ڪتاب جو نالو: يادگيرين جا البم
مصنف: هدايت بلوچ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1762 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 299 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پنهنجي پاران
  • ڪالم

  • • سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي I
  • • سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي II
  • • سنڌ سلامت پارانسنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي III
  • • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي I
  • • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي -II
  • • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي III
  • • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي IV
  • • سنڌ، ڀٽائي ۽ پاڻي
  • • آذربائيجان جو سفر I
  • • آذربائيجان جو سفر II
  • • آذربائيجان جو سفر III
  • • آذربائيجان جو سفر (آخري قسط)
  • • تخليق جي رمزيت
  • • ڪراچي: هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ
  • • پيڙهه جو پٿر
  • • جيڪس هيس ڌاري
  • امن ۽ آشتيءَ جي سفير اينميري شمل
  • • سنڌ جاڳي پئي
  • • امن جو 2003ع نوبيل انعام کٽندڙ پهرين مسلم خاتون، شيرين عبادي
  • • هو جي رنگ رنگين، سي کنڀ کڻي ويا، اتاهون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا !
  • • آدم ۽ حوا کان شائستا عالماڻيءَ ۽ بلخ شير تائين
  • • خدا ماڻهن ۾ مهر آڻي
  • • سلمان رشدي، اسامه ۽ انصاف
  • • گل ڇِنو گرنار جو
  • • سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ٿيڻ
  • • هينئڙو مون لوڻ ٿئي
  • • رڻ گجيو راڙو ٿيو !
  • • مدرسن ۾ ملٽري ٽريننگ
  • • نادرا جا نادرشاهي حڪم
  • • امن جنگ کان بهتر آهي!
  • • ها، ها، اسان کي امن گهرجي!
  • • روگ اسٽيٽ (ROGUE STATES)
  • • جوڳي جاڳايوم ستي هئيس ننڊ ۾
  • • ٻڪر ٻوساٽ جي موسم
  • • سنڌي ٽوپي – ڊاڪٽر شاهد مسعود ۽ جناح
  • • انور جاني جي چاليهي جي موقعي تي لکيل جاني هن جهاز ۾
  • • فلسطين جو آواز – جيڪو بند ٿي ويو
  • • سڌريل ڪير؟ گوري صحافڻ يا طالباني
  • • ڪافر ڪير؟
  • • اگهاڙيءَ وهانءُ ويو ويچاريءَ وسري
  • • وقت، وچن ۽ ڀٽائي
  • • ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان!
  • • سنڌ سان ٽي سانحا
  • • امادو ڊيالو ۽ آمريڪا ۾ ٿيل تازي دهشتگردي
  • • ڪراچيءَ جي نئين چونڊيل ناظم نالي
  • • حق موجود
  • • اُميد خيرپوري منهنجو يار
  • • دهشتگردي خلاف دهشتگردي
  • • ڪرسيءَ جو حقدار ڪير؟
  • • مرڻ تن مشاهدو
  • • ارونڌتي راءِ جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي!
  • • طارق جتوئيءَ جو الميو درياهه تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي
  • • سرن وٺڻ وارا راءِ ڏياچ
  • • ڪجهه مير ظفر الله خان جمالي بابت
  • • نظم: ٿورڙي دير خاموشي اختيار ڪيو
  • • ڏند ڪٿا جي ڳالهه (هيلن آف ٽراءِ)
  • • ڏکي توءِ ڏڪار توڙي وسن مينهڙا
  • • پڙهيو پيا پڙهن
  • • 11 هين سيپٽمبر جو ڏينهن ۽ ڪفر جي جنگ
  • • اوندهه ۽ روشنيءَ جو مقابلو
  • • انٽرنيٽ تي عشق – اڻ ڏٺا آرا
  • • ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سالياني رپورٽ
  • • مارئيءَ جو ميلو – ماڪڙ ۽ مشاعرو
  • • صابرا ۽ شتيلا کان پوءِ جينن
  • • جمهوريت جو سفر مبارڪ!
  • • سچ ڪه اجمل خٽڪ ويو
  • • نيٺ ڇا ڪجي !
  • • سڀ تيل جو چڪر آ پيارا. . . .!
  • • يا عرب – يا عرب
  • • درندا درياهه ۾
  • • ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مثالي عالم
  • • سنڌ منهنجي امان
  • • آگرا ۾ اُگرا نتيجا
  • • جنگل شاهه ڪاليج ۾ جهنگ جو قانون
  • • “باباءِ سوشلزم “ شيخ رشيد جي ياد ۾
  • • ذهانت – ديانت ۽ شرافت جو شاهڪار خيرپور ضلعي جي ناظمه نفيسا شاهه
  • • مان ڪٿي لُٽيو آهيان؟
  • • مُئي هاٿئين مامرو
  • • “نور” خاتون شر جو “انڌارو” مستقبل
  • • رياست ڪٿي آهي؟
  • • عيد مبارڪ
  • • آزاديءَ جو ڏينهن ۽ جمهوريت جي رات
  • • دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين
  • • تسمان اسپرٽ – اڇو پاڻي لڙ ٿيو
  • • ههڙا هاڃا ٿين – بُري هن ڀنڀور ۾: ميروال کان پوءِ ميانوالي
  • • اليڪشن
  • • راشيل ڪوري- هڪ آمريڪن شهيد
  • • عدالتي فيصلي جو هڪ ٻيو رخ
  • • زالن جي هڙتال
  • • دهلي ناهي دور
  • • مُيائي جياس - جي وڃي مڙُهه ملير ڏي
  • • سترنهن ديهن جو معاملو
  • • قاسم ٻگهيي کان - ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي تائين
  • • دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس
  • • استاد عطا محمد حامي
  • • سنڌ جي موناليزا – مهتاب اڪبر راشدي
  • • تون اڃان پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا (تاجل سائين - تو لا)
  • • شمشير منهنجو يار
  • • مولا تي ننگ آ
  • • شمشير ڪٿي آهي؟
  • • تبسم – هڪ ٻاجھارو انسان اربيلو شاعر ۽ اديب
  • • ادا عنايت بلوچ: منهنجو مربي ڀاءُ

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (96) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” نامياري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جي تاريخي، تنقيدي، ادبي ۽ سياسي ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ سنگم پبليڪيشن، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران ڪيل آهي جڏهن سهڻو ٽائيٽل پيج سعيد منگي صاحب جي رنگن سان سجايل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 100 ڪالم شامل آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون سينيئر شاعر، ليکڪ ۽ پياري دوست سائين هدايت بلوچ صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. ساڳي وقت سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا جا پڻ ٿورائتا آهيون جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي عنايت ڪئي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    پنهنجي امڙ عزت خاتون
    بابا غلام علي “ اُداسي”
    ۽
    مربي ڀاءُ ادا عنايت بلوچ
    ڏانهن نهايت عقيدت
    ۽ احترام سان


    هدايت بلوچ


    • پنهنجي پاران

    بنيادي طور تي شاعر آهيان، جهڙو به، جڏو سڏو آهيان. سالها سال کان شاعري ڪندو پيو اچان. ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڇپبي به آهي. پر اڃان ڪو به ڪتاب شايع ڪو نه ٿيو آهي. ڇو ته ستار ڀٽي ۽ ڪرم الاهي چنا جهڙا زور آور ماڻهو نه مليا هئا.
    منهنجي ڪالمن جو جيڪو هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” ڇپجي رهيو آهي، متان ڀانيو ته ان ۾ ڪا منهنجي مڙسي شامل آهي.
    ان کان اڳ جو مان توهان کي ٻڌايان ته منهنجا ڪتاب ڇو نه ڇپيا آهن، مان اهو ٿو ٻڌايان ته هجي ڪو پنو پرزو هٿيڪو ته ڇپجي به. هيءُ ڪتاب به ڪيئن ٿو ڇپجي، سو به ٻڌو: منهنجي نياڻي آهي جنهن کي خبر آهي ته بابا ڪيڏو بي افعالو آهي، سو منهنجا ڪالم ڪٽنگ ڪندي هئي ۽ هڪڙي وڏي رجسٽر تي چنبڙائي ڇڏيندي هئي. ان ڪري ٿو چوان ته الله حياتي ڏئيس ۽ سدا سُکيو رکيس. هاڻي پاڪستان کان ٻاهر رهندي آهي ۽ سندس پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ کانپوءِ منهنجا ڪالم سنڀاليل ناهن. ڪير سنڀالي؟ سو منهنجي نياڻيءَ پاران سنڀالي رکيل اهي ڪالم، هڪ ڏينهن منهنجا ٻئي پيارا دوست، ستار ڀٽي ۽ ڪرم الاهي چنا اچي زوريءَ منهنجي گھران کڻي ويا. هي جيڪي ٻه چار لفظ پنهنجي پاران لکي رهيو آهيان، سي به ڪرم الاهي چنا جي زور ڀرڻ تي، جو سندس چوڻ آهي ته ڪو به ڪتاب ليکڪ جي ڪجهه لفظن کان سواءِ نه ڇپبو آهي. ڏسو نه ڪيڏو ڏاهو آهي. مون کي ته اها به خبر ڪانه هئي ته ائين به ڪو ٿيندو آهي. سو سائين مان جيڪو بنيادي طور شاعر آهيان، تنهنجو پهريون ڪتاب نثر جو ڇپجي رهيو آهي! اِهي سڀ جا سڀ ڪالم، مضمون ۽ خاڪا گهڻو اڳ جا لکيل آهن، هاڻي گھڻو ڪري نه اهي ڪردار رهيا آهن ۽ نه اهي واقعا رهيا آهن، جن تي اهي ڪالم لکيل آهن. تنهنڪري توهان کي متان عجيب لڳن. ها باقي انهن ڪالمن ۾ توهان کي گذريل تاريخ جا ڪجهه سچا واقعا ۽ حادثا ضرور ملندا.
    منهنجي خوشي نصيبي اها آهن ته ادب جي دنيا ۾ مون کي جيڪي دوست دل کي ويجها رهيا، اهي هيا ۽ آهن تاجل بيوس ۽ شمشيرالحيدري، ادب جي دنيا ۾ دوست ته تمام گهڻا رهيا ۽ آهن، پر هي ٻه دوست اهي آهن، جن سان زندگيءَ جون شامون گڏ گذريون . هاڻي اهي ٻئي هتان نقل مڪاني ڪري ويا آهن ۽ چوڪنڊي جي قبرستان ۾ رهائش پذير آهن. ٻنهي جي وچ ۾ منهنجي سُهمڻ جيتري جڳهه بچيل آهي. جيڪا بُڪ ڪرائي آيو آهيان.
    هي ڪتاب ڇپجي وٺي ۽ هڪ شاعري جو ڪتاب به ڇپجي وٺي ته پوءِ ڏسبو.

    هدايت بلوچ
    38- ڊي، پاڪستان ڪوارٽرس
    نشتر روڊ، ڪراچي
    فون: 0300 - 3527445


    ڪالم

    • سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي I

    سنڌ اسيمبليءَ پاس جي ڪيل، سنڌ ايڪٽ 1972ع (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ترقي ۽ استعمال) ۽ سنڌ (ترميمي) ايڪٽ 1990ع هيٺ 1991ع ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي قائم ڪئي ويئي، جنهن موجب هن اداري جا مقصد ۽ ڪم هن طرح مقرر ڪيا ويا:
    1. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ.
    2. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ سکيا کي بهتر بنائڻ، خاص ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي نه ڄاڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏيڻ.
    3. سنڌ جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري دفترن، توڙي ٻين خودمختيار ادارن، عدالتن ۽ مڪاني ادارن اندر سنڌيءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾ رڪارڊ رکڻ کي يقيني بنائڻ.
    4. درسي ڪتابن، اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال کي يقيني بنائڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ.
    5. مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ڪوشش وٺڻ.
    6. خاص وفاقي دستاويزن ۽ اشاعتن کي سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ.
    اهي آهن سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ کي قائم ڪرڻ جا مول متا ۽ مقصد. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پنهنجي انهن مول متن ۽ مقصدن تي ڪيتري حد تائين عمل ٿيو آهي ۽ ڪيتريون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.
    ان کان اڳ جو اسان جائزو وٺون، مون کي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي سنڌي ترجمي “سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو” الائي ڇو دل سان ٺهڪندو ناهي ۽ انگريزي جو غير فطري ۽ منجهائيندڙ ترجمو لڳندو آهي.
    جڏهن لفظ “با اختيار” استعمال ٿئي ٿو ته ٺيٺ سنڌيءَ ۾ اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هر شيءِ ان جي اختيار ۾ آهي جنهن کي چئبو آهي “حڪم تمهارا” يا هر شيءِ ڪنٽرول ۾ آهي. هونئن به اٿارٽي جو ترجمو با اختيار اختياري جو موجوده چيئرمين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جنهن وٽ سماجي لسانيات ۾ انگلينڊ کان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آهي ۽ جنهن کي قابليت جي “ڪنڌ ۾ ڪلي” لڳل ناهي ۽ جيڪو رلڻو ملڻو کلڻو پر عقيدي ۾ اٽل ۽ انتهائي سنجيدو نوجوان آهي، تنهن سان جڏهن تازو ملاقات ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي بابت ساڻس ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ٿيون. ڪچهري کان پوءِ جيڪو مون محسوس ڪيو سو اهو آهي ته هن وٽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت جو جوش، جذبو ۽ ولولو ته وڏو هو پر ڳالهه ڳالهه تان جنهن “مجبوري” کيس منجهائي رکيو هو سا آهي رپئي ڏوڪڙ جي اڻاٺ، سالياني گرانٽ پندرهن لک روپيا ۽ فقط پگهارن جو ساليانو خرچ 36 لک روپيا آهي ته کوٽ ڪٿان پوري ٿئي ۽ ترقياتي ڪم ڪٿان ٿين. ٻيو اختياري پاران ورتل فيصلن جي جلد منظوري ۽ اڪلاءُ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون به آهن.
    اداري پاران “سنڌي ٻولي” جي نالي سان هڪ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل به ڇپجي رهيو آهي تنهن جا ٽي شمارا منهنجي نظر مان گذريا آهن. پهريون جنوري کان جون 1999ع، ٻيو جولاءِ ڊسمبر 1999ع ۽ ٽيون ڇهه ماهي، پر ان کي سالنامو ڪري جنوري ڊسمبر 2000ع ڪڍيو ويو آهي جنهن جي ايڊيٽوريل جون شروعاتي ٻه سٽون هن ريت آهن:
    “سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو ساليانو” 2000ع پڙهندڙ جي سامهون آهي هونئن ته هي جرنل ڇهه ماهي آهي پر ڪن مجبورين سبب وچ ۾ هڪ پرچو نڪري نه سگهيو.
    سوچڻ جي ڳالهه آهي ته “سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو” ڇهين مهيني شايع ٿيندڙ هڪ جرنل به نه ڪڍي سگهيو جن کي هنن لکيو ته ڪن مجبورين سبب ڇهه ماهي جرنل کي سالنامو ڪري ڪڍڻو پيو. خبرناهي ته سال 2001ع ۾ اهي جرنل نڪتا الائي ڪو نه!؟
    سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن کي منهنجيءَ هن گذارش تي غور ڪرڻ گهرجي ته ڀلا “سنڌي لينگويج اٿارٽي” جو سڌو ۽ سولو ترجمو “سنڌي ٻولي اختياري” ڇو نه ٿو ٿي سگهي جهڙي طرح انگريزي ٻوليءَ کي نالن رکڻ ۾ ڪنهن به حرف جر يا حرف جملي ڳنڍڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي اهڙيءَ طرح اسان کي “سنڌي ٻولي” کان پوءِ لفظ “جو” جو اضافو ڪري ٻولي جي اختصار واري خوبي وڃائي ٿا ويهون. اردو وارن اردو لينگويج اٿارٽي جو نالو مقتدره جو لفظ انتهائي نامناسب ۽ غير فطري آهي جنهن جو مطلب آهي “اقتدار” واري زبان، ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اقتدار جي انڌي ۽ ناجائز استعمال کان پوءِ ان لفظ کان ماڻهن ۾ ايڏي چڙ ۽ نفرت ٿي وئي آهي جو اقتدار جو نالو ٻڌندي ئي ڄڻ ته منهن ۾ گار چڙهي ٿي اچي ويتر اسان جي ملڪ ۾ اردو کان سواءِ ٻين ٻولين سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جي نتيجي ۾ ۽ اوڀر پاڪستان جي تقسيم جي اصل سببن جي نتيجي ۾ اردو زبان کي هونئن ئي دعائون ڪو نه ٿيون ملن مٿان جو اردو لينگويج اٿارٽي کي “مقتدره” جو نالو مليو اهو اردو جي حق ۾ سٺو نه ٿيو.
    سنڌي لينگويج اٿارٽي جي قيام کان هيستائين هيٺيان محترم چيئرمين جي عهدي تي فائز رهيا آهن.
    1. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 91–2–15 کان 94–3–6
    2. ڊاڪٽر نواز علي شوق 94–11–17 کان 97–1–6
    3. امر جليل (اعزازي) 97–1–7 کان 97–5–5
    4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 95–4–3 کان 95–4–17
    5. ممتاز مرزا (واڌو چارج) 97–11–17 کان 97–4–6
    6. عبدالحميد ميمڻ سنڌي 97–5–6 کان 98–7–22
    7. جناب پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا 98–7–22 کان 2000–8–1
    8. پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو 2001–8–1 کان هلندڙ.
    مٿي ڄاڻايل سڀ جا سڀ نالا معزز ۽ معتبر آهن. اٿارٽي جو موجوده بورڊ آف گورنرس هيٺين ڪامورن عالمن ۽ اڪابرن تي مشتمل آهي.
    سرڪاري ميمبر
    1. چيئرمين، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن
    2. سينيئر ميمبر، بورڊ آف روينيو سنڌ
    3. ناڻي کاتي جو سيڪريٽري يا ان جو نمائندو
    4. سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ
    5. سيڪريٽري سياحت، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ
    غير سرڪاري ميمبر
    1. جناب سيد هاشم رضا
    2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    3. جناب مظهر الحق صديقي
    4. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
    5. جناب عبدالقادر جوڻيجو
    6. ڊاڪٽر سليمان شيخ
    7. ڊاڪٽر نواز علي شوق
    8. ڊاڪٽر جميل جالبي
    9. ڊاڪٽر فرمان فتح پوري
    10. ڊاڪٽر شريف ميمڻ
    11. جناب الله بخش سومرو
    سيڪريٽري آهي اسان جو توهان جو سڀني جو يار، کاهوڙي محنتي، تاج جويو. توهان ڏسندا ته ماشاءالله بورڊ آف ڊائريڪٽرس ۾ به سڀ عالم فاضل ۽ آزمايل اديب آهن. ڪي دانشور آهن ته ڪي سماجي خدمتگار. مان سمجهان ٿو ته اسان جي علمي ادبي ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ وقت اسان جي حڪومت هڪ عنصر کي نظر انداز ٿي ڪري، اهو آهي ته اداري کي هلائڻ جو انتظامي صلاحيت. ادارن کي انتظامي طور تي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ٻي شيءِ آهي ۽ علمي ادبي قابليت صفا ڌار شيءِ آهي. تمام گهٽ ائين ٿيندو آهي ته هڪ فرد عالم فاضل دانشور ۽ اديب هجي ته ساڳي وقت انتظامي امور ۽ ڊسيپلين جو ماهر به هجي. تنهنڪري منهنجي ذهن مطابق بورڊ آف گورنرس ۾ ڀلي سڀ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر عالم فاضل ميمبر هجن پر ان جو سربراهه ڀلي ڪو سي، ايس، پي آفيسر يا پي، سي، ايس آفيسر هجي جيڪو اتفاق سان ڀلي اديب هجي پر جنهن کي ادارن هلائڻ جي باقائده تربيت هجي ڏسو نه ته اسان جو اديب لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ته ڄاڻن ٿا پر ضروري ڪونهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو سنڌ جي سڃاڻ آهي ۽ سنڌ جنهن جهڙو ڪو ٻيو ٻچو شايد پيدا ڪري سگهي. سو انتظامي ماهر ۽ ادارن هلائڻ تي به دسترس رکندو هجي.
    منهنجي حساب سان سنڌي لينگويج اٿارٽي جو موجوده چيئرمين علمي لحاظ کان ته نهايت موزون آهي ئي آهي پر نوجوان هجڻ ۽ پنهنجي ڦڙتيلي ۽ ياري باشي واري طبيعت سبب علمي توڙي انتظامي لحاذ کان بالڪل مناسب ماڻهو آهي. اسان کي کانئس وڏيون اميدون آهن. شرط هڪڙو آهي ته ٻئي نوجوان ٻئي پڙهيل ڳڙهيل ٻئي سنڌ جا سچا فرزند يعني ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ۽ تاج جويو مڪمل ايڪي ۽ اتحاد سان ڪم ڪن ۽ هڪ ٻئي تي ٽرسٽ ڪن اعتماد ڪن گڏجي هلن ۽ ڪو ڪنهن کي نظر انداز نه ڪري. ٺيڪ آهي ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو “باس” آهي ۽ تاج جويو زيردست پر تاج جويي ۾ ڪم ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي هو کاهوڙي آهي. ٻگهيو صاحب جيترو تاج جويي کي وڌيڪ اختيار ڏيندو مٿانئس اعتماد ڪندو ته تاج ٻيڻو ڪم ڪري ڏيکاريندو.
    “جي گهگهيرين گڏين ته ٻين کان ٻيڻو ڪريان”
    سنڌي لينگويج اٿارٽي هن وقت تائين ايڪهتر ڪتاب ڇپائي چڪي آهي. تمام جلد “قليچ ڪتاب گهر ۽ ثقافتي نمائشي مرڪز” (Qaleech Kitab Ghar and Cultural Display Centre) قائم ٿيڻ وارو آهي جتي اداري پاران ڇپايل توڙي ٻيا ڪتاب وڪري لاءِ رکيل هوندا ۽ سنڌ جون ٻيون ثقافتي شيون پڻ نماءُ تي رکيل هونديون.
    هڪ ٻي خبر جنهن ۾ ڊاڪٽر ٻگهيي جي ڦڙتي، ڀڄ ڊڪ همت ۽ جوانمردي جو هٿ آهي سا اها آهي ته اٿارٽي جي عمارت پويان سنڌ سرڪار جو 22 سو گز پلاٽ پيل هو، سو سنڌي ٻولي اٿارٽي لاءِ مفت ۾ الاٽ ڪرائي آيو آهي. جنهن ۾ سندن رٿا موجب سنڌ گارڊن قائم ڪيو ويندو جيڪو فنڪشن ۽ شادين يا پارٽين لاءِ استعمال ٿي سگهندو جنهن جي آمدني اٿارٽي کي ملندي اهڙيءَ ريت اٿارٽي کي درپيش مالي مشڪلات ۾ گهٽتائي ٿيندي. اختياري قائم ڪرڻ وقت جيڪي مول متا ۽ مقصد آڏو رکيا ويا هئا ان ترتيب سان هر هڪ ۾ ڪيترو ڪم ٿيو آهي ۽ ٻيو اختياري ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ به ڪافي ڪم ڪيو آهي ان جي اپٽار ايندڙ ڪالم ۾ ڪنداسون.

    عوامي آواز- سومر 28 جنوري 2002ع


    • سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي II

    گذريل هفتي جي ڪالم ۾ اسان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان ڏس ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ڪيل ڪوششن ۽ کنيل قدمن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. شايد ڪجهه حال احوال اڌورا يا اڻ پورا رهجي ويا هئا جنهن لاءِ مون عرض ڪيو هو ته باقي ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون. سو حاضر آهيون باقي رهيل حال احوال اورڻ لاءِ.
    گذريل هفتي واري ڪالم ۾ مون سنڌي لينگويج اٿارٽي قائم ٿيڻ جا “مول متا ۽ مقصد” بيان ڪيا هئا. اڄوڪي ڪالم ۾ اسان جائزو وٺنداسون ته ترتيبوار انهن “مول متن ۽ مقصدن” لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا ويا آهن.
    1. سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۾ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ:
    اهو ڪم برابر ٿي رهيو آهي. انهيءَ ۾ ڪاميابيون ڪيتريون ٿيون آهن يا ان جي رفتار ڪيتري تيز آهي سو وري ڌار سوال آهي. اسان جيڪي ٻاهر ويٺا آهيون. سي سؤ تنقيدون ڪريون ٿا، ٺٺوليون ڪريون ٿا ۽ ڪالم لکون ٿا. اسان ۾ مڃتا جو جذبو گهٽ ۽ تنقيد يا ٽوڪ ڪرڻ جو جذبو وڌيڪ ٿئي ٿو. ته عرض آهي ته اداري ۾ ويٺل اسان جي اڪابرن جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ ضرور رکجي پر انهن جي مجبورين ۽ مالي توڙي انتظامي مشڪلاتن تي به نظر ڪرڻ گهرجي. جيئن مون عرض ڪيو هو ته اداري جي سالياني گرانٽ 15 لک رپيا ۽ فقط پگهارن تي خرچ 36 لک رپيا آهي ته هاڻي جڏهن ادارو پگهارن ۾ ئي پورو ناهي ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۽ ترقي ۾ مشڪلاتون ته ٿينديون ئي پر ٿلهي ليکي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ٿئي پئي.
    2. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ سکيا کي بهتر بنائڻ ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي نه ڄاڻيندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏيڻ:
    هيءَ ڳالهه انتهائي اهم آهي خاص طرح سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي نه ڄاڻندڙ عام شهرين کي سنڌي ٻولي جي سکيا ڏيڻ تمام ضروري آهي. تقريبن سموري دنيا ۾ هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي ٻوليءَ جي ناتي سان انجمنون، ائسوسيئيشنز يا سنگتون ٺهيل آهن. گهڻو ڪري ورهاڱي وقت سنڌ کان لڏي ويل سنڌي يا انهن جي اولاد “سنڌي بڻ بنياد” (Roots) جي سهاري سنڌي سنگتون ٺاهي ويٺا آهن. ڪنهن جو پيءُ ٽنڊي باگي جو رهاڪو هو ته ڪنهن جو ڏاڏو هيرآباد حيدرآباد جو رهاڪو هو. انهن نوجوانن کي سنڌي ڳالهائڻ اچي، نه لکڻ اچي، نه پڙهڻ اچي، پر شاباس آهي انهن کي ته اهي “بڻ بنياد”(Roots) جي سهاري سنگتون قائم ڪري ويٺا آهن ۽ شايد “جر ۾ سپون جيئن آهن ابر آسري” وانگر پنهنجي وڏن جي جنم ڀومي ڏانهن حسرت سان واجهائي رهيا آهن ته اتان ڪا نور جي لاٽ نڪرندي جا سندن تن من اجاري ڇڏيندي. اها نور جي لاٽ سنڌي ٻولي اختياري ئي ٿي سگهي ٿي. جتان کين سنڌي ٻولي سکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي سلسلي ۾ ڪا واهر ٿيندي ۽ مان پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته موجوده چيئرمين ان سلسلي ۾ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ تازو سنڌي لينگويج اٿارٽي جي احاطي ۾ ڪمپيوٽر رستي سڄي دنيا سان ڳنڍجي ويل سنڌي ٻولي جي سلسلي ۾ هڪ تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي سچي فرزند جناب عبدالماجد ڀرڳڙي هڪ ليڪچر ڏنو جنهن ۾ هن ٻڌايو سنڌي ٻولي ۾ هن وقت به اي ميل موڪلي سگهجي ٿي. انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي موڪلي سگهجي ٿي ۽ سنڌي ۾ چيٽنگ (Chatting) ڪري سگهجي ٿي پر اهو ڪو باقاعدي نموني سان نه پر ڪنهن جڳاڙ ذريعي ٿي ڪيوسين پر هاڻي اهو ڪم قانوني طور تي باقاعدگي سان ٿيندو “يونيڪوڊ” نالي هڪ ادارو آهي جنهن يونيڪوڊ اسٽينڊرڊ جي نالي سان هڪ عالمگير ڪوڊ پيج تشڪيل ڏنو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي تحقيق کان پوءِ دنيا جي تمام ڄاتل سڃاتل ٻولين جون صورت خطيون (حرفين، انگن، علامتن ۽ نشاني سوڌيون) شامل ڪيون ويون ۽ ائين سنڌي کي به ان يونيورسل ڪوڊ پيج ۾ جاءِ ملي آهي ۽ سنڌي ڪمپوزنگ جي راهه هموار ٿي آهي. ڳالهه ڊگھي آهي مختصر طور تي ته ڪمپيوٽر جي ڄاتل سڃاتل ڪمپنين مائيڪرو سافٽ جي يونيڪوڊ ۾ جيڪي ٻوليون شامل آهن انهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي ۽ هن ئي سال سنڌي ٻولي زيرن زبرن پيش ۽ مڪمل اعرابن سميت اي ميل، انٽرنيٽ ۽ چيٽنگ لاءِ انگريزي ٻولي وانگر قابل استعمال ٿي ويندي. اها هڪ انتهائي وڏي ڪاميابي آهي سنڌي لينگويج اٿارٽي پنهنجي ليکي به Key Board Layout ترتيب ڏنو آهي. مطلب ته سنڌي لينگويج اٿارٽي، مانوارو عبدالماجد ڀرڳڙي، هڪ ٻيو محترم نالو سائين اياز شاهه مائيڪرو سافٽ سان لهر وچڙ ۾ آهن ۽ هن سال ئي ان ڏس ۾ وڏيون ڪاميابيون ٿيڻ واريون آهن، جنهن کان پوءِ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين، جن کي سنڌ ماءُ ۽ ان جي ٻوليءَ سان محبت ته آهي پر لاچار انهن کي سنڌي ٻولي سمجهڻ، لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ نه ٿي اچي انهن لاءِ نور جي اها لاٽ پهچي ويندي ۽ انهن کي سرنگهه جي پڇاڙيءَ ۾ روشني جو ڪرڻو (Light At The End Of Tunnel) نظر ايندو. اهڙي طرح ترتيبوار سنڌي ٻولي اٿارٽي جي ٻي مقصد جو پورائو ٿيندو نظر اچي ٿو.
    3. سنڌ جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري دفترن توڙي ٻين خود مختيار ادارن عدالتن ۽ مڪاني ادارن اندر سنڌيءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾ رڪارڊ رکڻ کي يقيني بنائڻ:
    هن مقصد لاءِ پڻ اٿارٽي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن. ان سلسلي ۾ موجود حڪومت جي ناظمن ۽ DCO’s کي اٿارٽي پاران خط موڪليو ويو آهي جنهن جو متن پڙهندڙ جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجي ٿو.
    “خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اوهان صاحب نئين حڪومتي سرشتي ۾ ناظم/DCO مقرر ٿيا آهيو. اوهان مان اميد رکي سگهجي ٿي ته اوهان پنهنجي ضلعي اندر عوام ۽ سماجي ڀلائي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
    اوهان کي چڱي طرح سڌ هوندي ته سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل “سنڌ ايڪٽ 1962ع” (سنڌي ٻولي جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۽ “سنڌ ترميمي ائڪٽ ائڪٽ 1990ع” (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ترقي ۽ استعمال) موجب 1991ع ۾ قائم ٿي اٿارٽي جي بنيادي متن ۽ مقصدن ۾ :
    “سنڌي ٻولي سنڌ سرڪاري زبان هئڻ سبب سنڌي تعليم جي واڌاري، ٻولي جي ترقي ۽ دفترن جي استعمال لاءِ ضروري قدم کڻڻ. سرڪاري نيم سرڪاري، خودمختيار ادارن ۽ مڪاني ادارن، جي دفترن ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه کي يقيني بنائڻ، نصابي ڪتابن، سرڪاري پڌرنامن، دستاويزن، رستي جي پٿرن، نقشن، نالي وارين تختين، بنيادي پٿرن، جاين ۽ ماڳن جي نالي ۾ سنڌي استعمال ڪرائڻ، ريڊيو، ٽي وي اخبارن ۽ ميڊيا جي ٻين ذريعن ۾ سنڌي ٻولي جي صحيح استعمال لاءِ ڪوشش ڪرڻ ڊڪشنريون، انسائيڪلو پيڊيا ۽ ٻيا حوالا جاتي مواد تيار ڪرائڻ سماجي ۽ سائنسي علمن جي فني اصطلاحن جا ڪتاب تيار ڪرائڻ، ٽائيپ رائيٽرن، ڪمپيوٽرن ۽ شارٽ هينڊ ۾ سنڌي جو استعمال عام ڪرڻ ۽ قومي ٻولي اردو ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ وغيره شامل آهن اٿارٽي جي متن مقصدن ۽ سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل قانون جي روشني ۾ اوهان کي گذارش ڪجي ٿي ته:
    1. اوهان پنهنجي علائقي اندر دفتري لکپڙهه سنڌي ۾ ڪرڻ جي هدايت نامون جاري ڪندا.
    2. دفترن جا نالا، نالن جو تختيون نوٽس بورڊ سرڪيولر وغيره سنڌيءَ ۾ لکائيندا.
    3. رستن تي ميلن جا پٿر سنڌيءَ ۾ لکائڻ جو بندوبست ڪندا هن سلسلي ۾ اسان جو ادارو هر ممڪن مدد ۽ رهنمائي لاءِ تيار آهي.
    اٿارٽي جو اهو خط مقصد نمبر ٽئين جي سلسلي ۾ سٺي پيش قدمي آهي. خط ۾ اردو کي قومي زبان ۽ باقي ٻولين کي پاڪستاني ٻولين واري ڳالهه بهرحال بحث طلب آهي ڇو ته اسان وٽ اردو توڙي سنڌيءَ جا دانشور اردوءَ کي فقط رابطي جي زبان Lingua Franca مڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڇو ته اردو پاڪستان جي موجوده صوبن مان ڪنهن هڪ به صوبي جي زبان نه آهي تنهن ڪري ان کي قومي زبان سڏڻ جو ڪو به جواز ناهي. اهو بحث طلب معاملو آهي. جنهن تي دانشورن جي راءِ اسان لاءِ هڪ رهنمائي ڪندي. اسان جو ايندڙ ڪالم به اٿارٽي جي سلسلي ۾ هوندو ڇو ته “پيٽ ورن ۾ اڃان کوڙ ڳالهيون آهن.”

    عوامي آواز - 4 فيبروري 2002ع


    • سنڌ سلامت پارانسنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي III

    هن موضوع تي ٻه ڪالم لکي چڪو آهيان، هي منهنجو ٽيون ڪالم آهي. گذريل ڪالمن ۾ مون ترتيبوار هڪ هڪ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي “مول متن ۽ مقصدن” بابت هن وقت تائين ٿيل پيش رفت ۽ ورتل اُپائن بابت لکيو هو. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڪالم لکڻ وقت مان توازن نه رکي سگهيو آهيان ۽ ان مان “دوستي” نڀائڻ جي بوءِ اچي ٿي. مون کي اها شڪايت آهي ته ٻه ڪالم لکي چڪو آهيان ته سنڌي ٻولي اختياري وارن هن وقت تائين مڪمل خاموشي اختياري ڪئي آهي. پنهنجي پسند توڙي نا پسند جو اظهار اڄ تائين نه ڪيو آحي.
    ڪجهه ڄاڻو دوستن ٻڌايو ته سنڌي ٻولي کي اي ميل ۽ انٽرنيٽ تي آڻڻ جي سلسلي ۾ مائيڪرو سافٽ وارن پاڻ مرادو قدم کنيا آهن. جنهن ۾ سنڌي ٻولي اختياري جو عمل دخل ناهي. مون ڪڏهن به ڪٿي به اهو نه چيو هو ته اهو سمورو ڪم سنڌي ٻولي اختياري وارن جو آهي. مون ته فقط ايترو عرض ڪيو هو ته ڀرڳڙي صاحب اياز شاهه ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر وسيلي اي ميل ۽ انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ “مائيڪرو سافٽ” ڪمپني سان لهه وچڙ ۾ آهن.
    ڪجهه دوستن فون ڪري چيو ته ٽماهي سنڌي ٻولي جي جولاءِ – ڊسمبر 2001ع واري شماري ۾ اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جو هڪ سو کان به وڌيڪ جاين تي نالو آيو آهي. مون ڳڻپ ته نه ڪئي پر فون اچڻ کان پوءِ پرچي جو جائزو ورتم ته مون کي ائين لڳو ته برابر هڪ شخص جو نالو ضرورت کان وڌيڪ ورجايل آهي. تنهن لاءِ ٻگهئي صاحب کي گذارش ڪبي ته ٽماهي “سنڌي ٻولي جي شمارن کي پاڪستان ٽيليويزن جو خبرنامو” ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جنهن ۾ صدر يا وزير اعظم کان ڳالهه شروع ٿي ان تي ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کي پاڪستاني خبرنامي تي ويساهه نه ايندو آهي ۽ پوءِ اهي غير ملڪي چينل جهڙوڪ CNN يا BBC ڏسندا آهن. جيڪڏهن اٿارٽي جي خبرنامي کي شخصيت اجاگر ڪرڻ جو ذريعو بڻايو ويو ته پوءِ مون جهڙا عام ماڻهو ٻين ذريعن کان خبرچار وٺندا رهندا ۽ افواهه ائين ئي جنم وٺندا. انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
    Please do not write your names on the walls. If you are good enough, we will remember you.
    (مهرباني ڪري پنهنجا نالا ديوارن تي نه لکو جيڪڏهن توهان چڱا هوندؤ ته اسان توهان کي پاڻهي ياد رکنداسين.)
    اٿارٽي قائم ڪرڻ جا باقي جيڪي مقصد آهن. انهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. مثال طور ريڊيو ۽ ٽي وي ڏانهن ٻه خط اماڻيا ويا آهن ته هڪ ته سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي جو استعمال معياري ڪيو وڃي.
    سنڌي ٻولي جو معياري استعمال واقعي هڪ اهم مسئلو آهي. سنڌي ٻولي کي بگاڙڻ ۾ سنڌي اخبارن جو به وڏو ڪردار آهي. ٿورڙي پگهار تي ڪم ڪندڙ نوجوانن کي سنڌي معياري ٻولي لکڻ نه ٿي اچي ۽ “مڙئي ڪم هلايو” جي اصول تي سنڌي اخبارون معياري سنڌي ٻولي تي ڌيان نه ٿيون ڏين. حد ته اها آهي جو هڪ سنڌي اخبار ۾ هڪ هنڌ مون پڙهيو “شهزادي ڊائنا شاهي خاندان جي معيار تي پورو “اترندي” اردو لفظ “اتريگي” جو سنڌي ترجمو “اترندي” ڪري هلايو ويو. اردو لفظن کي جيئن جو تيئن سنڌي ۾ لکي سنڌي ٻولي کي خراب ڪيو پيو وڃي لفظ ڳڻائبا ته گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي. هڪ ٻيو لفظ جيڪو سنڌي اخبارون عام هلائن ٿيون سي هي “مبينا” هاڻي اهو مبينا الائي ڇا آهي، مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
    اسم خاص کي پنهنجي صوتياتي سهولت آڌار استعمال ڪرڻ جي خوبي فقط سنڌي ٻولي ۾ ئي آهي ۽ اها خاص “لچڪ” جيڪا فقط سنڌي ٻولي ۾ آهي، تنهن کي پڻ خراب ڪيو ۽ بگاڙيو پيو وڃي. مثال طور شهر آهي “مورو” دنيا جي هر ٻولي ۾ ان کي مورو ئي لکبو. مثال انگريزي ۾ چئبو I am going to “Moro” اردو ۾ چئبو “مين مورو جارها هون” پر سنڌي ۾ چئبو “مان موري ٿو وڃان” توهان ڏٺو ته اسم خاص “مورو” “موري” ۾ بدلجي ويو اها واحد خصوصيت سنڌي ٻولي ۾ آهي پر اسان جون اخبارون ان کي به بگاڙي اردو واري انداز ۾ لکي رهيون آهن.
    سنڌي ٻولي اختياري اهو ڪم به ضرور ڪندي ته روزانو شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن جو تنقيدي مطالعو ڪيو وڃي ۽ اخبارن ۾ استعمال ٿيندڙ غلط لفظن ۽ محاورن ۽ معياري سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي سنڌي اخبارن جي رهنمائي ڪئي وڃي. ان لاءِ ضروري ڪونهي ته “سنڌي ٻولي اٿارٽي جو عملو ئي اهو ڪم ڪري. ان ۾ علمي ادبي ادارن جهڙوڪ لطيف چيئر، سچل چيئر سان اعزازي بنيادن تي اتحاد ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. يونيورسٽين جي سنڌي شعبن سان رابطي ۾ رهجي ۽ انفرادي طور تي سنڌي ٻولي جي ڄاڻن ۽ ماهرن کان به اعزازي طور تي مدد وٺي سگهجي ٿي.
    موٽي ٿا اچون سنڌي ٻولي اٿارٽي قائم ڪرڻ جي مقصدن تي. انهن مقصدن ۾ هڪ مقصد هي به لکيل آهي. “بنيادي پٿرن، نقشن، نالي وارين تختين، رستن جي پٿرن جاين ۽ ماڳن جا نالا سنڌي ۾ لکڻ”.
    يعني هڪ روڊ جو نالو آهي “شهيد ضياءالحق روڊ” ته اسان ان کي سنڌي ۾ لکنداسين. ٻي روڊ جو نالو آهي “مسرور حسن روڊ” اهو اسان سنڌي ۾ لکنداسين؟!
    ان سلسلي ۾ برک شاعر ليکڪ اديب ۽ ڪالم نگار جناب “قمر شهباز” جو ڪالهه عوامي آواز ۾ لکيل ڪلام “ڄڃ پرائي” پڙهڻ کپي ۽ پوءِ سمجهڻ کپي ته نه فقط روڊن رستن جا نالا ۽ تختيون سنڌيءَ ۾ لکائڻيون آهن پر سنڌي ٻولي اختياري کي اها جدوجهد به ڪرڻي پوندي ته روڊن رستن ۽ ماڳن مڪانن جا نالا سنڌي امر اديبن ۽ شاعرن توڙي جنگي جو ڌن پويان رکيا وڃن ان ڪالم ۾ قمر شهباز جذباتي انداز ۾ پر صحيح ڳالهيون ڪيون آهن. مثال طور هن ٻڌايو آهي ته ڪلفٽن پل جو نالو “شيخ اياز” جي پٺيان رکڻ جي هن رٿ ڏني آهي. ڇو ته ان پل جي پاسي سان سنڌ جي برک ۽ ڀٽائي کان بعد سنڌ جي سڀ کان وڏي شاعر جي رهائش آهي. قمر شهباز جي جائز طور تي شڪايت آهي ته سندس ان مطالبي جي پوئواري ۾ سنڌ جي ڪنهن به شاعر اديب ڪجهه نه ڳالهايو. ان کان سواءِ ڪراچي جي روڊن جي سنڌي نالن جهڙوڪ لالو کيت کي لياقت آباد وغيره ۾ مٽايو وڃي ٿو يا “سوپاري والا”، “پان والا”، “ڪٿي والا گهٽڪي والا” رکيا ٿا وڃن قمر شهباز اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته صدر جي “پريڊي اسٽريٽ” جو نالو مٽايو پيو وڃي. ظاهر آهي ته اهو سمورو ڪم سنڌي ٻولي اٿارٽي نه ڪري سگهندي پر سنڌي علمي ادبي ادارن، سنڌي جي نالي ۾ ٺهيل باڊين جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت ورلڊ سنڌي ڪانگريس ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي سنڌي اديبن سان رابطا ڪري انهن کي تحرڪ ۾ آڻڻو پوندو ۽ نه فقط روڊن رستن جا نالا سنڌي ۾ لکڻا آهن پر انهن روڊن توڙي ماڳن مڪانن کي سنڌي ناليوارن مردن/ عورتن پٺيان رکڻ لاءِ جدوجهد پڻ ڪرڻي پوندي.
    تازو مون اخبارن ۾ پڙهيو هو ته قائداعظم محمد علي جناح جي “جهرڪن” ۾ ڄمڻ جا ثبوت اسڪول جو رجسٽر وغيره سنڌ جي بدنام “ويري” اڳوڻي حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ چوٿين مارچ وارن خوني واقعن جي ذميوار خبيث مسرور حسن کڻائي غائب ڪري ڇڏيا آهن. ان تي تازو جهرڪن ۾ ڪو سيمينار به ٿيو هو. قائداعظم محمد علي جناح ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو ڪو نه هو. هو سنڌي هو ۽ وڏي پايي جو وڪيل هو جنهن هڪ ڏينهن به جيل ۾ وڃڻ کان سواءِ “پاڪستان” قائم ڪيو هي معاملو بحث طلب آهي ته سڄي عمر جيل ۾ رهي ڪري ڪنهن سنڌ کي ڇا ڏنو.؟ يا هڪ ڏينهن به جيل ۾ رهڻ کان سواءِ ڪوئي ايڏو وڏو ڪارنامو ڪري سگهي ٿو. مقصد آهي ته اسان سنڌين کي اهو جهيڙو توڙ تائين نڀائڻو پوندو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ڄم جو هنڌ “جهرڪ” ئي لکائڻو پوندو. انهن ڳالهين تي “ڳت” ڏيڻي پوندي نه ته بقول قمر شهباز اسان جا شهر، ماڳ مڪان، روڊ رستا اسان جي هٿن مان واريءَ جيان ترڪي ويندا.

    عوامي آواز- 11 فيبروري 2002ع


    • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي I

    For,
    Mr. Hidayat Baloch
    with best wishes, D. Sayed
    22-12-93

    اهي قربن ڀريا لفظ لکي ڏنا هئا، پنهنجي ترتيب ڏنل ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران ڇپايل ڪتاب “شاهه لطيف جي موسيقي”، تي سنڌ جي عظيم فرزند سائين “جيئيم سيد” جي عظيم، قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ انگلينڊ جي اينڊنبرا يونيورسٽي مان شاهه لطيف تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر درشهوار سيد. جنهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ “پاڪستان اسٽڊي سينٽر” ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ پوءِ 1991ع جي پڇاڙيءَ ڌاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر مقرر ٿي ۽ پنجن سالن تائين پنهنجون خدمتون چيئر کي ڏيندي رهي. پنجن سالن جي عرصي ۾ هن ست ڪتاب شايع ڪرايا ۽ هڪ ٻه ورڪشاپ ۽ توسيعي ليڪچر پڻ ڪرايا. جن ۾ آءُ پڻ شريڪ ٿيو هوس.
    ڊاڪٽر در شهوار سيد چيئر جي سربراهي دوران نون ريسرچ آفيسرن جي هڪ ٽيم مقرر ڪئي. ڊاڪتر اياز قادري کي پروفيسر ائڊوائيزر مقرر ڪيو. جيڪا جاءِ پوءِ خالي رهي يا ختم ٿي چڪي هئي هينئر ساڳي جاءِ تي اسان جو مهربان دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب براجمان آهي.
    ڊاڪٽر درشهوار سيد سان اسان جا گهريلو رشتا هئا. پاڻ عورتن جي هڪ تنظيم جي پڻ ڪرتا ڌرتا هئي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي گهر وارن سان پڻ رابطو رهندو هون. سندن اهائي وڏي ڳالهه هئي ته سنڌ جي هڪ ڪنزريٽو وڏ گهراڻي جي حويلين جي سيد زادي انگلينڊ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آئي هئي. پر افسوس جو صحت سندس ساٿ نه ڏنو.
    شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو بنياد 1986ع ۾ پيو جنهن جو بنيادي مقصد آهي شاهه ڀٽائي جي زندگي ۽ سندس ڪلام تي تحقيق ڪرائڻ.
    چيئر جو باني ڊائريڪٽر منهنجو مهربان سائين جناب اياز قادري مقرر ٿيو. کيس هڪ بلڪل نئون قائم ٿيل ادارو اڏڻو هو ۽ ان کي اڏڻ ۾ هن ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. ان بابت ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين لکن ٿيون:
    “شاهه لطيف چيئر جي باني ڊائريڪٽر مرحوم ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ پنهنجي ابتدائي ڏينهن ۾ چيئر جي لاءِ مخصوص ڪيل ڪمرن ۾ آفيسون ۽ لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ فرنيچر ۽ فٽنگس کان سواءِ شاهه لطيف تي تحقيق جي حوالي سان بهترين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو ڪم سر انجام ڏنو. هن وقت لائبريري سنڌ جي تاريخ، تصوف ۽ ان جي تاريخ، دنيا جي مختلف ٻولين جي صوفي شاعرن جي شاعريءَ کان سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان لاڳاپيل موضوعن تي مختلف ٻولين جي هزارين ڪتابن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر قادري صاحب هڪ مڃيل استاد ليکڪ ۽ محقق هو. جنهن هن اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙو ڪيو.”
    ساڳي هنڌ اڳتي هلي ڊاڪٽر فهميده حسين لکن ٿيون:
    “مرحوم ڊاڪٽر اياز حسين قادري کان پوءِ ڊاڪٽر در شهوار سيد چيئر جون واڳون سنڀاليون ۽ قادري صاحب کي پروفيسر ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو، ڊاڪٽر درشهوار سيد پنهنجن لاءِ نون ريسرچ اسڪالرن جي هڪ ٽيم مقرر ڪئي ۽ چيئر ۾ اداري پاران تحقيقي ڪم جي ابتدا ٿي. شروع ۾ کيس اداري جي خراب مالي حالت کي به منهن ڏيڻو پيو. سندس اڳواڻي ۾ پنجن سالن ۾ اداري پاران ست ڪتاب شايع ڪيا ويا. هڪ تحقيقي ورڪشاپ ڪرايو ويو ۽ هڪ توسيعي ليڪچر ڪرايو ويو. مرحوم ڊاڪٽر درشهوار سيد هڪ عالم خاتون هئي جنهن پنهنجي وس آهر ممڪن ڪم ڪري ڏيکاريو.”
    اهو وڙ آهي هڪ سنجيده، بردبار ۽ خانداني عالم اديب جو ته جيڪڏهن سندس دور کان اڳ آيل سربراهن ڪو سٺو ۽ ڳڻائڻ جهڙو ڪم ڪيو آهي ته ان کي داد ۽ تحسين ڏجي. اسان وٽ عام روش اها آهي ته پاڻ کي ٻڏائڻ لاءِ اڳين کي برو ڀلو چوڻ ۽ گارگند ڪڍڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي نالي جيان واقعي “فهميدي” آهي ۽ سندس فهم، فراست، تدبر ۽ بردباري مثالي آهي.
    ڊاڪٽر درشهوار پنجن سالن جو مدو پورو ڪري واپس پاڪستان اسٽيڊي، سينٽر موڪلي وئي جنهن تي ڪجهه شاگردن ۽ اديبن پاران بيان ڇپيا هئا ته ڇو ته ڊاڪٽر درشهوار سيد سائين جي. ايم. سيد جي نياڻي هئي ان ڪري کيس چيئر تان هٽايو ويو آهي جيڪا سچ پچ صحيح ڳالهه ڪا نه هئي جنهن جي تصديق ڊاڪٽر فهميده جن پاڻ به ڪن ٿيون.
    خير، ڊاڪٽر در شهوار کان پوءِ به ٻه سال کن جناب فتح محمد برفت ۽ پروفيسر سليم ميمڻ کي عارضي اضافي چارج ملي، سليم ميمڻ جي دور ۾ به هڪ ڪتاب ڇپيو.
    چيئر جي موجوده ڊائريڪٽر، ادي ڊاڪٽر فهميده حسين فيبروري 1998ع ۾ چارج سنڀالي، ان کان اڳ جو چيئر جي سربراهه يا اڳواڻ هئڻ جي حيثيت ۾ سندس لاءِ ڪجهه ڳالهائجي. سندس اڳئين دور بابت ٻه لفظ اها شايد ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته ادي فهميده حسين شاعري به ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. پر فرضي نالي “تسنيم يعقوب” سان.
    مان ادي فهميده حسين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سندس آفيس وڃي رهيو هيس ته اتفاق سان ادا عنايت بلوچ به ڪراچي ۾ موجود هو. کين جڏهن ٻڌايم ته مان شاهه لطيف چيئر وڃي رهيو آهيان ادي ڊاڪٽر فهميده سان ملڻ ته ادا جن پاڻ به تيار ٿي پيا ته مان به هلان ٿو. اهڙي ريت ٻئي پهتاسون وڃي.
    ڪچهريءَ دوران ڳالهيون نڪتيون ته ادا ٻڌايو ته سال 1972ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٽٽو ۽ صوبن ڪجهه ساهه کنيو ته ريڊيو اسٽيشن ڪراچي تان “سنڌي اردو بول چال” هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد هو اردو ڳالهائيندڙ کي سنڌي سيکارڻ.
    اهو پروگرام شروع ۾ سائين سراج ميمڻ هلايو پر ڪجهه پروگرامن ڪرڻ کان پوءِ اها واڳ وري سندس قابل ڀيڻ فهميده ميمڻ سنڀالي، تڏهن شايد نه ڊاڪٽر هئي نه فهميده حسين هئي.
    پوءِ اهو پروگرام 1979ع تائين هليو جيڪو ڀٽي صاحب کي “سوليءَ جي سيج” تي چاڙهڻ کان پوءِ بند ڪيو ويو. ڳالهه نڪتي آهي سراج صاحب جي ته، مان سمجهان ٿو ته ادي فهميده حسين ۾ جيڪو تدبر آهي جيڪا بردباري آهي. چپ چاپ خاموشي سان ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجن ڪارنامن جو ڊانڍورو نه پٽڻ واري خوبي ۽ خاصيت شايد سراج صاحب کان ئي ملي آهي.
    سراج ميمڻ صاحب جو هلال پاڪستان جي ايڊيٽري وارو دور به ڇا دور هو. اسان ننڍا هئاسين. سندس “رتيءَ جي رهاڻ” وارا ڪالم اڄ به اسان جي ذهنن ۾ تازا آهن. ٻولي وارن فسادن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين سان جيڪي ويڌنون ٿيون تڏهن سراج جون لکڻيون “سوڍا سڏ ته ڏيو” پڙهي جوش ۽ جذبا جوان ٿي ويندا هئا. سچ پچ ته انهن لکڻين جو اڄ به تصور ايندو آهي ته لونءِ ڪانڊارجي ويندي آهي ۽ ايمان تازو ٿي ويندو آهي.
    1964ع ۾ “سنڌي ٻولي” ڪتاب ڇپيو ته ڄڻ بيٺل پاڻي ۾ ڪنهن پٿر اُڇلايو. سنڌي ٻولي جا “ڀوتار” “رئيس” ۽ “وڏيرا” ليکڪ حيران ۽ پريشان ٿي ويا توڻي جو سراج صاحب تعليمي لحاظ سان لسانيات جو شاگرد نه هو تڏهن به هن ڪتاب لکي هن لسانيات جي ماهرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو.
    سراج صاحب ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي جي ڪتاب “سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين” جي پيش لفظ ۾ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي بابت لکيو آهي، ان ڪري شاگردن ۾ سنڌي جي قدامت، تاريخي حيثيت، لساني حسب نسب، ۽ ان جي سماجي ارتقا جو چاهه پيدا ٿيو ۽ هڪ عالم طور “لسانيات” جي موضوع کي يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ڊاڪٽريٽ جي تحصيل لاءِ آماده ٿيا جيڪا ڳالهه منهنجي ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ڪا نه هئي.
    سنڌي ٻولي کان سواءِ سندس شاهڪار ناولن مان “پڙاڏو سوئي سڏ” ۽ “مرڻ مون سين آءُ” شامل آهن. ايڏي وڏي عالم ۽ اديب کي ڪڏهن به مون لاحاصل بحثن ۾ مبتلا ٿيندي نه ڏٺو آهي. جڏهن ته ڪنڌ ڦيرائي ڏسو ته ننڍڙا شاعر ۽ اديب “نمبرن” جي چڪرن ۾ ڦاٿل آهن ۽ جيستائين پنهنجو نالو اخبار ۾ نه ٿا ڏسن ته نه کين ماني ٿي وڻي نه ننڊ ٿي اچين.
    ڊاڪٽر فهميده به پنهنجي قابل ڀاءُ وانگر بردبار دانشور آهي. سندس چئن سالن جي دور ۾ ٻاويهه ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٻارنهن “ڪلاچي” تحقيقي جرنل ڇپجي چڪا آهن. انهن ڪتابن جا تفصيل ۽ باقي رهيل ڳالهيون ٻئي ڪالم ۾ ڪبيون. (هلندڙ)

    عوامي آواز 25 مارچ 2002ع


    • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي -II

    محترم ڀاءُ هدايت بلوچ لاءِ.
    گهڻي خلوص مان.
    فهميده حسين
    22 آگسٽ 93ع
    اهي لفظ لکي ڏنا هئا، پنهنجي پياري، بيحد پڙهيل ڳڙهيل، بيحد محنتي، ايماندار، بيحد مانائتي ۽ هاڻي بيحد ڏکايل ڀيڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي ڪتاب، “شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ” تي، اڄ کان نوَ سال اڳ – هي اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن تي کين پي . ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ٿي هئي. بي انتها محنت سان لکيل ڪتاب آهي. جنهن محنت، ڏات ۽ ڏانءَ جو ڳوڙهو ميلاپ – خاص طور تي عورتن جي حوالي سان هي ڪتاب بهترين تحرير آهي ۽ جنهن نه پڙهيو آهي تنهن ڄڻ ڪجهه وڃايو آهي.
    مون پنهنجي پوئين ڪالم جي شروعات به ڊاڪٽر درشهوار جي مون لاءِ لکيل لفظن سان ڪئي هئي ۽ هن ڪالم جي شروعات به ادي فهميده جي مون لاءِ لکيل لفظن سان ڪئي آهي. دوست اهو نه سوچين ته ڪو هي مون پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڪيو آهي. پر اهو ان لاءِ ڪيو اٿم ته چيئر جي ٻن قابل احترام ڊائريڪٽرن سان اسان جو علمي ادبي ناتو ۽ گڏيل احترام جو ناتو ڪو نئون ناهي. پر جي ڪو دوست ائين سمجهي ته اهو ڪم مون پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڪيو آهي ته ائين به سهي، مون کي اهڙن علمي ادبي شخصيتن سان تعلق هجڻ تي فخر آهي.
    اسان جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارا اڪثر تنقيد جو نشانو پئي رهيا آهن. پوءِ اها تنقيد ڪڏهن جائز به هوندي آهي ته ڪڏهن شخصي عناد، ذاتي دشمني يا داري جي انتظامي يا مالي مجبورين کان لاعلمي تي ٻڌل به هوندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جهڙو عظيم، اوائلي ۽ نهايت مانائتو ادارو ڪافي وقت کان تنقيد جو نشانو پئي رهيو آهي، هينئر به آهي مان خود بورڊ بچايو تحريڪ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هوس ۽ بعد ۾ بورڊ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر به رهيس. بورڊ جي معاملن تي گهڻو لکڻ جي گنجائش آهي جيڪو ضرور لکبو چوڻ جو مقصد هي آهي ته ڪي علمي، ادبي تحقيقي يا اشاعتي ادارا اهڙا به آهن جن تي تنقيد جي ڄڻ گنجائش ئي ڪانهي ۽ جن جي فقط ساراهه ۽ وهه وا ئي ٿيندي رهي آهي ۽ جن جي سڳند جو واس هوا کڻي هر هنڌ گهمائيندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر به هڪ اهڙو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارو آهي جنهن تي تنقيد جي گنجائش مون کي نظر نه ٿي اچي ۽ گهڻي تعريف ڪبي ته دوستن کان اها به هضم نه ٿي سگهندي. پر منهنجي نظر ۾ هن اداري تمام گهڻو ۽ وزنائتو ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طور تي موجوده ڊئريڪٽر ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور جو ڪم مقداري لحاظ کان گهڻو معياري لحاظ کان اهم ۽ ڇپايل ڪتابن توڙي تحقيقي جرنل ڪلاچي جي ڪور ڊيزائن اکين کي وڻندڙ ۽ ان ۾ استعمال ٿيل پنو اوچو ۽ معياري آهي يعني هالو چالو ڪم ٿيل ناهي پر انتهائي خوبصورت ڪم ٿيل آهي. حد ته اها آهي جو چيئر جي اعليٰ ترين عهدي تي فائز هوندي به ڪتابن جي پروفن جي چيڪنگ تائين پاڻ ڪئي اٿن ۽ هر ڪتاب ۽ هر جرنل مڪمل طور تي پنهنجي نظر مان ڪڍيو اٿن.
    شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هجڻ، ڊاڪٽر فهميده جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ محنتي ۽ ايماندار شخصيت لاءِ ڪا وڏي اعزاز جي ڳالهه ناهي. مان ته سمجهان ٿو ته چيئر کي اهو اعزاز آهي جو ڊاڪٽر فهميده حسين ان سان لاڳاپيل آهي. چيئر کي ڪيئي مشڪلاتون آهن. انتظامي ۽ تنظيمي لحاظ کان. هيءَ چيئر اڃان پڪي ٿيل ناهي يعني باقاعدي ڪراچي يونيورسٽي جو حصو ناهي. ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ هڪ هنڌ ڊاڪٽر فهميده لکيو آهي.
    شاهه عبداللطيف چيئر جو ادارو سنڌ جي ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مختلف به آهي ته بنهه مختلف ماحول ۾ هئڻ ڪري ڪجهه وڌيڪ مسئلن جو شڪار به رهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ان جي عارضي حيثيت آهي. ڊائريڪٽر کان ويندي ريسرچ آفيسرن کان ڪمپيوٽر آپريٽر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالن جي آسامين جو عارضي هئڻ هن اداري جي ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿيندو رهيو آهي.
    جيئن مون عرض ڪيو ته هڪ عارضي علمي، ادبي اداري، جنهن جي وقت اچڻ تي ڪراچي يونيورسٽي اختياري وارا به وارثي نه ٿا ڪن تنهن جي ڊائريڪٽر هجڻ، ڊاڪٽر فهميده لاءِ ڪو ايڏو وڏو اعزاز ناهي شايد اهو ئي سبب آهي جو چيئر جا ٻه لائق ۽ محنتي ريسرچ آفيسر، ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري چيئر ڇڏي ويا. ڪمال ڄامڙو هن وقت اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار ۽ طارق عزيز شيخ نيشنل ڪاليج ۾ ليڪچرار. پر ان عارضي چيئر جي عارضي ملازمت به ڊاڪٽر فهميده حسين جي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف سان لڳاءُ ۾ ڪو فرق ڪا ڪمي نه آندي آهي هن پنهنجو ڪم ملازمت نه پر مقدس مشن سمجهي پئي ڪيو آهي. اسان جو هڪ ٻيو دوست انب گوپانگ به چيئر ڇڏي ويو، شايد ان سبب شاهه ڀٽائي تي جيڪا سي–ڊي ٺهي رهي هئي تنهن جو ڪم رولي ۾ پئجي ويو آهي ۽ ان کي نئين سر جاري ڪرڻ جو پروگرام آهي.
    ڪمال ڄامڙي ۽ طارق عزيز شيخ جي جاءِ تي هينئر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ عبدالعزيز خاصخيلي ريسرچ آفيسرن طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي گولڊ ميڊلسٽ آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي ادب ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي. اميد آهي ته اهي ٻئي دوست محنت ڪندا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو سهارو بڻجندا پر وري به مسئلو ڦري گهري اتي جو اتي موجود آهي ته چيئر جي عارضي هجڻ واري خرابي سبب ريسرچ اسڪالر اتي پنهنجو مستقبل محفوظ ۽ مضبوط نه ٿا سمجهن. جتي ڪيرئير جو تحفظ ناهي ته ان جو اولڙو ڪارڪردگي تي به ضروري پئي ٿو. شاهه لطيف چيئر پاران هن وقت تائين ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا آهن انهن جو سهيڙيندڙ ۽ ليکڪ ڪير آهي ان جي قيمتي ڪيتري ۽ انهن تي ليکڪن ۽ اديبن کي ڪيتري رعايت ملي سگهي ٿي تنهن بابت چيئر پاران هڪ خط عالمن، اديبن ليکڪن ۽ محققن کي موڪليو ويو آهي.
    مان بهتر سمجهان ٿو ته انهيءَ خط ۾ جن ڇپايل ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي سي ڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي سموري سڌ پئجي وڃي ۽ شايد ڪتابن خريد ڪرڻ تي آمادهه ٿين.

    1. شاهه لطيف جي موسيقي (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
    2. شاهه لطيف ڪي شاعري اور فڪر (مترجم:ڊاڪٽر آءِ ڪيو نقوي)
    3. تحقيق جو طريقيڪار (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
    4. شاهه لطيف تي تحقيق (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
    5. شاهه لطيف جي ببليو گرافي (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
    6. ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)
    7. شاهه جو رسالو (چئن ٻولين ۾) (ڊاڪٽر در شهوار سيد)
    8. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (هڪ مطالعو) (آزاد قاضي)
    9. شاهه ۽ سنڌ (اردو، سنڌي ۽ انگريزي مقالا) (ڊاڪٽر فهميده حسين)
    10. سوشل ڪانٽيڪٽس اِن شاهه جو رسالو (انور پيرزادو)
    11. شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر (ڪمال ڄامڙو ۽ طارق شيخ)
    12. شاهه ۽ سنڌ – ڀاڱو پهريون (ڊاڪٽر فهميده حسين)
    13. شاهه ۽ سنڌ – ڀاڱو ٻيو (ڊاڪٽر فهميده حسين)
    14. ڇپر جي ڇولي (انب گوپانگ)
    15. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايڪ مفڪر شاعر (مترجم: عبدالحق عظيم)
    16. زندگيءَ جو سفر- (رومي، شاهه، اقبال) (عبدالغفور ڀرڳڙي)
    17. دي بڪ آف شاهه عبد اللطيف ڀٽائي (جارڊ ليڪي)
    18. شاهه جو رسالو- جلد پهريون (ٻانهون خان شيخ)
    19. شاهه جو رسالو- جلد ٻيو (ٻانهون خان شيخ)
    20. اميج آف وومين ان پوئٽري آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي
    (ڊاڪٽر فهميده حسين)
    21. سنڌ جو شاهه (بدر ابڙو)
    22. سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر (ڊاڪٽر غفور ميمڻ)
    23. ڪلاچي – تحقيقي جرنل (چار جلد- ٻارهن پرچا)
    (ايڊيٽر ڊاڪٽر فهميده حسين )
    انهن ڪتابن کان علاوه ڪلاسيڪي شاعرن جي گڏيل لغت تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. جنهن ۾ ڪلاسيڪي شاعرن جي ڏکين ۽ عام فهم ۾ ايندڙ لفظن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي.ان لغت ۾ جيڪي ڪلاسيڪي شاعر شامل ڪيا ويا آهن: انهن ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، عبدالرحيم گروهڙي، شاهه لطف الله قادري، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ سچل سرمست شامل آهن.
    ايندڙ ڪالم ۾ اسان شاهه لطيف چيئر پاران ڪرايل پروگرامن جو تفصيل لکنداسين ۽ ڪلاچي تحقيقي جرنل جي ٻارهن ئي پرچن ۾ ڇپيل مواد جو وچور به ڏبو ته جيئن شاهه، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪندڙن جي ڪجهه رهنائي ٿي سگهي.

    عوامي آواز - 01 اپريل 2002ع


    • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي III

    مونکي احساس آهي ته منهنجو هي ڪالم رکو ۽ عام پڙهندڙن لاءِ بي چسو ثابت ٿيندو. هن ڪالم ۾ طنز، مزاح يا چرچن جي چهر ناهي. هي ريفرينڊم جو دور آهي. کل ڀوڳ ۽ ڪوڙبدوڙ جو دور آهي.مون کي پنهنجي اخبار عوامي آواز تي به رحم ٿو اچي جو هو منهنجو رکو ڪالم ڇاپيندا. عوامي آواز ۽ ان جا ڪالم نويس هڪ ٻئي سان ليکا نه ڪندا آهن ۽ هڪ ٻي ۾ حجتون به رکندا آهن. جيڪڏهن منهنجو هي ڪالم اخباري اشتهار جي ذمري ۾ اچي ٿو ته ائين ئي سهي، پر هن جو ڇپجڻ ضروري آهي. شايد سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ڀٽائيءَ تي تحقيق ڪندڙن کي ڪجهه فائدو پهچي.
    کل ڀوڳ ۽ چرچو يا طنز مزاح به ضروري آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن هي رکا ڪالم به دائمي فائديمند ٿيندا آهن. مان چاهيان ٿو ته چيئر پاران هن وقت تائين ڪيل سموري ڪم جو تفصيل ۽ وچور هر پڙهئي لکئي ماڻهوءَ جي سامهون اچي. ان سان هڪ طرف تحقيقي ڪم ڪندڙن جي مدد ۽ سهولت ٿئي ٿي ته ٻئي طرف ڪم ڪندڙن جي پورهئي کي جس ملي ٿي. اسان گهڻو ڪري بيجا تنقيدن ۽ ٺٺولين ۾ رڌل هوندا آهيون. جت ضروري هجي ته اتي ائين به ڪجي پر جت شاباش ۽ جس ڏيڻي هجي، ته اتي ان کان بخل به نه ڪجي. اڳين ڪالمن ۾ اسان چيئر پاران ڇپايل ڪتابن جو ذڪر ڪيو هو.
    اڄوڪي ڪالم ۾ شاهه لطيف چيئر پاران گذريل ٽن سالن دوران ڪرايل پروگرامن جو تفصيل ڏينداسين ۽ ڪلاچي جرنل جي ٻارنهن ئي شمارن ۾ ڇپيل مضمونن جو وچور ڏينداسين، جيئن اڳتي هلي هي ڪالم بيبلوگرافي طور ڪم اچي سگهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران گذريل ٽن سالن ۾ ڪرايل پروگرامن جو مختصر احوال:
    فيبروري 1998ع ۾ شاهه لطيف چيئر جون واڳون ڊاڪٽر فهميده حسين سنڀاليون، ان کان اڳ پاڻ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن هيون. سندس دؤر ۾ شاهه لطيف چيئر ۾ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪم شروع ٿيو ۽ هن وقت تائين ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا پروگرام ڪرائڻ کان سواءِ تحقيق ۽ ترجمي تي مشتمل ٻاويهه ڪتاب ڇپايا ويا آهن.
     26 ۽ 27 جون 1998ع تي ٻن ڏينهن واري شاهه عبداللطيف قومي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. جنهن ۾ مقالن جي نشستن کان علاوه اردو – سنڌي مشاعرو ۽ موسيقيءَ جو پروگرام ڪرايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي برک اديبن ۽ محققن شاهه سائينءَ ۽ سنڌي ادب جي مختلف صنفن بابت مقالا پڙهيا. هن جو افتتاح سنڌ جي تڏهوڪي گورنر معين الدين حيدر کان ڪرايو ويو. ۽ خاص مهمان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو.
     14 نومبر 1998ع تي هڪ توسيعي ليڪچر منعقد ڪرايو ويو. جنهن جو عنوان هو، “ شاهه جي شاعريءَ ۾ انساني قدر” ۽ ليڪچر ڏيندڙ سنڌ جو ناميارو محقق سائين تاج صحرائي هو.
     20 جنوري 1999ع تي سال 1998ع ۾ ڪرايل تحقيق ۽ ترجمي وارن ٽن ڪتابن جي پڌرائي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرايو ويو. ان کان سواءِ تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جو پهريون پرچو پڌرو ڪري ان کي باقائده هر ٽئين مهيني شايع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. (پرچو ان کان پوءِ باقائدگيءَ سان شايع ٿي رهيو آهي).
     6 جون1999ع تي شاهه لطيف جي 255 هين ورسيءَ جي نسبت سان هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن جو موضوع هو: “شاهه لطيف ۽ ايڪيهين صدي.” هن سيمينار ۾ خصوصي مقالو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هو، جنهن کان پوءِ حاضرين جي سوالن جوابن سان هن سيمينار ۾ تمام گهڻي جان اچي ويئي ۽ اهو هڪ يادگار موقعو بڻجي ويو.
     27 مئي 2000ع تي شاهه لطيف جي 256 هين ورسيءَ جي موقعي تي سيمينار منعقد ڪرايو ويو، جنهن جو موضوع هو، “ شاهه لطيف ۽ انساني حق” هن خصوصي مقالو سائين انور پيرزادي پڙهيو.
     ڪتابن جو مهورت: شاهه لطيف چيئر پاران 1998-2000ع ۾ ڇپيل ڪتابن جي پڌرائي ۽ تنقيدي اڀياس باقاعدگيءَ سان ٿيندو رهيو آهي.
     انهن ذڪر ڪيل سرگرمين کان علاوه سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سيمينارن/ ورڪشاپن ۾ هٿ ونڊايو ويو، جن ۾ ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ، تحقيق جو فن،لنگئافون پروجيڪٽ جي پڌرائي وغيره شامل آهن.
     ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪتابي ميلن ۾ شرڪت کان سواءِ شاهه لطيف جي ميلي ۽ ادبي ڪانفرسن جي موقعي تي وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي ويئي.
     9 جنوري 2001ع تي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ڪرايل شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين حصو ورتو ۽ خصوصي مقالو پڙهيو.
     28 اپريل 2001ع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو موضوع هو، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مرد جو روپ” هن موقعي تي ٻن ڪتابن جو مهورت پڻ ٿيو. جن مان هڪ آهي ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب “شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ” جو انگريزي ترجمي وارو ڪتاب “Image of Woman in The Poetry Of Shah Latif” هي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو. ٻيو سائين ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل “شاهه جو رسالو” (جلد ٻيو) آهي.

    عوامي آواز - 8 اپريل 2002ع


    • شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي IV

    پنهنجو اڄوڪو ڪالم به شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي جملي ڪارڪردگي تي مشتمل آهي. پوئين هفتي پاڻ چيئر جي پوين ٽن سالن ۾ ڪرايل پروگرامن جو تفصيل ٻڌايو هيوسين، جڏهن ته اڄ چيئر پاران ان جي ڇپايل تحقيقي جرنلن بابت هوندو. پر سڀ کان پهرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي قومي ڪانفرنس جو ذڪر ڪجي ٿو. جيڪا 1998ع ۾ ٿي هئي. ان جي ڪاروائي هيٺ ڏنل ڀاڱن تحت ترتيبوار هلائي ويئي:

    ڀاڱو پهريون:
    1. شاهه جي دؤر جي روش – شيخ عزيز
    2. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نفيءَ جو فلسفو –
    ڊاڪٽر نفيس احمد ناشاد
    3. چرخو چور ڪت ڪاتار – ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
    4. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آزاديءَ جو اظهار – لطيف اياز پنهور
    5. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ۾ نظرياتي فرق – ڪمال ڄامڙو
    6. مارئي – قومي غيرت جو اهڃاڻ – طارق عزيز شيخ
    7. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ذاتين جو ذڪر – ايڇ ايم چانڊيو
    8. شاهه لطيف جي لفظن جو جوهر – رخمان گل پالاري

    ڀاڱو ٻيو: سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافت:
    1. سنڌي ٻولي – سراج ميمڻ
    2. سنڌي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جو اثر – ڊاڪٽر هدايت پريم
    3. جديد دنيا لاءِ سچل جو پيغام – ڊاڪٽر تهمينه مفتي
    4. اڄ جي ڪهاڻيءَ ۾ جديد نفسيات – غفور ميمڻ
    5. سنڌ جي ثقافت پهاڪن جي آئيني ۾ - ناهيد پروين
    هاڻ تحقيقي جرنلن جو تفصيل جلد ٻيو- شمارو پهريون سال 1999ع کان 1998ع ۾ ڇپيل ڪتابن جي پڌرائي ڏجي: تحقيقي جرنل - 2-1999ع ۽ تنقيدي اڀياس:

    ڀاڱو پهريون: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
    1. “م” اکر جو استعمال – پروفيسر مظهر علي قريشي
    2. شاهه جا ٽي بيت – الياس عشقي
    3. الا جنگ جين – سليم ڀٽو
    4. شاهه جي سر ڪاموڏ ۾ طبقاتي جدوجهد جو فڪر –
    لطيف اياز پنهور
    5. اصلاح ۽ شاهه لطيف جي شاعري - راز شر
    6. شاهه جي شاعري، لفظن جو اڀياس – انب گوپانگ
    7. شاهه لطيف جي نظر ۾ پورهيو -‏ ڪلثوم مجيد ميمڻ
    ڀاڱو ٻيو: سنڌي ادب
    1. حضرت سچل سرمست ۽ خواجه محڪم الدين سيلاني – ڊاڪٽر نواز علي شوق
    2. سنڌي صورتخطيءَ جو بڻ بنياد – عبدالرحمان جسڪاڻي
    3. سنڌي افساني جي ارتقا – خورشيد عباسي
    4. لوڪ ادب جو شاعر “گل بيگ خان رند” – عابد مظهر،
    5. سنڌي صحافت – تاريخ، سفر ۽ ڪردار- طارق عزيز شيخ
    جلد ٻيو شمارو ٻيو: شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار 1999ع جي موقعي تي ڇپيل خاص نمبر فهرست سال 1999ع
    1. شاهه جي ٻوليءَ تي هندي ۽ پنجابي ٻولين جو اثر –
    ڊاڪٽر هدايت پريم
    2. سر بلاول جو لسانياتي جائزو – ڊاڪٽر محمد خادم بروهي
    3. شاهه، هڪ منفرد شاعر – پروفيسر شير محمد بلوچ
    4. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مولانا جلال الدين رومي –
    محمد ابراهيم سنڌي
    5. شاهه جي سر آسا جو علامتي مطالعو – ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    6. ايءَ تان آهه عشق جي – محمد حسين ڪاشف
    7. شاهه سائينءَ جي شاعري جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون – انب گوپانگ
    8. شاهه، سنڌي ٻوليءَ جو معمار – راز شر
    9. لطيف جي ڪلام ۾ سجاڳيءَ جو سڏ – ڪمال ڄامڙو
    10. شاهه لطيف ۽ سلطان باهو جي ڪلام جو جائزو – طارق عزيز شيخ
    11. ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا – رحمان گل پالاري
    12. شاهه جي ڪلام ۾ سنڌي لباس ڏانهن اشارو – احمد ڪيريو
    13. ڇا لطيف جي ڪلام مدي خارج پيو ٿئي؟ خليق ڳچيرائي
    14. نوري ڪير هئي؟ ولي محمد رونجهو
    ڪلاچي تحقيقي جرنل جلد ٻيو شمارو ٽيون سال 1999ع: فهرست
    (الف) پنهنجي پاران – ڊاڪٽر فهميده حسين
    (ب) شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار 1999ع جي رپورٽ – ادارو
    ڀاڱو پهريون – شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح بابت مقالا
    1. سنڌي رهڻي ڪهڻي ۽ شاهه لطيف رح – ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
    2. سر يمن ڪلياڻ ۾ علم ۽ عمل جو تصور – ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    3. لطيف جا شاعريءَ ۾ پکين جو ذڪر – محمد علي مانجهي
    4. شاهه لطيف جو عرفان تمثيل جي روشنيءَ ۾ -
    ڊاڪٽر گل حسن لغاري
    5. شاهه صاحب جي هڪ نئين رسالي جي ضرورت – انب گوپانگ
    6. شاهه جي ڪلام ۾ جماليات جو فلسفو – ڊاڪٽر تهمينه مفتي
    7. شاهه لطيف جي سورمي سهڻي ۽ ايڪيهين صدي –
    ڊاڪٽر رضيه کوکر
    8. شاهه عبداللطيف ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر – غفور ميمڻ
    9. سرتاج الشعراءَ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي عربيءَ جو اثر – عبدالرحمان جسڪاڻي
    10. سرسامونڊيءَ ۾ درد جا آلاپ – احسان دانش
    11. نوريءَ کي سمي چوڻ کان پهرين – فيض جوڻيجو

    ڀاڱو ٻيون: سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافت
    1. ڪولاچي – ڪلاچي – ڪراچي – تاج صحرائي
    2. ڪاريءَ ۾ ڀوريءَ ڇوڪريءَ جي خدا لاءِ ڳولا جو گڏيل (متوازي) جائزو – ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ
    3. تحقيق ڪيئن ڪجي – ڊاڪٽر فهميده حسين
    4. پيرون – سڪندر سرواڻ
    ڪلاچي تحقيقي جرنل: جلد ٻيو شمارو چوٿون سال ڊسمبر 1999ع: فهرست پهريون ڀاڱو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
    1. شاهه جو رسالو – رسالي جو ڪلام – ٻانهون خان شيخ
    2. شاهه لطيف جي ڪلام جو لساني جائزو – خليق گچيرائي
    3. سنڌي – بلوچي تهذيبي سنٻنڌ ۽ ڀٽائي – گل محمد گل ميراڻي
    4. شاهه جي ڪلام ۾ اندر اجارڻ جو فلسفو – محمد ابراهيم سنڌي
    5. سر ڪاموڏ – سڪندر سرواڻ
    ٻيو ڀاڱو: سنڌ، سنڌي ادب، ٻولي، ثقافت، تاريخ وغيره
    1. سنڌي ٻوليءَ جو خيرپوري لهجو – ڊاڪٽر هدايت پريم
    2. ماموئي فقيرن جي حقيقت – موهن ديوراج ٿونيٽا
    3. شيخ اياز ۽ تنقيد – ڊاڪٽر فهميده حسين
    4. تند ته رڳو لوهه – امداد سولنگي
    5. ٻئي جنم يا آواگون جو فلسفو – عبدالغفور ميمڻ
    Dr. Ghulum Ali Allana – Origin & A.H Jatoi – A Historical Ancestry of Sindhi Language M.S.N Memon – Between the Indus and the Nile, Kulsoom Kazi Status of Woman In Traditional Sindhi Society


    روزاني عوامي آواز -- 15 اپريل 2002ع


    • سنڌ، ڀٽائي ۽ پاڻي

    تهذيبن جي اوسر ۽ اوجهڙ جو دارومدار درياهن ۽ ندين جي وهڪرن تي هوندو آهي. ڳوٺاڻي يا ديهي زندگيءَ جا پساهه پاڻيءَ ۾ هوندا آهن. ماڻهو، مال، مايا، ڌرتي سڀني جي زندگي پاڻيءَ ۾ آهي. سنڌ جو ساهه سنڌوءَ ۾ آهي. ۽ سنڌوءَ جو ساهه سنڌ ۾ آهي. سنڌ ۽ سنڌو هڪ ٻئي لاءِ جيئن ٿا.اچو ته پاڻيءَ کان پڇون :
    پٽيهل! تو ۾ پور، اڳيون آهه نه آب جو،
    سڪي ڪهڙي سور، پيءَ واري وچ ۾.

    پٽيهل به ڪو وهڪرو هو، جيڪو سڪي چڪو آهي. پٽيهل کي في الحال سنڌو ئي سمجهو.
    پٽيهل چئي پرين کي ساري آءُ سڪو
    آهيم اولاڪو، جسودن جي جان ۾.

    جسودا، خوشحال قوم هئي، جن جي خوشحالي جو دارومدار پٽيهل جي وهڪري تي هو. تڏهن پٽيهل وراڻي ڏئي ٿو ته مان انهن جسورن جي غم ۾ سڪو آهيان، جيڪي هينئر الائي ڪهڙي حال ۾ آهن. پاڻي ۽ پاڻيءَ جي نتيجي ۾ معيشت ۽ خوشحالي يا پاڻي ڇڏي وڃڻ سبب بدحالي جو ڀٽائيءَ پنهنجي مختلف سرن ۾ ذڪر ڪيو آهي. سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ جو ذڪر آهي. سمنڊ ذريعي ٿيندڙ وڻج واپار جو ذڪر آهي. وڻجارن جي ونين جو پنهنجي ورن سان نينهن جي ناتن جو ذڪر آهي. سامونڊين جي پورهئي پگهر ۽ ائڊونچر جو ذڪر آهي.
    کاري کيڙائو، مٺي موٽي آئيا
    سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو
    موتي مهراڻ جا تن جا تامائو
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.

    يعني سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڪمائي يا کيڙي هاڻي پنهنجي مٺي درياهه ڏانهن موٽيا آهن. هنن کي سمنڊ جو سون نه کپي ڇو ته انهن کان مٿاهان وهائو يا واپاري يا وڻجارا آهن. انهن کي “مهراڻ جا موتي” گهرجن.
    هاءِ، هاءِ، مهراڻ جا موتي.
    ٻيو پاڻيءَ جو ذڪر آهي سر سهڻيءَ ۾، جتي درياهه جي ڏاڍ، ڏمر، زورواري طاقت ۽ تيزيءَ جو تذڪرو آهي. سهڻي ۽ ميهار جي محبت جو تذڪرو آهي. “پاڻي ۽ پيار” گڏ گڏ وهڪرو ڪندا آهن.
    دهشت دم درياهه ۾، جت جايون جانارن
    نڪو سنڌو سير جو، مَپُ نه ملاحن
    درندا درياهه ۾ واڪا ڪيو ورن
    سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن
    پرزو پيدا نه ٿئي ڪو تختو منجهان تن
    اُتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهائين.


    ساوڻ گهڙي سڀڪا هيءَ سرهي سياري
    تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري
    محبتي ماري، ڪونهي دادُ درياهه ۾.

    پاڻيءَ جو ٽيون تذڪرو سر ڏهر ۾ ملي ٿو. فرق هي آهي ته سر سهڻي ۾ درياهه جي تکي وهڻ ۽ ان جي دهشت جو ذڪر آهي. جڏهن ته سر ڏهر ۾ ڪجهه اهڙن وهڪرن جو ذڪر آهي، جيڪي يا ته ڀٽائي کان اڳ سُڪي چڪا هئا يا ان جي هوندي سڪا. انهن وهڪرن ۾ ڍور، ڍاڳي، پٽيهل ۽ هاڪڙو شامل آهن. هڪ هڪ بيت هر وهڪري جي باري ۾ :

    سچ ڪه سڪو ڍور، ڪنڌي اڪَ ڦلاريا
    جُنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي ويا.

    جڏهن “ڍاڳي” ۽ “ڍور” ٻئي وهن ٻليار ۾
    تڏهن تازيون طور، هيو جسورن سين.

    سڪي “ڍور” ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو
    سو پاڻي “پٽيهل” ۾ اڳيون نه آيو
    ماڻهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.



    پاڻيءَ جو ٻيو ذڪر سر سارنگ ۾ ملي ٿو، جتي مينهن ۽ برساتن جو ذڪر آهي. خوشحاليءَ جو ذڪر آهي. پکين، مال، گاهن، ٻوٽن، سپن ۽ ماڻهن جو ذڪر آهي. پاڻي ۽ پيار جو ذڪر آهي.
    ڪڪر منجهه ڪپار جهڙ نيڻئون نه لهي
    جهڙا منهنجا سپرين تهڙا مينگهه ملهار،
    کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪيو


    بر وٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون
    پرهه جو پٽن تي ڪن “ولوڙا وايون”
    مکڻ ڀرن هٿڙا سنگهاريون سايون

    ساري ڏهن سامهيون، ٻولايون رايون
    ٻانهيون ۽ ٻايون، پَکي سُهن پانهنجي

    آخري سٽن جو حسن ڏسو، وسڪاري سبب ايتري ته خوشحالي اچي چڪي آهي جو هينئر ٻانهيون يا نوڪرياڻيون ۽ انهن جون مالڪياڻيون يا سانئڻيون يا ٻايون پنهنجي پنهنجي پَکَن ۾ سُهن، خوشحالي سبب ٻانهن جو دور ختم، مون چيو ته “پيار ۽ پاڻي” گڏ گڏ وهن ٿا.
    ڀٽائي چوي ٿو:
    مينهان ۽ نيهان، ٻئي اکر هيڪڙو
    جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان
    بادل ٿي بيهان جي آگم اچن جا ڪرين

    سچ پڇو دوستو ته اخبارن ۾ ٿل ڪينال، ڪالاباغ ڊيم، ارسا جو ڪردار اهي اگرا ۽ سنڌ دشمن احوال پڙهي طبيعت تي ايڏو ته بار ٿي پيو آهي. جو دل چيو ته ڀٽائي ٻڌائي ڪجهه توهان جو بار هلڪو ڪريان. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.

    عوامي آواز ڪراچي-5 سيپٽمبر 2001ع


    • آذربائيجان جو سفر I

    مان عوامي آواز جي پڙهندڙن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان جو منهنجي غيرموجودگي سبب منهنجا ڪجهه ڪالم نه ڇپجي سگهيا. ان سبب جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به هڪ پڙهندڙ کي ڪمي محسوس ٿي هوندي ته مون کي ان جو افسوس آهي. مان عوامي آواز جي انهن پڙهندڙن کان به معافي جو طلبگار آهيان جن سوچيو هوندو، “ ڇٽي جان هدايت بلوچ جي ڪالمن کان.” سندن خوشيءَ جي ان پرمسرت موقعي تي اڄ منهنجو ڪالم پڙهي جيڪڏهن انهن کي ناميدي ٿئي ٿي ته مون کي ان تي به افسوس آهي.
    ڪالمن لکڻ لاءِ جڏهن مون کي منهنجي پياري دوست انور پيرزادي (سينيئر) جي اهل ۽ قابل فرزند، مٺو ۽ جهيڻو ڳالهائيندڙ سائين زرار پيرزادي جڏهن مون تي زور رکيو هو ته مون کيس ٻڌايو هو ته ڀائو مان سيلاني فقير آهيان. ڪڏهن ڪمپنيءَ جي ڪمن سانگي ته ڪڏهن پنهنجي خرچ تي اڪثر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ رهندو آهي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم ۾ ناغو به ٿي سگهي ٿو. اسان جي پياري زرار اها ڳالهه سمجهڻ کان پوءِ به چيو ته ائين به ٺيڪ آهي ۽ مان پنهنجي سمجهه ۽ فهم موجب حڪم جي تعميل ڪندو رهيس.
    جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا ته آخر مان ويو ڪيڏانهن هوس ته اهو به احوال توهان سان اوري ڇڏيان ته هڪ ته منهنجي دل جو بار به هلڪو ٿي پوندو، ٻيو ته شايد توهان جي لاءِ دلچسپي جو باعث به ٿي پوي.
    منهنجو سئوٽ (دنيا وارا اسان کي ڀائر سمجهندا آهن) فيض محمد کوسو، هن وقت آذربائيجان (Azer - Baijan) ۾ سفير آهي. ان کان اڳ هو بحرين ۾ سفير هو. فيض منهنجو سئوٽ ته آهي پر دراصل هو منهنجو جگري جاني يار آهي. هو هڪ سال مون کان ننڍو آهي. اسان الف بي کان وٺي گڏ پڙهيا آهيون، کيڏيا آهيون. اسڪول جي شرارتن کان وٺي هن وقت سنجيده زندگي تائين اسان جي ياري، دوستي ۾ ٽڪي جو فرق نه آيو آهي. جتي به سندس پوسٽنگ ٿيندي آهي اتي مان نه ويس ته ڄڻ سندس پوسٽنگ ئي ڪانه ٿي. پهريائين پيار ۽ ادب سان دعوتون ڏيندو آهي. پيار ۽ ادب واري ٻوليءَ ۾ مان نه ويس ته گار گند تي لهي ايندو آهي. اهڙيءَ طرح مونکي لاچار سندس پوسٽنگ واري جاءِ تي وڃڻو ئي پوندو آهي.
    سو اهڙيءَ طرح مون کي آذربائيجان، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ باڪو (Baku) آهي، اوڏانهن وڃڻو پيو. باڪو اسان جي پي آءِ اي جي فلائيٽ ڪنهن وقت ويندي هئي جيڪا هن وقت بند آهي.
    تنهنڪري مون کي ٽرڪش ايئرلائن تي وڃڻو پيو. اول ته اڄ ڪلهه پاڪستانين کي ويزا ملڻ نه فقط مشڪل پر ناممڪن ٿي پيو آهي. منهنجي ويزا جو بندوبست به فيض کي ئي ڪرڻو پيو. مون کي ويزا وٺڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻو پيو، جتي آذربائيجان (جنهن کي اڪثر ماڻهو اظهر ڀائي جان) جو سفارت خانو آهي. جتي منهنجي پياري ۽ دلبر دوست تاجل بيوس جي انتهائي قابل ۽ ذهين فرزند سليم، جو ٻه راتيون مهمان ٿيڻو پيو. سليم تاجل جو لائق پٽ آهي. پريميئر پيٽروليم ۾ انجنيئر آهي ۽ هو منهنجو به جگري دوست آهي. اتفاق جي ڳالهه آهي جو منهنجي يارن جا پٽ به منهنجا يار هوندا آهن، جو شايد انهن سان منهنجو رويو وڏن کان وڌيڪ گهرو ۽ دوستاڻو هوندو آهي. سو ٻه راتيون سليم جون خدمتون به حاصل ڪيم ۽ ويزا جيڪو اڳيئي تيار تيار پيو هو، ورتم. ڪراچيءَ موٽي آيس ۽ نائين نومبر تي ترڪيءَ جي شهر استنبول روانو ٿيس. استنبول صبح جو ساڍي ستين پهتس، جتان رات جو ساڍي ڏهين وڳي ٻي فلائٽ رستي باڪو پهچڻو هوس. يعني استنبول ايئرپورٽ تي مون کي تقريبن پندرهن ڪلاڪ ترسڻو پيو. ايئرپورٽ تي هڪ وي آءِ پي لائونچ هئي. ملينيم لائونچ، جتي ويهه آمريڪي ڊالر ڏيئي ويهي رهيس. انهن ويهن ڊالرن ۾ هر قسم جون شيون چانهه، ڪافي، پيئڻ جون ٻيون شيون ۽ کاڌا مفت هيا ۽ ويهڻ ۽ سمهڻ لاءِ وڏا آرامده صوفا سيٽ رکيل هئا. سو پندرهن ڪلاڪ کائڻ ۽ سمهڻ ۾ گذري ويا.
    تنهن کان سواءِ طرح طرح جا ماڻهو به پي مليا، سو وقت گذرڻ جو ڪو خاص احساس ڪونه ٿيو. آخر باڪو جي فلائيٽ ۾ چڙهي ڏهين نومبر جي صبوح جو ٽين وڳي وڃي باقو پهتس جتي منهنجي آجيان لاءِ His Excellency فيض، سندس گهر واري حسنه، سندس نياڻي انيتا ۽ سندس پٽ طارق ايئرپورٽ تي موجود هئا. ايئرپورٽ تي مون کي وي آءِ پي لائونچ ۾ ويهاريو ويو. سبز چانهه سان خاطر تواضح ٿي ۽ پروٽوڪول آفيسر پاڻهي منهنجو بيگيج کڻي آيو ۽ ايمبيسي جي گاڏيءَ ۾ وڃي گهر پهتاسين. فيض ۽ سندس فيمليءَ سان ملڻ کان پوءِ سفر جي ٿڪ جو ڪو احساس ڪونه ٿيو ۽ صبوح تائين ڪچهريون ۽ چانهيون جاري رهيون.
    آذربائيجان اڳوڻي روس جو حصو رهيو آهي. جيڪو هينئر آزاد مسلم ملڪ آهي. ادب ۾ تنهن وقت جي ٻين نوجوانن وانگر منهنجو به روسي ادب سان واسطو رهيو. ميڪسم گورڪي، ٽالستاءِ، چيخوف، پشڪن، دوستوفسڪي، حمزو رسول، شولو ڪوف، پاسٽرنڪ، ڪارل مارڪس ۽ ٻين جا ڪتاب اڳ ئي پڙهيل هئا. تنهنڪري روس جي ماڳن مڪانن ڪلچر جو ذهن ۾ اڳيئي خاڪو هيو، پر مون هن وقت تائين روس جو ڪوبه شهر نه گهميو هو. هن ڪالم ۾ مان هروڀرو پڙهندڙن تي رعب (Impress) وجهڻ نه ٿو چاهيان پر اهو ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ته آمريڪا، لنڊن،فرانس، جاپان، ترڪي، ملائيشيا، ٿائلينڊ، ڪيناڊا، سئيٽزرلينڊ،آسٽريليا، مالديپ، سريلنڪا وغيره جهڙا ملڪ منهنجا گهميل آهن، جن مان ڪجهه ملڪ منهنجا ڪئي ڀيرو ڏٺل آهن. پر روس، جيڪو اسان جو ننڍپڻ جو عشق آهي، اتي ڪڏهن به وڃڻ نه ٿيو هيو، تنهنڪري آذربائيجان وڃڻ جو تجربو ڏاڍو خوشگوار رهيو. سو به اهڙيءَ طرح جتي پنهنجو ڀاءُ ۽ جگري دوست سفير هجي.
    آذربائيجان جو نالو ٻڌي مون کي ڀٽائي ۽ مولانا رومي جا بيت ياد ايندا آهن. پهريان ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌو:
    ان پر نه ايمان جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
    دغا تنهن جي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
    منهن ۾ مسلمان، اندر “ آذر” آهين.
    هتي آذر جو مقصد بت تراش آهي، هينئر مولانا رومي جو شعر ٻڌو:
    ڪعبه بنگائي- خليل “آذر” است
    دل گذرگاهه جليل اڪبر است.
    (ڪعبو خليل آذر جو ٺهيل آهي. پر دل الله تعاليٰ، جليل اڪبر جو گهر يا گذرگاهه آهي)
    هتي به آذر جو مطلب بت تراش ئي آهي. پر آذربائيجان جي لفظ ۾ آذر جو مطلب بت تراش وارو نه آهي. هتي “زر” جو مطلب باهه آهي، جنهن جا پوڄاري زرتشت سڏبا آهن جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Zoroaster) چوندا آهن. آذر بائيجان جو مطلب ٿيو مقدس باهه وارو ملڪ (Land of Sacred Fire) فرق فقط ذ ۽ ز جي اکرن جو آهي. اهو نالو انهيءَ ملڪ تي ائين پيو جو اتي پهاڙن ۾ ڪي گيسون نڪرنديون آهن جن کي باهه وڪوڙي ويندي آهي ۽ اها باهه پئي ٻرندي آهي. جنهن سبب جڳن کان ان جو نالو مقدس باهه جي سرزمين يا آذربائيجان پئجي ويو. اهو ملڪ حورن جو ملڪ يا ڪوهه قاف به سڏبو آهي. ٻئي هفتي جيڪڏهن ڪو ٻيو موضوع نه مليو ته توهان سان حورن جا احوال به ڪبا.

