيت ڪئي آهي ته ان کي اڄ تائين خشوع ۽ خضوع سان نڀائيندو اچي ۽ سٺ جو ڏهو ٽپڻ بعد به اڃا سلام نه ڦيريو اٿس. هو پنهنجي نج قابليت جي بنياد تي ملڪ جي اهم شپنگ ڪمپني ۾ اُتاهين پوسٽ تي آهي. جنهن لاءِ هو مبارڪ جي لائق نه، پر اسان جي شپنگ ڪمپني آهي جنهن جو سرپرست اسان جو هي مئرين انجنيئر آهي. جهازن جي ڪمن کان آءُ واقف آهيان ۽ ظهير کي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪم ڪندو لڳاتار ڏسندو اچان. هو هن وقت نه فقط اسان جي ملڪ جو، پر دنيا جو قابل ۽ ڄاڻو مئرين انجنيئر ۽ جهازن کي دڳ لاهڻ يعني پيچيده کان پيچيده مشڪل حل ڪرڻ وارو مئنيجر ۽ ٻڏل ٻيڙي کي سنئين راهه تي هلائڻ وارو ڊائريڪٽر آهي.
    هونئن اها کِل جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي ظهير هن سامونڊي نوڪريءَ سان نڪاح ته ڪيو پر اها سندس طبيعت جي لحاظ کان ڪڏهن به Love Affair نه رهي. ظهير هڪ ذهين ۽ سوشل قسم جو ماڻهو آهي، هن شروع کان نه فقط اسڪولي تعليم ۾ پر عام معلومات، راندين ۽ تقريرن ۾ مٿانهون نمبر حاصل ڪيو. هو منظور قريشي، امتياز قاضي، شفيق کوسي ۽ ٻين ننڍپڻ جي دوستن ۽ ڪلاس ميٽن وانگر آرام سان ملڪ جي سُپيرئر سروس جا امتحان پاس ڪري فارين سروس ۾ وڃي سگهيو ٿي يا ولايتن مان لٽريچر يا سائنس جهڙن سبجيڪٽن ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري ڪنهن يونيورسٽي ۾ پنهنجي ڀاءُ اعجاز قريشي وانگر پروفيسر ٿي سگهيو ٿي. جتي هن کي دل وٽان پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ماحول ملي سگهيو ٿي. هو جهازن ۽ سامونڊي زندگي جي ظاهري ۽ ڏور کان نظر ايندڙ ڏيک تي عاشق ٿي سر تري تي حاضر ڪري ويٺو پر پوءِ اڄ ڏينهن تائين هِن ڪيريئر کي دلي طرح پسند نه ڪيائين، اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ شريف عورت وانگر آخر تائين پنهنجي مڙس (Career)سان نباهه ڪندو آيو. پهرين سفر کان ظهير جا اهي جملا عام هئا، ادا هيءَ ڪا نوڪري آهي. جاهلن ۽ سمنڊ جي لهرن سان گڏ گذاريندي ماڻهو چريو ٿيو وڃي، هڪ ائبنارمل زندگي آهي ... ماڻهو هر وقت عام زندگي کان ڪٽيل رهي ٿو . . . تڏهن ته ڪورٽ ۾ Sailor جي شاهديءَ کي به قبول نٿو ڪيو وڃي . . . ۽ پوءِ ظهير پنهنجن ڪلاس ميٽن جا مثال ڏيندو هو ته هو ڪيئن هڪ دفعو امتحان ڏئي هاڻ آرام جي زندگي پيا گذارين! اهڙن مثالن مان اسان به قائل ٿي ويندا هئاسين، ته اسان لاءِ جهاز هلائڻ ۽ موسم جا مونجهارا هڪ طرف آهن ته قدم قدم تي ڏکيا امتحان پاس ڪرڻ جون مصيبتون ٻئي طرف آن. واقعي سامونڊي ڪو آهي سڱ گوندر گاڏئون. پر يارو هجي ظهير کي به شاباس! رڙيون رانڀاٽ ڪندو رهيو پر پنهنجي پروفيشن سان وفاداري به نڀائيندو آيو. هن کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه مختلف نوڪريون مليون، جلدي نه ته هرڪو ٻارن جي وڏي ٿيڻ ۽ پڙهائي خاطر هليو ويو پر اسان جي ظهير جپانين وانگر پنهنجي ڪمپني سان ئي ساٿ جوڙي رکيو ۽ اڄ تائين اتي ئي آهي. ڪمپني ڪا مري وڃي ته پوءِ شايد عدت جا چار مهينا گذاري ٻيو ڪو رُخ ڪري يعني سلام ڦيري مصلي تان اٿي ته ٻي ڳالهه آهي. هن پيشي سان واسطو رکندڙ هڪ مون جهڙوئي ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو، ته ظهير ان وڏي عرصي ۾ ڇا ته سمنڊ جا لاها چاڙها، جهازن جون خرابيون ۽ حادثا ۽ انهن جون خاميون ختم ڪرڻ کان علاوه جهازن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي مسئلن کي ظهير بابر وڏي جگر ۽ خير خوبيءَ سان چاليهه سالن کان سلجهائيندو اچي. جيتويڪ ان معاملي ۾ ساڻس قدرت به ايتري مهربان ناهي، جو هن کي اڄ به خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ۾ سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو پر هو ان حالت ۾ به هر ايندڙ مسئلي کي دليري سان منهن ڏيندو رهيو آهي. زندگي جا سٺ سال پورا ڪرڻ بعد به هو وڏي سگهه ۽ Stamina رکي ٿو. هن جو سڄو ڏينهن جهازن ۽ جهاز هلائيندڙن جي خدمت ۾ گذريو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته هو سمهي ڪهڙي وقت ٿو، ڇو جو اڪثر جهازن جي Sailing يا ايمرجنسي ڪري هو سڄي رات بندرگاهه ۾ رهڻ بعد صبح جو وري آفيس ۾ ويٺو هوندو آهي. ڇو جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ته هن کي فقط هڪ جهاز هلائڻو پيو ٿي پر هاڻ سڄي فليٽ جي جوابداري هن جي مٿي تي آهي. جهازن جي مشينن کان وٺي ڪارگو کڻڻ جا مسئلا، جهازن جي حادثن، ڪورٽ ڪيسن کان جهازن جي مرمت ۽ Claim انشورنس جا مسئلا حل ڪرڻ هن جي جوابداري آهي، پر مون کي خوشي ۽ فخر ٿو محسوس ٿئي ته ظهير پنهنجي ڄاڻ، علم ۽ وسيع تجربي ڪري هر وقت ڪونه ڪو حل ڳولي جهاز راني جي منجهيل سٽ کي سنئون ڪيو ويٺو اهي. هو جهازي دنيا سان واسطو رکندڙن جي ٽينشن ختم ڪرڻ وارو حڪيم آهي. جيتوڻيڪ جنهن اهم عهدي تي اڄڪلهه ظهير آهي ان ۾ ماڻهن کي دل جا دورا پوڻ جا خطرا رهن ٿا. پر ظهير هر وقت مُرڪندو نظر اچي ٿو. هن کي پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ تي ماشاءالله ايڏو ته ڀروسو آهي جو هو ڪنهن به قسم جو Tension نٿو رکي. هو هر وقت کل خوشيءَ جو ڏيک ڏئي ٿو. اڄ به هو اسڪولي ڏينهن وارا ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ ڏيندو رهي ٿو. . . غم نه پالڻ ڪري هو هن عمر ۾ به سمارٽ ۽ ينگ لڳي ٿو.
    ظهير بابر قريشي مون کان عمر ۾ ست اٺ سال ننڍو آهي اسان ٻئي انٽر سائنس تائين مختلف هنڌن تي پڙهياسين پر مئرين انجنيئرنگ ۽ M. sc جيتوڻيڪ مختلف دورن ۾ پر ساڳئي مئرين اڪيڊمي۽ سئيڊن جي ساڳئي يونيورسٽي مان ڪئيسين ۽ پاڪستان جي ساڳئي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز هلاياسين. ان کان علاوه ظهير بابر سال ٻن لاءِ ساڳي تعليمي اداري ۾ ٽيچنگ به ڪئي آهي. ظهير سان بلڪ ظهير جي سڄي فئملي سان منهنجي ننڍپڻ کان واقفيت رهي آهي. هو دادو جا آهن جتي منهنجي هڪ ماسيءَ جي گهلن ۾ شادي ٿي هئي ۽ منهنجو ماسات شبير حسين ظهير جو ڪلاس ميٽ هو. موڪلن ۾ جڏهن به دادو وڃبو هو ته ظهير وارن سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ سندس وڏو ڀاءُ اعجاز قريشي اسان جو هم عمر آهي ۽ ظهير جا والدين اسان کي هميشه گهر جو ڀاتي ڪري سمجهندا آهن، سندس والد صاحب دادو جو مشهور وڪيل، سماجي ورڪر ۽ اصولي ماڻهو جناب علي احمد قريشي منهنجي والد جو ننڍي هوندي کان دوست ۽ هم پيشه هو. منهنجو پيءُ هر وقت چاچا علي احمد قريشي جون تعريفون ڪندو هو ته هو سٺو دوست، هڏ ڏوکي، ٻئي جي مدد ۽ خيال ڪرڻ وارو آهي. هو ڪڏهن به دنيائي شين، سرڪاري عهدن يا وڏيرن پيرن جي جاه جلوي ۽ شان شوڪت مان متاثر نه ٿيو. تعليم مڪمل ڪري جيسين ڪا نوڪري ملي، تيسين هنن وڪالت پئي ڪئي ته کين هڪ ڏينهن چونڊ جي نتيجي مطابق روينيو کاتي ۾ مختيارڪار يا شايد اسسٽنٽ ڪمشنر جي نوڪري ملي. ساڻن گڏ ٽيون ڄڻو ڪنڊياري جو شري نارائڻ داس اوڏ صاحب (اسان جي پيٽارو جي ساٿين ارجن داس، نول راءِ ۽ رامچند جو والد هو)، بابا ٿو ٻڌائي ته چاليهي جي ڏهي ۾ اها نوڪري تمام وڏي ڳالهه هئي جنهن لاءِ هرهڪ سڌون ٿي ڪيون ۽ خواب ٿي ڏٺا ۽ اهڙي نوڪري قبول ڪرڻ لاءِ ڪوبه انڪار ڪري نٿي سگهيو پر پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته سائين علي احمد قريشي صاحب ٻن ڏينهن جي غور فڪر بعد نوڪريءَ جو آرڊر موٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجي وڪالت جاري رکي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ڪندو اچي.
    ظهير بابر سامونڊي طوفانن، مشينن جي لڳاتار گڙٻڙ ۽ جهاز هلائيندڙن جي نخرن کان ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي ضرور چوندو آهي ته “ ان کان ته هو پنهنجي دوستن وانگر سِول سروس ۾ هليو وڃي ها ته سٺو هو”، پر آءُ هن جي طبيعت کان واقف آهيان هُو پڻ پنهنجي والد وانگر سرڪاري نوڪري جي ڳٽ کان آزاد رهڻ چاهي ٿو، هو نه اسان جي پوليس وانگر ۽ نه اسان جي ڪامورا شاهي وانگر آهي، ان ڪري هن لاءِ هيءَ سامونڊي نوڪري ئي بهتر آهي، جتي جهاز جو چيف انجنيئر پنهنجي پاڻ جو باس ٿئي ٿو جتي جهاز جو چيف انجنيئر مڪينڪن ۽ تيل وارن ۽ جي پيز سان گڏجي مشينن کي ٺيڪ رکڻ جو ڪم ڪري ٿو، هو پنهنجو والد وانگر ننڍي هوندي کان غريب سڀاءُ جو، هر هڪ سان همدردي ڪرڻ وارو، ٻئي جون تڪليفون پاڻ کڻڻ وارو، هميشه صحيح صلاح ڏيڻ وارو ۽ ڏکي وقت تي ڪم اچڻ وارو انسان آهي.
    ظهير بابر قريشي جي Character Building يا هن کي ذهين، محنتي، پورهيت ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏيڻ جهڙين عادتون پيدا ڪرڻ ۾ سندس والدين سان گڏ استادن جو به اثر آهي. ظهير خوش قسمت آهي جو هن کي پرائمري تعليم کان وٺي بهترين، نيڪ ۽ هڏ ڏوکي استاد مليا، جن شاگرد جي ڪاميابي پنهنجي ڪاميابي ٿي سمجهي ظهير اڄ به دوستن يارن جي ڪچهريءَ ۾ سندس پنجاهه پنجونجاهه سال اڳ پڙهائيندڙ دادو جي معزز استاد شفيع محمد سولنگي، عبدالله قريشي، ڌڻي بخش، سورج مل، سائين تاج صحرائي، محمد خان، محبوب علي هيسباڻي ۽ سائنس جي ٽيچر مشتاق جي تعريف ڪندي نٿو ڍاپي جن نه فقط ڪلاس روم ۾ پر گهر ۾ مفت ٽيوشن پڙهائي ٿي جيئن سندن شاگرد نالو پئدا ڪن. مون وانگر ظهير به زندگي جو ڪجهه عرصو مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو آهي ۽ اسان هر وقت اهائي ڳالهه ڪندا آهيون ته Audio visual Aids ڪري اڄ پڙهائڻ اهو ڏکيو نه رهيو آهي ۽ اسان پنهنجن شاگردن کي آساني سان وڊيو فلمن، ٽرانسپيرنسين، ماڊلن ۽ سميوليٽرن ذريعي هر ڳالهه سمجهايو وٺون، پر شاباس هجي ان وقت جي ڳوٺاڻن ماسترن کي جن فقط ۽ فقط اڇي چاڪ ۽ ڪاري بورڊ ذريعي اسان کي ڄاڻ ٿي ڏني.
    ظهير چار درجا سنڌي جا دادو جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهي طالب المولى اسڪول ۾ داخلا ورتي جنهن جو انهن ڏينهن ۾ هيڊ ماستر سنڌي ادب، تحقيق ۽ آثار قديمه جي ڄاڻ رکندڙ مشهور شخصيت تاج صحرائي صاحب هو. انهن ڏينهن جي شاگردن ۾ جهانگارا جو امان الله ترڪ پڻ هو جنهن بعد ۾ NED مان انجنيئرنگ ڪئي ۽ سعودي عرب جي مشهور تيل ڪمپني آرمڪو جو پهريون پروجيڪٽ مئنيجر ٿيو. دادو جي اسڪول جي ڪلاس ميٽن ۾ شفيق انصاري پڻ هڪ هو جنهن سان ظهير جي ملاقات بعد ۾ به ٿيندي رهي. هڪ دفعو ته ظهير جو جهاز برطانيه جي بندرگاهه گلاسگو ۾ پهتو ته خبر پئي ته شفيق انصاري به گلاسگو ۾ آهي ۽ اتي جي يونيورسٽي ۾ ماسٽرس ڪري رهيو آهي. ظهير ساڻس ملڻ لاءِ سندس هاسٽل جي ڪمري تي پهتو. جتي ظهير جي سندس روم ميٽن فيض الله عباسي ۽ سليم مغل سان به ملاقات ٿي جيڪي سئي گئس ڪمپني ۾ وڏن عهدن تي رهي چڪا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته گلاسگو ۾ شفيق سان گڏ منير اختر صاحب جي ڌيءَ شمشاد اختر به پڙهي رهي هئي جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنريس هئي.
    1961ع ۾ حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول کليو ۽ ظهير اتي جي پهرين بئچ مان آهي. هن هتان 1966ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1968ع ۾ انٽر پاس ڪئي. ظهير ان معاملي ۾ خوش نصيب آهي جو هن کي هتي به سٺا استاد مليا. هو ذهين ۽ محنتي ته هو، استادن جي سٺي رهنمائي ڪري هن نه فقط پڙهائيءَ ۾ پر راندين ۽ ٻين صحتمند Activities ۾ پڻ نالو پيدا ڪيو. ظهير جيستائين پبلڪ اسڪول ۾ رهيو هن سنڌي ۽ انگريزي ۾ تقرير ۽ ڊبيٽنگ ۾ اول نمبر کنيو. البت اردو ۾ ظهير کي سيڪنڊ پرائيز مليو ٿي. ان کان علاوه ظهير بابر پنهنجي اسڪول جي هاڪي ۽ ٽيبل ٽينس ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. ظهير جي ڏينهن ۾ پبلڪ اسڪول جو پرنسيپال ايف. اي. جونس نالي هڪ انگريز هو بعد ۾ اسان جي پيٽارو جو انگلش ٽيچر مسٽر عبدالله خادم حسين پرنسيپال ٿيو. جيڪو بعد ۾ ايڊيوڪيشن جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو، اسان جي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو هڪ ٻيو دلبر ٽيچر سائين مراد علي نظامڻي پڻ پبلڪ اسڪول ۾ ظهير وارن جو استاد ٿي رهيو. سنڌ جي مشهور اديب ۽ شاعر جمال رند صاحب به ظهير وارن کي پڙهايو، ظهير جي ڏينهن ۾ پبلڪ اسڪول جي سڀني شاگردن لاءِ هاسٽل ۾ رهڻ ضروري هو. ظهير غزالي هائوس ۾ رهندو هو، جنهن جو پاڻ هائوس ڪئپٽن به هو ۽ 1968ع ۾ پبلڪ اسڪول ڇڏڻ وقت کيس “ بيسٽ بواءِ آف ييئر” جو اعزاز ڏنو ويو.
    انٽر بعد ظهير پاڻي جي جهازن جو انجنيئر يعني مئرين انجنيئر ٿيڻ چاهيو. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊمي اڄ واري بنگلاديش جي چٽگانگ ۾ هوندي هئي جيڪو مشرقي پاڪستان سڏبو هو. 1971ع جي لڙائي بعد مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي ويو ۽ اها اڪيڊمي بنگلاديش مئرين اڪيڊمي سڏجڻ لڳي ۽ سال کن بعد ڪراچيءَ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊمي کولي وئي. ظهير بابر چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ واري آخري بئچ مان هو. مئرين انجنيئرنگ سان گڏ ٽي سال کن جيڪا ورڪشاپ ٽريننگ ورتي وڃي ٿي اها ظهير بابر ڪراچي شپ يارڊ مان ڪئي جتي هڪ مئرين انجنيئر کي سمنڊ تي روانو ٿيڻ کان اڳ نوان جهاز ٺاهڻ ۽ پراڻن جهازن جي مرمت جي ڪم جو تجربو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو، جيئن وچ سمنڊ تي جهاز ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين کي هو صحيح ڪري جهاز کي بندرگاهه تائين سلامتي سان آڻي سگهي. هن عرصي دوران هڪ مئرين انجنيئر کي ليٿ تي ڪم ڪرڻ کان وٺي ويلڊنگ جو ڪم سکڻو پوي ٿو.
    ظهير بابر مئرين انجنيئرنگ جي تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ ختم ڪرڻ بعد 1973ع ۾ قومي جهازران ڪمپني PNSC جا جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته هو اڄ ڏينهن تائين ان سان ئي وابسته آهي. هن ٻين ساٿين وانگر نه جهازران ڪمپنيون بدلايون ۽ نه شور جاب! هو جپانين وانگر پنهنجي پهرين ڪمپني سان ئي ساٿ نڀائيندو اچي. ان وچ ۾ قومي ڪمپني ۾ ڪئين لاها چاڙها آيا، ڪيترا جهازران آفيسر ٻين ملڪن جي ڪمپنين ڏي هليا ويا. ظهير جي تجربي کي ڏسي دبئي، ڪويت ۽ ايران جون امير جهازران ڪمپنيون به کيس پاڻ وٽ سڏائڻ جون آفر ڏينديون رهيون پر ظهير پنهنجي پرين ڪمپنيءَ سان ئي رهيو ۽ شور جاب به ان ۾ ڪيائين.
    ظهير جو پهريون جهاز بهراب هو. هي جهاز اسان جي ڪمپني جي پراڻن ۽ کٽارا جهازن مان هڪ هو ۽ جتي اسين اهڙا جهاز هلائڻ کان بيزاري محسوس ڪندا هئاسين، اتي اها به خوشي هوندي هئي ته ههڙا جهاز ڏور اوڀر جي ملڪن جي روٽ تي رکيل هوندا هئا ۽ اسان کي خوابن جي دنيا جا ملڪ جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، سينگاپور، ٿائيلينڊ، فلپين وغيره نه فقط گهمڻ لاءِ پر چڱي طرح گهمڻ لاءِ ملي ويندا هئا جو هي پراڻا جهاز جتي سمنڊ ۾ هرهر خراب ٿي اسان جون ننڊون ڦٽائيندا هئا اتي بندرگاهه ۾ به هڪ دفعو ورڪشاپ حوالي ٿيندا هئا ته ٻه ٽي هفتا مرمت جو ڪم پيو هلندو هو ۽ اسان جهاز هلائيندڙ آجا رهي گهمندا وتندا هئاسين.
    بهرحال ظهير مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلائڻ سان گڏ وڌيڪ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي امتحان پاس ڪندي ڪندي 1981ع ۾ چيف انجنيئر ٿيو. ان بعد ڪجهه سال چيف انجنيئر جي حيثيت سان جهاز هلائڻ بعد 1984ع ۾ ڪمپنيءَ کيس ڪناري جي نوڪري (شورجاب) ۾ رکيو. هن کي پهريان ٻه سال PNSC جي مئرين ڪاليج ۾ ٽيچنگ لاءِ رکيو ويو جتي جهازن جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کي Post Sea ڪورس پڙهايا وڃن ٿا، جن بعد هو امتحان ڏئي پنهنج ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا.
    1985ع جي آخر ڌاري ظهير کي مئرين ڪاليج مان ٽرانسفر ڪري ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ ايم ائنڊ آر (Maintenance & Repair) ڊپارٽمينٽ ۾ رکيو ويو جتي ظهير جي اهم ڪمن مان هڪ، سمنڊن تي هلندڙ ڪمپني جي جهازن جي مرمت پڻ هو.
    جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد آفيس طرفان اسان کي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪرڻ لاءِ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ ٻن سالن لاءِ موڪليو وڃي ٿو. ظهير ٻه سال 1990ع ۾ 91 سئيڊن ۾ گذارڻ بعد کيس پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ Pre Sea جي شاگردن (Cadats) کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سال ڏيڍ اها ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ بعد کيس وري هيڊ آفيس گهرايو ويو جتي هو ڇهه سال کن مئنيجر اسٽورس رهيو. هن ڊپارٽمينٽ جو ڪم جهازن کي ڪِلي ڪوڪي کان رسي راشن تائين ڪراچي ۾ يا ڌارين ملڪن ۾ سامان پهچائڻ آهي.
    سال 2004ع ۾ ظهير کي جنرل مئنيجر مقرر ڪيو ويو ۽ سندس هيٺ جهازن جي مرمت کان علاوه اسٽور، ڊراءِ ڊاڪنگ، ورڪشاپ ۽ اسپيئرس به اچي ويا ٿي. 2009ع ۾ ظهير کي ڪمپني جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن پوسٽ تي هو اڃان تائين آهي. منهنجي خيال ۾ اسان دوستن ۾ ظهير بابر سڀ کان وڏو عرصو جهازن جي دنيا سان وابسته رهيو آهي. ۽ سندس جهاز سازي کان جهازن جي مختلف بندرگاهن ۾ مرمت ۽ انهن ملڪن جي قاعدن قانونن کان سامونڊي ضابطن جي ڳوڙهي ڄاڻ هجڻ ڪري هن کي جهازن جي دائي پڻ سڏيو وڃي ٿو. پر دائيءَ جو ڪم ته فقط ٻار ڄڻائڻ (Delivery) جو هوندو آهي، پر ظهير بابر نون جهازن جي خيرخوبي سان ڊليوري ڪرائڻ کان علاوه جهازن ۽ انهن جي انجڻين جي پيچيده مسئلن ۽ انهن جي حل ڪرڻ جي پڻ ماهر آهي، سو ان خيال کان هن کي دائي نه پر گائناڪالاجسٽ سڏيو وڃي ته صحيح ٿيندو.
    ظهير بابر جي سامونڊي سفرن جو داستان هڪ ڪهاڻي يا هڪ ڪتاب نه پر “ ڪئين ڪتاب” چئي سگهون ٿا جنهن لاءِ آءُ هن کي هر وقت همٿائيندو رهان ٿو ته هو وقت ڪڍي ٿورو گهڻو لکندو رهي. آخرڪار لکڻ جهڙو ڪم ته هن جي فئملي ۾ عام آهي. سندن والد صاحب علي احمد قريشي سٺي وڪيل سان گڏ ليکڪ به آهي. سندن انڊيا جو سفرنامو، جنهن جي مهاڳ لکڻ جو شرف مون کي حاصل ٿيل آهي، گهڻو اڳ ڇپجي چڪو آهي ۽ هينئر هڪ ٻيو ڪتاب اچي رهيو آهي. هو پنهنجي زندگي جي ڪٿا به لکي رهيو آهي. اهڙي طرح ظهير جو وڏو ڀاءُ پروفيسر اعجاز قريشي به مشهور ڪالم نويس هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. انشاءَ الله ظهير به جلد پنهنجن سامونڊي Adventures ۽ ساحلي رومانس جي قصن ڪهاڻين کان اسان کي واقف ڪندو.
    ڪيترا پڙهندڙ مون سان ملڻ کان پوءِ اڪثر سمنڊ تي پيش آيل ڪنهن حادثي بابت پڇندا آهن، هن وقت ظهير بابر بابت لکندي هڪ اهڙو حادثو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو ظهير بابر کي ملتان نالي جهاز تي وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ درپيش آيو، جنهن کي بهادري ۽ همت سان جنهن نموني ظهير منهن ڏئي جهاز کي سلامتي سان بندرگاهه تائين پهچايو ان جي عيوض هن کي ۽ سندس ڪمانڊ هيٺ ڪم ڪندڙ انجنيئرن کي ڪمپني طرفان ايوارڊ به ڏنا ويا. هيءَ 1982ع جي ڳالهه آهي ته جڏهن “ ايم.وي.ملتان” نالي جهاز جنهن جو چيف انجنيئر ظهير بابر هو، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن مان ٿي هاڻ پنهنجي وطن ڪراچي موٽي رهيو هو.
    “ 5 _ جون تي اسان ائٽلانٽڪ ڪراس ڪرڻ لاءِ نيويارڪ بندرگاهه مان نڪتاسين”، ظهير هن حادثي بابت ٻڌايو جيڪو انهن ڏينهن ۾ اسان لائڊ لسٽ نالي اخبار ۾ به پڙهيو ( جنهن ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ بحري جهازن جي حادثن جون خبرون اچن ٿيون)، “پورن چئن ڏينهن بعد جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ڪراس ڪرڻ ۾ اڃا به ٽي چار ڏينهن هئا ته خبر پئي ته ٽي نمبر فالڪي (Hatch) ۾ سخت باهه لڳي وئي آهي.”
    سامان رکڻ لاءِ جهاز کي چئن کان ڇهن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. هي گدام جيڪي فالڪا يا هئچ سڏجن ٿا تمام اونها ٿين ٿا ۽ سمجهو ته هر هئچ (گدام) ۾ پنجن کان ڏهه هزار ٽن سامان يا تيل اچي سگهي ٿو. جنهن هئچ ۾ باهه لڳي اهو سڄو لنڊا جي ڪپڙن سان ڀريل هو جيڪي اسان بالٽيمور ۽ نيو اورلينس مان چاڙهيا هئا.” ظهير ٻڌايو ته هن لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته آيا هو نيويارڪ (آمريڪا) ڏي واپس موٽي يا اڳتي جي سفر کي جاري رکي آفريڪا کنڊ تائين پهچي اتي جي بندرگاهه کان مدد گهري يا ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ ۾ داخل ٿي يورپ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پناهه وٺي.”
    پڙهندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته جتي اهو تصور ڪيو وڃي ٿو ته جهاز جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي هجڻ ڪري جهاز تي لڳل باهه کي وسائڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي اتي ڪجهه باهين کي پاڻي سان وسائڻ مان نقصان پڻ آهن ۽ جتي ڏهه ڏينهن لڳاتار ٻرندڙ باهه ۾ جهاز بچي ويو اتي ڪيترا جهاز باهه وسائڻ سان ٻڏي ويا. ان جو سڄو دارومدار جهاز هلائيندڙ آفيسرن جي فيصلي تي آهي. مثال طور انجن روم ۾ تيل کي لڳل باهه کي پاڻي جي ڦوهاري سان وسائڻ سان باهه سڄي انجڻ روم ۾ پکڙجي سگهي ٿي جو پاڻي هڻڻ سان تيل جيڪو هلڪو ٿئي ٿو اهو مٿئين ليول تي اچي پکڙجي وڃي ٿو ۽ وڏي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
    اهڙي طرح هئچ ۾ جيڪڏهن ڪوبه اناج آهي خاص ڪري چانور، ڪڻڪ وغيره ۽ ان کي باهه لڳي وڃي ته پاڻي سان وسائڻ لاءِ چيف انجنيئر ۽ سندس عملي کي اونهي۽ اڇت سوچ ويچار ڪرڻي پوي ٿي ۽ جيڪڏهن سڄو هئچ اناج سان ڀريل آهي ته پاڻي جي موجودگي جي باوجود پاڻي استعمال ڪرڻ خودڪشي جي برابر ٿيو پوي ڇو جو ڪيترن جهازن تي ائين ئي ٿيو جو پاڻي هڻڻ سان باهه ته وسامي وئي پر ڪجهه ڪلاڪن بعد انهن پسيل چانورن يا اناج جي ٻي جنس جي واليوم وڌڻ ڪري ايترو ته پريشر پيدا ٿيو جو جهاز جون لوهي پليٽون ڦاٽي پيون ۽ سمنڊ جو پاڻي تيزيءَ سان داخل ٿيڻ ڪري جهاز ٻڏي ويو.
    ڪپڙي جي ڳٺڙين جي باهه به ڪجهه ڪجهه اناج مثل آهي، جو ڪپڙو به پاڻي جذب ڪري ڦولجي ٿو. ان کان علاوه ان قسم جي دٻيل Press) ٿيل) ڪپڙي ۾ اندر تائين (Deep rooted) باهه رهي ٿي. پاڻي هڻڻ سان ٻاهرين باهه ته وساميو وڃي پر اندرين باهه ٽانڊن وانگر ڌڳندي رهي ٿي. هئچ (گودام) جو ڍڪ کولڻ سان جيئن ئي هوا اندر داخل ٿئي ٿي ته اها ڌڳيل (Smouldering) باهه پهرين کان به وڏي پئماني تي ٻرڻ شروع ڪري ٿي جنهن کي پوءِ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي.
    اسان جي جهازي دوست ظهير هن باهه سان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سان مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو هن بلڪل صحيح فيصلو ڪيو، هونئن به باهه لاءِ ٽي شيون ضروري آهن: مٽيريل جيڪو ٻري ٿو مثال طور ڪاٺ، ڪپڙو، ڪاغذ، تيل وغيره، ٻي شيءِ هوا آهي جنهن ۾ موجود آڪسيجن باهه کي ٻرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ برقرار رکي ٿي ۽ ٽين گرمائش هر شيءِ لاءِ پنهنجي گرمائش آهي اهو ٽيمپريچر پهچڻ تي باهه ٻري ٿي. هڪ ڪاغذ کي ته ماچيس جي تيلي ڏيکارڻ سان يڪدم باهه لڳيو وڃي پر هڪ ڪاٺ جي ٽيبل کي ساڙڻ لاءِ چلهه مان ٻرندڙ ڪاٺي ڪڍي ڪجهه دير لاءِ جهلي بيهڻو پوندو يا هن مٿان گاسليٽ جهڙي شيءِ هاري تيلي ڏيئي پوندي جيئن ڪجهه دير گاسليٽ سڙي ڪاٺ کي ان گرمائش تائين آڻي جنهن ته اهو به ٻرڻ شروع ڪري.
    باهه وسائڻ لاءِ بهترين طريقو اهو آهي ته مٿين ٽن شين مان هڪ ڪڍي ڇڏجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن ڪاٺ جا ٻيڙا هوندا هئا ته انهن جي ڪنهن حصي کي باهه لڳڻ سان ڪهاڙي سان اهو حصو ڪپي سمنڊ ۾ اُڇلي ڇڏبو هو، يعني مٽيرل مان جان ڇڏائبي هئي پر هتي چار پنج هزار ٽن ڪپڙن جون ڳٺڙيون هيون. انهن ٻرندڙ ڳٺڙين کي ڪير ڪڍي ٻاهر اُڇلي. ياد رهي ته هڪ ٽن وزن ۾ 28 مڻ ٿين ٿا. پاڻي سان هن باهه کي وسائڻ ۾ خطرو هو. ظهير بابر آڪسيجن يعني هوا جو ڏڪار پيدا ري باهه کي ٻنجو ڏيڻ چاهيو. ان لاءِ هن هڪ ته هئچ کي دروازن وٽ جتان هوا داخل ٿيڻ جي ٿوري گهڻي راهه هئي ان کي چوڌاري سيل ڪيو جيئن تازي هوا اندر نه وڃي ۽ اندر موجود هوا کي ختم ڪرڻ لاءِ هئچ ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ داخل ڪئي. هر جهاز تي ان جي سائيز مطابق پنجويهن کان سؤ کن CO2 گئس جا سيلنڊر ٿين ٿا. بند ڪمرن يعني سامان جي گدامن يا انجن روم ۾ تيل کي لڳل باهه جنهن کي ڪن حالتن ۾ پاڻي سان وسائڻ ۾ خطرو هوندو آهي ته ان ڪمري کي چڱي طرح Seal ڪري ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ داخل ڪئي وڃي ٿي ڇو جو اسان کي خبر آهي ته هن گئس ۾ باهه جو جوش مريو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪپهه يا ڪپڙن جي ڳٺڙين يا ڪاٺ ۽ ڪاغذ جي باهه ڌڳندي رهي ٿي، پر اهي شعلا ۽ ڇڀيون جيڪي باهه کي اڳتي وڌائين ٿيون ختم ٿيو وڃن. پڙهندڙ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جهاز تي موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جا سلينڊر خالي ڪرڻ بعد جهازين کي بيحد خبردار رهڻو پوي ٿو جو ان بعد ٻئي ڪنهن هنڌ باهه لڳڻ تي CO2 جو آسرو نٿو رهي. ٻي ڳالهه ها آهي ته هن گئس جي ڪري باهه ته ختم ٿيو وڃي پر گرمائش ۽ ٽانڊا موجود رهن ٿا. ڪٿان ڪو دروازو کولڻ يا Leakage تي جيڪڏهن تازي هوا اندر گهڙي وئي ته پوءِ ڪو بچاءَ جو آسرو نٿو رهي ڇو جو آڪسيجن (هوا) ملڻ سان باهه ايڏي ته شدت سان ٻري ٿي جو ان اڳيان پهرين واري باهه Primary Fire ڪجهه به نه آهي.
    هلندڙ جهاز ۾ ظهير بابر باهه لڳل هئچ کي ٻاهران چڱي طرح Seal ڪري ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جا سمورا سلينڊ Inject ڪيا. ان کان علاوه پمپن ذريعي سامونڊي پاڻي سان ان هئچ هٿان ڇٽڪار به ڪرائيندو رهيو جيئن ٿڌاڻ رهي. گرمائش ڪري متان ڪنهن لوهي پليٽ جو ويلڊ کلي پوي يا حصو ڦاٽي پوي ۽ هوا اندر داخل ٿئي.
    “ چار ڏينهن اسان ان باهه کي شانت ۾ رکي سفر ڪندا رهياسين.” ظهير ٻڌايو: “ اسان جو ارادو هو ته اسپين جي بندرگاهه بارسلونا ۾ پهچي ڪناري جي فائر برگيڊ جي مدد سان باهه کي ختم ڪرائي سک جو ساهه کڻنداسين. ان لاءِ اسان پنهنجي بارسلونا واري ايجنٽ کي وائرليس ذريعي اطلاع به ڪري ڇڏيو هو پر جڏهن بارسلونا بندرگاهه جي ٻاهران اچي لنگر ڪيرايوسين ته بندرگاهه وارا پريشان ٿي ويا ته هي جهاز اندر نه اچي ته سٺو. هنن کي ڊپ هو ته جهاز جي ڦاٽي پيو يا باهه جي ڪري ڀر وارن جهازن کي نقصان رسيو ته مفت ۾ بندرگاهه وارن جي بدنامي ٿيندي سوهنن اسان کي ڀڄائي ڪڍيو.”
    ان بعد هو وڌيڪ اٺ ڏينهن سفر ڪاٽي ڪراچي پهتا. هن سفر ۾ جهاز جي چيف انجنيئر ظهير بابر کي جيڪي شروعاتي اُپاءُ وٺڻا پيا ۽ جنهن خوف ۾ هنن هڪ هڪ ڏينهن گذاريو هوندو اهو جهاز تي سفر ڪرڻ وارو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. بهرحال زندگي جا اهي ئي موقعا آهن ۽ سامونڊي جهازن جا اهڙائي حادثا هڪ کري کوٽي جي سڃاڻپ ڪرائين ٿا. بهرحال هي ڪتاب هڪ اهڙي املهه ماڻهو ظهير بابر قريشي جي نالي ڪريان ٿو جيڪو مون وانگر مئرين انجنيئر آهي جنهن سان پروفيشنل زندگي ۾ ڪئين مسئلا discuss ڪرڻ جا موقعا مليا جنهن سان گڏ ننڍپڻ ۾ دادو ۽ ان بعد سڄي دنيا جا سير پڻ ڪياسين.
    الطاف شيخ
    15 _ مئي 2012


    پيش لفظ

    اڄ جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي هن ڪتاب جي ”پيش لفظ“ لکڻ جو چيو ته مونکي ٽيهه سال پهرين جي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي. ها آئون پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ماڊل اسڪول گاڏي کاتي ۾ يارهون درجو پڙهي رهيو هوس. سال 82-1981ع هوندو. مون سائين الطاف شيخ جن کي خط لکيو، پاڻ تڏهن ڪنهن جهاز تي هئا، خط ۾ سندس ان وقت تائين جي لکيل سفرنامن جي تعريف ۽ تبصرو ڪيو هوم ۽ ٻُڌايو هئومان ته مونکي به دنيا ڏسڻ جو شوق آهي پر آئون Pre Medical پيو پڙهان سو منهنجي نصيب ۾ مرچنٽ نيوي يا شپنگ ڪارپوريشن جي نوڪري ڪانهي. پاڻ جواب موڪليو هئائون، شايد سنگاپور مان، هڪ عدد فوٽو سان گڏ. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ورهيه گذري ويا. سال 1988ع ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان ڏيندي CSS ۾ ويهڻ جو خيال آيو. بنا ڪنهن سيريس مُوڊ جي فقط ’وزن جو پتو ته پوي‘ واري حساب ۾ پيپر ڏئي آيس. خبر پئي ته 1989ع ۾ مونکي پهرين چوائس يعني Foreign service of Pakistan لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي. بابا جن ايترو چيو ته ”سٺو آهي جو ڪسٽم گروپ يا پوليس وغيره هيٺان رکئي پنهنجي گروپ جي تربيت ۾. کاتو تمام سٺو آهي. بس رڳو اهو آهي ته تون جيڪو هميشھ اسان سان گڏ گهر ۾ رهڻ وارو، ٻين ڀائرن وانگر نه LMC جي هاسٽل ۾ رهئين نه حافظ اعجاز يا محفوظ (ٻه منهنجا ننڍا ڀائر MUET جا گريجوئيٽ) وانگر مهراڻ جي هاسٽل ۾ رهئين سو اسان کان پري ضرور ٿي ويندين.“
    اڄ جڏهن دنيا جا پنجاهه کن ملڪ ڏسي چڪو آهيان، گذريل 22-23 سالن ۾، جن مان اڌ درجن ملڪن جي پاڪستاني سفارتخانن ۾ نوڪري به ڪري چڪو آهيان، الحمدلله سفير ٿيڻ واري مرحلي ۾ به اچي ويو آهيان ته وري به سائين الطاف شيخ جو همٿائيندڙ واقعو ياد ٿو اچيم. پاڻ ڏيپلي واري ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو انٽرويو ورتو هئائون بالٽيمور ۾. ڊاڪٽر صاحب کي سندن استاد ڀريل کير جي گلاس ۾ جڳهه نه هوندي به مٿان گل رکي سمجهايو هو ته محنت ڪندو رهجانءِ. There is always a place on the top.
    سو سائين ڳالهه آهي ته نه رڳو آئون پر ڪجهه ٻيا به سنڌي آفيسر جن جا تبصرا مون Face book تي پڙهيا آهن، تن جو اعليٰ سول سروس ۾ اچڻ يا دنيا ڏسڻ جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ضرور سهرو سائين الطاف شيخ جن جي سر آهي. الله سائين کين وڏي ڄمار ۽ تندرست سان نوازيندو رهي، جو اسان جي قوم جي رهنمائي ڪندا رهن ۽ ڄاڻ ڏيندا رهن.
    ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ آئي مون کي اڍائي سال ٿي ويا آهن، ٻه سال مِنسٽر (پوليٽيڪل) ۽ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر طور ڪم ڪيو اٿم جن مان به سال کن هاءِ ڪمشنر (سفير) جي سيٽ خالي هئڻ ڪري ايڪٽنگ هاءِ ڪمشنر (وقتي سفير) طور به ڪم ڪيم. پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪامن ويلٿ جي 55 کن ملڪن ۾ اسان جي سفارتخانن کي هاءِ ڪميشن ۽ سفير کي هاءِ ڪمشنر جو خطاب هوندو آهي.
    سفارتڪاريءَ جي نوڪريءَ دوران ڪئين ماڻهن، ثقافتي ۽ ٻولين سان واسطو پيو آهي. سيني ۾ ڪئين سرڪاري ميٽنگن ۽ دعوتن جا راز هوندا جن کي نوڪريءَ جي مجبورين تحت ظاهر نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جي ٽن وزيرِ خارجه (پرڏيهي وزيرن) جو ڊائريڪٽر/ اسٽاف آفيسر ٿي رهڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ ڪيوبا جي ڪنڊ تائين تقريباً سڀني کنڊن جا کوڙ سارا ملڪ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو پر جڏهن ملائيشيا اچي رهيو هوس ته الطاف شيخ جا ڊزن کن ملائيشيا بابت لکيل ڪتاب ڳولي هٿ ڪري کڻي پوءِ هتي آيس، انهن ۾ جيڪو خزانو، تاريخي، جاگرافيائي، ثقافتي، لساني توڙي انساني رشتن ۽ احساسن جو (People to people contacts) جمع ٿيل آهي، اهو اڄ به پوري سچائيءَ سان هڪ دليل طور واضح آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن اهي هي ڪتاب پوريون ڪري وٺندو.
    ذاتي طور مونکي ته هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جو سمنڊ هڪ ’ڪوزي‘ ۾ بند ٿيل نظر اچي ٿو، ڪئين لمحن تي الطاف شيخ ياد آيو. ياد اٿم اپريل 2011ع ۾ ايڪٽنگ هاءِ ڪمشنر طور، ملاڪا شهر ۾ چيف منسٽر رستم محمدعلي صاحب سڀ سفير گهرايا هئا، UNESCO طرفان ملاڪا ۽ پينانگ کي World Heritage ۾ شامل ڪرڻ جي سالگره جي موقعي تي. جڏهن مون تقرير جو وارو اچڻ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جذبات ۾ شيخ صاحب جو به حوالو ڏنو، سندن خدمات جو مئرين اڪيڊمي LAUT لاءِ. ملاڪا تي ڳالهائيندي، مڪلي ۽ ٺٽي جي تاريخي حيثيتن جو تقابلي جائزو وٺندي مون الاءِ ڇا ڇا پئي چيو. جڏهن مون الطاف جا لکيل اهڃاڻ ڏنا Malacca Straits جي باري ۾ ته ڪيئن ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ جي لهرن ۽ لوڏن کان بچي جڏهن سيلاني ملاڪا نار ۾ گهڙندا آهن ته سڪون ۽ شانت اچي ويندي آهي، ڄڻ ماءُ جي گود ۾ اچي سُک جو ساهه پٽيو هجين. ڪانفرنس هال ۾ ڄڻ چپ لڳي وئي. منهنجي تقرير کان پوءِ چيف مِنسٽر اُٿي اچي مون سان خاص مليو ۽ رات جو سرڪاري ڊنر تي به ويجهو ويهاري ڪافي خبرچار ڪندو رهيو، جنهن ۾ ڪلچرل شو به هليو پئي _ پورچوگالي، ڊَچ، انگريز، ملئي، چيني ۽ برِصيغر جي گانن ۽ ثقافتن جو.
    اڄ جڏهن پنهنجي ’هيمپشائر ريزيڊنس‘ اپارٽمينٽ جي 31 منزل واري گهر مان جنهن جي ڪمرن جون سڀ ديوارون وال ٽو وال شيشي جون آهن ۽ روڊ جي سامهون پيٽروناس جا جاڙا ٽاور اسان جي بلڊنگ جي جاڙن بلاڪن B ۽ A کي پتڪڙو ثابت ڪرڻ جو پڪو ڏيکاءُ ڏئي رهيا آهن، هي اکر لکندي مونکي اڄ خبر پئي آهي الطاف جي هن ڪتاب مان ته منهنجي گهر جي پٺيان واري گهٽي ’جالان ياپ ڪوان‘ جنهن چينا جي نالي تي آهي اهو هتي جو هڪ هيرو هو. هن گهٽيءَ مان آفيس 5 منٽ ۾ پهچي ويندو آهي، بجاءِ جالان اَمپنگ جي، جيڪو شاهراهه فيصل جو متبادل کڻي چئجي پر هاڻ هاءِ- رائز بلڊنگن جي ڪري نيويارڪ جو مئن هٽن تي پيو آهي.
    الطاف ذڪر ڪيو آهي پيران پير سيدنا غوث الاعظم عبدالقادر جيلانيؒ جن جي پڙپوٽي سيدنا عفيف الدين گيلاني جو، جن سان هتي رهڻ دوران ڪيئن دفعا سندن مهرباني ۽ زيارتون نصيب ٿيون. جولاءِ 2011ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري صاحب جن ٽرانزٽ ۾ ملائيشيا آيا ته پئرس وارين ملاقاتن وانگر منهنجو پڇيائون ۽ تقريباً ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهيا. سائين عفيف الدين وٽ ويا، انهن جي والد سيدنا عبدالقادر بن منصورؒ جن جو جون 2011ع ۾ (7 مهينا کن اڳ) وصال ٿي ويو هو ان جي تعزيت ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب سيدنا عضيف الدين جي چاچي سيدنا علاءُ الدينؒ جا متعقد هئا. ڊسمبر 2011ع جي آخري هفتي ۾ مونکي وري Setia Bangsa ۾ سيدنا سان ملاقات نصيب ٿي جو وزيراعظم پاڪستان جو خيرسگالي ۽ پاڪستان اچڻ لاءِ دعوت جو خط کڻي ساڻن ملاقات ڪيم. ڪافي ديني ڪتاب ڏنائون، هڪ عدد شال ڏنائون ۽ چاڪليٽن بدران هن دفعي مديني اطهر جي عَجوَه کجين سان پذيرائي ڪيائون.
    الطاف جو هي سفرنامو پڙهندي ڪئين اهڙن موڙن ۽ گلين مان گذريو آهيان جن جو مشاهدو الطاف ڪيو ۽ ائين ڪيو جو اسان لاءِ معلومات ۽ تفريح جو سامان ٺهي پيو. الطاف کي هتان جو PJK خطاب مليل آهي. مون به هر سال ملائيشيا بادشاهه جي ڄم ڏينهن جي موقعي تي ٿيندڙ قومي ايوارڊن جون تقريبون ٻين سفيرن ۽ هتي جي اميرن، وزيرن سان گڏ اٽينڊ ڪيون آهن جيڪي بادشاهه نوازيندو آهي. مونکي خوشي تڏهن به ٿي جڏهن پاڪستان جي خاتون قاري قرآن سميه حنان جولاءِ 2010ع ۾ هتان جي بادشاهه کان پهريون انعام وصول ڪيو، جنهن تقريب ۾ آئون به شريڪ هوس، پنج هزار ماڻهن سان گڏ. هفتي جي مدت لاءِ هلندڙ هي سالانه مقابلو 52 سالن کان لاڳيتو هلندو اچي ۽ هن سال 74 ملڪن جا قاري (مرد توڙي عورتون) شريڪ ٿيا هئا. کين سابق بادشاهه ترنگانو جي سلطان ميزان زين العابدين ڏهه هزار آمريڪي ڊالر، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو، ان موقعي تي راڻي نور ظهيره به گڏ هئي. پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ ٿيندڙ هن تقريب ۾ منهنجو سڀني سفيرن ۾ ڳاٽ اوچو ٿي ويو جو پاڪستان پهريون دفعو 52 سالن ۾ ڪو انعام کٽيو هو سو به فرسٽ پوزيشن، ڪنهن نياڻيءَ جي هٿان. پڙهندڙن کي ٻُڌائيندو هلان ته ملائيشيا جو 13هون بادشاهه ميزان زين العابدين 10 ڊسمبر تي هتي جي بادشاهه لاءِ ٺهيل نئين محل Istana Negara ۾ الوداعي ضيافت ڪئي جنهن ۾ سڀني رياستن جا بادشاهه، موجود ۽ پراڻا وزراء اعظم، سفير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ هئا. مونکي به ان تاريخي محل ۾ وڃڻ جو شرف مليو. ٻه ڏينهن پوءِ پارليامينٽ هائوس مان ايڪيهه توبن جي سلامي وٺي اسان سان هٿ ملائي بادشاهه ۽ راڻي 12 بجي ايئرپورٽ KLIA جي VIP لائونج بنگارايا ڪمپليڪس (Bunga Raya Complex) مان پنهنجي اباڻي رياست جي گادي ڪئالا ترنگانو روانا ٿي ويا. سچ ته دل ڏاڍو اُداس ٿي. هن بردبار ۽ خانداني انسان سان ملڻ جا ڪئين واقعا ياد آيا. هتي جي شفيع نظاماڻي صاحب واري تمام مشهور يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا، شاهه عالم Convocations دوران ملڻ جا جنهنجو پاڻ چانسلر هو، پارليامينٽ جي سالاني افتتاحي وقت خطاب دوران ٿيل رسمي ملاقاتن جا، سفير صاحب جڏهن صدرِ پاڪستان جا ڪاغذ پيش ڪيا، بادشاهه کي سفير ٿيڻ جي Credentials جا يا ڪئين محلاتي ضيافتن جا. بادشاهه ته مون به ڪئين ڏٺا آهن، خليجي رياستن جي ڪئين بادشاهن جون ضيافتون پاڪستاني سربراهن جي دورن دوران کاڌيون آهن، جن ۾ سعودي عرب جو شاهه عبدالله، UAE جو مرحوم شيخ زيد الخيان ۽ قطر واري امير شيخ حمد بن خليفه الثاني جي محل ۾ ته ڪئين دفعا ضيافتون اٽينڊ ڪيون (دوحا ۾ به ڪافي عرصو مون سفارتخاني کي Head of Mission طور هلايو 2005ع-2007ع ۾)، ڪڏهن سندن ولي عهدن جي شاديءَ جون، ڪڏهن State visits جون ته ڪڏهن رمضان جي افطار ۽ عيد جي ڏينهن واري لازمي رسمي ملاقاتن جون)، هر هنڌ جا پنهنجا انداز اطوار آهن پر ملائيشيا جي Rotary Kingship واقعي نرالي آهي. 13 ڊسمبر 2011ع کان 14هون بادشاهه سلطان عبدالحليم معظم شاهه واڳون وٺي چڪو آهي، پنجن سالن لاءِ. پاڻ ملائيشيا جي 9 رياستن (13 مان 9 ۾ سلطان آهن باقي 4 ۾ گورنر) جي سلطانن ۾ پهريون شخص آهي، جيڪو 1970ع کان 1974ع تائين بادشاهه رهي چڪو آهي ۽ هينئر 84 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن وري سندن اُترائين رياست Kedah جو وارو آيو آهي ته Council of Rulers کيس 5 سالن لاءِ سلطان مقرر ڪيو آهي. نرينو اولاد نه هئڻ ڪري سندس رياست جي واڳ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ تي مشتمل Regency Council هلائيندي. پاڻ 1974ع ۾ پاڪستان جو دورو به ڪري چڪو آهي جنهن دوران کيس نشانِ پاڪستان جو خطاب به مرحوم ڀٽي صاحب عطا ڪيو هو.
    ها سائين، الطاف جي ڪنهن پراڻي سفرنامي ۾ ذڪر پڙهيو هوم، گلوب سلڪ اسٽور جي مالڪ ڪِشو تيرٿراءِ جو، سندس زال مونا جو ۽ خاندان جي جاکوڙ جو. پَرسال حيرت ٿي جڏهن سندن فون آيو ته پاڪستان جو جيڪو به سفير هوندو آهي منهنجي غريب خاني تي ضرور ايندو آهي، سو توهان جي مانَ ۾ گهر تي دعوت رکي اٿم جنهن ۾ سڀ سنڌي بزنيس مين توڙي سنگاپور جا به ڪجهه گهرايا اٿم، گهرن وارن سان گڏ توهان حامي ڀريو ۽ تاريخ به ڏيو. واقعي ڏاڍو مزو آيو ملائيشين کاڌن کان علاوه سنگاپور مان آيل گوار، ساڳ ۽ آچارن ته سنڌ ياد ڏياري ڇڏي. ڪچهري به ڏاڍي سٺي ٿي. پاڻ هاڻ گلوب سلڪ ڇڏي/ وڪڻي چُڪو آهي ۽ وزيراعظم جو اسڪندر پروجيڪٽ (سنگاپور سان گڏ اربين ڊآلرن جو سيڙپڪاري منصوبو جيڪو جوهر رياست ۾ اڏجي رهيو آهي) صلاحڪار آهي. اڪثر پاڻ ۽ زال ڊپلوميٽڪ ۽ ٻين دعوتن ۾ گڏبا رهندا آهيون. اڳئين هفتي جپاني سفارتخاني ۾ بادشاهه جي جنم ڏينهن جي (قومي ڏينهن) واري موقعي تي ٻُڌايائين ته احمد آباد ۾ تازو سنڌين جو سالانو ”سميلن“ ٿيو هو جنهن مان سڄي دنيا جا ٻاهر سيٽلڊ سرنديءَ وارا سنڌي آيا هئا، سؤ ڄڻن تي مشتمل نان انڊين سنڌين جو هڪ وفد جلد سنڌ وڃي رهيو آهي ۽ ٻوڏ جي ستايلن جي امداد لاءِ به عطيا ڏيندو. ٻوڏن کان ياد آيو ته آڪٽوبر 2011ع جي پهرئين هفتي ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا صاحبه اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صاحب به ڪوالالمپور آيا هئا ۽ هتي جي ڪميونٽي سفارتخاني جي سڏ تي لبيڪ چئي دل کولي هن ڪارِخير ۾ مدد ڪئي.
    الطاف جو سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن سو پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ دل تي اُترڻ لڳيون ۽ وڌيڪ تفصيل سان انهن جي ڄاڻ پئي سندن احوال پڙهڻ کان پوءِ. مثال طور: حاني غلام علي سولنگي نه صرف الطاف جو ميزبان ۽ دوست آهي پر مون سان به سٺي واقفيت ۽ دُعا سلام اٿس. پاڻ هر سال 12 ربيع الاول جي موقعي تي مونکي ’محفلِ ميلاد‘ ۾ وٺي ايندو آهي ۽ اسٽيج تي جتي سيدنا عفيف الدين سائين جهڙا عالم دين ۽ تقويٰ وارا انسان ويٺل هوندا آهن انهن جي پاسي ۾ مونکي به زوريءَ ويهاري وٺندو آهي ۽ باوجود سخت منع ڪرڻ جي هن گنهگار کي به ڪجهه لمحا مائيڪ جي سامهون ڪري ڇڏيندو آهي. سچ ته ڏاڍو شرم ايندو آهي، سو اهڙي بردبار همراهه سان سٺو تعلق هوندي به ايتري خبر نه هئي ته ڇا ايڊوينچرس داستان رکي ٿو ۽ هيڏن خطرن ۽ مامرن کان پوءِ هتي هن منزل تي آهي. الله سائين اڃا وڌائيس ۽ خوش رکيس تمام ڀلوڙ انسان آهي ۽ وڏي نوڙت ۽ بزرگن سان عقيدت ۽ محبت رکڻ وارو.
    ها! هڪڙي ڳالهه جي ڪمي محسوس ٿيم، الطاف اگر برو نه محسوس ڪري ته اسان جي سفارتخاني جي تاريخي عمارت بابت ٻه اکر ضرور لکان. هيءَ خوبصورت پر جهوني عمارت پيٽروناس ٽاور کان 3-4 منٽن جي پنڌ تي آهي، جالان امپنگ تي (گولڊن ٽرينگل ۾) ڪالونيل اڏاوت، باقي ٻه يا ٽي ڊبل اسٽوري بلڊنگس بچيون آهن هن مئن هٽن جهڙي علائقي ۾. هڪڙي ٽُوئرزم وارن جي آفيس MATIC جيڪا سفارتخاني جي سامهون ۽ هڪ چائينز اسڪول آهي. اڄ به ٻاهران کان ايڏي خوبصورت جو ماڻهو پيٽروناس ٽاور جو فوٽو ڪڍي وري پٺيان مُنهن ڪري اسان جي سفارتخاني جي façade جي سامهون فوٽو ڪڍائيندا آهن ۽ ڪئين گورا شام جو اسان کي ڊيوٽي ختم ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڏسي رشڪ ڪندا آهن ته هيڏي خوبصورت عمارت ۾ ڪم ڪرڻ وارا خوشنصيب آهن. سو سائين هي عمارت 20هين صدي جي بلڪل اوائل ۾ هڪڙي چيني Chin Yim ٺهرائي هئي. پاڻ 19 صديءَ جي آخري سالن ۾ چين کان برٽس ملايا آيو پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان گڏ فقط ٻه ڊالر کڻي، ڪجهه سال ٽن ۽ ربڙ جي فارمن تي مزدور طور ڪم ڪندي، محنت ۽ اورچائيءَ سان وڃي لک پتي ٿيو، پوءِ هي گهر اڏايائين. تنهن وچ ۾ پهرين زال ڇڏي ويئي. پاڻ پهرين گهر مان آندل ڌيءَ، ٻي زال ۽ ان جي چئن ٻارن (ٻه پٽ، ٻه ڌيئن) سان گڏ رهڻ لڳو هڪڙو پٽ Adopt به ڪيائين. خدا جي قدرت، ٻئي سڳا پٽ نوجوانيءَ ۾ فوت ٿي ويا. پاڻ به 1930ع واري ڏهاڪي ۾ گذاري ويو ۽ ملڪيت اڳي پٽ ۽ پوٽن ۾ ورهائجي وئي. پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپانين قبضو ڪيو ۽ هن جڳهه کي تفتيشي ڪيمپ به ٺاهيو. Chin Yim جو خاندان واپس رٻڙ جي فارمن تي هليو ويو هو، جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 1950ع تائين هي گهر خالي رهيو جو 1951ع ۾ ملائيشيا آزادي ورتي، 1958ع ۾ پاڪستان جا ملائيشيا سان سفارتي تعلقات جُڙيا ۽ 1959ع ۾ Chin جي اَڳي پٽ کان هي گهر پاڪستان جي پهرئين سفير ميجر جنرل شير علي خان خريد ڪيو ۽ ساڳئي وقت ايتري ئي سائيز يعني اڍائي هيڪٽرن تي مشتمل پاڪستان هائوس (سفير جي سرڪاري رهائشگاهه) به جالان اسٽونر تي خريد ڪئي. اڄ هي ٻئي عمارتون اربن ڊالرن جي ملڪيت آهن ۽ حڪومتِ پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي. ميجر جنرل شيرعلي خان ڀارتي اداڪار سيف علي خان جو شايد چاچو ٿئي. پاڻ هيڏانهن لڏي آيا هئا، ورهاڱي کان پوءِ. پر سال سندن بيواهه ملڻ آئي ته ٻئي جڳهيون ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. ڪئين يادون تازيون ڪيائون ته ڪيئن ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان اڪثر سندن گهر دعوتن تي ايندو هو ۽ مهاتير محمد ان وقت صرف عام MNA هو جيڪو دعوت ۾ پريان ويٺو هوندو هو، وڌيڪ ٻُڌايائين ته اڳوڻي يوگوسلاويه ۾ به سفارتخاني جي عمارت سندس گهر واري جنرل شير علي خان مارشل ٽيٽو کي عرض ڪري ڀڳڙن مٺ خريد ڪئي هئي، پنهنجي ٻي سفارت دوران. اها به اڄ هڪ تمام قيمتي اثاثو آهي. اڳ ذڪر هيٺ آيل سيٺ ڪِشوتيرٿ راءِ به ڪئين اهڙا فوٽو ڏيکاريا جن ۾ تنڪو عبدالرحمان سندن گهر ۾ سياسي ليڊرن سان گڏجي اچي ميٽنگون ڪندو هو ۽ سندن والد کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.
    لڳي ٿو ته هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکندي لکندي ڪافي ڳالهيون لکي ويو آهيان پر لکڻي اهڙي بيٺي آهي جو ”لکي لکاڏنو پڙهي الهڏنو“ سو آئون ته پنهنجي آنگ لاهيان پيو ۽ موڪليان ٿو الطاف سائين کي هي ڪاڳر (جيڪي مون ڦاڙيا آهن پنهنجي چيني زبان سکڻ واري نوٽ بڪ مان، جنهن ۾ آئون مشق ڪندو آهيان چيني Kanji Characters جي) موڪلي رهيو آهيان. وڌيڪ سندس اختياري آهي هي اکر ڇَپائين، ردوبدل ڪن يا مرڳو ئي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏين، جيڪڏهن ڪنهن باقاعده اديب ليکڪ جو مواد ملي ويو هجين هن ڪتاب لاءِ. باقي آئون اعتراف ٿو ڪيان ته سفرنامو آئون ڪونه لکي سگهندس، هيڏي مصروف ڪِرت ۾ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جي ڪري. سو هنن صفحن ۾ دل جي ڀڙاس خوب ڪڍي اٿم، ليکڪ Pseudo بڻجڻ جي. مهربان پڙهندڙن کي عرض آهي ته وڌيڪ ٽائيم ضايع نه ڪن ۽ پنو ورائي ڪم جي ڳالهين ۾ لڳن، يعني بنا ٽڪيٽ ويزا ”ملائيشيا هليا اچن.


    6 جنوري 2012ع
    ڊاڪٽر امتياز اي. قاضي،
    مِنسٽر، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر،
    هاءِ ڪميشن آف پاڪستان.
    ڪئالالمپور، ملائيشيا


    پيش لفظ 2

    مارو مون مِلايا، مولا منجھ مَلايا

    الطاف شيخ، مادري ٻوليءَ جو ليکڪ آھي. اھو ئي سبب آھي جو مان کيس ٻارائپ کان پڙھندو ۽ ٻڌندو اچان. کيس، سندس لکڻين مان، چڱيءَ پر سڃاڻان. ٻين ميرين انجنيئرن وانگر، اگر ھو به لکڻ سان لاڳاپو نه رکي ھا ته شايد ئي ڪو سنڌ-ڄائو کيس سڃاڻي ھا. يا وري سنڌيءَ ۾ نه لکي ھا ۽ ڪنھن ٻيءَ اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکي ھا ته شايد مان به کيس نه سڃاڻان ھا. ڇو جو مون کيس تڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو ھيو، جڏھن مون کي پڙھڻ به ڏانءُ نه ايندو ھيو. ٻي ٻولي ته ٺھيو، مادري زبان ۾ به پوريءَ طرح ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ ڏانءُ نه ايندو ھيو.
    مئٽرڪ ۽ فرسٽ ييئر دوران، غريب آباد نوابشاھ ۾ رھندا ھياسين. اسان جي جاءِ ڀرسان رھندڙ، منھنجي چاچي جا دوست ۽ ھم-پيشه ھيا. ڪي ته ساڳئي محڪمي ۾ ڪم ڪرڻ وارا به ھيا. وٽن، صبح جو سوير، عبرت اخبار ايندي ھئي. ‘افراط زر’ ۽ ‘فرطِ مسرت’ جھڙا ڳاٽي-ڀڳا ۽ ڦوڙاٺ قسم جا اصطلاح، منجھس استعمال ٿيندا ھيا، جيڪي مون کي اچارڻ ئي نه ايندا ھيا، معنيٰ ۽ مفھوم سمجھڻ ته ٿيو پري جي ڳالھ. انھن کي سمجھڻ لاءِ پيو انھن وڏڙن سان آڏا ابتا ۽ کل جھڙا بحث ڪندو ھيس. ٻڌائيندا ته ھيا پر بيزار ٿي نصيحتون به ڪندا ھيا؛ “ڪورس جي ڪتابن پڙھڻ تي زور ڏي!” سندن جاءِ ڄڻ اوطاق ھوندي ھئي، جتي پڙھيا لکيا به پيا مھمان ٿيندا ھيا. منجھن ھڪڙو مير حسن لاکو نالي ماستر پڻ ايندو ھيو، جنھن جو ڳوٺ کڏھر روڊ تي ھيو. وٽس ھلڪي ڦلڪي لائبرري ھئي. اتان ڪي ڪتاب کڻي اچي، شھر ۾ مٿن جُلد به ٻَڌائيندو ھيو ۽ بعد ۾، ھنن کي پڙھڻ لاءِ ڏيندو ھيو. مون به ھڪڙي ڏينھن فرمائش ڪيس؛ “ڪو ڪتاب مون کي به پڙھڻ لاءِ ڏي.” ان وقت ته ٻڌي اڻ-ٻڌي ڪري ويو. مون سمجھيو؛ کيس ڪتاب ڏيڻو ناھي.
    ھڪ ڏينھن پنھنجي جاءِ تي ستو پيو ھيس. منجھند ٽاڪ جو وقت ھيو. در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. اڪيلو ھيس. ننڊاکين اکين سان، چڙ کائي اٿيس ۽ خار مان دروازو کوليم. اڳيان مير حسن لاکو صاحب بيٺو ھيو. ھٿن ۾ ڪتابَ ھيس. مٿي تي گرميءَ کان ھٿ-رومال ٻڌل ھيس. چگھر ماتا واري پگھريل چھري تي، ريڳياڙيون ڪري پگھر نرڙ تان اڙھي چنجھين اکين ۾ پئي ٽميس. حالت رحم جوڳي ھيس. کيس ان حالت ۾ ڏسندي ئي، منھنجي ڪاوڙ ڍري ٿي وئي. ٻه ڪتاب ڏيندي، پارت ڪيائين؛ “ھڪ ته پڙھي جلد واپس ڪجو، ٻيو ته مٿن ڪو به اکر نه لکجو. مون کي جلدي آھي، ترسان يا ويھان ڪو نه ٿو.” ائين چئي يڪدم پويان پير ڪيائين. ھر ھڪ جلد ۾ ٻه ٻه ڪتاب گڏي ٻڌل ھيا. ھڪ جلد اندر، امر جليل وارو ‘دل جي دنيا’ ۽ ساڻس ٻيو ڪتاب به ھيو، جنھن جو ھن وقت نالو ياد نه اٿم. ٻئي منجهه الطاف شيخ صاحب وارو ڪتاب ‘منھنجو ساگر منھنجو ساحل’ ۽ ٻيو گھڻو ڪري ‘سمونڊ جي سيوين’ ھيا.
    پڙھڻ جي ارادي سان ته مون کانئس ڪتاب گھريا ئي ڪو نه ھيا. مون ته پاڙي وارن جي ريس تي کانئس ان لاءِ گھريا ھيا ته ڏسان ته مون کي به انھن جھڙو سمجھي ٿو يا نه؟ ڪتاب ڏئي ويو، ڄڻ ننڊ ڦٽائي ويو. ڪتابن کي ڏسان پيو ته سندس رحم جوڳي حالت اکين اڳيان ڦريو اچي. نيٺ ارادو ڪيم ته؛ ڪتاب پڙھبا. ‘دل جي دنيا’ سان پڙھڻ جي شروعات ڪيم. ھڪ ڪھاڻي، ھڪ ئي ويھڪ ۾ پڙھي ويم. ڏاڍو خوش ٿيس ته؛ مان به پوري ڪھاڻي پڙھي سگھان ٿو. ائين ٻن ٽن ڏينھن ۾ اھو ڪتاب ئي پورو ڪري ويس. ويتر ڏاڍو خوش ٿيس ته؛ پورو ڪتاب به پڙھي، ختم ڪرڻ جي مون ۾ سگهه آھي. ساڻس جوڙيءَ ۾ جيڪو ڪتاب ھيو، سو منھنجي سمجھ کان ئي چڙھيل ھيو، تنھنڪري اھو ڪو نه پڙھي سگھيس. ان کان پوءِ ‘منھنجو ساگر، منھنجو ساحل’ پڙھيم. ڏاڍو وڻيو. ‘دل جي دنيا’ وانگر افسانوي رنگ اندر چٽ-پٽو به ھيو ته منجھس معلومات به ججھي ھئي. پڙھڻ جو شوق جاڳي پيو.
    خاص طور تي منجھس ڏنل ٽئگور واري بيت ته جنجھوڙي ڇڏيو، جيڪو سامونڊين جي واتان ھن، ڌرتيءَ تي ويٺل ساٿين کي مخاطب ٿيندي چيو آھي. ان ھيٺ، الطاف شيخ صاحب لکيو ھيو ته گھڻن ڏينھن کان ڌرتي ڏٺي ناھي ۽ چوڌاري رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آھي. اھا منظر ڪشي ڪندي لکيو ھيائين؛
    “ادا، هيءَ سامونڊي زندگي، بلڪل مختلف زندگي آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ، جيڪي تنهائي پسند ڪن ٿا. دنيا جي جنجهٽن، رسمن ۽ رواجن جي قيد کان آزاد زندگي آهي. چؤطرف پاڻي ئي پاڻي ۽ اڪيلائي ئي اڪيلايي. جڏھن ته تو وٽ چؤطرف زمين. ان لاءِ ئي ته ٽئگور چيو ھيو:
    تو مار جوله باتي، تو مار گهوريه شاتهي
    امار توريه راتي، امار توريه تارا
    تومار اچھه ڊانگا، امار اچهه ڊول
    تو مار بوشي تهاڪا، امار چلا چول تو وٽ چراغ ٻري ٿو ۽ گهر ۾ ساٿي به آهي
    مون لاءِ رات آهي ۽ مون لاءِ تارا آھن
    تو لاءِ زمين آهي ۽ مون لاءِ پاڻي
    تو لاءِ آرام آهي مون لاءِ هميشه جو هلڻ
    سڀاڻي اسان کي زمين نظر ايندي، جيڪا بنگال جي سرزمين آهي. ٽئگور جو ديس، نذر الاسلام جو ديس.”
    ‘سمونڊ جي سيوين’ به اڌ-گيدو پڙھيو ھوندم جو سائين مير حسن لاکو صاحب شھر چڪر تي آيو ۽ پنھنجا ڪتاب موٽائي وٺي ويو. ان اپرانڌ، مون کي پڙھڻ جي باقاعدي چوس پئجي چڪي ھئي. نه پڙھان ته قرار ئي نه اچي. ڀر واري جاءِ وارن وٽ ‘بندر بازاريون’ ڪتاب پيو ھيو، سو به کڻي اچي ڏينھنڪ پورو ڪيم.
    ‘بندر بازاريون’ ڪتاب ته اڃا وڏو شوق جاڳايو. خاص طور تي، سندس ٽائيٽل تي ڏنل ڀٽائيءَ واري بيت ته بيقرار ڪري ڇڏيو. اٿندي ويھندي پيو جھونگاريندو ھيس.
    ننگر ۽ ناڙيون، پڳھ کڻي پنڌ پيا،
    بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
    ايتري تائين جو پاڙي وارن به چريو سمجھڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ چوندا ھيا ته؛ الائي ڪھڙا ڪتاب ٿو پڙھي جو ڪل ئي ٿڙي وئي اٿس.
    ائين منھنجي پڙھڻ جي شروعات ٿي ۽ الطاف شيخ سان ڏيٺ ويٺ پڻ.
    الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب ته مسلسل پڙھندو ھيس. ساڻس ذاتي واقفيت، تڏھن ٿي جڏھن مون ورڊ پريس تي سنڌي پراوربس نالي ھڪڙو بلاگ ٺاھيو، جنھن ۾ مون پنھنجي پھاڪن وارا ڪتاب ۽ ڪن دوستن خاص طور مرحيات پروفيسر نذير احمد سومرو جا آرٽيڪل رکيا. ان بلاگ جي لنڪ، آمريڪا ۾ موجود پنھنجي دوست محترم محمد علي مھر صاحب کي ڏياري موڪليم. مھر صاحب، حيدرآباد ۾ اسان سان ساڳئي کاتي ۾ ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۹ع تائين ڪم ڪيو ھيو. پاڻ ڇا ڪيائين جو، انھيءَ بلاگ جي لنڪ ڪيترن ئي دوستن ڏانھن، سفارش سان، ڏياري موڪليائين. الطاف شيخ صاحب ان لنڪ جي موٽ ۾، ترت پنھنجن ڏھن ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون، جيڪي وٽس ھڪيون حاضر ھيون، اي-ميل ذريعي ڏياري موڪليون. ھاڻي ڄڻ اسان جي دوبدو ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. ان بعد، ناز سنائيءَ لاءِ کانئس ڪتاب گھريو، ان دوران ساڻس روبرو ملاقات به ٿي.
    بھرحال اچون ٿا سندس لکڻين تي. الطاف شيخ، مادري ٻوليءَ ۾ لکي، کيس سوڌيو سنواريو به ۽ ھنڌين ماڳين ويو ته انھن ملڪن منجھان مڻين معلومات ڪٺي ڪري اچي ڪتابن اندر ڍڳ به ڪيائين. معلومات سان گڏ مادري ٻوليءَ ۽ پنھنجي ٻوليءَ وارن جي خوب خدمت ڪيائين.
    جن ماڻھن پنھنجي مادري زبان کي اھميت ڏئي، ان ۾ لکيو آھي، تن کي دنيا به مان ڏنو آھي. جيڪي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي پٺيءَ پاڏئون اڇلي ۽ کِي ڪري ھليا ويا تن کي دنيا به کِي ڪري نه ٿي کيڪاري. پنھنجن کي پاڻ گھٽ سمجھيائون، دنيا کين پنھنجو نه ڪيو. ان لاءِ ٽئگور جا لفظ جيڪي ھن بلراج ساھنيءَ کي چيا ۽ اتم پنھنجي يادگيرين ۾ آندا، سي ھت اقتباس طور ڏيندي ڪا قباحت نه سمجھندس. اھي ۱۹۶۴ع جي مھراڻ جي پرچي ۾ پڻ شايع ٿيل آھن.
    مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي-نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن، پنهنجي “يادگيرين” ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي:
    “تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟” گرديو پڇيو.
    “مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.” بلراج وراڻيو.
    “پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟”
    “پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟”
    “مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.”
    “مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.”
    “اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هر ڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ئي ليکڪ آهي. رڳو اتي ئي، هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.”
    “شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون. ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪو نه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.”
    “مان تو سان شاملِ راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرو نانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟”
    “پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي. ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.”
    “ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بنائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان بَرُ مَيچي سگهي ٿي.” گرديو فخر سان چيو: “هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن تو کي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ تو کي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.” (“ٽئگور: هڪ جهلڪ”، از اتم، ص 39ـ)
    اھڙيءَ طرح سمورن وڏن اديبن، لکڻ جي شروعات مادريءَ ٻوليءَ سان ڪئي آھي. شيڪسپيئر ھجي يا ملٽن، ليو ٽالسٽاءِ ھجي يا اشتراڪيت جو نظريو ڏيندڙ ڪارل مارڪس، دوستو وسڪي ھجي يا چيخوف، مئڪسم گورڪي ھجي يا رسول حمزاتوف، او ھينري ھجي يا موپاسان، اقبال ھجي يا مرزا غالب، منٽو ھجي يا ڪرشن چندر، چندر چئٽرجي ھجي يا گرديو ٽئگور، رومي ھجي يا ڀٽائي، سمورن پنھنجي مادري زبان ۾ خيال آرائي ڪئي آھي ۽ ڀرپور نموني سان ڪئي آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته وقت پڄاڻان، ٻين ٻولين ۾ سندن لکيتون پڻ ڇپيون آھن. کين پھرين پنھنجي ٻوليءَ وارن کنيو، بعد ۾ ٻين ٻولين جا نقاد ۽ پڙھندڙ کين مليا، جن کين تمام مٿي اونچو کنيو آھي. جن کي پنھنجي ٻوليءَ وارا نه ٿا سڃاڻن، تن کي ڌاري ٻوليءَ وارا به نه ٿا سڃاڻن. ڇو جو جيترو کليءَ طرح يا دٻيل لفظن سان ماڻھو مادري زبان ۾ خيال جو اظھار ڪري سگھي ٿو اوترو ٻي ڌاري زبان ۾ نه ٿو ڪري سگھي. انگريزن سنڌ جو احوال يا تاريخ لکي ته پنھنجي زبان ۾، نه ڪي سنڌيءَ ۾. ائين الطاف شيخ به ڏورانھن ڏيھن جا احوال لکيا آھن پر مادري زبان ۾. جڏھن ته کيس اردو به اچي ٿي ته انگريزيءَ تي به دسترس اٿس. ائين ڪرڻ سان کيس ھڪ محاذ تي لڙڻو ٿو پوي. يعني کيس فقط معلومات ڪٺي ڪرڻي آھي. ٻولي، جنھن ۾ ڏني ڏني امڙ لولي، تنھن تي مغز ماري ڪرڻي ناھي. ان جي برعڪس ڌاري ٻوليءَ ۾ لکڻ وقت، معلومات ڪٺي ڪرڻ کان علاوھ ٻوليءَ تي به مٿاماري ڪرڻي پوي ٿي. ھڪ ئي وقت ٻن محاذن تي لڙڻ، سولو ۽ سوکو ڪم ناھي. ٻه گدرا مٺ ۾ جھلڻا آھن. گڏھ جي ڪبي ته لڏ ھلي ويندي، لڏ جي ڪبي ته گڏھ ھلي ويندي. معلومات ڪٺي ڪرڻ جھڙو اٺ-ڪاٺيو ڪم ڪندي، چڱن ڀلن اديبن جي پنين جا ڳنر چڙھي پوندا آھن ۽ قلم وھائيندي ھٿ سُڄي پوندا آھن، کنڀڙون ۽ پُٺا چڙھي پوندا آھن.
    ائين ناھي ته الطاف شيخ فقط، سنڌيءَ تي پاڻ کي محدود ڪيو آھي. اردوءَ جي امت اخبار ۾ ته سندس مستقل ڪالم پڻ ڇپبا رھن ٿا. ھاڻي ته سندس ڪيترا ڪتاب اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي ويا آھن. ڪي ته براھ راست اردوءَ ۾ پڻ لکيا اٿائين. جھڙوڪ ايران ڪي دن وغيرھ. جڏھن ته ابراھيم جماليءَ نالي، سانگھڙ ضلعي جي ھڪ شخص سندس ڪتاب، اردوءَ ۾ ترجمو ڪري، لاھور مان نڪرندڙ ماھوار سرگذشت ڊائجسٽ ۾ قسطوار ڇپرائڻ شروع ڪيا آھن. ھن وقت تائين ڏھ ٻارنھن ڪتاب ڇپجي چڪا آھن ۽ اڃا مسلسل ڇپبا رھن ٿا. تمام سھڻي ٻوليءَ ۾، سھڻي پيرايي سان ڇپبا رھن ٿا. ائين اھو سلسلو تا حال ھلندو اچي ٿو ۽ اميد ته تا حيات ھلندو رھندو. معلومات لکڻ، سا به ڌاريءَ ٻوليءَ ۾، ٻن مخالف جاين تي بيھي محاذ آرائي ڪرڻ جي مترادف آھي. ان سان نه معلومات چٽي ڏئي سگھبي ۽ نه ئي لکت ۾ افسانوي رنگ ڀري سگھبو.
    الطاف شيخ صاحب به منڍئون سنڌي زبان ۾ لکندو آيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو بنا ٿڪجڻ جي مسلسل لکندو آيو آھي. سندس لکڻ وارو شوق، برقرار آھي ۽ مئو ناھي.
    شروعات ۾، لکڻ واري جي ٻولي ڪچ-پڪي ۽ معلومات اڻ-پوري ھوندي آھي. تنھن ھوندي به، پنھنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ سبب، سندس پڙھندڙ، اھا اڌ-اکري ٻولي ۽ اڻ-پوري معلومات به سمجھي ويندا آھن. ساڻس به ائين ئي ٿيندو آيو آھي. ھڪ ته پاڻ لکي ئي شاگردن جي ڄاڻ لاءِ ٿو. شاگرد به مئٽرڪ ۽ انٽر وارا، جن کي ھاڻي پنھنجي منصب ۽ آئندي جي راھ چونڊڻي آھي. الطاف شيخ صاحب جا ڪتاب سندن لاءِ مشعلِ راھ بڻجن ٿا. ٻاھرين ۽ ڌارين ملڪن جي معلومات، پنھنجي مادري زبان ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾، سا به افسانوي رنگ ڍنگ سان، ھر ڪنھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ رھي آھي.
    ڪيترا ئي شاگرد، کيس پڙھي، رھنمائي حاصل ڪري، پنھنجي زندگيءَ کي سنواري چڪا آھن. ايستائين جو ھاڻي کين، موٽي الطاف شيخ جي ڪتابن کي ھٿ لائڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ڇو جو ھاڻي ھو خود، ساڳي دنيا کي پنھنجي ظاھري اکين سان ڏسي ۽ اندر جي اکين سان پسي چڪا آھن. ھاڻي الطاف جي ڪتابن ۾ کين معلومات جو ورجاءُ ٿو محسوس ٿئي. جن ٻاھرين دنيا ڏٺي آھي يا انٽرنيٽ سان راند ڪن ٿا، تن کي سندس ڪتابن پڙھڻ وقت ڀلي ائين معلوم ٿئي ته ڏٺل ٻڌل ڳالھ پڙھي رھيو آھيان، پر نئون ۽ سيکڙاٽ شاگرد سندس ڪتابن مان گھڻو پرائي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو سندس پراڻا پڙھندڙ کيس پڙھڻ ڇڏي ڏين ٿا ته انھن جي جاءِ نوان پڙھندڙ والارين ٿا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پراڻا پڙھاڪو، جڏھن پنھنجي پونيرن کي، راھ سنوارڻ لاءِ نصيحت ڪن ٿا ته ان ۾ الطاف جي ڪتابن کي مطالعي ھيٺ آڻڻ جي تلقين ضرور ڪن ٿا. ايتري تي به اھو معاملو ختم ناھي. اڃا به سندس شاگرد ٻاھرين دنيا ۾ آھن، جيڪي ڏيھاڙي انٽرنيٽ تي سندس ڪالمن جو انتظار ڪندا آھن. اگر اھو اخباري ڪالم، اخبار جي پورٽل تان نظر مان گسي ويندو اٿن ته پوءِ ڪنھن بلاگ تي ان لاءِ جاچ جوچ ڪندا آھن. يا الطاف طرفان ساڳيو ڪالم اي-ميل ذريعي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. وئي ۾ وئي ته راقم جي تيار ٿيل بلاگ، ‘الطاف شيخ جا سفري ڪالم’ ڏانھن پڻ رجوع ڪندا آھن.
    کيس پڙھي، رھنمائي حاصل ڪرڻ وارو، ڀلي ٻاھر وڃي ڪيڏي به پدويءَ يا پالڪيءَ تي پڄي پر مٿس سندس اثر ۽ ڇاپ ائين رھي ٿي، جيئن ايف آر سي ايس ڪرڻ واري تي، پرائمري ٽيچر جي يا ڀت تي آئري جي. پرائمري استاد، آخر تائين پرائمريءَ جو استاد ئي رھندو آھي. جڏھن ته سندس شاگرد، ايف آر سي ايس ڪرڻ کان پوءِ، ھيٺئين درجي جا ڪتاب پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ۾ عار محسوس ڪندو آھي. الطاف شيخ جا آڳاٽا پڙھندڙ ڀلي ائين ٿي وڃن پر سندس ادب ملحوظ ضرور رکن ٿا. اھو ائين جيئن وڏو ماڻھو ٿيڻ کان اڳ، پٽي ۽ پرائمري جن استادن وٽ پڙھجي ٿي، تن جو ادب ڪرڻ لازمي سمجھجي ٿو، ڇو جو انھن اکر لکڻ، لفظ اچارڻ ۽ جملا جوڙڻ سيکاريا آھن. نه فقط ايترو بلڪ چيچ مان وٺي، ڳراٽڙي پائي، رومال سان سنگھ گگ صاف ڪري، ھنج ۾ ويھاري، لولو يا کٽمٺڙو ڏيئي، پوءِ پڙھايو پرجھايو ۽ وڏو ماڻھو ڪيو آھي. ھاڻ سندن ادب ڪجي يا نه. الطاف به شاگردن کي ائين پيرڙو پنڌڙو سيکاريو آھي. سندس ادب ۾ حيثيت، ان پرائمري استاد وانگر تا حيات ۽ اڻ-وسرندڙ رھندي، جنھن ھٿ ۾ قلم جھلڻ سيکاريو.
    الطاف شيخ صاحب جي فراھم ڪيل معلومات، جديد ۽ موجودھ دور جي تقاضائن مطابق آھي. ان کي ھرگز پرائمري سطح جي نه ٿو چئي سگھجي. جڏھن ته اھا معلومات سمجھائڻ جو سندس طريقو اھڙو آھي، جو ننڍو ٻار به سمجھي وڃي. اڻ-ڏٺل ڏيھ جي اڻ-ڏٺل ماڻھن جي رھڻي ڪھڻيءَ ۽ اٿڻي ويھڻيءَ بابت، نون پڙھندڙن کي روشناس ڪرائڻ، جن کي پنھنجي ديس جي ماڻھن جي به پوريءَ ريت خبر ناھي، وڏو ڪمال آھي. اتان جي روڊن ۽ رستن، واھڻن ۽ وستين، دڪانن ۽ بازارين، اسپتالن ۽ اسڪولن، ھوٽلن ۽ پارڪن بابت اھڙي پيرايي ۾ معلومات ڏيڻ، جو سيکڙاٽ به پڙھندي خفي نه ٿئي، ھٿائين چاھ ۽ چس سان پيو منجھانئس وٽ وٺي.
    پاڻ جتي به ويو آھي، اتي نه فقط اتان جي ماڻھن سان مليو آھي پر پنھنجا سنڌي سٻاجھڙا پڻ ڳولي لڌا اٿائين ۽ ساڻن ڊڪي وڃي ٻکين ضرور پيو آھي. اھي، اتي ڪيئن ۽ ڪھڙا ڏاکڙا ڪري پھتا؟ ڪھڙن سورن ۽ اھنجن کين اھي ڏاکڙا ڪرايا؟ اتي پھچڻ بعد، ڪيتري ۽ ڪيئن، مڃتا ۽ مھانتا ماڻي اٿائون؟ اڳين پوين سان سندن ورتاءُ، ڪيئن ۽ ڪھڙو رھيو آھي؟ اھو سڀ معلوم ڪري، افسانوي رنگ، چاھ ۽ چس واري سادي ۽ سوادي ٻوليءَ ۾ سٻاجھڙي لھجي سان لکيا اٿائين.
    ملائيشيا ۾، ڪناري تي رھي ڏھاڪو سال نوڪري ڪئي اٿائين. وٽس، اتان جي مقامي ۽ مسافر ماڻھن بابت ڄاڻ ججھي آھي. ان کان علاوھ اتان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان خاصي دلچسپي اٿس، جيڪا سندس لکيت مان نروار آھي. اڄ تائين سندس لکيل منجملي ۷۵ ڪتابن مان، اٺھٺ کن ته مختلف ملڪن بابت سفرناما آھن. منجھانئن ملائيشيا بابت ئي اٺ ڪتاب؛ مڪليءَ کان ملاڪا تائين، ڪوالالمپور ڪجھ ڪوھ، ڳالھيون آھن ڳچ، جت جر وهي ٿو جال، اوهريا جي عميق ڏي، ملائيشيا منھنجي من ۾، ملائيشيا ٻارهن سالن بعد، ۽ ملائيشيا ڪي دن ، وغيرھ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آھن.
    ان کان علاوھ ملايا جا پھاڪا پڻ ڪٺا ڪيا اٿائين. جيڪي سندس ڪتاب، ‘رٺي آھي گھوٽ سان’ ۾ شامل آھن. اھو پھاڪن جو ڪتاب، لکيل ته سنڌيءَ ۾ آھي پر منجھس پنجن ٻولين؛ سنڌي، چيني، جپاني ۽ ملائي جا پھاڪا ۽ چوڻيون، معنيٰ ۽ مفھوم سان، لطيفا ۽ ٽوٽڪا، مثال ۽ سمجھاڻيون ڏيئي يڪ-جاءِ ڪيا ويا آھن. جڏھن ته ساڳيو ڪتاب، سنڌي پھاڪن کي ڇڏي، انگريزيءَ اندر، ‘پراوربس آف فار ايسٽ’ (Proverbs of Far East) نالي سان پڻ جوڙي ڇپرايو اٿائين. ان ۾ به ملايا جو مذڪور پڻ اچي وڃي ٿو. ڇو جو پھاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، نه فقط ساھت جو سينگار آھن، بلڪ قوم ۽ ملت جي رھڻي ڪهرڻي ۽ معيشت جا عڪاس پڻ آھن.
    ملائيشيا بابت نجو پجو، ھيءُ سندس ڏهون ڪتاب آھي، جيڪو اخباري ڪالمن جي صورت ۾ روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ڇپجي چڪو آھي. ملائيشيا بابت سندس يارهون ۽ آخري ڪتاب پڻ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آھي، جيڪو جلد ئي ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آھي. ڪو به ڪتاب ھڪ-ساھيءَ ۾ لکي پورو ڪرڻ اگر ناممڪن ناھي ته مشڪل ضرور آھي. ان کي اگر ڪن ننڍڙن موضوعن اندر ڦانڊي، ورھائجي ۽ ورڇجي ته لکي پورو ڪرڻ آسان ٿي پوندو. اھو گر، الطاف شيخ صاحب وٽ آھي. ڪتاب اندر، جيڪا به معلومات ڏني اٿائين، سا ننڍن عنوانن ھيٺ ورڇي ڏني اٿائين. ھر عنوان ھيٺ معلومات اھڙي ترتيب ۽ ترڪيب سان رکي اٿائين جو اھو اخبار جي ڪالم جو پورائو به ٿي وڃي ۽ معلومات به اڌ-گيدي نه رھي. اگر، احوال اڻ-پورو رھجي ويو ۽ ڪالم جو پيٽ ڀرجي ويو ته پوءِ ان ڪالم کي اھڙي ھنڌ ڪلائيميڪس ڏيئي پورو ڪيو اٿائين جو پڙھندڙ کي ايندڙ ڪالم جو انتظار ته رھي پر ڪٽيل ڪالم جي اڌوري معلومات کيس پريشان ۽ مضطرب نه ڪري. جيئن هن ڪتاب ۾ علي سولنگيءَ جي اسٽوري بيان ڪرڻ وقت ڪيو اٿائين. عليءَ جي انھيءَ الف ليلوي داستان کي ائين ونڊي ورڇي بيان ڪيو اٿائين جو ھر ڪالم، في نفسہٖ نجو ڪالم به آھي ته اڳئين ۽ پوئين ڪالم سان ان جو ربط ۽ ڳانڍاپو پڻ قائم آھي. ائين جيئن، الف ليلوي داستان اندر، ھر رات اندر بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جو اڳين پوئين راتين اندر بيان ڪيل ڪھاڻين سان ھوندو آھي.
    عليءَ جي اسٽوري، ائين ڪيترن ئي ڪالمن تي ڦھليل آھي. سندس بر سبيل تذڪرو ته ۱۱ ڪالمن؛ رستي تي بي يار و مدد ھئس، قسمت جا ليکا، ھڪ دفعو وري زيرو تي پھتس، ماني ڪٿي کائجي، ڪولالمپور جي ڪھاڻي (۱)، ڪئالالمپور جو سير سپاٽو، قدرت جا کيل نرالا، ڦڪيون تڏھن فرق ڪن، سفر در سفر، ‘ڇا شاديءَ بعد نوڪري ضروري آھي؟‘ ۽ ‘اسان جي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟’ وغيرھ ۾ اچي چڪو آھي. فارسيءَ جي شعر؛ خوشتران باشد که سر دلبران، که تذکره آيد در حديث ديگران وانگر حوال ته ٻين جا آھن، پر مذڪور حاجي علي سولنگيءَ جو ضرور آھي. انھن مڙني ڪالمن جو پاڻ ۾ ربط پڻ قائم آھي. جيئن ته انھيءَ سفر دوران پاڻ علي سولنگيءَ جي گھر مھمان طور رھيو، تنھنڪري ھر ڪالم ۾ سندس تذڪرو ضروري ھيو. ڪي ڪالم ته خالص عليءَ جي ذاتي اسٽوريءَ تي مشتمل آھن، جن ۾ سندس جدوجھد جي ڪھاڻي ۽ ڏکن ڏاکڙن جا داستان رقم ٿيل آھن. خاص طور تي، ‘رستي تي بي يار و مدد ھئس’ ۽ ‘ھڪ دفعو وري زيرو تي پھتس’، ڪالم ته آھن ئي عليءَ جي ذات بابت.
    منجھن علي سولنگيءَ جي اسٽوريءَ جو اھو پھلو ڏاڍو ڏڪائيندڙ ۽ لرزائيندڙ، لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ وار اڀا ڪندڙ آھي، جڏھن ملائيشا ۾، جنھن ڇوڪريءَ سان گڏجي ھڪڙو ھٽ کوليائين. پڇاڙيءَ ۾ ھوءَ گڏيل ڪمائيءَ مان فليٽ وغيرھ بڪ ڪرائي، ڦٻائي، کيس ڦري فقير ۽ پالھو، نڌڻڪو ۽ ڇورو ڪري، اکيون ڦيرائي، ٿُڏي وئي. الطاف شيخ صاحب چواڻي؛ ‘ملائيشيا جون عورتون وفادار آھن ۽ ٺڳڻيون ناھن.’ جڏھن قسمت ڦيرو کائيندي آھي ته فالودو کائڻ سان به ڏند ڀڄي پوندا آھن. علي به انھن ھٿان ڦريو ھيو، جن ھٿان ڦرجڻ جو امڪان ئي نه ھجي. ائين جيئن ڀٽائيءَ رحمة اللھ، سسئيءَ جي واتان واڪو ڪرايو؛ “گھوڙن ھنيون گھڻيون، اٺن ھنئين آ”. اٺ جي عادت آھي ته اٿندي به رڙندو آھي ته ويھندي به رڙندو آھي. سکڻو به رڙندو آھي ته ڀريو به رڙندو آھي. جڏھن ڏيرن، پنھونءَ کي کڻڻ لاءِ ڏاگھن کي پئي پلاڻيو ته ڏاگھا خلاف معمول چپن کي چونو ھنيو ويٺا ھيا، جيڪا جٺ سمجھ کان ٻاھر آھي. اڳي گھلون، گھوڙن تي ڪاھي، ماڻھن کي ماري ڦري، گھوڙا گھوڙا ڪڍائي ڇڏينديون ھيون. جڏھن ته سسئيءَ کان، اٺن به چپ جو روزو رکي، گھوڙا گھوڙا ڪرائي، ريھون ڪڍائي ڇڏيون. بھرحال، حاجي علي سولنگي ويچارو، حسبِ معمول، وري ان زيرو تي اچي بيٺو، جنھن زيرو تان ملائيشا ۾، پيٽ-گذر حاصل ڪرڻ لاءِ، سفر جي شروعات ڪئي ھئائين.
    جڏھن پيٽ-گذاري لاءِ جُھد پٽڻ لڳو ته عين انھن ڏيھاڙن ۾ کيس پنھنجي ننڍي ھوندي جي پنجاپڻ مڱينديءَ جو پيءُ، جنھن پنھنجي ڌيءُ جو ساڻس مڱڻو ٽوڙي، پنجاب ۾ ڪنھن چوڌري مائٽ جي پٽ کي پرڻائي ڏني ھئي، فون ڪري منٿون ايلاز ٿو ڪري؛ “مان سخت بيمار آھيان. جڏهن کان منهنجي ڌيءُ، پرڻجي گهر ڇڏي وئي آهي ته واعدي موجب مون سان وري نه ملي آهي. هينئر آ سخت بيمار آهيان. کيس ڪيترا ئي نياپا ڪيا اٿم ته کيس هڪ دفعو ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هوءَ ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. مون کي پڪ آهي ته اهو فقط تون آهين، جنهن جي هوءَ نه فقط ڳالهه ٻڌندي پر مڃيندي به. تون گذريل ڳالهيون، غم ۽ غصو وساري مون تي مهرباني ڪر ۽ کيس مون سان ملڻ لاءِ فون ڪر. منھنجي ساھ تي آھي، جيڪو نڪري به نه ٿو!” ان بعد کيس ان جو پنجاب ۾ ڪنھن ڳوٺ جو فون نمبر پڻ ڏئي وري التجا ڪري ٿو.
    ڇا ته دکدائڪ منظر آھي!؟ کيسي ۾ رنگٽ ناھي، جو ڀڳڙا وٺي کائي. نه پنھنجي ڌرتيءَ تي نوڪري ڇوڪري ملي ۽ نه ڌاري ڌرتيءَ تي نوڪريءَ ڇوڪريءَ وفاداري ڪئي. جنھن کي پنھنجي سر لاءِ نوڪريءَ ڇوڪريءَ جو آسرو ئي نه ھجي تنھن کي ان ڇوڪريءَ جو پيءُ، جنھن ديناداستيءَ ڌيءَ جي مرضيءَ خلاف مڱڻي ٽوڙي ھجي، سو ويٺو پنھنجي ڄائيءَ لاءِ فون تي منٿون ايلاز ڪري ته سندس ڌيءُ کي ھيءُ ئي آٿت ڏئي سگھي ٿو. جنھن سان ھوءَ، پيءُ سان ڪاوڙ ۽ روساما ختم ڪري، پيءُ طرفان ڪيل فيصلي تي آمنا واري، رب جي رضا تي راضي رھندي، آخري وقت ۾ پنھنجي مربي پيءُ کي اچي موت جي بستري تي ڏسندي، ته جيئن سندس سرير مان ساھ، سرھو ٿي نڪري.
    کانئس فون نمبر وٺي، ان وقت اڦريل سرير، اکڙيل ساھ، ٽٽل دل ۽ ڏوگھريل زبان سان جيڪو ڏڪائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ، دل کي ڇني ڇيھون ڇيھون ڪندڙ آواز نڪتو ھوندو، جنھن ھڪ باغي روح کي ماٺو ڪري، ان منزل تي آندو ھوندو جنھن تي کيس سندس پاليندڙ پيءُ نه آڻي سگھيو، سو ڇا ته آواز ھوندو! ڏڪندڙ ھٿن ۾ فون جھلي، دل کي قابوءَ ۾ رکي، زبان تي ضابطو آڻي، چٻي چٿي جڏھن زبان مان اکر ڪڍيا ھوندائين ۽ ان کي نصيحت ڪئي ھوندائين جنھن کيس حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجن محسنن سان بغاوت ڪئي آھي، سو ڪيڏو نه قيامت خيز منظر ھوندو.
    جڏھن کيس چيو ھوندائين؛ “ھي سڀ ڪجهه قدرت جا ليکا آهن. هاڻ جيڪي ڪجهه ٿي ويو، رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. اسلام به اهو ئي چوي ٿو ته والدين جو خيال رکڻ کپي، هو پوڙها ٿي چڪا آهن. تنهنجا اسان تي ٿورا ٿيندا. تون پنهنجي پيءُ سان ضرور مل!” ڇا ته طرفين جي ڪيفيت ھوندي؟ اھي اکر ٻڌي اھا ڇوڪري پنھنجي ضد تان لٿي ۽ پنھنجي پيءُ ڏانھن رجوع ڪيائين. جنھن سان سندس پيءُ جي ساھ تان سختي ختم ٿي ۽ سرير مان ساھ، آسانيءَ سان نڪتس.
    اھو منظر ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ چٽڻ، انساني بس جي بات ناھي. مون کان ته پڙھندي سيسڙاٽيون نڪري ويون ھيون. اکين جا تنر، ڳوڙھن سان ڀرجي، ڳڙي پيا ھيا. شابس ته لکندڙ ۽ ٻڌائيندڙ جي جگر گردي کي آھي، جنھن لکڻ ۽ ٻڌائڻ وقت اھو منظر دماغ ۾ آڻي، قلم کي تاڻي، پني تي وھايو آھي. ڇا ته تصوير جو چٽ چٽيو اٿائين. پڪ اٿم ته اھو چٽ چٽيندي، ‘تو ڀي تو رويا ھوگا’ واري ڪيفيت مان پاڻ به ضرور گذريو ھوندو.
    جن ماڻھن، حاجي علي سولنگيءَ وانگر، دل تي پٿر رکي، چاھتون ڇڏيندي، نصيحتون ڪيون ته؛ ٻيلي! ڪير ڪنھن کي ھن محدود ۽ فاني حياتيءَ ۾ مليو ته ڇا نه مليو ته ڇا؟ جنھن کي منزل ملي تنھن کي به راس نه آئي، جنھن کي نه ملي تنھن کي به نه ڌڪاري ڌتاري سگھي ۽ نه ڌوڏي ڇڏيائين. دنيا ھل ھلندن جو ماڳ آھي. ڪير ڪنھن جي لاءِ نه سيڙيو آھي ۽ نه ئي ڪير ڪنھن جي قبر ۾ پيو آھي. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگي آ. مئو آن ته مئو آن، بچو آن ته بچو آن. اردو شاعر چواڻي؛ وھ ھمين نه ملا تو ڪيا ھوا، ڪئي لوگ زندھ ھين محبت ڪئي بغير. اھڙي قسم جا الھ-لوڪ کٽي ويا.
    اھو راز به، حاجي علي سولنگيءَ، دنيا جي ڌڪن ٿاٻن کائڻ کان پوءِ پرائي ورتو ھيو. يتيم ٻار ٿي ڪري پليو پر سڪڻن وانگر، ڪنھن جاءِ کي منزل سمجھي چنبڙي نه پيو. بلڪ راھ جو ننڍڙو پٿر ڄاڻي، کيس ٿڏيندو، ساڻس کيڏندو، وک اڳتي وڌائيندو ويو. ڀڄندو به ويو ۽ رھائيندو به ويو. پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڪوشش به ڪيائين ته ٻين کي پنھنجن پيرن تي بيھڻ ۾ مدد به ڪيائين. سندس نصيب ۾ جيڪي ھيو، سو نيٺ کيس مليو. توقع کان وڌيڪ ڀلو مليو. کٽر مينھن وانگر لت ھڻي، نه پنھنجو ڏڌو ھاريائين ۽ نه ٻيءَ کي کاريائين. نه ھمت ھاريائين ۽ نه بي ھمت ٿي ٻين تي ڀاڙيائين. ھمت مردان، مدد خدا، واري چوڻيءَ تي ڀروسو ۽ عمل ڪري، ھٿ پير ھلائيندو رھيو. نه مايوس ٿيو ۽ نه مايوسيءَ کي ويجھو اچڻ ڏنائين. بلڪ سنڌين چواڻي مايوسيءَ کي گناھ، اڃا به ڪفر، سمجھيائين. جنھن سبب اڄ انھيءَ پنڌ تي پھتل آھي جو ملائيشيا جھڙي ملڪ ۾ ھڪ وڏي فرم جو مالڪ آھي، جنھن ۾ اتان جا مقامي ٻه اڍائي سؤ ماڻھو، ملازمت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
    الطاف شيخ صاحب جن ملڪن بابت سفرناما لکي ٿو، تن بابت اڳواٽ لکيل مواد؛ ڪتاب، نقشا ۽ مضمون وغيرھ پڻ نظر مان ڪڍي ٿو. منجھن موجود معلومات کي، پنھنجي رٿيل پروگرام جي حساب سان پڙھي ۽ تڪي توري ٿو. باقاعدھ نوٽس وٺي ٿو ۽ ذھن نشين پڻ ڪري ٿو. اتي روڊن ۽ رستن، مسجدن ۽ مڙھين، اسڪولن ۽ يونيورسٽين، مشھور تاريخي جاين ۽ پارڪن بابت، پاڻ وٽ نوٽس تيار رکي ٿو. ان ملڪ ۾ موجود، سندس دوست ميزبان يا گائيڊ، کيس ان ڪم ۾ رھبري پڻ ڪن ٿا. ڪن جاين تي ھيءُ کانئن معلومات وٺي ٿو ته ڪن جاين تي کين معلومات ڏيئي عجب ۾ وجھي ڇڏي ٿو، جيئن ھن سفرنامي ۾ حاجي علي سندس ميزبان ته آھي پر گھمڻ وقت ھيءُ سندس گائيڊ آھي، ھو نه.
    ٻاھرين ملڪن ۾، اسان مان گھڻن جو ئي اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. اتان جي رھواسين سان ميل ملاقات پڻ ٿئي ٿي پر انھن بابت ايڏي تفصيل سان ڪالم وغيرھ لکڻ وڏي ڳالھ آھي. اھي ملائيشيا جا ماڻھو، حج دوران اسان سان به مليا ھوندا، ڪي ته ڀاڄڙ دوران پنھنجي عورتن سميت اسان جي ڪيمپ ۾ گھڙي اسان جي بسترن تي اچي آساسي ٿيا ھوندا پر سندن بابت اسان کان سٽ به نه ٿي سپجي. جڏھن ته الطاف ھڪ نظر پوندي، شيءِ يا معاملي جي تھ تائين پھچيو وڃي. ڳالھ مان ڳالھوڙو ٺاھيو ڇڏي. نوٽس ڀلي اسان به وٺون پر اسان کي ٽائيم ۽ فرصت ئي نه ملندي جو انھن کي سلجھائي مضمون گھڙي وٺون. حيرت ان ڳالھ جي آھي ته الطاف اھي نوٽس ڪيئن ٿو وٺي ۽ لکڻ مھل منجھن جزئيات ڪيئن ٿو ملائي. ھڪ دفعو ڏٺل شيءِ کي، ايڏو تفصيل سان بيان ڪرڻ جو ملڪو ھڪڙو علي سفيان آفاقيءَ کي آھي، ٻيو الطاف کي. علي سفيان به جڏھن سرگذشت ۾ سفرنامن جون يادون لکي ٿو يا فلمن جي بيرون ملڪ عڪاسيءَ بابت جيڪي سفري روئداد لکي ٿو، حيران ڪري ڇڏي ٿو. وڏي حيرت ان وقت وٺندي آھي، جڏھن ڏسبو آھي ته ننڍيون ڳالھيون جن تي چڱي ڀلي جي نگاھ نه پوي، تن تي سندس نظر ڪيئن ٿي پوي. فلمي اداڪارن بابت جڏھن يادگيريون لکي ٿو تڏھن ڪھڙي نه شست ۽ سپڪ ٻولي ٿو لکي جو دماغ چرخ ٿيو وڃي ۽ عقل دنگ رھجيو وڃي. ڇا ته ٻنھي ڄڻن جو پوئين وقت ۾ حافظو آھي. اسان کان ھن عمر ۾ ھٿ سان رکيل شيءِ وسريو وڃي، جڏھن ته ھي ھلڪيون ڦلڪيون شيون به ساري سنڀاري، تير پتير وائکيون ڪيو وجھن.
    الطاف به ننڍي ڏٺل منظر کي، ڊگھو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ ٺاھي پيش ڪرڻ جو گُر، خوش اسلوبيءَ سان ڄاڻي. ڪوالالمپور جي اسپتالن ۽ جالانن، مسجدن ۽ پارڪن بابت ڄاڻ ھجي يا اتان جي تن، تنڪو يا تاناح بابت، محلن ۽ شھرن يا ڳائڻن بابت سمجھاڻي ڏيڻي ھجي ته ديسي مثال کڻي مڙني ڳالھين جي منجھيل سٽ کي به سلجھائي، سولي سنڌيءَ ۾ سمجھائي ويندو. شاھ عالم، اسان جي نوابشاھ جھڙو آھي. فلاڻي بس، وڳڻ کان لالو رونڪ ۽ وارھ وھندڙ بس جھڙي آھي. ائين مثال ڏيئي سمجھائڻ جنھن تنھن جو ڪم ناھي.
    ھر محقق ڪتاب پڙھي، نوٽس وٺي پنھنجو مضمون جوڙي ٿو، جڏھن ته الطاف ان تي اڪتفا نه ٿو ڪري. ھر شيءِ کي پنھنجي طبعي اک سان ضرور جاچي جوچي ٿو. ان کي وڃي ڏسي ٿو. ماڻھن سان ڊڪي ملي ٿو. ڏٺل وائٺل سان ته ھر ڪو ملي ٿو، ھيءُ اڻ-ڏٺل سان به ڊڪي ڀاڪرين پوي ٿو. کانئس ڪارائتي معلومات وٺي ٿو ۽ پڙھندڙن سان ونڊي ٿو. اڻ-واقفن بابت به تير پتير احوال لکي ٿو. ائين ناھي ته فقط ڄاڻو سڃاڻو ڳولھي، کانئن حوال وٺي ٿو، پوءِ ڀلي سندن حوال ڪم جا نه ئي ھجن. ھيءُ انھن سان ملڻ جي ڪوشس ڪري ٿو، جن جو احوال پڙھڻ سان پڙھندڙ کي اتساھ ملي. نئين زندگي ملي ۽ حياتي گذارڻ لاءِ نيون راھون ملن.
    جتي مٽيارين ۽ ھالا جي پڙھيل ڳڙھيل ۽ ٻاھر وسندڙ خاندانن جو ذڪر ڪري ٿو اتي روھڙي ۽ پني جا ٻاھر وسندڙ ماڻھو به سندس موضوعِ بحث ضرور آھن. ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ وارو ڀاڻس زبير، سندس ڳوٺائي آھن. جتي انھن جو احوال ڏنو اٿائين اتي، عبداللھ ساند کي به ڳولھي لڌو اٿائين. جنھن جو ھالا نه بلڪ ٽنڊو آدم ويجھو، وھاب شاھ اسٽيشن جي ڀر ۾ ڳوٺ آھي ۽ پاڻ قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آھي. ھن وقت يونيورسٽيءَ جي لاڙڪاڻي شاخ جو انچارج آھي. جتي پنھنجي ڳوٺائي ۽ ننڍي ھوندي جي يار، سائين عبدالرحمان ميمڻ بابت اھو ٻڌائي ٿو ته، ان ملائيشيا جي شاگردن کي ملائيشيا منجھ پڙھايو آھي، اتي لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر گل بليديءَ بابت به خاصي وچور ڏني اٿائين. ان بابت ايڏي معلومات ڪٺي ڪرڻ، آسان ڪم ناھي. اسان جھڙو ماڻھو معلومات وٺندي جتي پيو شرمائيندو ۽ شڪي ٿيندو، اتي الطاف شيخ صاحب وٽ الائي ڪھڙي گدڙ-سنگھي آھي جو ڳالھين ڳالھين ۾ ڳالھين جا اتا پتا به ڪڍيو وڃي. سائين عبدالرحمان مھراڻ يونيورسٽيءَ کي مارشلائي دور کان سنڀاليو ۽ خاصو وقت سنڀاليائين. يونيورسٽيءَ کي موجودھ شڪل ۾ کڻي اچڻ وارو اھو ئي شخص آھي. ساڻس سوين ماڻھن جا ڀلي لکين اختلاف ھجن، پر سندس ڳڻ ته تاريخ به سنھري اکرن ۾ پيئي ڳائيندي. جتي ان ننڍي ھوندي جي دوست جو احوال ڏئي ٿو اتي ڊاڪٽر گل، جيڪو پوءِ جي پود آھي ۽ ھتان وئي چار پنج سال مس ٿيندس، ان بابت ڄاڻ ڏيڻ، بلڪل انصاف جوڳو ڪم آھي. معلومات فراھم ڪندي، اقربا پروري ۽ ياري باشيءَ کي پاسي تي رکي، ڪم جي شين کي ترجيح ڏيڻ، انصاف کي قائم رکڻ ناھي ته ٻيو ڇا ھي؟
    حقيقت اھا آھي ته لاڙڪاڻي اندر مان پنجويھن سالن کان رھان ٿو، مون کي ئي لاڙڪاڻي جي ماڻھن بابت ايتري ڄاڻ ناھي، جيتري الطاف صاحب پنھنجي ھن ڪتاب اندر کلندي کلندي ڏئي ويو آھي.
    بھرحال، ايتري ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ ۽ سھيڙڻ سانڍڻ، مون جھڙن سست ماڻهن لاءِ ڀلي ڏکيو ۽ اھنجو ڪم ھجي پر الطاف شيخ صاحب لاءِ ناھي. رب کيس اڃا ڊگھي ڄمار، سٺو حافظو، ھٿن ۾ طاقت ۽ قلم ۾ مضبوطي ڏئي، جنھن سان ھو ساريءَ سنڌ جي سينڌ سنواريندو رھي.


    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    المنعم لائبرري،
    ۸۹-پروفيسرس ڪالوني، گيٽ نمبر ۲، قمبر روڊ،
    لاڙڪاڻو.


    باب پهريون

    وڏي عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟

    وڏي عمر ۾ سفر ڪرڻ ڪا سٺي يا سولي ڳالهه ناهي. مجبوريءَ جي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ ٻي ڳالهه آهي پر گهمڻ ڦرڻ جي خيال کان پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾ نُوس نُوس ڪرڻ سراسر بيوقوفي آهي ڇو جو جيئن جيئن انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي هن جي جسماني توڙي ذهني سگهه گهٽجيو وڃي ۽ سروس لاءِ دير ٿيل ڪار وانگر هن جو ذهن توڙي جسم ڪيترين شين ۾ missing ڪري ٿو. جواني جي ڏينهن ۾ ٽيهه ڪلو وزني بئگ کڻندي به هلڪي لڳندي هئي ۽ هاڻ 13 ڪلو جي بئگ به ايڏي ڳري لڳي ٿي جو مون سمجهيو ته پڪ 20 ڪلو کان مٿي آهي ۽ ايئرپورٽ تي فالتو وزن لاءِ مون کي ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا. ذهن جو مِسنگ ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته باوجود ڪوشش جي ڪا ڪا ڳالهه رهجيو وڃي يا وسريو وڃي. ڪئالالمپور ڇڏڻ وقت اميگريشن جو ڊپارچر وارو پنو بورڊنگ ڪارڊ واري ڪائونٽر تي ڏنو ته ان جي انچارج موٽائي ڏنو ته اڳيان جڏهن ڪسٽم بعد اميگريشن ڪائونٽر ڪليئر ڪرايان ته انهن کي ڏيان (جيئن ثبوت رهي ته آئون هنن جي ملڪ ۾ آيس ۽ ترسي پوڻ بدران واپس وڃان پيو) پر ايئرپورٽ تي ٺهيل دڪانن جو ڪلاڪ کن چڪر هڻڻ ۽ هڪ هنڌ ڪافي پيئڻ بعد جڏهن اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتس ۽ هو مون کان ڊپارچر ڪارڊ گهرڻ لڳا ته مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هنن جو مطلب ڇا آهي. مون پنهنجي پَر ۾ ته سمجهيو ته آئون سڀ ڪاغذ پٽ ڪليئر ڪرائي چڪو آهيان ۽ هاڻ فقط پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻو اٿم. بهرحال پوءِ ياد اچي ويو ته ”چيڪ ان“ ڪرڻ واري ڪائونٽر تي ويٺل همراهه مون کي اهو واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ مون ان کي پاسپورٽ اندر هٿيڪو رکڻ بدران جئڪيٽ جي ڪنهن کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو. پوءِ چرين وانگر پينٽ ۽ جئڪيٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي، ان ڪارڊ کي ڳولي ورتم ۽ شڪر ڪيم ته اهو ملي ويو نه ته ڌارئين ملڪ ۾ اجائي خواري ٿئي ها خاص ڪري اسان پاڪستانين کي ته تمام گهڻو خبردار رهڻو پوي ٿو جو اسان پاڪستانين وٽ سڀ ڪاغذ پٽ هجڻ جي باوجود اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. بهرحال منهنجو مطلب آهي ته وڏي عمر ٿيڻ سان جسم توڙي ذهن missing شروع ڪري ٿو. پوءِ ڪي missings اهڙيون آهن، جيئن مٿيون مثال، جن جي خبر پوڻ سان احساس ٿيو وڃي ته اسان کان غلطي ٿي وئي پر ڪي شيون اهڙيون آهن جن جي ڪو نشاندهي نٿو ڪري ته خبر ئي نٿي پوي. توهان ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن کي ڏٺو هوندو ته هنن جي پتلون جي زپ کلي پئي هوندي، قيمص جا بٽڻ هيٺ مٿي ٿيل هوندا، ابتو سئيٽر پهريل هوندن.... وغيره. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا پوڙها ماڻهو، خاص ڪري اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جا، سٺ ستر جي ڄمار ٽپڻ بعد به پنهنجي جسماني ۽ ذهني ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪندي پنهنجي بيعزتي محسوس ڪن ٿا. هو پنهنجي مڙسي ۽ همت جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي فخر ۽ تسڪين محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ٻڌڻ وارا به سمجهن ٿا ته ستر يا اسي ورهن جي ڄمار ۾ ”آتش اهو جوان نٿو رهي جيڪو پنجاهه کان هيٺ واري range ۾ هو“.
    بهرحال وڏي عمر واري جي دل ڀلي جوان هجي پر سفر لاءِ جسماني ۽ ذهني سگهه هجڻ ضروري آهي جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته سٺ ستر ٽپڻ بعد به جهاز ته هلائي سگهجي ٿو پر سلينڊر ۽ ڪرئنڪ شافٽ جي ڪئليبريشن (ماپ) ڪير ڪري. وڏي عمر جو پوڙهو به ڪار ته هلائي سگهي ٿو پر ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي آيا هن ۾ همٿ هوندي جو ان ويل جا جئم ٿيل نٽ کولي سگهي ۽ ڊڪيءَ مان اسپيئر ويل ڪڍي بدلائي سگهي؟ ملاڪا کان ڪئالالمپور موٽي رهيو هوس ته منهنجي ملئي دوست مون کي بس ۾ وڃڻ بدران سندس پراڊو ڪار ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن هلڻ لڳاسين ته هن پنهنجي پٽ کي به وهڻ لاءِ چيو. ”خير ۾؟“ مون پڇيومانس. منهنجو مطلب هو ته هو جڏهن پاڻ هلي رهيو آهي ته پوءِ پٽ کي تڪليف ڇو پيو ڏئي.
    ”ان ڪري جو متان رستي تي ٽائر پنڪچر ٿي پوي ته توکان يا مون کان نه نٽ کلندا ۽ نه ٽائر کنيو ٿيندو.“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو.
    ”تنهنجي معنى ته اِنچڪ (عليجناب) به پوڙهو ٿي ويو. هاڻ کڻي مڃ به.“
    ”مڃيندس هرگز نه“، هن پنهنجي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”مون کان اڄ به ڪو عمر پڇندو آهي ته چوندو آهيانس ته ”ماسيح اَدا مُودا... اڃان 80 ورهين کان ننڍو آهيان. کيس ڪڏهن به اهو نه چوندو آهيان ته 67 سالن جو آهيان.“ (Masih Ada Muda – اڃان آهيان جوان)
    بهرحال ڪو پاڻ مڃي يا نه مڃي اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ (ملائيشيا سميت) 67 سال وڏي عمر آهي جتي جي ماڻهن جي سراسري عمر 45 سال مس آهي ۽ وڏي عمر ۾ هر قسم جي سفر کان پرهيز ڪجي. آئون ته حج لاءِ به چوندو آهيان ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڪجي. بلڪه حج لاءِ ته هر ڪو سياڻو ماڻهو اهو ئي چوي ٿو. هن پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جا ماڻهو گهڻو ڪري ننڍي عمر ۾ حج ڪن. ڪيترا ته شادي کان اڳ اهو فرض ادا ڪن يا شادي بعد گهوٽ ڪنوار يڪدم حج لاءِ روانا ٿين. اهي نصيحتون آئون نه فقط ٻين کي ڪريان ٿو پر پاڻ کي به ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سمجهاڻيون ڏيندو رهان ٿو ته وڏي عمر ۾ سفر تي نه نڪرجي. آخرڪار آئون به 67 سالن جو ٿي ويو آهيان. اسان جي ملڪ ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي رٽائرمينٽ ٿئي ٿي پر هيڏانهن ملائيشيا سنگاپور کان نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين ريٽائرڊ ٿيڻ جي عمر 55 سال آهي. هنن اهو ئي تجربو ڪيو آهي ته ذهني يا جسماني ڪم جي بهتر رزلٽ وڌ ۾ وڌ ٻاونجاهه ٽيونجاهه سالن تائين ملي سگهي ٿي ان بعد انسان پٺتي وڃڻ شروع ڪري ٿو. مهاتير جڏهن پنهنجي ملڪ جو وزيراعظم هو ته هن طرفان سڀني سرڪاري آفيسن کي اهي حڪم جاري ٿيل هئا ته ”آفيسن ۾ ڪم لاءِ ايندڙ ڪو به ماڻهو 50 سالن کان مٿي اچي ته ان سان وڌيڪ فضيلت سان ڳالهايو ۽ هن جي ڪم جو اڪلاءَ جهٽ ڪريو جو 50 سالن بعد گهڻو ڪري ڪيترائي ماڻهو بي صبر ۽ جِٽري (چيڙاڪ) ٿيو پون. ان ڪري سرڪاري ڪامورن جو فرض آهي ته هو انهن جو خيال رکن.“
    ڊاڪٽر مهاتير ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي. هن کي ضرور ڄاڻ هوندي ته انسان 50 سالن کانپوءِ تڪڙو تڪڙو بس ٿيڻ لڳي ٿو يعني سندس پوڙهو ٿيڻ لازمي آهي. يورپ جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ اتي جي ماڻهو کي پنجاهه ورهين جو ٿيڻ تي جهوني شهري (Senior Citizen) جو خطاب ملي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 50 يا ان کان مٿي عمر وارن لاءِ ضروري آهي ته هو جيڪڏهن ڌارئين ملڪ ڏي سفر ڪن ته پنهنجو Old Age Travel انشورنس ضرور ڪرائين. انگريزيءَ ۾ پيريءَ (پوڙهائپ) لاءِ چوندا آهن ته:
    Old age creeps upon a person like thief in the night.
    پيري ٻلي پير جڏهن ٿي اچيو ڪڙڪي ته پوءِ ٿي خبر پوي. زباني طرح هو کڻي ڇا به ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو رهي پر هن کي محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ٿوري ئي ڪسرت ڪرڻ يا پنڌ هلڻ سان هن کي ساهه مٿان ساهه (Hard Breathing) ٿيو پوي، هٿن ۾ هلڪي ڏڪاڻ محسوس ٿئي ٿي، رکي رکي ياداشت جو گهٽجڻ ۽ ويسارو شروع ٿئي ٿو. وارن جو اڇو ٿيڻ ۽ چمڙيءَ ۾ گهنج پوڻ ته آهي ئي آهي.
    هونءَ ته شرم کي پرچائڻ لاءِ ۽ پاڻ کي پوڙهو نه مڃڻ لاءِ مرد حضراتن ڪيترائي پهاڪا گهڙيا آهن جن ۾ نه فقط اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪن اچي وڃن ٿا پر انگريز صاحب به، جيڪي هونءَ ته پاڻ کي گهڻو ئي عقلمند سمجهن ٿا ۽ ”مڃڻ مراد آهي“ قول تي سختي سان عمل ڪن ٿا پر پاڻ کي پوڙهو سڏائڻ بدران چوندا اسين ته اڃان جوان آهيون.
    A person is as old as he feels.
    يا وري چوندا: مون پنهنجو برٿ ڊي ملهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. سوال آهي ته گهڙيال جي ڪانٽن کي هٿ سان جهلڻ تي ڇا وقت بيهي رهندو؟
    ڪي پوڙها وري چوندا:I am retired but not tired
    يعني اسان پوڙها ٿي ويا آهيون- نوڪري يا جاب کان جواب ملي چڪو آهي، پر ٿڪل نه آهيون. وڏي عمر وارو ٻين ڳالهين ۾ ٿڪل نه هجي پر سفر جوانن کي به ٿڪايو رکي. ان ڪري پوڙهن کي سفر کان، خاص ڪري پرديس جي سفر کان، ونءُ وڃڻ کپي. ان ڳالهه تي گورا (انگريز توڙي يورپي) عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن ٿا. اسان کي ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن تي جيڪي پوڙها گورا نظر اچن ٿا اهي ايڪڙ ٻيڪڙ سمجهڻ کپن. سندن گهڻائي، سهولتون ۽ پئسو هوندي به، سفر تي نڪرڻ بدران پنهنجي شهر جي سامونڊي ڪناري تي سڄو سڄو ڏينهن گذاري ڇڏڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهن ٿا.
    هڪ انگريز پوڙهي مائيءَ جو قصو مشهور آهي ته هوءَ جڏهن جوان هئي ته هن کي پرديس گهمڻ جو ڏاڍو شوق هو. سفر لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ لاءِ هوءَ ڇا ڪندي هئي جو هر مهيني ڪجهه پئسا گڏ ڪري لاٽري جي ٽڪيٽ خريد ڪندي هئي پر هن جي لاٽريءَ جو ڪڏهن به نمبر نه کليو. پوڙهي ٿيڻ تي به هوءَ عادت کان مجبور ٿي مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪندي رهي ٿي.
    سندس پاڙيسري ٻڌائين ٿا ته هوءَ سٺ جي پيٽي ۾ هئي ته هڪ ڏينهن اوچتو هن جي لاٽري نڪري آئي. پئسن ملڻ جو ٻڌي خوشيءَ جو هن کي ايڏو ته شاڪ رسيو جو هن جي دل بيهي رهي ۽ گذاري وئي. کيس صدمو ان ڳالهه جو رسيو ته هن عمر ۾ جڏهن هوءَ سفر جي لائق نه رهي آهي ته هن جي گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست ٿيو آهي. پوڙهيءَ تان کلندي سندس هڪ پاڙيسريءَ چيو ته ”هن جي الله ٻڌي ۽ هن کي يڪي وڏي سفر تي بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي گهرائي ورتو“.
    جوانيءَ ۾ رٿيل پروگرام موجب مون به 50 سالن جو ٿيڻ تي پرديس جي سفر کان پري رهڻ چاهيو ٿي، بلڪه ان تي سختي سان عمل ڪر ڻ چاهيو ٿي، پر لڳي ٿو ته داڻي پاڻيءَ جو به اثر رهي ٿو. نه چاهيندي به سفر جو ڪو سبب نڪريو اچي ۽ پوءِ ڪڏهن شوق ته ڪڏهن مجبوريءَ خاطر، ڌارئين ديس کان وڃيو نڪرجي. ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ ته ڪڏهن ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. سفر جي همٿ نه سارڻ تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، شوڪت نظاماڻي يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ جهڙو ڪو خدا جو ٻانهو نڪريو اچي جيڪو انڊيا هجي يا ايران، دبئي هجي يا سنگاپور، سڄي سفر ۾ منهنجي لاءِ رهنمائي ۽ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ هر سفر بعد هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوي ٿو ته هاڻ ٻاهر نه نڪرندس. بهرحال هينئر ملائيشيا مان جو ٿي آيو آهيان ته سفرنامون ته ضرور لکندس.