    روزانه عوامي آواز ڪراچي- 28 نومبر 2001ع


    • آذربائيجان جو سفر II

    مان هنن ڪالمن ۾ اڳيئي لکي چڪو آهيان ته منهنجو ڀاءُ فيض، آذربائيجان ۾ پاڪستان جو سفير آهي. هو هن وقت آذربائيجان جي گاديءَ واري هنڌ پنهنجي ڪٽنب سان رهي ٿو. فيض ۽ مان گڏ کيڏيا آهيون، گڏ پڙهيا آهيون، هو مون کان هڪ درجو هيٺ هوندو هو. ڳوٺ جمعي کوسي جي ننڍڙي پرائمري اسڪول ۾ جتي ڊي پي آءِ اُٺ تي چڙهي ايندو هو ۽ امتحان وٺي ويندو هو. پوءِ احمد پور جي مڊل اسڪول ۾ ، پوءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾، ڪرنل شاهه هاسٽل ۾، اسلاميه ڪاليج سکر ۾، سنڌ يونيورسٽي، مطلب ته فيض جيئن ته مون کان هڪ درجو هيٺ هوندو هو ته هي منهنجي ڪڍ ڪڍ هوندو هو. هڪ فائدو اهو ٿيندو هو ته کيس ڪتاب خريدڻا نه پوندا هئا ۽ منهنجا پڙهيل ۽ پراڻا ڪتاب کيس ڪم اچي ويندا هئا. پوءِ مان ڳوٺ ۾ ڪٿي ماستر ٿي ويس ۽ فيض ڪراچيءَ هليو آيو. جتي ادا عنايت بلوچ اڳ ئي رهندو هو ۽ پاڪستان ڪسٽمز ۾ ايگزمينگ آفيسر هو. فيض ادا عنايت سان گڏ اچي رهيو جتان کيس پهرين نوڪري سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ ملي. پروگريس آفيسر ٿيو. بعد ۾ شايد 1972ع ۾ شپ يارڊ ۾ آفيسر مقرر ٿيس. فيض بعد ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ آفيسر مقرر ٿيو. هو چين رهيو، جتي کيس هڪ نياڻي ڄائي انيتا، جيڪا هينئر سينٽ ميري يونيورسٽي، سين انٽونيو، آمريڪا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي. سين انٽونيو هڪ تفريحي ماڳ آهي، جتي نديءَ جو سير / رور واڪ مشهور جڳهه آهي. هوسٽن کان اڍائي- ٽي ڪلاڪ جي ڊرائيو ٿيندي. هوسٽن ۾ منهنجا ٻه پٽ، ممتاز ۽ فاروق رهندا آهن. ڳالهه ڪجهه ڊگهي ٿي ويئي. هڪ ڳالهه بهرحال رڪارڊ تي رهڻ گهرجي ته مان ۽ فيض اڄ جتي به آهيون ان ۾ ادا عنايت بلوچ جو وڏو هٿ آهي. ادا عنايت بلوچ جي تربيت ۽ سهارو نه هجي ها ته شايد اڄ مان ۽ فيض جتي آهيون اتي نه هجون ها. سو موٽي ٿا اچون آذربائيجان باڪو جي سفر ڏانهن.
    جيئن ته اڄڪلهه اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي موڪلن جا ڏينهن آهن. انيتا سينيٽ ميري يونيورسٽي کان موڪلن سبب موٽي باڪو پهتي آهي ۽ سندس منهنجي ٻارن سان بيحد دوستي آهي. فيض جو پٽ طارق جيڪو باڪو ۾ پڙهي ٿو سو پڻ منهنجو وڏو فين آهي. ۽ منهنجي ٻارن سان سندس به وڏي دوستي آهي. سو صبح شام فون تي، اي ميل تي، چيٽنگ تي بس اها ڌم لڳي پيئي هجي ته ڪڏهن ٿا پهچو باڪو. فيض جي گارين جو ڌوڙيو لڳو پيو هوندو آهي. اڙي جلدي پهچ.
    فيض جي پوسٽنگ جي سهاري مون ۽ منهنجي گهر وارن ۽ ٻارن گهڻا ئي ملڪ گهميا آهن منهنجي جهاز جي ٽڪيٽ مفت ۽ رهڻ به مفت جو ملي. کاڌا پيتا گهمڻ ڦرڻ مفت. ويتر تحفا تحائف به ملن ته پوءِ چڪر ڇو نه ڏجي. سو فيض جتي جتي رهيو آهي اسان اتي اتي ضرور پهتا آهيون. ڪيناڊا، ٽوڪيو، ايران، بحرين ۽ هاڻي باڪو. خير سائين جيڪو منهنجو ڀاءُ به آهي ته يار به. جنهن سان منهنجو گارگند جو رستو به آهي. تنهن کي هتي “هز ايڪسيلنسي” ڪوٺي پٺيان هلڪي گار ڏيندو آهيانس. هو ڏاڍو انجواءِ ڪندو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ ڪم ڪندڙن آفيسرن کي گهر وڏا ملندا آهن- اصل محلات ! اسان جو سمورو ڪٽنب رهي پئي تڏهن به اڃان ڪمرا بچيا پيا هوندا آهن. باڪو جو پنڌ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪراچيءَ کان ڪابه ايئرلائن سڌي باڪو نه ويندي آهي. سو يا ته ترڪيءَ جي شهر استنبول رستي وڃو، پر ترڪش ايئرلائن وارا ڏاڍا پيسا وٺن ٿا. ٻيو طريقو اهو آهي ته دبئي تائين پنهنجي قومي ايئر لائن ۾ اچو ۽ اتان آذربائيجان جي ايئرلائن وٺي باڪو پهچو. پر ڇو ته آذربائيجان ايئرلائن جي ڪابه آفيس پاڪستان ۾ ناهي، تنهن ڪري اهو به ممڪن نه هو. ٽيون رستو اهو هو ته دبئي پي آءِ اي تي پهچو، اتان ايران ايئرلائن تي تهران وڃو. وري به ايران ايئرلائن تي تهران کان باڪو پهچو.
    مان الطاف شيخ وانگر ڪو باقائدي سفرنامي لکڻ جي موڊ ۾ ناهيان، پر هيءَ پٽاڙ ان ڪري به ڪريان پيو ته متان پڙهندڙن مان ڪنهن جي ٿوري رهنمائي ٿي پوي. سفر ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ فن آهي. ان لاءِ اڳواٽ معلومات رکڻ ڏاڍي ضروري آهي نه ته ماڻهو پرڏيهه ۾ ڏاڍي تڪليف ۾ اچي وڃي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ تڪليف پهچي ته همدردي ڪرڻ لاءِ سوين ماڻهو پهچي ويندا، پر پرڏيهه ۾ ته ڪو پڇڻ وارو نه هوندو آهي. ان ڪري سفر شروع ڪرڻ کان اڳ سفر جي معلومات رکڻ ضروري آهي. مثال دبئي لاءِ اسان کي ويزو ناهي، پر جيڪڏهن سفر جي آخري منزل جو ويزو آهي ۽ اڳتي ويندڙ ايئر لائن جي ٽڪيٽ ڪنفرم آهي ته پوءِ چوويهن ڪلاڪن تائين دبئي جي ويزي جي ضرورت ناهي ۽ توهان ايئرپورٽ جي حدن اندر گذاري سگهو ٿا. اهڙيءَ طرح اسان کي تهران کان ٿي باڪو پهچڻو هو. اسان وٽ ايران جو ويزو به نه هو پر جيڪڏهن ايران کان اڳتي ويندڙ ٻئي ملڪ جي ويزا آهي ۽ ان ملڪ لاءِ ايئرلائن جي ٽڪيٽ ڪنفرم آهي ته پوءِ ايران ۾ به ٻارهن ڪلاڪن تائين بغير ويزا جي گذاري سگهجي ٿو. اهڙيءَ اسان بغير ويزا جي دبئي لتاڙيندا، ايران لتاڙيندا اڃان به سفر جي هڪ ٻي اٽڪل توهان کي ٻڌايان، جيڪا به گهڻن ماڻهن کي خبر ڪانهي پوءِ سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو. اهو آهي سامان – سفر تي هلڻ کان اڳ فيض ۽ حسنه (سندس گهر واري يا شريڪ حيات) جي ڌم هئي ته انب آڻجو. ڪريلا ۽ ڀينڊيون به وٺيون اچجو. ساوا مرچ ۽ ليمان، ڌاڻا ۽ ڦودنو آڻجو. هاڻي سائين اهي ٽپڙ ساڻ کڻي هلڻ تي ايئر لائن ۽ ڪسٽمس رولز ۾ بندش پيل آهي. يارهين سيپٽمبر وارن واقعن ۽ سارس واري بيماريءَ کان پوءِ سيڪيورٽي جا انتظام ڏاڍا سخت ٿي پيا آهن.
    سو سائين اول ته شيون کڻجن ڪيئن. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن نموني کڻجن به ته ايڏو وزن ڪيئن کڻجي. هر ايئرپورٽ تي سامان آخر ۾ ملندو آهي. جڏهن توهان ايميگريشن کان گذري ايندا آهيو. سو اسان وٽ ته دبئي ۽ ايران جو ويزو ئي ڪونهي سو سامان هڪ ايئرلائين کان وٺي ٻي ايئرلائين تي ڪيئن چاڙهجي جو سامان حاصل ڪرڻ کان اڳ اميگريشن مان گذرڻو پوندو آهي.
    هاڻي مرحليوار اهي احوال ٻڌو- انبن، ڀينڊين ۽ ڪريلن وغيره کڻڻ تي پابندي آهي. پر کڻڻا به ضروري آهن. دبئي- ايران جو ويزو به ناهي پر ان لاءِ جڳاڙ ته ڪرڻو آهي. سو ٻئي ڪم ڪيم، پنهنجي هارڊ ٽاپ واري هڪ بيگ ڪڍيم، پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهي ۾ انب، ڀينڊيون ۽ ڪريلا ڀريم. اهڙيءَ طرح ڪسٽمز ۽ ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس کان ڪنهن نه ڪنهن طرح جان ڇڏايم. هاڻي سائين ٽي وزندار بيگون- تن جو ڇاڪجي. ڪائونٽر تي ويٺل اسٽاف کي چيم ته هن سامان تي دبئي، تهران ۽ باڪو جو ٽيگ هڻن. هي سامان مان باڪو ۾ وصول ڪندس. ڊيوٽيءَ تي موجود اسٽاف کي ان ڪم جي خبر به نه هئي. هو پنهنجي انچارج کي وٺي آيو. تنهن کي سمجهايم ته توهان کي اهڙا مسافر گهٽ ملندا هوندا پر اهو به طريقو آهي. خير سائين وڏي مشڪل سان کين سمجهايم ۽ هنن ڳالهه کي سمجهه ۾ اچي وئي. بيگيج تي دبئي، تهران ۽ باڪو جو ٽيگ لڳائي ڏنائون. اهڙيءَ طرح اٺين جون آچر ڏينهن پي آءِ اي جي فلائيٽ پي ڪي 213 تي رات جو ساڍين ڏهين چڙهي اچي اڌ رات جو دبئي پهتاسين. دبئيءَ ۾ اٺن ڪلاڪن کان پوءِ يعني ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍين اٺين وڳين ايران ايئر جي فلائٽ تي تهران لاءِ روانو ٿيڻو هو.
    مطلب ته سڄي رات دبئي ايئرپورٽ تي رات گذارڻي هئي. دبئيءَ جو نئون ايئرپورٽ ڏاڍو سهڻو آهي. شايد سموري دنيا ۾ سڀ کان خوبصورت ڊيوٽي فري شاپ دبئي ۾ آهي سو سائين وقت به ڪافي هو، يعني رات - سو نه فقط پورو ايئرپورٽ ۽ ڊيوٽي فري شاپ دل تي گهميوسين پر عمارت جي فني خوبين خرابين کي به جانچي ڏٺوسين.


    روزانه عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 17 جون 2003ع


    • آذربائيجان جو سفر III

    اڳئين ڪالم ۾ اسان اڃان دبئي ۾ ئي هئاسين. رات جو ڪجهه گهمياسون ڦرياسون. ڪڏهن ڪنهن ڪيفي ۾ ويهي چانهه پيتيسون. ايئرپورٽ ۾ ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ ڪجهه سرسُ هئي. مون کي ته فل سوٽ پهريل هو جو ڪجهه بچاءُ ٿيو. باقي منهنجي گهر وارن کي سيءَ اچي ورايو، اصل ڏڪيا ٿي. وٽن گرم ڪپڙا به نه هئا. ڇو ته ڪراچي جي گرمي جا تپايل هئاسين ۽ باڪو جي به پڇا ڪئيسين ته خبر پئي ته اتي به موسم خوشگوار آهي، تنهنڪري سفر لاءِ گرم ڪپڙا ڪونه کنيا هئاسين، پر اهو ڪونه سوچيو هئوسين ته رات دبئي ايئرپورٽ تي گذارڻي آهي. جتي ايئرڪنڊيشن جي ٿڌ ستائيندي. خير هڪ ريسٽ ايريا ۾ سمهي آرام ڪيوسين.
    هڪ ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويئي. اسان جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي لٿا هئاسون ته اندر ڊيوٽي فري شاپ علائقي تائين پهچڻ کان اڳ ٽرانسفر ڊيسڪ تي اسان کان پڇا ڪئي ويئي ته ڪيڏانهن ويندا؟ ٻڌايوسين ته باڪو وينداسين. پوءِ اسان جا باڪو جا ويزا چيڪ ڪيا ويا. تنهن کان پوءِ دبئي کان تهران تائين جون ڪنفرم ٽڪيٽون چيڪ ڪيون ويون. پوءِ اسان کي هڪ سلپ جاري ڪئي ويئي، جنهن تي لکيل هو ته صبوح جو ساڍي ڇهين وڳي ساڳي ڪائونٽر تي رپورٽ ڪريون. اهڙيءَ طرح رات جو آرام ڪري صبوح جو ساڍي ڇهين وڳي ساڳي ڪائونٽر تي رپورٽ ڪيم. حالانڪه اسان وٽ ايران ايئر جون ٽڪيٽون هيون، پر ڪائونٽر تي ايران ايئر جو عملو ڪونه هو. اتي ڊناٽا دبئي ايرپورٽ جي هڪ هينڊلنگ ايجنسي آهي، جيڪا مسافرن جي هينڊلنگ ڪندي آهي. ڪائونٽر واري اسٽاف تهران جا بورڊنگ ڪارڊ ڪڍي ڏنا. پڇا ڪيم ته منهنجو سامان ٽرانسفر ٿيو آهي. چيڪ ڪري ٻڌايو ويو ته ها سامان ٽرانسفر ٿي چڪو آهي. سفر ڪندڙن جي معلومات لاءِ ٻڌائي ڇڏيان ته سفر ۾ جيڪڏهن ٻه ٽي جهاز مٽائڻا آهن ۽ سامان آخري منزل تي حاصل ڪرڻو آهي ته جهاز مٽائڻ کان اڳ ۾ ايئرلائن جي عملي کان پڇي اها پڪ ضرور ڪجي ته توهان جو سامان هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ڏانهن منتقل ٿيو آهي يا نه؟ اهو نه سمجھجي ته ڪو سامان پاڻهي پيو منتقل ٿيندو رهندو. توڙي جو آهي ائين ئي ته سامان خود به خود منتقل ٿيندو رهندو آهي پر سفر جو اهو گُر توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته پاڻ لازمي پڇي پڪ ڪرڻ کپي ته توهان جو سامان هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين منتقل ٿيو يا نه؟ ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن سامان رهجي به ويندو آهي ۽ پوءِ وري ڪنهن ٻي فلائٽ ۾ موڪلي ڏيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سفر جو مزو ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهو ڊپ لڳو پيو هوندو آهي ته سامان ملندو الائي نه؟
    خير سائين چڙهي ويٺاسين ايران ايئرلائن تي. ٻن اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ خير سان ايران جي مهر آباد هوائي اڏي تي اچي لٿاسين. هن ايئرپورٽ تي مون سان جيڪا جُٺ ٿي سو به وڏو احوال آهي. دنيا جي هر ايئرپورٽ تي هڪ ٽرانسفر ڊيسڪ هوندي آهي، جن مسافرن کي پنهنجو سفر جاري رکڻو هوندو آهي ۽ هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ۾ سوار ٿيڻو هوندو آهي ۽ انهن جو سامان به هڪ جهاز کان ٻئي جهاز ۾ منتقل ٿيڻو هوندو آهي اهو سڄو ڪم ٽرانسفر ڊيسڪ تي ٿيندو آهي. مهرآباد ايئرپورٽ تي ٽرانسفر ڊيسڪ لاءِ ڏاڍو واجهايم پر ڪٿي به تختي يا ڪو بورڊ نظر ئي نه اچي. ايئرپورٽ تي ڪا چهل پهل يا رونڪ نظر نه هجي. سنسان لڳو پيو هجي. اچي ڦاٿس. عملي جي جنهن ماڻهوءَ سان ڳالهايان، اهو يا ته منهنجي ڳالهه ئي نه ٻڌي يا ٻڌي ته سمجهي ڪونه. مهرآباد ايئرپورٽ تي عملي جون ڇوڪريون به گهڻيئي پيون گهميون، منهن کليل باقي جسم تي ڪاري برقعي نما ڪپڙا تن تي اوڍيل هئا. ٻن ڇوڪرين کي بيهاري ڇڏيم. کين ٻڌايم ته ٽن ڪلاڪن کان پوءِ مون کي ايران ايئر تي باڪو وڃڻو آهي، تنهن مون لاءِ کي تهران کان باڪو جا بورڊنگ ڪارڊ کپن، سامان به منتقل ٿيڻو آهي، ڪاڏي وڃان. ڪنهن کان پڇان هت ته ڪوبه ٽرانسفر ڪائونٽر يا ڊيسڪ ڪانهي. ڇوڪريون به اچي منجهيون ۽ ڦاٿيون. مان انهن جو اڳ جهلي بيهي رهيس ۽ سندن جان نه پئي ڇڏيم. ايتري ۾ يونيفارم ۾ هڪ ڇوڪرو لنگهيو. ٻنهي ڇوڪرين رڙ ڪري ان کي روڪيو. تنهن کي احوال ٻڌايم. هن چيو ته ٽڪٽون ۽ پاسپورٽ منهنجي حوالي ڪري ڇڏ. اهڙيءَ طرح هو منهنجون ٽڪٽون ۽ پاسپورٽ کڻي هليو ويو. هاڻي اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. اڌ ڪلاڪ گذريو. ڪلاڪ گذريو. ڏيڍ ڪلاڪ گذريو. اسان حيران ۽ پريشان. اسان جي ڀرسان ٻه چينا ويٺا هئا، انهن مون کان پڇيو ته پريشان ڇو ٿو نظر اچين؟ مون چيو يار هڪ همراهه پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون کڻي غائب ٿي ويو آهي تنهن کي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي چينا کلي پيا. هُنن ٻُڌايو ته اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪٽون به کڻي ويا آهن. اهي چينا سنگاپور کان آيل هئا، جتي چانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي. سنگاپور ۾ مان چار سال کن پوسٽنگ ڪري آيو آهيان مون کي خبر آهي ته ان ايئرپورٽ کي هر سال پهريون انعام ملندو هو. انعام فقط سهڻي بلڊنگ کي نه ملندو آهي. انعام ملڻ لاءِ جيڪي شيون ڏٺيون وينديون آهن، سي آهن ته مسافرن کي ڪهڙيون سهولتون ملن ٿيون. سامان ڪيترو تڪڙو ملي ٿو. اميگريشن جون ڪاروايون ڪيترو جلد ٿين ٿيون. مطلب ته سڄو زور هوندو آهي مسافرن جي سهولت ۽ آرام تي. سينگاپور جي سڄي ڪمائي سير ۽ سياحت تي ٻڌل آهي. ان ملڪ وٽ پاڻي ۽ سبزيون، ڀاڄيون ۽ گوشت به ٻاهران اچي ٿو. پر هن وقت ان ملڪ جو هڪ وقار آهي. جنهن وٽ سنگاپور جو پاسپورٽ آهي، تنهن کي تقريبن سڄي دنيا ۾ ويزي جي ضرورت نه هوندي آهي. سو ڳالهه پئي ڪيم ته چينين به چيو ته يار اسان جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون به ڪو کڻي ويو آهي، اڃان ڪونه موٽيو آهي. ايئرپورٽ تي ڪابه ٽرانسفر ڊيسڪ ڪانهي. توهان جي مسلمانن جا اهي حال آهن ته پوءِ ڪير ايندو هتي. ايئر پورٽ تي هڪ ڊيوٽي فري شاپ به هيو. چئو جو ڪو هڪ ماڻهو به ڊيوٽي فري شاپ تان خريداري ڪندو هجي. سنسان لڳو پيو هيو. ڪو هڪ به خريدار نظر نه پئي آيو. مون کي فيض احمد فيض جو هڪ شعر ذهن تي تري آيو:
    اپني ويران ڪواڙون ڪو مقفل ڪردو،
    اب يهان ڪوئي نهين، ڪوئي نهين آئي گا.!!
    باڪو جي فلائيٽ رواني ٿيڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ بچيو ته هڪ ورديءَ وارو اسان جي ويجهو آيو ۽ پڇيائين ته توهان هت ڇو ويٺا آهيو. اسان پنهنجي ماجرا ٻڌائي. هن چيو ته منهنجي ڪڍ اچو. چار اسان ۽ ٻه چينا هن جي ڪڍ لڳاسين. ٽرمينل هڪ تي وٺي ويو ۽ چيائين ته هتي ويهو، مان توهان جا پاسپورٽ، ٽڪيٽون ۽ بورڊنگ ڪارڊ کڻي ٿو اچان. نيٺ خدا خدا ڪري اسان جا پاسپورٽ، ٽڪيٽون ۽ بورڊنگ ڪارڊ کڻي آيو.کانئس پنهنجي سامان جي منتقلي بابت پڇيم. هن چيو ته سامان منتقل ٿي چڪو آهي. بهرحال چينين جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون اڃان کڻي نه آيو هو. جهاز جي بورڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. خير سان اسان جي ساهه ۾ ساهه آيو. اندازو ڪريو ته اهي ٽي ڪلاڪ ايڏي ته پريشاني ۽ غيريقيني صورتحال ۾ گذريا جنهن جي ڳالهه نه پڇو. اسان دبئي ايئرپورٽ تان به گذريا هئاسون، اتي هر ڪم آساني سان ٿيو. ايران جو به وڏو زور اسلام تي هوندو آهي ڇا اسلام اهو سيکاريو آهي ته مسافرن سان ايئرپورٽ تي اهڙيون جٺيون ڪجن جو انهن جو ساهه ئي پيٽ ۾ نه هجي. اسان غيرمسلم يا ڪافر سان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني چٽاڀيٽي ڪنداسيون. ڇا اسلام فقط نمازون پڙهڻ ۽ ڊگهيون ڏاڙهيون ڇڏڻ جو نالو آهي؟ هي جو چون ٿا ته اسلام مڪمل ضابطه حيات آهي ته ڇا ايئرپورٽن تي مسافرن جي سهولتن جو خيال نه رکڻ ان اسلامي ضابطه حيات جي زمري ۾ شامل ناهي؟ مسلمان قوم اڄ جنهن ذلت ۽ رسوائي جي دؤر مان گذري رهي آهي ان ۾ اسان جي ڪوتاهه نظر ملن جو وڏو هٿ آهي. جيڪي مذهبن جي نظرين کي سمجهن ئي ڪونه ٿا ۽ جيڪي دنوي معاملات جي پيچيدگين کي نه ٿا سمجهن. جيڪي معاشيات جي معاملن کي نٿا سمجهن. جيڪي هن دنيا کي ڪمتر سمجهن ٿا ۽ سندن سڄو زور حورن جي طرف آهي. حورون ته جڏهن ملن. الائي ملن به الائي ڪونه. انهن حورن جي آسري تي اسان پنهنجي سامهون هلندڙ ڦرندڙ حورن کي نظرانداز ڪري ويٺا آهيون. جيڪا قوم هن دنيا کي ڪمتر ۽ احقر سمجهي ٿي ۽ جنهن قوم جو سڄو زور اڳوتر سنوارڻ ۽ حورن کي حاصل ڪرڻ ۾ هجي. اهي قومون جيڪڏهن اڄ اسرائيل ۽ آمريڪا هٿان ذليل ۽ خوار آهن ته ڀائرو ان ۾ نه اسرائيل جو ڏوهه آهي نه وري آمريڪا جو ڏوهه آهي. ان ۾ اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي.آهي يا ناهي؟ اسان هڪ دعا گهرندا آهيون : رَبنَا آتنا في الدنيا حسنت و في الآخرت حسنت وَ قِنا عذاب النار. (اي منهنجا رب اسان کي دنيا ۾ به سهڻو رک ۽ آخرت ۾ به سهڻو رک ۽ دوزخ جي باهه کان بچائجانءَ.)
    ته هاڻ سنئون سڌو دعا ۾ آهي ته هن دنيا ۾ سهڻو رکجانءِ ته آخرت ۾ به سهڻو رکجانءِ. پر ملن مولوين دنيا ۾ پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي آهي. رڳو وار باقي خير.
    سو الله الله ڪري ٻن اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اچي باڪو جي هوائي اڏي تي پهتاسين. جتي هڪ وي آئي پي ڪوچ اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. اسان کي وي آئي پي لائونچ ۾ پهچايو ويو جتي فيض، حسنه، انيتا ۽ طارق اسان جي آجيان لاءِ موجود هئا. پوءِ وڏا ڀاڪر ۽ وڏا آجياڻا ٿيا. خاص طور تي منهنجي ٻارن ۽ فيض جي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.

    روزانه عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 24 جون 2003ع


    • آذربائيجان جو سفر (آخري قسط)

    باڪو جي بينا ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ اتان جو مخصوص قهوو (چانهه) پيتيسين اسان جا پاسپورٽ ۽ بيگيج جا ڪاغذ سفارت خاني جو پروٽڪول وارو آفيسر کڻي ويو. اسان بنا اميگريشن ڪرائڻ جي وي آءِ پي لائونچ مان نڪتاسين ۽ وڃي گاڏين ۾ ويٺاسين. اهڙيءَ طرح خيرن سان ڊگهو ۽ ڏکيو سکيو سفر طئي ڪري اچي گهر پهتاسين ۽ شڪر ڪيوسين.
    جيڪڏهن ڪراچيءَ کان باڪو فلائيٽ سڌي هجي ته شايد چار ساڍا چار ڪلاڪ جو هوائي سفر آهي جنهن کي طئي ڪرڻ ۾ اسان کي تقريبن ويهه ڪلاڪ لڳا. فيض جي گهر پهچي سفر جي ٿڪ جو احساس ئي ويندو رهيو ۽ ڪچهريون شروع ٿي ويون.
    باڪو ۾ هن ڀيري گهڻو ئي گهمياسون ڦرياسون. فيض ته سفارتخاني هليو ويندو هو. ڊرائيور ۽ گاڏي اسان جي حوالي هوندا هئا. عورتن کي بازارن گهمڻ ۽ شاپنگ ڪرڻ جي اڻ کٽ شوق هوندو آهي سو مان به هنن سان گڏ، شاپنگ پوري ساري ۽ گِهل گهڻي، مان ته بازار ۾ بيزار ٿي پيس، پوءِ مان ڇا ڪندو هوس ته عورتن کي بازار ۾ ڇڏي، ڊرائيور کي چوندو هوس ته يار عورتن کي شاپنگ ڪرڻ ڏي، هو شاپنگ پوري ڪنديون ته موبائيل تي فون ڪنديون ته اسان کي کڻي وڃو. تيستائين تون هلي مون کي باڪو جا ڪي تاريخي هنڌ يا ماڳ مڪان ڏيکار يا ڪنهن چڱي جڳهه، سمنڊ جي ڪناري وغيره وٺي هل.
    شوڪت ڊرائيور اسلام آباد جو پنجابي آهي ۽ بيحد سريلو آهي. هن مون کي چڱو ئي گهمايو ۽ سير ڪرايو. باڪو جو وڏو سير ته سچ پچ اتان جو حسن آهي. اتان جون ڇوڪريون ته ڄڻ ڪوهه قاف جون حورون آهن. سهڻا ۽ سمارٽ لباس پهريل هرڻي جهڙين وڏين اکين واريون خوبصورت ڇوڪريون ڏسي في الحال جنت وارين حورن وارو پروگرام ته مون کي ڏٽو لڳو، منهنجي ذهن تي اردوءَ جو هڪ شعر تري آيو:

    هم ڪو معلوم هي حورون ڪي حقيقت ليڪن،
    حسن انسان سي نمٽ تو وهان تڪ ديکون!!

    عورتون خاص طرح ٻين جي خوبصورتيءَ جو داد نه ڏينديون آهن. ڇو ته انهن ۾ هڪ لڪل حسن هوندو آهي ته مڙسن جي سامهون ڌارين عورتن جي خوبصورتيءَ جو داد ڪيئن ڏجي. پر باڪو جون ڇوڪريون ايتريون ته حسين هيون جو فيض توڙي منهنجي گهرواري کان به لڪل حسن جا بند ٽوڙي داد جا فقرا بلندا ٿي ويندا هئا. تڏهن مان اندر ئي اندر ۾ خلقيندڙ جي تخليق کي داد ڏيندو هوس. مون کي ياد ڪونهي ته اڳين قسطن ۾ مون هي لطيفو لکيو هو الائي نه. جيڪڏهن لکيو هجيم ته ان جو دهرائڻ معاف ڪندا ۽ جيڪڏهن نه لکيو هئم ته پوءِ توهان کي مزو ايندو.
    منهنجو هڪ قريبي دوست آهي. امام دين پٺاڻ، دراصل هو مڙني اديبن جو دوست آهي منهنجو، فيض جو، شمشير جو، تاجل جو، تاج بلوچ جو علي بابا جو مطلب ته تقريبن سڀني اديبن جو دوست آهي ۽ سٺو مزيدار شخص آهي سو هڪ ڀيري طارق روڊ تي ڪا سهڻي ڇوڪري ڏسي آيو هو سو مون سان اچي ان جي بيحد تعريف ڪيائين. چوڻ لڳو هدايت ڇوڪري ڏسي آيو آهيان پر سائين واهه جو حسين هئي، اصل حور هئي حور. مون چيو پوءِ ته ڇا ڪيو. وراڻيائين، مان به ٻئي اکيون ٻوڙي ڪڍيون مانس، سو سائين، باڪو ۾ مان به ايترو ئي ڪري سگهيس ته سهڻين ڇوڪرين مان ٻئي اکيون ٻوڙي پئي ڪڍيم.
    باڪو ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ٿوري آهي پر سکي ستابي آهي. انهن کي جو خبر پئي ته سفير صاحب جو وڏو ڀاءُ آيل آهي سو هر شام جو ڪنهن نه ڪنهن فيملي جي گهر دعوت هجي. شام جو اهي رسمي دعوتون مون کي زهر لڳنديون آهن. پر آداب جو لحاظ ڪندي هر رات اهي دعوتون کائڻيون پونديون هيون. هڪ ٻه ڀيرا باڪو کان تمام پري ڪوهه مريءَ جهڙي ڪنهن خوبصورت واديءَ ۾ قريبي فيملين سان وڃڻ ٿيو ته اتي پڪنڪ ڪئي ۽ شيخ ڪباب چڪن تڪا وغيره ٽانڊن تي پچائي کارايا ويا، ٻارن ڏاڍو انجواءِ ڪيو.
    باڪو ۾ هڪ جڳهه بيحد انوکي ۽ نرالي ڏٺي سون. ان کي چون ٿا مٽيءَ جو وولڪينو. باڪو کان تقريبن سو ڪلوميٽر پري پهاڙن جو هڪ سلسلو آهي جنهن کي مڊواڪ به چون پيا ته وولڪينو به چون پيا. اتي پهاڙن جي چوٽيءَ تي جيئن ڪنڀر مٽيءَ جا ٿانون ٺاهڻ لاءِ چيڪي مٽي ٺاهيندا آهن اهڙي چيڪي مٽي اٻري ۽ کئولي پئي – مٽي ڦٿڪي پئي ۽ ان مان آواز ۽ هوا جا سوساٽ نڪرن پيا.
    پوءِ رکي رکي هڪ وڏو اوٻارو اچي ۽ مٽي آتش فشان وانگر مٿي اڏامي وڃي ۽ پوءِ وري اچي ڪري، ان ۾ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ان مٽيءَ ۾ هٿ جو وجهون ته برف وانگر ٿڌي هجي، چون پيا ته اها گيس آهي جيڪا مٽيءَ کي اڇلائي ٿي.
    حيرت جي ڳالهه آهي ته آذربائيجان ۾ بي انتها گهڻو پئٽرول ۽ گيس آهي پر اتي غربت ڏاڍي آهي. هاڻي سوچيو ته پئٽرول واري ملڪ ۾ غربت ڇو هجي. پر انهن وٽ شايد پئٽرول ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ڏانءُ ڪونهي، زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ ان اپائڻ جو به وٽن ڏانءُ ڪونهي. پر روس ٽٽڻ کان پوءِ سي آءِ ايس جون آزاد ٿيل مسلمان رياستون جن ۾ آذربائيجان به شامل آهي آهستي آهستي هاڻي ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهن.
    باڪو شهر کي پيرس، سينگاپور، ٽوڪيو يا اهڙن ٻين جديد شهرن سان ته نه ٿو ڀيٽائي سگهجي، پر مون کي يقين آهي ته ڪنهن به ليکڪ يا شاعر لاءِ اهو ڏاڍو دل لڀائيندڙ شهر آهي. ان ۾ روس جي زماني جون پٿر جون ٺهيل پراڻيون مضبوط ۽ رعبدار بلڊنگون به آهن ته هينئر واري دور جون جديد عمارتون به آهن. پراڻا ۽ ڀڳل روڊ رستا به آهن ته نوان ٺهيل ويڪرا ۽ خوبصورت روڊ به آهن. وٽن ڪيسپين سمنڊ به آهي ته ان تي اڏيل خوبصورت پارڪ ۽ باغ باغيچا، باڪو ۾ بي شمار پارڪ آهن. ٻن ويڪرن روڊن جي وچ ۾ ميلن ۾ پارڪ ٺهيل آهن جن ۾ خوبصورت وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا لڳل آهن جن ۾ بينچون ۽ ڪرسيون رکيل آهن جتي ننڍا وڏا ۽ نوجوان جوڙا ويٺا چانهيون يا بيئرپيئن.
    باڪو ۾ مسجدون به آهن جتي مون ٻن جمعن تي مشاهداتي نمازون به پڙهيون. مسجدون ڀريل ۽ ٻاهر تائين جماعت جي پکيڙ هجي جن ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي نوجوانن ۽ پوڙهن پئي عبادت ڪئي. پر اتي اسلامي بنياد پرستي بنهه ڪونهي تبليغ تي بندش آهي ۽ مذهبي جلسن جلوسن تي پڻ بندش آهي. خاموشيءَ سان عبادت ڪري نڪري وڃو. اسان جي ملڪ وانگر مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ نمازين تي گوليون نه هلنديون آهن. ڇو ته اسان تي اسلام جو وڏو بار پيل آهي جيڪو جڏهن سهي نه سگهندا آهيون ته روح جي راحت ۽ طبيعت بحاليءَ لاءِ عبادت ۾ مصروف ڪجهه نمازي ماريندا آهيون. آذربائيجان جا اسرائيل سان به سفارتي تعلقات آهن ۽ اهو هڪ سيڪيولر ملڪ آهي. مسجدون به آهن. مئخانا به آهن. ڪلبون به آهن جنهن جي دل جنهن طرف چئي اهو اوڏانهن وڃي.
    اڄ ڪلهه مان هڪ ڪتاب پڙهي رهيو آهيان جنهن ڪتاب کي باڪو جو علامتي يا ثقافتي ڪتاب چيو وڃي ٿو. سو هڪ ناول آهي، تنهن جو نالو آهي علي اينڊ نينو.
    قربان سعيد جو لکيل آهي يا شايد قربان سعيد فرضي نالو آهي اصل ۾ ڪنهن ٻئي جو لکيل آهي. علي باڪو جو مسلمان آهي ۽ نينو جارجيا جي ڪرسچن ڇوڪري آهي. ٻئي گڏ پڙهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي گهڻو چاهيندا آهن. پوءِ عالمي جنگ شروع ٿي ۽ هي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وڃن ٿا. اڃا پورو ڪتاب نه پڙهيو اٿم. پر جنهن کي آذربائيجان ۽ باڪو جي تاريخ ۽ جاگرافي ۽ ماڳن مڪانن رسمن رواجن ۾ ڪا به دلچسپي آهي ان لاءِ اهو ڪتاب پڙهڻ ڏاڍو ضروري آهي.
    اهو ڪتاب 1937ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڇپيو هو. مون ان ڪتاب جي تلاش شروع ڪئي ته مون کي باڪو جي ڪنهن به بڪ اسٽال تي نه ملي سگهيو. آخر فيض جي پٽ طارق جي اسڪول جي هڪ آمريڪين ٽيچر جي ذاتي لائبريري مان هٿ ڪيم. جنهن لاءِ طارق جي خاص مهرباني مڃان ٿو.
    باڪو ۽ آذربائيجان بابت دل چيو ته اڃا به ڪجهه لکان پر ڪهڙي خبر، متان دوست چون ته ڪالمن ۾ وري سفرناما ڪيئن لکبا آهن. تنهنڪري کڻي بس ٿو ڪريان.

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 8 جولاءِ 2003ع


    • تخليق جي رمزيت

    ڀڳوان ايس گدواڻي هڪ ناول انڊيا ۽ ڪيناڊا مان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو آهي (Return of Aryas) آرين جي موٽ. هن ڪتاب ۾ تاريخي ادب جي اپٽار ٿيل آهي. ڪتاب ۾ آرين جون ڪيئي ڪٿائون بيان ٿيل آهي. اصل هند، سنڌ جا رهاڪو آريا يورپ ڪيئن پهتا ۽ اتي جي تهذيبن تي هنن جي ڇاپ ڪيئن پئي ۽ آخر ۾ وري هو هند سنڌ ڪيئن موٽيا. هي اٺ هزار سال قبل مسيح جو قصو آهي. ڪتاب ٻڌائي ٿو ته اٺ هزار قبل مسيح ۾ تهذيب سنڌوءَ ڪناري ڪيئن جنم ورتو ۽ پنج هزار قبل مسيح آريا ڪهڙي ريت ايران، روس فنلينڊ، يونان، اٽلي ۽ جرمني وغيره ۾ ڪيئن وڃي ديرا دمايا. هن وقت هندستان ۽ پاڪستان ۾ عورتن سان ٿيندڙ ٻه اکيائي ۽ ظلمن جا قصا ڪهاڻيون ڏسي ۽ ٻڌي جسم مان سيسڙاٽيون نڪري وينديون آهن ۽ ذهنن تي خوف طاري ٿي ويندا آهن. ٿورو اندازو ڪريو جيئن جيئن انسان ڪمپيوٽر ۽ خلائي دؤر (Space Age) ۾ ۽ دنياوي ترقي ۾ ڪمالات حاصل ڪري رهيو آهي تيئن تيئن عورت جي حوالي سان، عورت جي تعظيم ۽ عزت احترام جي حوالي سان سندس ذهن جيئن پوءِ تيئن ڪُند ۽ ڪدورت وارو ٿيندو ٿو وڃي.
    دنيا ايڪيهين صدي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ اسان سنڌ ۾ خاص طور عورتن کي “ڪاري” ڪري قتل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اڄ کان اٺ هزار سال قبل مسيح ۾ به ائين ڪو نه هو. عورت ڪڏهن مرد جي برابر ته ڪڏهن مرد کان مقدس ۽ مٿاهين سمجهي ويندي هئي. شاعري کان فلاسافي تائين آرٽ توڙي شهري حڪومتي معاملن ۾ عورت مرد سان برابر جي شريڪ هئي. ڪتاب لکي ٿو ته تنهن وقت عورت ڪوٽا جي بنياد تي نه پر اهليت جي بنياد تي مرد سان برابري ڪندي هئي. ڪتاب ۾ ان وقت يعني اٺ هزار قبل مسيح کان پنج هزار قبل مسيح جي وقت جي مشهور عورتن جا نالا حوالي طور لکيا آهن جن ۾ “ديوي ليلاما” جو نالو آهي، جيڪا 5333 قبل مسيح ۾ سنڌيءَ جي سرپرست هئي.
    ڪتاب ۾ هڪ ٻي عورت جو نالو به شامل آهي، جيڪا پنج هزار قبل مسيح ۾ سنڌ ۽ هند جي مشهور فزيشن ۽ سرجن يا ڀٽائي جي ٻولي ۾ چئجي ته “تن طبيب” هئي ۽ “واڍوڙي” (سرجن) هئي، تنهن جو نالو هو “هنا وانتري” ڪتاب ۾ لکيل آهي ته اها به عورت ئي هئي، جنهن جو نالو ليلاوتي هو، جنهن انگي حساب (Arithmetic) جو بنياد وڌو ۽ بعد جي صدين ۾ سندس ئي رائج ڪيل اعشاري نظام (Decimal System) اڳتي وڌيو. تنهن وقت جي آريائي فوج ۾ به عورتن جي شموليت جو ذڪر ملي ٿو.
    تنهن زماني ۾ اهو بحث به هلندڙ هو ته خدا مرد آهي يا عورت. پر تڏهن مذهبي ڏڻن تي جيڪي ڀڄن ڳائبا هئا انهن مان هڪ جو آزاد ترجمو ڪري توهان جي دلچسپي لاءِ ٻڌايان ٿو.
    “هوءَ جيڪا عظيم ترين آهي
    اچو ته تنهن جي شان مان ۽ شوڪت تي سوچيون
    هوءَ جيڪا اڪيلي آهي
    جنهن جو ڪو ثاني شريڪ ڪونهي
    ۽ هوءَ اسان جي دلين تي راڄ ڪري ٿي
    نه فقط اسان جي دلين تي راڄ ڪري ٿي
    بلڪ اسان جي لفظن، سوچن ۽ عملن تي به سندس دخل آهي
    هوءَ جنهنجو ڪو انت ڪونهي ڪو.
    هوءَ نه جنهن جي شروعات آهي ۽ نه جنهن جي پڄاڻي آهي.
    هوءَ جيڪا زمان ۽ مڪان کان مٿاهين آهي
    هوءَ جيڪا ڪائنات جي وجود جو سبب آهي
    هوءَ جيڪا هر اوسر ۽ وجود جو ٻج آهي
    هوءَ جيڪا “هست” ۽ “بود” ۽ وجود آهي
    ۽ هوءَ جيڪا “پاڻ جو اهڃاڻ” آهي
    ۽ هوءَ دلين جي اندر ۾ سرجندڙ سوچ کي به سمجهڻ جي سگهه رکي ٿي.
    اسان جا سجدا سجود، اسان جو وجد وجود
    اسان جي “هست ۽ بود” اسان جي عبادت
    اسان جي رياضت سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي.
    ان لاءِ ته جيئن هوءَ هميشه هميشه لاءِ اسان لاءِ ڇپر ۽ ڇٽ رهي.”
    هن دعا يا ڀڄن ۾ خدا کي “هوءَ” يا عورت ڪري سڏيو ويو آهي. پوءِ اها عورت ڇو ته “خدا” آهي ان ڪري خدا جا روپ جدا جدا ٿي سگهن ٿا خدا هروڀرو هر وقت عورت جي روپ ۾ نه ٿو رهي. “هوءَ” ڪائناتي رمز آهي خود خالق آهي. خود مخلوق آهي.
    هوءَ عورت به آهي ته مرد به آهي هوءَ معصوم به آهي، جوان به آهي عمر رسيده به آهي، اڪيچار هن جا روپ آهن.
    هوءَ ڪائنات آهي ۽ ڪائنات ۾ جو ڪجهه به آهي “هوءَ” آهي.
    عجيب لڳي ٿو ته جڏهن اٺ هزار سال قبل مسيح جو اهو ڀڄن پڙهون ٿا يا چوڏهن سؤ سال اڳ نازل ٿيل قرآن شريف جي صورت فاتحه پڙهجي ٿي يا جڏهن پوڻا ٽي سو سال اڳ جي ڀٽائي کي پڙهجي ٿو ته ڳالهه مڙئي ساڳي ٿي لڳي.
    ڀٽائي کي ٻڌو:
    سو هي سو هو سو اجل سو الله
    سو پرين. سو پساهه سو ويري سو واهرو

    پاڻهين جل جلالهو، پاڻهين جان جمال
    پاڻهين صورت پرين جي، پاڻهين حسن ڪمال
    پاڻهين پير مريد ٿئي، پاڻهين پاڻ خيال
    سو سڀوئي حال منجهائي معلوم ٿئي

    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب
    پاڻهين خلقيو خوب، پاڻهين طالب تن جو.

    ڀٽائي کان وري موٽي ٿا اچون اٺ هزار سال قبل مسيح جي هڪ ڀڄن طرف جنهن ۾ خالق جي روپ بيان ڪرڻ جي مشڪلات طرف اشارو آهي.
    “مان خيال سان، سوچ سان يا زبان سان ڪيئن سمجهائي سگهان، جنهن حقيقت جو مون وٽ ادراڪ ئي ناهي ڀلا ڪير ڄاڻي ڪير سمجهي ڪنهن کي ڪل، ڪنهن وقت ڪنهن گهڙي ڪنهن پل هو الهامي انداز ۾ ۽ آهستي اچي نڪري ۽ من اندر واسو ڪري ويهي رهي. ايئن آهستي بنا شور بنا کڙڪي اچي اسان جي اندر ۾ آستانو ڪري اهو جيڪو هن جي اصلي آستانو آهي يعني دل، تو وٽ ئي تنهنجي اندر ۾ ٻيو ڪٿي، پوءِ توهان ۽ هو هڪ ٿي ويندؤ حق موجود.”
    هاڻي ڏيو منهن.

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 1 جولاءِ 2002ع


    • ڪراچي: هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ

    دنيا جيئن ترقي ۽ جديديت ڏانهن وکون وڌائي رهي آهي. منهنجو ملڪ تيئن رجعت پسندي ڏانهن راغب آهي. اسلام منهنجو به مذهب آهي ۽ پاڪستان منهنجو به ملڪ آهي، پر ملن مولوين ۽ ڪجهه مخصوص ڌڙن مذهب ۽ ملڪ کي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيو آهي ۽ اسان جهڙن آزاد منش انسانن کي ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجو ئي مثال ڏيان ته ٽيهه سال اڳ هي شهر ڪراچي جو ڏاڍو پنهنجو ۽ پيارو لڳندو هو. اڄ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ هي شهر اوپرو ۽ خوفتائتو بڻجي ويو آهي. هن شهر ۾ اسان جي سانڀر ۾ ئي ڄڻ ته هڪ سيڪيولر سسٽم هلندڙ هو. پارسي، ڪرستان پنهنجي مرضيءَ مطابق آزاد ۽ بنا ڀو زندگي گذاريندا هئا، جن جو هينئر جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي.
    پارسي ته ڄڻ کٽي ويا آهن جو ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ نظر ئي نه ايندا آهن. ڪرستان به ڄڻ گهرن ۾ بند ٿي چڪا آهن. انهن جي منهن تان مرڪون اڏري چڪيون آهن. “هندو” به مڙئي گذارو ڪري رهيا آهن. پر غير مسلمانن جو ته ذڪر ئي ڇاهي مون جهڙا آزاد خيال ۽ لبرل سوچ رکندڙ مسلمان عذاب ۾ آهن.
    منهنجي ملڪ ۾ هلندڙ وايو منڊل ڏاڙهي ڪوڙڻ (Clean Shave)۽ ڏاڙهي وارن ۾ اڻ لکو ۽ لکيو تصادم هلندڙ آهي. توڙي جو هي ملڪ ڏاڙهي ڪوڙين ٺاهيو (قائد اعظم) ۽ ڏاڙهي ڪوڙين هن ملڪ نيوڪليئر پاور (ذوالفقار علي ڀٽي) بڻايو. پر پوءِ الائي ڪيئن ۽ ڪڏهن ڏاڙهي ڪوڙيا دوزخي ۽ ملڪ دشمن بڻجي پيا ۽ جن قائد اعظم کي “ڪافر اعظم” جا خطاب ڏنا ۽ جن پاڪستان کي “احمقن جي جنت” سڏيو هو سي اوچتو پاڪستان جا وارث بڻجي ويٺا. يعني ملڪ ٺهڻ جا انڪاري، وارث ٿي ويا ۽ اسين اوپرا ٿي ٿي پياسين.”

    جب چمن ڪو لهُو ڪي ضرورت پڙي،
    سب سي پهلي هي گردن هماري ڪٽي،
    ڦر ڀي هم سي يه ڪهتي هين اهل چمن،
    يه چمن هي همارا، تمهارا نهين.


    اڄ ڪراچي شهر کي ڏسون ٿا ته امداد حسيني جي هيءَ سٽ ذهن تي تري اچي ٿي ته هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ. . .!
    شيخ عزيز به هڪ آزاد منش شخص آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي اخبار “ڊان” ۾ ڪم ڪندڙ هي “زنده دل” شخص وڏو انسان پرست ۽ قوم پرست پئي رهيو آهي. هو لفظ جي اصل مقصد ۾ “ترقي پسند” آهي، ان ڪري ماضي ۾ ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ هن شهر هي رجعت پسند روين تي هن اڪثر قلم پئي کنيو آهي ۽ واهه جو نڀايو آهي. تازو ڊان ۾ سندس ليک ڇپيو آهي، “ڪراچي ماضيءَ جون ڪي يادگيريون” جنهن ۾ هن هڪ جاڳندڙ ۽ رنگين شهر جو نقشو چٽيو آهي. مون کي سندس اهو مضمون ڏاڍو وڻيو ۽ جن ڪراچي شهر جا اهي اوج ڏٺا تن کي يقيني طور اهو مضمون وڻندو. ڇا ته ڏينهن هئا. اسان پاڻ ڏٺا جڏهن ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلندي هئي ڪينٽ کان ڪياماڙيءَ تائين هلندڙ ريل جي گاڏين جهڙي ٽرام پنهنجو مخصوص “هارن” يا گهنٽي وڄائيندي پئي ويندي هئي. مخصوص اسٽاپن تي بيهندي هئي نه ته ماڻهو هلندي ئي پيا لهندا چڙهندا هئا. سئنيمائون هيون ۽ فلم ڏسندڙن جا ميڙاڪا ٽڪيٽن وٺندڙ شائقين ڪڏهن ڪڏهن ضابطي کان ٻاهر ٿيندڙ ماڻهن تي شيدين جو ڏنڊو پيو ڦرندو هو. مطلب ته ڏينهن جو محنت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ شام جو ۽ رات جو ذهن کي هلڪي ڪرڻ ۽ دک درد دور ڪرڻ جا ڪيترائي سامان هئا. سئنيمائون “بار” نائيٽ ڪلب، تمبولا هائوس ۽ ڇا ڇا نه. انهي زماني ۾ پوليس يا “قانون نافذ ڪندڙ ادارن” جي ڏاڍ مڙسي هئي ئي ڪا نه. مجال آهي جو “بار” مان منڌ پيڻ کان پوءِ پنهنجي موج مستي ۾ لڏندڙ لمندڙ ڪنهن به “مست موجي” کي ڪو پوليس وارو پڪڙي ۽ اڄ ... تصور ڪريو. پوليس وارا غريبن کي پاڻ انهن جي کيسي ۾ “چرس” وجهي انهن کي چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ پڪڙن ۽ پئسا وٺي انهن کي آزاد ڪن.
    موٽي اچون تنهن وقت جي ڪراچي ڏانهن هوٽل يا کاڌي پيتي جو جايون به جام هيون جتي اڌ راتي ويٺا کائيندا پيئندا هئا، انهن ۾ بندو خان جو “پراٺا ڪباب” مشهور هو جيڪو اڄ به آهي پر اهي “متارا” نه رهيا آهن. شايد انهن ئي زمانن ۾ اسان جي شاعرن تاج بلوچ ۽ امداد حسيني چيو هوندو:
    ڪافي هائوس ميڪدو يا ڪلب.
    ٻي طرف ڪو نه تاج کي ڳولي.
    (تاج بلوچ)
    هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون،
    چنڊ نڪري نه ٿو يا وسري نه ٿو.
    هل ته ڪنهن ميڪدي ۾ هلون،
    گهر هلي به ڇا ڪبو.
    (امداد حسيني)
    تڏهن ميڪده يا بار (Bar) نائٽ ڪلبس بيشمار هيون، گهڻيون نائٽ ڪلب صدر جي علائقي ۾ هيون تاج هوٽل ۾ اوسس Oasis نالي سان نائٽ ڪلب هئي، پيليس هوٽل ۾ لي گورمي “Le gourmet” هئي ۽ ان وقت جي سڀ کان وڏي هوٽل ميٽرو پول ۾ سامار جي نالي سان نائٽ ڪلب هوندي هئي. ڪوئينس روڊ تي “ڪيڊو” ۽ هڪ نائٽ ڪلب هوٽل ايڪسلشر ۾ هوندي هئي. امير ماڻهو نائٽ ڪلبن ۾ راتيون گذاريندا هئا، جتي ناچ گانا ۽ پيئڻ پيارڻ ٿيندو هو.
    ممڪن آهي منهنجو هي ڪالم پڙهي ڪي باشرع ماڻهو لاحول والله به پڙهندا هجن، پر اڄ جڏهن هن شهر ۾ چين آرام ۽ سڪون جهڙي ڪا شيءِ ئي نه رهي آهي تڏهن پراڻن زمانن جا قصا ڇيڙي ڪجهه طبيعت کي تازو ڪجي ته ڀلا ڪهڙو هرج آهي. بقول ڀٽائي:
    “تان جي ٿين سامهان پٺيرا سنهن،
    سنئون ورائي سپرين، منهنجي جي مانڏي ڪن،
    ته رڳو سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي.”

    بعد ۾ انهيءَ وقت جي فائيو اسٽار هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل ۾ “نسرين” ۽ چاندني نالن سان نائيٽ ڪلبون ۽ بار هئا تقريبن سڀني نائيٽ ڪلبن ۾ بيروت، ترڪي وغيره ۽ ٻين ملڪن جون رقاصائون اينديون هيون. جيڪي جسم جي موسيقي سان ڏسڻ وارن جا روح رچائينديون هيون. امپريئل هوٽل ۾ “ليڊو” ۽ فريئر روڊ تي روما شبانا نالن سان نائٽ ڪلبون هونديون هيون، جتي درمياني آمدني وارن ماڻهن جو اچڻ وڃڻ هو. پر رقاصائون اڪثر غير ملڪي هونديون هيون.
    شارع فيصل تي هارس شو ريسٽورنٽ ۾ به هڪ نائٽ ڪلب هئي. پر اتي وڃڻ وارن جو هڪ مخصوص انگ هو ۽ اها نائٽ ڪلب ايتري مشهور نه ٿي سگهي. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي شايد ڏهين فلور تي “پينٽ هائوس” جي نالي سان هڪ نائٽ ڪلب ڏاڍي مشهور ٿي انهن سڀني نائٽ ڪلبن ۾ اڪثر ڊانسنگ فلور به هوندا هيا، جتي پريمي جوڙا يا بالڪل اڻ واقف جوڙا به اٿي ڊانس ڪندا هئا. مزي جو مزو ورزش جي ورزش.
    ايئرپورٽ جي هڪ هوٽل ۾ ڪبانا جي نالي نائٽ ڪلب هئي، انهن نائٽ ڪلبن کان سواءِ لاتعداد “بار” هئا. جتي ٻين کانسواءِ شاعرن اديبن جو به جهرمٽ هوندو هو. مان ۽ تاجل بيوس پراڻا يار آهيون ۽ اڪثر بارن ۾ ويٺا هوندا هئاسون، جتي ڪڏهن ڪڏهن شمشير الحيدري، تاج بلوچ، امام دين پٺاڻ، يعقوب سمون وغيره به اسان سان گڏ هوندا هئا ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو جنرل ضياءُ “اسلام” کڻي پهتو، راتين جون رنگينيون ختم ٿي ويون ۽ ان جاءِ تي “هيروئن” اچي وئي يعني نچڻ واري “هيروئن” جي جاءِ تي مارڻ واري هيروئن اچي وئي ٻيو ڪلاشنڪوف آئي. انهي ڪلاشنڪوف ۽ انهيءَ هيروئن ڪهڙا رنگ لاتا آهن. سي سڀ اوهان جي سامهون آهن جنرل ضياءُ جيڪا پوک پوکي ويو سا ماشاءالله هينئر اوج تي آهي. بمن جا ڌماڪا اوجن تي آهن بي گناهه انسانن جو رستن تي مرڻ اوجن تي آهي. اوهان انصاف ڪريو ته هن ملڪ لاءِ خطري جي نشاني سيڪيولر ۽ آزاد منش انسان آهن يا اسلام جهڙي عظيم مذهب کي نه سمجهندڙ ۽ ذهنن تي تالا لڳل آهي ماڻهو جن هن ملڪ جون پاڙون ئي کوکليون ڪري ڇڏيون آهن ۽ جن جي ڪري هن ملڪ کي دهشتگرد ملڪ سڏيو پيو وڃي ۽ اسان آمريڪا جا غلام بڻيا پيا وڃون.

    عوامي آواز ڪراچي- 15 جولاءِ 2002ع


    • پيڙهه جو پٿر

    گذريل آچر ڏينهن، هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي آفيس جي پيڙهه واري پٿر رکڻ جي تقريب ٿي. پيڙهه جو پهريون پٿر (پڪي سر) اسان جي پنهنجي سدا بهار دانشور سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن رکيو ۽ باقي سرون ٻين ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن به رکيون. سڄي سنڌ مان ليکڪ، شاعر، اديب، صحافي ۽ سڄاڻ ان قومي ڪاڄ ۾ اچي ڪٺا ٿيا هيا. سنڌي ادبي سنگت جي آفيس لاءِ جنهن کي جيترو سري سگهيو تنهن تيترو چندو به ڏنو. حاضري ڏيندڙ جا نالا به لکيا ويا. چندي ڏيندڙ کي رسيدون به مليون. جس ۽ آفرين هجي ساس جي سيڪريٽري جنرل ۽ پياري دوست ادل سومري کي جنهن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان ۽ سندس ساٿين ۽ دوستن جي مدد سان اهو ڪم ممڪن ٿي سگهيو اڳتي به سڻائي ٿي پوندي. بقول ڀٽائي:
    گهڙيا سي چڙهيا اينهين اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهار ملئي، سنڀوڙو سيڻاهه ۾!

    تنهن کان پوءِ سنڌي ٻولي اختياري جي احاطي ۾ لنچ ٿي پوءِ مذاڪرا ٿيا ڳالهيون ٿيون سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وچن ورجايا ويا، سنڌ سان محبت جون ڳالهيون ٿيون. علمي، بحث ٿيا، ڪجهه اختلاف ٿيا، اختلاف ۾ ڪا به خرابي ناهي ڇو ته اهو جمهوري عمل جو حصو آهي.
    سنڌي ادبي سنگت بابت عوامي آواز هڪ پورو صفحو آچر ڏينهن ڪڍي چڪي آهي جنهن ۾ سنگت بابت ڪافي ويچار ونڊيل آهن ۽ ڪافي سُڌ واريون ڳالهيون لکيون ويون آهن. دراصل عوامي آواز جي ٽيم مبارڪن جي مستحق آهي جو هر قومي اشو تي صفحا ڪڍي ٿي هر ننڍي وڏي اديب جي جنم ڏينهن تي سالگرهه تي صفحا ڪڍي ٿي. ساڳي وقت اها شڪايت پڻ آهي ته اسان جو معاشرو ايڏو ته بي حس ٿي چڪو آهي جو اخبار جي انهن ڪاوشن جي موٽ ۾ فقط “سائين مهرباني” چوڻ وارا به نه رهيا آهن. بهرحال ڳالهه پئي هلي سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه واري پٿر جي تقريب جي، جنهن جا احوال سنڌي اخبارن ۾ سربستا شايع ٿيا آهن. هي آفيس نه ڪا لاهور جي “الحمرا” جو مقابلو ڪندي ۽ نه ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل جي جاءِ ڀري سگهندي. پر غريبن جو گذر پٽاندڙ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي اديبن کي ويهڻ جي ڪا جاءِ ته ميسر ٿيندي:
    “الا جهري مَ شال – غريبن جي جهوپڙي . . .”
    هڪ ڳالهه ساراهڻ جي اها به آهي ته آفيس جي لائبريري جو نالو “گوبند مالهي” پٺيان رکيو ويو آهي. ان مان خبر پوي ٿي ته سنگت جو ڪردار “سيڪيولر” آهي. گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري جنرل هو. هو هڪ مارڪسوادي ۽ مهان ليکڪ هو. مون کي ساڻس ويجهي ملاقات جو شرف حاصل آهي. ساڻس گهري گپ چپ ۽ ڀوڳن چرچن جو سٺو وقت گذريو.
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڪرايل سچل ڪانگريس ۾ چڱي تعداد ۾ هندستان کان سنڌي اديب ۽ دانشور گهرايا ويا هئا، انهن ۾ گوبند مالهي به سرفهرست هو. هو جيڏو وڏو ليکڪ هو، اوترو ئي کلمک ۽ ڀوڳائي ٺڪائي هو.
    پوري ڪانفرنس دوران ۽ سنڌ ۾ مختلف ماڳن جي دورن دوران مان ساڻس گڏ گڏ رهيس ۽ سندس سگريٽن جو ٺيڪو به ڄڻ مون تي هو. سٺو وقت گذريو، يادگار وقت رهيو. بهرحال سنڌي ادبي سنگت جي اها وڏائي آهي جو لائبريري جو نالو “گوبند مالهي” جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي حقن جي پائمالي جو ذڪر ٿيو ته پاڻيءَ جو به ذڪر ٿيو.
    درياهه ۽ نديون تهذيبن کي جنم ڏينديون آهن ۽ انهن جا وهڪرا ئي تهذيبن جا وهڪرا ٿيندا آهن. نيل نديءَ مصر جي تهذيب کي جنم ڏنو. دجله ۽ فرات ميسو پوٽيميا (هاڻي عراق) جي تهذيبن کي جنم ڏنو. تهذيبن جي بقا ۽ فنا جو سمورو دارومدار درياهن ۽ ندين جي واهڙن ۽ وهڪرن تي ٻڌل هوندو آهي. يعني پاڻي تي آهي. سنڌ جي پاڻيءَ جي جهڙيءَ طرح ڌاڙا لڳي رهيا آهن ۽ اڳڙين جا ٺهيل سنڌ جا مهرا جهڙي نموني سنڌ جي مفادن جا سودا ڪري رهيا آهن ته انهن جو ڇا ٿيندو. ادبي سنگت جي پيڙهه جو پٿر پيو، خوشي ٿي، پر هي جو سموري سنڌ جي جياپي جي پيڙهه جو پٿر پاڙئون ئي اکيڙيو پيو وڃي، تنهن جو ڇا ٿيندو. ٽي سؤ سال اڳي ڀٽ ڌڻي چئي ويو هو:
    ڌريان ئي ڌار - جي وڍي وڻ ڦٽا ٿيا،
    تن سُڪن ڪهڙي سار، ته اٺا مينهن ملير تي.

    يعني ته جيڪي وڻ يا انهن جا ڏار اڌ مان ڪپجن ٿا ته اهي بهار جي موسم ۾ يا مينهوڳي جي موسم ۾ ٻيهر ڦُٽي نڪرن ٿا، پر انهن وڻن جو ڇا ٿيندو جن کي ڌر کان ئي ڌار ڪيو ويو آهي. يا پاڙئون پٽيو ويو آهي. پاڻي بند ڪرڻ ته سنڌ کي پاڙئون ئي پٽڻ جي سازش آهي. سنڌو ماٿر جي تهذيب فنا ٿي ويندي. سنڌ نه رهندي، سنڌي نه رهندو. سنڌي ادبي سنگت به نه رهندي.
    سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪجي. آواز اٿارجي، دانهون، ڪوڪون ڪجن، دانهنجي، فريادون ڪجن، لکجي اخبارن ۾، رسالن ۾ شعر لکجن، افسانا لکجن، ڪهاڻيون لکجن، عالمي انصاف جي عدالت ۾ وڃجي، گڏيل قومن جي دفتر ۾ دانهون ڪجن، هيومن رائيٽس وارن سان رابطو ڪجي. ها اهي سڀئي ڪم ضرور ڪجن ۽ ڪرڻا پوندا، پر ٿيندو ڪجهه به ڪون. يقين ڪريو ٿيندو ڪجهه به ڪون. عراق خلاف آمريڪا جي تازي جارحيت ۽ عراق تي قبضو هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو نه صرف سنڌين کي سکڻو آهي، پر سموري ڏتڙيل انسانيت کي سکڻو آهي. عراق خلاف حملي ۾ هن ڀيري آمريڪا ۽ برطانيا به اڪيلا ملڪ هئا باقي سموري دنيا ٻئي طرف هئي. فرانس، جرمني، روس، چين، ڪوريا ۽ باقي سموري دنيا ان ننگي جارحيت جي خلاف خوب آواز اٿاريو. جيڪي لمحي به لمحي اسان ٽيليويزن تي ڏٺو. دنيا ڀر جي نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن تان ڏٺوسين – پڙهيوسين. خود آمريڪا ۽ برطانيا جي شهرين لکن جي تعداد ۾ جارحيت ڪندڙ ملڪن خلاف مظاهرا ڪيا. پر ٿيو ڇا؟ هزارين عراقي اڻ ڪيل ڏوهه ۾ قتل ڪيا ويا، زخمي ڪيا ويا، ٻار، ٻچا ڪٺا ويا.عصمت دريون ٿيون. هر غيرانساني ۽ غيرمنطقي ڪم ٿيو. دنيا ڏسندي رهي پر عراق تي ناجائز قبضو ٿي ويو. دجله ۽ فرات جي سرزمين غاصبن جي قبضي ۾ آهي. ڪربلا جي سرزمين جتي حضرت امام حسين ۽ حضرت علي جهڙن خليفن ۽ امامن جون درگاهون آهن، اها مقدس سرزمين هاڻي هم جنس پرست غليظ گورن جي قبضي ۾ آهي. دنيا جي دانهن ڪوڪن ڇا ڪيو؟ ڪجهه به نه !
    اول ته سنڌ لاءِ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ ايترو آواز اٿندو ئي ڪونه جيترو عراق تي آمريڪي حملي خلاف اٿيو هو، پر هي ڪمزور آواز جيڪو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اي بي ڊبليو جي بي دلي اپيل وانگر ٺڪرايو ويندو ڪوبه ان تي توجهه نه ڏيندو. نيٺ ته ڇا ڪجي؟ ان لاءِ ڀٽائيءَ اسان کي ٽي سؤ سال اڳ ٻڌائي ويو آهي ته:
    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته مٿارو ٿئين !

    يعني جيستائين اسان وڙهنداسين نه تيستائين اسان کي اسان جا حق نه ملندا. لکڻ سان، پڙهڻ سان، تقريرن سان، تحريرن سان ڪجهه به نه ٿيندو. پر اهو ڪم به پنهنجي جاءِ تي جاري رهي باقي پاڻي اسان کي ويڙهه کان سواءِ نه ملندو. جن صوبائي توڙي قومي اسيمبلين جي ميمبرن کي اسان اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي، سينيٽر ٿيا آهن، انهن جو محاسبو ڪريو. جيڪي سنڌ جا ڪامورا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو پاڻي وڪڻي آيا آهن انهن جو محاسبو ڪريو. قلم جي ويڙهه ڪريو. عمل جي ويڙهه ڪريو. هٿن جي هٿيارن جي ويڙهه اسان کي پنهنجي نسلن جي بقا لاءِ ڪجهه جانين جو نظرانو ڏيڻو پوندو. بش ۽ بليئر رڳو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ئي نه هوندا آهن. اهي يزيد، هٽلر، چنگيز خان ۽ هلاڪو جون علامتون آهن ۽ اهي اسان جي ملڪن ۾ به آهن. اسان جا ديسي هٽلر، هلاڪو، بش ۽ بليئر جيڪي اسان جو پاڻي بند ڪري اسان جي تهذيب کي فنا ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، اچو ته انهن سان ويڙهه جي تياري ڪريون. اچو ته انهن “پنهنجن سان پاڻي ڪريون جيڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ “ شامل آهن. اچو ته پنهنجن ۽ پراون جو فرق ظاهر ڪريون. اچو ته ايندڙ نسلن جو بچاءُ ڪريون !

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 15 اپريل 2003ع


    • جيڪس هيس ڌاري

    شاعرن جي سرتاج، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني عرس جون تقريبون، تازو خيرخوبيءَ سان پڄاڻي تي پهتيون.سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران هميشه وانگر هن سال به ٻن ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي چونڊ ادبين ۽ دانشورن شرڪت ڪئي.مقالا پڙهيا ويا سگهڙن جون ڪچهريون ڪرايون ويون.
    محفل موسيقي ٿي،مطلب ته ڀٽ ڌڻيءَ کي شايان شان طريقي سان خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
    تازو جيڪي سنڌي اديب ۽ شاعر هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن تن کي پڻ ياد ڪيو ويو ۽ انهن لاءِ تعزيتي ٺهراءُ پيش ڪيا ويا.جن ۾ نياز همايوني، تاج صحرائي، ڪريم بخش خالد، محمد خان مجيدي ۽ رزاق مهر شامل آهن.
    اخبارن ۾ شاهه لطيف جي ميلي ۽ ڪانفرنس بابت حال احوال پڙهندي دل کي ڏاڍو جهٽڪو لڳو، افسوس ۽ ڏک ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان وٺي ڪنهن به دانشور کي، سنڌ جي عاشق ڀٽ ڌڻي جي شارح ۽ وحدت وُجود تي ويساهه رکندڙ، جرمن نزاد دانشور اينميري شمل کي آسانيءَ سان وساريو ويو. ڪنهن کيس ياد نه ڪيو ياد رهي ته شمل جي وفات کان پوءِ هي ڀٽ ڌڻي جو پهريون عرس هو.
    ڇا کيس ان سبب ڪري ياد نه ڪيو ويوته هوءَ سنڌياڻي نه هئي؟ يا هوءَ مسلمان نه هئي؟ يا سندس چمڙي گوري هئي؟ڇا “پرلس فرام انڊس” جي مصنف يا ڀٽ ڌڻي تي سندس ڪيل ڪم جي ڪا اهميت يا حيثيت نه هئي؟ اسان سنڌي ماڻهو ته ڦري گهري سنڌي ۾ پيا شاهه ٻڌائيندا ۽ ڳائيندا وتون.شمل ته هارورڊ، آڪسفورڊ ۽ سموري دنيا ۾ الائي ڪٿي ڪٿي ڀٽ ڌڻيءَ جو تذڪرو ڪري چڪي هوندي ته ڇا اسان بحيثيت سنڌي قوم ايترا بي حس ۽ احسان فراموش ٿي چڪا آهيون جو اسان پنهنجي محسنن ۽ گهڻ گهرن کي ايترو آسانيءَ سان وساري ويهون ٿا.اڄ ضرور شمل جو ڇٽل روح ڀٽائي جو هي بيت جهونگاريندو هوندو:
    لنگڙياري لوءِ ۾، جنين لاءِ ٿياس،
    تنين تر جيترو،پلڪ نه پڇياس،
    جهروڪن جهوريو هينئون، ڪوٺئين آئون ڪٺياس
    مارن مونجهه مياس، نا ته ماڙين ماريس ڪينڪي
    جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جنهن جرمني جي شهر لپزگ ۾ شاهه جو پهريون رسالو ڇپرايو هو. جنهن جي ڇپرائڻ لاءِ کيس سنڌي ڪمپوزنگ پريس ٺهرائڻي پئي هئي. اسان سنڌي زبان جي ان عظيم محسن کي ڪهڙي طريقي سان ياد رکيو آهي؟ ڇا سموري سنڌ ۾ ڪو روڊ رستو، ڪو يادگار چوڪ، ڪو خيابان ڪو بيابان، ڪنهن يونيورسٽي ۾ ڪنهن حال جو نالو ڪنهن ثفافتي مرڪز ۾ ڪا ڪنڊ ڪنهن لطيف چيئر، ڪنهن سنڌي ٻولي جي اداري، سنڌيالوجي يا سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪٿي هن سنڌ جي گهڻ گهري محسن جو ڪو نالو آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي وٽي تي به ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ جو نالو ڪونهي برطانيه جي ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي سموري ڄمار ۾ فقط ٻه ئي ڪتاب لکيا آهن.
    1. شاهه عبداللطيف آف ڀٽائي
    2. موسا پراويگنز
    اهي ٻئي ڪتاب به هن انگريز جي اولاد ڀٽ ڌڻيءَ تي لکيا. جن جا اڄ ڏينهن سوڌوا دبي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ حوالي ڏنا ويندا آهن. پنهنجي ڪتاب موزا پراوينگز ۾ (جنهن تي پاڪستان سرڪاري طرفان پابندي لڳل هئي.) هن ڀٽ شاهه کي علامه اقبال ۽ مولانا روم کان به مٿاهون شاعر ڄاڻايو آهي.
    بلڪ هن ڀٽ ڌڻي کي دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر ڪوٺيو آهي. ان ڪتاب ۾ هن اهو به لکيو آهي ته علامه اقبال کي پاڪستان جي قومي شاعر طور تي جيڪو تسليم ڪيو ويو آهي تنهن جا ڪارڻ شاعري کان هٽي ڪري ڪي ٻيا آهن.
    اسان ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جا به ڪهڙا احسان اداڪيا آهن؟ ان جي نالي پٺيان به ڪا جڳهه ڪانهي. نه ڪو هال نه ڪا لئبريري افسوس سنڌ ۽ سنڌي زبان جا محسن اسان ڪيتري آساني سان وساري ڇڏيا آهن.
    ڪڏهن ڀُلي ڪري جيڪڏهن کين ياد ڪيو به آهي ته هلندي ڦرندي ڪنهن تحقيقي مقالي ۾ انهن جا حوالا ڏئي جان ڇڏائي اٿئون. باقي انهن جي نالن تي ڪي به يادگار قائم نه ڪيا اٿئون. افسوس! آخر ۾ مان نماڻي گذارش ڪندس ته قومي شاهراهه کان جيڪو رستو ڀٽ ڌڻي جي مزار تائين وڃي ٿو تنهن کي “اينيميري شمل روڊ” جو نالو ڏنو وڃي.

    عوامي آواز ڪراچي-اربع 23 اپريل 2003ع


    امن ۽ آشتيءَ جي سفير اينميري شمل

    يارهين سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ آمريڪا جي جاڙن ٽريڊ ٽاورن تي هوائي حملن جي نتيجي ۾ ٿيل تباهين کان پوءِ جهڙيءَ ريت آمريڪا ۾ مسلمانن کي مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ انهن سان جٺيون ڪيون پيون وڃن ۽ اسلام کي دهشتگرديءَ سان سلهاڙيو پيو وڃي ۽ بش، بليئر جي گڏيل سازش جي نتيجي ۾ جهڙيءَ طرح مسلمانن کي نفرتن جو مرڪز بڻايو پيو وڃي. اهڙي وقت اسلام، تصوف، امن ۽ انصاف، پيار جي پرچارڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شارح ۽ پارکو اينيمري شمل جو لاڏاڻو نه فقط عالمي امن، انصاف ۽ پيار لاءِ وڏو ڌچڪو آهي بلڪ هن وقت پوري دنيا ۾ اسلام ۽ تصوف بابت اڪيلي غير ملڪي پرچارڪ جو هليو وڃڻ اسلام ۽ مسلمانن لاءِ خاص طور تي عظيم سانحو آهي ته اسان سنڌين لاءِ به ارنسٽ ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان پوءِ ڀٽائي جي عاشق ۽ پارکو جو هليو وڃڻ هڪ وڏو نقصان آهي.
    شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام کي جيڪڏهن سورلي، ٽرمپ ۽ شمل جهڙا گوري چمڙي وارا شارح ملن ها ته شايد اهو تاريخ جو تمام شديد نقصان اسان سنڌين کي ئي ٿئي ها.
    جيئن جيئن مسلمانن جي پئٽرول ۽ قدرتي وسيلن جي هٿ ڪرڻ خاطر بش- بليئر سازش دهشتگردي جي خاتمي جي آڙ ۾ هڪ سپر دهشتگردي ۾ مبتلا ٿندا رهن ٿا ۽ گڏيل قومن سميت نيٽو جي اتحادين جي غير فطري “ٻانهن مروڙ” ۾ ملوث ٿي ڪري اسلام کي دهشت گرديءَ سان ملائي رهيا آهن ۽ ايران عراق وغيره کي axis of evil (برائي جو ڳڙهه) يا سعودي عرب کي Kernel of evil (برائي جو ٻج) جا لقب ڏيئي رها آهن اتي اسان جنگي طاقت ۾ ته آمريڪا- برطانيا کان هيٺ آهيون ئي پر سموري دنيا ۾ اسلام کي بهترين مذهب ۽ امن، آشتي ۽ انصاف واري مذهب طور پيش ڪندڙ ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، علامه اقبال ۽ مولانا جلال الدين رومي ۽ منصور حلاج کي دنيا آڏو سمجهائيندڙ هڪ ڀوري چمڙي واري اسلام، تصوف ۽ امن آشتي واري عظيم مدبر ۽ دانشور جي لاڏاڻي واري زبان کي اسان زمانن تائين محسوس ڪندا رهنداسين ۽ هٿيارن کان هيڻو هجڻ کانپوءِ اسان اسلامي دنيا جي هڪ عظيم وڪيل ۽ دوست کان به محروم ٿي وياسين. پاڪستان ۾ شمل جي لاڏاڻي کان پوءِ مٿس ڪافي لکيو ويو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ سميت ڪافي جاين تي مٿس ريفرنس پڻ ٿيا آهن. ان ڪري مٿس لکڻ فقط ورجاءُ ئي ٿيندو. تڏهن به آڱر ڪٽائي شهيد ٿيڻ وانگر مان به ان ثواب واري ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيندس ۽ ٻڌيون سڌيون ڳالهيون توهان کي به ٻڌائڻ چاهيندس.
    اينميري شمل 1922ع ۾ ايرفرٽ- جرمني ۾ پيدا ٿي. هوءَ اسڪول ۾ فرائيڊرڪ يوڪرٽ جا شعر وڏي شوق سان پڙهندي هئي. فارسي ۽ عربي ٻولي ۽ ادب جي ماهر فرائيڊرڪ ريوڪرٽ جي شعرن کان متاثر ٿي کيس مشرقي ٻولين کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
    پندرهن سالن جي عمر ۾ هن عربي استاد جي شاگردي حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح پندرهن سالن جي عمر کان هن اسلامي درس ورتا ۽ باقي زندگي هوءَ اسلام ۽ تصوف تي درس ڏيندي رهي.
    سورهن سالن جي عمر ۾ هن هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا انهن ڏينهن ۾ اڪثر ارڙهن سالن ۾ مڪمل ٿيندي هئي. يعني ٻه سال اڳ ۾ ئي هن اسڪول جي تعليم مڪمل ڪري ورتي. هڪ سال پوءِ هوءِ پنهنجي والد سان برلن موٽي آئي جتي هوءَ يونيورسٽي ۾ عربي ۽ اسلامي فنون بابت درس وٺندي رهي.
    نومبر 1941ع ۾ هن پهرين ڊاڪٽوريٽ حاصل ڪئي ۽ پهرين اپريل 1945ع ۾ ٻي ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي. 1945ع ۾ آمريڪا کان کيس ماربرگ يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي آڇ ملي جتي هن کي فريڊرڪ هائيلر جي استادي ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو جيڪو مذهبن جو مشهور تواريخ نويس هو. چوويهن سالن جي عمر ۾ هن 12 جنوري 1946ع ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل وارو خطاب ڪيو.
    1954ع ۾ هن ترڪي جي انقرا يونيورسٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جتي هوءَ ترڪي ٻولي ۾ مذهب پڙهائڻ لڳي. پنجن سالن کانپوءِ هوءِ ترڪي واپس آئي. جولاءِ 1969ع ۾ هوءَ هارورڊ يونيورسٽي ۾ هند- مسلم ثقافت پڙهائڻ لڳي. هن 25 سالن تائين هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهايو جتان پوءِ هن رٽائر ڪيو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هوءَ بون واپس آئي جتي هن اعزازي استاد طور سنسڪرت چيئر ۾ پڙهايو جيڪا 1818 کان قائم ٿيل آهي.
    سندس شاندار تعليمي ۽ تدريسي رڪارڊ جي مڃتا طور تي، بون يونيورسٽي جي وائيس چانسلر 7 اپريل 1997ع تي شمل جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس مان ڏيڻ لاءِ هڪ جشن منعقد ڪيو. يونيورسٽي جا سمورا پروفيسرتوڙي حڪومت جا عيوضي ۽ عالم ان موقعي تي شريڪ ٿيا. وائيس چانسلر ان موقعي تي پنهنجي مبارڪباد واري تقرير ۾ بون يونيورسٽي ۾ هند- مسلم ثقافت بابت اينميري شمل چيئر قائم ڪئي. هن اسلام ۽ تصوف تي اٽڪل 105 ڪتاب لکيا. کيس ست اعزازي ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل آهن. سندس اسڪالر شپ جو هم موضوع اسلام ۽ تصوف رهيا. شاهه عبدالطيف ڀٽائي، مولانا جلال الدين رومي، علامه اقبال، خواجه مير درد ۽ ٻيا ڪيترائي مشرقي شاعر سندس موضوع جو محور رهيا آهن.
    هوءَ هر وقت “في البدي” (Ex-Tempore) ڳالهائيندي هئي ان ڪري به سندس تقرير ۾ وڏي طاقت هوندي هئي. ڇو ته لکيل تقرير پڙهڻ ۾ فقط چپ چرندا آهن ۽ تقرير جو تاثر ايڏو ڀرپور نه هوندو آهي جيڏو بر زبان ڳالهائڻ ۾ اثر هوندو آهي جتي زبان ۽ جسم ٻئي ساٿ ڏيندا آهن.
    ميڪس مُلر شو پنهار، شليجل، شلر ۽ ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ کانپوءِ هن عظيم دانشور خاتون برصغير جي ثقافتن ۽ ٻولين کي اجاڳر ڪيو شمل جا ڪتاب:
    1. Through The wheel and pain and grace
    2. Pearls from Indus
    3. Mystical Dimensions of Islam
    ۽ انيڪ ٻيا ڪتاب جڳان جڳ پڙهيا. پرجهيا ۽ ياد ڪيا ويندا. ڀٽائي، رومي، شمس الدين تبريزي، حلاج سرمد ۽ حافظ تي هوءَ جڏهن ڳالهائيندي هئي ته لڳندو هو ته علم، ادب ۽ دانش جا بند ڀڄي پيا آهن. گهڻن ماڻهن کي خبر هوندي ته هوءَ شاعرا به هئي سندس شعري مجموعو Nightingales under the snow 1994ع ۾ ڇپيو هو.
    27 جنوري 2003ع جو سج اهڙو لٿو. جو پيار، سچ ۽ صلح جو به ڄڻ سج لهي ويو. هينئر ميدان بش، بليئر ۽ سندن ساٿارين جي هٿن ۾ آهي جيڪي بندوقن ۽ بمن جي ٻولي ۾ ڳالهائيندا ۽ لکين ڪروڙين بي گناهه انسانن جو رت وهڪرا ڪري وهندو تڏهن اسان کي تصوف جي زبان ڳالهائيندڙ گهڻو ياد ايندا.

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 25 فيبروري 2003ع


    • سنڌ جاڳي پئي

    اڳئين ڏينهن ڪراچيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر پاران ڪراچيءَ جي آواري ٽاورس هوٽل ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ وڏو پروگرام ڪيو ويو ، جنهن جي صدارت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانيسلر ڪئي ۽ ٻين مهمانن علمي ادبي شخصيتن تقريرون ڪيون ۽ جن تقريرون نه ڪيون انهن اهي تقريرون ٻڌيون .
    شاهه لطيف چيئر جون چيئرپرسن ميڊم فهميده حسين ، هميشهه نه فقط مهرباني ڪري ڪارڊ موڪلينديون آهن، پر فون ڪري يادگيرو به ڏيارينديون آهن. منهنجي مڪمل تياري هئي ته ان فنڪشن ۾ ضرور شامل ٿيندس پر منهنجي بدقسمتي اهڙي ٿي جو پنهنجي آفيس، يعني ايئرپورٽ کان جيئن ئي فنڪشن تي وڃڻ لاءِ روانو ٿيس ته سخت مينهن شروع ٿي ويو. جڳهه جڳهه تي ٽريفڪ جام . آخر گڙڪندو گڙڪندو جڏهن بلڪل آواري هوٽل جي سامهون ، ٽريفڪ پوليس پوسٽ وٽ پهتس ته ٽريفڪ مڪمل طور تي جام ٿي ويئي ۽ اڍائي ڪلاڪ اسان هڪ انچ به اڳتي وڌي ڪونه سگهياسين. مون کي اڍائي ٽي ڪلاڪ ٽريفڪ جام واري بوريت الڳ ٿي پر ميڊم فهميده جي فنڪشن ۾ نه پهچي سگهڻ جو ڏک تمام ڏاڍو ٿيو. هوٽل جي سامهون بيٺا آهيون پر چُري به نه ٿا سگهون. ٽريفڪ جام ۾ گاڏي ڇڏي به نٿي سگهجي. ايتري وٿي نه ملي جو گاڏي هڪ پاسي بيهاري سگهجي. ٽريفڪ جام جو حال ايترو ته برو هو جو ٻن ڦيٿن واري سائيڪل به ماڻهو ڪلهن تي کنيو ٿي ويا. سو ميڊم جيڪڏهن منهنجو هي ڪالم پڙهندي ته مون کي اميد آهي ته منهنجي نه پهچي سگهڻ جو سبب سمجهي سگهندي. منهنجو ته خيال هو ته اهڙي سخت برسات ۽ ٽريفڪ جام سبب اهو فنڪشن ملتوي ٿي ويندو ، پر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڀرپور خبرون پڙهي ۽ تصويرون ڏسي جتي هڪ طرف فنڪشن جي ڪاميابيءَ تي دل گد گد ٿي، اتي پنهنجي پهچي نه سگهڻ تي نراسائي به ٿي. ايماندري ۽ سچائيءَ جي ڳالهه اها آهي ته مان سٺي ڪلاس جا ادبي ميڙ نه گسائيندو آهيان، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته اتي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو ، ڏاهپ ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته اتي هڪ ئي وقت شاعرن ، ڪهاڻيڪارن ،صحافين ، ليکڪن ۽ دانشورن سان قريبي ملاقاتون به ٿي وڃن ٿيون ۽ دل سرهي ٿئي ٿي. خوشي ٿئي ٿي . موت ۽ ملاقات جو ڪو ڀروسو ڪونهي. سڀاڻي جي مان برقعو مٽائي وڃان ته اديب دوست اهوئي چوندا وتندا ته يار هدايت ته هليو ويو. پر ڏاڍو چڱو هو. يار اڃان تازو فلاڻي ادبي فنڪشن ۾ ملاقات ٿي هئي. مون سان ڀاڪر پائي مليو هو. چانهه جو ڪوپ کڻي اچي مون سان گپ شپ ۽ ڀوڳ ٺڪاءُ پئي ڪيائين وغيره وغيره. سو ان احساس کان مان ادبي فنڪشن نه گسائيندو آهيان ته مئي کان پوءِ مان ائين ياد ڪيو وڃان ته آخري ڀيرو هدايت اسان کي فلاڻي ادبي فنڪشن ۾ مليو هو.

    ون يونٽ جي اُگري ياد ۾
    پي ايم اي هائوس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ون يونٽ ٽٽڻ بابت هڪ وڏو جشن ملهايو ويو، جتي سنڌي قوم پرستن کان سواءِ ٻين قوميتن جا وڏا قوم پرست اڳوڻ شامل هئا ۽ وڏي کليل نموني سان ۽ وڏي فراخ دليءَ سان ون يونٽ مڙهڻ وارن تي ڦٽ لعنت ٿي. جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو صاحب آهي ، جيڪو منهنجو مهربان دوست آهي. اسان پاڻ حُجائتا به آهيون. ان جو نائب صدر محمد هاشم کوسو آهي. اسان هڪ ٻئي کي مائٽ مائٽ سڏيندا آهيون. تنهن به وڏي حُجت سان چيو هو ته مائٽ ضرور اچجانءِ. سو اتي به وڃڻ ٿيو ۽ ڏاڍيون پرمغز تقريرون ٻڌڻ ۾ آيون. ائين ئي اوچتو بغير پروگرام جي مون کي به کڻي اسٽيج تي شعر پڙهڻ لاءِ سڏيائون.
    ڏيو منهن – خير سائين اسٽيج تي چڙهي ويس ۽ جيڪو ڪجهه منهن ۾ ايندو ويو چوندو ويس. هڪ اڌ سِٽ جيڪا ڦهڪائي سا توهان به ٻڌو :
    ون يونٽ ئي ون يونٽ آ ،
    ون يونٽ ئي ون يونٽ آ ،
    ڪجهه نه مٽيو آ،
    ڪجهه نه مٽيو آ ،
    ڪجهه نه مٽيو آ ،
    ڪجهه نه مٽيو آ ،
    ڪالا باغ به ون يونٽ آ ،
    ٿل ڪينال به ون يونٽ آ ،
    سنڌ حڪومت به ون يونٽ آ ،
    وردي وارو ون يونٽ آ ،
    ايل ايف پڻ ون يونٽ آ،
    سنڌ سموري کائي ويا هو ،
    سنڌين وٽ ته ڇڙو ڇاٻو آ ،
    موٽر وي به هنن جا آهن ،
    پنهنجو ٿاٻي تي ٿاٻو آ،
    جو ڏاڍو آ – سو گابو آ،
    جو ڏاڍو آ – سو گابو آ،
    ڪجهه نه مٽيو آ- ڪجهه نه مٽيو آ،
    ڪجهه نه بچيو آ- ڪجهه نه بچيو آ،
    ون يونٽ ئي ون يونٽ آ،
    ون يونٽ ئي ون يونٽ آ-


    هوڏانهن حيدرآباد ۾ انهيءَ مينهوڳيءَ ۾ خان محمد پنهور يادگار ڪاميٽيءَ پاران به ڪنهن جشن جون وڏيون خبرون پڙهيوسين . تصويرون ڏٺيونسين . وري ٿل ڪينال خلاف وڏا مظاهرا ۽ ڌرڻا- لکن جي تعداد ۾ سنڌين جا جلوس ۽ ڌرڻا. ڪامريڊ رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي قيادت ۾ . مون کي اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو ملندا آهن جيڪي رسول بخش پليجي لاءِ توڙي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ لاءِ چوندا آهن ته اهي ايجنسين جا ايجنٽ آهن. مون کي حيرت لڳندي آهي پليجي صاحب سموري عمر جنگ جي حالت ۾ گذاري ڇڏي. هر وقت ويڙهاند ۾ ، جيلن ۾ ، هو ته ڪل وقتي ڪامريڊ آهي ۽ هڪ مجاهد ماڻهو آهي. سنڌ شناس، ڀٽائي شناس، هو هڪ جديد کليل ذهن جو مالڪ آهي. تقرير ۽ تحرير تي سندس دسترس آهي. هو ايجنسين جو ماڻهو ڪيئن هوندو ؟
    اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر قادرمگسيءَ تي به اهڙن افواهن تي مون کي يقين نه ايندو آهي. دراصل جيڪي ماڻهو پاڻ نڪما هوندا آهن، جن وٽ وقت گهڻو هوندو آهي، اهي اهڙا اجايا الزام گهڙي فتنا پکيڙي، پنهنجو نالو اخبارن ۾لکرائيندا آهن. مون کي خوشي آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪينال بابت سنڌ جي دانشورن، قلمڪارن، صحافين، شاگردن توڙي عام ماڻهن تمام مؤثر نموني احتجاج ڪيو آهي. مزاحمت ڪئي آهي. نتيجو مثبت نٿو نڪري ته ان کي سنڌي ماڻهو ڇاٿا ڪري سگهن. فلسطين ۽ ڪشميرين آزاديءَ جي جهاد ۾ ڪيترا نسل تلف ڪري ڇڏيا آهن، ته به نتيجو ڪو مثبت نه نڪتو آهي. دراصل انسان جي هٿ ۾ آهي جدوجهد ڪرڻ، آپيشاهي وارين حڪومتن آڏو جهڪڻ، غير حقيقي ۽ منطقي سمجهون ٿا ۽ مصلحتون نه ڪرڻ باقي نتيجا ايندڙ وقت جي تاريخ ڪڍندي، هٽلر، هلاڪو، چنگيز خان به تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهن. نيلسن منڊيلا، فيڊل ڪاسترو، چي گويرا، دولهه دريا خان، هوشو، هيمو، پير حسام الدين راشدي، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو به تواريخ جي ورقن جي زينت بڻيل ته پير علي محمد راشدي به تواريخ جي ورقن ۾ موجود آهي. قومون ڪهڙن ليڊرن کي ڪيئن ٿيون ياد ڪن هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي.