    باب ٻيون

    ملائيشيا ۽ ان جي ماڻهن بابت لکي سگهيس

    ملائيشيا جي مختلف بندرگاهن ۾ ڏهه سال کن جهاز هلائڻ دوران اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. ان بعد ڏهه سال ملائيشيا جي هڪڙي شهر ملاڪا ۾ رهي نوڪري ڪئي. هي ستر ۽ اسي وارو ڏهو هو. تن ڏينهن ۾ نه هو انٽرنيٽ ۽ نه وري ٽيليفون جو اڄ جهڙو سولو ۽ سستو نظام جو جڏهن دل چاهي پنهنجي ملڪ دوستن ۽ مائٽن سان خبر چار ڪري سگهجي. ملائيشيا ۾ ڪجهه پنجاب ۽ سرحد پاسي جا هم وطن رهيا ٿي پر اهي سالن کان هتي Settle هئا. سندن والدين انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ اهي هتي ئي ٽڪي پيا. ڪيترن ته هتي جي ملئي ۽ چيني عورتن سان شادي ڪئي ۽ سندن اولاد هتي جي ئي تهذيب ۽ ثقافت ۾ سموئجي ويو. ڪجهه منهنجا هم زبان سنڌي هندو به نظر آيا ٿي جن جا مختلف شهرن ۾ دڪان ۽ واپار وڙا هئا. هنن مان ڪجهه انڊيا جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ آيا هئا ۽ ٻيا ان کان به ٽيهه چاليهه سال اڳ هتي اچي رهيا هئا ۽ ڪيترن جي ٻي ٽهي (جنريشن) هلي رهي هئي. هنن سنڌي ضرور ڳالهائي ٿي پر هنن سان ملڪ جي موجوده حالتن بابت خبر چار ٿي نٿي سگهي جو هو به اسان جي مسلمان پنجابين ۽ پٺاڻن وانگر اڻڄاڻ هئا. دل چوندي هئي ته انگلنڊ ۽ عرب ملڪن وانگر هتي به اسان جي ملڪ جا ماڻهو نوڪرين ۽ پورهئي لاءِ ايندا رهن جيئن هنن سان خبر چار ۽ ميل ملاقات ٿيندي رهي پر منهنجي هوندي، سواءِ اسان جي سفارتخاني ۽ پي آءِ اي جي آفيس جي، ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي پاڪستاني نوڪري يا تعليم لاءِ نظر آيو ٿي.
    تعليم لاءِ ته ملائيشيا ڪو اهڙو سڻائو ملڪ به نه هو. خود ملائيشيا جا شاگرد ميڊيڪل، انجنيئرنگ يا ٻين فيلڊن ۾ يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا ۽ ويندي انڊيا پاڪستان ويا ٿي. تڏهن ته اسان کي جهاز راني جي تعليم ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ مئريٽائيم اڪيڊمي (اڪيڊمي لائوت ملائيشيا ALAM ) کولڻ لاءِ چيو ويو، جيئن ملائيشيا جا نوجوان پاڪستان، انڊيا يا آسٽريليا وڃڻ بدران هتي پنهنجي ئي ملڪ ۾ پڙهن. ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ مون پنهنجن ڪالمن ۾ ملائيشيا بابت تمام گهڻو لکيو جيئن اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي ملائيشيا جي ترقي جي خبر پوي ۽ اسان جا ماڻهو انگلنڊ، يورپ ۽ عرب ملڪن ڏي رخ ڪرڻ سان گڏ هيڏانهن به اچن، جتي جي موسم سٺي آهي، امن امان آهي، عربن يا انگريزن وانگر اسان کي گهٽ سمجهڻ بدران هتي جا مڪاني ماڻهو اسان کي لک عزتون ڏين ٿا. پر ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي دماغ تي، انهن ڏينهن ۾ انگلنڊ ۽ آمريڪا ئي ڇانيل هو. اهو ته پوءِ جڏهن ملائيشيا ۾ هر شيءِ ريڊيو ٽي وي کان ڪپڙو گندي ۽ ڪارون ٺهڻ لڳيون ۽ ٻاهر ايڪسپورٽ ٿيڻ لڳيون ته دنيا جون اکيون کليون ته ملائيشيا مسلمان ملڪ هوندي به ڄٽ، بيوقوف ۽ پٺتي پيل ناهي. مون کي ياد آهي ته نوي جي شروع وارن سالن ۾ عرب توڙي اسان وٽ پاڪستان ۾ ملائيشيا جون ٺهيل شيون خريد ڪندي سڀ ڊڄندا هئا ته هي ملڪ جيڪو جنگلن ۽ جانورن کان مشهور آهي ان جون اليڪٽرانڪ جون ٺهيل شيون ڪهڙيون هونديون. خريدار جڏهن ڪنهن شيءِ جي اگهه جي ڳالهه ڪندو هو ته دڪاندار ساڳي شيءِ ملائيشيا جي ڏيکاري چوندو هو ته گهٽ اگهه تي پوءِ هيءَ وٺي وڃو جيڪا هوبهو ان جهڙي ۽ Sony (يا سانيو) جي ٺهيل آهي پر ’ميڊ ان ملائيشيا‘ آهي. ڪيترا دفعا آئون ڏسندو هوس ته خريدار ملائيشيا جي شيءِ خريد ڪندي ڊڄي ويندو هو. هو وڌيڪ پئسا ڏئي ساڳي شيءِ Made in Japan واري وٺندو هو. پر آئون ڳچ عرصو ملائيشيا ۾ رهي اچڻ ڪري سمجهي رهيو هوس ته ائين هرگز ناهي. ملائيشيا جي شيءِ جو به ايترو ئي اُتم معيار آهي جيڪو جپان جي شين جو آهي. ڇو جو جپان پنهنجين ڪمپنين: سيڪو، نئشنل، سانيو، سوني، ياشيڪا وغيره جو نالو بدنام نه ڪندو ۽ هو پنهنجين ڪمپنين جي نالن واريون شيون انهن ملڪن کان ٺهرائيندو جيڪي جپانين جي معيار تي پورا اچن . ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ رهي اهو به ڏٺم ته هو جيڪا به شيءِ ٺاهين ٿا يا ڪو ڪم ڪن ٿا ته ان جو معيار بلند رکن ٿا. جهازراني جي هنن نيول اڪيڊمي کولي ته شروع شروع ۾ سندن شاگرد گهٽ پاس ٿيڻ لڳا. سندن جهازران ڪمپنيون ڌڙاڌڙ جهاز خريد ڪنديون ويون. اسان پڙهائيندڙن ۽ امتحان وٺندڙن پنهنجن اعلى عملدارن کان پڇيو ته ”ڇا ان صورت ۾ هو اهو ته نه چاهيندا ته اسان گهٽ سختي ڪري سندن شاگردن جو ڪجهه وڌيڪ تعداد پاس ڪريون.“ مون کي حيرت ٿي ته هنن اهو ئي چاهيو ته اسان ڪنهن سان به نرمي نه ڪيون، جيئن شاگرد پنهنجو معيار وڌائين ۽ وڌيڪ محنت ڪري بين الاقوامي اسٽئنڊرڊ تي اچن. ”مڙيئي خير آهي جيڪڏهن اسان کي ايندڙ ڏهن سالن تائين پنهنجا جهاز هلائڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا انجنيئر ۽ نيويگيٽر گهرائڻا پوندا پر اهو آهي ته هڪ ڏينهن جڏهن اسان جا پنهنجا نوجوان تيار ٿيندا ته اسان کي فخر محسوس ٿيندو ته هو اعلى معيار جا آهن.“ هڪ ملئي وزير مون کي دل جو حال ٻڌايو هو.
    ملائيشيا اسان وانگر هڪ زرعي ملڪ آهي، شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙي اٿن پر اها حقيقت آهي ته هو هر ڳالهه چڱي طرح ۽ اعلى معيار جي ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ 1980ع تائين به ڪٿي هئا وڏا تعليمي ادارا؟ پر اهو آهي ته ڳوٺن ۾ به جيڪي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول هئا انهن ۾ تعليم جو معيار بلند هو. منجهن وقت جي پابندي هئي ۽ هر سبجيڪٽ جو ڪتاب پهرين صفحي کان آخري تائين پڙهايو ويو ٿي ۽ هڪڙو ئي سليبس هو، چاهي اهو اسڪول ٻهراڙي ۾ هجي يا ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو جهڙن شهرن ۾. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هر ٻار لاءِ اسڪول وڃڻ ضروري هو. اسان واري نيول اڪيڊمي ملاڪا کان 40 کن ڪلوميٽر پري هڪ اهڙي علائقي ۾ هئي جتي ٽن طرفن کان سمنڊ ۽ هڪ طرف کان گهاٽو ٻيلو هو. بيهڪ ۾ ائين سمجهو ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو هو. پر مون ڏٺو ته اتي جا سئو سيڪڙو ٻار، جن جا والدين مهاڻا ۽ هاري هئا، اسڪول ويندا هئا. ڪنهن ٻار جي ڪجهه ڏينهن گسائڻ تي به قانون مطابق هن جي پيءُ کي 3 ڏينهن جيل اچي ويندو هو. اڄ ٽيهارو سالن بعد ڏسان پيو ته انهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جا انهن ڏينهن جا ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان آهن. ملاڪا ضلعي جي هڪ ٽائون مسجد تاناح پهچي مون کي هڪ ڏورانهين ننڍڙي ڳوٺ (ڪمپونگ آئر ليمائو)۾ وڃڻو هو. مون سان گڏ ميرپورخاص جو ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ ٽنڊوڄام جو سعيد ٽالپر به هو. سوڙها رستا ڏئي ان ڳوٺ جي ان گهر ۾ پهتاسين جنهن ۾ اسان جي اڪيڊمي جو مالهي رهيو ٿي جنهن جا ٻار منهنجي ٻارن جا ڪلاس ميٽ هئا. اهو معلوم ڪري خوشي ۽ حيرت ٿي ته هن جي هڪ ڌيءَ بئريسٽر آهي ۽ ٻي ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ پٽ ڊاڪٽر آهي!
    ”توکي هاڻ پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت نه پوندي هوندي جو هاڻ ٻار ڪمائين ٿا.“ مون پاڻ کان وڏي عمر جي مالهيءَ کي چيو.
    ”انهن کان اڄ به وٺڻ بدران کين ڏيان ٿو.“ مالهيءَ کلندي جواب ڏنو.
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    هن ٻڌايو ته سندن علائقي ۾ پنج سال اڳ ڳوٺ جي وڏيري اليڪٽرانڪ جي فئڪٽري لڳائي آهي جنهن ۾ هو پئڪنگ جو ڪم ڪري ٿو. ”بس وندر جي وندر، ڪم جو ڪم. هر مهيني ٽي هزار کن رنگٽ (پاڪستاني 80 هزار روپيه ) مليو وڃن جن مان ڪجهه پنهنجن ڏهٽن پوٽن کي به ڏيان.“ هن ٻڌايو. منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي حڪومت توڙي اتي جي وڏيرن ۽ سياستدانن جي اها به سٺي ڳالهه آهي ته تعليم سان گڏ هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ پڪا رستا ۽ ڪارخانا لڳرائي ڇڏيا آهن جن ۾ ويندي ڳوٺ جا پوڙها ۽ پوڙهيون پنهنجي وت آهر ڪو ڪم ڪن ۽ چار پئسا ڪمائين. ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ جتي ڀاڄي ڀتي ۽ ميوو، چانور، اٽو ۽ کنڊ اسان کان به سستي آهي اتي ٽي هزار رنگٽ تمام وڏي ڳالهه آهي. اسان وٽ تعليم ۽ ڪارخانا نه هجڻ ڪري ڳوٺن جا غريب پوڙها دوا درمل لاءِ به واجهائين ٿا ۽ سندن اولاد وٽ به ڪجهه ناهي جو هو خود بيروزگار آهن.
    ڏٺو وڃي ته ملائيشيا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملڻ وقت، سڄي ملڪ ۾ ڪو ورلي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج هو. سندن پراڻي ۾ پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ آهي سا به يونيورسٽي جي حيثيت ۾ 1960ع کانپوءِ وجود ۾ آئي. اڄ ڏسو ته هر قسم جي تعليمي ادارن جو سڄي ملائيشيا ۾ ڄڻ ته ڄار وڇايو پيو آهي. جتي ڪٿي يونيورسٽيون نظر اچن ٿيون جن ۾ نه فقط سندن شاگرد پر دنيا جي انيڪ ملڪن جا ٻار اعلى تعليم لاءِ هتي اچن ٿا. بقول ڪئالالمپور جي UCSI يونيورسٽي جي ڊپٽي وائيس چانسلر ــــ اسان جي ڳوٺائي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند جي، ”ڪو زمانو هو جو ملائيشيا جا اسان وٽ پڙهڻ ٿي آيا اڄ اسان جي ملڪ جا شاگرد هتي پڙهڻ اچن ٿا.“
    واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر روز ملائيشيا جي يونيورسٽين ۽ اسپتالن ۾ اسان جي شاگردن ۽ پروفيسرن جو تعداد وڌندو وڃي. اسان جي ڳوٺ جي انجنيئر ڊاڪٽر لياقت ميمڻ وانگر ڪيترائي اهڙا پاڪستاني ملندا جن ملائيشيا جي يونيورسٽين مان M.Sc. به ڪئي ته Ph.D به. سو بهرحال ڪو زمانو اهڙو هو جو پنهنجي هم زبان ۽ هم وطن سان ملڻ لاءِ پيو سڪبو هو پر هاڻ جهڙوڪر ملائيشيا جي هر شهر ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا ڊاڪٽر، پروفيسر، انجنيئر ۽ سائنسدان نظر اچن ٿا. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ هالا جا ئي اڌ درجن ٿيندا جن ۾ پروفيسر لڇمڻ ۽ ڊاڪٽر لياقت کان علاوه دل جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر (ڪارڊيالاجسٽ) شڪيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر زينت الله جمالي به آهي. ويندي هڪ ڇوڪري اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر خير محمد ميمڻ جي ڌيءَ اِرم به آهي جيڪا هتي Ph.D ڪري رهي آهي. نه رڳو ملائيشيا جي هن حصي ويسٽ ملائيشيا ۾ پر ايسٽ ملائيشيا (بورنيو ٻيٽ) جي سباح ۽ سراواڪ رياستن ۾ به ڪيترائي پاڪستاني آهن، جن ۾ اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجن عقيل ميمڻ پڻ آهي. هن دور ۾ جي هتي هجان ها ته ڪنهن هم وطن يا هم زبان ڳولڻ ۾ مون کي ڏکيائي نه ٿئي ها. پر اهو فائدو ضرور ٿيو جو وقت پاس ڪرڻ لاءِ يا سوشل زندگي گذارڻ لاءِ مون کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ٿيو، جنهن ڪري هتي جي ملئي زبان توڙي ملئي ڪلچر ۽ ثقافت جي ڄاڻ ٿي ۽ پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن بابت لکي سگهيس.


    باب ٽيون

    دنيا جي مشهور يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد

    اخبارن لاءِ ڪالم ته آئون اڳ ۾ به لکندو هوس، پر اها خبر نه پوندي هئي ته ڪو پڙهي به پيو يا نه. پڙهندڙن کي منهنجي ٺام ٺڪاڻي جي به خبر نه هئي، پر جي ڪنهن کي هئي ته خط موڪلڻ جو طريقو فقط پوسٽ ذريعي هو، جيڪو بيحد مهانگو رهيو آهي. ان ڪري ورلي ڪو خط ملندو هو. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن ۾ انٽرنيٽ ايڏي عام ٿي وئي آهي جو منهنجو ڪالم پاڪستان جي سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ يا ملائيشيا ۽ سئيڊن جي انگريزي اخبار ۾ ڇپجي ٿو ته سڄي دنيا ۾ پڙهندڙن تائين Net ذريعي پهچيو وڃي ۽ پڙهندڙن جا ان بابت رايا، تنقيد ۽ درستيون به مون تائين يڪدم Email ذريعي پهچيو وڃن. مون ڏي ايندڙ انهن ئي اِي ميلن مان مون کي ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنين جي خبر پوندي رهي ٿي. هو مون سان ملڻ لاءِ اڪثر لکندا رهن ٿا ۽ انهن ئي اي ميلن مان اهو معلوم ڪري مون کي حيرت ٿي ته ملائيشيا جي فقط هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي پترا ملائيشيا“ ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جا 18 کن شاگرد Ph.D ڪري رهيا آهن يا نوڪري ڪري رهيا آهن.
    1970ع ڌاري جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو ڪئالالمپور جي بندرگاهه ”پورٽ ڪلانگ“ ۾ آيو هو ته هيءَ يونيورسٽي تن ڏينهن جي ٽنڊوڄام واري ائگريڪلچر ڪاليج کان به ننڍي ”ائگريڪلچر ڪاليج سلينغور“ نالي ڪاليج هئي. هن ڪاليج کان علاوه، ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ملايا“ جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر ۾ به زراعت پڙهائي وئي ٿي. ملائيشيا جي فقط هيءَ يونيورسٽي (يونيورسٽي ملايا) انگريزن جي ڏينهن کان آهي. هن يونيورسٽي جي 2006ع کان وٺي هتي جي پهرين عورت پروفيسر، رافعه سليم، وائس چانسلر آهي. هن آئرلينڊ جي ڪئينس يونيورسٽي مان قانون (Law) ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ هوءَ هن يونيورسٽي جي لا فيڪلٽي جي ڊين ۽ ”بئنڪ نغارا ملائيشيا“ جي گورنر به رهي چڪي آهي. هوءَ ڪجهه عرصو يونائٽيڊ نئشنس (UNO) ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل به هئي. پاڻ هن وقت 63 سالن جي آهي. ”يونيورسٽي ملايا“ جا اڄ ڪلهه ٽي ڪئمپس آهن. ٻه ڪوالا لمپور (K.L) ۾ ۽ هڪ ڪيلنتان رياست جي نيلم پوري شهر ۾. يونيورسٽي جو موٽو آهي: علمو پُنچا ڪيماجوئان (Ilmu Punca Kemajuaan) يعني ”علم ترقي جو ذريعو آهي“. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ C لکيو وڃي ٿو. ملئي علم کي علمُو ۽ وقت کي وقتُو سڏين ٿا.
    ڪيماجوئان دراصل Maju لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڌڻ“ ۽ ماجو لفظ جي اڳيان Ke ۽ آخر ۾ An هڻڻ سان ان جي معنيٰ ”واڌارو“ يعني ترقي ٿئي ٿو. ملئي جي بنيادي (Root) لفظن ۾ اڳيان Ke، Bel، Di، Pel، Peng، Ter، Menga ۽ آخر ۾ an، ۽ Kan ملائڻ سان مختلف لفظ ٺهن ٿا، جيئن اسان وٽ لفظ ”سچ“ مان سچو، سچار، سچائي، سچيت وغيرهه ٺهيا، تيئن ملئي لفظن جي اڳيان پويان، مٿيان اکر ڳنڍي، مختلف لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي ملئي زبان ڏکي لڳي ٿي پر اها ڪا ڏکي ناهي. ملائيشيا ۾ ٻن سالن کان مٿي ايندڙ هر شاگرد توڙي نوڪري ڪندڙ کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پهرين ٽن مهينن ۾ ڪجهه ملئي زبان ضرور سکي وٺن. ائين ڪرڻ سان هنن کي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۾ مزو ايندو. هتي نموني خاطر مٿئين فارمولا مطابق هڪ ملئي لفظ اَجار “Ajar” (معنيٰ پڙهاءِ، سيکار) مان ٺهندڙ ڪجهه لفظ لکان ٿو:
    Ajaran= پڙهائي
    Belajar= پڙهڻ
    Mengajar= پڙهائڻ
    Diajarkan= پڙهايو ويو
    Pelajar= پڙهندڙ (شاگرد)
    Pengajar= پاڙهيندڙ (ٽيچر)
    Terpelajar= پڙهيل ڳڙهيل (علم وارو، عالم)
    Pelajaran= سبق، نصيحت

    بهرحال پاڻ ملائيشيا جي سڀ کان پراڻي ‘يونيورسٽي ملايا‘ جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن مان هتي جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پڙهي نڪتيون آهن، جيئن ته ملائيشيا جو ٻيو وزيراعظم تن عبدالرزاق (هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد)، مهاتير محمد، سنگاپور جو اڳوڻو وزيراعظم لي ڪئان يو، ملاڪا جو هاڻوڪو گورنر محمد خليل يعقوب وغيره. سو 1971ع ۾ هن يونيورسٽي جي Faculty of Agriculture ۽ سلينغور وارو ائگريڪلچر ڪاليج ملائي ”يونيورسٽي پرتانين ملائيشيا“ يعني ائگريڪلچر يونيورسٽي ٺاهي وئي، جنهن کي پوءِ 1997ع ۾ وڌائي ”يونيورسٽي پُترا ملائيشيا“ نالو رکيو ويو. هي نالو ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج جي مانَ ۾ رکيو ويو ۽ هيءَ يونيورسٽي فقط UPM به سڏجي ٿو. منجهس شروع ۾ بنيادي طرح فقط ٽي فئڪلٽيون رکيون ويون:
    Faculty of Agriculture
    Faculty of Forestry
    Faculty of Veterinary Medicine and Animal Science
    ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر يونيورسٽي جي هن وقت مون کي خبر ناهي، پر ملائيشيا جي هن زرعي يونيورسٽي UPM کي، هتي جي حڪومت آسمان تي کڻي پهچايو آهي ۽ ملائيشيا جي چئن ريسرچ يونيورسٽين مان هڪ آهي. هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي. (ملائيشيا جون باقي ٽي ريسرچ يونيورسٽيون هن ريت آهن: يونيورسٽي ملايا UM، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا USM ۽ يونيورسٽي ڪَئبنگساآن ملائيشيا (UKM.
    ملائيشيا جي هيءَ ائگريڪلچر يونيورسٽي UPM (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ڪئالالمپور شهر جي ڏکڻ واري علائقي سرڊانگ ۾ آهي. سرڊانگ ڪنهن زماني ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته مُنو صدي کن اڳ هتي گهاٽو جهنگل هو. ڀر واري شهر ”سُنگائي بيسي“ ۾ ڪميونسٽن جي باهه ٻارڻ ڪري تن ڏينهن جي انگريز سرڪار 1952ع ۾ ڪجهه چينين کي سُنگائي بيسائي مان لڏرائي هتي سَر ڊانگ ۾ رهڻ لاءِ پَٽُ ڏنو جن جهنگل جي ڪٽائي ڪري پنجاهه کن جهوپڙيون اڏيون. ويندي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ هن ڳوٺ جي ڪا خاص اهميت نه هئي جو ملاڪا کان ڪئالالمپور ايندي ويندي اسان جو سرڊانگ مان گذر ٿيندو هو. پر هن ڀيري هتي اچڻ سان دماغ ٿو چڪرائجي ته هي ڳوٺڙا ڇا ماڊرن شهر ٿي ويا آهن. خاص ڪري ڀروارو نئون اڏيل شهر ”پُترا جايا“ به ڏسڻ وٽان آهي. پُترا جايا نالو به ”تنڪو عبدالرحمان پُترا الحاج“ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ رکيو ويو آهي. ڪئالالمپور کان توهان بس ذريعي سرڊانگ پهچي سگهو ٿا. ”سرڊانگ“ انگريزن جي رکيل نالي کي بدلائي هاڻ نئون نالو ”سري ڪيمبانگان“ رکيو ويو آهي.
    يونيورسٽي پُترا ملائيشيا (UPM) ۾ زراعت جي مختلف برانچن ۾ ڊپلوما ۽ ڊگري ڪورس ٿين ٿا ۽ هتي جي شاگردن کان علاوه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا اٽڪل ٻه هزار کن شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته سنڌ جي هڪ ڏتڙيل ضلعي دادو جي هڪ غريب ڳوٺ جوهيءَ جو هڪ نوجوان حفيظ بابر هن يونيورسٽي جي شاگرد يونين UPMISA (يونيورسٽي پترا ملائيشيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن) جو صدر آهي. پاڻ نه فقط پهريون سنڌي پر پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي هتي جي مڪاني ۽ غير ملڪي شاگردن صدر چونڊيو آهي. سندس واسطو هتي جي فئڪلٽي آف ائگريڪلچر جي Land Management ڊپارٽمينٽ سان آهي. حفيظ ٻٻر جو جنم 8 آگسٽ 1969ع تي جوهي جي پرائمري اسڪول ٽيچر سائين گل محمد ٻٻر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ اڄ ڪلهه Soil Fertility ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. هتي اچڻ کان اڳ هو ٽنڊوڄام جي ائگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ زرعي ڪيمسٽ هو.
    ڊاڪٽر حفيظ ٻٻر کان علاوه ٽن ٻين شاگردن جا نالا جيڪي هن وقت ذهن ۾ اچي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن: احمد تنيو جيڪو هتي PhD ڪرڻ لاءِ اچڻ کان اڳ ٽنڊوڄام يونيورسٽي ۾ سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. ڊاڪٽر احمد تنيو جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي. پاڻ در محمد تنيو صاحب جو فرزند ۽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ مريد تنيو جو رهاڪو آهي. سندس ڄم جي تاريخ 15 جنوري 1970ع آهي. منهنجي خيال ۾ سندس زال به هن ئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪري رهي آهي.
    UPM ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪندڙ هڪ ٻيو شاگرد محمد اسحاق مستوئي آهي، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. هو Entomology ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ هو سينئر سائنٽيفڪ آفيسر هو. سندس هڪ ٻيو ساٿي ڊاڪٽر قربان علي پنهور Microbiology ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پاڻ شهدادپور جي ڳوٺ صاحب نظاماڻي جو آهي. هڪ موري جي سيد غلام شبير شاهه صاحب جو فرزند سيد عطا حسين شاهه به آهي، جيڪو ٽنڊوڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ليڪچرر هو ۽ هاڻ UPM ۾ Veterinary Public Health ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.


    باب چوٿون

    پاور ڇڏڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ....

    هونءَ هن وقت منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ارادو نه هو جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هيءَ عمر سفر ڪرڻ جي ناهي ۽ مون به ٻاهر نه نڪرڻ تي پڪي طرح عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. جيتوڻيڪ ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترائي پروفيسر، ڊاڪٽر، بزنس مين ۽ شاگرد قرب ڪري مون کي ڪئالالمپور، اپوح، جوهوربارو، ملاڪا ۽ پيانگ جهڙن شهرن ۾ هنن وٽ گهمڻ لاءِ دعوتون ڏيندا رهيا ٿي ۽ آئون کين هائوڪار به ڪندو رهيس ٿي پر في الحال وڃڻ جو ارادو نه هوم. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو UMT (يونيورسٽي ملائيشيا ٽرنگانو) جي هڪ Ph.D. اسڪالر مير الهداد ٽالپر صاحب سان خط و ڪتابت ٿي. عبرت ۾ ڇپيل منهنجي هڪ ڪالم تي هن مون کي e-mail ڪيو هو ۽ پوءِ موڪلن ۾ حيدرآباد اچڻ تي هن مون کي فون تي به دعوت ڏني ته آئون هن وٽ ٽرنگانو ضرور چڪر ڏيان، جتي سمنڊ جا ڪنارا ۽ خاموشي آهي، جتي جو ماحول ملائيشيا جي K.L (ڪئالالمپور)، اپوح ۽ پينانگ واري پاسي کان بلڪل مختلف آهي. دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته سؤ سيڪڙو صحيح ٿو ڪري. اسان جا ماڻهو گهمڻ خاطر چئن ڏينهن لاءِ ملائيشيا ويندا آهن ته هڪ ڏينهن K.L ۾ هڪ ڏينهن لنگڪوي ٻيٽ تي، هڪ ڏينهن پينانگ ۾ هڪ ڏينهن گنتنگ هاءِ لئنڊ (هل اسٽيشن) تي گذاري چوندا آهن ته اسان ملائيشيا گهمي آياسين. پر آئون اهو چوندو آهيان ته انگريز ۽ يورپي گورا ڀلي ائين ڪن پر اسان پاڪستانين کي جي ملائيشيا جي اصل سونهن ۽ مڪاني ماڻهن جي خبر چار لهڻي آهي ته پوءِ چار ئي ڏينهن ملاڪا يا پينانگ جهڙي هڪ ئي شهر ۾ گذاري ڇڏجن. شهرن ڏسڻ جو تعداد وڌائڻ خاطر ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين بسن ۾ سفر ڪري اڌ کان وڌيڪ وقت روڊن تي وڃائي ڇڏڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ جيڪڏهن توهان اصل ملائيشيا ڏسڻ ٿا چاهيو ته ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) جي ڪناري وارن شهرن ڪئالالمپور، شاهه عالم، اپوح، الور اسٽار وغيره وڃڻ بدران ملائيشيا جي اوڀر وارين رياستن: ڪيلنتان يا ٽرنگانو ڏي هليا وڃو، جتي 90 سيڪڙو مڪاني ملئي ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن رياستن جا شهر ’سائوٿ چائنا سي‘ سمنڊ جي ڪناري تي آهن.
    ڏهه سال کن ملاڪا ۾ نوڪريءَ دوران پڻ، مختلف ملڪن جي جهازران پروفيسرن سان گڏ، موڪلون گذارڻ لاءِ آئون هميشه ٽرنگانو يا ڪيلنتان وڃڻ پسند ڪندو هوس. سو هينئر جڏهن مير الهداد ٽالپر جو ٻڌم ته هو ٽرنگانو ۾ آهي ته دل ئي دل ۾ سوچيم ته هڪ وار ٽرنگانو جو چڪر هڻڻ لاءِ ملائيشيا ضرور ويندس ۽ مير صاحب کي چيم ته سائين توهان دعوت نه ڏيندائو تڏهن به توهان وٽ ته ضرور ايندس. ان کان علاوه مئرين اڪيڊمي (ALAM) جنهن ۾ مون 10 ڏهه سال کن نوڪري ڪئي ۽ جيڪا منهنجي ڏينهن ۾ 1981 ڌاري ملاڪا رياست ۾ کلي هئي، اها هاڻ 30 سالن ۾ وڌي يونيورسٽي ليول جي ٿيڻ تي، ان جو پرائمري ليول وارو حصو هاڻ ٽرنگانو ۾ کوليو ويو آهي. ان اسي واري ڏهي ۾ منهنجي ڏينهن ۾، اسان وٽ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪلارڪ، ٽائپسٽ، ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرا ڇوڪريون جن جون انهن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان شاديون اٽينڊ ڪندا هئاسين ۽ فوٽا ڪڍندا هئاسين، سي هِن وقت اُتي ٽرنگانو جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ رٽائرمينٽ جي عمر (55 سالن) جي ويجهو اچي پهتا آهن. پئان فريده، پُئان روس مالا، پئان حاجا بصرا، پئان سيتي حوا جهڙيون ڪلارڪ ملئي ڇوڪريون جيڪي ان وقت چِڪ فريده، چِڪ روس مالا، چِڪ حوا سڏبيون هيون ۽ شام جي وقت اسان جي گهر پٺيان نيٽ بال اچي کيڏنديون هيون؛ انهن جا ٻار به هاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ بئنڪر ٿي ويا آهن، بلڪه ڪي ته اسان وانگر ڏاڏيون نانيون به ٿي ويون آهن. هو پڻ هاڻ ٽرنگانو ۾ رهن ٿيون ۽ اڪثر اي ميل ذريعي خبر چار لکنديون رهن ٿيون. سندن اسي واري ڏهي جا فوٽو ڪڍي رکيا هئم ته اڳتي هلي سندن ٻارن کي ڏيکاريندس ته توهان جون ڏاڏيون نانيون جوانيءَ ۾ اجهو ههڙيون لڳنديون هيون.
    هتي اهو لکندو هلان ته ٽرنگانو جيڪو انگريزي ۽ رومن ملئي ۾ Terengganu لکيو وڃي ٿو اهو جَوي ملئي ۾، يعني عربي اسٽائيل ملئي ۾ ”ترنغانو“ لکيو وڃي ٿو، جنهن جو سنڌي يا اردو ۾ صحيح اچار ترنغگانو ٿيندو جو اهو دراصل ٻن لفظن ترنغ (معنى ٻهڪندڙ يا روشن) ۽ گانو (معنى انڊلٺ) جو جوڙ آهي. اسان لاءِ بهتر آهي ته هن سفرنامي ۾ ”ترنگانو“ ئي لکون جيتوڻيڪ ترنغانو به صحيح رهندو.
    ملئي جا ڪيترائي لفظ، ان قسم جا آهن جيئن ملائيشيا جي رياست Selangor جيڪا سلينگور به لکي وڃي ٿي ته سلنغور به. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ هڪ لفظ Negara توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. نگارا يا نغارا معنى قومي (National) جيئن بئنڪ نگارا، مسجد نگارا، زو نگارا... وغيره.
    ترنگانو ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي. ملائيشيا جون ٻه رياستون سباح ۽ سرواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن يعني ايڏانهن برونائي پاسي بورنيو ٻيٽ تي آهن. باقي يارهن رياستون مغربي ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. اسان جا ماڻهو گهڻو ڪري ملائيشيا جي هن حصي ۾ اچن ٿا، جتي ڪئالالمپور، جوهربارو، پينانگ ۽ ملاڪا جهڙا شهر آهن. هنن يارهن رياستن مان شروع کان نو رياستن جا مالڪ يا کڻي چئجي ته ”ڌڻي سائين“ سلطان رهيا آهن، باقي ٻه رياستون ملاڪا ۽ پينانگ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ رهيون، بلڪه پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هن پاسي جي ٻين سوين ويران ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل ٻيٽن وانگر هئا، جيڪي انگريزن ملئي سلطانن کان خريد ڪري develop ڪيا. بهرحال ٽرنگانو ملائيشيا جي سلطانن وارن نون رياستن مان هڪ رياست آهي. هنن نون رياستن جا نو سلطان واري وٽيءَ تي سڄي ملڪ ملائيشيا جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. اڄڪلهه جيڪو ملائيشيا جو بادشاهه سلطان ميان زين العابدين آهي اهو 1962ع ۾ هن رياست جي اڳوڻي سلطان محمود المڪتفي بلاه شاهه جي گهر ۾ سندس ٻي زال شريفا نانگ فاطمه کي ڄائو. پاڻ ملائيشيا جو 13 ڊسمبر 2006ع کان تيرهون نمبر بادشاهه آهي.
    سلطان ميزان زين العابدين پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي رياست مان حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه انگلنڊ جي مشهور فوجي اڪيدمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ“ مان تعليم حاصل ڪئي. 1984ع ۾ کيس ليفٽيننٽ طور رايل ڪئولري ۾ مقرر ڪيو ويو. 1988ع ۾ سندس پيءُ جي وفات تي ٽرنگانو جو سلطان مقرر ٿيو. پاڻ ملائيشيا جي سلطانن ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو سلطان مقرر ٿيو ۽ هاڻ 44 ورهين جي ڄمار ۾ هو ٽي نمبر تي ننڍي عمر جو بادشاهه ٿيو آهي. هن کان اڳ ڪيداح رياست جو سلطان تئانڪو عبدالحليم 43 سالن جو ۽ پرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد پترا 40 سالن جو هو ته بادشاهه ٿيا هئا.
    هڪ ٻي ڳالهه ته اڄ جو بادشاهه سلطان ميزان زين العابدين پهريون بادشاهه آهي جيڪو ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ڄائو. هن کان اڳ وارا بادشاهه ملائيشيا کي 1957ع ۾ خود مختياري ملڻ کان اڳ ڄاوا هئا. سلطان ميزان زين العابدين جي راڻي سلطانا نور زهره سان 1996ع ۾ شادي ٿي. ملائيشيا جي هيءَ ٻي راڻي آهي جيڪا هميشه حجاب سان مٿو ڍڪي هلي ٿي. کين چار ٻار آهن، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون: شهزادي نادره، شهزادو محمد اسماعيل، شهزادو محمد معيز ۽ شهزادي فاطمه زهره.
    هونءَ چوندا آهن ته پاور خراب شيءِ آهي. اسان جي ملڪن ۾، خاص ڪري مسلمان ملڪن ۾ هڪ دفعو ڪنهن کي پاور ملي ٿو ته پوءِ مري جان ڇڏي ٿو پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي، گذريل اڌ صديءَ کان ڏسندو اچان ته نمونو ئي نرالو آهي. هيڏو طاقتور بادشاهه (Yang di Pertuan Agong) جنهن جي لفظي معنى بادشاهه سلامت کان به مٿي ٿي...“ هي جيڪو جهان پناهه ٺاهيو ويو آهي“، ۽ عوام هن کي خطاب ڪرڻ وقت “Ke Bawah Duli yang Maha Mulia” چوي ٿو يعني اسان هن عالي حضرت جي پيرن جي خاڪ آهيون (The dust under the feet of His exalted Highness) اهو ملڪ ۽ فوج جو طاقتوارو ماڻهو، پنج سالن جو مدو پورو ٿيڻ تي، چُپڙي ڪري پنهنجي ڳوٺ هليو وڃي ٿو.
    مهاتر محمد، سابق وزيراعظم، چاهي ها ته عوام اڃان به کيس وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ووٽ پيو ڏئي ها پر هو مَتل ميلو ڇڏي گهر هليو ويو ته ڀلي هاڻ نوان ۽ نوجوان سياستدان ملڪ جو ڪاروبار هلائين. هن دفعي سندس ڳوٺ الور اسٽار وڃڻ بدران پُترا جايا ۾ ئي ساڻس ملاقات ٿي وئي. چاق نه هو. ظاهر آهي هو وڏي عمر جو ٿي ويو آهي. فوٽن ۾ لڳي ٿو ننڍو هجي پر هن وقت هو ستاسي سالن جو ٿيندو جو هو 1925 ۾ ڄائو آهي. هتي جا ماڻهو کيس ديوتا ڪري ٿا سمجھن پر پاڻ ائين مليو ڄڻ ڪڏهن وزيراعظم رهيو نه هو. پر ڳالهه اِها آهي ته هو جڏهن وزيراعظم هوندو هو تڏهن به هڪ عام ماڻهو وانگر لڳندو هو. عيد يا نئين سال وارن ڏينهن تي ته سندس گهر جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. امير امراءُ، غريب غربو، هاري ناري هرهڪ ملندو رهيس ٿي. آئون سندس هر وقت فوٽو ڪڍندو هوس. هڪ دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي هندو مالڪ تان سري ڪِشوءَ جي مامي ”وڪيو مل لاکياڻي“ جي گهر هڪ فئملي ڊنر ۾ مهاتر سان گڏ ماني کائيندي مون پنهنجن ٻارن جو فوٽو ساڻس گڏ ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا کي دٻايم ته سيل ختم ٿي چڪا هئا. مون کان وڌيڪ پاڻ پريشان ٿي ويو. لاکياڻيءَ يڪدم پنهنجي ڊاڪٽر پٽ کي ڊوڙايو ته سيل وٺي آءُ ۽ مون هڪ بدران سندس ڪيترائي فوٽو ڪڍيا جن مان ڪجهه منهنجن ملائيشيا جي انهن سفرنامن ۾ آهن جيڪي مون 80ع واري ڏهي ۾ لکيا.
    هڪ سنگاپور جو وڪيل وزيراعظم لي ڪئان يو هو جنهن چورن، ٺڳن ۽ دو نمبر مال وڪڻندڙن جي ملڪ سنگاپور کي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. نه ته ستر وارو ڏهو اهو هو جو اتي جو ماڻهو پاڻ کي سنگاپوري سڏائيندي شرم محسوس ڪندو هو. ان ملڪ کي لي ڪئان يو اهڙو ڪري ڇڏيو جو اڄ سنگاپور جي پاسپورٽ رکندڙ کي آمريڪا جي ويزا جي به ضرورت ناهي. هو فقط ٽڪيٽ خريد ڪري آمريڪا، انگلنڊ جپان وڃي سگهي ٿو. آمريڪا وارا به سمجهن ٿا ته سنگاپور ايڏو خوشحال، ماڊرن ۽ سکيو ستابو ملڪ ٿي پيو آهي جو سندن ملڪ جو آمريڪن آمريڪا ڇڏي سنگاپور ۾ رهڻ کي ته خوش نصيبي سمجهي سگهي ٿو پر هڪ سنگاپوري آمريڪا ۾ ڇو رهي پوي. ان سنگاپور ملڪ جو وزيراعظم جنهن کي پڻ سندس عوام ديوتا ڪري پوڄي ٿو، ان وقت کان اڳ وزارت اعظمى ڇڏي ڏني. عوام پنهنجي محبوب ليڊر کي اڃان وزيراعظم ڏسڻ چاهيو ٿي پر هن کين سمجهايو ته هاڻ ڀلي ڪو ٻيو اچي، باقي منهنجيون صلاحون هر وقت حاضر رهنديون.
    سو ملائيشيا ۾ به نه فقط عوام لاءِ پر بادشاهن لاءِ به قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن، جن تي هو عمل ڪن ٿا. وقت پورو ٿيڻ تي ڦشري ڪرڻ بدران مانَ عزت سان لهيو وڃن. هتي اهو به قانون آهي ته جيڪو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو اهو پنهنجي رياست جو، اهو عرصو سلطان نه رهندو. ان لاءِ هن کي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرڻو پوندو آهي. سو اڄڪلهه هن رياست ترنگانو جو هيڊ (جنهن کي ملئي زبان ۾ Pemangku Raja سڏين ٿا) بادشاهه ميزان زين العابدين جو وڏو پٽ شهزادو اسماعيل آهي، پر جيئن ته هو اڃان بالغ ناهي ۽ فقط اٺن سالن جو آهي سو هن رياست ترنگانو جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سرپرست بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ راجا تنڪو بدرالزمان آهي.
    جيئن اسان وٽ سنڌ، پنجاب ۽ ٻين صوبن جا وزيراعلى آهن تيئن هتي ملائيشيا جي به هر رياست ۾ وزيراعلى آهي جيڪو مينتري بيسار سڏجي ٿو. ترنگانو جي وزيراعلى جي چونڊ هونءَ هن رياست جو سلطان ڪندو رهيو ٿي پر ملائيشيا ٿيڻ بعد (يعني ملايا ۽ سباح ۽ سرواڪ گڏجي هڪ ملڪ ملائيشيا ٿيڻ بعد) وزيراعلى اهو ٿئي ٿو جيڪو اسيمبلي جي اليڪشن ذريعي چونڊجي اچي. 80ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته هن رياست جو وزيراعلى ”تان سري وان مختيار احمد“ هو. اڄڪلهه (مارچ 2008ع کان) داتڪ احمد سعيد آهي. پاڻ 1957ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي سائنس ملائيشيا (USM) جو گرئجوئيٽ آهي.
    هن مضمون جي شروع ۾ پنهنجي ملاڪا جي آفيس جي ڪن ڇوڪرين جي نالن اڳيان چِڪ ۽ پوءِ پُئان لکيو اٿم. ملئي لفظ چِڪ (Cik) ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ Miss چئون ٿا. پئان (Puan) شادي شده عورتن جي نالن اڳيان استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزي ۾ مسز ۽ اسان وٽ بيگم لکيو وڃي ٿو. مرد ڪنواري توڙي شادي شده لاءِ اِنچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. البت پوڙهي مرد يا ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل مولوي يا عالم لاءِ تُئان (Tuan) لفظ استعمال ٿئي ٿو. هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ”C“ جو اکر چ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ ش جي اچار لاءِ “Sh” نه پر “Sy” لکيو وڃي ٿو. جيئن ملئي لفظ ”اشارا“ (پاڻ وارو ساڳيو اشارو لفظ) Isyara لکيو وڃي ٿو.


    باب پنجون

    اسان وٽ ههڙيون عظيم مائرون به آهن....

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ملائيشيا جي ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري واري رياست ترنگانو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جتي جي UMT يونيورسٽي ۾ ميرپورخاص جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”مير شهداد خان ٽالپر“ جو مير الهداد ولد محمد رحيم ٽالپر Ph.D. اسڪالر آهي. هن جي دعوت ڏيڻ تي منهنجي دل ۾ هڪ دفعو وري ملائيشيا وڃڻ جو شوق پيدا ٿيو جو ملائيشيا جي هن رياست جو پنهنجو جادو آهي. ملائيشيا ويندڙن کي آئون هميشه چوندو آهيان ته فرصت ملي ته ترنگانو ۽ ڀرواري رياست ڪيلنتان ضرور وڃو. ترنگانو رياست کي ’دارالامان‘ به سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا جي ڪجهه رياستن جي سلطانن پنهنجن رياستن جا عربي نالا به رکيا آهن، جيئن سلينگور رياست ’دارالاحسان‘ سڏجي ٿي. ڪيداح رياست دارالامان ۽ پهانگ رياست دارالمعمور سڏجي ٿي. ترنگانو رياست جي گاديءَ جو شهر ’ڪئالا ترنگانو‘ آهي. هي شهر ترنگانو نديءَ جي منهن وٽ آهي، يعني جتي ترنگانو ندي سائوٿ چائنا سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي، اتي هي ڪافي آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ رياست سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) جي به قبضي ۾ رهي، جيڪي هن کي ”ترنگ ڪانو“ سڏيندا هئا. ترنگانو رياست جي ايراضي 5 هزار چورس ميل ٿيندي. يعني جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائجي ته اوتري پکيڙ ۾ ترنگانو رياست ٿيندي. باقي آدمشماري ۾ سڄي ملائيشيا ۾ گهٽ ماڻهو رهن ٿا ۽ ترنگانو ۽ ڪيلنتان پاسي ته اڃان به گهٽ آدمشماري آهي. سڄي ترنگانو رياست ۾ هاڻ 10 لک ماڻهو ٿيندا ۽ هوڏانهن اسان وٽ فقط جيڪب آباد جي آدمشماري 15 لک آهي ۽ لاڙڪاڻي جي ته 25 لک آهي.
    ترنگانو رياست ست ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ملئي زبان ۾ دائرا (Daerah) سڏجن ٿا. هتي جي ملئي زبان ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو واري پاسي جي ملئي زبان کان ڪجهه مڙيئي مختلف آهي، جيئن اسان وٽ لاڙي، اترادي ۽ ٿري زبانن ۾ ڪجهه فرق آهي. هيءَ رياست سمنڊ جي اهم روٽ تي هجڻ ڪري صدين کان هتي ڌارين جي اچ وڃ رهي آهي. لکت ۾ ان جو احوال ڇهين صدي کان چيني واپارين ۽ جهازرانن جي ڊائرين مان ملي ٿو. ملائيشيا جي ٻين رياستن وانگر هن رياست ترنگانو ۾ به اسلام جي آمد کان اڳ ماڻهن جو ڪيترين صدين تائين ٻڌ ۽ هندو ڌرم سان واسطو رهيو. هن رياست لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين هتي اسلام آيو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪئالا برانگ شهر ۾ سن 1303 جو هڪ ڪتبو مليو آهي، جنهن تي عربي ۾ لکت آهي.
    ڪئالا برانگ ۽ هن رياست جي گادي واري شهر ڪئالا ترنگانو تان ياد آيو ته پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن جي نالن ۾ ”ڪئالا“ لفظ ائين اچي ٿو، جيئن سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ”ٽنڊو“ لفظ استعمال ٿئي ٿو....ٽنڊوآدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار.... وغيره. تيئن هتي ڪئالا ترنگانو، ڪئالا لمپور، ڪئالا ڪَنگسار، ڪئالا مُودا، ڪئالا بيسار، ڪئالا سُنگائي بارو.... وغيره آهن. ڪئالا (Kuala) ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نديءَ جو منهن“. ڪئالا ترنگانو، ڪئالا ڪنگسار ۽ ڪئالا لنگاٽ معنيٰ ترنگانو، ڪنگسار ۽ لنگاٽ ندين جا منهن. جتي اڄ وارو ڪئالالمپور آهي، اتان هڪ گپ واري ندي لنگهي ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو پيو گپ واري ندي جو منهن. اهڙي طرح مُودا (Muda) معنيٰ جوان، بارو (Baru) معنيٰ نئون، سنگائي (Sungai) معنيٰ ندي جن اڳيان ڪئالا (Kuala) لڳايو ويو آهي. ملائيشيا ۾ گهاٽا جهنگل هجڻ ڪري هڪ سئو سال کن اڳ تائين، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ درياهن ذريعي پهچي سگهبو هو. چوڌاري سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا پيٽ گذر لاءِ مڇيون ماريندڙ يا ويندي قزاق ۽ ڦورو جتي جتي ندي ڇوڙ ڪندي هئي، اتان ان جي منهن وٽان هو اندر گهڙي ايندا هئا. جيئن اسان وٽ سڀ آڳاٽا شهر ندين جي ڪناري تي آهن تيئن ملائيشيا توڙي انڊونيشيا ۽ سنگاپور ۾ آڳاٽا شهر ندين جي منهن يعني ڇوڙ وٽ آهن. سمنڊ کان ايندڙ ماڻهو لاءِ نديءَ جو اهو منهن ٿيو، جنهن مان هو گهڙي اندر اچي ٿو.. انهن شهرن مان ڪيترن جا نالا ڪئالا سان شروع ٿين ٿا.
    1724ع ۾ ترنگانو هڪ خود مختيار رياست جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن جو پهريون سلطان تُن زين العابدين ٿيو، جيڪو ان وقت جي جوهور رياست جي سلطان جو ننڍو ڀاءُ هو. جوهور رياست مغربي ملائيشيا جي بلڪل پوڇڙ تي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جو گادي وارو شهر ”جوهور بارو“ ڪازوي (پُل) ذريعي سنگاپور ٻيٽ سان ڳنڍيل آهي. اوڻيهين صدي ۾ جڏهن ترنگانو جي رياست سيام (ٿائلينڊ) جي ڪنٽرول ۾ هئي ته هن رياست جو سلطان، هر سال سيام حڪومت کي ڏن ڏيندو رهيو. پر اهو آهي ته سيام حڪومت هيٺ ترنگانو ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ خوش حال رهيو. 1919ع ۾ سيامين جو انگريزن سان معاهدو ٿيو، جنهن هيٺ ترنگانو انگريزن حوالي ڪيو ويو. انگريزن پنهنجو انتظام هلائڻ لاءِ رياست جو وڏو سلطان کي ئي رکيو، پر هن کان پنهنجي مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار ذريعي سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي مطابق ڪرايو ٿي. ملئي ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي. کين دٻائي رکڻ لاءِ انگريزن 1928ع ۾ فوجي طاقت استعمال ڪئي. ٻي وڏي جنگ دوران جپانين ترنگانو سان گڏ ملائيشيا جون ٽي ٻيون رياستون: ڪيلنتان، ڪيداح ۽ پرلس سيام (ٿائلئنڊ) وارن جي حوالي ڪيون. جپان جي شڪست بعد هي سڀ رياستون وري انگريزن حوالي ٿيون، پر پوءِ سگهوئي 1957ع ۾ ملائيشيا کي خودمختياري ملي. پاڻ ملائيشيا جي هن رياست ترنگانو جو احوال هتي جي مشهور يونيورسٽي UMT (يونيورسٽي ملائيشيا ترنگانو) جي ڪري ڪڍيوسين، جتي ميرپورخاص ضلعي جي هڪ ڳوٺ جو مير الهداد ٽالپر Aquaculture سبجيڪٽ ۾ Ph.D. ڪري رهيو آهي. هن يونيورسٽي ۾ چار فئڪلٽيون آهن:
    - سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي
    - مئنيجمينٽ ائنڊ ايڪانامي
    - ائگرو ٽيڪنالاجي ائنڊ فوڊ سائنس
    - مئريٽائيم اسٽڊيز ائنڊ مئرين سائنس.
    يونيورسٽي جي چانسلر عورت، هن رياست جي سلطان ۽ هاڻوڪي بادشاهه جي زال ”راڻي تئانڪو نور زهره“ آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي. راڻي سلطانا نور زهره 1973ع ۾ ڪيداح رياست جي شهر الور اسٽار ۾ ڄائي. سندس اصل نالو روزيتا بنت عادل آهي، پر شاديءَ بعد سندس نالو نور زهره رکيو ويو. هن هڪ عام ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ الور اسٽار جي انگريزي اسڪول ”سينٽ نڪولس ڪانوينٽ اسڪول“ مان گريجوئيشن ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جو اڳوڻو وزير اعظم مهاتير بن محمد جو ڳوٺ به الور اسٽار آهي جتي ”محمد“سندس والد صاحب اسڪول ٽيچر هو. مهاتير جو پيءُ ان وقت جي گڏيل انڊيا کان ملايا آيو هو ۽ ماءُ ”وان تيمپاوان“ هتي جي مڪاني ملئي هئي.
    هتي ٻه چار سٽون مير الهداد ٽالپر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي ملڪ جي ذهين شاگردن مان هڪ آهي ۽ هن جي ڪري اسان جي ملڪ جو نالو هن يونيورسٽي ۽ ملڪ ۾ مٿانهون ٿيو آهي ۽ ساڳي وقت هن جي زندگي اسان جي اڄ جي نوجوان شاگرد ۽ والدين لاءِ پڻ سبق آموز آهي.
    مير الهداد ٽالپر نائين جون 1963ع تي ميرپورخاص پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مير شهداد خان ٽالپر ۾ هڪ غريب پورهيت مير محمد رحيم جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ اڃان پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي. الهداد ٻڌايو ته هن جي ماءُ جيتوڻيڪ هڪ ڳوٺاڻي ۽ ايترو ڪا پڙهيل نه هئي، پر هُن هر صورت ۾ چاهيو ٿي ته هن جو اولاد تعليم يافته ٿئي. هوءَ هر وقت الهداد کي علم پرائڻ لاءِ همت افزائي ڪندي رهي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. B.Sc. آنرس ۽ M.Sc. ۾ هن جا سبجيڪٽ ”فريش واٽر بايولاجي“ ۽ ”فِشريز“ هئا. هن ٻنهي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. سنڌ گورنمينٽ جي فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري لاءِ جيڪو 1993ع ۾ ڪميشن جو امتحان ٿيو، ان ۾ به پاس ٿيل اميدوارن ۾ مير الهداد ٽاپ پوزيشن کنئي ۽ اڄ ڪلهه هو ان ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ 1995ع ۾ آمريڪا جي آبرن يونيورسٽي الاباما مان پوسٽ گريجوئيشن ڊپلوما ڪئي، جنهن جو سبجيڪٽ Aquaculture هو. هاڻ گذريل سال کان ملائيشيا جي هن يونيورسٽي UMT مان ساڳي سبجيڪٽ يعني ”اڪئا ڪلچر“ ۾ Ph.D. ڪري رهيو آهي. هن سبجيڪٽ ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون، جهڙوڪ:
    Brood Stock Management of Sea bass
    Water Quality Management
    Live Feed Culture
    Fresh Water Prawn & Crab breeding
    وغيره وغيره.
    مير الهداد ٽالپر جي گهرواري مسز گل نساءِ ٽالپر به هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪميشن پاس ڪيل خاتون آهي. هوءَ سنڌ گورنمينٽ جي پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. اڄ ڪلهه موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ترنگانو آيل آهي جو سندن ٻار به هتي پڙهي رهيا آهن. والدين وانگر ماشاءَ الله سندن ٻار به پڙهائي ۾ نالو پيدا ڪري رهيا آهن. سندن وڏي ڌيءَ ردا بتول ڪئالالمپور ۾ BBA ڪري رهي آهي. سندس مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ به اي ون گريڊ رهيو.
    مير الهداد جا باقي ٻه ننڍا ٻار محمد معظم ۽ شازما زهره جيڪي ملئي زبان Fluent ڳالهائين ٿا، هتي جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا. هنن پڻ سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن سالياني امتحان ۾ هنن پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيو.
    مون مير الهداد ٽالپر کي چيو ته ”اهو سڄو ڪريڊٽ توهان جي والده جو آهي. هوءَ عظيم عورت چئبي، جنهن غربت ۾ ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندي به اڪيلي سر توهان کي تعليم يافته ۽ سٺو شهري بڻايو.“ منهنجو ارادو هو ته هتان ملائيشيا مان موٽڻ وقت مٺي، جهڏو ۽ عمرڪوٽ ويندي رستي تي ميرپورخاص ترسي ملاڪا جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ پنهنجي پيٽارو جي دوست عبدالرزاق ناريجو جي ڳوٺ ۾ وڃڻ سان گڏ، ڳوٺ مير شهداد خان پڻ وڃي مير الهداد ٽالپر جي والده محترمه سان ملندس، پر افسوس جو الهداد ٻڌايو ته هن جو ٽي سال اڳ انتقال ٿي ويو.


    باب ڇهون

    ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو وڌندڙ تعداد

    ملائيشيا وڃڻ جو پڪو پهه ڪري پنهنجي ٽريول ايجنٽ کي ٻڌائڻ لاءِ فون ڪيم.
    ”ڪڏهن ٿا وڃڻ چاهيو؟“ سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ پڇيو. ڪراچيءَ جي هر اهم روڊ تي توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي آفيس نظر ايندي. ڪنهن زماني ۾ اسان جي ماڻهن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ کوڙ نوڪريون هيون. اسان جي ماڻهن جو ڏور اوڀر توڙي عرب ملڪن ۾، يورپ توڙي آمريڪا ۾ مانُ هو. اسان جي ماڻهن جي ولايت ڏي وڃڻ لاءِ پيهه پيهان هوندي هئي ۽ جنهن کي بزنيس جو شوق ٿيندو هو، هو هوائي جهازن جون ٽڪيٽون وڪڻڻ جي ايجنسي کوليندو هو. هاڻ نه اسان لاءِ نوڪريون رهيون آهن ۽ نه اسان جي ماڻهوءَ يا ناڻي جو اهو مانُ رهيو آهي. ٽريول ايجنٽ ڏينهن جو وڏو حصو پنهنجين آفيسن ۾ ويٺا مکيون ۽ مڇر مارين. آئون ۽ منهنجا جهازي دوست شروع کان ولايت يا ملڪ اندر سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ڪرنل محي الدين جي ٽريول ايجنسي کان ٽڪيٽون وٺون. سالن کان سندس آفيسن جو انچارج قادر ڏيسائي، اسان لاءِ ڳولي ڳولي ڪنهن اهڙي هوائي ڪمپني جي ٽڪيٽ ڪڍندو آهي جيڪا مشهور نه هجي، سندس خالي جهاز هوا ۾ آڪٽين ساڙيندا رهندا هجن، يا وڏو ڦيرو ڪري منزل تي پڄائيندا هجن، پر اهو آهي ته ٽڪيٽ سستي ڏيندا هجن.
    اڳئين دفعي ٿاءِ ايئرلائين ۾ ڪئالالمپور ۾ وڃڻ جي ٽڪيٽ جو پڇيومانس ته چوڻ لڳو ته MAS (ملائيشين ايئر سسٽم) ڪمپني جي هوائي جهاز ۾ وڃ.
    ”ڇو ڀلا؟ـ مون پڇيوهئومانس.
    ” هنن ڪئالالمپور ، ڪراچي، ابو ڌابي ۽ واپس ڪراچي کان ڪئالالمپور نئين روٽ کولي آهي. ابو ڌابي کان جهاز خالي پيا موٽن. ڪمپنيءَ ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ تمام سستي ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ڪئالالمپور واري ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون کلي ويون آهن، جن ۾ اڃا ٽوئرسٽ دلچسپي نٿا رکن ۽ هنن مشهوريءَ خاطر پنهنجي ملڪ جي هوائي ڪمپني MAS سان حساب ڪتاب ڪري MAS جي مسافرن کي ٽي ڏينهن راتيون مفت رهائش آفر ڪئي آهي.“
    مون ٿاءِ ايئر لائين جي پچر ڇڏي قادر ڏيسائيءَ جي ڳالهه مڃي. هونءَ به اسان جي ماڻهن لاءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لاءِ جُون ۽ جولاءِ جا گرمي وارا مهينا سٺا آهن، جو انهن مهينن ۾ هوائي جهاز ۽ هوٽلون خالي نظر اچن ٿا. ڇو جو يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو اونهاري ۾ پنهنجن ملڪن ۾ ئي خوش ويٺا آهن. هو فقط سياري جي موسم ۾ پنهنجن ملڪن جي سخت سرديءَ ۽ ٿڌين هوائن کان بچڻ لاءِ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جو رخ رکن ٿا. اهو ائين آهي جيئن اسان جا ماڻهو اونهاري جون موڪلون ملهائڻ لاءِ ڪوهه مري ۽ گلگت پاسي جو رخ ڪن ٿا. سو هن دفعي، ٽريول ايجنٽ قادر ڏيسائي جي پڇڻ تي ته آئون ملائيشيا ڪڏهن وڃڻ چاهيان ٿو، يڪدم ٻڌايومانس ته ”جُون جي پهرئين هفتي ۾.“
    ”بهتر آهي هي ٻه مهينا نه وڃو.“ هن چيو.
    ”ڇو ڀلا مفت جي هوٽل نه ملي سگهندي ڇا؟“ مون کلندي چيومانس جيتوڻيڪ هينئر مون کي هوٽل جي ڪمري جي ضرورت به نه هئي. پنهنجي ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جا ملائيشيا ۾ ايترته رهن ٿا جو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪنهن وٽ رهجي، ڪنهن کي جواب ڏجي.
    ”مفت ۾ هوٽل جو ته هاڻ سوچي به نٿو سگهجي، ويندي ٽڪيٽ تي به هي ٻه مهينا لاٿ ناممڪن آهي.“ ڏيسائيءَ ٻڌايو.
    ”ڀلا ملائيشيا جي هوائي جهاز ۾ نه ته ٿائلينڊ يا سري لنڪا جي؟“ مون پڇيو.
    ”سائين سڀني جو اهو حال آهي.“ ڏيسائي چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”اسڪولن ۾ موڪلون هجڻ ڪري هرڪو ملائيشيا پاسي وڃڻ ٿو چاهي. ان کان علاوه عربن جي به اوڏانهن ڌُم لڳي پئي آهي.“ هن چيو.
    ”پوءِ مون لاءِ هينئر وڃڻ اهڙو ضروري ناهي.“ مون چيو مانس، ”ٽڪيٽ سستي ٿيڻ جي شوق ۾ آئون آڪٽوبر ۽ نومبر تائين به انتظار ڪندس.“
    ”انهن ڏينهن ۾ آئون توهان کي اوترن پئسن ۾ جپان تائين ٽڪيٽ وٺائي ڏيندس، جيترن ۾ هينئر ڪراچيءَ کان ڪئالالمپور جي آهي.“ قادر ڏيسائيءَ چيو.
    ”اهو ته ڏاڍو سٺو. ويندي وقت ڪئالالمپور ۾ لهي پوندس ۽ هفتو کن ملائيشيا جو چڪر هڻي پوءِ اوساڪا هليو ويندس. پر قادر ڀائي اوساڪا کان واپسي تي ڪئالالمپور ۾ ٻاهر نڪرڻ ته نه ڏيندا. 24 کن ڪلاڪن بعد جيڪا ٻي اڏام آهي، ان جي انتظار لاءِ ڪئالالمپور جي هوائي اڏي (KLIA) واري هوٽل جو خرچ ايئر ڪمپني ڏيندي يا نه؟“
    ”سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو. ڪو وقت هو جو ملائيشيا جي هوائي ڪمپنيءَ کي ڪنهن پڇيو ڪونه ٿي. هاڻ هو اسان کي نٿا پڇن. پر جپان کان واپسي تي ڪئالالمپور ۾ فلائيٽ لاءِ انتظار ڪرڻ واري هڪ ڏينهن لاءِ، هوٽل ۾ فقط رهائش جو وائوچر وٺرائي ڏيندس، باقي مانيءَ جو نه ملي سگهندو.“
    ”ان جو فڪر نه ڪر. ان لاءِ گهران مٺي ماني پچرائي پاڻ سان کڻي نڪرندس.“ قادر کي چيم ۽ پوءِ آهستي پڇيومانس ته ائين ڀلا ڇو آهي.
    ”سائين ماٺ اٿانوَ ڀلي. ايران ۽ عرب ملڪن جا ٽوئرسٽ ان ايئرپورٽ واري هوٽل جي ڊبل مسواڙ ڏيڻ لاءِ به تيار آهن جو هنن کي سستي ٿي پوي. ان ڪري هوٽل جو پئسن سان به خالي ڪمرو سولو نٿو ملي. آئون توهان لاءِ هينئر کان ڪوشش ڪريان ٿو.“
    ڏيسائيءَ سچ ٿي چيو. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ سالن کان ٿورا گهڻا ٽوئرسٽ آيا پئي، پر نائن اليون واري آمريڪي واقعي کان پوءِ عرب دنيا جا ماڻهو هڪ طرف اچڻ لڳا آهن ته ماڊرن سهولتن جي ميسر هجڻ ڪري يورپ پاسي جا ٻئي طرف اچڻ لڳا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته تاريخي ۽ قدرتي سونهن جون شيون ته اسان جي ملڪ ۾ به آهن، پر ملڪي يا غير ملڪي ماڻهو گهمڻ لاءِ اوڏانهن وڃن ٿا، جيڏانهن هنن کي امن امان ۽ سهولتون ميسر ٿين ٿيون. ماڻهو گهر ڇڏي ٻئي شهر يا ٻئي ملڪ ۾ وڃي پئسو خرچ ڪري ٿو ته سڪون ۽ خوشيءَ خاطر. اسان وٽ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي ۽ اروڙ جهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن، جن سان دنيا جي تاريخي شين سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر امن امان جي صورت خراب هجڻ ڪري ڌاريون يا مڪاني ماڻهو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري. اپر سنڌ ۾ ته ججن جهڙا سرڪاري ڪامورا به اغوا ٿيو وڃن، اتي ڪهڙو عام ماڻهو گهمڻ لاءِ نڪرندو. مٺي، عمرڪوٽ پاسي وري به امن امان جي صورت بهتر آهي ته فرق ڏسو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان ماڻهو اوڏانهن گهمڻ لاءِ وڃڻ شروع ٿيا آهن.
    ڪجه سال اڳ تائين اسان جي ملڪ جا پئسي وارا ماڻهو، اونهاري جي موڪلن ۾ ٻارن کي وٺي پاڪستان جي اترانهن علائقن ۾ گهمڻ لاءِ ويندا هئا، پر هاڻ دهشت گردي، بمباري ۽ اغواگيري ڪري ماڻهن اوڏانهن به وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. اتي جا دڪان ۽ هوٽلون خريدارن کان خالي ٿيا پيا آهن. سٽي ٽريول جي انچارج قادر ڏيسائيءَ ٻڌايو ته اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سَرندي وارا پاڪستاني هاڻ موڪلن ۾ ملائيشيا وڃڻ لڳا آهن. هنن هاڻ ڪوهه مري، اسلام آباد، ڪالام، ائبٽ آباد، گلگٽ، اسڪردو وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ڪير پنهنجو پئسو خرچ ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهندو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽوئرزم مان ملڪ کي فائدو رسي ٿو. ڌاريا ماڻهو جڏهن گهمڻ لاءِ اچن ٿا ته هو دل کولي پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ مڪاني هوٽل جي مالڪ کان وٺي ٽئڪسي، ٽانگي وارو ۽ سامان کڻڻ وارو مزور چار پئسا ڪمائي ٿو. اسان جي ملڪ جي ٽوئرزم کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار مون کي ٻڌايو ته هو ڌارين ماڻهن کي اسان جو ملڪ گهمڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ ڪجهه اشتهاري ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپڻ چاهين ٿا، جيئن ماڻهن کي اسان جي تاريخي شين جي خبر پوي. مون کان راءِ پڇڻ تي مون اهو ئي چيومانس ته ان قسم جي اشتهاربازيءَ جهڙيون سڀ شيون پوءِ جون ڳالهيون آهن. توهان پهرين امن امان جون حالتون سڌاريو ته ٽوئرسٽ پاڻ ئي اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي بندوبست لاءِ ماڻهو پاڻهي هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهڻ شروع ڪري ڏيندا، جيئن ايران ۽ انڊيا ۾ آهي. گهٽي گهٽي ۾ نيون هوٽلون کليون پيون آهن. شهر جون بازاريون سڄي سڄي رات کليون پيون آهن. عورتون مرد رات جو به اڪيلو سفر پيا ڪن.
    ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن به ان ئي ٿيوري تي عمل ڪيو آهي. ملائيشيا کي ٽِن (قلعي)، مڇي، پام آئل ۽ رٻڙ مان وڏي ڪمائي آهي، ان هوندي به هو سمجهن ٿا ته ٽوئرزم به وڏي انڊسٽري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن امن امان جي حالت بهتر کان بهتر رکي آهي. رستن تي پوليس وارو نظر نٿو اچي، پر ملائيشيا جو پوليس کاتو ايڏو طاقتور آهي جو ڏوهاري ورلي ڪو بچي سگهي ۽ ساڳي وقت غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو انصاف آهي. ان ڪري هر اهو ماڻهو جنهن کي قانون لاءِ عزت آهي، اهو بي ڊپو ٿي هلي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ فقط چور، ڊاڪو ۽ لوفر لفنگا ڊپ ۾ رهن ٿا. هتي جي امن امان جي بهتر صورت ڏسي ويندي يورپي ۽ جپاني به ملائيشيا ۾ اچڻ شروع ٿيا آهن. هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ ڪوبه چور، ڌاڙيل، اغواگير، دهشتگير آزاد نٿو ڦري. دڪاندار يا هوٽل وارو کاڌي پيتي جي شيءِ پاروٿي يا خراب نٿو ڏئي. ڇو جو هتي جي امير توڙي غريب کي خبرآهي ته ملڪ ۾ نه فقط قانون آهي پر ان تي سختي تي عمل ٿئي ٿو ۽ ڏوهه ڪرڻ تي ڪوبه قانون جي پڪڙ کان بچي نٿو سگهي. ڏوه موجب ڏوهاريءَ کي سزا ڀوڳڻي ئي پوي ٿي پوءِ هو چاهي وزير جو پٽ هجي يا ڪنهن ڪاموري، رئيس يا نواب جو.
    امير عرب ملڪن ۽ ايران جا ماڻهو هميشه يورپ ۽ آمريڪا پاسي ويندا هئا، پر نائن اليون واري واقعي کان پوءِ هاڻ هنن اوڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي جو هنن اتي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ هاڻ هو ڪيڏانهن وڃن؟ ان جو نعم البدل هڪ ته انڊيا آهي، پر ان کان به وڌيڪ بهتر، ماڊرن، هر سهوليت سان ڀرپور ۽ يورپ جون سِڪون لاهيندڙ ملڪ ملائيشيا آهي. ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ هجڻ ڪري هنن کي جتي ڪٿي حلال شيءِ ملي ٿي ۽ اهو ته مٿي لکي آيو آهيان ته معيار جي لحاظ کان هتي هر شيءِ صاف سٿري ۽ هائجنڪ آهي. ڪوبه ان معاملي ۾ دغا نٿو ڪري سگهي. ائين ته پاڪستان به مسلمانن جو ملڪ هجڻ ڪري هر شيءِ حلال ملي ٿي، پر اخبار پڙهڻ وارن کي اها به ڄاڻ آهي ته اسانجي ملڪ ۾ ٻاڪري ۽ ڳائي گوشت جي نالي ۾ ڪتن، گڏهن ۽ مئل وهٽن جو به گوشت هلايو وڃي ٿو ۽ ڏوهاري رشوت ڏئي آزاد به ٿيو وڃن.
    اڳئين دفعي ملائيشيا ويو هوس ته ان وقت به عرب ٽوئرسٽ نظر آيا ٿي، پر هاڻ ته تمام گهڻا نظر اچن ٿا. اڪيلا، فئملين سان، ويندي اڪيليون عرب ۽ ايراني عورتون به نظر آيون. اهو سڀ ان ڪري جو هنن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ هنن کي ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ هنن کي هتي جي کاڌن پيتن مان ته ڪا بيماري نٿي لڳي سگهي، پر مليريا ۽ ٽائفائيڊ جهڙي بيماري به نٿي ٿي سگهي جو اهڙين بيمارين جا هنن جراثيم ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. عرب ٽوئرسٽن جي گهڻائي ڏسي ملائيشيا وارا پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جون اڏامون عرب ملڪن ڏي وڌائيندا رهن ٿا. هونءَ جيڪو سندن جهاز ڪراچي کان موٽي ويندو هو، اهو هاڻ ابوڌابي تائين هليو وڃي ۽ مسافرن سان ڀرجي موٽي ٿو. ايندڙ مهيني کان هو رياض سعودي عرب لاءِ هفتي ۾ ٽي اڏامون شروع ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه دمام ٻه ۽ جدي چار اڏامون اڳهين ويون ٿي. دبئي کان ته روزانو اچي وڃي ٿي.
    ڪيترائي عرب ملائيشيا ۾ نه رڳو گهمڻ لاءِ پر بزنيس ۽ پراپرٽي خريد ڪرڻ لاءِ به اچن ٿا. ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ چوڌاري نيون نيون عمارتون ٺهي رهيون آهن. ڪوڙين جي ملهه برابر، جهنگلن وارين زمينن مان هتي جي حڪومت وڏو پئسو ٺاهي رهي آهي. عمارتون ٺهڻ تي هتي جا واڍا، رازا، دڪاندار، چوڪيدار سڀ روزگار کي لڳا پيا آهن. عرب هونءَ انگلينڊ ۽ ترڪيءَ ۾ گهر ٺهرائيندا هئا، هاڻ ملائيشيا ۾ ٺهرائڻ لڳا آهن. اهڙن گهرن ۾ هو سال جو مهينو اڌ فئملي سان يا اڪيلو اچي گذارين ٿا. ملائيشيا جي حڪومت ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ٺهرائي رهي آهي، جن سان عربن جي دلچسپي وڌي. ڪئالالمپور جو بڪت بنتانگ وارو علائقو شروع کان سهڻو رهيو آهي. اهو ٽوڪيو جي گنزا ۽ نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر جو ڏيک ڏئي ٿو. اتي سنگائي وانگ پلازا، بڪت بنتانگ پلازا ۽ اسيتان (Isetan) شاپنگ ڪامپليڪس به آهي. هن هنڌ تي، جتي جالان بڪت بنتانگ (روڊ) کي هتي جو هڪ ٻيو مشهور روڊ (جالان) سلطان اسماعيل ڪراس ڪري ٿو اتي جالان (شاهراهه) برنگان وٽ هتي جي عرب اسٽريٽ آهي، جنهن جي شروع ۾ ڪمانون (Arches) ٺهيل آهن، جن جي مٿان عربيءَ ۾ ”عين عربيه“ لکيل آهي. هتي جي ملئي دوست ٻڌايو ته Arabs Come here to dine, shop and meet ظاهر آهي، هن هنڌ تي عربن لاءِ پنهنجي ملڪ وارو ماحول بڻائي ڏنو ويو آهي. عربي گانا پيا هلن، هوٽلن جا عربي نالا جن تي عربي ڊش تيار ٿي رهيا آهن. فارچونا هوٽل جي ڀرسان هڪ عربي اسٽائيل جي هوٽل ”صحرا ٽينٽ ريسٽورنٽ“ نظر اچي ٿي، جنهن جي ٻاهران عربي ۾ نالو ”مطعم خيمه الصحراءَ“ لکيل آهي. هوٽل جي ڀرسان عربي اسٽائيل جو باغيچو پڻ آهي. ريسٽورنٽ جي ٻاهران حُقي (شيشه) ڇڪڻ جو بندوبست پڻ رکيو ويو آهي. اهي عرب عورتون جيڪي اڪيليون اچن ٿيون ۽ پڙدو ڪن ٿيون، انهن لاءِ هوٽل ۾ کائڻ پيئڻ جو الڳ بندوبست ٿيل آهي.
    هڪ ٻي ”العرب ريسٽورنٽ“ هڪ يمني عرب کولي آهي، جنهن ۾ يمن جا کاڌا Serve ڪيا وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ ڪئالالمپور جي خوبصورت علائقي ائمپنگ ۾ جيڪا تربوش (Tarbush) ريسٽورنٽ آهي، اها به هڪ عرب جي آهي. بهرحال ملائيشيا کي اهو فائدو رسي ٿو ته سندس ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو اهڙين هوٽلن، دڪانن ۽ ڪاروبارن ڪري روزگار کي لڳيو وڃن. هڪ ملئي بورچيءَ ٻڌايو ته ان ريسٽورنٽ تربوش جون KL (ڪئالالمپور) ۾ هڪ کان وڌيڪ برانچون آهن. پر سڀ کان گهڻا عرب هن ائمپنگ واري ريسٽورنٽ ۾ اچن ٿا. KL جي ڪيترن شاپنگ سينٽرن ۽ مسجدن ۾ جتي عربن جي گهڻائي آهي، اتي ايران جي ”زم زم ڪولا“ پڻ وڪامندي نظر اچي ٿي. بهرحال ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي سياڻي حڪومت دنيا جي مختلف ماڻهن کي (خاص ڪري امير ماڻهن کي) ملائيشيا گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ هنن جي دلچسپي جون شيون پيدا ڪيون آهن. ايتري قدر جو پنهنجي ملڪ جي مسجدن کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ شهر شهر جي مندرن، ٽِڪاڻن، گرجا گهرن، پگوڊائن کي وڌائڻ سان گڏ سهڻو بڻايو آهي، ان ڪري نه رڳو مختلف ملڪن کان هندو، سک، عيسائي ۽ ٻُڌ وغيره ملائيشيا ۾ اچي پنهنجن عبادت گهرن کي ڏسي خوشي محسوس ڪن ٿا، پر ملائيشيا ۾ رهندڙ مختلف مذهبن جا ماڻهو به فخر محسوس ڪن ٿا ۽ هنن کي پنهنجي حڪومت لاءِ دل ۾ پيار ۽ عزت پيدا ٿئي ٿي.


    باب ستون

    ڪئالالمپور ۾ ڪٿي رهجي

    هونءَ ته ملائيشيا ۾ منهنجو پروگرام فقط ٽرنگانو رياست ۾ وڃڻ جو هو جتي ڏينهن ٻه، مير الهداد ٽالپر وٽ رهڻ جو ارادو هو. سستي ٽڪيٽ جي شوق ۾ آئون 3 مهينا ڪراچيءَ ۾ انتظار ڪندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ۾ ڏينهن ٻه ترسڻ بدران سڄو هفتو ترسڻ جو پڪو پهه ڪري ۽ ٽريول ايجنٽ کي به ان بابت ٻڌايم جيئن هو ان موجب اڳواٽ بُڪنگ ڪري سگهي، جو ان کانپوءِ مون کي مهينو کن اڳتي اوساڪا (جپان) ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ رهڻو هو.
    ملائيشيا ۾ هفتو کن رهڻ جو پروگرام ٺاهڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچڻ لڳس ته ايترا ڏينهن ڇا ڪندس ۽ جن سان ملڻو هجي انهن سان فون رستي اڳواٽ پروگرام ٺاهجي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ هڪ ته سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ شاگرد رهن ٿا جيڪي مونسان ملڻ لاءِ باربار اي ميل ڪندا رهيا ٿي. مون به انهن مان ڪجهه جيڪي ڪئالالمپور ، شاهه عالم، سريمبان ۽ ملاڪا جهڙن ويجهن شهرن ۾ رهيل آهن، انهن سان ملي سندن احوال لکڻ چاهيو ٿي. ٻيو انهن ملئي دوستن سان ملڻ جو ارادو رکيو ٿي، جن سان نوڪري دوران، مون ملاڪا ۾ ڏهه سال کن گڏ گذاريو هو ۽ ٽي نمبر تي اهي ملئي ليکڪ، شاعر ۽ سياستدان هئا جيڪي منهنجا هم عمر هئا ۽ جن سان ملائيشيا ۾ نه فقط نوڪري دوران پر ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ملاقاتون ٿيون ٿي. هاڻ ڪراچيءَ ۾ ويهي مون انهن مان ڪن کي اي ميل ته ڪن کي فون ڪرڻ شروع ڪيا. هر هڪ مون وانگر رٽائرڊ ۽ واندو هو. هنن مان ڪجهه نه فقط پاڻ ملڻ لاءِ آتا هئا پر هنن چاهيو ٿي ته آئون سندن ٻارن سان به ضرور ملان جيڪي مختلف شهرن ۾ مختلف نوڪرين ۾ آهن. ظاهر آهي اهي ٻار جيڪي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ ڄاوا، اهي هاڻ ٽيهارو سالن جا ٿي ويا ۽ سندن شاديون به ٿي ويون. آئون به سڀني کي ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو رهيس پر پوءِ جڏهن ويجها ڏينهن آيا ته مُنجهي پيس ته آءٌ ڀلي کڻي ملائيشيا ۾ هفتو کن هوندس پر جيترن ماڻهن سان، مختلف شهرن ۾ يا ڪئالالمپور جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃي ملڻ لاءِ واعدا ڪري ويٺو آهيان، انهن سڀني سان ملڻ ناممڪن ڳالهه آهي. خاص ڪري MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جي هِن اڏام ۾ اسان ڪراچي جي مسافرن جو ڪئالالمپور ۾ پهچڻ وارو پهريون ڏينهن ته ضايع ٿيو وڃي.
    ملائيشيا جي هيءَ اڏام ڪراچيءَ مان رات جو 12 بجي ڌاري نڪري ٿي ۽ 6 ڪلاڪن بعد ڪئالالمپور ۾ اتي جي مڪاني وقت موجب صبح جو 9 بجي ڌاري پهچي ٿي. (ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي) يعني اها سڄي رات اوجاڳي ۾ گذري ٿي ۽ ماڻهو ڳري مَٿي ۽ سُڄل اکين سان ڪئالالمپور ۾ لهي ٿو. هونءَ 6 ڪلاڪن جو چڱو وڏو سفر آهي ۽ جهاز جي مٿي چڙهڻ سان ڪئبن عملو مسافرن کي يڪدم ماني Serve ڪرڻ ۽ ٿانوَ ٿپا کڻڻ جو ڪم ٻن ڪلاڪن اندر لاهيو ڇڏي. ان بعد مسافرن کي چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ مليو وڃن. پر اهو ساڳيو جهاز جي اولهه طرف ويندڙ هجي ها ته جهاز لهڻ تائين اوندهه هجي ها پر ملائيشيا اوڀر ۾ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد يعني اسان وٽ پاڪستان ۾ رات جا ٽي آهن ته جهاز برما ٽپي وڃي ٿو جتي ان وقت صبح جا 6 ٿيڻ ڪري روشني ٿيو وڃي ۽ جهاز ۾ 300 کن مسافرن مان ڇهه ست اهڙا مٿي ڦريل ٿين ٿا جو ايئرهوسٽس جي منٿ ميڙ ڪرڻ تي به دريون بند نٿا ڪن ۽ سج جي تيز روشنيءَ ۾ باقي مسافرن جو سمهڻ محال ٿيو پوي.
    مون ڪئالالمپور ۾ لهي ڪنهن اهڙي گهر ۾ رهڻ چاهيو ٿي جتي پنهنجي بئگ، جپان جي ٿڌ ۾ پائڻ جا گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڇڏي، هڪ وڳو شولڊر بئگ ۾ وجهي هڪ هڪ ڏينهن جي سفر تي ملاڪا يا اوسي پاسي جي شهرن ڏي نڪري سگهان. ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ڪيترائي آپشن هئا. سڀ کان وڌيڪ روهڙي جي بزنيس مئن غلام علي سولنگي جو گهر هو. ان کان علاوه ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي جو گهر هو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن کان ملائيشيا ويو هو، ڪئالالمپور اچڻ لاءِ وڏي دل سان دعوت ڏئي رهيو هو. مون اهو به چاهيو ٿي ته منهنجي ڪري منهنجي ميزبان کي هروڀرو ڪا تڪليف نه رسي ۽ سندس روزمره جي روٽين يا ڊيوٽي به ڊسٽرب نه ٿئي. منهنجي ملاڪا جي ملئي دوست ابراهيم بن معروپ جي وڏي ڌيءَ ائني جيڪا ملاڪا ۾ اسان وٽ ئي وڏي ٿي ۽ هاڻ گذريل سال پنهنجي مڙس سان گڏ اسان وٽ ڪراچي ۾ هفتو کن رهي وئي هئي ان جو ۽ شادي بعد سندس مڙس ظهير جو هر وقت اهو ضد هو ته اسان هنن وٽ ڪوالامپور ۾ رهندا ڪريون جتي هنن ٻنهي کي ماشاءَ الله وڏي نوڪري آهي. پر انهن وٽ مون رهڻ نٿي چاهيو جو ملئي ماڻهو کائڻ جا شوقين آهن ۽ هو ويتر جو اسان وٽان تازو رهي ويا آهن سو اهو بار لاهڻ لاءِ مون کي به دعوتون کارائيندا ۽ پنهنجي مرضيءَ تي گهمائڻ وٺي هلندا ۽ تڪلف ۾ منهنجي آزادي ختم ٿي ويندي ۽ِ مون کي حيدرآباد جي پروفيسر ادي سعيده بشير چانڊيو جي پٽ عرفان، مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر انعام ڀٽي، لاڙڪاڻي جي پروفيسر صفيه عباسي ۽ هن جي مڙس ڊاڪٽر گل ۽ ٻين سان ملڻ لاءِ ڇڏڻ بدران، ائني پنهنجي ننڍي ڀيڻ جنيتا جيڪا هاڻ بئريسٽر آهي، هن جي ڀاءُ ڊاڪٽر محافظ وغيره سان ملائڻ وٺي هلندي. منهنجو انهن وٽ نه وڃڻ خراب سمجهيو ويندو جو هنن کي ڏٺي ويهه سال ٿي ويا آهن ۽ ائني جن وٽ رهي هن جي مائٽن سان نه ملڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي.
    ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو گهر جنهن ۾ منهنجي مرضي هلي سگهي ٿي ۽ هنن سمجهيو ٿي ته آئون ليکڪ ماڻهو آهيان جنهن کي وڻي ته گهر ۾ ماني کائي يا ٻاهران کائي اچي، اهو يوسف شاهه جو آهي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪئالالمپور ايندو هوس ته هنن جي گهر رهندو هوس يا هو ملاڪا ايندا هئا ته اسان جي گهر اچي رهندا هئا. يوسف شاهه ايئروناٽيڪل انجنيئر آهي ۽ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS ۾ گذريل 30 سالن کان نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس ننڍڙو گهر شهر ۾ اهڙي هنڌ تي هوندو هو جتان بس اسٽاپ به ويجهو هو. کيس پنج ٻار هئا جن مان ٻن جي ته تڏهن ئي، اسان جي هوندي شادي ٿي وئي هئي باقي ٽي ٻار آمريڪا ۽ دبئي ۾ نوڪري ڪن ٿا. منهنجي لاءِ هي گهر ideal هو جتي جنهن وقت موڊ ٿئي پاڻهي ئي چانهه ٺاهي پيئندو رهان. مون يوسف شاهه کي فون ڪيو. هو منهنجو ڪئالالمپور ۾ اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
    ”بس، ايئرپورٽ تان سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ“، يوسف شاهه چيو. ”نئون گهر ورتو اٿم سيمپانگ علائقي ۾ آهي.“
    في الحال مون ها ڪئيمانس پر دل ۾ سوچيم ته هونءَ ته ڏاڍو سٺو پر سندس هي نئون گهر منهنجي ڏانوءَ جو نه ٿيندو، ڇو جو سيمپانگ علائقي مان مون کي هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ ۾ وقت لڳندو.
    ملاڪا جي ڳوٺ ڪئالا سنگائي بارو ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، رهندو هوس ته هڪ پير مرد محمد ابراهيم سان تمام گهڻي دوستي ٿي وئي هئي. هن کي يارهن کن ٻار هئا جن مان وڏا حبيب الرحمان، عبدالرحمان ۽ حيات النساءِ منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هئا. پاڻ پوءِ منهنجي هوندي گذاري ويو پر سندس ٻارن سان اڃان تائين منهنجي عليڪ سليڪ هلندي اچي. هاڻ ته اهي ڀائر ڀيڻون به مون وانگر ڏاڏا ڏاڏيون ٿي ويون آهن. حبيب الرحمان جو مختلف ملڪن ۾ بزنيس آهي سو ان سلسلي ۾ هو جڏهن به ڪراچيءَ مان لنگهندو آهي ته مون سان ضرور ملي ويندو آهي. هن جي ڪئالالمپور ۾ ڪنسٽرڪشن جي وڏي ڪمپني آهي جنهن ۾ ڪيترا يورپ جا انجنيئر ۽ سپروائيزر به ڪم ڪن ٿا. ڪراچيءَ مان مون کيس فون ڪيو ۽ ملائيشيا اچڻ جو ٻڌائڻ بنا پڇيو: ”حبيب تنهنجي ڪمپنيءَ کي گيسٽ هائوس آهي؟“ مون اهو ان ڪري پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪيترين وڏين ڪمپنين کي پنهنجا گيسٽ هائوس آهن. هو جڏهن ولايت جي ماڻهن کي پنهنجين ڪمپنين ۾ نوڪري ڏين ٿا ته شروع جا ٻه ٽي هفتا ان گيسٽ هائوس ۾ رکن ٿا جيسين هنن جي رهائش لاءِ، هنن جي عهدي مطابق، گهر ملي. يا وري سندن ڪمپني جا پراڊڪٽس خريد ڪرڻ وارا غير ملڪي مال جي خريداري لاءِ ملائيشيا اچن ٿا ته هنن کي ڪمپني جي گيسٽ هائوس ۾ رهائيو وڃي ٿو.
    ”نه اسان جي ڪمپنيءَ کي ته ڪو گيسٽ هائوس ناهي.“ منهنجي پڇڻ تي حبيب وراڻيو.
    ”پوءِ ڌارين ملڪن جي ايمپلائرن کي شروع جا ڏينهن ڪٿي رکندو آهين.“ مون پڇيو.
    ”في الحال هوٽل ۾ رهائيندو آهيان جيسين هو گهر هٿ ڪن.“ حبيب الرحمان چيو ۽ يڪدم مون کان اهو پڇڻ جو سبب پڇيو.
    ”يار آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور ۽ ملاڪا ۾ رهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ته پوءِ ڪئالالمپور ۾ اسان جي گهر اچي رهه. پر جي ملاڪا وڃين ٿو ته بابا وارو گهر ته خالي پيو آهي. هتان چاٻي کڻي وڃجانءِ يا ڪمال الرحمان کي فون ڪجان هو سريمبان (ڀر واري شهر) ۾ رهي ٿو، تو کي ِ اچي گهر کولي ڏيندو.“
    ”ٺيڪ آهي ملاڪا ۾ ته توهان جي گهر ۾ وڃي رهندس باقي ڪئالالمپور ۾ ڪنهن ٻئي دفعي ڇو جو هينئر آئون اڪيلو اچي رهيو آهيان سڄو ڏينهن پنهنجي مرضي سان رلندي گذارڻ چاهيان ٿو ان ڪري توهان سان گڏ رهندي easy محسوس نه ڪندس.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ته پوءِ الطاف هيئن ڪر تون امان جي گهر اچي رهجانءِِ. هوءَ هاڻ ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي ۽ کيس اسان ڀائرن اسان جي گهر جي سامهون، روڊ جي هن پاسي گهر ٺهرائي ڏنو آهي. تولاءِ الڳ ڪمرو هوندو. ماني ٽڪي اسانجي گهر پيو کائجانءِ يا نوڪرياڻيءَ کي چئجانءِ.“ حبيب الرحمان چيو.
    مون کي اها ڳالهه وڻي جو حبيب جو گهر وچ شهر ۾ آهي جتان بس يا ٽئڪسي سولي ملي ٿي. سندس وڏو پٽ جڏهن فوج ۾ چونڊيو هو ته هن هي گهر ٺهرايو هو ۽ اسان سندس گهر به ڪيترا دفعا رهيا هونداسين. هاڻ ته سندس ٻارن جا ٻار به شادي لائق اچي ٿيا آهن. ٻي ڳالهه ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن چاچي ابراهيم جي گهر وڃي رهندا هئاسين ته هڪ ڳوٺاڻو ماحول هو. عيد برات سڀ ڀائر ڀينر اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اسان سڀ هڪ ٻي جي حال کان واقف هئاسين. هڪ ٻن ڀائرن جي شادي ٿيل هئي ته انهن جون زالون به ان ڳوٺاڻي گهر ۾ رهنديون هيون ۽ ان ماحول سان هريل هيون. هاڻ ظاهر آهي سندن ٻار به وڏا ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪٿان شادي ڪئي آهي ته ڪنهن ڪٿان ۽ هاڻ انهن نون چهرن سان گڏ رهڻ ۾ مون کي هٻڪ محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال حبيب الرحمان کي چيم ته ”گهڻو ڪري توهان جي ماءُ جي گهر اچي رهندس پر جي نه رهيس ته به هن ڀيري هن سان آئون ضرور ملڻ ايندس پوءِ ٿوري دير لاءِ ئي سهي.“
    حبيب الرحمان جو پيءُ ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ کان اڳ ڏکڻ هندوستان کان ملاڪا ۾ اچي رهيو ۽ سندن والده پئان پوح نالي ملاڪا جي چيني مسلمان آهي. هوءَ هن وقت 88 سالن جي آهي. حبيب الرحمان هر وقت فون تي يا اي ميل ذريعي ٻڌائيندو رهندو آهي ته هن جي طبيعت صحيح نٿي رهي. لٺ تي به ٿورو ٿورو چري پري سگهي ٿي. سو مون هن ڀيري هن سان هر صورت ۾ ملڻ چاهيو ٿي.
    آخر جڏهن منهنجي ملائيشيا وڃڻ ۾ باقي هفتو وڃي رهيو ته مون ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي يا غلام علي سولنگي وٽ رهڻ جو سوچيو. ڊاڪٽر شفيع کان علاوه سندس سالو شوڪت نظاماڻي جيڪو اسان جو پيٽارين آهي مون کي فون ڪندو رهيو ته آئون سندن گهر جي ڀاتيءَ وانگر آهيان سو ڊاڪٽر شفيع وٽ ”شاهه عالم“ (ڪئالالمپور جي ڀرسان شهر) ۾ رهان. شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ۽ ناٺي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ڪلاس ميٽ رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي منهنجي مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر ڪئپٽن اقبال قاضيءَ جو ساٿي ۽ ڪليگ رهيو آهي. ڊاڪٽر شفيع اسان لاءِ بلڪل ويجهي عزيز ۽ دوست جيان آهي پر هو ايڏو ته پرخلوص ۽ پرتڪلف ماڻهو آهي جو هو منهنجي منع ڪرڻ تي به ماني ٽڪي ڪندو رهندو ۽ مون کي گهمائڻ پنهنجو اولين فرض سمجهي، آفيس کان به موڪل ڪري ويهندو. ايتري قدر جو هو مون کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ تي به آيو ٿي. بهرحال آخر ۾ مون هن کي مس مس ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته ٻئي دفعي فئملي سان ايندس ته اچي رهندس. هن دفعي هن جي يونيورسٽي ضرور گهمڻ ايندس. ان بعد مون اهو ئي فيصلو ڪيو ته هن ڀيري غلام علي سولنگي وٽ رهڻ سولو ٿيندو جو هو نوڪري کان آزاد آهي. بزنيس جي خيال کان هو سال جو هڪ هڪ مهينو ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هڪ هڪ ۾ رهي ٿو ۽ ٻارهون مهينو هن گادي واري شهر ڪئالالمپور ۾ رهي ٿو. اتفاق سان منهنجي ڪئالالمپور وارن ڏينهن وارو مهينو هن جو به ڪئالالمپور ۾ آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هو عمر ۾ نه فقط مون کان ننڍو آهي پر منهنجي چئي ۾ به آهي. هن کي آئون مانيءَ لاءِ منع ڪندس ته هو تڪلف نه ڪندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ جڏهن سائين جمال ابڙو صاحب جي فرزند اطهر ابڙو جي گهر ڪئالالمپور ۾ اچي رهيو هوس ته هن مونکي ڏٺو پئي ته آئون ڪيئن مست ملنگن وانگر رهيو پيو هوس. چانهه به پاڻ ئي ٺاهي، ڊبل روٽي تي مکڻ هڻي نيرن کائي نڪري ويندو هوس. اطهر وٽ ٻه گاڏيون هيون. ڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته کيس چوندو هوس نه ته آئون اڪيلو پنڌ ئي پنڌ هلڻ ۾ enjoy ڪندو هوس. اطهر مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو ۽ مون کي مهمان سمجهي ڪو به تڪلف نه ڪندو هو. هو به خوش هو ته آئون به خوش رهيس.


    باب اٺون

    ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون...

    MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جو جهاز ڪراچي کان هميشه رات جو ساڍي يارهين بجي ڌاري ڪئالالمپور لاءِ اڏامي ٿو. اسي واري ڏهي جي آخر ۾ جڏهن MAS وارن ڪراچي لاءِ اڏام شروع ڪئي هئي ته به ڪراچي کان ڇٽڻ جو اهو ئي وقت هو. تن ڏينهن ۾ هيءَ اڏام ايندي توڙي ويندي دهليءَ ۾ به ترسندي هئي پر پوءِ ڪجهه سالن بعد، مسافرن جي وڌڻ ڪري، MAS وارن ڪراچي لاءِ الڳ ۽ دهلي لاءِ الڳ اڏام ڪري ڇڏي. هاڻ ڪجهه سالن کان هيءَ ڪراچي واري اڏام، ڪراچيءَ ۾ مسافر لاهي ابو ڌابي هليو وڃي، جتان موٽندي ڪراچيءَ مان ڪئالالمپور جا مسافر کڻي ٿي.
    ملائيشيا وارن جو پنهنجي پاڙيسري ملڪ سنگاپور سان مقابلو هجڻ ڪري ملائيشيا وارا به سنگاپور وانگر هر شيءِ ۾ وقت جي پابندي کي اهميت ڏين ٿا. ان ڪري ملائيشيا وارن جا جهاز توڙي ريل گاڏيون وقت تي ڇٽن ٿيون ۽ مقرر ٽائيم ۾ اهو سفر پورو ڪري، مقرر وقت تي پهچن ٿيون. ڪئالالمپور هوائي اڏي کان ڪئالالمپور شهر جي مرڪزي اسٽيشن ”ڪي. ايل. سينٽرل“ 80 کن ڪلوميٽر آهي. هوائي جهاز جي مسافرن کي ايئرپورٽ کان ان KL سينٽرل اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ، ”KLIA ايڪسپريس“ ريل آهي، جيڪا سالن کان مقرر وقت، 28 منٽن اندر، ايئرپورٽ کان ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن يا واپس ايئرپورٽ پهچائي ٿي. ان کان علاوه شهر ۾ هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرامون، مونو ريل ۽ بسون مقرر وقت تي، هر اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ تي پهچن ٿيون ۽ ترسڻ جو مقرر وقت پورو ٿيڻ تي روانيون ٿيو وڃن. پر ان ڏينهن يارو، جنهن ڏينهن مون کي ڪراچي مان ڪئالالمپور روانو ٿيڻو هو، شام ڌاري منهنجي ٽريول ايجنٽ جو فون آيو ته مون واري ملائيشيا جي اڏام ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي يعني هاڻ ساڍي يارهين بدران رات جو ڏيڍ بجي ويندي. اهو ٻڌي يقين ئي نه پيو اچي. شام جو اٺين بجي ڌاري ايئرپورٽ فون ڪيم ته جيڪر اها خبر غلط هجي ته ان ئي وقت نڪري پوان. پر ايئرپورٽ وارن به ان جي تصديق ڪئي بلڪه ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ اڃان به وڌيڪ ليٽ آهي ۽ ڪراچي مان ٻي بجي نڪرندي. يعني 3 ڪلاڪ کن اڳ پهچڻ لاءِ گهران يارهين کان اڳ نڪران. ٻئي ڏينهن ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان هو. اهي ئي افواهه هئا ته رات کان ٽرئفڪ بند ڪرائي ويندي. آئون بئگ ۽ ٿيلهو کڻي نڪري پيس. دل ۾ چيم رستا بند ٿين يا نه ايئرپورٽ تي ته پهچي وڃان.
    ايئرپورٽ يا هوائي جهاز ۾ گهڻو وقت ترسڻ تي ڪيترا ماڻهو بور ٿيندا آهن پر منهنجي لاءِ اهو بهترين وقت هوندو آهي. ايئرپورٽ تي سڪون ۽ ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو نه هجڻ ڪري آئون ڪيتريون منجهيل ڳالهيون/يادگيريون سلجهائي، ڪاغذ تي ويٺو لکندو آهيان. ان ڪم لاءِ پنا، پين ۽ پيپر هولڊر هميشه گڏ رکندو آهيان. ڇهه مهينا فيلڊ ٽرپ ۾ ناروي ۽ سئيڊن جي اتراهن بندرگاهن ۾ هوائي جهاز رستي اچڻ وڃڻ دوران، خراب موسم ۾ ڪيترائي دفعا اڏامون 24 ڪلاڪ به delay ٿيون هونديون، پر مون کي هميشه خوشي ٿيندي هئي جو هوائي اڏي تي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جو موقعو ملندو هو، يعني ڪنهن پراڻي سفر جون ڳالهيون لکڻ لاءِ ماٺ مٺوڙو حاصل ٿيندو هو.
    ڪراچيءَ ۾ ٻئي ڏينهن ٿيندڙ هڙتال جي ڊپ ۾ رستا ڪافي حد تائين سنسان هئا. گهر کان ايئرپورٽ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي ويس پر ڪسٽمس، بورڊنگ ڪارڊ، اميگريشن جون منزلون پوريون ڪري انتظار گاهه تائين پهچڻ ۾ ڪافي ٽائيم لڳي ويو. جتي ڪٿي ڪافي ڊگهي قطار هئي. ڊيوٽي ڪندڙ عملو گهٽ هو يا سست هو. هڪ هنڌ انٽيليجنس وارا بيٺل هئا تن مون کي اشاري سان سڏيو ۽ بئگ کولڻ لاءِ چيو. آئون سمجهي ويس ته هي منهنجي ڏاڙهيءَ ڪري شڪيا آهن ته ڪو دهشتگرد آهيان.
    هڪ دفعي ملائيشيا کان سنگاپور ٽوئرسٽ بس ۾ ويندي بارڊر تي پوليس منهنجي هٿ ۾ سائو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي کڻي روڪيو ته تنهنجي چيڪنگ ڪنداسين. انهن ۾ موجود هڪ ملئي آفيسر کان ملئي ۾ پڇيم ته خير ته آهي. ظاهر آهي مون سان گڏ چاليهه کن ٻين ملڪن جا مرد ۽ عورتون هيون انهن مان ته ڪنهن کي به نه روڪيائون. هي ته اهو ئي ڪم ٿيو ته ’ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو.‘ ملئي آفيسر آهستي چيو ”چِگو (ماستر صاحب)! تنهنجي ڏاڙهي ڏسي ڀليا آهن.“ سو انٽيليجنس وارن جو به ڪڏهن ڪڏهن عقل گاهه چرڻ وڃي ٿو. هاڻ ڏاڙهي ته ڪا اهڙي شيءِ آهي ڪا نه جنهن ۾ ڪو بندوق يا بم لڪائي هلي.
    هڪ مولوي صاحب جي سائيڪل جي بريڪ خراب هجڻ ڪري هن جي سائيڪل وڃي ڪنهن عورت کي لڳي. عورت رڙ ڪري چيس ”شرم ڪر ماريا! هيڏي وڏي ڏاڙهي هوندي به سائيڪل کڻي هنئي اٿئي.“
    سائيڪل کي سڌو ڪندي مولوي وراڻيس: ”مئڊم ڏاڙهي ڪا بريڪ ته نه آهي جنهن سان سائيڪل کي بيهاري سگهان؟“
    سو اسان جا انٽيليجنس وارا به رڳو ڏاڙهيءَ کي ڏوهه ڏيو ويٺا آهن. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ڪجهه ملن مولوين جا ڪم به ته اهڙا آهن جنهن ڪري سڀني جو نالو بدنام ٿي ويو آهي. اسان جي بازارين ۾ ڪيترا واپاري خاص ڪري سونارا ۽ ڪپڙي جا دڪاندار فقط ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ ٺڳڻ لاءِ وڏي ڏاڙهي رکرائيندا يا زوريءَ پاڻ کي حاجي يا الحاج سڏرائيندا. جيتوڻيڪ سعودي عرب يا ملائيشيا پاسي هر مسلمان حج ڪري ٿو پر هو ته پاڻ کي حاجي سڏرائي اشتهار بازي نٿا ڪن. اهو وهنوار فقط اسان وٽ آهي.
    ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان وٽ اهڙيون باحرمت شيون ۽ لقب به شڪ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. ايتريقدر جو جڏهن سعودي عرب جي هڪ ڪسٽم آفيسر کي اهو چيم ته ”توهان گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ جي حاجين سان ته سختي نه ڪريو“، ته هن وراڻيو ته ڇا ڪريون توهانجي ملڪ جا نه فقط حاجي مرد عورتون به چرس جي سمگلنگ ڪندي پڪڙيون ويون آهن.
    بهرحال ڪراچي ايئرپورٽ تي انٽيليجنس جي آفيسر جي حڪم تي، بي دليءَ سان پنهنجي بئگ کوليم. بي دليءَ سان ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته بئگ مان سامان ڪڍڻ بعد وري ساڳي سامان کي بئگ ۾ سموئڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. گهر ۾ ته هڪ هڪ شيءِ کي آرام سان سيٽ ڪري رکجي ٿو پر ههڙي چيڪنگ ۾ جتي تڪڙ لڳل رهي ٿي، جلدي ۾ سامان سيٽ ڪرڻ سولو ڪم ناهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هنن همراهن منهنجي بئگ نه فقط مٿي کڻائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي پر چيڪنگ بعد سامان سيٽ ڪري رکائڻ ۾ پڻ. ڪراچي جا ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا هاڻ مڙيئي فضيلت سان ڳالهائين ٿا نه ته ڏهه سال کن اڳ تائين، ڪنهن مسافر سان سٺي طرح ڳالهائڻ جو اسان وٽ فئشن نه هو.
    اميگريشن وقت هڪ نوجوان آفيسر اچي مليو. ”سائين توهان الطاف شيخ آهيو؟“ سندس قميص تي لڳل ٽئگ تي انگريزي ۾ قادري لکيل هو. ”توهان پڪ لاڙڪاڻي جا هوندائو يا حيدرآباد جا“ مون چيومانس.
    ”ڪيئن ٿا چئو؟“ هن پڇيو.
    ”بس يار آئون جيڪي ٽي قادري سڃاڻان ٿو اهي اتي جا آهن.سائين اياز قادري، ٻيو اسان جو پيٽارو جو ٽيچر پروفيسر مدد علي قادري ۽ ٽيون سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو محمد علي قادري.“مون کلندي ٻڌايومانس. هن ٻڌايو ته سائين مدد علي هن جو مائٽ آهي ۽ هو پاڻ به اديب آهي يا ادب جو شوق رکي ٿو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن. هن جي چهري مان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هن کي مون سان ملي خوشي ٿي آهي. پنهنجن آفيسرن سان به منهنجي لاءِ وڏا لقب استعمال ڪري تعارف ڪرائڻ لڳو ۽ منهنجو جلدي جلدي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ چيڪ ڪرائي مون کي يڪدم آجو ڪرايائين. دل ۾ چيم ته ”ڪٿي ڪٿي“ اسان سنڌي اديبن جي به مڙيئي ”ڪجهه ڪجهه“ لئه ٿيو وڃي. وڏا انعام اڪرام کڻي نٿا ملن پر ههڙا قرب ۽ عزتون ته مليو وڃن! افسوس جو هڻ وٺ ۽ ٿڪ ۾ هن صاحب جو سڄو نالو نوٽ ڪري نه سگهيس.
    بورڊنگ ڪارڊ تي گيٽ نمبر 25 لکيل هو جتي پهچي ايئرپورٽ جي عملي کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيم ته جواب مليو ته ”اڃان اڏام جي ئي پڪ ناهي ان ڪري اڃان ڪو Gate مقرر نه ٿيو آهي.“ بهرحال اڃان ڏهه ڪي مس ٿيا هئا. ٻي بجي تائين ته ڪو آسرو نه هو سو هڪ اهڙي هنڌ تي اچي ويٺس جتان دل چاهي ته سامهون ٽي وي به ڏسي سگهجي. في الحال پنا ۽ پين ڪڍي لکڻ ۾ لڳي ويس. رکي رکي ڪنهن کي فون ٿي ڪيم يا ايندڙ فون جو جواب ٿي ڏنم. ملائيشيا ۽ اسان جي وقت ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق هجڻ ڪري اهو اندازو لڳايم ته غلام علي سولنگي، جنهن کي اسان فقط ”علي“ جي نالي سان سڏيون ٿا، پڪ سمهي رهيو هوندو جو اتي رات جو ڏيڍ ٿي چڪو هوندو. ان ڪري فون ڪري هن کي پنهنجي اڏام جي delay جو ٻڌائڻ مناسب نه هو. سو ساڻس فون تي ڳالهائڻ بدران، ميسيج ڪيو ته فلائيٽ اڍائي ڪلاڪ ليٽ آهي. هو اڃان ڪو جاڳي رهيو هو سو يڪدم جواب موڪليائين ته مڙيئي خير آهي. هو منهنجو ڪئالالمپور (ڪي. ايل) سينٽرل اسٽيشن تي انتظار ڪندو.
    ڪجه ڏينهن اڳ، عليءَ وٽ رهڻ جو پروگرام فائنل ڪرڻ کان پهرين هڪ دفعو مون وري به عليءَ کان بي تڪلف ٿي پڇيو هو ته ”علي جيڪڏهن منهنجي اچڻ ڪري تنهنجي روٽين ڊسٽرب ٿي ٿئي ته فرئنڪلي ٻڌاءِ.“ پر هن هر وقت وڏي دل سان چيو ٿي ته ”سائين مون وٽ چار پنج ڏينهن ته ڇا پر چار پنج سال به رهندائو ته به مون کي خوشي ٿيندي.“ بهرحال مون پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري به مطمئن ڪرڻ خاطر پنهنجي سفير دوست ظفر شيخ کي فون ڪيو. ظفر ۽ منهنجو هڪ ئي دور ۾ جپان ۾ ست اٺ سال ملڻ جلڻ رهيو، جڏهن هو ستر واري ڏهي ۾ فارين سروس Join ڪري، ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبسي ۾ آيو هو. ان بعد اسان ڌار ڌار ملڪن ۾ رهياسين پر جڏهن ملائيشيا ۾ منهنجو رهڻ ٿيو ته مون هن کي ملائيشيا بدلي ڪرائي اچڻ يا ٺلهو گهمڻ لاءِ اچي مون وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو چيو ۽ هن کي به ملائيشيا ڏسڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو آئون ملائيشيا ڇڏي ويس ته به هو هر سال ملائيشيا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيو. هو جرمني، الجيريا ۽ آخر ۾ مصر ۽ سوڊان جو سفير ٿيو ۽ 60 سال جي عمر تي پهچي، رٽائرڊ ٿيڻ کي به اچي ٻه سال ٿيا اٿس. گذريل سال، ظفر ملائيشيا گهمڻ جو اوچتو پروگرام ٺاهيو ۽ مون کان پڇيائين ته ”ڪو سڃاڻو هجي ته ان کي پارت ڪر ته آئون ان سان وڃي ملان.“ مون کيس ٻڌايو ته علي اهڙو ماڻهو آهي جيڪو نه فقط سڄي ملائيشيا کان واقف آهي پر قاعدي قانون جو به ڄاڻو آهي. جڏهن ظفر موٽيو ته هو خوش هو. مون کي وري ٽائيم نه ملي سگهيو جو کانئس تفصيلي خبر چار وٺي سگهان پر هاڻ جڏهن منهنجو علي وٽ رهڻ جو پروگرام ٺهيو ته مون ظفر کي فون ڪري پنهنجي دل جو حال اوريو ته منهنجو هن وٽ رهڻ تڪليف ده ته ثابت نه ٿيندو؟
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين“، ظفر چيو. ”منهنجي هن سان پهرين جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي، تنهنجي ريفرنس سان آئون هن وٽ 26 ڏينهن رهي آيس.“
    ظفر ٻڌايو ته هن جو گهر هيٺ مٿي آهي. زال مڙس کان علاوه سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو به رهي ٿو. ”توکي الڳ ٿلڳ مٿين ٽن ڪمرن مان هڪ ڏئي ڇڏيندو، باقي هن وٽ ايئرڪنڊيشنر ناهي.“
    ”ان جي پرواهه ناهي“، مون چيومانس، ”اسان جهاز جي انجڻ روم جا عادي ڪراچيءَ ۾ به ايئرڪنڊيشنر استعمال نه ڪندا آهيون.“
    ”يار ڳالهه اها آهي ته مون کي ايئرڪنڊيشنر بنا ننڊ نه ايندي آهي خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ جتي مينهن پوي ته ڪجهه ڪلاڪ ٿڌڪار نه ته وري ساڳي گرمي“، ظفر چيو، ”سو مون ته اهو سوچيو ته عليءَ وٽ هڪ رات ٽڪي پوءِ هوٽل ۾ وڃي رهندس پر سچ ته عليءَ جو خلوص ڏسي آئون باقي ڏينهن به ان وٽ رهي پيس.“


    باب نائون

    حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه

    ملائيشيا جا هوائي جهاز (MAS) جيڪي هميشه وقت تي اڏامن پر اڄ ڪراچيءَ کان اسان واري جهاز جي اڏام وئي ٿي ليٽ ٿيندي! ٽي وي جي اسڪرين تي ڪئالالمپور ڏي ويندڙ ملائيشيا جي هن جهاز جي اڏام ڪنفرم ٿيڻ بدران Delay ئي ٿيندي رهي. اسان جي جهاز کان پوءِ PIA جي جهاز جي ڪئالالمپور ڏي اڏام هئي، اها به وئي هلي. اسڪرين تي اسان جي اڏام جو وقت 3 ٿي پوءِ 4 بجا صبح ٿيو، مون يڪدم پنهنجي ميزبان عليءَ کي پنهنجي موبائل فون ذريعي نياپو موڪليو ته اسان واري اڏام سمجهه ته 5 ڪلاڪ کن ليٽ پهچندي.
    جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ايئرپورٽ تي ترسڻ يا هوائي جهاز ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه بوريت نٿي ٿئي، پر هن سفر ۾ جهاز جي Delay ڪري مون کي پنهنجي ميزبان عليءَ جو خيال ٿي رهيو هو. اسان کي ڪهڙي خبر ته اڄ هي ڪم ٿيندو. اسان ته سمجهيو ٿي ته ٻين ڪمپنين جون اڏامون ليٽ ٿي سگهن ٿيون، پر سنگاپور، ڪئٿي (هانگ ڪانگ)، امارات (دبئي) ۽ MAS (ملائيشيا) جون هرگز نه. وقت تي اڏام جي پهچڻ جو سوچي به مون عليءَ کي ايئرپورٽ يا K.L سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي، منهنجو آڌر ڀاءُ لاءِ اچڻ کان روڪيو پئي.
    ”ڏس علي اجايو پنهنجي ڪار ۾ پيٽرول ساڙي مون کي ايئرپورٽ تان وٺڻ ڇو ٿو اچين، جڏهن ته ايئرپورٽ تي گيٽ مان نڪرڻ کان اڳ ايئرپورٽ وارن جي KLIA ايڪسپريس ملي ويندي، جيڪا 37 رنگٽن (ملائيشيا جي ڊالرن) ۾ مون کي 28 منٽن ۾ شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن K.L Sentral تي اچي لاهيندي.“
    اڄ کان چار پنج سال اڳ ڪئالالمپور ويو هوس ته علي جالان ڪِلنگ ڏي رهيو ٿي، پر هاڻ هن ٻڌايو ته شادي بعد هو تمن سيجاهتر (Taman Sejahter) ۾ رهي ٿو. ملئي لفظ ”تمن“ جي معنيٰ پاڻ وارو چمن ئي آهي يا کڻي چئجي ته گلشن آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ گلشن اقبال، گلشن فيصل، گلشن حديد يا گلستان جوهر آهي يا حيدرآباد ۾ گلستان سجاد آهي، تيئن ملائيشيا جو هرهڪ شهر تمنن سان ڀريو پيو آهي جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: تمن روسا، تمن ميلاتي، تمن ڊيسا، تمن سيٽياونگسا، تمن مالوري، تمن برونگ، تمن ماتا هري.... وغيره. هي ماتا هري انگريزي فلم وارو نالو ناهي. ماتا هري ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”سڄ“ آهي. جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ ماتا معنيٰ اک ۽ هري معنيٰ ڏينهن يعني ’ڏينهن جي اک‘ آهي. سو ملئي ماڻهن لاءِ ٿيو سج. جيئن ماتا ڪچنگ ميوي جي لفظي معنيٰ ٻليءَ جي اک آهي جو اهو ليچي جهڙو ميوو ٻلي جي اک سان مشابهت رکي ٿو.
    بهرحال اسان وارو علي (حاجي غلام علي سولنگي) جنهن علائقي Taman Sejahter (گلشنِ سڪون) ۾ رهي ٿو، اهو ڪئالالمپور جي هڪ اهم ۽ وڏي روڊ ”جالان ڪچنگ“ تي آهي، جتان منهنجو سالن جا سال لنگهه رهيو. جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري دوران ڪي ايل (ڪئالالمپور) اچڻ ٿيندو هو يا جڏهن جهاز تي هوندو هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) ۾ اچي بيهندو هو ته K.L اچڻ لاءِ هن روڊ تان به مَٽبو هو. ڪئالالمپور ۾ اليڪٽرڪ ٽرين (KTM Komuter) شروع ٿيڻ تي هڪ لائين جو هتان به لنگهه ٺاهيو ويو ۽ علي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جي بلڪل ويجهو هن ٽرين جو Segambut (سيگامبوت) نالي اسٽاپ آهي. منهنجو اهو ارادو هو ته K.L (ڪئالالمپور) جي هوائي اڏي تان KLIA- Express ٽرين ۾ چڙهي شهر جي وچ واري مرڪزي (Central) ريلوي اسٽيشن، جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ايس“ سان Sentral لکيو وڃي ٿو، پهچي پوءِ ٻي ٽرين (KTM) به اتان پاڻهي وٺي، عليءَ جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوت پهچي وڃان ته اهو سڀ ۾ سٺو ٿيندو. اهو ان ڪري جو ”ڪي ايل سينٽرل“ ۽ ”سيگامبوت“ اسٽيشن جي وچ ۾ فقط ٽي کن اسٽيشنون: ڪئالالمپور ، بئنڪ نيگارا ۽ِ پترا آهن. سيگامبوت پهچي پوءِ عليءَ کي فون ڪريان ته اتان اچي وٺي وڃي يا اڃان به بهتر اهو ٿيندو ته اتان ٽئڪسيءَ ۾ علي جي گهر ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي. نه ملڻ تي عليءَ کي فون ڪجي ها. ائين ڪرڻ سان علي وڏي کٽراڳ کان بچي ويندو. بهرحال چار پنج ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ تي عليءَ جي جمعي نماز به ويندي هلي. هونءَ جو جهاز پنهنجي صحيح وقت اٺ وڳي صبح جو پهچي ها ته نائين وڳي تائين آئون K.L سينٽرل تي پهچي وڃان ها ۽ عليءَ کي ان وقت گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد نه ڪرڻي پوي ها. ڇو جو سينٽرل اسٽيشن ايڏي مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي جو ڏينهن چڙهڻ سان پارڪنگ جي جاءِ نٿي ملي، جيتوڻيڪ سٽي گورنمينٽ طرفان اسٽيشن جي آسپاس ٻه هزار کن ڪارن جي لاءِ پارڪنگ ٺاهي وئي آهي.
    ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انتظار ۾ ڪلاڪ ٻه کن لکپڙهه ۾ گذاريم. رات جا ٻارنهن به ٿي ويا هئا. آئون سوير سمهڻ ۽ اٿڻ وارو ماڻهو آهيان، ويتر سفر جي تياري ۾ منجهند جو به ڪلاڪ اڌ سمهي نه سگهيو هوس، سو ننڊاکڙو محسوس ڪري رهيو هوس. شولڊر بيگ کي وهاڻي طور استعمال ڪري ڪجهه دير ليٽڻ ٿي چاهيم. مون جهڙي ڊگهي ماڻهوءَ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽي کن سيٽون خالي هجڻ ضروري آهن، پر چوڌاري ڪٿي ڪٿي ڪا هڪ سيٽ نظر آئي ٿي. هر هڪ ٽن ٽن، چئن چئن سيٽن تي قبضو ڪري ستو پيو هو. دل ۾ چيم ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. اهڙو جي هوش پهرين اچي ها ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي ٻن سيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيان ها. ڀرسان لنگهندڙ ايئرپورٽ جي عملي جي هڪ همراهه کان پڇيم ته هي چوڌاري جيڪي همراهه بالم ٿيا ستا پيا آهن، انهن جي فلائيٽ ڪيڏي مهل آهي؟
    ”سرڪار ڪجهه ته توهان واري فلائيٽ جا ماڻهو آهن ۽ ٻيا اهي آهن، جن جي اڏام صبح جو آهي، پر سڀاڻي شهر ۾ هنگاما هجڻ جي خدشي ڪري هينئر ئي ايئرپورٽ تي اچي ويا آهن.“
    مون ليٽڻ جو ارادو لاهي ڪجهه واڪ ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ جو سوچيو. هِتان هُتان ڦري ٽئاليٽ ۽ ٽيليفون بوٿ وٽان لنگهيس ته ڪنڊ تي ٺهيل دَخل پويان ايئرپورٽ اٿارٽي جا ٽي چار آفيسر سنڌيءَ ۾ زور زور سان خبرون ڪري رهيا هئا. اتي ڪو بم ڦاٽي ها ته به مون کي حيرت نه ٿئي ها. ڪراچي جي هن هوائي اڏي تي ايندي ويندي مون کي به 40 سال ٿي ويا آهن، پر اهڙو نظارو منهنجي ڪنن يا اکين ڪڏهن نه پَسيو. هاڻ مڙي ئي گذريل 10 سال کان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي آفيسر نظر اچي ٿو، پر يڪا چار پنج آفيسرن جو سنڌي هجڻ ڪمال جي ڳالهه آهي! شايد اهي ڪرشما آصف زرداري جي عوامي حڪومت ڪيا هجن. آئون ان ڪائونٽر وٽ بيهي چرين وانگر اکيون ڦاڙي هنن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳس. ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. ههڙيون ڪچهريون مون ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾ باهه جي مَچ تي ٻڌيون هيون، جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ سياري جي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي جي ڳوٺ ”ڳوٺ وليد“ (لاڙڪاڻي) ۾ هفتو کن وڃي رهيو هوس. هي همراهه خبرن ۾ ايڏو محو هئا جو هنن کي ڪا دير هوش نه آيو ته ڪو اوپرو ماڻهو سندن ڀرسان بيهي سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. آخر هڪ همراهه کي خيال آيو ۽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته "Can I Help you?" ان سان گڏ ٻيا به ماٺ ٿي ويا.
    ”سائين ڪچهري جاري رکو. ان جي ڪشش ۾ آئون به پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس.“ مون چيو ۽ هو هاڻ مون کي حيرت مان گهورڻ لڳا ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ هي آهي ڪير جو ايترو فري ٿي رهيو آهي. هو هڪ دفعو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته آيا آئون هنن مان ڪنهن جو واقفڪار ته نه آهيان.
    ”سائين توهان جو تعارف؟“ هنن مان هڪ عزت سان پڇيو، جيتوڻيڪ منهنجا ڪم جڏا هئا جو آئون ڪا دير سندن ڪائونٽر وٽ بيهي کين ائين چتائي ڏسي رهيو هوس، جيئن ڪو ٻار چڙيا گهر ۾ پڃري اندر جانورن کي ڏسي. پر هنن مون کي عمر ۾ وڏو ۽ ڏاڙهي سان پير مرد سمجهي، ڪس ڪسرون درگذر ڪري، پنهنجي طرفان اخلاق جو مظاهرو ڪيو. مون سندن پُڇيل سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو:
    ”مون ته سوچيو هو ته پهرين توهان کان پڇندس ته توهان جو ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ سان تعلق آهي.“
    ”سائين اهو به ٻڌائينداسين. اسان جا ته نالا به قميصن تي لڳا پيا آهن، پر توهان جي به ته سڃاڻپ ٿي وڃي.“
    ”ها سائين ضرور،“ مون چيو، ”آئون شايد ان غلط فهمي ۾ هوس ته سالن کان لکندو اچان ۽ اخبار وارا منهنجي هر ڪالم سان گڏ فوٽو به ڏيندا اچن، سو ٿي سگهي ٿو ڪو سڃاڻي وڃي.“
    منهنجي اهو چوڻ تي ٻن ڄڻن يڪدم سڃاڻي ورتو، بلڪ هڪ چوڻ لڳو ته ”ڏسو ته صحيح اڄ ئي توهان جو هڪ ڪالم اڙدو اخبار امت ۾ پڙهيو اٿم.“
    هاڻ هو سڀ مون کي چانهه لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا.
    ”سچي ڳالهه اها آهي ته چانهه پياريندائو ته توهان جي مهرباني ٿيندي،“ مون ٻڌايو مان، ”آئون چانهه لاءِ ئي وڃي رهيو هوس.“
    هنن ڪائونٽر جو ننڍڙو دروازو کولي مون کي اندر ڪيو ۽ هڪ ڄڻي ڪرسي خالي ڪري ڏني ۽ ٻيو چانهه وٺڻ لاءِ نڪتو.
    بهرحال هن وقت جڏهن ملائيشيا جو سفرنامو لکڻ ويٺو آهيان ۽ چانهه جي ٻاڙ کنيو اٿم ته ان رات واري ايئرپورٽ اٿارٽي وارن جي گرما گرم چانهه ياد اچي وئي آهي. کانئن سندن اي ميل ائڊريسون ورتم جو ميلاپ جو اهوئي هڪڙو ڪارآمد ذريعو وڃي رهيو آهي. باقي فون کي، پنهنجي ملڪ توڙي پرديس ۾ ڪوشش ڪري بند ئي رکندو آهيان.
    هنن ٻڌايو ته سندن کاتي ۾ سنڌ جا ماڻهو هن وقت به اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. هي هڪ عجيب اتفاق ٿيو آهي جو اڄ رات اسان جي هڪ ئي وقت ڊيوٽي لڳي آهي. هينئر ڪو ڪم ڪار يا ويجهي اڏام ناهي سو ويٺا ڪچهري ڪريون. هنن ٻڌايو ته هو هن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪافي پراڻا آفيسر آهن ۽ سندن چونڊ تڏهن ٿي هئي، جڏهن سائين غوث علي شاهه ڊفينس منسٽر هو. آفيسرن جي ڳالهه ڪندي هنن نرگس گهلوءَ جي ڪافي تعريف ڪئي ته هوءَ جڏهن سندن ڊپارٽمينٽ جي باس هئي ته هرهڪ جو خيال رکندي هئي. دل ۾ سوچيم ته کين اها خبر ناهي ته اها اسان جي مائٽ (منهنجي زال جي سوٽ) آهي. ظاهر آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته مون هالا جي رهندڙ شيخ جي هڪ ماسي دادو جي گهلن ۾ پرڻجي وئي هئي. بهرحال نرگس جي تعريف ٻڌي خوشي ٿي. هنن ٻڌايو ته هنن جو اتر سنڌ جي مختلف ڳوٺن سان تعلق آهي. هڪ ته شڪارپور جو محمد علي منگي صاحب هو ۽ ٻين ۾ هڪ محمد وزير عباسي، اشفاق احمد شيخ ۽ عبدالقادر شيخ هئا. هڪ يا ٻن جو نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي. چانهه پي مون اٿڻ جي ڪئي.
    ”سائين اڏام ۾ ته اڃان ٽي چار ڪلاڪ آهن، ويهو ته ڪچهري ڪريون.“ هنن صاحبن زور ڀريو.
    ”يارو هاڻ موڪلاڻي ناهي ٿوري دير لاءِ سمهي ٿو پوان. انشاءَ الله اي ميل تي رابطو رهندو.“
    آئون هنن کان موڪلائي سمهڻ لاءِ ڪي لڳاتار ٽي خالي سيٽون ڳولڻ لڳس.


    باب ڏهون

    روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا

    ڪئالالمپور ڏي ويندڙ هوائي جهاز جي انتظار ۾، ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ويٺي ويٺي هاڻ مون کي ٽي چار ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سامهون لڳل گهڙيال ۾ هڪ ٿي رهيو هو ۽ ڀرسان لڳل ٽي وي جي اسڪرين تي MAS (ملائيشيا جي هڪ هوائي ڪمپني) جي جهاز جي اڏام جو اندازي مطابق وقت صبح جا چار لکجي رهيو هو، پر ڪنفرم نه هو جو اهو جهاز ابوظهبي کان اڃا ڪراچيءَ پهتوئي نه هو. ان بعد هن کي ڪئالالمپور لاءِ اڏامڻو هو. مون هاڻ ليٽي پوڻ لاءِ ٽي کن ڪرسيون ڳولڻ ٿي چاهيون ته اتي مسقط جي اڏام جي مسافرن کي سندن هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جو اعلان ٿيو. مون لاءِ اميد ٿي ته هاڻ ڪيتريون ئي ڪرسيون خالي ٿينديون. مون ويٺي ويٺي، نظرن سان چوڌاري Scanning ڪئي. فلائيٽ جو ٻڌي سُتلن مان ڪوبه چرپر ۾ نه آيو. هيڏانهن هوڏانهن چانهه جي اسٽال ۽ ٽئاليٽ وٽ بيٺل مسافرن مان ڪجهه، جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ مقرر گيٽ ڏي روانا ٿيا. هنن ۾ ٽي چار ڄڻا خوشحال شڪل ۽ ڀريل جسمن جا اوماني ڊريس ۾ اتي جا ئي باشندا لڳا ٿي، ٻيا ويچارا ڪومايل شڪلين جا، اسان جا غريب سنڌي، بلوچي ۽ سرائڪي ڀائر لڳا ٿي. هو پڪ پورهئي خاطر وڃي رهيا هئا. ٻچا ٻار، گهرگهاٽ ڇڏي عرب ملڪن جي سخت موسم ۾ پورهيو ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. سندن ڳوٺن ۾ ڪارخانا فئڪٽريون يا ڪو ٻيو روزگار جو ذريعو هجي ته هو ڇو گهر ڇڏين. هڪ دفعي ڪئالالمپور کان ابوظهبي واري اڏام ۾ مونسان گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان انڊونيشي عورت ياد اچي وئي. هن جو مڙس معذور ٿي چڪو هو ۽ هوءَ ٽن سالن جي ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ وٽ ڇڏي، ڪٽنب جي جياپي لاءِ ڪنهن عرب جي گهر ۾ جهاڙو پوچو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي. منهنجي پڇڻ تي هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ ڏک مان چوڻ لڳي هئي ته ”اسان جا سياستدان به درياهه جي هن پار واري ملڪ جهڙا ٿي پون ته اسان پرديس جا ڌڪا ڇو کائون.“ هن جو اشارو ملائيشيا ڏي هو، جنهن جي ۽ سندن انڊونيشي ٻيٽ سماترا جي وچ ۾ فقط درياهه جهڙو هڪ سوڙهو ڳچي سمنڊ آهي.
    آئون انتظار گاهه جي هڪ حصي مان ٿي ٻئي ۾ پهتس ته اتي به سڀ مسافر سيٽن تي قبضو ڪري ستا پيا هئا. هڪ هنڌان، جتي سڀ ملئي مهانڊا هئا، لنگهيس ته هڪ همراهه ڪَر موڙي چرپر ڪئي. آئون ٻه قدم پوئتي وڃي ان جي ڀرسان بيهي رهيس ته جي هو اٿي ته انهن سيٽن تي قبضو ڪري وٺان. هن اکيون کولي مون ڏي ڏٺو ته مون يڪدم ملئي زبان ۾ پڇيومانس ”سوڊا تيدور؟“ ننڊ ڪري ورتئي. ”سوڊا“ هن جواب ڏنو ۽ اٿي کڙو ٿيو.
    ”پرگي مانا“ (ڪيڏانهن ٿو وڃين؟) مون پڇيومانس. ” ڪئالالمپور “ هن وراڻيو.
    ”بُڪان- سيڪارنگ پرگي مانا؟“ (نه. هينئر جو ٿو پڇان ته ڪيڏانهن پيو وڃين) مون پڇيومانس جو مون کي يڪدم خيال آيو ته هو رُسي ته نه پيو وڃي. اسان جي ملڪ جو ايئرپورٽ آهي، مون کي پاڻ کان وڌيڪ هن جو خيال رکڻ کپي. پر هن ڀُٽ ڀُٽ ڪري تربانگ (هوائي جهاز) لاءِ چيو ته ”اڃا ته ڪراچي ئي اچڻ جو نالو نه پيو وٺي. اسان کي K.L وٺي هلڻ لاءِ ته پوءِ جي ڳالهه آهي.“ هن ٻڌايو ته هو ٻن ڪلاڪن کان سمهي سمهي ٿڪجي پيو آهي، هاڻ هو واڪ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. مون دل ۾ چيو ته اهو ته تو سڀ ۾ سٺو ڪم سوچيو آهي. هاڻ آئون ئي چيلهه سڌي ڪريان.
    آئون پنهنجي ٿيلهي (شولڊر بئگ) کي وهاڻي طور رکي ليٽي پيس. منهنجي مٿي واري پاسي کان ستل ٻئي ملئي جو مٿو هو، جيڪو گهاٽي ننڊ ۾ هو. مون به اهو ئي چاهيو ٿي، جيئن جهاز ۾ جي ننڊ نه اچي ته به ٻئي ڏينهن ڪئالالمپور پهچڻ تي ڪجهه ته تازگي هجي. مون کي به ٿوري ئي دير ۾ ننڊ ورائي وئي. پر منهنجي خيال ۾ ته ڪو ويهه منٽ به ڪي مس ستو هوندس ته ايئرپورٽ جي هڪ اهلڪار اچي اٿاريو. جتي ننڊ ڦٽڻ جو افسوس ٿيو، اتي اها به خوشي ٿي ته شايد اسان وارو جهاز هلي ٿو.
    ”ڇا ٿيو؟“ آئون ڇرڪ ڀري اٿيس. ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري منهنجا هوش اڃا سالم نه هئا، ”جهاز هلي ٿو ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”جي ها“ هن چيو، ”سڀ ماڻهو ويهي ويا آهن، توهان ستا پيا آهيو.“
    ”سڀ ماڻهو جهاز ۾ ويهي به رهيا؟“ مون چوڌاري نظر ڪئي، سڀ ملئي همراهه بالم ٿيو ستا پيا هئا. مون هڪ دفعو وري هن يونيفارم واري همراهه کي ڏٺو، جيڪو ايئرپورٽ اٿارٽي کاتي جو ڪو هيٺين اسٽاف جو ماڻهو هو.
    ”توهان مسقط وڃڻ واري جهاز جا مسافر آهيو نه؟“ هن پڇيو، ساڳئي وقت لائوڊ اسپيڪر تان به اهوئي اعلان ٿي رهيو هو ته مسقط وڃڻ وارو جهاز اڏامڻ وارو آهي. رهيل مسافرن کي آخري دفعو اطلاع ٿو ڪجي ته هو گيٽ نمبر 23 تي پهچي وڃن.
    ”ذرا اڌر آئو، بات سنو.“ مون هن کي هٿ جي اشاري سان ويجهو سڏي ڪجهه چڙ مان چيو، ”آئون ته ملائيشيا پيو وڃان، پر توکي ڪيئن خيال آيو ته آئون مسقط وڃڻ وارو مسافر آهيان؟ تو منهنجي اجائي ننڊ ڦٽائي.“
    هو ويچارو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”سر توهان جي ڏاڙهي ڏسي،“ ۽ پوءِ منهنجي چوڌاري ملئي مسافرن تي نظر وجهي چيو، ”۽ توهان ٻين کان مختلف لڳي رهيا هئائو.“
    بهرحال هو ساري ساري ڪندو مسقط جي اڏام جي کُٽل مسافرن کي ڳولڻ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته ويهي وقت گذارجي يا وري ننڊ لاءِ ٽراءِ ڪجي. آئون اڃان انهن ڳڻتين ۾ هوس ته هڪ همراهه، پنجابي گاڏڙ اڙدو ۾ مونکان ويهڻ جي اجازت ورتي. هن جي هڪ هٿ ۾ ننڍي بئگ هئي، ٻئي ۾ گرم چانهه جو گلاس، جنهن مان ٻاڦ نڪري رهي هئي. ”سر توهان چانهه پيئندائو؟“ هن پنهنجي بئگ منهنجي ڀر ۾ رکي پڇيو.
    ”مهرباني. توهان پيئو. آئون هاڻي پي ويٺو آهيان.“ مون هڪ پاسي رڙهي کيس ويهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ڏني ۽ شولڊر بئگ ڳچي ۾ وجهي اٿي کڙو ٿيس.
    ”منهنجي لاءِ سيٽ رکجانءِ ته آئون هٿ منهن ڌوئي ٿو اچان.“ مون هن همراه کي چيو.
    سامهون ئي واش روم هئي. منهن تي ڇنڊا هڻي اچي ويٺس. ڀر وارو همراهه جيڪو ٽيهه ٻٽيهه سالن جو لڳي رهيو هو، مزي مزي سان چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳو. هو يڪ ٽڪ سامهون ئي گهوريندو رهيو. لڳو ٿي ته هو سخت پريشانيءَ ۾ ڪجهه سوچي رهيو هجي. سندس هٿ ۾ اسان جهڙو ئي بورڊنگ ڪارڊ هو. يعني هو هتان ته اسان سان گڏ ڪئالالمپور هلندو، پر پوءِ خبر ناهي، ان کان اڳتي آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ويندو يا اتي ملائيشيا ۾ ئي رهي پوندو. ملائيشيا ۾ ڪيترائي پنجاب ۽ سرحد (خيبر پختونخواهه) صوبي جا پاڪستاني رهن ٿا، جن جا وڏا انگريز راڄ ۾ انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا، جن کي انگريز سرڪار ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني فوجن سان وڙهڻ لاءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا (هاڻوڪي مغربي ملائيشيا) ۾ وٺي آيا هئا. جنگ ختم ٿيڻ بعد ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد هو انهن ملڪن ۾ ئي ترسي پيا ۽ اڄ هنن جي اولاد کي اتي جو پاسپورٽ آهي. سو ٿي سگهي ٿو ته هي همراهه به ملائيشيا جو سٽيزن هجي يا اتي ڪنهن مائٽ وٽ نوڪري ڪندو هجي.
    ”توهان ملائيشيا ۾ رهو ٿا؟ هن مون کان پڇيو.
    ”نه. رهندو هوس. هاڻ گهمڻ ٿو وڃان.“ مون ٻڌايومانس.
    ”بزنيس هو توهان جو؟“ هن پڇيو.
    ”نه چِگو (Cigu) هوس،“ مون کلندي ٻڌايومانس، ”چِگو سمجهين ٿو؟“
    ”ٿوري ٿوري ملئي، چيني ۽ تامل سمجهان ٿو.“ هن ٻڌايو.
    ”چِگو معنيٰ ماستر صاحب. پهرين ڏهه سال کن ملائيشيا ۽ اوسي پاسي جي سمنڊن تي جهاز هلايم پوءِ ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهي اتي جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهايم.“ مون کيس ٻڌايو ۽ کانئس سندس بابت پڇيو ته هو ملائيشيا ۾ ڇا ٿو ڪري.
    ”اتي مون پنهنجي ڀاءَ جي سيڌي جي دڪان تي ٻه سال ڪم ڪيو.“
    ”ڪهڙي شهر ۾؟“ مون پڇيو
    ”سريمبان ۾“ هن ٻڌايو.
    ”چئبو ته جتي آئون رهندو هوس، ان جي ڀرواري شهر ۾ ڪم ڪيو اٿئي. ڪهڙي ويزا تي رهئين؟“ مون پڇيو.
    ”بس ائين ڪم پئي هليو. سمورو وقت دڪان تي گذاريندو هوس. ڪيڏانهن نڪرڻ کان گريز ڪندو هوس.“
    ”۽ توهان جو ڀاءُ؟“
    ”ان ملائيشيا جي هڪ انڊين (تامل) عورت سان شادي ڪئي، ان ڪري هن کي ملائيشيا ۾ رهڻ جو Status آهي.“
    هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو نالو منور اقبال آهي ۽ سندس تعلق چنيوٽ پاسي جي هڪ ڳوٺ سان آهي. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ اليڪٽريشن هو ۽ مهيني ۾ هن ايترو ڪمائي ورتو ٿي جو گهر جي دال روٽي ٿي سگهي. ”پر پوءِ مهانگائي وڌڻ ڪري مون کي گهر ڇڏڻو پيو ۽ هوڏانهن منهنجي ڀاءُ دڪان کوليو ته هن کي پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ جي ضرورت پئي. مون ملائيشيا اچي پنهنجي ڀاءُ جي دڪان تي تمام گهڻي محنت ڪئي. ٻيا دڪان اٺين وڳي ڌاري کلندا هئا، آئون فجر نماز پڙهي 6 وڳي ئي دڪان کوليندو هوس. رات جو به دير تائين کليل رکندو هوس. ان ڪري اسان وٽ گراهڪ وڌڻ لڳا ۽ مون ڀاءُ کي خوب پئسو ڪمائي ڏنو، پر سندس سائوٿ انڊين زال ۽ ان جو خاندان دڪانداري ۾ پنهنجي هلائڻ لڳا ۽ لُٽ ڪرڻ لڳا. مون پنهنجي ڀاءُ کي گهڻو ئي سمجهايو ته آئون هيڏي محنت ٿو ڪريان، پر مهيني جي حساب بعد ڪو واضح فرق نٿو نظر اچي. آخر منهنجي ڀاءُ کي دڪان وڪڻڻو پيو ۽ آئون ڳوٺ موٽي آيس.“
    ”پوءِ هاڻ ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”هاڻ مون هڪ بزنيس سوچيو آهي، اهو ڪندس.“ هن چيو.
    ”ضرور اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪس جو هوندو، جنهن ۾ تون ماهر آهين.“ مون چيومانس.
    ”ها اهو ته جتي جهٽ لڳي ٿو، اتي ان ذريعي چار پئسا ٺاهيو وٺان، پر هاڻ ٻَڌي اگهه تي مختلف شيون وٺي ريزڪي تي وڪڻندس.“
    “اهو ڀلا ڪيئن ڪندين؟ پنهنجو ڪو دڪان کوليندين؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. اهي شيون سائيڪل تي کڻي ڳوٺن ۾ وڪڻندس. ان ۾ سٺو فائدو ٿئي ٿو. منهنجو ان ۾ تجربو آهي. 5 رِنگٽ جي شيءِ جا اٺ نو بلڪ ڏهه رِنگٽ به مليو وڃن.“ هن ٻڌايو.
    آئون سمجهي ويس ته هي گهوريئڙي وارو ڪم آهي، جيڪو سالن کان ملائيشيا ۾ مشهور آهي. جيئن سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪنهن زماني ۾ سياري جي موسم ۾ پٺاڻ سُڪو ميوو هڙن ۾ کڻي اچي وڪڻندا هئا يا مڪراني عورتون ٿانون ۽ ڪپڙن جا کارا ڀري گهر گهر ۾ اچي وڪڻنديون هيون. تيئن هيڏانهن ملائيشيا ۾ اڄ تائين اسان جي پاسي جا ماڻهو خاص ڪري سک ۽ پنجاب ۽ سرحد پاسي جا رهاڪو، ملائيشيا جي شهرن مان شيون وٺي پوءِ سائيڪل تي ڳوٺن جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي وڪڻن. هاڻ ته ڪيترائي پاڪستاني ۽ انڊين سوزوڪي گاڏين ۾ ٻئي سامان کان علاوه ڪپڙن جا تاڪيا، غاليچا ۽ ٿانوَ ٿپا پڻ رکي وڪڻن. ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو- خاص ڪري ملئي ۽ تامل (انڊين) شهرن ۾ اچي اتي جي دڪانن تان سستي شيءِ وٺڻ بدران هن قسم جي ايندڙ گهوريئڙن ۽ گاڏي وارن کان مهانگو سامان خريد ڪن ٿا. ڪي ته اوڌر تي وٺن، جيڪا شيءِ کين اڃا به مهانگي ملي.
    منور ٻڌايو ته گذريل سال جڏهن هو آيو هو ته هن اهو ڌنڌو ڪيو هو. ”مون کي گهڻو پري ٻهراڙيءَ ۾ به وڃڻو نٿي پيو.“ هن ٻڌايو. ”اتان ئي شهر جي وڏن دڪانن تان شئمپو، صابڻ، عطر، پائوڊر ۽ رومالن جهڙيون شيون وٺي گهٽين ۾ وڪڻندو هوس.“
    هن ٻڌايو ته هن کي جيئن ته ملائيشيا جي ٽنهي قوميتن (ملئي، چيني ۽ تاملن) جي زبانن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي، سو هن ٽنهي قومن جي پاڙن ۽ گهٽين ۾ وڃي شيون وڪيون ٿي. ”انڊين گهڻو ڪري ديوتائن جون مورتيون ۽ اگر بتيون وٺن ٿا ۽ چيني گوتم ٻڌ جون تصويرون ۽ مورتيون خريد ڪن ٿا. ٽن چئن ڪلاڪن اندر منهنجيون ڏهه ٻارنهن شيون وڪامي ويون ٿي جن مان مونکي 50 رنگٽ کن فائدو ٿي ويو ٿي.“
    ”رنگٽ“ (Riggit) ملائيشيا جي سِڪي جو نالو آهي، جيڪو ملائيشن ڊالر به سڏجي ٿو. اڄ ڪلهه هن رنگٽ ۾ اسان جا 30 کن رپيا آهن. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان ملائيشيا ۾ هوندا هئاسين ته ملائيشيا توڙي سنگاپور جو هڪ رنگٽ پاڪستان جي چئن رپين برابر هو. هڪ آمريڪن ڊالر ملائيشيا جي چئن رنگٽن برابر هو. اڄ اسان جي رپئي جو قدر ڪرڻ ڪري آمريڪي ڊالر، پائونڊ يا يورو وغيره اسان لاءِ مهانگو ٿي پيو آهي، پر هيڏانهن ملائيشيا ڏي هنن جو سڪو مضبوط ٿيڻ ڪري هنن لاءِ آمريڪن ڊالر ماڳهين سستو ٿي پيو آهي ۽ اڄڪلهه ٽن ملئي رنگٽن ۾ هڪ آمريڪن ڊالر ملي ٿو!.
    منور کي چيم ته گذريل سال جڏهن تو ملائيشيا ۾ اهو ڌنڌو ڪيو پئي ته پوءِ ڇو ڇڏي هليو وئين؟ يعني چئن پنجن مهينن ۾ جيڪي ڪمائي اهو ته تنهنجي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ تي ئي خرچ ٿي ويو.
    ”بس سر! ان ئي ڳالهه جو ته روئڻ آهي،“ منور چيو ”منهنجي زال باهه ٻاري ڏني ته ڳوٺ موٽي اچ. اسان کي اهڙو پئسو نه کپي، جنهن ۾ آئون اڪيلي ڳوٺ جي زالن جا مهڻا ۽ ٽوڪون طعنا سَهان ۽ تون پرديس ۾ پورهيو ڪندو رهين. تون موٽي اچ. اَڀري سَڀري ڪمائي به اسان کي منظور آهي. آئون مانيءَ سان چٽڻي کائي به گذارو ڪري وينديس.“
    منور ٻڌايو ته سندس زال کي سندس مائٽن ۽ پاڙي جي عورتن ڀڙڪايو ته تنهنجو مڙس ٻاهر وڃي شادي ڪندو يا شادي ڪري ان جوءِ وٽ سکيو ويٺو آهي. ”ان ڳالهه تان هن جي ماءُ پيءُ جا منهنجي ماءُ پيءُ سان سخت جهيڙا ٿيا ۽ ڪم طلاق تي اچي پهتو. نتيجي ۾ مون کي وطن موٽڻو پيو.“
    ”پوءِ هاڻ وري ڪيئن وڃي رهيو آهين؟“ مون پڇيومانس.
    ”پوءِ ڇا ٿيو جوٻه ٽي مهينا ته جيڪو پاڇي ٿيل پئسو هو، اهو کائيندا رهياسين، پوءِ واقعي ڪم روٽي چٽڻي تي اچي پهتو. هڪ ٻار به ٻه سال کن اڳ ٿي چڪو هو، اهو به جيئن جيئن وڏو ٿيڻ لڳو ته خرچ وڌڻ لڳو. آخر زال کي سمجهايم ته هاڻ آخري فيصلو ڪر. اڃا مون ۾ همت آهي. پرديس ۾ وڃي پورهيو ڪري سگهان ٿو ۽ هن ملڪ جي طريقيڪار کان به واقف آهيان، پر جي ٻه ٽي سال گذريا ته پوءِ شايد پرديس وڃي نه سگهان. منهنجي زال به هاڻ اهوئي ٿي چاهيو. سو هِتان هُتان قرض کڻي ٽڪيٽ وٺي وڃان ته پيو، پر ڊپ اٿم ته پرپٺ وري نه کيس ڪو برغلائي ۽ مون کي موٽڻو پوي.“
    ”الله چڱي ڪندو،“ مون چيومانس، ”آئون به ان لاءِ دعا ڪندس ۽ تون به الله تي رکي سڪون سان هلي ڪم کي لڳ. ڇو جو پرديس ۽ اڪيلائيءَ ۾ ننڍا مسئلا به وڏا لڳن ٿا ۽ دل کي جهوري رکن ٿا. سو تون پنهنجي صحت جو خيال رک ۽ حلال جي روزيءَ لاءِ جدوجهد ڪر.“


    باب يارهون

    ايئر ايشيا- سستي ٽڪيٽ واري هوائي ڪمپني

    ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جو هوائي جهاز جنهن ۾ چڙهي اسان کي ڪئالالمپور وڃڻو هو سو چئن ڪلاڪن جي دير بعد ابو ڌابي کان ڪراچي پهتو ۽ اسان مسافر هڪ هڪ ٿي منجهس چڙهياسين. هٿن ۾ جهليل سامان کي سيٽن مٿان ٺهيل خانن ۾ هٿيڪو ڪري رکيوسين. جهاز هلڻ لاءِ سڀني کي ڪمربند ٻڌڻ لاءِ چيو ويو. سگريٽ نه ڇڪڻ جو چتاءُ ته چڙهڻ وقت کان چمڪي رهيو هو ۽ K.L ايئرپورٽ تائين ائين ئي رهيو جو هيءَ اڏام Non Smoking هئي يعني سڄي واٽ (سفر جا ڇهه ئي ڪلاڪ) بنا سگريٽ ڇڪڻ جي ويهڻو هو. ڪجهه سال اڳ هر ملڪ پهرين پنهنجين ڊوميسٽڪ (اندروني) اڏامن ۾ سموڪنگ بند ڪرائي ۽ هاڻ آهستي آهستي بين الاقوامي اڏامن ۾ به بند ڪئي وئي آهي. بلڪه دنيا جي مڙني سڌريل ملڪن ۾ بسين، ريل گاڏين ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سگريٽ نوشي ڏوهه قرار ڏني وئي آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارو سزاياب ٿئي ٿو. سگريٽ ڇڪڻ جا نوان شوقين اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکن. بهرحال هتي هاڻ اسان پرسڪون ٿي ويٺاسين ته جهاز جي ڪئپٽن (پائليٽ) مسافرن کان معافي ورتي ته سندن اڏام کي ڪن فني خرابين ڪري دير ٿي ۽ اسان کي ان جي ڪري انتظار ڪرڻو پيو. اهو چئي بس ڪيائين ته مون سمجهيو ته هاڻ هو هلڻ لاءِ ٻڌائيندو ته.... اسان جو جهاز هيترن ميٽرن جي بلندي تي هيتري رفتار سان پرواز ڪندو، هيتري وقت تي ڪئالالمپور پهچندو، جتي جي موسم ۽ ٽيمپريچر هي هي هوندو.... وغيره. پر هن اهو چئي اسان سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو ته.... ”جهاز تي هڪ مشڪوڪ بئگ چڙهي وئي آهي ان جي Status جي جيسين خبر پوي تيسين توهان کي ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻو پوندو...“ اهڙن موقعن تي اهي گهڙيون چند هجڻ بدران اِنگهي به پونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڀني مسافرن جو سامان لهرائي، سامان جي سڃاڻپ ڪرائي ويندي آهي، جنهن ۾ اڪثر وڏو وقت لڳيو وڃي. جهاز تي ڪجهه دير ايئرپورٽ طرفان واسطيدار اٿارٽي جا آفيسر ايندا ويندا رهيا پر پوءِ جلدئي خير ٿي ويو ۽ الجهيل معاملو سلجهي ويو. ِ جهاز جو دروازو بند ٿيو ۽ پائلٽ هلڻ جو اعلان ڪيو.
    جهاز تي ماني Serve ٿيڻ بعد اسان ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ جا اميگريشن فارم ڏنا ويا. اهي هر ملڪ جا فارم اڪثر هٿ جيڏا يعني پاسپورٽ جي سائيز جا ٿين ٿا. انهن جو مٿيون اڌ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ (Arrival/ Entry) جو ٿئي ٿو. ان تي پنهنجو نالو، پاسپورٽ نمبر، اڏام جو نمبر ۽ ان ملڪ ۾ رهائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر به لکائيندا آهن. بهرحال هن فارم کي آرام سان پنهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ سان (جيڪا پاسپورٽ ۾ لکيل آهي) پُر ڪجي. ايئرپورٽ تي پهچڻ وقت اميگريشن آفيسر توهان کان اهو فارم ۽ پاسپورٽ گهرندو ۽ هو ضروري چڪاس بعد پاسپورٽ ۽ ان فارم تي ٺپا هڻي، ان فارم جو مٿيون اڌ پاڻ وٽ رکندو يعني هن معلومات وارو ماڻهو سندس ملڪ ۾ داخل ٿيو ۽ فارم جو باقي اڌ توهان کي پاسپورٽ سان گڏ واپس ڪندو. آمريڪا ۽ يورپ جي ته ڪيترن ملڪن ۾ فارم جو اهو باقي اڌ، توهانجي پاسپورٽ جي ڪنهن صفحي سان Staple ڪري واپس ڪن ٿا ۽ مسافر کي ٻڌائين به ٿا ته اهو باقي فارم قابو رکجو ۽ سندن ملڪ ڇڏڻ وقت کين واپس ڪجو. پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اهو سوچي ته هر هڪ کي ان جي اهميت جي خبر هوندي نه Staple ڪن ۽ نه ٻڌائين. نتيجي ۾ ڪيترا نوان ماڻهو جيڪي پهريون دفعو سفر ۾ نڪرن ٿا، انهن کان اهو ڪارڊ (فارم) جو اڌ حصو هيٺ مٿي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهو ملڪ ڇڏڻ وقت، ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر جي گهُر تي ڪارڊ جي غير موجودگي عجيب مونجهارو پيدا ڪري ٿي.
    دنيا جي هر ايئرپورٽ تي لهي پوءِ ماڻهو اميگريشن ڪائونٽر ڏي روانو ٿئي ٿو، جتان پاسپورٽ تي ان ملڪ جي دخول (Entry) جو ٺپو هڻائي پوءِ چرندڙ بيلٽ تان پنهنجو سامان کڻي اڳيان بيٺل ڪسٽم آفيسرن وٽان لنگهي ٻاهر نڪرڻ بعد هو بس يا ٽئڪسي ۾ چڙهي ٿو. پر ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي جهاز مان لهڻ بعد ڪٿي به اميگريشن جا ڪائونٽر يا ڪسٽم آفيسر نظر نٿا اچن. ايئرپورٽ کان واقف مسافر اڳيان بيٺل ٽرين ۾ وڃيو سوار ٿين ۽ هڪ نئون ۽ ايئرپورٽ کان اڻ واقف مسافر، منجهيو پوي ته هي ڇا آهي. ٽرين شايد شهر ڏي پئي وڃي ان ۾ ڪيئن چڙهان جڏهن ته مونکي اڃان منهنجي بئگ به نه ملي آهي.
    دراصل ڪئالالمپور هوائي اڏي جي اها جاءِ جتي هوائي جهاز مان لهجي ٿو اها هڪ ننڍڙي ٻيٽ مثل آهي، جنهن تي ايئرپورٽ جي اندروني عمارت هڪ واڌو (Plus) جي نشاني وانگر آهي. هن واڌو نشاني جي چوڌاري مختلف ملڪن جا جهاز اچيو لڳن ٿا جن مان مسافر لهي اندر بلڊنگ ۾ داخل ٿين ٿا. هن واڌو شڪل واري عمارت ۾ فقط ڊيوٽي فري دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن. ڪئالالمپور ايئر پورٽ جي هيءَ عمارت ”سيٽلائيٽ بلڊنگ“ سڏجي ٿي. اميگريشن جي قطارن يا سامان (بئگيج) جي ملڻ لاءِ هتي نه جاءِ آهي ۽ نه ڪو بندوبست ممڪن آهي. مسافر جهاز مان لهي هن بلڊنگ ۾ بيٺل اليڪٽرڪ ٽرام ۾ چڙهن ٿا جيڪا ”ايئرو ٽرين“ سڏجي ٿي. اها ٽرين ٽن ٽن منٽن جي وقفي تي ڇٽي ٿي ۽ مسافرن کي ٽن منٽن جي سفر بعد 3 ڪلوميٽر کن پري هڪ ٻي عمارت ۾ اچيو پهچائي جيڪا ’مين ٽرمينل بلڊنگ‘ سڏجي ٿي. اتي پهچي، ٽرام مان لهڻ بعد اميگريشن آفيسرن جا ڪائونٽر نظر اچن ٿا جتي آيل مسافرن جا پاسپورٽ وغيره چيڪ ٿين ٿا. ايتري ۾ جهاز تان مسافرن جو سامان به اتي پهچيو وڃي.

    پاسپورٽ تي ٺپو هڻائي پوءِ پنهنجو سامان ڳولي اڳيان ڪسٽم آفيسر کي ڏيکارڻ بعد مسافر آجو آهي ۽ مين گيٽ مان نڪري ٽئڪسي، بس يا آيل ميزبان جي ڪار ۾ روانو ٿي سگهي ٿو. ايئرپورٽ کان ڪئالالمپور جو شهر 50 کن ڪلوميٽر پري آهي. بس ۾ وڏي بئگ سان سفر ڪرڻ ڏکيو آهي. ٽئڪسي 150 کان 200 رنگٽ وٺي ٿي جيڪي پنهنجا ٽي چار هزار رپيا ٿيو وڃن. ان ڪري مسافرن جي آسان ۽ سستي سفر لاءِ هتان (جتي توهان پنهنجي سامان جي ڪسٽمس چيڪ ڪرايو ٿا) KLIA –Express نالي ٽرين هلي ٿي، جنهن جي 35 رنگٽ ٽڪيٽ آهي ۽ پورن 28 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچيو ڇڏي. اها تيز رفتار ۽ وڌيڪ Safe پڻ آهي ۽ توهان وٽ ڪيترو به سامان هجي هن ۾ رکي سگهو ٿا. ٽئڪسي ۾ گهڻو ڪري اهي چڙهن ٿا جن کي ڪئالالمپور شهر وڃڻ بدران ان کان پهرين، ايئرپورٽ جي آس پاس وارن شهرن جهڙوڪ شاهه عالم، پُتراجايا، سائبر جايا يا سَريمبان وڃڻو هجي. ڇو ته سيپانگ علائقو جنهن ۾ ملائيشيا جو هي ڪولالمپور وارو بين الاقوامي ايئرپورٽ KLIA آهي، اهو ڪئالالمپور شهر جي بلڪل ڏکڻ ۾ ”نينگري سيمبيلان“ رياست جي بارڊر تي آهي. هي علائقو سيچانگ (Cyber Jaya) کان مشهور آهي. سائبرجايا سمجهو ته ملائيشيا جي ”سليڪن وئلي“ آهي. هي شهر 1997ع ۾ ٺهيو. منجهس 250 انٽرنيشنل ڪمپنيون آهن.
    ڪئالالمپور جو هي ايئرپورٽ 1998ع ۾ کليو. هن کان اڳ سبانگ وارو ايئرپورٽ هوندو هو جيڪو هاڻ ”سلطان عبدالعزيز شاهه ايئرپورٽ“ سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾، يعني 1991ع تائين به سبانگ وارو ايئرپورٽ جيڪو ڪراچي جي اڳوڻي ايئرپورٽ جيڏو مس هو، هتي لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن جي ايڏي ته ڌم وڌي وئي جو هنن کي يڪدم نئين هنڌ تي نئون ايئرپورٽ ٺاهڻو پيو، جنهن جو 1993ع ڌاري فيصلو ٿيو ۽ پورن ساڍن چئن سالن اندر هي ايئرپورٽ 1998ع وارين اقوام متحده (ڪامن ويلٿ) جي راندين تي مڪمل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو روزانو 25000 مستري ۽ مزدور ڏينهن رات هن ايئرپورٽ تي ڪم ڪندا هئا.
    ملائيشيا پهريون ايشيائي ملڪ آهي جنهن ڪامن ويلٿ راندين جي ميزباني جهلي. ڪامن ويلٿ ملڪن جي راندين جو هي سورهون مقابلو 11 سيپٽمبر 1998ع کان 21 سيپٽمبر 1998ع تائين هليو جنهن ۾ 70 ملڪن جي 3638 رانديگرن حصو ورتو. انهن مان 34 ملڪن کي ميڊل مليا. پاڪستان جي ڀاڳ ۾ فقط هڪ چانديءَ جو ميڊل آيو جيڪو لائيٽ ويٽ باڪسنگ جي مقابلي ۾ علي اصغر کٽيو. هي اسٽيڊيم جنهن ۾ رانديون ٿيون، نئشنل اسٽيڊيم نالي بڪت جليل ۾ آهي ۽ ملائيشيا جو وڏي ۾ وڏو اسئٽڊيم آهي جنهن ۾ وهڻ لاءِ 87400 سيٽون آهن پر هڪ لک کن ماڻهو اچيو وڃن. هي اسئٽڊيم دنيا ۾ 25 نمبر وڏو اسئٽڊيم آهي ۽ فٽ بال جي اسئٽڊيم ۾ ڏهون نمبر وڏو آهي. هن اسٽيڊيم ۾ 2001 ۾ سائوٿ ايسٽ ايشين گيمز به ٿي چڪيون آهن.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته ملائيشيا اڳوڻي وزيراعظم مهاتر محمد جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ مشهور ۽ ظاهر ٿيو. دنيا جي ڊگهي عمارت، پينانگ ٻيٽ کي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍيندڙ ڊگهي پل، سائبر جايا ۽ پتراجايا جهڙا ماڊرن شهر، بحري جهازن ۽ هوائي جهازن جي ڪمپنين کي وڌائڻ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ، خوبصورت هوائي اڏو ۽ ان تان مسافرن کي شهر تائين آڻڻ جو بندوبست، مختلف يونيورسٽين جو ٺهڻ ۽ انهن ۾ تعليم جي معيار کي ايڏو بلند رکڻ جو دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد انهن ۾ اعلى تعليم لاءِ اچن ٿا، جهنگل ۽ جبلن واري ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائي ڇڏڻ، ڪئالالمپور جهڙي ڳتيل شهر ۾ اليڪٽرڪ ۽ مونو ريل گاڏيون هلائڻ، عوام لاءِ روزگار مهيا ڪرڻ ۽ سندن صحت جو اونو رکڻ ۽ ٻين به ڪيترين ڳالهين ڪري مهاتير هِن ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي.
    اسان جو پاڪستاني دوست انجنيئر يوسف شاهه جيڪو گذريل 25 سالن کان ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS ۾ ڪم ڪري رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته دنيا ۾ فقط ڇهه اعلى درجي جون هوائي ڪمپنيون آهن جن کي Skytrax طرفان فائيو اسٽار اسٽئٽس مليل آهي، انهن ۾ MAS هڪ آهي. (ٻيون پنج هوائي ڪمپنيون هن ريت آهن: ڏکڻ ڪوريا جي ASIANA، هانگ ڪانگ جي ڪئٿي پئسفڪ، عرب امارات جي ’قطر ايئرويز‘، سنگاپور جي SIA ۽ انڊيا جي ’ڪنگ فشر‘.)
    ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS جو سڄو نالو ”ملائيشين ايئر لائين سسٽم برحد“ آهي. ملائيشيا جي ڪيترين ڪمپنين جي نالي جي آخر ۾ ”برحد“ يا ”سِنديرين برحد“ اچي ٿو. ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي هتي ملائيشيا ۾ ديسي جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي ڪمپنيءَ جو نالو به ”سنڌ هيلٿ ڪيئر سنديرين برحد“ آهي. اهڙي طرح روهڙي جي غلام علي سولنگي جي ڪئالالمپور ۾ جيڪا سرجيڪل اوزارن جي ڪمپني آهي ان جو نالو ”فرئگو امپيڪس سنديرين برحد“ آهي. سنديرين برحد لفظن جو شارٽ فارم “Sdn- Bhd” لکيو وڃي ٿو. برحد جي معنى لميٽيڊ آهي. ملئي لفظ ”برحد“ بنيادي لفظ (root word) ”حد“ مان نڪتل آهي جيڪو لفظ اسان جي سنڌي، اردو، عربي وارو ساڳيو آهي يعني Limit. ان حد لفظ مان ملئي جا ٻيا لفظ ”سرحد“ (بائونڊري)، برحد (لميٽيڊ) وغيره جڙيا آهن، سينديري (Sendiri) دِري لفظ مان آهي معنى اڪيلو، پاڻمرادو. ان مان ٺهيو آهي سنديرين معنى پنهنجو پاڻ يعني ”پرائيويٽ“.
    ملائيشيا جي هيءَ قومي هوائي ڪمپني 1947 MAS ۾ ”ملاين ايئرويز“ جي نالي سان شروع ٿي. ملائيشيا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملڻ بعد هن ڪمپني جو نالو ”ايئرويز ملائيشيا“ رکيو ويو ۽ پوءِ سنگاپور وارن سان گڏجي هن ڪمپني جو نالو ”ملائيشيا سنگاپور ايئرويز“ رکيو ويو. ان بعد 1987ع ڌاري هن ڪمپني جو هاڻوڪو نالو MAS رکيو ويو. اسان واري جهاز جي هڪ جهوني فلائيٽ انجنيئر ٻڌايو ته MAS ڪمپنيءَ کي اڄڪلهه 82 مسافر هوائي جهاز ۽ 5 ڪارگو کڻندڙ هوائي جهاز آهن.
    ملائيشيا جي هن سرڪاري هوائي ڪمپني MAS کان علاوه ملائيشيا کي ٻيون به ننڍي پئماني جون هوائي ڪمپنيون آهن جيئن ته ايئر ايشيا، برجايا ايئر، فائر فلاءِ، سلور فلاءِ ايئر لائين، ماس ونگس وغيره. سستين ٽڪيٽن ڪري ايئر ايشيا هن پاسي جي تمام گهڻي پاپولر هوائي ڪمپني آهي جيڪا ملڪ اندر ۽ ولايت جي ڪيترن ئي هوائي اڏن تي وڃي ٿي. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين کي اهائي شڪايت آهي ته جيڪر هن هوائي ڪمپني ايئر ايشيا جا هوائي جهاز پاڪستان ۾ به وڃن ته هنن جي ڀاڙي ۾ وڏي بچت ٿي وڃي.
    Air Asia ڪمپني 1996ع کان هلي رهي آهي ۽ کيس هن وقت 96 مسافر جهاز آهن جن ۾ انڊونيشيا ۽ ٿائلنڊ جا جهاز به شامل آهن. هن ڪمپني جي جهازن جي ٽڪيٽ سستي آهي پر هڪ دفعو خريد ڪرڻ بعد واپس نٿي ٿي سگهي ۽ مسافر کان اڏام ڇٽڻ (مِس ٿيڻ) تي پئسا موٽي نٿا ملن. هن اڏام جي جهازن ۾ ماني ٽڪي يا چانهه شربت پئسن تي ملي سگهي ٿي جيئن ڪنهن هوٽل ۾ وڃي کائجي. هنن جهازن ۾ شراب ۽ سوئر به Serve نٿو ٿئي.


    باب ٻارهون

    اسانجي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟

    گذريل دفعي آئون ڪئالالمپور جي هن نئين هوائي اڏي تي پهريون دفعو آيو هوس ته هوائي جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ڪجهه ڪراچي جا مسافر ويٺل هئا، جيڪي ڪنهن ٽريول ايجنسي جي معرفت پنجن ڏينهن لاءِ ملائيشيا گهمڻ لاءِ هليا هئا. ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي لهڻ وقت هنن سان ڳالهين ڳالهين ۾ K.L (ڪئالالمپور) ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان اچي ٻاهر نڪتس. ايئر پورٽ جي ٻاهران هنن ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن لاءِ مِني بسون بيٺل هيون، جن ۾ هو چڙهي پنهنجين هوٽلن ڏي ڪئالالمپور شهر ڏي روانا ٿي ويا. ڪن مسافرن کي ڪئالالمپور شهر ڏي وڃڻ بدران اتان سڌو پينانگ يا ملاڪا وڃڻو هو، سو اهي پنهنجين ٽوئرسٽ ڪمپنين طرفان آيل بسين ۾ اوڏانهن روانا ٿي ويا ۽ مون کي شهر وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻي پئي. مون کي ان وقت به حيرت ٿي ته اسان جي اڏام توڙي ان وقت آيل ٻين ملڪن جي اڏامن مان هيترا سارا مسافر جيڪي لٿا سي ويا ڪيڏانهن؟ سامهون هڪ ٻه پبلڪ بسون ضرور بيٺيون هيون، پر ان ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني ماڻهو، جن کي وڏي بئگ بدران مختصر سامان هو، اهي چڙهي روانا ٿي ويا. مون کي ڏينهن ٻن کانپوءِ خبر پيئي ته مسافرن لاءِ KLIA (ڪئالالمپور ايئرپورٽ) کان ڪئالالمپور شهر جي مرڪز ۾ پهچڻ لاءِ سڀ ۾ سستي ۽ تيز رفتار سواري ايئرپورٽ جي اندران ئي هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرين آهي، جيڪا KILA- Express سڏجي ٿي ۽ شهر جي وچ واري ۽ وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشن Sentral تي اچيو ڇڏي. سو هن ڀيري تڪڙ ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بدران ”ڪُليا ايڪپريس“ جي پڇا ڪرايم. هڪ آسٽريليا کان آيل پيرسن جوڙو به ان ڏي وڃي رهيو هو، سو انهن سان گڏوگڏ لفٽ ۾ چڙهي ٻه فلور هيٺ بيسمينٽ ۾ آياسين. ايئر پورٽ جي ڀتين ۽ لفٽن تي به KLIA Express جا تير لڳل هئا، جن کي فالو ڪري سگهجي ٿو. مون وانگر ٻين به ڪيترن مسافرن کي اها خبر نه هئي ته ٽڪيٽ ڪٿان وٺجي. اسان سمجهيو گاڏيءَ اندر ملندي پر پوءِ لهڻ وقت اتان وٺي گيٽ مان نڪتاسين.
    هن ٽرين ۾ منهنجي هڪ پاسي کان هي آسٽريليا جا پيرسن هئا، ٻئي پاسي کان هڪ ويهه پنجويهه سالن جو پاڪستاني نوجوان اچي ويٺو. پاڻ سان آندل وڏي بئگ، سامهون سامان رکڻ واري رئڪ ۾ هٿيڪي ڪرڻ بدران هو پنهنجي اڳيان جهلي بيٺو. هن ٻڌايو ته هو لاهور کان PIA ذريعي مهيني جي ٽوئرسٽ ويزا تي هتي آيو آهي. هو بئگ جي ٽٽڻ ڪري سخت پريشان هو، جنهن ۾ هن هٿ جي اڻيل غاليچن جا سئمپل، هتي وڪڻڻ لاءِ آندا هئا. مون پنهنجي بئگ جي چوڌاري ٻڌل رسو کولي کيس ڏنو.
    ”پوءِ ڀلا توهان جي بئگ جو ڇا ٿيندو؟“ هن پڇيو.
    ”منهنجي بئگ ته في الحال صحيح آهي،“ مون ٻڌايومانس، ”پر پنهنجي تجربي موجب آئون بئگ کي رسين سان به ٻڌي نڪرندو آهيان ۽ ان کان علاوه هڪ يا ٻه وڏا شاپر به بئگ ۾ وجهي ڇڏيندو آهيان، جيئن رستي تي جي بئگ کلي پوي ته ساڳيو سامان ان ۾ واپس سموئي نٿو سگهجي.“
    هو ملائيشيا پهريون دفعو آيو هو ۽ بيحد هيسيل هيسيل لڳي رهيو هو. ڪافي ميل پوک مان گذرڻ بعد ڪجهه عمارتون نظر آيون ٿي ته هن هر دفعي پڇيو ٿي ته ڇا ڪئالالمپور اچي ويو. چوڌاري پام آئل جي وڻن جي پوک کي ڏسي هن سمجهيو ته اهي ناريلن جا وڻ آهن. پام آئل جو وڻ ناريل سان ڪافي ملي ٿو. منهنجي پڇڻ تي ته هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي ته هن ٻڌايو ته ڪنهن پاڪستاني واقفڪار جي ٻڌائڻ مطابق هو پاڪستان مسجد وٽ رهائش لاءِ ڪنهن سستي مسافرخاني ۾ رهي شهر ۾ مختلف دڪانن تي وڃي هي مال کپائيندو. اهو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي وسوڙيل ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ٻاهر وڃي مختلف شيون وڪڻڻ آسان ڪم آهي، پر پوءِ پرديس ۾ اچي دربدر ٿين ٿا. ڇو جو جيڪي غاليچن، ڀرت ۽ پاڪستاني يا انڊين ڊريسن جا هتي رهندڙ بزنيس مين آهن، انهن جو ئي وڪرو نٿو ٿئي اتي ائين هڪ اوپرو ماڻهو ڇا وڪرو ڪري سگهندو! پر ان ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني ماڻهن جو به ڏوهه آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن کي ان قسم جون غلط صلاحون ڏين ٿا ۽ پوءِ اسانجا غريب بيروزگار قرض کڻي، ٽڪيٽون وٺن ٿا ۽ سامان کڻي هتي رلندا رهن ٿا. ڪجهه نه کپڻ تي اهي صلاحون ڏيندڙ کانئن سندن مال اوڻي پوڻي ۾ وٺي کين ڀڄايو ڪڍن. هونءَ به هڪ گهمڻ جي ويزا تي آيل ٽوئرسٽ قانوني طرح ڪنهن به ملڪ ۾ نوڪري يا بزنيس نٿو ڪري سگهي. هو هميشه خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي وطن ۾ ماڻهو فقط انهن کي ڏسن ٿا، جيڪي بچيو وڃن ۽ چار پئسا ڪمايو اچن. انهن کي نٿا ڏسن جيڪي هتي ملائيشيا يا عرب ملڪ جي جيلن ۾ سزا جي زندگي پيا گذارين.
    ”ڀلا هتي جي ڪسٽمس نه پڇيو ته هيڏي وڏي بئگ فقط غاليچن سان ڇو ڀري آيو آهين؟“ مون پڇيومانس. ”نه- الله جا شڪر آهن، بچاءُ ٿي ويو،“ هن ٻڌايو، ”هنن کولي به نه ڏٺي ۽ اهو به چڱو جو هيءَ بئگ ان بعد لفٽ مان نڪرندي ٽٽي پئي. پر....“
    هو اهو چئي ماٺ ٿي ويو.
    ”پر ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”مون کي پنهنجن پاڪستاني ڪسٽمس وارن لاهور ايئرپورٽ تي ڏاڍو ڦريو. چون ته تون وڃي نٿو سگهين. مون چيو مانِ ڇو نه؟ مون کي ويزا آهي، رٽرن ٽڪيٽ آهي، پاسپورٽ صحيح اٿم.... هنن کي منهنجا غاليچا اک ۾ هئا سو مون کي مجبورن کين رشوت ڏيڻي پئي نه ته اجايو خواري ٿئي ها.“
    هن کي جڏهن خبر پيئي ته منهنجو ملائيشيا سان ڪافي واسطو رهيو آهي ته هن مون کان پڇيو ته هن کي هتي ڪا نوڪري يا پورهيو ملي سگهندو يا نه؟
    ”هنن وٽ سندن ماڻهو گهٽ آهن، پئسو ۽ پراجيڪٽ گهڻا اٿن، جن لاءِ هنن کي هنرمند ڪاريگرن کان مزور، نوڪرن ۽ ڪلارڪ ڪڙن جي بلڪل ضرورت آهي، جيڪي هو گهڻي ڀاڱي ڀرواري ملڪ انڊونيشيا مان گهرائين ٿا، جيڪي ورڪ پرمٽ تي ملائيشيا ۾ اچي نوڪري ڪن ٿا.“ مون هن کي ٻڌايو.
    ”پر اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا تي اچي نوڪري ۽ بزنيس ڪن ٿا.“ هن ٻڌايو.
    ”اها مون کي خبر ناهي ته اهي ان قسم جو غير قانوني ڪم ڪيئن ڪن ٿا ۽ نه ڪنهن کي ان جي صلاح ڏيندس. هونءَ هتي جي اخبارن ۾ اڪثر ايندو رهي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي فئڪٽري يا ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڇاپو لڳو ۽ هيترا غير قانوني طرح ڪم ڪندڙ ڌارين کي پنهنجي ملڪ ڊيپورٽ ڪيو ويو يا جيل ۾ وڌو ويو. ان مان ظاهر آهي ته هتي غير قانوني طرح ڌارين ملڪن جا ماڻهو ”جابس“ لاءِ ايندا رهن ٿا.“ مون ٻڌايومانس.
    دراصل سالن کان ملائيشيا حڪومت جي اها پاليسي ڏسندو اچان ته هو پاڻ ئي ڍر ڏين ٿا، جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هنن وٽ غير قانوني طرح اچن جو اهڙي ريت هنن کي پنهنجن ڪارخانن، ٻنين ٻارن (پام آئل ۽ رٻڙ جي پوک) وغيره لاءِ سستو لئبر ملي پوي ۽ پوءِ وري رکي رکي اعلان ڪندا ته غير قانوني ڌارين کي چتاءُ ٿو ڏجي ته هو فلاڻي تاريخ اندر پنهنجي پنهنجي ملڪ موٽي وڃن جو ان بعد اسان سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏينداسين. پوءِ رکي رکي ڇاپا هڻي ڪافي غير قانوني ڌارين کي پڪڙين به ٿا ۽ هنن کي جيل جي سزا کان علاوه گذريل دفعي ته ڦٽڪا به هنيائون (Caning به ڪيائون) جنهن تي دنيا جي هيومن رائيٽس ايجنسين گوڙ به ڪيو.
    ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي گرم ۽ مينهوڳي واري موسم ۾ پام آئل ۽ رٻڙ جي پوکن ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اڳ ۾ سالن تائين هن ملڪ ۾ رهندڙ ڏکڻ هندستاني (تامل) اهو ڪم ڪندا هئا. هاڻ انهن جون نوجوان ٽهيون لکي پڙهي آفيسر ٿي ويون آهن يا پئسو اچڻ ڪري هو آرام وارا ڌنڌا ڪري رهيا آهن. سو ظاهر آهي، انهن پوکن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کين ڀرواري ملڪ انڊونيشيا جي غريب ماڻهن جي ئي ضرورت آهي. انهن پوکن ( Plantations جاگيرن) جا امير مالڪ انڊونيشيا يا ڏکڻ هندستان پاسي کان قانوني طرح مزور گهرائڻ بدران حڪومت کي اک ٻوٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ته اها ملائيشيا ۾ غير قانوني طرح ايندڙ مزورن تي سختي نه ڪري. ڇو جو غير قانوني آيل مزور نه ميڊيڪل گهرندو ۽ نه پگهار ۾ واڌارو وٺندو ۽ نه وري ڪا هڙتال ڪندو. هو هر وقت ڊپ ۾ رهي پورهيو ڪندو. اهو حال شهرن ۾ ڪنسٽرڪشن ورڪ تي به آهي. سڄي ملائيشيا ۾ روڊن رستن کان وٺي گهر، عمارتون، ڪاليج، اسپتالون، پليون، پيٽرول پمپ وغيره ٺهندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هنن کي ٽيڪنيڪل کان وٺي نان ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪم لاءِ ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح فلپين، بنگلاديش، پاڪستان، انڊيا ۽ سريلنڪا مان ورڪ ويزا تي ماڻهو گهرائين ٿيون. ان سان گڏ ڪجهه ڪمپنيون غير قانوني آيل ماڻهن کي گهٽ پگهار يا گهٽ سهولتن سان پورهئي ۾ لڳايو ڇڏين. پوءِ اهڙن ماڻهن بابت سندن هم وطن خبرچار لهيو، هو به نوڪري جي ڳولا ۾ ٽوئرسٽ ويزا تي هليا اچن ٿا. پوءِ ڪن کي نوڪري مليو به وڃي ٿي، ته ڪي جهلجيو پون. پر جن کي نوڪري ملي ٿي اهي به هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هر وقت پوليس کان لڪندا وتن ۽ هيڏانهن هوڏانهن آزاد انسان وانگر گهمڻ ڦرڻ کان لنوائين ٿا. بيمار ٿيڻ تي اسپتال ۾ وڃڻ کان به لهرائين ٿا جو هنن کان پاسپورٽ جي گهُر ٿيندي ۽ ختم ٿيل ويزا تي هو جهلجي سگهن ٿا.
    بهرحال منهنجي پاڪستاني دوست غلام علي سولنگي جو اهو ئي مشورو آهي ته ٺڳ ايجنٽن کان خبردار رهجي. جيڪڏهن ڪا نوڪري ملي به ٿي ته ان ڪمپني جو ليٽر ملائيشيا جي سفارت خاني يا قونصل خاني ۾ ڏيکاري ان جي تصديق ڪجي، ڇو جو ڪيترا ملائيشيا پهچي رلي وڃن ٿا ۽ هتي پهچي کين خبر پوي ٿي ته ان جعلي ليٽر ذريعي هنن کي ايجنٽ ڦري ويو.
    ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن تي پهچي مون هن لاهور جي نوجوان کان موڪلايو ۽ آئون پنهنجي ميزبان علي کي ڳولڻ لڳس. اسٽيشن کان ٻاهر روڊ ڏي نڪتس ته مون کي احساس ٿيو ته هيءَ ته تمام وڏي اسٽيشن آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي گيٽ ۽ مين روڊ آهن. ظاهر آهي، هيءَ اسٽيشن رڳو ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن جو مقصد پورو نٿي ڪري، پر سڄي شهر ۽ اوسي پاسي کان ايندڙ اليڪٽرڪ ريلن جي به جنڪشن آهي. مون گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيا، پر عليءَ جو نه هو اتو نه هو پتو. هيڏي ٽرئفڪ ۽ مسافرن جي پيهه پيهان ڪري مون کي هڪ خوف به محسوس ٿيو، جيڪو هڪ ٻهراڙي جي سڪون ڀري زندگي جي رهواسي کي ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ پهچڻ سان ٿئي ٿو. آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته هاڻ ڇا ڪريان، عليءَ کي فون ڪريان يا ان ريل جو پڇايان جيڪا مون کي هن جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوٽ پهچائي، يا ٽئڪسي ڪريان...؟ اتي پاسي کان ايندڙ هڪ نوجوان سڌو مون وٽ پهچي پڇيو ته آءٌ الطاف آهيان. منهنجي ”ها“ ڪرڻ تي هن بئگ کڻائي ۽ عليءَ کي ان هنڌ اچڻ لاءِ فون ڪيو.
    ”دراصل علي اسٽيشن جي ٻي پاسي ڪار پارڪ ڪري توهان جو ان پاسي انتظار پيو ڪري. منهنجو نالو شفيق خان آهي، آئون به روهڙي جو آهيان ۽ عليءَ جي آفيس ۾ عليءَ وٽ ڪم ڪريان ٿو.“ هن ٻڌايو
    ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري علي ڪار کي اسان واري طرف ڏي آڻي نه سگهيو ۽ اسان کي هن ڏي پهچڻ لاءِ هُن فون ڪيو. اسان بئگ کي سندس ڦيٿن تي گسڪائيندا هن وٽ پهتاسين. هو ملئي نموني جي قميص، پجامي ۽ ٽوپي ۾ هو.
    ”چئبو ته جمعي نماز پڙهي ورتئي“ مون پڇيو.
    ”بس هاڻ پڙهي پهتو هوس. پاڻ سان گڏ شفيق کي به آندم جيئن توهان کي ڳولڻ ۾ جلدي ٿئي.“


    باب تيرهون

    ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟

    علي (سڄو نالو غلام علي سولنگي) سان منهنجي پاڪستان ۾ پهرين کان نه ملاقات هئي نه ڄاڻ سڃاڻ. اڄ کان ست اٺ سال اڳ جڏهن ملائيشيا ويو هوس ته سنڌ جي مشهور ليکڪ سائين جمال ابڙو صاحب جي پٽ اطهر ابڙو جي گهر ڊنر تي عليءَ سان ملاقات ٿي هئي. اطهر انهن ڏينهن ۾ ڪئالالمپور جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل سيڪريٽري هو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن جا شاگرد، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ بزنيس مين مون سان ملڻ ٿا چاهين. هنن منهنجا ملائيشيا بابت ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي مون 1980ع کان 1990ع واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۾ رهڻ دوران لکيا هئا. ڊنر تي جيڪي آيا انهن ۾ علي به هڪ هو. هالا جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند ٻڌايو ته عليءَ جي هتي ڪئالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما (روڊ) تي هڪ سائبر ڪيفي آهي.
    ”سائين ٽن سالن کان هئي ۽ خوب ڪمائي ٿي رهي هئي.“ عليءَ درستي ڪئي.
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ مون پڇيو ته ٻيا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ان تي مرحوم ڏهر صاحب جيڪو علي سان گڏ آيو هو ۽ ڪئالالمپور جي ڪجهه گهرن ۾ ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائي گذر سفر ڪندو هو، تنهن چيو ته جنهن علائقي ڪلانگ لاما ۾ عليءَ Cyber- Café کولي، ان ۾ تامل (ڏکڻ هندستان جا انڊين) تمام گهڻا رهن ٿا.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو“، مون ڏهر صاحب کي چيو، ”هاڻ اڃان به اهي سڌريا آهن نه ته ٺرو پي جهيڙو ڪرڻ يا جوا ۾ هارائي پوءِ وڙهڻ هنن جو روز جو وهنوار هوندو هو. اخبار کولبي هئي ته جالان ڪلانگ لاما جي ڪنهن ڏوهه جي ضرور خبر هوندي هئي.“
    ”بس سائين سمجهو ته علي جي به قسمت ٿي ڦٽي جو انهن نڀاڳن جو هڪ رات عليءَ جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس پڪڙ ڌڪڙ ڪئي، ان چڪر ۾ ماڳهين ڪيفي ئي بند ٿي وئي.“ ڏهر صاحب ٻڌايو.
    مانيءَ تي ڳالهين ڪندي ملائيشيا ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن مان هڪ ٻن ڄڻن پڇيو ته Ph.D. ڪرڻ بعد هنن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو ٿي سگهي ٿو يا نه؟ مون کين اهو ئي ٻڌايو ته توهان جيڪڏهن ڪنهن اهڙي اهم سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ هنن جا پنهنجا ماڻهو نه آهن ته پوءِ توهان کي هي پاڻ به منٿون ڪندا ته هتي رهي پئو. ٻي صورت ۾ توهان جي هتي رهڻ جو شوق شايد پورو ٿي نه سگهي. اسان جي ڳوٺ هالا جو هڪ نوجوان ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي جي پراڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جو ڀائٽيو) دل جي ڪنهن خاص آپريشنن ۾ مهارت حاصل ڪري رهيو هو، تنهن کي چيم ته تون ته هينئر ئي پنهنجي جاءِ وٺي هتي رهي پئه. مزي جي ڳالهه ته ڊاڪٽر شڪيل اڄ ڪلهه واقعي ڪئالالمپور جي دل جي اسپتال جو ٽاپ جو سرجن آهي ۽ هيءَ اسپتال جنهن ۾ هو ڪم ڪري ٿو، دنيا جي پنجن وڏين اسپتالن مان هڪ آهي.
    بهرحال ٻيون به خبرون چارون ٿينديون رهيون. ماني بعد هڪ هڪ ٿي سڀني موڪلايو. آخر ۾ ڏهر صاحب ۽ علي وڃي بچيا. علي منهنجي ڀرسان اچي مون کي چيو سائين ڪا صلاح ڏيو ته آئون ڇا ڪريان.؟
    ”علي تنهنجي تعليم ڇا آهي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”سائين B.A ڪئي اٿم، سا به لٽريچر ۾.“ هن ٻڌايو، پر هن کي ان جو خود به احساس هو ته جتي پي ايڇ ڊي وارن کي آساني سان نوڪري نٿي ملي، اتي B.A واري جو ڇا ڀاڳ ٿي سگهي ٿو. پر مون کي ائين لڳو ڄڻ علي چرچو ڪري رهيو هجي.
    ”پر علي،“ مون چيومانس، ”انگريزي ته تمام سٺي ٿو ڳالهائين“.
    ”ائين ته ملئي به سٺي ٿو ڳالهايان،“ عليءَ چيو، ”هتي ڇهه ست سال رهڻ ڪري انگريزي ۽ ملئي سٺي ٿي وئي اٿم.“
    آئون عليءَ کي ڏسڻ لڳس. سنهي ڏاڙهي سان سوٽ بشرٽ ۾ هو بيحد سمارٽ لڳي رهيو هو. آئون کيس ڪهڙي صلاح ڏئي ٿي سگهيس. چُپ ئي رهيس. ڪجهه دير علي به چپ رهيو، ان بعد هن وري پڇيو ته سائين آئون ڇا ڪريان؟
    ”علي ڳالهه ٻڌ! شادي شده آهين؟“ آئون اهو سوال ڪري ٿورو پريشان ضرور ٿي ويس. علي 30 سالن جي لڳ ڀڳ لڳي رهيو هو ۽ اسين سنڌي ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا، ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪري ڇڏيندا آهيون. روزگار ۽ پنهنجو گهر گهاٽ ٺاهڻ جو به پوءِ سوچيندا آهيون. سو منهنجو عليءَ کان اهو سوال ڪرڻ مناسب نه هو، پر مون کي حيرت ٿي جڏهن عليءَ ٻڌايو ته هو بيچلر آهي.
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيومانس ”ان صورت ۾ تون بيچلر نه پر ماسٽرس کان به مٿاهين ڊگري رکين ٿو.“
    منهنجي ان چوڻ تي هو پاڻ به سمجهي ويو. مرحوم ڏهر صاحب به وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”سائين آئون به عليءَ کي اهوئي چئي رهيو آهيان ته ٺاهوڪو جوان آهين، ستن سالن کان هتي رهيو پيو آهين. شادي کڻي هتي ئي ڪر.“
    عليءَ شرمائيندي چيو ”سائين مون به اهو ئي سوچيو آهي....“ ۽ پوءِ ٿوري ساهي پٽي چيو: ”هڪ ملئي ڇوڪري مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.“
    ”رڳو هوءَ شادي ڪرڻ چاهي ٿي يا تنهنجي به دل آهي. ائين نه ته هن کي روهه ۾ رلائي ڇڏين.“ مون چيو. منهنجي دماغ ۾ سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ هتي رهجي ويل ننڍي کنڊ جا مسلمان خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا انگريز فوج جا سپاهي ڌيان ۾ آيا، جن هتي جي ملئي عورتن سان شادي ڪئي، جن مان ڪجهه پنهنجي وطن هليا ويا ته وري نه موٽيا، ڪجهه اتان پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن عورت سان شادي ڪري ان کي هتي وٺي آيا. سندن پهريون زالون يا انهن جو اولاد دربدر ٿي ويو. هاڻ ملائيشيا امير ملڪ ٿي ويو آهي، هر هڪ سکيو ستابو آهي، پر سٺ جي ڏهي جي آخري سالن توڙي ستر جي سڄي ڏهي ۾ اهڙين ڪيترين ئي ملئي زالن ۽ سندن اولاد کي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي پٽيندو ۽ دربدر ٿيندو ڏٺم.
    ”سائين منهنجو به هن سان پيار آهي ۽ ٻن سالن کان شادي جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون.“ عليءَ ٻڌايو.
    ”ته بس پوءِ تون ڇو فڪر ڪري رهيو آهين.“ مون عليءَ کي اهڙي نموني سان چيو جو هن سمجهيو يا نه پر اطهر ابڙو چرچو سمجهي کلڻ لڳو، جنهن سان اها چرچي واري ڳالهه هڪ ڏينهن اڳ سندس آفيس ۾ ڪئي هيم.
    آئون انهن ڏينهن ۾ جپان کان آيو هوس سو اطهر ۽ سندس سفير (هاءِ ڪمشنر) جنرل نسيم رانا کي ٻڌائي هيم ته جپان جون عورتون سخت پورهيت آهن. جپان ۾ نوڪر يا ماسي رکڻ جي اجازت ناهي. زالون سڄي گهر جو ڪم ڪار هڪ طرف ڪن ته نوڪري ٻئي طرف. ٻار ڄڻين ۽ پاڻ نپائين. يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن جهڙي ملڪ ۾، مون ڏٺو ته عورت ٻار سا ڄڻي ٿي، پر ان جا پوتڙا (نئپيون) مڙس بدلائيندو وتندو. گهر جو به اڌ ڪم مڙس حوالي هوندو. هيڏانهن جپان ۾ هر ڪم غريب عورت ڪري ٿي، ان بعد به هوءَ پنهنجي آلي موالي مڙس جا دڙڪا کائيندي رهي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو جپاني عورت ڪنهن به ڌارئين سان شادي ڪرڻ ۾ نجات محسوس ڪري ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ڌاريون مڙس، چاهي هن جو سچو پيار نه هجي، پر جپان جو سٽيزن نه هجڻ ڪري زال جي عزت ڪري ٿو جو هو زال جي ڪري ئي جپان ۾ رهيو پيو آهي ۽ جپاني عورتن سان شادي ڪرڻ جا شوقين نه فقط ايشيائي ملڪن جا ڪنگلا ۽ بيروزگار آهن، پر يورپ ۽ آمريڪا جا به اهي ڪاهل ۽ سست آهن، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته به هنن کان محنت ۽ پورهيو نٿو پڄي. سو هنن ڌارين ملڪن کان جپان ۾ ايندڙن لاءِ، ڪنهن جپاني عورت سان شادي ڪرڻ ئي هر مرض جو علاج آهي. ڇو جو هو پوءِ لاهي پاهي سڄو بار زال تي وجهن ٿا ۽ جپاني عورت نوڪري به ڪري ته گهر به هلائي.
    اطهر مون کان هڪ سڃاڻي همراهه جو پڇيو، جيڪو روزگار پورهئي خاطر جپان روانو ٿيو هو. اطهر کي ٻڌايم ته هڪ ڏينهن اهو همراهه پنهنجي جپاني زال سان هڪ ڊپارٽمنٽل اسٽور ۾ ملي ويو. پڇيومانس ته ڇا ٿو ڪرين؟
    ڀرسان بيٺل جپاني عورت ڏي اشارو ڪري وراڻيائين ”مون هن سان شادي ڪئي آهي.“
    ”آئون توکان روزگار جو پڇي رهيو آهيان ته ڪهڙي نوڪري يا مزوري ڪرين ٿو.“ مون کانئس ور ڏئي پڇيو ته بيزاري مان چوڻ لڳو ”ٻڌايم ته سهي ته مون هن سان شادي ڪئي آهي.“
    دل ۾ مون چيو ته ٺهيو. هاڻ هي ڪاهل نه ڪو ڪم ڪندو نه پورهيو. سڀ ڪم زال ڪندي. نه وري جپان جي حڪومت هن کي لوڌي ڪڍندي. آخر هنن کي پنهنجي ڇوڪري بيواهه ته ناهي ڪرڻي.
    بهرحال هتي پاڻ روهڙي جي علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ سڀني ٻڌايو ٿي ته هو سخت محنتي ۽ پورهيت آهي.
    عليءَ مون کي ان وقت به پاڻ وٽ رهڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ماني کائڻ لاءِ ڏاڍو چيو، پر هڪ ته مون کي ملائيشيا مان موٽڻ ۾ باقي ڪو ڏينهن ٻه وڃي بچيو هو سو معذرت ڪندو رهيس. هونءَ به منهنجي هن سان نئين نئين ملاقات ٿي هئي. بهرحال ان پهرين ملاقات ۾ ايترو ضرور محسوس ڪيم ته هن شخص غربت ۾ گذاريو آهي ۽ ڪافي ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن ۽ دنيا جو وڏو تجربو اٿس. ساڳي وقت هو خلوص دل وارو ۽ شڪر ۽ صبر ۾ وقت گذارڻ وارو آهي. سندس هيڏو وڏو روزگار جو ذريعو بند ٿيڻ تي به هو رب جي رضا تي راضي نظر اچي رهيو هو. ملئي عورتون ڪي جپانين وانگر ايڏيون پورهيت نه آهن، پر هنن وانگر وفادار ۽ باادب ضرور آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٽي وِيون ۽ فلمون ڏسي ڏسي ڪيتريون ئي جپاني توڙي ملئي ڇوڪريون اهي ستر ۽ اسي واري ڏهي واريون بقول اڙدو محاوري جي ”الله ميان کي گائين“ نه رهيون آهن. اڄ جي نوجوان ڇوڪرين کي زور زور سان ٽهڪ ڏيندي ۽ سگريٽن جا سوٽا هڻندو ڏسي، حيرت ٿيندي اٿم ته هنن جون مائرون ۽ ماسيون پڦيون، جيڪي اسان سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ڏٺيون، اهي ته ڳالهائيندي به شرمائينديون هيون ۽ پنهنجي وات اڳيان هٿ ڏئي پنهنجا هئڊا يا ڏنگي قطار ۾ قدرتي Constructional نقص وارا ڏند لڪائڻ ۾ پوريون رهنديون هيون. پر ان سڀ ڪجهه جي باوجود اڄ به گهڻن ملڪن جي عورتن کان جپان ۽ ملائيشيا جون ملئي زالون بهتر آهن. اطهر ابڙي بعد ۾ کلندي مونکي چيو؛ ” ڳالهه اها آهي ته اسان واري علي جي نصيب ۾ ڪا سست ملئي ڇوڪري لڳي وئي ته به مڙئي خير آهي.“
    ” ڪيئن ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ان ڪري جو علي پاڻ محنتي ماڻهو آهي،“ اطهر مونکي ٻڌايو، ”هو ڪو ان خيال کان شادي نٿو ڪري ته پاڻ رڳو کٽون ڇني، زال پورهيا ڪري کيس کارائي. عليءَ ننڍپڻ کان پورهيا ڪيا آهن ۽ هن جو هڏ سختين تي هريل آهي سو سست ملئي عورت به عليءَ وٽ خوش گذاريندي.“


    باب چوڏهون

    منهنجي زال کي اهڙو پير مرشدبه نه سمجهه...!

    پاڻ ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي هڪ نوجوان ڳوٺاڻي علي (غلام علي سولنگي) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان منهنجي ڪئالالمپور ۾ پنج ڇهه سال کن اڳ ملاقات ٿي ته ان وقت هن جو ٽن سالن کان هلندڙ سائبر ڪيفي جو بزنس ٺپ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته هن جي انٽرنيٽ جي ڪيفي تمام سٺي طرح هلي رهي هئي. اها روزانو آس پاس جي علائقي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ٽٻ رهي ٿي. پر پوءِ بدقسمتي سان پاڙي جي تامل انڊين جو هن جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ ماڳهين ڪيفي کي بند ڪرڻو پيو.
    آئون عليءَ کان اهو ته پڇي نه سگهيس ته ٻين جي جهيڙي ڪري هن جي ڪيفي ڇو بند ڪرائي وئي. ڪجهه مون کي اهو ئي لڳو ته علي ملائيشيا جو شهري ته نه آهي جو هو هن ملڪ ۾ بزنيس ڪري سگهي. هن اڪيلي يا ٻين سان گڏجي اها ڪيفي ماٺ مٺوڙي ۾ هلائي هوندي ۽ ان وقت دنيا جي ملڪن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون اڄ جهڙا سخت نه ٿيا هئا. ايتري قدر جو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن رستي تي هلندڙ غير ملڪي ماڻهن جي پاسپورٽ جي به چڪاس ٿئي ٿي، نه ته جنهن دور ۾ اسان رهياسين ان ۾ ملائيشيا ته ڇا پر آمريڪا ۽ جپان ۾ به ڪڏهن واٽ هلندي پاسپورٽ چيڪ نه ڪيو ويو. ها البت پاسپورٽ جي چڪاس ان وقت ضرور ٿيندي هئي جڏهن ڪو حادثي ۾ Involve ٿيندو هو يا سرڪاري اسپتال مان دوا وٺڻ ويندو هو. مون کي ياد آهي ته 1966ع ۾ سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جا ٻه نوجوان هفتي کن جي لاءِ آمريڪا گهمڻ آيا ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيا ۽ هڪ هوٽل ۾ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم ڪري، چڱو پئسو ڪمائيندا رهيا ٿي. ٻن ٽن سالن بعد هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي پاڻ ۾ وڙهي پيا. پوليس اچي وئي ۽ وٺ پڪڙ ۾ هنن همراهن کي به پوليس ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ Valid ويزا نه هجڻ ڪري هنن کي پنهنجي وطن ٿي موڪليو. پر انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جيڪو فارين منسٽر هو نيويارڪ آيل هو، جنهن وٽ هي ٻئي هلي ويا. ڀٽي صاحب کين واپس موٽڻ کان بچايو ۽ کين قانوني طرح نوڪري ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏني. هنن ٻنهي نوجوانن سخت پورهيا ڪري پئسو بچائي نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ گهرگهاٽ ۽ زمينون خريد ڪيون پر پنهنجي ٻارن کي خوب پڙهايو. منهنجو جهاز آمريڪا ويندو هو ته منهنجي هنن سان ملاقات ٿيندي هئي. ڪيترائي دفعا هنن منهنجي هٿان پنهنجي ٻارن ڏي پئسا موڪليا ٿي. اڄ هو گذاري ويا آهن پر سندن اولاد مان ڪجهه وطن ۾ وڏين نوڪرين تي آهن ته ڪجهه آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. سو عليءَ جي ڪيفي بند ٿيڻ جو ٻڌي مون کي ائين لڳو ته هن سان به ڪجهه ان قسم جي بدقسمتي ٿي هوندي.
    عليءَ سان ان بعد ڪڏهن فون تي ته ڪڏهن انٽرنيٽ تي حال احوال ٿيندو رهيو ٿي. هن ٻڌايو ته هن هڪ سوزوڪي ٽائيپ وئن خريد ڪئي آهي، جنهن ۾ سامان رکي وڪڻي ٿو. ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ اڄ به پاڪستاني- خاص ڪري پٺاڻ ۽ پنجابي ڪار يا پڪ اپ ۾ مختلف سامان، گهڻو ڪري ڪچو ڪپڙو، سبيل پاڪستاني ۽ انڊين وڳا، غاليچا ۽ ڊنرسيٽ رکي مختلف دڪانن يا گهٽين ۾ وڪڻن ٿا. عليءَ ٻڌايو ته هو سرجيڪل اوزار مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ وڪڻي ٿو.
    ”آئون سيالڪوٽ کان سامان گهرائيندو آهيان“، عليءَ ٻڌايو هو ۽ پوءِ اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر هڪ ۾ مهينو مهينو رهي، اهو سامان وڪڻندو آهيان. ٻارهون ۽ آخري مهينو ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪئالالمپور ۾ گذاريندو آهيان.“
    ”پوءِ ڀلا مختلف رياستن جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي رهين؟“ مون عليءَ کان پڇيو هو.
    ”سائين اسان ماڻهو ڪو هوٽل ۾ رهنداسين. هوٽلن ۾ جي رهون ۽ کائون پيئون ته پوءِ ته مُور به نه نڪري. بس وئن ۾ سمهي رهندو آهيان. سڄي ڏينهن جي هل هلان بعد اهڙو ٿڪل هوندو آهيان جو فٽ پاٿ تي ليٽان ته اتي به ننڊ کڻي وڃي“.
    عليءَ جي ان جاب ڪري جنهن ۾ هن کي ملائيشيا جي هر رياست ۾ مهينو مهينو کن گذارڻو پيو ٿي، مون کي اهو فائدو ضرور ٿيو جو ڪنهن پراڻي دوست جي خبر چار يا نئون پتو ڳولڻو پيو ٿي ته عليءَ کي email يا فون ڪيم ٿي. انهن ڏينهن ۾ (۽ اڃان به پاڪستان کان ملائيشيا) فون ڪرڻ مهانگو هو ۽ آهي. سو email گهڻو استعمال ڪيوسين ٿي. ملاڪا ۾ منهنجو هڪ ’ڪن، نڪ ۽ ڳلي‘ جو ماهر ڊاڪٽر اسحاق دوست هو. منهنجي ملاڪا ڇڏڻ وقت هو ڪئالالمپور هليو ويو هو. پنهنجي پهرين گهر جي ائڊريس ڏنائين پر مون سال ڏيڍ تائين هن سان خط و ڪتابت نه ڪئي ۽ جڏهن بعد ۾ مون هن جي خبر لهڻ چاهي ته معلوم ٿيو ته هو ڪئالالمپور ڇڏي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسحاق جا وڏا ڏکڻ هندستان کان ملائيشيا آيا هئا ۽ پاڻ ملاڪا ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ سنگاپور ۽ انگلنڊ مان پڙهيو. سندس زال ملائيشيا ۾ رهڻ ۾ خوش نه هئي. هن آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾ Settle ٿيڻ چاهيو ٿي. سو مون کي لڳو ته هو اوڏانهن ئي هليا ويا هوندا. ملاڪا ۾ سندن ٽي ماڙ پرائيويٽ اسپتال هئي، ان بابت به ٻڌم ته اها هن ڪڏهوڪو وڪڻي ڇڏي. هڪ ڏينهن عليءَ کي ڊاڪٽر اسحاق بابت email ڪيم.
    ”سائين توهان پرواهه نه ڪريو. جيڪڏهن ڊاڪٽر اسحاق ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ آهي ته هن کي ڳولي وٺندس.“ عليءَ چيو. عليءَ جو هاڻ ڪجهه سالن کان ملائيشيا جي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي ائڊمنسٽريٽرن سان ئي واسطو رهيو ٿي. بهرحال ٻن ٽن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر اسحاق جو ”جوهور“ رياست جي شهر ”جوهور بارو“ مان فون آيو ته علي هن وٽ ويٺو آهي جنهن کان هن کي منهنجو نئون فون نمبر مليو آهي.
    علي کان اڪثر فون تي يا ڪڏهن ڪڏهن اي ميل تي شاديءَ جو پڇندو رهندو هوس ته ”علي شادي ٿي؟“
    ”بس سائين ڄاڻ ته ٿي“. هن جو جواب هوندو هو.
    ”اسان کي شادي جي دعوت ضرور ڏجانءِ.“ آئون علي کي چوندو هوس ۽ هو به وڏي دل سان ها ڪندو هو. پر ملائيشيا ۾ رهي مون به سمجهيو ٿي ته علي به اتي جي ڪلچر کان واقف آهي ته ملائيشيا ۾ مرڻي پرڻي جي رسم کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي جيتري حد تائين اسان وٽ exploitation آهي، جنهن ۾ مذهبي پهلو گهٽ ۽ قومي وقت جو زيان زياده آهي. ماڻهو نوڪريون ڇڏي شادي يا عذر خواهي ڪرڻ لاءِ ٻه ٻه ڏينهن پنهنجين آفيسن مان غير حاضر رهن ٿا ۽ آفيسن ۾ پنهنجي ڪم جي پورائي لاءِ، غريب ۽ ضرورتمند ماڻهو ڀلي پيا اهي ٻه ڏينهن جتيون گسائين. پر افسوس جو اسان وٽ ان غلط پرئڪٽس کي ڪو به ڏوهه جو ڪم يا گناهه نٿو سمجهي. الٽو صاحب جو آفيس ڇڏي دوست جي پٽ جي شادي يا ڀائٽي ڀاڻيجي جي طهر جي ڪاڄ ۾ شرڪت ڪرڻ کي وڏو ثواب، وڏو خير جو ڪم يا وڏي سماجي خير خواهي جو جذبو سمجهيو وڃي ٿو. بهرحال هتي مون اهو ئي سوچيو ٿي ۽ دعا ڪئي ٿي ته عليءَ جي جهٽ ان ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ٿي وڃي جيئن هو بي خوف ٿي سڪون سان ملائيشيا ۾ رهي، پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهي. باقي سندس شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جو عليءَ به سمجهيو ٿي ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ هوندس ته سندس شادي ۾ ضرور شريڪ ٿيندس نه ته هلي ملي ڪئالالمپور وڃڻ ۾ عليءَ جو ته نه پر ايئر ڪمپنيءَ جو ئي فائدو ٿي سگهي ٿو، جيڪا منهنجي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ مان ٻُڪ ٽڪن جا ڪمائيندي. بهرحال عليءَ کي اهو به چوندو رهيس ٿي ته ”علي شادي بعد پنهنجي ملئي ڪنوار کي پاڪستان ضرور گهمائجانءِ ۽ اسان جي گهر به وٺي اچجانس.“
    هڪ سال ائين ٿيو جو مون کي ملڪ کان يڪا ٻه ٽي هفتا ٻاهر رهڻو پيو. ممبئي يونيورسٽي وارن مون کي سنڌي سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ هفتي کن جي دعوت ڏني ۽ اهڙي هفتي ڏيڍ جي ساڌو واسواڻي مشن وارن پوني ۾ سندن مهمان ٿي رهڻ جي دعوت ڏني، جو هو دادا جشن جو 90 جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئا ۽ ”صوفي ازم“ تي سيمينار پڻ ڪري رهيا هئا. اتان پوءِ ايران مان ٿيندو ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته علي هفتي ڏيڍ کان ڪراچي آيل آهي. مون فون ڪيومانس ته چوڻ لڳو ته هو زال سان گڏ مون وٽ اچي رهيو آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون سندس ڊنر لاءِ پنهنجي زال کي چيو ته ناسي ڪنيت، بيف رڊانگ ۽ مي گورينگ جهڙا ملئي ڊش ئي ٺاهجانءِ. مون اهو پئي سوچيو ته اڃان تائين هوءَ اڙدو يا سنڌي ته نه سکي سگهي هوندي پر اسان وٽ هوءَ انگريزي يا پنهنجي مادري زبان ملئي ۾ ئي گفتگو ڪري سگهي ٿي. هونءَ به اسان هن ملئي ڇوڪري (ڪنوار) کي اهم ٿي سمجهيو، جو هن جي ڪري اسان جي هم وطن عليءَ کي ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪمائڻ جو موقعو مليو. ماڻهو ته يورپ ۾ خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين عورتن سان وڃيو شاديون ڪن. هيءَ ته وري به اسان جي مشرقي ڪلچر جي ٿي. مون کي ملائيشيا جو پهريون واقفڪار فارينر مسٽر ڪريم ياد آيو جيڪو ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر هو. پاڻ انگريز آهي ۽ سندس اصلي ڄم جو نالو ته ڪو ٻيو هو پر پوءِ ملاڪا جي ملئي مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو اسلامي نالو عبدالڪريم رکيو. اسان ساڻس چرچو ڪندا هئاسين ته ”ڪريم تون مسلمان ته ٿيو آهين پر شراب ۽ سوئر کائڻ به ڇڏي ڏنئي يا نه؟“
    هو ڪنن تي هٿ لاهي توبهه استغفار ڪندو هو ۽ چوندو هو ”يارو منهنجي زال جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مسلمان ملڪ جي هجي ها ته شايد مون کي نه سڌاري سگهي ها پر ملئي عورتن لاءِ مشهور آهي ته هو پيار محبت ۽ دليل بازي سان مڙسن کي راهه راست تي آڻيو ڇڏين.“
    ”۽ ڪئپٽن ڪريم! تون هن جي ڪري ملئي زبان به سکي وئين“. اسان چوندا هئاسين.
    ”سرڪار هاڻ منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد سمجهي هر ڳالهه جو ڪريڊٽ هن کي نه ڏيو“، ڪئپٽن ڪريم چوندو هو، ”ملئي زبان مون ملاڪا ۾ اچڻ سان پهرين ٽن مهينن ۾ سکي، ان وقت ته منهنجي زال خبر ناهي ڪٿي هئي، شايد ڪئالالمپور جي يونيورسٽي ۾ گرئجوئيشن ڪري ر هي هئي. هتي اچڻ کان ٽي سال رکي پوءِ منهنجي هن سان واقفيت ٿي ۽ شادي ٿي.“
    بهرحال لورپور (انگلنڊ) جي ڳڀرو ۽ سمارٽ انگريز ڪئپٽن جو ملائيشيا ۾ اچي هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ۽ ان کان اڳ هن سان هلندڙ عشق جي ڪهاڻي ته ڪنهن ٻئي موقعي تي هن سفرنامي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي سفرنامي ۾ ضرور ڪبي. هتي پاڻ روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ شير محمد سولنگي جي گهر ۾ 1971ع ۾ جنم وٺندڙ غلام علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جنهن پڻ هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ اڄ هو پنهنجي ڪنوار سان اسان جي گهر رات جي ماني تي اچي رهيو هو.
    طئي ڪيل وقت مطابق علي پنهنجي زال سان گڏ اسان جي گهر آيو. اسان هنن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري خبر چار ڪئي. علي جي زال نه فقط پاڪستاني وڳي يعني سٿڻ قميص ۾ اڙدو ڳالهائي رهي هئي پر شڪل ۾ به اسان جهڙي هئي يعني جيئن اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهيون. ملئي ماڻهن جو نڪ نقشو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ٿائلنڊ، انڊونيشيا، ڪمپوچيا ۽ فلپين جي ماڻهن سان ملي ٿو.
    عليءَ ٻڌايو ته هو ٻن هفتن کان هتي ڪراچي ۾ آهي ۽ هن گذريل هفتي هتان ڪراچي مان ئي شادي ڪئي آهي. اسان جي پڇڻ تي ته هو ملائيشيا ڪڏهن ويندو، هن ٻڌايو ته هو في الحال هتي ئي ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندو.
    اسان سندس ڪنوار اڳيان کانئس اهو پڇي نه سگهياسين ته هن کي ڇا ملائيشيا مان نڪرڻو پيو ۽ اهو به نه پڇي سگهياسين ته هن ملئي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيو جنهن سان هن شادي ڪرڻ جو ارادو رکيو ٿي. هونءَ به اهي ذاتي سوال آهن جن بابت ڪنهن کان ڇا پڇجي. هر هڪ جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ پنهنجيون سوچون آهن. علي ڪو قدم کڻڻ کان اڳ صلاح مشورو پڇي ها يا پنهنجي ڳالهه ڪري ها ته پوءِ ضرور اسان به کانئس پڇون ها. هاڻ ته جيڪي ٿي گذريو سو ٿي گذريو. پر اهو آهي ته عليءَ جون ٻيون ڳالهيون ۽ ڪم سڀ سون برابر پر سندس هي ڪم اسان کي عجيب لڳو ته علي اهڙي قسم جو ماڻهو ته نه آهي. بهرحال اسان جي هونءَ به ٻي ٽين مهيني email ذريعي عليڪ سليڪ ٿي ٿي جنهن مان اهو معلوم ٿيو ته هو واپس ملائيشيا هليو ويو آهي ۽ ڪجهه مهينن بعد پنهنجي زال کي به گهرايو اٿس.
    منهنجي زال کي، جيئن عورتن کي تشويش جي عادت هوندي آهي، اهو معلوم ڪرڻ جي ضرور هورا کورا رهي ٿي ته علي ڇا پيو ڪري. ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ تي اسان کي اها ته خبر هئي ته هن ملڪ ۾ رهائش سولي ناهي پر اتي جي معلومات ۽ ٿيندڙ واقعن موجب اسان اهو ئي asses ڪيو ته عليءَ شايد ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري PR حاصل ڪري، ان بعد هن کي طلاق ڏئي پوءِ هن پاڪستاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسان جا هم وطني ان غلط ڪم کان به بدنام آهن. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته عليءَ ملئي ڇوڪريءَ سان شادي بلڪل نه ڪئي هجي. سڄي ملائيشيا ۾ رلڻ ڪري هن جا ڪنهن اهڙي ملئي اثر رسوخ رکندڙ آفيسر يا سياستدان سان واسطا ٿي ويا هجن، جنهن هن کي غير قانوني طرح دوستي ۾ يا پئسن (رشوت) تي ملائيشيا جو شناختي ڪارڊ (PR) ٺهرائي ڏنو هجي. جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ اها ڳالهه بيحد مشڪل آهي. اڄ کان 40 سال کن اڳ جڏهن آئون پهريون دفعو ملائيشيا آيو هوس ان وقت اها ڳالهه ڪجهه ڪجهه ممڪن هئي پر ان دور ۾ وري اسان جي ملڪ جو ڪو ماڻهو ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هو جو انڊيا توڙي پاڪستان ان وقت جي ملائيشيا کان ماڊرن ۽ سکيا ستابا ملڪ سمجهيا ويا ٿي ۽ ڪنهن جو دماغ ايڏو خراب نه هو جو هروڀرو پاڪستان کي ڇڏي مڇرن، نانگ بلائن، گپ ۽ مينهوڳين واري ملڪ ۾ وڃي رهي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي ملڪ ۾ نه مهانگائي هئي نه بي روزگاري. اسان ملائيشيا، سنگاپور ۽ ڪوريا جهڙن انيڪ ملڪن کان گهڻو گهڻو ماڊرن ۽ سکيا ستابا هئاسين.


    باب پندرهون

    ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم

    ڪئالالمپور جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تان علي مون کي پنهنجي پروٽان ساگا ڪار ۾ گهر وٺي آيو. عليءَ جو گهر ڪئالالمپور جي جنهن علائقي ۾ آهي، اهو جيتوڻيڪ شهر جي مرڪز ۾، ”جالان ڪچنگ“ جهڙي اهم ۽ مشغول روڊ تي آهي، پر ساڳي وقت اهو علائقو ۽ گهر ڳوٺ جو به ڏيک ڏئي ٿو. گهرن جي قطارن جي وچ ۾ ڪا ڪا قطار بلڪل خالي به نظر اچي ٿي جنهن تي اڃان ڪنهن به گهر نه ٺهرايو آهي. سامهون ٺهيل گهرن وارن، انهن خالي پلاٽن تي ڀاڄيون ۽ مڪئي جا سنگ پوکي ڇڏيا آهن. هر گهر اڳيان انهن جون پاليل ڪڪڙيون پيون هلن. گهرن اڳيان بيٺل ٻارن ۽ گهرن جي ٻاهران لکيل نالن مان اندازو لڳايم ته هتي مڪسڊ سوسائٽي جا ماڻهو آهن. يعني نه رڳو ملئي مسلمان پر چيني، تامل، سک ۽ انهن جي وچ ۾ عليءَ جو گهر ۽ سندس پاڙي ۾ سندس پنجابي دوست جو گهر ڏسي مون کي سٺو لڳو. جتي به مڪس قسم جا ماڻهو رهن ٿا، اتي ماڻهو وڌيڪ پرائي ٿو، ٻين کان سٺيون ڳالهيون سکي ٿو ۽ سڄي ملڪ جي ايڪتا رهي ٿي.
    سنگاپور ۾ شروع شروع ۾، جڏهن انگريزن کيس خود مختياري ڏني، هر قوم ۽ هر مذهب ۽ زبان جا ماڻهو پنهنجو ناني ڪنڙو ٺاهي رهيل هئا. چيني الڳ ته ملئي ۽ انڊين الڳ ۽ وري انڊين ۾ به سائوٿ انڊين تامل الڳ ته سک، سنڌي هندو، گجراتي، بنگالي ۽ پارسي الڳ. هر هڪ پنهنجي زبان، دين ڌرم ۽ پنهنجي وطن (جتان هنن جا ابا يا ڏاڏا لڏي سنگاپور اچي رهيا هئا) کي بهتر ٿي سمجهيو ۽ ٻين سان ضد ۽ نفرت لڳائي رکي هئي. پوءِ اسان جي سنگاپور ۾ جهاز تي ايندي ويندي، مون ڏٺو ته سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يوءَ حڪومت طرفان گهڻ ماڙ عمارتون ٺهرائي انهن جا فلئٽ ڪُڻن ذريعي شهرين کي سستي اگهه تي ڏنا. ملئي ماڻهن ڪجهه ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ته هو چينين يا انڊين سان گڏ نه رهندا، هنن لاءِ سڄي بلڊنگ الڳ رکي وڃي پر لي ڪئان يو سڀني کي چيو ته سستو گهر کپناوَ ته ائين ملندو نه ته وڃي پاڻ ئي ٺهرائي رهو. سستائي ڪري سڀني کي ڪشش ٿي ۽ مڪس اپ ٿي رهڻ لڳا. ان مان گهڻو فائدو ملئي ماڻهن کي ٿيو جيڪي هونءَ ڳوٺاڻي طبيعت جا ۽ سست هئا سي واپاري ۽ پڙهيل ڳڙهيل چيني ۽ انڊين ماڻهن جي وچ ۾ رهي تيز ٿي ويا. تعليم ۽ بزنيس ۾ به هوشيار ٿي ويا. اڄ سنگاپور جو ملئي ماڻهو پنهنجي ملائيشيا جي ملئي سوٽ ماسات کان وڌيڪ هوشيار، چست ۽ سياڻو آهي.
    بهرحال ملائيشيا به هاڻ سالن کان سنگاپور کي فالو ڪري رهيو آهي، ڇو جو ملائيشيا جي قوم ۽ حڪومت ڏسي ٿي ته Polarization مان سواءِ نفرت جي ڪو فائدو ناهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ ابتو حساب آهي. اسان جا سنڌي شاگرد ٻين زبانن يا مذهبن جي شاگردن سان رلي ملي هلڻ بدران پنهنجو ناني ڪنڙو ڪري هلندا، بلڪه ڪوشش ته اها ئي ڪندا ته هڪ ئي ڳوٺ جا ملي وڃن ۽ پوءِ ٽي يا چار خيرپور ناٿن شاهه، سجاول يا گمبٽ جا هوندا ته ڀر واري شهر ميهڙ، ٺٽي يا خيرپور جي همراهه سان به نه ملندا. ان ۾ نه فقط اسان سنڌي شامل آهيون پر اسان جي سڄي ملڪ جو اهو حال آهي. توهان انگلنڊ، آمريڪا ويندي ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ ڏسندائو ته اسان جا شاگرد مڪاني يا ڌارين شاگردن سان ملڻ کي گهٽ ترجيح ڏيندا. هو ڪوشش ڪري پنهنجي ملڪ جي شاگردن جو ٽولو ٺاهي هلندا. ان ڪري هو ٻين جو ڪلچر ۽ سٺيون ڳالهيون سمجهڻ ۽ سکڻ کان محروم رهجيو وڃن. هتي عليءَ جي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ چينين ۽ ملئي ماڻهن سان ۽ محلي جي مسجد ۾ مدراسي مسلمانن سان عليڪ سليڪ ڏسي خوشي ٿي.
    پاڙي جي ٻين گهرن وانگر عليءَ جو گهر به هيٺ مٿي آهي. گهر اڳيان ايڏو ڪار پورچ آهي جنهن ۾ ٻه گاڏيون بيهو وڃن. هونءَ به ملائيشيا ۾ چوري چڪاري گهٽ آهي. ماڻهن جون در جي ٻاهران به گاڏيون بيٺيون آهن. هر گهر جي اندر هڪ پاسي ايتري وڏي جاءِ ڇڏيل آهي، جو ٻن ٻن ڪارن جا ٽي سيٽ بيهي سگهن. عليءَ ان Space مٿان پلاسٽڪ جون شيٽون ڏئي ورانڊي وانگر ٺاهي ڇڏيو آهي.
    ”سکر جي منهنجي هڪ سڃاڻي هتي ملائيشيا ۾ کجور جو بزنيس ڪيو هو،“ عليءَ ٻڌايو، ”سو سڄو ڪنٽينر موڪليو هئائين. ان مان نڪتل مال کي هتي رکي پوءِ ٿورا ٿورا دٻا ڪري هتي جي مارڪيٽ ’چوڪٽ بازار“ (Chow Kit) ۾ وڪيا هئاسين.“
    عليءَ جي گهر ڪنڊ ۾ ڪڪڙين جو وڏو پڃرو به رکيو هو جنهن اندر ۽ ٻاهر ڏهاڪو کن ڪڪڙيون ۽ اڌ ڊزن ٻچا (جيڪي 15 ڏينهن کن اڳ آنن مان ڦٽا هئا) چڳي رهيا هئا ۽ هڪ سفيد رنگ جو ڍينڍڙو ڪڪڙ، راجا اندر بڻجي، انهن ڪڪڙين جي وچ ۾ پسار ڪري رهيو هو.
    ”علي! گهر ته واهه جو اٿئي ۽ ڇا ته لوڪيشن آهي؟“ مون تعريف ڪندي چيو.
    عليءَ دعا جا ٻڪ کڻي مٿي آسمان ڏي نهاريندي چيو ”بس سائين رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن، جنهن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي نه ته مون غريب کي ته ايتري به طاقت نه هئي جو کڻي موٽر سائيڪل به وٺي سگهان. اڄ مون کي پنهنجي سواري لاءِ الڳ ڪار آهي ته ڪمپنيءَ جي ڪمن لاءِ الڳ گاڏي آهي.“
    جهاز جنهن وقت ڪئالالمپور لٿو ان وقت مينهن جو وسڪارو ٿي ويو. دل ۾ مون چيو ته آئون ٻين کي نصيحتون ڪندو آهيان ته ههڙن ملڪن ۾ ڇٽيءَ بنا نه ايندا ڪريو پر اڄ آئون ڇٽيءَ بنا اچي نڪتو آهيان. بهرحال ڪجهه پُسندو ڪجهه بچندو، علي جي ڪار تائين پهتس. عليءَ جي گهر پهتاسين ته سندس گهر واريءَ چيو ته ”ڀائي جان مون ڪالهه کان دعائون پي ڪيون ته ڪو مينهن وسي ته موسم ٺري. هن ڀيري هفتي کان مٿي ٿي ويو هو جو مينهن وسڻ جو نالو نه پئي ورتو ۽ ههڙي گرمي ڏسي عليءَ کي چوندي هيس ته الطاف کي ڏاڍي گرمي لڳندي.“
    ”آئون ڪو ڌاريو نه آهيان. هنن پٽن کان واقف آهيان،“ مون وراڻيو، ”ملائيشيا جاگرافيائي طور خط استوائي ملڪ آهي جتي ٻارهوئي ظلم جي گرمي ٿيڻ کپي پر وقفي وقفي تي هلندڙ بارش ڪري موسم خوشگوار ۽ چوڌاري ساوڪ نظر اچي ٿي.“
    عليءَ چيو ته اڄ تنهنجي اچڻ ڪري منهنجي زال پنهنجي ملڪ جو ڊش برياني ٺاهيو آهي جنهن ۾ چانور به پاڪستان کان گهرايل باسمتي وڌا اٿس.
    ”اهو ته علي توهان نسورو مون سان ظلم ڪيو آهي“، مون کين چيو، ”آئون ڪو سال ڏيڍ سئيڊن يا نيوزيلئنڊ ۾ رهي توهان وٽ نه آيو آهيان. آئون ته پاڪستان مان ئي اچان پيو ۽ مون توکي هيڏي تاڪيد ڪئي پر منهنجي نه مڃئي.“
    دراصل ملائيشيا اچڻ کان اڳ عليءَ کي اهو ئي چيو هوم ته تنهنجي گهر رهندس پر مانيءَ جي معاملي ۾ مون کي آزاد ڇڏجانءِ جيئن آئون هتي جا ٻوڙ ڀت کائي پراڻن ڏينهن جو ساه وٺان.
    ”ڀلا نيرن ته اسان وٽ ڪجانءِ.“ عليءَ چيو هو.
    ”نه يار، نيرن ته خاص طرح ٻاهر فٽ پاٿ تي ملئي عورتن جي اسٽالن تي ناسي لماڪ يا روٽي چنائي سان ڪرڻي آهي.“ مون عليءَ کي نه فقط چيو هو پر سمجهايو به هو ته ڏس علي ملائيشيا ۾ مانيءَ جو هونءَ ئي مسئلو نه آهي پر آئون ته خاص انهن ننڍن ننڍن اسٽالن تان ناسي ايام، بيف رنڊانگ، اِڪان ۽ اُڊانگ وٺي کائڻ چاهيان ٿو، جيڪي آئون، هن شهر ڪئالالمپور ۾، هلندي چلندي وٺي کائيندو هوس.
    پر عليءَ توڙي سندس گهر واريءَ، منهنجي آخري ڏينهن تائين ڳالهه نه مڃي ۽ ٻاهران ٿي ايندو هوس ته ٽيبل تي مون لاءِ ماني رکي هوندي هئي. پوءِ آئون به ڪڏهن کائيندو هوس ڪڏهن ٻاهران کائي ايندو هوس. خاص ڪري سندس گهر جي ڀر واري بس اسٽاپ تي عائشه ۽ فاطمه نالي ٻن ملئي عورتن جي اسٽال تي کائڻ جو شوق ضرور پورو ڪيم. جتي اٺ کن اسٽولن تي ٻيا به ٻه چار مون جهڙا جهونا مرد ۽ ٻارن سان گڏ عورتون اچي ويٺيون ٿي ۽ هتان هُتان جون ائين ويهي خبرون ڪيائون ٿي جيئن اسان وٽ ڳوٺن جي بس اسٽان وارين هوٽلن تي چانهه جي ڪوپ تي واندا واندا مرد ويهي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندا آهن. هڪ ڏينهن کاڌي جي ان اسٽال جي پوڙهي مالڪياڻي فاطمه مونکي ٿي چوي: ”انچڪ (جناب) توهان ڪُئيح (مٺيون شيون) ڏاڍيون ٿا کائو. شگر نه ٿي پوانوَ.“
    ”هن عمر ۾ ٿي نه پوانوَ ڇا مطلب؟“ مون کيس چيو، ”شگر ٿي چڪي آهي. پر آئون هتي سڄو ڏينهن واڪ ٿو ڪريان ۽ هن شهر ۾ گذاريل پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ٿو ياد ڪريان جڏهن هن قسم جون ملئي مٺايون (ڪئيح) وڏي شوق سان کائيندو هوس.“
    علي هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس به وٺي هليو جتي ڪمپيوٽر ۽ ڏيتي ليتي جو ڪم سنڀالڻ لاءِ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڳوٺائي دوست شفيق کي روهڙيءَ مان گهرائي هتي رکيو آهي. سامان پوسٽ ذريعي موڪلڻ يا ٻاهر کان آيل مال کي حساب سان سيٽ ڪري رکڻ لاءِ هن وٽ هڪ ملئي ڊرائيور ۽ ڪم ڪار لاءِ هڪ ماڻهو رکيل آهي. سندس آفيس پهرين ماڙ تي آهي جنهن جي هڪ حصي ۾ ٽيبل ڪرسيون ۽ ڪمپيوٽر رکيل آهن جتان هو پاڻ ۽ شفيق ويهي ڪمپيوٽر ذريعي آرڊر وٺن ٿا ۽ پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۽ ٻين ملڪن مان ڊاڪٽري جو سامان گهرائين ٿا.
    آفيس جي ڏاکڻي اڌ کي عليءَ گدام (Store) ڪري رکيو آهي، جتي مختلف ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽول رکيل آهن. ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ چمڙي جون ۽ فئنسي قسم جون جئڪيٽون ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ وارا هيلمٽ رکيل ڏسي مون عليءَ کان پڇيو: ”علي ڪر خبر هي جئڪٽون هتي ڪير ٿو وٺي؟“ ظاهر آهي، مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو پوي اتي هنن جئڪيٽن جو ڪهڙو ڪم؟
    ”هتي جا ملئي ڇوڪرا موٽر سائيڪل هلائڻ جا شوقين آهن،“ عليءَ ٻڌايو، ”هو وڏيون وڏيون موٽر سائيڪلون هلائين ٿا ۽ گهڻو ڪري هن قسم جو ٽرڙيون جئڪيٽون خريد ڪن ٿا. ڪي ته چمڙي جون ڪاريون جئڪيٽون به وٺن ٿا.“
    ”پر علي پاڪستان مان چمڙي جو سامان گهرائڻ آهي خطري جو ڪم“، مون عليءَ کي چيو، ”ڇو جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مون دڪاندارن کان اهو ٻڌو آهي ته پاڪستاني چمڙي جي ڪارخانن وارا Sample هڪڙو ڏيکارين ٿا، مال ٻيو موڪلين ٿا، جيڪو داغي ۽ نقص وارو هجڻ ڪري ولائت جي مارڪيٽن ۾ وڪرو نٿو ٿئي.“
    ”پر اسان کي شڪايت نه رهي آهي جو هن بزنيس ۾ مون سان اهو شامل آهي جنهن کي پنهنجي چمڙي جي فئڪٽري آهي ۽ هو اسان کي هميشه صحيح مال موڪلي ٿو.“ عليءَ ٻڌايو.
    عليءَ جي هن دوست ۽ بزنيس پارٽنر محمد شفيق سان منهنجي هڪ ڏينهن تفصيلي ملاقات ٿي. هن جو چمڙي جي جئڪيٽن، هئنڊ گلوز ۽ مختلف قسم جي بئگن جو لاهور ۾ ڪارخانو آهي ۽ ساڳي وقت هن هتي جالان ڪچنگ جي ڀرسان ’تمن باتو‘ ۾، جتي علي جي ”فرئگو امپيڪس“ ڪمپني جي آفيس آهي، اتي هن” TSN اسٽار سنڊيرين برحد“ نالي جي ڪمپني کولي آهي جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. هو مٿيون شيون سڄي ملائيشيا ۾ سپلاءِ ڪرڻ جو هول سيل ڊيلر آهي. هونءَ مون سندن ٻن ٽن قسمن جون بئگون ۽ ٿيلها ڏٺا، جن جي ڊيزائين ۽ مضبوطي بيحد بهترين قسم جي لڳي. ظاهر آهي ههڙن ملڪن ۾ جتي دنيا جي انيڪ ملڪن جا واپاري ۽ ڪارخانيدار پنهنجو مال وڪڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا مقابلو اهو ئي کٽيندو جنهن جو مال سٺو، جٽادار ۽ گهٽ اگهه وارو هوندو.
    محمد شفيق ٻڌايو ته اڄڪلهه پاڪستان ۾ لائيٽ وڃڻ ڪري سڄو سڄو ڏينهن ڪم وارا واندا ويٺا آهن ۽ مال ٺهڻ جو مقدار گهٽجي ويو آهي ۽ اسان کي ڪم وارن کي مفت جو پگهار ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه چمڙي (Leather) ۽ ڪيميڪل کان سئي سڳي تائين، جيڪا شيءِ ان سامان ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿي، مهانگي ٿي وئي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان کي پراڊڪٽ جو في نگ، ڳري اگهه تي پوي ٿو. نتيجي ۾ روزمره جو خرچ به نٿو نڪري ۽ جي وڪڻڻ جي قيمت ٿا وڌايون ته پوءِ ڪير ڪو نه وٺندو. سندس ڪمپني جي ويب سائيٽ www.w-bpower.com آهي.