    گذريل خميس تي لياقت لائبريريءَ ۾ ٽن امر شخصيتن تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ پاران هڪ يادگار ميڙاڪو ٿيو.
    نسيم کرل، ف – م لاشاري ۽ الهداد ٻوهيي جي ياد ۾ اهو يادگار ميڙاڪو ڪيو ويو. نسيم کرل سنڌي ڪهاڻين جو تمام وڏو نالو آهي ۽ رهندو. ان دبي گڏجاڻيءَ ۾ نسيم کرل بابت تاج بلوچ هڪ پرمغز ۽ تحقيقي مقالو پڙهيو جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو. نسيم کرل جو ڀاءُ ڊاڪٽر سليم کرل به موجود هو ۽ نسيم کرل جو پٽ فيصل پڻ موجود هئو جن پڻ اسٽيج تي ڳالهايو. اهڙيءَ طرح فقير لاشاريءَ جي نياڻي نصرت ٻن ڀيڻين سميت سندس پٽ سارنگ پڻ موجود هئا. نصرت پڻ خوبصورت انداز ۾ ٽنهي شخصيتن تي ڳالهايو. قمر شهباز، تاجل بيوس، ڊاڪٽر شمس سومري، ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي، شمشير الحيدري وغيره ان موقعي تي پر مغز مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون.
    جڏهن کان اسان جو جاکوڙي دوست ستار ڀٽي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو صدر ٿيو آهي ته ڄڻ ان کي ڪو مسيحا ملي ويو آهي جنهن مئل سنگت جيئري ڪري جاڳائي وڌي آهي. ستار ڀٽيءَ جي اچڻ کان پوءِ شمشير، تاج بلوچ، قمر شهباز، تاجل بيوس، ڊاڪٽر شمس سومري ۽ سلطانه وقاصي جهڙن نه فقط سينيئر دانشورن جو لڳاتار ساٿ رهيو آهي پر نوجوانن جو به ساٿ سلامت آهي ۽ جيڪي دوست ڪنڌ ڌوڻي ڪلها اڀا ڪري ڪدورت مان چوندا هئا ته اهو مئل گهوڙو هاڻي جيئرو نه ٿيندو تن جي به ڏندن ۾ آڱريون آهن.
    مان ستار ڀٽي کي ڪراچي سنگت کي جاڳائڻ، جيئارڻ ۽ ان جي ميڙاڪن کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مبارڪ باد ڏيان ٿو.
    سنڌ جاڳي پئي. سنڌ جاڳي پئي.


    عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 15 جولاءِ 2003ع


    • امن جو 2003ع نوبيل انعام کٽندڙ پهرين مسلم خاتون، شيرين عبادي

    اڻ ٻڌل نالو آهي اڻ ڏٺل چهرو آهي هاڻي ٻڌوسين به ۽ ڏٺوسين به ۽ هاڻي پيو ٻڌبو رهندو ۽ ڏسبو رهندو، وڏو جهان آهي ۽ اسان جي ننڍڙي دنيا آهي. ڪجهه سال اڳ تائين ارونڌاتي راءِ جو ڪنهن نالو ٻڌو هو؟! کيس سندس ڪتاب “گاڊ آف سمال ٿنگس” تي بوڪر پرائيز ڇا مليو اصل وهه وا ٿي وئي. هاڻي ته سائين ارونڌاتي راءِ اصل جڳ مشهور حيثيت ماڻي چڪي آهي.
    دنيا ۾ مشهور آهي هن ڪتاب لکڻ کان پوءِ به ڪافي ڪارناما ڪيا آهن جن تي مان اڳ لکي چڪو آهيان اڄ مان فقط شيرين عبادي بابت لکڻ ٿو گهران پر جيئن عرض ڪيم ته جيسين هن جي مٿان ڪجهه مواد اچي تيسين ڇا لکي سگهجي ٿو پر ڪجهه دوستن بهرحال تڪڙو قدم کڻي. شيرين عبادي کي امن جو نوبل انعام ملڻ تي پنهنجا انومان ۽ انديشا ڏيکاريا آهن ۽ ان کي آمريڪي سياست جو حصو سڏيو آهي ۽ انهن جي چوڻ مطابق ايران ۾ مداخلت ڪرڻ جو هي پهريون آمريڪي قدم آهي ۽ آمريڪا، ايران ۾ مذهبي انتها پسندي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سيڪيولر عورت کي انعام ڏياريو آهي ائين هجي به ته ڪو شڪ ناهي ڇو ته آمريڪا کان اهڙا ڪم بعيد ناهن پر ان الزام هڻڻ کان اڳ انسان کي ضرور ڪجهه جاچڻ جوچڻ گهرجي هروڀرو ڪنهن جي ڪمائي تي ائين ئي پاڻي نه ڦيري گهري مان چاهيان ٿو ته مان توهان تائين سڀ کان اول نارويجين نوبل ڪميٽي پاران جاري ڪيل شيرين عبادي جي بايوگرافي پيش ڪريان جيئن ان کان پوءِ آزاد ميڊيا جا تبصرا پڙهڻ کان پوءِ توهان وڃي هڻي هنڌ ڪندا ته “ڪيتري ويهين سو” ٿيندو آهي يا حقيقت ڇا آهي ته اچو ته شيرين عبادي بابت سئيڊن ناروي جو ايوارڊ ڏيندڙ اڪيڊمي پاران جاري ڪيل چٺو پڙهون.
    شيرين عبادي
    ايراني قانوندان ۽ انساني حقن جي سرگرم رهنما شيرين عبادي 1947ع ۾ جنم ورتو. هن تهران يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. ايران ۾ پهرين عورت جج شيرين عبادي 1975ع کان 1979ع تائين سٽي ڪورٽ آف تهران جي صدر رهي. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ کيس استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن وقت هوءَ وڪيل طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ تهران يونيورسٽي ۾ پڻ پڙهائي رهي آهي.
    هڪ سرگرم ڪم ڪندڙ توڙي هڪ محقق جي حيثيت ۾ هوءَ معاشري ۾ ڳنڀير ۽ ڏکين سماجي مسئلن کي پرامن ۽ جمهوري طور تي حل ڪرڻ ۾ شهرت رکي ٿي. هوءَ بحث مباحثن ۾ سرگرم حصو وٺندي آهي ۽ بنياد پرستن ۽ انتها پسند مذهبي حلقن پاران تحرير توڙي تقرير ۽ آزاد سياسي فضا کي دٻائيندڙ فرقن پاران معاشري جي مظلوم شهرين تي ٿيندڙ حق تلفين خلاف ڪورٽن ۾ انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ توڙي انهن جا ڪيس قانوني طور تي وڙهڻ لاءِ ملڪ ۾ سٺي شهرت رکي ٿي ۽ عوام جي هر دلعزيز شخصيت بڻيل آهي.
    عبادي اسلام جي جديد تقاضائن جي پوئلڳ ۽ مڃندڙ آهي ۽ اسلام جي جديد تشريح ۾ يقين رکي ٿي جنهن ۾ اسلامي قوانين لازمي انساني حقوق جي ترجماني ڪندڙ هجن جن ۾ جمهوري هر انسان جي قانون آڏو برابري، مذهبي آزادي ۽ تقرير جي آزادي شامل آهن. جيستائين مذهبي آزادي جو سوال آهي ته عبادي بهائي فرقي جي حقن جي پڻ نمائندگي ڪري ٿي جن کي ايران ۾ شروع کان ئي مصيبتون درپيش آهن.
    عبادي ايران ۾ پناهگيرن جي حقن سان گڏوگڏ عورتن توڙي ٻارن جي حقن جي پڻ علمبردار آهي. هوءَ ايران ۾ “ايسوسيئيشن فار سپورٽ آف چلڊرينس رائيٽس” جي رهنما ۽ ان جو پايو رکندڙ آهي. عبادي انساني حقوق متعلق ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن.
    انگريزي ترجمو ٿيل سندس ڪتابن مان ڪجهه نالا آهن.
    “دي رائيٽس آف دي چائلڊ” ايران ۾ ٻارن جي حقوق ۽ قانوني تحفظن جو اڀياس (تهران 1994ع) اهو ڪتاب يونيسيف پاران ڇپرايو ويو. سندس ٻيو ڪتاب آهي “هسٽري اينڊ ڊاڪومينيٽيشن آف هيومن رائيٽس ان ايران” (نيويارڪ 2000ع) قانون دان جي حيثيت ۾ هوءَ ڪيترن ئي اختلافي ڪيسن جو مقابلو ڪندي رهي آهي 1999 – 2000 ۾ هوءَ ايران ۾ لاڳيتو ۽ هڪ ٻئي پٺيان قتل ٿيندڙ ليکڪن ۽ دانشورن جي ڪيسن جي اٽارني پڻ رهي آهي. 1999ع ۾ تهران يونيورسٽي ۾ قتل ٿيندڙ ڪيترن ئي شاگردن کي قتل ڪرائيندڙ پرنسپالن جي خوني چهرن کي بي نقاب ڪيو اهڙن انساني حقوق جي پيروي ڪرڻ جي پاداش ۾ هن کي ڪئي ڀيرا جيل جو منهن ڏسڻو پيو. اسلام کي بنياد بڻائيندي عبادي سماجي مسئلن جا پر امن حل تلاش ڪندي رهي ۽ اسلامي اصولن پٽاندڙ جديد سوچ کي جنم ڏيندي رهي.
    اسلام جي غير انساني تشريح ۽ ان جي نتيجي ۾ ٺاهيل قانونن جي ور چڙهيل مظلوم فردن توڙي طبقن لاءِ هوءَ هر وقت عورتن ۾ انهن جي بچاءَ لاءِ قانوني جنگ وڙهندي رهي آهي ۽ ان طرح هوءَ هڪ بهادر ويڙهاڪ ثابت ٿي آهي.
    عبادي سيڪيلور، مذهبي سوچ رکندڙ آهي ۽ هن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته صحيح اسلامي اصولن جي پاسداري ۾ جيڪي به ڌڙا ثابت قدمي سان ڏکي انسانيت لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا ته هوءَ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي. ناروي جي نوبيل امن انعام 2003ع جي ڪميٽي پاران جاري ڪيل سندس ان بايوگرافي کان پوءِ ساڳي ڪميٽي پاران 2003ع جي نوبيل امن انعام ڏيڻ جي سلسلي ۾ پريس پڌرائي به پيش ڪجي ٿي.
    نوبيل امن انعام 2003ع
    نارويجين نوبل ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو آهي ته 2003ع جو نوبيل امن انعام شيرين عبادي کي سندس جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض ڏنو وڃي ٿو. هن جي جدوجهد جو خاص محور عورتن ۽ ٻارن جي حقوق رهيا آهن.
    هڪ قانون دان، جج، ليڪچرار، ليکڪ ۽ انساني حقوق جي علمبردار جي حيثيت ۾ هوءَ پنهنجي ملڪ ايران اندر توڙي ملڪي سرحدن کان ٻاهر واضح ۽ مضبوط موقف پيش پئي ڪندي رهي آهي. هوءَ هڪ اڏول ماهر ۽ بهادر انسان جيئان هر رڪاوٽ آڏو بيٺل نطر ايندي رهي آهي ۽ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڪنهن به دڙڪي داٻ کان نه ڊني آهي. هن جي جدوجهد جو محور انساني حق آهن ۽ سندس چوڻ موجب ڪو به معاشرو تيستائين مهذب سڏائڻ جي لائق نه آهي جيستائين اتان جي عورت ۽ ٻارن جا حقوق محفوظ ناهن مار ڌاڙ ۽ قتل و غارت جي ماحول ۾ هوءَ هميشه امن ۽ انصاف جي پرچارڪ رهي آهي. سندس موقف جو بنيادي عنصر اهو آهي ته ڪنهن به قوم جو سياسي ڍانچو جمهوري اصولن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي ته روشن خيالي ۽ ڳالهه ٻولهه جهيڙن ۽ فسادن کي نبيرڻ جو جمهوري ۽ انساني طريقو آهي عبادي روشن خيال مسلمان آهي. کيس اسلام ۽ بنيادي انساني حقوق ۾ ڪو به تضاد نظر نه ٿو اچي. هوءَ سمجهي ٿي ته دنيا جي مختلف مذهبن ۽ تهذيبن کي سمجهڻ ۽ پاڻ ۾ افهام ۽ تفهيم واري ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ انسانيت جي عظيم تر مفاد لاءِ اهو ئي فقط رستو آهي.
    نارويجين نوبيل ڪميٽي هڪ اهڙي عورت کي 2003ع جو نوبيل انعام ڏيندي خوشي جو اظهار ڪري ٿي ته هوءَ اسلامي دنيا جو حصو آهي جنهن لاءِ دنيا کي به فخر محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ انهن لاءِ پڻ اهو فخر جو مقام آهي جيڪي جتي به رهن ٿا اتان انسان حقوق جي جدوجهد ۾ مصروف آهن.
    تازن ڏهاڪن ۾ جمهوريت ۽ انساني حقوق جي دنيا جي مختلف حصن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. نوبيل امن انعام جي تقسيم ڪري.
    نارويجين نوبيل ڪميٽي، جمهوريت ۽ انساني حقوق جي اهڙي اڳڀري سفر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
    اسان اميد ٿا ڪريون ته ايران جو عوام خوشي محسوس ڪندو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندس شهري کي نوبيل امن انعام حاصل ڪرڻ جو اعزاز مليو آهي ۽ اسان اها به اميد ڪريون ٿا ته هن اعزاز جي حصول کان پوءِ، عبادي جي ملڪ جي رهواسين کي انساني حقوق ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪرڻ جو اتساهه ملندو نه فقط ايران ۾ پر مسلم دنيا ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ انهن ماڻهن کي اتساهه ملندو جيڪي انساني حقوق ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.


    عوامي آواز ڪراچي – 15 آڪٽوبر 2003ع


    • هو جي رنگ رنگين، سي کنڀ کڻي ويا، اتاهون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا !

    هي برابر آهي جيئن چيو وڃي ٿو ته ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي ته چڱن پٺيان چٽو الائجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو اهڙائي افعال بڇڙا هيس. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته زماني جي لاهين چاڙهين کان گذريو ضرور آهي، پر نه سڌريو آهي نه ڪو سبق سکيو اٿائين. ڪم سدائين ڪاٺ پوڻ جهڙا ۽ ڀٽڪا. مون کي نه سجهي ته زندگي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪا صحيح سيڙپ ڪيائين. ننڍپڻ گذريس حرڪت بازي، شرارت ۽ شيطان گيرين ۾ . جواني گنوايائين عشق، جوئا ۽ مجرن ۾. جڏهن جک ماري ٿڪجي ساڻو ٿي عمر جي آخري موڙ تي آيو ته امالڪ موٽ کاڌائين. سڀ شونق شغل ڇڏي ڏنائين. چوي ته رب راضي آهي جو کيس دکي دل ملي آهي. اڙي مورک! ماڻهن وٽ تنهنجيون جنم پتريون سانڍيل آهي. ڊڄ انهيءَ ڏينهن کان جڏهن تنهنجا پرڪار پڌرا ٿيندا ته تون ڪهڙو چڱو مڙس هئين ۽ آهين. آسمان ڀلي توکي نوازي ۽ بخشي به ڇڏي، پر ڌرتيءَ وارا ڪنهن کي ٽڪو به حساب بخشيندا آهين ڇا؟ تون ڀلي ڪتاب لکي پيو ماڻهن کي متاثر ڪر، ڄڻ ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته ٻين جا خيال ۽ فڪر چورائي ويٺو ڪاغذ ڪارا ڪرين!
    وري ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين، “ڄام ڄاموٽ ڄامڙا” ڄاموٽ ۽ ڄامڙا ته ڪتاب ۾ ظاهر ٿاڏسجن پر ڄامڙا ته ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن؟ ڇا ائين ته نه آهي ته اصل ڄامڙو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ هجي. (سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي علي احمد بروهي 4 اپريل 1984ع)
    دوستو توهان سمجهو ٿا ته مون جهڙو ۽ غير اهم شاعر يا ليکڪ پنهنجي محسن مربي محسن لاءِ هي اکر چئي سگهي ٿو؟ جيڪو مون هينئر اوهان آڏو پڙهي ٻڌايا آهن. يا ڪنهن ٻئي کي اهڙي جرئت ٿي سگهي ٿي. دوستو اهي لفظ خود بروهي صاحب جا پنهنجو پاڻ لاءِ لکيل آهن. سندس ڪتاب “ڄام ڄاموٽ ڄامڙا” جي مهاڳ طور. “ آئون ۽ علي احمد” ۾ پنهنجو پاڻ لاءِ اهو لکو اٿس. مهاڳ تي ڇهه اپريل 1986 لکيل آهي. اڃا انهن کان به وڌيڪ گٿا ۽ پاڻ کي برو بڇڙو ۽ خوار ڪرڻ لاءِ اهڙا لفظ پاڻ لاءِ لکيو اٿائين جو سندس غيرموجودگيءَ ۾ مون کان هن لاءِ چيا ۽ پڙهيا نٿا وڃن. پر اڄ مان اهي لفظ توهان کي آخر پڙهي ڇو ٿو ٻڌايان. دوستو چوندا آهن ته “ توهر درويش- برجان درويش” مست ملنگ کي جڏهن غصو ايندو آهي ته پنهنجو ئي مٿو پاڻ ڦاڙيندو آهي. آهي ڪنهن ۾ همت ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪتاب ۾ ايترو برو چوي. ۽ هيٺ ڪيرائي. خسيس ۽ ڇسا اديب به ڀٽائيءَ ۽ اياز ۾ غلطيون ڪڍيون بيٺا آهن. جن جا پنهنجا شعر به وزن ۽ بحر ۾ پورا ناهن ۽ جيڪڏهن ڪو کين ٻڌائي ته سائين توهان جي فلاڻي تخليق ۾ فلاڻو جهول آهي ته پاڻيءَ کان نڪتا پيا ويندا. بروهي صاحب جو اهو تڪڙو پڙهي ٻڌائڻ جو مقصد هو ته جيڪو پاڻ کي گهٽ انسان سمجهندو آهي ۽ پاڻ کي ڪيرائيندو آهي اهو عظيم انسان هوندو آهي ۽ جيڪو پاڻ کي پڏائيندو آهي ۽ پاڻ کي طورزن خان سمجهندو آهي اهو خالي ۽ کوکلو هوندو آهي.
    اڄ جڏهن مان سوچيان ٿو ته مون ۾ ۽ بروهي ۾ جو ايڏو گهرو تعلق هو. ايڏو قرب ۽ پيار هو ته اسان ۾ مشترڪ قدر ڪهڙا هئا. اسان جي قربت جا سبب ڪهڙا هئا. منهنجي دل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير لاءِ سدائين نرم گوشو رهيو آهي. جڏهن ته بروهي صاحب وٽ ڀٽن لاءِ ڪڏهن نرم گوشو نه رهيو آهي. شايد ان جو هڪ سبب اهو به هجي ته ڀٽي حڪومت ۾ بروهي صاحب کي تڪليفون مليون. پر ان جي باوجود به بقول سندس قابل ناٺي محمد علي شيخ جي ته مون کي بينظير تي ڪتاب لکڻ لاءِ سائين علي احمد بروهي اتساهه ڏنو ۽ چيو هئائين ته بينظير تي ڪتاب لک ڇو ته ڪهڙي سنڌياڻي عورت آهي جا ڪنهن ملڪ جي هڪ نه ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي هجي. اهو به سندس عظمت جو هڪ ثبوت آهي. ٻيو ته منهنجي عمر گهڻو تڻو ڪميونسٽن يا سوشلسٽن سان ويجهڙائي ۾ رهي آهي ۽ بروهي صاحب کي شايد ان طبقي سان به لڳاءُ نه هو. آخري ڏينهن ۾ جيڪا سندس سياسي وابستگي رهي، ڇا سنڌي دانشور، ليکڪ، شاعر يا صحافي ان کي آسانيءَ سان قبول ڪري سگهي ٿو. يا سنڌ جو عام ماڻهو ان کي قبول ڪري سگهي ٿو. اهڙو ڪم مان ۽ مون جهڙو ڪو ٻيو اديب ڪري ته شايد ان جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي پر آخر بروهي صاحب ۾ اهڙي ڪهڙي مَڻ رکيل هئي جو لوڪ لهنوارو وڃي ۽ هي اوڀارو وڃي. تڏهن ماڻهن ۾، اديبن ۾ ،ليکڪن ۾، دانشورن ۾، سندس لاءِ قرب، پيار،توڙي عزت ۽ احترام ۾ ڪو لهر لوڏو نه آيو. ڪا به ڪمي نه آئي. وڌ ۾ وڌ جذباتي طبقو هوندو آهي اديبن ۽ صحافين جو. پر انهن سڀني طبقن سان بروهي صاحب جي بيحد ويجهڙائي رهي. قرب رهيو. اهو ڇو؟ سو کوڙو مون کي اڃان تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي. ڪجهه ڏاهن، سڄاڻن ۽ سمجھو ماڻهن جو چوڻ آهي ته بروهي صاحب اردو دان طبقي ۽ سنڌين وچ ۾ پل جو ڪم ٿي ڪيو. ۽ انهن ٻنهي طبقن کي ويجھو آڻڻ ٿي گهريو. ڇو ته سندس راءِ موجب سنڌ جو ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو دان هڪ ٿين. ٻي صورت ۾ استحصالي طبقا ان گهرو لڙائيءَ مان فائدو وٺندا. سنڌ اسيمبليءَ مان جيڪو ٺهراءُ منظور ٿيو آهي، جنهن مطابق سنڌ ۾ ڪراچيءَ سميت سڀني سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهائي ويندي. ٻڌون پيا ته ان جو ٻج به سائين بروهي صاحب جو پوکيل آهي جو هن اردو دان طبقي کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو هو ته سنڌي لکن پڙهن ۽ ڳالهائين.
    سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ کيس جڏهن سڏبو هو ته ضرور اچي موجود ٿيندو هو. ايستائين جو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي موجوده سيڪريٽري، ستار ڀٽيءَ جي گهر پاڪستان ڪواٽرن ۾ ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻين ۾ نه فقط آيو پر انتهائي خوشي ۽ راحت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ننڍي کان ننڍي اديب ۽ شاعر جي ڪنهن ادبي ڪاڄ يا ڪتاب جي مهورت ۾ بروهي صاحب نه فقط حاضر هوندو هو پر پنهنجي وڏي ڄمار ۽ ڪرندڙ صحت جي باوجود ڪڏهن ڪنهن پروگرام جي هلندي وچ ۾ نه اٿيو. پر پروگرام جي پڄاڻيءَ تائين ويٺو رهندو هو. ويجهرائيءَ ۾ اسان جي دوستن عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتابن جا مهورت ٿيا ته ٻنهي موقعن تي بروهي صاحب نه فقط موجود هو پر ڀرپور تقريون به ڪيون ۽ ماڻهن کي پنهنجي مزاحيه فقرن ۽ جملن سان کلائيندو رهيو. جيئن بروهي صاحب هميشهه ڪندو رهيو آهي. جنهن کان پوءِ غلام نبي مغل جي ناول “مون کي ساهه کڻڻ ڏيو” جي مهورت جي موقعي تي تقرير ڪندي ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيائين. ان ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪارو ڪاري جي ڪڌين ريتن رسمن ۽ رواجن تي ڳالهائيندي جڏهن بروهي صاحب چيو ته مان ته شروع کان ئي ڪارو آهيان، پوءِ مون کي الائي ڇو ڪارو ڪري نه ٿا مارين، تڏهن هال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. اها بروهي صاحب جي ئي خوبي هئي ته هو ڪڙي سچ کي به کل جي انداز ۾ پيش ڪندو هو. چئجي ته سنڌي ادب ۾ علي احمد بروهي طنز ۽ مزاح جو باني هو ته وڌاءُ نه ٿيندو. نه فقط اهو ته هو سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح جو باني هو، پر هن وقت مون کي بروهي صاحب جي برابر ته ڇا پر ان کان ڪجهه گهٽ به به ٿو سجهي. يعني سنڌي ادب طنز ۽ مزاح کان خالي ٿي ويئي آهي.
    ها حليم بروهي ضرور سجھي ٿو پر حليم بروهي جو مزاح عام فهم ناهي. ٻيو ته هو اسٽيج جو ماڻهو ناهي. تنهنڪري علي احمد بروهي ۽ حليم بروهي ۾ فقط لفظ بروهي مشترڪ آهن. علي احمد بروهي ڪير سڏائي چوڻ جو مقصد هو ته علي احمد بروهي صاحب سڀني تضادن جي باوجود هڪ هر دلعزيز شخصيت ان ڪري به هو جو هر ادبي پروگرام ۾ پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو غير اهم هجي پاڻ نه فقط موجود هوندو هو، پر ڀرپور طريقي سان موقعي مطابق ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجن چرچن سان ماڻهن کي کلائيندو هو. ڪنهن به تقريب ۾ سنجيده ۽ خشڪ تقريرون ٻڌي ٻڌي جڏهن ماڻهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندا هئا ۽ ننڊاکڙا ٿيندا هئا تڏهن بروهي صاحب جي تقرير کين جاڳائڻ ۽ ٻيهر تازي تواني ٿيڻ جو اثر ڏيکاريندي هئي ۽ خبر پوندي هئي ته ٿوري دير اڳ جيڪي ماڻهو اوٻاسيون ڏئي رهيا هئا ۽ ننڊاکڙا هئا سي کلي کلي کيرا ٿي پيا آهن. اها هئي چاشني سندس تقرير ۾. هونئن ته گهڻا ماڻهو بروهي صاحب جي قريب هئا جن ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جن به شامل آهن. پر اسان جو هڪ ٻيو حجائتو حلقو به هو جن ۾ مان، انعام شيخ، عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سندس تمام قريبي لڏي ۾ هئاسون. پاڻ ۾ جڏهن ملڻ ٿيندو هو ته بس ڳالهه اها سجهندي هئي ته هلو ته بروهي صاحب سان ڪچهري به ڪري اچون ۽ منجهند جي ماني به وٽس ٿا کائون. پوءِ مان يا انعام شيخ ڪندا هئاسون کيس فون سائين اسان اچون ٿا توهان سان ڪچهري ڪرڻ ۽ ماني به توهان سان کائبي. جواب ايندو هو “ها من سدا اچو. بسم الله، مانيون کوڙ” پوءِ وڃبو هو چڪن تڪا، سيخ ڪباب مانيون ٻوڙ جام اچي ويندا هئا ۽ ساڻس ڀرپور ڪچهري به ٿيندي هئي ۽ مانيون به کائيندا هئاسون مان محسوس ڪندو هوس ته اسان جي ڪچهري ۾ بروهي صاحب ڏاڍو گد گد ٿيندو هو ۽ ٻهه ٻهه ٻوليندو هو.
    مان بروهي صاحب سان ملندو هوس ته ٻئي هٿ سندس پيرن تي رکي ملندو هوس هو احتجاج ڪندو هو پر پيار به اوتي ڇڏيندو هو.
    دوستو ڇا توهين يقين ڪندا جيڪڏهن مان توهان کي اهو ٻڌايان ته مون کي بروهي صاحب وٽان جيڪو پيار ۽ پنهنجائپ ملي اها اڳ فقط امڙ وٽان ملي هئي. امڙ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ پيار بروهي صاحب ڏنو.
    اسان ساڻس هڪ جيڏن وانگر ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسون ۽ هو کلي کيرو ٿي پوندو هو ۽ پاڻ به اسان سان ڏاڍا چرچا ڪندو هو.
    مون کي ياد آهي ته جڏهن مان ڊسمبر 1994ع ۾ پنهنجي ڊيوٽي سان سينگاپور ۾ پوسٽنگ تي وڃي رهيو هوس ته ادبي لڏي ۾ منهنجيون ڪافي الوداعي دعوتون ٿيون هيون. پهرين دعوت ميڊم مهتاب راشدي ڏني. پوءِ سنڌيڪا جي نور احمد، پوءِ سنڌي ادبي سنگت، اهڙي ئي ڪنهن تقريب ۾ ادا عنايت بلوچ، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، قمر شهباز ۽ ٻيا کوڙ سنڌي ادبي سنگت جا دوست موجود هئا. اتي مون بابت ڳالهائيندي بروهي صاحب چيو هو ته هدايت بلوچ شاعر ۽ ليکڪ ته سٺو آهي پر مون کي خاص طرح سندس هتان هليو وڃڻ ڏاڍو محسوس ٿيندو ڇو ته اهو هدايت بلوچ ئي آهي جيڪو مون کي هر طرف وٺي ويندو هو. ڪو اديب ڪو شاعر بيمار ٿي ڪنهن اسپتال پهتو ناهي ته ٺڪ هدايت بلوچ جو فون ايندو هو ته سائين فلاڻو اديب بيمار آهي. اسپتال داخل آهي هلو ته طبيعت پڇي اچونس. اڳتي هلي چيائين ته اهو ڪيڙو هدايت بلوچ کي هوندو هو جو مون کي بيمار اديبن تائين وٺي ويندو هو هاڻي مون کي ڪير به وٺي نه ويندو ۽ مان اڪيلو ٿي ويندس.
    بروهي صاحب جي سڀ کان وڏائي اها هئي ته هن ۾ غرور غين جي نقطي جيترو به نه هو. ايڏو سينيئر اديب، جيڏو عظيم هو جيڏو قداوار هو اوتري وٽس هيٺاهين نهٺائي هئي، هن ۾ عجز هئي ڏاڍي انڪساري هئي.
    هر تقرير ۾ پنهنجي سادي شڪل ۽ سانوري رنگ جو ضرور ذڪر ڪندو هو. اهو سندس وڙ هو اهو سندس عجز هو. اها سندس انڪساري هئي ورنه ساڳي رنگ ۽ شڪل وارا ٻيا ڪهڙا اديب آهن جيڪي وچ محفل ۾ بيهي پاڻ کي لوئين.؟!

    روزانه عوامي آواز ڪراچي


    • آدم ۽ حوا کان شائستا عالماڻيءَ ۽ بلخ شير تائين

    آدم ۽ حوا تي ايف آءِ آر اها ڪٽرائي وئي هئي ته انهن عدن جي باغ مان منع ٿيل ميوو (ڪڻڪ جو داڻو يا صوف)کاڌو. اهڙيءَ طرح الله جي حڪم جي سنئين سڌي نافرماني ڪئي. پوءِ هنن جنت جي باغ ۾ اهو ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انساني نسل جي تخليق ٿيندي آهي. سچ پچ اها ڳجھارت اڄ ڏينهن تائين مون کي سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي. توهان ئي فيصلو ڪريو ته توهان کي آدم ۽ حوا جي جنت جي باغ مان نيڪاليءَ واري فيصلي ۾ ڪجهه “ڌانڌلي” نظر ايندي .ٿيو هيئن جو الله سائينءَ کي به شايد اڪيلائيءَ مان مزو نه پئي آيو، سو سوچيائين ته زمين جي گولي تي انساني مخلوق پيدا ڪري ته مڙئي ڪجهه چهچٽو رهندو. پوءِ فرشتن سان مشورو ڪيائين ته مان زمين تي انسان موڪلڻ ٿو چاهيان. فرشتا جي انسان جا ازلي دشمن هيا تن ڏٺو ته انهن جي لئي خراب ٿيندي، تن هڪدم مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ۽ الله سائينءَ کي صلاح ڏني ته نه سائين متان اهو ڪم ڪيو اٿوَ. اهو انسان زمين تي فساد پکڙيندو. تڏهن الله سائين فرشتن کي فرمايو ته مان توهان بهتر ڄاڻان ٿو. ڳالهه ڊگهي آهي ان ڪري جلد کٽائڻي آهي.
    جڏهن آدم خلقيو ئي ان لاءِ پئي ويوته کيس زمين تي لاهڻو آهي. فرشتن جي منع ڪرڻ جي باوجود آدم کي خلقيو ويو ته هي زمين تي منهنجي خليفي طور ڪم ڪندو ته پوءِ کيس ڏاڏي حوا سان ڇيڙڇاڙ جو الزام هڻي يا منع ٿيل ميوي کائڻ جو الزام هڻي ۽ خوار ڪري ڇو زمين تي لاٿو ويو؟ جڏهن ته فرشتن کي الله سائين چئي چڪو هو ته آدم کي زمين تي منهنجي خليفي طور موڪليو پيو وڃي .
    آهي نه ڳالهه سوچڻ جي ؟؟ اسان کي جڏهن ڪو منطق سمجهه ۾ نه ايندو آهي تڏهن چوندا آهيون ته ان ۾ به هوندو ڪو الله سائينءَ جو راز ! پر هاڻي ته آهستي آهستي گهڻن رازن تان به پردو کڄندو پيو وڃي. پاڻ جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ۽ ڪا عورت ڳورهاري ٿيندي هئي ته پوءِ پڇنداهئاسون ته پٽ ڄمندو يا ڌيءُ !! تڏهن اسان جون نانيون ۽ ڏاڏيون چونديون هيون ته ابا عقل ڪر اهو الله سائينءَ جو ڳجهه آهي، فقط الله سائينءَ کي ئي خبر آهي ته پٽ چمندو يا ڌيءُ. سو هاڻي اهو ڳجهه به گهڻو ڳجهه نه رهيو آهي . ڊاڪٽر الٽرا سائونڊ ڪري ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته پٽ آهي يا ڌيءُ !
    اهي ٽوٽڪا الائي ڪيئن وچ ۾ اچي ويا. اڄ ڳالهه ڪرڻي هئي هڪ شرعي ۽ اخلاقي. چئون ٿا ته مسلمان آهيون. چئون ٿا ته اسلام عظيم مذهب آهي ۽ اسان ان جا پيروڪار آهيون. اسلام چوي ٿو ته شادي ڪرائڻ کان اڳ پنهنجي نياڻيءَ جي مرضي معلوم ڪريو. اسان جا گهڻا خاندان نياڻيءَ جي راءِ پاڻهرتو ته معلوم نٿا ڪن پر مجبور ٿي ڪڏهن نياڻيءَ پيءُ ماءُ کي پنهنجي پسند ٻڌائي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ماءُ پيءُ نياڻيءَ جي انهيءَ اظهار کي ٿڏي ڇڏين ٿا ۽ نياڻيءَ جي پسند خلاف ان جي شادي ڪرائين ٿا. ۽ طاهر آهي ته زور جي ميندي نه لڳندي آهي. اهڙيون شاديون ناڪام ٿين ٿيون پوءِ سموري زندگي روئڻ پٽڻ ۾ گذري وڃي ٿي . ڪڏهن ڪڏهن پيءُ ماءُ جي غلط فيصلن سبب نياڻي گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي ۽ پنهنجي پسند جو پرڻو ڪري ٿي. اسان اهڙي پرڻي کي عيب ڪونه ٿا سمجهون، ڇو ته شريعت موجب نڪاح ٿئي ٿو. اهو اسلام ۽ اخلاق جي اصولن مطابق آهي. پر پوءِ نياڻيءَ جي ماءُ پيءُ جون غيرتون جاڳي پون ٿيون ۽ اسان اڪثر اخبارن ۾ پڙهندا رهندا رهون ٿا ته پيءُ ماءُ اهڙين نياڻين کي ماري يا مارائي ڇڏين ٿا ۽ ڪڏهن گهوٽ به رڳڙي ۾ اچي وڃي ٿو.
    تازو اخبارن ۾ خبر آئي آهي ته پني عاقل جي رهواسي نوجوان قادر بخش عرف بلخ شير مهر هڪ اسڪول جي ماسترياڻي شائستا عالماڻيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي. اول انهن شائستا جي پيءُ ماءُ کان اهڙي شاديءَ جي اجازت گهري، پر ڪنهن سبب ڪري اهڙي اجازت نه ملڻ تي هنن شادي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ جيئن سنڌي سماج ۾ ٿيندو آهي ته هنن جان کي خطرو سمجهي ڪراچيءَ جو رخ ڪيو ۽ هتي ڪنهن گهر ۾ رهندا آيا پر هنن محسوس ڪيو ته سُڃاتل چهرا هنن جو پيڇو ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح هنن ڪورٽ ۾ پناهه جي درخواست ڏني . جنهن کي منظور ڪندي کين ايڌي هوم موڪليو ويو.
    پوليس جو نالو ٻڌندي ئي اسان ۾ حقارت ۽ نفرت جو احساس اڀرندو آهي. ڇو ته گندن پوليس وارن، فرض شناس پوليس عملدارن جو نالو به خراب ڪري ڇڏيو آهي.
    هونئن ته پوليس کاتي ۾ محمد بچل سانگريءَ جهڙا فرض شناس، الله لوڪ ۽ خدا ترس ڪيترائي آفيسر موجود آهن. پر مان پوليس عملدار ثناءُ الله عباسيءَ کي به اٿي بيهي سلوٽ ٿو ڪريان، سلام ٿو ڪريانس. جنهن ان جوڙي کي موت جي منهن کان بچايو ۽ انهن کي پني عاقل پوليس جي حوالي نه ڪيو، نه ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي نوجوان ۽ خوبصورت پريمي جوڙو قتل ٿي وڃي ها.
    ثناءَ الله عباسي هڪ انتهائي فرض شناس ۽ ايماندار پوليس آفيسر آهي ۽ هو پنهنجي فرض شناسيءَ جي جوش ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي زندگي به خطري ۾ وجھي چڪو آهي.
    اهڙو ئي هڪ ڪارنامو اسان جي شهر خيرپور جي ناظم نفيسا شاهه به ڪري چڪي آهي. جنهن ٺري ميرواهه جي هڪ ڪائونسلر نورخاتون شر جي زندگي بچائي. جنهن کي پيءَ ذري گهٽ ڪاري ڪري ماريو ٿي. خدا ڪري نفيسا شاهه ۽ ثناءُ الله عباسيءَ جهڙا فرض شناس ۽ انسان دوست ٻيا به پيدا ٿين ته انسانيت جو سر ڪجهه بلند ٿئي ته اڄڪلهه ته آويءَ جي آوي ئي بگڙيل ٿي نڪري. شايد ان ڪري ئي ڀٽائيءَ فرمايو هو ته :
    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ، اچي بوءِ بهار جي
    پر سوال وري اهو آهي ته ايڌي هوم ۾ هني مون ته نه ٿيندا آهن. اسان جي خدا ترس ماڻهن ۽ اين جي اوز کي گذارش آهي ته هن جوڙي کي ڪنهن ملڪ جي ويزا ڏياري ٻاهر موڪلين جتي ڪونه ڪو روزگار کين ملي پوندو ۽ انهن جون قيمتي جانيون به ضايع ٿيڻ کان بچي وينديون . مرڻ برحق آهي پر بد اخلاق وڏيرن جي ڪهاڙين ۽ بندوقن سان ڇو مرجي. هي ڪهڙو معاشرو آهي، جتي نفرت ڪندڙ اوچا ڳاٽ ڪري هلندا آهن ۽ پيار ڪندڙ ڪهاڙين جو بک بڻبا آهن. هي ڪهڙا وڏيرا آهن جيڪي اڇين مڇن ۽ وارن کي رنگ هڻي ڪيئي عورتون رکندا آهن. ۽ انهن جا پٽ ڪنهن ٻئي جي نياڻيءَ سان عشق ڪندا آهن ته فخر سان گَد گَد پيا ٿيندا آهن ، پر پنهنجي نياڻي آئيني آڏو پنهنجي چپن کي سرخي به هڻي ته انهن جي دلين ۾ ڪيئي گمان ڊوڙي ويندا آهن. هي منافق معاشرو ڪيستائين حوا جي نياڻيءَ کي نه سهندو ۽ آواره پُٽن جي بدمعاشين کي نظر انداز ڪندو رهندو. ڇا عزت ٿيڻ يا لهڻ جو سڄو بار نياڻين تي آهي ۽ پٽ انهيءَ بار کان آجا آهن ؟؟
    يا پرودگار ! اسان جي سنڌي وڏيرن کي ساڃاهه ڏئي ته هو غيرت جي معنيٰ ۽ معيار کي پرکي ۽ پروڙي سگهن. غيرت جو مطلب آهي هر عورت جو احترام. غيرت جو اهو مطلب ناهي ته پنهنجي ڌيءَ جي جي حفاظت ڪجي ۽ پرائيءَ ڌيءَ ۾ اکيون وجهجن . ڌيءُ مڙئي ڌيءُ هوندي آهي. منهنجي ڌيءُ تنهنجي ڌيءُ. هن جي ڌيءُ هُن جي ڌيءُ . سڀ ڌيئرون آهن ۽ سڀ احترام لائق آهن. ۽ جيڪڏهن پٽن جي لاتعداد نالائقين کي نظر انداز ڪرڻ جي سگهه رکو ٿا ته نياڻيءَ جي ڪنهن لغرش کي به برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکو ۽ ڪنهن ٻئي کي بي غيرت جو لقب ڏيڻ کان پهرين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسڻ به سکو !
    شائسته عالماڻي ۽ بلخ شير مهر، توهان ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي. سنڌ جا هزارين ماڻهو ، اديب ، شاعر، صحافي توهان سان گڏ آهن. الله سائين به توهان جو مددگار ٿيندو. آمين !

    عوامي آواز ڪراچي-23 سيپٽمبر 2003ع


    • خدا ماڻهن ۾ مهر آڻي

    وڳر ڪيو وتن – پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن – ماڻهئان ميٺ گهڻو

    ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون
    جيئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهن سين

    ڪراچي جي شهر ۾ چورين، ڌاڙن، ڦرن ۽ گاڏين ڦرجڻ جي آزار سبب انسان خوف ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. هت انساني جانيون ته عذاب ۾ آهن ئي سهي پر اڄ مان توهان جو ڌيان پکين ۽ جانورن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو. ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تان گذرندي توهان ڏسندا ته ڪي ماڻهو هٿن ۾ ديسي ڪڪڙيون ۽ ڀاڙو تتر ابتا لڙڪايون پيا ايندين ويندين گاڏين وارن کي وڪڻڻ لاءِ واجهائيندا رهندا آهن اهڙيءَ طرح تتل ڏينهن ۾، سخت گرمي ۾ ويچارا ساهدار سڄو ڏينهن ابتا لڙڪيا پيا هوندا آهن نه ان نه پاڻي – اهو تماشو مان تقريبن روز ڏسندو آهيان. جڏهن گاڏيءَ م بمبينو سئنيما وٽان لگهندو آهيان تڏهن اهي ظالم، ڪڪڙيون ۽ تتر ابتا لڙڪائي وڪري لاءِ واجهائيندا وتندا آهن.
    پراڻڻ زمانن ۾ هڪ ادارو هوندو هو جنهن جو نالو هو S.P.C.A يعني Society for prevention or cruelties upon animals انهيءَ اداري جون موبائيل يا گشتي ٽيمون شهر ۾ گشت ڪري اهو ڏسنديون هيون ته ڪنهن گگدام سان ظلم زيادتي ته نه ٿي ٿئي. گڏهه گاڏن يا ٽانگن ۾ ڍڪندڙ گهوڙن سان ڪو ظلم زيادتي ته نه ٿي ٿئي. مثال گڏهه گاڏي تي ضرورت کان وڌيڪ وزن رکڻ جي ڏوهه ۾ گڏهه گاڏي جي مالڪ تي ڏنڊ لڳندو هو. SPCA جي آفيسرن کي سزا ڏيڻ يا ڏنڊ لڳائڻ جا اختيار هوندا هئا. زخمي جانور کي ڍُڪائڻ يا ان کان ڪم وٺڻ تي پڻ ڏنڊ هنيو ويندو هو. مون کي يقين آهي ته اها سوسائٽي اڃا به برقرار هوندي پر اهي به سوچيندا هوندا ته جتي انسانن تي ٿيندڙ ظلمن جو ڪو پڇاڻو ڪونهي ڪا پوئواري ناهي. اتي ڪڪڙين، تترن يا گهوڙن ۽ گڏهن کي ڪير ٿو پڇي؟
    ٻيو نظارو توهان اهو به ڏٺو هوندو. ٽرڪن ۾ گگدام ساسي، مينهون ۽ ڳئون هڪ ٻئي ۾ ڳتيل، سوڙهه ۾ سنڌ ۽ پنجاب کان ڪراچي آنديون وينديون آهن.
    توهان ڏسندا ته انهن گگدامن جا ڪنڌ به اڀا ۽ هڪ هنڌ بيٺل هوندا آهن ۽ اهي ڏينهن رات جي مسافت طئي ڪري ڪراچي پهچايا وڃن ٿا. سچ پڇو ته مان اها واردات ڏسي نه سگهندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته انهن ظالمن کي دل ئي دل ۾ گهڻي لعنت ملامت ڪندو آهيان.
    اسان ڳوٺاڻا، مالوند ماڻهو ڀاڳيا آهيون، مال کي، خاص طرح مينهين کي امان امان ڪري هڪليندا آهيون، ڏهندا هيون. علڻ فقير ۽ شهڪي جو گڏجي ڳايل مشهور ڪلام
    “هو مان هو مان” جو مطلب ته شايد شهڪي کي پاڻ به نه ايندو هوندو ته اهو “هو مان هو مان ڇاهي” باقي اردو ٻڌندڙ دنيا لاءِ به اهو سمجهڻ ڏکيو ڪم آهي.
    اهي ٻول مالوند ڀاڳيا يا ڳوٺاڻا ئي سمجهي سگهندا. اهو مينهن کي هڪلڻ يا اٿارڻ جو “طريقو” آهي. “هون امان هون امان” جنهن جي بگڙيل صورت “هو مان هو مان” ٿي وئي آهي. ته جنهن مال کي اسان امان چئي پاٻوهه سان پڪاريون تنهن کي هي بي ڪهل ماڻهو ٽرڪن ۾ بي دردي سان ڀيڪوڙي موڪلن ٿا. سوچيو ته اهي گگدام ۽ بي زبان ڪهڙي عتاب منجهان گذرندا هوندا.
    ڀٽ ڌڻي سر سارنگ ۾ ڍرون جي خوشحالي جو بيان طرح طرح سان ڪيو آهي :
    اڄ پڻ اتر پار ڏي – ڪڪريون ڪاريون
    وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون
    “لٿين لک لطيف چئي، ڍايون تاساريون
    ڀڄنديون ڀٽاريون – وري وٿاڻين آئيون




    اڱڻ تازي – ٻهر ڪنڍيون پکا پٽ سُنهن
    سُرهي سيج، پاسي پرين، مَرُ پيا مينهن وسن،
    اسان ۽ پرين شال هون برابر ڏينهڙا

    ڀٽ ڌڻي ته انهن ڪونجڙين تي به ڪهل ٿو ڪري جي پنهنجي وطن کان ٻئي وطن تي رزق جي تلاش ۾ پرڏيهه ٿيون پڌارن
    “قسمت آنديون ڪونجڙيون وطن سندن روهه
    ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه – رزق رزاق هٿ ۾.”

    ڀٽ ڌڻي نه فقط پکين ۽ ڍورن لاءِ ڳايو آهي پر هو ته وڻن سان به ڳالهيون ٿو ڪري.
    ڪر ڪي ڳالهڙيون ڪنڊا ڍور ڌڻين جون
    ڪيئن سي راتڙيون، ڪنهن پر ڏيهنن گذرئي

    ڪندا تو وٽان – سچ ڪه سيڻن لڏيو
    مَڃُر تو مٿان ڇڻيو پون ڇڳا ڪيو!

    خدا ماڻهن ۾ مهر آڻي جو انسانن کي ته ڏکائن ٿا پر پکين ۽ جانورن کي ته ايذائڻ ڇڏي ڏين. S.P.C.A جيڪڏهن اڃا وجود ۾ آهي ته کين انهيءَ پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

    عوامي آواز ڪراچي-21 آگسٽ 2001ع


    • سلمان رشدي، اسامه ۽ انصاف

    11 سيپٽمبر واري آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي فضائي دهشت گردي جي نتيجي ۾ هزارين آمريڪي موت جو شڪار ٿي ويا. آمريڪا جهڙي طاقت ور راڪاس مٿان هڪ ئي وقت ايڏا گهڻ – پاساوان حملا ۽ ايڏي جاني – مالي نقصان سان گڏ آمريڪي انا ۽ اعتماد کي جيڪو ڇيهو رسيو تنهن جو پورائو باقي رهندڙ زندگي ۾ شايد نه ٿي سگهندو. آمريڪي عوام حيران پريشان، خوفزده ۽ ششدر ٿيل آهي. آمريڪين کي ننڊ ۾ ڇرڪ اچي رهيا آهن. اوٺارا ٿي پيا آهن ۽ اسٽائوٽ بيئر (Stout beer) ۽ بڪارڊي (Bacardi) پيئڻ کان پوءِ به کين اڳ جيان سڪون واري ننڊ نه ٿي اچي فضائي دهشتگردي (Air terrorism) کان پوءِ هينئر آمريڪا ۾ ڪيميائي دهشتگردي (Chemical terrorism) جو دورو آهي.
    اينٿراڪس (Anthrax) سفيد پائوڊر جهڙي ڪا شيءِ ٽپال جي لفافن ۾ اچي رهي آهي جنهن سان چمڙي جون وچڙندڙ بيماريون پکڙجن ٿيون. گوري چمڙي کي ڇاپاڪو ٿي وڃي ٿو، نيرا پيلا نشان ٿي وڃن ٿا.
    خارش کاڄي ٿئي ٿي، گورا پريشان آهن ڏک، حيراني، افسوس ۽ افراتفري جي عالم ۾ بردبار رهڻ ۽ اٻهري انتقامي جوش ۽ جذبي کي اعتدال ۾ رکڻ آسان ڪم نه آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ (Crisis Management) خود هڪ سائنس آهي. حڪمت عملي آهي. جنهن لاءِ وڏي تحمل ۽ وڏي بردباري جي ضرورت آهي. جنهن جو اظهار آمريڪا نه ڪري سگهيو ۽ طالبان ۽ افغانستان تي جنگ مڙهي پنهنجي ڪوڙي انا کي تسلي ڏئي رهيو آهي دراصل طاقت کي ضابطي ۾ رکڻ ئي اصل طاقت آهي. طاقت جو تڪڙو ۽ اٻهرو استعمال کوکلائپ جي نشاني آهي، ٽرڙائپ جي نشاني آهي، فحاشي آهي. آمريڪي عوام جي خفگي مٽائڻ ۽ پنهنجي حفاظتي انتظامن ۾ مجرمانا غفلت کي ليپو ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي نشرياتي نيٽ ورڪ چوڻ شروع ڪيو ته حملي آور مسلمان آهن، عرب آهن ۽ انهن حملن پٺيان اسامه بن لادن جو هٿ آهي. افغانستان جي غارن ۾ لڪل اسامه بن لادن جيڪڏهن ايڏي طاقت ۽ حرفت رکي ٿو ته پوءِ هو بجا طور تي اسلام جو هيرو سڏائڻ جو حقدار آهي. پر اسان اڄ به پوري خلوص ۽ سچائي سان سمجهون ٿا ته اسامه بن لادن ۾ ايتري طاقت ۽ ايتري حرفت ناهي جو هو آمريڪا جي شهرن تي اهڙا حملا ڪرائي سگهي ها البته جيڪڏهن اسرائيل تي اهڙا حملا ٿين ها ته اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ها ۽ مڃڻ ۾ به اچي ها.
    ڇو ته اسرائيل جون جاگرافيائي سرحدون ڏٺل وائٺل ۽ ناپيل توريل آهن. ويجهيون آهن ۽ ڄڻ ته گهر جي ڳالهه آهي. اسرائيلي دهشتگردي کي آمريڪا جو آشيرواد حاصل آهي. اها عالم آشڪار ڳالهه آهي هينئر به فلسطين ۾ پٺئين هفتي اسرائيل جي دهشتگردي ۾ ڪيئي فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ اتي جنگ واري حالت آهي. اسرائيلي دهشتگردي ۾ زور ۽ اضافو تڏهن آيو جڏهن برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر Tony Blair اهو اعلان ڪيو ته هينئر هڪ مستحڪم ۽ آزاد فلسطيني حڪومت جي قيام جو وقت اچي ويو آهي. ڊائوننگ اسٽريٽ (Downing Street) وٽ فلسطين جي چيئرمين ياسر عرفات سان گڏ پليٽ فارم تي بيهي هن اهو اعلان ڪيو هو. ظاهر آهي ته ايڏي وڏي اعلان جي پس منظر ۾ آمريڪا جو آشيرواد هوندو، پر جنهن ديده دليري سان آمريڪا ۽ برطانيه طالبان کي ماري رهيا آهن اهڙي جوش، جذبي، ولولي ۽ طاقت سان هو اسرائيل سان ڇو نه ٿا وڙهي سگهن. شايد ان ڪري ته طالبان “مسلمان” آهن ۽ اسرائيلي “يهودي” آهن.
    آمريڪا ۽ برطانيه کي هن وقت پنهنجي عدل ۽ انصاف واري حڪمراني جي پڪي ۽ ٺوس ثبوت ڏيڻ جي ضرورت آهي هن کي هن وقت ثابت ڪرڻو پوندو ته وٽن طاقت آهي ته توازن به آهي، انصاف به آهي، آمريڪا کي اسرائيل جي دهشتگردي به کلئي عام ختم ڪرڻي آهي اهڙي نموني جو مسلمانن کي ان تي يقين به اچي ۽ انهن جا خدشا به دور ٿين. اهڙي طرح ڪشمير جو مسئلو به نبيرڻو آهي ۽ اتي هندستان جي توڙي ڪنهن ٻئي ملڪ جي دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ڪشميرين کي خود اختياري جو حق ڏياريو وڃي (Vote or self determination).
    آخر ۾ ويندي ويندي هڪ ڳالهه جي وضاحت چاهيان ٿو پنهنجن پڙهندڙن کان آمريڪا کان برطانيه کان ۽ سڀني کان. اها ته برطانيه جي شهريت رکندڙ گستاخ ليکڪ سلمان رشدي هڪ ڪتاب لکيو هو شيطاني آيتون (Satanic Verses) جنهن ۾ ٻين اسلام جي قدرن ۽ عقيدن تي ٺٺولين ڪرڻ ۽ گستاخي ۽ بي ادبي ڪرڻ سان گڏ هن حضور صه جي شان ۾ به گستاخي ڪئي.
    نعوذ بالله اهڙي ذليل ۽ گستاخ حرڪت تي ان وقت جي انقلابي ۽ موجوده دور جي عظيم عالم ۽ روحاني پيشوا حضرت آيت الله روح الله خمينيءَ مٿانئس “واجب القتل” جي “فتوا” جاري ڪئي هئي ڇو ته اها رشديءَ جي ادبي دهشتگردي (Literary terrorism) هئي.
    پر دنيا ڏٺو ته اسلام جي مخالف ان “لادين” دهرئي ۽ گستاخ کي موت جي منهن کان بچائڻ لاءِ برطانيه کيس ڪيترو تحفظ مهيا ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هو برطانيه جي سخت پهري ۾ آهي.
    جيڪڏهن “لادين” ايڏي تحفظ جو حقدار آهي ته ڇا “لادن” ڪنهن تحفظ جو حقدار ناهي؟!
    عدل ۽ انصاف جي ڇا تقاضا آهي.؟
    ڇا برطانيه لادن جي عيوض سلمان رشدي مسلمانن جي حوالي ڪندو؟! جواب گهُرجي.

    عوامي آواز ڪراچي – 24 آڪٽوبر 2001


    • گل ڇِنو گرنار جو

    حسن، حيا ۽ جوڀن جي شاهڪار “سارنگ” جنهن جي وسڻ لاءِ تاڙا تنواريندا آهن، تنهن کي چند شر پسند شَرَن، آچر ڏينهن ويهين مئي تي احمد پور بس اسٽينڊ تي گولين جا گهاوَ هڻي ۽ خنجرن جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. اهو منجهند جو ساڍي يارهين جو وقت هو. قاتل ڪي پرو چانڊئي جا پونير ڪين هيا، جو بس اسٽينڊ تي بيٺل يا چوڌاري هوٽلن تي ويهي چانهه جي چسڪين ڀريندڙن کي ڪک سنگهي ويو هو ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سمورا تماشبين جيڪي هڪ ڦوهه جواني کي ڦٿڪندي ڏسي رهيا هئا سي منهن مان ٻڙڪ نه ٻولي قتل جي سازش ۾ شريڪ هيا. اِهڙن موقعن تي ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي ته:
    اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي
    پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيو ڪين ڪُٺن
    ڪا جا مام مُٺن، جو هن ڀر هئي هن سين.

    مسلم ڪمرشل بينڪ جي مئنيجر، پراڻي قوم پرست، نوجوان پٽ جي پڙهيل ڳڙهيل پيءُ امان الله کوسي ڳوڙها ڳاڙيندي ٻڌايو ته اسان سان ويساهه گهاتي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته توڙي جو اڳ ۾ شرن جي ٿيل هڪ قتل ۾ اسان جي گهراڻي جي ڪنهن به فرد جو پري پري تائين ڪو عمل دخل نه آهي پر “چڱو مارينداسين” جي بي رحم زنگ کاڌل ۽ نفرت جوڳي پراڻي سنڌي رسم جي اڻ سڌريل اصول مطابق شروع کان ئي چند شر پسند شرن جي بد نظر، منهنجي چنڊ جهڙي سهڻي ٽيويهن سالن جي قداور پٽ سارنگ تي کپيل هئي. بقول اياز ته :
    هِن سر جي گدلي سينور ۾
    هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ.
    چند گهڻگهرن ۽ چڱن اسان کي اڳ ئي اشارا ڪيا هئا ته اهي بدخواهه “گرنار جو هي گل ڇني وٺندا” جيڪو خدشو سچ ثابت ٿيو.
    سڏڪندي ۽ رڪجندي ۽ هر هر ڳوڙها صاف ڪندي امان الله کوسي ٻڌايو ته خطري کي اڳواٽ محسوس ڪندي، اسان چڱن مٺن کي مداخلت ڪرڻ ۽ وچ ۾ پئي جهيڙو ٽارڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڀڄ ڊڪ ڪئي. شرن ۽ کوسن جي گڏيل مرشد ۽ راڻي پور جي گادي نيشين پير، ميران سائين جن کي تڪليف ڏئي وٺي آياسين. پر شرن مرشد کي به بي مهاب ڪري موٽائي ڇڏيو. بعد ۾ سندن وڏي ۽ سردار فقير سڪندر کي به وٺي آياسون. پر هنن فقير سڪندر جي ڳالهه به نه ٻڌي.
    باقي پنهنجي تر جي چڱن، معتبرن ۽ نيڪ مردن کي به وچ ۾ آندوسين اسان اهي سڀ ڪوششون ان ڪري وٺي رهيا هئاسون جو اسان پنهنجي پاڙي ۽ پاڙيسرين سان اچائڻ نه ٿي چاهيو. اسان جو سمورو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ادب علم ۽ شاعري سان واسطو رکي ٿو. اسان جهيڙي ۽ فساد مان نه ڄاڻون. شر ۽ اسان ڀت برادر، مرڻي پرڻي هڪ ٻي سان سدائين سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ رهيا آهيان. شر ۽ اسان گڏ کليا، کيڏيا ۽ پڙهيا آهيون. اسان جون زمينون گڏ آهن. ٻنا ٻاريون گڏ آهن. مرحوم توڪل علي شر جي پيءُ چاچو صابو (وڏو معتبر شخص هو) سو سموري زندگي مامي ڪريم بخش (فيض محمد کوسي - سفير جي پيءُ) وٽ گذاري. اسان ڄڻ ته هڪ ٻئي جي ٻچن ۽ ننگن جا وارث ۽ ڇٽ ڇپر هئاسون.
    سو اسان انهي پراڻي ڀائپي واري فضا قائم رکڻ گهري ٿي پر شر ڪنهن به هدي ۾ نه آيا. مان جڏهن “شر” چوان ٿو ته اهو سمجهڻ کپي ته سڀ شر نه پر اهي “ڇرڙ ڇورا” جي بي فرمان ۽ وڏن جي وس کان ٻاهر آهن. منهنجو مطلب انهن سان آهي. آخر انهن ڇرڙ ڇورن نه مڃيو ۽ نه مڙيا.
    ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ فقير سڪندر شر پڪو آسرو ڏنو هو ته خطري جي ڪا ڳالهه ناهي شر منهنجي چوڻ ۾ آهن. اهي جهيڙو نه ڪندا. فيصلو ڪبو حق ٿيندو. ناحق نه ٿيندو. پر آخر ۾ حق نه ٿيو. ناحق ٿيو جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته شرن فقير سڪندر جي بي فرماني ڪئي. ظاهر ۾ ته اهو ئي نظر اچي ٿو. باطن جي خبر خدا کي.
    امان کوسي وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو پٽ شهيد آهي ۽ منهنجو تعلق پڙهيل ڳڙهيل ۽ علمي ادبي گهراڻي سان آهي. تنهنڪري مان يا منهنجي خاندان جو ڪو به فرد “خون جي بدلي خون” جي حق ۾ نه آهي. اسان کي پلئه ۽ پلاند وٺڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. جو ائين ڪرڻ سان مان پنهنجي شهيد پٽ جي شهادت جو رتبو گهٽ ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان. ٻيو ته اسان جهڙو علمي ادبي ۽ پڙهيل ڳڙهيل خاندان به ويڙهه جهيڙي قتل ۽ غارت گري جي ڪني ۽ ڪوجهي روايت تي قائم رهي ته پوءِ تعليم ۽ جهالت نور ۽ ظلمات جو فرق ويندو رهندو.
    امان کوسي اڀ ڏي آڱر کڻندي چيو ته مون پنهنجو فيصلو ان تي ڇڏي ڏنو آهي جيڪو اسان کي زندگي ڏيندو به آهي ۽ جيڪو اسان کان زندگي وٺندو به آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته الله جي عدالت کان پوءِ هن اهو فيصلو ملڪ جي عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اميد ڏيکاري آهي ته کيس انصاف ضرور پلئه پوندو ۽ سندس بي ڏوهه پٽ جا حقيقي قاتل هڪ ڏينهن ضرور ڦاسي جي تختي تي چڙهندا.
    امان وڌيڪ ٻڌايو ته هي فقط لفاظي ناهي ۽ نه قانوني تحفظ لاءِ عدالتي اپيل آهي پر هو پوري هوش حواس سان چوي ٿو ته اسان شرن کان ڪنهن به پلئه پلاند وٺڻ جو ارادو نه ٿا رکون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کوسن جا لٺ سردار ناهيون جي سموري کوسا برداري اسان جي اشاري جي انتظار ۾ هجي. پر تعزيت ۽ تڏي تي ايندڙ ويندڙ ۽ وقتي طور تي جوش ۽ طيش ۾ آيل ڏمريل نوجوانن کي اسان واضح الفاظ ۾ هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به طرح جوش ۾ اچي ڪنهن به پلئه پلاند، جهڙي ۽ خون خرابي جو نه سوچين ۽ فيصلو الله ۽ ملڪي عدالتن تي ڇڏي ڏين. خدا نوجوانن کي ساڃهه ڏيندو ۽ مان اميد ٿو رکان ته اهي منهنجي ڳالهه ٻڌندا ۽ منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا.
    هن آخر ۾ ٻڌايو ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود خدانخواسته جيڪڏهن شرن سان ڪو سانحو پيش اچي ٿو يا موقعي جو غلط فائدو وٺندي ڪا به ڌر شرن جو ڪو نقصان اهو سمجهندي ڪري وڃي ته اڳي پوءِ ڳيڙ ته امان جي ڳچي ۾ پوندو ته اهڙي حالت ۾ ان جو نه مان ۽ نه منهنجي خاندان جو ڪو فرد ذميوار رهندو.
    آخر ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته اسان ۽ اسان جا ٻچا ۽ شر ۽ شرن جا ٻچا پنهنجي ٻنين ۽ ونين سان خوش رهن.

    عوامي آواز- 28 جون 2001ع


    • سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ٿيڻ

    سنڌي ادبي سنگت اسان مڙني اديبن ليکڪن ۽ شاعرن لاءِ ڄڻ ته ماءُ جو درجو رکي ٿي جنهن ادب ۽ اديب پيدا ڪيا آهن. هيءَ تنظيم 1947ع جي پهرين اڌ ۾ قائم ٿي جڏهن اڃا ننڍي کنڊ جي ورهاست نه ٿي هئي. هيءَ تنظيم به هئي ته تحريڪ هئي. سنگت جو پايو وجهندڙن مان گوبند مالهي کي س ا س جو پهريون سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو. ڪراچي جي “شپرس ۽ بايرس” جي آفيس ۾ سنگت جي پهرين گڏجاڻي ٿي. گوبند مالهي هڪ ترقي پسند ڪامريڊ ۽ سوشلسٽ ليکڪ هو. پر افسوس آهي جو سندس سيڪريٽري، جنرل چونڊجڻ کان جلد پوءِ ورهاڱو ٿي ويو ۽ گوبند هندستان هليو ويو. هن سنگت ۾ شروعاتي دور ۾ اياز قادري، احسان بدوي، جمال ابڙي، ڪيرت ٻاٻاڻي، نورالدين سرڪي ۽ شيخ اياز جهڙن وڏن نالن جو ساٿ رهيو. تنهن وقت ۾ پوءِ جناح ڪورٽس ۾ ڪجهه گڏجاڻيون ٿيون. پوءِ سنڌ مدرسي ۾ به گڏجاڻيون ٿيون بعد ۾ شمشيرالحيدري جو دور آيو. ان دور ۾ ادبي نشستن سان گڏ سماجي ۽ معاشري محاذن تي پڻ سنڌي ادبي سنگت ڏاڍي سرگرم ۽ فعال رهي. جڏهن ون يونٽ ٽوڙائڻ ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپائڻ واريون تحريڪون سنڌي ادبي سنگت ئي هلائي رهي هئي.
    خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت جي ڪراچي شاخ وڌ ۾ وڌ فعال ۽ سرگرم رهي. ڪراچي سنگت جي سيڪريٽرين ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، بدر ابڙو، خادم چمبڙائي، فقير محمد لاشاري، رئوف نظاماڻي، شاهه محمد پيرزادو، جان خاصخيلي ۽ رزاق سهتي جهڙا پڙهيل مخنتي سڄاڻ اديب ۽ قول فعل جا پڪا ليکڪ رهيا. منهنجو پيارو دوست فقير محمد لاشاري 1981ع کان 1988ع تائين لاڳاتار ست سال ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري رهيو.
    جنهن دور ۾ باقاعده ڪارروايون ٿينديون هيون ۽ اخبارن ۾ ڇپيون هيون. بهتر ٿيندو ته مان هتي فقير محمد لاشاري جي هڪ ليک مان ٽڪرو توهان آڏو پيش ڪريان حوالو شروع:
    “سنگت جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن 7 آڪٽوبر تي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ٿيو جنهن کانپوءِ سنگت جون شاخون باقاعدي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کلي ويون ۽ انهن جون گڏجاڻيون سرگرميءَ سان ٿيڻ لڳيون. انهيءَ دور ۾ هن فعال تنظيم ۽ مضبوط ادبي تحريڪ جا مقصد لڳ ڀڳ هن قسم جا رهيا.
    • نئين ٽهي کي اڳتي وڌائڻ.
    • سنڌي ٻوليءَ جي جائز حيثيت تسليم ڪرائڻ.
    • سنڌي ادب ۾ تنقيدي خيال کي تنقيدي ميڙ ڪوٺائي واضح ڪرڻ.
    • سنگت جي ميڙ ۾ پيش ڪيل مواد کي معياري اخبارن ۽رسالن ۾ شايع ڪرائڻ سنڌي ادبي سنگت پنهنجي هن ٻي دور ۾ چٽيءَ ريت ثابت ڪيو ته اها ڪا اهڙي ادبي چوياري ڪانهي جنهن ۾ ماڻهو گڏ ٿي، هڪ ٻئي جون لکڻيون ٻڌي. هڪ ٻئي کي شاباش ڏئي. هٿ ڇنڊي اٿي کڙا ٿين ۽ ان جي ڪا به عملي شڪل نه هجي.
    ان جي ابتڙ سنگت هن دور ۾ پاڻ نه رڳو با ضمير سنڌي اديبن جي فعال تنظيم ثابت ڪيو پر پنهنجي دور جي هر انهي سماجي ۽ سياسي تبديلي جو سختي سان نوٽيس ورتو جيڪا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو مستقبل تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. (حوالو ختم).
    بهرحال سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو ماضي شاندار ۽ جاندار رهيو آهي ويجهي ماضي ۾ ڪراچي سنگت تاريخي پروگرام ڪرايا جن ۾ شيخ اياز سان رهاڻ، استاد بخاري سان يادگار شام، ف. م . لاشاري جي حوالي سان يادگار سيمينار، ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ سان شام، رخسانه پريت چنڙ جي ڪتاب جو مهورت ۽ ٻيا کوڙ پروگرام . ان کانسواءِ ڪجهه سالن کان هڪ نئين ريت وڌي وئي ته هر سال بهار جي موسم ۾ نوري ڄام تماچي جي تڙ، ڪينجهر ڪناري هڪ ادبي شام ملهائبي هئي جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد توڙي سنڌ جي ٻين شهرن کان سينينئر توڙي جونيئر اديب اچي سهڙندا هئا. اهي رهاڻيون اهڙيون جاندار هونديون هيون جو ڄڻ سڄي سال جا ٿڪ لهي ويندا هئا. پر ڪجهه سال کان هن شاخ جي ڪاڪردگي ۾ ماٺار اچي وئي آهي ۽ هينئر ته بنهه اها لاٽ اجهامي چڪي آهي ۽ هاڻي ان ڏيئي ۾ نه “وٽ” بچي آهي نه “تيل” سڀ ڪجهه سڙي پڄري. کامي ۽ کپي چڪو آهي. اها ڳالهه باقي سنڌ سان گڏ مرڪز به محسوس ڪئي ۽ منهنجي پيارن دوستن اياز گل ۽ ادل سومري ڪئي ڀيرا مون کي ميار ڏيندي چيو ته “هدايت تنهنجي هوندي ڪراچي شاخ جو اهو حشر ڇو ٿيو آهي.” مون وٽ ان ميار جو جواب هوندي به مون خاموش رهڻ بهتر ڄاتو.
    تازو ڪجهه دوستن گڏجي صلاح ڪئي ته ان وساميل ڏيئي ۾ “وٽ” ۽ “تيل” وجهي ان کي ٽمڪائجي ته من ڪا لاٽ مان لاٽ ٻري دوستن کي چيوسين ته مرڪز سان رابطو ڪجي ۽ موجوده باڊي (جهڙي به آهي) تنهن سان رابطو ڪجي. آخر سيڪريٽري جنرل ادل سومري هڪ خط لکي مون کي اختيار ڏنو ته مان ڪراچي شاخ جون چونڊون پنهنجي نگراني ۾ ڪرايان.
    موجوده باڊي سان رابطو ڪري هڪ جنرل اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ مرڪز کان آيل خط جو حوالي ڏيئي چونڊ ڪميٽي ٺاهي وئي. برک شاعر تاجل بيوس ان اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ چونڊ ڪميٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر مونکي مقرر ڪيو ويو ۽ ميمبر طور رزاق سهتو ۽ آفاق ڀٽي جيڪو مرڪز جو رابطي سيڪريٽري به آهي کي کنيو ويو. 25 فيبروري ميمبر شپ ڪرائڻ ۽ باقيات پياري ان کي بحال ڪرڻ جي تاريخ رکي ويئي جنهن ۾ ڏاڍي سرگرمي نظر آئي. اهڙيون خبرون عوامي آواز، هلال پاڪستان، هلچل ۽ ڪاوش ۾ ڇپيون.
    ميمبرن جي فهرست ملڻ کانپوءِ چونڊ ڪميٽي، چونڊ پروگرام مختلف اخبارن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو جيڪو هن ريت هو. چونڊون 2 مارچ آخر ڏهاڙي ٿينديون جنهن ۾ اميدوارن طرفان نامزدگي جي آخر تاريخ 25 فيبروري جڏهن ته هٿ کڻڻ جي آخر تاريخ 27 فيبروري رکي وئي ۽ اميدوارن جي حتمي فهرست 28 فيبروري تي پڌرو ڪرڻ جو وچور ڏنو ويو. مقرر تاريخن تي سيڪريٽري لاءِ عبدالستار ڀٽي ۽ رخسانه لغاري، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ نواز سومرو، خزانچي تي مجاهد پتوُجو، ڪائونسلر تي اسحاق انصاري ۽ ڪاروباري ڪميٽي لاءِ حيدر بخش گل، عابد مظهر، رمضان نول جا نامزدگي فارم پهتا. 27 فيبروري تي رخسانه لغاري سيڪريٽري جي حيثيت سان عبدالستار ڀٽي جي حق ۾ هٿ کڻي وئي نتيجي ۾ سمورا عهديدار ۽ ميمبر بنا مقابلي چونڊجي آيا. باقي رهجي ويل هڪ آڊيٽر جي عهدي لاءِ ڪاروباري ڪميٽي کي پورو ڪرڻ جو اختيار آئين موجب چونڊجي آيل باڊي کي ڏنو ويو ۽ خير خوبي سان جمهوري روايت پٽاندر چونڊن جو عمل صاف ۽ شفاف نموني سان پڄاڻي تي پهتو.
    ان سموري پوتا ميل پڌرو ڪرڻ جو هڪ مقصد هي آهي ته مرڪز کي ڄاڻ هجي ته ان پاران اسان کي سونپيل ذميواري خير خوبي سان پوري ڪئي وئي ٻيو ته ڪو به دوست سڀاڻي اٿي اها معيار نه ڏئي ته اسان ڪو ناني ويڙهو ڪري جانبدار چونڊون ڪرايون آهن، ڇو ته هڪ هڪ شئي ڪيئي ڪيئي اخبارن ۾ پڌري ڪئي وئي.
    منهنجا سينيئر، جونيئر ۽ هم عمر دوستو ڀائرو ۽ ڀينرو، اٿو- اچو- گڏجي ڪم ڪريون ۽ ڪراچي شاخ جو وڃايل وقار بحال ڪريون انڌاري کي گارين ڏيڻ بجاءِ هڪ ڏيئو ٻاريون ڇو ته انڌاري کي گارين ڏيڻ سان انڌارو ختم نه ٿيندو. هڪ جوت جلائڻ سان هڪ ڏيئي ٻارڻ سان انڌارو ختم ٿيندو. ڇا ٿا سوچيو؟

    عوامي آواز ڪراچي 4 مارچ 2003ع


    • هينئڙو مون لوڻ ٿئي

    قرآن مجيد جي شروعات :
    1. خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي، جو “سڀني” جهانن جو پالڻهار آهي.
    2. وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي.
    3. انهيءَ ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو.
    4. (اي خدا) اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا.
    5. (اي خدا) اسان کي سڌي راهه ڏيکار.
    6. انهن ماڻهن جي واٽ تي، جن تي تو نعمتون ڪيون.
    7. نه انهن ماڻهن جي واٽ تي، جن تي غضب پيو ۽ نه انهن جي راهه تي جي گمراهه ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا.
    شاهه جي رسالي جي شروعات :
    اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قُدرت سين، قائم آهه قديم،
    والي، واحد، وحده، رازق رب رحيم،
    سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.

    عام طور تي سڀني مسلمانن لاءِ قرآن پاڪ ڪامل هدايت جو ڪتاب آهي. سورت فاتحه يا جنهن کي اسان عام زبان ۾ “الحمد” چوندا آهيون. تنهن جي اهميت ان مان ظاهر آهي ته نماز جي هر رڪعت ۾ “الحمد” پڙهڻ لازمي آهي. ۽ الحمد پڙهڻ کان پوءِ ئي ڪا ٻي آيت پڙهي سگهجي ٿي. ايڏي اهم ترين هن صورت ۾ خدا تعاليٰ جي تعريف ٿيل آهي ۽ خدا تعاليٰ کي ئي سڀني جهانن جو پالڻهار سڏيو ويو آهي. يعني جيڪي به جهان آهن انهن ۾ موجود مڙني مخلوقن جو پالڻهار آهي. ثابت ٿيو ته اسلام جو پيغام آفاقي ۽ انساني آهي. گروهي يا طبقاتي ناهي. خاص طور تي سنڌي مسلمانن لاءِ قرآن پاڪ سان گڏ شاهه ڀٽائيءَ جو ڪلام پڻ مقدس آهي. شاهه جو رسالو ڄڻ “تفهيم القرآن “ آهي :




    جي تو بيت ڀانئيا ، سي آيتون آهين،
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي .

    قرآن پاڪ جي شروعات “ال” ۽ رسالي جي شروعات “اول” جي لفظن سان آهي. ڏسو ته قرآن جي پهرين سٽ ۽ شاهه جي رسالي جي پهرين سٽ جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق آهي ؟
    الحمد لله رب العالمين – قرآن
    اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي – شاهه
    ثابت ٿيو ته قرآن پاڪ ۽ شاهه جي رسالي جي شروعات ۾ بلڪل هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي آهي. جهڙيءَ طرح قرآن جي شروعاتي صورت “الفاتحه “ ۾ الله سائين لاءِ چيل آهي ته “ سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.” اهڙيءَ طرح ڀٽائيءَ به چيو آهي ته “ اعليٰ عالم جو ڌڻي.” ڳالهه ساڳي آهي. ڀٽائيءَ به ائين ڪونه چيو آهي ته هو “مسلمانن “ جو ڌڻي آهي. يعني شاهه جو مذهب ۽ مسلڪ به آفاقي ۽ انساني هو، گروهي نه هو. هيءَ قرآن پاڪ ۽ شاهه جي رسالي جي شروعات ۾ هڪ جهرائي حادثاتي طور تي ناهي. هڪ ٻي هڪجهڙائيءِ کي به ڪهڙو نالو ڏجي، اها ته رسول اڪرم صلعم ۽ ڀٽائي جن جي عمر به ٽيهٺ سال هئي. ٻنهي ساڳي عمر ماڻي. توهان سوچيندا هوندا ته مون تازو تبليغي جماعت شموليت ڪئي آهي ڇا جو اڄ مان اسلامي تبليغ جي موڊ ۾ آهيان. ائين ناهي پر اسان جي معاشري ۾ اسان جا اسلامي رهبر ۽ رهنما، قاري، حافظ، ملان ۽ مولوي نمازون پڙهن ٿا، واعظ ۽ تبليغون ڪن ٿا. ڪشمير لاءِ دعائون گهرن ٿا. هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ هڪ بي تي گوليون هلائين ٿا. سڀ ڪجهه ڪن ٿا، پر معاشري ۾ مسلمانن توڙي غيرمسلمانن هيٺئين طبقن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي آواز نٿا اٿارين. ظلم خلاف خيالي آواز اٿارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ به ثواب، جهاد ۽ صدقي ۾ شامل آهي. اکين سان مسلم توڙي غيرمسلم تي ظلم ٿيندو ڏسي خاموشي اختيار ڪرڻ به ظلم ۾ شامل آهي.
    جڏهن ڀٽائيءَ چيو ته:
    روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
    سو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرين کي.

    اسان جي مذهبي پيشوائن ۽ رهبرن ڪڏهن سوچيو آهي ته اهو، “ٻيو فهم” آخر ڪهڙو آهي جنهن سان پرينءَ کي پسجي سگهجي ٿو؟ ۽ روزا ۽ نمازون “چڱو” ڪم آهي. هڪڙا ٿين ٿا “حقوق الله” ۽ ٻيا ٿين ٿا “حقوق العباد” يعني الله تعاليٰ جا حق ۽ الله تعاليٰ جي بندن جا حق. الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي، حقوق الله ۾ لغرش يا ڪوتاهي تي شايد ستاري ۽ غفاري ڪري به وڃي، پر “حقوق العباد” ۾ ڪوتاهي تي معافي ملڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. اهوئي سبب آهي جو ڀٽائيءَ چيو ته : “روزا ۽ نماز” ته حقوق الله ۾ شامل آهن، اهو به چڱو ڪم آهي ، پر اهو ڪو ٻيو فهم آهي، “حقوق العباد “ جو جنهن جي پوري ڪرڻ سان “پرين پسي سگهجي ٿو.”
    چند ڏينهن اڳ هالا لڳ ڳوٺ دينار ماڇيءَ ۾ ماڇين ۽ باگڙين جي نوجوان ۽ ڪم عمر ٽن عورتن جي هٿيارن ۽ لٺين جي زور تي لڄالٽ ٿي. زور تي لڄالٽ يا زنا بالجبر عالمي انساني جرم آهي. جنهن جي مذمت جيتري گهڻي ڪجي اوتري گهٽ آهي. هڪ عورت خاتون ماڇي، عصمت بچائيندي گهور ٿي ويئي. قتل ٿي ويئي. ان واقعي جي مذمت شاعرن، ليکڪن، اديبن ۽ صحافين ضرور ڪئي پر مذهبي جماعتن ٻڙڪ به نه ٻولي. شايد انهن سمجهيو هوندو ته هي مذهبي معاملو ناهي. ڪاش ! ڪاش اهڙن مذهبي اڳواڻن کي خدا ساڃاهه ڏئي .
    بقول ساحر لڌيانوي جي:
    سنسار سي ڀاگي ڦرتي هو
    ڀگوان ڪو تم ڪيا پائوگي.

    اهي باگڙي ۽ ماڇي قبيلي جون عورتون ڦٽين جو چونڊو ڪري موٽيون هيون. محنت مزوري ۽ حق حلال جي پورهيي کان موٽيون هيون.
    نه سي وئونڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
    پسي بازاريون، هينئون منهنجو لوڻ ٿئي.
    وڻن ۾ وونئڻ به هئا ۽ “ڪاتاريون” نه سهي “چونڊياريون” ته هيون. ۽ وونئڻ جي چونڊي کان پوءِ نيٺ ته اهي وونئڻ “ڪاتارين” تائين پهچن ها. پر جن بازارين تان گذرندي ماڇي ۽ باگڙي عورتن سان لڄالٽ جو اهو واقعو ٿيو سي بازاريون پسي “هينئڙو منهنجو لوڻ ٿئي” ڇا هاڻ اهي “چونڊاريون” ٻيهر چونڊو ڪرڻ وينديون. ته اهي ته ڪونه وينديون پر جن اها ماجرا ٻڌي سُڌي هوندي پري پري تائين، اهي به چونڊو ڪرڻ ڪونه وينديون.
    ڪتي ڪتي ڪالهه ، اڄ نه آتڻ آئيون،
    ارٽ اکلي مال، پوري ويون نجهرا

    جنين ڪتيو ڪالهه سي پاڻان پيئون مامري
    اولاڻيان ارٽ ڪيڏهن ڪتڻ واريون ؟
    پهيون مٿي پٽ، لڙجن لاکيڻن جون.

    ڀٽائيءَ نه فقط ڦٽين ڪتڻ وارين جو ڏک سور محسوس ڪيو آهي. هن هندن، اوڏن، ڀيلن، ۽ ٻين غيرمسلمن جي ڏکن سورن تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۾ خاص طور تي غير مسلم هيٺاهن طبقن سان شروع کان ڏاڍايون پئي رهيون آهن. اڄ اميربخش ڳنڀير ( شرعي ڏاڙهي وارو) رمضان سولنگي ۽ الياس ڳنڀير آهن جن ظم سبب پورهيت مسڪين پنهنجو پورهيو ڇڏي، لڏي ويندا. اڳي ڪو ٻيو هو.
    اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪانه ڪئي
    لاکو مٿان تن، اوچتو ئي آئيو

    اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون
    ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ تي،

    ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏار !
    پورهيي خاطر پنهنجي اٿن سوار
    اوڏ به ويچارا، لاکا وڃن لڏيو !

    عوامي آواز ڪراچي-21 جنوري 2002ع


    • رڻ گجيو راڙو ٿيو !

    شاعرو، دانشورو، ليکڪو، اديبو، قلمڪار، تاريخدانو، اڪابرو !
    مان توهان سان مخاطب آهيان، ڇو ته توهان جي سوچ جا انداز نوان نرالا ۽ مختلف هوندا آهن. اسان جي معاشري کي مُدي خارج انڌن ۽ غير سائنسي ۽ غيرمنطقي عقيدن مان توهان ئي ڪڍڻ جي صلاحيت رکو ٿا. توهان ئي زنگيل ذهنن کي اجاري اڇو ڪري سگهو ٿا. “ آدم جي مٽي ٻيهر ڳوهڻ ڏوهه آهي” اچو ته اهو ڏوهه وري ڪريون ۽ جيڪڏهن “ سر جي گدلي سينور تي ڪو نيل ڪنول” ڏوهي آهي ته پوءِ اچو ته اهڙا سهڻا ڏوهه ڪريون ۽ هن معاشري جي سينوريل سر تي نيل ڪنول پوکيون. منهنجي ديش جا دانشورو ۽ جڳ جهان جا دانشورو ! آمريڪي ۽ برطانوي سامراج جي هيءَ اگهاڙي اڳرائي ۽ تيل حاصل ڪرڻ لاءِ معصوم عراقين جو خون وهائڻ واري جنگ دراصل عراق خلاف جنگ ناهي، اها جنگ سجاڳ ضميرن ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن خلاف جنگ آهي. اِها اسان ۽ توهان جي خلاف جنگ آهي !
    عراق جا معصوم ٻار،
    جوان ، ٻڍا، نينگريون ۽ نياڻيون،
    بي وس ۽ بي ڏوهه ،
    ڀل ڪلسٽر بمن ، بارود ،
    گولين ۽ گرينڊن سان ،
    مَرندا رهن ، ڪُسندا رهن ،
    ڦٿڪندا رهن ،
    اڃ ۽ بک ۾ تڙپي تڙپي ،
    ساهه ڏين ،
    آمريڪي ۽ برطانوي جهاز ڀل ،
    قطر ، دوها ،ترڪي ،بحرين ۽ سعودي عرب جهڙن ،
    “ مسلم امه “ جي عظيم تر سلطنتن مان ،
    فضائن ۾ بلند ٿي ،
    عراقي معصوم جانين ۽ جوانين کي ،
    موت جي منهن ۾ ڌڪن ،
    پر مومنو، مسلمانو ،
    في الحال اها ڳالهه وساري ڇڏيو ، جو
    نماز جو وقت ٿي ويو آهي ،
    اچو ته نماز نيتيون ،
    انهن پيش امامن پويان،
    جن جي سر زمين تان ،
    بُش ۽ بليئرن ،
    موت جي پليئرن ،
    آمريڪي ۽ برطانوي درندن جا جهاز ،
    فضا ۾ بلند ٿين ٿا ،
    اچو ته نماز پڙهون ،
    انهن پيش امامن پٺيان ،
    جن جي سرزمين تان ،
    بنڪر بسٽر بم ،
    ٽام ڪروز ميزائيل ،
    اپاجي، بي ففٽي ٽو بمبار اڏامن ٿا ،
    آمريڪي، برطانوي، ميرين ڪمانڊو ،
    انهن مقدس سرزمينن تان ،
    عراقي بي گناهه معصوم عوام تي ،
    شهواني هم جنس پرست بدمست گورا ،
    ۽ بد ڪرادر ڪرائي جا فوجي ،
    ڪمزور عراقين کي ڦٽن ٿا ،
    مارين ٿا ، زخمي ڪن ٿا ،
    شايد عراقي نياڻين جون عصمتون،
    به سلامت نه رهن ،
    پر اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ،
    اچو ته قرباني ڪريون ،
    پاڻ کي عيد الاضحيٰ تي قربانيون به ته ڪرڻيون آهن .
    هي جي فلسطين جي مقدس سر زمين ۽ انسانيت جي اوائلي اهڃاڻن، اوسر ۽ ارتقا واري دجلا ۽ فرات ندين واري ميسوپوٽوميا واري سرزمين – امام حسين، ڪربلا ۽ مقدس مقامات واري سرزمين ، جتي اڳي چنگيز خان ۽ سندس پٽ هلاڪو ڪوس ڪيا، هاڃا ڪيا ۽ هينئر چنگيز خان ۽ هلاڪو جا پڙپوٽا بش ۽ بليئر معصوم انسانيت جو ڪوس ڪري رهيا آهن ۽ هينئر تازو اسان جي اکين آڏو هزارين معصوم عراقي مرندي، ڪسندي، ڦٿڪندي ڏسون پيا. پر اها قرباني ته قبول ناهي، ڇو ته انساني خون جي قرباني قبول نه ٿيندي آهي. ٻڪرن، دنبن، ڳئن، مينهن ۽ اٺن جي قرباني قبول ٿيندي آهي. تنهنڪري اچو ته بي عيب ڍور ڪُهون ۽ قرباني ڪريون. بي ڏوهه ۽ بي عيب انساني رت جا ريلا ڀل وهڪرا ٺاهي پيا وهن. اسان کي جانور ضرور قربان ڪرڻا آهن. ڇو ته انساني قرباني قبول نه ٿيندي آهي.
    پر منهنجا شاعرو ، ليکڪو، دانشورو، تاريخدانو، اڪابرو !
    اڃان ته پاڻ کي زڪوات ڏيڻي آهي وچ اوڀر جي امارتن جي انهن سلطانن ۽ شهنشاهن کي، زڪوات ڏيڻي آهي جن وٽ سون ۽ تيل جو پيسو ته جام آهي، پر انهن وٽ عزت نفس، انا ۽ خودداري جي ڏاڍي اڻاٺ آهي. اهي انهيءَ ميدان ۾ ڏاڍا مفلس آهن. انهن وٽ ضمير يا ته مورئون ڪونهي يا انهن جا ضمير انهن جي ضابطي ۾ ناهن. ته اچو ته انهن مفلس ۽ ڪنگال شهنشاهن ۽ سلطانن جي جهولي ۾ ضمير جي ڪا ذري زڪات طور تي وجهون يا انهن جي ڪنن ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن جي آذان ڏيون :
    جي لوڻُ لِڱين لائينِ چيري چيري چمُ ،
    ته ڪُر اڳي نه ڪيو مون اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهنوار سين .
    ياد رهي ته تواريخ جا ورق اٿلن پيا. تاس جي بادشاهه ۽ تاس جي راڻي کان سواءِ نه ڪو شهنشاهه رهندو، نه ڪو بادشاهه رهندو ۽ نه وري ڪو راڻو نه راڻي. پوءِ جڏهن اهي عوامي جذبن ۽ احساسن جا ڌڪاريل شهنشاهه پنهنجن سونن تختن، پنهنجي ٿُڪاڻن، تاجن سميت هيٺ اچي ڌڙام ڪندا ته ڳجهون به انهن جون ٻوٽيون نه کائينديون. بقول ڀٽائي :




    ڳجھڙين ڳارو، راتو ڏينهان رڻ ۾،
    پيون پُڇن پاڻ ۾ ، ڪنهن منهن ڪيڏارو،
    کائن کڳمارو، ڪانئر پيو ڪنو ٿئي!

    ۽ منهنجا دانشورو شاعرو، اديبو، تاريخدانو، اڪابرو !
    اڃان ته پاڻ کي عمرو به ادا ڪرڻو آهي ،
    ۽ حج جو مقدس فرض به پورو ڪرڻو آهي ،
    ان سر زمين تي ،
    ان مقدس، پاڪ ۽ پوتر سرزمين تي ،
    جتان جو آب زم زم پي ،
    اسان اندر جون ناپاڪيون ۽ غلاظتون ،
    ڌوئي دور ڪندا آهيون،
    جنهن مقدس ۽ پاڪ سرزمين جا هوائي اڏا ،
    آمريڪي ۽ برطانوي درندن ،
    ۽ بش ۽ بليئر جي بگهڙن جي حوالي ٿيل آهن ،
    جن جا هٿ معصوم انسانن جي رت سان رنڱيل آهن،
    ۽ جتان آمريڪي ۽ برطانوي بمبار جهاز اڏامون ڪري،
    عراق جي معصوم ۽ بي گناهه انسانن جو قتل ڪن ٿا !
    ته اچو منهنجا دانشور دوستؤ ! خادمين، حرمين، شريفين جي ان مقدس سرزمين تي پنهنجو ڪنڌ جهڪايون. عمرو ۽ حج ادا ڪريون ۽ پنهجا گناهه ڌوئون !
    پر الائي ڇو ڀٽائيءَ چيو آهي :

    گنگا لهن نه گِيم، مڪي ٿين نه معاف،
    سينو جنين صاف، تن کان پاپ پري ٿئا !

    ۽ آخر ۾ اچو ته اٿي بيهي داد ڏيون عراق جي عوام کي . اچو ته انهن کي ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ داد ڏيون. عراقي مٿير مردن جو ناريون پنهنجن مڙسن کي جنگ ۾ وڙهڻ ۽ مرڻ لاءِ چون ٿيون :
    مر مرين، آئون رئان ! موٽي آءُ مَ ڪانڌ َ،
    ڪَچن وڏا پلاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا!



    ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو ته وسُهان
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان،
    ته پڻ لڄ مران جي هوَنس پٺ ۾!

    ۽ عراقي ويڙهاڪن ۽ جنگجو جوانن لاءِ ڀٽائيءَ جي بيتن مان خراج تحسين :

    ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
    ڪارا ڪُند هٿن ۾ اڙل وڇيرا هيٺ،
    ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو!

    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ، ڪڏهن راهي رڻ جا !

    ۽ سڀ کان آخر ۾ اٿي بيهي سلام ٿو ڪريان آمريڪا، برطانيا، روس ، جرمني، فرانس، چين، آسٽريليا، يونان ۽ ٻين ملڪن جي عوام کي جنهن آمريڪي ۽ برطانوي اگهاڙي اڳرائي ۽ جنگي جنون جي کليل انداز ۾ مخالفت ڪئي آهي. انهن آمريڪي سفارتڪارن کي سلام ڪجي ٿو جن پنهنجن ضميرن جا آواز ٻڌي پنهنجن عهدن تان استعفائون ڏنيون آهن. برطانوي پارليامينٽ جي انهن عهديدارن کي سلام آهي جن به پنهنجن عهدن تان استعفائون ڏنيون آهن .

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 1 اپريل 2003ع


    • مدرسن ۾ ملٽري ٽريننگ

    خبرون آيون آهن ته حڪومت مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ طالب علمن ۽ شاگردن کي فوجي سکيا ۽ دهشتگردي جي ٽريننگ ڏيڻ جي سلسلي ۾ دهشتگردي جي قانون ۾ ترميم ڪري رهي آهي جنهن مطابق مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ دهشتگردي جي تربيت ڏيندڙن کي ڏهه سال ٽيپ ڏئي سگهبي. اسلام جو مطلب ئي سلامتي آهي ۽ عبادتگاهن ۾ ته ڪو ڏوهي به اچي پناهه وٺي ته ان تي گولي هلائڻ جو حڪم ناهي پر هي اسان اسلام جي ڪهڙي شڪل ٺاهي آهي جو مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ عبادت ڪندڙن کي عبادت ڪندي گولين جو بک بڻايو پيو وڃي. جهنگ کان وٺي ڪراچي تائين شيعن ۽ سنين جا هڪ ٻئي تي قاتلانا حملا ۽ هڪ ٻئي کي ڪافر جو الزام ڏيڻ عام رواجي ڳالهه ٿي پئي آهي. ڪلاشنڪوفن ۽ ٻئي جديد اسلحي جو عام استعمال ٿي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسلام جي مقدس نالي ۾ ٿي رهيو آهي. مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ ڪم عمر ۽ ڪچو ذهن رکندڙ معصوم ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته شيعا ڪافر آهن يا سني ڪافر آهن ۽ انهن کي مارڻ ثواب جو ڪم آهي، جهاد آهي ۽ جيڪو اهڙن ڪافرن کي قتل ڪندو انهن کي جنت جي ڪنجي ملندي. جنت ۾ خوبصورت حورون ملنديون. شراباً طهورا ملندو، کير ۽ ماکي جون نهرون انهن جي حوالي هونديون. شرط اهو آهي ته اهي ڪافر کي قتل ڪن. ڪلمي گو ڪافر، نمازون پڙهندڙ ۽ روزا رکندڙ ڪافر، تهجد گذار ڪافر نعوذ بالله، ڇا ته وقت اچي ويو آهي اسلام جهڙي عظيم مذهب جو ڪُند ذهن، قدورت رکندڙ ۽ علم جو ادارڪ نه رکندڙن ڪهڙو حشر ڪيو آهي. بقول ڀٽائي:
    سپيريان جي ترهي، ٻڏين هٿ م لاءِ
    سڀان ائين چونداءِ، اسان تو اڪاريو

    يعنيٰ پنهنجي بهترين دوست، پرين پياري جي ترهي ۾ هٿ وجهي ترڻ کان ٻڏڻ بهتر آهي ڇو ته سڀاڻي اهو طعنو ڏيندو ته تو کي ته مون تاريو هو. اها آهي خود داري جي انتها. هت وري علامه اقبال جو ٻيو شعر ياد ٿو اچي.







    همت هي تو پيدا ڪر، فردوس بري اپنا
    مانگي هوئي جنت سي دوزخ ڪا عذاب اچها

    اقبال جهڙي عظيم مفڪر کي پِنَ ۾ مليل جنت به نه گهرجي ۽ هنن معصوم ٻارن کان چندا ۽ مانيون پنرايون وڃن ٿيون توبهه، وحدالوجود جو فلسفو ڇا آهي. انسان زمين تي خدا جو نائب آهي ۽ هر انسان جي دل ۾ خدا جو واسو آهي. ان خدا جي نائب کي جنهن جي نس نس ۾ خدا جو واسو آهي. تنهن کي ڪافرن جي فتوا ڏئي ماريندڙ خود ڪافر ۽ واجب القتل آهن. ڀٽائي چيو:
    پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار م مون
    مون ۾ آهين تون مڇڻ تنهنجو ئي تو کي لڳي

    اهو بيت وحدت الوجود جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو:
    پڙاڏو سوئي سڏ ور وائيءَ جو جي لهين
    هئا اڳ ۾ گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا

    هن بيت جي شرح منهنجي وس کان ٻاهر آهي ڪڏهن ڪڏهن لفظن کي معنيٰ ڏبي آهي ته لفظ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن. مون کي خبرناهي ته قرآن شريف جي سورة “ڪافرون” ۾ خدا پنهنجي پياري نبي صلي الله عليه وسلم کي ڪهڙين حالتن ۾ اهو ارشاد فرمايو هو ته “لکم دينکم ولي دين” يعني اي نبي انهن ڪافرن کي چئي ڇڏ ته توهان جو دين توهان سان ۽ منهنجو دين مون سان. اهو ته حڪم هيو ڪافرن لاءِ. سورت الفتح ۾ مسلمانن لاءِ ڇا چيو ويو آهي. محمد ۽ ان جا رفيق ڪافرن تي شديد آهن ۽ پاڻ ۾ رحمدل “اشداءَ علي الڪفار و رحماءُ بينهم” ان پسمنظر ۾ اڄوڪن مسلمانن جي پاڻ ۾ رحمدلي جا مظاهرا ڏسو نمازين تي گوليون. مسجدن ۾ گوليون، امام بارگاهن ۾ گوليون جلوسن تي گوليون اهو آهي “رحماءُ بينهم” جو مظاهرو اهڙي پسمنظر ۾ حڪومت پاران مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ دهشتگردي جي تربيت تي ڏهه سال ٽيپ منهنجي خيال ۾ ڪا سزا ناهي. انهن جي سزا اها هجڻ کپي جيڪا قاتلن لاءِ سزا هوندي آهي.

    عوامي آواز 6 جولاءِ 2001ع


    • نادرا جا نادرشاهي حڪم

    وڏن کان “نادر شاهي” حڪم ٻڌندا آيا آهيون جنهن منجهان ٿلهي ليکي اهو سمجهي سگهبو آهي ته بي جا، بي روا، غير منطقي، ڏاڍ تي ٻڌل حڪم جنهن جو پورائو ڪرڻ يا جنهن کي عملي جامو پارائڻ نه فقط مشڪل پر ناممڪن آهي. نادر شاهه جي اهڙن افعالن جي نتيجي ۾ سندس پڇاڙي ڪيئن ٿي تنهن بابت سندس پنهنجو شعر ڪافي آهي. “شامت اعمال مارا صورت نادر گرفت” ۽ هاڻي وري نادر شاهه جي پونئيرن مان ڪا “نادرا” نڪتي آهي تنهن عوام جو سک چين ڦٽائي ڏنو آهي. اسان جو اڻ پڙهيل اڌ پڙهيل ۽ ڏتڙيل عوام جيستائين ننڊ مان اٿي اوٻاسي ڏيندو تيستائين نادرا الائي ڪاٿي وڃي نڪرندي ۽ جنهن تاريخ جو ساڻس ملڻ جو انجام هو سا تاريخ نڪري ويندي پوءِ وري چون ٿا ڏهوڻا پئسا ڀريو تڏهن وڃي هٿ ملائيندي ۽ فارم قبول ڪندي.
    سچ پڇو ته مان جيڪو چڱا ڀلا امتحان پاس ڪري ويٺو آهيان پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان به پاس ڪري ويٺو آهيان. سو وڏي هوشياري، وڏي خبرداري سان فارم ڀري، فوٽو لڳائي، پراڻن شناختي ڪارڊن جون فوٽو ڪاپيون ساڻ لڳائي فارم جمع ٿيڻ لاءِ موڪليم ته اهي ناپاس ٿي موٽيا. هاڻي وري ٻيا فارم ڀرڻا آهن. فارمن ڀرڻ ۾ چڱن ڀلن پڙهيل لکيل ماڻهن کي به جيڪي ڏکيائون پيش اچن ٿيون، تن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي. نادرا جي ٻڌايل هنڌن تي فارم نه ٿا ملن فارمن جي رقم في فارم ٽي رپيا آهن اهي فارم نادرا جي آفيسن ڀرسان اڻ ڌرين ماڻهن وٽ دستياب آهن جيڪي ٻيڻ قيمت تي اهي فارم وڪرو ڪري رهيا آهن. غريب ملڪن ۾ خانداني منصوبا بندي تي عمل به وڏا ماڻهو ڪندا آهن. جيئن وڌيڪ غريب تيئن گهڻو اولاد سو غريب ماڻهو ٻيڻ رقم تي فارم وٺي به اچي ته ان کان ڪا نه ڪا ڀرڻ ۾ غلطي ٿي وڃي ٿي ۽ اهي هڙئي فارم وري رد وري ٻيا فارم وٺو پوءِ يقين ناهي ته ٻيهر به ڪا غلطي يا چڪ ڀل نه ٿئي اهڙي طرح غريبن جو خرچ به وڌيڪ ٿئي ٿو. فارم ڪاري مس سان ڀرڻ گهرجي. بال پوائنٽ پين سان به نه ڀرجي، تصوير جو پسمنظر نيرو هجي. ڪاغذ ڪلف لڳل ۽ سيٽيل هجي يعني ته ڪاغذ کي ٻيڻائجي نه، آڱوٺو اڀو ڪرڻ جي ماءُ پيءُ ئي تربيت نه ڏني آهي، پر نادرا جا نادر شاهي حڪم آهن، ڪير پورا ڪري؟!
    جي فارم جي ڪا ڪنڊ چٻي ٿي ته به فارم رد، جي ڪمپيوٽر قبول نه ٿو ڪري، عوامي حڪومتن جي دور ۾ شناختي ڪارڊن ٺاهڻ وارن جو ٽيمون شهرن توڙي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ بنا پئسي، بنا تڪليف گهر گهر شناختي ڪارڊ ٺاهي پهچائينديون هيون ڇو ته اهي عوامي نمائندا هوندا هئا، جن کي ساڳي عوام وٽ ووٽن وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو ته انهن جي غرض هوندي هئي. اهو ئي ته سبب آهي جو ترقي پسند ۽ عوامي قوتون هميشه جمهوريت تي زور ڀرينديون رهنديون آهن. جو حڪومتن جي غرض سدائين عوام ۾ ڦاٿل هوندي آهي. جنهن سبب حڪومتون عوامي ڀلائي جو رٿائون جوڙي عوام کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون آهن. “هنن” يارن جو عوام ۾ ڪهڙو ڪم پوندو جو هو عوامي ڀلائي جون رٿائون شروع ڪن ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ شناختي ڪارڊن جي فارمن ڀرائڻ ۾ ته عوام جي ڪا رهنمائي ڪئي وڃي. شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ موبائيل ٽيمون موڪلي ٿڏي تي فارم ڀرائي، ٿڏي تي چيڪ ڪري وصول ڪيا وڃن ۽ ڪارڊ ٺاهي گهر گهر پهچايا وڃن. سنڌي ماڻهن لاءِ فارم سنڌي ۾ هئڻ لازمي آهي جو سنڌي ۾ تمام گهڻا نالا اهڙا آهن جيڪي اردو ۾ لکبا ته انهن جو مفهوم ڦري وڃي ٿو. مثال طور هڪ سنڌي مائيءَ جو نالو “ٻڍي” آهي ته ان کي اردو ۾ هڪ ته لکي نه سگهبو، ٻيو لکبو ته راڄ کلندا. تنهنڪري اسان جو اهو به پرزور مطالبو آهي ته سنڌي ماڻهن جا فارم سنڌي ۾ فراهم ڪيا وڃن ۽ ڀريا وڃن.
    اسان آخر ۾ نادرا کي عرض ڪنداسين ته فارمن ڀرڻ جي آخري تاريخ وڌائي وڃي فارمن جو حصول سولو بڻايو وڃي ۽ ٻين شرطن شروطن ۾ پڻ نرمي ڪئي وڃي. عوام جي مدد لاءِ مددگار ٽيمون جوڙي عوام جي رهنمائي ڪئي وڃي. لالو کيت ۽ ٿر ۾ رهڻ وارن جي تعليمي تناسب سان انهن سان رعايتون ڪرڻ گهرجن.

    عوامي آواز ڪراچي – 01 آگسٽ 2001ع


    • امن جنگ کان بهتر آهي!

    فجر جي آذان ۾ باقي چئن وقتن جي آذانن کان هڪ جملو واڌارو آهي ۽ اهو آهي “نماز، ننڊ کان بهتر آهي.” مون کي ان جملي ۾ ڏاڍي اپيل ۽ ڏاهپ نظر ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جي تارن کي اهو جملو ڇهي ويندو آهي. نماز پڙهڻ ته هڪ مذهبي فرض آهي ۽ اهو معاملو الله ۽ انسان جي درميان آهي پر صبح جو سوير اٿڻ مان جيڪي ٻيا فائدا آهن اهي تمام گهڻا آهن. اسڪول جا ٻار اسڪول وقت تي پهچي سگهن ٿا. آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسن ۾ وقت تي پهچي سگهن ٿا ۽ صبح جو جڏهن هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گدلاڻ شامل نه هوندي آهي تڏهن پنهنجي صحت ۽ جان لاءِ ڪثرت به ڪري سگهجي ٿي ۽ هوا جا تازا ۽ خالص ساهه کڻي سگهجن ٿا جنهن ۾ ڦڦڙن کي تازگي ۽ توانائي ملي ٿي. ننڊ کي ڪڏهن ڪڏهن نڀاڳو به چيو ويو آهي ڇو ته جاڳيل قومون اڳتي نڪري وينديون آهن ۽ ستل قومون تواريخ جي ڪچري دان ۾ هليون وينديون آهن. ڀٽائي ائين ئي ته نه چيو آهي، “سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي!” سسئي سڄي عمر پڇتائيندي رهي ته جنهن محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ کيس ننڊ ئي ڪا نه ٿي آئي. بدقسمتي جي انتها اها آهي ته جڏهن ميلاپ جي اها گهڙي آئي، تڏهن کيس ننڊ اچي وئي ۽ اهڙيءَ طرح سندس محبوب کانئنس اوجهل ٿي ويو:
    سڪي جان – ستياس ته سڪ سمهڻ نه ڏئي،
    جاڳي، “سُتيس” جن لئي، سي آيا تان نه اٿياس،
    ڀينر آنءُ ڀلياس – نا ته سڪ، سمهڻ ڇا لڳي!

    فلسطين ۾ ۽ عراق مٿان جيڪو انياءُ، جيڪا بي داد، جيڪو ناحق ڏاڍ، جيڪو قيس ۽ جيڪا قيامت گذري چڪي آهي. اهو باقي دنيا لاءِ: “جاڳو جاڙيجا، سما سک ۾ سمهو” جو سڏ آهي.
    مان سمجهان ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت توهان کي سڄو ٻڌائجي:
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،
    ڏسو ان پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري !
    “لاکي” جو اهڃاڻ اڄ جو جارج ڊبليو بش آهي. لاکي سان سندس گهوڙي “لکي” به هوندي هئي، جنهن تي چڙهي لاکو لوڙيون ڪندو هو ۽ اڄڪلهه لاکي “بش” جي اها گهوڙي لکي به آهي جنهن تي چڙهي لاکو لوڙيون ٿو ڪري ۽ اها گهوڙي آهي، “بليئر” ! ڀٽائيءَ چيو هو: “لکي ۽ لاکو ٻئي مئا، ٻاجهه ٿي”!
    بش ۽ بليئر جي ايڪيهين صديءَ جي جيڪا ايجنڊا آهي اها ڪا مبهم نه آهي. اها پٽ پڌري آهي. جديد جنگي هٿيارن ۽ فضائي، سامونڊي،توڙي زميني جنگ ۾ سائنسي ترقي سبب مٿڀرائي انهن ٻنهي ملڪن جي اکين ۾ غرور جو انڌ آڻي ڇڏيو آهي. اهي اخلاق ۽ منطق کي پٺي ڏئي بيٺا آهن. هٽلر، چنگيز ۽ هلاڪو جي نقش قدم تي هلي سموري دنيا تي پنهنجو تسلط ڄمائڻ گهرن ٿا. اها جنگ اول فلسطين ۽ عراق جهڙن ڪمزور ملڪن کان ٿيندي شام – ايران کان پکڙبي الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي .
    بندر جان ڀئي، ته سکاڻا م سمهو،
    ڪَپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
    ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا !

    پوڻا ٽي سؤ سال اڳ اسان جو سجاڳ ۽ انقلابي شاعر اسان کي ٻڌائي ويو آهي ته “ ماٽي جي مهي” وانگر ڪپر ٿو ڪُن ڪري، اهو ڪمزور قومن، ماڻهن ۽ ملڪن کي ڳهي ويندو . پر اسان اسان سجاڳ نه ٿياسون ۽ “ڏي لوڏو” واري عياشيءَ واري زندگي گذارڻ جا عادي رهياسين. هن وقت حالت اها آهي ته “سڀڪو پنهنجو پٽڪو بچائي” عربن وٽ پئسو ۽ پيٽرول آهي، پر هن وقت جمهوريت جو فقدان آهي. سائنس ۽ منطق جو فقدان. حڪمت عمليءَ جو فقدان آهي.
    يورپ وارا “ڏندين ڏاند” آهن. اهي بش ۽ بليئر سان پاڻهي پڄي پوندا. باقي رهيا هندستان ۽ پاڪستان. پاڪستان ۽ هندستان ٻه طاقتور ملڪ آهن. جتي هروڀرو عربن جي زندگي گذارڻ وارو طور طريقو به ناهي. ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا. ٻنهي ملڪن ۾ سائنسي ترقيءَ جا دروازا کليل آهن. يورپ ۽ آمريڪا جو سائنسي ترقيءَ ۾ مقابلو نه به سهي تڏهن به اهڙا ويل ته ناهن. هندستان ۾ جمهوريت جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن . جڏهن ته اسان وٽ اڃان جمهوريت ڪونڊين ۾ پوکيل آهي. جنهن جون پاڙون اڃان ڄمي نه سگهيون آهن.
    هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه خوفناڪ جنگيون ٿي گذريون آهن ۽ ٽين ٿيندي ٿيندي رڪجي ويئي ، پر تلوار اڃان لڙڪيل آهي .تازو هندستان جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جو هڪ بيان آيو آهي ، ڪنهن جي پاڪستان حڪومت به آجيان ڪئي آهي. واجپائي صاحب چيو آهي ته : مان پاڪستان ڏانهن دوستيءَ جو هٿ ونڊايان ٿو، پر پاڪستان به ساڳي موٽ ڏي . هن وڌيڪ چيو آهي ته امن خاطر مان لاهور آيو هوس ۽ امن خاطر مون جنرل پرويز مشرف کي به آگري اچڻ جي دعوت ڏني هئي .
    مان سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ننڍڙي نمائندي طور واجپائيءَ جي ان بيان جي آجيان ڪريان ٿو ۽ پاڪستان سرڪار کي عرض ڪريان ٿو ته سندس ان بيان جي موٽ ٻيڻي ڪري ڏني وڃي ۽ عدم اعتماد ۽ ڊبل ڪراس واري پاليسي کي ترڪ ڪري کليل ذهن ۽ مٺي زبان سان معاملا طئي ڪيا وڃن. ڇو ته علامه اقبال به ڪيترو وقت اڳ چيو هيو ته:
    نه سمجھوگي تو مٽ جائوگي اي هندوستان والو
    تمهاري داستان تڪ ڀي نه هوگي داستانون مين
    موجوده ۽ معروضي حالتن ۾ هندوستان ۽ پاڪستان کي نه فقط دشمني ترڪ ڪرڻي آهي ، دشمني واري فضا کي سازگار ڪرڻو آهي. بلڪه هنن ٻن ملڪن کي ڳوڙهي ۽ گهري دوستي ڪرڻي آهي. جهڙيءَ طرح ٻنهي ملڪن جا عوام اڳي هڪ ٻئي جا دوست آهن. اهڙيءَ طرح حڪومتي سطح تي، مصلحت پسندي جي لحاظ کان ئي دوستي ڪرڻي آهي. جاگرافيائي ۽ تواريخي پسمنظر ۽ هڪ جهڙائيءَ جي لحاظ کان به دوستي ڪرڻي آهي. هنر، واپار، شين جي مٽاسٽا ۾ به ڏي وٺ ڪرڻي آهي. اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي وفدن جي هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ جا رستا کوليا وڃن. ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي گهرجي ته هو پنهنجي هلڪڙن وزيرن ۽ صلاحڪارن کي لغام ڏين ته جنگي جنون کي شهه ڏيڻ وارا بيان ڏئي سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي لبرل ۽ بردبار طبقي کي آزادي ڏين ته اهي امن آشتي جي فضا کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
    يقين ڪريو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو اهي ٻئي شيطاني طاقتون برطانيا ۽ آمريڪا نه اچڻ ڏينديون، ڇو ته ننڍي کنڊ جي ٻن وڏين طاقتن جي دوستي هنن جي مفادن خلاف آهي. هندستان ۽ پاڪستان آمريڪي هٿيارن جون به وڏيون منڊيون آهن. انهن شرپسند ملڪن جي سدائين “ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو” واري پاليسي رهي آهي. خدا شال پاڪستان ۽ هندستان جي ملڪن ۽ انهن جي سربراهن کي اها ساڃاهه ڏيندو جو اهي وقت جي نزاڪت ۽ “ڪپر جي ڪن” جي ڪيفيت کي سمجهن. دنيا ۾ تبديليءَ جي اهڃاڻ جو ادراڪ ڪن. فيل مست گهوڙي کي لغام ڏيڻ جي کين طاقت ملي. اهڙا بيان ڏيڻ هڪدم بند ٿيڻ گهرجن ته اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر جنگ کان ڊڄون به نٿا.
    اسان جون فوجون ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهن. وغيره وغيره. منهنجو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ جهيڙي جهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻي ئي ڪانهي ۽ واجپائي جيڪڏهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي ته ان هٿ ۾ ٻئي هٿ مِلائجن ڇو ته هندستان ۽ پاڪستان جي دوستي وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
    سڪين ڪوهه سلام کي
    ڪرين نه ڪوهه سلام !
    ۽
    اَمُن جنگ کان بهتر آهي.

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 22 اپريل 2003ع


    • ها، ها، اسان کي امن گهرجي!

    هندستان جي پرائيم منسٽر شري اٽل بهاري واجپائي، ٻيهر کليل ۽ صاف لفظن ۾ ورجايو آهي ته سندس عمر جي آخري پهر ۾ هو چاهي ٿو ته مرڻ کان اڳ هندستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿين. اهي ٻئي پاڙيسري ملڪ کير کنڊ ٿي وڃن ۽ اڌ صدي کان وڌيڪ هلندڙ دشمني وارين پاليسين کي دوستي ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان لاءِ هن دستور مطابق پاڪستان کان نيڪ نيتي واري موٽ جي گهر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته لائين آف ڪنٽرول کان ٻاهر دهشتگردي واريون ڪاروايون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ ڪشمير سميت سمورن تنازعي وارن مسئلن تي ٻئي ملڪ نهايت خوشگوار ماحول ۾ ويهي پاڻ ۾ ڳالهائن ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ ۾ نبيرن. ان ۾ ڪنهن به ٽيا ڪڙي جي ڪا به ضرورت ڪانهي. ڇو ته اڄ ڪلهه هڪ “عالمي دلال” هر ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائي ويٺو آهي ۽ پوءِ وتي پڙها ڏيندو ته اهو ڪم به اسان ٺاهيو. واجپائي جو چوڻ آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي اڳواڻن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته هو پنهنجا نبيرا پاڻ ڪري سگهن ٿا. هندستان – پاڪستان هاڻي ٻار به ناهن رهيا، جو ڳالهه ڳالهه تي انڪل سيم کي دانهن ڏين ته “چاچا مون کي هن ماريو آهي.” يا “چاچا هندستان منهنجو لغڙ ڪاٽا ڪري ويو آهي.” يا “چاچا پاڪستان مون کان ٽافي کسي ويو آهي.” هينئر ڪنهن ٽينءَ ڌر کي هڪ ٻئي جون رپورٽون درج ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ گهرجي. هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ايٽمي طاقتون آهن. ٻنهي وٽ زرعي، معدني توڙي طبعي ۽ ڪيميائي ذريعن جي ڪا کوٽ ڪانهي ڪا پر جي ڪنهن شيءِ جي کوٽ هندستان وٽ آهي ته پاڪستان ان جو پورائو ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي پاڪستان وٽ گهٽتائي آهي ته هندستان ان جو پورائو ڪري سگهي ٿو. مان ته چاهيان ٿو ته هندستان ۽ پاڪستان جا ناتا ايترا ته مضبوط ۽ مستحڪم ٿين جو هنن ٻنهين ملڪن درميان هڪ ٻئي جي بچاءَ لاءِ دفاعي ٺاهه ٿين، جنهن مطابق هندستان تي حملو، پاڪستان تي حملو سمجهيو ويندو ۽ پاڪستان تي حملو هندستان تي حملو سمجهيو ويندو.
    هند – پاڪ جا ناتا جڏهن انهي نهج تي پهچي ويا ته سمجهو “ست خير ٿي ويا ۽ ڪُنڊ وارا ٻُچي منهن ڀر وڃي ڪنهن گٽر ۾ ڪرندا. پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگرد تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ مذهب جي نالي تي قائم آهن. تازو ئي آمريڪا، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪافي تعداد ۾ مذهبي ۽ جهادي تنظيمن جي لسٽ جاري ڪئي آهي، جيڪي آمريڪي “واچ لسٽ” تي رکيل آهي. هڪ لسٽ ۾ 36 ۽ بقايا لسٽ ۾ 38 جهادي تنظيمن جا نالا واچ لسٽ تي ڄاڻايا ويا آهن. جن لاءِ آمريڪا جو چوڻ آهي ته اهي تنظيمون دهشتگردي يا فساد في سبيل الله ۾ ملوث آهن، انهن مان ڪجهه تنظيمن جا نالا آهن. حزب المجاهدين، جميعت المجاهدين، البدر مجاهدين، اِهي اُهي تنظيمون آهن، جيڪي ڪشمير ۾ هندستاني فوجن سان ويڙهاند ۾ مشغول آهن. انهن کان سواءِ سپاهه صحابه ۽ حزب اسلامي گلبدين شامل آهن. جن تي پاڪستان ۾ پابندي عائد ٿيل آهي. ياد رهي ته صدر پرويز مشرف اڳ ۾ ئي ستن مذهبي انتها پسند تنظيمن تي پابندي هڻي چڪو آهي. هن قوم کي خطاب ڪندي اعتراف ڪيو هو ته مذهبي انتها پسند تنظيمن جي ڪارواين سبب پاڪستان عالمي طور تي ڪافي بدنام ٿيو آهي. طالبان جون پاڙون به پاڪستان جي سرزمين ۾ آهن. ان ڪري پاڪستان جي حڪومت کي جيڪڏهن واقعي امن جي رستي تي هلڻو آهي ۽ هندستان جهڙي عظيم پاڙيسري ملڪ سان ناتا بهتر ڪرڻا آهن ته پوءِ طالبان ۽ ٻين مذهبي انتها پسند جماعتن ۽ جهادي تنظيمن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. فقط پاڪستان ۾ آهي ۽ هندستان ۾ “سڀ خير” آهي. بلڪل نه – بلڪه هڪ ڊگهي عرصي کان هندستان جو سياسي ڪردار سيڪيولر نه رهيو آهي. ماضي قريب ۾ هندستان جي علائقي گجرات ۾ ٿيل مسلم ڪش فساد هندستان جي سيڪيولر چهري تي هڪ وڏي چماٽ آهي. مراد آباد ۽ مهاراشٽر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌي هندن ۽ پنجابي هندن جا اقليتي مسلمانن جي “سلور ۽ براس” انڊسٽري تي حملا انهن جي معاشي تباهي لاءِ ڪيا ويا. آل انڊيا ريڊيو ۽ دوردرشن تان زهريلا ۽ نفرت انگيز اپديش ڏنا وڃن ٿا. ڪجهه سال ٿيندا نئين دهلي ۾ هندستان جي سرڪاري پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي (BJP) جي هڪ سرڪاري فنڪشن ۾ ڳالهائيندي شنڪر آچاريا وڏي واڪي تقرير ڪندي چيو هو ته هندستان جي آئين مان لفظ “سيڪيولر” کي خارج ڪيو وڃي. اهريءَ طرح هندستان جيڪو ڪنهن وقت ۾ “هڪ سيڪيولر” ملڪ لکيو ويندو هو سو هينئر پاڪستان وانگر ئي انتها پسند هندن جي ور چڙهيل آهي ۽ هندستان کي به گهرجي ته پاڪستان تي الزام هڻڻ کان اڳ هو پنهنجي ملڪ جي اندروني تاڃي پيٽي تي به گهري نظر وجهي ۽ جيئن اسان جي صدر پرويز مشرف هتان جي انتها پسند مذهبي تنظيمن تي پابنديون هڻي ڇڏيون آهن.
    اٽل بهاري واجپائي ۽ ايل ڪي آڏواڻي صاحب به اهڙو ڪم ڪري ڏيکارن، جيئن پاڪستان به سمجهي ته ته هائو ٻيلي هندستان پنهنجي امن ۽ آشتي اوري رستي تي هلڻ جو دلي طرح خواهشمند آهي.
    هندستان ۾ جواهر لال نهرو هندستان لاءِ جيڪو “سيڪيولر” هندستان جو نظريو ڏنو هو، سو تباهه برباد ۽ فنا ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جيڪو سيڪيولر پاڪستان جو نظريو ڏنو سو پڻ “باريش بزرگن” ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي.
    مان شايد ٿورو غلط چئي ويس پاڪستان جي ڀينگ ڪرڻ وارن ۾ فقط “باريش بزرگ” ئي ذميوار ناهن پر ان ۾ ڪجهه مقتدر قوتن جو به وڏو هٿ رهيو آهي.
    تازو هڪ فرانسيسي دانشور ۽ تواريخ نويس برنارڊ هينري ليوي هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي “ڊينيئل پرل کي ڪنهن قتل ڪيو؟” (هو ڪلڊ ڊينيئل پرل؟)
    ان ڪتاب ۾ هن آءِ ايس آءِ تي الزام لڳايو آهي ته ڊينيئل پرل کي ان تنظيم قتل ڪيو آهي. اڳتي هلي ان ڪتاب ۾ پاڪستان جي هن تنظيم توڙي مذهبي ۽ جهادي ڌرين خلاف تمام ڊگهو مواد آهي. ان ۾ هلي اڳتي اهو به لکيل آهي ته پاڪستان ايران ۽ نارٿ ڪوريا کي ائٽمي ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي آهي ۽ اهو چوڻ چيو ويو آهي ته سمورن اسلامي ملڪن ۾ هلندڙ دهشتگردي جي پاڙ پاڪستان ۾ آهي پاڪستان سرڪار ضرور ان رپورٽ جي ترديد ڪندي پر هينئر وقت اچي ويو آهي، حقيقتن کي تسليم ڪرڻ جو. سياسي طور تي اسان کي پرويز مشرف سان هزارين اختلاف آحن پر هن ۾ ڪجهه چڱايون به آهن. هو ڪجهه حقيقت پسند آهي. پاڻ مذهبي بنياد پرست ناهي (ضياءَ وانگر) ۽ پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته اسان جون بنياد پرست مذهبي تنظيمون اسان کي دنيا ۾ خوار ۽ رسوا ڪري رهيون آهن.
    هندستان ۽ پاڪستان – ٻنهي ملڪن لاءِ آزمائش جو وقت اچي ويو آهي. ايڪهين صديءَ جو “سڪندر اعظم” دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. “عراق” فتح ٿي چڪو آهي شام ۽ ايران “ڪپر جي ڪُن” ۾ آهن.
    پاڪستان ۽ هندستان کي انهيءَ راڪاس جو لقمو ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ گهرجي. هي موقعو ٻيهر نه ايندو ڳالهين جي شروعات ٿيڻ کان اڳ اندر کي اجاري اڇو ڪرڻ پوندو. ڳالهيون تڏهن ڪامياب ٿينديون.
    گنگا لهن نه گيم – مڪي ٿين نه معاف،
    سينو جنين صاف تن کان پا پري ٿيا!

    عوامي آواز ڪراچي – اڱارو 06 مئي 2003ع


    • روگ اسٽيٽ (ROGUE STATES)

    جيڪي ملڪ آمريڪا جي ها ۾ ها نه ملائيندا آهن تن کي آمريڪا گندا لقب ڏيندو آهي ۽ جيڪي ملڪ سندس “ها ۾ ها” ملائيندا آهن تن جون ڏاڍيون “نيڪيون” ڪندو آهي. اڄڪلهه پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي پڪي ٿي وئي آهي انهي دوستي ۾ “راڄن جا پٽڪا” لهندا. پر وقت ۽ تجربن ثابت ڪيو آهي ته آمريڪي دوستي ريگزارن ۾ پاڻي جي ڏک ڏيندڙ واريءَ مثل آهي جنهن کي پاڻي سمجهي پياسا انهيءَ پٺيان ڊوڙندا آهن اهو پاڻي پري پيو ڀڄندو آهي ۽ اڃيو ان پٺيان ڊوڙي ڊوڙي هڦجي پوندو آهي آخرڪار مري ويندو آهي پر اهو پاڻي هوندو ئي ناهي اهو پاڻيءَ جو دوکو ڏيندڙ “واري” هوندي آهي.
    سو ڳالهه پئي هلي ته آمريڪا “ها ۾ ها” نه ملائيندڙن کي برا ۽ بڇڙا لقب ڏيندو آهي جن ۾ هڪ آهي روگ اسٽيٽس (ROGUE STATES) جن ۾ گهڻائي اهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا جيڪي آمريڪا بهادر کي پسند نه ايندا آهن جن ۾ ايران، عراق، ڪوريا يا ٻيا اهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا جيڪي آمريڪا جي “ها ۾ ها” ملائڻ بدران “اک ۾ اک” ملائيندا آهن. آمريڪا جي ناپسنديده ملڪن جي فهرست وقت بوقت تبديل رهندي آهي. مثال طور ڪجهه وقت اڳ تائين پاڪستان جو نالو “دهشت گرد” (ROGUE STATE) ۾ شامل ٿيڻ وارو هو ته اوچتو 11 سيپٽمبر وارا واقعا ٿي پيا جن ۾ آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينيٽر تي هوائي حملا ٿيا ۽ آمريڪا جي طاقت ۾ معيشت جا ٻه مضبوط ٿنڀا (TWIN TOWERS) “واريءَ سندو ڪوٽ اڏيو اڏيندين ڪيترو” مصداق ڌڙام اچي پٽ پيا. جنهن جي نتيجي ۾ نه فقط آمريڪي انا ۽ معيشيت کي نقصان پهتو پر آمريڪي جيڪي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي طاقتور ترين قوم سمجهندا هئا. سي پاڻ کي انتهائي غير محفوظ سمجهڻ لڳا ۽ انهن ۾ اعتماد جو فقدان اچي ويو سموري قوم ۾ اعتماد جو فقدان، هڪ اهڙو نقصان آهي جنهن جو ڀرجڻ يا بحال ٿيڻ جا ويجهي مستقبل ۾ امڪان نظر نه ٿا اچن. انهن حملن کانپوءِ عربن اسامه بن لادن، طالبان ۽ القاعده خلاف جيڪا وٺ وٺان ٿي تنهن ڄڻ ته رڻ ٻاري ڏنو.
    “تحت الشعور” ۾ پنهنجي ئي حفاظتي اپائن جي ذليل حد تائين ڪمزوري کي لڪائڻ ۾ آمريڪين جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ بنا سوچي سمجهي مست هاٿيءَ وانگر افغانستان تي جنگي جهازن، راڪيٽن ۽ ميزائلن جي جديد تاريخ ۾ سڀ کان خوفناڪ جنگ جي شروعات ٿي، جيڪا اڃا به جاري آهي. منهنجي ملڪ ان “نيڪ” ڪم ۾ آمريڪا جو اهڙو ته ساٿ ڏنو جو وڃي ٿيا خير.
    چوڻ اهو ٿي چاهيم ته پاڪستان جيڪو “دهستگرد ملڪ”(ROGUE STATE) جي فهرست ۾ شامل هو سو هينئر “فرشتو ملڪ” (ANGEL STATE) بڻجي چڪو آهي.
    هڪ ٻيو لقب به مليو آهي انهن ملڪن کي جيڪي آمريڪا جي “ها ۾ ها” نه ٿا ملائين ۽ ان جي “اک ۾ اک” ملائين ٿا. اهو آهي (AXIS OF EVIL) “شيطاني قوتن جو اتحاد” انهن شيطاني قوتن ۾ پڻ ايران، عراق، ڪوريا ۽ ڪي بيا ملڪ شامل آهن. پر جيئن مون چيو اها لسٽ ڦرندي گهرندي رهندي آهي. سڀاڻي جيڪڏهن چونڊن جي نتيجي ۾ هتي ڪا جمهوري حڪومت اچي وڃي ٿي، جيڪا آمريڪا جي “ها ۾ ها” نه ٿي ملائي ته ٻيهر پاڪستاب به (AXIS OF EVIL) يا (ROGUE STATE) ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
    ڇتي ڪوري واري اها ڊيگهه مون ان لاءِ ڪئي آهي ته هڪ آمريڪي ليکڪ “وليم بلم” (William Blum) هڪ ڪتاب لکيو آهي: ROGUE STATE A GUIDE TO WORLDS ONLY SUPERPOWER (دهشت گرد ملڪ- دنيا جي واحد سپر پاور ملڪ جي معلومات)
    “بلم” ويٽنام جي جنگ ۾ آمريڪي پاليسين خلاف احتجاج طور 1967ع ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ تان استعيفا ڏني. جنهن کانپوءِ “گشتي صحافي” FREELANCE JOURNALIST طور هن لاطيني آمريڪا ۽ يورپ جا دورا ڪيا ۽ آمريڪا جا پول پڌرا ڪندو رهيو آهي. 1996ع ۾ بل ڪلنٽن چيو هو ته “آمريڪا امن ۽ آزادي جي سلسلي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي جيڪو جمهوريت، تحفظ ۽ خوشحالي جو علمبردار آهي”.
    آمريڪا جي اهڙي تشريح جو تت جيڪو “بلم” ڪڍيو آهي. سو هن ريت آهي،”1945ع کان صدي جي پڄاڻي تائين آمريڪا چاليهن کان وڌيڪ پرڏيهي حڪومتي جو تختو يا ته اونڌو ڪيو يا اهڙي سازش ڪئي ۽ آمر ۽ جابر حڪمرانن جي حڪومتن خلاف جدوجهد ڪندڙ ٽيهن کان وڌيڪ جمهوري قوتن ۽ عوام ۾ مقبول رهنمائن جي اهڙي جمهوري جدوجهد کي چٿيو. آمريڪا جي اهڙي ڪردار سبب لکين، ڪروڙين انسانن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ باقي جي بچي ويا سي لولا لنگڙا، اپاهج، محتاج ۽ بي وس بڻيل آهن.”
    مختلف ملڪن ۾ آمريڪي مداخلت جا تفصيل ٻڌائيندي هو لکي ٿو ته، ٻي عظيم جنگ کان پوءِ، جڏهن فلپائن مان جپانين کي تڙيو ويو، تڏهن اتي سي آءِ اي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌليون ڪرايون، ڪيئي “جي حضوري” صدر رکيا، آخر ۾ مارڪوس (MARCOS) ڊگهي عرصي تائين ويهاريو ويو جنهن هزارين لکين ماڻهو ماريا ۽ جنهن کي ايذاءُ ڏيڻ ۾ راحت محسوس ٿيندي هئي. انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو کي قتل ڪرڻ جون سازشون سٽيون ويون، جڙتو رومانوي تهمتون (SEX SCANDAL) ۽ ٻيا الزام مڙهيا ۽ آخر ۾ هڪ ظالم فوجي آمر “سهارتو” کي ڪرسي تي ويهاريو. مرڪزي ۽ لاطيني آمريڪا ۾ چلي جي سيلويڊور آليندي (SALVADOR ALLENDE) جي خلاف سازشون ٿيون. ايل، سلويڊار (EL- SALVADAR) خلاف ٻارهن سالن تائين آمريڪا سازشون ڪندو رهيو. 1983ع ۾ صدر رونالڊريگن گريناڊا تي چڙهائي ڪئي ۽ 1993 هاڻوڪي آمريڪي صدر بش جي والد ماجد وڏي بش (جهڙو پيءُ تهڙو پٽ) نوريگا (NORIGA) کي هٿ ڪرڻ لاءِ فوج ڪشي ڪئي.
    “بلم” اڳتي هلي لکي ٿوته آمريڪا کي نون “دشمنن” جي “سپلاءِ” جاري رهڻ گهرجي. کيس هٽلر جهڙا دهشتگرد گهرجن يا ڇتا ماڻهو ۽ ڇتا ڪتا گهرجن اها آمريڪا جي پاليسي آهي. ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي جيڪي هن ريت آهن.
    1. دهشت گردن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان آمريڪي ناتا.
    2. آمريڪا، موتمار هٿيارن جو استعمال
    3. هڪ دهشت گرد ملڪ ۽ باقي دنيا
    عالمي سازشن جي تاريخ:
    آخري ڀاڱي ۾ “بلم” خود پنهنجي ملڪ آمريڪا کي روگ اسٽيٽ جي لقب ڏنو آهي جيڪو “ها ۾ ها” نه ملائيندڙ ملڪن کي اهو لقب ڏيندو آهي. اها ڳالهه بهرحال “وليم بلم” پهريون ڀيرو نه ڪئي آهي. ڪجهه اڳ پاڪستان آيل آمريڪي پروفيسر چومسڪي آمريڪا کي دنيا جو سڀ کان وڏو دهشت گرد ملڪ قرار ڏئي چڪو آهي.

    عوامي آواز 4 مارچ 2002ع


    • جوڳي جاڳايوم ستي هئيس ننڊ ۾

    اڌ رات جو فون آيو. آمريڪا کان صدر جارج ڊبليو بش جو، صدر مشرف لاءِ، صدر مشرف رات جو ٻين وڳي پنهنجي خواب گاهه ۾ کونگهرا هڻي رهيو هوندو. ظاهر آهي نوڪرن چاڪرن، پي، اي يا سيڪريٽري ڪنهن ته چيو هوندو ته صاحب آرامي آهن پر اڳيان به آمريڪي صدر هو سو به غصي ۾ تنهن چيو هوندو ته “اٿاريوس ننڊ مان” پوءِ کيس اٿاريو ويو هوندو.
    گفتگو ڪجهه هن انداز ۾ ٿي هوندي بش، گڊ مارننگ مسٽر مشرف، مان آمريڪا جو صدر جارج ڊبليو بش لائين تي آهيان. مشرف، ويري گڊ مارننگ سر، هن وقت اوهان ڪيئن تڪيلف ڪئي آهي. بش، مان هن وقت گهڻين ڳالهين ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي موڊ ۾ ناهيان. مون کي هڪ سوال پڇڻو آهي ۽ ان جي “ها” يا “نه” ۾ ورندي گهرجي بس.
    مشرف سائين توهان حڪم ته ڪريو چئي ته ڏسو، “حڪم تمهارا”
    بش، توهان اسان جا دوست آهيو يا دهشت گردن جا دوست آهيو. جواب تڪڙو کپي، مختصر کپي ۽ هاڻي کپي.
    مشرف، سائين ٿوري مهلت ته ڏيو، مان پنهنجي ڪابينه، ڪور ڪمانڊرن سان ۽ رفقاءِ ڪار ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ثواب ته ڪريان! بش، مون چيو ته مون وٽ وقت بلڪل ڪونهي. مون کي هينئر ۽ هاڻي جواب گهرجي توهان اسان سان گڏ آهيو يا دهشتگردن سان گڏ آهيو.
    مشرف، سائين، دهشتگردن کي وجهو کڏ ۾ اسان اوهان جا جگري دوست آهيون. اسان جا وڏا ۽ توهان جا وڏا به پاڻ ۾ دوست هئا هاڻي ڇو ٿا اسان کي شرمندو ڪريو. بش، بس مون کي اهو ٻڌڻو هو. مون کي اوهان مان اها ئي اميد هئي. آخر وڏن جو ياريون ائين ئي اڪارتيون ته ڪو نه وينديون.
    باقي پئسي پاءُ جي ڳڻتي نه ڪجو توهان ته اقتصادي پابندي جا جيڪي بند ٻڌا هئاسون سي هينئر کولبا، خاردار تارن جا ڄار هٽائبا ۽ واٽون گلن ڇانئيون ٿي وينديون.
    مشرف توهان جا لک قرب، باقي ڪابينا، ڪور ڪمانڊرن کي مان پاڻهي مڃائي ويندس، ٻين جو به بلو ڪندس. توهان ته ڏٺو به هو ته آگري جي دوري کان اڳ مون پاڻ کي صدر چونڊيو هو. مون کي صدر ڪنهن چونڊيو هو.؟ مون پاڻ! بس ڇڙو چيف جسٽس کي قسم کڻائڻ جي دير هئي توهان کي ته خبر آهي ته اسان پڪا مسلمان آهيون. ملان جي نڪاح پڙهائڻ ۽ چيف جسٽس جي قسم کڻائڻ کان پوءِ باقي ڪم پنهنجو پاڻ چالو ٿي ويندا آهن. آخر نڪاح پڙهائڻ وقت به ته ڇوڪري جي رضامندي معلوم ڪئي ويندي آهي. پوءِ جيڪڏهن هوءَ رضامندي ڏيکارڻ ۾ ٿورو ڪيٻائيندي آهي ته سندس ماءُ سندس مٿو ڌوڻي ڇڏيندي آهي جنهن کي ڇوڪريءَ جي رضامندي وٺڻ ۽ مٿي ڌوڻائڻ جا گهڻا ئي طريقا آهن توهان فڪر ئي نه ڪريو.
    بش، واهه جون ڳالهيون ٻڌايئي، اصل وڻ وڄائي ڇڏيئي، برابر توهان صدر ته منٽن ۾ بڻجي ويا هئا ۽ پاڪستان ۾ ڪو به احتجاج نه ٿيو. اسان جا ماڻهو ڏاڍا مٿي کائڻا آهن ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڏو لڙ ٿا ڪن.
    گلوبلائيزيشن جي ئي مثال وٺو. ڪٿي به مزي سان ڪا ڪانفرنس ئي نه ٿا ڪرڻ ڏين هينئر ته اسان کي جڳهه ئي نه ٿي سجهي جتي G-7 جا شاهوڪار ۽ سڌريل ملڪ چار چونڪ ڳالهين جا ويهي ڪريون. مشرف، برابر توهان وڏي ويل ۾ آهيو ان ڪري اسان جمهوريت جي خلاف هوندا آهيون. جمهوريت هون! جيترا وات اوتريون ڳالهيون، توهان آهيو جيڪي جمهوريت تي زور ڏيندا آهيو پوءِ ماڻهن جون ڳالهيون ويهي ٻڌو. اسان ته گهڻي بڪ بڪ ٻڌڻ جا عادي ئي ناهيون.
    ڏسو نه اسان جي ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي ۾ مسلم ليگ، ڏسو ته ٻنهي کي ڪيئن دربدر ڪري ڇڏيو اٿم. وتن ٿا ٻاهر ٿابا کائيندا بش، واهه جي ڳالهه ڪئي اٿو.
    چڱو ڀلا وقت گهڻو ٿي ويو آهي. هاڻي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سلسلو جاري رهندو توهان مهرباني ڪري ڏينهن جو ننڊ ڪندا ڪريو ۽ رات جو جاڳندا ڪريو جيئن توهان کي ننڊ مان نه اٿارڻو پوي. ڏسو ته جڏهن اسان وٽ ڏينهن هوندو آهي تڏهن توهان وٽ رات هوندي آهي ۽ جڏهن هت رات هوندي آهي تڏهن توهان وٽ ڏينهن هوندو آهي يعني توهان ۾ اسان ۾ “رات ڏينهن” جو فرق آهي.
    مشرف، سائين توهان اسان جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو فڪر نه ڪريو، اسان جا ڏينهن به توهان لاءِ آهن ته اسان جون راتيون به توهان لاءِ آهن يعني اسان “ڪل وقتي” توهان جا آهيون پر سائين مان ته باقي هڪ سال جو مهمان آهيان.
    بش: ڇا مطلب مون ڳالهه نه سمجهي.؟ مشرف، سائين مطلب صاف ظاهر آهي. توهان ئي اسان کي اُکين تي کڻي ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ جلدي اليڪشن ڪرائي جمهوريت بحال ڪيو سو مون آڪٽوبر 2002ع ۾ اليڪشن جو اعلان ڪريو ڇڏيو آهي پوءِ نئين حڪومت ڄاڻي توهان ڄاڻو.
    بش، مشرف صاحب، وقت وقت جي ڳالهه آهي اڳ برابر اسان توهان کي جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ اُکين ٿي کڻي ڏنو هو پر هينئر توهان کي اُکين تي نه اَکين تي کڻنداسين.
    اسان جا ڪي به دائمي دوست ۽ دائمي دشمن نه هوندا آهن. اسان جا دائمي مفاد هوندا آهن ۽ جيڪا حڪومت اسان جي دائمي مفادن جو خيال ڪندي آهي اسان ان کي ئي پسند ڪندا آهيون. توهان کي ياد ڪونهي ته جنرل ضياءِ کي اسان ڏهن سالن کان مٿي ويهاري ڇڏيو هو. ساڳيو ئي افغانستان هو جيڪو روس خلاف جدوجهد ۾ اسان جو ساٿاري هو ۽ جنرل ضياءِ به اسان جي مدد پئي ڪئي. هاڻي به ساڳيو ئي افغانستان آهي پر هينئر اسان جي ويڙهه اسامه بن لادن ۽ طالبان خلاف آهي. توهان اسان سان ڀرپور سهڪار جو واعدو ڪيو آهي. هينئر جمهوريت جي چڪر ۾ نه اچو ۽ ويٺا هجو مزي سان مُڇ کي وڪڙ ڏيو. سوري! توهان کي مڇون ڪونهن اسان کي اڃا ضيا ياد ٿو اچي!
    مشرف، صدقي، صدقي، توهان جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي هيانءَ تي ڇنڊو پيو آهي. باقي توهان طالبان کان نه ڊڄو. مشرف جي ان گفتي کان پوءِ فون جي لائين ڪٽجي وئي.


    عوامي آواز26 سيپٽمبر 2001ع


    • ٻڪر ٻوساٽ جي موسم

    ٻڪر ٻوساٽ جي موسم موٽي آئي آهي. گهٽا، ٻڪر، ڳئون، گابا، اٺ، ٻڪريون هر قسم جا جانور قربان ٿيڻ لاءِ آتا آهن. گلين گهٽين ۾ سراڻ وارا “ڇري تيز ڪرائو” جا نعرا هڻندا ٿا وتن. ڇريون، ڪاتيون ڪٽارا منهن ڪڍي مرڪي رهيا آهن. فرج ۽ ڊيپ فريزر هن موقعي لاءِ صاف ٿي چڪا آهن. گوشت جي گنجائش وڌائڻ لاءِ ٻيون غير ضروري شيون عارضي طور تي فرجن ۽ ڊيپ فريزن مان بي دخل ٿي چڪيون آهن. ڀٽائي جي سٽ “تند ڪٽارو ڪنڌ ٽئي پرچيا پاڻ ۾ “ ترميم جو وقت اچي چڪو آهي جيڪا هينئر هيئن پڙهبي.
    فرج، ڪٽارو ڪنڌ ٽيئي پرچيا پاڻ ۾. ڀٽائي جي هن سٽ ۾ پڻ ترميم جو وقت اچي ويو آهي.
    مترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن
    جيڪا هينئر هينئن پڙهڻ گهرجي
    ڪاتن منهن ڪڍيا جانور سهڪن

    هن ڪالم جي شايع ٿيڻ کان پوءِ لکن جي تعداد ۾ جانور شهيد ٿيندا. باقي بچيل سڀ جانور سومر تائين جان جو نذرانو ڏيندا رهندا. جيترو مهانگو جانور، پلصراط ٽپڻ اوتري آسان ٿي ويندي يعني جن تمام سوکا سهڻا ۽ بيحد مهانگا جانور قربان ڪيا هوندا انهن لاءِ پل صراط موٽر وي يا سپر هاءِ وي جهڙي ڪشادي ٿي ويندي ۽ اهي پنهنجي پجيرن سميت زوڪاٽ ڪيون پل صراط ٽپيون اهي ٿا وڃن باقي ڏٻرن سٻرن ڇيلن وارا سنڀالي سنڀالي وک وک ڪري پل صراط ٽپندا پوءِ ٽپيا يا ڪريا وچ ۾ تنهنجي ڪا گرنٽي ڪانهي. قرباني کان اڳ ۾ گهٽيون ۽ گليون گاهه ۽ ڇيڻن سان گنديون ۽ غليظ ٿي چڪيون هونديون آهن ۽ قرباني کان پوءِ وري روڊ رستا گليون ۽ گهٽيون آنڊن ۽ اوجهرين سان ڀرجي وينديون آهن. جن جي بدبوءِ هفتن تائين هوا ۾ پکڙجي ماحول کي بدبودار ۽ غلاظت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. پر قرباني جي جذبي ۾ سرشار هي قوم پل صراط ٽپڻ جي خوشي ۽ عارضي بدبوءِ کي ليکي ۾ نه آڻيندي آهي. مون جهڙا غريب غربا جيڪي قرباني ڪرڻ جي حيثيت نه ٿا رکن سي يارن دوستن ۽ ايندڙن ويندڙن تي اثر ۽ رعب وجهڻ لاءِ پاڙي مان هڪ اوجهڙي گهلي پنهنجي در تي رکي ڇڏيندا آهن ته جيئن اهو سمجهڻ ۾ اچي ته “هيءِ قرباني ڪنهن ڪئي”. ان موقعي تي مون مناسب سمجهيو ته ڪنهن “عازمين قرباني” ٻڪر کان انٽرويو وٺان ۽ ان جا خيالات، احساسات ۽ جذبات معلوم ڪريان. سو پاڙي واري جي گهر جي ٻاهران ٻڌل هڪ سمارٽ، صحتمند ۽ چٽڪٻري ٻڪر وٽ ٽيپ رڪارڊر کڻي پهتس، گفتگو شروع ٿي.
    “اسلام عليڪم – ٻڪر صاحب”
    “سلام کي ڇڏ – اڳتي ڳالهاءِ”
    “پر ٻڪر صاحب – سلام ڪرڻ ته سنت آهي”
    “توکي اسلام عليڪم جي مطلب جي خبر آهي؟”
    “سچ پچ مون کي لفظي معنيٰ جي ته خبرناهي،
    بس ائين ئي سلام ڪري ڇڏيو آهي”
    “مان ٿو توکي ٻڌايان ته اسلام عليڪم جو مطلب ڇا هي صحافي ٿيو آهي. ڪڙٻ ڏئي پڙهيو آهين ڇا. جاهل؟”
    “ٻڪر صاحب – فضيلت سان ڳالهاءِ مان ڳوٺاڻي اسڪول جو پڙحيل آهيان. تون شهري ٻڪر آهين.”
    شهري ٻڪر ڳوٺاڻن ماڻهن کان وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا.
    “اسلام عليڪم جو مطلب آهي. توتي سلامتي هجي. منهنجي ڪنڌ تي ڪاتي ڦرڻ واري آهي تو ڪهڙي حساب سان مون کي سلام ڪيو آ تون اميد ٿو ڪرين ته مان توکي وعليڪم سلام چوان”.
    “ساري ٻڪر صاحب – توهان جذباتي ٿي ويا آهيو منهن جو مطلب هو ته توهان کان پڇان ته توهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو.؟”
    “تنهن جي ڪنڌ تي ڪاتي ڦرڻ واري هجي. ان وقت جيڪو تنهنجي محسوسات جو عالم هوندو سوئي هينئر منهنجي محسوسات جو عالم آهي هاڻي هل اڳتي مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪر”.
    “پر ٻڪر صاحب مون کي توهان سان اڃان گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. ناراض نه ٿيو ته هڪ ٻيو سوال پڇان”.
    “پر تون مون کي ڪورو، ڄٽ ۽ جاهل ٿو لڳين مان توسان ڇا ڳالهايان مان چاهيان ته توکي قرباني جو فلسفو به سمجهائي سگهان ٿو هل اڳتي.”
    “توهان چيو ته توهان مون کي قرباني جو فلسفو سمجهائي سگهو ٿا مان حيران آهيان هڪ ٻڪر هڪ انسان کي قرباني جو فلسفو ڪيئن ٿو سمجهائي سگهي؟”
    “هزارن سالن کان اسان بي گناهي ۽ بي ڏوهه ڪسندا ۽ قربان ٿيندا ٿا اچون. توهان ڪجهه سمجهڻ ۽ ڪجهه پرائڻ کان سواءِ رڳو ڪهڻ ۽ ڪاتي ڦيرڻ ڄاڻو ٿا سمجهو ڪجهه به نه ٿا، اهو نڙ ۾ ڪتي جو پڇ وجهڻ وارو مثال آهي ٻارهين مهيني ڪڍ ته اهو ئي ٽيڙو”.
    “مون تو کي اڳ به چيو هو ته تميز سان ڳالهاءِ ڪتي جي پڇ ۽ نڙ وارو مثال پاڻ وٽ رک. تون بدتميز ٻڪر آهين. مان هلان ٿو.”
    “ويندين وري ڪيئن اسان جا جذبات ڇيڙيا اٿئي ته پوري ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ ڪيئن ويندين .”
    “ڪسڻ کان اڳ توکي قرباني جو فلسفو ته سمجهائي ڇڏيان. من ڪنهن هڪ انسان کي ئي صحيح ڳالهه سمجهه ۾ اچي.”
    “ها ٻڌاءِ – پر فضيلت سان.”
    “توکي خبر آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام کي الله پاڪ طرفان جڏهن اشارو آيو هو ته ڪا پياري شيءِ قربان ڪري ته هن ڪهڙي شيءِ قربان ڪرڻ ٿي چاهي؟”
    “ها خبر آهي تمام گهڻي دعائن سان گهريل پيارو پٽ اسماعيل”.
    “پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام تي ڇري ڦيرائي ته فرشتن بهشت کان گهٽو آندو ۽ ڇري حضرت اسماعيل بدران گهٽي تي ڦري ۽ گهٽو قربان ٿي ويو، حضرت اسماعيل بچي ويو پر الله تعاليٰ وٽ حضرت ابراهيم جي قرباني قبول پئجي وئي.”
    “ها ايتري ته مون کي به خبر آهي پر تون چوڻ ڇا ٿو چاهين.”
    “اهو ئي ته ايڏي وڏي واقعي مان اوهان اهو پيغام ورتو ته بس جانور ڪهڻا ۽ قربان ڪرڻا آهن يا ڪو ٻيو به فهم توهان سکيو.”
    “توهان چيو ته حضرت اسماعيل جي جڳهه تي آسمان مان گهٽو آيو ۽ قربان ٿي ويو، اسان ٻيو ڇا ڪريون بس اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن جانور ڪهندا ٿا اچون. اسان ته اهو ئي سکيو آهي پر تنهنجي من ۾ ڪا ٻي ماجرا آهي ته کولي ٻڌاءِ.”
    “تڏهن ته چيم ته تون نه سمجهندين.”
    “توهان جي وڏي شاعر ڀٽائي هروڀرو نه چيو آهي ته پڙهيو پيا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾ پاڻان ڏوهه چڙهن – جيئن ورق ورائن وتر!”
    ٻڪر صاحب يار کولي ٻڌاءِ.
    “حضرت اسماعيل جو ڪاتيءَ کان بچي وڃڻ ۽ آسمان تان لٿل گهٽي جي ڪسجي وڃڻ ۾ جيڪو راز رکيل آهي جيڪا رمز رکيل آهي جيڪو سبق لڪل آهي اهو آهي ته اڄوڪي ڏينهن کان پوءِ انسان جو انسان هٿان خون وهائڻ حرام ٿي ويو.”
    ٻڪر جو اهو گفتو ٻڌي منهنجي هٿ مان ٽيپ رڪارڊر ڪري پيو، منهنجي واڇ گودو ٿي وئي. مون کي ششدر ۽ پريشان ڏسي ٻڪر اڳتي ڳالهايو.
    “توهان مسجدن ۾ امام بارگاهن ۾ ۽ آپگهاتي بمن سان الائي ڪيترو انساني خون وهائي چڪا آهيو، جهاد جو مطلب سمجهڻ کان سواءِ هزارين ڳڀرو ۽ ذهني طور تي نابالغ نوجوان جهاد بهاني آپگهاتي حملن ۾ مارائي چڪا آهيو. اهو سڀ ڪجهه حضرت ابراهيم عليه السلام جي عظيم قرباني واري جذبي جي منافي آهي.”
    مان ٻڪر جون اهي ڳالهيون ٻڌي پنڊ پاهڻ ٿي ويس. ٻڪر وڌيڪ ڳالهايو.
    “قرباني جو مقصد سڀ کان پياري شيءِ قرباني ڪرڻ آهي. اسان نه توهان کي پيارا آهيون نه آسمان تان لٿا آهيون. ٻڪر پڙي تان گهلي، سوزوڪي ۾ وجهي ڪاتي ڦيرڻ کي جيڪڏهن توهان قرباني سمجهون ٿا ته بسم الله جنهن ۾ توهان خوش.”
    ٻڪر جو آخري ويڻ مون کان ٻڌو ڪين ٿيو ۽ مان تڪڙو تڪڙو نڪري ويس.


    • سنڌي ٽوپي – ڊاڪٽر شاهد مسعود ۽ جناح

    اڄ جڏهن هي ڪالم ڇپجي چڪو هوندو ته سموري سنڌ، اسلام آباد ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توڙي آمريڪا، انگلينڊ، ڪيناڊا ۽ جتي جتي سنڌي رهن ٿا، اتي هزارن لکن جي تعداد ۾ سنڌي ٽوپي اجرڪ اوڙهي احتجاج ڪندا هوندا يا ڪٿي ڪجهه به نه ڪندا هوندا ته پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هوندا، پر اجرڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾.
    هاڻ اهو ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ته اها ايتري ٻڌي ۽ سنڌين ۾ اوچتو ايڪو ۽ يڪجهتي ڪهڙي سبب پيدا ٿي. جيڪو ڪم اسان جا قومپرست اڳواڻ ورهين کان ڪري نه سگهيا، سو جيو ٽي وي جي اينڪر ڊاڪٽر شاهد مسعود ڪري ڏيکاريو. پنهنجي پروگرام “ميري مطابق” ۾ کيس اعتراض هو ته پاڪستان جو صدر جناب آصف علي زرداري هڪ علائقائي لباس ۾ غير ملڪي (افغانستان) دوري تي ڇو ويو. هن موضوع تي بيشمار ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. جنهن ۾ اڪثر دوستن هندستان جي وزير اعظم من موهن سنگهه جو مثال ڏنو آهي، جيڪو هر وقت ۽ هر هنڌ توڙي ملڪ کان ٻاهر سکن واري پڳڙي ۾ پيو گهمندو ڦرندو آهي، پر ڪنهن به ڪڏهن به ان تي اعتراض نه ڪيو آهي. پر جنگ اخبار، جنهنجي سنڌين سان ازل کان وٺي جنگ جاري آهي – “اردو ڪا جنازا هي، زرا ڌوم سي نڪلي” جنهن جي ردعمل ۾ به ڪيترائي سنڌي ڪراچيءَ ۾ ماريا ويا ۽ عورتن جون عصمتون لٽيون ويون. تنهن جنگ جي “جيو” (GEO) ٽي وي چينل هڪ جمهوري ۽ پر امن حڪومت کي ڪيرائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر شاهد مسعود (ياد رهي ته هي پي ايڇ ڊي وارو ڊاڪٽر ناهي)، انصار عباسي ۽ شاهين صحبائي جهڙا صحافي پيش پيش آهن. انصار عباسي جنگ گروپ جي “انٽرنيشنل نيوز” جو سينيئر صحافي آهي ۽ طالبان تحريڪ جو وڏو حامي آهي ۽ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو وڏو سهڪاري آهي. هو پاڪستان ۾ حزب تحرير جو پراڻو ڪارڪن آهي. جڏهن ته شاهين صحبائي “پاڪستان طالبان يونين آف جنرلسٽ (PTUJ)” جو ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر آهي.صالح ظافر به انهيءَ ٽولي ۾ شامل آهي.
    جڳ مشهور وڪيل ۽ مشهور ناول نگار (RODEO DRIVE TO RAJA BAZAR) روڊيو ڊرائيو ٽو راجا بازار جي ليکڪ عائشه اعجاز خان جو مون هڪ ليک پڙهيو هيو، جنهن جو تت ٿورن لفظن ۾ پيش ڪجي ٿو:
    “ آڪٽوبر 2001ع ۾ منهنجي ڊاڪٽر شاهد مسعود سان ملاقات ٿي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي 11/9 وارن حملن کان ٿورو پوءِ اي آر واءِ تازو لنڊن ۾ شروعات ڪئي هئي جنهن جو پي جي مير انچارج هو ۽ ڊاڪٽر شاهد مسعود ان عهدي ۾ اک رکيون ويٺو هو. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ گڏ هئاسون، جنهن ۾ مان،شيري رحمان، ڊاڪٽر شاهد مسعود ۽ ڪو چوٿون شخص به هو. جنهن جو نالو هن وقت ياد ڪونه ٿو اچي. مون کي ۽ ان شخص کي ڳالهائڻ جو موقعو گهٽ پئي مليو ۽ شيري رحمان ۽ ڊاڪٽر شاهد مسعود گهڻو ڳالهائي رهيا. ٽي وي پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ گپ شپ ٿي رهي هئي. تڏهن مون کي خبر پئي ته ڊاڪٽر شاهد پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ناهي، پر ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. اڃا پوءِ خبر پئي ته ٽي وي جا سمورا اينڪر ڊاڪٽر پي ايڇ ڊي ناهن پر ميڊيڪل ڊاڪٽر آهن، جن عامر لياقت ۽ شائسته واحدي به شامل آهن. بهرحال اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته ميڊيڪل ڊاڪٽر جڏهن ڊاڪٽريءَ جو پيشو ڪن ئي نٿا ۽ صحافت ڪري رهيا آهن ته پنهنجي نالي اڳيان ڊاڪٽر ڇو لکندا آهن. مڙئي رعب رکڻ لاءِ. شيري رحمان جڏهن اٿي هلي ويئي ۽ منهنجي ۽ ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ٿوري دير گفتگو رهي. گفتگو دوران مونکي خبر پئي ته سندس خيال ساڄي ڌر سان تعلق رکن ٿا. گفتگو ۾ هندستان جي ورهاڱي کان وٺي جناح تائين سڀ موضوع بحث هيٺ آيا. پر شاهد مسعود واتان اهي اکر ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن هن چيو ته “جناح پارسي هو” مون کيس چيو ته “ جناح مسلمان هو. هن هڪ پارسي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. پر هو مسلمان ئي رهيو.” جنهن جي وضاحت کان پوءِ ٻيهر ڊاڪٽر صاحب چيو ته، “منهنجي خيال ۾ جناح پارسي هو.” مون کيس ٻيهر ٻڌايو ته جناح هڪ اسماعيلي گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، پر هو باقاعده مسلمان هو ۽ رهيو. مون ڏٺو ته ڊاڪٽر شاهد مسعود کي آخر تائين منهنجي ڳالهه تي يقين ڪونه آيو ۽ هن مون کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو. تنهن کان پوءِ مان اسٽوڊيو مان نڪري ويس. پر اها ڳالهه مون کي بيحد پريشان ڪري رهي هئي ته جناح جنهن جو نالو عظيم مسلمان اڳواڻن ۾ شامل آهي. جنهن مسلمانن کي هڪ آزاد وطن ڪرائي ڏنو، تنهن کي ڪو شخص، سو به پاڪستاني، غير مسلم سمجهي ويٺو آهي. مان اهڙن گهڻن ماڻهن سان ملي چڪي آهيان جيڪي جناح جي گهڻين ڳالهين سان اختلاف رکندا آهن، سندس دانش تي شڪ ڪندا آهن، پر اهڙي ڪنهن به پاڪستاني سان منهنجي اڳ ۾ ملاقات ٿيل نه هئي، جيڪو جناح کي غيرمسلم تصور ڪندو هجي. تنهنڪري مون کي شاهد مسعود عجيب ۽ نرالو لڳو.
    بعد ۾ اڪثر مان ڊاڪٽر شاهد مسعود جا اي آر واءِ تي سندس تجزيا ٻڌندي رهيس، جن ۾ مون کي منطق گهٽ ۽ نفرت ۽ سنسني خيزي وڌيڪ ملي. هو ماڻهن جي جذبات ۽ احساسات سان کيڏندو آهي. مون کي ان ڳالهه تي به حيرت ٿي ته “جيو” هڪ اهڙي شخص جو انتخاب ڪيو جيڪو منطق ۽ حقيقت پسندي گهٽ ۽ سنسني خيزي وڌيڪ پکڙيندو آهي. پر بعد ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته پاڪستاني ناظرين کي حقيقت پسندي کان وڌيڪ سنسني خيزي پسند آهي.
    تنهن کان پوءِ منهنجي حيرت جي حد نه رهي جڏهن هن پاڪستان ٽيليويزن جي نوڪري حاصل ڪئي. حيرت ان ڪري جو موجوده حڪومت کي ان ڳالهه جو اندازو ڇو نه ٿيو ته اهي ڪٿي ڦاٿا آهن. ان کان اڳ پي ٽي وي جا سربراهه پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار رهندا آيا آهن. جن کي پاڪستان جي تاريخ جو واضح تصور هو. اهو سچ آهي ته پي ٽي وي هميشهه سرڪاري آواز پئي رهيو آهي، پر مون بهرحال اهڙا به ڏٺا، جيڪي سرڪاري ميديا هوندي به سچي ڳالهه ڪري ويندا آهن.
    پر شاهد مسعود ته بس “ميري مطابق” کان اڳتي ڪجهه ڪونهي. پي ٽي وي جي سربراهه جي عهدي جي آڇ ٿيڻ کان اڳ شاهد مسعود ڪجهه آرمي جنرلن سان انٽرويو به ڪيا، جيڪي اهم عهدن تي رهيا آهن. مگر هن وقت حڪومت جي خلاف ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. اها چالاڪي کيس ڪم آئي. جيڪي ماڻهو شفاف آهن اهي ڄاڻن ٿا ته فوجي وردي دوران يا رٽائر ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه ڳالهائيندا آهن، اهو کين ڦٻي ويندو آهي، ڇو ته انهن کان ڪو پڇاڻو نه ڪندو آهي. ڊاڪٽر شاهد مسعود کي سچائي يا حقيقت سان ڪابه دلچسپي ناهي ڇو ته هو فوجي حڪمرانن کي پنهنجي طرف آڻڻ ۾ دلچسپي رکندو آهي ۽ هن ڪڏهن فوجين کان ماضي ۾ ڪيل سندن ڪڌن ڪرتوتن تي ڪڏهن هڪ سوال به نه ڪيو آهي.
    منجهيل قومي مسئلن تي هڪ طرفا سوال پڇڻ ۽ مسئلن جي تهه تائين نه پهچڻ ۽ موجوده حڪومت تي زهر اوڳاڇڻ سان هن اهو پيغام پهچائڻ ٿي گهريو مان خطرناڪ آهيان تنهنڪري مون کان ڊڄو ۽ منهنجي خوشامند ڪريو. سندس واردات جو مقصد سدائين اهو رهيو ته منهنجي ذات کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهچي. ناظرين جي راءِ جو کيس ڪڏهن به فڪر نه رهيو آهي. انهيءَ ڪاروائي ۾ هو ڪامياب به رهيو آهي.
    مون ٻڌو آهي ته پي ٽي وي ۾ کيس ست کان ڏهن لکن تائين پگهار ملندي هئي. اهو هڪ غريب ملڪ جي ٽيڪس ادا ڪندڙ تي وڏو بار هيو. وڏي ناانصافي هئي. پر ايتري گهڻي اجرت سان به هن ڪڏهن نمڪ حلالي جو ڪم نه ڪيو.”
    سو سائين اهي آهن احوال اسان جي ڊاڪٽر شاهد مسعود جا، جنهن کي اها خبر به نه هئي ته قائد اعظم محمد علي جناح مسلمان آهي يا غير مسلم. ڇا هيءَ غيرت مند قوم اهڙي شخص کي بخشي ڇڏيندي، جيڪو هڪ عظيم مسلمان رهنما کي غيرمسلم سمجهندو هجي جنهن لاءِ انگريزن توڙي هندن تعريفي ڪتاب لکيا آهن. آمريڪي بايوگرافر اسٽينلي وولپورٽ (Stanley Wolport) جيڪو اڃان زنده آهي ۽ جنهن “جناح آف پاڪستان” ڪتاب لکيو هو. جنهن کي مون ڪراچيءَ ۾ روبرو ٻڌو هو. پنهنجي تقرير کان پوءِ سوالن جوابن جي وقفي ۾ ڪنهن کانئس سوال ڪيو ته توهان نهرو جي مقابلي ۾ جناح کي ڪيئن ٿا ڀانيو ته هن جواب ڏنو هو ته، “نهرو کان جناح گهڻو عظيم هو ۽ نهرو جي هن سان ڀيٽ ڪري ئي نٿي سگهجي.”
    سو سائين جنهن شخص کي اها ئي خبر نه هجي ته جناح مسلمان هيو يا غير مسلم، سو جيڪڏهن ان سنڌي ٽوپي پائيندڙ صدر کي سٺو نه سمجهيو ته ڳڻتيءَ جي ڳالهه ناهي.
    جنگ، جيو، ڊاڪٽر شاهد مسعود، ڪامران خان، حامد مير، انصار عباسي، شاهين صحبائي ۽ صالح ظافر ۽ پاڪستان جون ايجنسيون هڪ طرف آهن. اهي منطق، جمهوريت ۽ پاڪستاني عوام راءِ جا مخالف آهن ته ٻئي طرف به ميدان خالي ڪونهي. پاڪستان جا ٻيا مهانَ ليکڪ، دانشور، شاعر ۽ تاريخدان ۽ پاڪستان جو عوام حق تي آهن. حقيقت پسند آهن. جمهوريت سان گڏ آهن. جمهوريت جي خرابين ۽ موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي به حڪومت ڊاهڻ جي حق ۾ ناهن. پاڪستان جو غريب عوام غور سان مطالعو ڪري رهيو آهي ته ڪروڙن جي تعداد ۾ ووٽن ذريعي سندن مرضي سان جيڪا جمهوريت قائم ٿي آهي، تنهن کي چند وڪاڻل ٽي وي اينڪر پنهنجي بڪ بڪ ذريعي ڊاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. تڏهن اهي اٿي پوندا. ميدان ۾ ايندا.
    اهي عوام دشمن عناصر ڊڄن انهيءَ ڏينهن کان جڏهن بقول فيض احمد “فيض” جي:
    هم ديکين گي
    لاز م هي هم ڀي ديکين گي
    جب ظلم و ستم ڪي ڪوهه گران
    روئي ڪي طرح اڙجائين گي
    هم محڪومون ڪي پائون تلي
    جب ڌرتي ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي گي
    اور اهل حڪم ڪي سر اوپر
    جب بجلي ڪڙڪڙ ڪڙڪيگي
    جب ارض خدا ڪي ڪعبي سي
    سب بُت اٺوائي جائين گي
    هم اهل صفا، مردود حرم
    مسند پي بٺائي جائين گي
    سب تاج اڇالي جائين گي
    سب تخت گرائي جائين گي
    اٺي گا انل الحق ڪا نعره
    جو مين ڀي هون تم ڀي هو
    اور راج ڪري گي خلق خدا
    جو تم ڀي هو اور مين ڀي هون-
    اسان سنڌي ڏاڍا ڏنگيل آهيون. ڏاڍا ڏنڀيل آهيون. مون کي پرويز مشرف جا اهي ويڻ اڃان نٿا وسرن، جڏهن هڪ مشهور سنڌي ٽي وي ڇينل تي انٽرويو وٺندي هڪ سڄاڻ صحافيءَ کانئس سوال پڇيو ته وفاقي حڪومت ۾ سنڌي سيڪريٽرين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. تڏهن هن زهر اوڳاڇيندي ڇيو هو ته توهان کي گهوڙن ۽ گڏهن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. گهوڙا ته الائي ڪهڙا هئا، پر گڏهه هن سنڌين کي سڏيو هو.
    پاڪستان ٺاهڻ وارو قائداعظم محمد علي جناح (جنهن کي ڊاڪٽر شاهد مسعود غير مسلم چيو آهي) به سنڌي هو. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ وارو به سنڌي هو، جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. پاڪستان ۾ مارشلائي قوتن ۽ فوجي آمرن کي منهن ڏيندڙ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس لائق نياڻي شهيد محترما بينظير ڀٽو هئي. پاڪستان جي غريب عوام لاءِ جان ڏيندڙ به سنڌي آهن. جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو شامل آهن. نصرت ڀٽو جيڪا هن وقت ۾ نه جيئرن ۾ شامل آهي تنهن کي به اسان شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿاڪريون – زنده شهيد!
    جب وطن ڪو لهو ڪي ضرورت پڙي
    سب سي اول هي گردن هماري ڪٽي
    ڦر ڀي هم سي يي ڪهتي هين اهل چمن
    يي چمن هي همارا -! تمهارا نهين.

    سنڌ صوفين جي سرزمين آهي. صوفين امن، آشتي ۽ انصاف جو درس ڏنو آهي. پر ٻي ڌر ان کي اسان جي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ سان تصور ڪري ٿي. تنهن ڪري اٿو امن ۽ آشتي جا درس پورا ٿي ويا. هاڻي وڙهڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڌرتي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي. غيرتن ورجائڻ جو وقت اچي ويو آهي.


    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍار
    مٿان تيز ترار، مار ته متارو ٿئين. (شاهه)

    ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ڏٺا
    ڪارا ڪُند هٿن ۾ اڙل وڇيرا هيٺ
    ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو!

    سو منهنجا سنڌي ٽوپين وارا – اجرڪن وارا دلير ۽ غيرتمند ڀائرو. امڙ جي ٿڃ جو ڪجهه ته قرض لاهيو. ويڇا وساريو، ديس بچايو. دمادم مست قلندر جو اهڙو واڄٽ وڄايو جو دنيا دنگ رهجي وڃي.
    عوامي آواز ڪراچي-


    • انور جاني جي چاليهي جي موقعي تي لکيل جاني هن جهاز ۾

    تهڙا”چاليها” نه چاليهه جهڙو پسڻ پرينءَ جو
    “ڪهڙي” ڪاتب!تون ڪرين، مٿي پٽن پيهه!
    جي ورق ورائين ويهه ته به اکر اهوئي هيڪڙو.

    برابر اهڙا چاليهه چاليها ٿين ته به پرينءَ جي پسڻ کان سواءِ دل کي ڪهڙو آٿت ايندو. اسان ڪاتب يا ليکڪ ڪهڙي ويهي پنن تي پيهه يا پٽاڙ ڪريون. يا ڪاغذ ڪارا ڪريون. ويهه ورق لکون يا ويهه هزار. پر انور جاني ڪٿان ملي.
    ڪيڏو قول جو سچو هو. نائين نومبر 2002ع تي پنهنجي ننڍي ڀاءُ منور کي اسپتال منجهان فون ڪيو هيائين. يار نرس مٿان بيٺي آهي. مون کي اندر ٿيٽر ۾ وٺيو ٿا وڃن. چڱو سڀاڻي ٻيهر ڳالهائيندس. آواز ۾ اهوئي کڙڪو ، اهوئي ميٺاج، اهائي پنهنجائپ. انور چيس: “يار سڀاڻي نه اڱاري تي ڳالهائجانءِ.”
    “چڱو اڱاري تي ملبو. هاڻي نرس مٿان بيٺي آهي.” انور چيو ۽ فون رکي ڇڏيائين. ۽ پوءِ برابرانور “ جاني هن جهاز ۾ “ اڱاري تي ئي آيو. ڀاءُ سان وعدو جو ڪيو هئائين. پر هي چرندڙ پرندڙ، مرڪندڙ، کلندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ انور جاني نه هو. هي اهو چلولو، الوچ، حرڪتي، ڀوڳائي ٺڪائي انور جاني نه هو. هي خاموش ۽ ساڪت بنا چرپر، فاني، جاني هو. جيڪو واعدي مطابق اڱاري تي پهتو. پر جهاز جي مسافرن سان گڏ ويٺل نه هو.
    نائين نومبر تي حشاش بشاش، انور پنهنجي ڀاءُ کي فون ڪيو هو. پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ٽوڪيو جپان گهرائڻ جي ڏاڍي تڪڙ هيس. “يار ڪاغذ موڪليا اٿئي. مان هڪ ڪاغذن جو ٻيو سيٽ ڊاڪٽر ظفر ميمڻ هٿان به موڪلي ڏنو اٿم. تون تڪڙ ۾ هليو اچ.”
    ڏهين نومبر تي انور جا ٽهڪ بند ٿي ويا. خبر ناهي ته پنهنجي وني ساڃيڪو، انور کي پيار ڀري آخري پپي به ڏئي سگهي الائي نه؟
    يا پنهنجي شرير ۽ پياري پٽ ستن سالن جي عامر انور، پنهنجي ٽن سالن جي ننڍڙي نياڻي دعا انور ۽ پنهنجي آخري نشاني چئن مهينن جي امان انور کي به سندس آخري ڀاڪر ۽ چمي نصيب ٿي هوندي الائي نه؟ اڄ سندس ڀائر سندس چاليهي جي موقعي تي خيرات جي ماني ڪري رهيا آهن. بيشڪ دنيا جو دستور به اهو ئي آهي. تڏو به سندس ڀائرن ئي وڇايو هو. عذر خواهيون به هنن ئي وصول ڪيون. پر مان ڪنهن کي ڪيئن ٻڌايان ته منهنجي دل ۾ به ته تڏو وڇايل آهي، جتي انور سان گهاريل گهڙيون مون سان ان تڏي تي اچي رهاڻيون ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي يادون اوڇنگارون ڏيئي روئي پونديون آهن ۽ منهنجي اکين آڏو ترورا ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن مون کي شيون چٽيون نظر نه اينديون آهن. پوءِ ڪار جي شيشي وانگر اکيون اگهي صاف ڪندو آهيان ته ٻيهر شيون چٽيون ڏسي سگهندو آهيان.
    سچ پچ ته اڄ مان پڇتايان ٿو ته منهنجي انور جاني سان ملاقات ڇو ٿي. جو نه ملاقات ٿئي ها نه ئي اڄ مون کي ايڏو ملول ٿيڻو پوي ها.
    اها ئي حالت ادا عنايت بلوچ جي به آهي. جيڪو پنهنجي ٻٽونءَ جي خاني ۾ انور جانيءَ جي تصوير هر وقت کڻي هلندو آهي. ۽ اها ئي حالت منهنجي ڀاءُ فيض کوسو جي به هوندي (جيڪو هن وقت آذربائيجان ..... پاڪستان جو سفير آهي) ۽ سندس گهر واري حسنه جي هوندي.
    انور جاني سان منهنجي ۽ ادا عنايت جي ملاقات فيض معرفت ئي جپان ۾ ٿي جڏهن فيض ٽوڪيو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪائونسلر هو ۽ جاني ڄڻ ته سندن گهر جو ڀاتي هو. تنهن ڏينهن جڏهن باڪو، آذربائيجان ۾ فون تي فيض کي اها خبر ٻڌايم ته هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ فون رکي ڇڏيائين ائين ئي جڏهن ادا عنايت بلوچ کي اها خبر ٻڌايم ته ادا به پريشانيءَ منجهان فون تي نه ڳالهائي سگهيو. ائين برابر آهي ته انور جاني ڀائرن جو طبعي ڀاءُ هو. ائين به برابر آهي ته انور جاني مون سان فيض ذريعي ئي واقف ٿيو ۽ اهڙي طرح ادا عنايت سان به پر هن جي ۽ منهنجي “پيٽ ورن ۾” ڪي ڳالهيون اهڙيون هيون يا ڪي گهڙيون اهڙيون هيون جيڪي ادب وچان يا ڪنهن به سبب کان هو ادا عنايت ۽ فيض سان نه ڪري سگهندو هوندو ۽ اهي ئي اهي گهڙيون هونديون آهي جنهن ۾ انسان جو سڄو اندر، ٻاهر اچي ويندو آهي. جنهن ۾ خوشين ۽ ٽهڪن جا بند ڀڄي پوندا آهن جنهن ۾ ڪجهه به “بچائي” نه رکبو آهي انور جون اهي گهڙيون مون سان گذريون ۽ ان ڪري مان اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو هو، جيڪي ڏٺو هو مون.
    ڪي دوست فقط ڏينهن ڏٺي جا دوست هوندا آهن. ڪي ڊنر تائين ساٿ ڏئي سگهندا آهن اسان جو ساٿ چوويهن ڪلاڪن وارو ساٿ هو. سانجهيءَ کان پرهه ڦٽي تائين وارو ساٿ. مٺيون ڳالهيون، مرڪون ٽهڪ شرارتون.
    اڃا هڪ ٻئي کي ڏٺو ڪو نه هئوسين. حسنه ۽ فيض، انور کي ٻڌائيندا رهندا هئا ته اسان جو ڀاءُ هدايت تنهنجي ڏانءُ جو آهي ۽ هو کلڻو ملڻو ۽ وڏو ڀوڳائي ٺڪائي آهي پوءِ ته انور، حسنه ۽ فيض واران جي ڪڍ پئجي ويو ته هدايت کي جلد ٽوڪيو گهرايو.
    حسنه ۽ فيض هونءَ به جتي پوسٽنگ تي ويندا آهن ته منهنجي لاءِ ڀنڊي ٻاري ڏيندا آهن. اڙي جلدي پهچ، پوءِ فيض ته بدشد ۽ برو ڀلو ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويندو آهي. ادا عنايت جو هڪ ته ادب ڪيو ويندو آهي ٻيو ته پئسن واري ٽڪيٽ تي هر هڪ ملڪ ۾ وڃڻ ايترو اسان به ناهي. منهنجي ۽ فيض جي عمر ۾ گهڻو فرق به ناهي ٻيو اسان گڏ کيڏيا ۽ پڙهيا آهيون ٽيون ته مون کي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ مفت جي ٽڪيٽ ملي سگهندي آهي. تنهن ڪري فيض وارن جي محبت ۽ زور مون تي گهڻو هلندو آهي، سو مان به فيملي سميت وڃي ٽوڪيو پهتس. اها شايد 1992ع جي ڳالهه آهي. پوءِ فيض منهنجي چارج انور حوالي ڪري ڇڏي. پوءِ سچ پچ ته انور جان ۽ مان ٻه قالب هڪ جان ٿي وياسين. اڄ جاني نه رهيو آهي ته ڄڻ جان به مون تي بار ٿي پئي آهي.
    جاني زندگي سان ڀرپور هوندو هو فقط ڀوڳائي ٺڪائي ۽ کلڻو ملڻو ئي نه هو. هو هڪ ٺيٺ قوم پرست سنڌي هو. جپان ۾ سندس ڪار جي ٽيپ ۾ اسان سدائين سنڌي ڪلام پيا ٻڌندا هئاسين. هو پنهنجي جپاني زال کي اڪثر سنڌ وٺي ايندو هو ۽ پنهنجي اباڻي گهر سيٺارجن جي ڀرسان ڳوٺ محمد صادق ڪبر ۾ اچي رهائيندو هو. زال کي ڪجهه ڪجهه سنڌي سيکاري هئائين. سندس ٻچڙا توڻي جو ٽوڪيو ۽ ڄاوا نپنا آهن تڏهن به سنڌي ڳالهائيندا آهن.
    سندس ستن سالن جو عامر انور سنڌي ڪلام ڳائي ٻڌائيندو آهي “شام جو هي پهر نانءُ اسان جو ڪريو” ڪجهه ته ايندا ڪريو. ڪجهه ته ويندا ڪيو، ڪي ته ڳالهايون ڪريو. اهو ڪلام وڏي شوق سان ٻڌائيندو آهي مان ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي نج ڳوٺاڻن سنڌين جي ڪٽنبن کي سڃاڻندو آهيان جيڪي پنهنجن پاڻ سان اردو ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ انهن جي ٻارن کي سنڌي ڳالهائڻ ئي نه ايندي آهي.
    “حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو” پر پنجٽيهن سالن جو نوجوان ۽ خوبصورت انور جاني پڪو پڪو سنڌي هو جنهن پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان ڪڏهن بي وفائي نه ڪئي.
    ڀٽائي جو عاشق، سچل جو عاشق، آخري ڏينهن ۾ هو صوفي بڻجي پيو هو. اڌ رات جو ائين ئي سنگت سان ڪچهريون ڪندي اوچتو ئي اوچتو کيس اونٽار ايندو هو.
    “اٿو يار اٿو هلون ٿا” ڀٽائي جي درگاهه تي “دوست چون يار رات جا ٽي ٿا ٿين. هن وقت ڇا هلي ڪجي پر هي پنهنجي ڳالهه تان مڙڻ وارو ڪٿي. پنهنجي ڳالهه ضرور پوري ڪري. پوءِ اڌ رات جو ڀٽائي جي روزي تي وڃي. راڳ هجي ته ٻڌي به نه ته زيارتون ڪري موٽي اچي. تنهن ڏينهن سندس ننڍو ڀاءُ منور ۽ محمد صادق سندس ڀيڻوو منهنجي گهر ڪراچي آيا. انهن سان انور جاني بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. گهڻيون نيون ڳالهيون سامهون آيون ٻئي ڏينهن وري سندس ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر اسلم ڪٻر منهنجي گهر آيو ڊاڪٽر اسلم ڪراچي ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلائيندو آهي. ڊاڪٽر اسلم کان پڻ انور بابت ڪافي ڳالهيون معلوم ٿيون جن جي مون کي خبر نه هئي.
    انور جاني کي رت جو ڪينسر ٿيو هو. جنهن جي “خبر ڏاڍي دير سان پئي”. ڪينسر جي خبر 14 آگسٽ 2002ع تي پئي. هوڏانهن پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر اسلم جي شادي جي تاريخ به پاڻ ويهي مقرر ڪئي هئائين پر موضي مرض جي اوچتي انڪشاف سبب انور ڀاءُ جي شادي ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيو.
    حالات ۽ واقعات جي ستم ذريعي ته ڏسو جو ان ئي موقعي تي سندس پياري ڀاءُ جي شادي به ٿيڻي هئي. هوڏانهن سندس وني جيڪا اميد سان هئي اها الڳ اسپتال داخل هئي. جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ کيس هڪ ٻچڙو عطا ٿيو، جنهن جو نالو پڻ رکيائين. امان انور سندس چوڻ هو ته هن جي ولادت سان مون کي الله پاران امن امان جي نويد ملي آهي، تنهن ڪري سندس نالو امان انور رکيائين.
    انور جاني هڪ اين جي او جو باني پڻ هو. “گل ويلفيئر اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن” هڪ سماج سڌارڪ تنظيم جو بنياد انور پنهنجن هٿن سان رکيو جنهن لاءِ مالي سهائتا به هو پاڻ ڪندو هو.
    ڊاڪٽر گل محمد سندس چاچي جو نالو هو جنهن پويان هن ان تنظيم جو نالو رکيو هو.
    ڊاڪٽر گل محمد ڊينٽل سرجن هو جيڪو ڪار جي حادثي ۾ خدا کي پيارو ٿي ويو هو. انور ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هڪ اسپتال ٺهرائڻ گهري ٿي، جنهن لاءِ کيس ڏاڍي بيچيني هئي. پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي مون کي خبرناهي ته اسپتال وارو ڪم ڪيستائين اڳتي وڌي سگهيو آهي.
    انور جي ٻن ڀائرن سان تازي ملاقات مون کي ڪجهه اتساهه ڏنو آهي.
    منور جيڪو سيٺارجا يونين ڪائونسل جو ڪائونسلر آهي ۽ ڊاڪٽر اسلم جيڪو ڪراچي ۾ ڪلينڪ هلائيندو آهي اهي انور جا ٻئي ڀائر مون کي سريلا ۽ سگهڙ لڳا. مون کي پوري اميد آهي ته سندس اهي ڀائر انور جي پٺتي ڇڏيل ورثي، وني ۽ ٻارن جو خيال رکندا.

    “هو جي رنگ رنگين سي کٽي کنڀ کڻي ويا.
    اتان هون آڻين ماڻهو ميرا ڪپڙا.”