    باب سورهون

    نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم

    هڪ ڏينهن عليءَ کي چيم ته يار ڪئالالمپور ۾ چينين جي مارڪيٽ Chow Kit جو چڪر هڻڻ تي دل چوي ٿي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس، تڏهن به ڪئالالمپور اچڻ تي ”چوڪٽ“ جو چڪر ضرور ڏيندو هوس. ان کان اڳ جڏهن جهاز تي هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪئالالمپور اچي جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندو هوس ۽ مسجد انڊيا ۽ چوڪٽ جو چڪر هڻندو هوس. هن مارڪيٽ ۾ ڀاڄين، ميون ۽ قسمين قسمين جانورن جو گوشت وڪامندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. گذريل دفعي ڪئالالمپور آيو هوس ته پاڪستان ايمبسي جو ڪمرشل/ ٽريڊ سيڪريٽري اطهر جمال ابڙو پڻ، مونکي چوڪٽ مارڪيٽ وٺي هليو هو جتي انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو، هن جي ڪوششن سان پاڪستاني انب وڪري لاءِ آندو ويو هو. هاڻ چوڪٽ مارڪيٽ ماڊرن ٿيڻ ڪري منجهس اها ڳالهه نه رهي آهي ۽ ملائيشيا حڪومت ڪيترن جانورن جي گوشت ۽ شين تي بندش هڻي ڇڏي آهي، نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ڪُميون، ڪَڇون، نوريئڙا، نور، سانڍا، ڪتا، ٻلا ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جو گوشت نٿي وڪاميو. مڇين ۽ نانگن جا ته انيڪ قسم هوندا هئا، جيڪي ماڻهو، خاص ڪري چيني جيئرا جاڳندا خريد ڪندا هئا يا انهن جو گوشت ٺهرائي گهر کڻي ويندا هئا يا اتي جي ريسٽورنٽن ۾ هر قسم جو گوشت وڏي ڪڻڇي تي ائين تربو هو، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ برنس روڊ تي يا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ٻاهران ٻڪري جا جيرا، دل، بڪيون ملن ٿا. عليءَ کي ٻڌايم ته 1970ع ۽ ان کان اڳ ته هن مارڪيٽ ۾ مون چين جي شهرن وانگر جيئرن ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍي وڪامندي ڏٺو.
    ”لاحول ولله!“ عليءَ منهن کي موڙو ڏيندي چيو، ”هي چيني به عجيب آهن. ڇا ڇا ته کائين ٿا.“
    مون کلندي چيو، ”علي تنهنجا هي چيني وري به سڌريل آهن جو ملئي سياستدان ۽ حڪومت تيز ٿيندي وڃي ۽ هنن کي هتي ايڏو ٽائيٽ رکيو اٿن جو گهٽ ۾ گهٽ شهر جي عام هوٽلن ۾ ڪانگ، ڪٻرون، تڏون، ڪاڪروچ، ڳوهون ۽ سيڙهه جهڙيون شيون فراءِ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.“
    ”چيني نه رڳو هر شيءِ کايو وڃن پر ان تي فخر به ڪن ٿا،“ عليءَ چيو، ”هو ڪيتريون شيون ته ان وهم ۾ کائين ٿا جو هو سمجهن ٿا ته شايد انهن مان هنن کي شهواني طاقت ملي.“
    عليءَ کي مون ٻڌايو ته چينين لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته هو ٽنگن واري هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ ٽيبل ڪرسي جي. پاڻي ۾ ترندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ سب مئرين جي. هوا ۾ اڏامندڙ هر شيءِ کايو وڃن سواءِ هوائي جهاز جي.
    عليءَ سان اهو پروگرام ٺهيو ته ٻئي ڏينهن صبح جو گهران نڪرڻ مهل، رستي تان هو اڌ مني ڪلاڪ جو بئنڪ ۾ ڪم لاهي، پوءِ مون کي چوڪٽ ڇڏي پاڻ پنهنجي آفيس هليو ويندو ۽ آئون ڪئالالمپور جي هن مارڪيٽ جا فوٽو ڪڍي ڀر ۾ جامع مسجد ۽ پاڪستان مسجد وٽان ٿيندو پنهنجن شاگردن سان ملڻ سندن پيٽروناس شپنگ آفيس هليو ويندس، جتي هو جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن.
    ٻئي ڏينهن صبح جو پهرين بئنڪ ۾ آياسين ته اڃان ماڻهو نه آيا هئا. عليءَ کي گهڙڻ سان نه فقط وارو ملي ويو پر ڪم به ٻن منٽن ۾ پورو ٿي ويو. ٻاهر نڪري عليءَ چيو ته ”چوڪٽ مارڪيٽ ته کلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ ڏيڍ پيو آهي، هلو ته توهان کي گنتنگ هاءِ لئنڊ ڊگهي ڊرائيو تي وٺي هلان.“
    گنتنگ هاءِ لئنڊ هتي جي هِل اسٽيشن ٽائيپ پهاڙي آهي، جتي انگريزن جي ڏينهن کان هوٽلون ۽ جوا خانه آهن ۽ هاڻ ان کي ٽوئرسٽن جي ڪشش لاءِ وڏن توڙي ٻارن لاءِ رانديون ۽ اميوزمينٽ پارڪ وغيره ٺاهي ڇڏيا اٿن. بهرحال هن جاءِ جي ملائيشيا ۾ ان ڪري به وڏي اهميت ٿي پيئي آهي جو ملائيشيا جي موسم ٻارهو ئي گرم، مينهوڳي ۽ گهم واري آهي سو مڪاني ماڻهو سرديءَ جو مزو وٺڻ لاءِ هتي اچن ٿا ۽ ڌاريا ۽ مڪاني چيني جوا (Gambling) ڪن ٿا. مڪاني ملئي مسلمانن توڙي ٻين ڌارين مسلمانن کي جوا ۽ ڪيبري ڊانسون وغيره ڏسڻ جي بندش آهي، پر ويندي عرب به (پنهنجن روايتي جبن بدران ڪمپليٽ سوٽن ۾) ۽ ايراني ڇوڪريون روسري (حجاب) بدران ٽائيٽ جينز ۾ نظر اچن ٿيون. اسان جي پڇڻ تي هو اڪثر يوڪرينين يا آذر بائيجاني ٻڌائينديون ۽ هتي جا ملئي مسلمان به ڪي سڀ فرشتا نه آهن. ملائيشيا توڙي ٿائلينڊ جا جوا خانا، مساج گهر ۽ لڪ ڇپ ۾ هلندڙ عياشيءَ جا اڏا انهن جي آشيرواد سان ئي هلن ٿا. حڪومت ڪجهه ڪڇي ڪانه ٿي. ان کي ٽئڪس پيو ملي ۽ اهڙين ڳالهين تي گهڻو ڪري اک ٻوٽ ڪريو ڇڏي، باقي اهو آهي ته ڪنهن کي داداگيري يا دنگي فساد ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. ڦڏو ڪرڻ تي سلطان جو پٽ ته ڇا پاڻ سلطان به ڪورٽ ۾ گهرايو وڃي ٿو.
    عليءَ کي چيم ته ”گنتنگ هاءِ لئنڊس کي في الحال ڇڏ. ڊگهي ڊرائيو ڪرڻي آهي ته آئون ٿو توکي ڪئالالمپور جا ڪجهه رستا ٻڌايان جن تان هلندو هل ۽ هي اهي رستا آهن جن تان منهنجو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هر وقت گذر ٿيو ٿي.“
    مون کيس ”جالان ڪُچنگ“ ۽ ان بعد ”جالان ڪِنابالو“ ڏئي ”جالان تن رزاق“ ڏي هلڻ لاءِ چيو، جيڪي ويڪرا رستا آهن ۽ انهن تي ٽريفڪ جئم ورلي ڪا رهي ٿي ۽ ڊرائيونگ لَس ئي لَس ڪري سگهجي ٿي. شروع ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان ته ملئي زبان ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”روڊ“ آهي. جالان جي معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي، جيئن ڪنهن مائٽ يا دوست کي موڪلائڻ وقت سلامت جالان چئبو آهي. يعني مبارڪ تنهنجو هلڻ يعني مبارڪ تنهنجو سفر. ڪچنگ ۽ ڪنابالو اوڀر ملائيشيا جي رياستن سباح ۽ سراوڪ جا شهر آهن ۽ تن رزاق هن ملڪ جو ٻيو (تنڪو عبدالرحمان کان پوءِ) وزيراعظم ۽ هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد هو. جالان تن رزاق ڪافي وڏو رستو آهي ۽ ڪئالالمپور جي اڌ کن شهر جي چوڌاري گول گهمي ٿو. اهڙي طرح جالان مَهاميرو ۽ جالان دامانسارا باقي اڌ چڪر ٺاهين ٿا. جهڙالي موسم ۾ ڪئالالمپور شهر ۾ ڦرندي مزو اچي رهيو هو.
    جالان ڪچنگ ڏئي وڃي رهيا هئاسين ته ’بُڪت اَمان‘ وٽ عليءَ ٻڌايو ته اتي هڪ پيٽرول پمپ آهي، جتي هن جو ڀاءُ غلام باقر ڪار واشنگ جو ڪم ڪري ٿو. عليءَ سان گڏ سندس هي ڀاءُ ۽ هڪ ڀاڻيجو بابو (حسين علي) پڻ رهي ٿو. هو پڻ هتي جي هڪ ڪمپنيءَ وٽ ملازم آهي ۽ اوچين عمارتن جا شيشا صاف ڪري ٿو.
    ”ڇا ڪجي ڳوٺ ۾ سخت غربت آهي،“ عليءَ ٻڌايو، ”نه نوڪري آهي نه پورهيو. جوان جماڻ بيروزگار ٿيو ويٺا آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ روز جا هر هڪ کي 40-50 کن رنگٽ (اسان جا ٻارهن تيرهن سؤ رپيا) مليو وڃن. رهائش ۽ ماني ٽڪي مون وٽ اٿن، سو ٻن سالن بعد جڏهن ڳوٺ وڃن ٿا ته ٽڪيٽ جو خرچ ڪڍڻ بعد به هنن کي پنهنجي گهر لاءِ پئسو بچيو وڃي.“
    عليءَ ٻڌايو ته سندس ٻيا ڀائر ۽ ڀاڻيجا به بيروزگار ويٺا آهن. هڪُ ڀاءُ ڪنهن ٽي وي چئنل تي سينئر ڪئميرا مئن آهي. ”سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿو، پر پگهار ڪو اٺ هزار روپيا مس مليس ٿو. هاڻ انهن پئسن مان ڀاڙو ڪري، گلشن حديد ۾ ورتل گهر جي مسواڙ ڏئي يا کاڌي پيتي تي خرچ ڪري؟ پوءِ ٿوري گهڻي هن جي ۽ ٻين جي مدد ڪريان ٿو. ان ڪري هتي مون وٽ رهندڙ ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي چيو اٿم ته هاڻ همت ڪري هڪ ٻئي مائٽ کي نوڪري ڏياريو، جيئن هو اچي ته توهان ٽئي ڄڻا گڏجي ڌار جاءِ مسواڙ تي وٺي، رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پاڻ ڪريو ته مون تان ڪجهه لوڊ لهي ته ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻين غريب، مائٽن جي ڪا بهتر پرگهور ڪري سگهان.“ عليءَ ٻڌايو.
    ”پوءِ علي تون ئي کڻي گهرائينس، هتي ته ڪيترائي جاب هوندا.“ مون چيو.
    ”اهو ته صحيح آهي، پر ائين گهمڻ واري ويزا تي اچي نوڪري ڪرڻ به ته ڏوهه آهي نه! آئون اهو هرگز نه چاهيندس ۽ نه وري ڪنهن کي صلاح ڏيندس ته ڪو ڌارئين ملڪ ۾ اچي اهڙو غير قانوني ڪم ڪري.“ عليءَ چيو.
    ”پوءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هتي ڪيئن آيا؟“ مون پڇيو.
    “انهن لاءِ مون هتي ڪجهه ڪمپنين وارن کي ڪيتري وقت کان پئي منٿ ميڙ ڪئي، پوءِ هنن کان نوڪريءَ جو ليٽر ۽ ورڪ ويزا ملڻ تي هنن کي گهرايم.“ عليءَ ٻڌايو.
    ”ڀلا تون هنن کي پنهنجي ڪمپني ۾ ڇو نٿو رکين، جنهن جو تون ڊائريڪٽر آهين؟“
    ”هر ڪمپني وارو پنهنجي انڪم ۽ گورنمينٽ کي ڏنل انڪم ٽئڪس مطابق ضرورت جا ماڻهو گهرائي سگهي ٿو،“ عليءَ ٻڌايو، ”۽ انهن ۾ به وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو رکڻو اٿس. يعني هن ملڪ جا ڪجهه شرط شروط ۽ قاعدا قانون آهن، انهن مطابق ڪم ڪرڻو پوي ٿو. غير قانوني ڪم ڪرڻ جي حالت ۾ پڪڙ ڌڪڙ تي هو مقرر ڪيل سزا کان بچي نٿو سگهي.“
    عليءَ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ۽ پنهنجي ملڪ جا ٺڳ ايجنٽ، ڪيترن اٻوجهه ۽ بيوقوف ماڻهن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارڻ جا ڏٽا ڏئي، کانئن پئسو هڪ طرف ڦرين ٿا ته ٻئي طرف کين قانون جي نظرن ۾ ڏوهاري بڻائين ٿا. پوءِ پوليس طرفان جهلجڻ تي ڪيترن کي سندن ئي خرچ تي واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ته جيلن حوالي ڪيا وڃن ٿا.“
    عليءَ ٻڌايو ته هن جي دل ڏاڍو چوي ٿي ته اهڙن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ۽ هنن کي ٻڌايو وڃي ته جنهن طريقي سان کين هتي ملائيشيا ۾ گهرايو پيو وڃي، اهو صحيح آهي يا غلط.
    ”پر مسئلو اهو آهي ته ڪيترن کي ٻڌائڻ جي باوجود ته هو غلط ڪم ڪري رهيا آهن، هو اهائي ورندي ڏين ٿا ته کين جيڪو ايجنٽ موڪلي رهيوآهي، اهو سندن مائٽ آهي ۽ هن ان کان اڳ به ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن. اهو ضرور آهي ته ڪيترائي غير قانوني طرح به هتي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڃان پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن پر ڪنهن وقت به پڪڙجڻ تي هنن کي پنهنجي ملڪ Deport ڪيو وڃي ٿو يا سزا ڪاٽڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو.“
    عليءَ ٻڌايو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪيترن ئي غريب، مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي ٺڳ ايجنٽ، نوڪريءَ جا ڪاغذ پٽ ته ڪوڙا ڏين ٿا، پر ويزا به جعلي لڳرائي ڏين ٿا. پهرين جڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم نه هو ته ڪجهه ماڻهو انهن جعلي ويزائن ۽ جعلي پاسپورٽن سان ڦٻجي به ويا، پر هاڻ ڪو ورلي بچي ٿو.
    ان قسم جو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي نظرن مان به گذري چڪو آهي.گذريل دفعي جڏهن آئون ڪئالالمپور کان ڪراچي موٽي رهيو هوس ته ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي، جهاز ۾ چڙهڻ مهل منهنجي اڳيان ڇهه ست لاهور جا اهڙا مسافر اچي ويٺا، جن جا جهاز ۾ چڙهڻ وقت، سندن پاسپورٽ ملائيشيا جي هڪ پوليس آفيسر جي هٿ ۾ هئا. هن هنن مسافرن کي جهاز اندر ڪري هنن جا پاسپورٽ کين ڏيڻ بدران جهاز جي ايئر هوسٽس کي ڏنا ته اهي پائليٽ حوالي ڪري. جهاز هلڻ بعد انهن مسافرن مان هڪ منهنجي ڀرسان خالي سيٽ تي اچي ويٺو. هن ٻڌايو ته هو ۽ سندس ساٿي گهمڻ جي ويزا تي ڪئالالمپور آيا هئا ۽ لاهور جي ايجنٽ کين ٻڌايو ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ مان نڪرڻ تي هن جو ماڻهو بيٺو هوندو جيڪو هنن کي ملائيشيا ۾ نوڪري وٺرائي ڏيندو.
    ”هن ان نوڪري ڏيارڻ، ويزا جا ۽ رٽرن ٽڪيٽ جا اسان کان هڪ لک اسي هزار روپيا ورتا. پر هتي پهچڻ سان اميگريشن وارن اسان جا پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي ايئرپورٽ کان به ٻاهر وڃڻ نه ڏنائون.“
    ”توهان وٽ هتي رهڻ جي ورڪ ويزا يا وزٽ ويزا هئي؟“ مون انهن کان پڇيو.
    ”ها اها هڪ مهيني جي وزٽ ويزا هئي ته به اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائون.“ هن ٻڌايو.
    ”اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ مون حيرت مان پڇيو، ”هونءَ ته ويزا ڏيڻ بعد به ان ملڪ ۾ پهچڻ تي اتي جو اميگريشن عملو، بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي غير ملڪيءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. پر ائين ورلي نظر آيو آهي.“
    ”۽ اسان کي واپس وطن به ورڻ نٿي ڏنائون“ هن چيو.
    ”ڇو ڀلا؟ توهان وٽ رٽرن ٽڪيٽ نه هئي ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”ها هئي پر هنن چيو ته نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوندي، ۽ اسان پورا ڏهه ڏينهن هتي ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسين.“
    ”ڏهه ڏينهن!“ مون کان رڙ نڪري وئي، ”پوءِ ماني ٽڪي جو ڇا ڪيانوَ؟“
    دنيا جي هر ايئرپورٽ تي کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ سستي ٿيندي آهي؟! ۽ هتي ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي ته جيڪي ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن، انهن مان اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جو ڪو چانهه يا ڪافي به پيئندي ٻه دفعا سوچي ٿو.
    ”بس سائين ڳالهه ئي نه پڇو،“ هن چيو،”ڪجهه ورتوسين ٿي، ڪڏهن ڪنهن ماني آڻي ڏني ٿي نه ته گهڻو تڻو بکون ئي ڪاٽيونسين. اسان وٽ جيڪي پئسا هئا سي گڏ ڪري في ماڻهو 400 ڊالرن جي حساب سان ٽڪيٽ جا ڏنا اٿئون، تڏهن هن جهاز جي ٽڪيٽ ملي آهي. هڪ طرف جا 32 هزار رپيا ڇا گهڻا نه آهن؟ سو به ڪراچي تائين جي ٺاهي ڏني آهي.“
    ”پر توهان چيو ته توهان وٽ PIA جي رٽرن ٽڪيٽ آهي؟“ مون پڇيو.
    هن کيسي مان ”اي ٽڪيٽ“ جو پنو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو. ”اسان کي ايجنٽ هي پنو فوٽو ڪاپي ڪري ڏنو هو ته اها لاهور تائين جي رٽرن ٽڪيٽ آهي.“
    مون ان پني کي غور سان ڏٺو. ڪجهه عجيب نموني جون ٽائيپ ٿيل سٽون هيون. بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ته ڊپارچر جا ڏينهن ۽ وقت ڪهڙا آهن. مون دل ۾ سوچيو ته ايجنٽ هنن کي فقط وڃڻ جي ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ رٽرن ٽڪيٽ ائين ئي جعلي ٺاهي پنو هنن حوالي ڪيو آهي. شايد اهو سوچي ته ٻاهر وڃي پورهيو مزوري ڪري پاڻهي ئي ان مان رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪندا يا هتان پاڪستان مان ته ٽرن پوءِ ڀلي ڌارئين ملڪ ۾ وڃي ذليل ٿين. اهو ٿو سوچجي ته ڏک ٿو ٿئي ته هي اسان جا ايجنٽ ڪيڏا ظالم ٿين ٿا. غريب، بيروزگار ۽ ٻچڙيوال ماڻهن کي نوڪري ۽ پورهئي جا ڏٽا ڏئي کين ڪيڏو ستائين ٿا.
    ”ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن اهو به پڇيو ته ٻاهر ڪنهن وٽ رهندائو؟“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ توهان ڇا ٻڌايو؟“ مون پڇيو.
    ”اسان کي ايجنٽ اهڙي ڪابه ائڊريس نه ٻڌائي هئي هن ته اهو ئي چيو هو ته سندس ماڻهو ايئرپورٽ تي اچي اسان کي رِسيو ڪندو ۽ پوءِ ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽري ۾ روزگار سان لڳرائيندو.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ توهان اها ڳالهه اميگريشن آفيسر سان ڪئي؟“ مون پڇيو.
    ”نه.“ هن ٻڌايو، ”ايجنٽ اسان کي سختيءَ سان جهليو هو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪجو نه ته جيل ۾ هليا ويندائو.“
    ”ڀلا ملائيشيا جي ويزا لاهور مان ورتانوَ يا اسلام آباد مان؟“ مون پڇيو.
    ”سائين اسان کي اها به خبر ناهي.“ هن وراڻيو.
    تنهنجي معنيٰ ته ايجنٽ هنن جي ويزا به نقلي لڳرائي آهي ۽ اها ڏسي ۽ هنن جي ڳالهين مان اندازو لڳائي پڪ ملائيشيا جي اميگريشن پوليس سمجهي وئي هوندي ۽ ان ڪري هنن کي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويو.
    ”افسوس جي ڳالهه آهي جو توهان جو هيڏو پئسو برباد ٿي ويو،“ مون چيومانس، ”هڪ طرف ايجنٽ کي پئسا ڏنانوَ ۽ ٻئي طرف 400 ڊالر به خرچ ڪيانوَ.“
    ”سائين اسان کي فقط اهو فڪر آهي ته اسان کي لاهور تائين سواري ملندي يا ڪراچيءَ ۾ لاهي ڦٽو ڪندا. ان کان اڳتي لاءِ ته اسان وٽ هڪ رپيو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا پوليس اسان جا پاسپورٽ پائليٽ حوالي ڪيا آهن، جيڪي ڪراچي پهچڻ تي خبر ناهي، هو اسان کي ڏيندو يا FIA پوليس حوالي ڪندو. جي FIA حوالي ڪيائين ته اسان ٻچن ٻارن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪي وينداسين.“
    سوچيو ته ڪيڏو ڪرب آهن انهن ڳالهين ۾. اسان جا لاچار ۽ بيوس ماڻهو پرديس ۾ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن بي يارو مددگار لڇندا رهن ٿا.


    باب سترهون

    رستي تي بي يار مدد هوس

    مون کي ڪئالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ عليءَ مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪئالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ چاهيون ٿي. منهنجو پهريون دفعو ڪئالالمپور ۾ اچڻ شايد 1968ع ڌاري ٿيو هو، جڏهن چين ويندي يا اتان موٽندي، اسان جي جهاز ڏينهن ٻن لاءِ پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر ڪيرايو هو. انهن ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ انگريزن جي ڏينهن واري نالي پورٽ سويٽنهام سان سڏبو هو.
    ڪئالالمپور ڪراچيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ڪئالالمپور کان سمنڊ يعني پورٽ ڪلانگ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي کان پورٽ قاسم. هاڻ ته پورٽ ڪلانگ کان ڪئالالمپور ائين يڪو شهر ٿيندو وڃي جيئن ڪراچي کان پورٽ قاسم. بهرحال منهنجو جهاز ذريعي ڪئالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين بندرگاهن: پينانگ ۽ جوهور باروءَ ۾ 1981ع تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ان بعد 1991ع تائين منهنجي ڪئالالمپور جي ڀرواري شهر ملاڪا ۾ مستقل رهائش رهي. ملاڪا ۽ ڪئالالمپور جي وچ ۾ 124 ڪلوميٽر (77 کن ميل) فاصلو آهي ۽ اسان موڪلن ۾ يا سرڪاري ميٽنگن لاءِ، ڪئالالمپور ايندا ويندا رهياسين ٿي ۽ ڪئالالمپور جي هنن روڊن تي پنهنجي ڪار کي ڊوڙائيندو رهيس ٿي. اڄ انهن روڊن مان ڪجهه تي ميڊيڪل اوزار ۽ Equipment سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني فراگو امپيڪس ۽ نقش انٽر پرائيز ڪمپني جو ڊائريڪٽر، غلام علي سولنگي، مون کي چڪر هڻائڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ڊوڙائي رهيو هو. هن منهنجي ڪري اڄ آفيس وڃڻ جو به ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڪم جون ضروري هدايتون هن پنهنجي پاڪستاني اسسٽنٽ ۽ ملئي ڪم وارن کي، پنهنجي موبائل فون ذريعي ڏئي ڇڏيون.
    ”علي اهو ته ٻڌاءِ، تون هتي ڪڏهن آئين ۽ ڪيئن آئين؟“ مون کي اوچتو اهو سوال ڌيان ۾ اچي ويو ۽ عليءَ کان پڇي ويٺس.
    ”آئون پهرين هتي نه آيو هوس.“ عليءَ چيو.
    ”ته پوءِ؟“ مون پڇيو.
    ”آئون پهرين سنگاپور آيو هوس،“ اهو چئي عليءَ ڪجهه سوچي مون کان پڇيو، ”آئون توهان کي پنهنجي زندگي جي شروع کان ڳالهه ٻڌايان؟“
    ”ضرور ضرور!“ مون وراڻيو، ”هي ته پاڻ سٺو موقعو آهي. آئون غور سان ٻڌي سگهان ٿو ۽ نوٽ به ڪري سگهان ٿو.“
    ”سائين آئون هڪ غريب گهر ۾، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالوني ۾ ڄايس. منهنجو پيءُ منهنجي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو ۽ مون کي منهنجي مائٽن وڏن مشڪلن سان ستن درجن تائين مس پڙهايو.“
    عليءَ ٻڌايو ته انگريزن جي زماني جي هن روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن: انجنيئرن ۽ مڪينڪن کان فورمين ۽ فٽرز تائين جي، رهائش لاءِ اندر ڪالوني هئي، جنهن ۾ اسڪول به هو. ان اسڪول جي رضا محمد عرشي نالي هڪ ٽيچر، عليءَ جي غربت ۽ ذهانت ڏسي هن جي تعليم جو بار کنيو ۽ علي نه فقط ان اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ورتي، پر عرشي صاحب جي رهنمائي سان هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي اي به ڪري ورتي. هن جو ارادو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو هو، جنهن لاءِ هن سوچيو هو ته ان جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هو ڪو پارٽ ٽائيم جاب يا پورهيو مزوري ڪري پورو ڪندو. پر هو بي اي جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ واقعو رونما ٿيو.
    ”اسان جي ان اسڪول جو هڪ ٻيو ٽيچر جيڪو پڻ مون کي پسند ڪندو هو، ان پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڏيڻ لاءِ منهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي.“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان بيحد خوش ٿياسين جو اسان جي غربت واري حال کان هو چڱي طرح واقف هئا ۽ هڪ ئي ڪالوني ۾ رهڻ ڪري اسان جي ساڻن ننڍپڻ کان سڃاڻپ هئي ۽ پهرين کان اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو ائين هو جيئن ڳوٺن ۾ هڪ برادري ۾ هوندو آهي.“
    ”ڪجهه مهينا مڱڻو هلڻ بعد جيئن ئي منهنجي بي اي جي رزلٽ نڪتي ته ڇوڪريءَ جي پيءُ زور آندو ته هڪ ته هينئر جو هينئر شادي ڪئي وڃي ۽ ٻيو شرط اهو وڌو ته آئون ڪا نوڪري هٿ ڪريان. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. غريب ماڻهو اسان وٽ کائڻ لاءِ نه هو، شادي جو خرچ ڪٿان اچي ۽ ٻيو ته نوڪري ملڻ ته ڪو آسان ڪم ناهي، خاص ڪري ان لاءِ جنهن جي فقط بي اي هجي ۽ ڪا سڃاڻپ واقفيت نه هجي. نوڪريءَ جي ڪوشش لاءِ آئون ڪراچي آيس، جتي مختلف ادارن ۽ وزيرن، سياستدانن جي درن اڳيان جتيون گسائيندو رهيس، پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. ان دوران ڳوٺ واپس آيس ته خبر پيئي ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن جي مرضي خلاف پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان نڪاح ڪرائي پنجاب روانو ڪري ڇڏيو.“
    عليءَ ٻڌايو ته ان ڳالهه جو هن کي ۽ هن جي والده ۽ مائٽن کي ڏاڍو صدمو رسيو جو نه فقط عليءَ جي دل ۾ ڇوڪريءَ لاءِ پيار قائم ٿي چڪو هو، پر ڇوڪري به ذهني طرح پاڻ کي عليءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو شادي وقت ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته سندس چوڻ تي هوءَ ٻي ڌر سان شادي ڪرڻ کان انڪار ته نٿي ڪري، پر پنجاب رواني ٿيڻ بعد هوءَ وري پنهنجي پيءُ جو منهن نه ڏسندي.
    ڳوٺ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ وارن جو عليءَ وارن کي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي ائين Ignore ڪرڻ، عليءَ وارن لاءِ وڏي بي عزتي جو سبب هو.
    ”ايتري قدر جو مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو،“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا هئاسين. اسان جي غربت اسان تي ٺٺوليون ڪري رهي هئي. دل اهو ئي چيو ٿي ته ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃجي، پر ان لاءِ به پئسو ٿي کتو.“
    ”هي اهو دور هو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ دوست بشير احمد چنا مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، هو ۽ سندس ڀاءُ روزگار جي تلاش ۾ پرديس وڃي قسمت آزمائڻ چاهين ٿا. هن مون کي به ساڻن شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو. مون کين صاف صاف ٻڌايو ته منهنجي حال کان توهان واقف آهيو. مون وٽ ڌارئين ملڪ هلڻ لاءِ هوائي جهاز جو ڀاڙو ته نه آهي، پر پاسپورٽ ٺهرائڻ جي به في نه اٿم.
    ”هن منهنجي ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ جي خرچ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان سنگاپور هليا آياسين.“
    ”هي ڪهڙي سال جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيو.
    ”اِها 1994ع جي ڳالهه آهي. رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪرڻ تي، پنهنجي ملڪ مان اڃا آساني سان ويزا ملي وئي ٿي.“ عليءَ ٻڌايو.
    ”پوءِ سنگاپور پهچي ڪهڙو ڪم ڪيانو؟“ مون پڇيو.
    ”اسان کي مصطفيٰ سينٽر (اسٽور) ۾ گدامن ۽ ٽرڪن مان سامان لاهڻ جو ڪم ملي ويو. ان دڪان جي ئي پٺيان سوڙهين گهٽين ۾ گهر جو هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، ان ۾ رهڻ لڳاسين.“ عليءَ ٻڌايو.
    سنگاپور ۾ هڪ سرنگون روڊ آهي، جنهن تي انڊين هوٽلون (خاص ڪري مدراسي ٽائيپ) ۽ انڊين دڪان ۽ هندن جو وڏو مندر آهي. هي علائقو ننڍڙو انڊيا (Little India) به سڏجي ٿو. هن روڊ تي سالن کان مصطفيٰ جو دڪان مشهور آهي. اسان جهازن تي هوندا هئاسين، توڙي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ته شاپنگ لاءِ سنگاپور اچي، مصطفيٰ سينٽر جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. سائوٿ انڊين مصطفيٰ جو هي دڪان مناسب اگهه کان به مشهور هو.
    ”پوءِ ڀلا سنگاپور ڇو ڇڏئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”دراصل جن سان گڏ آيو هوس، يعني سکر جي چنا برادران سان، انهن کي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. هنن سنگاپور ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيئن پوءِ اتان ڪنهن ٻئي نئين ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ سوچي سگهن.“
    ”سنگاپور ۾ ڪيترو وقت رهيائو؟“ مون پڇيو.
    ”ٻن اڍائي مهينن بعد ڀاءُ بشير چنا وطن موٽڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کان به پڇيو. مون اهو سوچيو ته آئون غريب ماڻهو آهيان، مون وٽ پنهنجو پئسو ته آهي ڪونه، مفت ۾ هر ڀيري ڪير وٺي هلندو. سو آئون سنگاپور ترسي پيس ۽ بشير چنا جن سکر موٽي ويا.“
    ”پوءِ توهان سنگاپور ڪڏهن ڇڏيو؟“ مون پڇيو.
    ”آئون مهينو کن وڌيڪ سنگاپور ۾ رهيس،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر هڪ ته مون کي سڄي ڪمري جي مسواڙ ڏيڻي پيئي ٿي ۽ ٻيو ته سنگاپور ۾ ڌارين جي غير قانوني رهڻ تي پڪڙ ڌڪڙ گهڻي هلي رهي هئي.“
    ”پوءِ ملائيشيا اچڻ جو ڪيئن سوچيانوَ جڏهن ته توهان وٽ ملائيشيا جي ويزا به نه هئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”سنگاپور ۾ رهي مونکي ماڻهن کان خبر پيئي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون عمارتون، پليون، ريلوي اسٽيشنون ۽ ڪارخانا ٺهي رهيا آهن، جتي هر قسم جي پورهيتن جي ضرورت آهي. ان ڪري مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون وٽ ملائيشيا جي ويزا نه هئي، پر مون کي ڄاڻ پئي ته هِتي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پئسا وٺي غير قانوني نموني سان بارڊر ٽپائين ٿا. سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ همراهه سان منهنجي ڳالهه ٿي. هن مون کان ان ڪم لاءِ 20 هزار رپين برابر سنگاپوري ڊالر گهريا. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ هڪ ٽَڪو به نه آهي. ڏهاڙي جي حساب سان ڪمايان ٿو ۽ ٻه ويلا ماني مس کانوان ٿو، باقي مون وٽ واپسي جي (سنگاپور کان ڪراچي تائين جي) رٽرنڊ ٽڪيٽ آهي، جيڪا نه ڪئش ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ڪو ٻيو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن ڪجهه دير سوچي مون سان هائوڪار ڪئي ته هو مون کي ان ٽڪيٽ جي بدلي ملائيشيا جي سرزمين تي پهچائيندو. باقي ٽڪيٽ کي ڪئش ڪرائي سگهان يا نه اهو منهنجو نصيب.
    ”مقرر پروگرام موجب هن ڇنڇر ڏينهن شام جو، جڏهن سنگاپور ملائيشيا بارڊر تي رش رهي ٿي، هن مون کي گهرايو ۽ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري مون کي پنهنجي ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي ڪاز وي ٽپائي جوهور بارو اچي ڇڏيو.“
    پڙهندڙ لاءِ اهو لکندو هلان ته ملائيشيا پاڪستان وانگر تمام وڏو ملڪ آهي، جيڪو اتر ۾ ٿائلينڊ سان وڃيو لڳي، جيئن پاڪستان اتر ۾ افغانستان سان ملي ٿو. سنگاپور ملائيشيا جي ڏکڻ ۾ ائين ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيئن پاڪستان جي ڏکڻ ۾ جتي ڪراچي ختم ٿئي ٿي، منهوڙو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ ملائيشيا جي بارڊر واري شهر جوهور بارو سان سامونڊي پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ٻن ميلن جي هن پل تان ماڻهو، بسيون، ڪارون ۽ ٽرينون هلن ٿيون. جوهور بارو شهر ملائيشيا جي سرزمين جي پڇڙي (TIP) وٽ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪياماڙي. سنگاپور کان جوهور بارو (ملائيشيا) ويندي وقت، هن پل (Causeway) جي منهن وٽ سنگاپور حڪومت جا اميگريشن آفيسر پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا ۽ ڪسٽم وارا رکي رکي ڪنهن مشڪوڪ گاڏيءَ جي چڪاس ڪن ٿا. پنجن منٽن ۾ پل لتاڙڻ بعد، پل جي ٻئي پاسي بيٺل ملائيشيا جو عملو، پاسپورٽ جي چڪاس ڪري ۽ اتي به ڪڏهن ڪڏهن ڪارن جي چڪاس ٿئي ٿي ته سنگاپور مان ڪو اهڙو سامان ته نه خريد ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي لاڳو هجي.
    ”مون کي ڍوئڻ واري ڪار سنگاپور جي بارڊر وٽ بيٺي. ان بعد هن ڪازوي ڪراس ڪيو ۽ وري جوهور بارو جي اميگريشن چيڪ پوسٽ وٽ پنج ڇهه منٽ ترسي. جملي هي ويهه پنجويهه منٽن جو سفر منهنجي موت ۽ زندگي جو سفر هو ۽ منهنجي لاءِ هڪ هڪ منٽ ڪلاڪن برابر هو، بارڊر ٽپڻ بعد هن اجنبي همراهه، جوهور بارو جي بس اسٽاپ تي ڪار بيهاري، ڊڪي کولي مون کي ٻاهر ڪڍيو. هن مون کان رٽرن ٽڪيٽ وٺي پنهنجي کيسي ۾ سوگهي ڪئي ۽ پنهنجي ٻٽونءَ مان 10 رنگٽ (ملائيشي ڊالرن) جو نوٽ ڪڍي، منهنجي تريءَ تي رکي مون کي چيو: ”وٺ! هي 10 رنگٽ اٿئي. هاڻ تون ڄاڻين تنهنجو ڪم ڄاڻي.“ ۽ پوءِ آئون هن کي واپس سنگاپور ڏي مڙندو ڏسندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آڌي رات جو رستي تي آئون بي يارو مدد بيٺو هوس.“


    باب ارڙهون

    هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس

    ”سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهور بارو وٺي اچڻ واري همراهه مون کي آڌي رات جو، رستي تي لاهي، ڏهه رنگٽ جو نوٽ هٿن ۾ ڏئي پاڻ روانو ٿي ويو.“ علي ٻڌايو. ”تاريخ ياد نه اٿم پر مئي جو مهينو هو ۽ سال 1994ع هو. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ٻارهن رپين برابر هو. مون ڪئالالمپور وڃڻ چاهيو ٿي، جتي مون ٻڌو ته دنيا جي اوچي عمارت ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڪم لاءِ ڪيترن ئي هنرمندن کان علاوه مون جهڙن بي هنر ماڻهن کي به مزوري ملي سگهي ٿي ۽ آئون روزگار ڪمائي پيٽ جي باهه اجهائي في الحال جياپو قائم رکي سگهان ٿو.“
    ”مون جوهور بارو شهر جي بس اسٽاپ تان ڪئالالمپور ويندڙ بسين جي ٽڪيٽ پڇي پر ڏهه رنگٽ ايترو گهٽ پئسو هو جو اُن مان ڪنهن بنا A.C يا پراڻي بس جي به ٽڪيٽ نٿي ٿي سگهي. آئون هاڻ بس اسٽاپ ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيهندڙ ڪارن ۽ پڪ اپن ۾ سوار ماڻهن کي جانچڻ لڳس ته من ڪو مون کي ڪئالالمپور تائين لفٽ ڏئي. هڪ ٻن جي انڪار بعد هڪ ملئي همراه جيڪو فئملي سان هو سو مون کي پنهنجي ڪار ۾ ويهارڻ لاءِ راضي ٿي ويو. مون هن کي ڪوڙ ڪري ٻڌايو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان، باقي دوستن کان وڇڙي ويو آهيان، هو منهنجو ڪئالالمپور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. هن منهنجو پاسپورٽ مٿان مٿان ڏٺو ۽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي مون کي اڳيان ويهاريو ۽ پنهنجي زال کي پٺيان ٻارن سان گڏ ويهاريو. هو جوهور بارو پنهنجن مائٽن سان ملڻ ويا هئا ۽ هاڻ واپس اپوح وڃي رهيا هئا ۽ هنن جو رستي تي ڪئالالمپور مان لنگهه هو.
    ”جوهور بارو کان پوءِ هو ننڍا وڏا شهر آئرحطام، موئر، جاسين، ملاڪا وغيره اڪري سريمبان ۾ ڪجهه دير ترسي پاڻ به ماني کاڌي ۽ مون کي به کارائي. ڪئالالمپور پهچي هنن مون کي اتي لاٿو، جتي پيٽروناس جا جاڙا ٽاور (Twin Towers) ٺهي رهيا هئا. اڃا اونداهه هئي، صبح ٿيڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. ڪنسٽرڪشن واري ايراضي ۾ ڪيترائي مزور جيڪي ڀرواري ملڪ اونڊنيشيا ۽ فلپين جا غريب لڳا ٿي، اهي پَٽَ تي تختا يا گتا وڇائي ستا پيا هئا. مون کي به هڪ ردي اخبار ملي وئي، جيڪا پٽ تي وڇائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪلاڪ ٻه ڪار ۾ به اک هڻي آيو هوس ۽ اهڙو ڪلاڪ ڏيڍ هتي به ننڊ اچي وئي. صبح جي وقت جيئن ٻين مزورن گهوريئڙن (Hawkers) کان ناسي ليماڪ خريد ڪري کاڌو، تيئن مون به ڏهن رنگٽن مان ڏيڍ رنگٽ، نيرن ڪرڻ لاءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهي ملئي چانور (Nasi Lemak) وٺي کاڌا.
    بلڊنگ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد مون هيڏانهن هوڏانهن سرون ۽ بار کڻڻ جي مزوري کان وٺي واڍي، رازي، ويلڊر، مڪينڪ جو هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويس. نه فقط ڪامياب ٿي ويس، پر الله جي فضل سان مون کي صاف سٿري نوڪري ملي وئي. بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ هلندڙ ڪم لاءِ نٽ بولٽن ۽ پائيپ نلڪن جو اسٽور هو، جتان ان ڪمپني جي رازن واڍن کي سامان سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري مونکي ان ڪمپني جي انچارج ان اسٽور ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. منهنجو ڪم سامان جو اندراج ڪرڻو هو ته ڪنهن ورتو ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ استعمال ٿيو. جنهن شيءِ جي کوٽ ٿيڻ لڳندي هئي، ان بابت واسطيدار آفيسر کي ٻڌائي، اها شيءِ گهرائي وئي ٿي. هن نوڪريءَ ۾ منهنجو واسطو مزورن ۽ بي هنر ماڻهن کان وٺي پڙهيل ڳڙهيل انجنيئرن، ٽيڪنيشن، مڪينڪن ۽ ٻين سان پيو ٿي. ڪجهه ڏينهن فٽ پاٿ تي سمهڻ بعد مون کي ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ سمهڻ ڏنو ويو. ڪمپني وارا به مون مان خوش هئا جو آئون هر وقت موجود رهيس ٿي ۽ هنن کي ضرورت جي شيءِ ملي وئي ٿي.
    دنيا جي هن اتاهين عمارت (Twin Towers) جو ڪم هاڻ آخري مرحلن ۾ هو. ان جو مون کي افسوس هو ته ڇهن ستن مهينن بعد منهنجي هيءَ نوڪري هلي ويندي، پر بهرحال آئون يڪو هڪ سال کن هن بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ تائين روزگار سان لڳڻ ڪري ايترو بچائي ورتو هوم جو سال کن بنا نوڪري جي دال روٽي تي ڪڍي سگهيس ٿي.
    ”پوءِ ان بعد ڇا ڪئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”ان بعد مون سائبر ڪيفي کولي“ عليءَ ٻڌايو.
    ”اهو بزنيس ڌيان ۾ ڪيئن آيئي؟“ مون پڇيو.
    ”دراصل ڇا ٿيو جو پيٽروناس ٽاور جي ڪم ۾ جڏهن وڃي ٻه ٽي مهينا بچيا ته مون واري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪري مون وٽ آئي،“ عليءَ پنهنجي وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ”هن مون کي چيو ته ٻن ٽن مهينن بعد پاڻ سڀني کي هن فارين ڪمپني طرفان نوڪري ختم ٿيڻ جو نوٽيس ملندو، جو بلڊنگ ٺهڻ بعد گورن جي هيءَ ڪمپني وائينڊ اپ ڪري پنهنجي ملڪ هلي ويندي، ان بعد تو ڇا سوچيو آهي؟
    ”مون کيس ٻڌايو ته منهنجي ذهن ۾ ته ڪجهه ناهي. هن چيو ته هوءَ ڪمپيوٽرن جي به ڄاڻو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ سائبر ڪيفي جو رواج هلي رهيو آهي. هوءَ مون کي ايماندار ۽ محنتي سمجهي ٿي ۽ جيڪڏهن آئون چاهيان ته هن سان گڏ ان بزنيس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. هن اهو به چيو ته ڇوڪري ٿي ڪري، هن لاءِ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ آسان ڪم ناهي. مون کي هن جي ڳالهه وڻي. اسان نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ هن ڪيفي کولڻ جي لوڪيشن جو انتخاب ڪري ورتو. اهو ڪلانگ لاما وارو علائقو هو، جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ ڊولپمينٽ ٿيڻ شروع ٿي رهي هئي. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي IT اسڪول ۽ ادارا کلي رهيا هئا. اتي اسان هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي ان ۾ ڪمپيوٽر وغيره فِٽ ڪياسين ۽ جيئن ئي اسان جي پيٽروناس ٽاور واري نوڪري ختم ٿي ته اسان اچي هن ڪيفي کي سنڀاليو.“
    ”ڀلا جنهن سان تنهنجو شادي ڪرڻ جو ارادو هو، اها هيءَ ملئي ڇوڪري ته نه هئي؟“ مون پڇيو.
    ”جي ها،“ عليءَ وراڻيو، ”جڏهن اسان گڏ بزنيس شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته هن جي ڪجهه سال اڳ شادي ٿي هئي، پر پوءِ جلدي طلاق ٿي وئي ۽ هاڻ هوءَ اڪيلو گذاري ٿي. هن مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان به ملايو، جيڪي نيڪ نمازي ملئي مسلمان هئا ۽ ڪئالالمپور کان ٻه سئو کن ڪلوميٽر پري پينانگ ٻيٽ تي رهيا ٿي. آئون هنن وٽ اڪثر ويندو رهيس ٿي. هنن کي پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جو ڏک هو ۽ هنن چاهيو ٿي ته هن جي شادي ٿي وڃي ته سٺو. وقت سان گڏ هنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ هڪ ڏينهن مون سان ان بابت ڳالهه ڪئي. ڇوڪري عمر ۾ مون کان وڏي هئي، پر بزنيس ۾ گڏ هئڻ ڪري ۽ Understanding وڌڻ ڪري منهنجي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. مون سندس والدين سان هائوڪار ڪئي ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيا. هنن ڇوڪريءَ سان به ڳالهه ڪئي، جيڪا پاڻ به مون ۾ Interested هئي (يا شايد والدين هُن کي شادي لاءِ Convince ڪيو) جو هن به هائوڪار ڪئي ۽ اسان جو پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ Set ڪري شادي ڪرڻ جو ارادو ٿيو.“
    ”ڀلا هن سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ڪيترا سال هليو؟“ مون پڇيو.
    ”اهو ٽي سال هليو ۽ اسان جي خوب ڪمائي پئي ٿي. منهنجو ارادو هو ته مسواڙ بدران پنهنجو دڪان وٺجي يا هي ئي خريد ڪجي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر ان ڳالهه تي هوءَ متفق نه هئي. هوءَ ٻين ملئي ماڻهن وانگر بيحد خرچائو طبيعت جي هئي. کائڻ پيئڻ، ڪپڙن گندين جي ته وڏي شوقين هئي، پر هاڻ ماڳهين هن کي فلئٽ وٺڻ جو شوق ٿي پيو ۽ هوءَ هڪ تمام اوچي قسم جي ٺهندڙ فلئٽن مان هڪ پنهنجي نالي بڪ ڪرائي آئي. مون وٽ ان وقت تائين 40 هزار رنگٽ کن گڏ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي حساب موجب 10 لک رپيا کن ٿيا. هن مون کان منهنجي بچت جا به پئسا گهريا ته آخر شادي کان پوءِ پاڻ کي ئي ان ۾ رهڻو آهي. مون هن کي سڀ پئسا ڏئي ڇڏيا.“
    ”پوءِ شادي جو معاملو ڪيئن بگڙي ويو؟“ مون پڇيو.
    ”ان دوران ڇا ٿيو جو ڪيفي جو بزنيس هلائڻ وقت هن سان گڏ هڪ ساهيڙي اچي رهي، جنهن جي پڻ شادي ٽٽي وئي هئي. هو ٻئي گڏ گڏ رهڻ لڳيون ۽ سٺيون ساهيڙيون ۽ حال ڀائياڻيون ٿي ويون. پر ڇا ٿيو جو اسان جي شادي جي ارادي جو ٻڌي هن ساهيڙيءَ کي خوشيءَ بدران ڏاڍو ڏک ٿيو.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هن کي اهو فڪر ٿيو ته شادي بعد هوءَ اڪيلي ٿي ويندي، يا هن کي نوڪري ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اپوح وڃڻو پوندو. بهرحال هن منهنجي بزنيس پارٽنر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود هوءَ هر ڳالهه ۾ پنهنجي هلائڻ لڳي. هن لاءِ مون کان وڌيڪ پيارو ۽ اهم ماڻهو هن جي ساهيڙي ٿي پئي. آخرڪار هن مون سان اهڙي بي رخي اختيار ڪئي جو مون هن جي والدين سان به ان خدشي جو اظهار ڪيو ته هوءَ مون سان شايد شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. جيڪو پوءِ حقيقت ثابت ٿيو ۽ هن جي مائٽن جي سمجهائڻ جي باوجود به هوءَ پنهنجي ضد تي قائم رهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي پنهنجي ساهيڙيءَ ۾ شروع کان ايڏي ته دلچسپي وڌي وئي هئي جو هن مون سان گڏ والدين کان به ڪنارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي سائبر ڪيفي ۾ ڪجهه نوجوان تامل گراهڪن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس يڪدم پهچي وئي ۽ ڪيفي بند ڪرائي وئي، جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ جي نالي هئي. اسان جو روزگار بند ٿي ويو. منهنجو گڏ ڪيل سمورو پئسو ڇوڪريءَ حوالي ٿي ويو.
    ”تو هن کان پنهنجا پئسا گهريا سهي؟“
    ”گهريم پر هن فلئٽ ۾ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ فلئٽ هن جي نالي هو. منهنجي قانوني ڪابه حيثيت نه هئي، آئون هڪ دفعو وري زيرو تي اچي پهتس، جنهن تي ان کان 4 سال کن اڳ هوس، جڏهن سنگاپور کان ڪئالالمپور پهتو هوس.“


    باب اڻويهون

    قسمت جا ليکا...

    ملئي ڇوڪريون اهڙيون بي وفا يا ٺڳڻيون نه ٿينديون آهن، پر هو ڇا چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن، هن ڇوڪريءَ جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙا لاڙا پيدا ٿيا جو هوءَ عليءَ بدران هر ڳالهه پنهنجي ساهيڙي جي مڃڻ لڳي ۽ هن عليءَ سان شادي ڪرڻ جو نه فقط ارادو لاهي ڇڏيو، پر عليءَ جي بچيل سچيل پونجي به پنهنجي حوالي ڪري ڇڏي. بُڪ ٿيل فليٽ ته اڳ ئي سندس نالي هو. علي هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتو. هن جي ڌارئين ديس ۾ ڪابه قانوني حيثيت نه هئي جو هو ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو حق ڄمائي سگهي. علي، جيڪو هتي ملائيشيا ۾ گهرٻار ٺاهي هاڻ سکي زندگي گذارڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، ان جا اهي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران چڪناچور ٿي ويا. هن جو هاڻ نه ڪمائيءَ جو ذريعو رهيو هو نه گهر گهاٽ. هو سوچڻ لڳو ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. واپس وطن هلي قسمت آزمائجي يا وڌيڪ هتي رهي وري هٿ پير هڻجن. هو فقط بي اي پڙهيل هو سو پنهنجي ملڪ ۾ هن کي نوڪري ته ڇا پر ڪو سڀرو ستابو پورهيو به نٿي ملي سگهيو. هتي ملائيشيا ۾ رهي هو نه فقط هتي جي ملئي ٻولي سکي ويو هو، پر هن جي انگريزي به سٺي ٿي وئي هئي. ان کان علاوه پيٽروناس ٽاور تي هلندڙ ڪم ۽ هوٽل (سائبر ڪيفي) جي بزنس مان هن کي ڌنڌي ۽ ڏيتي ليتي جو تمام گهڻو تجربو ٿيو هو ۽ ساڳي وقت هن جا هِن ملڪ جي مختلف قومن: ملئي، چيني ۽ انڊين واپارين، پروفيشنل ۽ سياستدانن سان به Contact ۽ سڃاڻپيون ٿي ويون هيون.
    ”دبئي، ڪويت ۽ عرب ملڪن جي سخت موسم ۽ شوخ ماڻهن کان ملائيشيا جي موسم ۽ ماڻهو وڌيڪ حليم آهن ۽ هاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي قسمت آزمائڻ بدران هتي وري نئين سنئينءَ کان ڪجهه ڪرڻ جو سوچيم. ڪيفي بند ٿيڻ ڪري منهنجي ملائيشيا ۾ ڪم ڪرڻ جي ويزا به ختم ٿيڻ واري هئي،“ عليءَ ٻڌايو، ”قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو منهنجي هڪ پاڪستاني واقفڪار، جنهن هتي ڊاڪٽري اوزارن ۽ سرجيڪل ٽولز جو بزنس ڪيو ٿي، ان جو ٻيو پاڪستاني پارٽنر هن کي ڇڏي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو هو. هن کي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. هن مون کي شامل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ مون خوشيءَ سان هي نئون ڪم شروع ڪري ڏنو. هن بزنس ۾ منهنجو هي پنجابي دوست سيالڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تان هول سيل تي ڊاڪٽري ۽ اسپتالن جو سامان گهرائيندو هو. هن منهنجي حوالي هڪ مزدا ٽائيپ پڪ اپ ڪئي، جنهن ۾ مختلف شين جا سئمپل رکي سڄو ڏينهن ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيم. جتان جتان جنهن شيءِ جو آرڊر مليو ٿي اهو آرڊر فون ذريعي پنهنجي دوست بزنس مئن، جيڪو منهنجو باس ٿيو، اطلاع ڪيو ٿي. هن ان ئي وقت اهو سامان ميسينجر ذريعي يا ڪوريئر سروس ذريعي ضرورتمند ڊاڪٽر يا اسپتال ڏي موڪليو ٿي. مون ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر رياست ۾ مهينو گذاريو ٿي ۽ آخري مهينو ڊسمبر وارو ڪئالالمپور (گادي واري شهر) ۾ رهيس ٿي.
    ”گذريل دفعي جڏهن پنهنجي ملاقات ٿي هئي ته آئون هي ڪم ڪري رهيو هوس.“
    ”پوءِ ڀلا شادي جو پروگرام ڪيئن ٺهيو؟“ مون پڇيو.
    ”مون هن ڌنڌي ۾ وڏي محنت ڪئي ۽ پئسو بچايو.“ عليءَ ٻڌايو، ”ملائيشيا ۾ بزنس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي جو هتي چينين سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. اسپتالون توڙي انهن ۾ ڪم ڪندڙن جي گهڻائي چينين ۽ انڊين جي آهي، جن جون همدرديون پنهنجن چيني واپارين ۽ انڊيا جي سامان سان آهن، پر آئون گذريل 12 کن سالن کان هن ڌنڌي تي ڪافي حاوي رهندو اچان. هي ڌنڌو Establish ٿيڻ تي مون شادي جو ارادو ڪيو. منهنجي نظرن ۾ ڪابه اهڙي ڇوڪري نه هئي، جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يا دوستي هجي. منهنجي پنهنجي ان ٽيچر سان فون تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ضرور جاري هو، جنهن مون کي B.A تائين پنهنجي خرچ تي پڙهايو. هن جي ڳالهين مان مون کي هميشه اهو لڳندو هو ته هن کي پنهنجين نياڻين جو بيحد فڪر آهي، جن جي اڃا شادي نه ٿي هئي. مون کي اوچتو خيال آيو ته منهنجي نظرن ۾ ٻي ته ڪابه ڇوڪري نه آهي، ڇو نه هن پنهنجي شفيق استاد جي گهران شادي ڪريان، جنهن مون کي پڙهايو ۽ مون تي سندس ٿورا آهن. هن جي ڌيءَ نسرين جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏي آهي ۽ اسان جو ننڍي هوندي کان سندن گهر ۾ ڀاتين وانگر اچڻ وڃڻ هو، ان ڪري اسان مان ڪنهن به شادي بابت سوچيو به نه هو. پر هاڻ مون سوچي سوچي نيٺ پنهنجي استاد صاحب رضا محمد عرشي صاحب کي فون ڪيو ۽ مون سندن ڌيءَ سان عقد نڪاح جو ارادو ڏيکاريو. منهنجي حالتن مطابق مون لاءِ هي گهر ان ڪري به صحيح هو جو اسان هڪ ٻئي جي حالتن کان واقف هئاسين. هوءَ غربت ۾ به رهي سگهي ٿي. هن کي ڪراچي ۾ رکي آئون اڪيلي سر هتي نوڪري ڪري سگهيس ٿي يا ڪراچيءَ وڃي اتي ڪجهه ڪرڻ جو سوچي سگهيس ٿي.
    ”منهنجي ارادي کي منهنجي زال جي والدين ۽ گهر جي سڀني ڀاتين ساراهيو ۽ مون ڪراچي پهچي جهٽ اچي شادي ڪئي. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن آئون نسرين (زال) کي وٺي توهان جي گهر ڪراچي آيس.“
    ”پوءِ زال لاءِ ملائيشيا جي ويزا جو بندوبست ڪيئن ڪئي؟“ مون اهو قانوني نقطو سمجهڻ چاهيو ٿي، ڇو جو عليءَ جي نوڪري يا انڪم ايترو نه هو جنهن مطابق قانوني طور زال کي ملائيشيا ۾ هميشه لاءِ پنهنجي مڙس وٽ رهڻ لاءِ ويزا ملي وڃي .
    ”شادي بعد جيتوڻيڪ مون زال سان گڏ رهڻ چاهيو ٿي،“ عليءَ ٻڌايو، ”پر زال کي ملائيشيا رهائي نٿي سگهيس جو آئون هڪ معمولي ملازم هوس. مون اهو ئي ارادو ڪيو ته هاڻ ڪراچي ۾ ڪو بزنس ڪجي، پر مون کي ان لاءِ حالتون سازگار نه لڳيون، سو مجبور ٿي وري ملائيشيا موٽي اچي ساڳي ڌنڌي جون واڳون سنڀاليم. هو ڇا چوندا آهن ته ڪن جي آئي نصيب اچي ته ڪن جي وئي نصيب اچي. ڪڏهن ڪڏهن قدرت طرفان غيب مان به مدد اچي ويندي آهي. مون سان به ائين ئي ٿيو. ڪجهه مهينن بعد منهنجي بزنس پارٽنر مون کي سڏي پنهنجي دل جو حال ٻڌايو ته هو هي ڪاروبار ڇڏڻ چاهي ٿو. دراصل هن آسٽريليا لڏي وڃڻ چاهيو ٿي، سو هن مون کان پڇيو ته جيڪڏهن آئون هن ڪاروبار کي پاڻمرادو هلائڻ جو جوکم کڻڻ چاهيان ته هلائي سگهان ٿو، نه ته هو اها ڪمپني بند ڪري ڇڏي. مون کي پنهنجو پاڻ تي confidence هو ۽ مون وٽ ايتري جمع پونجي ٿي چڪي هئي جنهن جي زور تي آئون ڏکين حالتن ۾ منهن ڏئي سگهيس ٿي. سو مون هائوڪار ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن جي ڪاغذي ڪارروائي ۽ حساب ڪتاب بعد قانوني طرح آئون هن ڪمپني جو مالڪ ۽ ڊائريڪٽر ٿي ويس. اهڙي صورت ۾ منهنجي زال به مون سان گڏ رهي سگهي ٿي ۽ پوءِ منهنجي زال نسرين سگهوئي ڪراچي ڇڏي اچي مون کي Join ڪيو.“
    ”ڀلا هن ملئي ڇوڪريءَ ڪو ڪجهه پئسو واپس ڪيو؟“ مون پڇيو.
    ”نه ۽ نه آئون هاڻ ان جي تمنا رکان ٿو. بلڪ الله جو شڪر ڪيان ٿو ته قدرت کي منهنجي بهتري منظور هئي.“ عليءَ چيو.
    ”ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ”اهو هن ريت جو منهنجي پگهر ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ جا 40 هزار ڊالر ضرور ويا، جنهن جو ڪجهه عرصو مونکي افسوس به رهيو، پر پوءِ اهو سوچيم ته چڱو جو اهو معاملو اڳتي نه وڌيو ۽ هوءَ مون کي Early Stage تي ئي دوکو ڏئي وئي يا خبر ناهي ڪهڙين مجبورين ڪري مونکي ڇڏي وئي نه ته شادي بعد جيڏو دير سان هوءَ ڇڏي ها اوترو مونکي گهڻو نقصان ٿئي ها.“
    ”ڀلا هن پهرين ڇوڪريءَ سان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن جي والد مڱڻو ڪري پوءِ هن کي توسان شادي ڪرائڻ بدران ڪنهن ٻئي سان ڪرائي ڇڏي ۽ جنهن جي صدمي ۽ ذهني عذاب توکي گهر ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”جي ها. هڪ دفعو،“ عليءَ چيو، ”جڏهن منهنجو سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ختم ٿي ويو ۽ مون ڊاڪٽري اوزار وڪڻڻ شروع ڪيا ته هڪ ڏينهن پيراق رياست جي هڪ شهر ڪُئالا ڪنگسار جي اسپتال مان نڪري رهيو هوس ته منهنجي فون جي گهنٽي وڳي.“
    ”اها ڇوڪري هئي؟“ مون پڇيو.
    ”نه هن جو پيءُ هو،“ عليءَ ٻڌايو، ”هو سخت بيمار هو. هن ٻڌايو ته جڏهن کان هن جي ڌيءَ گهر ڇڏي وئي آهي ته واعدي موجب هن سان وري نه ملي آهي. ’هينئر آئون سخت بيمار آهيان، مون هن کي ڪيترا نياپا ڪيا آهن ته آئون هن جو هڪ دفعو منهن ڏسڻ چاهيان ٿو، پر هوءَ ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. مون کي پڪ آهي ته اهو فقط تون آهين، جنهن جي هوءَ نه فقط ڳالهه ٻڌندي پر مڃيندي به. تون گذريل ڳالهيون، غم ۽ غصو وساري مون تي مهرباني ڪر ۽ هن کي مون سان ملڻ لاءِ فون ڪر.‘ هن مون کي ڇوڪريءَ جو نمبر ڏنو ۽ مون پنجاب جي ان ڳوٺ ۾ هن ڇوڪريءَ کي فون ڪري چيو ته ’هي سڀ ڪجهه قدرت جا ليکا آهن. هاڻ جيڪي ڪجهه ٿي ويو، رب جي رضا تي راضي رهڻ کپي. اسلام به اهو ئي چوي ٿو ته والدين جو خيال رکڻ کپي، هو پوڙها ٿي چڪا آهن. تنهنجا اسان تي ٿورا ٿيندا تون پنهنجي پيءُ سان ضرور مل‘. منهنجو چوڻ هن مڃيو ۽ هوءَ پنجاب کان هلي روهڙيءَ پنهنجي پيءُ سان ملڻ آئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ئي رواني ٿي وئي. قدرت جا به پنهنجا رنگ آهن. چون ٿا ته هوءَ اڃان ڳوٺ به نه پهتي ته 24 ڪلاڪن اندر سندس والد دم ڏنو.“
    ”هاڻ ڇا پيا سوچيو؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”آئون رب پاڪ کان سڀ لاءِ دعا پيو گهران ۽ ساڳي وقت آئون پنهنجي رب جو بيحد ٿورائتو پڻ آهيان ته هن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي، جنهن جو آئون سوچي به نٿي سگهيس. ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪجهه منهنجي نيڪ نيتي ۽ سڀ جو ڀلو چاهڻ جي ڪري هجي. آئون اهوئي چوندس ته هر انسان کي ٻئي جو ڀلو سوچڻ کپي ۽ ٻئي جي ڏک ۾ شامل ٿي هن جي لاءِ خوشيون پيدا ڪرڻ کپن.“


    باب ويهون

    ڪئالالمپور جي ڪهاڻي (1)

    عليءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪئالالمپور جي مختلف روڊن تي جهڙالي موسم ۾ ڊرائيونگ ڪندي، جتي علي جي زندگي جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس، اتي کيس هن شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊ رستن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو هليس. علي هن شهر (ڪئالالمپور) ۾ 1994ع ۾ آيو هو ۽ مون ان کان به 25 سال کن اڳ 1968ع کان هن شهر ۾ اچڻ شروع ڪيو. اوچين عمارتن، ڪارخانن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ پارڪن جو هي شهر ڪو آڳاٽو ناهي. شهرن جي تاريخ ۾ هي شهر ڄڻ ڪالهه جو ڄاول ٻار آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪئالالمپور هن تر جو آڳاٽو شهر آهي پر ان کان ته اسان جو ڳوٺ هالا نوان ۽ ڀٽ شاهه جهونو آهي- هالا پراڻا شهر ته تمام پوڙهو ٿيو. حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو، جيسلمير، گرنار ۽ بڪانير وغيره، جن جو شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهي ته تمام گهڻا پراڻا شهر آهن. شاهه لطيف ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي نه ويو پر جي وڃي ها ته هو وڌ ۾ وڌ ملائيشيا جي ملاڪا شهر جو ذڪر ڪري ها. تڏهن ڪو پڇين ها ته ’شاهه صاحب! پينانگ، سنگاپور ۽ ڪئالالمپور جي ڪا خبر چار؟‘ ته پاڻ حيران ٿي وڃن ها ته اهي ڪهڙا نالا آهن. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ انهن شهرن جو وجودئي نه هو. شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄاوا. ان کان هڪ صدي کن پوءِ يعني 1771ع ۾، غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تي آيل ماڻهن کان يا سوا صدي کن اڃان به پوءِ 1803 ۾، ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت، سفر جي شوقينن کان انهن مٿين شهرن بابت پڇجي ها ته هو به وائڙا ٿي وڃن ها. هو ڪئنٽن، ڪيوٽو، رنگون ۽ ڪولمبو لاءِ ته چون ها ته اسان ٻڌا آهن، پر پينانگ، سنگاپور ۽ ڪئالالمپور لاءِ هو حيرت جو اظهار ڪن ها. ڇو جو هي شهر ڪئالالمپور جتي اڄ توهان يورپ جهڙيون هوٽلون، مونو ريل ۽ اليڪٽرڪ ٽرامون ڏسو ٿا، ان سڄي علائقي ۾ 1850 تائين به دلدل ۽ گپ هئي، جنگل ۽ مليريائي مڇر هئا. ڀَڏا ۽ ٻوڏ جا پاڻي هئا. نانگ بلائون ۽ مِرون هئا. وڇون ۽ سئو پيريون هيون. ڪا پڪي عمارت ته پري جي ڳالهه، ڪا جهوپڙي به ٺهيل نه هئي. البت اڄ واري هن شهر ڪئالالمپور کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڪيلانگ (Kelang) نالي هڪ شهر ضرور هو، جيڪو هاڻ ڪلانگ Klang سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان، اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بندرگاهه پڻ هو. هي بندرگاهه بعد ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ پورٽ سئيٽنام سڏبو هو پر هاڻ وري پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو.
    اڄ وارو هي مغربي ملائيشيا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ملايا سڏبو هو مختلف رياستن ۾ ورهايل هو. اڄ وارو ڪئالالمپور، پتراجايا، سبانگ جايا، شاهه عالم ۽ ڪلانگ شهر وارا علائقا سلينغور (Selangor) رياست ۾ آيا ٿي. سڄو ملائيشيا گهاٽو جهنگل هو ۽ اهڙن گهاٽن جهنگلن ۾ ماڻهن جي چرپر فقط ندين ذريعي ممڪن هئي، جن مان ٻيڙيون هلي سگهيون ٿي. مختلف علائقن جا مختلف ملئي سردار ۽ ڀوتار هئا جيڪي پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سلطان ٿيا جيڪي هاڻ واري وٽي تي سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا.
    اوڻيهين صدي جي شروعات جي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڌاتوءَ جي ضرورت وڌڻ لڳي. ملايا جي ڪن ڪن علائقن ۾ خاص ڪري پيراق پاسي قلعي يعني ٽِن (Tin) جون کاڻيون مليون جنهن مان ان پاسي جا ملئي جاگيردار ۽ سردار امير ٿيڻ لڳا. انهن کي پئسو ڪمائيندو ڏسي ٻيا سردار ۽ سلطان به پنهنجن علائقن ۾ جانچ ڪرائڻ لڳا. اهڙي طرح هن پاسي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله کي 1850 ۾ کڙڪ پيئي ته جتي گومباڪ ندي (انهن ڏينهن ۾ هيءَ ندي ”سنگائي لمپور “ معنى گپ واري ندي سڏبي هئي) جتي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي (جتي اڄ وارو ڪئالالمپور شهر آهي) اتي زمين اندر ٽِن (قلعي) جون کاڻيون آهن. انهن کاڻين جي کوٽائي لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي. ملايا ۾ هڪ ته ماڻهن جي کوٽ هئي، جيڪي رهيا ٿي اهي ملئي مسلمان هئا، جيڪي اڄ به سست سڏيا وڃن ٿا ۽ جيئن اسان وٽ ڪارخانن توڙي رستن لاءِ پٿرن ڪٽڻ جي ڪم لاءِ، سرحد پاسي کان پٺاڻ گهرايا وڃن ٿا، تيئن ملايا ۾ اهڙن سخت پورهين لاءِ ڏکڻ چين مان چيني گهرايا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين جي ڏاکڻي حصي ۾ سخت غربت ۽ ڏڪار جو عالم هو ۽ اهو علائقو ملايا کي ويجهو به هو. سو کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ هن علائقي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله 1850ع ۾ چيني مزدور گهرايا جيڪي مٿين ندين جي سنگم وٽ ڪکاڻان گهر ٺاهي رهڻ لڳا ۽ اڄ جيڪو ائمپنگ، باتو ۽ پودو وارو علائقو ڏسو ٿا اتي کاڻين جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو، يعني هي اهو دور هو جڏهن دهلي ۽ آگري ۾ خبر ناهي ڪيترن مغل بادشاهن جون حڪومتون ٿي ويون ۽ هاڻ انگريز بادشاهه جو زور هو جنهن جي خلاف 1857ع ۾ هندستان جي ماڻهن بلوو ڪيو هو يعني اسان جا دهلي، ڪلڪتو، ڍاڪا، ٺٽو، لاهور، حيدرآباد ۽ شڪارپور جهڙا شهر وڏي اوج تي هئا. حيدرآباد ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت ڪئالالمپور ڇا هو--- ڪجهه به نه هو. اهو فقط چيني مزدورن جي رهائش جي چند ڪکائن جهوپڙين وار ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ مرد ئي مرد رهيا ٿي. سيڌي جا ڪجهه دڪان هئا ۽ ڪجهه ڪچي شراب جا گهتا، جوا خانا ۽ ڪجهه رنڊيون هيون.
    ٽِن (قلعي) جون کاڻيون کوٽڻ وارن هنن جاهل ۽ نشئي مزدورن جا به ٻه گروپ ٿي پيا هئا. هڪ هَڪا (Hakka) زبان ڳالهائڻ وارن چينين جو ۽ ٻيو حوقين (Hokkien) زبان وارن چينين جو. هنن جو پاڻ ۾ هر وقت جهيڙو لڳو رهيو ٿي. انگريز به ملايا ۾ وارد ٿي چڪا هئا. هنن ڊچن ۽ پورچو گالين کي ڀڄائي ملايا جي مرڪز ”ملاڪا“ تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ باقي رياستن تي به جيتوڻيڪ نالي ماتر حڪومت ملئي سلطانن جي هئي پر هلي انگريزن جي ٿي. ڪئالالمپور مان نڪرندڙ ٽِن توڙي ملايا ۾ پيدا ٿيندڙ رٻڙ وغيره هنن ئي خريد ڪري پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليو ٿي. چيني مزدورن جي جهڳڙن ڪري کوٽائيءَ جو ڪم ئي رڪجي ويو. ملئي سردار ان معاملي کي منهن ڏئي نه سگهيا. انگريزن ان مسئلي جو اهو ئي حل ڳوليو جو هنن انهن چينين مٿان سندن هڪ چيني ڪمدار طور رکيو جيڪو هن شهر ڪئالالمپور جو ’ڪئپٽن چينا‘ سڏجڻ لڳو.
    انهن ڏينهن ۾ ڪئالالمپور ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ائين ته سڄي ملايا جو اهو حال هو جو جتي ڪٿي جهنگلن ڪري نانگ بلائن، مڇرن ۽ سئو پيرين جو راڄ هو (جيڪو اڃان تائين به ڳوٺن ۾ عام آهي ۽ مون جيڪي ڏهه سال کن ملاڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ گذاريا اتي به انهن شين جي کوٽ نه هئي)، پر ان کان علاوهه تن ڏينهن جي شروعات ۾ ڪئالالمپور ۾ ڪيتريون ئي قدرتي آفتون به نازل ٿينديون رهيون. هڪ طرف پليگ ۾ ماڻهو مرندا رهيا ٿي ته ٻئي طرف ٻوڏن ۾. 1881ع واري ٻوڏ ۽ ان بعد باهه سڄي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان وقت گهر سڀ کجيءَ جي پنن ۽ ٿڙن جا هئا. سڀ سڙي راک ٿي ويا. ان بعد ئي سيلنغور (Selangor) ۾ رهندڙ برٽش ريزيڊنٽ فرئنڪ سويٽنهام حڪم جاري ڪيو ته هاڻ ڪو به گهر ڪکن جو نه ٺهندو. هر هڪ سرون ۽ ٽائيلون استعمال ڪندو. ان وقت جا اهي سرن جا ٺهيل گهر اڄ به توهان کي ڪئالالمپور ۾ نظر ايندا. يعني ڏٺو وڃي ته ڪئالالمپور جو شهر صحيح معنى ۾ 1881ع کان شروع ٿيو. يعني هي اهو زمانو هو جڏهن اسان وٽ بمبئي يونيورسٽي شروع ٿئي به ويهه سال ٿي ويا هئا ۽ بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کلئي ته 36 سال ٿي ويا هئا. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڪجهه سالن بعد اسان وٽ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌيءَ جنم ورتو. سو منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪئالالمپور ڪو لنڊن، قاهري، پئرس يا خارطوم، دهلي، حيدرآباد ۽ لاهور وانگر پراڻو شهر نه آهي. هي اسلام آباد وانگر هاڻ جو ٺهيل شهر آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تمام تيز رفتاري سان ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري گذريل اڌ صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾. جڏهن اسان جو پهريون دفعو جهاز تي نڪرڻ ٿيو، ان وقت به ڪئالالمپور، سنگاپور يا پينانگ ڪي خاص شهر نه هئا. سنڌ جا ٽنڊوآدم ۽ شهداپور هئا ۽ اهو ئي حال دبئي جو هو، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان به پٺتي هو. ڪئالالمپور کي پيرن تي بيهارڻ ۾ يپ آح لوا (Yap Ah loy) نالي چيني همراهه جو به وڏو هٿ هو. هن 1870 ۾ ڪئالالمپور شهر ۽ قلعي (Tin) جي وڪري کي وڏي ترقي وٺرائي. ايتري قدر جو 1880 ۾ سلينغور رياست جي گادي ڪلانگ بدران ڪئالالمپور مقرر ڪئي وئي پر پوءِ 1881 جي ٻوڏ ۽ باهه ڪافي تباهي آندي پر فرئنڪ سويٽنهام هن شهر کي هڪ دفعو وري ڊيولپ ٿيڻ ڏنو. سلينغور جو هي اهو انگريز ريزيڊنٽ آهي، جنهن جو نالو ڪلانگ بندرگاهه تي رکيو ويو. ملائيشيا کي انگريزن طرفان 1957ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد به ڪئالالمپور وارو هي بندرگاهه پورٽ سويٽنهام سڏبو هو ۽ اسان جي اچڻ وارن شروع جي سالن ۾ اسان جي جهازن جي نقشن تي به اهو ئي نالو لکيل هوندو هو. ان بعد هن بندرگاهه جو وري پراڻو نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو.
    سويٽنهام (سڄو نالو فرئنڪ اٿيليسٽان سويٽنهام) ملايا جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل مقرر ٿيو. هو 1871ع کان 1901ع تائين سنگاپور ۽ ملايا ۾ رهيو. پاڻ ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي ۽ انگريزي جي ڊڪشنري به تيار ڪئي. ان کان علاوه هن جا ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيا:
    -Malay Sketches
    - Unaddressed Letters.
    هن جي ڏينهن ۾ ملايا ۾ ڪافي ۽ تماڪ جي پوکن لاءِ زمينون ٺاهيون ويون ۽ هن جي ڏينهن ۾ ڪئالالمپور کان پورٽ ڪلانگ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. ياد رهي ته ڪئالالمپور شهر بندرگاهه ناهي. ڪئالالمپور کان اٽڪل 38 ڪلوميٽر اولهه ۾ پورٽ ڪلانگ آهي. هي بندرگاهه ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ۾ آهي. هي سامونڊي لنگهه ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ (انڊونيشيا) جي وچ ۾ آهي. ڪئالالمپور ۾ هتي جي قومي عجائب گهر Muzium Negara ۾ هن انگريز صاحب سويٽنهام جو Statue (بوتو) نظر اچي ٿو. بهرحال 1890 تائين ڪئالالمپور اهڙي سٺي شڪل ۾ اچي ويو جو شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ سينيٽري بورڊ ٺاهيو ويو. سلنغور رياست جنهن ۾ هي شهر آيو ٿي، ان جو هي شهر گادي وارو هنڌ ته اڳهين ٿي چڪو هو. 1996ع ۾ ڪئالالمپور تازين ٺهيل فيڊيريٽيڊ ملئي رياستن جي به گادي ٿي پيو. ڪئالالمپور ۾ مختلف قومون رهڻ لڳيون. ڪلانگ نديءَ جي اوڀر پاسي مارڪيٽ اسڪائر چائنا ٽائون ۾ چيني رهڻ لڳا. ملئي مسلمان ۽ انڊين مسلمان جاوا اسٽريٽ (جيڪا هاڻ جالان تن پيراڪ سڏجي ٿو) تي گهڻا هئا ۽ پڊانگ (ميدان) جيڪو هاڻ مرديڪا اسڪائر سڏجي ٿو انگريزن جي سرڪاري آفيسن جو مرڪز هو.


    باب ايڪويهون

    ڪئالالمپور جي ڪهاڻي (2)

    ٻي وڏي لڙائيءَ دوران 11 جنوري 1942ع تي جپاني فوج ڪئالالمپور تي قبضو ڪري ورتو ۽ اٽڪل ساڍا ٽي سال کن سڄو ملايا جپاني اثر ۽ انتظاميا هيٺ رهيو. منهنجي ڪيترن اهڙن ملئي مسلمانن سان واقفيت رهي جن انهيءَ عرصي دوران جپانين جي قائم ڪيل اسڪولن ۾ جپاني پڙهي. ملاڪا ۾ هڪ اهڙو پوڙهو جپاني به ڏٺم جيڪو اتي مسلمان ٿيو ۽ جپان جي آڻ مڃڻ بعد جپان موٽڻ بدران مرڻ گهڙيءَ تائين ملاڪا ۾ ئي رهيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بعد سنگاپور ۽ ملايا ۾ مقيم جپاني فوج جي جنرل سائيشيرو اتاگاڪيءَ 15 آگسٽ 1945ع تي انگريز انتظاميا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. هتي اهو به لکندو هلان ته هن جنگ ختم ٿيڻ بعد آمريڪا جپاني فوجين تي، سندن ڪيل ظلمن خلاف ڪيس هلايا جن ۾ هي جنرل اتاگاڪي سخت ظالم قسم جو قاتل ثابت ٿيو ۽ کيس ٽوڪيو جي مشهور جيل سوگامو ۾ 23 ڊسمبر 1948ع تي ڦاهي ڏني وئي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٽوڪيو جو هي جيل جپانين يورپين ۽ انگريزن کي سزا ڏيڻ لاءِ، جنگ دوران ٺهرايو هو، جنهن ۾ ماڳهين کين سزائون ڪاٽڻيون پيون.
    هن جنگ دوران، جپانين جو سنگاپور ۽ ملايا تي قبضي ۾ حقيقت اها آهي ته جپانين ملئي مسلمانن تي ايڏا ظلم نه ڪيا جيڏا انگريزن ۽ چينين مٿان ڪيا. ڇو جو چينين جپانين جي ڪافي مزاحمت ڪئي. هڪ اندازي مطابق فقط سنگاپور جي ٻيٽ تي جپانين 5 هزار کان 25 هزار چيني، ٽارچر ڏئي ماريا ۽ اهو ئي حال هنن انگريزن سان ڪيو. جپانين جي قيد مان ورلي ڪو انگريز POW (Prisoner of war) بچي نڪتو ٿي. زندگي ماڻڻ وارن انگريز فوجي قيدين مان هڪ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جو پرنسپال ڪرنل ڪومبس پڻ هو.
    1941ع ۾ ڪرنل ڪومبس کي ”137 فيلڊ ريجمينٽ“ جي پلٽون جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۽ کيس سندس پلٽون سميت ملايا ۾ موجود يارهين انڊين ڊويزن سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جپانين سان جنگ دوران سندس ريجمينٽ پهرين هئي. ڪرنل ڪومبس جي پلٽون جي پوزيشن سنگاپور جي سامونڊي ڪناري (بيچ) تي هئي. 15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان وارو پرنسپال ”ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس“ آگسٽ 1945ع تائين ٽي سال پنج مهينا، جپانين جو قيدي ٿي رهيو. هن کي شروع وارو سال کن سنگاپور جي چانگي جيل ۾ رکيو ويو، ان بعد ٿائلينڊ جي Nangpladuk ڪئمپ ۾ POW جي حيثيت ۾ قيد ڪيو ويو.
    قيد واري عرصي دوران اسان جي پرنسپال پنهنجي ڪتاب Banpong Express ۾ پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، جنهن ۾ هن جپاني قيد ۾ جنگي قيدين جي زندگي جي عڪاسي ڪئي آهي ته هو ڪيئن هر وقت موت جي پاڇولي ۾ زندگي گذاريندا هئا. هو پنهنجي بند جي تڪليفن جي ڪهاڻي پنن تي لکي قيدين جي رڌڻي ۾ رکيل هڪ ڊرم ۾ لڪائي ڇڏيندو هو، جنهن جي آخر تائين جپاني سپاهين کي خبر نه پيئي. هن جي ريجمينٽ 9 هفتا وڙهندي رهي پر افسوس جو هار سندن مقدر بڻي. 700 ماڻهن مان 3 آفيسر ۽ 28 سپاهي ويڙهه ۾ مارجي ويا ۽ 184 ڄڻن کي جپانين، قيد دوران چيچلائي چيچلائي ماريو.
    ڪرنل صاحب پيٽارو ۾ ڊنر تي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئس. هو چوندو هو: ”جنگ هارائڻ جي ڪوڙاڻ ۽ جنگي قيدي جي صورت ۾ بي عزتي سهڻ جهڙي ٻي ذليل ڳالهه آهي ئي ڪانه.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو ته ”اسان وري به خوش نصيب هئاسين جو بچي وياسين ۽ وري سوڀ ماڻيسين. پر آئون اها ئي دعا گهرندس ته اسان جي تجربن مان ايندڙ نسل سبق سکن ۽ جنگيون ڪري هڪ ٻي جو سک نه ڦٽائين.“ جنگ بعد ڪرنل ڪومبس کي انگلينڊ گهرايو ويو ۽ 1954ع ۾ کيس سنگاپور ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان رکيو ويو. سنگاپور ۾ هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي، ڪرنل صاحب جو هڪ واٽهڙو سان حادثو ٿي پيو ۽ اهو ماڻهو مري ويو. ڪرنل ڪومبس پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ هن کي ڏوهاري بڻائي ڇهه مهينا جيل جي سزا ڏني، جيڪا هن سنگاپور جي ان ساڳي چانگي جيل ۾ گذاري جنهن ۾ هو پهرين جنگي قيدي (P.O.W) جي حيثيت سان رهي چڪو هو.
    ڪورٽ طرفان سزا ٿيڻ ڪري ڪرنل ڪومبس جو فوجي ڪيريئر ختم ٿي ويو، نه ته هو هاڻ ميجر جنرل جي عهدي تي پهچڻ وارو هو ۽ هن سوچيو پئي ته ترقي ملڻ بعد هو ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي علائقي گرنسي جو گورنر ٿيندو پر افسوس جو هن حادثي ڪري هو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. 1957ع ۾ هو انگلينڊ پهتو ته هن اتي جي اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي لاءِ پرنسپال جو اشتهار ڏٺو (پيٽارو واري بلڊنگ اڃان ٺهي رهي هئي). هن لنڊن مان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. ساڳي وقت اسان عبرت اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا جو اشتهار پڙهي چونڊ لاءِ فارم ڀريو. ڪرنل ڪومبس ۽ مون جهڙن شاگردن کي هڪ ٻئي سان ملڻو هو ۽ 1958ع کان 1963ع تائين ميرپورخاص ۽ پيٽارو ۾ گڏ گذاريوسين ۽ سندس ڳالهين ۽ تعليم مان مستفيض ٿياسين. بهرحال اڄ ڪئالالمپور جو ٻي وڏي لڙائي جي حوالي سان احوال لکندي ڪرنل ڪومبس ياد اچي ويو، جنهن جي انهن ڏينهن کان تنڪو عبدالرحمان سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ايتري قدر جو ملائيشيا جو تنڪو صاحب ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيڻ بعد، هڪ دفعو لنڊن وڃي رهيو هو ته واٽ تي ڪراچي ۾ اسٽاپ اوور هجڻ تي، ڪرنل ڪومبس اسان ڪجهه شاگردن سان گڏ ساڻس ڪراچي جي هوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ۾ اچڻ تي ۽ بعد ۾ ملاڪا ۾ رهڻ دوران ڪرنل ڪومبس جي حوالي سان تنڪو صاحب سان منهنجيون ملاقاتون سندس وفات تائين جاري رهيون. هن هميشه اسان جي پرنسپال لاءِ عزت ۽ قرب جو اظهار ڪيو ٿي.
    جنگ جي ڪري سڄي ملايا جي معاشي حالت خراب ٿي پئي. انگريزن نه فقط ڪئالالمپور کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي پر پنهنجي لنڊن کي به پيرن تي بيهارڻ چاهيو ٿي. چوڌاري بيروزگاري، کاڌي جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي هئي.
    مڪاني ماڻهن چاهيو ٿي ته جپانين سان گڏ هي انگريز به هليا وڃن ۽ ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهاڪ ڊويزن MNLA (ملاين نئشنل لبريشن آرمي) انگريزن سان گوريلا جنگ جوٽي، جيڪا 1948ع کان 1960ع تائين هلي، جنهن کي انگريزن ”ملاين ايمرجنسي“ سڏيو ٿي. 1957ع ۾ ملايا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. 1963ع ۾ ”ملايا“ بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن سباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي هڪ نئون ملڪ ”ملائيشيا“ ٺاهيو. ٻن سالن بعد 9 آگسٽ 1965ع تي سنگاپور ملائيشيا مان نڪري پنهنجو پاڻ کي الڳ ملڪ ٺاهيو. ملائيشيا ۾ 10 سيڪڙو کن انڊين ۽ ٻين قومن جا ماڻهو رهن ٿا، باقي 90 سيڪڙو ۾ اڌواڌ ملئي مسلمان ۽ چين کان آيل چيني آهن. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ملئين ۽ چينين جي پاڻ ۾ اڻ بڻت وڌڻ لڳي. ايتري قدر جو 13 مئي 1969ع تي ٻنهي ڌرين ڪئالالمپور ۾ خوب مار ماران ڪئي ۽ اٽڪل 200 کن ماڻهو هن شهر جي گهٽين ۾ مارجي ويا. ان بعد قاعدا قانون سخت ڪيا ويا ۽ اڄ تائين وري اهڙو واقعو رونما نه ٿيو آهي.
    1978ع کان ڪئالالمپور سڄي ملڪ جو گادي جو شهر قرار ڏنو ويو ۽ ’شاهه عالم‘ شهر، سلينگور (Slengor) رياست جي گادي مقرر ڪيو ويو. شاهه عالم مسجدن، باغن ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. سندس هڪ آڳاٽي ڪاليج ۾ جيڪو پوءِ يونيورسٽي بڻيو، اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي پڙهائڻ جو شرف حاصل آهي. پاڻ پهريون سنڌي شاگرد آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. هن وقت سندس ٻه ڀائيٽا ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر آهن. هڪ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جيڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر عديل جيڪو آرٿوپيڊڪ سرجن آهي.
    ڪئالالمپور جيتوڻيڪ سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي پر ان کي ”فيڊرل ٽيريٽري“ سڏيو وڃي ٿو. 2001ع کان سلينگور جو هڪ ٻيو شهر ”پتراجايا“ (Putra Jaya) پڻ فيڊرل حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو. هي شهر ڪئالالمپور کان ڪجهه ٻاهرڀرو ٺاهيو ويو، جتي فيڊرل حڪومت جون انتظامي آفيسون ۽ عدالتون ٺاهيون ويون آهن. ڪئالالمپور کي پتراجايا سان اليڪٽرڪ گاڏين ۽ بسين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي، جيئن ڪنهن کي به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار هجي ته هو سولائيءَ سان اتي پهچي سگهي. ملڪ جي وزيراعظم جو گهر توڙي آفيس به پتراجايا ۾ آهي. سڀ وزير ۽ ڪامورا هڪ ئي هنڌ موجود رهن ٿا. هونءَ به ملائيشيا جا ماڻهو نوڪريءَ کان گسائين نٿا. هو ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. ملڪ جو وزيراعظم به روزانو صبح جو اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، جو هن کي به هر سرڪاري پگهار کڻندڙ ملازم وانگر پوري ٽائيم تي اچڻ ۽ موڪل تائين آفيس ۾ حاضر هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوي ٿو.
    ملڪ جو پارليامينٽ هائوس ۽ ملڪ جي بادشاهه جو محل ڪئالالمپور ۾ ئي آهي. ڪئالالمپور جو انتظام هلائڻ جو ڪم ميئر حوالي آهي، جيڪو لارڊ ميئر ۽ ملئي زبان ۾ ”داتڪ بندر“ سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ شهر کي ”بندر“ چون. ملڪ جي پارليامينٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ House of Representatives جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ديوان رعيت“ سڏين ٿا ۽ ٻيو House of senate جيڪو ”ديوان نگارا“ سڏجي ٿو.
    سلينگور رياست جنهن جي وچ ۾ فيڊرل حڪومت جا شهر ڪئالالمپور ۽ پتراجايا آهن، ان مان ڪلانگ ندي وهي ٿي جيڪا ڊيگهه ۾ 120 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ وارو علائقو ”ڪلانگ وئلي“ يعني ماٿري سڏجي ٿو. هيءَ ندي پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) وٽ ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رستي تي هن نديءَ سان ٻيون يارهن نديون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هن ريت آهن. گومباڪ ندي، باتو ندي، دمن سارا ندي، ڪيروح ندي، پينچالا ندي ۽ ائمپنگ ندي وغيرهه. نديءَ کي ملئي زبان ۾ ”سنگائي“ (Sungai) سڏجي ٿو، يعني سنگائي گومباڪ، سنگائي باتو.... وغيره.
    جتي گومباڪ ندي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي، اتي ڪئالالمپور آهي. هي exact هنڌ اهو آهي جتي مسجد جامع آهي. ٻئي نديون ملڻ کانپوءِ هڪ جي صورت ۾ ڪلانگ ندي ”پتلانگ جايا“ شهر جي ڏکڻ مان گذري ٿي. اڳتي هلي هيءَ ڪلانگ ندي سلينگور رياست جي گادي واري شهر ”شاهه عالم“ مان گذري ٿي. سلينگور رياست جو شهر ۽ بندرگاه ”ڪلانگ“ هن نديءَ جي بلڪل پوڇڙ وٽ آهي، جتي اها سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.


    باب ٻاويهون

    ---
    ماني ڪٿي کائجي ...
    ان ڏينهن عليءَ جي پروٽون واجا (Proton waja) ڪار ۾ ڪئالالمپور جي رستن تي هروڀرو ڊرائيونگ ڪندا رهياسين. ڪلاڪ ٻه گذارڻو هو سو علي منهنجي چوڻ مطابق انهن روڊن تي ڪار ڊوڙائي رهيو هو جن لاءِ مون چيومانس ٿي. مون اسي واري ڏهي جي ياد تازي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي ڏهه سال کن مون جهاز هلائڻ ڇڏي ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي هئي. ملاڪا رياست جي جنهن شهر ”مسجد تاناح“ ۾ اسان رهياسين ٿي، اتان کان ڪئالالمپور 90 کن ڪلوميٽر هجڻ ڪري منهنجو تقريبن هر موڪل جو ڏهاڙو هنن رستن تي گذرندو هو. عيد جي يا ٻي ڪا وڏي موڪل ٿيندي هئي ته پوءِ ڏکڻ ڏي ڪئالالمپور وڃڻ بدران اتر جو رخ اختيار ڪندا هئاسين. جيڏانهن 250 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ملائيشيا جو ڇيڙي وارو شهر ”جوهور بارو“ آهي ۽ پل ذريعي سمنڊ جا ٻه کن ڪلوميٽر ٽپڻ بعد سنگاپور جو ٻيٽ آهي.
    ڪراچيءَ وانگر ڪئالالمپور جا به شروعاتي رستا انگريزن جي ڏينهن جا ٺهيل آهن ۽ سندن نالا به انگريز حاڪمن نالي هئا پر پوءِ ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد آهستي آهستي ڪيترائي نالا بدلائي ديسي حاڪمن، راجائن ۽ ملئي سردارن ۽ ڀوتارن جا رکيا ويا. هونءَ ستر واري ڏهي ۾ جهاز ذريعي جڏهن ملائيشيا اچبو هو ته پينانگ توڙي ڪئالالمپور جا رستا آڳاٽن نالن سان ئي سڏيا ويا ٿي. ٿي سگهي ٿو انهن ڏينهن ۾ اهي نالا بدلجي چڪا هجن پر ماڻهن جي زبان تي اهي ئي پراڻا نالا هئا جيئن جالان (شاهراهه) تن رزاق ”پيڪليلنگ روڊ“ سڏبو هو ۽ اڄ وارو جالان تئانڪو عبدالرحمان ”باتو روڊ“ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. جالان سلطان اسماعيل ۽ جالان هنگ تئا ته اسي واري ڏهي جي شروعات تائين به ٽريچر روڊ ۽ شا (Shaw) روڊ سڏبا هئا. اهڙي طرح اڄ وارو سلطان هشام الدين ۽ جالان مهاراجا ليلا رستا ”وڪٽري ايوينو“ ۽ ”جالان برچ“ سڏبا هئا. ملئي زبان ۾ فارسي ۽ عربي سان گڏ ڪيترائي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ پڻ آهن، ان ڪري ملائيشيا ۾ توهان کي مهاراجا ۽ راڻي جهڙا ڪيترائي لفظ ملندا. ايتري قدر جو ملڪ جي وزيراعظم لاءِ ملئي لفظ ”پرڌان مينتري“ آهي جيڪو پڻ هندي يا سنسڪرت جو لفظ آهي. ڪيترا ته تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ زبانن جا لفظ ملئي زبان ۾ شامل آهن جو ڏکڻ هندستان جون اهي زبانون ڳالهائڻ وارا تامل نادو ۽ مدراس پاسي جا ڪيترائي انڊيا جا ماڻهو هتي رهن ٿا.
    انگريز ريزيڊنٽ مسٽر جيمس برچ نالي نه فقط ڪئالالمپور ۾ ”برچ روڊ“ هو پر ملائيشيا جي ٻين شهرن سريمبان، پينانگ، اپوح ۽ سنگاپور ۾ به هو. ٻين شهرن جي خبر ناهي پر سنگاپور ۾ اهو روڊ اڄ به ساڳي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيمس برچ (سڄو نالو جيمس ويلر ووڊفورڊ برچ) ملائيشيا جي اتراهين رياست پيراق جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ هو. هو 1874ع ۾ پيراق جي سلطان جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. بس اها مڙيئي انگريزن جي کيڏ هوندي هئي ته ظاهري طرح ڀلي رياست جو سلطان به خوش رهي ۽ پنهنجي عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙو رهي ته اڃان هو سلطان آهي، باقي اندروني طرح هن کي ڪرڻو اهو ئي پوندو هو جيڪو انگريز چاهيندا هئا. جيڪو ڪم هو پنهنجن مقرر ڪيل ائڊوائيزرن ذريعي ڪرائيندا هئا. اهڙي طرح انگريز به خوش هئا ته هو مڪاني ماڻهن جي بغاوت کان بچيل رهيا ٿي. هنن اڻ سڌي طرح پنهنجو هر ڪم صلاحڪار ذريعي سلطان کان ڪرائي ورتو ٿي. هنن انگريز صلاحڪارن جي هر صلاح حڪم هوندو هو ۽ سلطان جي ڇا مجال جو حڪم عدولي ڪري. هو هيڏي وڏي هندستان جا حال ڏسي رهيا هئا ته اتي جي بادشاهن، حاڪمن، نوابن ۽ ڀوتارن جو انگريز ڇا حشر بڻائي ڇڏيو هو. سو هر رياست جو حاڪم (سلطان) انگريز جي هر ڳالهه چپڙي ڪري مڃيندو هو. انهن برٽش ريزيڊنٽن يا صلاحڪارن جو وڏو رعب تاب ۽ مان شان هو. مٿن ڪو آڱر به کڻي نٿي سگهيو پر هي جيمس برچ 1875ع ۾ هڪ مڪاني ملئي سردار داتو مهاراجا ليلا هٿان مارجي ويو. چون ٿا ته برچ ڀر واري نديءَ تي غسل پاڻي ڪري رهيو هو ته مهاراجه ليلا مٿس ڀالن سان وار ڪري ماري رکيو. هن قتل بابت انگريزن جو اهو چوڻ آهي ته سردار مهاراجا ليلا جنهن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو پيراق جي جنگلن مان هتي جا جهونا رهاڪو (جيڪي ’اورانگ اصلي‘ سڏجن ٿا انهن کي) غلام بنائي وڪرو ڪرڻ هو. انگريزن طرفان منع ڪرڻ تي، برچ جو قتل ڪيو ويو پر ملئي تاريخدانن جو اهو چوڻ آهي ته برچ کي ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هن ملئي ماڻهن کي ڪمتر سمجهيو ٿي ۽ برچ صاحب ملئي تهذيب ۽ ثقافت تي هميشه ٺٺوليون ڪندو رهيو ٿي. ايتري قدر جو رياست جي والي سلطان جي درٻار ۾ جتي هر هڪ جوتا لاهي آيو ٿي، هي جوتن سميت گهڙي پوندو هو. هن پاسي (ملائيشيا، ٿائلينڊ ڏي) ماڻهو پنهنجن بادشاهن سلطانن کي پير و مرشد جو درجو ڏين ٿا. هونءَ انگريز هميشه اهڙين ڳالهين جو خيال رکندا آهن ته مڪاني ماڻهن جي روايتن، ريتن، رسمن، اعتقادن ۽ دين ڌرم جو احترام ڪيو وڃي، جيئن ڪنهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي، پر اها مشهور حقيقت آهي ته هي انگريز برچ وڏو ٽيڙيءَ خور هو.
    ملئي ماڻهن لاءِ مهاراجا ليلا، جنهن کي ملڪ کي خود مختياري ملڻ بعد ان دليرانه عمل ڪريِ ’داتو‘ جو به خطاب ڏنو ويو هڪ هيرو جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي هيمون ڪالاڻي وانگر هو انگريز ۽ سندن Colonialism خلاف اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. برچ جي قتل بعد، انگريز سرڪار ان وقت پيراڪ رياست جي سلطان عبدالله کي ڏيهه نيڪالي ڏئي، هندي سمنڊ جي سيشلز ٻيٽن تي موڪلي ڇڏيو ۽ مهاراجا ليلا ۽ ان جي ساٿين کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد هتي جي حڪومت برچ روڊ جو نالو بدلائي جالان مهاراجا ليلا رکيو آهي.
    جيئن ڪراچيءَ ۾ شاپنگ لاءِ شروع کان صدر وارو علائقو خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو تيئن ڪئالالمپور جو ”بڪت بنتانگ“ علائقو مشهور آهي، جتي هڪ دفعو هر ٽوئرسٽ چڪر هڻي ٿو. هي علائقو گولڊن ٽرائنگل (Golden Triangle) به سڏجي ٿو. جالان بڪت بنتانگ، جالان راجا چولان، جالان پودو، جالان امبي ۽ جالان سلطان اسماعيل هن علائقي جا اهم روڊ آهن. هن علائقي ۾ خوبصورت شاپنگ سينٽر، هوٽلون، نائيٽ مارڪيٽون، گاڏن وارا ۽ هر قسم جا بار (Bars) ۽ پارلر آهن. هتي رنگين بتين جي جهرمر رات کي ڏينهن بڻائي ٿي. اسان جي ڏينهن ۾، يعني اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ وارو ڪئالالمپور، جيڪو ان وقت اسان جي حيدرآباد ۽ ڪراچي کان به پٺتي هو، تڏهن به هي علائقو ”بڪت بنتانگ“ سڀ ۾ سهڻو ۽ ماڊرن سمجهيو ويو ٿي. مٿين روڊن مان ڪنهن هڪ تي پنهنجي ڪار پارڪ ڪري پوءِ هن علائقي جا چڪر پيا هڻندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ رستا هڪ ئي ليول تي هئا جيڪي چوواٽن تي مليا ٿي. هاڻ ته سڄي ڪئالالمپور ۾ دهلي ۽ تهران وانگر ايتريون ته پليون ٺهي ويون آهن جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو رستو ڪٿي ختم ٿيو ۽ ٻيو رستو ڪٿان شروع ٿيو. پر تنهن هوندي به عليءَ کي چيم ته جالان بڪت بنتانگ، راجا چولان، پودو، امبي ۽ سلطان اسماعيل روڊن (جالانن) تان ڪار هلاءِ ته گذريل زمانو ياد ڪريان جڏهن هنن رستن تي پارڪنگ لاءِ واجهائبو هو. خاص ڪري 1985ع کانپوءِ جڏهن ملائيشيا پنهنجيون ڪارون ”پروٽان ساگا“ ٺاهڻ شروع ڪيون هيون ۽ هر هڪ ويو ٿي ڪار جو مالڪ ٿيندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪئالالمپور ۾ ڪار پارڪنگ جو مسئلو ايڏو ته وڌي ويو جو ڪڏهن ڪڏهن ضرورت واري جاءِ کان ميل اڌ پري پارڪنگ ملندي هئي. پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي زبان ۾ روڊ، رستي يا شاهراهه لاءِ ”جالان“ Jalan لفظ آهي. انگريزيءَ ۾ عدد واحد مان جمع ٺاهڻ لاءِ S يا es ڳنڍيو وڃي ٿو. اسان وٽ پيشَ بدران زَبَر لڳائي وڃي ٿي جيئن ڪتابُ مان ڪتابَ يا ”ون“ ڳنڍڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو جيئن کٽ مان کٽون وغيره. پر ملئي ۾ ساڳيو لفظ ٻه دفعا لکڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو. مثال طور ڪتاب کي ملئي زبان ۾ بُڪو (Buku) سڏجي ٿو جنهن جو جمع ٿيندو ’بُڪو بُڪو‘ معنى گهڻا ڪتاب سو گهڻن روڊن لاءِ مٿي، مون فقط هڪ دفعو جالان لکيو آهي، پر ملئي زبان جي حساب سان ’جالان جالان‘ ٿيندو.
    مٿي جيڪو ”جالان راجا چُولان“ لکيو اٿم يعني ”راجا چُولان روڊ“ ان جو اصلي نالو ويلڊ روڊ هو. اڄ به مون جهڙا ڪيترا پوڙها ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ان کي ويلڊ روڊ سڏي رهيا هئا، جيتوڻيڪ هن جي ڪناري تي جتي ڪٿي ’جالان راجا چولان‘ جا بورڊ لڳل آهن. هن روڊ جو نالو جالان ويلڊ ان ڪري نه پيو ته هي روڊ ڪو ويلڊ ڪيو ويو آهي يا هن روڊ تي ويلڊنگ جا دڪان آهن، پر هي روڊ هتي جي هڪ انگريز گورنر نالي آهي جنهن جو سڄو نالو ”سر فريڊرڪ ويلڊ“ هو. هن جي نالي آسٽريليا جي شهر پرٿ ۽ نيوزيلينڊ جي شهر مارلبورو ۾ به ويلڊ روڊ آهي. ملائيشيا جي رياست پيراڪ جو بندرگاهه جيڪو هاڻ ڪئالا سيپيتانگ سڏجي ٿو ان جو اصل نالو پورٽ ويلڊ هو ۽ اسان جڏهن جهاز هلائيندا هئاسين ته اسان جي نيويگيشنل چارٽن تي به Port Weld لکيل هوندو هو. ڪئالالمپور ۾ جتي منارا مي بئنڪ آهي، اها هن گورنر نالي ”ويلڊ هل“ سڏبي هئي پر هاڻ ان جو نالو بُڪت مڪاحماه رکيو ويو آهي. ملئي زبان ۾ ٽِڪري (Hill) کي بُڪت سڏجي ٿو. پينانگ بندرگاهه جي هڪ وهارف (ڌِ ڪي) جو نالو پڻ Weld Quay آهي. اهو اڃان به ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    سر فريڊرڪ ويلڊ نه فقط ملايا جو پر مغربي آسٽريليا ۽ تاسمانيا جو به گورنر رهي چڪو آهي ۽ نيوزيلينڊ جو ڇهون وزيراعظم پڻ هو. پاڻ بنيادي طرح نيوزيلينڊ جو سياستدان هو. 1823ع ۾ انگلنڊ ۾ ڄائو ۽ هن شروع جا سال والدين سان گڏ فرانس ۾ گذاريا. سئٽزرلئنڊ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1844ع ۾ هن نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي هن پهرين رڍن پالڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن مان هن خوب ناڻو ڪمايو. ان بعد هو سياست ۾ آيو ۽ 1887ع تائين مختلف هنڌن ۽ نوڪرين تي رهڻ بعد هن رٽائرڊ زندگي اختيار ڪئي ۽ آرام سان گهر ۾ ويٺو هو ته کيس هڪ وار ملايا سنگاپور گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 1891ع ۾ جيئن ئي هتي پهتو ته کيس ڪا اهڙي بيماري لڳي وئي جو علاج لاءِ سڌو انگلينڊ پهتو جتي ان ئي سال وفات ڪيائين.
    بهرحال ڪئالالمپور شهر جي خوبصورت علائقي بُڪت بنتانگ مان لنگهندڙ ويلڊ روڊ جو نالو اڄڪلهه ”جالان راجا چولان“ آهي. راجا چولان (سڄو نالو راجا سر چولان ابن المرحوم سلطان عبدالله محمد شاهه حبيب الله) پيراڪ رياست جي شاهي خاندان مان هو. هن بنيادي تعليم ملاڪا هاءِ اسڪول ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان حاصل ڪئي. 1896ع ۾ هن (راجا چولان) انگريزن ۽ پيراڪ، سلنگور، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ رياستن جي سلطانن سان ملي فيڊريشن ٺاهي، جيڪا Federated Malay States جي نالي سان سڏجڻ لڳي جنهن سان پوءِ ٻين رياستن ملي اڄ وارو ملائيشيا ٺاهيو. راجا چولان انگريز حڪومت جي دور ۾، انگريزن تي زور آندو ته هو ملئي ماڻهن جي معاشي حالت سڌارين ۽ کين سول سروس ۾ آڻين. پاڻ 1933ع ۾ گذاري ويو. سندس قبر پيراڪ رياست جي شهر ڪئالا ڪنگسار جي شاهي قبرستان ۾ آهي.
    ان ڏينهن عليءَ سان گڏ ڪئالالمپور جي هن خوبصورت علائقي ”بڪت بنتانگ“ مان لنگهڻ وقت هتي جي ڪجهه خاص شاپنگ مالن جا نالا نوٽ ڪيم جيڪي هن ريت آهن: برجايا ٽائيمس اسڪائر، بُڪت بِنتانگ پلازا، امبي پلازا، فارنهائيٽ 88 (هن جو اسان وارن ڏينهن ۾ K.L پلازه نالو هو)، لويات پلازا (هي هڪ چيني منسٽر Low Yat جو آهي)، اسٽار هل گئلري، سنگائي وانگ پلازا، Lot 10 ، پويلين ڪي. ايل وغيره.
    برجايا ٽائيمس اسڪائر دنيا جو تيرهون نمبر وڏو شاپنگ مال آهي. هن شاپنگ مال جي جملي ايراضي ٽي لک چورس ميٽر چئي وڃي ٿي. سندس مٿين فلور تي 3D- Imax سئنيما ٿيٽر آهي.
    ملائيشيا ۾ صفائي سٺائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي هائيجن تي سختي هجڻ ڪري، هتي جي وڏين هوٽلن ۾ توڙي گاڏي تي کاڌي پيتي جون وڪامندڙ شيون، توهان کي صحيح ملنديون. ڪيترائي وڏا ماڻهو هنن گاڏن وارن (Hawkers) کان کاڌو وٺي کائين. ڪئالالمپور جي هن بُڪت بِنتانگ علائقي ۾ ئي هڪ گهٽي جالان الور نالي آهي، جيڪا سڄي گهٽي کاڌي پيتي جي شين کان مشهور آهي. هتي توهان کي ريڙهي (گاڏي) وارا، انڊين پاڪستاني کاڌن (چپاتي، نان، پوري، اڊلي، ڏوسا، اڦراٽي، برياني، ٻوڙ) کان وٺي چيني ۽ انڊونيشي کاڌا وڪڻندي نظر ايندا. توهان کلئي آسمان هيٺ بيهي يا گاڏن وارن طرفان رکيل پلاسٽڪ جي اسٽولن تي ويهي، اهي کاڌا کائي سگهو ٿا.
    ڪئالالمپور ۾ هن قسم جون گهٽيون ٻين به ڪيترن هنڌن تي نظر اينديون ۽ ٽوئرسٽن کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ويهي ماني کائڻ تي اجايو پئسو خرچ ڪرڻ بدران هنن گاڏن وارن وٽ کائين، جيڪي ان ئي وقت تئي تان ماني لاهي توهان جي پليٽ تي رکندا وڃن ٿا.


    باب ٽيويهون

    ڪئالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن

    ڪئالالمپور شهر ۾ اسان واري ننڍي کنڊ جي انگريز وائسراءِ لوئيس مائونٽ بيٽن نالي به روڊ آهي، جيڪو هاڻ ملئي حاڪم نالي ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ”جالان تُن پيراڪ“ سڏجي ٿو. انگريزن جي رکيل نالي ”ڪراس اسٽريٽ“ جو نالو هاڻ ”جالان تن تان سيو“ آهي، جيڪو ملائيشيا جو خزانا وزير رهي چڪو آهي. ڪي ايل جو مشهور روڊ برڪ فيلڊ روڊ هاڻ ”جالان تُن سمبا ناٿن“ سڏجي ٿو.
    سمبا ناٿن ويراسامي هتي جو اهم تامل انڊين ٿي گذريو آهي، جنهن تنڪو عبدالرحمان ۽ تان چينگ لاڪ سان گڏ هن ملڪ جي آزادي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. هو ملائيشيا ۾ انڊين جي سياسي پارٽي MIC (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جو صدر به رهي چڪو آهي. هن جو پيءُ 1890ع ۾ انڊيا کان ملايا آيو ۽ رٻڙ جي پوک ۾ هن چڱو پئسو لڳايو. سمبا ناٿن 1919ع ۾ پيراڪ رياست جي شهر سنگائي سپوت ۾ ڄائو ۽ ڀرواري شهر ڪئالا ڪنگسار جي مشهور اسڪول ”ڪلفرڊ هاءِ اسڪول“ مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد ايڪانامڪس ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ انڊيا جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو جي انامالائي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. ان وقت انڊيا ۾ انگريزن خلاف Quit India جهڙيون تحريڪون ڏسي هن کي به سياست ۾ اچڻ جو شوق ٿيو. هن گانڌيءَ جي فلسفي تي عمل ڪندي ملائيشيا ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ Non Violence جي تحريڪ هلائي. ملائيشيا ۾ پنهنجي هندو ڪميونٽي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن 1954ع ۾ سنگائي سپوت ۾ ”مهاتما گانڌي تامل اسڪول“ کوليو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۾ جيڪي انڊين رهيا ٿي، انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) جا غريب هاري هئا، جن رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي ۽ هو شهر جي سهوليتن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن سخت غربت جي زندگي گذاري ٿي.
    پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته سمباناٿن کي سياست ۾ مشهوري جواهر لعل نهرو جي ڀيڻ وجايا لڪشمي ڏياري. سمباناٿن جڏهن تامل ناڊو رياست جي ائنامالائي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته اتي هن جي دوستي نهرو جي هن ننڍي ڀيڻ سان ٿي هئي ۽ هاڻ هن جڏهن سنگائي سپوت ۾ مٿيون اسڪول کوليو ته ان موقعي تي وجايا لڪشمي انڊيا کان هلي ملي سنگائي سپوت آئي. جيتوڻيڪ 1954ع اهو سال هو، جنهن ۾ ملايا ۾ ڪميونسٽن جا هنگاما متل هئا ۽ سيڪيورٽي جو وڏو مسئلو هو، پر وجايا انهن سڀني ڳالهين جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي يونيورسٽي جي دوست سمباناٿن جي اچي عزت افزائي ڪئي. ان ڳالهه ڪري سمباناٿن جي اهڙي ته واهه واهه ٿي وئي جو 1959ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو پنهنجي علائقي سنگائي سپوت مان سيٽ کٽي ويو.
    ڪئالالمپور جا ڪي ڪي رستا اهڙا آهن، جيڪي اڄ به انهن انگريزن جي نالي قائم آهن. شايد انهن انگريزن پنهنجي دور ۾ مڪاني ماڻهن کي سکيو رکيو يا سٺا ڪم ڪيا، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ اڃا تائين فريئر روڊ ۽ برنس روڊ آهن. ڪئالالمپور ۾ اهڙن ئي روڊن مان بيلفيلڊ روڊ آهي. هينري ڪانوي بيلفيلڊ پيراڪ، سلينغور ۽ نيگري سيمبيلان رياستن جو 12 سال کن برٽش ريزيڊنٽ ٿي رهيو. اهڙي طرح پيراڪ جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ والٽر هئملٽن ڪاڪرين جي نالي ”ڪاڪرين روڊ“ به اڃا قائم آهي. پر پهانگ رياست جي برٽش ريزيڊنٽ ليوس براڪمن نالي ٿيل ”براڪمن روڊ“ هاڻ داتو اون جعفر نالي آهي. ”رابسن روڊ“ اڃا تائين ساڳي نالي سان آهي. رابسن (سڄو نالو جي ايڇ رابسن) اهو انگريز آهي، جنهن انگريزي اخبار ”دي ملئي ميل“ شروع ڪرائي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي. رابسن نالي سنگاپور ۾ به روڊ آهي. سلينگور جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ مسٽر اوسوالڊ فرانسز گيرارڊ اسٽونر نالي ”اسٽونر روڊ“ به اڃا ساڳي نالي سان آهي. انگريزن جي ڏينهن جو وڪٽري ايونيو هاڻ ”جالان سلطان هشام دين“ روڊ سڏجي ٿو. هي هڪ اهم روڊ آهي ۽ ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن، دايا بومي ڪامپليڪس ۽ مسجد نگارا وٽان لنگهي ٿو. ”سويٽنهام روڊ“ هاڻ ”جالان سلطان صلاح الدين“ سڏجي ٿو. سويٽنهام لاءِ شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي رياستن جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل هو. پاڻ ان پوسٽ تي 1896ع کان 1901ع تائين رهيو. ڪئالالمپور وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ به سندس نالي ”پورٽ سويٽنهام“ سڏبو هو. هو 1850ع ۾ ڊربي شائر (انگلينڊ) جي هڪ ڳوٺ Belper ۾ ڄائو. ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي لفظن جي ڊڪشنري به ٺاهي.
    ڪئالالمپور جون باتو غارون مشهور آهن، جتي هندو ديوتا جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو Statue آهي. هي آڳاٽيون غارون صديون لڪل رهيون، جن کي هتي ملايا ۾ رهندڙ ٿامبو سامي نالي انڊين سوداگر ڳولي لڌو. ڪئالالمپور ۾ ”جالان ٿامبو سامي“ نالي روڊ هن همراهه جي مانَ ۾ آهي. اهڙي طرح هتي جي هڪ ٻئي انڊين رهاڪو نالي ”ويوَڪانندا روڊ“ آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندڙ اسان جي پاڪستانين کي حيرت ٿيندي هوندي ته هن پاسي رهندڙ انڊين هندن جا نالا عجيب آهن. دراصل اسان پاڪستان ۽ اتر انڊيا ۾ رهندڙ هندن جي نالن کان واقف آهيون، جيڪي اُچارڻ واقعي سولا آهن، جيئن ته موهن، ڪرشن، گوپال، رامچند، پرڪاش وغيره ۽ ڪيترن جي نالن ۾ اڙدو، سنڌي، عربي جا به لفظ آهن، جيئن ته بختراءِ، راءِ چند، وليرام، ڀڳڙو مل، ستنام، لالچند، جهمٽ مل، روشن لعل، گلاب راءِ وغيره. پر هن پاسي جيڪي هندو رهن ٿا انهن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ هنن جا نالا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، تيلگو جهڙين زبانن سان آهي، جن کان اسين اڻ واقف آهيون. ويندي سندن ڪيترن ديوتائن جا نالا به مختلف آهن. ڪن مذهبي ڏينهن جا نالا به اسان لاءِ نرالا آهن، جيئن ٿائپوسام ۽ پونگل آهي. اسان وٽ هولي، ڏياري، نَوَ راتڙي ته سڀني ٻڌو هوندو، پر ٿائپو سام ورلي ڪنهن ٻڌو هجي. اهڙي طرح ڪئالالمپور جي ڪجهه رستن جا نالا هتي رهندڙ اهم چيني شخصيتن نالي به آهن، جيئن ”جالان چينگ لاڪ“ جيڪو هتي جي چيني سياسي پارٽي MCA (ملاين چائنيز ايسوسيئيشن) جو پهريون صدر هو. اهڙي طرح جالان لوڪ ييو (Loke Yew) آهي، جيڪو ڪئالالمپور ۾ رهندڙ هڪ امير ترين چيني ٿي گذريو آهي.
    ڪئالالمپور شهر جو اڃا وجود نه هو ته چين کان مزورن کي گهرايو ويو هو ته هو کاڻين جي کوٽائي جو ڪم ڪن. انهن چيني مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ملئي سردارن ۽ انگريزن، انهن پورهيتن مان ڪو اهم ماڻهو ڪمدار طور چونڊيو ٿي، جيڪو ٻين کي ڪنٽرول ۾ رکي. اهو ”ڪئپٽن چينا“ (Kaptan Cina) سڏيو ويو ٿي. جيسين شهري حڪومت ٺهي تيسين پنج کن ڪئپٽن چينا ٺهيا. انهن مان ٻن جي نالن تي رستا نظر اچن ٿا. هڪ ته جالان يپ آح لوئاءِ آهي، جيڪو ”جالان تن پيراڪ“ وٽ آهي ۽ ٻيو رستو ٽئين ڪئپٽن چينا Yap Ah Loy نالي آهي. هي همراهه سڀ کان وڏو عرصو، 1869ع کان 1885ع تائين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هڪ رستو جالان يپ ڪوان سينگ به آهي، جيڪو ڪئالالمپور جي پنجين ۽ آخري ڪئپٽن چينا Yap Kwan Seng نالي آهي. هي همراهه 1889ع کان 1902ع تائين ڪئالالمپور جو داداگير ٿي رهيو.
    اسان جو سڀ کان دلپسند روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ رهيو آهي، جنهن تي گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽڙ مل جي دڪان کان وٺي ٻين ڪيترن سنڌي هندن، گجراتين، سکن ۽ مدراسين جا دڪان آهن ۽ ڏسان پيو ته سال 1968ع کان وٺي جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن شهر ۾ اچڻ ٿيو هو، هي رستو تئانڪو عبدالرحمان روڊ گهما گهمي ۽ رونق وارو رهيو آهي، جيڪو شروع ۾ باتو روڊ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. چون ٿا ته ڪئالالمپور ۾ هي پهريون پڪو رستو ٺهيو هو. هيستائين مون سمجهيو پئي ته هن روڊ جو هي نالو جالان تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم نالي آهي، پر هن دفعي پاڪستان ايمبسي جي ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ جالان تنڪو (Tunku) عبدالرحمان نه پر جالان تئانڪو (Tuanku) عبدالرحمان آهي، جيڪو ملايا کي آزادي ملڻ بعد سڄي ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيو هو. ملائيشيا جي سلطانن ۽ انهن جي بيگمن ۽ ٻارن جي نالن جي اڳيان ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جي نالن اڳيان تُنڪو، تئانڪو، تُن، تَان سري، داتڪ ۽ داتن جهڙا لفظ نظر ايندا، جيڪي هتي جي بادشاهن ۽ سلطانن طرفان لقب آهن، جيئن انگريز حاڪم پنهنجن ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي سر، خانبهادر، راءِ بهادر جهڙا لقب ”نوازيندا“ هئا. انهن ملئي لقبن جو ٿي سگهي ٿو ته تفصيل سان اڳتي هلي ذڪر ڪريون. هتي هن ملئي بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ 1895ع ۾ نيگري سيمبيلان جي سلطان المرحوم تئانڪو محمد جي گهر ۾ ڄائو. پنهنجي رياست جي اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ 1918ع ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچڻ بعد انگلينڊ وڃي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ انرٽيمپل مان بئريسٽر ٿيو. ملايا موٽڻ بعد هن سرڪاري نوڪريون ڪيون ۽ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. 1933ع ۾ سندس والد جي وفات بعد پنهنجي رياست جو سلطان ٿيو. پاڻ ان وقت جو وڪيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل سلطان هو. 1957ع ۾ ملايا کي خودمختياري ملڻ بعد سڀني سلطانن هن کي پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه چونڊيو. پاڻ بادشاهه ئي هو ته 1960ع ۾ شاهي محل ۾ ننڊ ۾ گذاري ويو.تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو بادشاهه هو، پر هن پارليامينٽري ڊيمو ڪريسي ۾ يقين رکيو ٿي. سندس هڪ بيحد يادگار Quotation آهي، جيڪا هن عرب دنيا جي هڪ حاڪم کي چئي. هڪ عرب حاڪم جڏهن ملايا جي هن بادشاهه سان سندس وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان جي شڪايت ڪئي ته ”هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ۽ اهڙي وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏ“ ته هِن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان کيس جواب ڏنو ته ”افسوس جو آئون هن کي ڪڍي نٿو سگهان. هن کي منهنجي ملڪ جي عوام چونڊيو آهي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان هو چاهي ته مون کي ڪڍي سگهي ٿو.“ هن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان چار شاديون ڪيون. هڪ 24 ورهين جي ڄمار ۾ ڊلسي نالي هڪ يورو ايشين نرس سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو معمونا رکرايو. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏو پٽ تئانڪو جعفر 1967ع کان مرڻ تائين (2008ع تائين) نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. تئانڪو عبدالرحمان ٻي شادي مهرون نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ تئانڪو مناوير ٿيس، جيڪو سندس وفات بعد 1960ع کان 1967ع تائين نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. 1929ع ڌاري انهن ٻنهي زالن کي طلاق ڏئي پنهنجي سوٽ قرشيا سان شادي ڪئي، جيڪا سندس بادشاهه ٿيڻ وقت ملڪ جي پهرين راڻي بڻي. تئانڪو عبدالرحمان چوٿين شادي به پنهنجي ڪزن زائده سان ڪئي، جيڪا اڃا جيئري آهي ۽ 90 ورهين جي ٿيندي.