    روزانه عوامي جمعو 20 ڊسمبر2002ع


    • فلسطين جو آواز – جيڪو بند ٿي ويو

    آمريڪا، جنهن جو ريڪارڊ ويٽ نام جي جنگ کا وٺي افغانستان ۽ عراق تي ناحق فوج ڪشي تائين انتهائي جارح ۽ قابل مذمت رهيو آهي. فلسطين ۾ آمريڪا جا هٿ فلسطيني شهيدن جي رت سان رنڱيل آهن. اسرائيل، آمريڪا جو ناجائز اولاد آهي جنهن جي لچاين ۽ دهشتگردي ۽ خونريزي پٺيان آمريڪا جا ئي هٿ آهن. دهشتگري جي خلاف نام نهاد واويلا ڪندڙ آمريڪا خود هڪ خطرناڪ ترين دهشتگرد آهي. دنيا ۾ ايٽم بم جا پهريان ڌماڪا به آمريڪا ئي ڪيا. ڇهين آگسٽ 1945ع تي صبح جو اٺين وڳي پندرهن منٽن تي جاپان جي شهر هيروشيما تي آمريڪا ايٽم بم اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ لکين انسان اجل جو شڪار بڻجي ويا ۽ لکين انڌا، منڊا، لنگڙا لولا ٿي ويا انهيءَ ايڏي وڏي انسان جانين جي تباهي کي اکين سان ڏسندي به آمريڪا جي صدر “هينري ٽرومئن” جو هيانءُ نه ٺريو ۽ نائين آگسٽ 1945ع تي صبح جو يارهين وڄي ٻن منٽن تي هن جي حڪم سان هڪ ٻيو ايٽم بم جاپان جي هڪ ٻي شهر ناگاساڪي تي اڇلايو ويو جنهن ۾ پڻ لکين انسان مري کپي ويا ۽ لکين اپاهج ٿي ويا، زمينون به سڙي ويون ته 1945ع کان اڄ 2003ع ختم ٿيڻ وارو آهي ان اڌ صدي ۾ آمريڪا ڪٿي ڪٿي ته جمهوري حڪومتن جا خاتما آڻي پنهنجن ڪٺ پتلي حڪومتن کي کڙو ڪيو آهي جيڪي سدائين عوام دشمن ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن ۽ عوامي آواز کي هميشه دٻايو ويندو آهي. مسلمان ملڪن ۾ جڏهن ۽ جتي ڪو غيرتمند ليڊر اڀريو آهي ته آمريڪا ان کي اسرڻ کان اڳي ئي مارائي پئي ڇڏيو آهي.
    پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ۽ سعودي عرب ۾ شاهه فيصل جي شهادت جو ذميوار به آمريڪا آهي. ان کان سواءِ چلي – انڊونيشيا وغيره ۾ هزارن ماڻهن جو قاتل به آمريڪا آهي. پر اڄ منهنجي قلم کڻڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته اهڙي موذي ملڪ ۾ ڪي مرد مجاهد ويٺا آهن جن جي قلم هميشه سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آمريڪا جي پاليسين جي هر دم ۽ هر هنڌ مذمت ڪئي آهي. انهن ۾ ٻن مجاهدن جا نالا آهن نوم چومسڪي ۽ ايڊورڊ سعيد، توڙي جي اهي ٻئي مسلمان نه آهن پر انهن جو قلم هميشه منطق ۽ انصاف ۽ انساني رواداري لاءِ هليو آهي. نوم چومسڪي ته پٺئين سال پاڪستان به آيل هو جتي هن لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۽ ٻين ادبي اجلاس ۾ ڳالهائي ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو هو ۽ واضح ۽ کليل لفظن ۾ آمريڪا کي دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ملڪ قرار ڏنو هو. نوم چومسڪي تي ڪنهن ٻئي ڀيري قلم کڻبو اڄ مان آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ فلسطيني ڪرسچن، هڪ عظيم دانشور ۽ فلاسفر ايڊورڊ سعيد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهران ٿو. هو آمريڪي شهري هو. جيڪو مسلمان به نه هو تنهن جي پوري زندگي آمريڪا ۽ اسرائيل جي دهشتگردن پاليسين کي ننديدي گذري وئي. فلسطين جو هي ڀرجهلو ۽ قلمي ويڙهاڪ هن سال 25 سيپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري ويو.
    ايڊورڊ سعيد چوڏهن سالن جي عمر ۾ 1951ع ۾ آمريڪا آيو. سندس والد پڻ آمريڪي شهري هو ان سبب ايڊورڊ سعيد کي به آمريڪي شهريت ورثي ۾ ملي. “اسان فلسطيني هئاسون ۽ ڪرسچن هئاسون، پر مان وهندڙ ڌارا کان هميشه ڪٽيل رهيس ۽ منهنجيون بي شمار الڳ سڃاڻپون آهن ۽ هر سڃاڻپ جو هڪ الڳ رنگ هو”.
    اهي الفاظ ايڊورڊ سعيد جا آهن جيڪي هن هڪ فرانسيسي ٽيليويزن پاران ٺاهيل سندس زندگي متعلق هڪ فلم ۾ چيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان بيمار آهيان. منهنجي بيماري منهنجو پنجاهه کان سٺ سيڪڙو وقت وٺي وڃي ٿي. تنهن جي باوجود مان ڪڏهن اها شڪايت نه ڪئي آهي ته مون وٽ وقت ڪونهي. منهنجي لاءِ هن وقت اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪو وقت بچيل آهي تنهن ۾ ڇا ڪريان.
    پندرهن ڪتابن جي هي عظيم ليکڪ، موسيقي جي ڄاڻو ۽ نقاد، اوپيرا جي اسڪالر، پيانو وڄائڻ تي مهارت رکندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ ۽ مغرب ۾ فلسطيني حقن جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مرد مجاهد جيڪو نيويارڪ آمريڪا جي مشهور ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ انگريزي ۽ عالمي ادب جو استاد هو جنهن کي ليڪيميا جو مرض لاحق هو جنهن لاءِ اهو يقيني هو ته اهو موذي مرض هڪ ڏينهن سندس جان وٺندو.
    1978ع ۾ هن ڪتاب “اورينٽلزم” لکي مغربي دنيا ۾ هڪ ڀونچال مچائي ڇڏيو هو.
    جنهن مغربي دنيا ۾ ککر ۾ ڄڻ کڙو اڇلايو هو پر سندس دانش ۽ منطق جي قوت ايتري ته زوردار هئي جو ڪنهن مغربي مورخ کي طاقت نه ٿيندي هئي ته دليلن سان کيس نيچو ڪري سگهي، اهو ڪتاب وچ اوڀر جي حالتن جو هڪ طاقتور اڀياس هو. هو 1991ع تائين فلسطيني قومي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. هن بي بي سي لاءِ فلسطين جي تائيد ۾ هڪ فلم پڻ ٺاهي هئي.
    هو نه فقط وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي پاليسين جو مخالف هو پر آخري ڏينهن ۾ هو ياسر عرفات جو پڻ سخت مخالف ٿي ويو هو ۽ اسرائيل ۽ فلسطيني لبريشن آرگنائزيشن (PLO) وچ ۾ اوسلو واري ٺاهه جو سخت مخالف هو جنهن تي هن فلسطيني جدوجهد جي برعڪس ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارو ٺاهه ڪوٺيو هو. آمريڪا ۽ اسرائيل توڙي مغرب جا ڪجهه متعصب نقاد کيس دهشتگرد دانشور، نازي، دهشتگردي جو پروفيسر، ياسر عرفات جو ساٿي وغيره جي لقبن سان سڏيندا هيا. 1985ع ۾ سندس آفيس کي باهه ڏني وئي. ڪينسر جي موذي مرض جو علاج ڪرائيندي هن هڪ ڀيري چيو هو.
    هفتي ۾ ٽي ڏينهن هو هڪ فلسطيني مريض رهي ٿو جيڪو يهودين جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي ٿو. جنهن جي نگهداشت هڪ هندستاني ڊاڪٽر ڪري ٿو ۽ جنهن جي نظرداري آئرش نرسون ڪن ٿيون. آخري ڏينهن ۾ نمونيا کيس هيڻو ڪري وڌو هو جيڪو بي بي سي سان ڳالهائيندي سندس هيڻائي پسجي رهي هئي.
    نيويارڪ ۾ هو روڊ سائيڊ ڊرائيو اپارٽمينٽ ۾ گهر واري مريم ڪورٽاس سعيد سان رهندو هو. جتي هو صبح جو پنجين وڳي ننڊ مان اٿي لکپڙهه جي ڪم ۾ جنبي ويندو هو. ٻين ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ سان گڏوگڏ هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا عربي اخبار “الحيات” لاءِ ڪالم پڻ لکندو رهيو. سندس ياداشتن تي ٻڌل هڪ ڪتاب (Not Quite Right) پڻ قلمبند ڪيو. جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته تنهنجي زندگي “باقي ڪيتري آهي ته هو کلي ٻڌائيندو هو ته مون ڪڏهن به ان بابت نه سوچيو آهي اهو ئي منهنجي ڪاميابي جو راز آهي.”
    ايڊورڊ سعيد جو جنم جيروسلم ۾ ٿيو ۽ زندگي جا ٻاراڻائپ وارا ٻارهن سال هن جيروسلم جي گهٽين ۾ کيڏندي گذاريا. هو فلسطين جي هڪ مالدار ڪاروباريءَ جو اڪيلو پٽ هو 1947ع ۾ سڄو ڪٽنب قاهره مصر ۾ لڏي ويو پر پوءِ جلدي فلسطيني عربن ۽ مصر وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
    ڪيترا سال مساچوسيٽس جي بورڊنگ هائوس ۾ گذاريا هن 1957ع ۾ هڪ باوقار اداري پرنسٽن مان گريجوئيشن ڪئي ۽ 1964ع ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ معتبر تعليمي مرڪز هارورڊ مان انگريزي ادب م ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ان کان اڳ ئي 1963ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي کيس ملازم رکيو ۽ کيس قابليت جي بنياد تي تڪڙا پروموشن مليا سندس چوڻ مطابق اسرائيل هٿان فلسطينين جي بار بار تذليل کان پوءِ هو پاڻ کي آمريڪين ۽ عرب سمجهڻ لڳو. سندس حمايت فلسطين لاءِ وقف ٿي وئي.
    ايڏي وڏي ذهين ۽ مها دانشور لاءِ عربن جي حمايت ۾ لکڻ کي آمريڪي دنيا ۾ شڪ جي نظر سان ڏٺو ۽ جاچيو ويندو هو. 1968ع ۾ جڏهن هن هڪ ڪتاب لکيو “عرب پورٽريٽ” ته ڄڻ مغربي دنيا هن کي هڪ دانشورن جي تنقيد جو نشانو رهيا. سندس مشهور ڪتاب “اورينٽلزم” جيڪو ڇويهين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. پرنسٽن يونيورسٽي جي برنارڊ ليوس، نيويارڪ رويو آف بڪس ۾ هڪ ڊگهو مقالو لکيو جيڪو سعيد جي ڪتاب اورينٽلزم جي خلاف هو تنهن کان پوءِ تقريبن هڪ درجن کان ٻيا ڪتاب ڇپيا جن ۾ دي ڪئسيچن آف پيلسٽين ۽ ڪورنگ اسلام شامل آهن پر جنهن ڪتاب يورپ جي نقادن جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري ڇڏيو اهو ايڊورڊ سعيد جو ڪتاب هو “ڪلچر اينڊ ايمپيريلزم” جنهن ۾ هن ناول نگارن جين آسٽن ۽ چارلس ڊڪنز جي ڪتابن جو جائزو پيش ڪندي انهن کي اڻويهين صدي جي يورپي شهنشاهت جو آئيني دار سڏيو. جنهن تي يورپي نقادن طرفان تمام گهڻي جوابي تنقيد ڪئي وئي.
    ايڊورڊ سعيد جي مرتيي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس هڪ دوست ڊينيئل بيرن بئائم ٽائيم ميگزين ۾ لکي ٿو ته ايڊورڊ سعيد کي مان انساني خوبين جي ڪهڙي کاتي ۾ شمار ڪريان. هو انسانيت جو نچوڙ هو. هو ويڙهاڪ هو ته ساڳي وقت هو عزت ڀرئي انصاف ۽ جنگي جنون خلاف به هو. هو منطق ۽ رک رکاءُ وارو ماڻهو به هو. هن فلسطينين جي حقوق لاءِ جدوجهد ڪئي ته ماضي ۾ يهودين سان ٿيل سلوڪ تي پڻ قلم کنيو ۽ فلسطينين جي حقوق تي لکندي يا ماضي ۾ يهودين تي ٿيل زيادتين تي لکندي هن ٻنهي موضوعن سان انصاف ڪيو. مون کي اهي ڏينهن ڪيئن وسرندا جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ عربن، اسرائيلن ۽ جرمنس کي گڏ ويهاري تلقين ڪندو هو ۽ چوندو هو ته شيطان هر طبقي ۾ موجود آهي. هو ٻڌائيندو هو ته گوئٽي جو شهر انهن ڪئمپن کان گهڻو پري هو جتي يهودي بند هئا هو نوجوانن کي نصيحت ڪندو هو ته نه فقط گوئٽي جي فائوئسٽ کي پڙهن پر اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ته هٽلر جي بنديخانن ۾ يهودين تي ٿيل قهرن جو رد عمل ڪهڙين حالتن ۾ نمودار ٿئي ٿو. هو اهي سبق اهڙي ته انداز ۾ ٻڌائيندو هو جو اسرائيلن، عربن ۽ جرمنن جي انا مجروح نه ٿيندي هئي. اهي ڪجهه پرائي پوءِ نڪرندا هئا.
    آخر ۾ هو لکي ٿو ته فلسطين پنهنجو هڪ وڏو ساٿي وڃايو آهي. يهودين هڪ قابل ۽ مون روح کي ٻه اڌ ٿيندي محسوس ڪيو آهي.

    عوامي آواز ڪراچي- 14 آڪٽوبر 2003


    • سڌريل ڪير؟ گوري صحافڻ يا طالباني

    اسان جي ملڪ ۾ بهترين شاعر، اديب، صحافي، اڪابر ۽ انٽيليڪچوئل جو وڏو تعداد کاٻي ڌُر سان واسطو رکندڙ آهي تنهنڪري دورانديش ۽ حقيقت پسند هوندا آهن ۽ رجعت پرست ناهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان شروع کان ئي بنياد پرست طالبان جي وڌندڙ اثر رسوخ جي خلاف هئاسون ۽ اڃا به آهيون. سندن ڪوتاهه نظري ۽ اسلام جي آفاقي اصول “اجتهاد” تي عمل پيرا نه هئڻ سبب اڄ جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن تنهن مان ٻاهر نڪرڻ جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. معجزو ۽ ڪا غيبي امداد ئي انهن کي بچائي سگهي ٿي. پر هر انسان، هر گروهه هر طبقي ۽ هر قوم ۾ سڀ خرابيون به نه ٿيون ٿين ۽ سڀ خوبيون به نه ٿيون ٿين.
    مثال طور هڪ عام غريب پٺاڻ توهان کي محنت ڪندڙ ملندو. گهڻو ڪري ايماندار هوندو. پر طالبان گهڻو مذهبي هئڻ ڪري نيڪ، باعمل، باشريعت ۽ ايماندار ثابت ٿيا آهن. بنياد پرستي، تنگ نظري ۽ سائنسي، معاشي توڙي معاشرتي ڄاڻ جو فقدان پنهنجي جڳهه تي. پر هو سچا مسلمان ۽ نمازي آهن سان ڳالهه پنهنجي جڳهه تي.
    ٻئي طرف گوري قوم آهي بظاهر سهڻا گورا چٽا پڙهيل ڳڙهيل پر چالاڪ، مڪار ۽ عيار، موقعي پرست ۽ ڪوڙا هٽلر جي پروپيگنڊا سيڪريٽري “گوئيبلز” جي چوڻ مطابق ته ڪوڙ ايترو گهڻو ۽ منهن جي پڪائي سان ڳالهايو جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن.
    دهشتگردي بابت آمريڪا جو راڳ ئي ٻڌو، ڏهن سالن تائين غريب افغانن کي روس سان ويڙهائي ويڙهائي افغان ملڪ ۽ ملت کي تباهه ڪندڙ آمريڪي هاڻي ساڳي قوم کي دهشت گرد سڏي رهيا آهن. يعني جيستائين افغان قوم ۽ اسامه بن لادن آمريڪا جي شهه ۽ پئسي توڙي هٿيارن جي زور تي روس خلاف وڙهي رهيا هئا ۽ مملڪت خداداد پاڪستان به ان ويڙهه کي جهاد جو نالو ڏئي رهي هئي ته تنهن وقت افغان قوم هڪ مجاهد قوم هئي اسامه بن لادن مجاهد هو ۽ هاڻي ساڳي قوم دهشتگرد ٿي پئي آهي. آمريڪا جي نظر ۾ اسرائيل دهشت گرد ملڪ ناهي جنهن جو هٿ معصوم فلسطيني ٻارن جي رت سان رنڱيل آهن. شاهه فيصل ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن ليڊرن جي قتل ۾ ڪنهن جو هٿ هو سا ڳالهه ڪنهن کان لڪل آهي.
    هينئر اچون ٿا “سنڊي ايڪسپريس لنڊن” جي خاتون رپورٽر وان رڊلي Yvonne Ridley طرف. افغانستان ڀلي غريب ملڪ آهي ترقي يافته آهي، گهٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ملڪ آهي پر آهي ته هڪ خودمختيار ملڪ، بااقتدار ۽ بااختيار ملڪ. Sovereign Country جيئن آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني آزاد ملڪ آمن تيئن افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش ۽ هندستان به آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهن. خود مختيار ملڪن جي سرحدن ۾ غير قانوني طور گهڙڻ وارن کي قيد يا نظر بند ڪبو آهي ۽ ملڪي قانون مطابق انهن کي سزا ڏبي آهي. گوري رنگ يا ڪنهن ٻي زور تي اڪيلي عورت تي اهڙو ڪهڙو فرض شناسيءَ جو بار پيو هو جو هوءَ مڪاري سان افغان بارڊر پار ڪري وڃي پار پئي. برقعي ۾ لڪل اها خاتون افغانستان ۾ ڪهڙو ڪمال ڪري موٽي سا ته سندس ڊائري مان خبر پئجي نه سگهي باقي اها خبر ضرور پئجي وئي ته هوءَ گرفتار ڪهڙي نموني ٿي.
    سو ٿيو هيئن ته جن ڀاڙتو افغانن کيس افغان بارڊر ٽپڻ ۾ مدد ڪئي هئي انهن کيس افغانستان ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وٺي وڃڻ پئي چاهيو. هڪ ڏينهن اڳواٽ رڊلي کي ٻڌايو ويو هو ته سڀاڻي جنهن هنڌ هلڻو آهي اتي لاءِ سواري گڏهه جي هوندي، سو رڊلي کي گڏهه جي سواري جي ايتري خوشي هجي جو کيس رات جو ننڊ ئي نه اچي.
    ٻئي ڏينهن کيس افغاني ڪپڙا پارائي ۽ “شٽل ڪاڪ” برقعي ۾ ويڙهي هڪ گڏهه تي ويهاريو ويو. گڏهه جو کڻي “ترنم” سان هڪ هينگ ڪئي ۽ هڪ پوزي هنئي ته رڊلي کان رڙ نڪري وئي ۽ گڏهه تان هيٺ ڪري پئي. سندس ڪلهي ۾ لڪل ڪيمرا هيٺ وڃي ڪري. (افغانستان ۾ ڪيمرا رکڻ تي پابندي آهي) برقعو لهي ويو ۽ گوري چمڙيءَ چلڪو ڏنو. تڏهن پول کليو ته هوءَ انگريزياڻي آهي ۽ جاسوس رپورٽر آهي ۽ غير قانوني طور افغان بارڊر ڪراس ڪري آئي آهي. کيس نظر بند ڪيو ويو. ڏهن ڏينهن جي نظر بنديءَ کان پوءِ جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ۽ هوءَ افغانستان کان پاڪستان پهتي ته کانئس پهريون ئي سوال ڪنهن انگريز پڇيو.
    “طالبان توسان ڪهڙو برتاؤ ڪيو؟” “عزت آبرو ۽ احترام وارو” رڊلي جواب ڏنو.
    اهو برتاؤ، ٽرڙي ٽوني بليئر Tony Blair جي ملڪ جي هڪ غير قانوني ۽ افغان سرحد ناجائز طور تي پار ڪندڙ هڪ جاسوس انگريز عورت سان ڪيو ويو. جن کي هروڀرو “عصمتن” بچائڻ جو گهڻو فڪر به نه هوندو آهي. اهو برتاؤ انهن “دهشتگرد طالبان” ڪيو هڪ اڪيلي، نوجوان، گوري ۽ خوبصورت صحافڻ سان، ٻئي هنڌ لکي ٿي “ڪابل ۾ بمباري هلي رهي هئي مان پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي ويٺي ڪتاب پڙهيو تڏهن منهنجي در کي ڌڪو لڳو ۽ ست اٺ طالبان منهنجي ڪمري ۾ گهڙي آيا. مون سمجهيو ته ڪا غير معمولي ڳالهه آهي ورنه عام حالت ۾ اهو ادب ۽ احترام سان در کڙڪائي داخل ٿيندا آهن. “اهو برتاؤ آهي هڪ غير مهذب قوم جو، هڪ اڪيلي عورت سان”.
    هاڻي ٻڌو ساڳي رڊلي کي جيڪا “مائي باپ” برطانيه جي “بلوبلڊ” انگريزياڻي آهي ۽ وڏي اخبار جي رپورٽر آهي، لکي ٿي.
    “مان ڏسان ٿي ته افغانستان جي آسمان ۾ جيٽ (Jet) هڪ ٻئي پويان زوڪاٽ ڪندا پيا هلن. آسمان ۾ شعاع ٿي رهيا آهن شايد جهازن کي رستو ڏيکارڻ لاءِ هيٺان روشنيون ڪري رهيا هجن (Search Lights) ٻاري رهيا هجن تڏهن اوچتو منهنجي سرير ۾ لهر ڊوڙي وئي. منهنجي نس نس ۾ قوميت جو جذبو اجاگر ٿي ويو ۽ مون تمام اوچي آواز ۾ Rule Britannia جو نغمو ڳائڻ ۽ جهومڻ شروع ڪري ڏنو. منهنجي خون جو دورو تيز ٿي ويو. مون سوچيو خدا جو شڪر آهي جو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان سڀ صحافي هتي آهيون. ان ڏينهن جو ته انتطار هو. مون سوچيو ته اهو صرف ڪابل ۾ ئي نه ٿي رهيو هوندو. اهو ته سڄي افغانستان ۾ ٿيندو هوندو. پر منهنجي بدقسمتي جو هڪ صحافي آڏو اهڙو تماشو ٿئي ۽ سندس ڪئمرا ۾ رول نه هجي”.
    اها آهي ڪهاڻي هڪ سڌريل ملڪ جي سڌريل عورت جي ۽ هڪ غريب ۽ اڻ سڌريل ملڪ جي اڻ سڌريل ۽ دهشت گرد طالبان جي.

    عوامي آواز ڪراچي- 17 آڪٽوبر 2001ع


    • ڪافر ڪير؟

    اٺاويهين اپريل خميس جو ڏينهن آهي. ضلعي گجرانوالا جي پوليس ٿاڻي “ خيالي پوسٽ” ۾ هڪ شخص ڊاڪٽر فاروق سجاد بند آهي. کيس مُلن مولوين، مرتد، ڪافر، عيسائي ۽ واجب القتل قرار ڏنو آهي.
    ڊاڪٽر سجاد فاروق عربي ۽ اسلاميات ۾ ايم – اي آهي. 15 سالن جي عمر ۾ هن قرآن پاڪ حفظ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ هن طبيه ڪاليج منجهان حڪمت ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي آهي. گذريل سورهن سالن کان سندس گذر سفر مدينه ڪالونيءَ ۾ قائم سندس مطب يا شفاخاني تي آهي. سندس والد قاري حبيب الله هڪ رٽائرڊ ٿيل فوجي آهي، جيڪو جماعت اسلاميءَ جو سرگرم ڪارڪن آهي. کيس هڪ گهر واري ۽ ڇهه ٻار آهن، جن ۾ هڪ ڌيءَ ۽ پنج پٽ شامل آهن. وڏڙو پٽ چوڏهن سالن جو آهي ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو. ننڍو پُٽ نوَن َ مهينن جو آهي.
    اسد ڪالونيءَ ۾ مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر گونجن ٿا. مولوي عوام کي “دعوت عمل” ڏين ٿا ۽ تبليغ رستي ماڻهن کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ ۽ “عيسائي” ڊاڪٽر فاروق سجاد کي قتل ڪري “ثواب دارين” حاصل ڪرڻ جو بار بار اعلان ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر فاروق مٿان گجرانوالا – شيخوپورا روڊ تي “خيالي پوسٽ” ٿاڻي تي فرياد داخل ٿيل آهي ته هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي. خوف ۽ حراس کان ڊاڪٽر فاروق جي پرديدار گهر واري ۽ ڇهه ٻار ڪنهن محفوظ جاءِ تي لڪل آهن. سندس گهر خالي آهي.
    مسجد جي لائوڊ اسپيڪرن مان مولوين جي اپيلن ۽ اعلانن جي نتيجي ۾ “ خيالي پوسٽ” پوليس ٿاڻي ٻاهران ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر فاروق “ڪافر آهي واجب القتل آهي”. ۽ “ اسلام زنده آباد” جا نعرا لڳن ٿا. ٿاڻي اندر اڌ درجن سپاهي ۽ علائقي جو مئجسٽريٽ پڻ موجود آهي. انهن خطري کي ڏسندي ٿاڻي جو لوهي گيٽ بند ڪري، اندران ڪنڍي لڳائي ڇڏي آهي. سرن سان ڀريل هڪ ٽرڪٽر ٽرالي ٿاڻي ٻاهران لنگهي ٿي. هجوم ٽريڪٽر تي ڪنٽرول ڪري ان سان لوهي دروازي کي ڀڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پوليس وارا جاءِ ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا ۽ هجوم ٽريڪٽر تي سٿيل سرون ڊاڪٽر فاروق تي وسائي ٿو.
    اهڙيءَ طرح مئجسٽريٽ ۽ پوليس جي جاءِ واردات تي موجود هجڻ ۽ بعد ۾ ڀڄي وڃڻ وقت ڊاڪٽر فاروق کي سنگسار ڪيو وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ سندس لاش کي هڪ موٽر سائيڪل سان ٻڌي هڪ فرلانگ تائين گهليو وڃي ٿو. لاش سڄو چيٿاڙجي، چچرجي ۽ سڃاڻپ کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو. کيس اباڻي قبرستان ۾ هڪ قبر جي جاءِ به نه ملي ۽ جنازي کي بنا نماز پڙهائڻ کان سواءِ “ مياڻي صاحب” قبرستان لاهور ۾ پوليس وارا کيس دفنائي ڇڏين ٿا.
    پوليس جي شروعاتي تفشيش مان سُرس نڪري ٿي ته هڪ ڀيري ڊاڪٽر جي فاروق جي گهر ۾ سندس هڪ پاڙيسري رڪشا ڊرائيور بنا اجازت جي گهڙي آيو هو. جنهن کي ڊاڪٽر صاحب اهڙي حرڪت ڪرڻ تي ڇڙٻون ڏنيون هيون. ڊاڪٽر صاحب پردي جو سخت پابند هو ۽ سندس گهر واري هميشهه پردي ۾ رهندي هئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي فارغ وقت ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهندو هو.
    قرآن جي بي حرمتي وارو شوشو به رڪشا ڊرائيو ڇڏيو هو ۽ ڊاڪٽر کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهرين سِرَ به رڪشا ڊرائيور هنئي هُئي.
    اتان جا ماڻهو پڇن ٿا ته اتان جي مختلف مسجدن مان هڪ ئي وقت لائوڊ اسپيڪرن تي مُلن مولوين جي فتوائن ۽ ڊاڪٽر فاروق کي قتل ڪرائڻ جي اعلان باوجود اتان جي انتظاميه هن دل ڏاريندڙ ۽ لُونءِ ڪانڊاريندڙ اسلام جي نالي ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي موجودگيءَ ۾ ٿيل هن قتل کي ڇو نه روڪي سگهي.
    گجرانوالا جي جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر عبدالرحمان مدني چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق جي سنگين ۽ هيان ڦاڙيندڙ قتل جهڙو واقعو ننڍي کنڊ جي ڏوهن جي تاريخ ۾ ڪو ورلي ٿيو هوندو.
    ڊاڪٽر جي والد قادري حبيب الله روئندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سندس پرهيزگار ۽ حافظ قرآن پٽ کي اباڻي قبرستان ۾ هڪ قبر جي جڳهه به نه ملي سگهي ۽ ٻيو ته سندس جنازي نماز پڙهائڻ کان سواءِ پوليس وارن ئي کيس پوري ڇڏيو.
    سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا “مملڪت خداداد اسلامي پاڪستان” جو وجود ان لاءِ عمل ۾ آيو هو ته هتي ڪوبه بدمعاش هڪ اڌ مُلي مولوي کي پاڻ سان ملائي ڪنهن به نيڪ شخص کي سنگسار ڪرائي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪائي پڇا ڪانهي.
    هن ملڪ ۾ اقليتن کي ته جيڪو تحفظ مليل آهي، ان جو تازو مثال هڪ نوجوان عيسائي جو قتل آهي. جنهن کي ڪجهه وقت اڳ ساڳي ئي ڏوهه ۾ سزا مليل هُئي، پر هُتي مختلف جماعتن جي اٿاريل آواز جي نتيجي ۾ کيس آزادي حاصل ٿي ته “ مجاهدن” کيس گولي هڻي ماري وڌو. اقليتن جي ڳالهه پري رهي پر ڊاڪٽر جهڙن مذهبي ۽ نيڪ انسانن کي به رڪشا ڊرائيور جي هُشي تي ٻه چار مُلان مولوي سنگسار ڪرائي وجهن ته پوءِ ڪيڏانهن ويا بنيادي انساني حقوق. ڪيڏانهن وئي اسلامي رواداري؟
    اسان جيڪي ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن ۽ بوسينيا هرزگووينا جي عوام جي حقن ۽ آزادين جا چئمپين بڻيا آهيون، ڇا پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ بي گناهه فرد جي “ سنگساري” بابت ڪجهه به ڪري نٿا سگهون. ڇا خدا جو خوف دل ۾ رکي، ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهيءَ ۾ انڪوائري نٿي ڪرائي سگهجي. جنهن ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر فاروق بي قصور نڪري ته پوءِ انهن سڀني مُلن، مولوين کي سنگسار ڪيو وڃي، جيڪي هڪ مسلمان کي ڪافر قرار ڏئي، سنگسار ڪرڻ لاءِ مقدس مسجدن کي استعمال ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اهي پاڻ وڏي ڪفر ۽ قتل جا مرتڪب ٿيا.
    ڪُفر ڪنهن ڪيو؟ ڇا اسان انهيءَ رڪشا ڊرائيور، انهيءَ مئجسٽريٽ، انتظاميه ۽ پوليس وارن کي سنگسار ڪري سگهنداسين، جن هڪ بي ڏوهي مسلمان کي سنگسار ڪيو. ڇا انهيءَ هجوم جي هر هڪ فرد کي سنگسار ڪري سگهنداسين، جن ڊاڪٽر فاروق تي سرون وسايون ۽ انهن موٽر سائيڪل سوارن کي سنگسار ڪري سگهنداسين، جن ڊاڪٽر فاروق جي لاش کي موٽر سائيڪل سان ٻڌي هڪ فرلانگ تائين گهلي ان جي جسم کي چچري سڃاڻپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو؟
    ڊاڪٽر فاروق جي زال ۽ ان جا ڇهه ٻچڙا اڄ ٻاڏائي پڇن ٿا ته اسان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟
    ڪير جواب ڏيندو؟ شايد ڪو به نه. انڪوائري ٿيندي ۽ تاريخ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويندي. اهي مُلا، مولوي وري سڀاڻي ڪنهن ٻئي لاءِ فتوائون پيا ڪڍندا ۽ اهو سلسلو جاري رهندو !!

    برسات ڪراچي- اڱارو3 مئي 1994ع


    • اگهاڙيءَ وهانءُ ويو ويچاريءَ وسري

    هڪڙا آهن ننڍا ماڻهو
    هڪڙا آهن وڏا ماڻهو
    تنهنجا آهن ڪهڙا ماڻهو،
    پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ.

    (آسي زميني)
    آسمان واري جا نيشان. الڳ رنگ جا هوندا آهن، جيڪي اسان انسانن کي سمجهه ۾ ڏکيا ايندا آهن، پر “ميرو وال” ۾ آسي زميني موجب “وڏن” ماڻهن، “ننڍن” ماڻهن تي جيڪي “نيشان” ڇڏيا آهن اهو خاص طور تي اسلام جي پيروڪارن ۽ عام طور تي انسان ذات تي “ناسور” ٿي نروار ٿيندا.
    هر حڪومت خلاف ٺاهيل هر محاذ جي ٺهيل ٺڪيل ۽ دائمي اڳواڻ نوابزادي نصر الله ۽ تهمينه جي “ماءِ فيوڊل لارڊ” ۽ اڻ ڳڻين زالن جي مڙس غلام مصطفيٰ کر “شير پنجاب” جي ضلعي مظفر ڳڙهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ميرو والا” ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن “مسلم امه” کي شرمائي ڇڏيو آهي. “نعره تڪبير الله اڪبر” نعره رسالت “يا رسول الله” چوڻ واري قوم اسلام، ڪشمير، نماز ۽ جهاد لاءِ اٺئي پهر پهرا ڏيندڙ “مملڪت خدا داد پاڪستان” جي “مسلم امه” صوم صلوات، حج زاڪوات جي پابند ۽ عيداالاضحيٰ تي ٻڪرن ڪهڻ واري قوم جي هڪ بي گناهه نياڻي جي “پئنچائت” جي فتويٰ تي جڏهن لڄ لٽجي رهي هئي ته “مسلم امه” جا ٻاهر هشام بيٺا هئا. “غيور ۽ غيرتمند” قوم جيڪا نعره تڪبير جي جواب ۾ وڏي واڪ “الله اڪبر” جو آواز بلند ڪندي آهي ۽ نعره رسالت جي جواب ۾ “يا رسول الله” جو نعرو بلند ڪندي آهي. انهي غيور ۽ غير تمند “مسلم امه” جي سون، هزارن اسلام جي شيداين ۽ قومي ۽ ثقافتي ورثي جي وارثن ۽ لڄن ۽ ونين تي سر ڏيندڙ قوم جي مٿير مڙسن، کير مکڻ کائيندڙ ڳوٺاڻي ۽ روايتي غيرت جي ڏهيسرن آڏو هڪ نياڻي تي “زنا بالجبر” ٿيندو رهيو. پنچائت جي فتويٰ کي عملي جامو پارائيندڙ “پئنچائتي قانون جا رکوالا” بي ڏوهه ۽ بي وس لاچار نينگري جنهن کي پيءُ پنهنجي هٿن سان پئنچائت آڏو پيش ڪيو هو، ڇو ته پئنچائت کيس حڪم ڪيو هو ته تون ڏنڊ ڏوهه ۾ پنهنجي ڪا به هڪ ڌيءَ پيش ڪر ڇو ته تنهنجي پٽ، هڪ “وڏ گهراڻي” جي عورت سان جنسي حرڪت ڪئي آهي، تنهنڪري ان عورت جي لڄ جي پلاند ڪرڻ لاءِ تنهنجي ڌيءَ جي لڄ لٽڻ ضروري ٿي پئي آهي، تڏهن وڏ گهراڻي جي عورت جي لٽيل لڄ جو ازالو ٿيندو يا پلاند ٿيندو ۽ وڃايل وقار بحال ٿيندو. اهڙي طرح ڇوڪريءَ جي هيسايل ۽ دٻايل مظلوم پيءُ پنهنجي طلاق ورتل ٽيهن سالن جي ڌيءَ پنهنجن هٿن سان اچي پيش ڪئي. پيءُ آڏو، ڀاءُ آڏو ۽ ڳوٺاڻي غيرت رکندڙ هشام ماڻهن آڏو نياڻي جي آبروريزي ٿيندي رهي. نياڻي ٻاڪاريندي رهي “ پراوا مين تئاڏي پيڻ آن”، “پراوا مين تئا ڏي پيڻ آڻ” چوندي ڪوڪاريندي رهي ته جيڪڏهن ڏوهه منهنجي ڀاءُ جو آهي ته ڀلي انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. پر منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پر هن جون آهون دانهون آزيون نيزاريون ڪنهن نه ٻڌيون. “غيرت مند” پنچائت ۽ پئنچائت جي فتويٰ کي عملي جامو پارائيندڙ حڪم جي غلامن جي مظلوم نينگري جي اجتماعي آبروريزي مان به تسلي نه ٿي. هنن نياڻي کي “مسلم امه” سان سٿيل بازار مان “الف اگهاڙي” ڪري پيدل هلايو، خبر ناهي ته اسلام جي پيروڪار تماشاين ڀريل بازار ۾ هلندڙ اگهاڙيءَ نياڻي کي ڏسي اکيون شرم کان ٻوٽي ڇڏيون هونديون يا اڃان وڌيڪ پٽي هن جي جسم کي غور سان جاچي ڏٺو هوندو؟!
    مون کان شايد اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته جنهن وڏ گهراڻي ڇوڪريءَ تي ڇوڪري سان ناجائز تعلق جو الزام آهي. ان جي عمر يارهن يا ٻارنهن سال ٻڌائي پئي وڃي. يارهن يا ٻارهن سالن جي ڇوڪري وڏ گهراڻي جي عورت سان ڇا ڪيو هوندو، تنهن جو اندازو ته ڪونهي پر ان ڇوڪري کي به غيرتمند قوم جي ٽولي “غير فطري” عمل ڪيو، پر ان مان به انهن جي تسلي نه ٿي ۽ “انتقام” جي آڳ اجهائڻ لاءِ پنچائت بي ڏوهه نياڻي جي اجتماعي لڄ لٽڻ جي فتويٰ جاري ڪئي.
    اهڙي موقعي تي اڄ وري مون کي ڀٽ شاهه الائي ڇو وري وري ياد ٿو اچي. سهڻي پنهنجي “ور” ڏم کي ڇڏي پنهنجي يار “ميهار” سان دلو کڻي درياهه پار ڪري ملڻ ويندي هئي تنهن لاءِ ڀٽائي ڇا چيو آهي:

    ساهڙ ڌارا سهڻي، نسوري ناپاڪ
    نجاست ناهه ڪري، انهين جي اوطاق
    هو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.

    ساهڙ ڌارا سهڻي نسوري ناپاڪ ڇو آهي، ڪنهن سوچيو آهي؟! ان لاءِ ته هن جي دل ساهڙ سان آهي. هن جي دل “ڏم” سان ناهي “ڏم” غير فطري ۽ غير اصولي “مڱيندو” آهي. اسلام به چئي ٿو اخلاق به چئي ٿو ته نياڻين کان شادي کان اڳ انهن جي مرضي معلوم ڪريو ٻي صورت ۾ جيڪو سهڻي ڪري ٿي ته “پاسي تنين پاڪ ٿئي.”
    پوڻا ٽي سو سال اڳ جي هن صوفي شاعر جي فڪر جي آزادي ۽ اڏام ڏسو.
    ڪنهن ٻئي هنڌ معاشري جي اهڙي ئي ڪنهن مظلوم، پيڙيل ۽ ڏتڙيل طبقي سان حاڪمن جي ڏاڍائي بابت ڀٽائي چيو آهي ته:

    جُه سي لوڙائو ٿيا، جنينءَ سندي ڌير
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙيءَ.

    عوامي آواز ڪراچي-جولاءِ 2002ع


    • وقت، وچن ۽ ڀٽائي

    منهنجو ئي هڪ چوسٽو آهي جيڪو “پئي پراڻو” نه ٿيو آهي.
    حياتيءَ ۾ ڀاڳن جو ويرو نه آيو،
    ڪوئي ڏينهن بڻجي چڱيرو نه آيو،
    سوين سج نڪتا بهارون به آيون،
    اسان جي مقدر ۾ ڦيرو نه آيو.

    اڄوڪو سج جڏهن ڪاورنجهر ۽ هالار جي سلسلن پويان آخري هڏڪي ڏئي اجهامي ويندو ته شايد لنڊن جي ٽرفلگر اسڪائر وٽ رات جو ٻارهن وڄڻ جو ائين ۽ اهڙي بي بيچيني سان انتظار ڪيو ويندو جو دلين جون ڌڙڪنون گهڙيال جي سئيءَ سان هم آهنگ ٿي وينديون. نوجوان ڇوڪرن جي بغل ۾ باهه جيئن بکندڙ ۽ گرم ڀوريون ڇوريون بي تاب هونديون جن لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي:
    توڙي ڇورين ڏنا ڇال،
    ته به لاهوتي لنگهي ويا!

    ٻئي هٿ ۾ شيمپين جي بوتل هوندي نوجوان پريمين سان پوڙها به ڪنهن نه ڪنهن پوڙهيءَ کي جهليو بيٺا هوندا ۽ پنهنجي وس ۽ حال آهر پيار جي پورهئي ۾ وسان نه گهٽائيندا. پوءِ مڙئي “حال حبيبان پيش پرين” اهو ئي حال آمريڪا جي اسٽيچو آف لبرٽي وٽ هوندو ۽ اهي رنگينيون پئرس ۾ “شانزي ليزي” وٽ هونديون. مطلب ته يورپ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ جپان جي خوشحال ملڪن ۽ شهرن ۾ نئين سال جا جشن ۽ شادمانا هوندا. “شراب شباب ۽ ڪباب” پاڻ ۾ پرچاءُ ڪندا پر اهو پرچاءُ تند- ڪٽاري ڪنڌ وارو پرچاءُ نه آهي ۽ پويون روحاني پرچاءُ آهي. اهي نئين سال جا شادمانا سٺن گذريل سالن ۾ پاڻ ڪراچيءَ ۾ به ڏسي آيا آهيون جڏهن هن روشنين جي شهر ۾ مڌ جا مئيخانا ۽ نائيٽ ڪلبون کليل هونديون هيون ۽ مذهبي بنياد پرستي ايتري شديد نه هوندي هئي جيترو هينئر آهي. پوءِ خدا “ڀلو” ڪري “جميعت” جو جن روشنين جي هي شهر اجهائي بي نور ڪري ڇڏيو ۽ ان جاءِ تي اسلام جي لاٽ اهڙي ٻاريائون جو تعليمي ادارن ۾ هٿيار هلڻ لڳا ۽ شهر ۾ ڪڏهن شيعا سني فسادن ۾ سوين هزارين انسانن جو مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ رت وهايو ويو ۽ ڪڏهن سنڌي مهاجر فساد ڪرايا ويا. جميعت کانپوءِ هڪ ٻي جماعت ٺهي تنهن ته جميعت جا ليڪا به لتاڙي ڇڏيا. چوڻ جو مقصد هو ته ڪنهن زماني ۾ ڪراچي به يورپ يا آمريڪا جي ڪنهن به شهر وانگر خوشين ۽ کيڏ جو شهر هو جيڪو نه رهيو آهي.
    ڳالهه پئي هلي ته اڄ رات جو ٻارهين وڳي سال ٻه هزار ٻه اسان کان موڪلائي ويندو جتي مغربي ۽ مشرقي دنيا مسرتن ۾ مدهوش ٿيندي اتي مسلم دنيا جي منهن تي خاص طور تي “ٻارنهن” وڳا پيا هوندا. هونئن اسان جو نئون سال محرم يعني پٽڪي، ڪٽڪي ۽ رت وهائڻ سان شروع ٿيندو آهي ۽ سنڌ- ماضيءَ جي سکي ستابي سنڌ جي منهن تي هڪ ٻيو “گهنج” پئجي ويندو. بدنصيب ٿري ڪيئن نئون سال ملهائيندا ٿرين جي هٿ ۾ ڀلا ڪا شيمپين جي بوتل هوندي ۽ سندن ڪڇ ۾ ڪا چلولي ڇوري هوندي.
    ڀٽائيءَ کان ٻڌو:

    بُکي کل نه اُڄهي، ڏکي ڏمر نانهه،
    اگهاڙيءَ وهانءُ ويو ويچاريءَ وسري!

    ***
    جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سُوءِ ورتي سومرا،
    ويئي ويچارن، وسري خوشي ۽ خريد،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا!

    ***
    ٿر ۾ پاڻيءَ جي سوڪهڙي کانپوءِ مال ۽ ماڻهو مريو وڃن جي جيئن ٿا ته مئلن کان وڌيڪ مُئل- حد اها آهي ته ڏڪار ۽ بک سبب ٿيل بدحالي جو عڪس هن بيت ۾ ڏسو:

    وس ڙي بادل وس- تو وسندي وس ٿئي.
    تو پيڪا مون ساهرا- کنوڻين ڇڏيو رَس،
    تنين ڪاڻ وس- جن ور مٽي ڀائر ڪيا!

    آخري سٽ تي غور ڪريو. “ور مٽي ڀائر ڪيا”، پيٽ ۾ ان ناهي ته اها زال ائين پئي آهي ڄڻ ڀيڻ پئي آهي. واهه ڀٽائي تنهنجا عڪس چٽڻ:
    جُهه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير

    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟

    ويندڙ سال ويندي اسان کي ڪجهه تحفظ به ڏئي ويو آهي. جن ۾ ملڪ ۾ آزاد ۽ غير جانبدار جمهوري سفر شامل آهن. سنڌ ۽ سنڌ جو مقدر ۽ مستقبل اجرو ۽ روشن ڪرڻ لاءِ جيڪو آخري تحفو مليو آهي تنهن ايتري خوشي ڏني آهي جيڪا برداشت نه ٿي سگهي. تنهنڪري من ملول ٿي پيو آهي. شايد اهو ئي حال سنڌ جي سمورن اديبن جو هوندو. باضمير اديبن جو ڏاڍو روئڻ ٿو اچي. امڙ حال حيات هجي ها ته سندس جهوليءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀريان ها ۽ ايترو روئان ها جو جڏهن امڙ جي جهوليءُ کان منهن مٿي کڻان ها ته منهن ته برابر ڳاڙهو هجي ها پر هيانءُ هلڪو ٿي پوي ها. ائين جڏهن “ساهه اڪنڍيو آهون ڀري” رهيو هو ته قاضي جاويد جو فون آيو ته “هدايت” اديبن پروگرام رٿيو آهي ته نئين سال ٿيڻ کان اڳ واري رات ڀٽائيءَ جي روضي تي گهاربي. ڄڻ ته هيانءَ تي ڇنڊو پئجي ويو. سوچيم روئڻ سڏڪا ڏيڻ ۽ اندر جي ڏک ۽ غبار ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن امڙ جي جهولي ناهي ته ڀٽائيءَ جي روضي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ٻنهي هنڌ “حفاظت جو احساس” ۽ قلبي سڪون ميسر ٿئي ٿو. اڄ اسين جيئن ته ڀٽائيءَ جي روضي ڏانهن پانڌي آهيون. ان ڪري توهان کي ڀٽائيءَ جا بيت جام ٻڌائبا. اهي جيڪي ويندڙ ۽ ايندڙ سال جي پُڙن جو درد محسوس ڪري رهيا آهن ۽ جن وٽ اندر جي اڌمن، ڏکن ۽ سورن کي ونڊڻ جو ڪو طريقو ناهي سي شاهه جا بيت ٻڌن ته شايد ڪجهه وقت لاءِ انهن جي اشانت من کي ڪجهه شانتي جو احساس ٿئي. پر ڀٽ ڌڻي پاڻ ئي چيو آهي.
    سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃن،
    ٻيون ڪوهه ٻجهن، جن سندا تن سامهان!

    سنڌ جا سور ته سنڌ جا سور آهن ۽ سنڌين جا سور آهن انهن فرمانبردار مائرن جي ٻچن جا سور آهن جن پنهنجي مائرن جي ٿڃ پيتي آهي. سنڌ جا سور ورهائجي ڪيئن سگهندا؟ ۽ هي ڌاريا- اهي گجرات وارا ۽ انهن جا ساٿاري- انهن جا اهي ساٿاري جيڪي سنڌ ۾ ڌرتيءَ ڄاين کان به سرس حصو ڳنڍرائي ويٺا آهن. هاءِ الا! مون کي ان قاضيءَ جي انصاف واري ڳالهه ٿي ياد اچي. هڪ ٻار جون ٻه دعويدار مائرون هيون ٻئي چئي رهيون هيون ته هي ٻار منهنجو آهي. ڳالهه ايستائين وڌي وئي جو فيصلو وڃي قاضيءَ جي ڪورٽ ۾ پهتو. قاضيءَ جي سامهون ٻئي دعوا ڪندڙ مائرون بيٺيون هيون ۽ ٻار وچ ۾ بانبڙا پائي رهيو هو. قاضي ٻنهيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون، ٻنهي جي دعوائن ۾ وزن هو. قاضي مُنجهي پيو پر پوءِ سندس ذهن ۾ هڪ تجويز اڀري آئي. قاضي فيصلو ڏنو.
    “ٻار کي چيري ٻه اڌ ٿا ڪريون هڪ اڌ هڪ ماءُ کڻي ٻيو اڌ ٻي ماءُ کڻي.” تنهن تي ڪوڙي دعويدار ماءُ چيو، “قاضي صاحب مون کي توهان جو فيصلو منظور آهي.” پر اصلي ماءُ کان دانهن سان گڏ ڳوڙها ۽ سڏڪا نڪري آيا تنهن رڙ ڪئي “نه نه قاضي صاحب! ٻار ڀلي انهن عورت جي ئي حوالي ڪريو پر منهنجي ٻچي کي چيريو نه هو زندهه هجي، کلي، کيڏي، خوش ٿئي. شال روهه جيڏي ڄمار مليس.” جڏهن قاضي اصل ماءَ جي مامتا ۽ سندس جذبا ڏٺا ۽ ڪوڙي ماءُ جو فريب ڏٺو ته پوءِ قاضي صاحب، پٽ اصلي ماءُ جي حوالي ڪيو ۽ ڪوڙي ماءُ کي لوڌي ڇڏيائين:
    ٻيون ڪوهه ٻجهن، جن سندا تن سامهان

    ڪاش! ڪو اهڙو قاضي ڪونهي جيڪو سنڌ ماتا پنهنجي ٿڃ پيتل فرمانبردارن کي موٽائي ڏئي ۽ ڪوڙن دعويدارن” کي لوڌي ٻاهر ڪڍي:
    ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙها ڳل سندن
    ٻيون هونءَ ئي هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون!

    مان سوچان ٿو سنڌ جا اديب نئين سال جي رات رڳو ڀٽائيءَ تي گذراڻ خاطر گذاريندا يا اتان ڪو لاڀ يا فيض به حاصل ڪندا. ائين جيئن مسلمان عمرو يا حج ڪري، ڪجهه ڦيرا ڏئي ۽ شيطان کي ڪجهه پٿريون هڻي پوءِ سون جون ڏيٽيون لڪائي موٽي ايندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اسان جا گناهه ڌوپي ويا.



    گنگا لهن نه گيم، مڪي ٿين نه معاف
    سينو جنين جو صاف تن کان پاپ پري ٿيا!

    مسلمان جيڪڏهن مڪي ۽ مديني ۾ گڏ ٿيڻ واري اصلي فلسفي ۽ ڏاهپ کي سمجهن ها ته اڄ اهڙا دربدر خاڪبسر نه هجن ها ۽ آمريڪا توڙي يورپي ملڪن منجهان لوڌجي نه نڪرن ها. لکن جي تعداد ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو هڪ مرڪز تي گڏ ٿين ۽ ڪنهن به باهمي مسئلي تي بحث ڪرڻ کان سواءِ موٽي وڃڻ ڪهڙي سياڻپ آهي. عمري ۽ حج وارو فلسفو مسلمانن نه سمهجيو آهي. رسم وڃي بچي آهي. تنهن ڪري اهي خوار آهن.
    اسان سنڌي به سال ۾ هڪ ڀيرو ڀٽائي جي روضي تي گڏ ٿيون ۽ سنڌ جي درپيش مسئلن بابت سڄي سال لاءِ ڪو لاحئه عمل اختيار ڪريون. ٻڌي ڪريون، ايڪو ڪريون، ڪنهن جي گلا غيبت نه ڪريون. ڪنهن تي ٺٺوليون، چٿريون نه ڪريون صحيح غدار ۽ سنڌ جي دشمنن جي نشاندهي ڪريون تڏهن سمجهبو ته اسان جو پنڌ سجايو ٿيو ۽ ان لاءِ اسان کي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ناهي!
    وڃين ڇو وڻڪار هت، ڳولين هوت کي،
    لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار،
    نائي نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو!

    ۽ هاڻ اچو ته ڀٽائيءَ جي ئي بيتن مان سال 2003ع لاءِ ڪي قرارداتون تلاش ڪريون.
    مادر ڀومي، امڙ سنڌ ڌرتي جي اجڙيل سينڌ سنوارڻ لاءِ اچو ته عهد ڪريون، وچن ڪريون ۽ پاڻ وڪامجون نه لوٽا ٿيون.
    جي لوڻ لڱين لائيئين چيري چيري چَمَ،
    مون ڪُر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوارين.

    اچو ته سنڌ جا درياهه وري وهايون ۽ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪريون. ايستائين جو سنڌ جي سئي جهڙي سنهڙي شئي تي به ساهه ڏيون.


    پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سئي ساڻ
    ڍڪي اگهاڙن کي ڪين ڍڪيائين پاڻ،
    ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.

    سنڌ جا فرمانبردار پُٽو اچو ته ڀٽائيءَ جي روضي تي ٻيهر عهد ڪريون.
    اي نه مارن ريت جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪا نه ڪريت.
    پکن جي پريت، محلن سين نه مٽيان

    متان پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪريون ۽ سڀاڻي سنڌ ماتا هي ڏوراپو ڏئي:

    ڪري مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،
    ساريندي ساهيڙين کي ڳوڙها پيس ڳڙي
    نڪي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي
    ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين!

    عوامي آواز ڪراچي-


    • ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان!

    اڄ سچ ته منهنجو ڪالم لکڻ جو موڊ ناهي. اڄ مان ڏاڍو اداس ۽ اٻاڻڪو آهيان. من ۾ موڳائپ آهي. اکر نٿا اُڪرن، لفظ لُڇن ٿا ۽ جملا جان ڇڏائڻ چاهين ٿا. موضوعن جو جهرمٽ آهي. ڪهڙي موضوع تي لکان، مينهن ۽ برساتن جي رحمتن تي لکان يا زحمتن تي لکان. ٻائڙ ٻوڙ برساتن ۽ انهن جي نتيجي ۾ نڌڻڪن ۽ بي واهن سنڌي مسڪينن جي ڊٺل گهرن ۽ انگ اگهاڙن لڙهندڙ لاشن تي لکان يا گگدام ڀٽارن ڍورن مينهن يا گابن تي لکان. لڙ لهرين، لس ،لٽ جي نتيجي ۾ ٿيل حساب ڪتاب کان مٿي ٿيل برباديءَ تي لکان يا ڊبل گهوڙا بوسڪي ۽ تجليدار ستارن واري سنڌي ٽوپي پائي هوائي جهازن ۾ ٻوڏ ۽ تباهيءَ جو دلڪش منظر ڏسڻ وارن سنڌ جي حاڪمن جي روش تي لکان. جن جي اخباري بيانن ۽ حڪم نامن جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ هن ڪالم لکڻ تائين برساتي پاڻيءَ جي ظالم وهڪرن جي ور چڙهيل بدين ۽ ان جي آس پاس جي قيامت جهڙن منظرن تي لکان جتي ڪي به حفاظت سان ٻوڏ مان ڪڍڻ وارا جهاز نه پهتا آهن ۽ ڪابه قابل ذڪر واهر نه پهتي آهي. ڀلا نڌڙڪن سنڌين جي واهر ۽ حفاظت ڪرڻ جي موٽ ۾ حڪومت کي ڇا ملندو ؟ ڪجهه به نه ! جيڪي مئا يا جيڪي بچيا.اڄ جيڪي حاڪم بوسڪيءَ جا وڳا پائي، پاسي ۾ مومل ويهاري جهازن ۾ سروي ڪندا ٿا وتن انهن کي ايندڙ عام چونڊن ۾ (جڏهن به ٿيون) ضرور ووٽ ملندا. ڪاش !! اهي حاڪم فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ئي سهي، ايڪٽنگ ڪرڻ لاءِ ئي سهي، ٽيليويزن تي ڏيکارڻ لاءِ ئي سهي، هڪ ڀيرو پنهنجا قيمتي بوٽ ۽ جوارب لاهي پنهنجن وزيرن ۽ صلاحڪارن سميت برسات ۽ مينهوڳيءَ جي پاڻيءَ ۾ ٽپي پون ها ۽ هوا جي بجاءِ زمين تي پير کوڙي ستايلن سان عملي همدردي جو ثبوت ڏين ها ته انهن جي وهه واهه ٿي وڃي ها ۽ برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙن ۽ لڙهندڙن جي اکين ۾ ٿوري دير جي لاءِ چمڪ اچي وڃي ها ۽ آخري هڏڪيءَ کان اڳ هو پاڻ سان تسڪين جي هڪ گهڙي کنيو وڃن ها. پر ائين ٿي نه سگهيو. ڇو ته سنڌي ماڻهن جو ڀل هڪ نسل لڙهي وڃي پر ايندڙ نسل وري به ساڳين ڊبل گهوڙا بوسڪي ۽ ستارن سان ڀريل تجلا ڏيندڙ ٽوپين پائڻ وارن کي ووٽ ڏيندا. اها سنڌي سياست جي ستم ظريفي آهي. پر ان جو ٻيو پاسو هيءُ به آهي ته سندن ووٽ کي پڇي به ڪير ٿو. حڪومتون ته انهن ماڻهن جون ٺهن ٿيون جن کي سنڌي ماڻهو ووٽ به نٿو ڏئي يا کڻي چئجي ته سنڌي ماڻهو چونڊن ۾ ته کٽي وڃي ٿو ۽ جنهن کي هو ووٽ وجهي اهو کٽي وڃي ٿو، پر پوئين ملهه “سليماني ٽوپي” پاتل ۽ نظر نه ايندڙ طلسمي ادارا ماري ٿا وڃن . اصل اهڙي “اَڙي” ٿا هڻن جو عوامي ووٽ جو مٿو ئي ڦاٽي ٿو پوي.
    نثار مين تيري گليون پي اي وطن ڪي جهان
    چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سر اُٺاڪي چلي
    سو سچ پچ ته اڄ ڪالم لکڻ جو موڊ ناهي. اکر نٿا اُڪرن – لفظ ٿا لڇن . ڇا تي لکان ؟
    متحده مجلس عمل جي تازي رويي تي لکان، جنهن کي هاڻي مُلان – ملٽري – اتحاد (ايم ايم اي) ٿا چون .
    شرعي ڏارهين ۽ وڏن پيٽن ۽ ٿلهن ڪنڌن وارن “خدا ترس “ اسلام جي شيداين، جن آمريڪي نفرت جي آڌار تي چونڊون کٽيون. خيبرپختونخواهه صوبي ۾ حڪومت ٺاهي ، بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي ۽ جن جي مولوين کي مدرسن مان حاصل ڪيل ڊگرين کي بي اي جي برابر تسليم ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ جن گڏيل ڪورس جي انداز ۾ قوالي ٿي ڳائي ته وردي نه لٿي ۽ ايل ايف او واپس نه ورتو ويو ته چوڏهينءَ آگسٽ 2003ع کان حڪومت خلاف عوامي مارچ جي هڪ زبردست مهم هلائيندا تن کي اوچتي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو هاڻي هُنن “وردي” جي به اجازت ڏيئي ڇڏي آهي ۽ چون ٿا ته موجوده صدر جي حمايت جاري رهندي ۽ سندس موجوده مُدي پوري ٿيڻ پوءِ اڳتي به پنجن سالن جي مُدي لاءِ مولوي سندس حمايت ڪندا. بلي – بلي، اسان جون اکيون ٿڌيون – ڪالهه جي هڪ انگريزي اخبار ۾ مون پڙهيو، ڪنهن پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر حڪومت تي “اجايو” الزام لڳايو هو ته ايم ايم اي جي باشرع مولوين کي سنئين رستي تي آڻڻ لاءِ حڪومت هڪ اداري جي ڳجھي فنڊ ۾ ٻارهن سؤ چوٽيهه ملين روپيا جمع ڪرايا آهن . ڪيڏو ڪوڙو الزام آهي . پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ کي ايڏو ڪوڙو الزام هڻندي ۽ اسلام جي شيداين تي بهتان مڙهيندي ذرو به شرم نه آيو. شيم – شيم. پر مولوي ۽ ملٽري اتحاد جي هڪ ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي، يعني کوڙو نه لڳو، اهو هي ته مولوين چونڊون کٽيون، آمريڪي نفرت جي بنيادن تي ۽ اسان جو ملٽريءَ جو موجوده سربراهه، برطانيه جي ٽوني بليئر کان پوءِ آمريڪي صدر بش کي وڌ ۾ وڌ پيارو آهي. ڇو ته بش جو چوڻ مڃيندو آهي ۽ سندس فرمانبردار آهي. آمريڪا جو هڪ سونهري قول آهي .اُهو اِهو آهي ته ، “ آمريڪا جا ڪي به دائمي دوست يا دائمي دشمن نه هوندا آهن. آمريڪا جا دائمي مفاد هوندا آهن.” سو پاڪستان جي موجوده حڪومت آمريڪا جي دائمي مفادن جي امين آهي. پوءِ آمريڪا مخالف مُلن ۽ آمريڪي مفادن جي امين حڪومت جي وچ ۾ دوستيءَ جو ڪهڙو نقطو ٿي سگهي ٿو. دڙڪو : ته جيڪڏهن مفاهمت ۾ نه ايندؤ ته خيبرپختونخواهه حڪومت ختم. بلوچستان جي اڌ حڪومت ختم ۽ مدرسن جون ڊگريون ختم. جنهن جي نتيجي ۾ “ملا ڪريسي” ڌڙام يا وري ڏوڪڙ : ڪنهن چيو هو ته، “ناڻو نَرَ نوائي ٿو.” بهرحال سائين “زندگي تنهنجي ڪري ڇاڇا نه ٿو ڪرڻو پوي .”
    پر سائين ڇا ڪجي سچ پچ ته اڄ لکڻ جو موڊ ئي نٿو ٺهي .
    اڄ اداس ۽ اٻاڻڪو آهيان، اکر نه ٿا اُڪرن ۽ لفظ ساٿ نٿا ڏين. ڇا تي لکان!
    شهري حڪومت جي پاڻيءَ ۽ صفائيءَ واري بورڊ جي خميس واري ڏينهن جي ميٽنگ کان پوءِ واريءَ واردات تي لکان، جنهن ۾ اي ڊي او ورڪس برگيڊيئر ظهير قادريءَ واٽر ۽ سينيٽيشن جي سربراهه سليمان چانڊيي کي مڪن ۽ ٺونشن سان هڻي هن جي نڪ ۽ سندس ڄاڙي ڀڃي وڌي، ڇو ته سليمان چانڊئي کان اها گستاخي ٿي هئي جو هن برگيڊيئر صاحب کي ميٽنگ ۾ چيو هو ته سائين هي نقطو انجنيئرنگ جو آهي. جنهن کي توهان نه سمجهي سگهندؤ. جنهن تي برگيڊيئر صاحب جي انا ايتري زخمي ٿي پئي جو هن سرڪاري ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي سليمان چانڊيي جو نڪ ۽ ڄاڙي ڀڃي وڌي ۽ اتان رت جا ڦونهارا اٿي نڪتا ۽ ان جي ڪلائيميڪس اها آهي ته برگيڊيئر صاحب نه معافي ورتي نه ساري چيو. پر سليمان چانڊئي پاڻ هر تو چئي ڇڏيو ته مون برگيڊيئر کي معاف ڪري ڇڏيو.
    “تون اڃا پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا”
    ڳالهه اها ناهي ته سليمان چانڊئي پنهنجو نڪ ۽ ڄاڙي ڀڃرائي برگيڊيئر کي معاف ڪري ڇڏيو. ڳالهه اها آهي ته برگيڊيئر به ته توکي معاف ڪري نه سائين. تون سمجهين ٿو ته ڄاڙي ۽ نڪ ڀڃرائي تو جيڪا برگيڊيئر جي انا زخمي ڪئي آهي تنهن جو حساب برابر ٿي ويو؟؟ نه ڪو سائين، اڃا “اٽل” تو ڏانهن آهي اڃا حساب ڪتاب برابر نه ٿيو آهي تنهن لاءِ تيار رهجان، پر مان سوچيان ٿو ته ڇا ڪا عدالت ڪو گورنر، ڪو وزير اعليٰ، ڪو چيف آف آرمي اسٽاف ان خوني واقعي جو “پاڻ هرتو” نوٽيس وٺندو يا هن صاحب کي اها حرڪت ڦٻي ويندي؟؟ رب پاڪ ٿو ڄاڻي!
    پر دوستو يقين ڪريو. اڄ ڪالم لکڻ تي بالڪل موڊ نه ٿو ٺهي، اکر نه ٿا اڪرن ۽ لفظ ساٿ نه ٿا ڏين. اڄ مان ڏاڍو اٻاڻڪو آهيان ڇا تي لکان.
    سنڌ جي مزاحمتي پر مفلس عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ تي لکان، جيڪو پنهنجي موت جو سبب پاڻ آهي، مفلس جو هو منهنجون پنهنجون سٽون آهن:
    “مفلس جي حياتي ڇا غربت جي سزا آهي،
    نرڌن جو جيئڻ سائين، خود هڪڙي خطا آهي،
    جن کي آ ڌڪيو، تن کي نه ڌڪيندو ڪر.”

    محمد خان مجيديءَ ۽ ابراهيم منشيءَ سان منهنجي ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هئي. انهن ٻنهي وٽ نه فقط ڏات هئي. ڏانءُ هو، لفظ هئا ۽ کيس لفظن جي حرمت جو اونو هئو. هو جڏهن منهنجي گهر تي سندس پنهنجو ڪلام “ڪتيون ڪيئي قيد گذريون” ڳائي ٻڌائيندو هو ته منهنجي گهر وارن ۽ ٻارن جي اکين ۾ ڳوڙها هوندا هئا. جيترو سوز سندس شاعريءَ ۾ هو اوڏو سوز سندس آواز ۾ هو مان اخبارن ۾ ابراهيم منشيءَ جي وفات تي لکيل ڪجهه ڪالم ۽ ڪجهه رايا پڙهيا آهن، جن ۾ گهڻي کان گهڻو سندس اهي ٻه سٽون ورجايون ويون آهن:




    ڪتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،

    سرنهن پيلا جهليندي گل، انهن کيتن ۾ ملنداسين.


    مان ڪوشش ڪريان ٿو ته ان شعر جا ڪجهه ٻيا بند به مون کي ياد اچن ته انهن جو حز حاصل ڪريون.
    ڇڏي درياهه ويندو دهشت بڻائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
    چڙهي هڪ ناءُ ننڍڙي تي انهن ٻيٽن ۾ ملنداسين،
    آزاديءَ جا جڏهن جهنڊا پيا جهر جهنگ جهوليندا،
    ڌڻي ڀونءِ ڀيٽ پيا چڙهندا، انهن ڀيٽن تي ملنداسين،
    پرين جي پيار پنهنجي تي لڳا پهرن مٿي پهرا،
    ته لنگهه لانگها ڇڏي منشي پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسين.

    اڄ ابراهيم منشي نه رهيو آهي پر حياتيءَ جا باقي پهر سندس قربتون اسان سان گڏ رهنديون ۽ هي سٽون لکندي منهنجيون اکيون تروار ڏئي رهيون آهن، شايد اڳتي لکي نه سگهان تنهنڪري دوستو معاف ڪجو، اڄ مان ڪالم نه ٿو لکي سگهان!!!

    عوامي آواز ڪراچي-اڱارو 5 آگسٽ 2003ع


    • سنڌ سان ٽي سانحا

    سنڌ جي حوالي سان ٽي اهم واقعا ٿيا آهن، انهن ٽن واقعن کي مان سنڌ جي تاريخ جا وڏا سانحا ٿو سمجهان، اهي هي آهن.
    o پاڪستان جي واحد جمهوري طور چونڊيل وزيراعظم، پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين لاڙڪاڻي ڄاول شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڦاسي چڙهڻ.
    o سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال اڏڻ.
    o شائسته عالماڻي ۽ بلخ شير جو پيار جو پرڻو، طلاق ۽ ان پس منظر ۾ پيش منظر، جن جو سنڌ سماجي، سماجوادي، اقتصادي ۽ رومانوي زندگي تي گهرا اثر مرتب ٿيا آهن ۽ ٿيندا. مان مختصر طور تي انهي ٽنهي واقعن جي اثرن تي ٿورو ٿورو لکڻ ٿو چاهيان.
    o ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت:
    في الحال هتي مون کي ڀٽي صاحب جي خوبين ۽ خرابين تي ناهي لکڻو، نه ڪو سندس سياست تي ڪو تبصرو ڪرڻو آهي. هڪ حقيقت جنهن جو سندس دشمن به داد ڏيندا آهن ته هو پاڪستان جي مڙني سياستدانن کان وڌيڪ ذهين هو. عالمي سياست ۾ آمريڪي، برطانوي توڙي فرانسيسي ذهنن کان ذهين سياستدان کان مقابلي ۾ گوءِ کڻڻ وارو شخص هو. هن اجڙيل ۽ ڊٿل پاڪستان جي ٻيهر تعمير ڪئي. هن اجڙيل ۽ اعتماد وڃايل ۽ لڙهندڙ فوج کي ٻيهر بحال ڪيو. هن گفتگو جي ٽيبل تي ويهي هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌي کان نوي هزار باندي ٿيل فوجي آزاد ڪرايا ۽ انهن پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جا سڀئي احسان ۽ ٿورا کيس “ڦاسيءَ” تي چاڙهي لاٿا. هڪ بي ضمير شخص، قوم قبيلو يا جٿو محسن جو احسان کيس ماري، قتل ڪري لاهيندو آهي.
    ڦاهي چاڙهڻ کان اڳ ڀٽي کي ٿڏا، ٺونشا هڻي ۽ طرحين جون عقوبتون ۽ اذيتون ڏئي قتل ڪيو ويو. ان قتل ۾ پنجابي جج ۽ پنجابي بيورو ڪريسي شامل هئي. پنجابي عوام نه، ڀٽي جي ڦاسي چاڙهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. پاڪستان ۾ موجوده صدر جي موجودگي ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ هن ئي حڪومت جي اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل سرڪاري نتيجن ۾ ڄاڻايو ويو ته وڌ ۾ وڌ ووٽ پيپلز پارٽي کي مليو.
    هر دفعي ائي ٿيندو آهي ته سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ سيٽون پيپلز پارٽي کٽيندي آهي پر حڪومت ايجنسيون ٺهرائينديون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي کي ڌڪي ڌار ڪيو ويندو آهي. يعني ته سموري پاڪستان جي راءِ کي رد ڪيو ويندو آهي.
    منهنجي ئي ڳوٺ جي هڪ وڏي مذهبي گادي جي اڳواڻ جو مثال سڀني سنڌين آڏو آهي. منهنجي ئي دوست ۽ ڪلاس ميٽ کان اها روحاني شخصيت ٻه ڀيرا چونڊ هارائي، پر اڄ خلق ان روحاني پيشوا کي سياسي پيشوا سمجهي ٿي ۽ منهنجو ڪلاس ڀائي دوست ڪنهن ليکي ۽ کاتي ۾ نه آهي. اهو آهي قدر اسان جي ملڪ ۾ عوامي راءِ جو .
    هتي خاص طرح سان مون کي هڪ ڳالهه چوڻي آهي، اُها اِها ته الائي ڇو هڪ ڇيت آهي جيڪا منهنجي روح ۾ اٽڪيل آهي. منهنجي ضمير ۾ چڀي رهي آهي ته ڀُٽي جي قتل يا شهادت ۾ منهنجو به ڪردار آهي. اهو ائين ته، “مان کيس بچائي نه سگهيس.” توهان کي متان منهنجي هيءَ اها سوچ بي وقوفاڻي لڳندي هجي. پر يقين ڪريو ته مان سمجھان ٿو ته سنڌ جا سڀ سڄاڻ ۽ ترقي پسند ليکڪ، اديب، شاعر، ترقي پسند لڏي جا ماڻهو. صحافي اسان جا سڀ جا سڀ ڄڻ ته ڀٽي جي شهادت واري ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. اسان سڀ شامل آهيون. سندس قتل واري سازش ۾ جو اسان جي اکين آڏو اهو قهر ٿي گذريو ۽ اسان ڪو به شديد رد عمل نه ڏيکاري سگهياسين. ڪو مون سان سهمت ٿئي نه ٿئي پر ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت سنڌ ۾ اسان جي سانڀر جي وڏي ۾ وڏو واقعو آهي، جو هڪ عالمي ذهن ۽ پاڪستان جي خيرخواهه کي ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هو سنڌي هو. جيڪڏهن هو پنجابي هجي ها ته کيس جدي شريف جلاوطن ڪيو وڃي ها. سزا جي سزا، ثواب جو ثواب.

    بغل منجهه بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،
    ماريو مير ملوڪ لتاڙيو لڪ چڙهي.

    o سنڌ جي تاريخ ۾ جاگرافي ۽ تهذيب ۽ تمدن تي ٻيو جيڪو خوني وار ڪيو پيو وڃي اهو آهي ڪالاباغ ڊئم جي ۽ ٿل ڪئنال جي اڏاوت. اهي منصوبا نه فقط سنڌ جي زراعت ۽ ثقافت کي تباهه ڪندا پر سنڌي ناپيد ٿي ويندا. اسان جا ٻچا به ائين ٿي ويندا جيئن اسان اڪثر ڪري اخبارن ۾ آفريقا جي ڏڪار سٽيل ٻارن جا هڏا وان پڃرا ڏسندا آهيون ۽ فٽ پاٿن تي مئل ٻارن جا پکڙيل لاش ڏسندا آهيون.
    ائين ڪونهي ته ڪو سنڌين انهن سنڌ مار منصوبن جي مخالفت نه ڪئي آهي، بالڪل ڪئي آهي. اسان جي سياسي اڳواڻن جن ۾ اسان جو مهان دانشور ۽ يگانو رسول بخش پليجو شامل آهي. سنڌ جو ٻيو هڏ ڏوکي ۽ نوجوان سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي آهي. سنڌ جون آبادگار تنظيمون جن ۾ سائين قمر زمان شاهه جو نالو سرفهرست آهي. ڀرپور احتجاج ڪيو آهي. زرعي ۽ آبپاشي ماهر جن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ٻيا شامل آهن، ليکڪن، شاعرن ۽ صحافين به ڪين گهٽايو آهي پر اها تحريڪ جيستائين ادي آچر ۽ کدن تائين نه پهچندي سنڌي عوام جي رڳ رڳ ۾ رت جي دوري وانگر غيرت جي دوري وانگر لهرون لوڏا نه ڏيندي تيستائين پنجابي بيورو ڪريسي پنهنجي هوڏ تان نه لهندي، اچو ته هڪ هڪ سنڌي گڏجي اهڙي منصوبابندي ڪريون جو سنڌ کي تهس نهس ڪرڻ وارن کي تهس نهس ڪري ڇڏيون، ان کان اڳ جو ويري پنهنجو وار ڪري سنڌي قوم کي موت جي منهن ۾ وٺي وڃي اچو ته ويري تي وار ڪريون، نه ته وري اسان سڀ شاعر ليکڪ، اديب، قلمڪار، صحافي دانشور، ان جرم ۾ به برابر جا شريڪ ٿي وينداسين ته اسان سنڌي ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. ڀٽو مارائي ويٺاسين، ڇو ته هو سنڌي هو ۽ هينئر ڪالاباغ ڊئم ۽ ٿل ڪئنال به اڏرائي ڇڏياسين ۽ اچو ته ڪالهه جي نام نهاد قومپرستن ۽ گادي نشينن کي به وائکو ڪجي جيڪي چئي رهيا آهن ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال سنڌ لاءِ فائديمند منصوبا آهن. اچو ته ايندڙ پشتن جي يادگيري ۽ رڪارڊ خاطر سندن بيانن جون اخباري ڪٽنگون سنڀالي رکون ۽ سندن بيانن جو آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون سانڍي ۽ سانڀي رکون، ڪمپيوٽرن جي “ميموري” ۾ وجهي ڇڏيون ڇو ته ياد رکجو ته سڀاڻي انهن جي پٺيان کين وزني بوٽن جون لتون هڻي جڏهن بي دخل ڪيو ويندو ته اهي اهڙي ڊوڙ ڊوڙندا جو سنڌ ۾ اچي ساهه پٽيندا، پوءِ وري اهڙا “قوم پرستي” جا بيان ڇوڙيندا جو اسان جو ويچارو عام ووٽر جنهن جو حافظو ڏاڍو ڪمزور آهي اهي ٻيهر انهن کي ئي ووٽ ڏئي ڇڏيندا. سو منهنجا پيارا يونيورسٽي جا شاگرد، انفارميشن ٽيڪنالوجي جا شاگرد ۽ سنڌي ماءُ جي ٿڃ پيئڻ وارو سنڌ جي مٽيءَ جي اپت کائيندڙ پنهنجي ماتا سان وفادار نوجوان هينئر اهو توهان جو ڪم آهي ته “چئن ڏينهن لاءِ سنڌي ڊوميسائل تي عارضي وزارتن وٺڻ وارن جي سنڌ دشمن بيانن کي رڪارڊ تي رکو. اخباري ڪٽنگون رکو. آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون ٺاهيو ۽ ڪمپيوٽر جي ميموري ۾ انهن جي سنڌ دشمن ڪارنامن کي محفوظ ڪريو. اهو توهان جو وڏو ڪارنامو ٿيو، جنهن لاءِ توهان جو ڪو به خرچ نه ٿيندو. ان ڏس ۾ اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ جي فيلسوف شاعر ۽ جوڳي ۽ شاهه ڀٽائي جون ڪجهه “آيتون” اوهان کي ٻڌائجن، اهي سندس آيتون رستي جا مائيل اسٽونس، آهن جيڪي “پريان سنڌي پار” ڏي ويندي رستي جي پٿر جو ڪم ڏيندا.
    جاڳو جاڙيجا، سما سُک نه سُمهو
    پسو اُن پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري


    سچ ڪه سُڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
    جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا

    سُڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو
    سو پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو
    ماڻهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻين
    ڪاڇي پيئي ڪُوڪ، سچ ڪه سنگهارن لڏيو،
    مادر اُوءِ ملوڪ اُٺي ويا اُڪري.

    ۽ هاڻي اچون ٿا هن وقت پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هلندڙ هڪ ٽٽل رومانوي داستان جيڪو اسان جي اکين آڏو دهرائجي رهيو آهي. شاهه اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ پنهنجين سورمين کي ڳائي ان وقت اسان کي شعور ڏئي ويو، جڏهن نه اخبارون هيون ته ٽي وي هُئي .
    اڄ جڏهن سائنسي ترقي ۽ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ رهون ٿا ته اسان توهان سڀني آڏو هڪ پيار جو پرڻو، هڪ عشقيه داستان، هڪ رومانوي ڪٿا اسان توهان سڀني آڏو سرداري سسٽم کان مات کائي رهي آهي ۽ اسان تماشائي بڻيل آهيون. ڇا اسان اهو ثابت ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان قلمڪار، ليکڪ، شاعر، اديب، دانشور، کاٻي ڌر سان لاڳاپيل، علمي ۽ عالمي شعور رکندڙ، عالمي تحريڪن سان واسطو رکندڙ ، اي ميل ۽ انٽرنيٽ ذريعي سموري دنيا جي اين جي اوز سان واڳيل شعور رکندڙ، اڻ پڙهيل ۽ ڄٽ سردارن کان مات کائي رهيا آهيون . ڇا اسان ايترا سارا عالم، فاضل، پڙهيل ڳڙهيل، عالمي تحريڪن ۽ تنظيمن سان لاڳاپيل، باشعور ۽ با ضمير، چند جاهل ڄٽن کان مار کائي رهيا آهيون . هن وقت شائسته ڪنهن هڪ اڪيلي عورت جو نالو ناهي رهيو. شائسته هن وقت هر باشعور، ترقي پسند سنڌي عالم ۽ اديب جي ضمير جو حصو بڻجي چڪي آهي. هوءَ منهنجي ڌيءَ آهي. هوءَ بي ڏوهي آهي. هن پيار ڪيو آهي . هن شادي ڪئي آهي. سُهڻيءَ ته شادي “ڏم” سان ڪئي هئي ۽ پيار “ميهار” سان ڪيو هو ، پوءِ به ڀٽائيءَ سهڻيءَ جي ايڏي زوردار وڪالت ڪئي آهي جو هن جو جديد تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته :
    ساهڙ ڌارا سهڻي، نسوري ناپاڪ
    نجاست ناهه ڪري، انهيءَ جي اوطاق
    هو جو کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي .

    ۽ اسان شاعر، ليکڪ، صحافي، دانشور اڄ سردارن ۽ سندس سسٽم کان مات کائي رهيا آهيون. يقين ڪريو مان پنهنجي پيدا ڪندڙ جو قسم کڻي ٿو چوان ته هيءَ شڪست فقط شائسته عالماڻيءَ يا بلخ شير مهر جي ناهي، هي مقابلو آهي ترقي پسند، اڳتي ڏسندڙ ۽ رجعت پسند ۽ پٺتي موٽ کائيندڙ سسٽم جو. جڏهن مون چيو ته اسان جي سانڀر ۾ ڀٽي جي شهادت ۽ ڪالاباغ ديم ۽ ٿل ڪئنال کان ٽئين نمبر تي هي رومانوي داستان آهي، جيڪو هن وقت فقط شائسته ۽ بلخ جو مسئلو نه رهيو آهي، هي قصو هن وقت ترقي پسند ۽ رجعت پسند ثقافتن جو عظيم ترين ٽڪر آهي.
    اسان هن وقت جنگ جي حالتن ۾ آهيون. جنگ جيڪا “ٻن تهذيبن” جي جنگ بڻجي چڪي آهي. منهنجا دانشور، منهنجا سڄاڻ اديبو، منهنجا سڄاڻ ليکڪو، شاعرو، دانشورو هيءَ جنگ اسان جي درن ۽ گهرن ۾ گهڙي آئي آهي. اسان قلم ڌڻي آهيون ۽ هنن وٽ ڪهاڙي آهي. اسان وٽ سچ آهي ، هُنن وٽ ڪوڙ آهي. اچو ته سچ جو ساٿ ڏيون.اچو ته ڪوڙ کي ڪيرايون. اچو ته ڪوڙي سسٽم کي ڪيرايون. اچو ته ان واريءَ جي ڪوٽ کي ڌڪو ڏيون . هي اسان توهان سڀني جي بقا جو سوال آهي. هي فقط شائسته عالماڻي جي ڪهاڻي ناهي. ٻڌو ٿا، منهنجو سڏ ته ورنايو !


    عوامي آواز ڪراچي


    • امادو ڊيالو ۽ آمريڪا ۾ ٿيل تازي دهشتگردي

    امادو ڊيالو، (1999، 1975) چوٿين فيبروري 1999ع، وقت اڌ رات، نيويارڪ جي هڪ هيٺئين درجي جي علائقي برانڪس (Bronx) ۾، پنهنجي گهر جي دروازي تي بيٺل، ڪاري رنگ جي آفريقي نزاد نوجوان، امادو ڊيالو تي چئن گوري رنگ جي “ فرض شناس” پوليس آفيسرن ايڪيتاليهه گوليون هلايون جن مان اڻويهه گوليون نوجوان جي جسم جي مختلف حصن ۾ پيوست ٿي ويون ۽امادو ڊيالو پنهنجي گهر جي دروازي وٽ ڍير ٿي ويو.
    امادو ڊيالو جي جڏهن تلاشي ورتي وئي ته سندس هٿ جي ڀرسان هڪ بٽون(WALLET) مليو.ڪارو بٽون ، جنهن کي پوليس آفيسرن پستول سمجهي مٿائنس ايڪيتاليهه گوليون هلايون هيون.چئن گورن پوليس آفيسرن تي هڪ الباني، نيويارڪ جي ڪورٽ ۾ هڪ معصوم بي گناهه ڪاري نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس هليو. ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چئن ئي پوليس آفيسرن کي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو. ٽيبل تي ڪاٺ جو هٿوڙو هڻي چوويهه ڀيرا(NOT GUILTY) جي جج فتوا ڏني.
    فتوا ٻڌڻ کان پوءِ هڪ شخص پنهنجي معصوم ٻار کي هوا ۾ بلند ڪندي سندس رنگ ڏانهن اشارو ڪندي ڪورٽ کي ٻڌائيندي رڙ ڪئي. “هن کي به گوليون هڻي پروڻ ڪري ڇڏيو.”
    اتفاق سان جنهن ڏينهن اها فتوا آئي هئي تڏهن مان به واشنگٽن ۾ موجود هئس ۽ پياري دوست، ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي ڪرتي ڌرتي منور لغاري سان گڏ هئس. ٽي وي تي فيصلي جي جواب ۾ سياسي ليڊرن جا رمارڪس ٻڌي رهيا هئاسون. هڪڙي ليڊر شارپٽن(SHARPTON)واهه جو رمارڪ ڏنو. هن چيو ته گوري ماڻهوءَ جي هٿ ۾ بٽون لڳندو آهي ۽ پر ڪاري ماڻهوءَ جي هٿ ۾ بٽرن “پستول” لڳندو آهي. ڪورٽ روم ۾ موجود امادو ڊيالو جي امڙ، ڪاڊياٽو ڊيالو(KADIATOU DIALLO) نماڻين اکين مان ڳوڙها ڳاڙهيندي ڪورٽ مان ٻاهر نڪتي. هوءِ ڄاڻي واڻي چئن گورن “فرض شناس” پوليس آفيسرن ۽ سندس زالن ۽ ٻارن کان اکيون چورائي ٻاهر نڪتي. ٽي وي وارا سندس ڪڍ ڀڳا پر هن تيستائين ٻڙڪ نه ٻولي جيستائين هوءِ هوٽل جي ڪمري تائين نه پهتي. تڏهن هن فقط اهو چيو “ ڪنهن به انسان جي اولاد کي اهڙي طريقي سان نه مارجي”. ڇا پنهنجي گهر جي دروازي تي بيهڻ به ڏوهه آهي هن جو ڏوهه اهو هو ته هو گهر اچي رهيو هو. ٽائيم ميگزين کي انٽرويو ڏيندي امڙ پنهنجي اسرندڙ ۽ اڀرندڙ پٽ لاءِ چيو؛
    منهنجو پٽ فرمانبردار هو. سندس منهن تي سدائين مرڪ هوندي هئي. هن ڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه پهچايو هو. هن پنهنجو پاڻ قرآن پڙهڻ شروع ڪيو هو. هو پنج وقت نماز پڙهندو هو ۽ مڪي ڏانهن منهن ڪر سجدا ڪندو هو.امادو جو پيءُ سائيڪو (SAIKU) جو ڪاروبار ٿائيلينڊ ۽ سينگاپور ۾ به هو، پر امادو جو آمريڪا سان بيحد پيار هو. هو آمريڪي سڏائڻ ۽ آمريڪي هجڻ تي فخر ڪندو هو.ڊيالو کي پنهنجي گهر جي دروازي تي بيهڻ جي ڏوهه ۾ جن چئن گورن پوليس آفيسرن گوليون هلايون ۽ ڪنهن ڪيتريون هلايون تن جا تفصيل به مون وٽ نوٽ آهن.
    (EDWARD MACMELLON) ايڊورڊ ميڪملان، سورهن گوليون هلايون
    (SEAL CARROL) شان ڪيرول، سورهن گوليون هلايون،
    (RICHARD MURPHY) رچرڊ مري چار گوليون هلايون،
    (KENBTH BOSS) باس پنج گوليون هلايون.
    عدالت سڳوري انهن چئن پوليس آفيسرن کي ڪيس هلڻ کان پوءِ انصاف جو فيصلو ٻڌائيندي کين باعزت ازاد ڪري ڇڏيو. عدالت سڳوري جي فيصلي جي جواب ۾ ڪاري رنگ جي ماڻهن ۽ اقليتن گهڻائي جلسا جلوس ڪڍيا احتجاج ڪيا پر ڊيالو نه موٽي سگهيو نيويارڪ جي ميئر رڊولف جيولياني (RUDOLF GIULIANI) ويتر احتجاج ڪندڙن تي سخت چڙي پيو ۽ ريلي ڪڍندڙن کي بيوقوف سڏيو.
    اسانکي نيويارڪ ۽ واشنگٽن جي تازن واقعن ۾ مري ويل بي ڏوهه انسانن جو بي حد افسوس آهي. شايد رڊولف جيولياني کي به ضروري ڏک ٿيو هوندو!


    عوامي آواز 19 سيپٽمبر2001ع


    • ڪراچيءَ جي نئين چونڊيل ناظم نالي

    اسان ڪراچيءَ جي نئين چونڊيل ناظم جناب نعمت الله خان ائڊووڪيٽ کي ڪلاچيءَ واري مهاڻن جي شهر جو ناظم چونڊجڻ تي ڀيلڪار چئون ٿا، خوش آمديد چئون ٿا. پهرئين قدم جي طور تي مان نعمت الله خان جي ان ڳالهه کان ڏاڍو متاثر آهيان، ڏاڍو خوش آهيان جو هو صاحب سڌريل جمهوري ملڪن جي روش جيان پنهنجي مخالف ۽ هارايل اميدوار جناب تاج حيدر جي گهر هلي ويو ۽ ڪراچيءَ شهر کي ترقي وٺائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو عزم ورجايو. سندس اهو عمل ساراهڻ جوڳو آهي اميد ڪجي ٿي ته هو اڳتي هلي رنگ، نسل، مذهبي متڀيد، لساني جهيڙن، تنگ نظر طريقن کان هٽي، ڪراچي ۾ رهندڙ هر طبقي جي برابري جي اصول تي خدمت ڪندو. اسان چاهيون ٿا ته هو صاحب، جي ڪراچيءَ کي اڳتي نه وڌائي سگهي ته ڀلا پٺتي موٽائي اچي، اهي پويان پير ئي ڀلا جڏهن ڪراچيءَ جا روڊ رستا راتين جو ڌوپيا هئا. جڏهن ڪراچي راتين جو جاڳندي هئي، جڏهن ڪراچيءَ کي رتبو حاصل هو Karachi By Night يا ڪراچي راتين جا جاڳندڙ شهر جڏهن ڪراچيءَ ۾ عقيدن، مذهبن جي نالي تي مسجدن ۽ امام باڙن ۾ قتل ۽ خونريزيون نه هونديون هيون، جڏهن ڪراچيءَ ۾ ڦرون ڌاڙا ۽ اغوائون نه هونديون هيون جڏهن ڪراچيءَ ۾ جبري چندا وصول نه ٿيندا هئا. جڏهن ڪراچيءَ جي ماما پارسي ۽ گرامر اسڪولن ۾ پڙهندڙ نياڻيون اسڪرٽ پائي اسڪول وينديون هيون، پر انهن تي برين نظرن وجهڻ وارا نه هوندا هئا، جڏهن ڪراچيءَ ۾ ميخانا هئا، نائٽ ڪلب هئا، انهن ميخانن ۽ نائٽ ڪلبن جي اندر زندگي هوندي هئي. خوشيون هونديون هيون، پر انهن جو اظهار سڙڪن ۽ روڊن رستن تي نه هوندو هو. پوءِ اسلام جي جوشيلن اهي وٿاڻ ويران ڪري ڇڏيا ۽ انهيءَ جي جاءِ ته هينئر هر روڊ، هر رستي جي ڪنهن گٽر يا ڪچري دانن جي ڀرسان غليظ ۽ گدلا هيرونئي چوڪڙيون ٺاهي پنهنجي ليکي وڏي رازداريءَ سان هيروئن پيئن ٿا. جن کي هر ايندڙ ويندڙ ڏسندو ۽ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندو اڳتي وڌي ٿو. ٻيو ته ٺهيو پر اسڪولن جا معصوم ٻارڙا ۽ نياڻيون به اهو تماشو روز ڏسن ٿا. جنهن کي اعتبار نه اچي ته اهي اردو بازار سامهون، گورنمينٽ وومين ڪاليج جي ڀرسان پيل ڪچري دانن ڀرسان هيروئنن جا پرڪار ڏسي.
    منهنجي جان بخشي ٿئي ته مان ائين چوندس ته پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف قتل، هيروئني ڪلچر جو انقلابي قدم اسلام جي وڏي علمبردار “شهيد” ضياءَ الحق کنيو. ماشاءِالله سندس پوک واهه جو ڦلدار ٿي آهي. اڄ هيروئن جو، ڪلاشنڪوف جو ڪاروبار اوجن تي آهي ۽ اهو سڀڪجهه اسلام جي عظيم نالي جي آڙ ۾ ٿيو آهي. ڇا ته اسلام جي هن خدمت ڪئي هئي. ڪراچيءَ جي ڪلچر تي شايد مونکي ڪيئي ڪالم لکڻا پوندا، پر اڄوڪي ڪالم جي پڄاڻي مان آچر 12 آگسٽ جي انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيل هڪ ڏکايل ماءُ پاران ڇپايل هڪ خط سان ڪريان ٿو. هي خط هزارين لکين مائرن جي فرياد ۽ فرياد جي موٽ ۾ نه ٿيندڙ انصاف جي عڪاسي ڪري ٿو............................
    منهنجي پٽ شاڪر لطيف 29 جولاءِ تي ڀُنگ خاطر قتل ڪيو ويو. هن وقت مان مامتا واري اڻ ميي درد جي طوفان مان گذري رهي آهيان. منهنجو پٽ ٽيويهن سالن جو ڳڀرو نوجوان هو، جيڪو لنڊن مان بيريسٽري پاس ڪري تازو موٽيو هو. منهنجي اولاد فقط اهوئي اڪيلو پٽ هو، جيڪو نهايت ئي صالح ۽ فرمان بردار هو. هو امڙ جي اکين جو ٺار هو، جيڪو وڏو ٿي مون کي ۽ قوم کي وڏا سک بخشي ها. هن کي وڏيون شڀ ڪامنائون هيون، هو وڏيون آسون ۽ اميدون کڻي سڦلتا جي سفر تي نڪتو هو، جيڪو سفر منزل ماڻڻ کان اڳ قاتلن اڻ پورو بڻائي ڇڏيو، هو نرم دل ۽ نرم مزاج هو ۽ ونڊڻ لاءِ مرڪن جي وٽس کوٽ نه هئي. مان هاڻ اڪيلائپ ۾ سندس شرير ۽ چلولي مرڪ جي تصوير ۾ جيان ٿي.
    منهنجي پاڙيسري امجد ملڪ کيس اغوا ڪيو ۽ زهر پياري ماريو. اڃان هن ڀُنگ جي گهر به نه ڪئي هئي. منهنجي سدا مرڪندڙ پٽ جو لاش سندس ئي ڪار جي ڊڪي مان پوليس جي تفتيش جي نتيجي ۾ ڇهن ڏينهن کانپوءِ مليو. پوليس پاران اها به خبر پئي ته هن قاتل جي اها نه ته پهرين واردات آهي ۽ نه آخري.
    منهنجو ڏک وسرڻ جو نه آهي پر مون کي فقط ايترو آسرو کپي ته منهنجي پٽ جو قتل اڪارتو نه ويندو. منهنجي پٽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي آهي جانيون بچائي ورتيون جيڪي هن قاتل کي وٺڻيون هيون.
    منهنجي نظر ۾ شاڪر شهيد آهي. پنهنجي پيڙهي جي ٻين نوجوانن جي برعڪس هو انگلينڊ ۾ بهترين ملازمتن جون ڪيئي آڇون ٺڪرائي، منهنجي مخالفت جي باوجود ملڪ موٽي آيو. سندس عقيدو هو ته منهنجي وطن کي منهنجي وچن جو ويساهه آهي مان اهو وچن پورو ڪندس، مان پنهنجي وطن جي خدمت ڪندس. هاڻ مان پنهنجي حڪومت کان اهو پڇڻ ٿي گهران ته ڇا هن ملڪ جو عدالتي نظام سندس عزم جو ڀرم رکندو؟ ڊڄان ٿي ته هي نظام منهنجي پٽ جي ملڪي خدمت واري وچن ۽ عزم جو ڀرم نه رکي سگهندو ۽ اڳتي ڪا ماءُ پنهنجي اولاد کي وطن جي خدمت واري جذبي ۽ پرڏيهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ موٽڻ جي اجازت نه ڏيندي.
    اخبار رستي مان حڪومت کي اپيل ٿي ڪريان ته منهنجي ڳڀرو پٽ جي قاتل کي موت جي سزا ملڻ کپي ۽ ترت ملڻ کپي. اهو قاتل جڏهن چوٿين آگسٽ تي پنهنجي گهر هڪ دعوت ۽ ٽهڪڙن جي محلفن ۾ خوش هو عين تنهن وقت منهنجي پٽ جي لاش سندس ڪار جي ڊڪي ۾ پيل هو.
    رحم جا ڪا به گنجائش ڪانهي امجد ملڪ کي بنا دير ڦاسيءَ تي ٽنگيون وڃي. اهڙي قدم سان شايد اڳتي قاتلن ۾ ڪجهه خوف پيدا ٿئي ۽ ائين نه سمجهن ته سندس هٿ قانون جي پهچ کان مٿي آهن. جيڪڏهن هن قاتل جي ترت ڦاهي اچڻ سان هڪ قتل ۾ به ڪمي آئي ته مان سمجهنديس ته منهنجي پٽ جو قتل اڪارتو نه ويو.
    مسز شهناز لطيف...............
    جناب نعمت الله صاحب، هيءَ ڪٿا هڪ ماءُ جي نه آهي اها ڪٿا الائي ڪيترين مائرن جي آهي جن جون جهوليون قاتلن جي گولين اجاڙي ڇڏيون آهن. الله اوهان جو مددگار ٿيندو.

    عوامي آواز ڪراچي 15 فيبروري 2001ع


    • حق موجود

    هن ڀيري به هميشهه وانگر سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري ۾ ويس. سچل تي ٿيندڙ ان ڪانفرنس ۽ ادبي ميڙن جي به پراڻي تاريخ آهي. جنهن ۾ خيرپور جي مشهور شخصيتن جي محنتن کي وسارڻ نه گهرجي، ڇو ته هي ڪالم سچل تي ٿيندڙ ادبي ميڙن جي باري ۾ ڪو تحقيقي ڪالم نه پر حوالي طور تي هڪ اشارو آهي، ان لاءِ چند نالن ڳڻائڻ ۾ جيڪڏهن ڪو اهم نالو رهجي وڃي ته ڪو دل ۾ نه ڪري، سچل جي ادبي ڪانفرنس جو رواج وجهڻ ۽ ان کي ڪاميابي تائين رسائڻ ۾ جن شخصيتن جو هٿ آهي تن ۾ سائين باقر علي شاهه (ڪامريڊ) سائين هادي بخش لاڙڪ (مرهيات) سائين غوث علي شاهه، سائين قائم علي شاهه، تنوير عباسي ( مان کيس مرهيات نه چوندس ) جو وڏو هٿ رهيو آهي.سچل جي ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس جون ڪجهه روايتون قائم ٿيل آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ سٺيون آهن. مثال طور حڪومت ڪنهنجي به هجي ڪهڙي به هجي سول هجي يا فوجي، سچل سائين جي عرس جي موقعي تي هميشه سنڌ جو گورنر ئي چادر چاڙهيندو آهي پوءِ ان موقعي تي سچل جا فقير ۽ راڳي روايتي ڪالم ڳائي گورنرجي آڌر ڀاءُ سچل جي ڪلام سان ڪندا آهن.
    مک کول ديدار وکا_ مين آيا مک ويکڻ
    گيڙو ڪپڙا پهري، چمٽن ۽ چپڙين جي موسيقي تي سچل جي صوفياڻن ۽ مست ڪندڙ ڪلامن تي جهمريون هڻندڙ راڳين جي جهرمٽ ۾ سنڌ جو گورنر چادر چاڙهيندو آهي. پهرين رات عاليشان محفل موسيقي ٿيندي آهي جنهن ۾ سموري سنڌ جا مشهور ڳائڻا ۽ ڳائڻيون پنهنجي عشق ۽ فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ادب، تحقيق ۽ ڳائڻ جي ميدان ۾ مشهور شخصيتن کي ايوارڊ ۽ انعام اڪرام ڏنا ويندا آهن. ۽ هر سال 15 هين رمضان جي ڏينهن جو سچل جي شاعري تي تحقيقي مقالن جون نشستون ٿينديون آهن. جن ۾ سنڌ جا مشهور محقق اديب ۽ عالم پنهنجا تحقيقي مضمون ۽ مقالا پيش ڪندا آهن. اهڙين اهم شخصيتن ۾ هڪ وري به خيرپور جي مرحوم ٿيل شخصيت جو نالو نه وٺڻ وڏي زيادتي ٿيندي ۽ اهو اهم، امر نه وسرندڙ “مٺڙو” ۽ “ ظالم” نالو آهي استاد عطا محمد حامي جو. استاد عطا محمد حامي کي مون “ مٺڙو” ۽ “ظالم” ڇو سڏيو آهي اها خيرپورين کي ئي خبر هوندي باقي جيڪي نه ٿا ڄاڻن انهن جي ڄاڻ لاءِ کڻي ٻڌائجي ته اهي ٻه لفظ استاد حامي جا تڪيو ڪلام هوندا هئا هر ملڻ واري کي هو “ظالم” سڏيندو هو.
    استاد حامي پاڻ صوفي پاڻ عاشق مزاج ۽ بهترين شاعر هو ۽ سچل جو وڏو شارح هو. تازو خيرپور جا جيڪي اهم شخصيتون ۽ سچل سان واسطي سبب به جن جو ذڪر ضروري آهي اسان کان الڳ ٿيون آهن جن جو هونئن ته هر وقت ڏک ۽ احساس هوندو آهي پر سچل جي ادبي ڪانفرنس ۾ انهن کي نه ڏسي ڇُٽل زخم اکڙي پوندا آهن ۽ سور سر کڻي بيهندا آهن انهن ۾ سنڌي ادب جو ٿنڀو تنوير عباسي هڪ وڏي ۽ اهم ترين شخصيت آهي. ٻيو آهي محمد علي حداد، جيڪو سچل تي پڙهيل مقالن ۽ شعرن کي سهيڙي سموهي سرمست شمارو ڪڍندو هو. ڏاڍو يار ويس ملنسار، پڙهيل ڳڙهيل ۽ پنهنجي ڪم جو ماهر ۽ برجستو هوندو هو. هن سال جيڪو هڪ ٻيو خيرپور جو شاعر اسان کان جدا ٿي ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو سچل جي مشاعري ۾ ان جي شديد ڪمي محسوس ٿي سو دنوي طور تي مفلس ۽ ڪنگال هو پر جنهن جو من ۽ ذهن علم، ادب ۽ آدرش سان مالا مال هئا. سو آهي منهنجو دوست ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ عنايت بلوچ جو دوست ۽ اصل ۾ منهنجي بابا غلام نبي اداسي جو دوست، اميد خيرپوري، جنهن کي “قطعن” يا چوسٽن جو بادشاهه شاعر تصور ڪيو ويندو آهي. ڏک ۾ بک ۾ هن جي منهن تان ڪڏهن مرڪ غائب نه ٿي. سندس زندهه دلي ۾ ڪو فرق نه پيو. اميد خيرپوري تي مان عوامي آواز ۾ اڳ ۾ به هڪ ڪالم لکي چڪو آهيان. ڪنهن پڙهيو، ڪنهن نه پڙهيو. مان چاهيان ٿو ته مان پنهنجي وڇڙيل يار جو هڪ چو سٽو ٻيهر به توهان کي ٻڌائي ڇڏيان. ٻڌو:

    فضول چوندا ڪڏهن ڪو حرف نه آهيون اسين
    خريد زر تي ڪندا ڪو شرف نه آهيون اسين
    وسئون ٿا هڪڙي طرف، چئو طرف نه آهيون اسين
    غريب آهيون مگر ڪم، ظرف نه آهيون اسين

    ٽي اديب جن جون مون ذڪر ڪيو، يعني تنوير عباسي، محمدعلي حداد ۽ اميد خيرپوري انهن جي وڃڻ جو ڏک آهي. افسوس آهي. خاص طور تي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو خال ته مشڪل سان ڀرجي سگهبو، پر تڏهن به هڪ آس آهي هڪ وقت آهي ته خيرپور جي ئي ميدان تي، خيرپور جي ئي اسٽيج تي جيڪي ٽي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ اديب اڀريا آهن. جن سچل جي ادبي ڪانفرنس کي سنڀالي ورتو آهي. جن مان اسانکي وڏيون آسون، آسرا ۽ اميدون آهن.جيڪي جديد ۽ سڄر سوچ جا مالڪ آهن ٽيئي بهترين شاعر آهن سٺي اخلاق جا مالڪ آهن سي آهن اسان جا يار ادل سومرو، اياز گل ۽ مختيار ملڪ، ٽيئي نوجوان آهن جن مان ٻن جو تعليم ۽ تدريس سان تعلق آهي ۽ ٽئين جو تعلق نشريات سان آهي. ٽيئي ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن ۽ سيڪريٽري جنرل رهيا آهن. ادل سومرو هن وقت به سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي. اسان کي قوي اميد آهي ته اهي اسان جا نوجوان دوست سچل جي ادبي ڪانفرنس کي سنڀالي وٺندا. خيرپور کي سنڀالي وٺندا ۽ سنڌي ادب کي سنڀالي وٺندا.
    مون چاهيو نه هو ته ڪو هي ڪالم ايترو ڊگهو ٿي وڃي. پوءِ جڏهن ڳالهه خيرپور جي هلي جيڪو ضلعو منهنجي جنم ڀومي آهي. منهنجي تعليم وٺڻ جو هنڌ آهي اتي جيڪڏهن ٿوري ڊيگهه ٿي وڃي ته پڙهندڙ ٿوري درگذر کان ڪم وٺن.
    اخبارن لکيو ته خيرپور ۾ هن ڀيري سچل آڊيٽوريم ۾ ٿيل مشاعرو ڊگهو ٿي ويو. اٽڪل هڪ سوستر شاعرن مشاعري ۾ شعر پڙهيو مشاعرو رات جو ڏهين وڳي شروع ٿيو جيڪو صبح جو چئين ڌاران پورو ٿيو. گهڻائي مقامي شاعرن جي هئي جن ۾ گهڻا ئي ناپخته شاعرن جي هئي. آئنده مشاعرن لاءِ ادل، اياز ۽ مختيار کي سوچڻو پوندو ته ٻڌندڙن جي ذهني دٻاءَ کي گهٽائڻ لاءِ مشاعري ۾ شاعرن جو تعداد ڪهڙي ريت گهٽ ڪري سگهجي ٿو. جيئن اسان جي نوجوان شاعرن جي دل آزادي به نه ٿئي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هن ڀيري جيڪو مون نظم سچل جي مشاعري ۾ پڙهيو هو سو پيش ڪجي ٿو.
    دهشت گردي جي نئين تشريح:




    سچل تنهنجو سچ چوڻ ڀي دهشت گردي آهي
    انا الحق اعلان ڪرڻ ڀي دهشت گردي آهي
    ڪوڙ، هنر ۽ حرفت کان ڏس، سچل سچ هارايو
    هاڻ ته سچ جو ساٿ ڏيڻ ڀي دهشت گردي آهي
    بي ففٽي بمبارن سان هو بي ڏوهن کي بم هڻن
    ماروئڙن لئي مينهن ڏهڻ ڀي دهشتگردي آهي.
    تن جون ڇوريون، انگ اگهاڙيون، ڇيڪ ڇڙيو ڏين ڇال
    گهر واريءَ سان پنهنجو سمهڻ ڀي دهشتگردي آهي
    الزامن جي اوڙاهن مان پاڻ بچائي نڪتس
    الزامن کان پاڪ رهڻ ڀي دهشت گردي آهي
    جنگ هنن لئي جنت آهي، ماڻهو مارڻ امن
    مسڪينن جو مرڻ جيئڻ ڀي دهشتگردي آهي
    ريال روپئي کي پائونڊ ۽ ڊالر ماري ماري ماريو
    ڊالر پائونڊ کي پٺ ڏيڻ ڀي دهشتگردي آهي
    ملن کي معلوم ئي ناهي ڇا کي چئبو آهي جهاد
    لاعملن سان گڏ رهڻ ڀي دشهتگردي آهي
    گندرف جي بدبوءِ ۾ يارو رات جي راڻي ڪيئن ٽڙي
    خوشبوءِ جو احساس رکڻ ڀي دهشتگردي آهي
    هاڻ هدايت بند ڪر بڪ بڪ اچين نه تون ڪنهن ايڪٽ ۾
    هن مضمون تي شعر لکڻ ڀي دهشتگردي آهي

    عوامي آواز اربع 5 ڊسمبر 2001ع


    • اُميد خيرپوري منهنجو يار

    اصل بابا غلام نبي “اداسي” جو تمام گهاٽو يار هو. بابا سائين، انهي تر ۾ ۽ سنڌ جو وڏو صاحب طرز ۽ پختو شاعر ڳڻيو ويندو هو تنهن زماني ۾ طرحي مشاعرن جو گهڻو رواج هوندو هو. سيد غوث علي شاهه جي ڳوٺ ڳاڙهي موري ۾ مشاعرا ٿيندا هئا جن ۾ سليم ڳاڙهوي، نديم انصاري، حباب، عزيز ڳاڙهوي، خادم رفيقي، حافظ اسلم مهيسر، بابا غلام نبي اداسي، ادا عنايت بلوچ ۽ مان ننڍڙو شعرن پڙهڻ کان سواءِ به مشاعرن ۾ موجود هوندو هوس. انهن سڀني مشاعرن ۾ اميد خيرپوري هميشه حاضر هوندو هو. اهي مشاعرا واري ڦيري سان رفيق مهيسرن ۽ خيرپور ۾ بچل شاهه جي پاڙي ۾ ٿيندا رهندا هئا. اميد خيرپوري، خيرپور جي بچل شاهه جي پاڙي ۾ رهندو. خطن لکڻ لاءِ سندس ائڊريس هوندي هئي. اميد خيرپوري، بچل شاهه جو پاڙو، خيرپور.
    بچل شاهه جي پاڙي ۾ گهڻو ڪري سنڌي، اردو گڏيل مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. جن جي اسٽيج اميد خيرپوري پاڻ سنڀاليندو هو. انهن مشاعرن ۾ اڪثر تنوير عباسي، استاد عطا محمد حامي ۽ محمد علي حداد به شريڪ ٿيندا هئا. بابا سائين سان گڏ، اُميد جي، ادا عنايت ۽ مون سان به تمام گهڻي پريت هوندي هئي. اسان ٻئي اڃا پڙهندا هئاسين. پرائمري، مڊل هاءِ، اسڪول، يونيورسٽي. انهيءَ سموري عرصي ۾ اسان جي دوستي قائم رهي. ائين چئجي ته اسان جي گهري دوستي ۾ ٻن ڳالهين جو دخل هو. سندس دوست جا پٽ هئاسون ۽ شاعر هئاسون. بابا سائين جي لاڏاڻي کانپوءِ اميد خيرپوري جو وڌ ۾ وڌ مان ئي دوست هوس. مون پنهنجي زندگي جي سموري تجربي ۾ ٻه اديب ۽ شاعر اهڙا ڏٺا آهن جيڪي تنگ دست ۽ مفلس هجڻ جي باوجود هميشه کلمک ۽ خود دار رهيا آهن. ۽ ڪڏهن يارن دوستن سان پنهنجي تنگدستي ۽ مفلسي جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ گهر ۾ چلهه ۾ ٽمڪو هجي نه هجي. کيسي ۾ ٻه روپيا آهن يا ناهن پر محفل ۾ ويهبو ته کل ڀوڳ، مشڪري، زنده دلي، لکا ئي نه پوندي ته ڪو مفلسي سندن اندر ۾ کاٽ هڻي چڪي آهي. اهي آهن اميد خيرپوريءَ ۽ شمشير حيدري، ٻئي نهايت خود دار ۽ کلمک، انهن ٻنهي کي منجهائيندڙ مفلسي جي باوجود مون ڪڏهن ڪنهن وٽ هٿ ٽنگيندي نه ڏٺو.
    اميد خيرپوري جو مون پنهنجي هر هڪ انٽرويو ۾ ذڪر ڪيو آهي اردو اخبارن، رسالن کان وٺي سنڌي ۽ انگريزي انٽرويوز ۾ مون جيڪا ڳالهه ورجائي ورجائي چئي آهي اها هيءَ آهي. اميد خيرپوري سنڌي ۾ شاعري ڪندو هو. فارسي ۽ عربي لفظن ٽنبڻ جي سخت خلاف هو. مثال طور ڪنهن رسالي ۾ فوت ٿي ويل اديبن جي تذڪري لاءِ هن عنوان سان هڪ جاءِ مخصوص هوندي هئي. “ياد رفتگان” اهڙن لفظن کان اميد کي سخت چڙ هوندي هئي چوندو هو هدايت ڀلا ان جاءِ تي “هوندا سي حيات” يا “مري ٿيا نه مات” ڪهڙا نه سهڻا عنوان آهن. پوءِ ياد رفتگان ڇو؟
    ٻيو ته اميد زير اضافت کان به سخت چڙندو هو ۽ چوندو هو سنڌي شاعري ۾ زير اضافت جي اجازت ناهي. هو غزل ۽ قطعي جو بادشاهه هو سندس خوبي ۽ خوب صورتي اها هئي ته هو تز ۽ نج سنڌي ٻولي استعمال ڪندو هو جنهن ۾ عربي، فارسي توڙي هندي ۽ زير اضافت جو استعمال نه هوندو هو. اهي ڳالهيون مان اميد جي صحبت ۾ سکيس جن جو اعتراف مان اڳي ئي ڪيترن هنڌن تي ڪري چڪو آهان. ٻي ڳالهه آهي. علم عروض جو وزن، بحر جي، جنهن ۾ اميد ڪڏهن ڪا به غلطي نه ڪندو هو. سچ پچ ته هن وقت سنڌي شاعري ۾ مان انتهائي وڏا ۽ اهم نالا ڳڻائي سگهان ٿو جنهن کي علم عروض ۽ بحر وزن جي گهڻي خبر نه ٿي پوي پر هي دور ئي انٽرنيٽ جو آهي جتي گرامر کان سواءِ غلط انگريزي کي غلط نه ٿو سمجهيو وڃي. نثري نظمن جو دور آهي. هن وقت عروض ۽ بحر وزن جي ڳالهه ڪرڻ ئي ڄڻ پاڻ کلائڻ برابر آهي.
    اميد ڏاڍو مفلس هو. سچ پچ ڏاڍو تنگدست هو. اڃان جڏهن سندس شادي به نه ٿي هئي ته مان کيس چوندو هوس. اميد تنهنجي ڪافي عمر ٿي وئي آهي هاڻي شادي ڪري ڇڏ. ته چوندو هو “يار هدايت ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. تيز هو جو ڪو جهوٽو ٿو هلي ته پنهنجو گهر جا پڃر طاهر شاهه جي گهران ٿا کڻي اچون، زال وٺي اچان ته پهرين ڏينهن ڪجهه اهڙي قسم جو حال ٿيندو. پاڙي واري ڪائي مائي ايندي ۽ گهر جي در تي اچي جهيڙو ڪندي ۽ چوندي، ادي توهان اڌارو اٽو وٺي ويا هئو ايترا ڏينهن گذري ويا آهن اڃا اٽو نه موٽايو اٿو هاڻي جلدي ڪريو اٽو موٽائي ڏيو.” هدايت ٻڌاءِ ته انهن افعالن تي شادي ڪريان. خير پوءِ شادي به ٿي ٻار به ڄاوا ۽ طلاق به ٿي وئي. مون کي خبر ناهي ته طلاق جا ڪهڙا ڪارڻ هوندا پر مفلسي جو ظاهر آهي ته دخل ضرور هوندو.
    ڪڏهن سندس اوطاڦڙي ۾ ويندو هوس ته گهران چانور کڻي ايندو هو. چوندو هو هدايت کاءُ. چانور ڪي اچي قسم جا نه هوندا هئا ٻاڪڙ هوندا هئا پوءِ پڇندو هو. ڏي خبر هدايت چانور ڪيئن آهن. مان مروت ۾ چوندو هوس سٺا آهن. ته کلي پوندو هو. چوندو هو ٽيٽڪ (گلول) ۾ وجهي هڻ ته ڳيرو مري پوي. مون کي خيرپور ڇڏئي به ٽيهارو سال ٿي چڪا آهن. پر اميد سان رابطو ڪڏهن به نه ٽٽو هڪ ته سچل سرمست جي ميلي جي موقعي تي مشاعرن ۾ هميشه گڏ هوندا هئاسون يعني سال ۾ اها هڪ گڏجاڻي ته اڻ ٽٽ هوندي هئي. باقي، عيدن براتن، مرڻي پرڻي ڪڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته اميد سان ضرور ملاقات ٿيندي هئي.
    سندس شاعري مجموعو به ڇپجڻ وارو هو. مون کي خط لکيو هئائين ته مان مٿس ڪجهه لکان گهڻو اڳ مونکي پنهنجي شاعري جي ڪتاب جو نالو به ٻڌايو هئائين “منهنجي مٿي ماري” بهرحال مون کان لکيو نه ٿيو. مان جيڪو پنهنجو مجموعو اڄ ڏينهن تائين ڇپرائي نه سگهيو آهيان سو سُسُتي باعث اميد تي به نه لکي سگهيس. خبر ناهي ته هيئنر سندس مجموعو ڪٿي ۽ ڪنهن حالت ۾ هوندو سندس پٽ يا پونئير جيڪڏهن منهنجو هي ڪالم پڙهن ته کين گذارش آهي ته سندس ڪلام منهنجو حوالي ڪن جنهن جي ڇپائڻ ۽ مهورت جو بندوبست مان ڪندس. استاد حامي، تنوير عباسي، محمد علي حداد ۽ هاڻي اميد خيرپوري کانپوءِ ائين لکي رهيو آهي ڄڻ خيرپور اسان لاءِ پنهنجي نه رهي آهي. رب پاڪ مختيار ملڪ، ادل سومري ۽ اياز گل ۽ ٻين دوستن کي سلامت رکي جيڪي ادبي دونهين دکايون ويٺا آهن. آخر ۾ مان منجهي پيو آهيان ته “اميد” جي تعزيت مان ڪنهن سان ڪريان. مان پاڻ تڏو وڇائي ويٺو آهيان ۽ تعزيت وٺڻ لاءِ تيار آهيان. اميد مونکان وڌ ڪنهن جو به نه هو.

    عوامي آواز ڪراچي- جمعو 13 جولاءِ 2001ع


    • دهشتگردي خلاف دهشتگردي

    جمعي جي ڏينهن 28 سيپٽمبر 2001ع، تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل يڪراءِ طور تي آمريڪا پاران پيش ڪيل رٿ منظور ڪئي جنهن کي 15 ميمبر ملڪن گڏيل طور تي منظور ڪيو. توڙي جو مخالف ۾ ڪو به ووٽ ڪو نه ٿيو تڏهن به ڪجهه ميمبرن طرفان ڪجهه سوال اٿاريا ويا جنهن ۾ چيو ويو ته “دهشت گردي” جي تشريح ڪئي وڃي. ڪجهه عرب ملڪن جي نمائندن سوال پڇيا ته ڇا اسرائيل ان ٺهراءُ جو غلط استعمال ڪري فلسطينين تي حملا ڪندو. ٺهراءُ ۾ اها وضاحت به نه ڪئي وئي ته دهشتگردي جي حملن جي جواب ۾ يا دفاع طور تي جيڪي حملا ڪبا ته ڇا اهي به دهشتگردي جي زمري ۾ اچن ٿا.
    بهتر ٿيندو ته اڄوڪي هن ڪالم ۾ اسان دهشتگردي جي بڻ بنياد جي جاچ ڪريون ۽ ڏسون ته دهشت گردي Terrorism جو لفظ پهريان ڪڏهن ۽ ڪٿي ۽ ڪنهن استعمال ڪيو ۽ دهشتگردي جا ٻج پهريان پهريان ڪٿي پوکيا ويا ۽ اهي ڪٿي وڌي وڻ ٿيا.
    فرانسيسي انقلاب (French Revolution) عيسوي سن 1789ع کان سن 1799ع جا ڏهه سال فرانس ۾ دهشت گردي ۽ هنگامه آرائي ۽ ٽوڙ ڦوڙ جا سال هئا. اهو لوئي سورهين (Louis XVI) جو دور هو. جڏهن فرانس ۾ دهشتگردي عروج تي هئي. ان وقت ۾ پڙهيل ڳڙهيل عالمن، دانشورن ۽ اڪابرن جا سر گلوٽين (Guillotine) ۾ ڪٽرايا ويندا هئا. فرانس جي بادشاهه ۽ راڻي جا سر به ان گلوٽين جي حوالي ٿي ويا. ٻيا انقلابي ڏاها ۽ دانشور پڻ گلوٽين حوالي ٿي ويا. انهن ڏهن سالن جي دور کي “دهشت گردي جو دور” يا (Reign of Terror) چيو وڃي ٿو. اها دهشت جي شروعات هئي. گلوٽين مشين، سر ڪٽڻ جي مشين هئي جيڪا فرانس جي انقلابي ڪائونسل جي ميمبر جوزف گلوٽين جي نالي پٺيان سڏي وڃي ٿي.
    دهشت گردي جي شروعات حڪومتي ليڊرن پاران پنهنجي پاور کي طول ۽ طاقت ڏيڻ لاءِ شروع ڪئي وئي.
    1930ع جي ڏهاڪي ۾ جرمنيءَ جو اڊولف هٽلر Adolf Hitler اٽلي جو جينيٽو مسوليني (Genito Mussolini) ۽ روس جو جوزف اسٽالن (Joseph Stalin) دهشتگرد سياست جا وڏا مثال آهن.
    اهڙن دهشتگرد آمر ليڊرن جي ظالماڻي نظامن کي ڊاهڻ ۽ انهن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ انقلابي تحريڪن جنم ورتو. دهشت گردي کي ختم ڪرڻ لاءِ ظاهر آهي ته شرافت جو استعمال ته ناهي. دهشتگرد حڪومتن ۽ بادشاهن جي ظالماڻي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ “انڊر گرائونڊ” انقلابي قوتن پنهنجون تحريڪون هلايون جن پڻ دهشت گردي ذريعي ئي انهن جو خاتمو آندو “گوريلا” جو لفظ پڻ انهي زماني ۾ ڪتب آندو ويو. جڏهن انقلابي دانشورن ۽ ويڙهاڪن پاران “انڊر گرائونڊ” حڪمت عمليون ٺاهيون وينديون هيون. گوريلا جنگي حڪمت عمليون ٺاهيندا هئا. حملو ڪندا هئا. حڪمرانن جو جاني ۽ مالي نقصان ڪندا هئا ۽ پوءِ غائب “انڊر گرائونڊ” ٿي ويندا هئا. 1970ع ڌاران اسرائيل جي وڌندڙ ظلمن ۽ دهشتگردي جي جواب ۾ عرب گوريلن پڻ اهڙيون ڪاروايون شروع ڪيون جيڪي اڃا تائين جاري آهن. پر اها عرب ويڙهاڪن ۽ گوريلن جي جوابي ڪاروائي آهي. اسرائيلي دهشتگردي جي جواب ۾.
    دهشتگردي، جوابي دهشتگردي کي جنم ڏيندي آهي. جنهن جا نالا مختلف ٿي وڃن ٿا. جوابي دهشتگردي کي مسلمان “جهاد” جو نالو ڏين ٿا.
    11 سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيل واقعا به دهشتگردي جا تمام وڏا واقعا آهن جن ۾ هزارين بي ڏوهي معصومن جون جانيون تلف ٿيون. پر جنهن به گروهه اها ڪاروائي ڪئي هوندي انهي پنهنجي اصطلاح ۾ مجاهدانه ڪاروائي ڪئي هوندي جيڪڏهن اها ڪاروائي يهودين جي ٿيل آهي ته اهي به ان کي “جهاد” جهڙو ئي ڪو نالو ڏيندا هوندا. “پنهنجو سر پاڻ وڃائڻ” هروڀرو بغير سبب به ڪوئي ڪو نه وڃائيندو آهي. سر جي ڀلا ڪا قيمت به ٿي سگهي ٿي ڇا؟
    راءِ ڏياچ جيڪڏهن “سُر” تي سِر ڏنو ته به کيس ڪو روحاني راز هو، ڪو وڏو سبب هو جنهن سر سجائي ڏنو.
    دهشتگردي جي سلسلي ۾ اڃا به پوئتي وڃجي ته اها سن 1500 عيسوي ۾ شروع ٿي جڏهن برطانيه، آئرلينڊ تي قبضو ڄمايو. تڏهن کان برطانيه ۽ آئرلينڊ هڪ ٻئي تي دهشتگردي ڪندا رهندا آيا آهن. انهن دهشتگرد حملن ۾ برطانيه ۽ آئرلينڊ جو گهڻو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
    1920ع ۾ آئرلينڊ ٻن ملڪن ۾ روهائجي ويو. جنهن کان پوءِ اترئين آئرلينڊ جي رومن ڪيٿولڪس (Roman Catholic) ۽ پروٽسٽنٽس (Protestants) هڪ ٻئي تي دهشتگرد حملا ڪندا رهيا آهن.
    هن مختصر جائزي ۾ اسان ڏٺو ته دهشتگردي (Terrorism) جنهن جو اڄ ڪلهه ڏاڍو چرچو آهي ۽ عربن، مسلمانن، طالبان ۽ اسامه بن لادن تي وٺ وٺان ٿي وئي آهي، تنهن جا بڻ بڻياد فرانس ۾ شروع ٿيا. اٽلي ۾ شروع ٿيا. جرمني ۾ شروع ٿيا روس ۾ شروع ٿيا. برطانيه ۾ شروع ٿيا. اهي سڀ يورپي ملڪ آهن جيڪي هن وقت گڏيل قومن جي فورمن تي به ڇانيل آهن ۽ پنهنجي مرضي سان ويٺا ٺهراءُ بحال ڪرائن.

    عوامي آواز ڪراچي 03 آڪٽوبر 2001ع


    • ڪرسيءَ جو حقدار ڪير؟

    اليڪشن جي نتيجي اچڻ کان اڳ ئي اخباري تبصرن توڻي ڄاڻو سياسي حلقن جو خيال هو ته ڪا به هڪ سياسي جماعت ايتري اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي جو اها حڪومت ٺاهي سگهي ۽ اهو اقتدار تي قابض “خاڪين” جي سياسي مفادن ۾ به ناهي ان ڪري موجوده حڪمرانن جو “ٽنگيل پارليامينٽ” وارو تصور صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو ويو. ڄاڻو اخباري تبصري نگارن اهو لکيو هو ته مسلم ليگ قائداعظم ليگ کي ٻين پارٽين کان ڪجهه سرس سيٽون ڏنيون وينديون ۽ ٿيو به ائين.
    خير مسلم ليگ (قائداعظم) جي کٽڻ تي ماڻهن کي ڪا خاص حيرت به نه ٿي جو سموري ميڊيا ان کي ڪنگس پارٽي جو لقب ڏئي چڪي آهي. حڪومت جي ساٿ ۽ ناظمن جي نوازش سبب ڪنگز پارٽي جي سرسي تي ڪنهن کي ڪو به تعجب نه ٿيو ۽ خوشي به نه ٿي. البت ٻئي نمبر تي گهڻي کان گهڻيون سيٽون حاصل ڪندڙ پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايڏي وڏي پيماني تي کٽڻ تعجب جي ڳالهه به آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه به آهي. تعجب ان ڪري نه ته ڪو ان پارٽي جون عوام ۾ پاڙون ناهن – اهي ته بالڪل آهن پر منهنجي پياري ديس ۾ “مالڪن” ان پارٽيءَ کي هميشه عذابن ۾ رکيو آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل هجن ۽ جنهنجو منشور جو هڪ رڪن اهو هجي ته “طاقت جو سرچشمو عوام آهي” اندازو ڪريو ته ايشيا بلڪه دنيا جي هڪ ذهين ترين شخص ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي وزيراعظم کي ڦاهي جي ڦندي تي لڙڪايو ويو – ان جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر ان جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس عوامي مقبوليت هئي. عوام سندس پٺيان هو.
    پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو سمورو ڪريڊٽ ان ئي شخص کي سونهين ٿو اهو ته تاريخ جو هڪ الميو ۽ حادثو آهي ته جنهن پاڪستان هندستان جي جواب ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته جنرل ضياء جو پٽيلو هڪ وزيراعظم ڳچيءَ ۾ هار وجهيون ٽرڪن تي هلندو پئي ويو.
    جنهن شخص اهو اعلان ڪيو هو ته اسان گاهه کائينداسين پر بم ضرور ٺاهينداسين تنهن جو نالو ئي وٽي تي نه هو. تڏهن هن وقت جي سڀ کان طبعي طور تي طاقتور ملڪ ۽ هن وقت دهشتگردي خلاف جهنڊو کڻي نڪرندڙ بذات خود وڏي دهشتگرد ملڪ کيس ڦاسي جي تختي تي چاڙهائي ڇڏيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو واقعو هڪ تاريخي الميو هو :
    “گل ڇنو گرنار جو دٻڪي ويا دئار”
    ذوالفقار علي ڀٽي کي طبعي طور تي ضرور ختم ڪيو ويو پر سندس شهرت، سندس پيغام ۽ سندس شخصيت جا پاڇا پاڪستان جي سياست تي سدائين نمودار پئي رهيا آهن. سندس نياڻي محترمه بي نظير ڀٽو ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿي. ان ۾ بينظير ڀٽو جي پنهنجي لياقت سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت جو عنصر به موجود هئو.
    پاڪستاني ايجنسين جي هٿڪنڊن جي باوجود هوءَ ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿي. پاڪستان جو اڳوڻو فوجي سربراهه جنرل اسلم بيگ سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏئي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ ضيا حڪومت، هن تي اهو ڪم رکيو هو ته مختلف سياسي جماعتن ۾ پئسا ورهائي هن سپريم ڪورٽ ۾ اها لسٽ پڻ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ انهن سياسي پارٽين ۾ انهن جي اڳواڻن جا نالا شامل آهن جن کي هن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ پئسا ڏنا ويا هئا. جنرل بيگ چيو ته وٽس رسيدون به موجود آهن. اها لسٽ مون به پڙهي هئي جن ۾ وڏا وڏا نالا هئا هن وقت متحده مجلس عمل جي پليٽ فارم تان کٽي ايندڙ ڪجهه مولوي صاحبان جا نالا پڻ مون پڙهيا هئا. ڳالهه اتان شروع ٿي ته پيپلز پارٽي هن ڀيري جيترو به کٽيو آهي اهو سڀ صحيح، صاف ۽ شفاف نموني ۾ کٽيو آهي ۽ باد مخالف جي باوجود پيپلز پارٽي کي موجوده اليڪشن ۾ مليل ووٽن جو تعداد ته مڙني پارٽين کان مٿي آهي. اهو اعلان “مالڪن” جي پنهنجي اليڪشن ڪميشن جو آهي باقي اسان سنڌ ۾ ڪجهه سيٽن جو جائزو وٺون ٿا ته هر عام ۽ خاص سمجهي ٿو ته اتي پيپلز پارٽي جو اميدوارن کي زبردستي هارايو ويو. ٿر پارڪر، ٺٽي، خيرپور ۽ شڪارپور جي تڪن تي ڇا ٿيو تنهن جو احوال هن وقت ڪرڻ ضروري ناهي. تجزيو اهو ڪرڻ ٿو گهران ته پيپلز پارٽي جي باني قائدعوام ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻن پٽن کي قتل ڪرايو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي والده نصرت ڀٽو هن وقت موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي آهي. بينظير ڀٽو جي مڙس جناب آصف زرداري ايترو ته قيد ڪاٽيو آهي جو قتل جو مجرم به سزا ڪاٽي پوري ڪري نڪري وڃي ها پر هو بغير ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي ڪيترن سالن کان قيد ڪاٽي رهيو آهي. بينظير جا ٻار ڪٿي پاڻ ڪٿي مڙس ڪٿي.
    ايترن ڪيسن ۽ راهه ۾ ايترن ڪنڊن وڇائڻ کان پوءِ به ۽ ڌانڌلين کان پوءِ به اليڪشن ۾ ايتري قدر سرسي مذاق جي ڳالهه ناهي.
    اليڪشن ۾ کٽندڙ ٽيون نمبر گروپ ملن مولوين جي ڇهن جماعتن واري پارٽي متحده مجلس عمل آهي جنهن حُب حسين ۾ نه پر بغض معاويه ۾ کٽيو آهي پر سياسي مبصرن جو اهو چوڻ آهي ته جڏهن اليڪشن مهم دوران ٻين سياسي پارٽين تي اليڪشن مهم هلائڻ تي پابندي هئي ۽ ڪنهن کي به اجازت ڪا نه هئي تڏهن ملن مولوين کي جلسن ڪرڻ جي عام اجازت هئي نه فقط ايترو پر چيو وڃي ٿو ته دهشتگردي جي ۽ ٻين الزامن ۾ قيد ٿيل ملان به اليڪشن مهم دوران آزاد ڪيا ويا.
    ڏاها چون ٿا ته “خاڪي” آمريڪا سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مولوين کي حربي طور استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته اسان جيڪڏهن هليا وياسين ته هي مولوي توهان کي ڏکيا پوندا تنهن ڪري اسان جو رهڻ ضروري آهي. ان اٽڪل ڪم به ڏيکاريو آهي آمريڪا جنرل مشرف کي الڳ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار ناهي.
    منهنجو سياسي تجزيو اهو آهي ته مسلم ليگ (ق) جو اليڪشن کٽڻ ته شفاف ڪنهن به صورت ۾ ناهي ۽ اهڙي طرح متحده مجلس عمل جي کٽڻ ۾ به ڪنهن نه ڪنهن حڪمت عملي جو اشارو ملي ٿو پر انصاف سان ۽ ميرٽ تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ پارٽي کٽيو آهي ته اها آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن کي وڌ ۾ وڌ عوامي ووٽ مليو آهي ان ڪري منهنجي حساب ۾ وزيراعظم جي ڪرسي جي حقدار اها ئي پارٽي آهي. باقي ان لاءِ حڪومت کي به ۽ پارٽي کي به ڪجهه لچڪدار ٿيڻو پوندو. آصف زرداري جنهن وڏي مڙسيءَ سان ۽ جوانمرديءَ سان جيل ڀوڳيو آهي هينئر آزادي سندس حق آهي.
    محترمه بينظير ڀٽو تي قائم ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ کيس وطن واپس ورڻ ڏنو وڃي.

    عوامي آواز ڪراچي – 12 نومبر 2002ع


    • مرڻ تن مشاهدو

    ڪالهه جي هڪ سنڌي اخبار ۾ اسان جي دوست باري منگيءَ جو هڪ خط ڇپيو آهي، جنهن جو عنوان آهي “ارونڌتي راءِ ۽ اسان جا اديب” هن خط ۾ باري منگيءَ شڪايت ڪئي آهي، ته اسان جا اديب فقط لکڻ کان سواءِ ڪوئي عملي ثبوت نه ٿا ڏين ته واقعي “زنده ضمير قوم جا فرد آهيون” ان کان هڪ ڏينهن اڳ مون ساڳي اخبار ۾ اشفاق آزر جو ڪالم پڙهيو جنهن جو عنوان آهي. “ڇا سنڌ کي به ڪا ارونڌتي ملي سگهندي” هن ڪالم ۾ اشفاق آذر پڻ سنڌي اديبن جي ڪردار کي “ارونڌتي راءِ” جي ڪردار سان ڀيٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ٿيو هينئن آهي ته ڀارت ۾ به ڪافي عرصي کان “سردار سروور ڊيم” خلاف مظاهرا ٿيا آهن. اتان جي عام ماڻهن جو خيال آهي ته ان ڊيم جي اڏاوت سان اتان جي خوبصورت وادي “نرمدا وادي” رڻ پٽ ٿي ويندي. اها وادي خوبصورت وهڪري ۽ چراگاهن ۽ قدرتي نظارن سبب ڪافي خوبصورت به آهي ته اتان جي ماڻهن جي معيشت جو دارومدار به ان جي وهڪري سان لاڳاپيل آهي. ڀارت سرڪار پاران “سردار سروور ڊيم” رٿا جي منظوري خلاف جڏهن عوام احتجاج ڪيو ته هڪ باضمير ۽ عملي اديب جيان ارونڌ تي راءِ پاڻ نرمدا وادي وئي ۽ اتان جو سربستو حال احوال ورتو به ڏٺو به ۽ ماڻهن جا رايا ورتا، جنهن کان پوءِ هن هڪ ڊگهو مضمون لکيو The greater common good جنهن ۾ هن ڊيم جي اڏاوت جي نتيجي ۾ تباهه ٿيندڙ “نرمدا وادي” جو ذڪر ڪيو آهي. ان جي نتيجي ۾ اتان جي عوام ۾ ايندڙ بک، بدحالي ۽ بي روزگاري جو ذڪر ڪيو آهي.
    ياد رهي ته هي ارونڌتي راءِ Arundhati Roy اها ئي اديب آهي جنهن “گاڊ آف سمال ٿنگس” God of small things لکيو هو جنهن جي نتيجي ۾ کيس 1997ع جو بوڪر پرائيز Booker Prize مليو هو. جنهن انعام جي سموري رقم هن نرمدا وادي کي بچائڻ واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏي هئي.
    وري تازو ارونڌتي راءِ کي ڀارت جي سپريم ڪورٽ توهين عدالت جي ڏوهه ۾ هڪ ڏينهن جي علامتي قيد جي سزا ٻڌائي. سزا ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن هوءَ تهاڙ جيل مان ٻاهر نڪتي ته سوين مرد ۽ عورتون گلن جا هار کڻي سندس آجيان لاءِ بيٺل هئا. هوءَ ٻاهر نڪتي ۽ ماڻهن جو موهه ڏسي وري هن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته “عام ماڻهن لاءِ مان پنج سو دفعا به جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان” اشفاق آزر نهايت خوبصورت ڪالم لکيو آهي مان چاهيان ٿو ته سندس ڪالم جو هڪ ٽڪرو توهان کي به پڙهايان ڇو ته اشفاق آزر هجي باري منگي هجي يا هدايت بلوچ هجي يا سنڌ جو ڪو ٻيو باضمير شاعر، ڪالم نويس يا ليکڪ هجي مقصد آهي ته سنڌ جي ماڻهن تائين نياپو پهچي.
    “هڪ اديب، هڪ ليکڪ، شاعر سماج جو سمجهو ماڻهو هوندو آهي جيڪو عام ماڻهن جي درد ۽ اذيت کان شديد گهرائي تائين واقف به هوندو آهي ۽ ان کي محسوس به ڪري سگهندو آهي اها ويڙهه جيڪا ارونڌتي راءِ ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ڀارت ۾ وڙهي رهي آهي تنهن جي معمولي جهلڪ به اڄ هتي پاڻ وٽ نظر نه ٿي اچي. پاڻي جو معاملو هتي به ساڳيو آهي هتي به حڪومت گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي سڀاڻي پاڻيءَ جي ورڇ جو ڪو نئون فارمولا به اچي وڃي ته ڪو عجب ناهي، پرينهن سنڌ جي شاخن ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به نه بچندو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي زراعت هڏڪين ۾ هوندي پر ڪو به اهڙو ناهي جيڪو سنڌ جي لاءِ پنج سؤ ته ڇا پر هڪ ڀيرو به جيل وڃڻ جي خواهش ڏيکاري. هن مهل تائين سنڌ ۾ ڪو به منظم اتحاد نه جڙي سگهيو آهي. وڏين گاڏين ۾ گهمندڙ اڪثر سياستدان درياءَ جو خالي پيٽ ڏسي، گاڏين جا شيشا چاڙهي ڇڏين ٿا. اديب، شاعر، ليکڪ نڪ جي سڌ ۾ ڏسڻ کي ئي عافيت سمجهن ٿا ڇو نه چئجي ته انهن مان ڪنهن وٽ ارونڌتي راءِ جهڙي دل ئي ڪانهي.”
    مان ڪافي حد تائين اشفاق آذر جي راءِ سان متفق آهيان. اسان جي سياستدانن جناب رسول بخش پليجي، جناب قادر مگسي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪافي احتجاج ڪيو آهي. قلم ڌڻين به لکڻ کان ڪين گهٽايو آهي. پر قومن جي قسمت ۾ ڪي گهڙيون اهڙيون به اينديون آهن جڏهن لکڻ پڙهڻ کان اڳتي به ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي.
    سنڌي قوم تي اهو وقت اچي ويو آهي جو هاڻي قلم ۽ ڪاڳر کان ڪجهه اڳتي وڌائجي.
    “ديڳين دوڳ ڪڙهن جتي ڪنين ڪڙڪو نه لهي.”
    جو وقت اچي ويو آهي.
    “سولي جنين سيج مرڻ تن مشاهدو.” جو وقت اچي ويو آهي.
    “سڀ رنگينديس رت سين ڪيچان اوري ڀون.” جو وقت اچي ويو آهي.
    وقت اچي ويو آهي جو امڙ سنڌ، جيجل سنڌ، ماتا سنڌ،پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کي چئجي:
    “مٿي اتي منهنجي، جي هئا سرن سو هزار
    ته تنهنجي تند تنوار هر هر وڍيم هيڪڙو.”
    وقت اچي ويو آهي:
    “سو سرن پائي جي “سنڌ” برابر توريان
    ته به اٽل اوڏانهن ٿئي جيڏانهن “سنڌو” ٻرائي
    سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃن ناهه ڪي.”
    وقت اچي ويو آهي جو اياز جي ان سٽ کي سچو ثابت ڪري ڏيکارجي ته:
    “سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار.”
    وقت اچي ويو آهي ته :
    “آج بازار مين پا به جولان چلو.”
    ڇو ته بقول فيض احمد فيض جي ته:
    “ شهر جانان ۾ اب با صفا ڪون هي،
    دست قاتل ڪي شايان رها ڪون هي،
    رخت دل بانڌلو، دل فگارو چلو،
    ڦر همين قتل هو، آئين يار چلو.”
    اچو ته جان پال سارتر کان سبق وٺون، جنهن الجزائر ۾ فرانس جي پاليسين خلاف عملي احتجاج ڪيو ۽ فرانس جي اديبن جي اڳواڻي ڪئي هئي. اچو ته ارونڌتي راءِ جهڙي نفيس پر باعمل عورت کان ئي ڪجهه سکون. اچو ته عملي طرح احتجاج ڪريون. اچو ته قلم سان گڏ علمُ به کڻون.
    “الف لام ميم نه پر احتجاج جو علمُ
    اچو ته اهڙو احتجاج ڪريون
    بر ٿر تک تنوار وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
    سڀئي شئي ٿي سوليءَ سزا وار
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهيين.”
    اچو ته سنڌ ماتا جي اڻڀي سينڌ کي ٻيهر سڻڀو ڪريون. اسان کي فرهاد وانگر تيشا کڻي پهاڙ ٽُڪي ندي ڪانه وهائڻي آهي. اسان کي فقط وهندڙ ندي جيڪا ساڙيلن سُڪائي ڇڏي آهي، تنهنجو وهڪرو ٻيهر جاري ڪرڻو آهي. اچو ته فرهاد واري تيشي سان انهن جا ڪنڌ ڪپيون ۽ ڪوريون ۽ انهن جا پيٽ ڦاڙيون جن اسان جي پيٽ تي لت ڏني آهي. اچو ته حق ۽ سچ جي راهه تي سر ڏيون ۽ شهيد ٿيون. فلسطين ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائيندي سوين سهاڳڻيون بدن سان بم ٻڌي پاڻ کي پرزا ڪن ٿيون. نتيجي ۾ ڪجهه غاصب يهودين کي جهنم رسيد ڪن ٿيون. هزارين ڳڀرو نوجوان سرن سان ڪفن ٻڌي ۽ جان سان بم ٻڌي اسرائيل جون عمارتون اڏائن ٿا. غاصبن کي مارين ٿا ته ڇا اهي قربانيون سنڌين کي اتساهه ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهن ته پنهنجي ان داتا ماتر ڀومي سنڌ ۽ سنڌو نديءَ اجاڙڻ کان بچائڻ لاءِ جسم سان بم نه ٻڌي سگهون ته جيل ته ڀري سگهون ٿا.گرفتاريون ڏئي سگهون ٿا. اسان جا سوين سڄاڻ اديب جيڪي رٽائر ٿي چڪا آهن انهن ۾ جمال ابڙو، امرجليل، آغا سليم، قمر شهباز، تاجل بيوس، تاج بلوچ، عنايت بلوچ، سراج ميمڻ، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام علي الانا، غلام نبي آگرو، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حميد سنڌي، مراد علي مرزا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو شام، نياز همايوني ۽ ٻيا عظيم شاعر ۽ اديب ۽ سڄاڻ ليکڪ نقاد آهن اهي اڳواڻي ڪن. روز هڪ دانشور، هڪ اديب ڪراچي ڪراچي پريس ڪلب، حيدرآباد پريس ڪلب ۽ سکر پريس ڪلب آڏو اچي گرفتاري پيش ڪري .
    مان يقين ٿو ڏياريان ته اسان ملازمت ڪندڙ به گرفتاريون ڏينداسون، ڀلي نوڪريون وڃن. سنڌ آهي ته سنڌي قوم به آهي. باقي لوسڻ وارا نڪ بچائي ڇا ڪنداسين.
    گرفتارين ۽ جيلن ڀرڻ واري تحريڪ ۾ اسان جا سڄاڻ وڪيل به اسان جو ساٿ ڏيندا. شاگرد به اسان جو ساٿ ڏيندا. سنڌياڻي تحريڪ به اسان جو ساٿ ڏيندي. هي وقت آهي جو سنڌي ادبي سنگت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجو وڃايل وقار بحال ڪري. هي اهو وقت آهي جو وڃايل سونهن کي واپس ڪجي ۽ ميري منهن تان داغ ڌوئجن.
    سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم
    وڃڻ ات پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

    عوامي آواز ڪراچي – 11 مارچ 2002ع


    • ارونڌتي راءِ جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي!

    مشهور ليکڪا ۽ پنهنجي ڪتاب “گاڊ آف سمال ٿنگس” تي بوڪر پرائيز حاصل ڪندڙ ارونڌتي راءِ اڄ ڪلهه پاڪستان آيل آهي. هوءَ ڪجهه ٻين هندستاني صحافين سان گڏ انگريزي اخبار “ڊيلي ٽائيمز” جي مهورت وارين تقريبن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٽن سيمينارن ۾ ڳالهائڻ لاءِ هت پهتل آهي. ارونڌتي راءِ بابت مان اڳ به هنن ڪالمن ۾ لکي چڪو آهيان. هوءَ هڪ بي باڪ ۽ بهادر عورت آهي. هوءَ سيڪيولر ۽ پريڪٽيڪل ليکڪا آهي. هوءَ ويڙهاڪ ۽ عملي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ليکڪا آهي. ٽي چار مهينا پراڻو قصو آهي جو ارونڌتي راءِ ڀارت سرڪار خلاف “نرمدا وادي” تي ڊيم اڏڻ خلاف هڪ ڀرپور تحريڪ هلائي هئي ڇو ته ڀارتي پورهيتن، ڪڙمين ۽ فطرت پرست ماڻهن جو خيال هو ته “سردار سروور ڊيم” ٺهڻ سان “نرمدا وادي” جو حسن تباهه ٿيندو ۽ معاشي بدحالي ٿيندي. ارونڌتي راءِ هڪ باضمير ۽ عملي عورت جيان نرمدا وادي وئي ۽ اتان جي دوري کان پوءِ هڪ ڊگهو مضمون لکيو هو. جنهن جو عنوان هو: The greater common good جنهن ۾ هن ڊيم جي نتيجي ۾ تباهه ٿيندڙ “نرمدا وادي” جو ذڪر ڪيو هو، تنهن جي نتيجي ۾ ڀارت جي سپريم ڪورٽ توهين عدالت جي ڏوهه ۾ کيس هڪ ڏينهن جي قيد جي سزا ٻڌائي هئي. سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هوءَ “تهاڙ” جيل مان ٻاهر نڪتي هئي ته سوين مرد ۽ عورتون گلن جا هار ٺاهي سندس آجيان لاءِ ٻاهر بيٺا هئا. هوءَ ٻاهر نڪتي ۽ ماڻهن جو موهه ڏسي هن وڏي واڪي اعلان ڪيو هو عام ماڻهن لاءِ آئون پنج سو دفعا به جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان.
    1997ع ۾ سندس ڪتاب تي ملندڙ بوڪر پرائيز جي رقم به هن “نرمدا وادي” کي بچائڻ واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏي هئي.
    ۽ هاڻي ساڳي ارونڌتي راءِ لاهور ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ به بنا ڌڙڪ ۽ بنا خوف ڳالهيون ڪيون آهن. هن پاڪستان ۽ هندستان تي زور ڀريو ته ڪشمير سميت سمورن تڪراري معاملن تي هڪدم ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ گهرجي. هن زوردار نموني سان چيو ته توهان ايڏا اڻڄاڻ آهيو جو اهو به نه ٿا سوچيو ته جنگ ۽ ايٽمي هٿيارن جو ذڪر ڪندي توهان ڪهڙيون ڳالهيون وساري ٿا ويهو؟! هن چيو ته اچو ته محدوديت کان نڪري عالمي شهري بڻجون ۽ ننڍڙا ننڍڙا تعصب ۽ جهڳڙا ڇڏي عالمي شعور کي پنهنجو ڪريون. هن ٻنهي حڪومتن تي طنز ڪندي چيو ته هندستان ۽ پاڪستان لاءِ ڪشمير مسئلو نه آهي، پر هنن ٻنهي جي مخصوص سياسي مفادن ۾ اهو سندن سمورن مسئلن جو ڪامياب حل آهي. ڇو ته سندس چوڻ موجب جڏهن به ٻنهي حڪومتن کي پنهنجي عوام جو ڌيان گهريلو مسئلن کان هٽائڻو هوندو آهي ته اهي ڪشمير جو مسئلو کڻي بيهي رهندا آهن. پوءِ جنگ جون ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ بمن جا دڙڪا دهمان ڏنا ويندا آهن. ان ڪري هن چيو ته ڪشمير “مسئلو” نه پر سندن ڪوتاهه نظر سياسي حڪمت عملين مطابق “مسئلي جو حل” آهي. هنن چيو ته دشمنين کي طول ڏيڻ بجاءِ اهي ڏکندڙ مسئلا حل ڪرڻ تي ڇو نه ٿو سوچيو وڃي. جن سبب ٻنهي ملڪن جو غريب عوام ڏتڙجي چڪو آهي.
    هن پنهنجي هڪ لکيل مضمون مان حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان خلاف جنگ جي هر دڙڪي سان ڄڻ اسان کي پاڻ زخمي ڪري ٿا وجهون. پنهنجي زندگي جي تعين ٿيل رستن کي زخمي ڪري ٿا وجهون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي زخمي ڪري ٿا وجهون. ڀارت ۽ پاڪستان پاران ائٽمي ڌماڪن جي نتيجي ۾ لکيل پنهنجي مقالي “End of Imagination” مان حوالا ڏيندي هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ڪڏهن به ائين نه چيو آهي ته اسان هڪ ٻئي کان نفرت ڪريون ٿا. اهي ٻنهي پاسي جون حڪومتون ئي آهن، جيڪي اهو ڪڌو ڪم ڪري رهيون آهن. هن اها پڻ وضاحت ڪئي ته سياستدان هروڀرو ڪي ڄائي ڄم جا بي ايمان ۽ فسادي ڪو نه هوندا آهن. اها ڪرسي جي هٻڇ ۽ اقتدار جي لالچ ئي آهي جيڪا کين انڌو بڻائي ٿي وجهي.
    ارونڌتي راءِ چيو ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگي جنون “گهَڙيو” ويو آهي. هڪ اهڙي ڏند ڪٿا جنهن لاءِ اسان کي چيو پيو وڃي ته توهان به ان تي ايمان آڻيو. هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ ٻن غريب ۽ ڏتڙيل طبقن جي جنگ آهي، جڏهن ته ٻنهي طرفن جا زميندار پنهنجي عيش عشرت ۾ مصروف ۽ مشغول آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي غريب عوام کي ويڙهائن ويٺا ۽ چون ويٺا “چڙهه جا بيٺا سولي پر”.
    ۽ اسان غريب ۽ نادار عوام به حڪومتن ۽ زميندارن جي سازشن ۾ وڏي خوشي سان شريڪ ٿي وڃون ٿا ۽ اهڙي سازشي ٽولن جون سازشون ڪامياب ٿي وڃن ٿيون.
    ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ جتي هزارين ماڻهن جو هجوم سندس هڪ هڪ لفظ لاءِ ڄڻ ته ترسي رهيو هئو. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ وڌيل ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال سبب جڏهن پرڏيهي ماڻهو اسان جا ڏيهه ڇڏي واپس وڃي رهيا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي اخباري نمائندا اچي رهيا هئا ته ڪيترا ئي ماڻهو مون کان اچي پڇي رهيا هئا ته ڇا مان به ملڪ ڇڏي ٻاهر وينديس تڏهن مان سوچيندي هيس ته آخر هي ڏيهه ڇڏي مان ڪيڏانهن وڃان؟ مان نئين زندگي ڪٿان خريد ڪريان؟ مون کي يقين آهي ته اهو سڄو لڙ ان ڪري ٿيو هو ته هندستان جي حڪومت گجرات ۾ ٿيندڙ خوني ڪارواين کان ماڻهن جو توجهه هٽائڻ ٿي گهريو. هن زور سان چيو ته هندستان جي حڪومت نڪ جي پڪائي ۽ بي حيائي سان نريندار مودي جي حمايت ٿي ڪئي جيڪو انهي خونريزي جو ذميوار هئو.
    هن چيو ته هندستان جا مذهبي بنياد پرست مون کان سخت نفرت ڪندا آهن ۽ چڙ کائيندا آهن. اهي بنياد پرست به پاڪستاني بنياد پرستن کان مختلف ناهن. ارونڌاتي راءِ چيو ته مذهبي تنگ نظر ۽ بنياد پرست جڏهن عورت خلاف تنگ نظري جو مظاهرو ڪندا آهن. تڏهن مان کين چوڻ چاهيندي آهيان ته ڇورا توهان ڪي شيءِ وڃائي رهيا آهيو. ماڻهن جي ٽهڪڙن ۾ هن ٻڌايو ته هن کي ڪاش خبر هجي ته هڪ جهڙائي جي اصول تي ساٿي ٿي رهڻ ۾ ڪيترو مزو آهي. جذباتي ٿيندي هن چيو ته جيڪڏهن مون کي اڳواٽ خبر پئجي وڃي ته هندستان پاڪستان تي ائٽمي ميزائل داعڻ وارو آهي ته مان پاڪستان پهچي اهو ميزائل پنهنجي سيني تي سهڻ لاءِ تيار آهيان.!!
    ارونڌتي راءِ سان گڏ آيل ٻين صحافين پڻ کلي دل سان هندستان ۽ پاڪستان جي تنازعي جي حل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. انڊين ايڪسپريس جي ايڊيٽر شيڪر گپتا سيمينار ۾ جنهن جو عنوان هو “Peace and freedom in south Asia” پنهنجو مقالو پڙهندي چيو ته تازو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن پنهنجي شهرين کي سفر ڪرڻ بابت احتياطي تدبيرن اختيار ڪرڻ جو مثال ئي هندستان کي ڇرڪائڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ هندستان جي اک کلڻ کپي ڇو ته ڪشمير کان اڳتي به هندستان آهي. هن چيو ته هندستان کي سمجهڻ گهرجي ته هندستان ۽ پاڪستان جي درميان ٻه طرفن لاڳاپن جو حل جنگ نه پر امن آهي. تازو هندستان ۽ پاڪستان ۾ وڌيل جنگي صورتحال بابت هن چيو ته سچ پچ ته اسان عالمي ملڪن ۾ بيوقوف ۽ چريا ٿا لڳون جنهن جو ذميوار هندستان آهي. هن چيو ته سڄو جهان هندستان ۽ پاڪستان کي سمجهائڻ ۾ پورو هو ته جنگ جا نتيجا ڏاڍا اُگرا ٿيندا آهن جو ڄڻ اسان ٻنهي ملڪن جون حڪومتون اهڙيون ڪي اڻڄاڻ آهن جو اسان کي پاڻ کي جنگي تباهين جو ڪو به ادارڪ ناهي. هن چيو ته ڇا عالمي نقشي تي ٻه ئي چريا ملڪ وڃي بچيا آهن؟! ڇو ٿا راڄ کلايو؟! انڊين ايڪسپريس جي ايڊيٽر شيڪر گپتا هڪ علمي تجزيو ڪندي ٻڌايو ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ پوين ڏهن سالن کان جيڪي رٽائر فوجي صلاحڪار ۽ وزارت خارجه جا رٽائرڊ کک سيڪريٽري جنگي صلاحڪار بڻيا ويٺا. ٻنهي ملڪن کي ويڙهائن يا جنگي جنون کي هوا ڏين ويٺا انهن مان جان ڇڏائڻ گهرجي ۽ انهن جي جڳهه تي نوجوانن کي آڻڻ گهرجي ڇو ته انهن کک رٽائر ٿيل پوڙهن جو روزگار جو باعث ئي جنگي جنون آهي.
    شري گپتا هڪ ٻي به مزيدار ڳالهه ڪئي. اها هيءَ ته ڀارتيه جنتا پارٽي BJP کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي ۽ اهو نه سمجهڻ گهرجي ته بي جي پي ڪا اهڙي ڇڙواڳ بلا آهي جو ملڪ ڀيلي ڇڏيندي. هن ٻڌايو ته هن سال جنوري ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ جنگي جنون پنهنجي اوج تي هو ته حڪمران پارٽي بي جي پي کي پنجاب ۽ اتر پرديش ۾ شڪست نصيب ٿي هئي جنهن منجهان سمجهڻ گهرجي ته هندستان جا ماڻهو بي جي پي کي لغام ڏئي سگهن ٿا.
    فرنٽ لائين ميگزين جي ايڊيٽر نرشم رام چيو ته ٻنهي ملڪن جي صحافين کي سکيا ڏني وڃي ته جنگي جنون کي جهڪو ڪرڻ ۾ ڪا مدد ملي سگهي.
    اسان جي صحافين، اديبن، ليکڪن، شاعرن کي به نفرتن کي اجاگر ڪرڻ بجاءِ جنگي جنون کي جهڪو ڪرڻ گهرجي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ جنگ نه ٿيڻ جو عهدنامون ٿيڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌڻ گهرجي ۽ سياست کي فروغ کپي ته جيئن ٻنهي ملڪن جو ڏتڙيل عوام سک جو ساهه کني سگهي. اچو ته جنگ نه ڪريون پيار ڪريون اچو ته اسان جي ڏيهه تي آيل نياڻي ارونڌتي راءِ کي مهت ڏيون ۽ کيس رئو مٿي تي پارائي چئونس ته “نياڻي تون چوين ٿي ته هاڻي اسان ڪو نه وڙهنداسون. اسان ڀٽائي کان پرايون ها ته به هي جنگي جنون جيڪر ختم ٿي چڪو هجي ها”.
    هو چوني، تون م چئه واتان ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي
    پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي

    عوامي آواز ڪراچي، 20 آگسٽ 2002ع


    • طارق جتوئيءَ جو الميو درياهه تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي

    مرڻ برحق آهي پر ڪي مرتيا اڻ ڄاڻ، غير واقف ۽ ڌارين جي اکين ۾ به لڙڪ آڻي ڇڏيندا آهن. طارق جتوئي کي مون ڏٺو ڪونه هو. پر اخبارن ۾ سندس تصويرون ڏسي ۽ زندگي جو احوال پڙهي منهنجو من رنج، غم ۽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ هليو ويو آهي. مان ڏاڍو اداس آهيان. الائي ڇو دل اهڙي ڪمزور ٿي پئي آهي جو درد کڻي ڪنهن جو به هجي، هيءُ جهوري ۾ جهرڻ لڳي ٿي. ٻيو وسوسا.
    آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم ورتل وڏ گهراڻي جي خوبصورت نوجوان کي سئيمنگ پول ۽ درياهه جي فرق جو اندازو ڪيئن نه هوندو. طارق ڪو شهري بابو نه هو. هن جي تربيت ۽ سکيا بهرحال ڳوٺاڻي آهي. موري جو رهاڪو پنهنجين زمينن ۽ راڄ ڀاڳ وارو شخص هو جنهن کي درياهه جي دم ۽ دهشت جو اندازو ڪيئن نه هوندو. اها به خبر ناهي ته هو تارو هو يا اڻ تارو هو پر اخبارن ۾ ايندڙ خبرن مان اهو انديشو آهي ته تارو نه هو. درياهه تي ڪنهن فلم ڏسڻ کانپوءِ ترڻ ۽ مهراڻ جي موجن سان کيڏڻ جو ٻاڻ لڳو هوندس.
    اڳي ان تڙان، ويندي مون ورهه ٿيا
    قضا آنديس ڪن ۾، گهرائي گهران
    پنا جڏهين پرئان، تڏهن تانگهون ئي تار ٿيو

    قضا ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي. اخبارن ۾ آيل خبرون تن ۽ کل جي ٻاهران جون خبرون هلائينديون آهن. طارق جي باري ۾ آيل احوالن تي الائي ويساهه ڇو نه ٿو اچي. دل يقين ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿي ايڏو پڙهيل ڳڙهيل، ايڏو حسين شهزادو، ملڪيتن ۽ پئسي وارو، سو ايڏو اڻ ڄاڻ يا معصوم ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو اڻ تارو هجڻ جي باوجود درياهه ۾ گهڙڻ جي نتيجن کي ڌيان ۾ رکڻ کانسواءِ ڪُن ۾ ڪڏي پئي. پر جيئن چوندا آهن اندر جي خبر الله کي.




    انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کاڻئين
    اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ
    سولي جنين سيڄ، مرڻ تن مشاهدو

    دل جي جذبن جو اظهار ايترو آسان به نه هوندو آهي. ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن کي من جي محبوب جو وصال حاصل هوندو آهي. پر اهڙا انسان تمام گهٽ هوندا آهن ۽ جن کي محبوب جو وصال حاصل نه هوندو آهي تن مان چند وري اهڙا خوش نصيب ٿيندا آهن جن کي ڪي سريلا رازدان ملي سگهندا آهن. جن سان هو پنهنجي رنج ۽ راحت، چاهت ۽ نفرت يا دين دنيا جا ٻيا ڪيئي حال احوال اوري ۽ سوري وٺندا آهن پر اهڙا انسان به گهٽ آهن جن کي سچا ۽ سريلا رازدان ئي ملي سگهن.
    ٻيا وري اهڙا انسان آهن جن کي نه محبوب جو وصال حاصل ٿئي ٿو ۽ نه راز اورڻ وارو ملي ٿو اهي شرميلا انسان ٿين ٿا جيڪي سيني جو سور ڪنهن سان نه ٿا سلن.
    نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري

    مان هي من گهڙت ڪٿائون ڏئي اڳيئي ڏکايل ڪٽنب کي وڌيڪ ڏکارو ڪرڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان. نه ئي منهنجي نيت ۾ کوٽ آهي مان رڳو هڪ مٿاڇري خبر جي تهه تائين پهچڻ جي تلاش ۾ آهيان ۽ سوچيان ٿو ته هڪ بي مقصد مرتبي کي ڪو مقصد ملي وڃي. پاڻ مرادو جي تار ۾ گهڙندا آهن تن جو ضرور ڪو مقصد ته هوندو آهي. سهڻي جڏهن تن کي تار ۾ وجهندي هئي ته کيس ميهار سان ملڻ جي تات هوندي. علامه آءِ آءِ قاضي جڏهن پاڻ کي مهراڻ جي موجن جي حوالي ڪيو. تنهن پويان هڪ مقصد هو. هن اهو ڪم اڻ ڄاڻائي مان نه ڪيو هو پر کيس پوري ڄاڻ هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ ان جو انت ڇا ٿيڻو آهي.
    خبر نه آهي ته طارق کي سندس عمل جي نتيجن جو احساس هوندو الائي نه پر جيڪي ٿيو تنهن اسان سڀني کي ڏک جي هڪ پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
    هن ڪالم وسيلي مان ذاتي طور تي ۽ عوامي آواز جي سموري عملي پاران جناب غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ باقي سڀني گهرڀاتين سان گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪريان ٿو.
    سانوڻ گهڙي سڀ ڪا، هيءَ سرهي سياري
    تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري
    محبتي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾

    عوامي آواز ڪراچي -29 جون 2001


    • سرن وٺڻ وارا راءِ ڏياچ

    سنڌ ۾ سِر تي اڳي سٽن ۾ آهن. هينئر سُر به سلامت نه رهيا آهن، سڀاڻي خوشبوءِ کي به اغوا ڪيو ويندو. سچ، سونهن، ساوڪ سر سنگيت ۽ سرهاڻ ئي ته جمالياتي جزا آهن جيڪي جاڙ جهڙي جيوت کي جيئڻ جو سبب ڏين ٿا.
    منظور سخيراڻي مٺا ٻول ٻوليندڙ سرس سريلو ڳائڻو آهي جنهن پنهنجي سرن سان نه فقط پاڻ کي امر بڻايو آهي پر هن جي سرن ۽ سنگيت سبب ڪيترا شاعر به امر ٿي چڪا آهن، استاد بخاري تمام وڏو شاعر هو پر کيس سنڌ ۽ هند جي گهر گهر ۽ ٻار، ننڍي، جوان ۽ پوڙهي تائين پهچائڻ منظور سخيراڻي جو ئي ڪمال آهي.
    شاعر ۽ ڳائڻو يا شعر ۽ سر ڄڻ لازم ملزم هوندا آهن. سٺي ڳائڻي کي سٺي شاعر ملي ته
    شاعر به امر ٿي وڃي ٿو ته ڳائڻو به
    گلون مين رنگ ڀري، باد نئو بهار چلي
    اهو ڪلام ڳائي مهدي حسن ته مشهور ڪيو هو
    پر فيض احمد فيض کي به گهڻي شهرت ملي
    مجهه سي پهلي سي محبت مير محبوب نه مانگ
    هن ڪلام نورجهان کي مقبوليت جي اڀ تي
    پهچائي ڇڏيو هو پر فيض احمد فيض به اهڙو خوش ٿيو هو جنهن داد ڏيڻ جو انوکو طريقو ايجاد ڪيو هو ۽ نورجهان کي اهو چئي خوش ڪري ڇڏيو هو ته هي ڪلام به تنهنجو آهي اهو مون تنهنجي نالي ڪري ڇڏيو.
    اسان سنڌي ليکڪن، اديبن شاعرن ۽ فنڪارن جي ته سموري زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي شاهه ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ اڄ به يا ايندڙ وقتن ۾ به اهو سلسلو جاري رهڻو آهي. ڀٽائي به پنهنجي وقت جي مروج روايتن کان انڪار ڪيو هو. سنڌ ۾ جڏهن فارسي جو دور دورو هو تڏهن هن چيو.
    جي تون فارسي سکئين ته گولو توءِ غلام
    سهڻي جڏهن پنهنجي مڙس ڏم کي ڇڏي درياهه اڪري پنهنجي يار ميهار سان ملڻ ويندي هئي ته ڀٽائي سهڻي جي انهي عمل کي نه فقط صحيح پر ضروري سڏيو ۽ چيو ته سهڻي جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته ناپاڪ ۽ نجس هجي ها.
    ساهڙ ڌارا سهڻي، نسوري ناپاڪ
    نجاست ناهه ڪري، انين جي اوطاق
    هو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي
    ڳالهه شايد ڪجهه ڊگهي ٿي وئي مون چوڻ اهو ٿي چاهيو ته انسان سنڌين جي ڄمار ئي تحريڪن، ويڙهاند ۽ جيوت جي جنگ ۾ وڙهندي گذري آهي.ون يونٽ کان وٺي سنڌي ووٽر لسٽن، ڪالا باغ ڊيم، سنڌي ٻولي، ايم، آر ڊي تحريڪ ۽ هاڻ سنڌو جي پاڻي جي ورڇ جو مسئلو انهيءَ ويڙهاند کان ساهي وٺڻ لاءِ ڀٽائي به تنبورو کڻندو هو تند تپائيندو هو سماءُ جي محفل ٿيندي هئي جسماني ٿڪ کي روح جي غذا ملندي هئي وري تازي جدوجهد لاءِ تيار ٿي ويندو هو.
    شيخ اياز جيل ڏٺا، رسول بخش پليجي جيل ڏٺا، جن جيل نه ڏٺا تن کي ٻين طريقن سان تپايو ۽ تنگ ڪيو ويو پر شيخ اياز کان رسول بخش تائين، شمشير کان تاجل بيوس ۽ غفار تبسم کان اياز لطيف تائين انعام شيخ کان ادل سومري ۽ اياز گل کان رکيل مورائي تائين هر ڪنهن کي جيون جي جنگ ۽ جهاد کان پوءِ ڪجهه ساهي به گهرجي ٿي جنهن ۾ ڪجهه سر سنگيت ٻڌي بدن جي ٿڪ کي روح جي خوراڪ سان تازو ۽ ٻيهر جدوجهد لائق بڻائجي ٿو. ڀڳت ڪنور رام جا پڙلاءُ اڄ به سنڌين جي روحن ۾ پيوست ٿي ويندو آهن.
    نالي الک جي ٻيڙو، تار منهنجو يا
    آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه
    مون کي تن ماروئڙن جي
    اهي ٻول ۽ ڀڳت ڪنور رام جو آواز سچ پچ ته ٿڪ ئي لاهي ڇڏيندا آهن
    ڏور ٿيندا وڃن روز جو ڳيئڙا
    تون اڃا پيو جيئن هاءِ جيئڙا
    اياز جا اهي ٻول يا علڻ فقير ۽ زرينه بلوچ جي گڏيل آوازن ۾ سندس ٻول
    ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل
    الا لا، تڏهن ملنداسين
    ۽ ان کانپوءِ علڻ جو الا هو هو الاهو هو ٻڌي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن ۽ لونءِ ڪانڊارجي ويندي آهي هينئر جڏهن هي سٽون لکان ويٺو تڏهن به منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي. شايد ان ڪري به اسان سنڌي ته سرن تي سر ڏيڻ وارا آهيون. راءِ ڏياچ تندن جي تنوار تي پنهنجو سر گهوري ڇڏيو هو. تڏهن به اهو چوندو ويو سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناهي ڪي
    سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اسان سنڌين مان شناس ڪيڏانهن نڪري وئي آهي رک رکاءُ هياءُ ۽ سهپ سخا جهڙا گڻ ڇو نا پيد ٿي ويا آهن.
    منظور سخيراڻي هڪ فرد نه آهي هو سنڌ جي سڃاڻپ آهي. هو سنڌ جو سر سنگيت آهي ته ڇا هاڻي اسان سنڌ جي سر سنگيت، سڃاڻپ ۽ سونهن کي به ڀنگ جي عيوض يا ڪنهن دشمني پاڙڻ لاءِ اغوا ڪنداسون؟
    منظور سخيراڻي اڄ اکين آڏو نه آهي پر
    سندس ٻول منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا
    مون ڏي نيڻ نه کڻ
    مون ڏي نيڻ نه کڻ
    دنيا ڏاڍي ساڙيلي آ
    ڏيندئي ڪا نه ڏسڻ
    مون ڏي نيڻ نه کڻ.

    عوامي آواز ڪراچي -27جولاءِ 2001


    • ڪجهه مير ظفر الله خان جمالي بابت

    اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ “ويهن” جي انگن بابت مختلف چوڻيون ۽ محاورا آهن. مثال “مڙسن آئي کان سواءِ ويهون پوريون نه ٿينديون آهن” . “مان نه هجان ها ته تو کي خبر پئجي وڃي ها ته ڪيتري ويهين سو ٿيندو آهي.” يا “ير تو ته ويهون ئي وڄائي ڇڏيون”. يعني ويهون وڄائڻ يا “ويهون پوريون ڪرڻ” جو مطلب ٿيو مڙسيءَ وارو يا جوانمردي وارو ڪم ڪري چڪڻ.
    اهڙيءَ طرح پياري پاڪستان جي “ويهين” وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز به الله سائين کي ڪنهن “بلوچ ڀاءُ” کي ئي ڏيارڻو هو. ان ڪارنامي جي ٻٽي اهميت آهي هڪ “ويهون” وزيراعظم: جنهن ويهون وڄائي ڇڏيون. ٻيو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل صوبي بلوچستان جي، جمالي بلوچ جو وزير اعظم ٿيڻ ڪو معمولي ڪارنامو ناهي. ان ڪري اڄ اسان ماضيءَ جون تلخيون ۽ سندس وزير اعظم جي عهدي تائين رسائي وارن طور طريقن کي وساري، مير ظفر الله خان جمالي کي دلي مبارڪ باد ڏيون ٿا ۽ ان سان گڏ دعائون به ڪريون ٿا ته ننڍي صوبي کان ايڏي منصب تي پهتل مير ظفر الله خان جمالي شال پنهنجي منصب دوران پاڪستان جو نالو روشن ڪري ۽ ساڳي وقت ننڍن صوبن جي هيسايل، ويساريل، گهٽ پڙهيل اڻ پڙهيل ماڻهن جي مستقبل جي لاءِ سوچي ۽ ملڪ جي مين اسٽريم واري سياست جي تيز وهڪرن ۾ “اباڻن” کي وساري نه ويهي.
    مير ظفر الله خان جمالي ڏسڻ ۾ ته برابر ٻروچ ئي لڳي ٿو پر هروڀرو سڀ ٻروچ اڻ پڙهيل يا اڌ پڙهيل به نه هوندا آهن. خاص طور تي بلوچستان جا بلوچ ته ڏاڍا گهڻ پڙهيا ۽ ڪامريڊ آهن جن ۾ خير بخش مري، شير محمد مري (جنرل شيروف) عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، مير گل خان نصير اهي اهڙا ٻيا نالا آهن جيڪي گهڻا پڙهيل ۽ پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ ماڻهو آهن.
    مير ظفر الله خان جمالي بلوچي، پشتو، پنجابي سان گڏ سرائڪي ۽ سنڌي به رواني سان ڳالهائيندو آهي ان ڪري اسان کيس “پنهنجو” سمجهون ٿا ۽ ائين ئي ڪاميابي جون دعائون ڏيون ٿا جيئن پنهنجن کي ڏبيون آهن. هن موقعي تي بهتر ٿيندو جيڪڏهن مير ظفر جمالي جي زندگيءَ بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي.
    مير ظفر الله خان جمالي جو جنم پهرين جنوري 1944ع تي، بلوچستان جي ڊويزن نصير آباد جي هڪ ننڍي ڳوٺ روجهاڻ جمالي ۾ ٿيو. هو قائداعظم محمد علي جناح جي ويجهي دوست مير جعفرخان جمالي جو ڀائيٽيو آهي. سندس والد بزرگوار مير شاهنواز خان جمالي سياستدان نه هو پر هو علائقي جو چڱو مڙس، زميندار ۽ جرڳي جو ميمبر هو. مير صاحب پرائمري تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ کان ئي ڪئي پر پوءِ سندس والد کيس تعليم لاءِ گهوڙا گلي، مري موڪلي ڏنو جتان هن سٺ جي زماني ۾ او ليول ۽ اي ليول جا امتحان پاس ڪيا. بعد ۾ هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽي مان تواريخ ۾ ايم اي ڪئي. اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ هو هاڪي جو سٺو کيڏاري هو يونيورسٽي جي هاڪي ٽيم جو ڪيپٽن پڻ رهيو. رانديگر جي حيثيت ۾ هن پاڪستان ۾ هاڪي راند وڌائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ هو ٻه ڀيرا پاڪستان هاڪي ٽيم جو چيف سليڪٽر رهيو. سندس ئي سربراهي ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم ائٽلانٽا اولمپڪس جا مقابلا کٽيا. هو اڃا تائين به بلوچستان هاڪي ايسوسيئشن جو صدر آهي اهو لاهور جي ڪاليج وارن ڏينهن جو ئي دور هو جڏهن 1964ع ۾ مس فاطمه جناح واري اليڪشن ۾ هن عملي سياست ۾ پير پاتو جنهن ۾ مس فاطمه جناح هڪ فوجي آمر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان خلاف چونڊ وڙهي رهي هئي. تڏهن سندس ارڏي ۽ اڏول چاچي مير جعفر خان جمالي کيس مس فاطمه جناح جو سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيو. کيس ٻين سياسي ڪارڪنن سان، حڪومت خلاف مظاهري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1967ع ۾ پنهنجي چاچي مير جعفر خان جمالي جي وفات تي هن پڪو پهه ڪيو ته هاڻي سياست ۾ چڱيءَ طرح حصو وٺبو.
    1970ع ۾ جڏهن تنهن وقت جي صدر يحيٰ خان بلوچستان کي صوبي جي حيثيت ڏني تڏهن ملڪ ۾ ڪرايل پهرين پارليامينٽري چونڊن ۾ هن اباڻي هنڌ تان صوبائي سيٽ تي آزاد اميدوار طور تي چونڊن ۾ حصو ورتو پر سردار چاڪر خان ڊومڪي جي مقابلي هو کٽي نه سگهيو.
    بعد ۾ هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1977ع وارين چونڊن ۾ هن ساڳي هنڌان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ۽ پهريون ڀيرو بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. بعد ۾ کيس پ پ پ حڪومت پاران بلوچستان حڪومت ۾ اطلاعات ۽ خوراڪ جو وزير بڻايو ويو. بعد ۾ جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي پ پ پ جي حڪومت جو تختو اوندو ڪيو ويو ته جنرل ضيا جي دعوت تي جمالي صاحب سندس ڪابينا ۾ شموليت ڪئي. 1982ع ۾ کيس خوراڪ ۽ زراعت جو مملڪتي وزير کنيو ويو.
    جنرل ضياءَ جي 1985ع واري بنا پارٽي اليڪشنن ۾ هن پنهنجي تڪ مان قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. تنهن وقت عام طور تي اهو سمجهيو پئي ويو ته جنرل ضياءُ مير ظفر الله خان جمالي کي وزير اعظم نامزد ڪندو پر اوچتو ئي اوچتو اهو ڪڻو محمد خان جوڻيجي جو نڪتو. جنرل ضياءَ جوڻيجي صاحب کي وزير اعظم جي ڪرسي ڏني ۽ جمالي صاحب کي وفاقي ڪابينا ۾ پاڻي ۽ بجلي جو وزير مقرر ڪيو.
    بعد ۾ جوڻيجي صاحب جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جمالي صاحب کي ٿوري وقت لاٰءِ ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ ۾ ريلويز جو وزير بڻايو ويو پر جلد ئي کيس بلوچستان جو وزير اعليٰ بڻايو ويو. 1988ع ۾ هن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ وڙهي ۽ ٻنهي ۾ ڪامياب رهيو. 1988ع ۾ کيس هڪ ووٽ جي اڪثريت سان بلوچستان جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو. اهو فيصلو ڪندڙ ووٽ محمد خان باروزئي جو هيو. پر اها حڪومت هڪ مهينو به نه هلي سگهي ۽ بلوچستان اسيمبلي ختم ڪئي وئي. پر اسيمبلي جي اهڙي خاتمي خلاف بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ اسيمبلي بحال ڪئي وئي ۽ نواب اڪبر خان بگٽي سان گڏجي حڪومت جوڙي وئي.
    1990ع وارين چونڊن ۾ مير صاحب اسلامي جمهوري اتحاد جو اميدوار هو پر هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار مير نبي بخش خان کوسي جي مقابلي ۾ هارايو. 1991ع ۾ نواز شريف جي حڪومت کيس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي عيوضي طور مقرر ڪيو. وري 1993ع وارين چونڊن ۾ جمالي صاحب قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو. 1996ع ۾ جڏهن سردار فاروق احمد خان لغاري، محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو تڏهن هڪ دفعو وري مير ظفر خان جمالي کي بلوچستان جو وزير اعليٰ بڻايو ويو.
    1997ع ۾ ڪيئرٽيڪر وزيرن ۽ وڏن وزيرن تي چونڊن ۾ بهرو نه وٺڻ واري شرط سبب هو چونڊون ته نه وڙهيو پر پوءِ به کيس ڪابينا ۾ کنيو ويو ۽ سندس فرزند فريد الله خان جمالي قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ چونڊجي آيو.
    وري تازو ڏهين آڪٽوبر وارين اليڪشنن ۾ هن پ پ پ جي منور علي کوسي کي شڪست ڏئي سيٽ کٽي ورتي. تنهن کانپوءِ هو بهرحال هڪ ڊرامائي انداز سان وزير اعظم ٿيو ويو.
    يه سب تمهارا ڪرم هي آقا
    ڪ بات اب تڪ بني هوئي هي.

    مير صاحب کي پنج ٻار آهن. هڪ نياڻي ۽ چار پٽ جن مان ٻه پٽ پاڪستان آرمي ۾ آهن ۽ ٻه سياست ۽ زمينداري ڪري رهيا آهن. سندس اباڻو نالو جبل خان آهي. خدا کيس جبل ئي ثابت ڪري جيئن سندس صلاحڪار کيس اٽل ارادن تان چوري پوري نه سگهن آمين..

    عوامي آواز ڪراچي -26 نومبربر 2002


    • نظم: ٿورڙي دير خاموشي اختيار ڪيو

    نظم:
    ٿورڙي دير خاموشي اختيار ڪيو! (ترجمو)
    ايمينيوئل اورٽرز – لاطيني آمريڪا

    ان کان اڳ جو لکان نظم هڪ
    ٿورڙي دير خاموشي اختيار ڪريو
    مون سان گڏ،
    ها انهن لاءِ جي
    يارهين سيپٽمبر- ٽريڊ ٽاور
    ۽ پينٽاگون وارن واقعن ۾ مري ويا،
    * * *
    ۽ اهو عرض پڻ ٿو ڪريان مان سڀن کي ته
    ٿورڙي دير خاموشي اختيار ڪريو
    انهن لاءِ پڻ
    جن کي انهن واقعن بعد ماريو ويو
    قيد خانن ۾ تن کي ڌڪيو ويو
    ۽ انهيءَ آڙ ۾ عصمتون جي لٽيون
    طرحين طرحين اذيتن جا منهن پيا کلي
    جي افغانستان ۾ آمريڪا بمباريءَ سبب
    بي گناهه ويا مري، بي اجهي ٿي ويا
    ياروتن لاءِ خاموشي اختيار ڪريو،
    * * *
    هڪ سڄو ڏينهن خاموشي اختيار ڪريو،
    تن فلسطيني بي ڏوهه شهيدن جي لاءِ
    جيڪي آمريڪا جي پٺ تي ۽ طاقت سبب
    ڪيئي سالن کان
    اسرائيل هٿان مارجن پيا
    ٻارڙا عورتون ٻيا سڀئي ماريا ويا
    عصمتون پڻ لٽيون
    ۽ ڇهن مهينن لاءِ خاموشي اختيار ڪريو
    انهن پندرنهن لک عراقي انسانن جي احترام ۾
    جيڪي ماريا ويا.
    آمريڪي بندشن جي سبب
    جو نه خوراڪ تن کي ملي، نه دوائون مليون
    يارنهن سالن کان انهيءَ سلسلي
    جي نتيجي ۾ مئل پندرنهن لک عراقين
    لاءِ مون سان گڏ خاموشي اختيار ڪريو
    ان کان اڳ جو لکان نظم هيءُ
    ٻن مهينن جي خاموشي اختيار ڪريو
    انهن رنگ جي ڪارن انسانن لاءِ
    جيڪي سائوٿ آفريڪا ۾ اپارٿيٽ جهڙي
    قابل حقارت روين سبب، پنهنجي ديس ۾
    بيگانا ۽ جلاوطن ٿي ويا
    ۽ نون مهينن جي خاموشي اختيار ڪريو
    هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ جي واقعن ۾
    مرندڙن لاءِ جتي موت، ڪنڪريٽ
    ۽ اسٽيل ۽ زمينن کي ساڙي
    رجائي ڇڏيو ۽ انسانن جو کلون به لهي ويون
    جي بچي ويا، اهي پڻ اپاهج رهيا ۽ زمينون
    اڃا تائين آهن بنجر
    هڪ سڄو سال خاموشي اختيار ڪريو
    تن لکن ويٽنامين جي لاءِ
    جن کي جنگ جي نه هئي جيم جي ڪا خبر
    جن کي ٻرندڙ تيل جي بوءِ جي بانسي به نه هئي
    ۽ انهن تيل جي ڪن ڪڙهاهين اندر
    تن کي ڪاڙهيو ويو
    ڪن کي ڦاهي جي ڦندن تي چاڙهيو ويو.
    ۽ ٻچا ٻار پڻ ڪين بخشيا ويا،
    عصمتون عورتن جون لٽيون
    هي وساريو متان
    ***
    هڪ سڄو سال خاموشي اختيار ڪريو
    انهن لکن انسانن لاءِ
    جن کي ڳجهي جنگ ۾ ماريو ويو
    ش ش! چپ رهو، ڪجهه نه ڪڇو
    اسان نه ٿا چاهيون ته انهن کي خبر پوي
    ته اهي مري چڪا آهن
    ***
    ٻن مهينن جي خاموشي انهن لکن انسانن جي احترام ۾
    جي ڪولمبيا ۾ مري چڪا آهن
    جن جا هاڻي نالا نشان به نه رهيا آهن
    جن جا ڪتبا به ڪونهن
    جو کڻي زبان سان ذڪر ڪجي
    ***
    ان کان اڳ جو اڄوڪو هيءُ نظم مان لکان
    * ايل سلووڊور جي شهيدن لاءِ
    هڪ ڪلاڪ جي خاموشي
    * نڪارا گئا جي شهيدن لاءِ خاموشي جي هڪ شام
    * گئاٽامالا جي شهيدن لاءِ ٻن ڏينهن جي خاموشي
    جن پنهنجين سمورين زندگين دوران
    امن امان جو هڪ لحظو به نه ماڻيو
    * اڪٽيل جاپاس جي پنجيتالهين
    شهيدن لاءِ پنجيتاليهن منٽن جي خاموشي
    * انهن لکن ڪروڙن آفريڪين لاءِ
    25 سالن جي خاموشي اختيار ڪريو
    جن کي ماري سمنڊ ۾ اڇلايو ويو
    ڇو ته ڌرتيءَ کان آسمان تائين انهن
    لاشن کي پورڻ جي ڪا گنجائش ئي نه هئي
    انهن جي هڏن جي به خبر ناهي
    ۽ انهن جي ڏندن جي ڊين اين اي ٽيسٽ ئي ٿي سگهي ٿي
    ۽ هڪ سو سالن جي خاموشي اختيار ڪريو
    انهن مقامي ماڻهن لاءِ جن جون حياتيون
    ۽ انهن جون ملڪيتون هڙپ ڪيون ويون
    ۽ انهن کي حقير، فقير سمجهيو ويو
    اهڙو حقير جيئن ڪنهن فرج
    تي ڪو چقمق چنپڙيل هجي
    ڳوڙها بچيل هجن ته ڳاڙجن
    توهان کي ٿورڙي دير خاموشي گهرجي نه،
    اسان کان ته زبان ئي کسجي چڪي آهي
    اسان هينئر گونگا آهيون
    توهان کي جيتري خاموشي گهرجي اوتري وٺو
    ڪيترا خرار خاموشي جاکپن.
    اسان جي نه فقط زبان سبي وئي آهي،
    اسان جون اکيون به ڇپرن اندر ٽاڪيون ويون آهن
    هڪ لمحو خاموشي جو
    انهن شاعرن لاءِ
    جيڪي خاموشي اختيار ڪيا ويا آهن
    * هي نظم جيڪڏهن 11 سيپٽمبر جو آهي
    ته پوءِ هي 11 هين سيپٽمبر 1941ع چلي جو نظم آهي
    * هي 1977ع واري سائوٿ آفريڪا جي اسٽيفن باڪو جو نظم آهي.
    * 13 سيپٽمبر 1971ع واري نيويارڪ آٽيڪا جيل ۾ ڀائرن جي موت لاءِ نظم آهي.
    * هي 14 سيپٽمبر 1992ع واري صوماليا لاءِ لکيل نظم آهي.
    * هي هر انهيءَ تاريخ لاءِ لکيل نظم آهي جيڪا زمين تي اچي ڪرندي آهي ۽ خاڪ ۾ جذب ٿي ويندي آهي.
    * هي انهن سؤ ڏهن قصن جو نظم آهي جيڪي دفن ٿيل آهن.
    * اهي هڪ سئو ڏهه قصا جن لاءِ تواريخ اهو فيصلو ڪيو ته انهن تي مٽي وجهي ڇڏيو.
    * انهن جو ذڪر ڪنهن به نصابي ڪتاب ۾ نه هجڻ گهرجي.
    * اهي هڪ سؤ ڏهه قصا جيڪي سي اين اين، بي بي سي، نيويارڪ ٽائيمز ۽ نيوز ويڪ جي زينت نه بڻجي سگهيا.
    * هي نظم هن پروگرام ڦٽائڻ لاءِ لکيو ويو آهي ته ڀلا توهان کي توهان جي مسئلن لاءِ اڃا به خاموشي گهرجي ڇا؟
    اسان توهان کي قبرن جا اڻ کٽ سلسلا ڏيکاري سگهون ٿا جن قبرن تي ڪتبا به لڳل ناهن. خارج ٿيل زبانن، ڌريان ئي ڌار پاڙون، پٽيل وڻ ۽ پاڙون پٽيل تواريخون انهن اڻ ڳڻيل، بي نانءَ ٻارن جي
    نظرن جون نهارون،
    ۽ هن نظم شروع ٿيڻ کان اڳ
    اسان ازلي ۽ ابدي خاموشي ۾ هليا وينداسين
    ايستائين جو مٽي ۾ لٽجي وڃون ۽
    ان جي باوجود تنهنجو اسرار هوندو
    ته خاموشي اختيار ڪريو
    توهان کي ايڏي خاموشي گهرجي ته
    * انجڻون بند ڪرايو.
    * ٽيليويزن سيٽ بند ڪري ڇڏيو.
    *اسٽاڪ مارڪيٽن کي خاموش ڪرايو.
    *بتيون بند ڪرائي ڇڏيو.
    *ريلون بند ڪرائي ڇڏيو.
    *جيڪڏهن توهان کي خاموشي گهرجي ته ٽاڪو بيل واري کڙڪي کي سرن سان بند ڪري ڇڏيو.
    *۽ پورهيتن کي وڃايل روزگار جا پئسا ڏيو
    *شراب جا دڪان تلف ڪري ڇڏيو.
    *اهي ٽائون هائوس، وائيٽ هائوس، جيل، ڪلب ۽ ناچ خانا سڀ بند ڪيرائي ڇڏيو.
    جيڪڏهن توهان کي سانت جي ساعت گهرجي ته هينئر وٺو، هن نظم شروع ٿيڻ کان اڳ ڇو ته پوءِ اسان کي پنهنجي مسئلن لاءِ سڄي رات گيت ڳائڻا آهن.