    باب چوويهون

    هالا جي هڪ تعليم يافته فئملي ملائيشيا ۾

    جالان تئانڪو عبدالرحمان (هي ڪوالالمپور جو هڪ پراڻو رستو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ شاهراهه محمد علي جناح) منهنجو شروع کان دلپسند رهيو آهي. خاص ڪري اهو حصو جتي ٻه ٻيا اهم روڊ ’جالان راجا لائوت‘ ۽ ’جالان ڊانگ وانگي‘ ملن ٿا ۽ انهن جي وچ واريون سوڙهيون گهٽيون جالان اصفهان، جالان ملايو، جالان بونس، جالان ڪولون ۽ جالان منشي عبدالله ملن ٿيون. اتي ئي انڊين دڪان آهن ۽ هتي جي آڳاٽي مسجد ’مسجد انڊيا‘ آهي. آئون جڏهن به ڪوالالمپور شاپنگ لاءِ ايندو هوس ته جالان تئانڪو عبدالرحمان واري روڊ جي پاسي وارين گهٽين مان ڪنهن هڪ گهٽيءَ ۾ ڪار کي پارڪ ڪندو هوس. هتي هڪ دفعو وڄ (کنوڻ) ڪري هئي ۽ ڪجهه موٽر سائيڪلون ۽ منهنجي ڪار جو ڪجهه حصو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. بهرحال ڪو ڪم ڪار نه هوندو هو ته مسجد انڊيا ۾ اندر يا ٻاهر روڊ تي رکيل بينچ يا دڪيءَ تي ويهي ايندڙ ويندڙ ٽوئرسٽ ۽ مڪاني ماڻهن کي ڏسندو هوس ۽ خبرچار ڪندو هوس. هتي انڊيا جا به ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. سنڌي هندو، سک، گجراتي، تامل، مدراسي، ملباري، بنگالي، پارسي وغيره پڻ جام آهن. جتي ڪٿي گاڏي وارا مختلف شيون، ملئي مٺايون، فروٽ وڪڻندي نظر اچن ٿا. 1986ع ڌاري هڪ سک ڀوپيندر سنگهه جالان ملايو تي ”جئه هند“ نالي مٺائي جو دڪان کوليو. هن ٻڌايو ته سيپانگ ۾ هن جو مينهن جو واڙو آهي، جتان ايندڙ نج کير مان هو مائو، برفي ۽ کير پڙا ٺاهي ٿو. بهرحال هن اهڙي ته سٺي مٺائي شروع ڪئي جو ماڻهن انڊيا ۽ پاڪستان کان مٺائي گهرائڻ ڇڏي ڏني.
    شروع جي ڏينهن ۾ هن جي دڪان تي اسين پاڪستاني ۽ اتر هندستاني ويندا هئاسين. پر هينئر ڏٺم ته ملئي، تامل، چيني ويندي فارينرن جي به رش لڳي پئي هئي. مسجد انڊيا جي ٻاهر واري روڊ ”جالان مسجد انڊيا“ واري گهٽي ”جالان بونس“ ۾ ريسٽورنٽ ياسين سالن کان مشهور آهي. تامل مسلمان جي هن ريسٽورنٽ ۾ اڳ ۾ رڳو انڊين ۽ پاڪستاني مسلمان ايندا هئا، پر هينئر ڏٺم ته چيني ۽ ملئي ماڻهن سان ڀري پيئي هئي. جيئن اسان کي انگريزي کاڌا ڊبل روٽي، بن، برگر، پيزا کائي کائي انهن شين جو ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو آهي، تيئن هتي جي ملئي ۽ چيني ماڻهن کي اسان جي چپاتي، پوري، نان، ٻوڙ ۽ مدراسين جو اڊلي، ڊوسا کائڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي.
    مسجد انڊيا جي ٻاهران اڄ به ڪيترائي اديب، شاعر، آرٽسٽ نظر اچن ٿا. شام جي وقت هتي ڪيترا تيل مالش ڪرائيندي ۽ جسم کي آڍرائيندي نظر ايندا. ڪيترا جڙين ٻوٽين وارا پنهنجيون دوائون وڪڻڻ لاءِ مجمع لڳائي، ملئي ۾ ليڪچر ڏيندي نظر ايندا. ڪوالالمپور ۾ ڪنهن سان ملڻو هوندو هو ته هميشه مسجد انڊيا ۾ اندر يا ٻاهر ”مسجد انڊيا روڊ“ تي ترسڻ لاءِ چوندو هوس. جيئن اڳلو بور نه ٿئي. ايندڙ ويندڙ سان ڪچهري ڪندو رهي يا وري ڪلفي يا بوهي مڱ وٺي کائي. يا مفت ۾ ڪنهن بازيگر جو بيهي تماشو ڏسي. ڪجهه اهڙي رونق هوندي آهي، جهڙي ڪراچي ۾ ايمپريس مارڪيٽ، برنس روڊ يا کارادر ۾ مڇي مياڻي مارڪيٽ وٽ آهي. آئون هميشه اهو چوندو هوس ته هنن گهٽين ۾ جن جا گهر ۽ فليٽ آهن، انهن لاءِ ته هر وقت مفت جي وندر آهي. جڏهن بور ٿين ته گهر کان ٻاهر نڪري اچن. ڪنهن فروٽ، ڀاڄي يا ڪپڙي لٽي لاءِ به هنن کي بس ۾ يا ٽئڪسي ڪري ڪيڏانهن وڃڻو نٿو پوي. هر شيءِ در وٽ رکي آهي ۽ تمام سستي. ايتري قدر جو هتي جي وڏن دڪانن ۾ به صحيح معنيٰ جي Sale لڳي ٿي. ماڻهن جي پيهه پيهان هجڻ ڪري هتي سستي اگهه تي شيءِ وڪڻڻ وارو به گهڻو ڪمايو وڃي جو هن لاءِ انيڪ خريدار هر وقت حاضر آهن.
    اسان جي ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شڪيل پنهنجي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ رهيو ٿي، پر هاڻ Ph.D. ڪرڻ ۽ شادي بعد شهر ۾ رهي ٿو. سندس شادي به هالا مان ٿي آهي ۽ اسان جي سندس زال نسيم وارن سان پڻ واقفيت آهي. هن وٽ رات جي ماني کائڻ جي حامي ڀريم. پڇيومانس رهين ڪٿي ٿو؟ وراڻيائين مسجد انڊيا جي ڀرسان. مون سمجهيو چرچا پيو ڪري. پر پوءِ ٻڌايائين ته ”مسجد انڊيا روڊ جي ڀرواري گهٽي ’جالان منشي عبدالله‘ تي جيڪا ويهه ماڙ منارا سٽي ون ڪنڊو ميم آهي، ان جي سورهين فلور تي مسواڙ تي فلئٽ ورتو اٿم.“
    ”توهان ٻڌايو ته توهان کي سڀاڻي ڪٿان اچي کڻان؟“ ڊاڪٽر شڪيل مونکان پڇيو.
    ”ڪوالالمپور جي هيڏي وڏي شهر ۾ مون کي ڳولڻ جي ضرورت آهي ئي ڪانه.“ مون چيومانس.
    ”ڇو ڀلا؟“ ڊاڪٽر شڪيل حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو تون پنهنجي بلڊنگ مان نڪرندين ته مون کي اتي ئي جالان منشي عبدالله روڊ تي ڏسندين يا کڻي ٿورو اڳيان مسجد انڊيا واري روڊ تي.“
    ٻئي ڏينهن آئون پاڻ ئي ڊاڪٽر شڪيل جي بلڊنگ وٽ اچي پهتس ۽ فون ڪري کيس هيٺ گهرايم ته مون کي پنهنجي فليٽ تي وٺي هلي. دراصل دنيا ۾ جيڪا دهشتگردي جي لهر شروع ٿي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ملائيشيا جي هوٽلن توڙي وڏين عمارتن ۾ سيڪيورٽي جو سسٽم سخت ڪيو ويو آهي. ڪنهن به فليٽ يا هوٽل جو ڪمرو تيسين نٿو کلي، جيسين ان ۾ مالڪ پنهنجو اليڪٽرونڪ ڪارڊ نٿو وجهي ۽ لفٽ کي هلائڻ لاءِ به اهو ڪارڊ وجهڻو پوي ٿو. ان مان اهو نقصان ضرور ٿيو آهي جو مالڪ کي مهمان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي روڊ تي پهچڻو پوي ٿو. ساڳي طرح واپسي تي هو فليٽ جي ٻاهران بيهي موڪلائي نٿو سگهي، ڇو جو هيٺ وڃڻ ۽ بلڊنگ جي گيٽ مان نڪرڻ لاءِ هن کي مالڪ جو اليڪٽرونڪ ڪارڊ کپي يا مالڪ جو هن سان گڏ هيٺ تائين لهڻ ضروري ٿيو پوي.
    ڊاڪٽر شڪيل ۽ نسيم جي هن سال شادي ٿي آهي، جنهن لاءِ هو ڳوٺ آيو هو. سندن فليٽ 16هين فلور تي هجڻ ڪري سندن گهر جي بالڪني ۽ ڪمري جي درين مان سڄو ڪوالالمپور شهر نظر اچي ٿو. ايترو مٿي سخت گرمي ۾ به هوا جو جهوٽو لڳندو رهي ٿو. هيٺ جيڪو حيدرآباد جي حيدر چوڪ وارو گوڙ لڳو رهي ٿو، مٿي پهچڻ سان ماٺ مٺوڙي جي دنيا ۾ اچيو وڃجي. مون شڪيل ۽ نسيم کي چيو ته توهان خوش نصيب آهيو جو شهر جي وچ جو به فائدو وٺي رهيا آهيو ته ٻهراڙيءَ جو به. ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪار ڪڍڻ جي به ضرورت ناهي. مڙس يا زال ٻن منٽن ۾ پيرين پنڌ هيٺان وٺي اچي سگهي ٿو ۽ ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا هتان نٿي ملي ۽ ٿورو اڳيان هلڻ سان چوڪٽ مارڪيٽ آهي، جتي هر قسم جو گوشت ۽ گانگٽ مڇيون مليو وڃن.
    ڊاڪٽر شڪيل ۽ سندس زال نسيم جو هالا جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل، نيڪ ۽ باعزت فئملين سان واسطو آهي، جن هر فيلڊ ۾ محنت ۽ پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو پيدا ڪيو آهي. ڊاڪٽر شڪيل جو ڏاڏو حاجي محمد يوسف اڄ کان سؤ سال کن اڳ 1912ع ڌاري هالا نوان ۾ ڄائو. تن ڏينهن ۾ انگريزي تعليم اڃا عام نه ٿي هئي، ڳوٺ جا ٻار ننڍي هوندي قرآن شريف ۽ اسلامي تعليم سان گڏ ڪو هنر سکي روزگار کي لڳي ويندا هئا. حاجي محمد يوسف بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري ۽ سُٽَ ۽ ڪپڙي جو ننڍڙو بزنيس شروع ڪيو. کيس ٻار ٿيڻ تي هن کين گهڻي کان گهڻو پڙهائڻ جو سوچيو. تيسين هالا ۾ مخدوم غلام حيدر جي ڪوششن سان هاءِ اسڪول به ٺهي ويو هو. کيس پنج پٽ ٿيا، جيڪي سڀ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سرڪاري ڪامورا ٿيا. سندن وڏو پٽ عبدالرحمان جيڪو پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو، هالا مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد، حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان اليڪٽرونڪس مان B.Sc. آنرس ڪئي. پاڻ پهريون سنڌي آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ماسٽرس ۽ ان بعد ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ماسٽرس جي ڊگري هن باٿ يونيورسٽي برسٽل مان 1967ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ باٿ يونيورسٽي عارضي طرح برسٽل ۾ هئي، جيڪا پوءِ بعد ۾ باٿ شهر ۾ شفٽ ٿي. برسٽل جو شهر لنڊن کان ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي آهي.
    ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عبدالرحمان سٽي يونيورسٽي لنڊن مان 1972ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي ۽ ان بعد لڳاتار مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو رهيو ۽ سال 2004ع تائين يعني رٽائرمينٽ تائين وائيس چانسلر به ٿي رهيو. اڄڪلهه هو همدرد يونيورسٽي ۾ ڊين آف انجنيئرنگ آهي. ڊاڪٽر عبدالرحمان پهريون سنڌي آهي، جنهن ملائيشيا ۾ پڙهايو. هن 1977ع کان 1981ع تائين چار سال شاهه عالم شهر جي ITM (انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي مارا) ۾ اليڪٽرانڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ پڙهائي. اڄڪلهه اهو ڪاليج يونيورسٽي جو درجو رکي ٿو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪوبه اولاد ناهي، پر ماشاءَ الله سندس هڪ ڀاءُ ۽ ڀائٽيا ڀاڻيجا هن ملڪ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ويا آهن ۽ ڪجهه هتي نوڪريون ڪري رهيا آهن، جن مان دل جو ماهر ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ به هڪ آهي.
    ڊاڪٽر شڪيل جو والد صاحب حاجي احمد جن کي اسان ”حاجن“ سڏيون ٿا وي سي ڊاڪٽر عبدالرحمان کان پوءِ ٻئي نمبر تي ڀاءُ آهي. هو منهنجو هم عمر ۽ جيسين آئون هالا ۾ پڙهندو رهيس ته هو منهنجو ڪلاس ميٽ هو. حاجن کي پنج ٻار 3 پٽ ۽ 2 ڌيئون آهن ۽ ماشاءَ الله ڳوٺ ۾ رهي به هنن اعليٰ اخلاق ۽ تعليم حاصل ڪئي. ڊاڪٽر شڪيل ٻئي نمبر تي آهي، هن کان وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر شاهينا آهي، جنهن جي شادي منهنجي هالا جي هڪ ٻئي وڪيل دوست محمد هاشم ميمڻ جي پٽ ڊاڪٽر امتياز سان ٿي آهي ۽ ٻئي زال مڙس سعودي عرب ۾ نوڪري ڪن ٿا. ڊاڪٽر شڪيل جي ٻي ڀيڻ ڊاڪٽر شهناز سڀني ۾ ننڍي آهي ۽ ڊاڪٽر امتياز جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر اياز جي زال آهي.
    ڊاڪٽر شڪيل جو ٻيو ڀاءُ، ڊاڪٽر عقيل به هن وانگر اسپيشلٽ آهي، پر ڊاڪٽر شڪيل دل جي آپريشن جو سرجن آهي ۽ ڊاڪٽر عقيل آرٿو پيڊڪ (هڏن جو) سرجن آهي. ڊاڪٽر عقيل ڄامشورو مان MBBS ڪرڻ بعد ڪراچي جي ماهر سرجن محمد علي شاهه وٽ ڪجهه سال ڪم ڪيو، ان بعد هوMRCS لاءِ ملائيشيا ۾ پڙهيو. تعليم دوران ئي هن کي ايڏو قابل سمجهيو ويو جو ملائيشيا حڪومت هن کي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي نوڪري ڪرڻ بدران پاڻ وٽ ئي نوڪريءَ جي آڇ ڏني. هو اڄڪلهه ايسٽ ملائيشيا جي رياست سباح جي شهر ”ڪوٽا ڪنابالو“ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ سندن ننڍو ۽ آخري ڀاءُ جميل MBA ڪئي آهي.
    ڊاڪٽر شڪيل جي والد حاجي احمد (حاجن) کان پوءِ اسماعيل لالا آهي، جيڪو نواب شاهه ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر حيسڪو آهي، ان بعد چوٿون ڀاءُ عبدالمجيد ۽ پنجون ڀاءُ امجد انجنيئر آهن. امجد مهراڻ مان BA ڪرڻ بعد ملائيشيا جي شهر جوهور بارو جي UTM يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ M.E. ڪئي ۽ پوءِ ڪئناڊا مان Ph.D. ڪئي ۽ اڄڪلهه اتي ئي نوڪري ڪري ٿو.
    چاچي محمد يوسف ميمڻ کي ٻه ڌيئون ٿيون، يعني اسان واري هن ڊاڪٽر شڪيل کي ٻه پڦيون آهن. ننڍي پڦي جي شادي مٿي ذڪر ڪيل وڪيل هاشم ميمڻ سان ٿي ۽ وڏي پڦي ادي صالحان جيڪا وائيس چانسلر عبدالرحمان ۽ حاجن جي وچ ۾ آهي، ان جي شادي سائين علي محمد متقي جي ٻئي نمبر پٽ نور دين سان ٿي. اڄ هي لکندي مون کي پنهنجو ننڍپڻ ٿو ياد اچي. جڏهن 60 سال کن اڳ آئون ڇهه ست سالن جو هوس، تڏهن کان منهنجو سائين علي محمد جي گهر ۾ گذر ٿيندو هو. هنن جي گهر ۽ اسان جي گهر جي اتر واري ڀت ساڳي هئي، جنهن ۾ ٺهيل در مان اسان ڀائر ڀينرن جو هنن وٽ اچڻ وڃڻ هوندو هو. سچ ته اهو آهي ته سائين علي محمد ۽ سندن ڀرواري گهر ۾ رهندڙ سندن ڀاءُ فيض محمد (جنهن کي اسان چاچا فيضو سڏيندا هئاسين) ۽ ان جي گهرواري ماسي عمليءَ اسان کي ويجهن مائٽن وانگر چاهيو ٿي. هنن جو پوءِ سگهو ئي انتقال ٿي ويو. نه صرف انهن جو پر چاچي فيضو جي اڪيلي پٽ انجنيئر عبدالباقي جو به جواني ۾ موت ٿي ويو. ڇا ته لاجواب انسان هئا. اڄ به سندن ٻارن نور دين ۽ سندس ڀاءُ مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر معين ۽ عبدالباقي جي ٻارن ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ کي ڏسي سندن وڏا ياد اچي وڃن ٿا. هالا جي هي ميمڻ فئملي نه فقط نالي ۾ پر صحيح معنيٰ ۾ متقي چئي سگهجي ٿي، جن کي اسان ڪڏهن کهرو ڳالهائيندي نه ٻڌو. نماز روزي جا هميشه پابند رهيا. سادگي ۾ زندگي گذاري پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪيائون. ڏکي وقت تي پاڙي اوڙي جي ڪم آيا ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان ٺڳي دولاب نه ڪيائون. ماسي عمليءَ وارن جو ٺهيل آچار آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس. خاص ڪري پتائي گجرن جو جنهن کي هو ”آهري“ سڏيندا هئا. اهو آچار يعني آهري، ٻن قسمن جو هوندو هو. هڪ کٽو جيڪو هو منجهند جو کائيندا هئا ۽ ٻيو چاش وارو مٺو جيڪو خاص نيرن لاءِ هوندو هو.
    جپان ۾ صبح جو هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ ملندڙ ”مسو شيرو سوپ“ ڏسي مون کي پروفيسر معين ۽ ڊاڪٽر اعجاز جي ڏاڏيءَ جي ٺهيل مٺي آهري ياد اچي ويندي آهي. هنن جي گهر ڀرسان ئي وائيس چانسلر عبدالرحمان ميمڻ وارن جو گهر آهي، جنهن جي ڀائرن ڀينرن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته سندن وڏي ڀيڻ ادي صالحان جي شادي سائين علي محمد متقي جي پٽ نور دين سان ٿي. کين ٽي ٻار آهن. هڪ ڌيءَ مهرين ۽ ٻه پٽ. ننڍو پٽ عمير بنيادي تعليم بعد پنهنجي پيءُ سان گڏ بزنيس ڪري رهيو آهي ۽ وڏو زبير مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ سندس شادي پنهنجي سوٽ (پروفيسر معين جي ڌي) نزهت سان ٿي آهي، جيڪا پڻ ڊاڪٽر آهي.
    پروفيسر زبير جي ڄم جي تاريخ 12 مارچ 1974ع آهي. پاڻ 1998ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E. ڪيائين، ان بعد ملائيشيا اچي جوهور بارو جي يونيورسٽي ٽيڪنيڪل مارا مان سن 2000 ۾ M.E. ڪيائين. سندس سبجيڪٽ ڪنسٽرڪشن مئنيجمينٽ رهيو. ان بعد SAITA ڪمپني ۾ انڊس هاءِ وي ڪوهاٽ ۽ پشاور ٽنل تي ڪم ڪيو. ان بعد هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ ٻه سال نوڪري ڪرڻ بعد هن جو Ph.D. ڪرڻ جو ارادو ٿيو. اسڪالرن جي کوٽ ڪري هو پنهنجي خرچ تي ملائيشيا آيو ۽ سال 2003ع کان 2007ع تائين جوهور بارو جي ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.


    باب پنجويهون

    قدرت جا کيل نرالا...

    ملائيشيا جي مشهور دل جي سرجن ۽ اسان جي ڳوٺائيءَ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ مون کي ۽ علي سولنگي (جنهن جي گهر آئون ٽڪيل هوس) کي فون ڪيو ته اسان ڪئالا نگارا (National Heart Institute) ڏسي وڃون جنهن ۾ هو ڪم ڪري ٿو. پر وقت جي کوٽ ڪري اسان انڪار پئي ڪيو. جپان وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجي چوڻ تي علي مون کي هڪ ملئي فئملي سان ملائڻ کانپوءِ ”شاه عالم“ شهر ۾ ٽنڊو قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي جي گهر وٺي هلڻ لاءِ نڪتو. رستي تي جالان پُودوءَ تان هن پيٽرول ڀرائڻ چاهيو ٿي ته مون چيومانس ته علي هينئر سڌو ڪمپونگ بارو ملئي فئملي جي گهر هَلُ، هوءَ ويچاري 90 ورهين جي پوڙهي عورت (اسان جي دوست حبيب الرحمان ۽ ڪمال رحمان جي والده) صبح کان انتظار ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ٿڪجي پئي هوندي. اسان سندن گهر پهتاسين مس ته مينهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. گهڻي عرصي بعد اچڻ ڪري گهر نه پيو ملي، ڪڏهن هن گهٽيءَ ۾ ته ڪڏهن هُن ۾ ڳوليندا رهياسين. عليءَ چيو ته پيٽرول به هاڻ ڪو تر ۾ وڃي بچيو هوندو. بهرحال گهر مليو، نه نه ڪري چانهه پيتيسين ۽ اچي ڪار ۾ ويٺاسين. عليءَ چيو ته هاڻ پهرين ڪنهن ويجهي پيٽرول پمپ تي هلي پيٽرول به وجهائجي ته اتي ئي ظهر نماز به پڙهبي جو وقت نڪرندو پيو وڃي.
    اسان روڊ تي آياسين ته سخت مينهن ڪري هڪ طرف Visibility (ڏيک) گهٽ هو ۽ ٻيو ٽرئفڪ اهڙي ته جئم هئي جو ڪراچي ياد اچڻ لڳو. عليءَ چيو ته ائين ڍڳو پير پيران هلڻ ڪري باقي بچيل پيٽرول به اتي سڙي ويندو سو هاڻ risk کڻي پويون روڊ سنگائي بيسي ٿا وٺون. اتي پهتاسين ته اتي به اهو حشر هو.
    ”ان کان ته ڀلا مين روڊ کڻجي“ عليءَ چيو.
    ”صحيح ٿو چئين“، مون عليءَ سان ها ۾ ها ملائي، ”جالان تن رزاق کڻي وٺ جتي ڪويت ۽ انڊونيشيا جي سفارتخانن وٽ ڪنهن هوٽل تان مرتباڪ وٺي کائون.“
    تن رزاق روڊ اڄ جي وزيراعظم نجيب جي والد نالي آهي جيڪو هن ملڪ جو ٻيو وزيراعظم هو. هن روڊ جو اصلوڪو نالو پيڪليلنگ روڊ هو، جيڪو نالو بدلجڻ بعد به ڪيترائي سال هلندو رهيو. هن روڊ تي پهتاسين ته ان تي به اهو حال! هڪ مينهن نه گهٽجي، ٻي بک، جو صبح جو نيرن ڪري نڪتا هئاسين ته هاڻ چار ٿي رهيا هئا. ملئي پوڙهي عورت وٽ ماني تيار هوندي به اسان ڪجهه شرم کان ڪجهه کيس تڪليف نه ڏيڻ جي خيال کان هن کي اهو چئي ته اسان ماني کائي آيا آهيون رڳو چانهه پيتيسين. سڀ کان وڏي ڳالهه پيٽرول کٽڻ جي هئي.
    ”علي پيٽرول جي صفا ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڀلا ڪنهن پيٽرول پمپ تان بوتل ۾ پيٽرول ملي ويندو؟“ مون ائين سوال ڪيو ڄڻ آئون کوهه مان ڳالهائي رهيو هجان.
    ”سائين توهان پاڻ هن ملڪ ۾ رهي ويا آهيو. توهان کي پاڻ خبر هوندي ته اهڙي حالت ۾ ڪار کي پيٽرول پمپ تائين Tow ڪرائڻو پوندو.“
    ”پوءِ ته بهتر آهي ته فرسٽ گيئر ۾ انچ انچ رڙهڻ ۽ باقي بچيل پيٽرول ساڙڻ کان ڪنهن پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري ڇڏجي. مينهن ختم ٿيڻ ۽ ٽرئفڪ روان ٿيڻ تي ڪار کي ڊوڙائي سڌو پيٽرول پمپ تي هلجي.“ مون عليءَ کي چيو.
    ”آئون به اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته پيٽرول جا باقي بچيل ڦڙا بچائجن ۽ ڪٿي پارڪ ڪجي.“ عليءَ چيو.
    اسان هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي رهيا هئاسين ته منهنجي پاسي هڪ وڏي عمارت نظر آئي. مون ان جو نالو پڙهي يڪدم عليءَ کان پڇيو:
    “علي جنتنگ معنى ته دل آهي نه؟“
    ”ها. ڇو خير ۾؟“ عليءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ بدران سامهون روڊ تي نظرون کپائيندي چيو.
    ”بس هيڏانهن گاڏي موڙ ۽ ان عمارت ۾ هلي ٿا ڪلاڪ اڌ انتظار ڪريون. ڊاڪٽر شڪيل هجي يا نه هجي مڙيئي خير آهي.“ مون چيو ۽ علي بلڊنگ جي ٻاهران ملئي زبان ۾ Institut Jantung Negara (IJN) پڙهي کلڻ لڳو.
    اسان گاڏي پارڪ ڪري اچي رسيپشن ۾ ويٺاسين. عليءَ چيو ته ”ڪو پڇي ته ڪنهن لاءِ ويٺا آهيو ته ڇا چئونس؟“
    ”ظاهر آهي ڪنهن مريض سان ملڻ لاءِ ته نه چئبو، نه ته پڇندا ته ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. چونداسين ته ڊاڪٽر شڪيل جو انتظار ڪري رهيا آهيون.“ مون چيومانس، ”۽ اڳلو سمجهندو ته هو آپريشن ٿيٽر مان اچڻ وارو آهي يا گهران اچڻ وارو آهي.“
    ڪجهه دير ويهي جڏهن هوش ٺڪاڻي آيا ته اٿي ڪئنٽين مان ڏاڍا بسڪيٽ ڪيڪ ۽ چانهيون پي تازا ٿياسين ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون هن اسپتال بابت خبرچار وٺڻ لڳس. عليءَ چيو ڊاڪٽر شڪيل ويچارو اسپتال ۾ اچڻ لاءِ منٿون ڪندو رهيو ته اسان نه هلياسين، اڄ مجبور ٿي پاڻهي اچي نڪتا آهيون ۽ پنهنجي خرچ تي چانهيون پيا پيون.
    بهرحال ملائيشيا جي هن وڏي ۾ وڏي نئشنل هارٽ انسٽيٽيوٽ ۽ دنيا جي مشهور اسپتالن مان هڪ، اسان کي بيحد متاثر ڪيو. هتي ڪارڊيولاجي ۽ Cardiothoracic سرجري ٿئي ٿي ۽ نه فقط ملڪ جا مريض پر عرب دنيا جا به اڄڪلهه علاج لاءِ هتي اچن ٿا. هتي وڏن توڙي ٻارن جي دلين جون آپر يشنون ٿين ٿيون. هن اسپتال جو بنياد 1992ع ۾ رکيو ويو. اسپتال جي انتظاميه ٻڌايو ته هن اسپتال ۾ هر سال ڏيڍ لک کان وڌيڪ مريض علاج حاصل ڪن ٿا. گذريل سال 40 هزار کن اوپن ۽ ڪلوز هارٽ آپريشنون ٿيون. هن اسپتال ۾ 85 ڪنسلٽنٽ، ڪارڊيالاجسٽ ۽ Cardiothoracic سرجن ۽ بيهوشي جا ڊاڪٽر ڪم ڪن ٿا. مختلف ڪم ڪرڻ وارن جو تعداد هڪ هزار آهي ۽ ان کان علاوه 500 کن نرسون آهن. هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن اسپتال مان اڳوڻو وزيراعظم عبدالله احمد بداوي ۽ ڊاڪٽر مهاتر بن محمد به علاج ڪرايو آهي ۽ ملڪ جا سلطان ۽ بادشاهه به ٻاهر وڃڻ بدران هن اسپتال ۾ اچن ٿا. ا سپتال ۾ هن وقت 270 مريضن لاءِ بسترا آهن ۽ ايندڙ سال 192 وڌيڪ مريضن لاءِ ڪمرا ٺهي رهيا آهن. ان کان علاوه 8 جنرل وارڊ ۽ 5 آپريشن ٿيٽر آهن. ICU ۾ 8 بسترن جو ۽ CCU ۾ 12 بسترن جو بندوبست آهي.
    ڊاڪٽر شڪيل ملائيشيا جي پراڻي يونيورسٽيءَ ”دي يونيورسٽي آف ملايا“ مان تعليم حاصل ڪئي. هيءَ ملائيشيا جي ٽاپ يونيورسٽي آهي جنهن مان ڪيترين ئي اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. ملائيشيا جو اڳوڻو وزيراعظم تن عبدالرزاق ۽ تن مهاتر بن محمد، سنگاپور جو وزيراعظم لي ڪئان يئو، عبدالله احمد بداوي، گوه ڪينگ سوي، موسى حطام ۽ ٻيا ڪيترا هن يونيورسٽي جا شاگرد ٿي رهيا. ڊاڪٽر شڪيل ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان دل جو ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو. هتي اچڻ سان هن جو واسطو پيٽ جي بيمارين جي ڊاڪٽر سان پيو. هن مون کي چيو ته آئون توکي پنهنجو سڄو تجربو ڏيندس ۽ توکي اهڙو ماهر بڻائيندس جو دنيا ڏسندي.“ ڊاڪٽر شڪيل ٻڌايو ته هو عجيب شش و پنج ۾ پئجي ويو ته هاڻ ڇا ڪجي. ”پر پوءِ هفتي کن بعد مون ڊڄي ڊڄي کيس پنهنجي دل جو حال ٻڌايو ته سائين آئون هتي هلي ملي دل جي آپريشن جو سرجن ٿيڻ آيو آهيان. هو اهو ٻڌي چپ ٿي ويو. شريف ماڻهو هو منهنجي شوق جو قدر ڪيائين ۽ منهنجي لاءِ گهربل بندوبست ڪيائين.
    ”مون اهو ئي پڪو پهه ڪيو ته جيسين آئون سرجن نه ٿيندس تيسين نه شادي ڪندس نه گهمڻ ڦرڻ نڪرندس“، ڊاڪٽر شڪيل هڪ ڏينهن ٻڌايو هو، ”جيئن ئي امتحان پاس ڪيم ۽ نوڪري ملي ته ڳوٺ وڃي پنهنجي مڱيندي نسيم سان شادي ڪري آيس.“
    ڊاڪٽر شڪيل جي ڪنوار نسيم جو به هالا جي هڪ پڙهيل بلڪه هڪ شريف، غريب ۽ نيڪ گهراڻي سان تعلق آهي جنهن هميشه پئسي ڏوڪڙ بدران تعليم، اخلاق، شرافت ۽ ٻين جي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. اتفاق سان ڊاڪٽر شڪيل جو گهر اسان جي ڀر ۾ رهيو آهي ته نسيم وارن جو اسان جي ڀيڻ (ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ) وارن جي گهر ڀرسان هجڻ ڪري منهنجي سندن وڏن سان گذريل اڌ صديءَ کان واقفيت رهي آهي. ڊاڪٽر شڪيل جي گهر واري نسيم مرحوم محمد سليمان ميمڻ جي ڌيءَ آهي ۽ هو پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن. پاڻ سڀ ۾ ننڍي آهي. سندس اسلامڪ ڪلچر ۾ MA ۽ B.Ed ٿيل آهي. سندس وڏي ڀيڻ جي شادي ڊاڪٽر شڪيل جي چاچي انجنيئر مجيد سان ٿيل آهي. ڀائرن مان ننڍو محمد ميمڻ انجنيئر آهي ۽ وڏو نور محمد ڊاڪٽر ۽ پاڪستاني فوج ۾ برگيڊيئر آهي. هالا جا ڪيترائي نوجوان برگيڊيئر رئنڪ تائين پهچي چڪا آهن پر ميڊيڪل فيلڊ ۾ ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ پهريون آهي.
    ڊاڪٽر نور محمد (ڄم جي تاريخ پهرين نومبر 1954)، 1980ع ۾ ڄامشوري مان MBBS ڪئي ۽ ٽي چار مهينا کن هائوس جاب ڪري 1981ع ۾ فوج ۾ هليو ويو. سندس پهرين پوسٽنگ گجرانوالا ۾ ٿي هئي. ڪئپٽن، ميجر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جون پوسٽون حاصل ڪندو، 1994ع ۾ هو ڪرنل ٿيو. ان بعد هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ”ائڊوانسڊ ميڊيڪل ائڊمنسٽريشن“ ۾ 1999ع ۾ M.Sc ڪئي. پاڻ گذريل سال سيپٽمبر 2010ع ۾ برگيڊيئر جي رئنڪ ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ اسان جي ڳوٺ جو پهريون ڊاڪٽر آهي جيڪو ان رئنڪ تائين پهتو، تيئن سندن وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر مهرالنساءَ ميمڻ هالا جي پهرين ڇوڪري آهي جنهن پاڪستان آرمي Join ڪئي ۽ هن وقت هوءَ ڪئپٽن جي رئنڪ تي آهي. سندس مڙس ڊاڪٽر ساجد پڻ آرمي ۾ ڪئپٽن آهي، جنهن جو والد سائين احمد مِٺُو درس تدريس جو ڪم ڪري ٿو جنهن جي قابليت، خدمت جي جذبي ۽ محنت ڪري ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿيا آهن ۽ هو اسان جي ڳوٺ هالا جي هڪ قابل احترام شخصيت آهي. اڄ مون کي انهن نوجوانن جو ذڪر ڪندي خوشي ٿي محسوس ٿئي ته هنن سڀني پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيو. هي سڀ صحيح معنى ۾ Self Made ماڻهو چئي سگهجن ٿا جن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو اهو سڀ پنهنجي مڙسي ۽ همت سان. منهنجي هم عمر ملئي دوست ابوبڪر بن احمد جي جڏهن دل جي آپريشن ٿي ته هن جي فئمليءَ جالان (شاهراهه) راجا عبدالعزيز تي مون سان گڏ ڊاڪٽر شڪيل کي ڏسي مون کي ٻڌايو ته ”توهان جي ملڪ جو هي ڊاڪٽر ڏاڍو قابل ماڻهو آهي.“ اهو ٻڌي خوشيءَ مان منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مون کين ٻڌايو ته ”هي نه فقط منهنجي ملڪ جو آهي پر منهنجي ڪمپونگ (ڳوٺ) ۽ گهٽيءَ جو آهي.“
    25 سال اڳ 1987ع ۾، پنهنجي هن ملئي دوست ابوبڪر بن احمد سان ملاڪا جي نيول اڪيڊمي جي گرائونڊ تي فٽ بال کيڏڻ وقت، مون اهو سوچيو به نه هو ته تن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۽ اسانجي پاڙي جو، پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ يارهن سالن جو شڪيل، هڪ ڏينهن ملائيشيا ۾ دل جو سرجن ٿيندو ۽ منهنجي هن ڦڙتيلي دوست رانديگر جون ٻڍاپي ۾ دل جون بند ٿيل نليون کوليندو.
    هي قدرت جا پنهنجا کيل آهن جن کان انسان اڻ واقف رهي ٿو.


    باب ڇويهون

    ڪئالالمپور ۾ ڪيڏانهن وڃجي

    هڪ ٽوئرسٽ جيڪو ٽن چئن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور ۾ آهي ان کي ان مختصر عرصي ۾ ڇا ڏسڻ کپي؟
    منهنجي خيال ۾ هن کي پهرين ڏينهن ئي ملائيشيا جي ماڻهن، انهن جي مزاج، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ عمارتن جو جائزو وٺڻ لاءِ جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي پهچي وڃڻ کپي. ڪئالالمپور ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. ڪيترن هنڌن تي توهان واڪ ڪري سگهو ٿا خاص ڪري جهڙالي موسم ۾، نه ته به چوڌاري وڻڪار ۽ اوچين عمارتن ڪري گهٽين ۾ ڇانوَ رهي ٿي. ٻي صورت ۾ ميٽرو ٽرين يا بس ذريعي هڪ يا ٻن رنگٽن ۾ توهان هڪ هنڌ کان ٻئي تائين پهچي سگهو ٿا.
    توهان بس يا ٽئڪسي ۾ جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي پهچي پوءِ پنڌ ئي پنڌ هتي جي مشهور سينٽرل مارڪيٽ، مسجد انڊيا، جامع مسجد، مرديڪا اسڪائر، سلطان عبدالصمد بلڊنگ، چائنا ٽائون يا اڳيان اتر ڏي چوڪٽ بازار، پاڪستاني مسجد، سکن جو گوردوارو، چينين ۽ ٻڌن جا مندر ڏسي سگهو ٿا. اهو هتي جو پراڻو علائقو آهي. يا وري ٻئي پاسي جالان پارليامين ۽ جالان دمانسارا (روڊن) جي وچ واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن کان جي شروع ٿجي، جيڪا ريلوي اسٽيشن به ڏسڻ وٽان آهي، ته اتي ئي آرٽ گئلري آهي، جنهن کانپوءِ هتي جي قومي مسجد آهي جيڪا ”مسجد نگارا“ سڏجي ٿي، ان کان علاوه ان پسگردائيءَ ۾ هي شيون ڏسڻ وٽان آهي:
    اسلامي آرٽ ميوزيم
    پلينيٽيرم نگارا
    پکين جو پارڪ
    پوپٽن جو پارڪ
    تُن عبدالرزاق ميموريل
    هرڻن جو پارڪ
    ريڪريش پارڪ
    نئشنل ميوزيم
    ۽ ٿورو اڳيان نئشنل مانومينٽ ۽ اسڪلپچر پارڪ آهي.
    ميوزيم چاهي هنن جو قومي هجي يا اسلامي، اسان جي ملڪ جا ماڻهو گهٽ وڃن ٿا. اتي گهڻي ڀاڱي يورپي گورا نظر اچن ٿا. اهڙين شين سان اسان جي ماڻهن جي دلچسپي آهي ڪانه. بهرحال اسان جي ماڻهن لاءِ جيڪي شيون اهميت رکن ٿيون يا هنن کي ڪئالالمپور پهچي خوشي ٿئي ٿي ۽ جن لاءِ آئون پاڻ به recommend ڪندس، انهن جو مختصر احوال هيٺ لکان ٿو.
    مسجد انڊيا: ’جالان تئانڪو عبدالرحمان‘ روڊ سان لڳولڳ اوڀر ۾ جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا آهي جنهن تي هيءَ ”مسجد انڊيا“ ٺهيل آهي. هيءَ مسجد 1870 جي ٺهيل آهي يعني تڏهن جي ٺهيل آهي جڏهن ڪئالالمپور شهر جي شروعات ٿي هئي ۽ ڌارين ملڪن جا مزدور، خاص ڪري چين جا، هتي قلعي (ٽين) جي کاڻين جي کوٽائي لاءِ اچڻ شروع ٿيا هئا. انڊيا جي ڏاکڻي علائقي جي تاملن جو ملايا پاسي اچڻ ڪافي وقت کان هو پر شروع شروع ۾ هو فقط ملاڪا، پينانگ ۽ سنگاپور آيا ٿي، جيڪي علائقا انگريزن جا ڄڻ ته زرخريد هئا. پوءِ ملايا جي ٻين رياستن تي به جيئن ئي انگريزن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح قبضو ٿيڻ لڳو ته هُنن انڊيا کان مزدورن جو وڏو تعداد گهرائڻ شروع ڪيو، جن کي ڪمند ۽ ڪافي جي پوکن ۾ هارپي ۾ لڳايو ويو، بعد ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک پڻ شروع ڪئي وئي. هن مسجد جي اوسي پاسي وارين گهٽين ۾ انڊين ۽ پاڪستاني تمام گهڻا رهن ٿا ۽ جيئن سنگاپور ۾ سرنگون روڊ وارو علائقو لِٽل انڊيا سڏجي ٿو تيئن جالان مسجد انڊيا (روڊ) جي آسپاس واري علائقي کي هتي جو Little India سڏجي ٿو. هتي توهان کي انڊيا جي بنارسي ساڙهين، راجستاني وڳن کان بالي ووڊ جي فلمن جون سي ڊيون، آچار، مسالا، چوڙيون ۽ ڪوڙا ڳهه ملي ويندا. ان کان علاوه هتي جي ريسٽورنٽن ۽ گاڏي وارن وٽ ننڍي کنڊ جو هر قسم جو کاڌو ملي ٿو.

    جامع مسجد: (Masjid Jamek)
    ڪئالالمپور جي هيءَ جامع مسجد جيڪا شهر مان وهندڙ ڪلانگ ندي ۽ گومباڪ ندي جي سنگم وٽ آهي، هن شهر جي آڳاٽين مسجدن مان هڪ آهي. هن مسجد کي ٺهڻ ۾ ٻه سال لڳا ۽ 1909ع ۾ ٺهي راس ٿي جنهن جو افتتاح سلينگور رياست جي سلطان ڪيو. مسجد نگارا کان اڳ هيءَ مسجد ڪئالالمپور جي اهم مسجد سمجهي وئي ٿي، جتي ملڪ جا اهم ماڻهو جمعي ۽ عيد نمازن تي آيا ٿي. هن مسجد جي ڊيزائين انگريز راڄ جي برٽش عمارتساز (آرڪيٽيڪٽ) آرٿر بينيسن هباڪ تيار ڪئي. آرٿر ملايا جي پبلڪ ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر هو. هن انگريز عمارتساز جون ڪئالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ڊيزائين ڪيل بلڊنگون اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا، جيئن ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن، ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ ايمپريس مارڪيٽ جهڙين عمارتن کي دنيا جو ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. آرٿر (Arthur Benison) جي ڊيزائين ڪيل هڪ عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ ته بلڪل هن مسجد جي ويجهو آهي. اپوح ۽ ڪئالالمپور جي ريلوي جي بلڊنگ به هن همراهه جي ڊيزائين ٿيل آهي. ڪئالا ڪنگسار جي ابوديا Ubudiah مسجد ۽ ڪئالالمپور جو رايل سلينگور ڪلب جون عمارتون به هن انگريز انجنيئر جون ڊيزائين ٿيل آهن ۽ سندن اسٽائل ۾ توهان کي ڪافي هڪجهڙائي نظر ايندي. ڪئالالمپور جي هن جامع مسجد ۾ پهچڻ لاءِ توهان ڀر واري اسٽيشن تي اچي سگهو ٿا جيڪا هن مسجد جي نالي سا ”مسجد جامع LRT اسٽيشن“ سڏجي ٿي. ڪيلانا جايا، سري پيتالنگ ۽ ائمپنگ لائين جو ريل گاڏيون هن اسٽيشن تان لنگهن ٿيون. بلڪه مسجد انڊيا وڃڻ لاءِ به هن اسٽيشن تي لهڻ کپي. هيءَ اسٽيشن جالان تن پيراڪ (روڊ) تي ان هنڌ تي آهي، جتي سنگائي ڪلانگ (درياهه) اتر کان ايندڙ ٻئي درياهه سنگائي گومباڪ سان ملي ٿو. ان سنگم وٽ هيءَ مسجد جامع پڻ آهي.
    اهي ٽوئرسٽ جيڪي ڪئالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچن ٿا، انهن کي به آئون اها صلاح ڏيندس ته هو چاهي ڪٿي به رهيل هجن، ٽرين ذريعي هن اسٽيشن (مسجد جامع LRT اسٽيشن) تي پهچي پوءِ واڪ ڪري جامع مسجد اچن. مسجد جي عمارتي ڊيزائين ۽ سونهن پسڻ کان علاوه هن علائقي ۾ ايندڙ ويندڙ مڪاني ۽ فارينر مرد ۽ عورتن جي مختلف لباسن، ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو. ٿورو مٿي اتر طرف هلڻ سان جالان منشي عبدالله آهي جنهن جي ساڄي پاسي جالان انڊيا (روڊ) ۽ مسجد انڊيا آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هن مسجد جي ملئي نالي Masjid Jamek کي گهڻا ماڻهو ”مسجد جاميڪ“ سڏين ٿا پر ملئي ۾ ان K جي اچار کي ع پڙهڻ کپي. جيئن ملئي جو هڪ لفظ آهي ”معلومات“ جيڪو اسان وٽ به ساڳيو آهي پر ملئي زبان ۾ ان کي Maklumat لکيو وڃي ٿو پر پڙهيو ”معلومات“ وڃي ٿو. مسجد انڊيا جي عمارت عرب مورس ۽ مغلن جي عمارت سازي جو مسڪچر آهي. چون ٿا ته هن مسجد جي ڊيزائنر آرٿر بينيسن هيءَ مسجد، دهليءَ جي جامع مسجد کان متاثر ٿي ٺاهي. جنهن هنڌ تي هيءَ مسجد آهي هي اهو هنڌ آهي جتي جڏهن ڪئالالمپور شهر جي شروعات ٿي هئي ۽ چين مان مزدور آيا هئا ته هنن هن هنڌ تي جهوپڙيون ٺاهي پنهنجو هنڌ بسترو رکيو. ان بعد هو اندر جنگل ۾ (جتي هاڻ ائمپنگ وارو علائقو آهي) وڃي کاڻين جي کوٽائي شروع ڪئي.
    ”مسجد جامع ريلوي اسٽيشن“ جي اتر ۾ مسجد انڊيا آهي ته ڏکڻ ۾ چائنا ٽائون ۽ سينٽرل مارڪيٽ، جيڪي ٻئي شيون پڻ گهمڻ لائق آهن. سينٽرل مارڪيٽ جي عمارت 1928ع جي ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيزائين تي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. هيءَ شروع ۾ ممبئي جي ڪرائفرڊ مارڪيٽ ۽ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وانگر هئي، جتي بيضن، ڪڪڙين کان وٺي هر قسم جو گوشت ۽ ميوو ڀاڄيون مليا ٿي. هاڻ اهي سڀ شيون ڀر ۾ چوڪٽ مارڪيٽ ۾ ملن ٿيون. سينٽرل مارڪيٽ کي گذريل صدي جي اسي واري ڏهي جي آخري سالن ۾ هڪ بند مارڪيٽ ڪري ان کي مڪمل طور ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو ۽ هن ۾ هيٺ مٿي هاڻ فقط آرٽ جون شيون ملن ٿيون. ڪيترا آرٽسٽ اتي ئي ويٺا تصويرون ٺاهين، پٿر جون مورتيون، پينٽنگ، اسڪيچ ورڪ، ڌاڳي ۽ سٽ جو ڪم ۽ ٻيا ڪم ڪن.
    جهاز ذريعي ملائيشيا اچڻ دوران يا ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪئالالمپور ايندو هوس ته چوڪٽ، مسجد انڊيا روڊ، چائنا ٽائون ۽ هن سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر ضرور هڻندو هوس. ملائيشيا جي ڪمپونگن (ڳوٺن) جي ننڍن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هتي پينسل ورڪ، واٽر ڪلرنگ، آئل پينٽنگ ۾ عجيب شيون ٺاهيندو ڏسي حيرت ٿيندي هئم. آئون اهڙن ماڻهن کي هميشه اهم سمجهندو آهيان، جن کي قدرت آرٽ جي ڪم ۾ ذهين بنايو آهي. جن جو ذهن Creative آهي، هينئر به سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر هنيم. گرائونڊ فلور جو چڪر هڻي پوءِ ٻاهر مختلف کاڌن جي اسٽالن مان هڪ تي ويهي چانهه جو گلاس پيتم. هاڻ چانهه سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ملي ٿي نه ته 1985ع تائين ملائيشيا ۾ اسان جهڙي چانهه ڪا ورلي ملي ٿي. جتي ڪٿي ڪافي هلي ٿي. پوءِ ٽوئرسٽن جي وڌڻ سان گڏ انهن جي ذائقي جو خيال رکيو ويو. مون کي ياد آهي ته چانهه جي ٻاڙ کڻندي هئي ته ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏي ڀڄندو هوس، جتي جي هوٽل ۾ انگريزن جي ڏينهن کان اسپيشل چانهه جو رواج هلندو اچي، جنهن بابت پنهنجي هڪ سفرنامي ” ڪئالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    پاڪستان مسجد وٽ به هڪ پنجابي گاڏي وارو دوڌ پتي چانهه کان مشهور هو. هن اونڌو تئو رکي ان تي گرم گرم ماني به پچائي ڏني ٿي. هو ٽن قسمن جا ٻوڙ خاص ڪري مڪسڊ ڀاڄي، دال ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ گهران رڌي ديڳڙن ۾ کڻي آيو ٿي. اسان سندس گاڏي جي چوڌاري بيهي کائيندا هئاسين. پاڪستان مسجد جي ڀرسان چينين جا ڪيترائي مسافر خانا هوندا هئا، جن جي ڪمري جي مسواڙ 10-15 رنگٽ مس هوندي هئي، جن ۾ ملائيشيا جي ڳوٺن جا ملئي يا اسان پاڪستاني اچي رهندا هئاسين. ڀر ۾ تعليم کاتي جي آفيس هئي ۽ هنن مسافرخانن ۾ گهڻي ڀاڱي ملائيشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماستر به اچي رهيا ٿي، جن کي پنهنجي پگهار، پروموشن يا بدلي لاءِ ڪئالالمپور اچڻو پيو ٿي.
    ڪئالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ”جالان بينتينگ“ تي آهي. ان کان هيٺ ڏکڻ ۾ اچبو ته هتي جي وڏي ۽ قومي مسجد ”مسجد نگارا“ آهي. ملئي لفظ نگارا يا نغارا جي معنيٰ قومي آهي، جيئن بئنڪ نگارا معنيٰ نيشنل بئنڪ، زو نگارا معنيٰ نيشنل زو. اهڙي طرح ملئي لفظ نيگري جي معنيٰ رياست آهي. نيگري سلينگور يا سلنغور، نيگري پيراڪ، نيگري جوهور وغيره. هڪ رياست جو ته نالو ئي آهي نيگري سيمبيلان يعني ”نمبر نائين رياست“! سڄي ملائيشيا (اوڀر ۽ اولهه ملائيشيا) ۾ ٽوٽل 13 رياستون آهن، جن مان ٻه صباح ۽ سراواڪ اوڀر ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو بورنيو ٻيٽ جو حصو آهي. اولهه ملائيشيا جيڪو ٿائلينڊ کان سنگاپور تائين آهي، ان ۾ يارهن رياستون آهن، جن مان فقط نون ۾ سلطان آهن، جيڪي واري وٽي تي سڄي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا ۽ ٻن رياستن ملاڪا ۽ پينانگ ۾ گورنر مقرر ڪيا وڃن ٿا. ائين ته هن ملائيشيا ۾ هڪ ٻي به رياست هئي، يعني ٻارهين رياست سنگاپور هو، جنهن کي پوءِ ڌار ڪيو ويو. هي يارهن رياستن وارو مغربي ملائيشيا 1957ع تائين ملايا سڏبو هو، پر پوءِ صباح ۽ سراواڪ ملڻ تي هن جو نالو ملائيشيا رکيو ويو.
    بهرحال پاڻ مسجد نگارا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا 1965ع ۾ ٺهي ۽ ملڪ جي اهم ۽ وڏي مسجد چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ملڪ جو وزيراعظم، سلطان ۽ بادشاهه توڙي ڌاريون اهم شخصيتون نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون. ڪيترائي غير مسلم ٽوئرسٽ هن مسجد جي عمارتسازي جو ڪم ڏسڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ لاءِ اچن ٿا. مسجد جامع ۾ ٽي هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا، پر هن ”مسجد نگارا“ ۾ هڪ ئي وقت پندرهن هزار کن نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا. هن مسجد جي چوڌاري 13 ايڪڙن تي باغيچو پڻ آهي. مسجد جي عمارت جي ڊيزائين هاورڊ ائشلي نالي هڪ انگريز آرڪيٽيڪٽ ۽ ٻن ملئي انجنيئرن هشام البڪري ۽ بهاردين قاسم تيار ڪئي. هن مسجد جي خاص شيءِ 73 ميٽر منارو ۽ 18 ڪنڊن جي تاري جي ڪنڪريٽ ڇت آهي. هيءَ مسجد جڏهن ٺهي رهي هئي ته هن جو نالو ”مسجد تنڪو عبدالرحمان پترا الحاج“ ملڪ جي پهرين وزيراعظم ۽ ملايا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ جي نالي منسوب ڪئي وئي، پر تنڪو عبدالرحمان پاڻ ئي ان نالي لاءِ منع ڪئي ۽ مسجد جو نالو ”مسجد نگارا“ تجويز ڪيو. هن مسجد لاءِ هميشه ملڪ جي ڪنهن عالم کي امام بڻايو ويندو آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون هن مسجد ۾ ايندو هوس ته داتو حاجي احمد شاحر ابن حاجي دائود هو. هينئر تان سري داتو شيخ حاجي اسماعيل آهي، جنهن ٻڌايو ته هو فيبروري 2007ع کان هن مسجد جي امامت جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن مسجد ۽ جامع مسجد ۾ عيدن تي يا جمعي نماز تي خطبو ملئي زبان ۾ پڙهيو وڃي ٿو، باقي مسجد انڊيا ۾ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي گهڻائي هجڻ ڪري تامل زبان ۾ خطبو پڙهيو وڃي ٿو.
    جامع مسجد لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن جي نماز پڙهڻ واري هال کي ٽي گنبذ آهن. وچيون گنبذ 21 ميٽر (70 کن فٽ) اتاهون آهي. ڪنڊن تي ٻه ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارا 88 فٽ اتاهان منارا آهن، جيڪي بلڪل اسپين جي قرطبه واري مسجد جو ڏيک ڏين ٿا.


    باب اٺاويهون

    پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ

    ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ۽ ذهين ماڻهن جو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. ڀروارن ملڪن انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ فلپين وغيره جي مقابلي ۾ ته سنگاپور ڄڻ ڀت جي ٿالهيءَ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو آهي. جتي ملائيشيا جي ايراضي 330000 چورس ڪلو ميٽر آهي، اتي سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ جا 700 چورس ڪلو ميٽر ڇا حيثيت رکن ٿا! سنگاپور ملڪ، يعني ٻيٽ کان ته حيدرآباد ضلعو وڏو آهي، جنهن جي ايراضي 3200 چورس ڪلو ميٽر آهي، اڃا ته ان مان مٽياري جو ضلعو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو پکيڙ ۾ ننڍڙو آهي ته به 1420 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني مٽياري ضلعي مان ٻه سنگاپور ملڪ ٺهن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ته پورا يارهن سنگاپور ٺهن. پر جي آدمشماري جي حساب سان ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جي آدمشماري 25 لک آهي ته سنگاپور جي آدمشماري 51 لک يعني ٻيڻي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اها ته سنگاپور ۾ مٽياري ضلعي جيترو به نه پاڻي آهي ۽ نه پوک، نه ڌرتي اندر ڪو ڌاتو آهي ۽ نه گئس يا پيٽرول. هي ملڪ پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. پيٽرول ۽ گوشت ته ٻاهران گهرائي ٿو، پر ڪَدو ۽ واڱڻن جهڙيون معمولي ڀاڄيون ۽ صوف ۽ گدرا به ڌارين ملڪن مان گهرائي ٿو. ان هوندي به هي ملڪ، هي ننڍڙو ٻيٽ، هي ننڍڙو شهر نه فقط پئسي ڏوڪڙ ۾ پر بزنيس، ڪامرس، I T، ماڊرن انڊسٽري ۽ تعليم ۾ امير ترين آهي.
    هاءِ اسٽريٽ جو سنڌي بزنيس مئن هرڪشن ڀوڄواڻي چوندو هو ته ”سنگاپور ۾ ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪمايون ٿا اهو فقط سروس مهيا ڪري حاصل ڪيون ٿا.“
    هن جو مطلب اهو هو ته هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائي هتي ايندڙ ٽوئرسٽن کي وڪڻي نفعو ڪمائين ٿا. ٽوئرسٽن جي اچڻ لاءِ هنن سنگاپور ۾ امن امان قائم رکيو آهي. انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون آهن، شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جي سهوليت لاءِ هر قسم جي سواري آهي. ايتريقدر جو هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن جي مالڪن ۽ عملي لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ سنگاپور جي حڪومت جهازن جيِ مرمت ۽ سامان جي اُڇت trans shipment مهيا ڪري ڏيڻ جون سهوليتون پيدا ڪيون آهن. نتيجي ۾ سنگاپور ننڍو ملڪ هوندي به اسان جهاز هلائيندڙ، سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ سنگاپور وڃون ٿا، ڇو جو اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ نه هنگامو ٿئي ٿو ۽ نه هڙتال، ٻارهوئي ڪم هلندو رهي ٿو.... آچر ڏينهن به جهاز پهچڻ سان ان تي ڪم شروع ٿيو وڃي. مرمت لاءِ به هتي نه رڳو سهوليت آهي پر هر قسم جي مرمت جو ڪم ٿيو وڃي. هر قسم جا اسپيئر پارٽ مليو وڃن. نتيجي ۾ دنيا جي هر جهازران ڪمپني هن علائقي ۾ سنگاپور کي ترجيح ڏئي ٿي. سنگاپور وارن لاءِ به مجبوري آهي ته هو هر ڪم ايڏو صحيح ۽ وقت تي ڪري ڏيکارين، جيئن هنن جي ساک قائم رهي.
    سنگاپور کي پُرڪشش بنائڻ لاءِ، جيئن دنيا مان ايندڙ ٽوئرسٽن جو وهڪرو قائم رهي، سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ هر عمر جي وڏي ۽ ٻار لاءِ ڪانه ڪا وندر ۽ دلچسپي ٺاهي ڇڏي آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسين ملائيشيا ۾ رهندا هئاسين ته خريداري کان علاوه گهمڻ ڦرڻ لاءِ سنگاپور ويندا هئاسين. ٻن ڏينهن جي موڪل تي به سنگاپور جو رخ رکندا هئاسين. نه فقط ملائيشيا ۾ رهندڙ اسين ڌارين ملڪن جا رهاڪو، پر مڪاني ملئي ماڻهو به سنگاپور ڀڄندا هئا. سنگاپور ۾ دنيا جا مشهور شاپنگ مال کلي ويا هئا ۽ موڪل وارن ڏينهن تي انهن ۾ Sale لڳائڻ تي ملائيشيا جا ماڻهو اوڏانهن ڀڄندا هئا. پوءِ 1990ع ڌاري ڪئالالمپور، اپوح، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ سنگاپور کان وڏا دڪان کليا ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان شاپنگ ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح سنگاپور وارن، نه فقط دنيا جو خوبصورت ۽ وڏو چڙيا گهر ٺاهيو، پر ان ۾ ”اورانگ اتان“ Orang Utan جهڙا ناياب ۽ اهم جانور رکيا. انهن جون تصويرون ملائيشيا جي اخبارن ۾، هر جمعي ڏينهن اشتهار طور اينديون رهيون ٿي، جن کي ڏسي ملئي ٻار گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچائيندا هئا ۽ ڇنڇر يا آچر ڏينهن والدين پنهنجن ٻارن کي چمپئنزي باندر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سنگاپور جي زو ۾ پهچي ويندا هئا. آئي سارو سنگاپور مان شاپنگ به ڪندا هئا ته هوٽلن ۾ ماني ٽڪي به کائيندا هئا ته ڪي رات سنگاپور ۾ ترسڻ لاءِ هوٽل جو ڪمرو بڪ ڪندا هئا. نتيجي ۾ سنگاپور جا ماڻهو آيل ٽوئرسٽن مان ڪافي ڪمائي وٺندا هئا.
    سنگاپور جو چڙيا گهر مشهوري جي عروج تي هو ته سنگاپور وارن پکين جي Aviary به ٺاهي، جنهن ۾ هزارين پکي رکيا ويا. اهڙي طرح پوپٽن جو پارڪ ٺاهيو ويو. سائنس جو عجائب گهر ٺاهيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون! انهن شين جي اخبارن ۾ اشتهار بازي اهڙي ته نموني سان ڪئي ويندي هئي جو ٻار ته ٻار پر اسين وڏا به ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين ۽ آئون پاڻ به هَلي مَلي پکين ۽ جانورن کي ڏسڻ لاءِ سنگاپور ويندو رهيس ٿي ۽ اهي شيون واقعي ڏسڻ وٽان آهن خاص ڪري پکين جي Aviary جنهن ۾ توهان پکين کي پنهنجي ويجهو ڏسي سگهو ٿا.
    سالن کان پوءِ هاڻ ملائيشيا وڃڻ وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته خبر ناهي هينئر به ملئي ٻار ۽ وڏا، جانور، پکي، پوپٽ وغيره ڏسڻ لاءِ سنگاپور ڏي ڊوڙن ٿا يا نه. ڪئالالمپور پهچي مون کي ملائيشيا جي حڪومت کي داد ڏيڻو پيو، جڏهن مون کي خبر پئي ته هتي جي حڪومت نه فقط ڪئالالمپور جي چڙيا گهر کي وڌائي وڏو ڪيو آهي ۽ منجهس جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا وڃن ٿا، پر هنن هتي پکين جي Aviary، پوپٽن جو پارڪ، هرڻين جو پارڪ، سائنس جو ميوزيم، اسلامي شين جو ميوزيم ۽ ٻيون ان قسم جون اهڙيون شيون ته ٺاهي ڇڏيون آهن جو پنهنجي ملڪ جا توڙي عرب، ايراني ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪئالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا اچن ٿا.
    هونءَ به ملائيشيا وارن کي ڪيترين ڳالهين ۾ سنگاپور وارن راهه ڏيکاري آهي ۽ سڌاريو آهي. سڀ کان پهريون ڪم جيڪو سنگاپور ڪيو، اهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون جي سخت بالادستي قائم ڪئي نه ته ستر تائين سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ سڏبو هو، جتي دنيا جي هر شيءِ جو نقل ٺهندو هو، جتي ڏينهن جو به چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ٿي هلڻو پوندو هو. پوءِ هتي جي حڪومت سنگاپور کي اهڙو ته پرامن ملڪ ٺاهي ڇڏيو جو اوسي پاسي جي ملڪن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) توڙي ڏورانهن ڏيهن کان امير ماڻهو پنهنجو پئسو سنگاپور ۾ آڻڻ لڳا. دنيا جي ڪهڙي بئنڪ آهي، جنهن جي برانچ سنگاپور ۾ نه کلي. اهو حال ڏسي ملائيشيا وارن به ان تي عمل ڪرڻ ضروري سمجهيو. هنن وٽ ته زمين جي به کوٽ نه هئي. اڄ ملائيشيا ۾ امن امان، انصاف ۽ ڏيتي ليتي جي سهوليت ڪري سندن ملڪ جا ماڻهو ته پنهنجو پئسو اتي ئي لڳائين ٿا، پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري جن ملڪن ۾ رشوت، چور بازاري ۽ ڏوهن جي بازار گرم آهي، پنهنجو پئسو ۽ ڪاروبار ملائيشيا ۾ قائم رکڻ چاهين ٿا. اڄ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا پئسي دولت، انڊسٽري، تعليم، ڏيتي ليتي ۽ ساک ۾ امير ٿي ويو آهي.
    بهرحال هتي پاڻ ڪئالالمپور جي تفريحي جاين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڪئالالمپور ۾ پکين جو پارڪ هتي جي 60 هيڪٽر ليڪ گارڊن (Lake Garden) ۾ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو پارڪ آهي. هن ۾ 20 هيڪٽرن جي پکيڙ ۾ 1991ع ۾ پکين جو پارڪ ٺاهيو ويو ، جنهن ۾ 200 کن جنسن جا ٽي هزار پکي آهن. پکين جي بلڪل ويجهو بيهي کين ڏسڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هي پارڪ بهترين آهي. هي پارڪ روزانو 9 کان شام جو 6 تائين کليل رهي ٿو. ان جي ئي ڀرسان پوپٽن جو پارڪ آهي، جنهن ۾ 120 جنسن جا 6000 پوپٽ چيا وڃن ٿا. اتي ئي Planetarium آهي ۽ هي جاءِ ٻارن جي لاءِ دلپسند آهي، جتي هو چنڊ، تارن، سيارن جي چرپر سمجهي سگهن ٿا. پلينيٽريم آچر ڏينهن کليل رهي ٿو، پر سومر ڏينهن بند رهي ٿو.
    سائنس جي شوقينن لاءِ بُڪِت ڪياره روڊ تي نيشنل سائنس سينٽر آهي، جتي ڪيترين ئي سائنسي شين جي نمائش هلندي رهي ٿي. هتي ئي مڇين جو گهر (ماهي خانو) به آهي. هي شيون 1996ع ۾ ٺاهيون ويون. ان کان علاوه ائمپنگ علائقي جي جالان هُولُو ڪلانگ ۾ جانورن جو زو آهي، جيڪو هينئر سنگاپور واري چڙيا گهر کان به وڏو آهي ۽ جتي هر قسم جا جانور رکيا ويا آهن. جانورن کان علاوه هن زو ۾ پکين ۽ نانگن جا به ڪيترائي قسم آهن. پکين جي پارڪ ۾ ته پکي آزاد آهن جو هنن جي مٿان هڪ وڏي علائقي ۾ ڄاري لڳائي وئي آهي، جنهن اندر وڻ به اچي وڃن ٿا، پر هتي زو نگارا ۾ پکين کي پڃري ۾ رکيو ويو آهي. هتي توهان باندرن جا مختلف قسم گبان ۽ ”اورانگ اُتان“ وغيرهه به ڏسي سگهو ٿا. اورانگ اُتان (Orang Utan) شڪل ۽ عادتن ۾ عام ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو. اورانگ اُتان ملايا جي جنگلن جو باندر آهي ۽ سندس هي انگريزي نالو Orang Utan ملئي زبان تان ورتل آهي. ملئي زبان ۾ ”اورانگ“ معنيٰ ”ماڻهو“ جيئن هتي جا ملئي ماڻهو ’اورانگ ملايو‘ سڏجن ٿا. ”اُتان“ لفظ ملئي زبان جي لفظ Hutan تان کنيل آهي جنهن جي معنيٰ ٿي جنگل. سو اورانگ اتان معنيٰ ”جنگل جو ماڻهو“.
    هن چڙيا گهر (زو نگارا) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏن لاءِ ٽڪيٽ 15 رنگٽن جي آهي ۽ ٻارن لاءِ 10 رنگٽ آهي. ملائيشيا جي نوٽ کي ”رنگٽ“ به سڏجي ٿو ته ملائيشين ڊالر به. روزانو ساڍي ڏهين ۽ اڍائي وڳي هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي هاٿيءَ جي سواريءَ جو به بندوبست رکيو ويو آهي ۽ في ڦيري جي ٽڪيٽ ٽي رنگٽ آهي، يعني اڄ جي قيمت موجب پاڪستاني 85 روپيا ٿيا.
    جتي ملائيشيا جي ڌرتي مختلف نانگن، ازدها بلائن (Pythons) سان ڀريل آهي اتي هن ڌرتي جي چوڌاري وهندڙ سمنڊ رنگين ۽ خوبصورت مڇين سان پڻ ڀريو پيو آهي. گهر گهر ۾ مڇين جو ننڍو ڪٻٽ (اڪيرم) نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور ۾ پبلڪ لاءِ خبر ناهي ڪيترا ماهي خانا آهن. هڪ بابت ته مٿي لکي چڪو آهيان ۽ ٻه ٻيا جيڪي آئون ڏسي چڪو آهيان، انهن مان هڪ زو نگارا (چڙيا گهر) ۾ آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ نانگن ۽ مڇين جو ننڍڙو اڪيرم آهي. جيتوڻيڪ اسان جو ڪراچي وارو اهو ماهي خانو ۽ ڪلفٽن وارو تمام آڳاٽو آهي. ڪراچيءَ جا اهي ماهيخانا، مون پهريون دفعو 1961 ۾ ڏٺا هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته ان بابت سوچيو به نه هو، پر پوءِ اهو ٿيو جو اسان وٽ انهن جي نه چڱي طرح پرگهور لڌي وئي ۽ نه وڌايو ويجهايو ويو.
    ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو ماهي خانو (Aquarium) جيڪو The Aquaria KLCC سڏجي ٿو، ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر ڪامپليڪس ۾ آهي، جيڪو هتي جي اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورس (جيڪي Twin جاڙا ٽاور به سڏجن ٿا)، ان جي ڀرسان آهي. هن اڪيرم ۾ سئنڊ ٽائيگر شارڪ مڇين کان بلو ريز ۽ وڏيون گارفِش مڇيون پڻ آهن، جن کي شيشي پويان ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٽنڊڻ، ماڪوڙن ۽ سؤ پيرن کان علاوه نانگ بلائن ۽ چچين سانڊن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪئالالمپور ۾ رهندڙ اهي پاڪستاني جيڪي ملائيشيا جي ماڪوڙين، جيتن جڻين کان بيزار نظر اچن ٿا، انهن کي آئون چرچي طور اهو ئي چوندو آهيان ته توهان شهر ۾ رهيا پيا آهيو، ان هوندي به توهان ڪيڙن ماڪوڙن جون دانهون ڪيو ٿا. ملاڪا رياست جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ مون ڏهاڪو کن سال گذاريا، اتي جي حالت جو اندازو لڳائڻ خاطر توهان کي هن قسم جو اڪيوريم ضرور ڏسڻ کپي، جنهن ۾ هتي جا نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا (Insects) رکيل آهن.
    ڪئالالمپور جو هي Aquaria KLCC روزانو صبح جو يارهين وڳي کان شام جو 8 وڳي تائين کليل رهي ٿو.


    باب اٺاويهون

    ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو

    هتي ڪئالالمپور شهر جون ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال لکندس، جيئن گهر ويٺي توهان کي هن پاسي جي اهم شين جي ڄاڻ ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت ڪو ٽوئرسٽ جي حيثيت سان يا ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪئالالمپور اچي، ته هو وقت مطابق هن مان ڪجهه شيون ڏسي سگهي. دراصل سڀ کان بهتر ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃجي ته ان بابت اڳهين معلومات رکي پوءِ وڃجي، جيئن اتي پهچي اهي شيون معلوم ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻو نه پوي. ڪئالالمپور يا ٻين شهرن ۾ مون گهمڻ لاءِ آيل اهڙا خفتي ڏٺا هوندا، جيڪي اڌ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪندا ۽ ماڻهن کان پيا پڇندا ته هن شهر ۾ ڇا گهمجي. هڪ ڏينهن، ڪئالالمپور جي جالان پيراڪ (روڊ) تي، مون کي هڪ پاڪستاني ڪامورو نظر آيو. سلام دعا کان پوءِ پڇڻ لڳو ”سائين هتي جي ڪا اهڙي هوٽل ٻڌايو، جتي حلال کاڌو ملندو هجي.“ هو ٻن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. منهنجي نظرن ۾ هو عجيب ”درويش“ چئبو. هڪ ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي هر هنڌ حلال شيءِ ملي ٿي. ويندي ڪيترن چينين ۽ هندن به پنهنجين هوٽلن ۾ مسلمان ملئي بورچي رکي حلال کاڌو شروع ڪيو آهي جو ملڪ جي اڌ آدمشماري مسلمان آهي ۽ ايندڙ ٽوئرسٽن مان گهڻي ڪمائي عربن ۽ ايرانين مان آهي، جيڪي پڻ حلال کاڌو کائين ٿا. سو ههڙي ملڪ ۾ حلال کاڌي لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. پر جي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ يا بئنڪاڪ جهڙو شهر آهي، جتي توهان ٻن ڏينهن لاءِ آيا آهيو ته اجايو حلال کاڌي جي هوٽلن جي ڳولا ۾ توهان اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ بدران بهتر آهي ته پاڻ سان آندل ميري بسڪيٽ يا ڀڳڙا کائي مٿان پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏيو. ماڻهو ته روزا به رکن ٿا، توهان جي ٻه ڏينهن رُکي ڊبل روٽي، بسڪيٽ يا مڪئي جو سنگ يا صوف ۽ ڪيلو کائي پيٽ ڀريو ته ڇا ٿيو. توهان جو اهم مقصد ته ان شهر جون اهم جايون ڏسڻ آهي. سو جي توهان ڌارئين ملڪ ۾ واقعي ڪجهه گهمڻ ٿا چاهيو ته صبح جو سوير ئي نڪري پئو ۽ هار سينگار ڪرڻ يا اوچا ڪپڙا پهرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ڪا گهڻن کيسن واري پينٽ پائي، جنهن ۾ توهان جو پاسپورٽ، ٻٽون، نقشو ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل سمائجي سگهي-- ملڪ جو نظارو ڏسڻ لاءِ نڪري پئو.
    ڪئالالمپور شهر اهڙو آهي، جنهن جي ڀلي توهان ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهو، پر بس يا ٽرين رستي توهان 10-15 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچي سگهو ٿا ۽ توهان کي اها معلومات اڳواٽ هجڻ کپي ته ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي. جيئن هڪ ئي وقت هڪ هنڌ جيڪي ويجهيون شيون آهن، اهي ڏسي وٺجن، جنهن سان ٽائيم جو بچاءُ ٿي سگهندو. مثال طور ڪو ڪراچي گهمڻ لاءِ اچي ۽ هو ڪلفٽن ڏسڻ وڃي ۽ اتي ئي عبدالله شاهه غازي جي مزار ڏسڻ بدران هو ايئرپورٽ ڏسڻ هليو وڃي ۽ پوءِ وري سڄو ڪراچي لتاڙي اچي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهچي ته اها سراسر بيوقوفي ۽ وقت جو زيان ٿيندو. سو ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃڻ کان اڳ يا پهچڻ سان، ان شهر جو نقشو وٺجي يا ڪنهن ڄاڻوءَ کان پَني تي ٺهرائجي ته ڪهڙي تاريخي عمارت يا باغيچو ڪهڙي هنڌ آهي.
    ڪئالالمپور ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ آيل مسافر کي ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ لاءِ ضرور Suggest ڪندس. لاهور کان علاوه انگريزن جون باقي شهرن ۾ ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون اسان وٽ کنڊر ٿي ويون آهن، پر ڪئالالمپور ، اپوح، سنگاپور، ڪلڪتي، ممبئي، ينگون، ڪمپالا ۽ ممباسا جهڙن شهرن ۾ هي پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ جون انگريزن جون ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون ڏسڻ وٽان آهن.
    ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ”جالان (شاهراهه) سلطان هشام الدين“ تي آهي، جيڪو روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ”وِڪٽري ايوينيو“ سڏبو هو. هي روڊ اڳيان وڃي ”دامن سارا روڊ“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ ان جي ڀرسان ريلوي ائڊمنسٽريشن آفيس جي بلڊنگ مشرق ۽ مغرب جي عمارتسازي جو مڪسچر آهي. عربي اسٽائيل، گوٿڪ اسٽائيل ۽ مغل عمارتسازي جو ڏيک ڏيندڙ هي هڪ ٻئي ڀرسان اتاهيون عمارتون، انگريز حڪومت پنهنجي راڄ ۾ 1910ع ۾ ٺهرايون. هنن عمارتن جو ڊزائينر اهو ساڳيو آرٿر بينيسن هباڪ آهي، جيڪو ان وقت ملايا ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو ۽ هن 1909ع ۾ ڪئالالمپور واري جامع مسجد ۽ ان کان اڳ 1904ع ۾ سٽي هال ٺاهيو. آرٿر هباڪ ان کان اڳ انڊيا ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، ان ڪري آرٿر لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن Neo. Moorish/ Mughal/ Indo Saracenic اسٽائيل جون عمارتون ڊزائين ڪيون آهن.
    جتي اسان وٽ انصاف، پوسٽ، پوليس، روينيو جهڙن ادارن کي سائنسي طرح قائم ڪرڻ لاءِ انگريزن کي ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو، اتي ريلوي جو ڪم به انگريزن ڪيو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان پٺيان سندن ئي غرض هو. هنن انڊيا جي ڪپهه ۽ ٻيو ڪچو سامان ريل رستي ممبئي ۽ ڪراچيءَ آڻڻ چاهيو ٿي، جتان جهاز رستي سولائي سان انگلينڊ پهچايو ويو ٿي. هنن ڪافي ۽ ڪاٺ ڪمپالا کان ممباسا بندرگاهه تائين آڻڻ چاهيو ٿي، جيئن اهو سامان سمنڊ رستي انگلينڊ جي لنڊن ۽ ليورپول بندرگاهن ۾ پهچي سگهي. اهڙي طرح ائمپنگ جي کاڻين مان کوٽايل ٽِن Tin (قلعي) ۽ ٻئي ڌاتوءَ کي ريل ذريعي پورٽ ڪلانگ بندرگاهه پهچائڻ چاهيو ٿي، جيئن اتان آساني سان بحري جهازن ذريعي برطانيا نِيو وڃي. ان غرض سان انگريزن خرچ ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي بيٺڪي راڄن ۾ ريلوي سسٽم جاري ڪيو. منهنجي خيال ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ ممبئي کان ٿاني شروع ڪئي وئي. ان بعد ٻئي سال 1854ع ۾ ڪلڪتي واري اسٽيشن ٺهي ۽ پوءِ 1860ع ۾ لاهور ۾ ۽ سترهن سالن بعد 1877ع ۾ ينگون (رنگون) برما ۾ ريلوي شروع ڪئي وئي. ان حساب سان ڪئالالمپور ۽ سنگاپور ۾ ڪافي دير سان اسٽيشنون ٺاهيون ويون. ڪئالالمپور ۾ 1910ع ۾ ته سنگاپور ۾ 1919 ۾. دهلي واري ريلوي اسٽيشن جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٿرن سان ٺاهي وئي، جيئن ان کي دهلي واري جامع مسجد ۽ لال قلعي واري ٽچ اچي 1900 ۾ ٺاهي وئي ۽ ممباسا واري ان کان چار سال اڳ 1896ع ۾ ممباسا کان ڪسُومُو شهر تائين شروع ڪئي وئي، جيڪا پوءِ ڪمپالا (يوگنڊا) تائين وڌائي وئي.
    بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته اوڻهين ۽ ويهين صدي جو اڌ آفريڪا ۽ ايشيا جا تقريباً سڀ ملڪ يورپي ملڪن جي قبضي هيٺ رهيا، پر جن ملڪن تي جرمن، اطالوين، فرينچن، ڊچن، پورچو گالين يا ٻين يورپين جو ڪنٽرول رهيو، انهن قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ ريلوي سسٽم جاري نه ڪيو. انگريزن نه فقط ريل جاري ڪئي، پر خوبصورت عمارتن واريون ريلوي اسٽيشنون به ٺهرايون. ممبئي، دهلي، لاهور ۽ ڪئالالمپور جهڙيون ريلوي اسٽيشنون ان جو زنده مثال آهن.
    ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن اندر ريلوي ڊپارٽمينٽ طرفان ٺهرايل خوبصورت ”اسٽيشن هوٽل“ نالي هوٽل به آهي، جنهن جا عجيب قسم جا مٿاهين ڇت وارا ڪمرا ۽ فرنيچر ڏسڻ وٽان آهي. ان قسم جا ڪمرا ۽ فرنيچر ننڍي کنڊ جي روينيو ۽ آبڪاري کاتن جي آفيسن ۽ ڍاڪ بنگلن ۾ به نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن جي اها هوٽل، اڄ کان هڪ صدي اڳ جي ياد ڏياري ٿي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون کي جڏهن به ڪئالالمپور کان ريلوي ذريعي بئنڪاڪ يا سنگاپور وڃڻو هوندو هو ته آئون هن ”اسٽيشن هوٽل“ ۾ ئي رات گذارڻ بهتر سمجهندو هوس، جيئن صبح جو سوير ڇٽندڙ ٽرين تي وقت تي پهچي سگهان. شهر ۾ رهڻ سان اهو نقصان ٿيو ٿي جو هڪ ته اتي جون هوٽلون مهانگيون آهن ۽ ٻيو ته صبح جو ڪلاڪ کن اڳ اٿي ڪير ٽئڪسي جي ڳولا ڪري. اسٽيشن هوٽل تي رهڻ ۾ اهو فائدو هو جو ٽرين ڇٽڻ کان فقط 10 منٽ اڳ بئگ کڻي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويهبو هو، جتي ويهڻ يا سمهڻ لاءِ اڳ واٽ سيٽ رزروڊ هوندي هئي.
    بهرحال ڪئالالمپور ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هتي جي هيءَ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جون تصويرون اڪثر رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون ۽ انگريزن جي ڏينهن جي هيءَ ”اسٽيشن هوٽل“ اڃا قائم آهي، بلڪ ان کي اڃا به بهتر حالت ۾ بڻايو ويو آهي، پر سندس هاڻ نئون نالو ”هيريٽيج اسٽيشن هوٽل“ رکيو ويو آهي. باقي سنگاپور، ٿائلينڊ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هاڻ هن اسٽيشن (ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن) بدران ” ڪئالالمپور سينٽرل“ اسٽيشن تي وڃڻو پوي ٿو، جيڪا 2001ع ۾ هڪ تمام وڏي ۽ مرڪزي اسٽيشن ٺاهي وئي آهي، جتي سڀ ٽرينون اچن ٿيون، جهڙوڪ مونو ريل، KTM، رئپڊ KL وغيره. بهرحال هيءَ مرڪزي ۽ تمام وڏي ريلوي اسٽيشن ڪا پري ناهي. ميل ڏيڍ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ ميريڊين ۽ هلٽن هوٽل وٽ آهي.
    جامع مسجد وٽ ئي جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي ”سلطان عبدالصمد بلڊنگ“ نالي هيءَ آڳاٽي عمارت آرڪيٽيڪٽ ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ عمارت بلڪل اتي آهي، جتان جالان راجا لائوت ۽ جالان تئانڪو عبدالرحمان رستا شروع ٿين ٿا. هن بلڊنگ جي بلڪل سامهون، رستي جي ٻئي پاسي ”آزادي جو ميدان“ جنهن کي ملئي زبان ۾ ”داتاران مرديڪا“ سڏجي ٿو ۽ انگريزن جي ڏينهن جو رايل سلينگور ڪلب آهي.
    سلطان عبدالصمد بلڊنگ ۾ هتي جي وزارت انفارميشن، ڪميونيڪيشن ۽ ڪلچر جون آفيسون آهن. اڳ ۾ ته هن بلڊنگ ۾ ملڪ جون اعليٰ ڪورٽون به هيون، پر هاڻ سال 2000 کان اهي پتراجايا شهر ۾ شفٽ ڪيون ويون آهن. سرڪاري آفيسن جو هي نئون شهر (پترا جايا)، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جون به آفيسون آهن، ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ کيس اوسي پاسي جي شهرن سان بسن ۽ اليڪٽرڪ ريل گاڏين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي.
    سلطان عبدالصمد بلڊنگ انگريزن جي ڏينهن ۾ اهم سرڪاري آفيسن لاءِ ٺهرائي وئي. هيءَ بلڊنگ ان وقت جي مشهور انگريز آرڪيٽيڪٽ اي سي نارمن ڊزائين ڪئي ۽ 1894ع کان 1897ع تائين ٺهي راس ٿي. نارمن ان کان اڳ انڊيا ۽ آفريڪا ۾ به عمارتن تي ڪم ڪيو هو، سو هن کي مغل ۽ اتر آفريڪي عربن جي عمارتسازي جي ڄاڻ پڻ دماغ ۾ هئي. ان ڪري هن عمارت ۾ اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون. آئون به گذريل چاليهه سالن کان هن علائقي مان لنگهندي جامع مسجد ۽ هن عمارت جون تصويرون ڪڍندو اچان. اهڙيون خوبصورت عمارتون اسان وٽ به آهن، پر انهن جي ڀڃ ڊاهه ۽ انهن جي اڳيان انڪروچمينٽ ڪري اهي عيبدار ۽ چتيون لڳل نظر اچن ٿيون، پر شاباس هجي ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي جيڪي تڏهن کان هنن تاريخي شين کي سلامت ۽ سهڻو رکندا اچن ۽ نه فقط اسين ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا جا گورا به هنن عمارتن اڳيان بيهي تصويرون ڪڍائيندا وتن. ان معاملي ۾ انڊيا به سياڻو آهي. انڊيا جي حڪومت به اهڙين شين جي سونهن برقرار رکندي اچي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن ۾ انڊيا لاءِ ڪشش پيدا اٿئي ٿي. اسان وٽ ڪوٽڏيجي، حيدرآباد جي قلعي کان مڪليءَ جي قبرستان جي حالت ڏسي سگهو ٿا. اڳئين دفعي حيدرآباد ويو هوس ته علي پئلس CNG اسٽيشن واري چوراهي وٽ ٽي وڏا ڪاشيءِ جا خوبصورت گلدستا ڏٺا هئم، جن اڳيان مون پنهنجي ڳوٺائي دوست علي نواز ڀُٽي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍرايا هئا. انهن فوٽن ۾ گلدستن جا رنگ اهڙا ته سهڻا آيا هئا جو جپان ۽ ملائيشيا ۾ جنهن به دوست يا شاگرد ڏي موڪليم ته ان واکاڻ ڪئي ٿي ۽ مون ان هنڌ تي بيهي ٻيا به فوٽا ڪڍڻ جو ارادو رکيو ٿي. سو هن دفعي جڏهن حيدرآباد وري آيس ته زيب سنڌي ۽ سائين عثمان منگي کي ان علي پئلس واري چوڪ تي هلڻ لاءِ چيم، جيئن انهن سان گڏ انهن گلدستن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائجن. اسانکي اتي پهچي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿي جڏهن اسان ڏٺو ته انهن سهڻن رنگن وارن گلدستن جي چوڌاري پوسٽر ئي پوسٽر لڳل هئا. دل ۾ مون چيو ته هي اسان جا ماڻهو ڪيڏا ظالم آهن، جن پنهنجي اشتهار بازي خاطر ههڙي سونهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هونءَ به اها شيءِ حيدرآباد ميونسپالٽي يا ڪنهن خيرخواهه جي رکيل هئي، جنهن تي هنن پئسو خرچ ڪيو هو يعني اها انهن جي پراپرٽي هئي ۽ ان پرائي شيءِ تي ڌارئين ماڻهن يا ادارن جو ائين پنهنجا اشتهار هڻڻ نه فقط اخلاقي ڏوهه آهي، پر اسان مسلمانن لاءِ گناهه به آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي پوسٽر ۽ ڇپيل نوٽس ڪنهن مذهبي جماعت جا ۽ ڪنهن بزرگ جي عرس جي دعوت جا هئا!
    آئون عثمان منگي ۽ زيب سنڌي کي وٺي واڌو واهه روڊ تي آيس، جتي اهو هاءِ وي سان ملي ٿو ۽ جتي هڪ خوبصورت گيٽ ٺاهيو ويو آهي. هاڻ مون ان اڳيان پنهنجن اديب دوستن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ چاهيا ٿي، پر اتي پهچي اتي به اهو ئي حال ڏٺم. ان دروازي تي پوسٽر ئي پوسٽر چنبڙيا پيا هئا، جن مان ڪجهه پوسٽر سياسي پارٽين جا هئا، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي حامي ڀرين ٿيون!
    بهرحال پاڻ ڪئالالمپور جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا انگريزن پنهنجي راڄ ۾ ٺهرائي ۽ سيلنگور رياست جي ان وقت جي سلطان سر عبدالصمد ابنِ المرحوم راجا عبدالله جي نالي منسوب ڪئي. سلطان عبدالصمد 1804ع ۾ سلينگور رياست جي بُڪت ميلاوتي ۾ ڄائو هو. هن 41 سال 1857ع کان 1898ع تائين (وفات تائين) هن رياست (سلينگور) تي راڄ ڪيو.
    سلطان عبدالصمد کان اڳ سلينگور رياست جو سلطان سندس چاچو سلطان محمد شاهه هو. سلطان محمد شاهه وفات کان اڳ ۾ پنهنجو گادي نشين مقرر ڪري نه ويو هو. ملئي ريتن رواجن موجب اهو ئي سلطان ٿي سگهي ٿو، جيڪو شاهي خاندان جي زال مان هجي. هن جا ٻه وڏا پٽ راجا لائوت ۽ راجا سليمان بيحد قابل هئا، پر اهي سندس ڪنيزائن (Concubines) مان هئا ۽ ٻه ناٺي راجا جمعت ۽ راجا عبدالله خاندان جي Rain شاخ مان هئا، جيڪي پڻ تخت ۽ تاج جا حقدار ٿي نٿي سگهيا، ان ڪري راجا عبدالصمد ئي رهجي ويو، جيڪو وفات ڪري ويل سلطان جو ناٺي به ٿيو ٿي ته ڀائٽيو به. بهرحال هتي مون هي سڀ نالا ان ڪري به لکيا آهن جو انهن جي نالي ڪئالالمپور جا اهم شاهراهه (جالان) آهن ۽ توهان جالان راجا لائوت يا جالان راجا عبدالله وغيره تان لنگهڻ مهل سمجهي سگهو ته اهي مشهور شخصيتون ڪير آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي مسلمانن ۾ پنهنجي سوٽ يا ماسات سان شادي ڪرڻ هڪ Taboo سمجهيو وڃي ٿو، جيئن هندن ۾ آهي. دراصل ان قسم جون هتي جي مسلمانن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر اينديون، جن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي، پر هن علائقي ۾ اسلام کان اڳ هندو ڌرم هجڻ ڪري ان جي ڪلچر ۽ رسمن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلنديون اچن. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي مرڻي پرڻي جون رسمون آهن جن جو مذهب سان ڪو واسطو نه آهي. پر ائين به ناهي ته ان تي هرهڪ عمل ڪري ٿو، جيئن مٿين سلطان لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو پهرين سلطان جو ڀائٽيو به هو ته ناٺي به. يعني هن جي شادي پنهنجي سوٽ سان ٿي. هاڻ ته ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ ۾ هڪ دفعو وري ڪزن سان شادي ڪرڻ عام ٿيندو وڃي، پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان هن علائقي ۾ نوڪري ڪئي يا جهاز هلاياسين ته ٻهراڙي جي ملئي مسلمانن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ته منهنجي زال منهنجي ماسات آهي يا مونسان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻيو پاڪستاني پروفيسر ڪئپٽن سليم جي زال سندس سوٽ آهي.
    سلطان عبدالصمد نالي ڪئالالمپور ۾ هن بلڊنگ کان علاوه پيتالنگ جايا ۾ سلطان عبدالصمد سيڪنڊري اسڪول ۽ يونيورسٽي پترا ملائيشيا ۾ سلطان عبدالصمد لئبرري پڻ آهي.
    ڪئالالمپور جي هن خوبصورت بلڊنگ جي بلڪل سامهون ميدانِ آزادي (داتاران مرديڪا) هڪ تاريخي 8 هيڪٽرن جو ميدان آهي، جتي 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي خود مختياري ملڻ تي ملايا جو جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ هن ميدان تي هر سال، هن ڏينهن تي، قومي پريڊ ۽ قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ 100 ميٽر ڊگهي ڏنڊي تي جهنڊو چاڙهيو وڃي ٿو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊو Flag- Pole آهي. هن داتاران مرديڪا جي هيٺان کاڌي پيتي جي اسٽالن جو پلازه پترا نالي هڪ وڏو ڪامپليڪس آهي. جڏهن به توهان گهمڻ جي خيال کان هتي جي ڪجهه آڳاٽين عمارتن مسجد انڊيا يا جامع مسجد اچو ٿا ته اتي ئي چند وکن تي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي ۽ ان جي سامهون تاريخي ميدانِ آزادي (Dataran Merdeka) آهي. ملئي زبان ۾ مرديڪا معنيٰ آزادي.
    اهي شيون ڏسڻ سان گڏ توهان هتي جو سلينگور ڪلب به ڏسي سگهو ٿا، پوءِ کڻي ٻاهران ئي صحيح. هي هڪ قسم جو سوشل ڪلب آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انگريزن جيم خانو ٺهرايو. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد وارو جيم خانو 1897ع ۾ ٺهيو هو، جنهن جي سن واري سِر جيم خاني ۾ گهڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي. هي سلينگور ڪلب 1884ع ۾ ٺهرايو ويو، جڏهن انگريزن جو ملايا تي راڄ هو. هن ڪلب ۾ به اسان جي ننڍي کنڊ جي جيم خانن وانگر مڪاني ماڻهن (Natives) ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. فقط اعليٰ تعليم يافته ۽ مٿين سوسائٽي جي انگريزن کي ميمبر بنايو ويو ٿي، جن شام جي وقت هڪ ٻئي سان خبرچار، پتي راند يا شراب پيتو ٿي. موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پڻ هڪ عام مشغلو هو.
    سلينگور ڪلب کي اڄڪلهه ”رايل سلينگور ڪلب“ سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جالان راجا (روڊ) تي آهي. هن ڪلب جي عمارت جي ڊيزائين A.C نارمن ٺاهي، جنهن سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي پڻ ڊيزائين تيار ڪئي. بعد ۾ آرٿر هباڪ به هن ۾ ڦيرڦار آندي. هي اهو آرڪيٽيڪٽ آهي، جنهن ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ٺاهي. هن ڪلب کي ”چٽڪمرو ڪتو“ به سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو مٿس انگريزن جي ڏينهن کان پيو جو هڪ انگريز عورت پنهنجن ٻن ڊالميشن ڪتن سان گڏ هتي ايندي هئي. جڏهن پاڻ ڪلب اندر هوندي هئي ته هي چٽڪمرا ڪتا (Spotted Dogs) ڪلب جي گيٽ ٻاهران چوڪيداري ڪندا هئا.
    هونءَ ته ڪئالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي ان قسم جا هاءِ فاءِ ڪلب آهن، جهڙوڪ گولف ڪلب، پولو ڪلب، ياچ ڪلب، فلائنگ ڪلب، ليڪ ڪلب پر هن رايل سلينگور ڪلب جي پنهنجي اهميت، سونهن، شان ۽ تاريخ آهي. ملاڪا ۾ نوڪري دوران مون کي به هن ڪلب ۾ ڪجهه دعوتن ۾ اچڻ جو موقعو مليو، خاص ڪري ڪئالالمپور جي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي وڪيومل لاکياڻي جي شادي جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪا هن بيحد ڌام ڌوم سان ملهائي ۽ سڄي ملائيشيا مان وڏن سياستدانن، ڪامورن ۽ واپارين کي گهرائين. هن دعوت ۾ مون سان گڏ اڏيرو لعل جو اسرار شاهه (آءِ جي مشتاق شاهه جو مامو) جيڪو ان وقت PIA ايئرڪمپني جو ريجنل مئنيجر هو ۽ خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سيڪريٽري اي اين جي عباسي جو ڀاءُ) پڻ هو. هو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ پريس اتاشي هو.
    هونءَ هن ڪلب، جامع مسجد، مرديڪا ميدان، سلطان عبدالصمد بلڊنگ ڏسڻ لاءِ توهان ڪٿان به ريل ۾ چڙهي ”مسجد جامع“ اسٽيشن تي لهو ۽ پوءِ پنڌ ئي پنڌ مٿيون جايون گهمندا رهو. پوءِ چاهيو ته جالان (شاهراهه) تئانڪو عبدالرحمان تي دڪانن جو سير ڪريو يا ڏکڻ طرف پيتالنگ اسٽريٽ ۽ چائنا ٽائون ۾ نظارا ڪندا رهو.
    رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍڙيون ريسٽورنٽون ۽ گاڏي وارا، مختلف کاڌا وڪڻندي نظر ايندا، جن وٽ ويهي توهان ٻوڙ ۽ ڀت جهڙي شيءِ کائي سگهو ٿا يا هلندي چلندي سئنڊوچ کائي سگهو ٿا. ههڙن موقعن تي ڪنهن اعليٰ هوٽل ۾ ويهي شان سان ست رڇي کائڻ جا خواب ۽ خيال جيترو پري رکندائو اوترو توهان ٽوئرزم جو لطف وٺي سگهندائو.


    باب اڻٽيهون

    منهنجي صلاح موجب ڇا گهمڻ کپي؟

    ڪئالالمپور جي جالان (شاهراهه) ائمپنگ، جالان پي راملي، جالان پينانگ ۽ جالان ڪياپينگ جي اندر واري حصي ۾، هتي جي سڀ کان اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورز آهي، جيڪا Twin ٽاورس به سڏجي ٿي. هيءَ عمارت سال 2004ع تائين، جيسين تائپي جي ڊگهي عمارت نه ٺهي هئي، ڇهن سالن تائين دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت هئي. پيٽروناس ٽاورس عمارت ٺهڻ جو ڪم 1998ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ آگسٽ 1999ع کان اها عام پبلڪ لاءِ کولي وئي. ”پيٽروناس“ هتي جي گئس ائنڊ آئل ڪمپني آهي، جيئن اسان وٽ ”سئي گئس ڪمپني“ هڪ سرڪاري ادارو آهي.
    هنن ٻن ٽاورن مان هڪ ۾ فقط پيٽروناس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ادارن جون آفيسون آهن ۽ ٻيءَ ۾ آءِ بي ايم، الجزيره، مائڪرو سافٽ، ريوٽرس، دي ايجنسي، ائڪسينچر ۽ ٻين ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جون آفيسون آهن. هرهڪ ٽاور ۾ 88 فلور (ماڙيون) آهن. هنن عمارتن جو بنياد، گرائونڊ ليول کان 120 ميٽر هيٺ رکيل آهي. رستي جي ليول کان هي ٽاور 452 ميٽر يعني 1490 فٽ اتاهان آهن. هيءَ عمارت(جاڙا ٽور) گرائونڊ ليول تي 341760 چورس ميٽرن تي پکڙيل آهي، جيڪا 37 لک چورس فٽ ايراضي ٿي. يعني اسان وٽ عام طرح وڏو گهر 1000 چورس والن جو يعني 9000 چورس فٽن جو جيڪڏهن آهي ته ان گهر جهڙن 412 گهرن جيتري گرائونڊ ايراضي تي ڦهليل آهي. هي ٻئي ٽاور هيٺان کان وٺي مٿي تائين الڳ الڳ عمارتون آهن ۽ هر عمارت 88 ماڙ آهي. هنن ٻن عمارتن جي وچ ۾ 41هين ۽ 42هين ماڙ تي پل ٺاهي ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي. يعني هڪ عمارت ۾ ڪم ڪندڙ جيڪڏهن ٻي عمارت ۾ وڃڻ چاهي ته هن لاءِ ضروري ناهي ته هو گرائونڊ فلور تي پهچي ان بلڊنگ مان نڪري ٻي عمارت جي گرائونڊ فلور تان لفٽ ۾ چڙهي مٿي وڃي. هڪ عمارت مان ٻي عمارت ۾ وڃڻ لاءِ هو هنن پلين رستي واڪ ڪري اچي وڃي سگهي ٿو. ان پل کي Sky Bridge سڏين ٿا ۽ 58 کن ميٽر يعني 190 فٽ ڊگهي آهي. هن جي تور 750 ٽن چئي وڃي ٿي. هن پل تان لنگهندي سڄي ڪئالالمپور جو نظارو ٿي سگهي ٿو.
    پيٽروناس ٽاورس گهمڻ لاءِ ڪابه ٽڪيٽ ناهي، پر هن اسڪاءِ برج تان لنگهڻ لاءِ روزانو 1700 کن ماڻهن کي پاس ملي ٿي، جيڪي 41هين فلور تان هن پل تان لنگهي ٻي عمارت ۾ وڃي سگهن ٿا. 42هين ماڙ واري پل فقط هنن ٽاورس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ رکي وئي آهي. هيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ 10 اسڪاليٽر آهن. ان کان علاوه ڪيتريون ئي لفٽون آهن، جيڪي بلڊنگ جي مختلف حصن تائين پهچائڻ لاءِ ورهايل آهن. هي ٽاور جڏهن ٺهي راس ٿيا هئا ته 1.2 بلين آمريڪن ڊالر خرچ آيو هو. سڄي عمارت ۾ 32 هزار دريون آهن. عمارت ۾ آرٽ گئلري، 840 ڪرسين وارو ڪنسرٽ هال ۽ زير زمين تمام وڏو پارڪنگ لاٽ آهي.
    پيٽروناس وارن جا تيل ۽ گئس کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ادارا آهن. انهن مان شپنگ به هڪ آهي. هن ڪمپني جا ڪيترا تيل جا ۽ ڪيميڪل کڻڻ جا جهاز آهن ۽ ملاڪا جي جنهن نيول اڪيڊمي ۾ مون 10 سال کن نوڪري ڪئي، ان کي به هيءَ ڪمپني ”پيٽروناس“ هلائي ٿي. منهنجا ڪيترائي شاگرد هن بلڊنگ ۾ جهاز راني جو ڪاروبار هلائين ٿا، جن جي دعوت تي اڳئين دفعي به هن عمارت ۾ ٻه چار دفعا وڃڻ جو موقعو مليو. هونءَ هتي اهو لکندو هلان ته ڪي شيون اهڙيون آهن، جن جي سونهن انهن کي پري کان ڏسڻ ۾ سمايل آهي. جيئن پاڻيءَ جو جهاز آهي. توهان ڪناري تي بيهي ڪنهن ويندڙ جهاز کي ڏسندائو ته تمام سهڻو نظارو محسوس ٿيندو. پر جهاز ۾ اندر هجڻ وارو ته هڪ لوهي ڀتين واري ڪمري ۾ آهي. اهڙي طرح هيءَ عمارت آهي. توهان وٽ وقت آهي ته هن عمارت جي در تائين پهچي اندر جون ڀتيون، آفيسون، ريسٽورنٽون، دڪان وغيره ڏسو نه ته ان پٺيان ٽي چار ڪلاڪ وڃائڻ بدران اهو وقت توهان ٻيون شيون ڏسڻ ۾ لڳائي سگهو ٿا. رهيو سوال فوٽو ڪڍرائڻ جو، اهو جالان ائمپنگ يا جالان پي راملي رستن تي ڪٿي به بيهي ڪڍرائي سگهو ٿا. هونءَ به هيڏي وڏي عمارت جي تصوير ان وٽ بيهڻ سان ته هرگز نه ايندي. آئون به هميشه ائمپنگ روڊ تان، گهڻو ڪري پنهنجي پاڪستاني سفارتخاني وٽان، هن عمارت جي تصوير ڪڍندو آهيان.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پيٽروناس وارن جي ان نالي سان يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستان جا شاگرد پڻ نظر آيا. پيٽروناس ٽاورس جي هيٺان جيڪو شاپنگ مال آهي، ان جو نالو Suria KLCC آهي. ان جي تمام گهڻي مشهوري ڪئي وڃي ٿي، پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهڙن شاپنگ مالن ۾ وقت وڃائڻ اجايو آهي. اڄڪلهه اسان جي ملڪ جي آچر بازارين، بولٽن مارڪيٽ، ميٽرو ۽ مائڪرو جهڙن شاپنگ سينٽرن ۾ هر شيءِ تمام گهٽ اگهه تي مليو وڃي، جتي توهان کي ملائيشيا، فلپين، انڊونيشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ خريداري ڪندي نظر ايندا. سو ڪئالالمپور جي وڏن شاپنگ مالن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪئالالمپور جو اوسو پاسو ڏسجي.
    سالن کان ڏسندو اچان ته ڪئالالمپور جي هوٽلن وارا، ٽريول ايجنٽ ۽ هتي جو ٽوئرسٽ کاتو ڌارين ملڪن کان آيل سياحن کي پنجاهه سٺ رنگٽن (هزارن کن رپين) ۾ ٻه چار هتي جون اهم شيون ڏيکاري ٿو، جيڪي هن ريت آهن ۽ منهنجي خيال ۾ جيڪو هلي ملي ملائيشيا اچي ٿو، ان کي اهي ضرور ڏسڻ کپن. اهي شهر کان پرڀرو هجڻ ڪري گروپ جي صورت ۾ بس ۾ چڙهي گهمڻ ۾ گهٽ خرچ ۽ وڏو فائدو آهي. هن ٽوئر ۾ هو هتي جي باتڪ جو ڪم ڏيکارين ٿا. جيئن اسان وٽ هالا ۾ اجرڪ جو ڪم ٿئي ٿو، تيئن هتي جا ملئي ڪاريگر خوبصورت رنگن ۽ شڪلين ۾ ڪپڙي تي ڇُر جو ڪم ڪن ٿا. ان ڪپڙي مان مرد قميصون ۽ عورتون چولا ۽ اسڪرٽ (باجو ڪرونگ) ٺهرائين ٿيون. ملائيشيا ايئرلايئن جي ايئرهوسٽس جي ڊريس باتڪ جي آهي.
    ملائيشيا پيوٽر جي شين کان به مشهور آهي. پيوٽر ٻن ٽن ڌاتن کي ملائي چانديءَ جهڙو ڌاتو ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٽِن (قلعي) ٿئي ٿو، جيڪو ڪئالالمپور جي کاڻين مان ملي ٿو. هي ٽوئرسٽ ڪمپنيون سياحن کي گهڻو ڪري ”سلينگور پيوٽر فئڪٽري“ گهمائين ٿيون، جيڪا انگريزن جي ڏينهن کان هلندي اچي ۽ هڪ صدي کان به آڳاٽي آهي. هن فئڪٽري ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته هي ڌاتو (Alloy) ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان مان ڪيئن ننڍا ننڍا خوبصورت سووينئر ٺاهيا وڃن ٿا.
    مٿين فئڪٽري گهمائڻ دوران هر ٽوئرسٽ ڪمپني، رستي تي توهان کي رٻڙ جي پوک به ڏيکاري ٿي، جتي رٻڙ جي وڻن جي ٿڙن کي تامل عورتون هلڪو چيهڪ ڏيئي، کير جي صورت ۾ رٻڙ (Latex) ڪڍن ٿيون ۽ پوءِ پيالين ۾ جمع ڪيل اهو کير ملائي، ويلڻ سان يا هٿ جي رولر مشين سان ان مان ’ڊور مئٽ‘ جيڏي رٻڙ جي ننڍي شيٽ ٺاهين ٿيون. پوءِ اهي شيٽون ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون يا مڪاني ڪارخانن ۾ انهن مان رٻڙ جون شيون، ڊاهڻ واري Eraser کان ڪارن جا ٽائر ۽ ويل ٺاهيا وڃن ٿا.
    هن ٽوئر جي آخر ۾ هو سياحن کي Batu Caves (باتو جبلن جون غارون) ڏيکارڻ لاءِ وٺي اچن ٿا، جتي هندن جا آڳاٽا مندر آهن. اسان جي طرف جي ماڻهن لاءِ هتي اچڻ سان سٺو تجربو ٿيندو. اسان جي اوسي پاسي جي ملڪن: ايران، سريلنڪا، دبئي ڪويت وغيره جا عرب ته وري به انڊيا ويندا رهن ٿا، پر اسان جا پاڪستاني جيڪي انڊيا جي ڪلچر، هندو ڌرم ۽ مندرن ۽ ان ۾ موجود ٻاون ۽ پوڄا پاٺ جي نموني کان اڻ واقف آهن، انهن لاءِ هتي اچڻ سان ڪيترين ئي نين ڳالهين کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. اسان جو يورپ يا عرب ملڪن ۾ هندو ڌرم جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو ته اهي اتر هندستان جا آهن، جن جون ڪيتريون ڳالهيون اسان ۾ ساڳيون آهن، جيئن ته زبان، ڪپڙو پوشاڪ، کاڌا پيتا، ملڻ کيڪارڻ جا طريقا وغيره. پر هن پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي هندو رهن ٿا، اهي اڙدو، هندي يا پنجابي ۽ گجراتي ڳالهائڻ وارا نه آهن، پر تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو قسم جون زبانون ڳالهائڻ وارا دکني يعني ڏکڻ هندستان جا آهن. جيڪي ڪيتريون ئي اهڙيون هندو رسمون ۽ ڏڻ (جهڙوڪ ٿائيپوسام ۽ پونگل) ملهائين ٿا، جيڪي اسان جي هندن لاءِ به نيون ڳالهيون آهن. ايتريقدر جو هتي جي سائوٿ انڊين هندن جي ديوتائن جا نالا به اسان جا اترين علائقن جي هندن جي Deities جي نالن کان مختلف آهن. سو اسان جهڙن پاڪستاني مسلمانن توڙي هندن لاءِ، هي باتو غارن وارا مندر ۽ ان جا ٻاوا ۽ مختلف رنگن ۽ ميڪ اپ ۾ نظر ايندڙ ڏکڻ هندستاني پوڄاري، انهن جون ريتون رسمون حيرت ۾ وجهندڙ آهن. ان کان علاوه هتي اچڻ سان اسان کي غارن کي ڏسڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو. باتو غارون جنهن کي هتي هرڪو انگريزي نالي Batu Caves سان سڏي ٿو، دراصل هڪ چن (Lime Stone) جي ٽڪري آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون غارون آهن، جن ۾ هندن جا آڳاٽا مندر آهن.
    هي غارون ڪئالالمپور جي ڀر واري ضلعي گومباڪ ۾ آهن ۽ ڪئالالمپور جي وچ شهر کان 13 ڪلو ميٽر پري ٿينديون. ان ڪري هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ لاءِ بهتر آهي ته هو هن قسم جي گروپ ٽوئر وارن سان گڏ نڪري، جنهن جي معلومات توهان کي توهان جي هوٽل انتظاميه کان پئجي ويندي. جيڪڏهن توهان جي هوٽل طرفان اهي جايون گهمائڻ جو بندوبست ناهي ته اوسي پاسي جي ٻي هوٽل مان معلوم ڪري سگهو ٿا ۽ مقرر وقت تي ان هوٽل اڳيان اچي بيهندائو ته اها ٽوئرسٽ بس توهان کي کڻي ويندي. سو اڪيلي وڃڻ کان ائين ٽوئرسٽ بس جي گروپ سان وڃڻ سستو آهي ۽ اهي توهان کي هر شيءِ چڱي طرح گهمائي ۽ ان بابت ٻڌائي سگهندا. پر جيڪڏهن توهان ڪنهن واقفڪار وٽ رهيل آهيو ته هو پاڻ توهان کي باتو غارن ڏي وٺي هلندو جو هن لاءِ اهو ڪو وڏو مفاصلو ناهي ۽ هاڻ ته باتو غارن تائين جهڙو يڪو شهر ٿي ويو آهي، جيئن صدر کان ملير يا ناظم آباد تائين يڪو شهر ڪراچي آهي.
    جتي هيءَ باتو ڪيوز واري ٽَڪري آهي اتان باتو سنگائي (باتو ندي) وهي ٿي، جنهن تان هنن غارن جو نالو باتو پيو آهي ۽ ڀر ۾ باتو ڪيوز نالي ڳوٺ به آهي. ملئي زبان ۾ نديءَ کي سنگائي (Sungai) سڏجي ٿو. ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون نظر اچن ٿيون، جن ذريعي مينهن جو پاڻي سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ ڪيترائي شهر آهن، جن جي نالن ۾ ”سُنگائي“ اچي ٿو جيئن ته سنگائي بارو (نئون)، سنگائي لاما (پراڻو) جيئن اسان وٽ هالا نوان، هالا پراڻا وغيره آهن. ملاڪا ۾ جنهن ڳوٺ جي ڀرسان اسان جي نيول اڪيڊمي هوندي هئي ان جو نالو ”ڪئالا سنگائي بارو“ آهي معنى ”نئين نديءَ جو منهن.“ ڀر ۾ هڪ مشهور شهر ”سنگائي اُڊانگ“ (گانگٽن واري ندي) آهي.
    هتي هن جبل جي غار ۾ انڊيا کان ٻاهر سڀ کان وڏو هندو مندر آهي جيڪو هندن جي ديوتا ”موروگان“ کي منسوب ٿيل آهي. موروگن ڀڳوان جنهن کي ”سبراهمنيا“ به سڏين ٿا، هندن جو، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي تاملن جو هڪ مشهور ديوتا (Diety) آهي. سائوٿ انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جتي تاملن جو وڏو اثر رسوخ آهي موروگن (سبراهمنيا) تمام گهڻو پاپولر ديوتا آهي. هن کي ”تاملن جو ڀڳوان“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ هن جا ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جيڪي هن پاسي جي ماڻهن جي نالن ۾ پڻ اچن ٿا، جيئن ته؛ سينل، سروانا، ڪارتيڪيا، ارومگام، سن مگا (سنسڪرت وارو) گوُهان (غار ۾رهڻ وارو)، قدمبان (ڪلهن تي قدمبو گل رکي هلڻ وارو)، وغيره.
    باتو غارون پهرين انگريزن ۽ هڪ آمريڪن نئچرلسٽ وليم هارناڊي کي 1878ع ۾ نظر آيون ۽ هندن کي ان جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ان وقت جي هڪ هندو سوداگر ٿام بوسامي پلائيءَ اڪسايو ۽ لارڊ موروگا جي ياد ۾ مندر ٺهرايو. ڪئالالمپور جو هڪ ٻيو آڳاٽو هندو مندر ”سري مهاماريامان“ پڻ هن ٺهرايو ۽ 1892ع کان هتي ٿائپوسام جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو سائوٿ انڊيا ۾ تامل ملهائين ٿا. اڄڪلهه ٿائيپوسام سنگاپور، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ به ملهايو وڃي ٿو جتي تامل ماڻهن جي گهڻائي آهي. هي جشن جنوري ۽ فيبروري ۾ چنڊ جي چوڏهين تاريخ ملهايووڃي ٿو. دراصل ٿائيپوسام تامل مهينن ٿاءِ ۽ پوسام مان ٺهيو آهي. هي جشن ان موقعي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن تي پارِوَتي موروگن ديوتا کي ڀالو ڏنو ته برائي جي شيطان ”سوراپادمن“ کي ڀڄائي ڪڍي. باتو غارن جي مندر جي مهاراجا ٻڌايو ته ڪيترن هندن ۽ ٻين کي اها غلط فهمي آهي ته ٿائيپوسام موروگن ڀڳوان جي جنم ڏينهن تي ملهايو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته ”موروگن جي ان جشن کي ”وائخاسي وشامڪم“ سڏجي ٿو.“
    بهرحال اهي خوشيءَ جا ڏينهن ۽ جشن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل هندو ملهائين ٿا. اهڙي طرح هڪ ٻيو هندن جو جشن ”پونگل“ آهي جيڪو پڻ تامل هندو ملهائين ٿا ۽ جنهن جو واسطو پڻ ڌرم کان وڌيڪ ڪلچر سان آهي. هي جشن ڏکڻ هندستان ۾ فصل لهڻ تي ملهايو وڃي ٿو جيئن اسان وٽ لاهور ۾ بسنت جي موسم جي آمد ۾ لغڙ اڏايا وڃن ٿا. ”پونگل“ جشن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا تامل هندو هڪ ڍڳي کي سينگاري هن جي شهر جي اهم رستن تان سرگس ڪڍندا آهن. هن قسم جا ثقافتي ۽ ڌرمي جشن ۽ ڏينهن اسان جي ملڪ جي هندن لاءِ به نوان آهن. انڊيا جي ويزا ته ايڏو سولائيءَ سان نٿي ملي پوءِ اهي به هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچي ڏسن ٿا.
    شروع کان منهنجي لاءِ هي باتو غارون دلچسپ جاءِ رهيو آهي جيڪو علائقو ملائيشيا ۽ انڊيا جو مڪسچر لڳي ٿو. هر وقت ميلي جو رنگ هوندو آهي. ملئياڻين جي باجوڪرونگن (باتڪ جي وڳن) ۽ گورين چينياڻين جي اسڪرٽ بلائوزن جي وچ ۾، تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ ڳالهائيندڙ هي سنهڙيون، ڪارڙيون سائوٿ انڊين نيلي، کهنبي، واڱڻائي ۽ تکي گلابي رنگن جي ساڙهين ۾ عجيب ڏيک ڏين ٿيون. مٿي غار جي منهن وٽ پهچڻ لاءِ 272 ڪافي ٿلها ڏاڪا آهن جيڪي يڪساهي چڙهڻ جواني جي ڏينهن ۾ به ٿڪائي رکندا هئا. هن ڀيري ته هيڪانديون ساهيون پٽيندو چڙهيس. رستي تي اطالوي، تائواني، فلپيني ۽ سائوٿ آمريڪن پوڙهين ۽ جوان ڇوڪرين سان خبرون ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڏاڪي تي ويهي ٿي رهيس يا هتي جي پڇ ڊگهن مڪاڪا ڀولڙن جون خرمستيون ٿي ڏٺم، جيڪي ڏاڪڻين تي چڙهندڙ ٻارن توڙي وڏن کان شيون ڦرائي رهيا هئا. پهرين ڏاڪي کان وٺي مٿين تائين سوين ڀولڙا پنهنجن ٻارن ٻچن سان ٽوئرسٽن طرفان مليل خيراتي خوراڪ يا کانئن کاڌي جي ڦر ڪرڻ جي تاڙ ۾ رهن ٿا. ڪيترا ٽوئرسٽ ته هنن چالاڪ ڀولڙن جون بولاٽيون ۽ ڦرون ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ان قسم جا ڪي ڪي نظارا ته آئون به پنهنجي ڪئميرا ۾ قابو ڪندو ويس. هن قسم جا ڀولڙا ملائيشيا، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ فلپين ۾ عام آهن جن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو جيئن ته کيکڙو کائيندڙ مڪاڪا، Cynomolgus Monkey، فلپيني ڀولڙو ۽ ڊگهي پڇ وارو ڀولڙو. سندن سائنسي نالو Macaca Fascicularies آهي جيڪو 1821 ۾ سنگاپور جو ٻيٽ خريد ڪرڻ بعد سر ٿامس رائفلس هن ڀولڙي تي رکيو. هي ڀولڙو ڊيگهه ۾ 15 کان 22 انچ ٿئي ٿو سندس ٽنگون ۽ ٻانهون بنهه ننڍيون ٿين ٿيون پر پڇ بدن کان به وڏو 16 کان 26 انچ ٿئي ٿو. نَر، مادين کان چڱا وڏا ۽ متارا ٿين ٿا جن جو وزن 5 کان 9 ڪلو ٿيندو.
    ڀولي جي هيءَ جنس بيحد سوشل ٿئي ٿي ۽ 5 کان 60 ڄڻن جي ٽولي ۾ رهي ٿي. ڳوٺن ۾ جتي آئون رهيس، اتي ته مون 100 کان به مٿي جي ٽولن کي ڏٺو، جيڪي گڏجي کليل گهرن ۾ گهڙي کاڌي پيتي جي شين جي ڦر ڪن ٿا. ملائيشيا جي ڪيترن ڳوٺن ۾ لوهي تارن جا لوڙها چورن کان نه پر هن قسم جي ڀولڙن کان بچاءَ لاءِ ڏنل ٿين ٿا. ڀولڙن جي هنن ٽولن ۾ ڪيترائي نر ٿين. ماديون انهن کان چئوڻيون پنجوڻيون ٿين.
    باتو غارن تي ڌارين توڙي مڪاني سياحن لاءِ خاص ڪشش موروگن (Murugan) تاملن جي ڀڳوان جي مورتي (Statue) به آهي جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽيچيو چيو وڃي ٿو. هي Statue (مورتي) 140 فٽ (43 ميٽر کن) ڊگهي ٿيندي جيڪا 1550 ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ، 250 ٽن اسٽيل ۽ 300 لِٽر سونهري (golden) پينٽ مان 24 ملين انڊين رپين خرچ تي ٺهرائي وئي آهي. هن سون جهڙي چمڪندڙ مورتي جون تصويرون توهان کي جتي ڪٿي نظر اينديون. هن ڀيري باتو غارن تي مون کي علي سولنگي وٺي هليو. حاجي صاحب پاڻ ته هتي جي ڪنهن به مندر يا مورتي اڳيان تصوير نه ڪڍرائي باقي ايتري مهرباني ڪيائين جو منهنجيون ڪڍندو هليو. آخر ۾ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ اتي جي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ اچي ناريل جو پاڻي پيتوسين. هوٽل جي تامل مالڪ ٻڌايو ته هنن ويران ۽ اڻ ڄاڻ غارن کي مشهور ڪرڻ ۾ هتي جي ملائيشين مخير (Philanthropist) ٿامبوسامي پلائي (Pillai) صاحب جو وڏو هٿ آهي جنهن سري مها ماريامان مندر پڻ ٺهرايو. هي مندر ڪئالالمپور شهر جي چائنا ٽائون جي ڇيڙي وٽ جالان بندر تي آهي جنهن روڊ جو اصل نالو هاءِ اسٽريٽ هو. هي مندر ڪئالالمپور ۾ هندن جو امير ترين ۽ آڳاٽو مندر چيو وڃي ٿو، جيڪو 1873ع ۾ ٺهيو. 1968ع ۾ هن جي مين گيٽ (راجا گوپورام) کي اڄ واري شڪل ڏني وئي هئي. هي مندر پهرين فقط ٿامبو سامبي جي فئملي جي عبادت لاءِ هو پر پوءِ 1920ع ڌاري عام پبلڪ جي پوڄا لاءِ کوليو ويو. ٿامبوسامي پلائي جا وڏا ڏکڻ هندستان کان ملايا تجارت لاءِ آيا هئا. پاڻ 1850ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو ۽ اتي جي رئفلس انسٽيٽيوشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد پاڻ سنگاپور جي انگريز آفيسر جيمس گٿري، ڊئوڊسن وٽ ڪلارڪ ٿي رهيو. 1875ع ۾ جڏهن گٿري ملايا جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ ٿي ”ملايا“ (اڄ واري مغربي ملائيشيا) آيو ته هي به ان سان گڏ بحري جهاز ۾ ڪلانگ پهتو ۽ پوءِ چيف ڪلارڪ مان ٿيندو ٽريزرر مقرر ٿيو. ان بعد کيس حڪومت طرفان انڊيا موڪليو ويو ته ملايا جي ريلوي ۽ پبلڪ ورڪس لاءِ انڊيا جا مزور ۽ مستري آڻي. 1880ع ڌاري ٿامبو ساميءَ سرڪاري نوڪريءَ مان استعيفى ڏئي پنهنجو پرائيويٽ بزنيس شروع ڪيو هو ۽ ملايا جو تمام اهم ۽ امير ماڻهو بڻجي ويو. ايتري قدر جو هن کي ڪئالالمپور جي سلينگور ۽ ٽرف ڪلب جو به ميمبر بنايو ويو، جن ڪلبن ۾ فقط انگريز ئي وڃي سگهيا ٿي. ٿامبوسامي پلائي خير جا ڪم ڪرڻ ۾ به نالو پيدا ڪيو ۽ هن نه فقط هندن کي پر مسلمانن ۽ عيسائين کي به هٿين خالي نه موٽايو. سندس نالي ڪئالالمپور جي چوڪٽ علائقي ۾ هڪ گهٽي آهي ۽ سينتل واري علائقي ۾ تامل پرائمري اسڪول آهي


    باب ٽيهون

    اڻ کٽندڙ روڊن جون اڻ کٽندڙ يادون

    ڌرائين ملڪ ۾ نوڪري ڪندڙ، تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد، توڙي هڪ سياح (ٽوئرسٽ) لاءِ ضروري آهي ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني جي خبر هجڻ کپي ته اهو ڪٿي آهي، جيئن ڪنهن ڏکي وقت تي ضرورت پوي ته اتي پهچي سگهجي.
    ملائيشيا پاڪستان وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي، يعني هنن ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو آهي. ان ڪري هتي ڪئالالمپور ۾ اسان جي ملڪ جي ”هاءِ ڪميشن“ آفيس آهي جنهن جو وڏو ”سفير“ بدران ”هاءِ ڪمشنر“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان جو سفارتخانو يعني هاءِ ڪميشن، وچ شهر ۾ جالان (شاهراهه) ائمپنگ تي آهي جتي بس يا ٽرين رستي سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. جالان ائمپنگ تي جنهن پلاٽ تي اسان جي هاءِ ڪميشن آهي ان جو نمبر 132 آهي يعني پوسٽل ائڊريس هن ريت ٿيندي:
    132 Jalan Ampong , Kualalumpur. 50450
    ڪئالالمپور جي ان علائقي جو پوسٽل ڪوڊ 50450 آهي، جيئن اسان وٽ هر شهر جي علائقي جو پوسٽل ڪوڊ ٿئي ٿو، جنهن ذريعي سڄي ملڪ جون پوسٽ آفيسون ورهايل آهن. پر هتي اهو لکندو هلان ته جالان ائمپنگ ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ يا شاهراهه فيصل وانگر تمام ڊگهو آهي ۽ جيڪڏهن توهان ٽئڪسي واري کي جالان ائمپنگ تي هلڻ لاءِ چوندائو ته هو توهان کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين گهمائيندو رهندو ۽ ميٽر بل چاڙهيندو ويندو. سو جي هن کي پاڪستان ايمبسيءَ (هاءِ ڪميشن) جي بلڊنگ جي خبر نه آهي ته پاڪستان ايمبسي پهچڻ لاءِ هن کي ائمپنگ روڊ تي ٽوئرسٽ آفيس، هوٽل پارڪ پلازه، بوڪ هائوس، هوٽل نيو ورلڊ يا هوٽل Renaisance جا پار پتا ڏجنس. هونءَ اسان جو سفارتخانو (هاءِ ڪميشن)، جنهن عمارت ۾ آهي اها نه فقط آڳاٽي آهي پر آرڪيٽيڪٽ جي خيال کان سهڻي به آهي ۽ گهڻو ڪري هر ڪو واقف آهي. ڇو جو هن عمارت اڳيان هر لنگهندڙ ضرور پڇا ڪندو هوندو ته هن پراڻي زماني جي عمارت اندر ڇا آهي. آئون به پهريون دفعو هتان لنگهيو هوس ته سوچيو هوم ته هيءَ عمارت انگريزن جي ڏينهن جو ريسٽ هائوس آهي يا ته جيمخانو، يا وري ڪو ميوزيم هوندو ۽ اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته ملايا کي جيئن ئي خودمختياري ملي ته پاڪستان هن ملڪ کي يڪدم تسليم ڪيو ۽ سفارتخانو ٺاهڻ لاءِ هيءَ عمارت خريد ڪئي. اڄ هن عمارت جي قيمت اربين رپيا هوندي جنهن جي چوڌاري تمام وڏو باغيچو آهي.
    جالان ائمپنگ وچ شهر کان اتان شروع ٿئي ٿو، جتان جالان تئانڪو عبدالرحمان، جالان راجا لائوت ۽ جالان تن پيراڪ شروع ٿين ٿا. بڪت بنتانگ (ڪئالالمپور جي سهڻي علائقي) وٽان جالان راجا چولان رستو وهي ٿو. هن روڊ تان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو پر ان جو سمجهو ته شروع وارو اڌ ڪلوميٽر ”جالان گرجا“ سڏجي ٿو پوءِ جتي جالان ملاڪا پاسي کان لڳي ٿو اتي کان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو. جالان ائمپنگ ڪافي وڏو روڊ آهي ۽ ٿورو مٿي اتر ڏي وڃي پوءِ يڪو اوڀر طرف هليو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ ڪلوميٽر ٿيندو. واٽ تي ڪيترائي روڊ جالان ائمپنگ کي ڪراس ڪن ٿا يعني هڪ پاسي کان اچي ٻئي پاسي هليا وڃن يا ڪجهه رستا ساڄي يا کاٻي کان اچي جالان ائمپنگ تي دنگ ڪن ٿا. جيئن ته جالان منشي عبدالله، جالان دانگ وانگي (جنهن کي اسان جو جهازران ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ”دانگي وانگي“ روڊ سڏيندو هو. اتي ان ڪراسنگ وٽ جالان دانگ وانگي تي هتي جي اليڪٽرڪ گاڏي جي، ان ئي روڊ جي نالي سان ريلوي اسٽيشن آهي. پوءِ اڳتي جالان سلطان اسماعيل (روڊ) ڪراس ڪري ٿو. ان ڪراسنگ وٽ مونوريل جي اسٽيشن ”بُڪت ناناس“ نالي آهي. ملئي زبان ۾ بُڪت (Bukit) معنى ٽڪري آهي ۽ ناناس معنى انناس. ٿي سگهي ٿو ڪنهن زماني ۾ اتي انناس جي شڪل جهڙي ڪا ٽڪري هجي، جنهن تان هن علائقي جو اهو نالو پيو هجي. مونوريل ذريعي بڪت ناناس اسٽيشن تي يا اليڪٽرڪ ٽرين ۾ دانگ وانگي اسٽيشن يا ڪمپونگ بارو اسٽيشن تي لهڻ سان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ پيدل پهچي سگهجي ٿو، جنهن بعد KLCC ريلوي اسٽيشن آهي جتان پيٽرو ناس ٽاورس وڃي سگهجي ٿو. جالان سلطان اسماعيل جي ڪراس ڪرڻ بعد ائمپنگ روڊ کي جيڪو رستو ڪراس ڪري ٿو، ان جو کاٻي پاسي وارو حصو ”جالان يپ ڪوان سينگ“ سڏجي ٿو ته ساڄي پاسي وارو روڊ ”پي راملي“ سڏجي ٿو. هن شاهراهه P راملي تي ئي پيٽرو ناس ٽاورس آهن ۽ جالان يپ ڪوان ۽ جالان راملي جي ڪراسنگ کان پهرين ائمپنگ روڊ تي کاٻي پاسي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ملائيشيا جي ٽوئرسٽ آفيس ۽ ٿورو اڳيان بئنڪ سمپنان نئشنل وٽ بوڪ هائوس (Boke House) ۽ انگريزن جي ڏينهن جي مشهور ريسٽورنٽ Le Coq Dor آهي. بهرحال ائمپنگ روڊ گهڻو اڳيان وڃڻ تي ائمپنگ پارڪ اسٽيشن وٽ، ساڄي کان ”جالان بنجائي“ Binjai رستو اچيو ٿو لڳيس. ان بعد هن شهر (ڪئالالمپور) جو گول دائري (Outer Circle) وارو روڊ ”جالان تن رزاق“ جالان ائمپنگ تان ڪراس ڪري ٿو. ان بعد جالان ائمپنگ تي ساڄي کان جالان ائمپنگ هِلر (Hilir) لڳي ٿو ۽ پوءِ گهڻو اڳتي جالان ائمپنگ جالان لنگڪاران تنگاهه کي ڪراس ڪري ڪمپونگ ليمباح تائين هليو وڃي. رستي تي ساڄي پاسي کان ڪجهه ٻيا روڊ به لڳنس ٿا، جهڙوڪ: جالان داگانگ، جالان واواسان، جالان واواسان ائمپنگ ۽ جالان ديسا ائمپنگ... وغيره.
    هتي اهو لکندو هلان ته هي ائمپنگ وارو علائقو اهو آهي جيڪو چوڌاري گهاٽو جنگل هو جنهن ۾ چين کان آيل چيني مزورن Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي. ڌارين ملڪن کان آيل هي مزور مسجد جامع وٽ جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي سامان سڙو رکي پوءِ ٻيڙين ذريعي ڪلانگ ندي ڏئي هتي پهتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ جنگل ايڏو گهاٽو هو جو ان مان پنڌ ڪرڻ به ڏکيو هو. نديءَ مان ئي لنگهه ٿي سگهيو ٿي ۽ مزور ٻيڙين ذريعي هن علائقي جي مختلف حصن ۾ Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي.
    مٿي ٻڌايل رستا جيڪي منشي عبدالله، P راملي، يپ ڪوان سينگ جهڙين هتي جي مشهور شخصيتن نالي آهن انهن جو مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو جو ان قسم جي نالن وارا رستا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ به آهن ۽ هتي جا رهندڙ ڌاريان ماڻهو سوچيندا رهن ٿا ته اهي ڪير آهن جن نالي هي روڊ آهن. اهي ماڻهو هتي جا ڄڻ ته icon آهن.
    منشي عبدالله روڊ ملاڪا رياست جي ملاڪا شهر ۽ ٻين شهرن: جاسين، مُوئر ۽ مسجد تاناح ۾ به ملندو جو منشي عبدالله ملاڪا ۾ ڄائو هو. منشي عبدالله جو سڄو ۽ اصل نالو عبدالله بن عبدالقادر هو. هتي ملائيشيا ۾ ”منشي“ ٽيچر يا پڙهيل لکيل ماڻهو کي سڏيو وڃي ٿو جيڪو ٻين کي به پڙهائي. منشي عبدالله جا وڏا عرب سوداگر هئا جن جون ڪجهه پيڙهيون ڏکڻ هندستان ۾ رهڻ بعد، سنگاپور ۾ اچي Settle ٿيون ۽ ڪن مڪاني مدراسي تاملن سان ته ڪن ملئي عورتن سان به شادي ڪئي. منشي عبدالله جو ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو معلم به ٿي رهيا، جنهن تان کين منشي سڏيو ويو. عبدالله ملاڪا ۾ ڄمڻ ڪري سنگاپور ۾ کيس ملاڪا وارو منشي به سڏيندا هئا. ههڙن ماڻهن جي فئملي ڏسي مون کي مرزا قليچ بيگ جي فئملي ياد ايندي آهي جيڪي دراصل روسي رياست جارجيا جا رهاڪو هئا، پوءِ اتان هو لڏي ايران ۾ رهيا، بعد ۾ هنن جون ڪجهه فئمليون سنڌ ۾ به اچي رهيون. مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب ۾ وڏي خدمت آهي. منشي عبدالله به هتي جي مڪاني زبان ملئي جو وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي جنهن جي دور ۾ ملئي ڪلاسيڪل ادب ماڊرن ادب جي شڪل اختيار ڪئي. منشي عبدالله 1796ع ۾ ڄائو يعني شاهه لطيف جي وفات کان 40 سال کن پوءِ ڄائو ۽ 1854۾ جدي ۾ وفات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ جدو ترڪي جي سلطنت عثمانيه جو حصو هو. سعودي ملڪ ته پوءِ وجود ۾ آيو.
    منشي عبدالله به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جو ڌنڌو درس تدريس اختيارڪيو ۽ هن پاسي جي انگريز ۽ ڊچ حاڪمن کي ملئي پڙهائي ۽ ترجميڪار جا فرض ادا ڪيا. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ حڪايات عبدالله (عبدالله جي آتم ڪٿا) اڄ تائين تمام گهڻو مشهور آهي. سندس حج جو ملئي زبان ۾ لکيل سفرنامو:
    Kisah Pelayaran Abdullah ke Mekah
    (عبدالله جي حج جي سفر جو قصو) پڻ پڙهڻ وٽان آهي جيڪو هن 1854ع ۾ ادا ڪيو. حڪايات عبدالله 1845ع ۾ ڇپيو. اهو ملئي زبان جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ڪمائيءَ جي خيال سان ڇپيو ويو ۽ اڄ تائين وڪامندو رهي ٿو.
    پي راملي (P. Ramlee) به هڪ اهم ملئي شخصيت ٿي گذريو آهي ۽ هو نه فقط ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مشهور آهي پر انڊونيشيا ۾ به آهي. پي راملي هنن لاءِ ائين آهي جيئن پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش وارن لاءِ فلم ائڪٽر دليپ ڪمار پر منهنجي خيال ۾ هن جو مثال ملڪه ترنم نورجهان سان ڏئي سگهجي ٿو جو دليپ ڪمار ته فقط فلمن ۾ اداڪاري ڪئي پر پي راملي هن تر جو مشهور ائڪٽر، ڊائريڪٽر، ڳائڻو، ڪمپوزر، راڳ لکندڙ ۽ پروڊيوسر رهي چڪو آهي. هتي جا ماڻهو پي راملي جون پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهي جون فلمون ڪجهه اهڙي شوق سان ڏسندا آهن، جيئن اسان وٽ رنگيلا جون. توهان ملائيشيا ۾ مهينو مس رهندائو ته راملي جي فلمن کان واقف ٿي ويندائو. رات به هتي جي هڪ چئنل تان سندس 1953ع جي بلئڪ ائنڊ وائيٽ فلم “Hujan Panas” هلي رهي هئي. ملئي زبان ۾ ”هُجان“ معنى بارش، مينهن ۽ ”پاناس“ معنى گرم. راملي جي پهرين فلم Cinta (چِنتا) معنى ”پيار“ آهي، جيڪا 1948ع ۾ ٺهي ۽ آخري فلم Air Mata di Kuala Lumpur (آئر ماتا ڊي ڪئالالمپور) 1973ع جي آهي. ملئي زبان ۾ پاڻيءَ لاءِ لفظ آئر آهي جيڪو ائين لکيو وڃي ٿو جيئن ”هوا“ لاءِ انگريزي لفظ Air لکون ٿا. Mata (ماتا) معنى اکيون، ”اکين جو پاڻي“ سو ٿيا ڳوڙها، ڊي معنى ۾. سو هن فلم جو نالو ٿيو ”ڪئالالمپور ۾ ڳوڙها.“
    پي راملي جو اصل نالو زڪريا بن نياڪ پوتيح هو جيئن دليپ ڪمار جو محمد يوسف آهي. پاڻ پينانگ جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو. ٻي جنگ دوران جڏهن ملايا چار سال کن جپان جي قبضي ۾ هو، هن جپاني نيول اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪئي. جپان تي بم ڪرڻ ۽ انگريزن جي ملايا ۾ واپس اچڻ تي هن سول ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪئي. هو راندين ۽ ميوزڪ ۾ به هوشيار هو.
    پي راملي ٽي شاديون ڪيون جن مان ٽي ٻار ٿيس. ان کان علاوه پنج ٻيا ٻار نپايائين. هتي ملائيشيا ۾ يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي پالڻ ۽ پنهنجي ٻار جو درجو ڏيڻ عام ڳالهه آهي. اڄ جا نوجوان، هاڻ مڙيئي هڪ زال کي ڪافي سمجهڻ لڳا آهن نه ته اسان جي ٽهي جي هم عمر ملئي مسلمانن ۾ ٻي يا ٽي شادي ڪرڻ ڪو هروڀرو خراب نٿي سمجهيو ويو ۽ نه وري گهڻين شادين مردن لاءِ ڪو خاص معاشي بار پيدا ڪيو ٿي، جو مردن وانگر هتي جي هر عورت ڪا نه ڪا نوڪري، پورهيو يا بزنيس ڪري پنهنجي ۽ ٻارن جي خرچ جو پورائو ڪري ٿي.
    پي راملي 1929ع ۾ ڄائو ۽ 44 ورهين جي ڄمار ۾ 1973ع ۾ دل جي دوري پوڻ سان وفات ڪيائين. هو هن جالان ائمپنگ واري قبرستان ۾ ئي دفن ٿيل آهي. کيس مرڻ بعد ”تان سري“ جو خطاب ڏنو ويو. اهو خطاب ائين آهي جيئن انگريزن وٽ Sir جو آهي. 1982ع ۾ هن روڊ تي سندس نالو رکيو ويو نه ته ان کان اڳ هن روڊ جو نالو ”جالان پئري“ هو. مٿي جالان ائمپنگ روڊ بابت لکندي ڪئالالمپور جي هڪ ٻئي اهم روڊ جالان دانگ وانگي جو لکيو اٿم، جيڪو هتي جي دانگ وانگي علائقي ۾ آهي. دانگ وانگي علائقو ڪئالالمپور جو هڪ مرڪزي علائقو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾کارادر يا بغدادي آهي. دانگ وانگي روڊ اڃان تائين اصلي نالي ”ڪئمپبيل روڊ“ سان پڻ سڏجي ٿو. هي انگريز ريزيڊنٽ اهو ئي صاحب آهي، جنهن جي نالي ڪراچي ۾ نيو چالي ۽ پاڪستان چوڪ جي وچ ۾ ڪئمپبيل روڊ آهي جيڪو فريئر روڊ کي ايم اي جناح روڊ سان سٽي ڪورٽ وٽ ڳنڍي ٿو.
    جنهن روڊ (جالان) جو هينئر جالان راجا چولان نالو آهي، اهو 1982ع تائين هتي جي انگريز ڪاموري مسٽر ويلڊ نالي هو. راجا چولان جو پيراڪ رياست جي شاهي خاندان سان تعلق هو. پاڻ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هو. هن انگريزن ۽ ملئي سلطانن سان گڏجي پيراڪ، سلينگو، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ رياستن جي 1896ع ۾ فيڊريشن ٺهرائي جيڪا Federated Malay States سڏجڻ لڳي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي اڄ وارو ملائيشيا ملڪ ٿيو. راجا چولان انگريزن تي اهو به زور آندو ته هو ملئي ماڻهن جون معاشي حالتون بهتر بڻائين ۽ کين سول سروس ۾ نوڪريون ڏين. پاڻ 1869ع ۾ ڄائو هو ۽ 1933ع ۾ وفات ڪيائين.
    ڪئالالمپور ۾ جيڪي پراڻيون عمارتون آهن، انهن مان بوڪ هائوس جيڪا عمارت Le Coq d’or جي نالي سان به سڏي وئي ٿي، پڻ هڪ هئي جيڪا 2006ع ۾ ڊاٺي وئي. هيءَ عمارت اسان جي پاڪستاني سفارتخاني واري ائمپنگ روڊ تي جتي اسان جو سفارتخانو پلاٽ نمبر 132 تي آهي اتي بوڪ هائوس پلاٽ نمبر 121 تي هو. يعني پيٽروناس ٽاور ۽ بوڪ هائوس جي وچ ۾ فقط هڪ بلاڪ جو فاصلو آهي. بوڪ هائوس هڪ انگريز ڪمپنيءَ Cycle & Carriage ڪمپني جي چيني مالڪ چُئاچينگ بوڪ لاءِ 1926ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1929ع ۾ مڪمل ٿيو.
    هن بلڊنگ (بوڪ هائوس) جي پٺيان هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته ائمپنگ روڊ تي رهندڙ هڪ امير چينيءَ جي ڌيءَ تي چينگ بوڪ جڏهن جوان هو ته عاشق ٿي پيو پر جيئن ته ڇوڪريءَ جي پيءُ چينگ، بوڪ کي غريب ڏسي رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد چينگ سنگاپور هليو ويو جتي هن ڪجهه سال محنت مزوري ۽ پوءِ بزنيس ڪري سائيڪلن جي مرمت جي ڪمپني ”سائيڪل ائنڊ ڪئريج“ کولي جنهن جون برانچون اپوح ۽ ڪئالالمپور ۾ به کوليون. بهرحال هن خوب پئسو ڪمايو ۽ ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ هن هيءَ عمارت ”بوڪ مئنشن“ ڇوڪريءَ جي گهر ڀرسان ٺهرائي. ڪي چون ٿا ته چينگ کي هيءَ ڇوڪري ملي وئي، ڪي چون ٿا ته هن ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. بهرحال چينگ جي فئملي هن گهر ۾ رهي. 1942ع ۾ ٻي وڏي لڙائي دوران جپانين پنهنجي قبضي دوران هن بلڊنگ ۾ پنهنجي Yokohama Specie بئنڪ کولي. لڙائي ختم ٿيڻ ۽ انگريزن جي موٽي اچڻ تي، هن بلڊنگ کي ڪجهه عرصي لاءِ بورڊنگ هائوس به بڻايو ويو. ان بعد 1958ع کان هن ۾ فرينچ ريسٽورنٽ Le coq D’or نالي کولي وئي جيڪا هتي جي هاءِ ڪلاس ريسٽورنٽ سمجهي وئي ٿي. اسان به درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ ملاڪا کان هلي ملي چانهه پيئڻ ۽ هن شهر جي اهم شخصيتن کي ويجهو ڏسڻ لاءِ ڪئالالمپور جي هن ريسٽورنٽ ۾ ايندا هئاسين. هيءَ هوٽل 43 سال هلڻ بعد 2001ع ۾ بند ڪئي وئي. گذريل صدي جي هر ٽريول يا گائيڊ بڪ ۾ توهان کي هن بوڪ هائوس ۽ لي ڪاڪ ڊور ريسٽورنٽ جي تعريف لکيل ملندي. هن بلڊنگ جو آرڪيٽيڪٽ به ڏسڻ وٽان هو ۽ هتي جي هڪ مشهور تصويري ڪتاب Guide to Notable Buildings of K.L ۾ هن عمارت جي پڻ تصوير آهي. هڪ ٻيو ڪتاب 100 Years of Kuala Lumpur Architecture 1890-1990 ۾ به هن عمارت جي تصوير آهي. چون ٿا ته ريسٽورنٽ جي بند ٿيڻ بعد هن بلڊنگ جي حالت خراب ٿي وئي ۽ منجهس ڏار به پئجي ويا هئا. ان ڪري هتي جي ميونسپالٽي وارن هن بلدنگ کي ڪيرائڻ ۾ بهتري سمجهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ماڻهن کي هن عمارت جو نالو نشان مٽجڻ جو افسوس آهي. انهن ۾ شايد هڪ آئون به هجان جيڪو هن بلڊنگ اڳيان مڪاني ملئي دوستن ۽ وطن کان آيل مهمانن سان گڏ بيهي شوق سان تصويرون ڪڍرائيندو هوس. هن فرينچ ريسٽورنٽ Le Coq D’or ۾ منهنجي پنهنجن دلپسند ملئي ڳائڻن سڌيرمن، داتو شيڪ، شيلا مجيد، اِيلا (نور ڪُلماساري)، شريفا ائني ۽ نورا زيلا روسلي سان ملاقات ٿي. سڌيرمن پڙهيل لکيل ڳائڻو هو. سندس مشهور گانو ”باليق ڪمپونگ“ (ڳوٺ پيو وڃان) اڄ به گنگنائيندو رهان ٿو. (سڌيرمن) جنهن جو اصل نالو حاجي ارشد هو 1992ع ۾ 40 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. اڄ صبح جو هڪ روڊ سائڊ ريسٽورنٽ ۾ نور ڪُلماساري جو گانو: ڊِي سِني اَڪُو مَينانتي..... (هي اها ئي جاءِ آهي جتي مون تنهنجو انتظار ڪيو) ٻڌي 1987ع جو سال ياد اچي ويو، جڏهن نور ڪُلماساري اهو گانو ڳايو هو ۽ مون ٻڌڻ سان پنهنجن ملئي دوستن کي چيو هو ته هي گانو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڳائڻي لتا منگيشڪر جي پراڻن گانن ”برسات مين هم سي ملي تم سجن“ يا ”چلي جانا نهين“ جي ياد ٿو ڏياري. مون ڏٺو ته پاءُ صدي گذرڻ بعد اڄ به ٻڌندڙ ان گاني تي جهومي رهيا هئا، جنهن گاني کي ملاڪا کان ڪئالالمپور گاڏي هلائڻ وقت آئون به ٻڌي جهومندو هوس. توهان کي به ان گاني ٻڌڻ جو موقعو ملي ته ضرور ٻڌجو. ڇا ته ميوزڪ ڪمپوز ڪئي وئي آهي، ڇا ته مٺي سر ۾ مائي نور ڪُلماساري ڳايو آهي ۽ ڇا ته شاعري آهي...
    Di sini aku menanti
    Tiba saat ini
    Bertemu melepas rindu
    Yang lama tersimpan

    Ingatkah lagi padaku
    Yang masih di sini
    Menanti dengan setia
    Pertemuan ini

    Di sini kita bertemu
    Kunyanyikan lagu rindu
    Di sini kita bertemu
    Mesranya bersama semula

    Di sini aku di sini
    Tak pernah berubah hati
    Di sini aku di sini
    Ku harap engkau pun begitu

    Di sini aku berdiri
    Tak tertahan rasa
    Bahagia kau masih setia
    Pada cinta kita


    باب ايڪٽيهون

    مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾....