    عوامي آواز ڪراچي -4 فيبروري 2003


    • ڏند ڪٿا جي ڳالهه (هيلن آف ٽراءِ)

    مون سوچيو آهي ته سياسي معاملن کان سواءِ ادبي ڳالهيون به ڪجن، ادبي ڳالهين ۾ موجوده ادب سان گڏ پراڻي ڪلاسيڪي ادب توڻي ڏند ڪٿائن تي به ڳالهائجي، دراصل ڏند ڪٿائن ۽ قديم قصن کي ورجائڻ ۾ به پنهنجو مزو آهي اڄ اسان اهڙي هڪ انتهائي قديم واقعي يا ڏند ڪٿا جي ڳالهه ڪنداسين، شايد هي واقعو ٻارنهن سوء سال قبل مسيح جو آهي.
    هي يونان جي پهرين جنگ جي ڪهاڻي آهي ان کي ٽروجن جنگ TROJAN WAR به چوندا آهن. هڪ ڀيري اولمپس جبل ( جنهن نالي پويان اولمپڪ رانديون ٿينديون آهن) تي ديوتائن ديوين جي هڪ شادي جي تقريب ٿي رهي هئي اتي اچانڪ هڪ ديوي اچي نڪتي جنهن کي ان شاديءَ ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏنل نه هئي، هن اچڻ سان ٽيبل مٿان هڪ سونو صوف اڇلايو جنهن تي هي الفاظ لکيل هئا “ سڀن کان حسين ديوي لاءِ”
    جنهن ديوي اهو صوف اڇلايو هو سا “ فساد جي ديوي “ هئي جنهن ڪاميابي سان فساد جي شروعات ڪرائي. هر ديوي سمجهي رهي هئي ته هوءَ ئي خوبصورت آهي ان ڪري اهو سونو صوف کيس ملڻ گهرجي.پريان هڪ ريڍار رڍون چاري رهيو هو جنهن جو نالو “پئرس” هو. ديوتائن ۽ ديوين تنهن کي سڏ ڪيو ۽ چيو ته هو فيصلو ڪري ته سڀني مان خوبصورت ڪير آهي.
    هر ديوي پيرس کي تحفن جي آڇ ڪئي ته جيئن هو سندس نالو کڻي جونو (Juno) ديوتائن جي شهزادي کيس بادشاهه بنائڻ جي آڇ ڪئي.
    منروا (Minerva) ڏاهپ جي ديوي کيس ڏاهو بنائڻ جي آڇ ڪئي، پر وينس (Venus) سندرتا جي ديوي کيس آڇ ڪئي ته هوءَ دنيا جي سڀ کان سندر ڇوڪري سان ساڻس شادي ڪرائيندي. پيرس دراصل ڪو ريڍار ڪو نه هو، هو يونان سامهون سمنڊ جي ڪپ تي جڙيل شهر ٽراءِ جي بادشاهه پريام جو پٽ هو.
    پيرس کي ڪنهن بدشگوني جي بنياد تي، ٻاراڻائپ ۾ جبل تي اڇلايو ويو هو ته جيئن هو مري وڃي پر هڪ ريڍار هن کي هٿ ڪيو ۽ کيس پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ پنهنجي ٻچن وانگر کيس پاليو. پيرس نه بادشاهه ٿيڻ گهريو نه ڏاهو ٿيڻ گهريو هن چاهيو ٿي ته دنيا جي سڀ کان سندر ڇوڪري سان سندس شادي ٿئي سو هن اهو سونو صوف وينس جي حولي ڪيو.
    دنيا جي ان وقت سڀ کان حسين ۽ سندر ڇوڪري “ هيلن “ هئي جيڪا اسپارٽا جي بادشاهه مينيليس سان پرڻيل هئي. ان جي باوجود وينس، پيرس کي چيو ته يونان ۾ اسپارٽا وڃي جتي کيس هلين ملندي پوءِ هو هيلن کي پاڻ سان ڀڄائي وڃي. اهڙي طرح پيرس اسپارٽا ويو جتي ( اسپارٽا جي بادشاهه مينيليس کيس بادشاهي مهمان طور رکيو ۽ سندس خدمت ڪئي ايڏين مهربانين جي باوجود هڪ رات پيرس هيلن کي اسپارٽا مان ڀڄائي “ ٽراءِ” کڻي آيو.
    بادشاهه مينيليس ۽ يونان جي ماڻهن ۾ ان واقعي تي وڏو تاءُ هو. جنگ جا بگل وڄي ويا، جنگ جون تياريون شروع ٿي ويون جنگي قافلا ٽراءِ روانا ٿي ويا ته جيئن هلين کي واپس ڪجي.
    پراڻن زمانن ۾ شهرن ٻاهران ڪوٽ ، قلعا ٺهيل هوندا هئا ( ڪوٽ ڏجي قلعي وانگر) ته جيئن دشمنن ۽ جنگجوئن جي شهر اندر رسائي نه ٿي سگهي. پراڻن زمانن ۾ بم بارود گولا ميزائيل ۽ بندقون به نه هونديون هيون (ٻارهن سؤ سال قبل مسيح) اهڙي طرح يونانين کي شهر فتح ڪرڻ ۽ ان اندر گهڙڻ ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون هيون. ڏهن سالن تائين جنگ جاري رهي ۽ يوناني ٽراءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون پر کين ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.
    آخر ۾ يونانين هڪ حڪمت عملي جوڙي هڪ اٽڪل ايجاد ڪئي جنهن ذريعي هو ٽراءِ جي شهر ۾ داخل ٿي سگهن. هنن هڪ تمام وڏو ڪاٺ جو گهوڙو ٺاهيو جنهن اندر پنهنجا فوجي ۽ ويڙهاڪ ويهاري ڇڏيا. انهن اهو گهوڙو شهر جي ديوارن سان لڳائي پاڻ اهڙي طرح شهر ڇڏي هليا ويا جنهن مان اهو تاثر ملي ته هو ڄڻ جنگ جي پچر ڇڏي ڀاڙي ٿي ڀڄي ويا. هڪ جاسوس “ ٽروجنس” کي ٻڌايو اهو ڪاٺ جو گهوڙو ديوتائن پاران موڪليل تحفو آهي جنهن کي شهر اندر آندو وڃي.
    پر هڪ ٽروجن پادري “ لائڪون” ماڻهن کي چتاءُ ڏنو ته گهوڙي کي شهر ۾ نه آندو وڃي جو ان ۾ ڪا اٽڪل يا چالبازي جو گمان آهي. پر ماڻهو جيڪو ڪرڻ چاهيندا آهن ته اهو ئي ڪندا آهن ۽ ڪنهن سياڻي جي صلاح نه ٻڌندا آهن جڏهن پادري “ لائڪون” اها صلاح ڏئي رهيو هو ته عين ان وقت ڪجهه ازدها نانگ سمنڊ مان نڪري آيا ۽ لائڪون ۽ سندس ٻن پٽن کي ڏنگ هڻي وڪوڙي نپوڙي ماري ڇڏيو.ان واقعي منجهان ٽراءِ وارن سمجهيو ته سمنڊ مان نانگن جو نڪرڻ ۽ انهن جو لائڪون ۽ سندس ٻن پٽن کي ڏنگ هڻي ۽ نپوڙي مارڻ مان اهو شگون ملي ٿو ته ڄڻ ديوتائن جو چوڻ آهي ته لائڪون ڪوڙو آهي ان جي صلاح تي ويساهه نه ڪيو وڃي ۽ ڪاٺ جو اهو گهوڙو ڀل شهر ڏانهن کنيو وڃي اهڙيءَ طرح انهن پڪو پهه ڪيو ان شگون کان پوءِ هاڻي گهوڙي کي شهر کڻائي هلبو، پر گهوڙو ايڏو ته وڏو هو جو دروازي کان ٽپي نه پيو سگهي تنهنڪري ان کان اندر ٽپائڻ لاءِ ديوار ڀڃڻي ٿي پئي، ان ڪري ديوارون ڀڃي گهوڙي کي اندر ٽپايو ويو.
    جڏهن رات ٿي ۽ “ هائو مائو” ٽري ته ڪاٺوڙي گهوڙي ۾ لڪل جنگجو ٻاهر نڪري آيا ۽ شهر جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا، ٻاهر لڪل يوناني به اهو تماشو ڏسي کليل دروازن ۽ ڀڳل ديوارن مان اندر ٽپي آيا، اهڙي طرح ڏهن سالن جي جنگ ۾ ناڪامي کان بعد اٽڪل، چالبازي ۽ ڌوڪي سان يونانين ٽراءِ جو شهر فتح ڪيو، فتح ڪرڻ کان پوءِ شهر کي باهه ڏئي زمين بوس ڪيو ويو ۽ هيلن کي واپس يونان پهچايو ويو.
    ان ڪري چوڻي مشهور آهي “ ڪڏهن يونانين کان ڪو تحفو قبول نه ڪريو.” يونان جي جڳ مشهور نابينا شاعر “هومر” پنهنجن ٻن طويل نظمن “ايلياد” ۽ “اوڊيسي” ۾ ان جنگ جو ذڪر ڪيو آهي. ايلياڊ ٽراءِ شهر جي پراڻي نالي “ايليم” مان ورتل آهي. “ ايلياد” ۾ سموري “ ٽروجن جنگ” جو قصو بيان ٿيل آهي. جڏهن ته “ اوڊيسي” هڪ عظيم يوناني جنگجو جو قصو بيان ڪيل آهي جيڪو جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ وطن وري رهيو آهي.
    ان جنگي هيرو جو نالو “ اوڊيسس “ هو جنهن مان نظم جو نالو “ اوڊيسي” رکيل آهي پر ان جو ٻيو نال “ يوليسيس “ (Ulysses) به هو. يونان جو هي نابين جنگ کان ٻه سؤ سال پوءِ يعني هڪ هزار قبل مسيح جو شاعر هو.
    دراصل هومر هڪ “ڀَٽ فقير” هو. جيڪو سيلاني هو ۽ هنڌين ماڳين هلندو ڦرندو هو ۽ ماڻهن کي پنهنجا شعر ڳائي ٻڌائيندو هو جن ۾ يونانين جي ڊگهي جنگ جا قصا هوندا هئا. اهڙي طرح هشام ماڻهن جا گڏ ٿي ويندا هئا، ۽ هن کي فن ۽ ڳائڻ عيوض کيس زيورات ۽ پئسا ڏيندا هئا اهو ئي سندس گذر سفر جو طريقو هو، ايئن سمجهو هو پرائي زمانن جو “ مائيڪل جيڪسن” هو.
    هومر پنهنجا شهر لکيا نه هئا ، ڇو ته هو نابين هو پر ماڻهن کي سندس شعر بر زبان ياد هوندا هئا، مائرون پنهنجن ٻارن کي هومر جا بيت ياد ڪرائينديون هيون. هاڻي ڪيترن دوستن کي اها خبر هوندي ته جيڪو شخص هڪ هزار سال قبل مسيح جو شاعر آهي ۽ جنهن جو نالو اڄ به ايڏو روشن آهي سو ايئن “ڀٽ” فقيرن وانگر ڳائي وڄائي در در پني گذر سفر ڪندو هو.
    هومر جي مرڻ کان پوءِ نون شهرن جي ماڻهن دعويٰ ڪئي ته هومر “ انهن جي شهرن ۾ ڄائو هو انگريزي ۾ ڪنهن جو چيل هي سٽون ٻڌو؛
    Nine cities claimed HOMER dead through which alive, he had begged his bread.
    ڪجهه ماڻهن جا اهي به انديشا آهن ته “هومر” ڪنهن هڪ شخص جو نالو نه هو بلڪ نون ماڻهن جو هڪ گروهه هو جن گڏجي شاعري ڪئي پر نالو هومر جو مشهور ٿيو.
    ( گهڻ رخو اين.ايف.سي ايوارڊ، اهو ڪاٺ وارو گهوڙو ته ناهي ؟!)

    عوامي آواز ڪراچي -13 ڊسمبر 2002


    • ڏکي توءِ ڏڪار توڙي وسن مينهڙا

    اٺين مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن سموري دنيا سان گڏ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ به ملهايو پيو وڃي ۽ تقريبن پندرنهين مارچ تائين اهي تقريبون هلنديون رهنديون.
    ان سلسلي ۾ نائين مارچ تي آچر ڏينهن سنڌ نيشنل ڪائونسل پاران به اهو ڏينهن ڪراچي شيراٽن هوٽل ۾ ملهايو ويو جنهن جو ڪرتا ڌرتا سنڌ جي جهوني جاکوڙي ۽ ڪامريڊ (مرحوم) قاضي فيض محمد جو لائق فرزند قاضي جاويد آهي ۽ ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ان تنظيم جو سربراهه آهي.
    اسٽيج تي ڪامريڊ روچي رام، جاويد قاضي، آمريڪا کان آيل عورتن جي آزادي جي علمبردار خاتون پاميلا مرتضيٰ، پيپلزپارٽي (شهيد ڀٽو) جي سربراهه محترمه غنويٰ ڀٽو، سنڌ نيشنل ڪائونسل جو سربراهه ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، جيئي سنڌ تحريڪ جي دودو مهيري ۽ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ منهنجي پياري دوست عبدالغفار تبسم کي ويهاريو ويو.
    اسٽيج تي ويٺلن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍايا ويا. بعد ۾ آيل سنڌ اسيمبلي جي خاتون ميمبر محترم سسئي پليجو ۽ مسز لغاري کي به اسٽيج تي ويهاريو ويو ۽ انهن کي اجرڪ پارايا ويا. شروع ۾ مظهر حسين ڀٽائي کي ڳائي ٻڌايو. پوءِ تقريرن جا سلسلا شروع ٿيا پر تقرير ڪندڙن کي دل کولي تقريرون ڪرڻ نه ڏنيون ويون ۽ چند الفاظ چوندي ئي “ماٺ” ڪرڻ جي چئي ڊائيس تي ٺڪاءُ پي اچي ڪيو. ڳالهه جڏهن عورتن جي حقن جي هجي، ڪاروڪاري جهڙي بڇڙي ۽ غير اخلاقي ۽ غير اسلامي رسم جي هجي ۽ سامهون ويٺل خواتين جو هجوم هجي ته هر تقرير ڪرڻ واري جو موڊ اسٽيج تان لهڻ جو ئي نه هجي. تقرير جو آغاز بشپ اعجاز ڪيو جنهن ڏاڍيون سهڻيون ۽ سيبتيون ڳالهيون ٻڌايون ۽ عورتن جي حقوق جي حوالي سان سنڌ ۽ پاڪستان جي داغدار ماضي ۽ حال جا حوالا ڏنا جنهن کانپوءِ ڪامريڊ جمال نقوي کي اسٽيج تي سڏيو ويو. ڪامريڊ جمال نقوي پراڻو ۽ پرخلوص ڪامريڊ آهي جنهن جي سموري زندگي سوشلزم ۽ ڪميونزم جي جدوجهد ۾ گذري ۽ جنهن هڪ سيڪيولر پاڪستان جا خواب ڏٺا تنهن به ظاهر اهي آهي ئي روئڻا رنا جيڪي هڪ سچي سيڪيولر ڪامريڊ کي روئڻ گهرجن. پر ڪامريڊ جمال نقوي کي به دل جي باهه نه مارڻ ڏني وئي. ڪامريڊ جمال ڀٽائي جي ڪردار مارئي ۽ موهن جي دڙي جي نچڻي سمبارا تي گهڻو تڻو ڳالهايو جنهن کانپوءِ اسڪرين تي فهميده رياض جي نظم “اسير شهزادي” جو فلمي اسڪٽ ڏيکاريو ويو جنهن تي موجوده ماڻهن گهڻو ئي داد ڏنو. جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي انگريزي ۾ تقرير ڪئي جنهن جو لهجو سنڌي وارو هو. پنهنجي تقرير دوران هن سنڌ جي هڪ وزير جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هڪ اهڙي شخص کي وزير بڻايو ويو آهي جنهن تي گڏيل زنابالجبر جو ڪيس اڃا به هلندڙ آهي. ڀرڳڙي صاحب ايوب خان هٿان مس فاطمه جناح خلاف ڪيل غير جمهوري حرڪتن جو به ذڪر ڪيو ۽ سنڌ سان اڪيچار زياديتن جي پڻ اپٽار ڪئي.
    ان کانپوءِ شيخ مجيب جيڪو قاضي فيض محمد جو دوست هو تنهن جي ڌي بنگلاديش جي اڳواڻي وزير اعظم ۽ هاڻوڪي مخالف ڌر جي اڳواڻ حسينه شيخ جو ڊگهو پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ قاضي جاويد جي به ڪافي تعريف ٿيل هئي ۽ عورتن جي حقن بابت هڪ ڊگهو سنيهو هو.
    نواجوان جاويد قاضي پر جوش طريقي سان پنهنجي تقرير جو آغاز ڪيو ۽ چيو ته هر سنڌي ڳالهائيندڙ کي سنڌي نه سمجهيو وڃي ڇو ته جيڪڏهن سنڌي ٿي ڪري هو سنڌ سان سچو ناهي ته اسان ان کي سنڌي مڃڻ کان انڪار ڪريون ٿا ۽ ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان جا اردو ڳالهائيندڙ دوست جيڪڏهن پاڻي جي مسئلي کان وٺي سنڌ جي هر ڏکئي وقت ۾ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿي گڏ ٿا هلن ته انهن کي اسان سنڌي سمجهون ٿا.جاويد قاضي عورتن جي حقن جي حوالي سان چيو ته حضور محمد صلي الله عليه وسلم پهريان انسان هئا جن ڌيئرن کي ڄمڻ سان ئي پورڻ واري ڪڌي ۽ اوائلي عرب رسم جو خاتمو آندو ۽اسلام ۾ عورتن کي برابر حق ڏنا. هن وري ڀٽائي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڀٽائي وٽ هيروز ناهن فقط هيروئن آهن هن فقط عورتن جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي. جاويد قاضي جڏهن ڳالهائي رهيو هو ته ڀٽائي جي سرسهڻي مان هڪ بيت منهنجي هيئين تي هري آيو تڏهن مون سوچيو ته جڏهن انساني ۽ عورتن جي حقوق واريون تنظيمون نه هيون ۽ اين جي اوز به نه هيا تڏهن هالن جي هن انقلابي شاعر فقط عورتن جو ڪيس ڪهڙي نه زوردار نموني کنيو جو جدوجهد، قرباني ۽ وطن دوستي جهڙن ميدانن ۾ عورتن کي اڳواڻ ڪيائين. سهڻي جو مڙس يا مڱيندو “ڏم” هو پر هو پنهنجي محبوب ميهر يا “ساهڙ” سان دلو کڻي درياهه اڪري وڃي ملندي هئي ان فقط ايترو پر هن ايستائين چيو آهي ته سهڻي جيڪڏهن پنهنجي “يار” ميهار سان نه ملڻ وڃي ها ته “نسوري ناپاڪ” هجي ها ۽ هن انقلابي شاعر سهڻي جي ان عمل کي ساراهيو آهي. بيت ٻڌو:
    ساهڙ ڌارا سهڻي نسوري ناپاڪ
    نجاست ناهه ڪري، انين جي اوطاق
    هر جو کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.

    اهو هو انساني ۽ عورتن جي حقن جو علمبردار جنهن تقريبن ٽي سؤ سال اڳ اهي ڳالهيون ڪيون جيڪي اسان اڄ ڪري پاڻ کي وڏا ترقي پسند سمجهون ٿا ۽ سڏرايون ٿا.
    خير ان کانپوءِ ذوالفقار هاليپوٽو آيو جنهن چارٽن وسيلي عورتن جي حقوق جي پامالي ۽ ڪارو ڪاري ۾ ماريل عورتن جا تفصيل ٻڌايا. ذوالفقار هاليپوٽي، ٻڌايو ته صدر مشرف چئي چڪو آهي ته ڪاري مارڻ هڪ عام قتل جي برابر آهي ۽ اسان ان ڪڌي ريت کي ختم ڪنداسين. پر جيڪب آباد کان چونڊجي آيل هڪ صوبائي وزير چوي ٿو ته ڪارو ڪاري ۾ قتل ٿيل اسي فيصد قتل جائز آهن. لکو لڇڻ! هڪ پاسي هڪ دعويٰ ٻئي پاسي وزير جو اهو بيان ڪاڏي وڃجي.
    ذوالفقار هاليپوٽو هڪ ٻي به اهم ڳالهه ڪئي ته تازو خيرپور جي هڪ عدالت ڪارو ڪاري وري معاملي ۾ هڪ تاريخي فتوا ڏني آهي. ۽ سندس چوڻ هو ته اڄوڪي سموري ڪاروائي ان جج جي نانءُ ڪئي وڃي جنهن اها تاريخي فتوا ڏني آهي. اها هيءَ ته ڪاري کي قصاص ۽ ديت واري اسلامي قانون ۾ ته آزاد ڪيو ويو جو هن خون بها ڀري ڏني يا ڪاري جي مائٽن سان ٺاهه ڪيو پر ساڳي وقت پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق 311 موجب زمين تي فساد ڦهلائڻ جي جرم ۾ ڏهه سال قيد جي سزا ڏني. جڏهن ته اڳ ۾ قصاص ۽ ديت واري شرعي قانون هيٺ ڪاري کي بلڪل آزاد ڪيو ويندو هو.
    بعد ۾ حميد سنڌي صاحب پنهنجي عالمانه تقرير ڪئي ۽ پنهنجي عالمانه انداز ۾ عورتن جي حقن بابت ڳالهايو. جنهن کي پوءِ سنڌ جي نامياري شاعر غفار تبسم اردو ۾ “ڪاري” بابت هڪ انقلابي شعر ٻڌائي حاضرين کان خوب داد حاصل ڪيو.
    مون محترم غنويٰ ڀٽو کي ڏٺو به پهريون ڀيرو ۽ ٻڌو به پهريون ڀيرو. محترم انگريزي ۾ ڳالهايو ۽ انتهائي فهميديون ۽ سهڻيون ڳالهيون ٻڌايون. هن ٻڌايو ته منهنجي سهري (شهيد ذولفقار علي ڀٽي) کي “موهن جي دڙي جي رقاصه سمبارا سان ڏاڍو انس هو ۽ ان حوالي سان هن سمبارا ٺهرايو. جنهن ۾ رقاصه جي وڏي تصوير لڳي هئي جيڪا هاڻي غائب آهي. هن چيو ته ان جا پوٽا ۽ پوٽيون پنهنجي ڏاڏي جي ان ڪم جي تڪميل ڪندا. هن ٻڌايو ته منهنجا ٻار به رقص جا شوقين آهن. هن چيو ته رقص خوشي ۽ خوشحالي جي نشاني آهي ۽ جيئن رقص ۽ خوشحالي جو خاتمو ٿيندو ويو ته ڪارو ڪاري جون وارداتون وڌنديون ويون، هن چيو ته پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ اهو سڀ کان اونداهو ڏينهن هو جڏهن پاڪستان جي سينيٽ ڪارو ڪاري جي نندا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته پيار ۽ رقص ڪرڻ سنڌي نشانيون آهن. جنهن جو ثبوت موهن جي دڙي جي رقاصه “سمبارا” آهي.
    پاميلا مرتضيٰ به سهڻيون ڳالهيون ڪيون جنهن کانپوءِ نوجوان مظهر حسين شيخ اياز جو نظم “مان ڏوهي هان ڏوهي هان” ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.
    شايد هڪ ڳالهه مون کان وسري وئي اها ته سڄي پروگرام جي جان ۽ اهم ترين ڳالهه هئي. شيما ڪرماني جي گروپ طرفان پيش ڪيل ٽيبلو “عورت” جنهن هال کان ڀرپور داد حاصل ڪيو آخر ۾ ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻي انگريزي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا. آخر ۾ چانهه پاڻي ٿي. قاضي جاويد ڏاڍو خوش ٿيو هوندو ته پروگرام ڏاڍو ڪامياب ٿيو پر مان سوچان ٿو ته ٿريلي عورت کي به هن پروگرام مان ڪو فائدو ٿيندو يا بقول ڀٽائي ائين ٿيندو.
    ڏکي توءِ ڏڪار توڙي وسن مينهڙا

    عوامي آواز ڪراچي -11 نومبر 2003


    • پڙهيو پيا پڙهن

    ننڍا هوندا هئاسون. اسان جي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري وڏن مهيسرن جي ننڍڙي شهر مان بنا لائوڊ اسپيڪر جي آذان ايندي هئي. اسان ان وقت آذان کي “ٻانگ” چوندا هئاسين. هاڻي به ڳوٺن ۾ ٻانگ ئي چوندا آهن. انهيءَ ٻانگ جو هر لفظ ڪنن ۾ روح تائين لهي ويندو هو.” اشهد ان محمد رسول الله “ جي آلاپ تي اسان جا وڏڙا ۽ اسان ننڍڙا آڱوٺو، ڏسڻي ۽ وچين آڱر ملائي اکين تي رکي پوءِ چمي ڏيندا هئاسين.يعني هر ٻانگ ۾ ۾ ڀيرا انهيءَ جملي تي حضور محمد صلعم جو نالو آڱرين سان اڳين تي رکي، چپن سان چميندا هئاسين. انهيءَ هڪ ڪلوميٽر پري واري ٻانگ سان نماز پڙهندا هئاسون. انهيءَ هڪ ڪلوميٽر پري واري ٻانگ سان روزا رکندا ۽ روزا کوليندا هئاسين.
    ڪنهن به ديني مدرسي ۾ ديني تعليم وٺڻ ڪونه ويس. اسان جي اسڪول ۾ اسان جو استاد هوندو هو، استاد امان الله مهيسر، اسلام ۽ قرآن جو وڏو ماهر هو، اڃان به حيات آهي. مان جڏهن به سانڻس ملندو آهيان پنهنجا ٻئي هٿ سندس پيرن تي کُپائي ٿوري دير ترسي پوءِ اٿندو آهيان. استاد امان الله ڪلاس ۾ اسان کي ديني ڳالهيون قرآن ۽ منطق جي روشنيءَ ۾ سمجهائيندو هو. استاد جون سڪنڊري ڪلاس ۾ (چاليهه سال کن اڳ) ۾ مذهبي ڳالهيون ۽ هدايتون منهنجي ذهن ۾ اڃان تائين نقش ٿيل آهن. استاد پنهنجي بيان ۽ منطق سان ٺهڪندڙ جيڪي قرآني آيتون ٻڌائيندو هو، اهي سڀ مون برزبان ياد ڪري ڇڏيون هيون جيڪي اڃان به نٿيون وسرن ۽ وقتن فوقتن ديني بحث دوران ٻڌائيندو رهندو آهيان ۽ هلڪي سلڪي ملان مولوي کي حيران ڪري ڇڏيندو آهيان.
    ۽ هاڻي ڪراچي شهر ۾ آذانون اينديون آهن. هڪ ئي وقت ڏهه ٻارهن آذانون لائوڊ اسپيڪرن تي اينديون آهن. ڪو ملان منڍ کڻندو آهي. ڪو وچ ۾ هوندو آهي، ڪو پڇڙيءَ ۾ هوندو آهي. ڪنهن جو سر ڪنهن جا الفاظ، ڪنهن جو لهجو، هڪ ٻئي سان نه ملندو آهي. ڪنهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. اهو الهامي ڪلام ڪنن کان روح تائين سراعيت نه ڪري سگهندو آهي. روح نه رچندو آهي ۽ دل چوندي آهي ته آذان جلد ختم ٿئي ته چڱو، سچ پچ ته ائين نه لڳندو آهي ته هيءَ آذان نيڪي جو سڏ آهي پر ائين لڳندو آهي ته مختلف مسجدن جي مولوين وچ ۾ آذانن جو مقابلو آهي. گوءِ آهي.
    رمضان شريف جي مهيني ۾ ته بيمارن، شاگردن ۽ اسڪول جي ٻارن، جن کي امتحان جي تياري ڪرڻي هوندي آهي رات جو پڙهڻو هوندو آهي ڇو ته صبوح جو کين پيپر ڏيڻو آهي يا اهي بيمار جن کي ڊاڪٽر ننڊ جي گوري ڏئي آرام ڪرڻ يا سمهي پوڻ جي هدايت ڪندا آهن اهي مولوين جي ان مقابلي سبب نه پڙهي سگهندا آهن ۽ نه سمهي سگهندا آهن. هتي غير مسلم اقليتن جي آرام جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو آهي جو انهن کي ته ڄڻ انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي.
    قرآن شريف ۾ چيل آهي ته “قرآن شريف کي آهستي آهستي ٺاهي ٺاهي پڙهو”. توهان ڏٺو به هوندو ۽ ٻڌو به هوندو ته رمضان شريف ۾ پاڙي جي مسيتن ۾ ختم القرآن ۽ شبيني جا جيڪي مقابلا ٿيندا آهن يا جيڪا گوءِ ٿيندي آهي ان ۾ قرآن جي انهن واضح هدايتن تي ڪيترو عمل ٿيندو آهي يا انهن هدايتن جي لائوڊ اسپيڪرن تي علي اعلان ڀڃڪڙيون ٿينديون آهن. نعوذ باالله.
    پرويز مشرف ڇنڇر 12 جنوري واري قوم کي خطاب ۾ ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون. جهادي ۽ ويڙهاڪ يا فسادي مذهبي ٽولن لاءِ هن جو ڪجهه چيو ۽ ڪيو مان ان جي تائيد ڪريان ٿو. هن ٻين ڳالهين سان گڏ اهو چيو ته مدرسن مان اڌ پڙهيل دستار بندي مولوي نڪرن ٿا چوندا آهن “نيم حڪيم خطره جان، نيم ملاخطره ايمان”. سو اهي اڌ پڙهيل مولوي اڻ پڙهيلن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندا آهن ۽ لائوڊ اسپيڪرن تي مسجدن ۽ مسيتن توڙي خانگي مجلسن ۾ لاعلمي ۽ جهالت پکيڙيندا آهن.
    منهنجي پاڙي ۾ هڪ جامع مسجد آهي جنهن جي واڌ ويجهه ۾ اوج عروج ۾ منهنجو به حصو آهي جو پوين ٽيهن سالن کان ان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ لڳاتار چندو ڏيندو رهندو آهيان. تنهن ۾ پوئين رمضان جي پوين ڏينهن ۾ مان جمعي نماز تي ويس. پيش امام صاحب فطري بابت واعظ ڪري رهيو هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا طبقا فطري وٺڻ جا حقدار آهن. پنهنجي ايمان افروز خطبي ۾ پيش امام صاحب چئي رهيو هو.
    ڪجهه جماعتون يا گروهه اهڙا آهن جيڪي انسانيت جي خدمت ۾ رڌل رهن ٿا انسانيت جي خدمت جي جوش ۽ جذبي ۾ اهي اهو نه ٿا ڏسن ته هو جن جي خدمت ڪن ٿا اهي مسلمان آهن يا هندو آهن يا ڪرستان آهن. ڀنگي ڀيل مينگهواڙ مسلم يا غير مسلم آهن بس انهن دين ڌرم ۽ ذات پات جي تفريق کانسواءِ اهي سڀني جي خدمت ۽ سيوا ڪن ٿا. اهڙين جماعتن کي به فطرو ڏيڻ جائز ناهي. فطرو انفرادي يا اجتماعي طور تي مسلمانن کي ئي ڏيڻ جائز آهي. نالو وٺڻ کانسواءِ مولوي جو اڻ سڌو اشارو اهو هو ته عبدالستار ايڌي کي فطرو نه ڏيو جو سندس تنظيم غير مسلمانن جي به خدمت ڪندي آهي. اهو خطبو مون پنهنجي گنهگار ڪنن سان ٻڌو ۽ افسوس اهو آهي ته مان خاموشي سان ٻاهر نڪري آيس. اهي ۽ اهڙا مدرسن مان دستاربند عالم آهن جن اسلام ۽ پاڪستان جو اميج سڄي دنيا ۾ خراب ڪيو آهي. جنرل پرويز مشرف پنهنجي خطبي ۾ ڪنهن به مولوي جي ساراهه نه ڪئي پر هن فقط عبدالستار ايڌي جو تمام عزت ۽ احترام سان نالو کنيو جيڪو ايتري عزت ۽ احترام جو لائق به آهي. جنهن افغانستان ۾ زخمين جي تي پٽيون رکيون. علاج ڪرايو، مئلن کي ڪفن دفن ڏنو. انگ اگهاڙين افغان عورتن جو انگ ڍڪيو ۽ جنگي وحشت ۽ بي 52 بمبارن سان بمباري کان پوءِ ٿيندڙ تباهه ڪارين ۾ انسان ذات جي جيتري به خدمت ٿي سگهي ٿي سا ڪئي پر ديني جماعتن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو. ڏکي انسانيت جي زخمن تي ڪهڙيون پٽيون رکيون سواءِ ان جي ته هتان اڻ پڙهيل ڳڀرو نوجوانن کي دين ۽ اسلام جي آڙ ۾ برغلائي افغانستان موڪليو جي اتي وڃي ڪافر ته نه ماريا پر افغان ڪلمي گو مسلمان ڀائر ئي ماريا ۽ آخر پاڻ به شهيد ٿيا يا غازي ٿيا.
    ان کان اڳ جپان جي وڏي ۾ وڏي دهشت گرد تنظيم “ياڪوزي” کي جس هجي جن چند سال اڳ جپان جي هڪ علائقي اوساڪا ۾ آيل خوفناڪ ۽ خطرناڪ زلزلن ۾ حڪومتي ادارن کان به اڳ متاثر انسان ذات کي طبي امداد پهچائڻ ۾ سڀ کان پهرين صف ۾ بيٺل هئي جپان ۾ آيل ان زلزلي ۾ هزارن لکن ۾ جانيون ضايع ٿيون. روڊ، رستا، عمارتون سڀ ڪجهه زير زمين ٿي ويا. ان انساني الميي ۾ ڪنهن به سرڪاري يا نيم سرڪاري تنظيم کان اڳ اتان جي دهشتگرد تنظيم ياڪوزي سڀ کان اڳ ۾ هئي.
    ڪاش! اهو ڏينهن اچي جڏهن اسان جي ديني مدرسن مان نڪتل دستاربند عالم، نيوٽن جي لاز آف موشن ۽ ٿيوري آف گريويٽيشن تي ڳالهائي سگهن. آئنسٽائن جي ٿيوري آف رليٽوٽي تي ڳالهائي سگهن. ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي قدر ۽ منزلت جي نگاهه سان ڏسي سگهن. ڪوپر نيڪس جي ان ٿيوري تي بحث ڪري سگهن ته زمين ڦرندڙ آبجيڪٽ آهي.
    جيڪي فرائيڊ جي ٿيوري آف سائيڪوايناليسز تي ڳالهائي سگهن. جيڪي نيو ڪليئر سائنس جي به ڄاڻ رکن. جيڪي ليوناروڊ ڊا ونشي جي موناليزا تي به هڪ اڌ جملو ڳالهائي سگهن جيڪي شاهه ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، رومي حافظ، سعدي فردوسي، عمر خيام، امر القيس، خليل جبران، ٽي ايس ايليٽ، هومر ورڊ سورٿ، ناظم الحڪمت وغيره تي ٻه چار اکر چئي سگهن. جيڪي اي ميل، انٽرنيٽ، اوريڪل ۽ ڪمپيوٽر جي جديد ٻولي کي به سمجهي سگهن ۽ مڪي، مديني يا مصر ۾ ڪنهن مذهبي معاملي تي اتان جي مولوين سان چيٽنگ ڪري سگهن.
    مان پنهنجي ديني عالمن کان اها توقعات ٻن سببن ڪري رکان ٿو هڪ ته سائنسدانن ۽ دانشورن کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي ڄاڻ هجي ٿي ٻيو ته ايران، مصر ۽ ملائيشيا توڙي ٻين ملڪن جا ديني عالم سائنسي علوم کان به واقف آهن.

    عوامي آواز ڪراچي -14 جنوري 2002


    • 11 هين سيپٽمبر جو ڏينهن ۽ ڪفر جي جنگ

    سڀاڻي يارهين سيپٽمبر آهي. هڪ سال اڳ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ آمريڪا جي سڃاڻ ۽ طاقت جي مظهر ٻن عمارتن ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي مسافر بردار جهازن کي اغوا ڪري انهن کان ميزائلن جو ڪم ورتو ۽ مسافرن سميت اهي جهاز طاقت جي ٻن منارن سان ٽڪرائي انهن کي اهڙي طرح مسمار ڪيو ويو جو ڄڻ اهي عجوبي جي حيثيت رکندڙ ٻه عمارتون يا ٻه ٻه جاڙا ٽريڊ ٽاور ٺهيا ئي ڪڏهن ڪونه هئا.
    ٻيا جهاز انهن جي دفائي مرڪز پينٽاگون کي لڳا ۽ اهي به بريءَ طرح تباهه ٿيا. دنيا جي “فيل مست” ۽ طاقتور ترين ملڪ آمريڪا کي ٻي عالمي جنگ ۾ به ايڏو نقصان نه ٿيو هوندو، جيڪو يارهين سيپٽمبر وارن حملن ۾ کين پهتو.
    جاني ۽ مالي نقصان کان وڌيڪ آمريڪا کي جيڪو اعتماد جو ڌڪ لڳو سو شايد ايندڙ ڪئين سالن تائين بحال ٿي نه سگهي. هيڏي وڏي طاقتور ملڪ ۾ هيڏي وڏي گوريلا ڪاروائي، آمريڪي سيڪيورٽي سسٽم جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي نظام جي ڪمزوري سبب انهن کي جيڪا ڦڪائي ٿي ان جي سبب هو نه فقط ڇتا ٿي پيا، پر ان ڇتائي ۾ به هو بي ضابطي ٿي ويا ۽ انصاف، منطق ۽ خدا ترسي جا سڀ ليڪا لنگهي ويا. اڄ به يورپي ملڪن سميت ڪافي “ٿنڪ ٽينڪس” ۽ دانشور فورمن جو اهو خيال آهي ته اهي واقعا يهودي لابي ۽ آمريڪي سي آءِ اي پاران ڪرايا ويا آهن، جيئن هڪ طرف عالم اسلام جي وڌندڙ اثر کي ٻنجو ڏيئي سگهجي. ٻيو سينٽرل ايشيا جي تيل کي افغانستان رستي پائيپ لائين ذريعي ڇڪي آڻي سگهجي. پر جن قوتن اها سازش تيار ڪئي هوندي انهن وارو وارو ۽ وٺ وٺان لائي ڏني ۽ بنا دير القائدا کي مجرم قرار ڏيئي افغانستان تي حملا شروع ڪيا ويا. توڻي جو جهاز اغوا ڪندڙ اڻويهن ڄڻن مان ڪنهن هڪ جو به تعلق افغانستان سان ڪونه هو. اسان کي آمريڪا ۾ بي گناهه مرندڙ شهرين جو ايترو ئي افسوس آهي جيترو فلسطين، عراق ۽ افغانستان ۾ بي ڏوهين جي مرڻ جو افسوس آهي. پر اڄ ڏينهن تائين پڪا ثبوت ميسر نه ٿي سگهيا آهن ته ڪو انهن حملن ۾ يقيني طور تي القائدا ملوث هئي.آمريڪا وارا ۽ ان جا ساٿاري برطانيا وغيرهه ايترا انڌا ٿي پيا جو افغانستان ۾ شادين جي ميڙ تي به بم اڇلائي سوين بي ڏوهين کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو.
    مان بنياد پرستن کان هميشهه پاسيرو رهندو آهيان. مون کي طالبان ان ڪري به ڪونه وڻندا هئا جو اهي عورتن جي نه فقط آزاديءَ جي خلاف هئا، پر ذري گهٽ انهن جي وجود جي ئي خلاف هئا. عورتن کي چپن تي سرخي ۽ ننهن تي رنگ هڻڻ جي به پابندي هوندي هئي. اهڙي طرح پنهنجي ملڪ جي به تنگ نظر ۽ بنياد پرستن جي هميشهه خلاف رهيو آهيان. پر ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ ته اهي بنياد پرست ۽ تنگ نظر مون کي وسيع نظر ۽ کليل دماغ جا به لڳندا آهن. سامراج خلاف جهڙي نموني ڪامريڊن هڪ ڊگهي جنگ ڪئي آهي ته انهن بنياد پرست مولوين به پنهنجي حساب سان سامراج خلاج جدوجهد ڪئي آهي. ان سان اسان جي ذهني حد القاعده سان ته ڪانه ٿي ملي، پر جنهن نموني القاعده سامراج جي غيرفطري، غير جمهوري ۽ غيرمنطقي سياست جي خلاف جدوجهد ڪئي، اها ڪامريڊ جي جدوجهد کان گهڻو مختلف نه هئي. فرق صرف اهو آهي ته ڪامريڊ گهڻو تڻو قلم جي طاقت سان سامراج جا ڇوڏا لاهين ٿا، ته مذهبي طاقت رکندڙ جدوجهد ۽ جهاد وسيلي عمل جي ميدان ۾ ڪمال جا ڪم ڪيا آهن. هن وقت سامراجي طاقتون اسلامي دنيا جي ڪڍ پئجي ويون آهن. هڪ بيحد ننڍڙو ملڪ اسرائيل تنهن هڪ وڏي طاقتور ملڪ جي زور تي فلسطين ۾ قتل و غارت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. بش – بليئر جو چوڻ آهي ته عراق ٻڌائي ته هن جي گهر ۾ ڇا ڇا آهي؟ ڀلا مسلمانن جو حق نه ٿو بڻجي جو اهي پڇن ته اسرائيل وٽ ڇا ڇا آهي؟! اسرائيل جي گهر ۾ سڀ بم بکيڙا آهن آمريڪا توڙي سندس ساٿارين وٽ جنگي حڪمت عملي ۽ تباهه ڪارين جا جيڪي به سامان آهن. سي اسرائيل وٽ آهن پر مسلمان ملڪن ۾ همت آهي جو اهي گهُر ڪن ته جهڙي نموني عراق جي صدام کان آمريڪا ۽ ان جا ساٿاري ۽ حواري اها گهر ڪري رهيا آهن ته عراق جنگي سامان جون فيڪٽريون ظاهر ڪري، ته اسرائيل به پنهنجا سامان ۽ ان جو فيڪٽريون ظاهر ڪري اسان جي ملڪن ۾ جهڙي طرح آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويٽيگيشن (FBI) جا گماشتا مسلمان مجاهدن جي وٺ پڪڙ ۾ سرگرم آهن ڇا مسلمان ملڪ جي ڪنهن به ايجنسي کي اها اجازت ڏني ويندي ته اهي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ انهن جي ڇاڙتن ۽ ڪرائي جي قاتلن کي تلاش ڪن ۽ ڇا آمريڪا يا يورپ جا حڪمران مسلمان ملڪن کي اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندا؟ چوڻ جو مقصد آهي ته ڪنهن به هڪ حقيقت لاءِ ٻٽا معيار ڇو هجن، ڇا منطق ڪوريئڙي جو ڄار آهي جنهن کي طاقتور وجود ٽوڙي وڃي پر مکيون ۽ مڇر ان ۾ ڦاسي پون. ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي فلسطين ۾ اسرائيلي دهشتگردي خلاف گڏيل قومن جي بي شمار قراردادن تي هن وقت تائين عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي!؟ ڇو ته قانون فقط بي وقوفن لاءِ هوندو آهي. (Rules are for fools)
    پر افسوس تڏهن ٿيندو آهي جو هنن جي فحاشي ۽ اسان جي عياشي اسان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن وٽ فحاشي به آهي حسن به آهي نخرا به آهن ته هنن وٽ سائنس به آهي حڪمت عملي به آهي محبت به آهي.
    اسان پنهنجو پئسو ۽ طاقت ڪهڙي ريت برباد ڪري رهيا آهيون. ان جو هڪ ٽريلر توهان به ڏسو. هن وقت جڏهن يهودي – عيسائي لابي مسلمان لابي خلاف سرگرم آهي ۽ انهن جي ٽارگيٽ ۾ سعودي عرب به شامل آهي. تڏهن سعودي عرب جو بيمار شهزادو اسپين جي “ماربيلا” شهر جي ساحل تي پنهنجي سنگ مرمر ۽ سون جي محلات ۾ وڃي ٽڪيو آهي.
    ٽي هزار مٽن مائٽن ۽ دوستن سميت ٻارهن بوئنگ جهازن ۾ سوار ٿي سعودي شهزادو وچ آگسٽ ڌاران سئٽرزلينڊ پهتو، جتي ويهه مرسيڊيز گاڏين ۽ ستن ٽرڪن ۾ هنن جو سامان ڍويو ويو. چون ٿا ته ٽي سال اڳ يورپ جي هڪ تفريح گاهه ۾ سعودي شهزادي ستر ملين ڊالر خرچ ڪيا هئا. هن وقت شهزادو اسپين ۾ آهي ته ڄڻ اسپين جا بخت کلي ويا آهن. محلات ٻاهران مردن توڙي عورتن جو قطارون لڳل آهن. جوانڙين کان سواءِ صفائي ڪندڙ عورتن جا هجوم لڳل آهن. جن جو چوڻ آهي ته انهن کي شهزادا صفائي جو اجورو ٽي هزار ڊالر ڏيندا آهن. ڊرائيور کي ٽي هزار ڇهه سؤ ڊالر ملندا آهن. اتان جون بيڪريون بغير آرڊر جي شهزادن کي ڪيڪ موڪلي رهيون آهن ۽ گلن جا دڪان انهن کي گلدستا موڪلي رهيا آهن.
    فقط هڪ شهزادي جي اسپين ۾ موجودگي سبب يورپ جي هڪ ملڪ جي معيشت کي ايڏو فائدو رسيو آهي جو اسپين وارا گد گد ٿي رهيا آهن. عرب شهزادا هڪ هڪ بيري کي 600 ڊالر خرچي ڏئي رهيا آهن. هڪ عرب شهزادي پنهنجي لاءِ ٻه سؤ جوڙا بوٽن جا خريد ڪيا. پنهنجي لاءِ 25 واچون خريد ڪيون. اسپين جي حڪومت هڪ جهاز ڪرائي تي ڪيو آهي، جيڪو جهنڊو ڦڙڪائيندو ٿو وتي جنهن تي لکيل آهي His Majesty شهزادن کي اها اجازت مليل آهي ته اهي پنهنجون پنهنجون مرسيڊيز گاڏيون شهر ۾ جتي چاهين اتي پارڪ ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ ڪا به جهل پل ناهي. اٽڪل پنجاهه شهزادن جي باڊي گارڊ طور ڪم ڪري رهيا آهن، جن کي في ماڻهو ساڍا چار هزار ڊالر ملي رهيا آهن.
    هاڻي ٻڌايو ته هڪ طرف القاعده وارا مجاهد ڪهڙين مصيبتن ۾ گرفتار آهن عراق ايران ڪهڙي عذاب ۾ مبتلا آهن. سڄي مسلم امه ڪهڙي صورتحال سان دوچار آهي ٻئي طرف اسان جي محور ۽ مرڪز جا شهزادا ڪهڙين رنگ رلين ۾ مشغول آهي. انهن افعالن تي اسان ڪفر تي ڪيئن حاوي ٿي سگهون ٿا؟!.


    • اوندهه ۽ روشنيءَ جو مقابلو

    گهگهه اونداهي رات، چوڏهينءَ جي چنڊ جو فارم رد ڪري ڇڏيو آهي. ائين ئي ٿيڻ کپندو هو. چوڏهينءَ جو چنڊ ڏاڍو خطرناڪ هوندو آهي، ڇو ته ان جي روشني ان عام ماڻهوءَ کي به رستو ڳولڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، جنهن مسڪين جي گهر ۾ بجلي ته ڪونه هوندي آهي، پر ڪو ڏيئو به ڪونه ٽمڪندو آهي. ڇو ته تيل ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي ۽ تيل سان گڏ روزمرهه واري انساني واهپي جي هر شيءِ به مهانگي ٿيندي پئي وڃي. ويچارا موالي، آفيمي ۽ هيروئني پنهنجي نشي پتي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو رت وڪڻڻ ويندا آهن ته رت جي هڪ بوتل مان شايد شراب جي هڪ بوتل به نه ملندي هوندن. يا هيروئن جي هڪ پڙي به نه ملندي هوندن. تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    خون سستا شراب مهنگي هي
    گهگهه اونداهي، چوڏهينءَ جي چنڊ جو فارم ان ڪري به رد ڪري ڇڏيو آهي ته انڌاري ۾ چورين ۽ ڌاڙن هڻڻ واري پاڪستان جي “ عظيم تر مفاد” ۾ چنڊ رخنو ٿو وجهي. چنڊ چورن ۽ ڌاڙيلن جا چهرا نيڪ روشن ڪري وجهي ٿو. اهي چور ۽ ڌاڙيل جيڪي چاهيندا آهن ته سندن منهن تي دانگي مليل هجي ۽ ڏيئي جو ٽمڪو يا چنڊ جي چانڊاڻ سندن ڪارن منهن کي سڃاپڻو ڪري نه وجھي. ڀٽائيءَ چنڊ پاران فقط ايترو احتجاج ڪيو آهي ته:
    نه ڪي آهيون چُهڙا، نه ڪي آهيون چور،
    هنگامان ۽ هور، ڪُتا ڪرين ڪنهن تي.
    گهگهه اونداهيءَ، روشني سان هميشهه تعديون پئي ڪيون آهن، پر اونداهيءَ جي انڌ ۾ اهي نظر ئي نه اينديون آهن. پر هن ڀيري احتجاج ايترو شديد ٿيو آهي جو هڪ ڀاڄوڪڙ نڀاڳي ائٿ تاري به چوڏهين جي چنڊ فارم رد ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪندي پنهنجو فارم واپس ورتو آهي. ائٿ جو چوڻ آهي ته چوڏهين جي چنڊ جو فارم رد ٿيڻ جي ردعمل ۾ مان پنهنجو نڀاڳ به ونڊڻ لاءِ تيار ناهيان ڇو ته شيطان جي وجود لاءِ “مسبب الاسباب” هجڻ به ڏاڍو ضروري آهي. “مسبب الاسباب” جي غيرموجودگيءَ ۾ شيطان پنهنجي “هئڻ” جي اهميت وڃائي ويهي ٿو.
    پاڪستان جي سياست ۾ “خاڪين جو خلل” سدائين جاري رهيو آهي. انهن “پاڪ سرزمين شاد باد- ڪشور حسين شاد باد کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪا پوک پوکي آهي انهن ۾ اڳ نه فقط چوڏهين جي چندن جا فارم رد ڪيا آهن، پر انهن کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيو. تارا مسيح کي چوڏهين جي چنڊ کي ڦاسي ڏيڻ جا شايد پنجويهه روپيا مليا هوندا، جنهن ۾ هن پنهنجي ٻچن لاءِ دال جو هڪ ڪلو ورتو هوندو پر “تارا مسيح” جو ڪهڙو ڏوهه؟ هو ته هڪ پورهيت ۽ مزدور هئو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ڪنهن شاعر اديب دانشور يا ليکڪ تارا مسيح خلاف قلم يا قدم نه کنيو آهي اهو سڄو ڏوهه ته انهن حاڪمن جي مٿان آهن جن اهڙا حڪم ڏنا “پاڪ سر زمين شادباد” لاءِ حاڪمن هڪ چوڏهين جي چنڊ کي ڦاهيءَ تي ٽنگي ڇڏيو ۽ سندس ڀرسان ٻن ٽمڪندڙ ستارن به چنڊ جي ماحول ۽ روشني ۾ پليا آهن ۽ چنڊ جي غير موجودگي ۾ اهي ٻه ننڍڙا ستارا متان وڏا ٿي چوڏهين جو چنڊ ٿي پون ۽ وري هي جڳ روشن نه ٿي پوي. ڇو ته روشني جو ڪو به امڪان – گهپ انڌاري وارين قوتن جي سيني ۾ تير مثال چڀندو آهي، تڏهن هڪ ڀيري چنڊ لهي رهيو هو ته هن جڳ وارن کي اعلان ڪندي ٻڌايو ته خبردار ٿجو! پنهنجو پنهنجو بندوبست ڪجو! مان لهان ٿو – پوءِ متان چئو ته انڌارو ٿي ويو، تڏهن هڪ ڪکائين گهر ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي اعلان ڪيو ته چنڊ تون ڀلي لهي وڃ، مان ٽمڪان ويٺو!!.
    چنڊ کي ڦاهي تي چاڙهڻ لاءِ تارا مسيح کي حڪم ڏيندڙ حاڪمن کي اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته ڪيئي سال اڳي هنن هڪ چوڏهين جي چنڊ کي ڦاهي چاڙهيو هو، پر اڃان تائين روشني ڇو نه ختم ٿي سگهي آهي. اهي روشني ڪرڻا ڪٿان ٿا اچن جو اوندهه جو هانو ڦاٽجي ٿو. اهي عقل جا انڌا ڪڏهن به نه سمجهي سگهندا ته ڪو “نور” به ڦاهيءَ چڙهندو آهي؟ ڀلا روشني کي ڪيئن ڦاهي چاڙهي سگهبو؟! اچو ته ڀٽائي کان پڇون!:
    انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪُڄاڙيا کاڻئين
    اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ
    سولي جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.
    پاڪ سرزمين کي شادباد رکڻ لاءِ هنن هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف جا ٻج پوکيا جي هاڻي وڌي وڻ ٿيا آهن. جڳان جڳ ۽ ملڪان ملڪ اسان جي پياري وطن جو نالو نيڪ روشن آهي، جڏهن به ۽ جتي به دهشتگردي جو نالو ورتو پيو وڃي اتي ماڻهو منهنجي ملڪ کي ياد ڪن ٿا ۽ جڏهن به ۽ جتي به نشي پتي جو ونهوار ۽ ڪاروبار جو ذڪر هلي ٿو اتي ماڻهو منهنجي ملڪ کي ياد ڪن ٿا. هاڻي ته ماشاءالله منهنجو ملڪ “عالمي دهشتگردي” خلاف مهم ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي “دهشتگرد” ملڪ جو ساٿاري آهي. انهيءَ ملڪ جو ساٿاري آهي، جنهن دراصل چوڏهين جي چنڊ کي ڦاهيءَ جي ٽنگڻ جا پردي جي پٺيان حڪم ڏنا هيا. هي اهو ملڪ آهي، جيڪو عراق جي نه فقط صدام حسين کي قتل ڪرڻ گهري ٿو پر جيڪو اتان جي لکين ٻارڙن ۽ ٻچڙن جو قاتل آهي. اسان جا حاڪم “عالمي دهشتگردي” خلاف انهي عالمي دهشتگرد جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، جنهن انسان ذات تي پهريون ڀيرو “هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ” تي ائٽم بم وسايا جنهن جو پڙلاءُ اڄ به اچي رهيو آهي. اسان انهيءَ عالمي دهشتگرد جا ساٿاري بڻجي چڪا آهيون، جيڪو لکين فلسطيني ٻچڙن ۽ عورتن جو قاتل آهي. جيڪو لکين مائرن جو مجرم آهي ۽ اسان انهن دهشتگرد ملڪ جا ساٿاري بڻيل آهيون، جنهن جو هينئر ٽارگيٽ اسان جو ڪعبو قبلو آهي اسان جو محور ۽ مرڪز سعودي عرب بڻيل آهي. سعودي عرب تازو آمريڪي ڪولڊ ڊرنڪس “ڪوڪا ڪولا ۽ پيپسي ڪولا” جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ ايندڙ حج ۾ ايران کان گهرايل “زم زم ڪولا” سان حاجي پنهنجو هيانءُ ٺاريندا. اسلامي ملڪن ۾ آمريڪا خلاف غيرتمندي جي هڪ نئين لهر ڊوڙي آهي، پر اسان اڄ به مسلمان ۽ عرب دنيا کان ڪٽيل آهيون ۽ عالمي دهشتگرد سان گڏجي يا ته چوڏهين جي چنڊن کي ڦاهين چاڙهڻ ۾ مشغول آهيون يا انهن جا فارم رد ويٺا ڪريون.

    عوامي آواز ڪراچي- 3 سيپٽمبر 2002 ع


    • انٽرنيٽ تي عشق – اڻ ڏٺا آرا

    دل نه آمريڪي هوندي آهي نه يورپين نه ايشين. دلين جا دنگ نه هوندا آهن. دليون آزاد، خودمختيار، معصوم ۽ مقدس هونديون آهن. دليون جڏهن دماغن تي ڪنٽرول ڪنديون آهن ته عاشق زهر پياڪ بنجي ويندا آهن. پر دماغ جڏهن دلين تي ڪنٽرول ڪندا آهن ته تڏهن انسان عاشق نه پر ڊاڪٽر، انجنيئر، رياضيدان ۽ ايٽمي ماهر ٿي پوندا آهن. عقل ڪي سٺا ته ڪي ڪڌا ڪم به ڪرائيندو آهي. هيرو شيما، ناگاساڪي کان وٺي دنيا جي هرخطي ۾ ظلم ۽ زيادتين جا لکين مثال عقل (يا ڪم عقلي) جا آهن. جڏهن ته عاشق انسان ذات کي نفرت نه پر محبت، ڌڪار نه پر پيار، ڪفلت نه پر الفت سيکاريندا آهن. ورڊس ورٿ، شيلي، شيڪسپيئر، بائرن، ڪيٽس ۽ گوئٽي کان سچل، ڀٽائي، بلي شاهه ۽ باهو تائين ڳالهه فطرت جي سونهن. انسان جي خوبصورتي، دلين جي سچائي، بي پناهه چاهتن ۽ الفتن جون ڪهاڻيون آهن. خِطا ڌار آهن، ٻوليون الڳ آهن، اظهار جان ڏانءَ ڍنگ الڳ الڳ آهن. ڳالهه هڪ آهي “عشق”. انسان جتي به آهي، ان جي بناوت (Anatomy) ساڳي آهي. سڀني جي خون جو رنگ ڳاڙهو آهي. دليون ساڳيءَ ريت ڌڙڪنديون آهن. دلين جي ڌڙڪڻ جا انداز به ساڳيا هوندا آهن. خوشيءَ جو ڌڙڪڻ الڳ – خوف ۾ ڌڙڪڻ الڳ. غم جو ڌڙڪڻ الڳ. اهڙيءَ طرح نير يا ڳوڙهن جو به پنهنجو ڌار “سنيهو” هوندو آهي. خوشيءَ جا ڳوڙها، غم جا ڳوڙها، خوف جا ڳوڙها.
    ازل کان ابد تائين انسان ذات عشق ۾ مبتلا رهندي رهندي آئي آهي.اهو سلسلو آدم ۽ حوا کان شروع ٿيو آهي. اسان انهن جي پويرن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي نافرماني نه ڪئي آهي. انهن جا ناخلف نه رهيا آهيون. انهن جا لائق پونير آهيون، جيئن هنن ڪيو تيئن اسان ڪندا رهندا آهيون. عشق به ڪريون ٿا. الله جي نافرماني به ڪريون ٿا. سزا به ڀوڳيون ٿا. معافيون به گهرون ٿا. دربدر به آهيون. ڪجهه به آهيون حضرت آدم ۽ بي حوا يا ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جا نهايت فرمانبردار آهيون. غم ۽ خوشي آدم جو ئي ورثو آهي. ڪنهن فارسي شاعر ڪيڏو نه سهڻو شعر چيو آهي:




    در اين دنيا ڪسي بي غم نه باشد
    اگر باشد بني آدم نه باشد.

    “ مون هن دنيا ۾ ڪنهن کي به بي غم نه ڏٺو آهي، ۽ جيڪڏهن ڏٺو هوندو ته پوءِ آدم جي اولاد کي نه ڏٺو هوندو.” يعني ڏاند، گڏهه گهوڙا، باندر ته بي غم ٿي سگهن ٿا پر بني آدم يا انسان جو اولاد بي غم ٿي نه ٿو سگهي.
    جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته دنيا ۾ ٻه ئي غم آهن جيڪي انسان کي لڳل آهن. “هڪ سڄڻ ٻيو ساڻيهه” ساڻيهه جو غم ته اهو آهي جيڪو سنڌ جو آهي. جيڪو فلسطين جو آهي. سڄڻ جو غم اهو آهي جيڪو سهڻي ميهار، سسئي پنهون جو آهي. جيڪو ڀٽائيءَ به ڪيو آهي. جنهن جا ڪجهه مثال سندس شاعريءَ مان پيش ڪريان ٿو:
    ماڻهو گهُرن مال، آئون سڀ ڏينهن گهُران سپرين،
    دولت تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال
    ڪيَس نام نهال، پَسڻ تان پري ٿيو.

    دراصل اڄ منهنجو موضوع ئي هو: “ڪيَس نام نهال، پَسڻ تان پري ٿيو.”
    اڄ يقين ڪريو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن. ان پنجويهن سالن جي آمريڪي ڇوڪريءَ جي انٽرنيٽ تي ڪيل عشق ۽ ڏنل دل جي عيوض ساڻس هڪ بي وفا (ڪميني) چالاڪ ڇوڪري جي سانڻس ڪيل بيوفائي جي خبر اخبارن ۾ ڇپي آهي. پر جيئن ته نوجوان ڇوڪري آمريڪن آهي ۽ هن وقت آمريڪي پهنجي شهرين جي حفاظت خاطر پنهنجي شهرين جي خاص پردي پوشي ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڇوڪري آئي به ۽ به وئي هلي، پر اڃان اخبارن ۾ کليل تفصيل نه آيا آهن.
    پر ٿيو ائين آهي ته هڪ پنجويهن سالن جي خوبصورت ڇوڪري، ڪمپيوٽر تي، انٽرنيٽ تي، چيٽنگ (Chatting) تي هڪ ڪراچي جي ڇوڪري سان عشق ۾ مبتلا ٿي هئي. مان ايمانداري سان چوان ٿو ۽ اسان پاڪستاني، هندستاني، ڏاڍو ڪوڙا ڏاڍا منافق، دوکيباز ۽ ڏاڍا مڪار آهيون. جڏهن ته آمريڪن ۽ جپاني يا انگريز عشق جي معاملن ۾ ڏاڍا سادا ۽ جلد اعتبار ڪندڙ آهن پاڪستاني ڇوڪري، آمريڪين ڇوڪريءَ کي الائي ڪهڙا سبز باغ ڏيکاريا هوندا کيس ٻڌايو هوندو ته هو غير شادي شده آهي تعليم يافته آهي ۽ هو ساڻس شادي لاءِ تيار آهي.
    پنجويهن سالن جي نازڪ ۽ نويل ڇوڪري “اڻ ڏٺي آري” ۽ “ڪيس نام نهال پسڻ تان پرين ٿيو” واري جذبي تحت ڪيئن تياري ورتي هوندي. هيڏي ڀريل تريل دنيا ڇڏي تن وڌائين تار ۾ ارواح جي آري وانگر هيڪلي نڪري پئي آمريڪا کان ڊگهي سفر تي. مونکي انهن سفرن جو ڏاڍو تجربو آهي ايڏو ٿڪائيندڙ سفر ٿيندو آهي جو هڪ هفتو کن ٿڪ نه لهندو آهي ۽ ننڊ نه ڦٽندي آهي. پرالهڙ جواني ۾ عشق جو جذبو هن سان هم سفر هو. سو ڇا جا ٿڪ ڇا جون ننڊون کيس خبر هئي ته هڪ ڀيرو محبوب جي ٻانهن جي وڪڙ ۽ جڪڙ ۾ آيس ته ٿڪ به لهي ويندا. ننڊون به ڦٽي وينديون وصال ٿيندا. پيار ٿيندو ٻه جسم هن جان ٿي ويندا ۽ نقشو ڪجهه هئين ٿيندو:
    اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون پکا پٽ سنهن
    سرهي سيج، پاسي پرين، مرپيا مينهن وسن
    اسان ۽ پرين هون برابر ڏينهڙا.

    اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين
    پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار
    ساڄن سڀ ڄمار، هوند گولي ٿي گذاريان.

    پر آمريڪن ڇوڪري جا سمورا خواب چڪنا چور ٿي ويا. خيالي محلات واريءَ جي ڪوٽ وانگر ڌڙام ٿي اچي پٽ تي ڪريا جڏهن هن پنهنجي خيالي محبوب جو اچي در کڙڪايو ته شايد سندس زال در کوليو هوندو ۽ سندس ٻه ٻارڙا به انگريزياڻي جي رونشي تي اچي گڏ يا هوندا هن پڇيو هوندو ته هي گهر فلاڻي جو آهي جواب مليو هوندو ته ها.
    هن پڇيو هوندو ته تون ڪير آهين، جواب مليو هوندو مان ان جي زال آهيان، هي منهنجا ٻار آهن. تڏهن هن آمريڪن ڇوڪري به ساڻس پنهنجا دل جا احوال ڪيا هوندا. غداري، بي وفائي جا روئڻا رنا هوندا ۽ پوءِ هوءِ نامراد ۽ لاحاصل موٽي وئي هوندي. ۽ اهو نامراد ۽ لاحاصل سفر ڪيڏو نه اڻانگو اڻ کٽ ٿڪائيندڙ ۽ ڪربناڪ هوندو، جنهن جي “خبر کاڌن کي پوي” پاڪستان عاشق (بي وفا ڪميني) لاءِ في الحال اها سزا ڪافي آهي جو زال اهو احوال ٻڌي سندس گهر ڇڏي هلي وئي آهي. اهو همراهه سکيو ڏينهن نه ڏسندو.

    عوامي آواز ڪراچي- 24 جون 2002 ع


    • ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سالياني رپورٽ

    تازو ايمنسٽي انٽرنيشنل لنڊن ۾ پنهنجي سالياني رپورٽ پڌري ڪئي آهي. جنهن ۾ مختلف ملڪن ۾ حڪومتن پاران ٿيندڙ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ بي واجبين، بي قائدگين، غيرآئيني، غير منتقي ۽ غير انساني ۽ غير اخلاقي عملن جا وکا پڌرا ڪيا ويا آهن. هندستان توڙي پاڪستان ۾ انساني حقن جي پاماليءَ جو ذڪر آهي. عورتن ۽ بارن جي حقن ۽ حقن تلفين جو جو ذڪر آهي. ان غيرقانوني ۽ بنا جواز جي گرفتارين جو ذڪر آهي. ان ۾ پوليس جي تحويل ۾ ٿيندڙ قتلن جو ذڪر آهي. ان ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ان جي آڙ ۾ ٿيندڙ وڳوڙن ۽ فسادن جو ذڪر آهي. ان ۾ ملڪ جي آئين کي ڪُتر جي مشين ۾ وجھي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو ذڪر آهي. غيرمنطقي ناروا ۽ نامناسب سسٽم ٿاڦڻ جو ذڪر آهي جنهن کي عوام ٿڏي چڪي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشل ۽ هيومن رائٽس جون تنظيمون اڳ به اهي رپورٽون شايع ڪنديون آيون آهن پر ٻڌي ڪير ٿو. ان رپورٽ ۾ انساني حقوق جي وڌ ۾ وڌ لتاڙ ۽ غيرانساني عمل جو جيڪو حصو آهي. اهو آهي، “بلا سفيمي قانون” جي آڙ ۾ انساني حقوق ۽ خاص ڪري غير مسلم اقليت تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ. انساني حقن جا پامالي ۽ سرفهرست ان ڪاري قانون جي آهي جنهن جي آڙ ۾ الائي ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڪيترا بي ڏوهه انسان جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. جيئن سنڌ ۾ ملڪيتن ڦٻائڻ يا ٻيا ڪيترائي شخصي جھيڙا اڪلائڻ لاءِ ويچاري بي قصور ۽ بي ڏوهي عورت تي ڪوڙا الزام هڻي، ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي. توهين اسلام يا توهين رسالت واري قانون کي به اهڙي ئي نموني شخصي انتقام وٺڻ يا شخصي دشمنيون پاڙڻ لاءِ ڪم آندو پيو وڃي. اهو “تحفو” اسان کي “اميرالمومنين” جنرل ضياءُ الحق کان مليو، جنهن کي پوءِ پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) ۾ ترميمون ڪري ان ۾ شامل ڪيو ويو. دراصل اصلوڪو قانون هو ته ڪنهن به مذهب جي مقدس مقامن يا نالن جي توهين تي ٻن سالن جي ٽيپ يا ڏنڊ يا ٻئي سزائون ملنديون هيون. پر 1986ع ۾ جنرل ضياءَ الحق ان ۾ وڌيڪ ترميمون وجھي ان جو اصل حليو بگاڙي ڇڏيو ۽ ان جي شق 295 – سي، هن طرح بڻائي ويئي.
    “ حضور پاڪ صلعم جي شان ۾ گستاخي پوءِ اها لفظن جي صورت ۾ هجي يا اشارن، قناعن جي صورت ۾ هجي، ان جي سزا موت يا عمر قيد ۽ ڏنڊ هوندي.”
    “توهين رسالت” جي ان قانون ۾ سياسي مخالفن يا دشمنن کان انتقام وٺڻ ڏاڍو آسان ڪم ٿي پيو آهي. سو به جيڪڏهن دشمن غير مسلم آهي ته ان کي وڏي آسانيءَ سان قانون ۾ اڙائي سگھجي ٿو. پاڪستان جون عدالتون به اهڙيون فتوائون ڏيڻ وقت عوامي اشتعال کان ڊنل رهن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻندي ٻجھندي، سوچيندي، سمجھندي، آزاد ۽ ايماندار فتويٰ ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿا. وڪيل اهڙن ڪيسن کڻڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ اهڙن ڪيسن جون فتوائون جڏهن ٻڌايون وينديون آهن ته ڪورٽ جي احاطي ۾ پڳڙين ۽ ٽوپين وارا سٿيا پيا هوندا آهن ۽ ٻاهر هٿيارن ۽ رائفلن ۽ ڪلاشنڪوفن وارا به کلئي عام بيٺا هوندا آهن. اهڙي ماحول ۾ ۽ اهڙي قانون ۾ آزاد ۽ منصفاڻن فيصلن جي گهٽ اميد هوندي آهي. مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو اوهان کي ٻڌايان ٿو:
    ڪافي سالن جي ڳالهه آهي، شايد 1994ع جي ڳالهه آهي. ضلعي گجرانوالا جي پوليس ٿاڻي “خيالي پوسٽ” ۾ هڪ شخص بند آهي، جنهن کي ملن مولوين “واجب القتل “ جي سزا ٻڌائي آهي.اهو شخص عربي ۽ اسلاميات ۾ ايم اي ڪيل هو. هن پندرهن سالن جي عمر ۾ قرآن حفظ ڪيو هو. هن طيبه ڪاليج منجھان حڪمت ۾ ڊپلوما به ڪئي هيئ. هو هڪ شفاخانو هلائيندو هو جنهن مان سندس گذر سفر ٿيندو هو. سندس والد قاري حبيب الله هڪ رٽائر فوجي هو. جيڪو جماعت اسلاميءَ جو سرگرم ڪارڪن هو.
    اسد ڪالونيءَ ۾ لائوڊ اسپيڪر گونجن ٿا. مولوي عوام کي “دعوت عمل” ڏين ٿا ۽ تبليغ رستي ماڻهن کي گهرن کاڻ ٻاهر نڪرڻ ۽ عيسائي ڊاڪٽر فاروق سجاد کي قتل ڪري “ثواب دارين” حاصل ڪرڻ جو بار بار اعلان ڪن ٿا. ڊاڪٽر فاروق مٿان گجرانوالا – شيخوپورا روڊ تي “خيالي پوسٽ” ٿاڻي تي فرياد داخل ٿيل آهي ته هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي. خوف ۽ حراس کان کان ڊاڪٽر فاروق جي پرديدار گهر واري ۽ ڇهه ٻار ڪنهن محفوظ هنڌ تي لڪل آهن ۽ گهر خالي آهي.
    مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن مان مولوين جي اپيلن جي نتيجي ۾ ماڻهو هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر فاروق ڪافر آهي. واجب القتل آهي. ۽ اسلام زنده آباد جا نعرا گونجن ٿا. هجوم ٿاڻي جو لوهي گيٽ ڀڃي ٿو. پوليس ۽ مئجسٽريٽ ڪجهه پاسيرا ٿي وڃن ٿا. ٻاهران سرن جي ڀريل ٽرالي لنگهي ٿي. ان کي روڪي هجوم سرن سان ڊاڪٽر فاروق کي ٿاڻي اندر سنگسار ڪري ٿو. سندس لاش کي هڪ موٽر سائيڪل سان ٻڌي هڪ فرلانگ تائين گهليو وڃي ٿو. لاش سڄو چٿجي، چيٿاڙجي سڃاڻپ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. کيس اباڻي قبرستان ۾ هڪ قبر جي جاءِ به نه ٿي ملي. جنازي نماز پڙهڻ کان سواءِ ئي پوليس جي هڪ کڏ کوٽي کيس پوري ڇڏي ٿي.
    دراصل بعد ۾ جيڪي انڪشاف ٿيا، تن ۾ خبر پئي ته ڊاڪٽر فاروق جو پاڙيسري رڪشا ڊرائيور ڊاڪٽر جي پرديدار گهر واريءَ تي بري نظر رکندو هو. هڪ ڀيري سندس گهر ۾ گهڙي آيو، جنهن تي ڊاڪٽر فاروق کيس ڇڙٻون ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر فاروق فارغ وقت ۾ قرآن شريف جي تلاوت ۾ مشغول رهندو هو. قرآن شريف جي بي حرمتي وارو شوشو به به رڪشا واري ڇوڙيو ۽ سنگسار ڪرڻ وقت پهرين سر به رڪشا ڊرائيور وسائي هئي.
    اهو واقعو مون کي ان ڪري به ياد آهي جو مون ان تي هڪ ڪالم لکيو هو ۽ ان ڪري به ته ڪيئن هڪ شريف پرهيزگار شريعت جي پابند شخص کي به هڪ جاهل پاڙيسريءَ جو شيطاني ڪاروائيءَ سبب ڪهڙي طريقي سان سنگسار ڪيو ويو ۽ جنازي نماز پڙهائڻ کان سواءِ ئي کيس دفنايو ويو. هي ته هڪ سزا جو قصو ٻڌايم، هاڻي وري هڪ ٻيو قصو ٻڌايان هي به ڪو لطيفو ڪونهي بلڪل سچي ۽ صحيح ڳالهه آهي هڪ سزا جو قصو ناهي هي انعام جو قصو آهي.
    هيءَ به پراڻي ڳالهه آهي. هڪ وفاقي سيڪريٽري هوندو هو. جنهن جا هڪ ٽي وي فنڪارا سان مراسم هوندا هئا. اها مائي پنهنجي مڙس سان رهندي هئي جيڪو به ڪنهن کاتي ۾ آفيسر هوندو هو. وفاقي سيڪريٽريءَ کي پنهنجي محبوبا سان ملڻ لاءِ خلاصو ۽ گهڻو وقت کپندو هو جيڪو محبوبا جي مڙس جي موجودگيءَ ۾ حاصل نه پئي ٿي سگهيو. پوءِ وفاقي سيڪريٽري صاحب پنهنجي محبوبا جي مڙس کي سرڪاري خرچ تي هڪ حج تي ويندڙ وفد ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ٻن پريمين کي خلاصي ملاقات جو موقعو به مليو ۽ هن همراهه جو حج به ٿي ويو. پوءِ رونشي ڪوڏين جون ڳالهيون به ٻڌڻ واريون هيون.
    چون، “پر اسان ٻڌو هو ته اهڙن تعلقاتن سان ماڻهو مال ملڪيت ٺاهيندا آهن. بنگلا ٺاهيندا آهن. بينڪ بيلنس وڌائيندا آهن. پر اهو پهريون ڀيرو ٻڌوسين ته اهڙن تعلقاتن جي طفيل حج به نصيب ٿيندو آهي”.
    سو سائين سزا ۽ انعام طور اسلام جهڙي عظيم مذهب کي جنهن نموني مروڙي شخصي پلاند ورتا وڃن ٿا ۽ غير شرعي ڪم ڪيا وڃن ٿا ته انساني حقوق واريون تنظيمون يا ايمنيسٽي انٽرنيشنل ته ضرور نوٽس وٺندا ليگل فريم ورڪ آرڊر (ايل ايف او) تي اسان سموري دنيا جي نظرن ۾ کلڻ جهڙا ٿيا آهيون. پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر سان جيڪو سلوڪ ٿيو ڇا دنيا ان کان بي خبر آهي. ڇڙا ٻه ڪراماً ڪاتبين اسان جي ڪلهن تي چڙهيا ڪو نه ويٺا آهن. هي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي سموري دنيا ڪرامن ڪاتبين ٿي وئي آهي. اسان جا ڪڌا ڪم عالمي تاريخ ۾ لکجي رهيا آهن. قلمبند ٿي رهيا آهن. اسان شترمرغ وانگر ڪنڌ ڌوڙ ۾ وجهي اهو سمجهي رهيا آهيو ته ڪو اسان کي ڏسي ڪو نه ٿو اصل ڏسڻ واري ته خدا پاڪ جي ذات آهي پر پوءِ دنيا وارا به ڏسي رهيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي گندي سياست ۾ اسلام جهڙي عظيم مذهب کي رسوا نه ڪرڻ گهرجي. حدود آرڊيننس ۽ توهين رسالت جي قانونن کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي.

    عوامي آواز ڪراچي- 3 جون 2003 ع


    • مارئيءَ جو ميلو – ماڪڙ ۽ مشاعرو

    منهنجي هن ڪالم کي اکين ڏٺو احوال سجھيو وڃي ۽ ڪالم به. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران مارئي ميلي جي سلسلي ۾ دعوت نامون پهتل هو. هن ڀيري ڪارڊ انگريزيءِ ۾ ڇپيل هو. دعوت ڏيندڙ کاتي جو نوجوان وزير جناب شبير احمد قائم خاني هو ۽ رابطي لاءِ سيڪريٽري ڪلچر سائين گل محمد عمراڻي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڪلچر سائين اڪبر لغاري جو نالو لکيل هو.
    ڪارڊ جي مٿان انگريزيءَ ۾ لکيل هو “مارئي ميلا 2003ع” مون محسوس ڪيو ته اها اردو دان وزير جي ٻولي آهي. نه ته اسان سنڌيءَ ۾ “مارئي ميلو” لکندا آهيون. اسان “ڀٽائي ميلا” يا “سچل ميلا” نه لکندا آهيون. اسان ميلو لکندا آهيون. مون ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير جناب شبير احمد قائم خانيءَ کي پهريون ڀيرو مشاعري ۾ تقرير ڪندي ٻڌو ۽ ڏٺو. هو اڌ اردو ۽ اڌ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. ۽ صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو. مون کي ماڻهو سٺو ۽ پرخلوص لڳو. ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن عمراڻي صاحب يا اڪبر لعاري صاحب “مارئي ميلا” بجاءِ “مارئي ميلو” لکرائڻ چاهين ها ۽ اهڙي صلاح وزير صاحب کي ڏين ها ته هو شايد مڃي وڃي ها.
    عجب لڳو پر ڪڇي نه سگهيس. سوچيم ضرور ان ۾ به ڪا حڪمت رکيل هوندي. تاج بلوچ جو پڇيم ته خبر پئي ته هو اڳواٽ مٺيءَ روانو ٿي چڪو آهي. مان خوش ٿيس ته تاج بلوچ سان اتي رهاڻيون ٿينديون. ڇو ته تاج بلوچ اتي رهي چڪو آهي. بهرحال ايراني هوٽل جي ماني به ڏاڍي سٺي هئي. ماني کائي روانا ٿياسين ۽ شايد شام جو ستين وڳي جو وقت هو ته اچي مٺيءَ پهتاسين.
    مٺيءَ ۾ جيئن ئي اسان جو ڪوچ رڪيو ته ثقافت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري سائين اڪبر لغاري ڪوچ ۾ گهڙي آيو ۽ سڀني جي آجيان ڪيائين. ڪوچ مان لاهي ٻن مختلف هوٽلن ۾ رهايو ويو. مٺيءَ جي لحاظ کان هوٽل مناسب ۽ آرامده هُئا. پر تِڏن ۽ ٽنڊڙن جي گهڻي ڀرمار هئي. جنهن تي بهرحال انتظاميا جو ڪو وس نه هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته نائين وڳي اسان کي بس کڻڻ ايندي. هوٽل انتظاميا کي چيل هو ته شاعر چانهه – ٿڌو جيڪو گهرن سو انهن کي ڏنو وڃي. اهڙيءَ طرح چانهيون – ٿڌا پيتا ويا. هٿ منهن ڌوتاسين، ڪجهه آهلياسين. تازا توانا ٿياسين ۽ ٺيڪ رات جو نائين وڳي ڪوچ اسان کي کڻڻ لاءِ پهچي ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اديب جتي رهيل هئا، سڀني کي هڪ هنڌ پهچايو ويو.
    حيدرآباد جا اديب به جھجھي انداز ۾ پهتل هئا. اسان کي رات جي ماني کائيندي اندازو ٿي ويو هو ته اڄوڪي رات واري مشاعري ۾ ضرور ڪِنُ ٿيندو. جو خبر پئي ته اتي ماڪڙ ۽ تِڏن جو حملو آهي. پر سائين ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. مشاعري واري اسٽيج تي ڇا پهتاسون، لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ، تڏا ۽ تڏڙن جهڙا جهڙا ٻيا به جيت موجود هئا. ماڪڙ پوري اسپيڊ ۾ اچي منهن ۾ يا سيني ۾ زرڙاٽ ڪري، ايلي ڄڻ ڪنهن بانٺو هڻي ڪڍيو. وري ماڪڙ ۽ تڏا قميص اندران اندر جسم ۾ گهڙي وڃن. شاعر اڳيان ۽ ماڪڙ پٺيان. قميص جي ڇنڊ ڇندان.
    سو سائين شاعري ته ويئي وسري. رڳو جان بچائڻ ۾ پورا هئاسون. خير، سائين ڀلا ويچاري انتظاميه به ان صورتحال ۾ ڇا پئي ڪري سگهي. فيصلو ڪيو ويو ته هينئر مشاعرو سرڪٽ هائوس ۾ ٿيندو. ۽ پوءِ ائين ٿيو. افسوس آهي ته اتي جمع ٿيل هزارين ماڻهو مشاعرو ٻڌڻ کان رهجي ويا ۽ ننڍڙي سرڪٽ هائوس ۾ پنجاهه کن شاعر ۽ ايترا ئي ٻيا ماڻهو ماپي ٿي سگهيا. اهڙيءَ طرح مشاعرو رات جو تقريبن ٻارهين وڳي سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي صدارت ۾ شروع ٿيو. بهرحال مشاعرو ڀرپور ٿيو. جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو شاعرن پنهنجا بهترين شعر پڙهيا ۽ داد وصول ڪيو. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي صوبائي وزير رئوف صديقيءَ، جيڪو پاڻ به شاعر آهي، تنهن هڪ مزيدار چوسٽو ٻڌايو. جنهن جو مطلب هيو ته متحده مجلس عمل وارا ان مطالبي تي زور ڇو ٿا ڏين ته صدر وردي لاهي. ڀلا صدر ڇو وردي لاهي؟ صدر وردي لاهي ته متحده مجلس عمل وارا ڏسڻ ڇا ٿا چاهين؟ ان تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. امداد حسيني ۽ عنايت بلوچ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ شعر ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. پر هن ڀيري ٽکڙ کان آيل مون لاءِ هڪ نئون شاعر انعام ٽکڙائي شعر پڙهي مشاعرو ماري ويو.
    ميزبان ۽ ثقافت کاتي جي وزير جناب شبير قائم خانيءَ سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان گهڻيون ئي غلطيون ڪيون آهن. هينئر وقت آهي گڏجي هلڻ جو. سنڌي – مهاجر اتحاد جو، ڀائيچاري جو ! هن چيو ته سندن قائد جناب الطاف حسين جو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته سنڌي – مهاجر اتحاد ٿيڻ گهرجي.
    اهڙيءَ طرح مشاعري جي محفل رات جو دير تائين ختم ٿي. هوٽل تي موٽي اچون ته ڏاڪڻ تي لکين ماڪڙ ۽ تڏا قبضو ڪيو ويٺا آهن. اسان ته مڙئي چڙهي وياسين پر اردوءَ جا شاعر چون ته اسان سڄي رات بيٺا هونداسين پر اتان نه چڙهنداسين. مڙئي انهن کي منٿون ميڙون ڪري مٿي چاڙهيوسين. ٻئي ڏينهن مقالن جي نشست هئي. اتي ٿري مصنوعات لوين، کيسن، کٿن ۽ سوسين وغيره جي نمائش به هئي. سنڌي ٻولي اختياريءَ واران ڪتابن جا اسٽال به هنيا هئا. ڪجهه ڪتاب ڪجهه پاکڙيون ورتيوسين. مارڪيٽ مان گدريون ۽ متيرا (چڀڙ) به خريد ڪياسين. اهڙيءَ طرح وري خيرن سان ڪوچ تي واپس واپس ٿياسون. اهو سفر به زندگيءَ جو يادگار سفر رهندو.!

    عوامي آواز ڪراچي-


    • صابرا ۽ شتيلا کان پوءِ جينن

    اسرائيلي يهودي “انسانيت تي بدنما داغ آهي. اهي ڪائنات جا گندا ڪوئا آهن. اهي نبين جا قاتل آهن. سوئر آهن. ڀولا بندر آهن.” اهي الفاظ آهن ڪعبي شريف جي پيش امام شيخ عبدالرحمان السدائس جا. هن خدا کان دعا ڪئي آهي ته اسرائيلي يهودين کي غرق ڪري ۽ عربن کي هدايت ڪئي آهي ته اسرائيلي يهودين سان امن جون ڳالهيون بند ڪيون وڃن. ڇو ته سندس ارشاد مطابق اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن نالو کڻڻ کان سواءِ آمريڪا ۽ ان جي نابين ۽ انڌن ساٿارين کي چيو:
    “اي دنيا جا (رهزن)رهبرو. توهان دعوائون ٿا ڪريو ته توهان دهشت گردي خلاف جنگ جوٽي آهي. فلسطينين سان يهودي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان کي توهان ڪهڙو نالو ڏيندؤ؟ ڇا هڪ ارب مسلمانن جون پنهنجي مقدس مقامن کي بچائڻ جون ڪوششون ۽ قربانيون توهان لاءِ دهشتگردي آهي؟ توهان عظيم تر اسرائيل جو قيام چاهيو ٿا جنهن جو گاديءَ جو هنڌ يروشلم هوندو ۽ توهان مسجد الاقصيٰ کي شهيد ڪري ان جاءِ تي گرجا اڏڻ ٿا گهرو؟ آخر ۾ هن مسلمانن تي زور ڀريو ته فلسطين جو تحفظ ڪريو ۽ ان کي بچايو.
    ويسٽ بينڪ ۾ جينن مهاجر ڪيمپ وٽ جبل مٿان هڪ ڪنڪريٽ ۽ گاري ۽ گپ تي بيٺل يحيٰ صالح هيٺ اشارو ڪري چوي ٿو ته منهنجو گهر هن ڍير جي هيٺان هو. هن ڍير جي هيٺان منهنجي سمهڻ وارو ڪمرو هو. ڍير جي هڪ ڪنڊ کان بيڊ جي گدي جي هڪ ڪنڊ ڏيکاريندي هن چيو ته هي ڏسو منهنجو گدو هو. هڪ ٻئي مٽيءَ جي ڍڳ ڏانهن اشارو ڪندي هن ٻڌيو ته هي منهنجو وهاڻو آهي. مون کي پنهنجي شناختي ڪارڊن جي تلاش آهي ۽ پنهنجي زال جا زيور پڻ ڳوليان پيو ۽ منهنجي ٻارڙن کي ڪپڙن جي به ضرورت آهي. ائين چئي هو پنهنجي پنجن سالن جي ٻار سان ويهي رهي ٿو ۽ ٻارڙو آلين اکين سان پنهنجي پورهيت پيءُ جي گپ لڳل ڏاڙهي تي چمي ڏئي ٿو.
    ڪابل ۾ شفق ۽ افق جهڙن ڳاڙهن پٺاڻن جي بي ڏوهه معصوم ٻارن تي انڌا ڌنڌ بمباري ڪندڙ وحشي آمريڪا جي فلسطين ۾ منافقي واري دوڳلي پاليسي خلاف گذريل ڇنڇر تي آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ فلسطين جي حمايت ۾ لکين ماڻهن مظاهرو ڪيو. مظاهرين کي عربن وارو لباس پهريل هو ۽ هو نشانيون ٺاهي اسرائيل جي وزيراعظم ايريل شيرون کي جرمني جي نازي ليڊر اڊولف هٽلر کان به وڌيڪ ظالم ۽ وحشي سڏيو ۽ اسرائيل سان آمريڪا جي پٺڀرائي واري پاليسي جي مذمت ڪئي.
    ان مظاهري ۾ هڪ فلسطيني آمريڪي ڇوڪري، جينن علي جي هٿ ۾ هڪ پلي ڪارڊ هو، جنهن تي لکيل هو:
    “بم سان آپگهاتي حملو ڪندڙ، غريبن لاءِ F-16 برابر آهن.
    A suicide bomber is a poor mans F-16’’

    هتي مون کي ڀٽائيءَ جا ڪجهه بيت ياد ٿا اچن، جيڪي قرباني جي اهڙن ئي لازوال جذبن جي واکاڻ ۾ آهن:
    ديڳين دوڳ چڙهن، جت ڪنين ڪڙڪو نه لهي
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندي ڇڏيا.


    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.

    مر مرين آئون رئان، موٽي آءٌ مَ ڪانڌ
    ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.


    ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان
    ته پڻ لڄ مران، جي هوئنس پٺ ۾.

    اڄ مان ڀٽائيءَ جا سلام لنڊن ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير غازي الغوحيبي کي پهچايان ٿو، جنهن فلسطين جي جي اٺن ورهين جي ان معصوم ٻارڙي جي واکاڻ ۾ شعر لکيو جنهن29 مارچ تي مغربي يروشلم جي سپر مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪچڙي بدن سان بم ٻڌي آپگهات ڪيو هو ۽ ٻن اسرائيلي يهودين کي جهنم رسيد ڪيو. ان اٺن سالن جي فلسطيني ڇوڪريءَ جو نالو الحيات آهي:
    الحيات کي چئو:
    اي تيرن ۽ تفنگن جي شهزادي
    هي ڪائنات جو سمورو حسن
    تنهنجي نيڻن تان نثار ٿي وڃي
    جيئن تون – مرڪندي
    موت کي مٺيون ڏنيون.
    جينن ۾ لاتعداد فلسطينين جا گهر مسمار ڪيا ويا آهن. سون – هزارن جي تعداد ۾ فلسطيني زنده درگور ٿي چڪا آهن. اسرائيلي وحشي بين الاقوامي امن ايجنسين کي امداد پهچائڻ به نه ٿا ڏين. لاشن جي ڌپ سبب علائقي ۾ تعفن پکڙيل آهي. آمريڪا ۽ ان جي رکيل (Keep) گڏيل قومن جو ادارو زباني جمع خرچ ۽ کوکلي بيان بازي ۾ رڌل آهن.
    ڪعبي جي پيش امام پوئين جمعي تي واهه جو صحيح خطبو ڏنو ۽ عربن کي چيو آهي ته پنهنجي مڙسي ڪريو، گوري چمڙي وارا آمريڪي توڙي يورپي سڀ منافق آهن. انهن جي اندر ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي واري ايجنڊا آهي. اهي عظيم تر اسرائيل بنائڻ چاهين ٿا. عرب غيرت ڪن.
    ڏکيون جان نه مڙن تان تان ڀنڻ نه ٿئي
    پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن
    ٻيون هونئن ئي هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.


    سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃن
    ٻيون ڪوهه ٻجھن، جن سندا تن سامهون.

    آخر ۾ اچو ته انهيءَ فلسطيني فوٽو گرافر ناصر شاطيه جي چئن ڏهاڙن جي ڄاول ڌيءَ “دنيا” لاءِ تعزيتي هٿ کڻون، جيڪا اسرائيلي چيڪ پوسٽ تي روڪ سبب اسپتال تائين پهچي نه سگهي. سندس نيڻ اڀ ڏانهن نهاري بي جان ٿي ويا. ناصر کي اها هڪ ئي نياڻي هئي.

    عوامي آواز ڪراچي- 22 اپريل 2002ع


    • جمهوريت جو سفر مبارڪ!

    اسان جي پياري ملڪ ۾ جمھوريت جو سفر ڏاڍو ڊگهو سفر آهي. جنهن سفر تي هلندي اسان جلدي ٿڪجي پوندا آهيون. پوءِ رستي تي فوجي اسٽاپ تمام گهڻا آهن، جتي اسان ڊگهو آرام ڪندا آهيون ۽ سالن جا سال آرام ڪري جڏهن آرس ڀڃي اٿندا آهيون تڏهن وري جمھوريت واري سفر تي هلڻ لاءِ سوچيندا آهيون ۽ آڪڙ ڀڃي اڳتي هلڻ لڳندا آهيون. اهڙيءَ طرح هن ڀيري ٽن سالن جي ٿڪ ڀڃڻ کان پوءِ وري آرس ڀڃي اٿيا آهيون. هليا آهيون، جمهورت جي سفر تي. سفر ڊگهو آهي پر شڪر آهي جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ رستي تي ڪافي فوجي مسافر خانا آهن. ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي.
    اڄ ملڪ ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جون چونڊون آهن. اڄ پارٽين جي لڪل طاقت جو اظهار ٿيندو. ڏهين آڪٽوبر 2002ع وارين صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل پاڪستان جي طاقتور پارليامينٽ نيٺ 16 نومبر 2002ع تي اسلام آباد ۾ حلف کنيو. حلف قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ موجودهه چونڊن ۾ هارايل قومي اسيمبليءَ جي اميدوار جناب الاهي بخش سومري کڻايو.
    متحدهه مجلس عمل، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته هو حلف فقط 1973ع واري آئين هيٺ کڻندا ۽ ايل ايف او (Legal Framework Order) هيٺ حلف نه کڻندا. پر پوءِ اڳوڻي اسپيڪر جناب الاهي بخش سومري جي يقين ڏيارڻ تي ته اهو حلف 1973ع واري آئين هيٺ ئي کڻايو پيو وڃي. هن حلف نامون به پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته توهان ڪو فڪر نه ڪريو. تڏهن اعتراض ڪندڙ سڀ راضي ٿي ويا ۽ بسم الله ڪري حلف کڻي ويا. ان موقي تي مون کي هڪ لطيفو ياد ٿو اچي. واڻين جي ڪا شادي پئي ٿي، جنهن ۾ چانورن ۽ گوشت جون ديڳيون چڙهيون پيون هيون. هڪ ڪتو جنهن جي ڪڍ ٻيا ڪتا پيل هئا، سو ڊوڙندو پئي آيو. ڪتي کي ڪا پويان ايڏي ڀيڙ پيل هئي هوسرپور ڊوڙندو پئي آيو ۽ ٽپو جو ڏنائين ته وڃي چانورن جي ديڳ ۾ پيو ، جنهن ۾ گوشت به گڏيل هو. وارو وارو ۽ وٺ وٺان ٿي ويئي ۽ ڪتي کي ديڳ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. واڻين ڏٺو ته هاڻي گوڙ ٿيندو ۽ ڄاڃي اها ديڳ هارڻ لاءِ زور ڀريندا سو واڻين جي پنچائت جاءِ واردات جو معائنو ڪري نعرو هنيو ته ڀڳوان جي جوڙ ته ڏسو، ڪتي جون چارئي ٽنگون اچي هڏن تي پيون. هنن اهو هڏو ڪڍي ٻاهر اڇلايو ته حرام هڏو ڦٽو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سڀني مهمانن خوش ٿي اهو ڀت کاڌو ۽ شڪر ڪيو ته جنهن هڏي تي ڪتي جو پير پيو هو، اهو هڏو ڪڍي اڇلايو ويو .
    پر هن صورتحال ۾ ته ايل ايف او وارو هڏو به 1973ع واري آئين مان ڪڍي نه اڇلايو ويو ۽ انهيءَ هڏي سميت اها ديڳ سڀني وڏي خوشيءَ سان کاڌي. مسلم ليگ(ق) ۽ فيصل صالح حيات واري پيپلز پارٽي جي فارورڊ بلاڪ کي ته ايل ايف او ۾ ڪابه خرابي نظر نه آئي باقي پ پ پ پ ۽ م م ع جو چوڻ آهي ته في الحال ته قسم کڻو متان صدر صاحب ڪو نئون آرڊيننس هڻي اسان جي ميمبرشپ ئي نه خارج ڪري ڇڏي. بعد ۾ “ديکا جائيگا” ڳوٺن ۾، اوطاقن ۾، جڏهن ٿاڌلون ڪونڊي ڏنڊي سان گهوٽبيون آهن ته ان ۾ باداميون به وجهبيون آهن، پوءِ ٿاڌل گهوٽيندڙ هر بادامي جي ننڍڙي ڪنڊ ڀڃي، چکي پوءِ ڪونڊي ۾ وجهندو آهي ۽ جيڪا بادامي ڪوڙي نڪرندي آهي، اها اڇلائي ڇڏبي آهي. پر هن ٿاڌل ۾ 1973ع واري آئين ۾ ايل ايف او جون ڪوڙيون باداميون به گڏجي ويون آهن.
    هاڻي قسم کڻندڙ ڪي ڌريون ته “ڪَڙي ۽ قاتل جون هميشهه کان هيراڪ” هيون. جيڪي ڪوڙي پڻي جا عادي آهن. انهن کي گهڻو مٺو نه وڻندو آهي. پر ويچارا ملان مولوي جيڪي ڪوڙي جا ڪڏهن عادي نه رهيا آهن ۽ مٺن حلون جا هيراڪ رهيا آهن. انهن به منهن ڪوڙو ڪري اها ٿاڌل پيتي، ۽ وقت ۽ حالتن جي پٽاندر اڳتي هلي اهي به شايد “ڪوڙي ۽ قاتل” جا هيراڪ ٿي وڃن ۽ پنهنجن روين ۾ ٿوري لچڪ آڻين. ائين انهن کي ڪرڻو ئي پوندو جو “مالڪن” جي اها ئي مرضي آهي. متحده مجلس عمل وارا ويچارا ڏاڍا ڀڳا. ڪڏهن ڪڏهن لچڪدار روين جو اظهار به ڪيائون، پر لڳي ٿو ته محترما هنن کي آسرا اميدون ڏيئي آخر ۾ ڌڪ ڪڍي ويئي. بقول ڀٽائيءَ جي ته “ مون کي ڏئون ڏيئي ڍوليو ڍٽ قراريو.” آخر ڪار پ پ پ پ سان گڏوگڏ انهن مسلم ليگ (ق) سان به ڏاڍيون ڳالهيون ڪيون. خبرون اچي رهيون آهن ته اجھو بس اجھو “گڙي ٿو گُمان ۾ آيو ڪي آيو.” وانگر اجھا ٿي لڙڪيل ۽ ٽنگيل قوم کي ڪا خوشخبري ملي سا ته نه ملڻي هئي نه ملي. مولوين شڪايت ڪئي ته اقتدار جو رموٽ ڪنٽرول ڪنهن ٻئي هنڌ آهي. تنهن سبب ڪري حڪومت ٺهڻ ۾ ڪجهه مشڪل پئي ٿئي.
    بهرحال قومي قومي اسيمبليءَ جي قسم کڻڻ ۾ دير جو پس پردا هڪ اهو سبب به سمجهه ۾ آيو پئي ته “ڪنگز پارٽي” کي اقتدار ٺاهڻ ۾ جيڪا مشڪل پيش اچي رهي هئي ۽ جيڪي کُٽل انگ هئا، انهن ۾ ڪجهه “لوٽن” شامل ٿيڻ جي به اميد هئي. اهڙيءَ طرح هڪ لوٽا گروپ ٺهڻ ۾ ڪاميابي ضرور ٿي، پر هاڻي اهو “لوٽو” به اهڙو ڳرو ٿي پيو آهي جيڪو کڄڻ ۾ مشڪل پيدا ٿي پئي آهي. مون کي ڏک فقط هڪ آهي، اهو هي ته “نوابزادي نصرالله خان کي پ پ پ پ وارن ڏاڍو ڏِٺو ڪيو يا ائين کڻي چئجي ته خوار ڪيو. بار بار محترما چئي رهي هئي ته اسان کي اي آر ڊي جي جي سربراهه نواب زادي تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هن جي اڳواڻيءَ ۾ اي آر ڊي کي جيئن وڻي تيئن ڪري، پر محترما جي انهن اعلانن جي باوجود پ پ پ پ جا اڳواڻ مسلم ليگ (ق) سان به ڳالهائيندا رهيا ۽ نواب زادي جهڙي عزت دار ۽ خود دار شخص کي ڪڏهن به ائين ڪرڻ نه ڏنو ويو جيئن هن ڪرڻ ٿي چاهيو.
    بهرحال اسان جي موجوده سياست بيلٽ Ballot ۽ بُليٽ جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيل هئي جنهن ۾ ظاهر آهي ته بيلٽ جو پلڙو ڳورو رهيو ۽ بليٽ جو پلڙو هلڪو رهيو.
    جنرل پرويز مشرف نئين سر صدارت جو حلف کنيو آهي.
    جنهن لاءِ اهو ضروري نه سمجهيو ويو ته پاڪستان جي نئين چونڊيل پارليامينٽ هن کي صدر چونڊي هي وردي ۽ شيرواني جو سنگم آهي. مون کي قوي اميد آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. ايترو روشن جيئن وڄ جي چمڪي ۾ في الحال اکين جو نور بي وس ٿي ويندو آهي ۽ ٿوري دير ڪا به شي اکين کي نظر نه ايندي آهي. اسان هن ديس جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعاگو آهيون. مان هن ڪالم جي پڄاڻي فيض احمد فيض جي انهن سٽن سان ڪندس ته:


    آئيي هاٿ اٺائين هم ڀي
    هم جنهين رسم دعا ياد نهين
    هم جنهين، سوز محبت ڪي سوا
    ڪوئي بت ڪوئي خدا ياد نهين
    آئيي هاٿ اٺائين ڪه نگار هستي
    زهر امروز ۾ شيرين فردا ڀردي
    وه جنهين تاب گردان باري ايام نهين
    ان ڪي هاٿون په شپ و روز ڪو هلڪا ڪري
    آمين.