    سمهڻ مهل منهنجي ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ مون کان ٻئي ڏينهن جو پروگرام پڇيو.
    ”هڪ ته شاهه عالم شهر هلڻ چاهيان ٿو، جتي ٽنڊي قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان ملڻو اٿم.“ مون کيس ٻڌايو.
    ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون جن وٽ رهڻ چاهيو ٿي ڊاڪٽر شفيع به انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر شفيع سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات آهن ۽ هو هڪ پُرخلوص ۽ پيارو دوست ۽ ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي. هن جو سالو شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي، جڏهن هنن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجو ننڍو ڀيڻويو ڊاڪٽر اقبال قاضي ۽ ڊاڪٽر شفيع 1974ع کان گڏ رهيا ۽ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيو. بهرحال آخر ۾ اهوئي فيصلو ڪيم ته رهندس علي سولنگي وٽ، جو منهنجو گهڻو ڪم هن جي گهر جي آسپاس هو، پر ڊاڪٽر شفيع وٽ گهمڻ لاءِ ضرور ويندس. ڊاڪٽر شفيع مون کي سندس يونيورسٽي UTM (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا) ۽ شاهه عالم جي خوبصورت مسجد ڏيکارڻ چاهي ٿي. مون هن وٽ منجهند مهل وڃڻ چاهيو ٿي.
    ”پوءِ صبح جو کڻي پاڪستان ايمبسي ۾ هلون،“ عليءَ چيو، ”اڄ ڪلهه ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب آهي، کين مون توهان بابت ٻڌايو آهي ته هتي آهي.“
    مون کي حيرت ٿي ته امتياز هتي اچي ويو آهي. اڃا مهينو کن اڳ ته اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هو.
    ”توهان نالي ۾ ڀُليا ته نه آهيو؟“ مون عليءَ کي چيو.
    ”بلڪل نه. سندن اهوئي نالو آهي. گذريل هفتي هن مون کي پنهنجو ڪتاب به ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هن توهان جا ڪتاب پڙهيا آهن پر مليو ناهي.“
    ”ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو، ”امتياز سان منهنجي ان وقت کان ملاقات آهي، جڏهن هو حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو. سندس والد صاحب قاضي سچي ڏنو اسان جي دادو واري دوست عبدالقادر قريشي جي والد اميد علي قريشي صاحب ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي والد جو سٺو دوست هو.
    ايتري ۾ علي سولنگي امتياز قاضي صاحب جو ڪتاب کڻي آيو، جيڪو هن پنهنجي والد محترم کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندن والد جو نالو لعل محمد قاضي لکيل هو. مون عليءَ سان ٻئي ڏينهن صبح جو هلڻ جو پروگرام ٺاهيو. منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ به ٽن ڏينهن لاءِ جپان کان ڪئالالمپور آيل هو ۽ هو جنهن هوٽل ۾ ترسيل هو، اها پاڪستان ايمبسي جي ويجهو هئي. هن کي پڻ ايمبسي ۾ اچڻ لاءِ چيم، جيئن اتي هن سان به ملاقات ٿي وڃي.
    صبح جو روڊ سائيڊ تي هڪ گاڏي تي نيرن تيار ڪندڙ ملئي عورت وٽ ”ناسي ليماڪ“ کائي ائمپنگ روڊ ڏي روانا ٿياسين، جتي اسان جو سفارتخانو آهي. جڏهن 132 جالان ائمپنگ جي ويجهو پهتاسين ته عليءَ چيو ته سائين امتياز قاضيءَ کي فون ڪريو ته ايمبسيءَ جو گيٽ کولرائي، نه ته هتي جا چوڪيدار ۽ گيٽ ڪيپر اهڙا آهن جو گاڏيءَ کي اندر اچڻ نه ڏيندا ۽ ٻاهر پري پري تائين پارڪنگ ناهي.
    ”يار ڏاڍي ٻڌائيهءِ،“ مون عليءَ کي چيو، ”هڪ بي دعوتو ۽ ٻيو ڪِرائتو! هڪ ته آئون امتياز صاحب سان مليو ناهيان ۽ ٻيو ته بنا ٻڌائڻ جي پيا هلون، ٽيون وري اسان ڪهڙا صاحب آهيون، جن لاءِ آٽوميٽڪ گيٽ کلي وڃي، جيئن اسان گاڏي اندر اچي پارڪ ڪريون.“
    ”سائين ٻيو ڪو چاڙهو ناهي. ٽراءِ کڻي ڪريو.“ عليءَ چيو ۽ مون نمبر ملائي دل ۾ سوچيو ته اها ملاقات به نه ٿي. پر نمبر ملڻ تي امتياز کي جيئن ئي پاڻ بابت ٻڌايم ته يڪدم وڏي آڌر ڀاءَ سان چيائين:
    ”اچو سائين اچو. اسان کي توهان جي اچڻ جي ڊاڪٽر مشتاق کان خبر پئجي وئي ۽ هو به مون وٽ توهان جو انتظار پيو ڪري.“
    مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي ته ڪٿي ڪٿي مڙيئي اهو احساس ٿئي ٿو ته هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ اديب جي به عزت ڪئي وڃي ٿي. مونکيِ هي خلوص ۽ عزت ظاهر آهي ته هڪ جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ ملي رهيو آهي. اسان جي گاڏي گيٽ تي پهچڻ تي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي دروازا کلي ويا ۽ اڳتي ضروري چڪاس بعد گاڏي پارڪ ڪري ايمبسي جي عمارت ڏي وڌياسين. عليءَ کي چيم ته ملائيشيا ۾ گهاريل پنهنجو پراڻو زمانو ياد ٿو اچيم، جڏهن اڃا هي دهشتگردي جو دور شروع نه ٿيو هو. هي سفارتخانا ته ڇا وزيراعظم ۽ گورنرن جي آفيسن جا در به کليا پيا هوندا هئا. ڪنهن به قسم جي چيڪنگ نه ٿيندي هئي. ملائيشيا پهچڻ سان پاسپورٽ کي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکبو هو ته ٽن سالن بعد، جڏهن پنهنجي وطن ورڻ جي مهينو موڪل ٿيندي هئي ته ڪڍبو هو. هاڻ ته پاسپورٽ هر وقت پاڻ سان رکڻو پوي ٿو، خبر ناهي ڪنهن وقت ۽ ڪنهن هنڌ چڪاس ٿئي.
    سفارتخاني ۾ گهڙڻ سان امتياز قاضي صاحب اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ مٿي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، جتي منهنجو ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به موجود هو. امتياز قاضي صاحب ٻڌايو ته مشتاق سندس ڀاءُ حافظ اعجاز سان گڏ مهراڻ يونيورسٽي مان B.E. ڪئي آهي. بهرحال هن ملاقات ۾ خبر پيئي ته امتياز قاضي جن ته اسان جي پاڙي واري شهر مٽيارين جا آهن ۽ نه فقط امتياز کي پر سندن سڄي فئملي کي تعليم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي آهي. امتياز قاضي، نور محمد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر قاضي غياث الدين جو ڀائٽيو ٿئي. هو صاحب بالادي صاحب کان پوءِ هيڊ ماستر ٿيو هو. امتياز جي والد لعل محمد قاضي صاحب جو به درس تدريس سان واسطو رهيو آهي. هو صاحب وڏو عرصو مٽياريءَ جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ SDEO ٿي رٽائر ڪيائين. سندن شاگردن مان منهنجو مٽيارين وارو ڀيڻويو فضل صديق شيخ پڻ هڪ هو. سائين لعل محمد قاضي صاحب اڄڪلهه حيدرآباد ۾ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر الطاف قاضي وٽ رهي ٿو ۽ سندن عمر 75 جي لڳ ڀڳ هوندي. ڊاڪٽر الطاف قاضيءَ MBBS ڪرڻ بعد MD ڪئي ۽ اڄڪلهه سرڪاري نوڪري ۾ آهي. هيءَ قاضي فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. لعل محمد صاحب توڻي سندن ڀاءُ غياث الدين قاضي انهن ماڻهن مان آهن، جن وڏي عيال ۽ گهٽ انڪم جي باوجود غربت ۾ رهي به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.
    امتياز قاضي جن پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر الطاف آهي، ان بعد امتياز پاڻ آهي. ان بعد حافظ اعجاز آهي، جيڪو ڪراچي ۾ KESC ۾ انجنيئر آهي ۽ ان بعد سرفراز قاضي آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي ۽ 1996ع کان ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي. ننڍي ڀاءُ محفوظ MEUT (مهراڻ يونيورسٽي) مان B.E. ڪئي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ”فيڊرل فلڊ ڪميشن“ جو اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندن ٻن ڀيڻن روزينا ۽ رووانا سنڌ يونيورسٽي مان MA ڪئي آهي ۽ سندن گهر وارا محمد اڪرم ۽ شعيب رحمان به ٽيچنگ ۾ آهن. سڀ ۾ ننڍي ڀيڻ امبرين ڊاڪٽر آهي.
    ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جيڪي هن وقت ڪئالالمپور ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڊپٽي سفير آهن، پنهنجي مامي آفتاب قاضي وانگر بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آهن. ڊاڪٽر امتياز ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس ڪئي، ان بعد سنڌ يونيورسٽي مان وڪالت يعني LLB ۽ انٽرنيشنل پبلڪ پاليسي ۾ M.A ۽ واشنگٽن آمريڪا جي جان هاپڪنس يونيورسٽي مان MIPP ڪئي.
    امتياز قاضي سي ايس ايس جي امتحان بعد 1989 ۾ فارين سروس ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ وزارتِ خارجه جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه تهران (ايران)، پئرس (فرانس) ۽ دوحا (قطر) ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ ڪئالالمپور آيو آهي، جتي هو ائڪٽنگ سفير آهي ۽ هي منهنجو مضمون ڇپجڻ تائين هو سفير ٿي چڪا هوندا. امتياز پاڪستان ۽ ECO سيڪريٽريٽ طرفان ڪيترن ئي بين الاقوامي ميٽنگ (Forums/ Summits) ۾ حصو وٺي چڪا آهن. جهڙوڪ: يو اين او (نيويارڪ ۽ جنيوا ۾) ورلڊ بئنڪ، TMF، سارڪ، NAM، يونيسڪو، OIC، ڊي ايٽ، ECO وغيره.
    امتياز قاضي به اسان واري سابق سفير ظفر شيخ ۽ جپان ۾ اڄ ڪلهه موجوده سفير نور محمد جاد ماني وانگر مختلف زبانن جي مهارت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قابليت رکي ٿو. امتياز انگريزي عربي، فرينچ ۽ فارسي زبان لس ئي لس (fluently) ڳالهائي وڃي ٿو. اڄڪلهه ملائيشيا ۾ رهي هو چيني زبان (منڊارن) نه فقط ڳالهائڻ پر لکڻ جي به ڪوشش ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي آهي. سندس ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ته عمر خيام جي فارسي رباعين جو انگريزي ۾ ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ هن 300 کن رباعين جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو شيخ امام محمد شرف دين البوصيري رح جي عربي ڪتاب قصيدة المديح جو سمجهاڻين سان گڏ انگريزي ترجمو آهي، جنهن ڪتاب جو امتياز انگريزي نالو “Elegy of Streaky Garment” رکيو آهي. اڄڪلهه هو شاهه لطيف جي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ هيستائين سترهن کن سرن جو ترجمو مڪمل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف جو رسالو هن کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي سابقه هيڊ آف انگلش ڊپارٽمينٽ مئڊم امينا خميساڻي، سنڌ جو اديب قمر شهباز ۽ آغا سليم پڻ ترجمو ڪري چڪا آهن.
    ڊاڪٽر امتياز قاضي جي مامي ڊاڪٽر آفتاب قاضي کان آمريڪا ۾ شايد ئي ڪو پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني اڻ واقف هجي. هو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر ۽ يورپ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جو ممتحن ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ تاريخدان، ڪيترن ئي مضمونن جو ليکڪ ۽ مفڪر آهي. پاڻ پنهنجي مٽيارين جي قاضي فئملي لاءِ ٻڌايو هئائين ته هندستان جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ٺٽي صوبي جو گورنر مقرر ڪيو هو ته هن کي ڪنهن تعليم يافته ماڻهو جي ضرورت پئي، جيڪو صوبي جو خزانو صحيح طرح هلائي سگهي. هن مدد لاءِ جيسلمير جي مهاراجا کي عرض ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي وڏي ديوان مانڪ رام ۽ هن جي فئملي کي جيسلمير مان لڏي ٺٽي اچڻو پيو ۽ شروع ۾ هن کي فقط خزاني جو ڪم سونپيو ويو. ان کان پوءِ هن جي پٽن ۽ پڙپوٽن قانون ۾ دلچسپي ورتي ۽ قاضي جي عهدي تي حڪومت جو ليگل ڊپارٽمينٽ هلائڻ لڳا.
    ”نور محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد هن جي پٽن غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مرادياب ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهيڙا ٿي پيا ته ڪير حڪومت ڪندو. غلام شاهه جي پنهنجي درٻار شاهپور ۾ هئي ۽ مرادياب ڪوٽڙي واري علائقي مان وڙهي رهيو هو. اسان جي وڏن شروع وارا سال ٺٽي ۾ گذاريا ۽ پوءِ خداباد ۽ شاهپور ۾ رهيا، جتي اڃا به اسان جا ڪجهه سوٽ پنهنجيون زمينون سنڀاليندا اچن. غلام شاهه ڪلهوڙي جيئن ئي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) قائم ڪيو، اسان جا وڏا به ان وقت جي درٻار سان گڏ حيدرآباد هليا آيا ۽ اچي مٽياريءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان وقت تائين فئمليءَ جا ڪيترا ميمبر اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي چڪا هئا (اسان جو وڏو ڏاڏو مرڻ تائين هندو رهيو) ۽ ڪلهوڙا ۽ ان بعد ٽالپر مير حاڪمن وٽ عدالتن جا سربراهه ٿي ڪم ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ چوڻ لاءِ ته اهو ئي چيو ويو ٿي ته ملڪ ۾ اسلامي قانون هليو ٿي، پر هليو اهو ٿي، جيڪو ان وقت جي حاڪمن جي وات مان حڪم جاري ٿيو ٿي. ناانصافي جي چڪيءَ ۾ هندو توڙي مسلمان پيسندا رهيا.“
    ڊاڪٽر آفتاب قاضيءَ ٻڌايو ته ”اسان جي خاندان جا اهم ڀاتي جهڙوڪ قاضي عزيز الله (آفتاب جي والده جو پڙڏاڏو جنهن قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو) حڪومتي عهدا ڇڏي لنواري شريف جي پيرن وٽ اچي رهيا. هو لنواري شريف جي پيرن جا مريد ٿيا ۽ ساڳي وقت هنن جا ٽيچر به ٿي رهيا. اسان جي ڪيترن ئي وڏن اتي وفات ڪئي ۽ لنواري شريف ۾ ”قاضين جو قبرستان“ اڄ به مشهور آهي.
    ”اسان جي ڪجهه ٻين وڏن ۾ ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙڏاڏو لعل محمد قاضي به اچي وڃي ٿو،“ آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر آفتاب قاضي (امتياز جي مامي) ٻڌايو ”جڏهن انگريزن ميرن کي شڪست ڏني ته امان جي پڙڏاڏي عزيز الله قاضيءَ ميرن جو ڪيس بمبئي وڃي ايسٽ انڊيا ڪمپني اڳيان پيش ڪيو پر هن جي هار ٿي. ان وقت جا جج دادا عزيز الله جي ذهانت ۽ سٺي عربي ۽ فارسي زبان مان بيحد متاثر ٿيا ۽ کيس انگريزن وٽ اعلى عهدي تي رهڻ لاءِ آڇ ڪئي ۽ کيس ٻئي زبانون پڙهائڻ لاءِ تمام سٺو پگهار ۽ سواريءَ لاءِ گهوڙو به ڏنو ٿي پر دادا انڪار ڪيو. هو ستر سال ٽپي چڪو هو ان ڪري هن معذرت ڪئي.
    ”انگريزن جي ڏينهن ۾ قاضي فئملي کي ڪافي نقصان رسيو. هن فئملي جا ڪيترائي وڏا حجاز هليا ويا. اتي به هنن پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. ڪيترا اتي گذاري ويا. ٻين کي انهن جا شاگرد مٽياري وٺي آيا. بهرحال اوڻيهين ۽ ويهين صدي ڌاري اسان جي ڀاتين جو تعليم يافته هجڻ ڪري وري قدر ٿيو. منهنجو ڏاڏو شهدادپور جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ نوابشاهه جو مختيارڪار به ٿيو. خاندان جا ٻيا ڀاتي مٽياري جي مدرسن ۾ اسلامي تعليم ڏيڻ لڳا. منهنجو والد محمد انور قاضي مختيارڪار ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي رٽائرڊ ڪيو. منهنجو هڪ چاچو ڊاڪٽر خدا ڏنو ڊاڪٽر ٿي شهدادپور جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ٻيا چاچا ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ رهيا...“
    پروفيسر آفتاب قاضي صاحب مٿي جنهن شخص لعل محمد قاضي صاحب جو ذڪر ڪيو آهي اهو ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙڏاڏو ٿئي. هي لعل محمد صاحب مفتي هجڻ سان گڏ مٽياري جو آخري متولي پڻ ٿي رهيو. پاڻ ٽنڊو سائينداد جي پير آغا (سليم جان سرهندي جي ڏاڏي) کي به پڙهايو. ان کان علاوه هن مڪي شريف جي مدرسي صولاتياه ۾ به ٻه سال پڙهايو جيڪو مدرسو اڄ به مڪي ۾ قائم آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته انگريزن جي ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ پينٽ (پتلون) ۾ نماز پڙهڻ تي گوڙ مچي ويو هو ۽ هندوستان جي ڪيترن علمائن اها فتوا ڏني ته پتلون ۾ نماز پڙهڻ ڪفر آهي. ان تي لعل محمد صاحب ،جيڪي مفتي به هئا، فتوا ڏني ته اهو ڪفر جو ڪم نه پر فسق آهي. کين ٻه پٽ ٿيا: عبدالواحد ۽ رحمت الله. رحمت الله کي اولاد نه ٿيو، باقي وڏي پٽ عبدالواحد قاضي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ 1933ع ۾ غياث الدين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مسٽر بالادي بعد نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر غياث الدين قاضي صاحب ٿيو. ٻيو پٽ 1937ع ۾ ڄائو جنهن تي نالو سندس ڏاڏي جو لعل محمد رکيو ويو، جيڪو اسان واري ڪوالالمپور جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جو والد آهي. نور محمد هاءِ اسڪول جي سابق هيڊ ماسٽر غياث الدين قاضي صاحب کي ٽي پٽ آهن، جن مان وڏو فياض الدين مٽياريءَ ۾ زمينون سنڀالي ٿو. ٻيو نمبر رياض الدين سئي گئس ۾ انجنيئر آهي ۽ ننڍو اعزاز دين حيدرآباد جي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جي ڄم جي تاريخ 3 مارچ 1965ع آهي. اولاد ۾ کين ٽي نياڻيون آهن: ماهين، مبروڪا ۽ ماياسا.


    باب ٻٽيهون

    مون سي ڏٺا ماءُ.....

    ڪئالالمپور ۾، 132 جالان ائمپنگ تي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ مٽياري جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز سان خبرون ڪرڻ بعد اٿيس ٿي ته هن نيول اٽيچي سان به ملڻ لاءِ چيو.
    ”گذريل دفعي توهان آيا هئائو ته ان آفيس ۾ ان وقت جي نيول اٽيچي سان فوٽو ڪڍرايا هئا.“ ڊاڪٽر امتياز قاضيءَ چيو.
    ”ان کي ته ڪافي عرصو ٿيو، توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”توهان جا ملائيشيا وارا ڪتاب اسان جي لئبرري ۾ آهن. ان مان هڪ ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ توهانجو هن سان گڏ فوٽو آهي.“
    ”پوءِ ته هلو ته هاڻ پاڻ به اتي فوٽو ڪڍرايون.“ مون چيو ۽ اسان هلڻ لڳاسين. رستي تي ڊاڪٽر امتياز کان هاءِ ڪمشنر (سفير) جو پڇيم ”اڃان پهريون وارو فوجي آهي يا ڪو ڊپلومئٽ به آيو آهي؟“ مون پڇيو.
    ”مسعود خالد آهي.“ ڊاڪٽر امتياز ٻڌايو.
    ”ڏاڍو سٺو.“ مون چيو.
    ”توهان جي وافقيت آهي؟“
    ”نه ڪا گهڻي ناهي. آئون ان ڪري سٺو ٿو چوان جو ملائيشيا جي حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته سفارتخانن ۾ ڊپلومئٽن بدران فوجي جرنيل هجن.“
    ڊاڪٽر امتياز کي ٻڌايم ته 1992ع ۽ 1993ع وارن سالن ۾ منهنجي مسعود خالد سان ٻه ڄار دفعا ملاقات ٿي هئي، جڏهن هو اسانجي لنڊن واري سفارتخاني ۾ هو. اسان سئيڊن ۾ هوندا هئاسين جتان IMO جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ لنڊن ايندا هئاسين.
    اسان مٿين فلور تي مين هال ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين ته اتفاق اهڙو ٿيو جو ان وقت سفير صاحب پنهنجي آفيس مان نڪري ڪيڏانهن ٻاهر وڃي رهيو هو. امتياز منهنجو ٻڌايس ته هو اتي ئي ترسي خبر چار ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي ڏينهن ملڻ جو پروگرام رکيوسين.
    مسعود خالد مون کان 10 سال کن ننڍو آهي. هن انٽر نيشنل رليشن ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1979ع ۾ فارين سروس ۾ نوڪري شروع ڪئي. لنڊن کان علاوه هو نيويارڪ، تاشقند ۽ سيول (ڪوريا) ۾ پڻ رهيو آهي. هاڻ ڪئالالمپور ۾ آهي، پر سندس ڳالهين مان لڳو ته کيس ڪنهن ٻي اهم پوسٽ تي موڪليو پيو وڃي ۽ هتي جو سفير (هاءِ ڪمشنر) ڊاڪٽر امتياز قاضي ٿي رهيو آهي. ساڻس وڌيڪ خبر چار نه ٿي سگهي جو ٻئي ڏينهن مون کي ملاڪا وڃڻو پئجي ويو.
    اسان ڪموڊور زاهد اڪرم جي ڪمري ۾ اچي ويٺاسين. هو ٻن سالن کان هتي ڊفينس ائڊوائيزر آهي. زاهد مون کي بيحد سلڇڻو، ذهين ۽ دنيا جي ڄاڻ رکڻ وارو لڳو. ڀرواري ٽيبل تي رکيل ڪٽلي ۾ پاڻي ٽهڪي رهيو هو ۽ اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي سندس خاني مان چانهه جون پڙيون، پائوڊر وارو کير ۽ ڪئنڊرل جون گوريون ڪڍي چانهه ٺاهي پيئڻ لڳاسين ۽ دنيا جهان جون خبرون ڪرڻ لڳاسين، خاص ڪري نيوي جي آفيسرن جون جيڪي اسان ٻنهي جا سڃاڻو هئا. ائڊمرل وقار سڪندر جي ڳالهه نڪتي ته مون کين 25 سال اڳ جون ڳالهيون ٻڌايون، جڏهن وقار ڪمانڊر هو ۽ هتي هن آفيس ۾ نيول اٽيچي ٿي آيو هو. مون کين ٻڌايو ته هو پاڻ سان هڪ پنجابي ڳوٺاڻو نوڪر وٺي آيو هو. ڪمانڊر وقار کي جاگنگ ۽ پي ٽي ڪرڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو پاڻ سان گڏ نوڪر کي به صبح جو سوير اٿاري ڊوڙائيندو هو. دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ آيل هي نوڪر، ٻن مهينن بعد توبائون ڪندو وطن موٽي ويو. مون کين ٻڌايو ته ملاڪا کان ڪوالالمپور آئون ايندو هوس ته ڪڏهن ارشاد عباسي (پريس سيڪريٽري) وٽ رهندو هوس ته ڪڏهن PIA جي مئنيجر اسرار شاهه وٽ. ڪمانڊر وقار اسان کي وڏي خلوص سان دعوت ڏيندو هو. کارائڻ پيارڻ ۽ گهمائڻ جو به مڙس ماڻهو هو، پر صبح جو سوير جيڪو جاگنگ لاءِ اٿاريندو هو، ان ڪري اسان هن جي گهر ۾ رهڻ کان ڀڄندا هئاسين.
    ڪمانڊر وقار بعد ۾ ڪئپٽن، ڪموڊور ۽ ائڊمرل ٿيو. ڪامڪار يعني ڪمانڊر ڪراچي به ٿيو ۽ منهنجي PNSC مان رٽائرمينٽ بعد هو پي اين ايس سي جو چيئرمين به ٿيو. ساڻس اڃان تائين سلام دعا هلندي اچي. اڙدو اخبار ۾ منهنجو ڪو ڪالم پڙهندو آهي ته يڪدم ٽيليفون ڪندو آهي يا Email ڪندو آهي.
    ملائيشيا ۾ تعليم جي ميدان ۾ زبردست ترقي جي ڳالهه اچي نڪتي ته 30 سال کن اڳ تائين به هتي ايترا تعليمي ادارا نه هئا. انٽر پاس ڪرڻ بعد هتي جا نوجوان پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا جو رخ رکندا هئا، پر هاڻ هتي هر قسم جا تعليمي ادارا آهن ۽ انهن ۾ پڙهائي جو معيار ايڏو ته مٿانهون آهي جو هاڻ ڌارين ملڪن جا شاگرد به اچن ٿا. هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
    علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر امتياز قاضي ڪجهه انهن پاڪستاني شاگردن جا نالا کڻڻ لڳا، جن هتي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ ڊاڪٽر عبدالله ساند جو به نالو آيو، جنهن کي مون به سڃاتو ٿي. گذريل دفعي ملائيشيا آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ هو جوهور رياست جي شهر سڪڊائي (Sukdai) جي UTM يونيورسٽي مان Ph.D. ڪري رهيو هو. هونءَ پي ايڇ ڊي لاءِ گهڻو ڪري ست سال هوندا آهن، پوءِ شاگرد ڪوشش ڪري چئن پنجن سالن اندر ڪري وٺندا آهن، پر ڊاڪٽر عبدالله ساند فقط ٽن سالن ۾ Ph.D. ڪري ورتي. هن جي محنتي ۽ ذهين هجڻ جو اعتراف هتي جا پروفيسر به ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالله ساند اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ نئين کليل انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال آهي. هن جي زندگي تي ڪجهه سٽون هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس زندگي محنت ۽ پورهئي جي ڪهاڻي آهي، جدوجهد ۽ پختي عزم جي عڪاسي آهي.
    ڊاڪٽر عبدالله ساند اڏيري لعل جي ڀر ۾ ”هاشم ساند“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾، محترم قبول ساند جي گهر ۾ 11 آڪٽوبر 1961ع تي جنم ورتو. عبدالله جو ڏاڏو جنهن جو نالو پڻ عبدالله هو، جيتوڻيڪ مڇي ماني وارو هو ۽ کيس پنهنجي زمين به هئي، پر سندس وفات وقت خانداني حالتون ڪجهه اهڙيون ٿي ويون جو عبدالله جي پيءُ قبول کي ڪجهه به نه ملي سگهيو. هو سڄي عمر سخت غربت ۾ ڪاٽي 2004ع ۾ وفات ڪري ويو، پر اهو آهي ته هو پٺيان ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ويو ته کڻي ڪيڏيون به ڏکيون حالتون هجن، پر هڪ انسان جيڪڏهن پڪو عزم ڪري، محنت ۽ جفاڪشي ڪري ته هو پنهنجن خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري سگهي ٿو. قبول ساند صاحب جا ڇا خواب ۽ خيال هئا، اهي ڪنهن کان ڪي لڪل نه هئا. هن چاهيو ٿي ته هن جو اولاد پڙهيل لکيل ٿئي. جيتوڻيڪ پاڻ فقط ست درجا سنڌي جا پڙهيو (جنهن کي تن ڏينهن ۾ ڪاميٽي جو امتحان سڏبو هو) پر سندس اٿڻي ويهڻي سلجهيل ماڻهن سان هئي. سندس سوچ پازيٽو هئي. اڏيرو لعل جي آس پاس جا ماڻهو ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته ڳوٺ هاشم ساند جي رهاڪو قبول ساند ڪيئن پورهيا ۽ مزوري ڪري پنهنجن چئن پٽن کي پڙهايو. ڪيئن بکون ڪاٽي ٻارن جي اسڪول جون فيون ڏنيون. ڊاڪٽر عبدالله ساند پنهنجي Ph.D. جي ٿيسز پنهنجي والد کي منسوب ڪندي مون کي ٻڌايو ته ”سائين اڄ جيڪي ڪجهه آهيان، اهو پنهنجي پيءُ جي ڪري آهيان، نه رڳو تعليم پر محنت، ايمانداري، جدوجهد جهڙيون شيون مون کي والد کان ورثي ۾ مليون.“
    ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته ”اڄ به منهنجي اکين اڳيان پنهنجي والد جو چهرو سامهون ٿو اچي ته هو ڪيئن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪاٺيون ڦوڙي ڀرواري شهر ۾ وڪڻڻ ويندو هو. سيارو هجي يا اونهارو يا سخت مينهن، هو پنهنجي ڳوٺ کان پيرين پنڌ ريلوي اسٽيشن ويندو هو ۽ رات جو موٽندي هن کي ڪڏهن ڪڏهن آڌي رات ٿي ويندي هئي. هن اهو ئي چاهيو ٿي ته اسين ڀائر تعليم حاصل ڪري پڙهيل ڳڙهيل سڏايون.“
    ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته هو اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس والد کيس تقرير ڪرڻ سيکاري. هميشه اسان کي چوندو هو ته پاڻ سان آٽو گراف بڪ رکندا ڪريو ۽ ڪنهن به اهم شخصيت سان ملاقات ٿئي ته ان کان آٽو گراف وٺندا ڪريو. مون پهريون آٽو گراف 1967ع ۾ امير علي شاهه ڄاموٽ کان ورتو، جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ هوس. اسان جي ڀرواري شهر ”اسٽيشن وهاب شاهه“ ۾ هڪ سياسي جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ مهمان خصوصي طور مٽيارين جو امير علي شاهه ڄاموٽ آيو هو. هو صاحب انهن ڏينهن ۾ ريلوي جو وزير هو. منهنجي تقرير کين ۽ جلسي ۾ آيل ماڻهن کي ڏاڍي وڻي.
    ڊاڪٽر عبدالله ٻڌايو ته سندن والد کي ڏاڍو شوق هو ته آئون نه فقط حيدرآباد ۾ پڙهان پر اتي جي ماڊل اسڪول ۾ پڙهان جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي ڪئمپس ۾ آهي. منهنجو پيءُ مون کي اتي وٺي هليو، پر اسڪول جي انتظاميه مون کي داخلا ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هنن جي ڳالهه به صحيح هئي ته هن اسڪول جي في ڳري آهي، پر منهنجو پيءُ جنهن هن اسڪول جي تعريف ٻڌي هئي، اهو پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته هو ڏينهن رات محنت مزوري ڪري به کين هر مهيني جي پهرين تاريخ اسڪول جي في پهچائيندو. بابا کين اهو به چيو ته جيڪڏهن هنن داخلا نه ڏني ته هو مون کي پوءِ ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ به نه پڙهائيندو. ان هوندي به اسڪول وارن داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ ٻاهر نڪري ڳوٺ ٿي موٽياسين ته بابا کي ڪجهه ياد اچي ويو ۽ مون کان پڇيو ته آٽو گراف بڪ اٿئي؟ اهو مون وٽ هر وقت کيسي ۾ رهيو ٿي. بابا ڳوٺ موٽڻ جو ارادو لاهي امير علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي آيو ۽ هن کي سندس آٽو گراف ڏيکاري ٻڌايو ته هي اهو ئي ڇوڪرو آهي، جنهن جي توهان تعريف ڪئي ته هي ذهين شاگرد آهي، پر اڄ هن کي اسڪول وارا داخلا نٿا ڏين. امير علي شاهه ڄاموٽ سڄي ڳالهه ٻڌي اسڪول وارن کي فون ڪيو ۽ مون کي يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ داخلا ملي وئي.“
    ڊاڪٽر عبدالله ساند ماڊل اسڪول مان مئٽرڪ 1978ع ۾ ۽ انٽر 1980ع ۾ ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج نوابشاهه ۾ داخلا ورتي، جتان 1986ع ۾ سول انجنيئرنگ جي بي اِي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد اتي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو تعليمي ادارو هاڻ قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سڏجي ٿو. پاڻ 1987ع کان وٺي 2010ع تائين هن يونيورسٽي ۾ ليڪچرر کان پروفيسر تائين ڪم ڪيو، جنهن وچ ۾ 1995ع ۾ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾ M.E. ڪئي، جنهن لاءِ هن ڏيڍ سال ترڪي جي انقره يونيورسٽيءَ ۾ به گذاريو. بعد ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ هتي (ملائيشيا) جي مشهور يونيورسٽي UTM (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا) ۾ نومبر 2004ع ۾ داخلا ورتي، جيڪا ملائيشيا جي ڏاکڻي رياست ’جوهور‘ جي سُڪدائي شهر ۾ آهي. سُڪدائي (Skudai) جوهور بارو شهر کان 16 ڪلو ميٽر اتر ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي (UTM) هتي جي پراڻي انجنيئرنگ يونيورسٽي آهي، جتي ايڊيوڪيشن، مئنيجمينٽ، هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ لاءِ الڳ Faculties آهن. ملائيشيا جا ڪيترائي انجنيئر هن يونيورسٽي جا گريجوئيٽ آهن. ڊاڪٽر عبدالله هتان Ph.D. ڪرڻ بعد به ٻه سال کن نوابشاهه ۾ پنهنجي يونيورسٽي ۾ پڙهايو، ان بعد لاڙڪاڻي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کلڻ تي کين هن ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر عبدالله جي ٽن ڀائرن مان ٻه انجنيئر ۽ هڪ ڊاڪٽر ٿيو. عبدالله بعد ڊاڪٽر عبدالغفار ڪراچي ۾ ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، ان بعد عبدالستار اليڪٽريڪل ۾ B.E. ڪئي ۽ نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ خدا بخش مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E. ڪئي. هو دبئي ۾ ڪوريا جي هنڊائي ڪمپني ۾ انجنيئر هو، پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهائي ٿو.
    ڊاڪٽر عبدالله کي هڪ ٻار صدف نالي ڌيءَ آهي، جيڪا هينئر انٽر ۾ آهي. ڊاڪٽر عبدالله جي Ph.D. دوران فئملي به هن سان گڏ رهي ٿي ۽ سندس ڌيءَ ماشاءَ الله ايتري ذهين آهي جو هوءَ هتي جي ملئي زبان fluently ڳالهائي سگهي ٿي. ڊاڪٽر عبدالله کي ادب ۽ خطاطي سان به دلچسپي آهي. سندن ڪالم، ڪڏهن ڪڏهن سنڌي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ سندن خطاطي (Calligraphy) جو ڪم به تعريف جوڳو آهي. پاڻ ٻڌائين ته هو جڏهن ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان وقت جي ڊرائنگ ٽيچر جي سٺي هئنڊ رائيٽنگ ڏسي هن جو ان طرف شوق پيدا ٿيو. هن ٻڌايو ته هو اڄ به ان اسڪول جا ڪجهه سٺا ٽيچر ياد ڪندو آهي، جن جي هن ٽيچنگ پروفيشن سان سچائي ۽ Devotion کي هو به فالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن. عبدالله سمون، اسماعيل پهوڙ، هالا جو احمد پٽ يوسف جو ۽ عبدالرحمان ميمڻ وغيره.
    اڳئين دفعي منهنجو جڏهن ملائيشيا اچڻ ٿيو هو ته ان وقت ڊاڪٽر عبدالله سُڪڊائي ۾ پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ رهيل هو. کانئس علاوه ٻيا به ڪيترائي اسان جي ملڪ جا شاگرد ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا هئا. هڪ ته نور احمد ميمڻ هو جيڪو هينئر قائد عوامي يونيورسٽي نوابشاهه ۾ آهي. اسريٰ يونيورسٽي جو ڊاڪٽر سهيل قاضي، خضدار وارو ڊاڪٽر در محمد سومرو، مهراڻ يونيورسٽي وارو پروفيسر ڪامران انصاري ۽ ٻيا به ڪيترائي هئا. ٽي چار ته فقط منهنجي ڳوٺ هالا جا هئا. جهڙوڪ ڊاڪٽر زبير ميمڻ، آفتاب ميمڻ ۽ اسان جي مرحوم پياري دوست انجنيئر عبدالعزيز بَنا جو پٽ نعيم ميمڻ وغيره. نعيم ۽ سندس زال قرة العين ان وقت اتان ماسٽرس ڪري رهيا هئا. نعيم انجنيئرنگ ۾ ته سندس زال ايڊوڪيشن ۾. نعيم اڄ ڪلهه انگلينڊ جي ناٽنگهام يونيورسٽي مان Ph.D. ڪري رهيو آهي. قرة العين جو والد ڊاڪٽر يعقوب ميمڻ جيڪو نعيم جو چاچو به ٿئي، حيدرآباد ۾ گورنمينٽ سرجن آهي. نعيم جي والد انجنيئر عبدالعزيز (بَنا) جو جيتوڻيڪ ننڍي هوندي انتقال ٿي ويو، پر سندس ٻار پڙهيا ۽ انجنيئر ڊاڪٽر ٿيا ۽ ۽ پنهنجي بهتر ڪارڪردگي (Merit) تي مختلف ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪيائون.
    نعيم جا باقي ٻه ڀائر ڊاڪٽر فهيم ۽ وسيم ۽ هڪ ڀيڻ شاهده اڄ ڪلهه مالديپ (Maldives) ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر فهيم ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي ۽ وسيم سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي. نعيم جو ڏاڏو ”چاچو ممن“ سڏبو هو. کيس هالا جي شاهي بازار ۾ گاجڻين جي گهٽيءَ وٽ ڪپڙي جو دڪان هو. نعيم جو پيءُ عبدالعزيز بَنا ۽ چاچو سرجن يعقوب جيڪي اسان کان گهڻو ننڍا هئا، اڪثر پنهنجي پيءُ جي دڪان تي نظر ايندا هئا. اهي پنجاهه واري ڏهي جا آخري سال هئا، جڏهن آئون اٺين، نائين ڪلاس ۾ هوس. ان بعد منهنجي هڪ دفعو 1970ع ۾ عبدالعزيز سان ڪراچي جي ميٺارام هاسٽل ۾ ملاقات ٿي، جڏهن هو NED مان انجنيئرنگ ڪري رهيو هو. کيس ۽ سندس ڪجهه ڪلاس ميٽن کي آئون پنهنجي جهاز تي وٺي آيو هوس. جهاز گهمڻ ۽ لنچ کائڻ بعد هو واپس هليا ويا. ٻئي ڏينهن اسان جي جهاز جي Sailing هئي. سال ٻن بعد اسان جو جهاز ڪراچي آيو ته هو B.E. ڪري چڪو هو ۽ سکر روهڙي پاسي سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو هو ۽ پوءِ سال ٻن بعد سندس حادثي جي خبر پيئي ته هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي.
    مرحوم انجنيئر عبدالعزيز جو والد ۽ ٻه چاچا: سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف اسان جي ڀرواري گهٽي ”ڪَڪَا محله“۾ رهيا ٿي. هالا اسڪول جو شايد ئي ڪو شاگرد هجي جو سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف کي نه سڃاڻندو هجي. هو قابل ۽ محنتي استاد هئا. هنن هر شاگرد کي مٿاهين ليول تي ڏسڻ چاهيو ٿي. هنن کي پنهنجي پيشي- درس تدريس سان عشق هو. ڪنهن شاگرد جو فيل ٿيڻ ته ڇا گهٽ مارڪن سان پاس ٿيڻ کي به هنن پنهنجي بي عزتي سمجهيو ٿي. هنن هر شاگرد کي پنهنجو اولاد سمجهيو ٿي. منهنجي زندگي جو وڏو حصو ماستري ۾ گذريو آهي، پر اڄ جي ٽيچر کي اهي مشڪلاتون نه آهن، جيڪي اڳ ۾ هيون. اڄ پڙهائڻ جا سائنسي طريقا ۽ اوزار (Audio Visual Aids) ايترا ٿي ويا آهن جو پڙهائڻ ۾ ايتري مغزماري نٿي ڪرڻي پوي ۽ هو پنهنجي ڳالهه يڪدم شاگرد کي سمجهايو وٺن. مون کي حيرت ٿي ٿئي سائين احمد ۽ سائين عبداللطيف جهڙن استاد محترمن تي، جيڪي ان دور ۾ فقط ۽ فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ ذريعي، ٻارن کي علم ڏيندا هئا. ۽ اهو ئي درس و تدريس جو ڪم سائين عبداللطيف جو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمود قائم رکندو اچي. محمود M.E. ۽ Ph.D. انگلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي مان ڪئي ۽ سندس شروع کان نوابشاهه جي قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي سان واسطو هلندو اچي. سندس ڄم جي تاريخ پهرين مارچ 1952ع آهي. سندس ڌيءَ شهناز به B.E. اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد هاڻ M.E. ڪئي آهي. شهناز جي گهوٽ عبدالرشيد جي ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن آهي.
    پروفيسر ڊاڪٽر محمود جي باقي ٽن ڀائرن مان ننڍي ڀاءَ عبدالفتاح B.E. سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿو، باقي وچ وارا ٻه ڀائر ڊاڪٽر عبدالله ۽ ڊاڪٽر غلام قادر ميڊيڪل جا ڊاڪٽر آهن. کين هڪ ڀيڻ ڪذبانو آهي، جيڪا پنهنجي وڏي ڀاءُ محمود ۽ والد صاحب (سائين عبداللطيف) وانگر درس و تدريس جو ڪم ڪري ٿي. M.A. ڪرڻ بعد هوءَ ٽيچر ٿي ۽ اڄڪلهه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول هالا جي هيڊ مسٽريس آهي.


    باب ٽيٽيهون

    ڦڪيون تڏهن فرق ڪن...

    ڪئالالمپور جي روڊن تي چڪر هڻندي اسان کي منجهند ٿي وئي. پنهنجي ميزبان علي سولنگي کي چيم ته يار ڪنهن به صورت ۾ ”شاهه عالم“ هل ته ڊاڪٽر شفي نظاماڻي سان پنجين کان اڳ، سندس يونيورسٽي ۾ هلي ملون ۽ اتان ئي موڪلايونس. ڇو جو اسان جو يار شفي بيحد پرخلوص انسان آهي ۽ پُرتڪلف پڻ. هن لاءِ ڪنهن مهمان جو گهر ۾ پنجن منٽن لاءِ اچڻ معنيٰ ماني ضرور کائڻي آهي. مون نٿي چاهيو ته کيس ماني جي تڪليف ڏجي، ان ڪري سندس آفيس ۾ شام جو پهچڻ معنيٰ ماني جو کٽراڳ نه ٿي سگهندو، فقط چانهه يا وڌ ۾ وڌ ڪو ڪوئيح. ڪوئيح ملئي لفظ آهي ڪيڪ، پيسٽري، سمبوسي يا ڪنهن ٻئي Snack لاءِ. پر اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب زوريءَ سڄي يونيورسٽي گهمائڻ بنا نه ڇڏيندو، چاهي هن کي اسان کڻي ڪيترو ئي چئون ته اسان جي ڏٺل آهي، پر هو پنهنجي ڪامينٽري ۽ Comments سان ضرور گهمائيندو ۽ پنهنجن پروفيسرن دوستن ۽ ان وقت موجود اهم شاگردن سان هو فرض سمجهي اسانکي ملائيندو. ان ڪري سندس گهر وڃڻ تي وقت بچي ويندو، بشرطيڪ هو اسان کي ماني نه کارائڻ تي راضي ٿي وڃي. منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق جپان کان ڪئالالمپور ايندو آهي ته هر دفعي ڊاڪٽر شفي وٽ ضرور ايندو آهي. پر ان پهرين دفعي ئي، پهچڻ سان ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته آئون ملائيشيا اچان ٿو ته جيئن ڪنهن ريسٽورنٽ تان ملئي کاڌو کائي سگهان ۽ نه ساڳيو سنڌي ٻوڙ ۽ ڀت کائڻ لاءِ. ان ڪري مهرباني ڪري توهان ڀاڄائيءَ کي رڌ پچاءَ جي تڪليف نه ڏيو.مون به اهو ئي سوچيو ته ائين چئي ڊاڪٽر شفيءَ کي ماني جي دعوت کان جهليندس. پر اسان جيئن ئي شاهه عالم جي حدن ۾ گهڙياسين ۽ ڊاڪٽر شفي کي فون ڪيوسين ته ڊاڪٽر صاحب شاهه عالم جي وڏي ۽ مشهور مسجد سلطان صلاح الدين عبدالعزيز مسجد جي مين گيٽ وٽ ترسڻ لاءِ چيو، جيڪا مسجد ”بلو مسجد“ به سڏجي ٿي. مون چيو ته الله اسان جي ٻڌي ورتي آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب اسان جي ڳالهه مڃي ورتي جو اسان جي چوڻ تي ته شهر جا ڪجهه ڪم آهن، ان ڪري گهڻو وقت نه ترسنداسين، رڳو تنهنجو ديدار ڪري ورنداسين، ڊاڪٽر اسان کي مسجد ۾ ئي ملي موڪلائڻ چاهي ٿو.
    وچين (عصر) نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. اسان اهو ئي سوچيو ته ڊاڪٽر صاحب يونيورسٽي بدران هيءَ مسجد ڏيکارڻ ۽ هتي نماز پڙهي اسان کان موڪلائڻ جو سوچيو آهي. عليءَ کي ٻڌايم ته هيءَ مسجد 1988ع ۾ اسان جي هتي هجڻ وارن ڏينهن ۾ ٺهي هئي ۽ هن کي بلو رنگ جي ٽائيلن ڪري بلو مسجد به سڏين ٿا. هن مسجد ٺهرائڻ جو ارادو ان وقت جي سلطان صلاح الدين تڏهن ڪيو، جڏهن هن 1974ع ۾ شاهه عالم شهر کي هن رياست سلينگور جي گادي جو شهر مقرر ڪيو. ان کان اڳ ۾ ڪئالالمپور هن رياست توڙي ملڪ جي گادي جو شهر هو. هن مسجد ٺهڻ تي ڇهه سال لڳا ۽ هن مسجد جو گنبذ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ واري مسجد طوبيٰ تان ڪاپي ٿيل آهي. منهنجا ملئي دوست جڏهن به ڪراچي ايندا آهن ته هو مسجد طوبيٰ ڏسڻ جي ضرور فرمائش ڪندا آهن. شاهه عالم جي هن مسجد جي گنبذ جو قطر (Diameter) 170 فٽ آهي ۽ اوچائي 350 فٽ آهي. هن مسجد جا چار منارا دنيا ۾ ٻئي نمبر تي اتاهان آهن، جن جي ڊيگهه 460 فٽ آهي. جن ڏينهن ۾ هيءَ مسجد ٺهي هئي هن مسجد جا منارا دنيا ۾ سڀ ۾ ڊگها منارا مڃيا ويا ٿي، جنهن بابت گنيس ورلڊ رڪارڊ بڪ ۾ ايندو رهيو ٿي. پر پوءِ موراڪو (مراقش) جي شهر ڪسب لنڪا ۾ مسجد الحسن الثاني ٺهڻ تي، ان جا منارا جيڪي 690 فٽ مٿاهان آهن، سڀ کان ڊگها منارا ٿيا ۽ اها مسجد مڪي جي مسجد الحرام ۽ مديني جي مسجد النبوي کان پوءِ پنجين نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک پنج هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.
    شاهه عالم جي هيءَ بلو مسجد (سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه مسجد) ۾ ويهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي. پهرين نمبر تي انڊونيشيا جي شهر جڪارتا جي ”مسجد استقلال“ آهي، جيڪا 1961ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 17 سالن بعد 1978ع ۾ مڪمل ٿي. هن مسجد ۾ هڪ لک ويهه هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا.
    عليءَ چيو ته جيسين ڊاڪٽر شفي اچي تيسين هلي مسجد گهمي اچون.
    ”نه. ڄاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پهتو،“ مون عليءَ کي خبردار ڪندي چيو، ”۽ هو مسجد ڏيکاري ته سٺو نه ته پوءِ ڪجهه گهمائڻ جي چڪر ۾ يونيورسٽي هلي گهمائيندو.“
    عليءَ کلندي چيو ”ڇا واقعي؟“
    ”بلڪل،“ مون عليءَ کي چيو، ”ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جو ضد هو ته هن ڀيري ڪئالالمپور ۾ ٻئي ڪنهن وٽ رهڻ بدران هن وٽ رهان ۽ هن ايتريقدر جو هن ٻئي ڏينهن مون لاءِ موڪل ڪري مون کي شاهه عالم ۽ ڪئالالمپور گهمائڻ ٿي چاهيو.“
    ”ڪمال آهي سائين جي دل جو.“ عليءَ چيو.
    ”آئون ڊاڪٽر شفي کي ننڍي هوندي کان سڃاڻان. هي بيحد پيارو انسان ۽ معصوم طبيعت جو آهي. هو هرهڪ جي سچي دل سان عزت ڪري ٿو ۽ نيڪ نيتي سان خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو.“
    ايتري ۾ ڊاڪٽر شفي جي ڪار اچي اسان جي ڪار ڀرسان بيٺي ۽ کيڪار کڙي بعد ڊاڪٽر صاحب چيو ته جماعت جو وقت ٿي رهيو آهي، وضو ڪري وٺو ته عصر نماز پڙهون، پوءِ هيءَ مسجد گهمون. نماز بعد مسجد جو هڪ هڪ حصو گهمندي مغرب نماز جي به ٻانگ اچي وئي ۽ اسان نماز پڙهي کانئس موڪلايو ته هٿ وڌائڻ بدران ڊاڪٽر جي چهري تي ڪاوڙ اچي وئي. ”ائين ڪو توهان کي ڇڏيندس ڇا؟ ماني کائي پوءِ وڃو.“
    ”ڊاڪٽر صاحب! اڃا ته ساڍا ڇهه ٿيا آهن ۽ چئين وڳي ته لنچ ڪري آيا آهيون.“ مون ايلاز منٿون ڪيون.
    ”نه سائين ائين ڪيئن ٿيندو. ماني تيار ٿي چڪي هوندي.“ ڊاڪٽر صاحب چيو، ”توهان جي فون اچڻ سان مون گهروارن کي ماني لاءِ چئي ڇڏيو.“
    بهرحال مسجد مان سڌو ڊاڪٽر شفي جي گهر آياسين. سندس گهرواري (اسان واري شوڪت نظاماڻي جي ڀيڻ) ۽ وڏي ڌيءَ صدف ڪچن ۾ ماني ٺاهڻ ۾ مشغول هيون ۽ ماني به ملئي ماڻهن وانگر ڀت ۽ ڀاڄي يا ڀت ۽ مڇي بدران ٽي ٽي ڊش هڪ طرف ته سلاد، ماني، ڀت ٻئي طرف، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ رواج هلندو اچي. سئيڊن جا ماڻهو اسان پاڪستانين تان کلندا آهن ته توهان جڏهن دعوت ڪريو ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڊش ڇو ٿا ٺاهيو؟ ۽ اها حقيقت آهي ته سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ- توڙي جپان جي ماڻهن اڳيان هڪ کان وڌيڪ ڊش رک ته منجهي پوندا ته ڇا کائجي. اهو ئي مونجهارو مون سان لاڳو آهي. ان ڪري عليءَ کان واعدا وچن وٺي پوءِ سندس گهر ۾ اچي رهيس ته مانيءَ ۾ فقط هڪ ڀاڄي يا ٻوڙ ڪجانءِ، جيڪو منجهند جو به کائينداسين ته رات جو به ۽ بچي پيو ته ٻئي ڏينهن به اهو کائينداسين. پر سائين ڊاڪٽر شفي عمر ۾ ننڍو هوندي به ان معاملي ۾ منهنجي ڪٿي ٿو ڳالهه ٻڌي. سندس سالو شوڪت نظاماڻي بيحد ياد اچي رهيو هو ته جيڪر هو هتي موجود هجي ها ته ڊاڪٽر صاحب کي ان حقيقت کان آگاهه ڪري سگهي ها ته آئون ڌورو ڀت ان ڪري شوق سان کائي رهيو آهيان جو آمليٽ بيضو ۽ ڌورو ڀت منهنجا دل پسند ڊش آهن. ان معاملي ۾ مون دبئي ۾ شوڪت نظاماڻي سان ۽ واشنگنٽن ۾ منور لغاري سان هڪ ئي گهر ۾ بيحد سٺو وقت گذاريو جو هنن مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو.
    بهرحال ڊاڪٽر شفي جي فليٽ تي ماني بعد به ٻه ڪلاڪ کن ويهي رهياسين جو هن پراڻيون ڳالهيون اسان واري مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر اقبال قاضي (جنهن سان گڏ هن ڪيترائي سال ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪيو) کان وٺي پوليس آفيسر اجمل ڪياني ۽ ٽنڊو قيصر جي مشهور ڪميونسٽ هستي قادر بخش نظاماڻي جون ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائيندو رهيو.
    ڊاڪٽر شفي محمد نظاماڻي جو واسطو حيدرآباد جي ڀرواري ڳوٺ ٽنڊو قيصر سان آهي، جيڪو انبن، زيتونن، صوفي ٻيرن ۽ شيدياڻين ڳائڻين کان مشهور آهي. پاڻ پهرين ڊسمبر 1954ع تي مرحوم رسول بخش نظاماڻي صاحب جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ٽنڊو قيصر جي ڊي سي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس 1972ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪالي موري مان ڪئي. 1979ع ۾ MBBS ڪئي. هو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين بئچ جو گريجوئيٽ آهي. ان بعد 1985ع ۾ پاڪستان جي ڪاليج آف فزيشن ائنڊ سرجن مان Forensic Medicine ۾ M.C.P.S ڪئي ۽ ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڊاڪٽر شفي محمد ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ پيپلس ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ۾ Forensic ميڊيسن جو پروفيسر رهيو. هو 30 اپريل 2007ع کان شاهه عالم ۾ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا ۾ پروفيسر آهي.
    ڊاڪٽر شفي جي 1986ع ۾ شادي ٿي. کيس ٻه ڌيئون صدف ۽ فائزه ۽ ٻه پٽ محمد احمد ۽ حماد رسول آهن، جيڪي هتي ملائيشيا ۾ ئي پڙهي رهيا آهن. صدف هتي جي يونيورسٽي UITM مان هن سال BBA ڪئي آهي ۽ فائزه SPM ڪيو آهي، جيڪو اسان جي مئٽرڪ برابر آهي. ان بعد جيڪو انٽر جو امتحان ڏنو وڃي ٿو، ان کي ملئي زبان ۾ STPM سڏجي ٿو. محمد ڪلاس ٽو ۾ آهي ۽ حماد ٽن سالن جو آهي.
    ”پنهنجي ٻارن بابت توسان هڪ ڳالهه Share ڪرڻ چاهيان ٿو،“ ڊاڪٽر شفيءَ چيو، ”مون کي ٻن ڌيئن بعد 14 سال ٻار نه ٿيو. منهنجي زال ڪيترين ئي ماهر ڊاڪٽرياڻين کان علاج ڪرايو، پر ڪجهه فائدو نه ٿيو. هوءَ ڊائبيٽڪ به آهي. هڪ ڏينهن مون کي منهنجي دوست ڊاڪٽر حفيظ الحق حج ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اسان کي زوريءَ حج تي وٺي ويو. مون اتي پڪي ايمان سان ڌڻيءَ در ٻاڏايو. توهان يقين نه ڪندائو پر آئون اهو چوندس ته رب پاڪ طرفان اسان کي ائين ته مدد ملي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن انسان اعتبار ئي نٿو ڪري ۽ آئون اهو ئي چوندس ته بقول شاهه لطيف جي ’ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ڪرين ان کي.‘ حج کان پوري هڪ سال بعد مون کي محمد احمد ڄائو ۽ پوءِ ٻه سال رکي ٻيو پٽ حماد رسول هن دنيا ۾ آيو.


    باب چوٽيهون

    ملائيشيا جو ”نواب شاهه“- ”شاهه عالم“

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان شاهه عالم ۾ ملڻ جو احوال ڪيو. شاهه عالم جو ٻڌي اسان جا ڪيترا ماڻهو منجهي پوندا آهن. هو ان کي شهر جو نه پر ماڻهوءَ جو نالو سمجهندا آهن، جيئن منهنجا ڪيترا پشاور جا دوست نواب شاهه جو لفظ ٻڌي سمجهندا آهن ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني جيڪي شاهه عالم ۾ رهن ٿا، اهي پنهنجي وطن ۾ اهو ئي ٻڌائيندا آهن ته هو ملائيشيا ۾ ڪئالالمپور ۾ رهن ٿا. دراصل هي ٻئي شهر هڪ ٻئي جي ائين ويجهو آهن، بلڪ مليا پيا آهن، جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد يا جيئن روهڙي ۽ سکر، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد. ڌارين ملڪن جا ماڻهو شاهه عالم شهر کان ايترو واقف نه آهن جيترو ڪئالالمپور کان. هتي مختصر طور ملائيشيا جي هن اهم شهر ”شاهه عالم“ بابت لکان ٿو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ اسان جا ڪيترائي ماڻهو، بلڪ سڀ کان گهڻا، شاهه عالم ۾ رهن ٿا. ان بعد ٻئي نمبر تي ڪئالالمپور ۽ جوهور بارو شهر آهن.
    ڪئالالمپور ائين آهي، جيئن اسان وٽ اسلام آباد آهي ۽ جيئن اسلام آباد جاگرافيائي طور پنجاب صوبي ۾ هجڻ جي باوجود سياسي ۽ انتظامي طرح ڪنهن به صوبي سان گڏ ناهي بلڪ ”فيڊرل ڪئپيٽل“ آهي، تيئن ڪئالالمپور سلينگور رياست جي وچ ۾ هجڻ جي باوجود هن کان الڳ آهي ۽ هن تي ملائيشيا جي سڀني رياستن جو حق آهي، ان ۾ ملڪ جا فيڊرل وزير، وزيراعظم، اعليٰ ڪورٽن جا جج، اعليٰ فوجي عملدار ۽ انهن جون آفيسون آهن. ملڪ جي بادشاهه جو محل به ڪئالالمپور ۾ آهي. ياد رهي ته ملائيشيا ملڪ ائين ٻن حصن ۾ آهي، جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان هو. ملائيشيا جو پاڪستان وانگر هڪ حصو ويسٽ ملائيشيا سڏجي ٿو، جيڪو اسان کي ويجهو آهي ۽ اسان جي اوڀر ۾ انڊيا، ان بعد بنگلاديش، برما ۽ ٿائلينڊ جي ڀرسان آهي. ٿائلينڊ جي ڏکڻ واري ڇيڙي کان هي ويسٽ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو ته سنگاپور ٻيٽ سان وڃيو لڳي. ان بعد ڏکڻ چيني سمنڊ آهي جو اڳيان پئسفڪ وڏي سمنڊ سان وڃيو لڳي. جتان پئسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو، اتي فلپين جا ننڍا وڏا هزارين ٻيٽ آهن ۽ اتي ئي انڊونيشيا جو بورنيو نالي هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هن ٻيٽ جي اتر ۾ ٽي رياستيون آهن، جن مان ٻه وڏيون صباح ۽ سراوڪ ٻئي ملي مشرقي ملائيشيا سڏائين ٿيون ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي رياست ”برونائي“، 1984ع کان هڪ خودمختيار ملڪ آهي. ويسٽ ملائيشيا، ايسٽ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا سماترا کان بالي تائين) هڪڙي ئي زبان ملئي ڳالهائي وڃي ٿي، پر ملائيشيا جا ماڻهو ان کي بهاسا ملائيشيا يعني ملائيشيا جي زبان (ڀاشا) سڏين ٿا ته انڊونيشيا وارا ان کي ”بهاسا انڊونيشيا“ سڏين ٿا. ڪٿي ڪٿي ڪجهه لفظن جي ٽون ۽ اچار ۾ فرق ضرور آهي، جيئن حيدرآباد پاسي جا ماڻهو کٽون يا ٽنگون چوندا ته شڪارپور پاسي جا کٽان ۽ ٽنگان چوندا. اسان ڇانهين ۽ آچار چونداسين ته ادل سومري ۽ اياز گل وارا ان کي هنداڻو ۽ سانڌاڻو سڏيندا.
    سڄي ملائيشيا ۾ڪل 13 رياستون آهن، جيئن اسان وٽ چار صوبا آهن. انهن 13 رياستن مان 9 ۾ سلطان آهن، جيڪي اڄ به پنهنجي پنهنجي رياست جا ”ابا امان“ آهن. باقي چئن رياستن صباح، سراوڪ ۽ ويسٽ ملائيشيا ۾ پينانگ ۽ ملاڪا جو وڏو ”گورنر“ مقرر ڪيو وڃي ٿو. اهي چار رياستون شروع کان انگريزن حوالي هيون. ڪو زمانو هو جو هر هڪ رياست هڪ الڳ الڳ ملڪ وانگر هئي، جنهن تي ڪنهن نه ڪنهن سلطان جو راڄ هو. پوءِ يورپ جون قومون آيون، جن مڪاني سلطانن کي ويڙهائي يا چَٺ ۽ لٺ ڏيکاري سنئون سڌو يا اڻ سڌي طرح حڪومت ڪئي. هن پاسي ڊچ، پورچو گالي ۽ ان بعد آخر ۾ انگريز آيا.
    ملائيشيا جي تاريخي، ۽ ماضي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکڻ واري رياست، ملاڪا تي به پهرين ڊچن جو، ان بعد پورچو گالين جو ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ رهيو. آخر ۾ انگريزن ڊچن کي ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي اڄ واري ملائيشيا پنهنجي حوالي ڪئي ۽ جنهن کي پاڻ انڊونيشيا سڏيون ٿا، ان جا ٻيٽ: جاوا، سماترا، بورنيو، بالي وغيره ڊچن حوالي ڪيا. انهن ڏينهن ۾ جيئن سنڌ الڳ هڪ ملڪ سمجهيو ويندو هو، تيئن جاوا، سماترا، ملاڪا، پيراق ۽ سلينگور وغيره الڳ ملڪ سمجهيا ويا ٿي. ان ڪري ته شاهه لطيف به پنهنجن شعرن ۾ انڊونيشيا يا يمن بدران جاوا ۽ عدن جو ذڪر ڪيو آهي. جيئن اڄ کان سؤ سال اڳ ”سعودي عرب“ ڪنهن نه ٻڌو هو. مڪي ۽ مديني واري علائقي کي حجاز سڏبو هو.
    بهرحال اڄ واري ملائيشيا جون پيراق، سلينگور، پهانگ جهڙيون رياستون انگريز حڪومت جي هٿ چڙهي ويون. هنن نموني بازي ڪري سلطانن کي ئي وڏو ڪري رکيو، پر هلائي پنهنجي ٿي. انگريزن هر رياست ۾ پنهنجو برٽش ريزيڊنٽ رکيو هو ۽ هڪ عدد انگريز ايڊوائيزر هر سلطان کي ڏنو هو. انگريزن کي جيئن ٿي وڻيو، تيئن هنن عملدارن ذريعي سلطان کي چاٻي ڏئي پنهنجا ڪم ٿي ڪڍيا. پر پوءِ آهستي آهستي مڪاني ماڻهن ۽ سلطانن ۾ سجاڳي ۽ سياسي شعور اچڻ تي هنن پنهنجن رياستن کي گڏي هڪ فيڊريشن ٺاهي. هنن سڀني جي زبان ته ساڳي ”ملئي“ هئي سو هن فيڊريشن جو نالو رکيائون Federation of Malaya. اڳتي هلي هنن رياستن کي هڪ نالي ”ملايا“ سان سڏيو ويو. 1957ع ۾ انگريزن هن ملڪ کي خودمختياري ڏني ۽ پوءِ ڇهن سالن بعد 1963ع ۾ سباح ۽ سراواڪ به مَلايا سان ملايا ويا ۽ هي ملڪ مَلايا بدران ”ملائيشيا“ سڏجڻ لڳو.
    جڏهن هنن رياستن پاڻ ۾ ملي ”ملايا“ ٺاهيو ته ملايا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور مقرر ڪيو ويو، جيڪو سلينگور رياست جي به گاديءَ جو هنڌ هو. قلعي (Tin) ڌاتو جي کاڻين ۽ بندرگاهه جي ڪري ڪئالالمپور امير ترين ۽ سهوليتن وارو شهر هو. بهرحال 1963ع تي به ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ڪئالالمپور رهيو. جيئن پاڪستان جو ڪراچي هلندو رهيو. بعد ۾ ايوب خان پنجاب صوبي جي ڪجهه زمين کڻي اتي سڄي پاڪستان جي لاءِ گاديءَ جو شهر اسلام آباد ٺاهيو ۽ ڪراچي فقط صوبي سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهڻ ڏنو ويو. هتي ملائيشيا ۾ به اهو سوچيو ويو ته جيئن ته سلينگور رياست ۽ سڄي ملڪ (ملائيشيا) جي گاديءَ جو ساڳيو شهر ڪئالالمپور آهي، ان ڪري رياست يا ملڪ لاءِ ڌار گادي جو شهر هجڻ کپي. آخر اهو فيصلو ٿيو ته سلينگور رياست جو مالڪ يعني ”سلطان“ ڪئالالمپور شهر جي قرباني ڏئي ته اهو سڀني رياستن جي وچ جي ملڪيت ٿئي ۽ پاڻ پنهنجي رياست جو ڪو ٻيو گادي جو شهر ٺاهي. چون ٿا ته ڪئالالمپور ڇڏڻ جو سلينگور رياست جي سلطان کي ڏک ضرور ٿيو. 1974ع ۾ هن پنهنجي رياست جي گاديءَ جو شهر ”شاهه عالم“ ڪيو، جيڪو ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ ڪيترا ڌاريان ماڻهو جيتوڻيڪ شاهه عالم شهر جي حدن ۾ رهن ٿا يا اتي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، پر هو سمجهن ٿا ته هو ڪئالالمپور ۾ رهيا پيا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪئالالمپور وارو بين الاقوامي اڏو ڪئالالمپور کان وڌيڪ شاهه عالم کي ويجهو آهي. ڪئالالمپور اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شفيع مون کي ڪراچي فون ڪري چيو ته آئون چاهيان ته هو ايئرپورٽ تان اچي مون کي کڻي. مون سندس مهرباني مڃي چيومانس:
    ”آئون اتان بس يا ٽرين ۾ ڪئالالمپور هليو ويندس، تون اجايو شاهه عالم کان هيڏو پنڌ ڪري ڇو ٿو اچين.“
    ”يار ڪمال آهي K.L جو هوائي اڏو اسان کان آهي ئي ڪيترو پري؟“ ڊاڪٽر شفيع چيو. ”اهو ائين آهي، جيئن اسلام آباد جو هوائي اڏو راولپنڊي کي ويجهو آهي.“
    ڪئالالمپور (فيڊرل ڪئپٽل) هڪ ننڍڙو علائقو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ڪيترا ماڻهو ڪوهه مري کي اسلام آباد جو حصو سمجهندا آهن، تيئن ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ باتو غارون، گينتنگ هاءِ لئنڊ ۽ اسلامڪ يونيورسٽي جهڙيون شيون ڪئالالمپور ۾ سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ اهي سلينگور رياست ۾ آهن، جيئن ڪوهه مري اسلام آباد (فيڊرل ڪئپيٽل) جو حصو هجڻ بدران پنجاب صوبي جو حصو آهي.


    سلينگور رياست ملاڪا رياست وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جيڪو سمنڊ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) سڏجي ٿو. سلينگور رياست جي اتر ۾ پيراق رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”اپوح“ آهي. اوڀر ۾ پهانگ نالي رياست آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”ڪئانتان“ Kuantan آهي. ان نالي سان ملندڙ هڪ رياست ڏکڻ چيني سمنڊ پاسي آهي، جنهن جو نالو ”ڪيلنتان“ Kelantan آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو ڪئانتان ۽ ڪيلنتان ۾ ڀلبا آهن. بهرحال سلينگور رياست جي ڏکڻ ۾ جيڪا رياست آهي، ان جو نالو ”نينگري سيمبيلان“ آهي. ملئي زبان ۾ ”نينگري“ (Negri) معنيٰ ”رياست“ آهي ۽ ”سيمبيلان“ معنيٰ نون (9) جو انگ. هن رياست جي گاديءَ جو شهر ”سريمبان“ آهي. باقي اولهه بابت لکي چڪو آهيان ته سلينگور رياست جي اولهه ۾ ڳچي سمنڊ (Strait) آهي. جاگرافيائي زبان ۾ ”ڳچي سمنڊ“ سمنڊ جي ان سنهي پٽيءَ کي سڏجي ٿو، جيڪا ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي. هي ڳچي سمنڊ جيڪو "Malacca Strait" سڏجي ٿو، هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿو.
    مٿي لکي آيو آهيان ته ڪئالالمپور (ملائيشيا جو فيڊرل ڪئپيٽل) تمام ننڍو آهي. ملائيشيا جي تڪڙي ترقي سبب ڪئالالمپور هيڪاندو ڳتيل بڻجي ويو. هڪ دفعو وري سلينگور جي سلطان قرباني ڏني ۽ پنهنجي رياست مان ڪافي زمين جو حصو فيڊرل گورنمينٽ حوالي ڪيو، جتي 2001ع ۾ ڪئالالمپور جون ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون، وزيرن ۽ وزيراعظم جي آفيس ۽ ڪجهه ڪورٽون شفٽ ڪيون ويون ۽ هن شهر جو نالو ”پترا جايا“ رکيو ويو. آفيسن جو هي شهر Putra Jaya ايڏو ته سهڻو ٺاهيو ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
    هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن نواب شاهه شهر جو نالو ”نواب شاهه“ ماڻهوءَ تان پيو تيئن ملائيشيا جي شهر ”شاهه عالم“ جو نالو سلينگور رياست جي ان وقت جي سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه (جنهن جي نالي شاهه عالم شهر جي بلو گنبذ واري مسجد آهي) پنهنجي والد سلطان شاهه عالم تان رکيو.
    شاهه عالم شهر پڻ ڪئالالمپور وانگر بيحد ماڊرن ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا سپر مال ۽ مارڪيٽون آهن. هتي جي ڪار ”پروٽان“ جو ڪارخانو به شاهه عالم ۾ آهي. ان کان علاوه يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا جهڙيون يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي تعليمي ادارا شاهه عالم ۾ آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڪجهه سال اڳ ڪراچي جي سيونٿ ڊي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جا والدين مون وٽ آيا ته هنن کي جتي اها خوشي ٿي آهي ته هنن جي ڌيءَ کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي آهي، اتي هنن کي اهو افسوس آهي ته هن کي ڪئالالمپور شهر ۾ نوڪري نه ملي سگهي، جنهن لاءِ اسان انٽرويو وٺندڙن کي بار بار عرض ڪيو هو ته هو کيس ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي رکڻ بدران ڪئالالمپور يا ان جي آسپاس ۾ رکن. مون کين ٻڌايو ته هو دلجاءِ ڪن شاهه عالم سمجهو ته ڪئالالمپور ئي آهي. سو پڙهندڙ هاڻي سمجهي ويا هوندا ته شاهه عالم ۽ ڪئالالمپور جي ڇا جاگرافيائي پوزيشن آهي. ٻئي شهر هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن، ايتريقدر جو هڪ عام ماڻهوءَ کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ڪٿي ڪئالالمپور جون حدون ختم ٿيون ۽ ڪٿان کان شاهه عالم جون شروع ٿيون. البت هاءِ وي تي هڪ هنڌ وڏو دروازو ٺهيل آهي، جنهن تي ”دارالاحسان“ لکيل آهي، يعني اتان کان سلينگور رياست شروع ٿئي ٿي. سلينگور رياست کي دارالاحسان به سڏين ٿا، جيئن سنڌ کي ”باب الاسلام“ چون ٿا.
    اڄڪلهه سلينگور رياست جو سلطان شرف الدين آهي، جيڪو سلطان ادريس شاهه به سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ جڏهن مون ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪئي ٿي يا ان کان اڳ ستر واري ڏهي ۾ جڏهن مون هن علائقي ۾ جهاز هلايا ٿي، انهن ڏينهن ۾ سلينگور جو سلطان اڄ جي سلطان ادريس شاهه جو پيءُ ”سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه“ هو، جنهن جي نالي شاهه عالم واري مسجد پڻ آهي. منهنجي ساڻن ٻه دفعا ملاقات هن مسجد ۾ جمعي نماز تي ٿي. اڄ به هيڏي سيڪيورٽي جي باوجود اڄ جو موجوده سلطان ”ادريس شاهه“ هن مسجد ۾ جمعي ۽ عيد نماز تي اچي ٿو ۽ عام ماڻهن سان ملي ٿو. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻيءَ ٻڌايو ته هو پڻ هن مسجد ۾ ساڻن ڪيترائي دفعا ملي چڪو آهي.
    سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1926ع ۾ ڄائو ۽ سلينگور جو اٺون سلطان هو. پاڻ ملائيشيا جو بادشاهه به ٿيو ۽ يارهون نمبر بادشاهه هو. اڄڪلهه ملائيشيا جو تيرهون بادشاهه پنهنجي بادشاهت جو مدو پورو ڪرڻ وارو آهي. سلطان صلاح الدين ڀائرن ڀينرن ۾ وڏو هو. بنيادي تعليم ڪلانگ واري ”پينگڪلان باتو ملئي اسڪول“ ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان حاصل ڪرڻ بعد هن اعليٰ تعليم يونيورسٽي آف لنڊن جي ”اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان حاصل ڪئي. انگلنڊ کان واپسي تي هن ڪيتريون ئي سرڪاري نوڪريون ڪيون. هو 8 سال کن انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿي رهيو ۽ ان کان اڳ سلينگور سروي ڊپارٽمينٽ ۾ به ڪم ڪيو. 1952ع ۾ مليٽري جي ٽريننگ حاصل ڪري انگريز فوج ۾ ڪئپٽن ٿيو، جنهن بعد هن جي ميجر رئنڪ ۾ ترقي ٿي. هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان، جيئن منهنجي پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ وانگر پيري مريدي يا وڏيرڪو سسٽم ضرور هو ۽ آهي، پر ڀوتار وڏيرا نه فقط عام ماڻهن ۾ تعليم پکيڙيندا رهن ٿا، پر پنهنجي ٻارن کي به اعليٰ کان اعليٰ تعليم ڏئي مهذب پڻ بنائين ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به پير، مير، وڏيري، سردار ۽ ڀوتار جو اولاد صحيح طرح تعليم حاصل نٿو ڪري، جنهن جو مثال اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته اسان جا ڪيترائي چونڊيل نمائندا اخلاقي طرح ڪمزور آهن. هو نه فقط اڻ پڙهيل آهن پر ڪوڙ ڳالهائي قوم سان دوکو ڪن ٿا ته هنن وٽ يونيورسٽين جي ڊگري آهي ۽ اسان جي، خاص ڪري سنڌ جي وڏيري ۽ پير، مير، سردار جو اولاد ته ايڏو عياش آهي جو هو فوج ۾ وڃڻ کان ڀڄي ٿو جو اتي جي زندگي سخت آهي، جيڪا ملائيشيا جي سلطانن، وڏيرن، بادشاهن جا ٻار خوشي سان قبول ڪن ٿا. ويندي راڻي ايلز بيٿ پنهنجي پٽ کي فوج ۾ موڪليو، جتي هن هڪ عام ڪئڊٽ وانگر ٽريننگ حاصل ڪئي. پر اهو آهي ته ملائيشيا جا ملئي مسلمان مرد چاهي سلطان ۽ بادشاهه هجن يا عام ماڻهو، شادين جا شوقين آهن ۽ جيڪو پاڻ ۾ جيتري همٿ ساري ٿو ته ٻي يا ٽين به شادي ڪري ٿو، پر بقول اسان جي ملئي دوست ابراهيم بن معروف جي هو زنا ڪرڻ يا ٻئي جي زالن ۾ اک وجهڻ بدران هڪ اخلاقي ۽ قانوني ڪم ڪن ٿا ۽ زال ۽ ٻارن جي جوابداري کڻن ٿا. اهو آهي ته هتي جي وڏيري سلطان يا مير پير جو اولاد پيءُ جي مرڻ بعد ملڪيت پويان وڙهي جڙهي نٿو ۽ نه وري هنن وڏن ماڻهن جو اولاد نشئي ۽ چور ڌاڙيل ٿئي ٿو، جيئن اسان وٽ عام آهي. اهو ان ڪري جو ملائيشيا ۾ اخلاقي توڙي انگريزي تعليم عام آهي ۽ سلطانن، بادشاهن، وڏيرن جا پٽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ٿي پنهنجن ڳوٺن ۾ پنهنجا ڪارخانا، اسپتالون ۽ آفيسون هلائين ٿا، جن مان هنن جي ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي جو هنن کي پيءُ جي ڇڏيل ملڪيت جو سهارو ته وٺڻو نٿو پوي بلڪ پنهنجي ڪمائي ۽ بزنيس مان ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ به روزگار مهيا ڪن ٿا.
    سلطان صلاح الدين عبدالعزيز گهٽ ۾ گهٽ چار شايون ڪيون، پهرين زال ”نور“ جيڪا شاهي خاندان جي هئي ۽ سندس سوٽ ٿئي، جنهن کي هن بعد ۾ طلاق ڏئي ڇڏي، ڇهه ٻار ٿيا. هن مان وڏو پٽ سلطان شريف الدين ادريس شاهه اڄ ڪلهه سلينگور رياست جو سلطان آهي. سندس ٻي زال ”چي ماهيرم“ مان هڪ ٻار ۽ ٽي زال ”رحيمان“ مان ٻه ٻار ٿيا، جيڪا 1993ع ۾ گذاري وئي. ان بعد هن مرحوم سلطان نه فقط پيريءَ ۾ (1990ع ۾) 64 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، پر پاڻ کان بيحد ننڍي عمر جي هڪ خوبصورت ۽ رعيت مان (Commoner) سان شادي ڪئي. هونءَ ملائيشيا جا سلطان شاهي خاندان مان ئي شادي ڪن ٿا، پوءِ سندن ڪا سوٽ ماسات ناهي ته ٻي رياست جي سلطان جي ڌيءَ يا ڀائٽي ڀاڻيجي سان شادي ڪن ٿا، پر ”سيتي عائشه“ هڪ عام ڇوڪري هئي، جنهن سان سلينگور جي هن سلطان شادي ڪئي. ان وقت عائشه جي عمر 19 سال هئي، يعني سلطان کان 45 سال ننڍي هئي. پورن نون سالن بعد 1999ع ۾ سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه جو سڄي ملڪ (ملائيشيا) جو بادشاهه (Yang di Partuan Agong) ٿيڻ جو وارو آيو. ملئي زبان ۾ ملائيشيا جي بادشاهه کي ”ينگ دي پرتئان اگونگ“ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي تخت تي جيڪي بادشاهه ويٺا آهن انهن ۾ هي پوڙهو چيو وڃي ٿو جو هن جي ان وقت 1999ع ۾ 73 سال عمر هئي ۽ عائشه ننڍي ۾ ننڍي راڻي چئي وڃي ٿي جو هن جي ان وقت 29 سال کن عمر هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته جيئن انگريزيءَ ۾ هر رايل هائينيس يا ايڪسيلنسي فرسٽ ليڊي سڏيو وڃي ٿو تيئن عائشه جي راڻي ٿيڻ تي هوءَ هِن خطاب سان سڏجڻ لڳي:
    ”دُلِي ينگ مها مُوليا پادُوڪا باگندا راجا پرميشري اگونگ تئانڪو سيتي عائشه بنت عبدالرحمان“. هونءَ فقط راڻي لفظ لاءِ ملئي لفظ ”راجا پرميشوري اگونگ“ آهي. ملئي زبان ۾ راجا لفظ مذڪر توڙي مؤنث لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ راني مذڪر آهي. (اسان جي نيول اڪيڊمي جي هڪ ملئي دوست جو نالو ڪمانڊر راني هو.)
    سيتي عائشه نومبر 1971ع ۾ ڪئالالمپور ۾ ڄائي ۽ اتي ئي وڏي ٿي. بنيادي تعليم هن جالان گرني واري پرائمري اسڪول مان ورتي، ان بعد هن ”يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا“ جي ڪيلنتان رياست واري برانچ مان بئنڪنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ يونيورسٽي ڪيلنتان رياست جي گادي واري شهر ڪوٽا بارو ۾ آهي.
    سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه 11 سيپٽمبر 1999ع تي ملائيشيا جي تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جو پنجن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ 21 نومبر 2001ع تي گذاري ويو. سندس سيتي عائشه سان شادي وقت هيءَ شادي دنيا جي ميڊيا ۾ پاپولر ٽاپڪ رهيو ۽ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبار هڪ پوڙهي بادشاهه جو ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ سان گڏ فوٽو ۽ ان سان گڏ خبرون ڏئي خوب سنسني پکيڙي. ان بعد 2006ع سال جي نيو ييئر ڊي تي سابقه راڻي سيتي عائشه هڪ دفعو وري ميڊيا جو هاٽ ٽاپڪ رهي، جڏهن هن ملائيشيا جي هڪ انگريزي اخبار The Star کي ڏنل تفصيلي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته مڙس جي وفات بعد هوءَ ڪو چاهيندڙ ڳولي رهي آهي، جنهن سان هوءَ شادي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ هن کي پنهنجي والدين جي صلاح مشوري ۽ دعائن جي ضرورت آهي. هن وقت هوءَ چاليهه سالن جي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ اهو پيو اچي ته هوءَ شادي ڪري چڪي آهي. بهرحال هُن کي هن وقت به Yang Amat Mulia (هر رايل هاءِ نيس) چئي مخاطب ڪيو وڃي ٿو ۽هوءَ Uitm Alumni سلينگور وومين ايسوسيئيشن، سلينگور گرل گائيڊس ۽ جنتنگ هاتي ڪُو سوسائٽي جي سرپرست آهي.
    سيتي عائشه جي مڙس يعني سابق بادشاهه سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه نالي سندس رياست سلينگور ۾ توهان کي ڪيترائي رستا ۽ عمارتون نظر اينديون. شاهه عالم جي مسجد کان علاوه سبانگ وارو هوائي اڏو، جيڪو ڪئالالمپور واري هوائي اڏي کان اڳ بين الاقوامي هوائي اڏو هو، ان جو هاڻ نئون نالو ”سلطان عبدالعزيز ايئرپورٽ“ آهي. سلينگور رياست جي سيڪريٽريٽ بلڊنگ جو نالو به ”سلطان صلاح الدين عبدالعزيز بلڊنگ“ آهي، جيئن سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي واري بلڊنگ جو نالو ”تغلق هائوس“ آهي. شاهه عالم جي گولف ڪلب جو نالو پڻ ”سلطان عبدالعزيز شاهه گولف ڪلب“ آهي.
    ڪئالالمپور يا شاهه عالم ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي هر رياست ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪئالالمپور ۽ پترا جايا _ ٻئي شهر سلينگور رياست جي بلڪل وچ ۾ آهن ۽ پر انهن جو هاڻ سلينگور رياست سان واسطو ناهي جو اهي فيڊرل شهر سڏجن ٿا. باقي بچيل سلينگور رياست نَوَ کن ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪئالالمپور جي اتر ۾ گومباڪ ضلعو آهي، جنهن ۾ باتو غارون آهن. اولهه ۾ پتالنگ ۽ ڪلانگ ضلعا آهن. شاهه عالم شهر پتالنگ ضلعي ۾ آهي (جيئن ميرپورخاص شهر ”ٿرپارڪر ضلعي“ ۾ آهي) ۽ ڪلانگ ضلعي ۾ بندرگاهه ’پورٽ ڪلانگ‘ آهي، جنهن کي اسان ڪئالالمپور جو بندرگاهه سڏيون ٿا، پر اهو دراصل سلينگور رياست ۾ آهي ۽ شاهه عالم شهر جو بندرگاهه سڏجڻ کپي. ڪئالالمپور جي اوڀر ۾ هولو لنگات ضلعو آهي ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ سيپانگ ۽ ڪئالا لنگات ضلعا آهن. پترا جايا سيپانگ ضلعي ۾ آهي. انهن ضلعن کان علاوه باقي ٽي ضلعا ڪئالا سلينگور، هُولو سلينگور ۽ ساباڪ برنام آهن. بهرحال پاڪستان ۾ ويٺي ويٺي توهان کي انهن نالن وارن شهرن ۾ نوڪري، پرهئي يا پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوي ته سمجهجو ته ڪئالالمپور کي بلڪل ويجها آهيو. هونءَ سلينگور رياست جو وڏو شهر شاهه عالم آهي، پر آدمشماري جي لحاظ کان سبانگ جايا، ڪلانگ ۽ ائمپنگ جايا اڃا به وڏا شهر آهن. پتالنگ جايا، چيراس، ڪاجانگ، روانگ ۽ سيلا يانگ بارو به سلينگور رياست جا شهر آهن.


    باب پنجٽيهون

    ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ

    هتي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ يا هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن مان ڪجهه، مون سان Email ذريعي منهنجي ائڊريس (altafshaikh2005@gmail.com) تي يا پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته عبرت يا امت اخبار جي آفيس مان منهنجو ٽيليفون نمبر (9241666-0300) وٺي، مون سان صلاح مشور ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ تائين ته اسان جا ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر، خاص ڪري نوڪري ڪندڙ عورتون، ملائيشيا ۾ مونجهارو محسوس ڪري يڪدم موٽي آيون ٿي. بهرحال نوڪري لاءِ ملائيشيا ڏي روانو ٿيندڙ مون سان صلاح مشورو ڪندو آهي ته آئون هن کي اهو ئي چوندو آهيان ته ملائيشيا عرب ملڪن توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. توهان کي اتي جي نوڪري ملي وڃي ٿي ته اها ضايع نه ڪريو. دل لڳائي نوڪري ڪريو جو بيروزگاري جو زمانو آهي ۽ بيروزگاري نه فقط اسان جي ملڪ ۾ آهي، پر سڄي دنيا ۾ آهي. اهڙي صورت ۾ توهان کي جي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ نوڪري ملي وئي آهي ته اها توهان جي خوشنصيبي آهي جو ملائيشيا موسم توڙي کاڌي پيتي جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي، جتي توهان ۽ توهان جا ٻار ٻچا سڪون ۽ سهوليت سان رهي سگهن ٿا. کين آئون اهو به چوندو آهيان ته توهان کي فئملي رکڻ جي اجازت ڏين ٿا ته يڪدم فئملي سان ڌارئين ملڪ ۾ نه وڃو. پهرين توهان اڪيلا اتي پهچو، جيئن رهائش ۽ ٻين ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه ملڪ جو ماحول ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقف ٿي سگهو ۽ ٿورو گهڻو ان ملڪ جي ٻوليءَ جا ضروري لفظ ۽ جملا به سکي وٺو، ان بعد مهيني يا ٻن بعد پنهنجي فئمليءَ کي گهرايو.
    هڪ ٻي ڳالهه. ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڪجهه ڏينهن پنهنجو ملڪ ۽ پنهنجو گهر سخت ياد اچي ٿو، ڇو جو هر انسان پنهنجي گهر جي سک ۽ ماحول جو عادي رهي ٿو. ڌارئين ملڪ ۾ ڪيتريون ڳالهيون، ٿي سگهي ٿو گهر کان بهتر هجن پر ان هوندي به هڪ ٻه ڳالهيون ساري واپس وڃڻ تي دل چوي ٿي. ڪن کي ڪچهري ياد ايندي، ڪن کي پينگهي ۾ لڏڻ (خاص ڪري منهنجي ڳوٺ هالا جي ماڻهن کي، جتي گهر گهر ۾ پينگهو آهي)، ڪن کي دود پتي چانهه وغيره. جپان ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جتي انگريزن جو ڪلچر گهٽ رهيو آهي، اتي اها انگريزي اسٽائيل واري چانهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به آهي، بدران گرين ٽي يا ڪافي عام آهي. جيسين ان چانهه جو بندوبست ٿئي آئون هميشه سخت اٻاڻڪو ٿي ويندو آهيان. سو پرديس ۾ ڪي ڪي شيون سخت نوستلجيا پيدا ڪن ٿيون. (نوستلجيا، جنهن لاءِ ملئي لفظ Rindu ته آهي، پر اڙدو يا سنڌي ۾ معلوم ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري انگريزي جو لفظ Nostalgia ئي استعمال ڪيو اٿم) ڳوٺ يا گهر جي ڪجهه شين لاءِ اها سڪ يا شدت سان محسوس ٿيندڙ کوٽ، پرديس ۾ آيل همراهه کي سخت مونجهاري، مايوسي ۽ ڊپريشن ۾ وجهيو ڇڏي ۽ ڪيترا ان جي سَٽ نه جهلي، واپس روانا ٿيو وڃن.
    نوڪري ملڻ تي اسانجا همراهه گهر ڇڏي ولايت وڃڻ لاءِ خوش هوندا آهن. دوستن يارن کان پيا موڪلائيندا ۽ انهن طرفان ڏنل فيئرويل دعوتون کائيندا، وڏي شان سان سامان جي پئڪنگ پيا ڪندا ۽ پوءِ پرديس روانا ٿيندا. هفتي ٻن کان پوءِ سندن خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن سندن گهر فون ڪبو ته معلوم ٿيندو ته همراهه موٽي آيو! ڇو موٽي آيو؟ جواب ملندو: مزو نه آيس، ڪم ڏکيو هو، رهائش جو سٺو بندوبست نه هو.... يا ڪو ٻيو سبب. پر منهنجي تجربي ۾ اهو آهي ته هن کي اها اوائلي ڊپريشن ٿي آهي، جيڪا پرديس ۾ شروع وارا ڏينهن هر هڪ کي ٿئي ٿي. ان تي ڪو ڪنٽرول ڪري وڃي ته باقي ٻيون ڳالهيون يا مسئلا آهستي آهستي ٿي حل ٿيو وڃن يا برداشت ڪريو وٺجن.
    منهنجو ٻاهر ويندڙ کي اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن هن کي مزو نٿو اچي ته هو موٽي اچڻ جي تڪڙ نه ڪري. جيڪڏهن هن موٽڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي موٽي، پر گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن ترسي، ٻيو نه ته ڌاريون شهر گهمي پوءِ موٽي. مون ڏٺو آهي ته ان مهيني دوران هو اهڙو Set ٿيو وڃي جو پوءِ موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. ٻي ڳالهه ته پرديس ۾ نوڪري لاءِ يا پڙهائي لاءِ ويندڙ گهڻيون اميدون ۽ شوق رکي نه وڃن ته اسان هيئن به ڪنداسين، هونءَ به ڪنداسين. يا ٻاهر پهچي اسان کي هي به سک ملندو هُو به ملندو. ڇو جو گهڻيون اميدون رکڻ وارو واريءَ جا ڪوٽ اڏي ٿو ۽ پوءِ پرديس ۾ پهچي جڏهن هن جون اميدون پوريون نه ٿيون ٿين ته هو بيحد دلشڪستو ٿيو پوي. بهتر اهو ماڻهو رهي ٿو جيڪو ڪابه فالتو اميد نٿو رکي. هو ڇا چوندا آهن ته:
    Happy are those who do not expect any thing.
    پوءِ اهڙي حالت ۾ ڪا سٺي ڳالهه درپيش اچي ٿي ته اها هيڪاندي خوشي مهيا ڪري ٿي ۽ جي تڪليفون آهن ته انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو اڳهين تيار آهي.
    لاڙڪاڻي پاسي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڀوري ڪلهوڙي“ جي صفيه گل عباسيءَ فون ڪري پڇيو ته هوءَ باٽني ۾ M.Sc آهي ۽ لاڙڪاڻي جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن جي مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ کي ملائيشيا ۾ Ph.D. ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي آهي. ”آئون به هن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي.“
    ”ضرور وڃو. جيڪي Ph.D. ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃن ٿا، انهن کي فئملي سان رهڻ ڏين ٿا.“ مون ٻڌايومانس.
    ”پر آئون اتي نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿي، جيئن پنهنجن ٻارن کي اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائي سگهان.“ صفيه ٻڌايو.
    ”ان لاءِ ته اتي پهچي تون پاڻ ڪوشش ڪري سگهين ٿي ۽ جيڪڏهن تون پنهنجن ٻارن کي ملائيشيا جي مڪاني اسڪولن بدران اتي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائڻ چاهين ٿي ته ان جا خرچ ته تمام وڏا آهن.“ مون ٻڌايومانس ۽ اهو به چيومانس ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ته ملائيشيا موڪلي. دير ٿيڻ تي ڪٿي هن جي اسڪالر ختم نه ٿي وڃي.
    ۽ هاڻ ملائيشيا پهچڻ جو جيئن ئي مون فيس بڪ تي اطلاع ڪيو ته صفيه گل عباسي جو ڪئالالمپور کان فون آيو ته هوءَ سال کن کان هتي ڪئالالمپور (ملائيشيا) ۾ آهي.
    ”ڏاڍو سٺو ڪئي جو مڙس کي Ph.D. لاءِ ڇڏئي.“ مون چيومانس.
    ”سر! نه رڳو هو پر آئون به Ph.D. پئي ڪريان ۽ ٻارن کي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ئي رکيو اٿم.“ صفيه ٻڌايو.
    ”پوءِ ڀلا خرچ پکي لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو اٿانو؟“ مون پڇيو.
    صفيه ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سر اسان ٻنهي کي نوڪري به ملي وئي آهي.“
    ”شاباس هجناوَ. وڏا همت وارا چئبائو.“ مون کيس داد ڏنو.
    ”سر مهرباني ڪري اسان وٽ ضرور اچو، اسين مڊوئلي ۾ رهون ٿا.“
    مون ٻه ڏينهن کن هنن وٽ وڃڻ جي ڪئي پر وقت نه پئي مليو. اڄ جيئن ئي منهنجو ميزبان علي سولنگي جالان (شاهراهه) دامانسارا ۽ جالان بنگسار اُڪري ”جالان ڪلانگ لاما“ ڏي مڙيو ته مون کيس رستي تي ”مڊ وئلي سٽي“ ۾ ترسڻ لاءِ چيو.
    ”منهنجو به اتي جي ميگا مال ۾، هڪ دڪان تي ڪم آهي.“ عليءَ چيو ۽ مون صفيه جي مڙس ڊاڪٽر گل کي فون ڪيو. موڪل وارو ڏينهن هجڻ ڪري هو پنهنجي فلئٽ تي موجود هئا.
    ”اسان اڌ ڪلاڪ اندر هتي جي ميگا مال مان ڪم لاهي توهان وٽ پهچون ٿا.“ مون کيس ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي بلڊنگ جو نقشو سمجهايو.
    ڪئالالمپور جو هي علائقو هڪ ماڊرن ۽ نئون علائقو آهي. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ جڏهن آئون هتي ملائيشيا ۾ هوس ته هن علائقي ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جا وڻ يا گهاٽو جهنگل هو، پر هاڻ هي علائقو يورپ جي ڪنهن به شهر کان پٺتي ناهي. خوبصورت ۽ اوچيون عمارتون، چوڌاري انگڙ ونگڙ رستا ۽ پليون ۽ هر طرف رنگين اشتهاري بِل بورڊ لنڊن، پئرس ۽ روم جو ڏيک ڏين ٿا ۽ هن علائقي جي هن مڊوئلي ميگا مال جي ڇا ڳالهه ڪجي! يورپي به هن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندا هوندا. توهان جي هفتي ڏيڍ لاءِ هتي ڪئالالمپور ۾ آيا آهيو ته هن ميگا مال جو ضرور چڪر هڻو. خريد ڀلي ڪجهه به نه ڪريو. بلڪ اسان پاڪستانين کي هتان ڪا خريداري ڪرڻ به نه کپي، جو اسان وٽ هڪ کان هڪ اعليٰ شيءِ سستي اگهه ۾ آچر بازار ۾ مليو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجو هڪ ملائيشيا جو دوست جڏهن ڳوٺ (جوهور بارو) ويندو آهي ته ڪراچي جي ڊفينس واري سنڊي بازار مان پنهنجن دوستن ۽ مائٽن لاءِ ڪيترائي سووينئر وٺي ويندو آهي.
    مِڊوئلي ميگا مال ”جالان سيد پترا“ تي آهي، جتي مڊوئلي ڪوميوٽر اسٽيشن به آهي. يعني توهان شهر مان ڪنهن به هنڌان ريل ۾ چڙهي هن اسٽيشن تي پهچي سگهو ٿا. ان کان علاوه ڪئالالمپور جي Rapid Bus ۾ به هتي پهچي سگهو ٿا. U (يو) 66، 84، 85، 87 ۽ T (ٽي) 631 نمبر بسون هتي اچن ٿيون.
    جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي پارڪ ٽاور مال آهي، تيئن هي مڊوئلي ميگا مال سمجهو ته ان جي وڏي سائيز آهي، جنهن جي ڇهن ماڙين (Floors) تي 430 کن دڪان آهن. 18 پڙدن (Screens) واري سئنيما آهي ۽ هڪ تمام وڏو بائولنگ سينٽر آهي. ان کان علاوه One Stop IT Center آهي، جتي ڪيترائي ڪمپيوٽرن جا دڪان آهن ۽ ان ٽيڪنالاجي سان واسطو رکندڙ هر شيءَ ملي ٿي. ٻه Food Courts به آهن، جن مان هر هڪ ۾ ڪيترا مختلف کاڌن جا اسٽال ۽ ريسٽورنٽون آهن. ڀر ۾ ٻه وڏيون هوٽلون پڻ آهن. هڪ 646 ڪمرن جي Cititel Mid Valley نالي هوٽل ۽ ٻي 390 ڪمرن جي بوليوارڊ Boulevard نالي هوٽل آهي.
    هي مڊوئلي ميگا مال ۽ ڀر ۾ رهائشي علائقو دي گارڊنس ملائي ”مڊوئلي سٽي“ سڏجي ٿو، جيڪو ملائيشيا جو سڀ کان خوبصورت شهري (Urban) علائقو مڃيو وڃي ٿو.
    هتي آخر ۾ آئون ڪجهه سٽون صفيه گل عباسي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر گل بليدي بلوچ بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي اسان لاءِ مثالي ماڻهو چئي سگهجن ٿا. ههڙن ماڻهن جو آئون اڪثر هن سفرنامي ۽ ٻين ۾ ذڪر ڪندو رهان ٿو، جيڪي Self Made ماڻهو چئي سگهجن ٿا، جو هو اڄ جنهن پوزيشن ۾ آهن اهو سمورو سندن محنتن جو نتيجو آهي ۽ ههڙن ماڻهن جي والدين کي Credit ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جن گهٽ مالي وسيلن ۽ ڳوٺاڻي زندگي هوندي پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ سٺي تربيت ڏني.
    صفيه ٻن ڀائرن جي ننڍي ڀيڻ آهي. هوءَ ڇهن مهينن جي هئي ته سندس والد دلبر علي عباسي وفات ڪري ويو. وڏو ڀاءُ سڪندر ان وقت ڇهن سالن جو مس هو. ڏٺو وڃي ته هنن جي والده خديجة الڪبريٰ جيڪڏهن ٻارن جي تعليم ڏي ڌيان نه ڏئي ها ته به ڪو کيس مهڻو نه ڏئي ها جو لاڙڪاڻي جي هن ننڍڙي ڳوٺ ”ڀورو ڪلهوڙو“ ۾ ان وقت ڪيترن پئسي وارن به پنهجا ٻار نٿي پڙهايا، پر ادي خديجه جي همٿ کي جس هجي جو هن نه فقط پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پر ڌيءَ کي به اوتري ئي اعليٰ تعليم ڏياري، جيتوڻيڪ هي اهو زمانو هو جڏهن شهرن ۾ به ڪيتريون فئمليون پنهنجين ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهنديون هيون.
    صفيه جي وڏي ڀاءَ سڪندر علي عباسيءَ مهراڻ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه هو بلوچستان انجنيئرنگ يونيورسٽي خضدار ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي قمبر شهر ۾ ڊاڪٽر آهي، هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. صفيه پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي. ان بعد سال 1993ع شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان باٽني سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪئي ۽ سال 2009ع ۾ M.phil ڪئي. هوءَ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ باٽني جي اسسٽنٽ پروفيسر هئي ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾ Ph.D. ڪرڻ سان گڏ ٽيلرز يونيورسٽي ۾ پڙهائي به رهي آهي.
    صفيه وانگر سندس مڙس ڊاڪٽر گل بلوچ به وڏي همٿ وارو ۽ پنهنجي وقت جو ذهين ۽ محنتي شاگرد چيو وڃي ٿو. هو 16 مئي 1964ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ڪنڊو خان بليدي“ ۾ حاجي غلام عمر بليدي جي گهر ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود حاجي صاحب جي اها خواهش هئي ته هن جا ٽئي پٽ محنت ڪري پڙهن ۽ سٺن عهدن تي پهچن. سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر گل بلوچ ڊاڪٽر ٿيو، باقي سندس ننڍا ڀائر انجنيئر ٿيا. در محمد بليدي جيڪو PIA ۾ آهي، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي ۽ سڀ کان ننڍي عبدالوهاب بليديءَ مهراڻ يونيورسٽي مان پيٽروليم انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي.
    ڊاڪٽر گل بلوچ 1989ع ۾ چانڊڪا مان MBBS ڪئي ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ”قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد“ مان ڪئي. ان بعد Ph. D لاءِ سال کن هو انگلينڊ جي Leads يونيورسٽي سان لاڳاپيل رهيو، ان بعد هو هتي ڪئالالمپور هليو آيو، جتي هو يونيورسٽي ملايا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ سبانگ جايا ۾ ٽيلرس يونيورسٽي ڪاليج جي اسڪول آف ميڊيسن ۾ سينئر ليڪچرر جي حيثيت سان پڙهائي به رهيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر گل بلوچ شاگردي جي زماني ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ جو هڪ سٺو ۽ مشهور اديب پڻ آهن. پاڻ پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري (MBBS) کان علاوه فلسفي ۾ B.A. ۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي آهي. سندن ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1 - ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو
    2- ”دوستي“ 1992ع ۾ ڇپيو. اهي ٻئي ڪتاب روشني پبليڪيشن وارن ڇپرايا آهن ۽
    3- ٽئگور جو گيتا انجلي، هي ڪتاب 1996ع ۾ سنڌيڪا وارن ڇپرايو. اڄڪلهه ڊاڪٽر گل جو نئون ڪتاب Metamorphosis ڇپائي هيٺ آهي، جيڪو ڪافڪا جو آهي. ان کان علاوه سندن انگلينڊ، فن لينڊ، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جپان جو سفرنامو پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
    ڊاڪٽر گل بلوچ آڪسفورڊ انگلش، سنڌي ڊڪشنري جي ٽرانسليٽر پئنل تي رکيل پنجن اديبن مان هڪ آهي.
    ڊاڪٽر گل بلوچ ۽ سندس زال صفيه گل عباسيءَ کي هتي ملائيشيا ۾ رهي ٻه سال کن ٿي ويا آهن. کين ٻه ٻار آهن. وڏي ڌيءَ آهي، جنهن جو نالو لاريب آهي. هُن هِن سال ”او- ليول“ ڪئي آهي. سندس فرينچ نه فقط آپشنل سبجڪيٽ آهي، پر هوءَ Fluently ڳالهائي به سگهي ٿي. کين ٻيو پٽ ٻار شاويز گل (Chaves Gul) آهي.


    باب ڇٽيهون

    ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي

    منهنجي خيال ۾ جتي ملائيشيا جي ٻين تعليمي ادارن جي ڳالهه ڪئي اٿئون، اتي ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (الجامعته الاسلاميته العالميته ماليزيا) بابت پڻ ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا IIUM يا UIAM پڻ سڏجي ٿي. هن قسم جي تعليمي اداري قائم ڪرڻ جو ان وقت جي وزيراعظم مهاتير محمد کي تمام گهڻو شوق هو. هن چاهيو ٿي ته هن اداري ۾ اسلامي اصولن مطابق تعليم ڏني وڃي جنهن کي هن Islamization of Knowledge سڏيو ٿي ۽ هن يونيورسٽي جي شروع ٿيڻ جي خبر اسان سندس واتان تڏهن ٻڌي جڏهن 1983ع ۾ هو اسان وٽ، مئريٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تي آيو هو.
    اسلامڪ يونيورسٽي جو سرڪاري طرح افتتاح پهرين جولاءِ 1983ع ۾ ڪيو ويو. هينئر هن يونيورسٽي جو وڏو ڪئمپس گومباڪ ضلعي يعني ڪئالالمپور جي اتر واري علائقي ۾ آهي، پر ان وقت هن جي شروعات، پيتالنگ جايا يعني ڪئالالمپور جي اولهه واري علائقي ۾ ڪئي وئي. ياد رهي ته گومباڪ، پيتالنگ جايا، ڪلانگ، سيپانگ وغيره، جيڪي ڪئالالمپور شهر جي چوڌاري آهن، سلينگور رياست جا ضلعا آهن. خود ڪئالالمپور به سلينگور رياست جو شهر هو جيڪو هاڻ فيڊرل ڪئپيٽل سڏجي ٿو. هن يونيورسٽي جو پهريون صدر سابق وزيراعظم ”تُن حُسين آن“ چونڊيو ويو. هن يونيورسٽي کي بورڊ آف گورنرس هلائي ٿو جنهن ۾ OIC ملڪن جي نمائندن کان علاوه اٺ ٻين ملڪن جا به نمائندا آهن جن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي پر يونيورسٽي جو سربراهه، صدر ۽ ريڪٽر ملائيشين ئي ٿين ٿا. پهرين بئچ ۾ ملائيشيا ۽ ڌارين ملڪن جي 153 شاگردن داخلا ورتي ۽ آڪٽوبر 87 ۾ پهرين ڪنووڪيشن ٿي جنهن ۾ 68 شاگردن کي ايڪنامڪس ۾ ۽ 56 کي لا ۾ بيچلر ڊگري ملي. ان کان علاوهه 29 قاضين کي لا ۽ Administration of Islamic Judiciary ۾ ڊپلوما ملي.
    مون کي ياد آهي ته هن يونيورسٽي جي ڀرسان اسان جي دوست يوسف شاهه جو گهر هوندو هو. يوسف شاهه MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) ۾ اڄ به انجنيئر آهي. انهن ڏينهن ۾ آئون جڏهن به ملاڪا کان ڪئالالمپور يوسف شاهه جي گهر ويندو هوس ته هن يونيورسٽي جو چڪر پڻ هڻندو هوس. آئون پاڻ به هتي جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائي رهيو هوس جيڪو هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي پر مون کي هن اسلامڪ يونيورسٽي جي عمارت ۽ ماحول ڏاڍو وڻيو ٿي جتي تعليم ۽ شاگردن جي رهائش جو سٺو بندوبست ڏسي هن يونيورسٽي تي مون ڪيترائي مضمون پاڪستان جي اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيا. هن يونيورسٽي ۾ منهنجي خيال ۾ پڙهائڻ وارو پهريون پاڪستاني روهڙي جو عبدالقدوس قاضي صاحب هو. پروفيسر قاضي صاحب هڪ اسلامي ڄاڻ رکندڙ پروفيسر آهي. منهنجي ساڻس پهريون دفعو ملاقات 1959ع ۾ ميرپورخاص ۾ ٿي جڏهن اسين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ نائين ڪلاس ۾ هئاسين ۽ پيٽارو واري عمارت ٺهڻ کان اڳ اهو ڪاليج عارضي طور ميرپورخاص ۾ ”شاهه لطيف ڪاليج“ جي هڪ سيڪشن ۾ هو. قاضي صاحب اسان جي ڪلاس ميٽ اقبال قاضي جو مامو آهي ۽ هو تن ڏينهن کان آسٽريليا جو رهاڪو آهي. هو پنهنجي ڀاڻيجي اقبال کي ڪاليج مان ڪڍرائي پاڻ سان آسٽريليا وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو. جيسين اقبال هلڻ لاءِ بئگ ٺاهي سندس ماموعبدالقدوس صاحب اسان سان خبر چار ڪندو رهيو. ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي سٺي طبيعت ڪري ٻين جي دلين تي هميشه لاءِ نقش ڇڏي ويندا آهن. اقبال جو مامو انهن مان آهي. مون کي سندس چهرو ۽ اسلامي ڳالهيون هر وقت دماغ ۾رهيون ٿي. هو مون کان ڪڏهن به نه وسريو ۽ پوءِ اسي جي ڏهي ۾ کيس هن يونيورسٽي ۾ ڏسي منهنجي حيرت ۽ خوشي جي انتها نه رهي هئي.
    پروفيسر قاضي صاحب ڪجهه سال هن يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ بعد اسلام آباد واري يونيورسٽي ۾ پڻ پڙهايو. ان بعد واپس آسٽريليا هليو ويو ۽ اتي ئي رهي ٿو. هن وقت جڏهن اسان ئي ستر جي ويجهو اچي پهتا آهيون ته هو هن وقت پڪ اسي سالن جي لڳ ڀڳ هوندو.
    سٺي ناموس، سٺي پڙهائيءَ ۽ شاگردن لاءِ پيدا ڪيل بهترين ماحول جي ڪري، ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا جي هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو انتظاميه کي اڄ وارو گومباڪ ۾ وڏو ڪئمپس ٺاهڻو پيو جيڪو 700 ايڪڙن تي آهي. هاڻ پيتالنگ جايا وارو پراڻو ڪئمپس مئٽرڪيوليشن سينٽر سڏجي ٿو جيڪو سائنس ۽ لا جي شاگردن لاءِ CFS (سينٽر فار فائونڊيشن اسٽڊيز) آهي، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هي شاگرد گومباڪ واري ڪئمپس ۾ داخلا وٺن ٿا. اهڙو ئي بنيادي تعليم جو هڪ ٻيو سينٽر اسلامڪ يونيورسٽي طرفان ”بندر بارو نيلائي“ شهر ۾ کوليو ويو آهي. هي شهر ”نيگري سيمبيلان“ رياست ۾ آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست ملاڪا رياست ۽ سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي. اسلامڪ يونيورسٽي جي گومباڪ واري ڪئمپس وانگر هڪ ٻيو ڪئمپس پهانگ رياست جي گادي واري شهر ”ڪئانتان“ ۾ به کوليو ويو آهي. ان کان علاوه هن يونيورسٽي ۾ هر سال نون ڪورسن جو واڌارو پڻ ڪيو وڃي ٿو. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ، جڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ جي فئڪلٽي کولي وئي ته پاڪستان کان اسان جي دوست ڊاڪٽر لطيف سومرو جي ننڍي ڀاءُ علي رضا سومرو کي آرڪيٽيڪٽ پڙهائڻ لاءِ چونڊيو ويو هو. علي رضا مهراڻ يونيورسٽي مان B.E آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ ۾ ڪئي آهي ۽ هو اتي جي آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ جي گرئجوئيٽن جي پهرين بئنچ مان آهي. پاڻ اڄڪلهه هتي سينئر پروفيسر آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڪئانتان واري ڪئمپس ۾ ته ميڊيسن، هيلٿ سائنسز، فارمئسي، نرسنگ ۽ ڊينٽسٽري جون به Faculties آهن، جن کي ملئي زبان ۾ Kulliyah سڏجي ٿو جيڪو لفظ دراصل عربي زبان تان ورتل آهي.
    هن يونيورسٽي جي اها خاص ڳالهه آهي ته هر شاگرد کي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو مليل آهي. ڊاڪٽر علي رضا سومرو ٻڌايو ته هاڻ شاگردن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو آهي جو 2008ع کان هاسٽل ۾ فقط ڇوڪرين کي ڪمرو ملڻ جي پڪ ڏني وڃي ٿي. ڇوڪرن کي ڪئمپس کان ٻاهر پنهنجي رهائش جو بندوبست پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم انگريزي ۽ عربيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. مٿي لکي آيو آهيان ته هن يونيورسٽي جي کلڻ واري سال 1983ع ۾ فقط 153 شاگردن داخلا ورتي هئي پر هاڻ هر سال 3000 شاگردن کي داخلا ملي ٿي، جن ۾ اسلامي ملڪن کان علاوه جرمني، جپان، آمريڪا، روس، ويٽنام، فلپين، سريلنڪا، انڊيا، چين ۽ ٿائلنڊ جا شاگرد پڻ شامل آهن.
    ڊاڪٽر علي رضا سومرو اهو به ٻڌايو ته هتي جي سٺي تعليمي نظام ۽ امن امان جي بهتر حالت هجڻ ڪري ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون داخلا وٺن ٿيون. هن سال به ٽن هزار اسٽوڊنٽس ۾ 2200 کن ڇوڪريون آهن ۽ فقط 800 ڇوڪرا آهن. پاڻ اهو به ٻڌائين ته پاڪستان کان ايترا شاگرد نٿا اچن باقي اهي پاڪستاني ضرور آهن جيڪي هتي رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن قسم جي يونيورسٽي اسان وٽ اسلام آباد ۾ به آهي جتي جي تعليم ۽ سهوليتن جو معيار پڻ بهتر آهي.
    اسان جي ڳوٺ هالا جي هڪ ڇوڪريءَ ڊاڪٽر رفيعه ناز جيڪا هتي جي ملايا يونيورسٽي مان سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪري رهي آهي تنهن ٻڌايو ته ملائيشيا ماحول توڙي موسم جي خيال کان مسلمانن لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي پر اسان جي ملڪ جي حساب کان هتي مهانگائي گهڻي هجڻ ڪري هتي گهڻا شاگرد اهي اچن ٿا، جن کي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي. پنهنجي خرچ تي اچڻ وارا گهٽ آهن. جيڪڏهن ڪو شاگرد هوشيار آهي ته هن کي پنهنجي ملڪ جي انجينئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا مليو وڃي.
    ڊاڪٽر رفيعه ناز اسان جي ڳوٺائي دوست ڊاڪٽر خير محمد ميمڻ جي ننڍي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر خير محمد لياقت يونيورسٽي ڄامشوري مان 1869ع ۾ MBBS ڪرڻ بعد 1975ع تائين اتي ئي جاب ڪيو ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين هالا ۾ ئي پرئڪٽس ڪندو اچي. کيس ٽي ٻار آهن. وڏيون ٻه ڌيئون شازيه ناز ۽ فريا ناز ڊاڪٽر آهن. شروع ۾ هڪ هنڌ برگيڊيئر نور محمد ميمڻ جي ڌيءَ ڊاڪٽر ڪئپٽن مهرالنساءَ بابت اهو لکندي ته هوءَ اسان جي ننڍڙي ڳوٺ جي پهرين ڊاڪٽرياڻي آهي جيڪا پاڪستان آرمي ۾ وئي، اهو لکڻ وسري ويو ته ڊاڪٽر خير محمد جي هيءَ ٻيو نمبر ڌيءَ ”ڊاڪٽر فريا ناز“ جيڪا ڊاڪٽر مهرالنساءِ جي ڪلاس ميٽ هئي، پڻ هن سان گڏ آرمي ۾ وئي ۽ ٻئي ڄڻيون ڪئپٽن رئنڪ تي آهن.
    پاڻ ملائيشيا جي اسلامڪ يونيورسٽي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جتان هيستائين ٽيهه هزار شاگرد بيچلر، ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪري چڪا آهن. انهن شاگردن ۾ 5000 کن ڌارين ملڪن جا آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته جيتوڻيڪ هن يونيورسٽي ۾ تعليم انگلش ۾ ڏني وڃي ٿي پر ڪجهه اسلامي سبجيڪٽ جهڙوڪ: دينيات، شريعت ۽ ethics وغيره عربي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ان کان علاوه هڪ سبجيڪٽ ايليمينٽري عربي جو آهي جيڪو غير مسلمانن لاءِ به ضروري آهي. ملائيشيا جي قومي زبان ملئي (بهاسا ملائيشيا) آهي جنهن جي پڻ ٿوري گهڻي ڄاڻ ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن لاءِ ضروري آهي.
    هن يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪندڙ اهم ماڻهن جي Alumni ڏسي رهيو هوس ته خبر پيئي ته ملائيشيا جي پارليامينٽ جا ٻه چيني ميمبر فونگ پُو ۽ وونگ ڪاح به هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن. پيراڪ رياست جو وزيراعلى داتڪ ڊاڪٽر زمبري عبدالقادر ۽ ملائيشيا جو هڪ ٻيو اهم سياستدان اعظم محمد نور به هن يونيورسٽي مان پڙهيا آهن. پينانگ جي چيف منسٽر محمد فيروز بن خير دين کان علاوه جوهور رياست جي شهزادي تنڪو امينا ڪلثوم ۽ ڪيلنتان رياست جي شهزادي تنڪو عائشه پتري پڻ هن يونيورسٽيءَ جون گريجوئيٽس آهن.


    باب ستٽيهون

    هي ملائيشيا جا تُن، تُنڪو ۽ تانسري....

    ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ توڙي هفتي ڏيڍ لاءِ گهمڻ لاءِ ايندڙ، ٻن ٽن ڏينهن اندر محسوس ڪن ٿا ته هي ڇا آهي جو ڪجهه چيني توڙي ملئي ماڻهن جي نالن اڳيان تُن، تانسري، داتڪ، داتو يا سِري جهڙا لفظ شامل آهن!
    دراصل اهي هتي جي ماڻهن کي ملڪ جي بادشاهه، رياست جي سلطان يا گورنر طرفان خطاب آهن، جيئن انگريز پنهنجي ملڪ ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي Sir يا خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙا لقب ڏيندا هئا. ملائيشيا ۾ مٿيان لقب/ خطاب (Titles) گهڻو ڪري ايماندارانه طريقي سان انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، جيڪي هن ملڪ ۽ ماڻهن جي لاءِ سٺا ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن اهم فيلڊ ۾ اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين ٿا، جنهن سان سندن ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿئي. هر سال هر خطاب/ لقب لاءِ ڪجهه ماڻهو چونڊيا ويندا آهن، جن کي ملڪ جو بادشاهه ۽ رياستن جا سلطان ۽ گورنر پنهنجن جنم ڏينهن تي عطا ڪن ٿا. ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته هو هنن لقبن جي ٿوري گهڻي ضرور ڄاڻ رکن، جيئن هو سمجهي سگهن ته ڪهڙي ماڻهوءَ جو ڪيڏو مٿاهون درجو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جي اهڙي هنڌ تي نوڪري آهي، جتي توهان جو اهڙن خطابن واري ماڻهوءَ سان واسطو رهي ٿو ته پوءِ توهان کي اها ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي ته هنن سان ڪيئن مخاطب ٿجي. جيئن هڪ سفير کي ”هز ايڪسيلينسي“ چئي مخاطب ٿجي ٿو. اهڙي طرح هڪ جج کي انگلنڊ ۾ ۽ شايد اسان وٽ به ”يوئر لارڊ شپ“ چئي مخاطب ٿجي ٿو.
    عام ماڻهن کي مليل خطابن کان علاوه ملڪ جي بادشاهه، رياستن جي سلطانن ۽ انهن جي راڻين، شهزادن ۽ شهزادين لاءِ پڻ مختلف لقب آهن ۽ کين مخاطب ٿيڻ لاءِ مختلف لفظ آهن. جيئن مغل بادشاهن يا ايراني شهنشاهن لاءِ مقرر ٿيل هئا. بهرحال هونءَ ته ملئي زبان ۾ هنن لقبن/خطابن (Titles & honorifics) جو هڪ عجيب مونجهاري وارو سسٽم آهي، پر ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي مختصر طور آسان ڪري لکان ٿو. هنن لقبن مان ڪجهه لقب برونائي ۽ انڊونيشيا ۾ به اڄ تائين عام آهن. هيٺيان ڪجهه لقب ملائيشيا جي نون رياستن ۾، جن جا والي وارث اتي جا سلطان سڏيا وڃن ٿا (۽ برونائيءَ ۾ پڻ) اتي جي بادشاهه، سلطانن ۽ اولاد لاءِ موروثي سڏيا وڃن ٿا.
    ملائيشيا جي بادشاهه کي ملئي زبان ۾ ”ينگ دي پرتئان اگونگ“ سڏجي ٿو، يعني اهو جنهن کي وڏو مالڪ بنايو ويو آهي. جيئن مغل بادشاهن کي جهان پناهه، ضل اِلاهي وغيره سڏيو ويو ٿي. بهرحال ملڪ جا سلطان اليڪشن ذريعي پاڻ مان جنهن سلطان کي بادشاهه چونڊين ٿا، ان لاءِ اهو آفيشل لقب (Title) آهي. يعني: Yang di- Pertuan Agong
    هتي جي انگريزي اخبارن ۾ بادشاهه لاءِ King لکيل هوندو، پر ملئي اخبار ۾ لکيل هوندو ته ”ينگ دي پرتئان اگونگ اڄ هي چيو يا هيڏانهن ويو“، وغيره.
    رياستن جا حاڪم ”سلطان“ سڏجن ٿا، پر هڪ رياست پرلس جو حاڪم سلطان نه پر ”راجا“ سڏجي ٿو ۽ نيگري سيمبيلان جو حاڪم ”ينگ دي پرتئان بيسار“ سڏجي ٿو. ان جي معنيٰ ٿي ”اهو جنهن کي لارڊ بنايو ويو آهي“. انگريزي ۾ لفظي معنيٰ ٿيندي: He who is made Great Lord. ۽ بادشاه جي He who is made Supreme Lord ٿيندي.
    ملائيشيا ۾ جملي 13 رياستون آهن. 11 مغربي ملائيشيا ۾ ۽ ٻه سباح ۽ سراواڪ مشرقي ملائيشيا ۾ آهن. مغربي ملائيشيا جي يارهن رياستن مان نون جا حاڪم انهن جا سلطان آهن، باقي چئن: ملاڪا، پينانگ، سباح ۽ سرواڪ جا سربراهه گورنر آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه وزير اعظم جي صلاح سان مقرر ڪري ٿو. گورنر کي ملئي زبان ۾ ينگ دي پرتئا نيگري (Yang di- pertua Negri) سڏجي ٿو.
    تئانڪو (Tuanku) جنهن جي معنيٰ آهي My Lord ملائيشيا جي حاڪمن لاءِ لقب آهي. ڪن رياستن ۾ تئانڪو بدران Tengku يا Tunku اُچاريو وڃي ٿو. اهي لقب حاڪمن جي شهزادن ۽ شهزادين لاءِ استعمال ٿين ٿا، جيئن ڪيداح رياست جي سلطان جو پٽ عبدالرحمان جيڪو ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيو ”تنڪو عبدالرحمان“ سڏجي ٿو.
    جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪنهن صاحب کي درخواست لکبي هئي ته هن جو عهدو لکي پوءِ لکيو ويندو هو ته شال تنهنجو اقبال بلند هجي ۽ آخر ۾ لکبو هو واڌو ادب، خادم فلاڻو.... تيئن هتي جي سرڪاري خط و ڪتابت يا نوٽيسن تي بادشاهه جي لاءِ لکيو وڃي ٿو ته:
    Ke Bawah Duli Yang Maha Mulia
    (The Dust under the feet of his Exalted Highness)
    ۽ اهو ئي جملو رياستن جي سلطانن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر بادشاهه لاءِ هڪ ٻيو جملو به لڳايو ويندو آهي:
    Seri Paduka Baginda
    (Conqueror Majesty)
    اهو ائين آهي، جيئن انگريز بادشاهن لاءِ His Majesty چيو وڃي ٿو.
    بادشاهه ۽ سلطانن جي ٻارن کي خطاب ڪرڻ وقت هميشه Yang Teramat Mulia چيو وڃي ٿو ۽ ٻين وارثن (مائٽن) لاءِ فقط Yang Mulia لفظ استعمال ٿين ٿا.
    Tun تُن جو خطاب سڀ ۾ وڏو آهي، جيڪو بادشاهه خاص ماڻهن کي ڏئي ٿو. جيئن اڄڪلهه جي وزيراعظم نجيب جي مرحوم پيءُ عبدالرزاق کي ”تُن“ جو لقب مليل هو ۽ هو اڄ تائين تُن عبدالرزاق سڏجي ٿو. پاڻ هن ملڪ جو سابق وزيراعظم هو.
    Toh Puan توح پئان:
    جنهن کي تُن جو لقب ملي ٿو، ان جي زال توح پئان سڏجي ٿي.
    تَان سري: تُن بعد ٻئي نمبر تي وڏو خطاب ”تان سري“ آهي. تان سري جي زال ”پئان سري“ سڏجي ٿي. ڪئالالمپور جي مشهور دڪان گلوب سلڪ اسٽور جي سنڌي مالڪ ڪِشو کي اهو خطاب مليل آهي، جنهن ڪري هو ”تان سِري ڪشو“ سڏجي ٿو. هن وقت ملائيشيا ۾ اٽڪل 250 کن اهڙا ماڻهو آهن، جن کي تان سري جو لقب مليل آهي.
    انهن کي اهو لقب ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمتن ڪري مليو آهي. اهو به لکندو هلان ته هي خطاب ڪوبه حاصل ڪندڙ چاهي ته ڪڏهن به واپس ڪري سگهي ٿو يا ڪنهن وقت به سندس غلط ڪم ڪرڻ ڪري يا بداخلاق حرڪت ڪري بادشاهه هن کان واپس وٺي سگهي ٿو.
    داتُڪ (Datuk):
    هونءَ هن ملئي لفظ جي معنيٰ ”ڏاڏو“ آهي، پر هتي هي لقب/خطاب آهي، جيئن انگريزن وٽ Sir جو لفظ آهي. داتڪ جو خطاب بادشاهه به ڏئي ٿو ته مختلف رياستن جا سلطان ۽ گورنر به ڏين ٿا. داتڪ جي زال ”داتن“ سڏجي ٿي. هي خطاب عورت کي ملڻ سان هوءَ ”داتن پادوڪا“ (Datin Paduka) سڏجي ٿي. پر اڄڪلهه اها به داتڪ سڏرائي ٿي.
    داتو سِري (Dato Sri):
    داتو سِري Dato Sri يا Dato Seri رياست جي سلطان طرفان اعليٰ لقب آهي. جيئن اڄ جو وزيراعظم نجيب تن رزاق ”داتو سري“ سڏجي ٿو ۽ سندس زال داتن سري. اڳوڻا وزيراعظم مهاتير بن محمد ۽ عبدالله احمد بداوي جڏهن نوڪري ۾ هئا ته کين داتو سِري جو خطاب مليل هو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد بادشاهه طرفان کين تُن Tun جو لقب مليو. ان ڪري هاڻ هو ”تُن مهاتير“ ۽ ”تُن عبدالله احمد بداوي“ سڏجن ٿا.
    اهڙي طرح برونائي ۾ Pehin ۽ داتو پادوڪا جا به خطاب ڏنا وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نظر ايندا، جن کي برونائي جي بادشاهه طرفان اهي خطاب مليل آهن ۽ سندن زالون داتن پادوڪا سڏجن ٿيون.
    ان کان علاوه جيئن اسان وٽ Ph.D. جي ڊگري واري کي ڊاڪٽر، جج کي مسٽر جسٽس وغيره سڏيون ٿا، تيئن هتي جي گورنرن توڙي ٻاهرن ملڪن جي سفيرن جي نالن اڳيان T.Y.T (تئان ينگ تروتاما) لکيو وڃي ٿو، جيئن انگريزي ۾ His Excellency لکيو وڃي ٿو.ملڪ جي وزيراعظم، ڊپٽي وزيراعظم، رياستن جي وزيراعلائن ۽ اسيمبلي جي انهن ميمبرن جن کي تُن جو لقب مليل آهي، انهن جي اڳيان Y.A.B يعني Yang Amat Berhormat لڳايو وڃي ٿو، جيئن انگريزي ۾ The Most Honorable لکيو وڃي ٿو. ملڪ جي پارليامينٽ جي باقي ميمبرن ۽ رياستن جي اسيمبلي ميمبرن جي نالن اڳيان Y.B يعني Yang Berhormat لکيو وڃي ٿو، پر انهن ميمبرن ۾ جيڪڏهن ڪو شهزادو آهي، يعني بادشاهه يا سلطانن جو ڪو پٽ ته پوءِ هن جي نالي اڳيان Yang Berhormat Mulia لکيو وڃي ٿو، جيئن رزالي حمزه آهي، جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر به آهي ته کيس تان سري جو خطاب به مليل آهي ۽ شاهي خاندان جو اولاد هجڻ ڪري تينگڪو به آهي ته هن جو سڄو نالو ٿيو:
    Yang Berhormat Mulia Tengku Tan Seri Razaleigh Hamzah
    (ينگ برحورمت موليا تنگڪو تان سري رزالي حمزه).
    ملائيشيا جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف ججن ۽ ڪورٽ جي صدر لاءِ Y.A.A يعني Yang Amat Arif لکيو وڃي ٿو، يعني تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ The Most Learned
    ملئي زبان ۾ Yang لفظ جي معنيٰ آهي ”جيڪو“ ۽ عارف معنيٰ ”ڄاڻو“. اهڙي طرح باقي ججن جي نالن اڳيان فقط Y.A يعني Yang Arif لڳايو وڃي ٿو يعني The Learned يا موسٽ آنربل لفظ استعمال ٿئي ٿو يا سفيرن لاءِ هز ايڪسيلنسي لفظ لڳايو وڃي ٿو....جيئن اسان واري عمرڪوٽ واري دوست سفير کي ”هز ايڪسيلينسي مسٽر نور محمد جادماني، پاڪستان ائمبسڊر ان ٽوڪيو جپان“ لکيو وڃي ٿو.... وغيره.
    انهن لقبن ۽ خطابن کان علاوه ڪجهه ٻيا لقب به عام آهن، جيڪي ان ماڻهوءَ جي خاندان يا نسل يا ان جي وڏن جي عهدي بابت ٻڌائين ٿا، جيئن اسان وٽ سيد ۽ شاهه لکڻ سان سمجهڻ کپي (يا سڏائڻ وارو اسان کي ٻڌائڻ ٿو چاهي) ته هو حضور صلعم جن جي اولاد مان آهي يا قاضي لکڻ سان هو ٻڌائي ٿو ته ميرن جي ڏينهن ۾ يا انگريزن جي ڏينهن ۾ هن جا وڏا پڙهيل ڳڙهيل عالم هئا يا هنن جو ’جوڊيشري‘ سان واسطو هو يا ”حڪمت“ سان واسطو هو، جيئن حيدرآباد جو قاضي عبدالقيوم عباسي،ّخيرپور جو مرحوم قاضي محمد الياس، وغيره. اهڙي طرح هتي ملائيشيا ۾ حضور صلعم جي ڏهٽن امام حسن ۽ حسين جي اولاد مان مرد حضرات ”سيد“ سڏائين ٿا ۽ عورتون ”شريفان“ سڏجن. اسان وٽ عورتون به سيد يا شاهه سڏائين، جيئن سيد در شهوار يا سيد نورالهديٰ شاهه، سيد انيتا شاهه لڪياري وغيره ۽ شريفان اسان وٽ فقط نالي طور استعمال ٿئي ٿو. پر ملائيشيا ۾ نالي اڳيان شريفان هجڻ معناِ هوءِ سيد آهي، جيئن ملائيشيا جي مشهور ڳائڻي ائني پاڻ کي ”شريفان ائني“ سڏائي ٿي. شريفان ائني ستر واري ڏهي ۾ مشهور ڳائڻي هئي، جڏهن پاڻ به جوان هئي ته اسان ٻڌڻ وارا به جوان هئاسين. هينئر ته ملائيشيا ۾ اهڙيون اهڙيون ڊسڪو ۽ پاپ سنگر نوجوان ڇوڪريون ميدان تي اچي ويون آهن جو پوڙهي شريفان جا ملئي گانا فقط اسان جهڙا پوڙها ٻڌي نوسٽلجيا (بقول ملئي ماڻهن جي Rindu) محسوس ڪريون ٿا.
    بهرحال ڪجهه ٻيا ان قسم جا لقب جيڪي توهان ملئي ماڻهن جي نالن اڳيان ڏسندا، هن ريت آهن:
    انگڪو (Ungku): سلطانن ۽ بادشاهه جي ماءُ جي خاندان سان واسطو رکندڙ انگڪو سڏائين ٿا.
    ابانگ (Abang): انگريزن جي دور حڪومت ۾ اهم سرڪاري نوڪرين جي عملدارن جا ٻار ابانگ لکائين. يعني مرد ابانگ سڏائين، عورتون دايا نگ. برونائيءَ ۾ ته هونءَ به ڪنهن عورت کي عزت سان مخاطب ٿيڻ مهل دايا نگ سڏجي ٿو، جيئن ملائيشيا ۾ عورت کي چاچي، ماسي يا ادي چوڻ بدران ”پئان“ سڏجي ٿو ۽ وڏي عمر جي مرد کي عزت سان سڏڻ لاءِ ”تئان“ چئي پڪارجي ٿو، جيئن پاڻ وٽ ”سائين جن“ چئون. تئان پرگي مانا؟ يعني سائين جن ڪيڏانهن وڃن ٿا. هم عمر لاءِ ’انچڪ‘ يعني مسٽر لفظ استعمال ٿئي ٿو. ”انچڪ ماهو منيوم آئر؟“ مسٽر پاڻي پيئڻ پسند ڪندائو؟ ۽ جي ننڍو آهي ته تون يا توهان Anda ۽ Awak لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ”ڊي مانا روما انڊا؟“ تنهنجو گهر ڪٿي آهي، وغيره.
    اوانگ: ملائيشيا ۾ ڪيترائي برونائي جا ماڻهو ملندا، جيڪي اوانگ (Awang) سڏائين ٿا، يعني هنن جو برونائي جي شاهي خاندان سان تعلق آهي.
    اهڙي طرح ميگات (Megat) ۽ پُتري لفظ آهن. ملائيشيا جي ڪن رياستن جهڙوڪ ڪيلنتان، ڪيداح ۽ ترنگانو ۾ سابق وزيراعلائن جو اولاد وان (Wan) سڏائي ٿو، جيئن اسان جو ڪئپٽن دوست ”ڪئپٽن وان شُڪري“ آهي. شُڪري سندس نالو آهي، جيڪو شُڪر لفظ مان نڪتو آهي. اهڙي طرح نِڪ (Nik) ۽ چي (Che) ٽائيٽل آهن.
    ملائيشيا ۾ ڪنهن جي به نالي سان ڪوبه لقب لڳل آهي ته يڪدم محسوس ٿئي ٿو جو هتي ذات جو چڪر نه هجڻ ڪري عام طرح هر ماڻهوءَ جو فقط هڪڙو نالو آهي، جنهن سان گڏ بن (پٽ) يا بنتِ (ڌيءَ) لکي پيءَ جو نالو لکيو وڃي ٿو. مثال طور رزالي بن يعقوب يا رحيما بنت ابوبڪر.... وغيره، ته اهڙي سيٽ اپ ۾ ڪنهن جي اڳيان وان، اوانگ، نِڪ، ابانگ، دايا نگ، تنڪو، تئانڪو، تينگڪو، داتڪ، داتو يا تانسري جهڙو لفظ لکيل آهي ته اهو نالو ٻين کان الڳ ٿلڳ ۽ نمايان لڳي ٿو ۽ سمجهي وڃڻ کپي ته هن جو واسطو ڪنهن اهم ڪڙم قبيلي سان آهي يا پاڻ اهم شخصيت آهي جو هن کي داتڪ، داتو، تن يا تانسري جهڙو لقب مليل آهي. اهي لقب خاص ڪري پوڙهن ماڻهن کي ملن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا يا سائنس، ميڊيسن، يا انجنيئرنگ جهڙن سبجيڪٽ ۾ اهم Contributory ڪم ڪن ٿا. مون جهڙي ليکڪن کي اهڙا ماڻهو، سندن ٽائيٽل مان معلوم ڪري، خبرچار يا انٽرويو وٺڻ ۾ سولائي رهي آهي. ڇو ته اهڙي هر ماڻهوءَ جي زندگي جي دلچسپ ڪهاڻي ٿئي ٿي. پر منهنجي ان ڳالهه سان ملائيشيا ۾ رهندڙ هرهڪ سهمت به نه ٿيندو ۽ ان ۾ آئون به حقيقت ڏسان ٿو ته ضروري ناهي ته هر داتڪ (Datuk) مثالي زندگي جو مالڪ هجي. باوجود ڌيان سان چونڊ ڪرڻ جي ڪيترا لقب حاصل ڪرڻ وارا نالائق به ثابت ٿين ٿا. ڪيترا داتو ۽ داتڪ ڏوهن ۾ ملوث نڪتا آهن ۽ مٿن ڪيس هلي رهيا آهن. اهڙن کان سلطانن ڏنل خطاب واپس وٺي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه هرسال گهڻن ماڻهن کي خطاب ورهائڻ تي انهن خطابن/ لقبن جو ڪو قدر نٿو رهي. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي تُن ڊاڪٽر مهاتير محمد چيو هو ته:
    “Personally, I feel if you want to give value to anything, it must be limited.... if you produce a million Ferrari cars, nobody will care about buying a Ferrari."
    پيراڪ رياست جي وليعهد شهزادي راجا ناظرين شاهه به ان سلسلي ۾ ان خيال جو اظهار ڪيو ته هيڪاندا گهڻا داتڪ جا خطاب ڏيڻ ڪري انهن جو قدرئي گهٽجي ويو آهي.
    "Sometimes, I think we give away too many Datukaships.... it dilutes & devalues the award."
    25 سالن جي اسڪاش پليئر نڪول ڊئوڊ ۽ اولمپڪ راندين ۾ چاندي جو ميڊل حاصل ڪرڻ واري لي چانگ کي جڏهن داتڪ جو خطاب ڏنو ويو ته ملڪ ۾ ڪافي بحث شروع ٿي ويو ته اهي ننڍي عمر ڪري اهڙي لقب جا لائق نه آهن.
    اهڙي طرح ملاڪا رياست جي حڪومت تي به ڪافي تنقيد ٿي جڏهن ملاڪا رياست طرفان هڪ غير ملائيشين ”انڊين فلمي ائڪٽر“ شاهه رخ خان کي ملاڪا ۾ فلمون ٺاهڻ تي داتڪ (Datuk) جو خطاب عطا ڪيو ويو هو.


    باب اٺٽيهون

    ملئي ڇوڪرين سان شادي رچائڻ

    پاڪستان ۾ جن سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ منهنجا ڪالم اچن ٿا، انهن کي مون چئي ڇڏيو آهي ته ڪوبه پڙهندڙ منهنجو ٽيليفون نمبر (0300 9241666) يا Email ائڊريس گهري ٿو ته ڀلي ڏيو جو ٿي سگهي ٿو هنن کي تعليم يا نوڪري جي سلسلي ۾ ڪنهن ڌارئين ملڪ، خاص ڪري ملائيشيا بابت پڇڻو هجي، جتي منهنجو وڏو عرصو رهڻ ٿيو آهي ۽ هينئر به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن دوستن يا شاگردن سان ملڻ لاءِ هليو وڃان ٿو. سوال پڇندڙن ۾ اڪثر نوڪري پيشه، شاگرد ۽ گهڻي ڀاڱي پورهيت ٿين ٿا. هڪ پڇيو ته هو سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ سان ڪهڙي قسم جا گرم ڪپڙا کڻي وڃي.
    ڳالهه هيءَ آهي ته ملائيشيا ڪو يورپ جو ملڪ ناهي نه وري ڪو جپان يا نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وانگر اتر يا ڏکڻ قطب کي ويجهو آهي، جتي سياري جي مهينن: نومبر ڊسمبر يا جون جولاءِ جي مهينن ۾ سيءُ پوي. ياد رهي ته اسان وٽ يعني دنيا جي اتراهين اڌ گول ۾ سيارو نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ڌاري رهي ٿو، پر دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ جتي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آمريڪا جا چِلي جهڙا ملڪ، ويندي آفريڪا کنڊ جو هيٺانهون پڇڙي وارو ملڪ ’سائوٿ آفريڪا‘ اچي وڃي ٿو، اتي جون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سيارو ٿئي. ملائيشيا خط استوا وٽ ملڪ هجڻ ڪري سج جو هن ڏي ٻارهو ئي رخ هڪ جهڙو ٿئي ٿو ۽ سڄو سال گرم موسم رهي ٿي. اهو ته ٻارهو ئي مينهن وسڻ ڪري ۽ چوڌاري وڻڪار هجڻ ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي موسم خوشگوار رهي ٿي، باقي سيءُ ذرو به نٿو ٿئي ۽ هتي جا ماڻهو سئيٽرن ۽ سوڙهن، ڪوٽن ۽ ڪمبلن کان بچيا پيا آهن. هوائون لڳنديون رهن ٿيون، پر مٽي يا ڌوڙ جو ذرو به ناهي جو ڪپڙا ميرا ٿين. سو ٻن وڳن ۾ به توهان سڄو سال گذاري سگهو ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي گهرن ۾ نه اسان جي ملڪ يا يورپ جهڙا ڊگها ڪٻٽ، وارڊ روب يا الماريون ٿين ۽ نه وري گهڻي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻي پوي ٿي.
    ملائيشيا نوڪري لاءِ ويندڙ هڪ ٻن ڄڻن حلال کاڌي جي فڪر جو به اظهار ڪيو. اڄڪلهه ته جپان ۽ جرمني جهڙن ملڪن ۾ به حلال گوشت ۽ ٻيون حلال شيون عام ملن ٿيون. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين واقعي مسئلو هوندو هو ۽ ولايت ۾ رهندڙ اسانجي مسلمانن، ويندي عرب ملڪن جي مسلمانن کي به حلال گوشت حاصل ڪرڻ جي جستجو هوندي هئي. وڏو ڇيهه ته هو ڪنهن يهودي جي دڪان تان ڪوشر گوشت وٺي ايندا هئا جن لاءِ ان وقت جي ڪجهه مولوين اها ئي فتوا ڏني ٿي ته يهودي الله جو نالو وٺي ان کي مسلمانن وانگر حلال ڪن ٿا. پر هاڻ ولايت جي ملڪن ۾ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمانن ۽ مڪاني ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ جي وڌندڙ تعداد ڪري ڪيترائي حلال گوشت جا دڪان کلي پيا آهن.
    ايراني انقلاب، روس جي افغانستان ۾ مداخلت ۽ عراق جنگ ۾ انهن ملڪن جا تمام گهڻا مسلمان يورپ ۽ آمريڪا ۾ اچي رهيا جن مان ڪيترن سيڌي ۽ حلال گوشت جا دڪان کولي نه فقط مسلمانن کي پر مڪاني ماڻهن کي به عرب ۽ ايشيائي ملڪن جي اناج، سيڌي سامان ۽ مسالن جو چٽپٽو ٽيسٽ وٺرائي ڇڏيو آهي. ملائيشيا ته اهڙو ملڪ آهي جتي شروع کان نه فقط حلال کاڌو ملي ٿو پر هائيجنڪ پڻ. اسان جي ملڪ وانگر ڪنهن ڪراڙي، بيمار ۽ مردار جانور جو گوشت مارڪيٽ ۾ نٿو اچي جو ملائيشيا جو ان سلسلي ۾ نه فقط قانون سخت آهي پر ان قانون تي سختي سان عمل به ٿئي ٿو. نئين آيل ماڻهوءَ کي ٿورن ئي ڏينهن ۾ خبر پئجيو وڃي ته هتي جي روڊ سائيڊ وارين ڳوٺاڻين هوٽلن توڙي گاڏن تي وڪامندڙ کاڌي جو سامان به ايترو ئي صاف سٿرو ۽ صحت جي اصولن تي ٺهيل آهي جيترو وڏين هوٽلن ۾. ان ڪري ڪيترين ئي آفيسن جا ننڍا توڙي وڏا آفيسر گهران ماني گهرائڻ يا ڪنهن وڏي هوٽل ۾ کائڻ بدران ائين ئي ريڙهي وارن، ننڍڙين ريسٽورنٽن يا ڪئنٽينن مان ماني وٺي کائين جيڪا سستي به پوي ٿي. ان کان علاوه هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهڻ ڪري هر قسم جو کاڌو ملي ٿو. هن ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه پنجابي، پٺاڻ، افغاني ۽ ڪشميرين کان بهاري، بنگالي، تامل مدراسي ۽ گجراتي رهن ٿا ۽ نان، اڦراٽن، چپاتين، سنهن ڦلڪن، قيمي مليل مرتباڪن کان پوريون، ڊوسا، اڊليون ۽ ڊبل روٽيون ملن ٿيون سو هر ڪو پنهنجي ٽيسٽ ۽ ملڪ جو کاڌو کائي سگهي ٿو. هتي جي کاڌي جي شين جي اسان کان کڻي قيمت گهڻي هجي پر دبئي، ابوڌابي، سعودي جهڙن ملڪن کان ته تمام گهڻو سستو آهي ۽ بصر، پٽاٽا، واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ٻي عام ڀاڄي ۽ هتي جو مڪاني ميوو ليچي، ڪيلو، انناس وغيره ته اسان جي ڀاڄين ۽ انبن صوفن کان سستو آهي. گهڻا ماڻهو ملائيشيا جي فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ پڇندا آهن ته ”اسان اوڏانهن وڃون يا نه؟“
    ”ڪم ڪرڻ جي همت هجيوَ ته بلڪل وڃو.“ آئون چوندو آهيان ۽ جڏهن پڇندو آهيان ته ڪهڙي فئڪٽريءَ ۾ ڪم مليو اٿانوَ يا ڪهڙي شهر ۾ اهو ڪارخانو آهي ته جواب ڏيندا:
    ”سائين اها ته خبر ناهي.“
    ”توهان کي نوڪريءَ جو خط ۽ پاسپورٽ تي ورڪ ويزا ته لڳي ملي هوندي.“ آئون پڇندو آهيان.
    ”اها به خبر ناهي. جنهن ايجنٽ اسان کان پئسا ورتا آهن اهو چوي ٿو ته ڪئالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچي توهان کي ٻڌايو ويندو.“ هو ٻڌائيندا آهن.
    هرهڪ کي اهو سمجهڻ کپي ته ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ، پاسپورٽ تي ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ان ملڪ جي سفارتخاني طرفان ”ويزا“ يعني ”داخل ٿيڻ جو اجازت نامو“ هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي ڌاريون مسافر گهمڻ لاءِ آيو آهي يا نوڪري ڪرڻ لاءِ. ۽ جي هو نوڪري ڪرڻ لاءِ پهتو آهي ته هن کي ڪنهن نوڪري ڏني آهي. جوابداري ڪير کڻندو، وغيره. پر هي ظالم ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪيترن غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏيو، پنهنجي ملڪ مان ته ڪڍن ٿا پوءِ هو پرديس ۾ وڃيو سورن ۾ پون. ڪيترن کي ايئرپورٽ کان موٽايو وڃي ٿو ۽ ٻين کي جيلن حوالي ڪيو وڃي ٿو جيئن ٻين کي عبرت حاصل ٿئي ته غير قانوني ڪم ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ جنهن جي سزا پڻ آهي. سو اهڙين حالتن ۾ پڇڻ وارن کي آئون هميشه اهو ئي چوندو آهيان ته ٻيو نه ته پنهنجي پاسپورٽ تي نظر وجهو ته ويزا جو ٺپو لڳل آهي يا نه. ان سان گڏ نوڪريءَ جو خط به آهي يا نه. ڪيترين حالتن ۾ ته ويزا توڙي نوڪري جو آرڊر جعلي ٺاهيو وڃي ٿو. ان ڪري بهتر آهي ته جنهن ڪمپنيءَ نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍيو آهي ان جو وجود به آهي يا نه ۽ هن اهو خط جاري به ڪيو آهي يا نه. بهتر ته اهو آهي ته ان ملڪ جي ايمبسيءَ وارن کان پڪ ڪرائجي. اهڙن ماڻهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان جن جي جعلي ويزا هجڻ ڪري هنن کي ڪئالالمپور ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويو. ايئرپورٽ تي ئي هفتو رهيا پيا هئا ۽ کين اتان واپس ڪراچي موڪليو ويو. هڪ ملئي آفيسر چيو ته ”هنن اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو کين جيل موڪلجي پر جيل به ڀريا پيا آهن. وڌيڪ رکي جوابداري نٿا کڻڻ چاهيون.“ ظاهر آهي جيل ۾ قيدين کي رکڻ سان هنن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو ته بندوبست ڪرڻو پوندو. نه ته هيومن رائيٽس وارا آڱريون کڻندا ۽ ملڪ بدنام ٿيندو. ان ڪري کين پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ سندن پاسپورٽ پائلٽ کي ڏنا وڃن ٿا جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي FIA پوليس حوالي ڪري ٿو.
    اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ملائيشيا حڪومت اميگريشن جي اهڙن ڏوهارين کي هڪ ويران ٻيٽ تي رکي ٿي جيسين هو سزا جو مدو پورو ڪن ۽ سندن مائٽ هنن ڏي واپسي جي ٽڪيٽ موڪلين.
    هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ هوس ته نوابشاهه پاسي کان ڪنهن نوجوان جو فون آيو:
    ”سائين مون کي توهان جو فون نمبر اسان جي شهر جي فلاڻي اديب کان مليو آهي توهان ۾ ڪم آهي.“ هن چيو.
    ”ڀلي ٻڌاءِ. ٿي سگهي ٿو منهنجي وس ۾ هجي.“ مون چيومانس.
    ”سائين آئون ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهيان. سو ان جو سوچي رهيو آهيان.“ هن چيو.
    ”ڀلي وڃ“، مون چيومانس، ”ڪا نوڪري ملي آهي يا گهمڻ لاءِ؟“
    ”نه نوڪري ته نه ملي آهي.“
    ”ته پوءِ شايد گهمڻ لاءِ؟ وزٽ ويزا تي وڃي رهيا آهيو؟“ مون پڇيو.
    آخر ڪجهه دير شرمائي هن ٻڌايو ته ”منهنجو هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو آهي. اها چوي ٿي ته اچ.“
    ”ته پوءِ هن ضرور توکي وزٽ ويزا تي گهرايو هوندو ۽ تو ڏي Sponsor جو ليٽر موڪليو هوندو.“ مون پڇيو.
    ”نه هوءَ چوي ٿي ته اچ.“ هن چيو.
    ”ته پوءِ هن کي خبر هوندي ته ان لاءِ ويزا جي ضرورت آهي ان جو هن کي يا توکي پاڻ ويزا جو ته بندوبست ڪرڻو پوندو.“
    ”نه هوءَ فقط چوي ٿي ته اچ. آئون هن سان شادي ڪري اتي رهڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو.
    ”ته ان لاءِ هن کي ويزا سان گڏ شادي ڪرڻ جي ارادي جو wedding ڊپارٽمينٽ کي اڳواٽ اطلاع ڪرڻو پوندو.“
    دراصل ملائيشيا ۾ هي قانون پوڙهن ملئي مردن ڪري ٺاهيو ويو هو جيڪي عيد برات شاپنگ بهاني ٿائلنڊ روانا ٿيندا هئا ۽ پوءِ واپسي تي ڪنهن ننڍي نيٽي ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ان کي وٺي ايندا هئا. پوءِ ان ”جهٽ پٽ جي شادي“ جي طلاق به ايترو ئي جهٽ پٽ ٿيندي هئي يا گهر ۾ پهرين زال سان جهيڙا شروع ٿيندا هئا ۽ ٻار رلي ويندا هئا. سو اهڙين جذباتي شادين کي گهٽائڻ لاءِ اهو قاعدو ٺاهيو ويو ته ڌارئين ملڪ جي ڇوڪري يا ڇوڪري سان شادي رچائڻ لاءِ ملائيشيا جي مرد توڙي عورت کي واسطيدار کاتي کي ڪجهه مهينا اڳ ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن سان شادي ڪري ٿو ۽ ڪري ٿي، جنهن جا particulars ڇا آهن.
    اسان جي هيرو صاحب جنهن ٻڌايو ته هو B.A پاس آهي ۽ ڪافي سال بيروزگار هو پر هاڻي هن کي مڙيئي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪلارڪي ملي آهي تنهن کي انگريزي صفا نٿي اچي ۽ ڇوڪريءَ جي ملئي زبان کيس نٿي اچي پر هو ڪئالالمپور وڃڻ چاهي ٿو.
    ”هوءَ ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي؟“ مون پڇيو.
    ”اها به خبر نٿي پوي جو هن جي زبان بلڪل سمجهه ۾ نٿي اچي.“
    ته پوءِ تون ڪئالالمپور پهچي ڪيڏانهن ويندين؟“ مون پڇيو.
    ”هن پنهنجي ائڊريس لکي آهي ان تي ويندس.“ هن چيو.
    ”پر ان تي به ڪئالالمپور جو ڪو پاڙو يا ڪو اوسي پاسي جو شهر لکيل هوندو.“ مون پڇيو.
    ”مون کي پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، آئون توهان ڏي هن جو SMS موڪليان ٿو ان ۾ ڏسي مون کي ٻڌايو.“
    ”مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي“، مون هن کي چيو، ”ته توهان شاديءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي بنا ڏٺي وائٺي، بنا ڳالهائي ٻولهائي، بنا هڪ ٻئي جي ڄاڻ رکڻ جي! اتي پهچي ڪيئن هڪ ٻئي سان دل جو حال احوال ڪري سگهندائو!“ واقعي حيرت جي ڳالهه ئي ته چئبي.
    ”سائين آئون مستقبل ٿو ٺاهڻ چاهيان. ملائيشيا جا ماڻهو امير آهن.“ هن چيو.
    ”سڀ ته نه آهن. ڪيترا آڻين ۽ چاڙهين واري حال ۾ آهن. هو گهر جو خرچ هلائڻ ۽ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ زالين مڙسين ٻه ٻه جاب ڪن ٿا.“ مون چيومانس.
    بهرحال آئون هن جي ڳالهه سمجهي ويس ته انٽرنيٽ چئٽ ذريعي هنن دوستي رکي آهي ۽ هي اسان جو سست هيرو جنهن کان نه وڌيڪ پڙهڻ پڳو ۽ نه ڪو هنر سکي پورهيو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. نوڪري ملي اٿس پر رشوت واري نه هجڻ ڪري سخت ڊپريشن ۾ آهي سو هاڻ هن اهو ئي Short cut ڳوليو آهي ته بقول هن جي ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ کي ڌتاري شاديءَ جي ٻنڌن ۾ جڪڙي سندس جوابداري ۽ خرچ پکو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو وڃي.
    اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي اها ٿي رهي آهي ته ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون محنت ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون، ايمانداري سان نوڪري ڪن ٿيون، پر اهو ڪم جيڪو ڇوڪرن کي اڃا به بهتر نموني سان ڪرڻ کپي جو هر گهر جي مرد جي اها ڊيوٽي آهي ته گهر جي خرچ پکي جو بندوبست ڪري، اهو ناهي. اسان وٽ ڪيترا ڇوڪرا شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ ئي سست آهن. ڇڪي تاڻي ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪن ٿا، پر علم نه هجڻ ڪري هنن کي نوڪري نٿي ملي. سياسي اثر رسوخ ۽ رشوت ڏئي نوڪري حاصل ڪن ٿا ته هنن کان ڊيوٽي نٿي پڄي! پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ائين ناهي. هر شادي جو لائق جوان ڇوڪرو ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي لڳل آهي. هن جي گهڻي تعليم حاصل نه ڪئي آهي ته ڪونه ڪو هنر سکي سٺو واڍو، درزي، اليڪٽريشن يا ويلڊر وغيره ٿي سٺو روزگار ڪمائي رهيو آهي. شادي بعد زال مڙس ايترو ڪمائين ٿا جو ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ کان وڌيڪ مهانگائي هجڻ جي باوجود هو سُکي زندگي گذارين ٿا.
    هڪ هنڌ شادين بابت لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي پاڻ ئي پروپوز ڪري پوءِ مائٽن سان صلاح مشورو ڪري شادي ڪن ٿا. جڏهن ڪو به ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته اهو Understood آهي ته ڇوڪرو سٺي روزگار ۾ لڳي چڪو آهي ۽ هاڻ هو شادي جي زندگي ۾ گهڙڻ چاهي ٿو. ڇوڪِري هن جي پگهار بابت معلومات حاصل ڪرڻ بدران هن جي اخلاق جي ڄاڻ حاصل ڪري هن سان يڪدم شادي رچائي ٿي. ڪيترا ڪلارڪ، ٽائپسٽ ۽ قاصد جيڪي ملاڪا ۾ منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا، انهن بابت منهنجي ڊپارٽمينٽ يا ٻين ڊپارٽمينٽ جون ڇوڪريون اچي پڇنديون هيون ته ”سر توهان جي آفيس جو فلاڻو ڪلارڪ مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ٻڌايو ته ڪيئن آهي؟“ يعني هو پگهار بابت نه پر اخلاق بابت پُڇنديون هيون.
    اسان جي اداري ۾ آفيسون وغيره صاف ڪرڻ لاءِ ڀنگي نه ٿين پر مالهي پنهنجي حد جون آفيسون به ٻهارين، ڇنڊين ته آفيس اڳيان ڇٻر ۽ گلن جي به سار سنڀال لهن. مون کي حيرت ٿي جڏهن اسان جي اداري جي هڪ سهڻي ملئي ڇوڪري مِس زيني، جيڪا ان وقت ٽيليفون آپريٽر هئي، اها مون کان منهنجي آفيس جي گارڊنر سبتو بن احمد بابت پڇڻ آئي، جنهن هن کي شاديءَ جو Proposal ڏنو هو. مون کيس ٻڌايو ته سبتو هڪ نيڪ ۽ محنتي نوجوان آهي. ايمانداري سان ڊيوٽي ڏئي ٿو ۽ هر وقت سندس منهن تي مرڪ رهي ٿي. اهو چئي پوءِ زينيءَ کي چيم ته تون هن کان وڌيڪ پڙهيل آهين ۽ ڄاڻ ته ٽيليفون آپريٽر مان ٽائپسٽ ٿيڻ واري آهين، توکي هي جوڙ عجيب نه لڳندو ۽ تون نه چاهيندينءَ ته تنهنجو مڙس ڪو ڪلارڪ يا آفيسر هجي؟
    هن جي جواب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. وراڻيائين: ”سر ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ بس انسان محنتي هجي، ايماندار هجي ۽ حق حلال جي ڪمائي گهر ۾ آڻي. توهان ئي ٻڌايو ته هو ٽوٽي يا لٿارجڪ مرد ته نه آهي؟“
    ”هرگز نه.“ مون چيو
    ”۽ توهان ئي چئو ٿا ته هو خوش اخلاق آهي ۽ هن کي پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو اونو آهي. مون کي هڪ سٺي مڙس ۾ ٻيو ڪهڙيون خوبيون کپن؟ ٻئي نوڪري ڪري گهر پيا هلائينداسين.“ زينيءَ چيو.
    سو هتي جي ملئي ماڻهن جي، شاديءَ بابت اها سوچ آهي ۽ هتي ملائيشيا ۾ اهو منظرنامو آهي ۽ ان تناظر ۾ جڏهن ڪا ملئي ڇوڪري ڌارئين ملڪ جي ڇوڪري کي شاديءَ جو خواهشمند ڏسي ٿي ته هوءَ اهو ئي Take it granted وٺي ٿي ته ڇوڪرو محنتي، پورهيت ۽ برسر روزگار هوندو ۽ شادي بعد ساڻس گڏجي گهر هلائي سگهندو.
    اڄڪلهه پاڪستان جو دنيا ۾ کڻي اهو نالو نه هجي، پر ان هوندي به ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، پاڪستان جي ماڻهن کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ جوابدار مڙس سمجهن ٿا جو ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڪيترين ئي يونيورسٽين، اسپتالن ۽ ترقياتي ادارن ۾ پاڪستاني پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نظر اچن ٿا ۽ ڪيترا اهڙا آهن، جن جون زالون هتي جون مڪاني ملئي عورتون آهن. سو ان تناظر ۾ اڄ به ڪيتريون ملئي ڇوڪريون پاڪستاني ڇوڪرن سان شادي ڪرڻ ۾ نقصان نه ٿيون محسوس ڪن. پر ڇا ڳالهه ڪجي انٽرنيٽ جي دنيا جي جنهن ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بنا ڏيٺ ويٺ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڇوڪرن طرفان پهتل مٺڙن Messages جي ڪوڙڪين ۾ پنهنجي دل اٽڪايو رکن ۽ پوءِ بعد ۾ اهڙيون شاديون سخت Failure ثابت ٿين ٿيون.
    اڳئين دفعي ملائيشيا پنهنجي رهائش واري شهر ملاڪا ۾ آيس ته ڀرواري ڳوٺ ’الور گاجا‘ جي هڪ دڪاندار پنهنجي ڌيءَ جي شادي ٽٽڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي انٽرنيٽ ذريعي هڪ پاڪستانيءَ سان دوستي ٿي، عشق ٿيو ۽ آخرڪار شادي ٿي. بعد ۾ خبر پيئي ته ڇوڪرو نه نوڪري ڪري ٿو ۽ نه ڪو هنر اٿس، جنهن ذريعي روزگار ڪمائي سگهي. هن ملائيشيا اچڻ جي خواهش ڏيکاري، پر هتي به ناڪارو ثابت ٿيو ۽ هيءَ شادي جهٽ ٽٽي پئي. اهو به ملئي ڇوڪرين جي حق ۾ بهتر آهي ته هتي شادي ٽٽڻ يا طلاق جو لعنتاڻو ڇوڪرين تي نٿو اچي ۽ نه ان ڳالهه کي عيب سمجهيو وڃي ٿو. سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن وانگر ملائيشيا جي حڪومت ۽ قانون به ڌارئين ڇوڪري بدران مڪاني ڇوڪريءَ جي مدد ڪري ٿو ۽ هن جي جهٽ ٻئي هنڌ شادي ٿيو و‎ڃي.
    ڇوڪريءَ جو پيءُ جتي هن پاڪستاني ڇوڪري جي ڪاهلي تي حيرت کائي رهيو هو، اتي هن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه هئي ته شادي بعد ڇوڪرو پنهنجي زال کي ڪنهن اولياءَ جي قبر تي دعا لاءِ وٺي ويو. هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا جي ماڻهن جو شافعي مڪتب فڪر سان واسطو آهي ۽ هو ان کي شرڪ سمجهن ٿا ته پاڪستان جا ماڻهو قبرن ۽ درگاهن تي وڃن ٿا. بهرحال مون کي ملائيشيا ۾ خبر پئي ته اهڙا چڪر ملئي ڇوڪرين ۽ پاڪستان جي ڇوڪرن ۾ انٽرنيٽ ذريعي هلندا رهن ٿا ۽ ڪجهه شاديون ته ڪامياب به ويون آهن. اهي پوڙهيون ملئي ڇوڪريون جن کي ڪو مڙس نٿي مليو، انهن کي هڪ عدد جوان پاڪستاني ڇوڪرو مليو وڃي ۽ اهي پاڪستاني محنتي ۽ همت وارا ڇوڪرا جن کي پاڪستان ۾ روزگار جو مسئلو آهي، اهي ملائيشيا پهچي ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي لڳيو وڃن.
    بهرحال هتي پاڻ ان پاڪستاني ڇوڪري جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ملائيشيا پهچي پنهنجي انٽرنيٽ جي دوست ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. مون کي خيالن ۾ گم محسوس ڪندي هن مونکي سندس موڪليل ميسيج پڙهڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ ملئي ڇوڪريءَ جي ائڊريس لکيل هئي.
    ” سائين مون ڪئالالمپور وڃڻ جي ٽڪيٽ جو قرض به هٿ ڪري ڇڏيو آهي ۽ آئون وزٽ ويزا جي بهاني اتي پهچي ڇوڪريءَ سان ملڻ ۽ اتي رهي پوڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو ۽ مون ڳالهائڻ بند ڪري هن جو موڪليل ميسيج پڙهيو، جيئن ائڊريس پڙهي کيس ٻڌايان ته اها ڇوڪري ڪهڙي شهر ۾ رهي ٿي ۽ ڪئالالمپور جي ڀرسان وارو شهر شاهه عالم، سبانگ جايا يا پتالنگ جايا آهي يا ڪلاڪ اڌ جي پنڌ تي سريمبان، ڪجانگ، نيلائي يا ملاڪا آهي.
    ائڊريس پڙهي آئون دنگ رهجي ويس ته هاڻ هن ڇوڪر کي جيڪو حيدرآباد کان اڳتي نه نڪتو آهي، ان کي ڇا ٻڌايان ته هيءَ ڇوڪري ”لبوئان“ ۾ رهي ٿي.
    ” اهو ڪٿي آهي؟“ منهنجي ٻڌائڻ تي هن پڇيو.
    دل ۾ مون سوچيو ته چڱو جو منهنجو جهاز هلائڻ ۽ جاگرافيءَ سان واسطو آهي نه ته Labuan بابت ته ڪيترن ملئي ماڻهن کي به خبر ناهي.
    ”ملائيشيا ملڪ جا دراصل ٻه حصا آهن.“ مون هن کي سمجهايو. ”جيئن ڪنهن زماني ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان هئا. ڪئالالمپور جنهن ملائيشيا ۾ آهي، اهو ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جي وچ وارو ملڪ ”مغربي ملائيشيا“ سڏجي ٿو. اهڙي طرح ايترو ئي پري ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ بورنيو نالي ٻيٽ آهي، جنهن جي اترواري حصي ۾ سباح ۽ سراواڪ رياستون آهن جيڪي مشرقي ملائيشيا سڏجن ٿيون. لبوئان وڃڻ لاءِ پهرين توکي ڪئالالمپور وڃڻو پوندو، ان بعد اتان ان بورنيو ٻيٽ جي سباح رياست جي شهر ڪوٽا ڪنابالو وڃڻو پوندو. لبوئان (Labuan) دراصل هن بورنيو ٻيٽ جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي جتي جيتوڻيڪ ايئر پورٽ به آهي پر لبوئان وڃڻ وارا گھڻو ڪري ڪوٽا ڪنابالو کان روزانو هلندڙ فيري ذريعي اتي پهچن ٿا.
    لبوئان جو ايترو پري هجڻ جو ٻڌي هو ماٺ ٿي ويو ۽ شايد عشق تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.
    ملائيشيا جون جيڪي ٽي فيڊرل Territories آهن. انهن مان ٻه سلينگور رياست ۾ ڪئالالمپور ۽ پترا جايا هڪ ٻئي ڀرسان آهن ۽ ٽيون هي ننڍڙو ٻيٽ لابوئان آهي. لابوئان ٻيٽ 75 چورس ڪلو ميٽر ٿيندو ۽ بورنيو ٻيٽ جي ڪناري کان 8 ڪلو ميٽر پري آهي.
    1840 تائين هي ٻيٽ خالي خالي هو. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو پر پوءِ اوس پاس جي سمنڊن ۾ قذاقن (Pirates) جي ڦرلٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزن هن ٻيٽ کي هيڊ ڪوارٽر بنائي قذاقن خلاف آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي. ان مقصد لاءِ هنن برونائي جي سلطان کان 1846ع ۾ لبوئان حاصل ڪري پنهنجي حوالي ڪيو. ٻي جنگ عظيم دوران (ڊسمبر 1941ع کان جون 1945ع تائين) هي ٻيٽ جپانين حوالي رهيو، جن هن ٻيٽ جو نالو Maeda Shine (مائيدا ٻيٽ) رکيو، جيڪو نالو جپاني ڪمانڊر توشيناري مائيدا سان منسوب ڪيو ويو. بعد ۾ انگريزن جي موٽڻ تي وري ساڳيو نالو لبوئان رکيو ويو.
    هن ٻيٽ لبوئان تي هڪ انگريز مئڪس ويل هال جو هڪ بيحد خوبصورت سفرنامو پڻ آهي، جنهن جو نالو آهي:
    Labuan Story: Memoirs of a Small Island near the Coast of North Borneo. (1958)
    هن ٻيٽ کي انگريزن وڪٽوريا ٻيٽ به سڏيو ٿي.


    باب اوڻيتاليهون

    سفر در سفر...

    ملائيشيا هڪ گهڻ قومو، گهڻ مذهبو ۽ گهڻ زبانو ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ ملڪ جي 50 سيڪڙو ملئي آدمشماري مسلمان آهي. ان کان علاوه باقي چينين ۽ انڊين ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن پر تنهن هوندي به ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ صحيح معنى ۾ هر هڪ کي پنهنجي مذهب جي پوئيواري ڪرڻ جي آزادي آهي.
    ملائيشيا جي هر شهر ۾ توهان کي مسجدن کان علاوه چينين ۽ هندن جا مندر، ٻڌن جا پگوڊا، سکن جا ٽڪاڻا (گوردوارا) ۽ عيسائين جا گرجا گهر نظر ايندا. اهي به پروٽيسٽنٽ عيسائين جا الڳ ته ڪئٿولڪ عيسائين جا الڳ. ملاڪا ۾ ته ”جانڪر اسٽريٽ“ وٽ انهن ٻن گرجا گهرن کان علاوه انڊيا جي تامل عيسائين جو چرچ الڳ آهي جنهن جو نالو ئي ”تامل ڪرسچن چرچ“ آهي. ان چرچ جي ئي ڀرسان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر (جنهن وٽ هن دفعي ملاڪا ۾ رهيس) جو ”ملاڪا ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ هو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. بهرحال ملائيشيا ۾ نه فقط مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جا پنهنجا پنهجا عبادت گهر آهن پر دنيا جي مختلف ملڪن مان، انهن مذهبن جا عالم هتي واعظ/ ليڪچر لاءِ ايندا رهن ٿا. PEACE ٽي وي تي ايندڙ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو ليڪچر به مون پهريون دفعو هتي ٻڌو. هن کان اڳ 1993ع ۾ مون هن کي ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گجراتي عالم احمد ديدات سان گڏ ڏٺو هو. ان وقت هو انڊيا جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد هو ۽ واعظ ڪرڻ سکي رهيو هو. انڊيا جي عالمن کان علاوه پاڪستان جا به ڪيترائي مفتي مولوي هتي واعظ/ تبليغ لاءِ ايندا رهن ٿا جن مان ڊاڪٽر طاهر القادري پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر محمد طاهر القادري هتي وڏي قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس انگريزي جا ليڪچر هتي جا ملئي توڙي ملائيشيا ۾ رهندڙ فارينر غور سان ٻڌن ٿا. هو اسلام جي ڄاڻ تي وڏي اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو ۽ دين جا اسڪالر هن کي ’شيخ الاسلام‘ سڏين ٿا.
    طاهر القادري صاحب کي ٻيو ڪو ڇا به سمجهي پر ڪئالالمپور ۾ اسان جو ميزبان ”روهڙي شريف“ جو حاجي غلام علي سولنگي هن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس ڊرائنگ روم ۾ جيڪا فقط هڪڙي فريم ٿيل تصوير لڳل آهي اها ڊاڪٽر طاهر القادري جي آهي. هن جي لاءِ اها فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته طاهر القادري صاحب سندس هن گهر ۾ رهي ويو آهي ۽ جيئن هو اڄ ڪلهه مون کي پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ڪئالالمپور ۽ اوسي پاسي جا سير ڪرائيندو وتي تيئن هڪ سڄو ڏينهن طاهر القادري صاحب هن جي ڀرسان هن جي ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ علي سولنگي کي ههڙي مذهبي شخصيت کي ڪئالالمپور گهمائڻ جو شرف حاصل ٿيو.
    هن کان اڳ مون کي طاهرالقادري جي ايتري ڄاڻ نه هئي. مون هن کي پاڪستان ۾ ٽي وي تي سياسي بيانن جي حوالي سان ڏٺو ۽ ٻڌو هو ته پاڪستان عوامي تحريڪ (PAT) سياسي پارٽي جو سرپرست (Founder) آهي پر هتي ڪئالالمپور ۾ علي سولنگي جي گهر ۾ طاهر القادري جي رکيل ڪتابن مان ڪجهه حصا پڙهي بيحد متاثر ٿيس ۽ علي سولنگي ۽ سندس ڀر واري گهر ۾ رهندڙ پاڪستان جي پنجابي فئملي کان طاهر القادري جي اسلامي خدمتن ۽ تعليمي قابليتن جي ڄاڻ ٿي.
    طاهر القادري صاحب 19 فيبروري 1951ع تي جهنگ شهر ۾ دين اسلام جي عالم فريد الدين قادري جي گهر ۾ ڄائو. هن جي وڏن جو تعلق پنجاب جي سيال فئملي سان آهي. پاڻ شروع جي تعليم جهنگ شهر جي ڪرسچن مشنري اسڪول Sacred Heart School ۾ ورتي جتي هن نه فقط انگريزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي پر هن جو عيسائين جي مذهب ۽ سوچ سان به واسطو پيو. پوءِ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن جي والد اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنکي مديني پاڪ جي ”مدرسته العلوم الشريعته“ ۾ داخل ڪرايو. هي مدرسو سيدنا ايوب الانصاري جي گهر ۾ آهي، جتي حضور صلي الله عليه وسلم جن مديني پهچڻ تي، شروع وارن ڏينهن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. مديني ۾ طاهر القادري صاحب ان مدرسي جي مولانا ضياءَ الدين مدني ۽ سيد علوي الملڪ جهڙن عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن پنهنجي پيءُ ۽ ٻين اسڪالرن وٽ ديني تعليم ورتي ۽ درسِ نظامي ۽ درس حديث مڪمل ڪيو. ان بعد قانون Law پڙهڻ لاءِ پنجاب يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. 1974ع ۾ LL.B ڊگري حاصل ڪئي ۽ اعلى رزلٽ ڪري هن کي گولڊ ميڊل مليو. ان بعد وڪالت دوران 1978ع کان 1983ع تائين هن پنجاب يونيورسٽي ۾ لا (قانون) پڙهايو. ان بعد هن اتان 1986ع ۾ قانون ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ساڳي وقت هو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو ليگل ائڊوائيزر پڻ مقرر ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامڪ ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفيزم، علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي اٽڪل 6000 کن ليڪچر ڏنا آهن جن مان ڪيترائي اردو، انگريزي ۽ عربي زبان ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اسلامي ڪتابن جي دڪانن تي ملن ٿا. هن جا انهن زبانن ۾ اٽڪل 400 ڪتاب آهن. 1989ع ۾ هن پاڪستان عوامي تحريڪ نالي سياسي پارٽي ٺاهي ۽ لاهور جي علائقي مان ايم اين اي به چونڊيو پر هاڻ ٻڌجي پيو ته هن جي سياست سان دلچسپي نه رهي آهي. هو ديني تعليم پکيڙڻ ۽ خدمتِ خلق جهڙن ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو. منهاج القرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي جيڪا گذريل 25 سالن کان 80 ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر طاهر القادريءَ لاهور ۾ 1986ع کان منهاج انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ کولي آهي جيڪا منهاج يونيورسٽي لاهور (MUL) به سڏجي ٿي. مارچ 2010ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري دنيا جي ميڊيا جو مرڪز رهيو جڏهن هن دهشتگردي (Terrorism) تي غير مشروط فتوا ڏني. آمريڪا مان نڪرندڙ ”فارين پاليسي“ مئگزن هن جو ان بابت حوالو /بيان ڏنو ته:
    “I am trying to bring (the terrorists) back towards humanism. This is a Jihad against brutality, to bring them back towards normality. This is an intellectual Jihad.”
    پنهنجي ڪئالالمپور واري ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ کي چيم ته ”يار لڳي ٿو ته توهان ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جا پڪا مريد آهيو.“
    ”ڊاڪٽر قادري جي واعظن ۽ ڪتابن جو به منهنجي ذهن تي اثر آهي پر منهنجو مرشد شيخ عفيف الدين الجيلاني آهي.“ علي سولنگيءَ چيو.
    ”ماشاءَ الله“منهنجي وات مان نڪتو.
    ”توهان هن کي ٻڌو آهي؟“ عليءَ مون کان پڇيو، ”هو بادشاهه پير دستگير جي اولاد مان آهي.“
    عفيف الدين جيلاني دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي ۽ عربي ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. مون سندس هڪ ليڪچر، گذريل سال هڪ CD تي ٻڌو، جيڪو هن هتي ڪئالالمپور ۾ ڏنو هو. ٻڌڻ وارن ۾ انيڪ ماڻهو موجود هئا جن ۾ ان وقت جو وزيراعظم احمد عبدالله بداوي به موجود هو ۽ عام ماڻهن سان گڏ پٽ تي ويٺل هو.
    ”ان ليڪچر جي سي ڊي مون وٽ به آهي،“ عليءَ چيو، ”۽ ان ليڪچر ۾ آئون به موجود هوس. حضرت عفيف الدين سال ۾ ٻه ٽي دفعا ملائيشيا ايندو آهي. اهو ليڪچر هن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏنو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته حضور صلعم جن وٽ هڪ نابين دعا لاءِ آيو هو.“
    ”جي ها. بلڪل اهو“ مون علي کي چيو، ”پر علي! شيخ عفيف الدين عرب ٿي ڪري ڇا ته هن جي انگريزي ۽ پر سحر ڳالهائڻ جو انداز آهي.“
    ”توهان ليکڪ ماڻهو آهيو، ساڻن ملندائو؟“ عليءَ پڇيو.
    ”ڪيئن ۽ ڪٿي ملجي، بغداد ۾؟ هتي ڪئالالمپور ۾ ته خبر ناهي ڪڏهن ٿو اچي ۽ جتي هيڏي ميڙ ۾ عبدالله بداوي جهڙا اهم ماڻهو ئي پري کان پٿل ماريو ويٺا آهن اتي هوندو هن کي ٽائيم پاڻ سان ملڻ جو؟“ مون عليءَ کي اهڙي نموني، بلڪه ٽون ۾ چيو ڄڻ هن کي چئي رهيو هجان ته ”علي! سَڌون اهي ڪجن جي پوريون به ٿي سگهن.“
    ”سائين ان جو فڪر نه ڪريو. سائين جن اڄڪلهه ڪئالالمپور آيل آهن، آئون ملڻ لاءِ معلوم ٿو ڪريان ته جيڪڏهن پير صاحب ملي سگهن ته سڀاڻي هلي ملون. هينئر ته رات ٿي وئي آهي.“ عليءَ چيو ۽ ان ئي وقت هن فون ملائي ڳالهايو. هو ڪجهه دير انگريزي ۾ ڳالهائيندو رهيو، پر مون ٻڌو نه پئي جو منهنجو ان وقت گهڻو ڌيان ٽي وي تان هتان جي ٽاپ ملئي ڳائڻي سيتي نور هاليزا ڏي هو، جيڪا ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ 200 کان مٿي مڪاني ۽ بين الاقوامي ايوارڊ کٽي چڪي آهي. هوءَ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مڙني ڳائڻين ۾ سڀ کان سهڻي آهي (اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر فوٽو ڇپيو ته توهان به ڏسي سگهو ٿا).
    Di Dalam Hatimu تنهنجي دل ۾
    Tlah Aku Temukan مون لڌو آهي
    Arti ke bahagiaan خوشي جو اولڙو
    Cintailah Aku Sepenuh hati پنهنجي سچي دل سان مون کي پيار ڪر
    Sesungguhnya Aku سچ ته هي آ، آئون
    Tak ingin Kau Pergi نٿي چاهيان ته تون هليو وڃ
    Takkan mampu ku hadapi Dunia ini
    تو کانسواءِ آئون دنيا کي منهن ڏئي نه سگهنديس.....وغيرهه وغيرهه.
    بهرحال هن ملئي ڳائڻي نور هاليزا جنهن کي ويجهڙائي ۾ ملائيشيا جي حڪومت طرفان داتڪ جو خطاب به مليو آهي، ان جون پوءِ ڳالهيون ڪنداسين، هتي پاڻ بغداد جي پير جي ڳالهه جاري رکون. اسان جي ميزبان فون رکڻ بعد اعلان ڪيو ته سڀاڻي پوري ڏهين وڳي هتان نڪرنداسين جو سائينءَ جن يارهين وڳي ملڻ جو وقت ڏنو آهي. مون ان کي Casually ورتو ۽ ان وقت تائين اهو ئي سوچيم ته عليءَ ”شيخ عفيف الدين“ جي سيڪريٽري کي چيو هوندو، تنهن هن کي ’ها‘ ڪئي هوندي ۽ پوءِ جيئن اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻهن سان ملڻ لاءِ پهچبو آهي ته در جا دربان اهو چئي موٽائي ڇڏيندا آهن ته ”سائين جن آرام فرمائي رهيا آهن.“ يا ”سائين جن اهم ميٽنگ ۾ آهن.“ خير ٿوري گهڻي خوشي ته ٿي جو منهنجو ايران مان ٿي اچڻ بعد شام ۽ بغداد وڃڻ جو ارادو هو، جتي شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي وڃڻ کان علاوه سندس موجوده گادي نشين شيخ عفيف الدين سان ملڻ جو ارادو هو، جيڪو هاڻ آساني سان هتي ٿي ٿو وڃي ته ڏاڍو سٺو. مون کي هڪ عدد ڪالم لکڻ لاءِ ملي ويندو. جي نه ته به ٺيڪ آهي. ٿي سگهي ٿو ساڻس ملاقات ٿئي، پر هو فوٽو نه ڪڍرائي، جو ضروري ناهي ته هر ماڻهو منهنجي سوالن جا جواب ڏئي ۽ فوٽو ڪڍرائي. دراصل اهي ئي ته ”فوٽو جرنلزم“ جا مسئلا آهن. پر ان معاملي ۾ آئون هر وقت انگريزي جو اهو قول ڌيان ۾ رکندو آهيان ته:
    Happy are those who do not expect.
    ”خوش اهي رهن ٿا، جيڪي اميد نٿا رکن“ يا کڻي چئجي ته اميد نه رکڻ وارا مايوسي کان بچيو وڃن. پر مون کي ٿوري گهڻي ملاقات جي اميد ان ڪري هئي جو ان رات شيخ عفيف الدين جي ڪئالالمپور ۾ ڪيل واعظ جي CD عليءَ کان وٺي هلايم ته ان ۾ علي عربن وارو وڏو جبو اوڍي اڳين قطارن ۾ ويٺل ماڻهن وٽ اچي وڃي رهيو هو، جنهن مان مون کي لڳو ته عليءَ جي هتي چڱي خاصي رهائي رسائي آهي.
    ٻئي ڏينهن آئون ته سوٽ ٽائي پائي تيار ٿي بيهي رهيس. عليءَ کي ٿورو بئنڪ جو ڪم هو. جيڪو هو جيئن ئي لاهي گهر پهتو ته گاڏي جي آواز تي آئون ڪئميرا کڻي اچي ساڻس ويٺس.
    ”سائين مون کي فقط ڏهه منٽ ڏيو ته آئون تيار ٿي اچان.“ عليءَ چيو.
    ”علي! فرسٽ ڪلاس سفاري سوٽ ۽ زبردست پالش ٿيل بوٽ ته پاتل اٿئي، اڃا ڪهڙي تياري ڪندين.“ مون پڇيو.
    ”نه يار آئون سائين سان ملندو آهيان ته ديسي ڪپڙا ۽ ٽوپي پائي پوءِ هلندو آهيان.“ عليءَ چيو ۽ يڪدم ڪمري ۾ وڃي اڇي رنگ جو جبو ۽ سنڌي ٽوپي پائي آيو ۽ بوٽ پائڻ بدران چمپل پائي هلڻ لڳو.
    ”پوءِ ڀلا آئون به ٽاءِ ڪوٽ لاهيان“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”نه تون ڀلي پاءِ پر هو منهنجي لاءِ مرشد آهي، سو آئون جڏهن به هن سان ملڻ ويندو آهيان ته هن ڊريس ۾ ويندو آهيان ۽ پَٽ تي ٿي ويهندو آهيان. توهان ڀلي هن جي ڀر ۾ صوفي تي ويهجو.“ عليءَ چيو.
    ”يار ڪرنگهي (Backbone) جي حادثي ڪري مون کان پٽ تي ويٺو نه ٿيندو،“ مون عليءَ کي ٻڌايو، ”پر جي ضروري سمجهين ته آئون به صوفي تي نه ويهان. پاڻ بيٺي بيٺي ملي وٺون. هونءَ به ههڙو مشغول ماڻهو وڌ ۾ وڌ پنج منٽ ملي سگهندو.“
    ”نه. اها ڳالهه نه آهي،“ عليءَ چيو، ”مون کين توهان جو ٻڌايو آهي ته توهان هتي ملائيشيا ۾ پروفيسر هئائو ۽ ملائيشيا تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿانوَ ۽ توهان کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان ايوارڊ به ملي چڪو آهي. هو توهان سان ڪجهه دير لاءِ ڪچهري ضرور ڪندو.“
    بهرحال اسان گهران نڪتاسين ته عليءَ جي فون جي گهنٽي وڳي ۽ ڪجهه سندس هڪ طرف ڳلهائڻ مان ڪجهه فون رکڻ بعد پاڻ ٻڌائين ته سائين جن جي سيڪريٽري جو فون هو. اڄ واري ملاقات لاءِ معذرت ڪئي وئي آهي جو سائين جن جي طبيعت ڪجهه صحيح ناهي ۽ چڪاس لاءِ اسپتال وڃي رهيا آهن.
    عليءَ کي منهنجي لاءِ ڏک ٿيو ته هو ”شيخ عفيف الدين“ سان منهنجي ملاقات ڪرائي نه سگهيو ۽ هاڻ هو سڀان پرينءَ پروگرام مطابق نيوزيلينڊ هليو ويندو، جتي هن کي اسلام تي ٽي چار ليڪچر ڏيڻا آهن. مون عليءَ کي سمجهايو ته هو ان جو فڪر بلڪل نه ڪري. زندگي ۾ اهي لهرون ۽ لوڏا ايندا رهن ٿا. ضروري ناهي ته هر ڳالهه اسان جي مرضي مطابق ٿئي. بهرحال حياتي ۽ صحت رهي ته هن عالم سان آئون بغداد وڃي ملاقات ڪندس.
    اسان موٽي گهر آياسين. عليءَ ڪپڙا بدلائي هڪ دفعو وري انگريز ٿيو، يعني عربن وارو جبو لاهي پتلون شرٽ اوڍي. پوءِ اسان ڪئالالمپور جي سير تي نڪري پياسين، بلڪ هن منهنجي چوڻ تي ڪئالالمپور جي بِرڪ فيلڊ واري علائقي جو چڪر ڏيارڻ لاءِ هليو، جتي منهنجو ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اڪثر اچڻ ٿيندو هو، خاص ڪري سستي رهائش ڪارڻ اتي اچبو هو جو اتي YMCA ۽ ٻيون گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون جام هونديون هيون. واپسي تي عليءَ جي چوڻ تي اسان رات جي ماني ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر اچي کاڌي. ڊاڪٽر لياقت علي جو دوست ۽ اسان جي ڳوٺ جو آهي، پر منهنجي ساڻس پهرين ملاقات هتي ئي ٿي. علي مون کي پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو ٿي ته هالا جو هڪ انجنيئر لياقت ميمڻ هتي Ph.D. ڪرڻ لاءِ آيل آهي. طبيعت جو ڏاڍو سٺو آهي ۽ بيحد چرچائي جوان آهي، هن سان ضرور ملو.
    بهرحال برڪ فيلڊ علائقي ۽ هالن جي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جو احوال نئين چئپٽر ۾ ئي ڪبو، هتي پاڻ بغداد کان هتي ڪئالالمپور آيل سيد الشيخ عفيف الدين جيلاني سان ملاقات جو احوال مڪمل ڪريون، جن سان ٻئي ڏينهن بنا ڪنهن اميد جي اوچتو ملاقات ٿي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جي نيرن بعد عليءَ کي چيم ته تون ته آهين صفا مولوي ماڻهو، جيتوڻيڪ سعودي عرب ۽ ايران جا مولوي به فوٽو پيا ڪڍرائين. بهرحال هتي جي هندو ۽ چيني مندرن ۽ باتو غارن ۾ ٺهيل ڀڳوانن ۽ هتي جي ملئي ڇوڪرين جا جيڪي هتي جو مڪاني لباس ’باجو ڪرونگ‘ ۽ ”باجو ڪبايا“ پائي پيون هلن، انهن سان تون ڀلي فوٽو نه ڪڍراءِ پر منهنجا ته هلي ڪڍ يا ٻي صورت ۾ آئون پنهنجي ڪنهن پراڻي شاگرد کي فون ڪري فوٽو گرافي لاءِ پاڻ سان کڻي هلان. ڳالهه اها آهي ته اڪيلو فوٽو گرافي لاءِ نڪرڻ تيِ هر هنڌ ٻن ماڻهن کان موڪل يا منٿ ميڙ ڪرڻي پوي ٿي. اهو ماڻهو مرد، عورت يا ڇوڪري جنهن جي ڊريس يا ڪنهن ٻي ڳالهه کان متاثر ٿي توهان فوٽو ڪڍڻ چاهيو ٿا ۽ جيڪڏهن توهان هن سان گڏ بيهي ڪڍائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٻيو، فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪو راهگير ڳولڻو پوي ٿو، جيڪو فوٽو ڪڍي.
    عليءَ هائوڪار ڪئي ۽ آئون کيس جالان تئانڪو عبدالرحمان واري شاهراهه ۽ مسجد انڊيا وارين گهٽين ۾ وٺي آيس، جتي منهنجي موڪل جا ڏينهن اڪثر گذرندا هئا. اتي انهن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايم ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪيم ۽ عليءَ کي انهن عمارتن ۽ مالڪن سان ڪجهه وابسته ڳالهيون ٻڌايم.
    ”علي! هن چوٽر مل جي دڪان ڀرسان هڪ ٻئي پوڙهي سنڌي هندو جو ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. هُن پيريءَ ۾ هڪ جوان مسلمان ملئي عورت سان شادي ڪئي،“ مون چيو، ”اها شادي هن لڪ چوريءَ نه پر ظاهر ظهور ڪئي هئي. هو هر وڏي دعوت ۾ هن ملئي جوان عورت کي وٺي ايندو هو ۽ سڀ پيا ڏسندا هئا ۽ تعجب کائيندا هئا ته هڪ مسلمان عورت مذهب جي خلاف غير مذهب جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ ٻيو ته هوءَ ههڙي جوان، سهڻي ۽ هر وقت ميڪ اپ ۾ ٻهڪندڙ ٿي هڪ اهڙي ڪراڙي مرد سان شادي ڪئي آهي، جنهن جي ڳچيءَ جي چمڙي هڪ طرف پئي لڙڪي ته ٻن دلن جيڏو پيٽ ٻئي طرف.“
    ”مون کي ته يقين ئي نٿو اچي.“ عليءَ چيو.
    ”مون وٽ ته ان وقت جون تصويرون به آهن. هي هندو سيٺ وڏي پئسي ۽ اثر رسوخ وارو هو، اڪثر وزيرن ۽ وڏن ماڻهن جي دعوت ۾ زال سان گڏ ايندو هو. هڪ دفعو ته هن ڀرواري دڪان گلوب سلڪ اسٽور وارن ان وقت جي وزيراعظم مهاتير کي گهر ۾ دعوت ڪئي، ان ۾ به هي آيا هئا. مون سان گڏ اڏيري لعل جو اسرار شاهه (آءِ جي پوليس مشتاق شاهه جو مامو) ۽ پاڪستان ايمبسي جو پريس سيڪريٽري خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاءُ) به موجود هو. هينئر هجي ها ته توکي ان هندو سيـٺ سان ملايان ها.“
    ”ڪيڏانهن ويو هليو؟“ عليءَ پڇيو.
    ”اوڏانهن ئي جيڏانهن پاڻ سڀني کي هلڻو آهي. انهن ڏينهن ۾، اسي واري ڏهي ۾ ئي مرڻ تي هو جو سڀني پئي چيو ته ڇوريءَ پئسي خاطر هن مڙهه سان شادي ڪئي آهي. ڪو اهڙو اميتاڀ بچن ته نه آهي. يعني ان وقت جو اميتاڀ بچن. هاڻ ته اهو ۽ اسان به جهونا ٿي ويا آهيون. ان کي 25 سال اچي ٿيا آهن.“
    ”۽ سندس ملئي زال؟“ عليءَ پڇيو.
    ”الائي ڪيڏانهن وئي. هن جي قبر تي ميڻ بتيون ٻاري ته نه ويٺي هوندي. هن جي ڪو وڃي جوان ڳوليو هوندو ته به هن جو حق آهي ته ڪنهن سان شادي ڪري بلڪ شادي جو اصل شوق پورو ڪري. پر اهو آئون به ڏسندو هوس ته هن جوڙي کي ڏسي ملئي ماڻهن جا شرم کان ڪنڌ جهڪي ويندا هئا.“
    اسان اوڊين سئنيما وٽان ساڄي مڙي، نوبل هوٽل ۽ سموئا Semua هائوس شاپنگ سينٽر وٽ پهچي، هاڻ مسجد انڊيا جي ٻاهران، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ميڙاڪن کي ڏسڻ ۽ خبرون چارون ڪرڻ لاءِ جالان (شاهراهه) عبدالله منشي تي اڃان پهتاسين مس ته علي سولنگي جي فون جي گهنٽي وڳي. گهنٽيون ته هن کان اڳ به وڄنديون رهيون پئي، بلڪ ڪيترا دفعا علي کي چوندو به رهيس ته ڀلي ٽيليفون اٽينڊ ڪر، تيسين آئون هيڏانهن هوڏانهن دنيا جو ديدار ٿو ڪريان، پر عليءَ پاسيرين اکين سان فون جي اسڪرين تي ڪالر جو نالو پڙهي فون بند ڪري ٿي ڇڏيو.
    ”آفيس کان آهي، پوءِ پيو ڳالهائيندس.“ هن ٿي چيو يا وري ”هڪڙي واقفڪار جو فون آهي هن وقت ساڻس ڳالهائڻ اهڙو ڪو ضروري ناهي.“
    پر هن ڀيري فون جي گهنٽي تي عليءَ فون ڪندڙ جو نالو پڙهي منهنجي ڪئميرا يڪدم منهنجي حوالي ڪري، روڊ تان لنگهندڙ بسين، ڪارين جي گوڙ کان بچڻ لاءِ ٻئي ڪن کي هٿ سان بند ڪري غور سان ٻڌڻ لڳو ۽ رکي رکي ”ييس سر! ييس سر!“ چوڻ لڳو. مون کي اها ئي حيرت ٿي ته عليءَ جو باس وري ڪهڙو آهي!“ اهي باس سرڪاري نوڪرين يا ٻئي وٽ پگهاردار ٿي بيهڻ تي ٿين ٿا.
    پنهنجي پرائيويٽ ڌنڌي ۾ جتي نقصان جو خوف رهي ٿو، اتي ڪنهن باس جو نٿو رهي جو هو پاڻ ان بزنيس جو مالڪ آهي ۽ پاڻ ئي باس آهي. بهرحال آخر ۾ ”سر ميڪ اِٽ ون اور“ چئي عليءَ ٿئنڪ يو سر چئي فون بند ڪيو ۽ مون کان ڪئميرا واپس وٺي فوٽو ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪرڻ بدران چيو: ”سائين هلو گهر. حضورِ والا اچڻ لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڻ ته چيائون ته اڌ ڪلاڪ اندر هليا اچو، پر مون چيو مان ته اسان ڪلاڪ ۾ ٿا پهچون.“
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو، ”هتان پاڻ کي ويهه منٽ به نه لڳندا.“
    ”سائين پهرين گهر هلڻو پوندو.“ عليءَ چيو.
    ”گهر ڇو؟“
    ”حضورِ والا سان ملڻ مهل آئون هي انگريزن واري ڊريس نه پائيندو آهيان.“ عليءَ چيو.
    آئون سمجهي ويس ته عليءَ کي شيخ عفيف الدين جيلاني سان ايڏي ته عقيدت آهي جو هو جنهن بهتر نموني ۾ پيش ٿيڻ سمجهي ٿو، اهو ئي قائم رکڻ چاهي ٿو. هن اهو به چيو هو ته هو جڏهن شيخ جيلاني سان ملندو آهي ته هميشه وضو ڪري ويندو آهي جو بنا وضوءَ جي هو ڪنهن اهل بيت سان هٿ ملائڻ نٿو چاهي. هونءَ به حضور صلعم جن سان علي سولنگي بيحد عقيدت ۽ محبت رکي ٿو. سندس زبان تي هر وقت درود شريف رهي ٿو. کيس بزنيس جي سلسلي ۾ سڄي ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃڻو پوي ٿو. عليءَ ٻڌايو ته هو ڪئالالمپور کان ملاڪا، ملاڪا کان جوهور، يا هن پاسي شاهه عالم کان اپوح، اپوح کان پينانگ يا ڪيلنتان ۽ ترنگانو رياستن ڏي ڊرائيونگ دوران سڄو وقت درود شريف پڙهندو وڃي ٿو ۽ ڳڻڻ لاءِ هن وٽ ان وقت مڪينيڪل ڪائونٽر هوندو آهي. عليءَ ٻڌايو ته هن جي خواهش آهي ته زندگيءَ ۾ هڪ وار هو هڪ ڪروڙ درودن جو تعداد مڪمل ڪري. سندس ڳالهين مون کي ۽ سندس چمڙي جي سامان جي واپار ۾ پارٽنر محمد شفيق کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اسان به هڪ لک درود پڙهڻ جو عزم ڪيو. هونءَ اسان واري علي سان گڏ پنجاب جو هي بزنيس مئن شفيق پڻ بادشاهه پير دستگير جي هن گرانڊ سن شيخ عفيف الدين جو مريد آهي. محمد شفيق جي آفيس پڻ علي جي آفيس واري علائقي ’تمن باتو‘ ۾ آهي. هي علائقو جالان ڪچنگ روڊ جي هڪ طرف آهي ۽ سندس ڪمپني جو نالو TSN Star Sdn Bhd آهي. عليءَ رستي تان ئي شفيق کي فون ڪيو ته اسان وڃون پيا تون به سائين جن جي گهر ”تمن سيتيا ونگسا“ پهچي وڃ. ملائيشيا ۾ مختلف علائقا تمن سڏجن ٿا، جنهن جي معنيٰ چمن، گلستان يا گلشن سمجهڻ کپي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال آهي يا حيدرآباد ۾ گلستان سجاد آهي. ڪئالالمپور جو هي ’تمن‘ جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو پڻ جالان (يعني شاهراهه) Setia Wangsa آهي.
    شفيق ڊائريڪٽ وڃڻ بدران عليءَ جي گهر پهچي پوءِ هن جي ئي ڪار ۾ هلڻ چاهيو ٿي. علي جبو شبو اوڍي مٿي تي سنڌي ٽوپي رکي شفيق جو انتظار ڪرڻ لڳو. شفيق خبر ناهي ڪهڙي علائقي کان اچي رهيو هو ۽ رستي تي ٽريفڪ ۾ اهڙو ڦاسي ويو جو اسان جو ڪلاڪ ته اتي ئي پورو ٿي ويو.
    ”علي! هاڻ ڇا ڪجي؟ شيخ صاحب هليو نه وڃي؟“ مون پنهنجي اندر جي خوف جو اظهار ڪيو.
    ”انشاءَ الله ملاقات ٿي ويندي،“ عليءَ ٻڌايو، ”هر دفعي مون کان دير ٿيو وڃي، ان ڪري هن دفعي اڌ ڪلاڪ بدران ڪلاڪ چيم، پر شفيق دير ڪري ڇڏي.“
    ”چئبو ته هوبه سمجهندو هوندو ته اسان پاڪستاني وقت جا ڪيترا پابند آهيون.“ مون چيو. بهرحال شفيق صاحب به پهچي ويو، جنهن کي پنهنجي ڪار ۾ ويهاري روانا ٿياسين. تمن سيتيا ونگسا هڪ پهاڙي تي رهائشي علائقو آهي ۽ جبل جي آخري ۽ مٿاهين هنڌ تي جيڪو پلاٽ آهي، اتي ”دارالجيلاني“ نالي شيخ عفيف الدين جيلاني جو گهر ۽ ”الواريسين ٽرسٽ“ جي آفيس آهي، جنهن جو شيخ صاحب چيئرمين آهي. هي علائقو عليءَ جي گهر کان ڪافي پري آهي ۽ منجهند جي ڪري ٽريفڪ وڌڻ ۽ جبل جي چڙهائيءَ ڪري اسان کي اڌ ڪلاڪ کان به مٿي لڳي ويو. گهر جي بلڪل ويجهو پهتاسين ته هڪ وڏي پروڊا ٽائيپ گاڏي اسان جي سامهون گذري وئي. عليءَ چيو ته اها گاڏيءَ پير صاحب جي آهي. اسان کي ڏاڍو افسوس ٿيو. عليءَ چيو ته ڀلا گيٽ تائين ته هلون. گيٽ تي پهتاسين ته ٻن سيڪيورٽي گارڊن عليءَ جو نالو ٻڌي مين گيٽ کوليو ۽ اسان اليڪٽرونڪ Scanner مشين مان گذري اندر آياسين. عليءَ هڪ گارڊ کي ملئي ۾ گاڏيءَ لنگهڻ جو ٻڌائي چيو ته اسان سمجهيو ته ”تئان“ (صاحب) اسان جو انتظار ڪري هليو ويو. گارڊ ٻڌايو ته هو اسان لاءِ ئي ويٺو آهي. ڊرائيور پنڪچر ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ گاڏي ڪاهي پئي ويو. اسان جي مين هال ۾ گهڙڻ جي آواز تي ڀرواري ڪمري مان شيخ عفيف الدين صاحب ٻاهر نڪتو ۽ اسان سڀني کي وڏا ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيو. هن اسان کي پنهنجي ڀرسان صوفن تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، پر علي ۽ شفيق هيٺ پٿل ماري ويٺا ۽ جنهن نموني سان شيخ صاحب هنن کي هنن جي حال تي ڇڏي ڏنو ۽ جنهن نموني سان هو ساڻن خبرون ڪري مائٽن مٽن جا حال احوال وٺي رهيو هو، ان مان صاف لڳو ٿي ته هنن کي واقعي شيخ صاحب جي قرب ۽ شفقت جو شرف حاصل آهي. پاڻ اسان کان گذريل ملاقات ڪئنسل ڪرڻ جي معافي ورتي. ”منهنجو دراصل پيٽ خراب ٿي پيو،“ شيخ صاحب ٻڌايو، ”ايتريقدر جو ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو، جنهن سُئي هنئي، ان بعد فرحت محسوس ڪيم.“
    اسان جي پڇڻ تي ته آيا کين پهرين به اها تڪليف رهي آهي، پاڻ ٻڌايائون: ”1995ع ۾ جڏهن لاهور آيو هوس ته اتي جيڪي ٻوڙ کارايا ويا، انهن ۾ مرچ مسالا ڪجهه وڌيڪ ئي هئا. پهريون دفعو اتي منهنجو پيٽ خراب ٿيو. دراصل منهنجي والد مرحوم کي گهڻن مرچن وارو ٻوڙ وڻندو هو سو هنن منهنجي به اهڙي ٻوڙ سان خاطر تواضع ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن به مسالن وارو کاڌو کاوان ٿو ته تڪليف ٿيو پوي. ان ڏينهن ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن کائڻ جو شوق ٿي پيو، سو اها گهرائي کاڌم ته تڪليف ٿي پيئي.“
    بهرحال شيخ عفيف الدين اسان سان، خاص ڪري مون سان به، جنهن جو جيتوڻيڪ پهريون دفعو هو، اهڙو فري ٿي مليو ڄڻ پراڻي واقفيت هجي. هو مون کي بيحد فضيلت وارو ۽ ٻين سان پيار ۽ ادب سان ملڻ وارو انسان لڳو. عليءَ ٻڌايو ته پنهنجي والدين جي ڏاڍي عزت ڪري ٿو. پيءُ گذاري ويو اٿن، سندن والده جو بغداد کان فون ايندو آهي ته اٿي بيهي ڳالهائيندا آهن.
    ملائيشيا ۾ ڌارين کي هميشه لاءِ رهڻ (P.R) جي اجازت ڏکي ملڻ تي پاڻ ٻڌايائون ته هو يمن جي هڪ امير مخير همراهه کي سڃاڻي، جيڪو ملائيشيا ۾ مسجدون ۽ ٻيا خير جا ڪم پيو ڪري، پر ملائيشيا جي حڪومت ان کي به پي آر (Permanent Residency) جي آفر نه ٿي ڪري، جيتوڻيڪ هن کي ان جي ضرورت ئي ناهي ۽ نڪي گهري ٿو. هوڏانهن سنگاپور وارا کيس ڊائريڪٽ شهريت (Citizenship) ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
    ”جڏهن احمد بداوي ملائيشيا جو وزيراعظم هو ته هن سان منهنجي اڳيان ڪنهن ڳالهه ڪئي ته هو به لنوائي ويو. چوڻ لڳو ته هڪ پروسز آهي، ان موجب اپلاءِ ڪندو ته هتي رهائش ملي ويندس.“ شيخ صاحب ٻڌايو.
    اسان کي جلدي موڪل ڏيڻ بدران شيخ جيلاني صاحب اسان سان گڏ ويهي چانهه پيتي. کين مون بابت عليءَ به ڪافي ٻڌايو هو ته آئون هتي ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائي ويو آهيان ۽ هينئر به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ايندو رهان ٿو. هو مون سان منهنجي لکيل ڪتابن بابت به خبرچار ڪندو رهيو. ”گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته منهنجي پاڪستان جي سفير ظفر شيخ سان به ملاقات ٿي هئي، شايد توهان جي فئملي مان آهي.“ هن مون کان پڇيو.
    ”هن سان منهنجي 40 سالن کان دوستي آهي جڏهن هو پهرين فارين پوسٽنگ تي ٽوڪيو ۾ آيو هو. جپان جي سفرنامن ۾ سندس ڪافي ذڪر ڪيو اٿم.“ مون ٻڌايو.
    پاڻ سيڪريٽري کي اسان لاءِ چاڪليٽ آڻڻ لاءِ چيو، جنهن چاڪليٽن سان ڀريل هڪ وڏو مخبو اسان جي اڳيان اچي رکيو. ”توهان اهي کائو ته الطاف لاءِ ڪجهه ڪتاب کڻي اچان.“ شيخ صاحب چيو ۽ ڀرواري ڪمري ۾ هليو ويو. اسان هڪ ٻئي پويان ٽي چار چاڪليٽ چٽ ڪري ڇڏيا. سالن کانپوءِ صحيح قسم جا چاڪليٽ چکڻ جو موقعو مليو هو. جهاز تي هجبو هو ته اهڙي قسم جا چاڪليٽ لاس پاماس ۽ برمودا جهڙن ٻيٽن تي ’ڊيوٽي فري‘ قيمت تي ملندا هئا. عليءَ کي چيم ته اهو سوال نه ڪجانءِ ته ”چانهه پيئڻ وقت آئون رڙيون ڪندو رهيس ته شگر جو مريض آهيان، بنا ڪئنڊرل جي چانهه نه پيئندس ۽ هاڻ چاڪليٽ پيو کاوان.“ عليءَ به مرشد جي سوغات کي وڏي عزت سان کڻي نه فقط کاڌو پر صلاح ڏني ته تبرڪ طور هڪ هڪ کڻي به هلون. کيسي ۾ وجهڻ بعد شفيق کي خيال آيو ۽ چيو: ”يارو پاڻ به غلط ڪم ڪيو آهي. سائين اچي ها ته ان جي منهن تي اجازت وٺي کيسي ۾ وجهون ها. چوڌاري ڏسو ٿا ته ڪيتريون ڪئميرائون لڳل آهن، ٻاهر سيڪيورٽي وارا الائي ڇا سوچين ته پير صاحب جي وڃڻ بعد اسان خبر ناهي کيسي ۾ ڇا وڌو.“
    ”اها خبر ته نڪرڻ مهل مين گيٽ وٽ پوندي، جتي آپريٽر هر چرپر مانيٽر (اسڪرين) تي Scan ڪري رهيا آهن.“
    ”ٿي سگهي ٿو اها وڊيو ڏسي پير صاحب خوش ٿئي ته سندن مٺائي اسان کي وڻي آهي،“ مون عليءَ کي چيو، ”بهرحال ان قسم جا چاڪليٽ موڪلي ته مون لاءِ رکجانءِ.“
    ”سائين بادشاهه ماڻهو آهي. هونءَ ئي مهربانيون ڪندو رهي ٿو.“ علي چيو.
    شيخ صاحب پاڻ سان سندن لکيل ڇهه ست ڪتاب کڻي آيو ۽ مون کي ڏنائون. عليءَ کي سنڌيءَ ۾ آهستي چيم ته سائين جن خبر ناهي فوٽو ڪڍرائين يا نه.
    ”بلڪل ڪڍرائين“ عليءَ مون کي ورندي ڏيندي شيخ صاحب سان منهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ منهنجي چوڻ تي ڪيترائي فوٽو ڊرائنگ روم ۽ ٻاهر نڪري ڪڍرايا. پاڻ اهو به ٻڌايون ته هو ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد (۽ شايد ٽنڊومحمدخان يا ڪنهن ٻئي ٽنڊي جو پڻ نالو ورتائون) آيا هئا .
    شيخ صاحب جن کي هتي ملائيشيا ۾ ڪي مولانا شيخ ۽ تئان (عزت ماب) به سڏين ٿا، سندن ڏنل وزيٽنگ ڪارڊ موجب سندن سڄو نالو ”الشيخ السيد عفيف الدين الجيلاني البغدادي“ آهي. سندن سڄي دنيا ۾ ڪيترائي مريد، شاگرد، پوئلڳ آهن، جيڪي هن جي رهنمائي ۽ علم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پاڪستان، سريلنڪا، انڊيا، عراق، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ آهي. پاڻ دارالقادريه جو سربراهه ۽ الواريسين ٽرسٽ جا چيئرمين آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ اسلامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندا رهن ٿا.
    شيخ عفيف الدين الجيلاني سلطان اولياءَ (بادشاهه پير) شيخ عبدالقادر الجيلاني الحسيني جي ارڙهين پيڙهي ۾ ۽ حضور صلعم جن جي ٽيٽيهين پيڙهي ۾ آهن. حضرت عبدالقادر جيلاني جن کي غوث اعظم به سڏيون ٿا، 1077ع (470هه) ۾ ايران جي صوبي گيلان ۾ ڄاوا ان ڪري هو گيلاني سڏجن ٿا، پر جيئن ته عربي زبان ۾ ”گ“ جو اُچار ناهي، ان ڪري عرب دنيا ۾ هو جيلاني سڏجن ٿا. هنن جي والد جو شجرو امام حسن سان ملي ٿو ۽ والده جو امام حسين سان. ان ڪري سندن نالي سان گڏ الحسني ۽ الحسيني به لکيو وڃي ٿو. پاڻ وڏو بزرگ ۽ عالم انسان ٿي گذريو آهي. سندن ننڍپڻ جي ڪهاڻي اڪثر ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي ته شيخ عبدالقادر جيلاني جڏهن ننڍو ٻار هو ۽ ڪنهن قافلي سان گڏ بغداد شهر وڃي رهيو هو ته رستي تي ڌاڙيلن قافلي جي ماڻهن تي حملو ڪري سڀ ڪجهه کسي ورتو. هن کان جڏهن هڪ ڌاڙيل پڇيو ته نينگر تو وٽ به ڪجهه آهي ته پاڻ يڪدم چيائون ته ”مون وٽ چاليهه دينار آهن.“ ڌاڙيل سندس سامان ڦولهيو پر ڪجهه نه مليس. ان تي ڌاڙيل هن کي پنهنجي سردار وٽ وٺي ويو ته هن ڇوڪر چيو ته هن وٽ 40 دينار آهن، پر سامان مان ته ڪجهه به نه نڪتو آهي.
    سردار ڪاوڙجي چيو ”نينگر تون اسان سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“
    ڇوڪر جواب ڏنو ”هرگز نه. منهنجي ماءُ 40 دينار منهنجي شلوار اندر سبي ڇڏيا آهن.“
    ان تي هنن جڏهن جاچ ورتي ته پئسا واقعي نڪري آيا. سردار کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ هن چيو ته ”ڇوڪرا! تون چاهين ها ته اسان کي نه ٻڌائي پنهنجا پئسا بچائي سگهئين ٿي. تو ائين ڇو نه ڪيو؟“
    شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جواب ڏنو: ”سفر تي نڪرڻ وقت منهنجي والده مون کي چيو هو ته پٽ چاهي ڪو توکي مارڻ لاءِ آتو هجي ته به ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ جو الله انهن ماڻهن مان هرگز خوش نٿو ٿئي، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا.“
    ننڍڙي نينگر جي اها ڳالهه ٻڌي سردار کي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ته هڪ ٻار ٿي ڪري ڪيڏو نيڪ آهي ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڏوهن جو ايڏو ته احساس جرم ٿيو جو قافلي جي ماڻهن کان کسيل سموريون شيون واپس ڪري ڇڏيون.
    پير عبدالقادر جيلاني فقهي، حديث ۽ تفسير جو وڏو عالم ٿيو ۽ چاليهه سال اسلام جي خدمت ڪندو رهيو، جنهن ۾ هن لکين ماڻهن کي مسلمان بنايو ۽ ڪيترائي ٽولا ٺاهيائين، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي دعويٰ جو ڪم ڪن. پاڻ سن 1166ع يعني هجري سنه 561 ۾ وفات ڪيائون. سندن مقبرو بغداد شهر ۾ سندن مدرسي ۾ آهي، جيڪو دجله ندي (Tigris) جي اوڀر واري ڪپ تي باب الشيخ وٽ آهي.
    شيخ عفيف الدين جيلاني 1972ع ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ پرائمري اسڪول کان ڪاليج ليول تائين بغداد مان ئي تعليم حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ شيخ عفيف جا خاص سبجيڪٽ اسلام ۽ شريعت هئا. پاڻ شيخ عبدالقادر جيلاني مسجد ۽ بغداد جي ٻين به ڪيترين ئي مسجدن جو امام ۽ خطيب ٿي رهيو آهي. اسلامي دنيا ۾ جيلاني فئملي (شيخ عفيف الدين جي فئملي) اسلام جي تبليغ جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل فئملي سمجهي وڃي ٿي ۽ عراق ۾ هو اهل بيت فئملي جا سربراهه سمجهيا وڃن ٿا. يعني هو حضور صلعم جن جي اولاد مان آهن ۽ نقاب الاشرف سڏجن ٿا. شيخ عفيف الدين هن فئملي جو موجوده عالم ۽ طريقه القادريه جو سربراهه آهي، جنهن کي فقهي، اسلامي قانون ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ آهي.


    باب چاليهون

    ڪئالالمپور جو سير سپاٽو

    اجيئن ڪراچيءَ جو انگريزن جي ڏينهن تائين مرڪزي علائقو لي مارڪيٽ ۽ پوءِ پاڪستان ٿيڻ وقت يا اڄ ڏينهن تائين صدر آهي، تيئن ڪئالالمپور جو مرڪزي علائقو جامع مسجد، ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ وارو آهي ۽ جيئن گرو مندر، لسٻيلو، رام سوامي، چنيسر ڳوٺ، لالو کيت، گزري وغيره ڪراچي جا مختلف علائقا آهن، جيڪي صدر جي اردگرد ئي آهن، تيئن ڪئالالمپور شهر جا به مختلف علائقا يا کڻي چئجي ته حصا آهن، جيڪي مختلف ڳالهين، ماڻهن ۽ انهن جي مزاج، دڪانن ۽ عبادت گهرن کان مشهور آهن.
    ڪئالالمپور جو هڪ علائقو آهي ”بِرڪ فيلڊس“ جيڪو مون کي ڪافي دلچسپ لڳندو هو ۽ اڄ به لڳي ٿو. جالان سمبان ٿان (روڊ) تان لنگهندي پيلانگي هوٽل وٽ عليءَ کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيم جو مون هن علائقي ۾ ڪلاڪ ڏيڍ چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. ملاڪا شهر ۾ 10 سال کن رهڻ دوران آئون جڏهن به ڏينهن ٻه گهمڻ لاءِ ڪئالالمپور ايندو هوس ۽ پنهنجي ڪنهن ملئي يا پاڪستاني دوست کي هن وٽ رهڻ جي تڪليف نه ڏيندو هوس ته سستي ۽ بهتر رهائش لاءِ منهنجي لاءِ ٻه جايون هونديون هيون. هڪ پاڪستان مسجد وٽ هوٽل K.L انٽرنيشنل هوٽل جيڪا پوءِ وقت سان گڏ، وڌيڪ ٺاهه جوڙ ڪري مهانگي ٿيندي وئي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ان جي ڀر ۾ گيسٽ هائوس (مسافر خانن) ۾ رهڻ لڳس، جن جا مالڪ گهڻو ڪري چيني آهن. انهن مسافر خانن (Inns) يا گيسٽ هائوسن جو ملئي نالو روُما تُمپنگان (Rumah Tumpangan) آهي. اڄ به گهٽ بجيٽ تي سفر ڪرڻ وارا مڪاني ماڻهو توڙي يورپي رات گذارڻ لاءِ ”رُوما تمپنگان“ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هي هڪ قسم جا گهر ٿين جن جا ڪمرا مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا، جيئن سمجهو ته ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ خيبر ٽائپ هوٽلون آهن. پنهنجي خرچ تي ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ منهنجي لاءِ ٻئي نمبر تي بهترين جاءِ يعني ڪم خرچ بالا نشين، Y.M.C.A ڪلب هوندو هو، جيڪو اڃان تائين هن علائقي بِرڪ فيلڊس ۾ آهي. YMCA ۾ سَستي رهائش کان علاوه ڪار پارڪنگ جو به بندوبست هجڻ ڪري آئون پنهنجي ڪار کان بي فڪر رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪار اتي ئي ڇڏي بس يا ٽئڪسي ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي هليو ويندو هوس. انگريزي اسٽائيل جي مانيءَ لاءِ جيتوڻيڪ YMCA ۾ صاف سٿرو ۽ سستو بندوبست آهي، پر گيٽ جي ٻاهران ڪيتريون ئي سائوٿ انڊين جون ريسٽورنٽون آهن، جن تي پڪوڙا، بجيا، چپاتي ۽ ٻوڙ بريانيون، پنهنجي ملڪ جي ياد تازي ڪن ٿيون. هن علائقي ۾ شروع کان ڏکڻ هندستان جا ماڻهو رهن ٿا، ان ڪري هن علائقي کي مِني انڊيا به سڏين ٿا، جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ کي لِٽل انڊيا سڏين ٿا.
    جيئن ڪلفٽن، ڪياماڙي، ناظم آباد وغيره ڪراچي جا ننڍا علائقا نه پر الڳ ٿلڳ ننڍا شهر (Towns) بڻجي ويا آهن، تيئن ڪئالالمپور جو هي علائقو برڪ فيلڊس به آهي، جتي نه فقط انڊيا جي ڏاکڻي حصي جا تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪَنهڙ ڳالهائڻ وارا گهڻا رهن ٿا، پر سريلنڪا جا تامل هندو ۽ سنهالي ٻڌ ۽ انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا مندر ۽ اسڪول پڻ آهن. هن علائقي ۽ ڪئالالمپور جي ٻين علائقن چَوڪٽ، ائمپنگ وغيره ۾ ائين فرق آهي، جيئن اسان وٽ چاڪيواڙي، محمد علي سوسائٽي ۽ پير الاهي بخش ڪالوني ۾ آهي. جتي ڪئالالمپور جا ٻيا علائقا گهڻي ڀاڱي ملئي يا چيني لڳن ٿا، اتي برڪ فيلڊس وڌيڪ انڊين ۽ سلوني (سريلنڪن) لڳي ٿو ۽ اسان پاڪستاني مسلمانن لاءِ جن انڊيا نه ڏٺي آهي ۽ يورپين لاءِ هي علائقو هڪ عجيب لڳي ٿو، جتي تامل عورتون گل ۽ گلن جا هار ٺاهيو پيون وڪڻن. جتي مندرن ۾ پرساد ڏيڻ لاءِ ناريل ۽ مٺايون هڪ طرف وڪامندي نظر اچن ٿيون ته مندر ۽ پيٽ اگهاڙو ڪري هلندڙ صحتمند ٻاوا ٻئي طرف نظر اچن ٿا. هن پاسي چوڌاري ”باجُو ڪرونگ“ ۾ ملئي عورتون يا مِني اسڪرٽن ۾ ٿلهين سٿرن واريون چيني ڇوڪريون گهٽ، پر تيز رنگن ۽ سلما ستارن وارين ساڙهين ۾ ملبوس سُڪل منهن تي هيڊ مکيل يا سينڌ جي وچ ۾ هيڊ ٻرڪيل سنهڙيون مدراسي ۽ بئنگلوري ڇوڪريون گهڻيون نظر اچن ٿيون. پانن ۽ سوپارين جا دڪان، اٽي، گيهه ۽ مسالي جا دڪان، مدراس جي ڪنهن گهٽيءَ جو ڏيک ڏين ٿا. آئون هن پاسي ان قسم جون شيون وٺڻ لاءِ به ايندو هوس. هتي ڪيترائي يورپي ٽوئرسٽ مندرن ۽ ماڻهن جا- خاص ڪري ساڙهين ۾ ملبوس ڇوڪرين جا فوٽا ڪڍندي نظر ايندا.
    چون ٿا ته هي علائقو پهرين پهرين ڪئالالمپور شهر جي پنجين ۽ آخري ”ڪئپٽن چينا“ مسٽر يپ ڪوان سينگ ڊيولپ ڪيو. ڪئپٽن چينا بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪئالالمپور ۾ قَلعي (Tin) جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ چين کان آيل هزارين مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ انهن جي رهائش ۽ ويلفيئر جو خيال رکڻ لاءِ هڪ ڏاڍو مڙس چيني ’ڪمدار‘ طور رکيو ويندو هو، جيڪو ڪئپٽن چينا سڏبو هو. هن ۾ ائڊمنسٽريشن صحيح رکڻ کان علاوه داداگيري ۽ تجارت ڪرڻ جون به خوبيون هونديون هيون. زالن بنا آيل ڇڙهن چيني مزورن جي وندر لاءِ هو اڪثر جوا خانا ۽ چڪلا پڻ هلائيندو هو. هي پنجون ۽ آخري ڪئپٽن چينا Yap Kwan Seng جيڪو 1889 کان سندس وفات (1902ع) تائين رهيو، سو وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي، جنهن نه رڳو ملايا (اڄ واري ويسٽ ملائيشيا) جي ماڻهن جي مدد ڪئي، پر هتي جا پوڙها چيني ٻڌائين ٿا ته انڊيا ۾ جڏهن ڏڪار آيو هو ته هن ڪئپٽن چينا پئسي ڏوڪڙن جي وڏي امداد ڪئي هئي. هن ڪئپٽن چينا جو تعليم ۾ وڏو يقين هو ته تعليم انسان کي خوشحالي جي منزل تي پهچائي ٿي. K.L ۾ جيڪو جهونو تعليمي ادارو ”وڪٽوريا انسٽيٽيوشن“ آهي، اهو هن ٺهرايو. سندس نالي سان ڪئالالمپور ۾ ”جالان يپ ڪوان سينگ“ روڊ پڻ آهي. هن ڪئپٽن چينا ٻين سخي ماڻهن سان ملي اڄ کان هڪ سؤ سالن کان به گهڻو اڳ ’تاءِ واهه‘ نالي پاپر اسپتال ۾ وارڊ ٺاهيو، جيڪا اسپتال اڄ جنرل هاسپٽل ڪئالالمپور سڏجي ٿي.
    ”يپ ڪوان سينگ“ چين جي ”چاڪ ڪائي“ ضلعي ۾ 1846ع ۾ ڄائو. هن جو واسطو هَڪا (Hakka) چيني زبان ڳالهائڻ وارن سان هو. هو 18 سالن جو هو ته پنهنجو وطن ڇڏي روزگار لاءِ ملايا آيو ۽ سريمبان شهر جي قلعي جي کاڻين ۾ اچي مزوري ڪئي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن سخت محنت ڪري نه فقط پئسو ڪمايو پر ان کي بچائي واپار ۾ لڳايو ۽ آخر ۾ هو هڪ وڏو واپاري، امير ماڻهو ۽ سلينگور رياست جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر به ٿي رهيو. اهي قلعي (Tin) جون کاڻيون جن ۾ هن مزور ٿي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي انهن جو هو مالڪ ٿي ويو. هن جي همعصرن مان ڪنهن وٽ به ايتريون کاڻيون نه هيون، جيتريون هن وٽ هيون. هن بابت پڙهيو اٿم ته هن وٽ 7 هزار مزور هئا، جن هن جي خريد ڪيل کاڻين تي ڪم ڪيو ٿي. کاڻين کان علاوه هو ٻين به ڪيترن گهرن، دڪانن ۽ ڌنڌن جو مالڪ هو. اوڻهين صدي جي آخر ۾ هن ڏٺو ته ڪئالالمپور بيحد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن لاءِ گهرن جي ضرورت وڌي رهي آهي ۽ اهي گهر پٿرن بدران سرن جا مشهور ٿي رهيا آهن. ملائيشيا پهاڙي علائقو آهي، هن کي سرن ٺاهڻ لاءِ هن علائقي برڪ فيلڊس ۾ سٺي چيڪي مٽي نظر آئي. هن مزورن کي هتي رهائي سِرن ٺاهڻ لاءِ کورا ٺهرايا. ان تان هن علائقي جو نالو ئي بِرڪ فيلڊس پئجي ويو. پهرين، جن ڏينهن ۾ آئون هتي جي YMCA ۾ اچي رهندو هوس ته چوڌاري رستن جا نالا انگريز حاڪمن جي نالن تان ٻُڌي مون سمجهيو ته هي علائقو به ڪنهن انگريز مسٽر ’برڪس فيلڊ‘ جي نالي تان پيو آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن علائقي جو نالو ۽ علائقو سٺين سرن لاءِ گهربل مٽي جي ميدانن (Fields) کان مشهور ٿيو. جيئن هالا پاسي رانجهاڻي ڳوٺ جي کورن جون سرون سڄي سنڌ ۾ مشهور چيون وڃن ٿيون جو اتي سرن ٺاهڻ لاءِ بهترين قسم جي مٽي موجود آهي.
    هي علائقو برڪ فيلڊس، نه فقط سرن کان پر ملايا جي ريلوي کاتي ”ڪيريٽا آپي تناح ميلايو“ (KTM) جي ڊپو کان به مشهور آهي، جيڪو گذريل ڏهاڪو سال اڳ تائين هتي هو، جيڪو هاڻ سينٽرل اسٽيشن ڏي شفٽ ڪيو ويو آهي. ملائيشيا ۾ توهان کي ريل گاڏين سان وابسته مٿيون لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ ريل جي انجڻ ۽ دٻن تي به ان جو مخفف KTM ڏسڻ ۾ ايندو. ملائيشيا ۾ ريل گاڏيءَ کي آگ گاڏي سڏين ٿا. اسان وٽ به، اسان جڏهن ننڍا هئاسين ۽ اڃان ڊيزل يا پيٽرول جون انجڻيون مشهور نه ٿيون هيون ته ريل گاڏيون توڙي پاڻي جا جهاز ٻاڦ جي انجڻين تي هلندا هئا، جيڪا ٻاڦ بئالرن ۾ باهه ٻاري پاڻيءَ کي ٽهڪائي ٺاهي وئي ٿي. ان ظاهري طرح ٻرندڙ باهه (آگ) ڪري آگ گاڏي يا آگبوٽ (Steam boat) نالا پيا. ملئي زبان ۾ ڪار کي ڪيريٽا سڏين ٿا ۽ ريل گاڏيءَ کي ”ڪيريٽا آپي“ معنيٰ باهه تي هلندڙ ڪار سڏين ٿا. ”تناح ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهن جي ڌرتي يا ديس. جيئن اسان وٽ ’سنڌين‘ لاءِ سنڌي ماڻهو مشهور آهي، تيئن هتي ملئي ماڻهن کي ’اورانگ ملايو‘ سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح تناح ملايو معنيٰ ملئي ماڻهن جو ملڪ (ملايا) ٿيو، يعني ”ملايا يا ملائيشيا جي ريلوي.“
    انگريزن جڏهن ملايا ۾ ريلوي شروع ڪئي ته پٽن وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ جي ڪم لاءِ هو هندستان جا ماڻهو وٺي آيا، جن مان ڪيترن کي هتي ئي برڪ فيلڊس جي علائقي ۾ ريلوي ڊيپو جي ڀرسان رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺاهي ڏنا ويا. انهن جهونن گهرن ۽ ڪوارٽرن مان اڄ به ڪيترا موجود آهن ۽ ان وقت کان انڊين هن علائقن ۾ رهندا اچن. اڄ اهو ڊپو، K.L سينٽرل شفٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هتان ويجهو آهي. بهرحال بِرڪ فيلڊس مان گذرندڙ رستي ”جالان سمبان ٿان“ تي اڄ به انگريزن جي ڏينهن جون ٺهيل جهونيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جيئن ڪراچي ۾ لائيٽ هائوس (ڪي ايم سي آفيس) کان ٽاور تائين ڪالونيل دور جون ڪيتريون ئي عمارتون موجود آهن. هن ئي روڊ جي هڪ گهٽي ”جالان تُن سمبان ٿان چوٿين“ تي YMCA (ينگ مين ڪرسچن ايسوسيئيشن) جي عمارت آهي، جيڪا هوٽل طور پڻ استعمال ٿئي ٿي، جيئن اسان وٽ YMCA ۽ YWCA پڻ هاسٽل طور ڪم اچن ٿيون. هن روڊ تي اڳيان ”ويوا ڪاناندا آشرم“ آهي، جيڪو اوڻهين صدي جو ٺهيل آهي. ”جالان روزاريو“ تي انگريزن طرفان ريل جي کاتي ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ جيڪي هڪ سؤ ڪوارٽر ٺهرايل هئا سي اڃا تائين ساڳي حالت ۾ آهن. جيتوڻيڪ اڳيان پويان گهڻ ماڙ عمارتون پڻ ٺهي ويون آهن. اڄ هن علائقي ۾ اها خاموشي ۽ ڳوٺاڻو ماحول نه رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اسان وارن ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ هو. هي علائقو ”انڊين کاڌن“ (بلڪ صحيح لفظ ”ڏکڻ هندستاني کاڌن“) کان پڻ مشهور آهي. هتي جي ڪيترين ئي ريسٽورنٽن ۾ پليٽن بدران ڪيلي جي پن تي دال ڀت يا ڀت سان گڏ مڇيءَ جو ٻوڙ رکي ڏين ٿا. هتي جي ريسٽورنٽن ۾ مڇيءَ جي منڍيءَ جو ٻوڙ (Fish Head Curry)، ٿوسائي، اڊلي جهڙيون شيون ملن ٿيون، جيڪي ڏکڻ هندستان جي شهرن ۾ مشهور آهن.
    برڪ فيلڊس ۾ ملائيشيا جي نابين ماڻهن جي ايسوسيئيشن The Malaysian Association of Blind پڻ آهي. اها جالان تيبنگ تي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نابين رهن ٿا. توهان اتان لنگهندائو ته آس پاس جي گهٽين ۾ اهي لٺ تي يا بنا لٺ تي هلندي چلندي نظر ايندا. هو هتي رهي رهي هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. سرڪار طرفان اتي رستن جي ڪپرن تي ريلنگ پڻ لڳل آهي، جيئن هو ان جي سهاري حفاظت سان هلي سگهن. اوساڪا ۾ هڪ وڏي شاپنگ مال اڳيان پڻ ائين ڪيترن نابين جپانين کي هلندو چلندو ۽ بينچن تي ويهي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪندو ڏٺو اٿم. هو پنهنجن گهرن ۾ رهن، پر پوءِ جڏهن گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهري ڪرڻ تي دل چاهين ته بس ۾ چڙهي ان اسٽاپ تي اچن. سالن کان هن هنڌ تي اچڻ ۽ هلڻ چلڻ ڪري هو هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ نيول هاسپٽل کان سن سيٽ بليورڊ (ڊفينس سوسائٽي) ڏي ويندي، هڪ هنڌ اٺ ڏهه کن ٽنگن کان معذور ماڻهو هٿ جي گاڏن ۾ ويٺل نظر ايندا آهن. هو اهڙن هنڌن تي پهچي خوش ٿين ٿا ته هنن جا ڏک سور ٻڌڻ لاءِ هنن جهڙا موجود آهن.
    برڪ فيلڊس ۾ ”جالان برَهالا“ تي Temple of fine Arts آهي، جتي سائوٿ انڊين ميوزڪ، ڊانس ۽ ٻيون آرٽ جون شيون سيکاريون وڃن ٿيون. اهو اسان جي ڏينهن ۾ 1981ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن ثقافتي سوسائٽي جون شاخون جوهور بارو، ملاڪا ۽ پينانگ ۾ کلي ويون هيون. هن فائين آرٽس جي مندر ملڪ جا ڪيترائي فنڪار پيدا ڪيا آهن.
    هن ”جالان بَرهالا“ تي ٻيا به ڪيترائي عبادت گهر آهن. هونءَ ملئي لفظ Berhala جي معنيٰ ئي مندر، درگاهه، عبادتگاهه آهي. ٻُڌن جو مها وِهارا مندر، هندن جو ارلمگو سري ويرا هنومان مندر ۽ سِري سڪٿي ڪرپا گا مندر هن ئي روڊ تي آهن. اتي ئي ڀر ۾ يهودين جو لُٿيرين چرچ آهي، جيڪو 1924ع جو ٺهيل آهي ۽ جالان ٿامبي پِلي تي چيني مندر آهي. ٿورو اڳيان ”جالان اسڪاٽ“ تي سري ڪانڊا سوامي مندر آهي، جيڪو سريلنڪا (سلون) جي تامل هندن جو آهي. هن مندر جي عمارت سازي ۽ رنگ روغن ڏسڻ لاءِ هر وقت ٽوئرسٽن جي پيهه رهي ٿي. هي مندر هڪ سؤ سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي. اهڙي طرح مهاوهارا ٻڌن وارو مندر سريلنڪا جي سنهالين جو آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سريلنڪا جي ماڻهن جو هتي ڪيڏو اونهو اثر رهيو آهي. ان کان علاوه ٻين مختلف مذهبن جا به مندر آهن، جيئن ته عيسائين جي هڪ فرقي جو هولي روزاري گرجا گهر جيڪو 1903ع ۾ ٺهيو، Our Lady of Fatima ۽ ٻيا گهڻا مندر ۽ گرجا گهر هن علائقي جي جالان سلطان عبدالصمد روڊ تي آهن. ”جالان سامبان ٿان ساتو“ رستي تي انڊين آرٿوڊڪس چرچ St.Mary Syrian Cathedral پڻ آهي. ان ڪري برڪ فيلڊس کي Divine Location به سڏين ٿا. بقول منهنجي هڪ مڪاني تامل ڪئپٽن دوست جي هن علائقي ۾ پهچي ماڻهو ڌرم جو سوچي ٿو. پر اهو به لکندو هلان ته هي علائقو شروع کان ڳاڙهين بازارين، مساج پارلرن کان به مشهور آهي تڏهن ته مٿين ڪئپٽين کي اسان جو ڪليگ پروفيسر ڪئپٽن مخدوم چوندو هو ته ”هتي پهچي ماڻهو ڌرم جو ته نه، پر رنڊين ۽ کنڊين جو ٿو سوچي.“
    ڪئپٽن مخدوم احمد حسين درٻيلي جو آهي. پاڻ مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ پڙهڻ بعد، گڏ گڏ جهاز هلايا. ان بعد ملائيشا جي شهر ملاڪا ۾ هتي جي مئرين اڪيدمي ۾ پڙهايو. انهن ڏينهن جو احوال آئون پنهنجي سفر نامن ”مڪلي کان ملاڪا“ ”ڪئالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۽ ”اوهريا جي عميق ڏي“ ۾ تفصيل سان ڏئي چڪو آهيان. برڪ فيلڊس ۾ جالان سلطان عبدالصمد تي هڪ مسجد آهي جيڪا مدرسته الغوثيه سڏجي ٿي. هن ۾ سائوٿ انڊيا جا مسلمان نظر ايندا. هن مسجد ۾ جمعي ڏينهن خطبو تامل زبان ۾ ٿئي. هن علائقي بِرڪ فيلڊس جي هڪ ٻي نمايان ڳالهه اها آهي ته هتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن. جيتوڻيڪ هي علائقو انڊيا، سريلنڪا ۽ چين کان آيل مزدورن ۽ پورهيتن جي رهائش لاءِ مقرر ڪيو ويو پر اتي رهندڙ ڪجهه امير سخي ماڻهن هتي جي غريبن لاءِ تعليم ۽ صحت جا خوب بندوبست ڪيا. اهي اسڪول اڄ به قائم آهن ۽ هنن غريبن جو اولاد پڙهي ڳڙهي وڏي ڳالهه تي پهچي ويو. هن ملڪ جي ڪيترن انڊين سريلنڪن ۽ چيني ڊاڪٽرن، سرجنن پروفيسرن کان سندن وڏن جو احوال پڇندو آهيان ته ڪيترن جي واتان اهو ئي ٻڌندو آهيان ته هن جو پيءُ يا ڏاڏو ريلوي ۾ مزودر هو، يا کاڻين ۾ پورهيو ڪيو ٿي، هو برڪ فيلڊس ۾ رهيو ٿي جتي جي اسڪولن ۾ هن جو اولاد پڙهي وڏي ڳالهه ٿي ويو. افسوس رڳو اهو آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه ٿي سگهيو آهي. غريب ۽ هارين جي اولاد جي تعليم جو ته ڪنهن بندوبست نه ڪيو پر ڪيترن وڏن ماڻهن، پيرن ميرن، سردارن وڏيرن پنهنجي اولاد کي به ڪنهن خاص منزل تي نه پهچايو. اسان وٽ انهن امير ماڻهن پنهنجي هڙئون ته ڪي درسگاهه نه ٺهرايا پر سرڪاري ٺهيل اسڪولن کي به اوطاقون بنائي ڇڏيو. نتيجي ۾ اسين سنڌي مسلمان تعليم ۾ پٺتي رهياسين. هاڻ مڙيئي ڪو B. A يا M .A ٿو ڪري ته ان جي ڪهڙي ويليو آهي. خاص برانچن، نيويگيشن، ايئرو انجنيئرنگ، سرجري ۽ اسپيشل سائنس برانچن ۾ دنيا جا ٻار پي ايڇ ڊي پيا ڪن. اسان وٽ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو نچي ٽپي ملهائي ان ڳالهه جو عزم ڪيو وڃي ٿو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائينداسين، ڪاش اهو به عزم ڪيو وڃي ته تعليم عام ڪنداسين، امن امان قائم رکنداسين، غريب بيگناهه عورتن کي ڪاروڪاري جي بهاني قتل عام کان بچائينداسين، پنهنجي علائقي ۾ روڊ رستا ٺهرائينداسين، غريبن جي صحت لاءِ ڪوششون وٺنداسين. اسان جو سياستدان ڪيڏو چالاڪ ۽ خود مطلبي آهي ۽ اسان جو عوام تعليم نه هجڻ ڪري ڪيڏو بيوقوف ۽ سادو آهي ۽ هو ڪيڏو نعري بازي ۾ جذباتي ٿيو وڃي! هنن وٽ فقط ووٽ آهي اهو به هو اهڙن سياستدانن کي ڏيو ڇڏين جيڪي پشت به پشت فقط پنهنجي سک ۽ عياشي جو سوچين ٿا ۽ جن کان ووٽ وٺن ٿا اهي هنن لاءِ جانورن کان به بدتر آهن.
    هن علائقي برڪ فيلڊس جا ٽي هندو بيحد ناميارا ٿيا. ٽنهي جي وڏن جو واسطو سائوٿ انڊيا سان هو ۽ هنن تامل زبان ڳالهائي ٿي. محنت ڪري نه فقط هو پاڻ امير ٿيا پر سندن سخاوت هن ملڪ ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي به فائدو رسايو. توهان جي ڪڏهن هتي ملائيشا ۾ نوڪري يا پي ايڇ ڊي وغيره لاءِ وڏو عرصو رهڻ آيا آهيو ته واندڪائيءَ ۾ نه فقط هن علائقي برڪ فيلڊس جو سير ڪجو پر هتي جي ماڻهن سان ملي انهن کان سندن ۽ سندن وڏن جون ڪهاڻيون به ضرور معلوم ڪجو. مٿي جن ٽن شخصيتن جو لکيو اٿم اهي هي آهن:
    آنندا ڪرشن، جيڪو اسان کان پنج ڇهه سال وڏو آهي ۽ هن وقت ستر سالن جو ٿيندو. پاڻ برڪ فيلڊس ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. هتي جي ويويڪانندا تامل اسڪول مان پڙهيو ۽ هو ايڏو وڏو بزنس مئن ٿيو جو اڄ Forbes مئگزين مطابق ڏکڻ اوڀر ايشيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو آهي. هن مٿين تامل اسڪول مان پڙهڻ بعد وڪٽوريا انسٽيٽيوشن مان تعليم حاصل ڪئي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته اها ڪئالالمپور جي آخري ڪئپٽن چينا ”مسٽر يپ ڪوان سينگ“ ٺهرائي. بهرحال بعد ۾ هن، يعني آنندا ڪرشن آسٽريليا مان بي اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ۽ ماسٽرس بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان ڪئي. ملائيشيا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن جو بزنس آهي. ملائيشا جي مختلف شهرن ۾ جيڪي Astro ڊش ذريعي اسان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جا چئنل ڏسون ٿا اها ڪمپني پڻ آنندا ڪرشنن جي آهي. ڪوالا لمپور جي يونيورسٽين ۾ تعليم وٺندڙ اسان جي پاڪستاني شاگردن کي منهنجي اها صلاح آهي ته هو ڪنهن ڏينهن وقت ڪڍي هن شخص سان ضرور ملن ۽ کانئس سندس زندگيءَ ۾ ڪيل محنت ۽ جدوجهد جو احوال وٺن. هو اڃان حيات آهي ۽ اسان جا شاگرد گروپ جي شڪل ۾ هن سان ملڻ لاءِ چوندا ته هو ضرور وقت ڪڍي وٺندو.
    ڪئالالمپور جي هن علائقي برڪ فيلڊس جي هڪ ٻي اهم شخصيت بيستيان پلائي پال نڪولاس آهي جڪو B.P. Nicholas به سڏجي ٿو. سريلنڪا کان آيل هي شخص هاڻ گذاري چڪو آهي. پاڻ اورينٽل بئنڪ آف ملايا جو Founder هو. هن بنيادي تعليم برڪ فيلڊس مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم سنگاپور مان ورتي. پاڻ فائننس ۽ بئنڪنگ ۾ نالو ڪڍيائين.
    ۽ هن علائقي جي ٽين اهم شخصيت تانسري ڊاڪٽر ديوڪي ڪرشنن آهي، تان سري هن ملڪ جي اعليٰ خطابن مان آهي جيڪو هن ملڪ جو بادشاهه اهم ماڻهن کي ڏيندو آهي جيڪي هن ملڪ لاءِ ڪي خاص خدمتون سرانجام ڏين جن مان عوام کي فائدو رسي. پاڻ ملائيشا جي سياسي پارٽي ايم آءِ سي (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جي لائيف ميمبر آهي. پاڻ ڪئالالمپور جي ميونسپل ڪائونسل جي پهرين ميمبر عورت آهي. هن جو مڙس پي ڪرشنن بزنس مئن هو جيڪو 1998 ۾ گذاري ويو. کين ٽي ٻار آهن.


    باب ايڪيتاليهون

    ملائيشيا جو ماضي ۽ حال

    ڪئالالمپور جي ڏاکڻي علائقي برڪ فيلڊس جي ڪجهه اهم هندو، چيني ۽ ٻُڌ مندرن جون تصويرون ڪڍڻ ۽ اتي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ ڪيلي جي پن تي دال ۽ آچار سان ڀت کائي اسان ڀرواري ريلوي اسٽيشن ”ڪي. ايل، سينٽرل“ تي آياسين، جتي عليءَ جا ڪجهه مهمان چين کان پهتا هئا، جن سان هن جو بزنيس آهي. علي ملائيشيا جي مختلف اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن کي ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽولز سپلاءِ ڪري ٿو، جيڪي هو پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ، آسٽريليا ۽ چين مان امپورٽ ڪري ٿو. چيني مهمانن کي هوٽل ڀيڙو ڪري عليءَ مون کان پروگرام جو پڇيو.

    ”بس توهان ئي ٻڌايو ته ڪئالالمپور جا هي ڪجهه ڪلاڪ ڪيئن گذارجن“ مون چيو. ڪئالالمپور بلڪ ملائيشيا ۾ منهنجي اها آخري شام هئي. رات جو يارهين وڳي واري اڏام ۾ مون کي اوساڪا وڃڻو هو ۽ پروگرام اهو ئي ٺهيو هو ته منهنجو ميزبان غلام علي سولنگي مون کي ٽي ڪلاڪ کن اڳ سامان سميت ڪي ايل سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو. ملائيشيا ان معاملي ۾ به نرالو ملڪ آهي، جتي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان اڳ توهان ريلوي اسٽيشن تي سامان ۽ ٽڪيٽ ڏئي ”چيڪ ان“ ڪري سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ وهڻ لاءِ توهان جي سيٽ نمبر ۽ نالي جو بورڊنگ ڪارڊ توهان کي هن ريلوي اسٽيشن (K.L Sentral) تان ملي سگهي ٿو ۽ توهان جڏهن ايئرپورٽ تي پهچو ٿا ته هٿين خالي ۽ آجا تاجا آهيو. نه ته ٻي صورت ۾ وري ٽرين مان سامان لهرائي ٽرالي تي يا ڪوليءَ ذريعي هوائي اڏام واري دريءَ تي پهچڻو پوي ٿو، جيڪا اڃا کليل ناهي يا مسافرن جي ڊگهي قطار ٿي وئي آهي. سو بهرحال ڪئالالمپور ۾ ان معاملي ۾ هڪ مسافر انهن ڳالهين کان بي فڪر ٿي ايئرپورٽ تي پهچي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو چاهي ته هو K.L سينٽرل اسٽيشن بدران سڌو ايئرپورٽ تي به اچي سگهي ٿو. ظاهر آهي ملاڪا، سريمبان ۽ شاهه عالم پاسي جا ماڻهو سينٽرل اسٽيشن لاءِ ڪئالالمپور ڇو وڃن. هنن کي ڪئالالمپور شهر کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ڪلو ميٽر ايئرپورٽ ويجهو پوي ٿو. سو هي سلسلو جتي توهان هوائي اڏي بدران ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي اڏام جي ٽڪيٽ ڏيکاري سامان ڏئي سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ ويهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سگهو ٿا، مون فقط ملائيشيا ۾ ڏٺو آهي. ان سان ملندڙ جلندڙ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ آهي، جتان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ڪراچي اچبو هو ته ٽڪيٽ ۽ سامان مالمو جي فيري اسٽيشن تي ڏبو هو، جتان فيري بالٽڪ سمنڊ جو حصو لتاڙي ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ۽ گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ اچيو ڇڏي، جتان بس ايئرپورٽ تي پهچائي ٿي ۽ جهاز ۾ چڙهجي ٿو. بهرحال هتي به اسان سامان گهلڻ کان بچيل هوندا هئاسين. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ لانچ واري کي سامان ڏبو هو، هو اسان کي سامان جي رسيد ۽ جهاز جي سيٽ جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيندو هو. اسان هٿين خالي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهندا هئاسين ۽ ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪراچي پهچندا هئاسين ته سامان اتي منتظر ملندو هو.
    ”سائين ٽي چار ڪلاڪ آهن،“ عليءَ چيو، ”هلو ته توهان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر هلون. توهان جي اچڻ جو ٻڌي هن مون کي توهان سان ملڻ لاءِ چيو هو.“
    ”اها به ڳالهه صحيح آهي“ مون چيو، ”لياقت کي ته نه پر سندس والد ۽ ٻين وڏن کي ضرور سڃاڻندس، جيڪي منهنجا هم عمر هوندا.“

    عليءَ لياقت کي فون ڪيو ته هو گهر ئي موجود هو ۽ اسان منڊارن هوٽل وٽان جالان (شاهراهه) مها راجا ليلا وٺي جالان سيد پترا تي آياسين، جتان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ جالان ڪلانگ لاما تي چڙهياسين. جالان ڪلانگ لاما وڌيڪ اڳيان ڪلانگ شهر ۽ ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪري. ڪئالالمپور شهر ملاڪا، پينانگ يا جوهور بارو وانگر سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه ناهي. ڪئالالمپور ٻن ندين سنگائي ڪلانگ ۽ سنگائي گومباڪ جي سنگم تي آهي. پر اهو آهي ته ڪئالالمپور کان ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ (Malacca Straits) ڪو پري ناهي. بس اهو اڌ ڪلاڪ اندر ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪرجي، جتي مٿيون ڪئالالمپور واريون ٻه نديون، هڪ سنگائي ڪلانگ بڻجي ڇوڙ ٿي ڪري. 69-1968ع کان جڏهن اسان هن سمنڊ ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ مان لنگهڻ شروع ڪيو ته ڪئالالمپور جي ڪم لاءِ جهاز کي پورٽ ڪلانگ ۾ اچي لنگر انداز ڪندا هئاسين، جيڪو شروع وارن سالن ۾ انگريز حاڪم نالي پورٽ سئيٽنهام سڏبو هو. بعد ۾ ٻين انگريز حاڪمن جي نالن سان گڏ هن بندرگاهه جو نالو به بدلائي مڪاني نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو. بهرحال هن جالان ڪلانگ لاما تان منهنجو تڏهن کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو جڏهن اسان جو جهاز پورٽ ڪلانگ ۾ ايندو هو، جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ڪئالالمپور شهر ايندا هئاسين. هي روڊ ائين هوندو هو، جيئن پورٽ قاسم کان ڪراچي اچجي. انهن ڏينهن ۾ هي روڊ ويران هوندو هو، پاسن کان جهنگل، پوکون ۽ جهونا ڊٺل ڪارخانا هئا. 1991ع ۾ جڏهن ملائيشيا جي نوڪري ختم ڪري موٽيس ٿي ته به هن روڊ جا اهي حال هئا. پورٽ قاسم ڪري گلشن حديد، قائدآباد وغيره جهڙيون آباديون وڌي شهر ٿي ويا. هيڏانهن ملائيشيا ۾ ته گذريل ٽن ڏهائين کان ترقي جي رفتار ايڏي تيز رهي آهي جو يورپ جا به ڪيترا ملڪ ساڻس مقابلو نه ڪري سگهن. جالان ڪلانگ لاما جي ٻنهي ڪپرن تي تمن بُڪت ديسا، پتالنگ لاما، تمن شنگهائي، تمن ڪانٽينٽل، تمن گڊوڊ، تمن بڪت انڊا جهڙيون بستيون اسان جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس کان به سهڻيون ٿي پيون آهن، جن ۾ هر ماڊرن سهوليت آهي نه ته 1970ع تائين به ڪئالالمپور کان اسان جو ڪراچي ته ڇا حيدرآباد ۽ سکر به وڌيڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن هو. ايتري قدر جو شادي بعد 1971ع کان جڏهن منهنجي زال به مون سان گڏ جهاز تي سفر شروع ڪيو ته هن کي جپان ته ماڊرن ضرور لڳو پر ڪوريا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن کان ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد سٺو لڳو ۽ سنگاپور کان ملائيشيا اچبو هو ته هتي جي ماڻهن سان هن کي همدردي ٿيندي هئي ته ملائيشيا جي شهرن ۾ نه گهڻا تعليمي ادارا آهن نه ميڊيڪل سهولتون يا هائجينڪ ڪنڊيشن. ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي مرچنٽ نيوي جي ٽريننگ لاءِ ملائيشيا جا نوجوان آسٽريليا، انڊيا يا اسان جي ملڪ ۾ ايندا هئا. 1970ع تائين به ڪٿي هئي هنن جي شپنگ ڪمپني يا بين الاقوامي معيار جي هوائي ڪمپني؟ ڪئالالمپور جي هوائي اڏي کان ته اسان جو ڪراچيءَ وارو بهتر هو. پوءِ هنن جو سبانگ جايا ۾ سهڻو هوائي اڏو ٺهيو ۽ هاڻ وارو ته الائي ڇا اٿن. اهڙي طرح هو هر فيلڊ ۽ اداري ۾ ترقي ڪندا ويا. آهستي آهستي جيڪي ڪاليج کليا اهي يونيورسٽيون ٿي ويون. اڄ اسان جي ملڪ جا ماڻهو ملائيشيا ۾ تعليم وٺڻ اچن ٿا. عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ يورپ يا آمريڪا بدران ملائيشيا اچن ٿا. ايمانداري، محنت ۽ حب الوطني جي جذبن ڪري ملائيشيا ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتو آهي. اڄ دنيا جا ماڻهو نه فقط تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پر ميڊيڪل لاءِ، گهمڻ لاءِ، ويندي روزگار ڪمائڻ لاءِ ملائيشيا جو رخ رکن ٿا.

    گذريل ڏهاڪو سالن کان آئون ڏسي رهيو آهيان ۽ مون کي خوشي به ٿئي ٿي ته اسان جي ملڪ جي ڪيترين ئي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جا گريجوئيٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، خاص ڪري. Ph.D. (ڊاڪٽوريٽ) لاءِ هتي جي يونيورسٽين ۾ اچن ٿا. کين ان تعليم ۽ رهائش لاءِ پاڪستان يا ملائيشيا حڪومت خرچ پکو ڏئي ٿي. ڪو زمانو هو سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جا جهاز انگلينڊ جي بندرگاهه ۾ ويندا هئا ته اتي پاڪستاني شاگرد نظر ايندا هئا ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته انگلينڊ يا يورپ جو ماحول اهڙو آهي جتي هڪ نوجوان جو خرابين ڏي مايل ٿيڻ جي Tendency وڌيڪ آهي. ان مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ملائيشيا جو ماحول بهتر آهي ۽ والدين هيڏانهن ٻار موڪلي وڌيڪ سڪون محسوس ڪن ٿا. ڪيترا شاگرد ته ننڍي عمر جا به نظر اچن ٿا، جيڪي پاڪستان مان انٽر ڪري آيا آهن ۽ پنهنجي خرچ تي پڙهي رهيا آهن. بهرحال ملائيشيا ۾ امن امان جي بهتر حالت آهي ۽ اهو گند ناهي جيڪو يورپ جي شهري زندگيءَ ۾ آهي.

    ڊاڪٽر لياقت جنهن وٽ اسان جو ميزبان حاجي غلام علي سولنگي وٺي پئي هليو يونيورسٽي ملايا مان انجنيئرنگ جي سبجيڪٽ "Alternate Fuels" ۾ Ph.D. ڪري رهيو آهي ۽ جالان ڪلانگ لاما تي سري سنتوسا نالي علائقي ۾ رهي ٿو.


    باب ٻائيتاليهون

    ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات

    ڪئالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما تي ”سري سنتوسا“ علائقي ۾ پهچي، عليءَ ڊاڪٽر لياقت کي فون ڪيو ته اسان تنهنجي فلئٽن وٽ پهچڻ وارا آهيون هيٺ لهي اچ.
    ”ڇو ڀلا هن جي فلئٽ جي نمبر جي خبر نه اٿانو ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”خبر آهي پر سڪيورٽي وارا بنا فلئٽ واري جي اسان کي ڪار به پارڪ ڪرڻ نه ڏيندا.“ عليءَ ٻڌايو.
    هن کان اڳ دل جي ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جي فلئٽ تي هن سان ملڻ وقت مون سمجهيو ته اهڙي سيڪيورٽي شڪيل وارن جي بلڊنگ سان ان ڪري آهي جو اها وچ شهر جالان منشي عبدالله (روڊ) تي آهي پر لڳي ٿو ته اهو سلسلو سڄي ملائيشيا ۾ آهي. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي به جي پاڻ مسجد ۾ ئي نه ملي ها ته هن جي فلئٽ تي به اسان کي ائين نه ڇڏين ها. ڪئالالمپور جي هڪ ملئي پوليس آفيسر دوست کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان بابت پڇيو هوم ”توهان وٽ ته وزيراعلى، گورنرن ۽ سياستدانن جا گهر توڙي آفيسون عام ۽ خاص لاءِ هر وقت کليل هونديون هيون، هاڻ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“
    ”يار وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو.“ هن وراڻيو.
    ”وقت سان گڏ؟“ مون حيرت مان پڇيو ۽ وري مون ئي کيس جواب ڏنو، ”يار تون ته ماڪوڙيءَ واري ڳالهه پيو ڪرين.“
    آئون جڏهن ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته هن هڪ دفعو ماڪوڙي ۽ هاٿيءَ جو چرچو ٻڌايو هو ته ڪنهن نالي کي ٽِپڻ لاءِ ڪاٺ جي جهڙي تهڙي پل ٺهيل هئي. هڪ هاٿي ان تي سنڀالي سنڀالي قدم رکي ٽپي رهيو هو ته ان وقت ڪا ماڪوڙي به ان پل تان لنگهي رهي هئي. جڏهن ٻنهي ڄڻن پل ڪراس ڪئي ته ماڪوڙيءَ چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻن جي وزن سان هيءَ پل ٽٽي نه پئي. سو مون پنهنجي دوست کي چيو ته بم اسان جي ملڪن ۾ پيا ڦاٽن، دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ ۽ چڪاس ۽ تپاس جي سختي توهان وٽ؟
    ”ان ڪري جو توهان وٽ ته هر وقت بم ڦاٽڻ ڪري ڪا نئين ڳالهه ڪا نه آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ڪو د هشتگرد گهڙي آيو ۽ ڪو بم ڦاٽو ته سڄو ملڪ ڊانوانڊول ٿي ويندو. ٽوئرسٽ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لڳائيندڙ ڇرڪجي ويندا. سو ان جي بچاءَ لاءِ اسان کي سخت تدبيرون وٺڻ کپن.“ هن چيو.
    بهرحال جيسين لياقت لهي، اسان ان ئي وقت پهچي وياسين ۽ مين گيٽ تي ٺهيل گارڊ روم ۾ اطلاع ڪيوسين. انهن لياقت کي فون ٿي ڪيو ته اتي هو پاڻ به پهچي ويو. ڪار جي اليڪٽرونڪ چڪاس ڪرائي هن اسانجي ڪار کي اندر پارڪ ڪيو ۽ اسان کي ٻئي فلور تي پنهنجي فلئٽ ۾ وٺي آيو. ڀر واري فلئٽ ۾ چيني هئا جو هنن جي در ٻاهران ننڍڙي تابوت جهڙو مندر ڀت ۾ کتل هو ۽ پنهنجن ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ اگربتين جي ڀر ۾ چار پنج صوف پڻ رکيل هئا. لياقت جي گهر جو در ان جي ويجهو هجڻ ڪري ائين نٿي لڳو ته هيءَ ننڍڙي Shrine ڪهڙي گهر جي آهي. عليءَ چرچي خاطر يڪدم لياقت کي چيو ته هي وري ڪڏهن کان ڪم شروع ڪيا اٿئي.
    لياقت کي چيم ته هن ملڪ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو سڪون ۽ ميٺ محبت ۾ رهندا نظر اچن ٿا. عليءَ کي اهو به چيم ته چيني ماڻهو هونءَ ڪنجوس آهن پر پنهنجن ديوتائن کي هميشه اوچو مال آفر ڪندا. (ياد رهي ته ملائيشيا ۾ انناس، پپيو، ليچي وغيره سستا ميوا آهن. سڀ کان مهانگو ميوو صوف آهي جيڪو ميوو ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ٿئي ٿو جو صوف ٿڌي ملڪ جو ميوو آهي ۽ ملائيشيا ۾ سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو ٿئي.
    لياقت سان ملاقات تي معلوم ٿيو ته هو اسان جي ڳوٺ جي حاجي الله ورايو ميمڻ صاحب جو فرزند آهي. سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي اسان جي هالا واري اسڪول جو هڪ اهم شاگرد ٿي گذريو آهي. هو ان ئي اسڪول جو هيڊ ماستر به ٿي رهيو. هو اسان کان ٽي چار سال سينئر هو. ٿلهي هجڻ ۽ چرچن ڀوڳن ۽ حاظر جوابي ۾ ماهر هجڻ ڪري ماڻهن مٿس انهن ڏينهن جي مشهور چرچائي ۽ دلپسند اداڪار جو نالو ”گوپ“ رکيو ۽ اسان اڄ به کيس گوپ جي حوالي سان سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته 1955ع ۾ جڏهن اسين پنجين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين ته سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هيڊ ماستر جي ڏينهن ۾ هن اسڪول ۾ ڊرامو ٿيو هو، ان ۾ اسماعيل گوپ جي اداڪاري اڄ به نٿي وسري. ان ڊرامي جون تصويرون آئون اڄ تائين سانڍيندو اچان. ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب جنهن ۾ منهنجو هي سفرنامو ڇپجي، ان ۾ انهن تصويرن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي ۽ پڙهندڙ اڌ صدي کان جهوني هن ڊرامي جي معيار ۽ ادائگي جو اندازو لڳائي سگهن.
    اسان جي اچڻ جو ٻڌي لياقت اوسي پاسي ۾ رهندڙ ٻين دوستن کي به گهرايو جن مان هڪ ته سڪرنڊ پاسي جي هڪ ڳوٺ بکر جمالي جو ڊاڪٽر (ميڊيڪل وارو) زينت الله جمالي هو جنهن 1999ع ۾ ڪراچي جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. اڄڪلهه هو يونيورسٽي ملايا ۾ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائدِعوام يونيورسٽي جي پروفيسر عزيز الله جمالي صاحب جو فرزند آهي.
    ان کان علاوه ٻيو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ سرهاري جو عامر اقبال عمراڻي هو. 25 سالن جو عامر قائدِ عوام يونيورسٽي مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ بيچلر جي ڊگري BS (IT) حاصل ڪرڻ بعد سندس هڪ دوست عرفان ميمڻ جيڪو ”جوهوربارو“ جي UTM يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو، ان جي شوق ڏيارڻ تي پنهنجي خرچ تي جوهور بارو پڙهڻ ويو جتي سال کن رهيو، جيسين سندس دوست عرفان هو. عرفان ميمڻ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيئن ئي پاڪستان روانو ٿيو ته عامر باقي تعليم جو حصو هتي ڪئالالمپور جي UTM ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ هليو آيو آهي. هو MBA ڪري رهيو آهي ۽ سندس خاص سبجيڪٽ فائننس يا ڪميونيڪيشن بدران “Core” آهي. هي هڪ نئون سبجيڪٽ آهي جيڪو ملائيشيا جي هن يونيورسٽي وارن شروع ڪيو آهي.
    عامر اقبال عمراڻي جو ڳوٺ نوابشاهه پاسي سرهاري آهي جتي ننڍپڻ ۾ منهنجو به ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هوس. سرهاري جا ٻه ڀائر امام شاهه (حاجن شاهه) ۽ سيف الله شاهه منهنجا ڪلاس ميٽ هئا ۽ سندن والد پير صدر الدين شاهه راشدي منهنجي والد جو دوست هو، سو موڪلن ۾ اسان هڪ ٻئي جي ڳوٺن ۾ ايندا رهندا هئاسين. عامر جو ڏاڏو ميان احمد خان عمراڻي جنهن جو 1996ع ۾ انتقال ٿي ويو، اسان کان ڏهاڪو کن سال وڏو هو. هو حڪمت کان پنهنجي تر جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ سعيد آباد جي جهنڊي وارن پيرن (پير وحب الله شاهه وارن) جا مريد ۽ مولانا عبيد الله سنڌي جو شاگرد هو. کيس ٻه پٽ هئا. هڪ محمد رفيق جيڪو اڄڪلهه زمينداري ڪري ٿو ۽ ٻيو محمد اقبال عمراڻي (عامر جو والد) ڪراچيءَ ۾ نئشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سائوٿ ريجن جو جنرل مئنيجر آپريشن آهي. پاڻ بنيادي تعليم سرهاري ۽ نوابشاهه مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان MA انگريزي ۾ ڪئي ۽ 1985ع کان بئنڪنگ ۾ آهي. کيس ٽي ٻار آهن. هي عامر سندن وڏو پٽ آهي ان بعد ٻه ٻار (ياسر ۽ قرت العين) آهن.
    لياقت جنهن جي گهر اچي گڏ ٿيا هئاسين تنهن مانيءَ لاءِ زور ڀريو. نيٺ اسان جي چوڻ تي چانهه تي راضي ٿيو. ان هوندي به پنهنجي زال کي موڪلي ڪجهه ڪيڪ بسڪٽ گهرايا. عليءَ ٻڌايس ته ”اسان ماني کائي آيا آهيون تو اجائي تڪليف ڪئي.“
    ”مون لاءِ ڪا تڪليف جي ڳالهه ناهي. توهان کي ته خبر آهي ته آئون چيني ماڻهن جو پاڙيسري آهيان، ايمرجنسي ۾ به مهمانن لاءِ بهترين صوف حاضر ٿي سگهن ٿا.“ لياقت چيو ۽ اسان سندس چرچو سمجهي کلڻ لڳاسين. ڊاڪٽر لياقت ۽ سندس فئملي هن کان اڳ به ملائيشيا ۾ رهي ويا آهن، جڏهن هو سال 2004ع کان 2007ع تائين Energy Conservation سبجيڪٽ تي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڊگري ڪرڻ لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. سندس ٻار تڏهن به ۽ هينئر به، هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. سندس زال شهنيلا پڻ اسان جي ڳوٺ جي هم عمر عزيز الله ميمڻ جي ڌيءَ آهي جيڪا ننڍي هوندي منهنجي ڀاڻيجيءَ شفق قاضي جي ڪلاس ميٽ رهي آهي، سو ان جون خبرون پڇندي رهي.
    لياقت پنهنجو ملائيشيا جي تعليمي ادارن ۾ رهڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيو ته ملئي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو فڪر رهي ٿو. هر وقت بس چوڳو لڳو رهي ٿو. ڪيترا ته نيرن به آفيس ۾ اتي جي ڪئنٽين يا ٻاهر بيٺل ريڙهي واري کان ”ناسي ليماڪ“ يا ”روٽي چنائي“ وٺي کائين. دعوتن جو وڏو شوق اٿن ۽ روزانو ان تي صلاح مشورو پيو هلندو ته لنچ ڪٿي کائجي ڊنر ڪٿي کائجي...
    مون کي لياقت جي ملئي ماڻهن بابت اها Observation بلڪل صحيح لڳي ۽ سندس ڳالهائڻ جي چرچائي انداز تان سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي (گوپ) ياد اچي ويو.
    ”باقي هڪ ڳالهه آهي“، ڊاڪٽر لياقت چيو، ”ملئي جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻن وانگر سست هئا، اهي هاڻ انگريزن وانگر سمارٽ ٿيندا وڃن. شاگرد توڙي آفيسر پنهنجن ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ آفيسن ۾ پوري وقت تي پهچيو وڃن. اسان وٽ سرڪاري آفيسن ۾ ته صبح جو اچڻ جو ٽائيم اٺ هوندو ته ڏهين يارهين کان اڳ ته پهچندا ڪو نه.“ اهو چئي لياقت ٽهڪ ڏنو. اسان جي پڇڻ تي ٻڌايائين:
    ”ڪنهن پڇيو ته آمريڪا وارا Twin Towers جي ڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرن ها ته ڪيترا ماڻهو مرن ها؟“
    ”جواب مليس ته آمريڪا ۾ ته 5000 کن ماڻهو مري ويا پر پاڪستان ۾ هڪ به نه.“
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”ان ڪري جو اهو صبح جو ساڍي نائين بجي ڌاري حادثو ٿيو هو . پاڪستان ۾ ان وقت تائين ڪير ٿو آفيس اچي جو بلڊنگ ڪرڻ ۽ باهه لڳڻ سبب مري ها.“
    اسان ننڍي هوندي شاهي بازار مان لنگهي اسڪول ويندا هئاسين ته روزانو لياقت جي ناني زوار مولا بخش کي ڏسندا هئاسين. هيءَ گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي. زوار جو گاجڻين ۽ مهاڻن جي گهٽيءَ جي منهن وٽ ڀڳڙن ۽ پيهُن جو دڪان هوندو هو. هونءَ ته هالا جون اهي شيون مشهور هونديون هيون پر زوار مولا بخش جي دڪان جا ڀڳڙا ۽ پيهون اهڙا مشهور هوندا هئا جو جمعي واري ڏينهن ته وٺڻ وارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. دڪان جي منهن وٽ سواءِ جمعي جي ڪو نه ڪو همراهه اکر ۾ پيهون ڪُٽڻ ۾ مشغول هوندو هو، جنهن کي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ هر وقت انگريز يا يورپي ٽوئرسٽ ترسي پوندا هئا. ياد رهي ته پيهون ٺاهڻ جو هڪ پنهنجو طريقو ٿئي ٿو. ان لاءِ پهرين سارين کي اُٻ تي رڌيو وڃي ٿو، پوءِ انهن کي سڄي رات ڪونڍي ۾ پُسايو وڃي ٿو. پوءِ صبح جو انهن کي تئيءَ تي ڀُڃي ان بعد اُکري ۾ وجهي ڪٽڻ سان انهن سارين جي کل به لهيو وڃي ۽ اهي چپيل شڪل اختيار ڪريو وٺن. اڄڪلهه جڏهن سڄي هالا جي شهر ۾ پيهن کي مشين ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، تڏهن به سائين مولابخش وارن جي هڪ ڪارخاني ۾، جيڪو هالا پراڻا ۾ آهي، اڄ کان سٺ ستر سال اڳ واري طريقي سان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پيهن کائڻ جا شوقين اڄ به انهن پيهن کي ياد ڪن ٿا. مون کي به هن وقت اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو منهنجي پيٽارو جي دوست انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻيءَ جو ڪجهه دير اڳ فون آيو ته هن لاءِ اهي هٿ جا ٺهيل، ٻه ڪلو کن پيهون گهرائي ڏيان.
    زوار مولا بخش ميمڻ صاحب کي ڇهه ٻار ٿيا جن مان ٻه نياڻيون ته ننڍي هوندي گذاري ويون. وڏي پٽ حسين بخش جا ٻه ٻار اختر حسين ۽ اظهر حسين درس تدريس جو ڪم ڪن ٿا. ان بعد ڊاڪٽر لياقت جي امڙ ادي زينب آهي، ان بعد پٽ محمد علي آهي. اسان وارو محمد اسماعيل گوپ سڀ ۾ ننڍو آهي. سائين اسماعيل به سڄي عمر پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. پاڻ مخدوم امين فهيم صاحب جو ڪلاس ميٽ هو ۽ هالا جي جنهن اسڪول مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ اسڪول مان پڙهيو ان ۾ ئي ٽيچر ۽ پوءِ هيڊ ماستر ٿي رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اڃان تائين هالا جي روشن تارا اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. بقول سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر لياقت جي محمد اسماعيل اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو 55 سال اڳ مون هالا جو اسڪول ڇڏيندي آخري دفعو ڏٺو.
    ڊاڪٽر لياقت پهرين جنوري 1965ع تي حاجي الله ورائي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم هالا مان حاصل ڪرڻ بعد 1990ع ۾ B.E مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ماسٽرس جي ڊگري بعد هاڻ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي.ڊاڪٽر لياقت وارا پاڻ ۾ اٺ ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. منهنجي خيال ۾ سندن والدين ۽ سندن مامي محمد اسماعيل گوپ کي شاباس هجي جن هنن جي تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ ڳوٺ ۾ رهندي به نه فقط پٽن کي پر چئني ڌيئرن کي به گريجوئيشن ڪرائي. لياقت جي وڏي ڀاءُ تعليم بعد پنهنجي پيءُ جو بزنيس سنڀاليو، باقي ٻيا ڀائر نوڪري ڪري رهيا آهن. ٻي نمبر ڀاءُ ڪرم عليءَ سول انجنيئرنگ ڪئي هاڻ اريگيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. ان بعد ڊاڪٽر اُميد علي آرمي ۾ ڪئپٽن رهي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه ڀٽ شاهه ۾ پنهنجي ڪلنڪ هلائي ٿو. چوٿون ڀاءُ ڊاڪٽر عاشق علي به آرمي Join ڪئي ۽ اڄڪلهه سنڌ جي جيل کاتي ۾ DIG پوليس آهي. پنجون ڀاءُ امداد علي پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ ڇهون ڀاءُ قربان علي EDO (اسسٽنٽ ڪمشنر) آهي ان بعد لياقت آهي. سڀ ۾ ننڍو امجد علي آهي جنهن اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو خانگي بزنيس اٿس.
    ڊاڪٽر لياقت علي کي ٻه ٻار: ڌيءَ مصباح ۽ پٽ زين علي آهن جن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هو هتي ڪئالالمپور جي ملئي اسڪول ۾ پڙهن ٿا.


    باب ٽيتاليهون

    ملائيشيا جي سهڻي، امير ۽ مشهور ڳائڻي

    هن کان اڳ هڪ هنڌ مون ملائيشيا جي هڪ سڀ کان مشهور ڳائڻي سيتي نور هاليزه جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ جيڪو نالو پيدا ڪيو آهي، ان جو مقابلو شايد ئي لتا يا دنيا جي ڪا ٻي ڳائڻي ڪري سگهي. ميهڙ يا بدين جهڙي ڳوٺ جي هڪ ملئي ڇوڪريءَ جو ننڍي عمر ۾ ڳائڻ، گانا لکڻ ۽ رڪارڊ ڀرائڻ ۾ ايڏو مٿانهون وڃڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي. دراصل ملائيشيا ۾ ملئي ماڻهن جو ڳائڻ وڄائڻ ۾ 1980ع تائين به اهڙو حال هو جهڙو سنڌ ۾ ڳوٺاڻن سنڌين جو. اسان 1982ع ڌاري جڏهن ملاڪا ۾ رهڻ اختيار ڪيو ته ان وقت ملائيشيا ۾ ٻه کن ٽي وي چئنل شروع ٿيا هئا، جن تان ملئي پروگرام هلڻ ڪري ملئي ماڻهو اڳتي وڌيا نه ته سنگاپور جي ٽي وي چئنلن تان هو انگريزي ۽ چيني گانا ٻڌي دل خوش ڪيو ويٺا هئا. ايتري قدر جو انهن چئنلن يا سئنيما هالن ۾ هلندڙ انڊين هندي فلمون ڏسي انهن جي گانن سان دل وندرائيندا وتيا ٿي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هو. فقط هڪڙو بلئڪ ائنڊ وائيٽ چئنل ان تي هن صوبي جي زبان جو روزانو فقط خبرون هلن يا گانا! پوءِ سڀ ڪو چوندو هو ته محمد جمن، محمد يوسف، مائي ڀاڳي، روبينا ۽ هڪ ٻه ٻين ڳائڻن کان علاوه سنڌيءَ ۾ ڳائڻا يا آرٽسٽ آهن ڪٿي؟ پوءِ پرائيويٽ چئنل KTN شروع ٿيو ۽ اهڙي طرح چار پنج ٻيا چئنل ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌي ڳائڻ وارا ۽ واريون ايتري تعداد ۾ پيدا ٿي ويون آهن جو ماڻهن ٻين زبانن جا گانا ٻڌڻ ڇڏي ڏنا آهن. اهوئي حال اسان کان ويهارو سال کن اڳ ملائيشيا ۾ ٿيو. ٽي وي چئنل وڌڻ ۽ انهن تي مڪاني زبان ملئي جو پروگرام هلڻ ڪري ويا ملئي ڳائڻا وڌندا ۽ 1991ع تائين، يعني ملائيشيا ڇڏڻ تائين خبر ناهي ڪيترا ملئي گانا ماڻهن جا دلپسند ٿي ويا ۽ اسان جهڙا ڌاريان به ملئي گانا جهونگاريندا وتيا. نه ته ان کان اڳ اٽڪل 1980ع تائين ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي انگريزي ۽ چيني گانن جي ڌم هوندي هئي. ڪيترا ملئي ڳائڻا ته اهڙا مشهور ٿيا جو هنن جا گانا ڀروارن انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جهڙن ملڪن ۾ به هلڻ لڳا، جتي ملئي زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ هاڻ هن ڳوٺاڻي ڇوڪري ”سيتي نور هاليزه“ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملائيشيا جي اڪيلي ڇوڪري آهي، جنهن کي هڪ نه ٻه نه پر يڪا 200 کن وڏا وڏا ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ سندس سُر ۽ سونهن ماڻهن کي موهي رکيو آهي. ڳائڻ ۽ راڳ لکڻ ۽ انهن جا رڪارڊ ٺاهڻ کان علاوه هن جي نالي وڏو ڪاروبار هلي ٿو. سيتي نالي هن جي ميڪ اپ، چانهه ۽ ٻين شين جون ڪمپنيون آهن، جيئن انڊيا ۾ گودريج ۽ ٽاٽا فئملين جون مختلف ڪمپنيون آهن. سيتي نور هاليزه جي ڪمپني جي چانهه جو نالو CTea (سيٽي) آهي، جيڪا چانهه ڪوٽا ڪنا بالو (ايسٽ ملائيشيا) جي باغن ۾ پوکي وڃي ٿي.
    سيتي نور هاليزه لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هوءَ ملائيشيا جي امير ترين، بااثر، مشهور ترين ۽ سڀ کان گهڻا ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري آهي. کيس داتڪ جو به خطاب مليل آهي، ان ڪري هوءَ داتو يا داتن سري سڏجي ٿي. نور هاليزه (سڄو نالو: داتن سري سيتي نور هاليزه بنت تارو دين) 1979ع ۾ تارو دين اسماعيل ۽ سلما باچيڪ جي گهر ۾ تيمير لوح شهر ۾ ڄائي. هن جي سڄي فئملي جو ميوزڪ سان خاص لڳاءُ آهي. سندس ڀاءُ سيفل باهري تارو دين ۽ ٻه ڀينرون سيتي نور سعيده ۽ سيتي سائره پڻ ڳائڻيون آهن. هن جو ڏاڏو مشهور Violinist ٿي گذريو آهي ۽ سندس ماءُ سلما باچيڪ ملائيشيا جي مشهور لوڪ ڳائڻي آهي، جيئن سنڌ ۾ مائي ڀاڳي يا زرينه بلوچ رهي.
    سيتي نور هاليزه بنيادي تعليم پنهنجي شهر Temerloh ۾ حاصل ڪئي، ان بعد وڌيڪ تعليم پهانگ رياست جي ڪئالا لپيس اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هوءَ اسڪول ۾ اٿليٽ ۽ ڊبيٽر مشهور هئي. هن يارهن سالن جي ڄمار ۾ ئي پنهنجي ماءُ کان لوڪ راڳ سکڻ شروع ڪيا ۽ هُن سان گڏ مختلف شادين ۽ خوشي جي ڪاڄن ۾ ڳائڻ شرع ڪيو. 19 ورهين جي ڄمار ۾ 1998ع ۾ هن راڳ رنگ جي ڪمپني ”سيتي نور هاليزه پروڊڪشن سنڊري برحد“ نالي ٺاهي ۽ 1998ع ۾ ڪئالالمپور ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ راندين جي شروعات ۾ اڪيلي سر ۽ راندين ختم ٿيڻ تي دنيا جي ٻين مشهور اداڪارن سان گڏ فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي موهي وڌو. هيءَ Ceremony ستر ملڪن ۾ ڏيکاري وئي ۽ نور هاليزه جي بين الاقوامي طور شهرت ٿي. هن فنڪشن بعد نور هاليزه کي جپان جي پنجن ڏينهن واري پروگرام Pop Queen Festival ۾ دعوت ڏني وئي. 1999ع ۾ کيس شنگهائي ميوزڪ فيسٽول ۾ گهرايو ويو، جيڪو چين ۾ ٿيو ۽ کيس گولڊ ميڊل مليو. بهرحال پوءِ ته کيس آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ گهرائي انعام ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو. جپان ۾ به هڪ دفعو وري يوڪو هاما ۾ ڪنسرٽ لاءِ گهرايو ويو. گرامي ايوارڊس ۾ ته کيس ريڊ ڪارپيٽ ويلڪم ڏني وئي ۽ هوءَ بيحد مصروف ترين ڳائڻي بڻجي وئي ۽ هن لاءِ آچر جو هڪ ڏينهن آرام ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو. 2009ع ۾ سندس والد تارو دين اسماعيل جي وفات تي هن 40 ڏينهن لاءِ ڳائڻ جو ڪم بند رکڻ جو اعلان ڪيو سواءِ مولود النبي جي موقعي تي نعتن ڳائڻ جي. نور هاليزه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اڄ ڪلهه هن جي اسٽيج پروگرام جو سڀ کان گهڻو اگهه آهي. هوءَ اڌ ڪلاڪ لاءِ 45000 ملئي رنگٽ يعني اٽڪل يارهن لک رپيه في طور وٺي ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ لاءِ 70000 رنگٽ يعني پاڪستاني سترهن لک رپيا وٺي ٿي.
    سيتي نور هاليزه ڪمايل دولت مان خير خيرات جا به ڪم ڪري رهي آهي. سنومي (سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ) ۾ ستايل ماڻهن جي هن دل کولي مدد ڪئي. تازو هن ٻن مسجدن ٺهرائڻ لاءِ وڏو پئسو ڏنو آهي، جنهن مان هڪ ٿائلينڊ جي شهر پٽاني ۾ ٺهي آهي ۽ ٻي هتي ڪئالالمپور ۾ ٺهڻي هئي، جنهن لاءِ نقشا وغيره به ٺهي ويا، پر هتي جي مولوين اهو چئي پئسا واپس ڪيا ته اهو پئسو جنهن طريقي سان ڪمايو ويو آهي ان مان مسجد ٺهرائڻ جهڙو اسلامي ڪم صحيح نٿو لڳي.
    سيتي نور هاليزه جون داتڪ خالد سان شاديءَ جا افواهه ڪافي وقت هلڻ بعد هڪ ڏينهن 17 جولاءِ 2006ع تي جڏهن نور هاليزه ۽ داتڪ خالد گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي شاديءَ جو اعلان ڪيو ته سيتي نور هاليزه جي ڪيترن چاهيندڙن کي اها ڳالهه نه وڻي. هر ماڻهوءَ لاءِ اها حيرتناڪ خبر ثابت ٿي ۽ ملڪ جي ميڊيا ۾ ان جي ڪافي تنقيد ڪئي وئي ته 27 سالن جي سهڻي ۽ مشهور ڇوڪري، جنهن کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گهوٽ ملي سگهيا ٿي اها پاڻ کان ويهن سالن جي وڏي عمر جي ماڻهوءَ سان شادي ڪري رهي آهي، جيڪو اڳهين شادي شده آهي ۽ چار ٻار اٿس. ماڻهن کي سيتي نور هاليزه سان ناراضگي به ٿي ته هوءَ پهاڄ بڻجي رهي آهي ۽ هن جو داتڪ خالد جي پهرين زال کي طلاق ڏيارڻ ۾ هٿ آهي. اهو معاملو هتي جي مذهبي کاتي ”جبا تان اگاما اسلام، سلينگور“ وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن پڇا ڳاڇا بعد عوام کي اهو ٻڌايو ته داتڪ خالد ۽ سندس سابق زال تينگڪور زاواه بنت تينگڪو ازهام جي طلاق ٻه سال اڳ 2004ع ۾ ٿي چڪي آهي. هو 15 سال گڏ رهيا. بهرحال آگسٽ 2006ع تي داتڪ خالد ۽ سيتي نور هاليزه جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي. ملئي شاديون سادگي کان مشهور هونديون آهن، پر هن شاديءَ تي چون ٿا ته 30 لک آمريڪن ڊالر (يعني پاڪستاني اڍائي ڪروڙ رپيا) خرچ ڪيا ويا، جيڪو بعد ۾ جوڙي غلط قرار ڏنو ۽ هنن چيو ته شادي تي فقط 5 لک ملائيشيا جا رنگٽ يعني پاڪستاني ڏيڍ ڪروڙ رپيا خرچ آيو. سندن نڪاح جي رسم ڪئالالمپور جي هڪ مسجد ۾ منعقد ڪئي وئي، ان بعد وڏي دعوت جو بندوبست ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر (KLCC) ۾ رکيو ويو. بهرحال توهان جو ملائيشيا اچڻ ٿئي ته توهان پاڻ سيتي نور هاليزه جا ڪجهه گانا ضرور ٻڌجو. بلڪ ائين ٿي نٿو سگهي ته توهان ڏينهن ٻن لاءِ ملائيشيا ۾ رهو ۽ هوٽل ۾ يا دوست جي گهر هلندڙ ٽي وي جي ڪنهن چئنل تي سيتي نور هاليزه موجود نه هجي.ٻه مهينا کن اڳ E- News Asia طرفان سيتي نور هاليزه ۽ سندس مڙس داتڪ سري خالد ايشيا جو ٽيون نمبر من پسند جوڙو قرار ڏنو ويو آهي. پهرين نمبر تي چيني جوڙو سائمن ياد ۽ هن جي زال ڪِڪِي QiQi آهي ۽ ٻئي نمبر تي بالي ووڊ جي اداڪاره ايشوريه راءِ ۽ هن جو مڙس اڀيشيڪ بچن آهن. قوم ۽ ملڪ جي يڪجهتي لاءِ جيئن اسان وٽ قومي تراني جي درجي جا ٻيا به ڪيترائي راڳ آهن، جيئن”هم ايڪ هين“ يا انڊيا وارن لاءِ اقبال جو ترانو ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“، تيئن ملائيشيا ۾ به ڪجهه اهڙا گانا آهن، جيڪي قومي ڏينهن تي يا اسڪول ۽ ڪاليجن جي فنڪشن تي قومي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڳايا وڃن ٿا، جن مان هڪ آهي: ”ساتو ملائيشيا“ يعني ملائيشيا هڪ آهي. ملائيشيا ۾ ملئي، چيني، انڊين ۽ ٻيون قومون (Races) رهن ٿيون، جن جا مختلف دين ڌرم آهن، مختلف زبانون آهن، ايتري قدر جو چيني ماڻهن جون به انيڪ زبانون آهن. سڀ کان ٿورا انڊين آهن، جن مان گهڻن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ جن جون زبانون تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو آهن، پر ان کان علاوه پنجابي، سنڌي، پشتو، گجراتي، بنگالي، ملباري، سنهالي ۽ ٻيون به انيڪ زبانون ڳالهائڻ وارا آهن، ان هوندي به ملائيشيا وارا اهو ئي ڳيچ ڳائين ٿا ته هو هڪ قوم آهن. بهرحال هنن جو هي هڪ ملائيشيا Satu Malaysia گانو چڱو پاپولر آهي ۽ ڪيترن ئي ڳائڻين ڳايو آهي، پر سڀ کان سريلي آواز ۾ سيتي نور هاليزه جو چيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ رهڻ سان هي راڳ توهان جي ڪن تي ضرور ٻُرندو رهندو، جنهن جا ٻول آهن:
    تنهنجي ڪاميابي Kejayaanmu
    منهنجو فخر Kebangganku
    اسان جي هڪ جنگ آهي Semuanya atas satu perjuangan
    تنهنجي شڪر گذاري Kesyukuranku
    Keamananmu
    منهنجو امن
    Segalanya atas satu perpaduan
    سڀ اسان جي هڪ هجڻ ڪري آهي
    Rakyat bersatu seiring dan maju
    قوم هڪ ٿي ئي ترقي ڪري ٿي
    Pencapaian jadi mercu
    اسان جي منزل ڪاميابي ماڻڻ آهي
    Satu tak mengenal bangsa
    مختلف هجڻ جي باوجود به هڪ قوم آهيون
    Tak memisahkan kita
    اسان کي ڪو جدا نٿو ڪري سگهي
    Terus Perasa
    اسان مضبوط رهنداسين
    Kita satu Malaysia
    اسين هڪ ملائيشيا آهيون
    Teguh ikrar bersama
    پاڻ ۾ مضبوط
    Negaraku tercinta
    منهنجي قوم منهنجي چاهت
    Satu bangsa Satu Malaysia
    هڪ قوم هڪ ملائيشيا


    باب چوئيتاليهون

    ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نرالو سسٽم.....

    ملائيشيا جو بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ينگ دي پرتوئان اگونگ Yang di Pertuan Agong سڏجي ٿو) ملائيشيا ملڪ جو سربراهه يعني Head of State آهي. ايران، ٿائلينڊ يا انگلينڊ جي بادشاهن وانگر ملائيشيا جا بادشاهه صدين کان نه هلندا اچن. فقط 50 سال کن اڳ تائين ملايا جو ڪو بادشاهه نه هو. درياهه (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي هڪ پاسي جاوا، سماترا ۽ بالي جهڙا ٻيٽ جيڪي انڊونيشيا سڏجي ٿو ڊچن جي هٿ ۾ هو ۽ ٻئي پاسي ملايا تي انگريزن جو قبضو هو. ملايا مختلف رياستن ۾ ورهايل هو، يعني يارهن رياستن ۾. جن مان نون تي انهن رياستن جي سلطانن جي هلي ٿي، باقي ٻن ملاڪا ۽ پينانگ رياست جو ڌڻي سائين ڪو سلطان نه هو. اهي ٻئي رياستون ڄڻ ته انگريزن جون شروع کان زرخريد هيون. بهرحال نون رياستن جا به فقط نالي ۾ سربراهه ”سلطان“ هئا، جيئن انگريز راڄ ۾ انڊيا جي مختلف رياستن جا سربراهه نواب، مير، راجا هئا، پر هلي انگريزن جي ٿي. سو ملائيشيا ۾ به ٿيو اهو ئي ٿي، جيڪو انگريزن چاهيو ٿي. هر رياست جي سلطان کي پنهنجي رياست جو ڪاروبار هلائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ انگريز سرڪار طرفان مقرر ڪيل انگريز صلاحڪار جو چيو مڃڻو پيو ٿي. هي انگريز ريزيڊنٽ به سڏبو هو ۽ سندس رعب تاب ۽ شان شوڪت اڳيان سلطانن جي ڪجهه نٿي هلي. بهرحال انگريزن جڏهن سامان ويڙهيو ته 1957ع ۾ ملايا جي رياستن جي سلطانن پنهنجون رياستون ڳنڍي فيڊريشن آف ملايا ٺاهيو (جيڪو هاڻ ملائيشيا آهي) ۽ پاڻ مان هڪ سلطان کي چونڊي سڄي ملڪ جو بادشاهه بڻايائون. هنن عقل کان ڪم وٺي ڪجهه قاعدا قانون ٺاهيا، جيئن هرهڪ سان انصاف ٿي سگهي. انهن قانونن مان ڪجهه هي هئا.
    - اليڪشن ذريعي ٽوٽل نوَ سلطانن مان هڪ بادشاهه چونڊيو ويندو.
    - هن اليڪشن ۾ ملڪ جي نون رياستن جا سلطان حصو وٺندا.
    - نون مان پنج سلطانن جي مخالف ووٽن سان اهو سلطان بادشاهه ٿي نه سگهندو.
    - ڪو پاڻ بادشاهه ٿيڻ نه چاهي ته هو ڀلي نه ٿئي.
    - ذهني مريض هجڻ جي صورت ۾ هن کي بادشاهه ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو.
    - هر رياست جي سلطان کي واري تي بادشاهه بڻايو ويندو.
    - بادشاهت جو مدو پنج سال رهندو ان بعد ٻئي سلطان کي بادشاهه بڻايو ويندو.
    - ڪنهن بادشاهه جو جي انتقال ٿي ويو ته ٻئي کي پهرين جو باقي وقت پورو ڪرڻ بدران پنجن سالن لاءِ بادشاهه بڻايو ويندو.
    - ننڍي عمر (نابالغ) سلطان کي بادشاهت نه ڏبي.... وغيره وغيره
    بهرحال بادشاهه بڻجڻ جو هي هڪ نرالو طريقو آهي، جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. ان سان ڪجهه ملندڙ سسٽم عرب امارت ۾ ضرور آهي، جتي واري وٽي تي دبئي جو امير صدر ٿيڻ تي ابو ڌابي جو امير وزيراعظم ٿئي ٿو.
    بادشاهه Yang di Pertuan Agong کان علاوه نائب بادشاهه (جيڪو ملئي زبان ۾ ٽمبالان سڏجي ٿو) به چونڊيو وڃي ٿو. جيئن بادشاهه جي غير حاضري يا بيماري ۾ ملڪ جو ڪاروبار هلي سگهي. 1957ع ۾ ملايا (هاڻوڪي ملائيشيا) جو پهريون بادشاهه جوهور رياست جو 84 سالن جو سلطان ميجر جنرل سلطان ابراهيم چونڊيو ويو، پر وڏي عمر هجڻ ڪري هن بادشاهه ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ پهانگ جو سلطان ابو بڪر وڏي عمر جو هو، پر ان جي خلاف پنج ووٽ پوڻ ڪري هن کي بادشاهه بڻجڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. آخرڪار ”نيگري سيمبيلان“ جو سلطان تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيڻ لاءِ چونڊيو ويو، جنهن جي نالي ڪئالالمپور جي مرڪزي شهر ۾ وڏو شاهراهه جالان تئانڪو عبدالرحمان آهي. هي سلطان 1957ع کان 1960ع تائين بادشاهه ٿيو، سندس وفات بعد سلينگور رياست جو سلطان ”سلطان هشام الدين عالم شاهه“ ملائيشيا جو ٻيو بادشاهه ٿيو ۽ ساڍن چئن مهينن بعد وفات ڪرڻ تي پرلس رياست جي سلطان تئانڪو سيد پترا کي ٽيون بادشاهه بڻايو ويو. هي بادشاهه پورا پنج سال هليو. ان بعد ٻين رياستن جا سلطان هن واري وٽي موجب ملڪ جا هن ريت بادشاهه ٿيندا رهيا آهن:
    4- ترنگانو رياست جو سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه.
    5- ڪيداح رياست جو تئانڪو عبدالحليم جيڪو 1970ع کان 1975ع تائين بادشاهه رهيو. اسان جڏهن پهريون دفعو ڪئالالمپور ويا هئاسين ته سلطان اسماعيل نصيرالدين شاهه بادشاهه هو ۽ ان ئي سفر ۾ هانگ ڪانگ کان وري ڪئالالمپور آياسين ته تئانڪو عبدالحليم جي بادشاهه ٿيڻ جي خبر ٻڌيسين.
    6- ملائيشيا جو ڇهون بادشاهه ڪيلنتان رياست جو سلطان يحيٰ پترا 1975ع کان 1979ع تائين ٿيو. بادشاهت جو ٽرم پورو ٿيڻ کان اڳ هن جي وفات ٿي وئي.
    7- پهانگ رياست جو سلطان احمد شاهه 1979ع کان 1984ع تائين بادشاهه رهيو. هن جي ڏينهن ۾ آئون سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ اچي رهيس.
    8- پهانگ بعد ”جوهور“ رياست جو سلطان اسڪندر 1984ع کان 1989ع تائين ٿيو. جوهور رياست ملائيشيا جي بلڪل ڇيڙي واري رياست ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي گاديءَ وارو شهر ”جوهور بارو“ سنگاپور ٻيٽ سان پل ذريعي ڳنڍيل آهي.
    9- سلطان اذلان شاهه جو واسطو پيراڪ رياست سان آهي ۽ ملائيشيا جو نائون نمبر بادشاهه آهي. پاڻ هاڪي راند جي ڪري پاڪستان ۾ به مشهور آهي. 1998ع کان ملائيشيا ۾ مردن جي بين الاقوامي هاڪي مئچ ٿئي ٿي، جيڪا هن بادشاهه جي نالي ”سلطان اذلان شاهه ڪپ“ سڏجي ٿي. 1999، 2000 ۽ 2003ع ۾ پاڪستان چئمپين ٿيو هو ۽ 2004ع ۾ هو ٻئي نمبر تي (Runner Up) رهيو. گذريل ٻن سالن 2009ع ۽ 2010ع کان انڊيا چئمپين رهندو اچي.
    منهنجي هوندي جيڪي ملائيشيا جا اڄ تائين بادشاهه ٿيا آهن، انهن ۾ سلطان اذلان شاهه وڌيڪ پسند ڪيو ويو ٿي، شايد ان ڪري جو هو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ نياز مندي واري طبيعت سان پيش آيو ٿي. سلطان اذلان شاهه 1928ع ۾ پيراڪ جي شهر باتو گاجاح ۾ ڄائو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئالا ڪنگسار شهر جي مشهور ”ملئي ڪاليج“ مان پڙهيو ۽ پوءِ 1953ع ۾ هن يونيورسٽي آف ناٽنگهام مان LLB جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ”سوسائٽي آف لنڪن اِن“ طرفان انگلش بار ۾ داخل ٿيو. پنهنجي ملڪ موٽي هن مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون، ان بعد 1965ع ۾ جج به ٿيو. اهڙي طرح اڳتي هلي هو فيڊرل ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 6 سال رکي 1979ع ۾ هو ملائيشيا جو بادشاهه مقرر ٿيو ۽ 1994ع تائين تخت تاج جو مالڪ رهيو. اهو به لکندو هلان ته اذلان شاهه ڪنهن شاهي خاندان جي ڇوڪريءَ سان نه پر هڪ عام ڇوڪري بئنون بنت محمد علي سان شادي ڪئي. بئنون پينانگ جي ڪنهن اسڪول ۾ ٽيچر هئي ۽ بئنون پهرين عام (Commoner) ڇوڪري آهي، جيڪا ملائيشيا جي راڻي ٿي. کين پنج ٻار آهن: ناظرين شاهه، اذورين، اشمان، ايلينا ۽ صوفيا.
    10- نيگري سيمبيلان رياست جو سلطان تئانڪو جعفر 1994ع کان 1999ع تائين ملائيشيا جو ڏهون بادشاهه ٿيو. هي ملڪ جي پهرين بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان جو پٽ هو، پاڻ 2008ع ۾ وفات ڪيائين.
    11- سلينگور رياست جو سلطان صلاح الدين عبدالعزيز 1999ع تي ملڪ جو ٻارهون بادشاهه ٿيو، ٻن سالن بعد 2001ع ۾ وفات ڪيائين.
    12- پيرلس رياست جو سلطان تئانڪو سيد سراج الدين 2001ع کان 2006ع تائين ملائيشيا جو ٻارهون بادشاهه ٿي رهيو. پاڻ 1943ع ۾ ڄائو هو ۽ هن وقت 68 سالن جو آهي ۽ هاڻ پنهنجي رياست پيرلس جو سلطان آهي.
    13- تئانڪو ميزان زين العابدين موجوده ۽ تيرهون نمبر بادشاهه آهي، جيڪو ترينگانو رياست جو سلطان هو. پاڻ 2006ع ۾ ملائيشيا جو بادشاهه چونڊيو ويو ۽ پنهنجي ٽرم جي بادشاهت جا 5 سال پورا ڪري 2011ع ۾ پنهنجي رياست ترينگانو روانو ٿيندو.
    ان بعد ڪيڊاح جو سلطان، ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. ملائيشيا جي سلطانن ان ريت رياستن جا نمبر ٺاهي ڇڏيا آهن، جنهن موجب هڪ هڪ رياست جو سلطان واري تي بادشاهه ٿيندو رهندو. اهي نمبر هن آرڊر ۾ آهن.
    ڪيڊاح، ڪيلنتان، پهانگ، جوهور ۽ آخر ۾ پيراڪ.ان بعد وري مٿان کان نيگري سيمبيلان، سلينگور، پيرلس، ترنگانو، ڪيڊاح ... وغيره کان شروعات ڪئي ويندي.


    باب پنجيتاليهون

    ملائيشيا جون ٻه چار ٻيون ڳالهيون

    ملائيشيا ۾ ڳائڻ وڄائڻ خوب آهي. ملڪ جو ته قومي ترانو آهي پر هر رياست ۽ فيڊرل ٽيريٽري جو به آهي. ڪيترن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي به پنهنجي پنهنجي لوگو ۽ موٽو سان گڏ هڪ عدد ترانو به آهي. ڪئالالمپور ۾ اڪثر هيٺيون ترانو ڳايو وڃي ٿو جنهن جي انگريزي معنى به شامل آهي.
    Harmoni Wilayah Pertiwi
    Semoga Sentiasa Diberkati
    Wawasan Hala Pembangunan
    Sebagi Semangat Perpaduan

    Wilayah Persekutuan
    Maju dan Sejahera (2x)

    Harmonious is this country’s territory
    May it always be blessed
    Our vision directs our development
    As the spirit of unity
    Federal Territory
    Progressive and Prosperity (2x)
    انگريزن يا يورپين آفريڪا يا ايشيا جي جن به ملڪن ۾ حڪومت ڪئي، اتي جي ماڻهن هنن کي پسند نٿي ڪيو پر انهن ڌارين مان ڪن اهڙا چڱا ڪم ڪيا جو انهن کي اڄ به پسند ڪيو وڃي ٿو. جيئن سمجهو ته اسان وٽ سر فريئر جنهن سنڌي زبان جي اڄ واري الف ب مقرر ڪئي. اهڙي ئي هڪ انگريز سر هگ لو (Sir hugh Low) کي هتي جا ماڻهو پسند ڪن ٿا خاص ڪري اهي جن جو واسطو باٽني ۽ زولاجي وغيره سان آهي. مسٽر هگ 1824ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو، سندس پيءُ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽن جو ماهر horticulturist هو، تنهن پنهنجي پٽ هگ (Hugh) کي جڏهن 20 سالن جو ٿيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ڏي موڪليو ته اُتي جا گل ٻوٽا هٿ ڪري اچي. هگ سنگاپور ۾رهي بورنيو ٻيٽ جي گل پن (flora) تي ڌيان ڏنو. ان دوران هن جي سراواڪ جي انگريز راجا سر جيمس بروڪ سان به دوستي ٿي ۽ سندس ڪم کان علاوه کيس پيراڪ رياست جو ائڊمنسٽريٽر به مقرر ڪيو ويو. هن جي ان وقت جي ڪئپٽن چينا (چنگ ڪپنگ ڪُوئي) ۽ ملئي حاڪمن راجاموُدا ۽ سلطان ادريس سان به سٺي دوستي رهي ۽ هن ڪاروبار اهڙي ته سٺي نموني سان هلايو جو پيراڪ رياست جيڪا قرضي ٿي وئي هئي اها هن جي ڪوششن سان امير ٿي وئي.
    ملايا ۾ رٻڙ، ڪافي، ڪارا مرچ ۽ چانهه جا فصل هن انگريز سرهگ شروع ڪرايا. 1882ع ۾ هن رٻڙ جا ٻج ڇٽي ست کن رٻڙ جا ٻوٽا پيدا ڪيا، جن مان پوءِ وڌي وڌي اهڙي حالت ٿي جو سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي رٻڙ جي پوک شروع ٿي وئي. ڪوٽا ڪنابالو جي جبلن تي جيڪا اعلى درجي جي چانهه جي پوک ٿئي ٿي ۽ اڄ سيتي نورهاليزه ڳائڻي CTea نالي چانهه جو بزنيس ڪري ٿي، اها به هن انگريز جي محنت ڪري آهي. پاڻ پهريون ماڻهو هو جيڪو ڪوٽا ڪنابالو جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. ڪوٽا ڪنابالو جبلن جي سڀ کان اتاهين چوٽي ۽ جبلن جي پويان اونهي کاهيءَ جو نالو هن انگريز پٺيان آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ٻوٽن، جانورن، جيتن، پکين تي ايڏو ته ريسرچ ورڪ ڪيو جو اڄ ڪيتريون شيون هن جي نالي سان آهن ۽ دنيا جا شاگرد جن جو باٽني، زولاجي يا ائگريڪلچر سان واسطو آهي، اهي سر هگ لو جي نالي کان واقف آهن. ڪجهه شيون جن جي سائنسي نالي ۾ Sir Hugh Low جو نالو اچي ٿو هن ريت آهن.
    ٻوٽا ۽ گل:
    Arachnis Lowii
    Dendrobium Lowii
    Lowiara (Hybrid orchid)
    Sobralia Lowii
    Vatica Lovii
    Nepenthes Lowii (Pitcher Plant)
    ۽ ٻيا ڪيترا.
    اهڙي طرح ڪجهه جانور:
    Ptilocercus lowii
    (Pen tailed Tree shrew)
    Sundasciurus Lowii
    (Low’s Squirrel).
    سر هگ لو جي نالي پيراڪ رياست جي گادي واري شهر اپوح ۾ هڪ روڊ Hugh Low Street به آهي. وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مون کي سال ۾ ٻه دفعا کن اپوح جي انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ ۾ پڙهائڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو ته آئون اڪثر هن روڊ جي ڪنهن هوٽل ۾ رهندو هوس. هي ڪراچي جي صدر جي زيب النساءِ اسٽريٽ جهڙو بارونق هو. هاڻ ته اپوح جا ٻيا علائقا ۽ روڊ به وڌيڪ ماڊرن ٿي ويا آهن. هن روڊ جو هاڻ جيتوڻيڪ ”جالان سلطان اسڪندر“ نالو رکيو ويو آهي پر ماڻهو اڄ به هن کي ”هگ لو اسٽريٽ“ سڏين ٿا.
    سر هگ هڪ سٺو ليکڪ به هو ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب آهن. اسان جا پاڪستاني جيڪي ايسٽ ملائيشيا (يعني بورنيو ٻيٽ تي) نوڪري ڪن ٿا، انهن کي Suggest ڪندس ته هو سر هگ جا هي ڪتاب ضرور پڙهن، جيڪي مون وٽ ملائيشيا ۾ گڏ هئا پر پوءِ 1991ع ۾ اهي ۽ ٻيا ڪتاب جن جو ملائيشيا (خاص ڪري بورنيو) سان واسطو هو، نيوز لائين رسالي جي ايڊيٽر رضيه ڀٽي، حسن مجتبى ۽ نفيسه شاهه کي ڏئي ڇڏيم. نفسيه شاهه ته پاڻ به بورنيو ٻيٽ تي وئي ۽ News line رسالي لاءِ ڪافي لکيو. مسٽر هگ جا ڪتاب:
    Sarawak. Its Inhabitants & Productions.
    A Botanist in Borneo.
    Selesilah (Book of Descent) of Rajas of Brunei.
    مٿين ڪتاب جو نالو ”سلسله“ ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنى ساڳي آهي جيڪا اسان وٽ سنڌي اڙدو ۾ آهي يعني سلسلو، شجرو، نسل وغيره. سر هَگ تي به هڪ تمام مشهور ڪتاب آهي جيڪو چارلس. ايف. ڪو وان لکيو آهي ۽ پهريون ڇاپو 1969ع جو آهي. ڪتاب جو نالو آهي:
    Sir Hugh Low (1824-1905)
    ”سر هگ لو“ اٽليءَ جي شهر Alassio ۾ 18 اپريل 1905ع تي وفات ڪئي.
    ڪئالالمپور ۾ گهمڻ جون جايون هڪ نظر ۾:
    . سينٽرل مارڪيٽ
    . هئنڊي ڪرافٽ ڪامپليڪس
    . جالان مسجد انڊيا
    . جامع مسجد
    ڪئالالمپور برڊ پاڪ
    ڪئالالمپور زو نگارا (Zoo Negara)
    KLCC پارڪ
    . ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ سندس ائڊمن بلڊنگ
    . مسجد نگارا
    . نئشنل مانومينٽ
    . نئشنل اڪئريم (ماهي گهر)
    . پيتالنگ اسٽريٽ
    . پيٽروناس Twin ٽاورس
    . رُوما پينگهولو ابو سيمان
    . سلطان عبدالصمد بلڊنگ
    . بڪت ناناس
    . K.L ٽاور
    . فئملي پارڪ
    . باتو غارون (Batu Caves)
    . سينٽ مئري ڪئٿيڊرل
    . نئشنل ميوزيم
    . National Planetarium
    . بٽر فلاءِ پارڪ
    .داتاران مرديڪا (Dataran Merdeka)
    . هرڻن جو پارڪ
    . اسلامي آرٽ ميوزيم
    . استانا نيگارا (Istana Negara)
    .تمن تاسڪ پرڌانا
    . ڪئالالمپور ميموريل لئبرري
    . ڪئالالمپور ٽيڪسٽائيل ميوزيم
    . نئشنل اسپورٽس ڪامپليڪس
    . چوڪِٽ (Chowkit) ڀاڄي ۽ گوشت مارڪيٽ
    . سکن جو مندر
    . چائنا ٽائون ۽ اتي جو چيني مندر
    . برڪس فيلڊ (Bricksfield)علائقو ۽ اتي جا هندو، ٻڌ ۽ چيني مندر
    . تمن تاسڪ (Taman Tasik) پرمئشوري


    باب ڇائيتاليهون

    ڪئالالمپور ۾ سواريءَ جو بندوبست

    ڪئالالمپور ۾ ممبئي، دهلي ۽ تهران جهڙن شهرن وانگر، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ڪو مسئلو ناهي. بسون، ٽئڪسيون، ميٽرو، ريل گاڏيون شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلن ٿيون. ڪئالالمپور ۾ ته اڃا به گهڻيون بسون ۽ ريل گاڏيون آهن. ان کان علاوه مونو ريل به آهي. اهي سواريون بيحد سوليون ۽ سستيون آهن. ٽئڪسي ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. هڪ ٽوئرسٽ لاءِ سڀ ۾ بهترين سواري ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي بس آهي. ڇو جو هڪ ڌاريون ٽوئرسٽ جن اهم هنڌن تي گهمڻ يا خريداري لاءِ وڃي ٿو اتي ريل جي اسٽيشن يا بس جو اسٽاپ ضرور ٿئي ٿو. ٽئڪسي ته تڏهن ڪجي جڏهن ڪنهن دوست جي گهر وڃڻو هجي، جيڪو رهائشي علائقي جي ڪنهن اندرين گهٽيءَ ۾ هجي. پر ان صورت ۾ توهان جو دوست يا مائٽ توهان کي سندس گهر تائين پهچڻ لاءِ ٽئڪسي جي تڪليف ڏيڻ بدران توهان کان ٻه ڳالهيون پڇندو: ”توهان جتي آهيو اتان ڪهڙي اسٽيشن ويجهي آهي؟“ ۽ توهان مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي هن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته توهان داتو ڪرامت، KLCC يا ڪمپونگ بارو ريلوي اسٽيشن وٽ آهيو يا ان جي ويجهو آهيو. يا کڻي چئجي ته هنگ تئاح، PWTC يا بُڪت جليل ۾ آهيو. هي ائين آهي جيئن ڪراچي ۾ ڪو مهمان پهچي پنهنجي دوست کي ٻڌائي ته هو سهراب ڳوٺ، لياقت آباد، صدر يا ٽاور وٽ بيٺو آهي. توهان جو ڪئالالمپور وارو ميزبان توهان جو جواب ٻڌي ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ آهيو، توهان کي چوندو ته ”ان اسٽيشن تان هڪ ڊالر (رنگٽ) يا ٻن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهو ۽ ٽن يا چئن اسٽيشنن بعد جيڪا فلاڻي اسٽيشن ايندي، ان تي لهي ٻاهر نڪرندائو ته آئون گيٽ وٽ بيٺو هوندس.“
    سو توهان ڪئالالمپور ۾ ريل رستي شهر جي مختلف جاين جا چڪر هڻندا رهو. رڳو اهو ياد رکو ته توهان ڪهڙي اسٽيشن وٽ رهيل آهيو، جيئن رلي پني واپس ان اسٽيشن تي اچي پنهنجي رهائشگاهه ڏي هليا وڃو.
    هونءَ ڪئالالمپور جو شهر ممبئي ۽ ڪراچي وانگر ڊگهو ناهي. اتفاق سان اهي ٻئي شهر ڏکڻ کان اتر طرف وڃن ٿا ۽ اهڙن شهرن ۾ بس يا ريل گاڏي سڌو ئي سڌو پئي وڃي. ڪياماڙي، نيٽي جيٽي، ٽاور، بولٽن مارڪيٽ، پاڪستان چوڪ، برنس روڊ، صدر، نمائش، گرو مندر، لياقت آباد، وغيره وغيره.
    ڪئالالمپور جو شهر تهران ۽ حيدرآباد وانگر چوڌاري پکڙيل آهي. هڪ طرف ڪوٽڙي ته ٻئي طرف لطيف آباد، هوڏانهن فتح چوڪ، ”اسرا“ يونيورسٽي، قاسم آباد، وغيره گول دائري ۾ وڃي ڄامشوري، ڪوٽڙي، مٽياري ۽ ٽنڊوڄام کان نڪتو آهي. دهلي به ائين آهي. ان ڪري ڪراچي ۽ ممبئي وانگر توهان نئين ٽوئرسٽ کي K.L (ڪئالالمپور) سولائي سان سمجهائي نٿا سگهو. پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڪئالالمپور پهچي اهو خوف نه هجڻ کپي ته هو ڪو گم ٿي ويندو. هن کي ڪيڏانهن به وڃڻو هجي ته مڪاني ماڻهوءَ کان پڇي ته فلاڻي جاءِ تي وڃڻ لاءِ هو ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي. هو کيس ٻڌائيندو ته سامهون موڙ وٽ يا پوئين گهٽي ۾ هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن آهي، اتان فلاڻي اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهه. ان ريلوي اسٽيشن تي پهچي، وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻين مسافرن کان پڪ ڪري سگهجي ٿي. ملائيشيا اُهو ملڪ آهي، جتي هرڪو انگريزي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿو. هونءَ هتي ڪجهه اسٽيشنون نمبروار لکي ڇڏيان ٿو، جيڪي مون هڪ پني تي پنهنجي سهوليت لاءِ لکيون آهن. ڪيڏانهن نڪرڻ لاءِ پني تي اها اسٽيشن ڏسي، جائزو وٺندو آهيان ۽ ان ٽرين ۾ چڙهندو آهيان.
    ڪئالالمپور شهر جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ جيڪا ريل آهي، اها Rapid KL Rail نيٽ ورڪ سڏجي ٿي. هن ريل سسٽم جون ٻه لائينون آهن، هڪ ائمپنگ لائين سڏجي ٿي ۽ ٻي ڪيلانا (Kelana) لائين، جيڪا شروع ۾ پُترا لين به سڏبي هئي. هتي ٻنهي ريلوي لائينن جون ريلوي اسٽيشنون نمبروار لکان ٿو، جن جي لسٽ توهان لاءِ ڪئالالمپور ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي ۽ کيسي ۾ رکڻ سان توهان لاءِ سهوليت رهندي. ٻئي ريلوي لائينون مختلف ريلوي اسٽيشنن وٽان لنگهن ٿيون، پر ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان ٻنهي لائينن جون ريلون لنگهن ٿيون، جهڙوڪ مسجد جامع. ڪي اسٽيشنون اهڙيون آهن، جن تان مونو ريل به لنگهي ٿي، جهڙوڪ ٽِيٽي ونگسا، هنگ تئاح، پاسار سيني، دانگ وانگي وغيره. اهي اسٽيشنون ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا روهڙي جنڪشون جن تان هڪ مان لهي ٻئي طرف ويندڙ ريل ۾ چڙهي سگهجي ٿو.
    بهرحال ائمپنگ لائين ريل گاڏيءَ جون اسٽيشنون هن ريت آهن:
    سينتل تمور
    سينتل
    ٽِيٽي ونگسا
    PWTC (پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر)
    سلطان اسماعيل
    بندر رايا
    مسجد جامع
    پلازه رعيت
    هنگ تئاح
    پُودو
    چان سولِن Chan Sow Lin
    ڄان سولِن ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ائمپنگ لائين ريل جون ٻه برانچون يعني Routes ٿين ٿيون، جيڪي مختلف طرفن ۽ علائقن کي ڪَور ڪن ٿيون. اهي Yellow روٽ ۽ Green روٽ سڏجن ٿيون. ييلو (هئڊي) روٽ جي ريل گاڏي چان سولِن ريلوي اسٽيشن کانپوءِ هنن اسٽيشنن ڏي وڃي ٿي:
    مِيهارجا
    مالُوري
    پانڊان جايا
    پانڊان انڊا
    چيمپڪا
    چهايا، ۽ آخر ۾
    ائمپنگ
    ۽ گرين روٽ جي ريل گاڏي Chan Sow Lin ريلوي اسٽيشن کانپوءِ ڪئالالمپور شهر جي جن علائقن ۾ وڃي ٿي، انهن جون ريلوي اسٽيشنون هن ريت آهن:
    چيراس
    سالاڪ سيلاتان
    بندر تُن رزاق
    بندر تاسڪ سيلاتان
    سُنگائي بَيسي
    بڪت جليل ۽ آخر ۾،
    سري پيتالنگ
    هي آخري اسٽيشن ’سري پيتالنگ‘ جو اصل نالو ”ڪامن ويل“ (Koman Wel) اسٽيشن هو، يعني ڪامن ويلٿ پر هاڻ اها اسٽيِشن سري پيتالنگ سڏجي ٿي. چيراس اسٽيشن جو نالو ان علائقي چيراس تان پيو آهي. چيراس وارو علائقو ڪئالالمپور جي صدر (مرڪز) واري علائقي کان ٿورو ٻاهر ڀرو آهي، جيئن ڪراچي جو ملير يا ماڙيپور جو علائقو صدر کان پري آهي. ڪيترائي ٽوئرسٽ هن علائقي جي هوٽلن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا، جو هي هوٽلون وچ شهر جي گوڙ کان آجيون آهن ۽ سندن مسواڙ به گهٽ آهي. ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري توهان منٽن ۾ جتي وڻيوَ پهچي سگهو ٿا. هونءَ ته هي علائقو به يورپ جي ڪنهن شهر کان گهٽ ناهي. چوڌاري نئين اسٽائيل جون عمارتون ۽ شاپنگ مال نظر اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ کي جي وقت هجي ته چيراس (Cheras) اسٽيشن تي لهي آسپاس جو چڪر هڻي جتي ڪيترائي شاپنگ سينٽر آهن. جهڙوڪ Leisure مال، ڪناٽ مارڪيٽ سينٽر، Carrefour، جايا جسڪو، UE3 (انچانگ ايماس)، فونيڪس پلازه (جيڪو 1995ع ۾ مشهور چيني ائڪٽر جئڪي چان کوليو)، هيرو هائير مارڪيٽ وغيره وغيره.
    جيئن اسان وٽ گذريل ٽيهارو سالن کان جمع بازار يا آچر مارڪيٽون لڳڻ شروع ٿيون آهن، تيئن هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا پاسي ’پاسار مالم‘ يعني نائيٽ بازار لڳن ٿيون. پوءِ ڪنهن شهر ۾ آچر ڏينهن ته ڪنهن ۾ جمعي يا اربع ڏينهن لڳن، جتي هر شيءِ سستي اگهه تي ملي ۽ جيئن سڄي پاڪستان ۾ ڊفينس سوسائٽي ڪراچي جي ”سنڊي بازار“ وڏي ۾ وڏي آهي، تيئن هن علائقي چيراس جي پاسار مالم جيڪا تمن ڪناٽ ۾ لڳي ٿي، ملائيشيا جي وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ آهي.
    چيراس وانگر ”سنگائي بيسي“ ريلوي اسٽيشن تي نالو پڻ ان علائقي تان پيو آهي. سنگائي بيسي به ڪئالالمپور جو ٻهراڙي وارو علائقو آهي، جيئن چنيسر ڳوٺ، ڪورنگي، شير شاهه وغيره ڪراچي جا ٻاهران علائقا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي وانگر ڪئالالمپور جا به سڀ علائقا ملي هڪ ٿي ويا آهن. بهرحال ”سُنگائي بيسي“ تاريخي علائقو يا کڻي چئجي ته ٽائون آهي، جتي ملائيشيا جي سڀ کان اونهي قلعي (Tin) جي کاڻ هئي. شروع کان هتي لوهه جو ڪم هلي ٿو ۽ اڄ به ڪيترا لوهه ۽ اسٽيل جا ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. شايد سُنگائي بيسي نالو به ان ڪري پيو آهي. ملائيشيا ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر آهن، جن جي نالي ۾ سنگائي ائين اچي ٿو، جيئن اسان جي شهرن ۾ ”ٽنڊو“. سنگائي معنيٰ ندي. ملاڪا ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، ان جي ڀرواري ڳوٺ جو نالو ”سُنگائي بارو“ هو. بارو معنيٰ نئين، اهڙي طرح سنگائي لاما (جهوني ندي) نالي ڳوٺ آهي. ملاڪا جي ويجهو هڪ وڏي ٽائون جو نالو سنگائي اُڊانگ آهي. اُڊانگ معنيٰ گانگٽ، ٿي سگهي ٿو هن شهر جي ڀرسان وهندڙ نديءَ ۾ گانگٽ گهڻا هجن. ملائيشيا جتي ٻارهوئي زوردار مينهن وسي ٿو، اتي ندين جي ته کوٽ آهي ڪونه. اهڙي طرح ڪئالالمپور جي هن ٽائون ۾ لوهه، اسٽيل، قلعي جهڙن ڌاتن جي گهڻائي هجڻ ڪري هن جو نالو سنگائي بيسي يعني ”لوهه جي ندي“ پئجي ويو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته هيڏانهن مڇين ۽ گانگٽن جي کوٽ آهي.
    سنگائي بيسي Sea Food کان مشهور آهي، جتي مڪاني ماڻهو توڙي ٽوئرسٽ مڇي، پلي، گانگٽ ۽ ڪيڪڙي جهڙي تازي سي فوڊ لاءِ اچن ٿا. سو ڪنهن ٽوئرسٽ کي ڪئالالمپور ۾ گهمڻ لاءِ وقت هجي ته هن ريلوي اسٽيشن ”سنگائي بيسي“ تي به لهي ڪلاڪ ٻه هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻي، پر جيڪڏهن هو ڪئالالمپور ۾ فقط ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آهي ۽ هو چهايا، چيراس، چيمپڪا، ميهارجا يا مالوري جهڙين اسٽيشنن تي نٿو لهي سگهي ته ڀلي نه لهي، پر مسجد جامع، سلطان اسماعيل ۽ KLCC جهڙيون اسٽيشنون مِس نه ڪري. KLCC (ڪئالالمپور سٽي سينٽر) اها ريلوي اسٽيشن آهي، جتي هتي جي وڏي عمارت پيٽرو ناس ٽاور آهي، ڪي ايل ٽاور آهي، KLCC ماهي خانو آهي، پيٽرو سائنس ۽ پيٽرو ناس آرٽ گئلري آهي، جن شين کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. KLCC لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪئالالمپور شهر جي دل آهي. KLCC کي ”شهر اندر شهر“ (A City Within A City) به سڏين ٿا.
    هن علائقي جون خوبصورت فائيو اسٽار هوٽلون به ڏسڻ وٽان آهن. اسان جهڙو ٽوئرسٽ کڻي اهڙين هوٽلن ۾ رهي نٿو سگهي، پر ٻاهران ٻاهران انهن جي عمارتسازي (Architect) جي سونهن جو نظارو ته ڪري سگهي ٿو... انهن اڳيان بيهي تصوير ته ڪڍرائي سگهجي ٿي.... ڪجهه هوٽلون جيڪي منهنجي اڳيان ٺهيون- بلڪ ڪئالالمپور جون سڀ وڏيون هوٽلون اسان جي اڳيان ٺهيون (ان کان اڳ ملائيشيا جا جهازي ڪراچي اچڻ تي انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ڏسي واهه واهه ڪندا هئا)، انهن مان ڪجهه جا نالا لکان ٿو. انهن هوٽلن وٽان ڪالهه ڪار ۾ لنگهندي سندن نالا لکي ورتا اٿم.
    دي ائسڪاٽ ڪئالالمپور
    هوٽل مايا ڪئالالمپور
    Corus هوٽل ڪئالالمپور
    منڊارن اورينٽل
    پرنس هوٽل
    Novotel Hydro Majestic
    ٽريڊرس هوٽل
    Impiana KLCC & SPA
    هوٽل اڪيٽوريل
    شانگريلا هوٽل
    ڪرائون پلازا
    Renaissance K.L
    پئسفڪ ريجنسي
    ڪنڪورڊ هوٽل.... وغيره وغيره.
    سؤ سال کن اڳ ملائيشيا سڄو جنگل هو پوءِ آهستي آهستي آباديون ٿينديون ويون. عمارتون ۽ روڊ ٺهندا ويا. پليون ۽ ريلوي لائينون وڇائبيون ويون. پارڪ ۽ کيڏڻ لاءِ ميدان ٿيندا ويا ۽ هاڻ اهو دنيا جو هڪ بيحد ماڊرن شهر ٿي پيو آهي. توهان جي باءِ روڊ ملاڪا، جوهور بارو يا سنگاپور وڃي رهيا آهيو، يا اتر طرف اپوح، پينانگ يا بارڊر ٽپي ٿائلينڊ وڃي رهيا آهيو ته سڄي واٽ هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي وٺڻ بدران ڪٿي ڪٿي توهان گهارو، گجو ۽ ٺٽي جهڙو پراڻو نيشنل هاءِ وي وٺي ملائيشيا جي گهاٽن جهنگلن جو سير ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن ڪنهن ٽوئرسٽ وٽ ٽائيم ناهي، هو فقط ڪئالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيو آهي ته به فڪر جي ڳالهه ناهي. هو هتي جي گهاٽي جهنگل جو فقط ڪئالالمپور ۾ رهي به سير ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ توهان کي مسجد جامع ريلوي اسٽيشن تي لهي پنڌ يا بس ۾ بڪت ناناس اچڻو پوندو. هي علائقو بلڪل وچ شهر ۾ آهي، جتي K.L ٽاور آهي. هي ٽاور دنيا جو پنجين نمبر تي وڏو ٽيليڪميونيڪيشن ٽاور آهي. بهرحال جالان ائمپنگ، جالان راجا چُولان، جالان پي. راملي ۽ جالان سلطان اسماعيل روڊن جي اندر وارو سمورو حصو بڪت ناناس سڏجي ٿو. يارهن هيڪٽرن ۾ پکڙيل هي سڄو علائقو جهڙو سؤ سال اڳ جهنگل هو، اهڙو ئي رکيو ويو آهي، جيئن ٿوري وقت لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل ٽوئرسٽ ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن (Tropical Rain Forest) جو منظر پسي سگهن. ڪئالالمپور ۾ نوڪرين يا پڙهائي سانگي رهيل توڙي گهمڻ لاءِ آيل اسان جي ملڪ جي ماڻهن- خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي رهاڪن کي (جن ههڙا گهاٽا جنگل نه ڏٺا آهن) بڪت ناناس گهمڻ جو مشورو ڏيندس، اتي ئي هو K.L Tower به ڏسي سگهن ٿا ۽ مٿي چڙهي سڄي ڪئالالمپور جو نظارو ڪري سگهن ٿا.
    پاڻ ڪئالالمپور ۾ هلندڙ ٻن ريلوي لائينن جي ڳالهه شروع ڪئي هئي، جنهن مان هڪAmpang Line جون ريلوي اسٽيشنون لکي چڪو آهيان. ٻي جيڪا Kelana Jaya Line آهي، اها پُترا لائين به سڏجي ٿي. ڪيلانا لائين يڪي هڪ لائين آهي، يعني اها ائمپنگ لائين وانگر اڳتي هلي ٻن برانچن ۾ نٿي ورهائجي. هتي اهو به لکندو هلان ته هيءَ ريلوي لائين 29 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي، جنهن تي بنا ڊرائيور جي ٽرين هلي ٿي. دنيا جي ههڙين آٽوميٽڪ ٽرينن ۾ هيءَ لائين ٽيون نمبر ڊگهي آهي. (پهرين نمبر تي ڪئناڊا جي 70 ڪلو ميٽر اسڪاءِ ٽرين آهي ۽ ٻئي نمبر تي فرانس جي 32 ڪلو ميٽر Lille Metro Val آهي.) ڪئالالمپور جي هن Kelana Jaya لائين جون هي ريلوي اسٽيشنون آهن:
    گومباڪ
    تمن ميلاتي
    ونگسا ماجو
    سري رمپائي
    سيتيا ونگسا
    جيلا تيڪ
    داتو ڪرامت
    دامائي
    ائمپنگ پارڪ
    KLCC
    ڪمپونگ بارو
    دانگ وانگي
    مسجد جامع
    پاسار سيني
    K.L سينٽرل
    بنگسار
    عبدالله حُڪُوم
    ڪيرنچي
    يونيورسٽي
    تمن جايا
    ايشيا جايا
    تمن پئرا مائونٽ
    تمن بهاگيا، ۽
    ڪيلانا جايا


    باب ستيتاليهون

    ڪئالالمپور ۾ رهائش

    اهو به هڪ منجهائيندڙ سوال آهي جڏهن ڪو ٽوئرسٽ ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ ڪنهن مناسب هوٽل جو پڇي ٿو. اهڙي سوال جو جواب توهان ورلي صحيح ڏئي سگهو ٿا، جو ان بابت هر هڪ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي ته پاڪستان کان آيل همراهه منهنجي suggest ڪيل هوٽل ۾ رهڻ بعد چوندا آهن ته هيءَ هوٽل ڪنهن ڪم جي ناهي. ظاهر آهي هر هوٽل جو ڪمرو ان جي مسواڙ مطابق ٿيندو ۽ منهنجي خيال ۾ اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي فائيو اسٽار، فور اسٽار هوٽلن جو ته نه پر ٿري اسٽار هوٽلن جو به رخ نه ڪرڻ کپي. مون ته گورن يعني انگريز ۽ يورپين کي به سادين هوٽلن ۾ رات گذاريندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن هو واقعي ٽوئرسٽ آهن، يعني هو پنهنجي خرچ تي گهمڻ لاءِ آيا آهن ته. باقي ڪمپني جي خرچ سان يا ڪنهن ملڪ جي يونيورسٽي ۾ ليڪچر يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪمپني يا اهو ملڪ خرچ ٿو ڀري ۽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿو رکي ته پوءِ اسان کي تڪليف نه ٿيڻ کپي. ڪيترا دفعا هڪ جهاز تان ٻئي جهاز تي بدلي ٿيڻ مهل، ٻئي ملڪ ۾ هوائي جهاز ۾ پهچڻ تي ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو وڃي ٿو يا جهاز (Ship) تي ڳري مرمت هلڻ تي، جنهن ۾ گهڻو گوڙ شور ٿئي ٿو، اسان جهاز وارن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٽئي ويلا ماني به اتي کارائي وڃي ٿي. اسان کي ڪو اعتراض ناهي، جيڪا ڪمپني اسان جو هزارين روپين جو خرچ ڀري ٿي ان جا اسين ڪم به لکها ۽ ڪروڙها روپين جا ڪريون ٿا ۽ اسان کي فائيو اسٽار ۾ ڇا ڀلي ڪنهن ڇهن يا ستن تارن وارين هوٽلن ۾ رکن. هونءَ ته سچي ڳالهه اها آهي ته ٻئي جي خرچ ڀرڻ تي به منهنجي دل ڏکندي آهي، جو اهڙي آرام پرست ۽ Luxurious ماحول ۾ ڇو رهجي؟ چار پهر رات جا فقط ننڊ ئي ته ڪرڻي آهي ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ڊبل روٽي جون ٻه سلائيسون ۽ ٻوڙ ذري ڪافي آهي. سڄو ڏينهن جهاز جي انجڻ روم ۾ بيٺي پير ڪم ڪرڻ ڪري ايڏو ته ٿڪ ٿئي ٿو جو بستر تي ليٽڻ سان ننڊ کنيو وڃي. اهڙو ئي ٿڪ هڪ ٽوئرسٽ کي سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ سان ٿئي ٿو.
    سو منهنجي خيال ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي هوٽل جي ڪمري تي گهڻو خرچ نه ڪرڻ کپي ۽ نه گهڻو گَهوپيخور ٿيڻ کپي. بس ايترو آهي ته ڪمرو هوادار هجي، وهنجڻ لاءِ پاڻي هجي، صاف هنڌ بسترو هجي، مڇر ۽ جيت جڻيا نه هجن ۽ حفاظت وارو هجي. پر مون ڏٺو آهي ته جتي گورا ٽوئرسٽ ڌارئين ملڪ جو چڪر هڻي اتي تاريخي جاين ۽ آثار قديمه جون ڳالهيون ڪندا، اتي اسان جي هم وطنين جو گهڻو زور هوٽل ۾ ننڊون ڪرڻ، هوٽلن جي سهڻن ڪمرن ۽ مئچنگ پڙدن ۽ انهن کي صاف ڪرڻ وارين نوڪرياڻين بابت خبرون هونديون آهن. اسانجا ماڻهو صبح جو ڏهين يارهين بجي ڌاري ننڊون ڪري اٿندا پوءِ وڏين هوٽلن جي ڊائننگ هال ۾ پُرتڪلف نيرن ڪري ٻارهين هڪ بجي هوٽل مان نڪري پهرين ته پُڇا ڪرائيندا يا سوچيندا ته اڄ ڪيڏانهن گهمڻ نڪرجي پوءِ ان هنڌ پهچڻ لاءِ ڏس پتا ۽ سواريون معلوم ڪندا... مطلب ته هو پرديس ۾ گهمڻ، ڏسڻ ۽ پرائڻ جو وقت ائين ئي ضايع ڪري ڇڏيندا. پر سياڻا انگريز ۽ يورپي ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ ان نئين ملڪ ۽ ان جي شهرن جي روڊ رستن جا نقشا ۽ گهمڻ جون جايون چڱي طرح ذهن نشين ڪري پوءِ نڪرندا ۽ پوءِ ڌارئين شهر ۾ پهچي صبح ساڻ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندا. ڏٺو وڃي ته صحيح طرح اهي ئي enjoy ڪن ٿا.
    اڳئين دفعي جپان کان ڪراچي موٽڻ تي واٽ تي جهاز جو ڪئالالمپور ۾ اسٽاپ هو. ٽريول ايجنٽ ٽڪيٽ ته گهڻي سستي نه ڪئي پر ڪئالالمپور جي هوٽل ۾ هڪ ڏينهن جي رهائش مفت ڪرائي ڏني.
    ڪراچي موٽيس ته ٽريول ايجنٽ چيو ”مون جهازران ڪمپني کي چيو ته ٽن ڏينهن بدران ڀلي هڪ ڏينهن جي رهائش ڏيو، پر هوٽل اعلى قسم جي هجي.“
    دل ۾ چيم ته عجيب بيوقوف آهين ان کان ته ڪنهن سادي هوٽل ۾ ٽي ڏينهن مفت ۾ رهائش وٺي ڏين ها ته بهتر هو. اهڙي فائيو اسٽار هوٽل مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ ڪهڙي ڪم جي. بيشڪ اها هوٽل آرامده ۽ وڏين سهوليتن واري هئي. هوٽل کي سئمنگ پول به هو جنهن ۾ هوٽل ۾ رهندڙ مفت ۾ سئمنگ ڪري سگهيا ٿي. پر مون جهڙي ٽوئرسٽ لاءِ اهو ڪلاڪ ٻه به شهر جو واءُ سواءُ لهڻ ضروري هو يا سئمنگ ڪرڻ. هوٽل جي هر ڪمري ۾ رهندڙ لاءِ ذاتي ٽجوڙي جو بندوبست هو جنهن ۾ هو پنهنجيون قيمتي شيون رکي سگهي. پر مون لاءِ اها سهولت به ڪهڙي ڪم جي؟ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ مان 115 رپين جي ورتل واچ ان ۾ رکان يا 25 رپئي واري ڊالر پين رکان يا ٻٽونءَ ۾ باقي بچيل 80 ڊالر رکان؟ پندرهن ڊشن واري نيرن مفت ۾ هئي. اهڙي ڳري نيرن کائي اچي سمهي رهان ان کان بهتر آهي رستي تي ڪنهن اسٽال واري کان چانهه ۽ ڪيڪ پيس وٺي ساڻس ڪچهري به ڪريان، ۽ ڪالم لکڻ لاءِ سندس ڪهاڻي ۽ اهو دڪان هلائڻ جو احوال وٺانس. مون تي ٿڌو ٿورو ڪرڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ هوٽل جي مئنيجر ڪمري جي چاٻي ڏيندي چيو هو؛
    ”سر ڊبل بيڊ وارو ڪمرو پيو ڏيان.“
    دل ۾ مون سوچيو ته ڊبل ڪمري وارو ڇا مون لاءِ ته بنا بيڊ وارو ڪمرو به صحيح آهي جوbackache ڪري آئون سمهان ئي پٽ تي ٿو ۽ خاص ڪري هينئر ته يڪا ٻه مهينا جپان ۾ رهي پيو موٽان جتي هر ماڻهو تڏي تي سمهي ٿو، چاهي ملڪ جو وزيراعظم هجي يا فلمي اداڪارائون.
    بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته اسان جهڙن سياحن لاءِ اهڙي رهائش يا اهڙو ڪمرو ڪافي آهي، جنهن ۾ فقط بنيادي سهولتون هجن، جن جو احوال مٿي لکي چڪو آهيان، باقي مهانگين هوٽلن جون جيڪي سهولتون آهن جن جي ڪري مسواڙ ڳري ٿئي ٿي، اهي اسان لاءِ ڪهڙي ڪم جون؟ جڏهن آفيس طرفان جهاز جي خريداري يا مرمت لاءِ ٻئي ملڪ وڃبو هو يا ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي طرفان سنگاپور يا ٿائلينڊ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ وڃبو هو ته پوءِ واقعي اهڙي هوٽل جي ضرورت پوندي هئي جتي فئڪس مشين جي سهوليت هجي، جيئن پنهنجي هيڊ آفيس ڏي روز جي رپورٽ موڪلي سگهجي پر گهمڻ لاءِ آيل مسافر کي ته ڪمري ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ جو به وقت نٿو ملي. ٽي وي تي هلندڙ فلمون، گانا ۽ ڊراما ته هو پنهنجي ملڪ به وڃي ڏسي سگهي ٿو. پنهنجو ڀاڙو ڀري ڌارئين ملڪ ۾ آيو آهي ته شهر گهمي، ان شهر جي ماڻهن سان ملي، خبرون ڪري يا ڪمري ۾ لڳل ٽي وي تي فلمون ڏسي. مٿين هوٽل جنهن ۾ مون کي هڪ رات مفت ۾ رهائڻ جو ٿڌو ٿورو ڪيو ويو هو، ان جي ڪمرن ۾ رکيل ٽي وي لاءِ مئنيجر وڏي شان سان اهو به ٻڌايو هو ته ”سر اسان جي هوٽل جي ڪمرن ۾ عام ٽي وي نه پر فلئٽ اسڪرين واري ٽي وي رکيل آهي.“
    مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا ٻڌائڻ چاهي ٿو. منهنجي وضاحت گهرڻ تي هن ٻڌايو ته ”سائين فلئٽ ٽي وي سڄو سڄو ڏينهن ڏسڻ سان به اکيون خراب نٿيون ٿين.“ دل ۾ مون سوچيو ته آئون هتي گهمڻ ڦرڻ ۽ شهر جو نڪ نقشو ڏسڻ آيو آهيان يا تنهنجي ٽي وي ڏسڻ! ۽ جيڪو مهمان هن ڪمري ۾ ڏينهن يا ٻه رهندو ان کي جيڪڏهن ڪلاڪ ٻه ٽي وي ڏسڻ جو شوق به ٿيو ته هن لاءِ ٽي وي کڻي ڪهڙي به هجي، چند ڪلاڪن ۾ ڪنهن جون به اکيون خراب نٿيون ٿين. پر ٿي سگهي ٿو اهڙا به چريا يا اڌ مغزي ماڻهو هجن جيڪي انهن ننڍين ننڍين ڳالهين لاءِ پريشان ٿيندا هجن ۽ کين سندن صحت خراب ڪندڙ اهڙين ڳالهين جو خوف يا سوداءُ ٿيندو هجي. شاديءَ بعد هڪ ان قسم جو نوجوان ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ پڇيو:
    ”سائين منهنجي زال هر وقت چپن تي لپ اسٽڪ لڳائي رکي ٿي. ڇا چمي ڏيڻ سان منهنجي صحت خراب ته نه ٿيندي؟“
    ڊاڪٽر وراڻيس ”توکي ڇا لپ اسٽڪ ڊبل روٽي تي هڻي کائڻي ٿي پوي ڇا جو صحت خراب ٿيڻ جو خوف اٿئي؟“
    سو ههڙن ڪمرن ۾رهندڙ ڇا ڏينهن رات رڳو ٽي وي ڏسڻ لاءِ ولايت اچن ٿا ڇا؟
    پر توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪيترا ماڻهو ولايت ۾ اچي گهمڻ بدران رڳو ٽي وي ڏسيو وڃن. ٻيا کڻي نه هجن پر هڪ همراهه کي سڃاڻان جيڪو زال ۽ ٻارن کي ٽن ڏينهن لاءِ بئنڪاڪ گهمائڻ وٺي آيو. اتي پهچي زال جي مرضي شاپنگ ڪرڻ تي هئي. ٻارن چڙيا گهر، مانگر مڇن جا تالاب ۽ ٻيون ڪجهه اهڙيون شيون ڏسڻ چاهيون ٿي ۽ پاڻ ان چڪر ۾ هو ته سندس زال ٻارن کي وٺي گهمائڻ لاءِ ڪيڏانهن ٽري ته هن کي لوفر پائي لاءِ آزادي ملي سگهي. هنن جي ٽئي ڏينهن هڪ ٻئي سان کِٽ پٽ جاري رهي نتيجي ۾ هو ڪيڏانهن به وڃي نه سگهيا ۽ ٽئي ڏينهن هوٽل جي ڪمري ۾ ٽي وي ڏسي موٽي آيا. ڳوٺ پهچي جنهن تنهن کي ٻڌائيندا رهيا ته ٿائلينڊ جي ٽي وي واهه جي آهي! زبان سمجهه ۾ نٿي اچي پر پروگرام واهه جا ٿا ڏين....
    فائيو يا فور اسٽار هوٽلن ۾ ٻي وڏي مصيبت مِني بار جي هوندي آهي. يعني توهان جي ڪمري جي فرج ۾ يا ڪنهن ڪولڊرئڪ ۾ بيئر، ڪوڪ ۽ ٻين شربتن جون ڪجهه بوتلون ۽ دٻا ، ٻن ٽن قسمن جا چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ رکيل هوندا آهن، جن جي قيمت مارڪيٽ جي قيمت کان ٻيڻي ٽيڻي هوندي آهي. منهنجو ڪالم نويس دوست امر جليل صحيح چوندو آهي ته: ”اهڙين هوٽلن کان ڀڄ پري. اسان پيئون ڪونه پر جيڪي پين ٿا، انهن کي به کپي ته بيئر جو دٻو ٻاهران وٺي اچن. بهرحال ڪمري ۾ مِني بار واري سهوليت جي آهي ته پئسي وارن موالين لاءِ آهي، اسان جهڙو ان سهوليت خاطر ڳري مسواڙ واري هوٽل ۾ ڇو رهي.“
    منهنجي خيال ۾ امر جليل صحيح ٿو چوي. آئون به پنهنجي تجربي مطابق اهڙي هوٽل جي ڪمري ۾ پهچي ان ئي وقت روم سروس واري بئري کي گهرائي چوندو آهيان ته ”هن مِني بار کي چيڪ ڪري وڃ ته ڇا ڇا پيو آهي.“ ڇو جو روم ڇڏڻ وقت هوٽل وارن سان اهڙين ڳالهين تي اڪثر کِٽ پِٽ ٿيڻ جو انديشو رهي ٿي. توهان ڪابه شيءِ استعمال نه ڪريو، پر آخري ڏينهن تي روم ڇڏي هيٺ ڪائونٽر تي پنهنجو بل چڪتو ڪرڻ مهل ان ۾ ٻه بوتلون بيئر يا ڪوڪ جا به 500 رپيا کن لڳا پيا هجن ته عجيب ٿو لڳي.
    ان کان علاوه روم ۾ پهچڻ سان ٽيليفون آپريٽر کي فون ڪري چوندو آهيان ته ٻاهران ايندڙ فون ڀلي ڏي باقي هتان ويندڙ فون بند رک. ڇو جو ان تي به وڃڻ وقت کٽ پٽ رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن غلطي ۾ توهان کي انهن فونن جا به پئسا ڏيڻا پون ٿا، جيڪي توهان ڪيا ئي نه هوندا آهن. هونءَ به اڄ ڪلهه موبائل فون عام آهي. ملڪ ڇڏڻ وقت پنهنجو موبائل فون پاڻ سان کڻي نڪرو. سواءِ جپان جي هر ملڪ ۾ ساڳيا فون استعمال ٿين ٿا. توهان کي رڳو ان ملڪ جي Sim وٺڻي پوندي. يا ٻي صورت ۾ اهو بهتر آهي ته ڪمري مان نڪري هيٺ ٽيليفون آپريٽر جي آفيس يا رسيپشن تان فون ڪري اتي ئي ان بل جي ادائگي ڪري ڇڏيو.
    بهرحال منهنجي نظرن ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي فائيو يا فور اسٽاف وارين ناليرين هوٽلن ۾ رهي پئسو وڃائڻ بدران عام هوٽلن ۾ رهڻ کپي، جيئن هو اهو پئسو به ان شهر يا ملڪ کي وڌيڪ ڏسڻ تي خرچ ڪري سگهي. هونءَ به وڏين هوٽلن جون اهي سهولتون جن جي ڪري هنن جي مسواڙ هيڪاندي گهڻي ٿئي ٿي، اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ نه آهن. يعني اسان جهڙن غريب ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ. انهن نالي ڪُٺين سهولتن مان ڪجهه وڌيڪ هن ريت آهن جن جو توهان پاڻ جائزو وٺو ته اهي سهولتون اسان جي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ ماڻهن کي بيوقوف ۽ کوکلو شان ڏئي هرکائڻ لاءِ هوٽل وارا اهڙين ٺڙڪو سهولتن جي ڳالهه نمايان طور ڪن ٿا، جهڙوڪ:
    ”فٽنيس روم“ سڄو ڏينهن شهر ۾ ٽنگون هڻڻ کانپوءِ توهان کي فٽنيس روم يا جمناسٽڪ هال ۾ وڃي ورزش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
    :”Kitchenette” ڪن هوٽلن جي ڪمرن ۾ هڪ ننڍي ڪچن ٿئي ٿي جيئن توهان پنهنجي پسند جون هلڪيون ڦلڪيون شيون ٺاهي سگهو. اسان لاءِ وڏو عيش ريڙهي واري کان ٻن رنگٽن جو مرتباڪ (قيمي وارو اڦرٽو) يا چڪن برياني (جنهن کي ملئي زبان ۾ ناسي ايام سڏين ٿا) وٺي پيٽ ڀرڻ ڪافي آهي. ۽ اها ماني گهمڻ دوران ڪٿي کائي وٺجي. گهمڻ بدران گيهه، مکڻ، کير، بيضا وٺي ڪمري تي اچي رڌ پچاءُ ڪرڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي!
    ”هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ“- توهان هفتي اڌ لاءِ گهمڻ آيا آهيو يا مائٽن دوستن کي خط لکڻ ۽ ڪمپيوٽر تي اخبار پڙهڻ، جو توهان لاءِ اهڙي سهوليت ضروري هجي. ها هڪ بزنيس مئن يا سائنٽسٽ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ آيل آهي ته ان لاءِ اها سهولت بهتر آهي. توهان کي جي پنهنجي Mail ڏسڻي آهي ته شهر ۾ سائبر ڪيفي جام آهن. ڏيڍ ڊالر ڏئي ڪلاڪ کن وڃي ڪمپيوٽر سان رهاڻ ڪريو.
    ”پارڪنگ جي سهوليت“: اها به توهان لاءِ اجائي آهي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس ته منهنجي اداري جي انتظاميه ڪڏهن ڪڏهن مون کي اپوح، پينانگ يا جوهور بارو جهڙن شهرن ڏانهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ يا جهاز جي سروي لاءِ موڪليندي هئي ته پوءِ آئون نخرو ڪندو هوس ته اهڙي هوٽل ۾ ڪمري جو بندوبست ڪريو، جتي پارڪنگ Facility هجي، جتي آئون پنهنجي ڪار بيهاري سگهان. پر غير سرڪاري طرح يعني پنهنجي مرضي سان انهن شهرن ۾ گهمڻ ويندو هوس ته شهر کان پري واري ڪا هوٽل ڳوليندو هوس، جيڪا سستي پوي ڀلي ڪار پارڪنگ نه هجي. ڪار کي هوٽل جي ٻاهران ڪنهن روڊ جي پاسي کان بيهاري ڇڏيندو هوس جو هتي چوري چڪاريءَ جو ته ڊپ آهي ڪونه، بس رڳو ڪار جا در ۽ شيشا، ان ڪري بند ٿا رکجن ته متان ڪو نانگ بلا اندر اچي نه ويهي. يا اسان پاسي، جتي آئون رهندو هوس، يعني ملائيشيا جي ڏاکڻي پاسي، ملاڪا جي ڳوٺن ڏي ڀولڙن جو وڏو آزار هوندو هو، جيڪي ڪار جو شيشو لٿل ڏسي اندر گهڙي، ڊئش بورڊ مان ڪاغذ پٽ ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هئا يا چٻاڙي ضايع ڪري ڇڏيندا هئا.
    “Disabled Access” : انهن فئملين لاءِ آهي، جيڪي پاڻ سان پنهنجا پوڙها يا بيمار مائٽ کڻي گهمڻ لاءِ نڪرن ٿا ۽ سندن ڪمري تائين ويل چيئر هلڻ جي سهوليت ضروري آهي.
    “Pet Friendly”: اهي نواب يا انهن جون زالون جيڪي پنهنجن پاليل ڪتن، ٻلن سان گڏ سفر ڪن ٿيون. انهن لاءِ هنن هوٽلن ۾ هنن جي جانورن جي رهائش، کاڌي پيتي، ويندي ڊاڪٽر ۽ حجام جو بندوبست ٿئي ٿو. يعني ڪتن ٻلن جي صحت ۽ هيئر ڪٽنگ لاءِ.
    ”مساج پارلر“- ملائيشيا ۾ اڄ به چون ٿا ته اهڙا آڍ وارا حڪيم آهن، جيڪي توهان جي جسم جي مالش ڪرڻ ذريعي سور دور ڪريو ڇڏين. امير ملڪن جا ڪيترائي امير ۽ بيوقوف مرد ملندا، جيڪي ٻُڪ ٽڪن جا ڏيئي ههڙين هوٽلن ۾ مساج ڪرائيندي نظر اچن ٿا.
    ”شٽل سروس“- مسافرن کي ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ۽ واپس ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ لاءِ هر وقت هوٽل وارن جي سواري موجود رهي ٿي. اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، خاص ڪري انڊيا، ايران، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي عام بس، ريل، ٽئڪسي هر وقت سهوليت ۽ سستي اگهه تي ملي وڃي ٿي. ان ڪري ڇو ويهي هوٽل جي ڪمري جي گهڻي مسواڙ ڏجي.
    بهرحال پڙهندڙن جي زور ڀرڻ تي هتي ڪجهه هوٽلن جا نالا لکان ٿو. هڪ ڪئالالمپور جي دوست ذريعي انهن هوٽلن جا نالا ۽ پاڪستاني رپين ۾ ٿيندڙ مسواڙ پڻ لکان ٿو. اسان جي رپئي جو قدر هر وقت ڪرڻ ڪري ان مسواڙ ۾ واڌارو ايندو رهي ٿو، پر ان هوندي به توهان کي هتي جي هوٽلن جي اگهن بابت Idea ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڏينهن جي مسواڙ ڇا آهي.
    - جالان سلطان اسماعيل تي هوٽل ڪرائون پلازه- Rs 6000
    - جالان اسٽيشن سينٽرل تي هلٽن هوٽل- Rs 13000
    - جالان ايمبي تي Melia هوٽل- Rs 6000
    - جالان ايمبي تي رٽز ڪارلٽن هوٽل- Rs 13000
    - جالان ائمپنگ تي هوٽل مايا- Rs 8000
    - جالان سلطان تي پاڪ رايل هوٽل- Rs 7000
    - جالان ڪِيا پينگ تي Novotel سٽي هوٽل- Rs 6000
    - جالان سلطان اسماعيل تي Renaissance هوٽل- Rs 8000
    - جالان بڪت بنتانگ تي گرانڊ ملينيم هوٽل- Rs 9000
    - جالان راجا چولان تي هوٽل راستانا- Rs 6000
    - جالان Tiong Nam تي سائٽرس هوٽل- Rs 4000
    - جالان سلطان اسماعيل تي هوٽل اڪيٽوريل- Rs 5000
    - جالان پنچاڪ تي هوٽل پئسفڪ ريجنسي- Rs 5000
    - جالان بڪت بنتانگ تي مئريٽ هوٽل- Rs 12000
    - جالان بولان ۽ جالان بڪت بنتانگ وٽ هوٽل ڪئپيٽل- Rs 5000
    - جالان بڪت بنتانگ تي فيڊرل هوٽل- Rs 6000
    - جالان سلطان اسماعيل تي شانگريلا هوٽل- Rs 10000
    - جالان سلطان اسماعيل تي شيرٽن امپيريل- Rs 7000
    - جالان بڪت بنتانگ تي ويسٽن هوٽل- Rs 10000
    - جالان Belia ۽ جالان راجا لائوت وٽ هوٽل گرانڊ ڪانٽيننٽل ڪئالالمپور- Rs 4000
    - جالان تئانڪو عبدالرحمان تي Swiss هوٽل- Rs 2000
    - جالان پيتالنگ تي هوٽل چانا ٽائون- Rs 2500
    - جالان تئانڪو عبدالرحمان تي هوٽل سهارا- Rs 2200
    - جالان سلطان اسماعيل وٽ هوٽل فارچونا- Rs 4500
    - جالان پيتالنگ تي هوٽل چائنا ٽائون 2K- Rs 2000
    - جالان پودو تي هوٽل Zass- Rs 2000
    - جالان مسجد انڊيا تي پئلس هوٽل- Rs 4000
    - پيتالنگ اسٽريٽ تي پيتالنگ اسٽريٽ هوٽل- Rs 1500
    - جالان مسجد انڊيا تي هوٽل Start Point- Rs 3500
    - جالان Berangan تي Attapsana گيسٽ هائوس هاسٽل- Rs 1500
    اهي ته ٿيون ڪئالالمپور جي وچ شهر جون ڪجهه هوٽلون. شهر کان ٻاهر به سوين هوٽلون آهن، جن جي مسواڙ گهٽ ٿئي ٿي. هڪ ٽوئرسٽ کي کپي ته هو پنهنجي ملڪ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واري ٽريول ايجنٽ ذريعي پنهنجي بجيٽ مطابق هوٽل اڳواٽ بُڪ ڪرائي ته اهو بهتر آهي. ٻيو نه ته هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ ڪنهن به هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي نڪري، جيئن ڌارئين ملڪ ۾ ايئرپورٽ تان نڪرڻ مهل سڌو ان هوٽل ۾ هليو اچي ۽ پوءِ جي اها هوٽل پسند ناهي ته ڪجهه دير سفر جو ٿڪ ڀڃي پوءِ آرام سان پنهنجي پسند جي هوٽل ڳولهي.
    ڪو پئسو بچائڻ چاهي ٿو ته ان کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته شهر کان ٻاهر طرف ڪا هوٽل ڏسي ڇو جو هتي سواري جو ڪو مسئلو ناهي. هو ڪٿي به رهيل هجي، ڊالر ڏيڍ بس يا ٽرين جي ٽڪيٽ ڀري وچ شهر تائين پهچي سگهي ٿو. ائين ته وچ شهر ۾ به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون هوٽلون آهن، جيڪي سستيون آهن. جيئن ڪراچي ۾ صدر واري علائقي جي گهٽين ۾ آهن، پر ان لاءِ هرڪو پاڻ پنهنجي ضرورت ۽ بجيٽ کي ڌيان ۾ رکي رهائش جو انتظام ڪري ته اهو صحيح رهي ٿو.


    The End


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259682
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386679
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