    عوامي آواز ڪراچي- 19 نومبر 2002ع


    • سچ ڪه اجمل خٽڪ ويو

    کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ، پختون قوم پرست اڳواڻ، شاعر، اديب ۽ صحافي اجمل خٽڪ جي لاڏاڻي سان ڄڻ هڪ دور جي پڄاڻي ٿي. 15 سيپٽمبر 1925ع ۾ هندستان جي صوبي سرحد جي ڳوٺ اڪوڙا خٽڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اجمل خٽڪ 7 فيبروري 2010ع تي، پاڪستان جي صوبي سرحد جي ساڳي ڳوٺ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڏنو. توڙي جو هو ميمبر نيشنل اسيمبلي ۽ سينيٽر ۽ وزير جي عهدن تي فائز رهيو پر هڪ سڄي مارڪسوادي وانگر ايماندار رهيو ۽ مرڻ وقت به سندس گهر ٽن ڪمرن تي ئي مشتمل آهي. پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ هن تي باچا خان جو وڏو اثر رهيو ۽ خدائي خدمتگار رهيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول پشاور ۾ شاگردي دوران سترهن سالن جي عمر ۾ (1942ع) هن برطانيه خلاف “هندستان ڇڏيو” مهم ۾ سرگرمي سان بهرو ورتو، تنهن وچ ۾ سندس زندگيءَ ۾ ڏاڍا لاها چاڙها آيا. انهي مهم دوران اسڪول به ڇڏڻو پئجي ويس. بهرحال هن پشاور يونيورسٽي مان پارسيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي. هو هڪ ترقي پسند اديب هو ۽ پشتو ادب کي روايتي لاڙن مان ڪڍي ترقي پسندي جي شاهراهه تي آندو. هو مختلف اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو جن ۾ “انجم”، “شهباز”، “عدل” ۽ رهبر شامل آهن. هو ريڊيو پاڪستان جو “اسڪرپٽ رائيٽر” پڻ رهيو. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ريڊيو پاڪستان پشاور تان پاڪستان جي شان ۾ پشتو ترانا لکندو رهيو ۽ افغانستان خلاف پروپيگنڊا ۾ اسڪرپٽ پڻ لکندو رهيو. اجمل خٽڪ جي ڪوششن سان يونائيٽڊ ڊيمو ڪريٽڪ فرنٽ (UDF) ٺهيو 23 مارچ 1973ع جي راولپنڊي جي لياقت باغ (خوني شهر ۽ خوني باغ) ۾ جڏهن جلسو ٿي رهيو هو جنهن جو اسٽيج سيڪريٽري اجمل خٽڪ پاڻ هو ته جلسي تي گوليون هلايون ويون جنهن ۾ خان ولي به موجود هو. هڪ پارٽي ورڪر اجمل خٽڪ جي جهولي ۾ دم ڏنو جنهن لاءِ پوءِ هو افغانستان جلا وطن ٿي ويو جتي کيس مملڪتي مهمان جو مرتبو مليو. هو 16 سال جلاوطن رهيو. جلاوطني دوران اهو ئي اجمل خٽڪ جيڪو ريڊيو پاڪستان پشاور تان پاڪستان جي حق ۾ نغما لکندو هو افغانستان خلاف پروپيگنڊا ۾ شامل هو، سو ڪابل ريڊيو تان پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ۾ شامل ٿي ويو. واهه ڙي منهنجا ديس! ائين ئي ٿيندو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سان ڇا ٿيو! گذريل سال انگريزي اخبار “ڊان” سان ڳالهائيندي اجمل خٽڪ چيو هو، “مون کي ڏکڻ ايشيا ۾ سياسي صورتحال تي ڳڻتي آهي جيڪي ڪجهه پشتونن سان ٿي رهيو آهي مون کي پنهنجي صحت کان وڌيڪ ان جي پريشاني آهي.”
    اجمل خٽڪ تي لکڻ ويهبو ته بقول وفائي دفتر درڪار ٿي ويندا تنهنڪري بهتر ٿو سمجهان ته سندس سياسي ۽ ادبي زندگي بابت “وچور” پيش ڪريان جيڪو هن ريت آهي.
    وِچور:
    سياست
    • ننڍپڻ ۾ برطانوي راڄ خلاف “هندستان ڇڏيو” تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو.
    • باچا خان جو پوئلڳ ٿيو، خدائي خدمتگار تحريڪ سان شامل رهيو.
    • برطانوي راڄ خلاف پشتو ۾ انقلابي شاعري ڪيائين.
    • 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن نعپ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ولي خان جو قريبي دوست رهيو.
    • 1969ع کان 1973ع تائين نيشنل عوامي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل رهيو.
    • 1970ع ۾ هو صوبائي چونڊون کٽي، صوبائي وزير ٿيو.
    • ذوالفقار علي ڀٽي سان اختلافن سبب هو ڪابل جلاوطن ٿي ويو.
    • بعد ۾ ڀٽي جي حڪومت دوران نعپ تي بندش پئي.
    • ڪابل ۾ جلاوطني دوران هن پشتونن جي حقوق لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن ۾ بلوچ اڳواڻن به هن جو ساٿ ڏنو پر بعد ۾ جڏهن بلوچ اڳواڻن ڏٺو ته اجمل خٽڪ بلوچن لاءِ ڪو به آواز نه اٿاريو آهي ته بلوچ اڳواڻ کانئس ناراض ٿيا ۽ الڳ ٿي ويا.
    • دوها ۾ هن جنرل پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن تي بيگم نسيم ولي خان سان سندس سخت اختلاف ٿي پيا ۽ کيس پارٽي کان خارج ڪيو ويو.
    • خٽڪ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي پارٽي جي پاڪستان اپرسيڊ نيشن موومينٽ (پونم) ۾ به شرڪت ڪئي پر پارٽي ان ۾ خوش نه هئي ۽ ٻين ليڊرن جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ اي اين پي پونم کان ٻاهر نڪري آئي.

    ادب:
    • ننڍي کنڊ جي گهڻن اديبن وانگر هي پڻ روسي انقلاب ۽ ادب کان گهڻو متاثر ٿيو.
    • سندس نغمن ۾ مزدورن ۽ پورهيتن جي حق تلفين خلاف هڪ جدوجهد هوندي هئي. سندس آواز غريبن ۽ ڏتڙيل لاءِ هو.
    • تيرهن سالن جي عمر ۾ هڪ مشاعري ۾ هن پنهنجو پهريون نظم پڙهيو جنهن تي کيس خوب داد مليو.
    • هو هڪ مڃيل ۽ سچو مارڪسوادي هو.
    • هن پشتو ۽ اردو ۾ تيرهن ڪتاب لکيا جن ۾ “پشتو ادب ڪي تاريخ” پاڪستان ۾ قومي جمهوري تحريڪن (اردو) “دا غيرت چغه” “بتور” “گل اورپرهار” “گلونا او تڪولنا” “جلا وطن ڪي شاعري” (اردو) پختونا شورا ۽ “دا وقت چغه” شامل آهن.
    • 2006ع ۾ کيس “باباءِ نظم” جو تمغو مليو.
    • 2007 ۾ کيس پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس پاران “ڪمالِ فن” ايوارڊ مليو.
    • نومبر 2006ع ۾ حڪومتي ذريعن کيس ٻڌايو ته کيس “ستاره امتياز” سان نوازيو پيو وڃي ته هن خوبصورتي سان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    • آخر ۾ سندس شاعري جو هڪ نمونو پيش ڪجي ٿو جو مون هڪ انگريزي ترجمي تان ترجمو ڪيو آهي.
    جنت:
    مُلان کان پڇيم، تنهنجي خيال ۾ جنت ڇاهي!
    هن ڏاڙهي ۾ آنڱريون ڦيرائيندي جواب ڏنو
    “تازا ميوا ۽ کير جون نهريون”
    ويجهو هڪ طالب ويٺو هو تنهن کان پڇيم
    “تون ڇا ٿو چوين؟”
    هو “زليخا” بابت ڪتاب پڙهي رهيو هو سو پاسي تي رکي چيائين
    “خوبصورت عورت – جن جي ڳٽن تي سهڻا، ساوا تر هوندا. هڪ شيخ ڀرسان تسبيح جا مڻڪا ٿي سوريا هن ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي طالب کان سوال ڪيو.”
    نه ائين ناهي
    “جنت ۾ سهڻا ڇوڪرا خدمت ۾ حاضر هوندا”
    “۽ اتي بهشتي موسيقي وڄي رهي هوندي”
    “هڪ خان ڊگهي سجدي مان سر مٿي کنيو تنهن کان پڇيم – خان صاحب تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟”
    هن پنهنجي پڳ کي سڌو ڪندي چيو
    “جنت ۾ وڏا عاليشان سجايل ۽ خوشبودار محلات ملندا”.
    ويجهو ڦاٽل ڪپڙن سان هڪ پورهيت بيٺو هو تنهن کان پڇيم –
    “تون به جنت جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻين ٿو؟”
    هن پيشاني تان پگهر اگهندي چيو:
    “جنت ۾ پيٽ ڀري ماني ملندي ۽ خوب ننڊ ڪبي”
    ڀرسان هڪ وکريل وارن سان پنهنجي ئي خيالن ۾ گم هڪ همراهه لنگهيو تنهن کان پڇيم:
    “فلسفي؟ تون پنهنجي راءِ به ڏي؟”
    هن وارن تي هٿ ڦيرائيندي جواب ڏنو.
    “ڪجهه ئي ڪونهي – انسانن کي خوش ڪرڻ جا بس سهانا خواب آهن.”
    مان مونجهاري جي عالم ۾ پنهنجي من ۾ جهاتي پاتي – پوءِ نيري آسمان ڏانهن ڏٺم ۽ مون تي الهامي آواز جواب جي صورت ۾ آيو “جنت تنهنجو پنهنجو گهر آهي”.
    جتي تون ئي حاڪم آهين ۽ آزاد آهين.
    پوءِ جيڪڏهن تون ئي آزادي حاصل نه ٿو ڪري سگهين ته پوءِ آزادي جي راهه تي قربانيون ڏي.
    جنت هڪ نظريو آهي – اهو دوزخ جي باهه به ٿي سگهي ٿو – ڦاهيءَ جو ڦندو به ٿي سگهي ٿو.

    عوامي آواز ڪراچي- 14 فيبروري 2010 ع


    • نيٺ ڇا ڪجي !

    سوچون ساٿ نه ٿيون ڏين، مونجهه آهي زندگي لاءِ يعني ٿي پئي آهي، بي مقصد ٿي پئي آهي. ذهن ڪنگال ٿي پيو آ، جيئڻ جنجال ٿي پيو آ، وڃئون ڪاڏي، ويهون ڪاٿي، جيڪي ڌاريا آهن سي ته ڌاريا آهن ئي، اسان جي خلاف سازشون پيا ڪن. وڇونءَ جو ڪهڙو ڪم آهي؟ ڏنگڻ سي نه ڏنگيندا ٻيو ڇا ڪندا. ڀٽ ڌڻي هروڀرو ته ڪو نه چيو هو:
    ڌريان ئي ڌاريا مٽ مُئيءَ جا نه ٿيا،
    مندي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان،
    صبح ٿي ساريان ته اُٺ نه اوطاقن ۾.

    ڌارين مان ته اميدون رکڻ ئي نه گهرجن، ڳالهه آ پنهنجن جي. پنهنجي يا ته سوچ غلط آهي يا مسئلن کي سمجهڻ جي اهليت ناهي يا نيت ۾ ڪا کوٽ آهي.
    پنهنجا يا ڪنهنجا؟
    موجوده جمهوري حڪومت خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. صدر زرداري کي ايوان صدر مان ڪڍڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، اسان صدر زرداري يا پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي تي في الحال بحث نه ٿا ڪريون. اسان چئون ٿا ته اسان اصل ڳالهه کي سمجهون ته هر وقت سنڌي قيادت ۽ حڪومت خلاف سازشون ڇو ٿينديون رهن ٿيون؟.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وڌيڪ ذهين سياستدان، پاڪستان ۾ ڪو ٻيو پيدا ٿيو آهي؟! ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن سنڌي نه هجي ها ته ڦاسي تي چڙهي ها ڇا!
    شهيد بينظير ڀٽو کي ڪڏهن چين آرام سان حڪومت نه ڪرڻ ڏني وئي. جلاوطن ٿي، واپس ٿي، شهيد ڪئي وئي.
    محمد خان جوڻيجو جيڪڏهن اعليٰ پائي جو ذهين نه هو ته به اشراف هو، ايماندار هو سو به هنن کان سٺو نه ٿيو ۽ هاڻي آصف زرداري.
    اسان چئون ٿا ته آصف زرداري سياسي لحاظ کان اڃان شعور جي وڏي منزل تي ڀل پهتل نه هجي، پر هو جيڪو ايوان صدر ۾ ويٺو آهي اهو ته سؤ سيڪڙو جمهوري انداز ۽ آڌار تي ويٺل آهي. ڇا ان ۾ ڪو تِرَ جيترو به شڪ آهي؟!
    هي ڪيري، لوگربل ڦڏو ڇا هو؟ پاڪستان جا سڀئي شعور رکندڙ “دانشور” انهيءَ بل جي حق ۾ هئا. پاڪستان ڇا پاڪستان کان ٻاهر پاڪستاني به انهيءَ بل جي حق ۾ هئا ڇو ته اهو بل پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ فوج جي عمل دخل کي روڪڻ ۽ پاڪستان جي سول ۽ جمهوري حڪومت جي حق ۾ هو. ان تي واويلا، جماعت اسلامي، عمران خان، نواز شريف ٻيو ته ٺهيو پر مسلم ليگ ق وارا لوٽا ۽ مشرف جا مڙئي ساٿاري به ان بل جي خلاف ٿي ويا. ڇو ته ان مان سول حڪومت جي سربراهه ۽ سنڌي صدر کي فائدو پوڻو هو. هي جو اسان جي فوج جي سربراهه جنرل ڪياني جون نيڪيون ڪندي نه ڍاپندا هئاسين ان به اکيون ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. چوڌري نثار ۽ شهباز شريف جو رات جي انڌاري ۾ جنرل ڪياني سان ملڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو.
    ۽ هي اين آر او – ان جا وڌ ۾ وڌ مراعت يافته ۽ ان جي مهابي جيلن کان ٻاهر ۽ معافيون ورتل سياستدان به ان جا مخالف ڇو ٿي پيا آهن. آصف زرداري جيڪڏهن ايڏو چور يا راشي هو ته نواز شريف جي سموري دور ۾ ۽ مشرف جي سموري دور ۾ ڪو هڪ ڪيس ته ان تي ثابت ڪري ڏيکارين ها؟! آصف زرداري تي مڙهيل مڙئي ڪيس نواز شريف جي دور ۾ داخل ڪيا ويا هئا. نواز شريف ٻه ڀيرا وزيراعظم رهيو ته به ڪو هڪ ڪيس آصف خلاف ثابت ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.
    هينئر جو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اين آر او فقط آصف جي بچاءُ لاءِ آهي سو سراسر غلط آهي. پر هن حڪومت ۾ ايتري ٿوم به نه آهي جو اهي هڪ اڇو چٺو (White Paper) ڇپرائي انهن کي شرمندو ۽ ڏٺو ڪن جن اين آر او مان فائدا ورتا.
    مشرف ۽ ضياء جي دور ۾ هڪ نسل پرست پارٽي جا ڪارڪن جيلن مان پيرول تي آزاد ٿيندا هئا. پيرول تي چونڊون وڙهندا هئا ۽ پرول تي وزير ٿيندا هئا. تڏهن ته ماٺ ئي ماٺ هوندي هئي، پر سنڌي صدر خلاف سازشون، جمهوري حڪومت خلاف سازشون، ايوان صدر مان تڙڻ جون سازشون.
    اهڙي حالت ۾ ڌارين جو ڪردار ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر پنهنجن جو ڪردار سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اسان جا قوم پرست اڳواڻ، مان سڀني جي دل جي گهرائي سان عزت ڪريان ٿو. اها سس پس به ڏاڍي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ته اسان جا قوم پرست ايجنسين لاءِ ڪم ڪندا آهن جنهن عيوض کين مراعتون ملنديون آهن، پر مون کي ڪڏهن به ان ڳالهه تي يقين نه ايندو آهي. مان ذاتي طور تي نه ٿو سمجهان ته اسان جا قوم پرست اڳواڻ ايجنسين لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. پر اهي جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن انهن تي ڪافي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت ضرور آهي. اتفاق جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي انتهائي مخلص ۽ عظيم هستي سائين جي ايم سيد، سنڌ جي هڪ ٻي انتهائي ذهين ترين شخصيت سائين رسول بخش پليجو، کان وٺي ممتاز ڀٽي تائين چونڊن ۾ هارائيندا رهيا آهن.
    سنڌ جي هڪ بيحد وڏي ۽ يگاني شاعر “مولا تي ننگ” واري تڪيي ڪلام جي خالق شمشير الحيدري تازو هڪ سنڌي رسالي ۾ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته سنڌي قوم پرست ان ڪري چونڊن ۾ کٽي نه سگهندا آهن جو سنڌي عوام ۾ انهن جي سيڙپ ٿيل نه آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان کي آجپو کپي. اسيمبلين ۾ چونڊجي آيل ئي ماڻهن کي ڪجهه ڏئي سگهن؟ اهي ماڻهن کي فيض ڪيئن ۽ ڪٿان ڏيندا!؟
    ٿوري دير لاءِ سوچيو، سنڌ ۾ چونڊون سدائين پيپلز پارٽي کٽندي آهي ۽ اڪثريتي پارٽي بڻجي ويندي آهي. ٻئي نمبر تي وڏي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم اڀرندي آهي. اهڙي چونڊ جي نتيجي سنڌ جو وڏو وزير سدائين سنڌي ٿيندو آهي ۽ ٻه قومي صوبي جي آڌار تي گورنر ايم ڪيو ايم جو ٿيل آهي. ٿوري دير لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن ايڏي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ مان چونڊون هارائي ويندي يا ان کي اڪثريت حاصل نه ٿيندي ته يقيني ڳالهه آهي ته ان حالت ۾ سنڌ ۾ اڪثريتي پارٽي ايم ڪيو ايم ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ وڏو وزير سنڌي ڳالهائيندڙ نه ٿيندو، اهو سمجهڻ ڪجهه مشڪل ناهي. هن وقت جڏهن هو ٿورائي ۾ آهن ۽ اتحادي آهن تڏهن به هنن جو حڪم هلندو آهي. ڪراچي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ۽ تعليمي ادارن م سنڌي شاگردن کي داخلا نه ٿي ملي. ڪراچي جي زمينن تي قبضا جاري آهن، سنڌي وڏي وزير هوندي. پر جڏهن وڏا وزير به اهي هوندا تڏهن ڇا ٿيندو؟ لانگ مارچون ڀليون، انهن تي گلن جي ورکا به ڀلي، انهن کي جيڏو مان ملي اوترو ڀلو، اهو لانگ مارچ جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته مان ذاتي طور تي پڻ انهن جي آجيان ڪندس. گلن جا هار وجهندس پر ان کان پوءِ ڇا؟؟؟
    ايندڙ وقتن ۾ سنڌ سان ڇا ٿيڻو آهي انهيءَ جي گڏيل طور ڪا رٿابندي اسان جي قوم پرستن ڪئي آهي؟ سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن جا مخالف جديد ترين ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان رٿابنديون ۽ منصوبابنديون ڪري رهيا آهن.
    سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته قوم پرستن سان ملاقات جو سلسلو جاري ڪري ۽ انهن کي لوئڻ جو سلسلو بند ڪري ۽ قوم پرستن کي به گهرجي ته اهي ڊگهي نظر سان حالتن جو جائزو وٺن ۽ حڪومت کي ڪيرائڻ جون ڳالهيون نه ڪن.


    عوامي آواز ڪراچي-


    • سڀ تيل جو چڪر آ پيارا. . . .!

    آمريڪا جي هڪ شهري جوزف ڪلفورڊ (Joseph Clifford) جيمس ٽائون روڊ آئرلينڊ کان ميڊيا مانيٽرس نيٽورڪ (mmn) کي هڪ ليک موڪليو آهي، جيڪو اتي شايع ٿي چڪو آهي. اهو ليک اي ميل فارورڊ ذريعي مون تائين پهتو آهي. هي ليک نه منهنجو لکيل آهي ۽ نه ئي ان تي ڪو رايو ڏيئي رهيو آهيان. هي ليک مان جيئن جو تيئن ڏئي رهيو آهيان. جنهن تي هر شعور رکندڙ انسان پنهنجي سوچ سمجهه مطابق پنهنجا رايا قائم ڪري.ليک جو لچڪدار عنوان آهي: “سڀ تيل جو چڪر آ پيارا.”
     جيئن ئي اسان پنهنجي ويٽنام مان نڪتاسين ته روسي پنهنجي ويٽنام ۾ ڦاسي پيا. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي؟
     اسان بن لادن ۽ طالبان کي ڪيترن ئي سالن تائين امداد ڏيندا رهيا آهيون ۽ روسين خلاف سندن ويڙهه ۾ اسان کين مجاهد ۽ آزاديءَ جا متوالا ڪوٺيندا رهيا آهيون. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     1998 تائين آمريڪا، افغانستان ۾ هر هڪ طالبان عهديدار کي پگهار ڏيندو رهيو آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     سعودي عرب کان وڌيڪ گئس ۽ تيل ڪئيسپين سمنڊ (آذربائيجان- قراقزستان- ازبيڪستان) ۾ آهي. پر ان تيل کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اسان کي افغانستان رستي هڪ پائيپ لائين لڳائڻي پوندي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     يونو ڪال (Unocal) جيڪا تمام وڏي آمريڪي ڪمپني آهي. تنهن ڪئيسپين سمنڊ کان افغان رستي عربي سمنڊ تائين هڪ هزار ميل ڊگهي پائيپ لائين وڇائڻ چاهي ٿي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     يونو ڪال (Unocal) انهيءَ پائيپ لائن وڇائڻ جي سلسلي ۾ ڏهه بلين آمريڪي ڊالر، زميني سروي (Geological Surveys) تي خرچ ڪيا ۽ طالبان جون خوشامنديون ڪيون، جن اهڙي سروي ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     1998ع ۾ سمورا اهم طالبان اڳواڻ ٽيڪساس ۾ يونوڪال سان ڳالهين ٻولين ۽ معاهدن طئه ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     1999-1998ع ۾ طالبان پنهنجو ارادو بدلايو. انهن يونوڪال کي ملڪ نيڪالي ڏيئي، ارجينٽينا جي هڪ ڪمپني کي پائيپ لائين وڇائڻ جو پراجيڪٽ ڏنو. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     يونوڪال جي وائيس پريزيڊنٽ جان ميرسڪا (John Maersca) ڪانگريس کي ٻڌايو ته طالبان جي هٽڻ تائين پائيپ لائين پروجيڪٽ پوري ٿيڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. ان ڪم لاءِ تيستائين انتظار ڪرڻو پوندو، جيستائين طالبان جي جڳهه تي ڪا دوستاڻي حڪومت افغانستان ۾ نه ٿي اچي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ان کان پوءِ اوچتو 2000-1999ع ۾ طالبان راتو رات دنيا ۾ سڀ کان خراب ماڻهو ٿي پيا. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري نيازنائڪ کي سينيئر آمريڪي عهديدارن جولاءِ جي وچ ڌاري ٻڌايو هو ته افغانستان خلاف فوجي ايڪشن آڪٽوبر جي وچ ڌاري کنيو ويندو. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     11 سيپٽمبر 2001ع تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر وارا واقعا ٿين ٿا. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     بش افغانستان خلاف جنگ ٿو جوٽي، توڻي جو هڪ به هائيجيڪر جو تعلق افغانستان سان نه هو. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     بش سمورو الزام بن لادن تي مڙهيو، پر ڪڏهن به ثبوت پيش نه ڪيو ويو. جنهن جو سبب اهو ڄاڻايو ويو ته اهو هڪ “راز” آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     طالبان ڳالهين جي آڇ ڪئي. ۽ اهو پڻ چيو ته اسان بن لادن آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن آمريڪا وٽ بن لادن خلاف ڪي ثبوت موجودآهن. اسان ڳالهين کان انڪار ڪندا رهياسون ۽ افغانستان تي بم وسائيندا رهياسون. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     هاڻي افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     افغانستان جو موجوده سربراهه، يونوڪال ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     بش هڪ خاص صلاحڪار مقرر ڪري ٿو. جيڪو آمريڪا جي عيوضي طور افغانستان ۾ نئين حڪومت سان رابطي ۾ رهندو. اهو عيوضي يونوڪال جو خاص صلاحڪار رهي چڪو آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     بش خاندان جي سموري دولت تيل جي ڪمائيءَ مان حاصل ٿيل آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     بش جو وزير داخلا واشنگٽن پهچڻ کان اڳ هڪ آئل ڪمپنيءَ جو پريزيڊنت هو. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     جارج بش سينيئر هن وقت ڪارلائسل گروپ (Carlysle Group) لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو ڪم آهي دنيا ۾ تيل جي ڪمپنين لاءِ وڏيون سيڙپون ڪرڻ. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ڪنڊوليزا رائيس (Condoleeza Rice) واشنگٽن پهچڻ کان اڳ شيوران (Shevron)۾ ڪم ڪندي هئي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     شيوران پنهنجي هڪ نئين ڪمپني “سپر ٽينڪرز” جو نالو ڪنڊوليزا رائيس جي پٺيان رکيو آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ڊڪ چيني (Dick Cheney) آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ ٿيڻ کان اڳ هڪ وڏي آمريڪي تيل ڪمپني هاليبرٽن (Holiburton) لاءِ ڪم ڪندو هو. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ڊڪ چيني جڏهن ڪمپني ڇڏي تڏهن هاليبرٽن کيس الوداعي تحفي طور چوٽيهه ملين ڊالر ڏنا هئا. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     هاليبرٽن پائيپ لائين وڇائڻ واري ڪمپني آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ڪئسيپين سمنڊ ۾ ڇهه ٽرلين ڊالرن جي ماليت جو تيل موجود آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     ٽوني بليئر، برٽش پيٽروليم جو اڳوڻو عهديدار آهي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     آمريڪي حڪومت 21 جنوري 2002ع تي خاموشيءَ سان اعلان ڪيو ته اسان افغانستان منجهان پائيپ لائين وڇائڻ واري ڪم ۾ مدد ڏينداسيون. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟
     پاڪستان جي صدر مشرف ۽ افغانستان جي اڳواڻ ڪارزائي يونوڪال لاءِ هڪ عهدنامون ڪيو آهي. جنهن مطابق سينٽرل ايشيا کان افغانستان رستي پاڪستان تائين پائيپ لائين وڇائي ويندي. ڇا اهو عجيب اتفاق ناهي ؟

    عوامي آواز ڪراچي-17 جولاءِ 2002ع


    • يا عرب – يا عرب

    فلسطين ۾ يهودي – عيسائي گڏيل ظلم ۽ جبر جاري آهي. ڪلنٽن جي وڃڻ کان پوءِ ۽ بش جي اچڻ کان پوءِ فلسطينين ۽ عرب مسلمانن تي جيڪا ننگي ۽ اگهاڙي جارحيت ٿيندي رهي ٿي. تنهن انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.
    آمريڪي صدر بش ۽ “دهشت خلاف جنگ” ۾ سندس ساٿارين (منڱڻهارن) کي فلسطين ۾ عرب مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ دهشتگردي نظر ئي ڪانه ٿي اچي!
    روزانو اخبارن ۾ پڙهون به ٿا ته ڏسون به ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن ونيءَ جو وُر ڪُٺو ٿو وڃي ته ڪٿي ڪنهن ماتا جو لخت جگر ڪُٺو پيو وڃي. معصوم ٻچڙن ۽ نياڻين جا رُئندڙ چهرا ۽ “ڳاڙها ڳل” ڏسي جيءُ جهريو پوي. سندن اَجھا بلڊوزرن جي ضد ۾ اچي زمين بوس ٿين ٿا. تڏهن ورن ريءَ اهي وانڍيون پٽيو پار ڪڍنديون آهن. رئنديون رڙنديون آهن ۽ هٿ مٿي کڻي “يا عرب – يا عرب” ڪنديون آهن. جنهن مان انهن جي مراد ته الائي ڇا هوندي آهي. ڇا اهي ان لاءِ يا عرب – يا عرب چونديون هونديون ته اڙي بي غيرت عرب ڪٿي آهيو؟ ڪيڏانهن وئي توهان جي صحرائي غيرت؟ ڏاڍا پاڻ کي غيرتي سڏيندا آهيو. اسان بي واهيون هتي اڪيليون پيون مرون. توهان ڪٿي مري کپي ويا آهيو؟ فلسطين ۾ اڻ کليل مکڙيءَ جهڙيون نوخيز دوشيزائون پنهنجن نفيس جسمن سان بم ٻڌي ۽ ساهه کڻندڙ جسم سان گرم رت جي دوري هلندڙ جسم سان ڌڙڪندڙ دل ۽ عشق ڪرڻ واري عمر ۾ فدائي حملا ڪندي پاڻ کلندي شهيد ٿينديون آهن ته چند غاصبن کي به جهنم رسيد ڪنديون آهن. پر اها ته ٿي فلسطيني محب وطن مردن ۽ نياڻين جي انفرادي جنگ. ٻن خرجدالن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف پر انهي سڄي “ڪيڏاري” ۾ باقي عرب ڪٿي آهن. في الحال مان “عرب” جو لفظ ئي استعمال ڪري رهيو آهيان ڇو ته بنيادي طور تي هيءَ هڪ عرب قوم پرستي جي جنگ آهي. يهودي - عيسائي برادري خلاف – بش ڪيئن ڀيرا اعلان ڪري چڪو آهي ته “He is against us – Who is not with us” يعني جيڪو اسان سان گڏ ناهي سو اسان جو دشمن آهي. دراصل ته هيءَ جنگ ٻن تهذيبن وچ ۾ جنگ آهي. جيڪا شروع ٿي چڪي آهي. ان جنگ جو بنياد Huntington Samuel P پنهنجو ڪتاب The clash of civilization and the remaking of world order لکي ڪري چڪو آهي.
    هي جنگ بنيادي طور تي ته فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ آهي، پر حقيقت ۾ اسرائيل پٺيان آمريڪا آهي ۽ آمريڪا باقي مغرب جي ٻانهن مروڙي پاڻ سان کنيو ٿو هلي. باقي فلسطين في الحال اڪيلي سر ميدان جنگ ۾ مصروف آهي. باقي عرب رڳو سفيد جبا پائي ڪارا نوڙ ٻڌي يا ته پنهنجن خواب گاهن ۾ شراب، شباب ۽ ڪباب جي محفلن ۾ مصروف آهن، جيڪي ناهن سي به پنهنجي کل بچائڻ ۾ پورا آهن ته متان ڪو اڙيو ٿڙيو پادر اسان کي نه اچي لڳي.
    ايران – عراق ته آمريڪا جا کليا کلايا دشمن آهن جن سان واري واري سان آمريڪا وڙهندو پيو اچي اهي ٻئي ملڪ Axis of evil ۾ شامل آهن. هينئر به عراق خلاف آمريڪا جنگ ڇيڙي رهيو آهي. ڏسون ڪٿي ٿي ڳالهه پهچي، پر مسلمانن جو ڪعبو قبلو مسلمانن جو محور ۽ مرڪز سعودي عرب به هن ڀيري ٽارگيٽ ۾ آهي. سعودي عرب جيڪو ابن ڏاڏن کان آمريڪا جو پڳ مٽ يار ۽ حمايتي رهيو آهي، جيڪو وقت بوقت آمريڪا کي پنهنجي ملڪ جا اڏا به استعمال لاءِ ڏيندو رهيو آهي، تنهن خلاف به هن ڀيري کلم کلا يهودي – عيسائي لابي پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني آهي. اهو ڦيرو يارنهن سيپٽمبر جي واقعن کان پوءِ آيو آهي. واشنگٽن جي هڪ اداري جيڪو آمريڪي دفاع کاتي جو صلاحڪار آهي Rand Corporation تنهن پنهنجي هڪ بريفنگ ۾ آمريڪي دفاع کاتي جي اڪابرن کي ٻڌايو ته “سعودي عرب اسان جو پڪو دشمن ملڪ آهي اهو سمورن “فسادن جي جڙ” (Kernel of evil) آهي ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جي انتهائي خلاف ملڪ آهي جيڪو مجاهدن ۽ اسلامي ملڪن کي مالي توڙي اخلاقي مدد ڏيندو رهيو آهي. پهريون ڀيرو سعودي عرب ۾ چند ليکڪن ۽ دانشورن به لکت ۾ هڪ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سعودي عرب جهڙي سخت گير ملڪ ۾ آمريڪا خلاف کليا مظاهرا ٿيا آهن. ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي چڪي آهي. عربن آمريڪا مان پئسا ڪڍرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. اندازو آهي ته هن وقت سعودي جا ڇهه سو بلين ڊالر آمريڪا ۾ بينڪن ۽ تجارت ۾ لڳل آهن جن مان هن وقت ٻه سو بلين ڊالر سعودي عرب جا تاجر آمريڪا مان ڪڍرائي چڪا آهن، جنهن سبب آمريڪي ڊالر ڪمزور ۽ “يورو” مضبوط ٿي چڪو آهي. اهو ڏسندي ته عرب آمريڪا مان ناڻو ڪڍرائي رهيو آهي. آمريڪين مڪاري ڪري عربن تي “هڪ ٽرلين ڊالر” (ڏهه کرب ڊالر؟) جو مقدمو داخل ڪيو آهي. بظاهر 11 سيپٽمبر جي حملن ۾ مري ويلن ۽ متاثر ٿيلن جي ڪٽنبن پاران اها هرجاڻي جي دعويٰ آهي جنهن جو مقصد اهو وڃي نڪرندو ته آمريڪا سعودي عرب جو آمريڪا ۾ سهيڙيل ناڻو ضبط (Freeze) ڪري ڇڏيندو. اهڙي فرياد ۾ ٽن سعودي شهزادن جا نالا به آهن، جن ۾ سعودي عرب جو دفاع ۽ شهري هوابازي جو وزير سلطان عبدالعزيز السعودي ۽ ٻيا ڪيترا سعودي شامل آهن. آمريڪا ۾ سعودي دشمني تي ٻڌل ان ڪيس جي جواب ۾ سعودي شهري به تيار ٿي رهيا آهن ته اهي به آمريڪا ۽ ان جي ميڊيا خلاف هڪ ڪيس داخل ڪندا جنهن ۾ يارهين سيپٽمبر وارن واقعن کان پوءِ سعودي عرب جي رهواسين کي پهتل مالي توڙي اخلاقي ۽ جذباتي نقصان جا تفصيل ڏنا ويندا. انهن ۾ گهڻائي عرب شاگردن جي آهي، جيڪي سعودي عرب ۾ پڙهي رهيا هئا، پر انهن واقعن کان بعد واري وٺ وٺان کان پوءِ يا ته هنن کي ملڪ بدر ڪيو ويو يا ايڏو تعصب وارو سلوڪ ڪيو ويو، جنهن سبب هو تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽي ويا جيڪي تاجر اتي سيڙپون ڪري چڪا هئا اهي پنهنجون اربن ڊالرن جون سيڙپون اڻپوريون ڇڏي نڪتا ته اهي عرب پڻ هينئر آمريڪا تي اهڙي هرجاڻي جا ڪيس وجهڻ وارا آهن.
    آمريڪي دفاعي صلاحڪار سعودي عرب کي “فسادن جي جڙ” جو لقب ڏنو آهي. شايد ان جو سبب اهو به هجي ته اتان جي ميڊيا جي رپورٽن موجب يارهين سيپٽمبر وارن واقعن ۾ اغوا ٿيل جهازن جي 19 پائلٽن منجهان 15 پائلٽ سعودي عرب جا رهواسي هئا.
    هن ڪالم لکڻ جو مقصد آهي ته اڄ مان خصوصي طور تي عرب دنيا ۾ عام طور اسلامي دنيا کي ڳاڙهي بتي ڏيکاري رهيو آهيان ته وقت تمام ڏکيو ايندو پيو وڃي. گوري چمڙي وارا پنهنجن ايجادن ۽ اوزارن سميت ميدان جنگ ۾ لهي آيا آهن. توهان کي فلسطيني عورتون يا عرب يا عرب ڪري پڪاري رهيون آهن، هي وقت آهي يا جاڳو يا ابدي آرام ۾ هليا وڃو!

    جاڳو جاڙيجا! سما! سک مَ سمهو.
    پسو اَن پاريان – لاکو ٿو لوڙيون ڪري

    بندر جان ڀئي، ته سکاڻيان! مَ سمهو
    ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي
    هيڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

    عوامي آواز ڪراچي-27 آگسٽ 2002 ع


    • درندا درياهه ۾

    افغانستان جي بي يار ۽ مددگار سڃن سکڻن معصوم ۽ بي ڏوهن تي بي رحم آمريڪين جي ڪارپيٽ بمباري ۽ هزارن جي تعداد ۾ نيڪ نمازي اٻوجهن پٺاڻن کي موت جو منهن ڏسڻو پيو. آمريڪي دهشت ۽ اٻوجهه پٺاڻن جي بي وسي تي ڀٽائيءَ جو هي بيت دل تي تري اچي ٿو:

    دهشت دم درياهه ۾ جت جايون جا نارن
    نه ڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
    درندا درياهه ۾ واڪا ڪيو ورن
    سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن
    پرزو پيدا نه ٿئي ڪو تختو منجهان تن
    ڪو جو قهر ڪُن ۾ ويا ڪين ورن
    اتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.

    توهان ڏٺو، اسان ڏٺو، جڳ جهان ڏٺو ته “ درندا درياهه ۾ واڪا ڪيو ورندا رهيا”. بي ففٽي بمبارن جا واڪا سڀني ٻڌا ۽ اهڙيءَ طرح “سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هيٺ هليا ويا” پر اڻ تارن کي ساهڙ سير نه لنگهايو. اڻ تارو ٻڏي ويا. “اڻ تارو” ، “اڻ ڄاڻ” صنعت ۽ حرفت جي فن کان محروم جديد ۽ سائنسي سوچ کان نابلند. انهن کي ساهڙ به سير ڇو لنگهائي؟.
    حضرت محمد صلعم جي موجودگيءَ ۾ مسلمانن جيڪڏهن بدر جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪئي هئي ته احد جي جنگ هارائي به هئي. ڇو ته مسلمان پنهنجا مورچا ڇڏي مال غنيمت پويان ڀڳا هئا.
    طالبان ۽ مسلمان ان آسري ۾ رهيا ته جڏهن “اسماعيل” (حضرت)تي ڇري هلندي ته آسمانن مان “گهٽا” نازل ٿيندا ۽ “گهٽا” ڪسجي ويندا ۽ طالبان، مسلمان ۽ مجاهد بچي ويندا. پر ائين نه ٿيو.
    ڪيئي اسماعيل ويا قربان ٿي
    پر ڪٿان ڪوئي گهٽو نازل نه ٿيو.

    طالبان جنگ يا جهاد هارائي چڪا آهن. انهن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. هزارن جي تعداد ۾ طالبان ۽ انهن جا حمايتي جهادي جن ۾ عرب، پاڪستاني ۽ چيچن شامل آهن مارجي چڪا آهن. جيڪي جيئرا آهن سي ڏچي ۾ آهن. قيد ۾ آهن. جنگ اڃان جاري آهي. آمريڪا جي لغت ۾ “دهشت گردي” اها آهي جيڪا آمريڪا ۽ جمهوري، سيڪيولر ۽ سڌريل مغرب خلاف اسلامي جهادين جوٽي آهي. مسلمان سمجهن ٿا ته آمريڪا وڏو دهشت گرد آهي، جنهن ايران، عراق ۽ افغانستان ۽ اسرائيل جي آڙ ۾ فلسطين ۾ جنگ جوٽي آهي.
    اعتدال پسند ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته نه مسلمانن جي “جهاد” واري تشريح درست آهي ۽ نه وري آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي “دهشت گردي” واري تشريح صحيح آهي. هي محض مفادن جو ٽڪراءُ آهي. هي تهذيبن ۽ تمدن جو ٽڪراءُ آهي. جنهن جي اڳڪٿي مشهور تاريخ نويس سيموئل – پي- هٽنگن (Samuel. P. Hutingtion) پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب (Clash Of Civiliezations) ۾ ڪري چڪو آهي. سند س خيال آهي ته ماضيءَ ۾ جيڪي به وڏيون جنگيون ٿي چڪيون آهن، اهي پڻ انهيءَ سبب جي ڪري ٿيون. هن وقت ٻه تهذيبون ٽڪراءَ ۾ آهن. هڪ تهذيب آهي مغربي دنيا جي، جنهن جي امامت آمريڪا وٽ آهي. مغربي دنيا وارا پاڻ کي سڌريل، جمهوري ۽ سيڪيولر سمجهن ٿا، اهي اقتصادي طور تي مٿڀرا ۽ مضبوط آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ طاقتور ۽ اڳتي آهن. اهي دهشتگردي جي تشريح ۽ سياسي سوچ ۾ ڀلي غلط ئي هجن، پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن وٽ طاقت آهي، صنعت ۽ حرفت جي طاقت. اقتصادي طاقت. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انهن وٽ جمهوريت جون پاڙون به مضبوط آهن ۽ تحرير ۽ تقرير جي آزادي آهي. جنهن جو تازو مثال آمريڪي پروفيسر ۽ دانشور نوم چومسڪي (Prof. Noam Chomsky) جون لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪيل تقريرون آهن جن ۾ هن آمريڪا کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو دهشت گرد ملڪ قرار ڏنو. اسلام آباد ۾ انگريزي اخبار “ڊان” ۽ اقبال احمد فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪرايل هڪ ليڪچر ۾ پروفيسر چومسڪي آمريڪا ۽ برطانيا کي دهشت گرد ۽ توسيع پرست قرار ڏنو. هن چيو ته آمريڪا ۽ برطانيا پاڻ کي ڪنهن قانون کان بالاتر سمجهن ٿا. هن آمريڪي ۽ برطانوي دهشت گردي ۽ توسيع پسندي جا ڪيئي مثال ڏيندي ٻڌايو ته پوين ٻن صدين کان آمريڪا غاصب رهيو آهي. پنهنجي توسيع پسندي جي ناپاڪ ارادن سان آمريڪا ميڪسيڪو تي فوج ڪشي ڪئي ان جي آسپاس جي علائقن تي گهيراءَ ڪيو. فلپائينز تي حملو ڪيو ۽ هزارين بي ڏوهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته اڄ به آمريڪا هٿان مارجي ويلن جو تعداد گهڻي ۾ گهڻو آهي. هن ٻڌايو ته ٻن صدين جي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو بندوقن جو رخ مخالف رخ تي آهي جيڪا وڏي تواريخي تبديلي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جمهوريت جو فقدان آهي. تحرير ۽ تقرير جي آزادي ڪانهي ۽ آمر فوجي توڙي سلطان غير اخلاقي ۽ غير منطقي طور تي اقتدار تي قابض رهن ٿا. اهڙي غير اخلاقي، غير قانوني ۽ غير منطقي حڪومتن کي پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ برطانيه جهڙين طاقتن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو جيڪي پنهنجي شرطن تي انهن کي ٺيڪو ڏين ٿا.
    ٽين دنيا جا ملڪ پنهنجن جنگن ۽ جهيڙن ۾ مصروف رهن ٿا ۽ آمريڪا کي پنهنجن جنگي جهازن، هٿيارن پنهوارن جو مارڪيٽ ملي وڃي ٿو. تهذيبن جي ٽڪراءُ جي ٻي ڌر هاڻي ظاهر ظهور اسلامي دنيا آهي جنهن وٽ اسلام ۽ جهاد جو نظريو به صاف ناهي.
    طالبان ۽ سندن اتحادين جو ئي مثال وٺو رڳو بندوقون هلائڻ کي “جهاد” چئبو آهي ڇا؟ ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي اسلامي جماعتن ۽ جهادي تنظيمن پاران ڳڀرو نوجوانن کي موڪلي مارائڻ ڪهڙو جهاد هو؟ يارهين سيپٽمبر جي واقعن ۽ ان کانپوءِ وارين تبديلين مان خبر پوي ٿي ته مسلمان خساري ۾ ويا. ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم پس منظر ۾ هليا ويا. اسرائيل کي فلسطين خلاف کلي دهشت گردي ۽ جارحيت جو موقعو ملي ويو. آمريڪي ۽ برطانيه جون حڪومتون اسرائيلي دهشت گردي خلاف زباني بيانن کان اڳتي وڌي ڪنهن عملي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪيو آهي.
    مستقبل ڏاڍو تاريڪ آهي. هي اقتصادي ۽ سائنسي، هنر، حرفت ۽ نشرو اشاعت جي ذريعن جي جنگ آهي. مسلمانن کي اندر جون اکيون کولڻ کپن. عربن کي هوش اچڻ گهرجي.
    ٽين دنيا جي ملڪن کي سمجهڻ گهرجي ته تهذيبن جي ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگين ۾ ڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو. گڏيل قومون، توڙي آءِ آيم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جا ادارا، اهي سڀ آمريڪا ۽ برطانيه جون “رکيل” (Keeps) آهن جيڪي انهن جي اشارن تي ڪپڙا لاهن ٿا. ٽين دنيا ۽ اسلامي دنيا کي پنهنجا ادارا ٺاهڻا پوندا پنهنجو اقتصادي نظام اڏڻو پوندو. BBC ۽ CNN مقابلي جو پنهنجا نشرياتي ادارو قائم ڪرڻو پوندو. پنهنجن ٻارن ۽ عورتن کي تعليم ۽ جمهوريت جون آزاديون ڏيڻيون پونديون. جهاد جون نيون ۽ 21 هين صدي سان ٺهڪندڙ معنائون ڳولڻيون پونديون “اجتهاد” جون ايڪيهين صدي سان ٺهڪندڙ معنائون ڳولڻيون پونديون اهڙي طرح پاڪستان ۽ هندستان کي حقيقت پسند ٿي پنهنجا اختلاف دور ڪرڻا پوندا ٻي صورت ۾ تهذيبن جي ٽڪراءُ ۾ ڪير کٽندو ۽ ڪير هارئيندو اهو سمجهي سگهڻ ايترو مشڪل نه هئڻ گهرجي.


    عوامي آواز ڪراچي -21 ڊسمبر 2001


    • ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مثالي عالم

    دعوت نامي جو ڪارڊ منهنجي سامهون پيل آهي. جنهن جي پهرين ورق تي لکيل آهي.
    ڊاڪثر نبي بخش خان بلوچ
    سان روح رهاڻ.
    ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد سنڌ
    19 فيبروري، 2002 شام 30: 3 وڳي
    سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
    ڪارڊ جي پوئين ورق تي لکيل آهي
    مهورت
    ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم
    مرتب: تاج جويو
    ڪارڊ جي اندرين ورق ۾ ساڄي پاسي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست اعليٰ محمد عثمان منگي پاران دعوت نامي جو هڪ ننڍو مضمون آهي جيڪو شاهه جي هن بيت سان شروع ٿئي ٿو.
    تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن
    ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور
    ڪارڊ جي کاٻي پاسي سٽاءِ آهي
    جنهن ڪتاب جي مهورت 19 هين فيبروري تي ٿيڻي آهي سو به منهنجي سامهون پيو آهي. مهورت کان اڳ ئي ڪتاب مون وٽ موجود آهي اهو ائين آهي جيئن “موڙي ڏيڻ بنا ڪنوار جو منهن ڏسڻ.”
    تازو ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ٿيل “سامي ڪانفرنس” جي موقعي تي ٿيل هڪ عاليشان ادبي ميڙاڪي ۾ منهنجي کاهوڙي ۽ گجگوڙي دوست ڪتاب جي مرتب تاج جويي پنهنجي هٿن سان اهو ڪتاب مون کي پيش ڪيو هو. سندس مهرباني توڙي جو اسان جو هڪ ٻئي سان “مهرباني مڃڻ” جهڙي تڪلف جو رشتو ناهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وانگر تاج جويو به سنڌ جو سچو ۽ ثابت قدم فرزند آهي. اسان جو قومي الميو اهو آهي ته سائين جي ايم سيد کان وٺي تاج جويي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين سنڌ جا سچا خادم گهڻي کان گهڻا تڪراري پڻ رهيا آهن. اهو وري هڪ ڌار ۽ ڊگهو بحث آهي ته ائين ڇو آهي؟
    تقريبن چار سو صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي سرورق تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي “يونيورسٽي ڪانووڪيشن” ۾ ڊگري ڏيڻ جي انداز واري هڪ تصوير آهي. ڪتاب جي پوئين پاسي ڊاڪٽر صاحب جي ڪرسي تي ويٺل هڪ تصوير آهي جنهن مٿان انگريزي ۾ لکيل آهي:
    Dr. N.A.Baloch The High and Humble ۽ تصوير جي هيٺان شاهه جي بيت جي هڪ سٽ لکيل آهي.
    الله جنگ جين، جنين اجهي گهاريان
    ڪتاب جي انتساب جا لفظ هن ريت آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي امان سانئڻ، مائي صاحبزاديءَ جي نالي، جيڪا ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ جي هڪ ساڃاهه وند، سگهڙ ۽ معلم خاتون هئي ۽ جنهن جي تربيت سنڌ کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙو صالح ۽ مثالي انسان ڏنو: جنهن جي علمي، ادبي ۽ انتظامي صلاحيتن جي طفيل سنڌ جو نالو جڳ ۾ روشن ٿيو.
    ڀلي ڄايون مائرون، سنديو صالحن!
    سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست اعليٰ ۽ نهايت مٺڙي، سچي محمد عثمان منگي جي مضمون (پبلشر پاران) مرتب جا ٻه اکر، کان سواءِ سنڌي ڀاڱي ۾ چوويهن برک اديبن جا پر مغز مضمون آهن. ڪتاب ۾ اردو ۽ انگريزي جا ڀاڱا پڻ آهن جن ۾ به انتهائي اهم ۽ ڄاڻ ڏيندڙ مضمون آهن.
    ڪلڪ ۽ ڪاڳر يا پين ۽ پني جي هن پورهيت ڪيترا ڪاڳر ڪارا ڪري سنڌ دوستي جي جوت جرڪائي آهي سا ڳالهه ڪرڻ کان مٿي آهي سا ڳالهه سمجهڻ کان به مٿي آهي. جس هجي محمد عثمان منگي کي ۽ تاج جويي کي جن سنڌ جي روشني جي هن مناري کي سندس حياتي ۾ ئي مڃتا ڏئي سندس مٿان هي ڪتاب لکي سندس قرض چڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    “جيڪي مئي ڪياس سو جانب ڪيم جيئري”
    سوچيم پئي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل ڪتابن جو وچور ڏيان پر ان لاءِ هڪ ڪالم جي حاجت ناهي ان لاءِ ڪئي ڪالم درڪار ٿي ويندا.
    ان لاءِ خود تاج جويي جي ڪتاب ۾ هڪ مضمون آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو علمي ۽ قلمي پورهيو. ان مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفن جو ذڪر آهي جنهن ۾ فقط لوڪ ادب جي حوالي سان ڪل پنجيتاليهه ڪتاب ٿين ٿا. سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري تي يارنهن ڪتاب تحقيقي مقدما تنهن کانسواءِآهن.
    يارنهن لغتون لکيل آهن جن ۾ پنجن جلدن ۾ جامع سنڌي لغات شامل آهي سنڌ جي تاريخ تي ترجمو يا تحقيق ٿيل چار اهم ڪتاب آهن.
    سنڌي ٻولي ادب ۽ موسيقي جي تاريخ تي پڻ ڪئي ڪتاب لکيل اٿس جن ۾ هيٺيان چار ڪتاب اهم آهن.
    سنڌ ٻولي ۽ ادب جي تاريخ
    سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ
    سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي
    سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو
    ان کانسواءِ نون جلدن تي ٻڌل شاهه جو رسالو، باقي شاهه تي سنها ٿلها تحقيقي مضمون جن جو ڪاٿو ئي ڪونهي.
    وري سوچيم پئي ته هدايت بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان تي ڀلا ڇا لکي ۽ ڪيئن لکي. اهو ٿيندو ته هڪ جهرڪي بڙ تي ويهي ۽ ان کي چئي “خبردار ٿجانءِ، مان ويهان ٿي ڀلا جهرڪي جي ويهڻ سان بڙجي وجود کي ڪهڙو لوڏو ايندو تنهن کان بهتر ٿيندو ته ڪتاب منجهان ئي برک ليکڪن جا ڪجهه ٽڪر نموني طور پيش ڪريان پر تنهن کان اڳ ڊاڪٽر بلوچ جي جيون جهلڪ:
    نالو: نبي بخش
    پيءُ جو نالو: علي خان لغاري
    جنم: 16 ڊسمبر 1917ع
    تعليمي رڪارڊ:
    بي. اي (آنرز) 1941ع بمبئي يونيورسٽي فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن
    ايم. اي 1943ع مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه، فرسٽ پوزيشن
    ايم. اي ايڊيوڪيشن 1947ع ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ
    ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن 1949ع ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سڀاڻي ڇو ته ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ روح رهاڻ ٿيندي ان ڪري مان بهتر سمجهان ٿو ته موقعي جي مناسب سان ڪتاب ۾ شامل ممتاز مرزا جي ئي هڪ مضمون ۽ هڪ خط مان ٽڪرا پيش ڪجن.
    سندس هڪ مضمون “ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو حقيقي معمار” ۾ ممتاز مرزا هڪ هنڌ لکي ٿو. اها حقيقت آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن ثقافتي مرڪز جي ڪاروبار کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو ته ان وقت ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي هڪ عمارت، موجوده ريسٽ هائوس ۾ موجود هئي ٻيو سڄي علائقو ميدان ئي ميدان هو. ثقافت مرڪز جي ترقي ۽ تعمير سندس خواب هو. ۽ اهو موقعو کيس مليو ته هو ان حسين خواب کي حقيقت جي صورت ۾ .. توڙي ٻين علائقن جي ماڻهن آڏو پيش ڪري ڊاڪٽر بلوچ وڏي جذبي ۽ عقيدت سان انهي اعليٰ ڪارنامي سرانجام ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪئي نتيجي طور ثقافتي مرڪز جي پيڙهه جو پٿر 1954ع ۾ رکيو ويو ان دوران فقط “عالمن لاءِ ريسٽ هائوس” جڙي راس ٿيو. ۽ 1959ع ۾ مکي جلسي گاهه، لئبريري ميوزيم ۽ مطالعي گهر جي تعمير ۽ ڪم جي شروعات ٿي. هالا جي هنر مند ڪاشيگرن کي سرون جوڙائي عمارتن کي سينگاريو ويو. اهي هڙئي عمارتون سن 1961ع ۾ ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ جڙي راس ٿيون.
    28 ۽ 29 جولاءِ 1961ع تي ڀٽائي جي 209 عرس جي موقعي تي پاڪستان جي صنعت ۽ قدرتي وسيلن جي تڏهوڪي وزير جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب انهن عمارتن جو افتتاح ڪيو .

    عوامي آواز ڪراچي 18 فيبروري 2002ع


    • سنڌ منهنجي امان

    ائين سدائين منهنجي سنڌ سان ڇو ٿيندو آهي؟ هر دوکو دولاب، هر ارهه زورائي فقط سنڌ سان ڇو ٿيندي آهي؟ اخلاق ۽ منطق جي نفي وارا رويا سنڌ سان ڇو روا رکيا ويندا آهن؟ جيڪڏهن قصو اسان جي عظيم دين ۽ مذهب اسلام کان شروع ڪجي ته سنڌ کي “باب الاسلام “ هجڻ جو شرف حاصل آهي.جيڪڏهن قصو مملڪت خداداد پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي پس منظر کان شروع ڪجي ته به پاڪستان ٺهڻ لاءِ پهريون ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيو اهو شرف به سنڌ اسيمبلي کي ئي حاصل آهي . پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح به سنڌي هو ۽ سندس جنم جهرڪن ۾ ٿيو هو. پاڪستان کي ايٽمي صلاحيت ڏيندڙ ۽ پوري مسلم دنيا ۾ ائٽمي طاقت حاصل ڪرڻ وارو اعزاز ڏياريندڙ به سنڌي هو جنهن جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. جيڪڏهن قصو ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ واري افسوس ناڪ واقعي جو ڪجي ته خدا جي فضل سان اهو الزام سنڌ صوبي ڏانهن نه ويندو بلڪ تواريخ جي هڪ ادنيٰ طالب علم کي به خبر هوندي ته بنگال ۾ جيڪي ٿيو جيڪا ڦرلٽ ۽ عصمت دريون ٿيون ان ۾ ڪهڙا گروهه ملوث هئا اها ڳالهه ڍڪي ڀلي آهي. ان جي کول ڪبي ته ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي.
    اسان جو چوڻ آهي ته هر ڀيري حڪومت سازي ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي ڇو ڪئي ويندي آهي ؟ باقي ٽن صوبن ۾ حڪومت سازي ۾ ڪهڙي دشواري آهي؟ ڇا سنڌ ۾ واضح اڪثريت رکندڙ ڪا پارٽي ڪونهي؟ ڇا هرهنڌ اهي جمهوري روايتون نه رهيون آهن ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ توڻي مرڪز ۾ ڪنهن هڪ پارٽي کي واضح اڪثريت حاصل ناهي تڏهن به اڪثريتي پارٽيءَ کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ هڪ مقرر ڪيل مدت ۾ انهيءَ حڪومت کي چيو ويندو آهي ته اها اعتماد جو ووٽ وٺي ۽ ايوان ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري.
    سنڌ اسيمبلي ۾ انهي جمهوري روايت تي عمل ڇو نه؟ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاڻايل مدت تائين ڇو مهمل ڪيو ويو آهي. ڇا اهڙي مهمليءَ جي درخواست سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڏني هئي يا سنڌ ۾ ٻيو نمبر اڪثريت رکندڙ پارٽي متحده قومي موومينٽ ڏني هئي. نه، ته پوءِ ڪنهن جي چوڻ تي اهو غيراخلاقي، غير منطقي ۽ غير قانوني حڪم صادر ٿيو؟ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ وڏي دماغ جي ضرورت نه آهي. ڳوٺاڻو اڻپڙهيل ۽ ٻار به سمجهي سگهي ٿو ته لوٽن جي خريد و فروخت وارو ڪاروبار اڃان ڪاميابيءَ سان طئي ٿي نه سگهيو آهي. ان سبب جي ڪري سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس مهمل يا ملتوي ڪيو ويو آهي.
    جيئن ۽ جڏهن خريداريءَ جي نتيجي ۾ ڪو لوٽا گروپ سنڌ ۾ به قائم ٿي ويو ته سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو ويندو ۽ پوءِ اڪثريتي پارٽيءَ کي ڌڪي ڌار ڪيو ويندو ۽ ڌانڌلين ذريعي چند سيٽون حاصل ڪندڙ ڪنهن قبضا گروپ کي سنڌ اسيمبلي ۾ پٽڪو ٻڌايو ويندو. سنڌ ۾ اها روايت اڳ به رهي چڪي آهي هڪ ويڪائو وڏيري کي ڪرسي ڏني وئي هئي جنهن سنڌ جا ٽين کڙڪائي ڇڏيا هئا. هاڻي به ائين ٿيندو.
    بنگال سان به ائين ئي ٿيو هو جو اتي جي اڪثريتي پارٽي کي اقتدار کان الڳ رکيو ويو اهڙي طريقي سان بنگال اسان کان الڳ ٿي ويو. هتي سنڌ ۾ به ورجائي ورجائي اهو غير جمهوري فعل جاري رکيو پيو وڃي. سڀاڻي خدا نه خواسته جيڪڏهن سنڌ ۾ اهڙي سوچ اڀري پوي جنهن جي اڀرڻ جا قوي امڪان موجود آهن ته پوءِ وري الزام به سنڌ تي مڙهيا ويندا ته سنڌي غدار آهن. سنڌي علحدگي پسند آهن. پوءِ اهو ڪو به نه ڏسندو ته اهڙي سوچ جا ڪارڻ ڇا آهن؟ اڄ اهو چيو وڃي ٿو ته پيپلزپارٽي جي سربراهه وڏي غلطي ڪئي جو هن پنهنجي پارٽيءَ کي اقتدار کان الڳ رکيو ۽ ڪنهن پارٽي سان مفاهمت نه ڪئي. اڄ اهو به چيو ٿو وڃي ته پيپلزپارٽي آصف زرداري جي آزادي ۽ ڪيسن جي واپسي وارن مطالبن تان هٿ کڻي وڃي ته پوءِ پيپلزپارٽي سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. اسان به ٻه چار درجا پڙهيا آهيون. اسان به هن دنيا ۾ رهون ٿا. ڇا ڪو ان ڳالهه کان انڪار ڪندو ته محترمه بي نظير ڀٽو هميشه مفاهمت جون ڳالهيون فوج سان توڙي حڪومت سان نه هلائيندي رهي آهي؟ ڇا فوج طرفان يا حڪومت طرفان محترمه يا سندس باندي ور کي ذرو به رليف جو ڪو آسرو يا واعدو ڪيو ويو؟ آصف زرداري سالها سال کان ڪهڙي ڏوهه ۾ قيد آهي؟ ۽ کيس چند ڏينهن پيرول تي آزاد ڪيو ويو ته ان حالت ۾ جڏهن سندس ماتا بي هوشي واري حالت ۾ وڃي چڪي هئي ۽ هڪ بي گناهه باندي کي پنهنجي ماتا کان مامتا به نه ملي سگهي. ڇا بي گناهه سالن جا سال سزا ڪٽڻ کان پوءِ جيڪڏهن حڪومت جا ذميوار وزير چون ته آصف جي آزادي جو مطالبو نه ڪيو وڃي ته اهڙي اعلان جو ڪو اخلاقي جواز آهي ڇا؟ ڇا حڪومت قيامت ڏينهن زمين جي تڏا ويڙهه شروع ٿيندي ته آصف انهي ۾ ويڙهيو ويندو؟ ڳالهه آصف جي آزادي جي ناهي. ڳالهه محترمه خلاف قائم مقدمن ختم ڪرڻ جي ناهي. ڳالهه آهي احتساب واري عمل جي اصولن جي. احتساب جا معيار ٻٽا نه هجڻ گهرجن.
    هڪڙيون سياسي ڌريون اهڙيون آهن جيڪي سالن کان پيرول تي آزاد آهن انهن پيرول تي چونڊون وڙهيون ۽ سالن جا سال اهي وزير رهيا ته به پيرول تي هئا ۽ ٻين جا گهر ڀاتي خدا کي پيارا ٿي ويا ته به انهن کي پيرول تي آزادي نه ٿي ملي.
    هڪڙن مٿان ڪيسن جا انبار ڪورٽن ۾ ٻڌڻي جي انتظار ۾ اوٻاسيون ڏئي رهيا آهن ته انهن کي نوڪرن چاڪرن ۽ روپين ڊالرن جون پيٽيون ڀري “ڀلي پار” روانو ڪيو ٿو وڃي.
    نيب جي صورت ۾ هڪ اهڙو ڪوڙڪو اڏيو ويو آهي جنهن ۾ بي ڏوهه ڦاسي پوندا آهن ۽ ڏوهاري نڪري ايندا آهن . انهي ڪوڙڪي مان نڪرڻ ايڏو ڏکيو ناهي بس “ دست بيعت” جي دير آهي جن اها ڪئي سي آزاد به ٿي ويا وزير به ٿي ويا جن اها نه ڪئي اهي ڀلي پيا بي ڏوهه قيد بند ۾ سڙن. ملڪ بدر هجن پنهنجي ٻچن کان پري هجن ۽ پنهنجي قريبن جي مرحيات ٿي وڃڻ تي به لاشن تي ٻن ڳوڙهن ڳاڙڻ جي به انهن کي اجازت ڪانهي. سنڌ ۾ گهڻيون سيٽون حاصل ڪندڙ ٻئي نمبر پارٽي کي چند گذارشون.
    توهان سنڌي آهيو. توهان جو مرڻ جيئڻ، اٿڻ ويهڻ، کلڻ روئڻ سنڌ ۾ آهي.
    اليڪشن مهم دوران متحده قومي موومينٽ جي باني جناب الطاف حسين جا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ۾ ويڙهيل پوسٽر لڳل هوندا هئا جنهن ۾ شاهه لطيف جي ڌرتي، سنڌ جي ڌرتي ۽ ان جي حق جا سلوگن لکيل هوندا هيا. تقريرن ۾ تحريرن ۾ سنڌ جي حقن جون ڳالهيون، صوبن کي مڪمل خود مختياري ۽ 1940ع واري پاڪستان جي ٺهراءِ تي عمل درآمد واريون ڳالهيون، قول ۽ واعدا وچن هوندا هئا پوءِ چونڊن جي نتيجن اچڻ کانپوءِ ۽ حڪومت سازي واري عمل ۾ متحده پاران حڪومت کي ووٽ ڪرڻ لاءِ “نوگو” علائقا خالي ڪرائڻ وارا مطالبا رکيا ويا ۽ پنهنجي اليڪشني منشور ۾ ڪيل سڀني واعدن کي پس منظر ۾ رکيو ويو. پوءِ عارضي طور تي پنهنجي اليڪشني منشور ۾ ڪيل سڀني واعدن کي پس منظر ۾ رکيو ويو. پوءِ عارضي طور تي حڪومت قدم کڻي “نوگو” علائقا خالي ڪرايا. ۽ متحده حڪومتي اهلڪارن سان گڏجي انهن علائقن ۾ پهتي اهڙي طرح متحده انهي معمولي مطالبي تي پنهنجي اصولي موقف کان انحراف ڪندي حڪومت کي ووٽ ڪيو.
    پوءِ الائي ڇا ٿيو جو متحده سمجهيو ته حڪومت، متحده جي مخالف گروپ سان به سازباز آهي ته وري انهن اچانڪ اعلان ڪيو ته اسان حڪومت جي حمايت کان هٿ کنيو ۽ مرڪز توڙي سنڌ ۾ مخالف ڌر ۾ ويهنداسين. پر ڪنهن کي ويساهه نه ٿو اچي ته ڪو ائين ٿيندو حڪومت چوي ٿي ته نه ائين ناهي متحده وارا ڪيڏانهن نه ويندا ڄڻ ته هر سياسي پارٽي انهن کي هن وقت اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته سڀاڻي حڪومت وري ڪوڙو سوڙو ايڪشن کڻندي وري متحده وارا حڪومت سان ملي ويندا ۽ وري متحده کي پاڻ ڏي آڻي سگهجي ٿو.
    اسان متحده کي فقط ادب سان ايتري گذارش ڪريون ٿا ته اهي گروهي مفادن تان ملڪي ۽ اصولي مفادن کي مٿانهون رکن سياست ۾ ڪجهه سنجيدگي وارا رويا اختيار ڪن ۽ سنڌ جي وڏي پارٽي سان سهڪار ڪري سنڌين ۽ نون سنڌين جي مفادن لاءِ جدوجهد ڪن. سنڌ ۾ رهندڙ نون سنڌين کي ٻين صوبن کان ڪجهه ملڻو ناهي. هن صوبي ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪن. هن گذارش کي طنز يا ٺٺول نه سمجهيو وڃي بلڪ هي پنهنجي دل جو آواز آهي ته اسان غير سنجيده سياست ۾ گهڻو وقت وڃايو آهي هاڻي سنجيده ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. پنهنجيون جانبداريون ايڏيون تڪڙيون نه مٽايو جو حڪومتون توهان کي سنجيدگي سان نه وٺن.

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌسڪار
    دوست مٺا! دالدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    عوامي آواز ڪراچي-3 ڊسمبر 2002ع


    • آگرا ۾ اُگرا نتيجا

    توڙي جو آگرا ۾ پاڪستان- هندستان جي اڳواڻن جون ڳالهيون ناڪام نتيجن تي پهتون آهن. جن جي ٻنهي ملڪن جي پڙهيل لکيل ۽ علمي. ادبي ماڻهن کي اڳي ئي توقع هئي پر هن ڀيري هندستان پاران صدر جنرل مشرف جي هندستان جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ تيارين جي گرمجوشي مان الائي ڇو دل ۾ ڪتڪتايون ٿي اڀريون ته هن ڀيري متان ڪجهه بهتري جي اميد نڪري اچي. پر ائين نه ٿي سگهيو. صدر مشرف جي دوري کان اڳ ڀارت ۾ نهر والي حويلي سندس جاءِ پيدائيش کي ڇنڊ ڦوڪ ۽ رنگ روغن، تاج محل جي مالش پالش، سيٽلائيٽ ۽ صحافين جي انتظامن جي وٺ پڪڙ هن ڀيري وڏي اميد ڏياري هئي. هندستان جي خوش آمديد جو انداز اهڙو هو جهڙو ڄڻ واجپائي پنهنجي منهن جهونگاري رهيو هجي ته:
    ميري شوق دا نئين اعتبار تينون
    آجا ويک ميرا انتظار آجا.

    پر وچ ڪٽين انهيءَ انتظار واري ميلاپ کي بي مزي ۽ بي مراد بڻائي ڇڏيو. هندستان جي خارجي ۽ داخلي وزيرن جي خروج ۽ دخول جي دست اندازين محفل جو مزو ئي ڪرڪرو ڪري ڇڏيو. برطانيه جي عظيم مفڪر ۽ فيلسوف برٽرينڊ رسل (BERTRAND RUSSEL) پنهنجي مشهور ڪتاب (HAS MAN A FUTURE) ۾ هڪ هنڌ انساني سوچ جي عادتن جي انداز جي سُسُتي ۽ هنر ۽ ٽيڪنالوجي ۾ برق رفتاريءَ سان ٿيندڙ تبديلين ۾ فرق بابت هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
    The trouble of our age is that habits of thought do not change as quickly as techniques with the result that as skill increases, wisdom fades.
    ترجمو: اسان جي دور جو الميو اهو آهي ته انساني سوچن جا انداز اهڙا تڪڙا تبديل نه ٿا ٿين جنهن تيزي سان هنر ۽ حرفت تبديل ٿين ٿا. نتيجي ۾ اهو ٿئي ٿو جيئن هنر ۽ ٽيڪنڪ ۾ ترقي اچي ٿي ائين ڏاهپ ۾ گهٽتائي اچي ٿي.
    هندستان پاڪستان جي ڳالهين جي ناڪامي تي منهنجي ڪالم ڇپجڻ تائين بي شمار ليک اچي چڪا هوندا پر اچو ته رسل جي مٿئين قول کي به هنن ڳالهين جي ناڪامين سان لاڳو ڪري پڙهون ۽ ڏسون ته هن مها اڪابر ڇا ته ڪمال جو تجزيو ڪيو آهي. ته “سوچ جون عادتون اهڙيون تڪڙيون نه ٿيون تبديل ٿي سگهن جنهن تيزيءَ سان هنر ۽ حرفت يا ٽيڪنڪ ترقي وٺن ٿا.”
    هندستان ۽ پاڪستان کان پوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪن ڏانهن نگاهه ڦيرايو. چين کي ڏسو، سينگاپور کي ڏسو، ڪٿان جا ڪٿي وڃي پهتا آهن. چين اڪيلي سر اڄ آمريڪا سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي جو دڙڪو ڏئي آمريڪا کي چوي ٿو ته هيءَ غلطي ڪئي اٿئي. معافي گهر ته آمريڪا انڪار ڪندي ڪندي نيٺ Sorry چوي ٿو. اها آهي طاقت اها آهي ترقي ۽ خوشحالي کان سواءِ سکڻي طاقت به نقصانڪار ٿيندي آهي جنهن جو مثال روس آهي. عوام خوشحال نه هو، بمن تي بم ٺاهيندا رهيا. جڏهن عوام بغاوت ڪئي، روس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، پر بم کيس بچائي نه سگهيا ۽ هيئنر بمن کي بيڪار بڻائڻ لاءِ پئسا خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ ترڪيبون ٺاهيون پيون وڃن. هندستان جي وڏن شهرن ۾ اڄ به هزارين شهري فٽ پاٿن تي کليل آسمان هيٺان سمهي رهيا آهن. بک آهي، بدحالي آهي ۽ ڪنهن به وڌاءُ کان سواءِ چئي سگهجي ٿو ته عام ماڻهو خوشحال ناهي، نه ته ڏٻرا ۽ عمر رسيده هندستاني شهري ٽن ڦيٿن واري Trishaws هلائڻ لاءِ مجبور ڇو ٿين.
    پاڪستان ۾ جيڪڏهن ايتري غربت ناهي تڏهن به عام ماڻهن جي حالت سٺي به ناهي ملڪ ڇڏڻ لاءِ پرڏيهي سفارت خانن ٻاهران ماڻهن جون قطارون ۽ خودڪشي جون وڌندڙ وارداتون ان ڳالهه ڏانهن اشارا ڏين ٿيون ته اسان جو عام ماڻهو پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن خوش ناهي.
    هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽن جنگين ٻنهي ملڪن جي معاشيات کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ملڪي آمدني ۽ قيمتي ناڻي جو سترکان اسي سيڪڙو جنگي تيارين، اسلحي جي خريداري ۽ فوجين کي پالڻ تي خرچ ٿئي ٿو، باقي وڃي ويهه ٽيهه سيڪڙو بجيٽ بچي ٿي سا ملڪي ترقي تي خرچ ٿئي ٿي. تنهن مان به ڪامورا ۽ ٺيڪيدار کائي کپائي وڃي ٿا باقي بچيل انهيءَ پاڇيءَ تي پاڪستان زندهه آباد جا نعرا پيا هڻون. ڏسو ڪيڏا وفادار آهيون. ڳالهه نڪتي هئي. سوچ جون عادتون اهڙيون تڪڙيون تبديل نٿيون ٿين جنهن تيزي سان صنعت، حرفت هنر ۽ ٽيڪنيڪ وڌن ٿا.
    هندستان به سمجهي ٿو ته ڪشمير وارو رولو سندس سر نيندو. ڪشمير ڳڙڪائڻ ايترو آسان به ناهي. ماڻهو جي مرضي جي خلاف سندس نڙگهٽ تي ننهن ڏئي کيس ڪيستائين خاموش ڪرائي سگهجي ٿو. هندستان قيادت سمجهي ٿي ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ڪيئي قراردارن تي عمل ڪرڻ سان ئي قومن جي سٿ ۾ سندس عزت ٿيندي. هندستاني قيادت اهو به سمجهي ٿي ته ڪشميري مجاهدن ۽ انهن سان همدردي رکندڙ حريت پسند عوام جو اڻ کٽ سلسلو ازل کان ابد تائين اڻ کٽ ۽ لافاني رهندو جيڪي قيامت تائين هندستانين کي سک جو ساهه پٽڻ نه ڏيندو پر پوءِ به انڌي عوام جي ڪند ذهن جي گهڻائي ۽ ان جي دٻاءُ کان مجبور ٿي هندستاني قيادت ۾ ذرو به لچڪ نه ٿي اچي. ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي پر هتي وڃائڻو آهي فقط ڪوڙو غرور ۽ هٿ ايندي عوامي ڀلائي. هندستان جي ايندڙ نسلن جي خوشحالي جو دارومدار هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ انتهائي خوشگوار دوستاڻي ماحول تي منحصر آهي.
    ساڳي طرح پاڪستان کي به گهرجي ته مذهبي بنياد پرستن ۽ فساد في سبيل الله واري سوچ رکندڙ تنگ نظر ماڻهن جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي عملن کي يرغمال بڻجڻ نه ڏين ۽ پاڻ کي انهن سطحي ماڻهن جي ڄار کان آزاد ڪري، عالمي انساني تناظر کي مدنظر رکندي ۽ ڪجهه ڏي وٺ جي بنياد تي هندستان سان معاملا مناسب طريقي سان حل ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جو معاشي مستقبل سڌري سگهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل اسان کي دعائون ڏئي سگهن. اچو ته ايندڙ نسلن کي سوچن جو محور بنايون. ويندڙ نسل ته وڃي رهيو آهي. اچو ته برق رفتاري سان تبديل ٿيندڙ انفارميشن ٽيڪنالوجي آڻيون. اچو ته اتحاد ڪريون. اچو ته اهڙا عمل ڪريون جنهن جي نتيجي ۾ عوام جي چهرن تي چمڪ اچي ۽ اهي به مرڪن ۽ مشڪن.

    عوامي آواز ڪراچي -20 جولاءِ 2001ع


    • جنگل شاهه ڪاليج ۾ جهنگ جو قانون

    ڪافي ڏينهن کان گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج جنگل شاهه، ڪياماڙي تي “قانون نافذ” ڪندڙ هڪ اداري جو قبضو ٿيل آهي. اٽڪل يارهن سال اڳ اڍائي ڪروڙ روپين سان قائم ڪيل ان ڪاليج ۾ “قانون نافذ ڪندڙ “ هن اداري جا ساڍا چار سؤ ماڻهو زبردستي قابض آهن. سنڌ حڪومت ۽ شهري حڪومت بي وس بڻيل آهن ۽ قبضو ڇڏڻ لاءِ مذاڪرات هلندڙ آهن. سوچيو ۽ ڌيان ۾ آڻيو ته قانون نافذ ڪندڙ اداري جي عملي پاران هڪ تعليمي اداري تي ناجائز ۽ زبردستي قبضي خلاف “شهري حڪومت” ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت پاران اهڙي ناجائز قبضي ڇڏائڻ لاءِ “مذاڪرات” جاري آهن. ڇا ٿا سمجهو ته اسان جي پياري ديس ۾ قانون جي حڪمراني، جمهوريت، منطق ۽ اخلاقيات ڪهڙي نهج تي پهچي چڪا آهن ۽ زور زبردستي، دٻڙ دونس ۽ “ڏاڍو سو گابو” وارو نظام ڪيترو نه مضبوط ٿيل آهي.
    قانون نافذ ڪندڙ ان اداري جو هي پهريون قبضو ڪونهي اڳي سالن جا سال انهن “سوڪ سينٽر سامهون” جتي هن وقت ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جون نمائشي عمارتون ۽ ميدان ٺهيل آهن اتي به هن اداري جو قبضو پئي رهيو آهي ۽ ڪيئي سالن جي جهيڙي ۽ وفاقي حڪومت جي مداخلت کانپوءِ انهن کان وڏين مشڪلن سان قبضو پٽايو ويو. وري ڪنهن عورتن جي ڪاليج تي قبضو ڪيو ويو ۽ ڪلاس روم ڀڃي باٿ روم ٺاهيا ويا. يعني قبضي ڪرڻ کان پوءِ ان عمارت ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ نقشو مٽائڻ به هنن لاءِ کٻي هٿ جو کيل آهي.
    وري اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان “تاريخي ورثو” قرار ڏنل عمارت جناح ڪورٽس جهڙي عمارت تي به انهيءَ “قانون نافذ ڪندڙ اداري قبضو” ڪيو. فوجي حڪومت جي گورنر پاران زور پيو ته سرڪاري ۽ قانوني طور تي ان عمارت جو قبضو ان قابض اداري جي حوالي ڪيو وڃي تنهن وقت سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت جو سيڪريٽري اسان جو سڄاڻ ۽ برجستو مهربان حميد آخوند هئو. ٻڌو اٿئون ته حميد آخوند گورنر جي زور ڀرڻ جي باوجود سرڪاري دٻاءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي صحيح سان سرڪاري طور تي جناح ڪورٽس جي عمارت “قانون نافذ ڪندڙ اداري” کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ حميد آخوند جهڙي قابل سيڪريٽري کي سندس عهدي تان بي دخل ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين بي دخل آهي. هن وقت جناح ڪورٽس واري عمارت جو حال ڇا آهي ۽ ان جو مستقبل ڇا آهي؟ تنهن جي صحيح خبر ناهي پر بهرحال جس هجي حميد آخوند کي جيڪو سنڌ جي تاريخي ورثي جو بچاءُ ڪندي پاڻ بي دخل ٿي ويو، پر هن آڻ نه مڃي. مون کي ياد آهي ته تازو ڪراچيءَ ۾ سائين حسين شاهه راشدي، پاران، سندس مربي ۽ محترم چاچي ۽ سنڌ جي علم ادب جي مناري سائين حسام الدين راشدي تي ڪرايل هڪ فنڪشن جي موقعي تي جهوني سياستدان جتي سنڌ جي آزادي جون ڳالهيون ڪيون. وڏي صوبي جي بي واجبين جون ڳالهيون ڪيون اتي حميد آخوند جو نالو کڻي هن چيو ته اهڙي قابل شخص کي هڪ اصولي موقف جي پاسداري جي سزا ۾ کيس بي دخل ڪيو ويو.
    هڪ ٻئي قانون نافذ ڪندڙ اداري جو سنڌ صوبي جي قانون ساز اداري سنڌ اسيمبلي جي هاسٽل تي قبضو آهي اندازو ڪريو “قانون ساز” اسيمبلي جي ميمبرن جي هاسٽل تي قبضو جيڪو ڇڏائجي نه ٿو سگهجي.
    سرڪاري عمارتن تي قبضا سي به سرڪاري عملدارن پاران- ٻه سرڪاري ادارا قبضن ڇڏائڻ لاءِ سرگردان آهن.
    گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج جنگل شاهه ڪياماڙي جا ساڍا ٽي سو شاگرد پريشان آهن. ٻين ڪاليجن ۾ فرسٽ ايئر جو تعليمي سال شروع ٿي چڪو آهي پر سنڌين جي وسندي جي هن ڪاليج ۾ “ اڄ به قانون نافذ ڪندڙ” اداري جو قبضو بدستور قائم آهي. سنڌ سرڪار، گورنر وفاقي سرڪار، سنڌ جي شهري حڪومت سڀ ادارا بيوس بڻيل آهن.مذاڪرات جاري آهن مذاڪرات يا “مذاق رات” مذاق واري رات جتي ڏينهن ٿيڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن گهٽبا پيا وڃن تڏهن ته فيض احمد فيض چيو هو ته:

    يه داغ داغ اجالا يه شب گزيده سحر
    وه انتظار ٿا جس ڪا به وه سحر تو نهين



    يه وه سحر تو نهين جس ڪي آرزو ليڪر
    چلي ٿي يار ڪي مل جائيگي ڪهين نه ڪهين
    فلڪ ڪي دشت په تارون ڪي آخري منزل

    صبح جي انتظار ۾ آزادي ملڻ کانپوءِ اڌ صدي کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر:

    تم آئي هو نه شب انتظار گذري هي
    تلاش ۾ هي سحر بار بار گذري هي
    وارو معاملو آهي يا جنهن کي اسان صبوح سمجهي ويٺا آهيون سان واقعي صبح آهي به سهي يا صبح جو ڌوڪو آهي ريگذار آهي.

    اڀي تو صبح ڪي ماٿي ڪا رنگ ڪا لاهي
    اڀي فريب نه کائو بڙا انڌيرا هي.


    چوڻي آهي ته اٺ تڏهن پئي رُنا جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
    فارسي جي هڪ چوڻي آهي:
    “يڪ مشت نمونئه خروار”
    يعني هڪڙي مٺ خرار جو نمونو هوندي آهي. سو جڏهن ريفرينڊم ٿيو هو تڏهن هن عظيم ملڪ جي عظيم قوم سمجهي چڪي هئي ته عام چونڊن جو انداز ڪهڙو هوندو.
    خيرن سان عام چونڊون ٿي به ويون هن وقت سياسي سحر تي جيڪو رات جو قبضو آهي تنهن صبح ٿيڻ جا امڪان ڪيترا روشن آهن سو اوهان به سمجهو ٿا اسان به سمجهون ٿا اسان جي جمهوري انداز ۾ هڪ انعام اهو مليو آهي ته تازو برطانيه پاڪستان جي دولت مشترڪا ۾ داخلا کان ان بنياد تي منع ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو اندازو جمهوري ناهي. هندستان جي حڪومت برطانيه جي فيصلي جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي.
    موٽي ٿا اچون، جنگل شاهه ڪاليج طرف- آخري خبرون اهي آيون آهن. قانون نافذ ڪندڙ اداري وارا “مذڪرات” جي نتيجي ان تي راضي ٿيا آهن ته پنجهتر سيڪڙو ڪاليج تي سندن قبضو جاري رهندو باقي پنجويهه سيڪڙو ڪاليج خالي ڪرڻ لاءِ هو رضامند آهن يعني ان پنجويهه سيڪڙو ڪاليج جو تدريسي عملو به هوندو ۽ فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺندڙ نوجوان ڳڀرو ڇوڪرا به هوندا ۽ قانون نافذ ڪندڙ به هوندا ته تصور ڪريو ته اتي تعليمي تقدس جي ڪيتري پاسداري هوندي. انهن جي مجرم ۽ گنگهار اک جي تعقب کان معصوم ۽ ڳڀرو ڇوڪرا بچي سگهندا ۽ اسان جي آخري نبي حضرت محمد (صلعم) جڏهن فرمايو هو ته علم حاصل ڪريو توڙي جو توهان کي چين وڃڻو پوي.
    اڄ اسان پنهنجي ان عظيم هستي ۽ انسانذات جي محسن کي ايترو عرض ٿا ڪريو ته يا رسول الله هينئر ئي تعليمي ادارا کوڙ آهن. فقط اهي اسان کي قانون نافذ ڪندڙ کان خالي ڪرائي ڏيو ڇو ته اسان جو “آهني قانون” بيوس بڻجي چڪو آهي.

    عوامي آواز ڪراچي-5 نومبر 2002ع


    • “باباءِ سوشلزم “ شيخ رشيد جي ياد ۾

    سياست جي دنيا ۾ ٻه شيخ رشيد گذريا آهن. هڪ ته “شيدو ٽلي” جي نالي سان بدنام آهي. جيڪو هڪ ته ڄٽ ۽ رانگڙ آهي. ٻيو شيخ رشيد جيڪو هڪ احوال پرست، ڳالهه جو پڪو، “ڪميٽڊ” ايماندار ۽ ارادن جو اٽل انسان هو. جيڪو اڄ به “باباءِ سوشلزم” جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي. هو سدائين کاٻي ڌر سان لاڳاپيل رهيو. آخري ڏينهن تائين به کاٻي ڌر سان ئي رهيو.
    هي شخص اختلافن جي باوجود ۽ پارٽيءَ ۾ “جوڳي” عزت نه ملڻ جي باوجود به پارٽيءَ جي اندر موجود رهيو ۽ پارٽي ڇڏي نه ويو. توڙي جو جيڪو سلوڪ پارٽيءَ هن سان ڪيو، تنهن کان پوءِ هو جيڪڏهن پارٽي ڇڏي وڃي ها، تڏهن به هن تي ڪا ميار نه اچي ها. پر بقول شاعر جي:
    تال سوک- ڪنڪر ڀيو، هنس ڪهون نان جائي
    پڇلي پريت ڪي ڪارڻي، پٿر ڇن ڇن ڪي کائي.
    (تلاءُ سُڪي چڪو آهي ۽ ان ۾ رڳو پٿر وڃي بچيا آهن. پر پراڻي پريت جي يادن کي ساريندي هنج تلاءَ کي ڇڏي ڪيڏانهن به نه ٿو وڃي ۽ موتين جي جاءِ تي پٿر چونڊي چونڊي تڳي رهيو آهي.)
    1967ع ۾ هن ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، اڄ 2002ع آهي، پنجٽيهن سالن جو ساٿ اڌ زندگي جو ساٿ آهي.
    هڪ ڀيري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي شيخ رشيد کان پڇيو هو ته، “ تون ڪميونسٽ آهين؟” هن جواب ۾ چيو هو ته، “ مون ۾ اڃان ايتري اهليت ۽ لياقت ناهي جو مان پاڻ کي ڪميونسٽ سڏايان.” اها آهي هڪ عظيم انسان جي نشاني. هن “ڪميونزم” کي ايڏو مٿاهون ٿي سمجهيو جو اقرار ڪندي چيائين ته مان اڃان ايڏو قابل ناهيان جو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائي سگهان.
    هاڻ ته سڀ “سوٽي” مان “سيد” بڻجي چڪا آهن. جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت آهي. اصولن جي سياست هاڻي رهي ئي ڪٿي آهي؟ اصول ئي نه رهيا آهن. هي منطق، عقل ۽ علم جو دور ناهي. هي ڏاڍو سو گابو جو دور آهي. هي فيلسوف جو دور نه رهيو آهي. هي ڪلاشنڪوف جو دور آهي. ڀلا اهڙي دور ۾ شيخ رشيد جهڙي ملنگ، مست، سچي ۽ کري ماڻهوءَ لاءِ روئڻ جو وقت ڪنهن وٽ آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽو گذريل صديءَ جو هڪ ديومالائي ڪردار هو. هن ملڪ جي سياست ۾ هو پهريون شخص هو جنهن “غريب عوام” جي ڳالهه ڪئي ۽ جنهن “سوشلزم” جو نعرو لڳايو. پاڪستان جي عوام ته “مائل” هئي، پر اڳ اهڙو “سائل” ئي نه آيو هو. پوءِ ته پاڪستان جي عوام ان سائل تان ائين صدقي ٿي جو عوامي صدائون گونجي ويون ته :
    مٿي اتي منهنجي هئا سرن سو هزار
    ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو.

    ۽ پاڪستان جي عوام نه صرف ذوالفقار علي ڀٽي کي ٻه ڀيرا وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاريو پر سندس “قابل” ۽ پڙهيل لکيل نياڻي بي نظير ڀٽو کي به ٻه ڀيرا ساڳي ڪرسيءَ تي ويهاريو. “پڇلي پريت جي ڪارڻ” پاڪستان جي عوام بينظير ڀٽو کي ٽيون ڀيرو به ان ڪرسيءَ تي ويهارڻ لاءِ تيار آهن، شرط اهو آهي ته انهن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ۽ آزادي هجي.
    چوڻ ٿي چاهيم ته ايڏي وڏي ديومالائي ڪردار جڏهن سوشلزم جو نعرو هنيو ته پوءِ ڇا ٿيو:
    جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
    سڀئي شئي ٿيا سوريءَ سزاوار
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهيين.

    وڏيرا چوڌري، پير، مير، ڀوتار، ڪلنگين وارا، پجيرو وارا سڀ راتورات سوشلسٽ بڻجي ويا. تن سان گڏ اصلي ڪامريڊ به ڀٽي صاحب سان گڏجي ويا. جن ۾ معراج محمد خان، شيخ رشيد، مبشر حسين، ڊاڪٽر غلام حسين، حق نواز گنڊاپور ۽ اهڙا ٻيا به ڪجهه نالا آهن. جيڪي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ اولين نالا هئا ۽ ڪجهه ڪامريڊ جيڪي پارٽيءَ ۾ باقاعده شامل نه ٿيا هئا يا کڻي چئجي ته پارٽيءَ ۾ شموليت کان شرمائيندا هئا. تن جون به همدرديون پارٽيءَ سان هيون. جن ۾ فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جهڙا شاعر به شامل هئا. تنهن دؤر ۾ ڪميونسٽ يا دل و جان سان سوشلٽ ۽ ٻيا هڪڙا Socialist by Conviction يعني اصولي سوشلسٽ يا دل وجان سان ۽ ٻيا هئا Socialist by Convenience يعني سهولت ۽ فائدي کي نظر ۾ رکندي سوشلسٽ.
    شيخ رشيد سو سيڪڙو Socialist by Conviction هو.تڏهن ئي ته کيس “باباءِ سوشلزم” سڏيندا هئا. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو منشور ٺهي رهيو هو، تڏهن اهو شيخ رشيد ئي هو جنهن ڀٽي صاحب تي زور رکيو هو ته پارٽيءَ جي منشور ۾ زرعي سڌارا شامل ڪيا وڃن. ڀٽي صاحب جواب ڏنو ته، شيخ صاحب مان اصولي طور تي توهان جي راءِ سان سهمت آهيان، پر ڪن مصلحتن تحت فقط ان کي “زرعي سڌارن” جو نالو نه ڏنو وڃي. اهڙيءَ طرح پ پ پ جي شروعاتي منشور ۾ هارين ۽ پورهيتن جي مستقبل لاءِ ڪافي وعدا لکيا ويا هئا. پوءِ اقتدار سنڀاليندي ئي ڀٽي صاحب زرعي سڌارن جو اعلان ڪيو. شيخ رشيد ان اعلان تي بيحد خوش ٿيو هو. جڏهن ته وڏيرا ۽ چوڌري “سوشلسٽن” مٿان ڄڻ ته وڄ ڪري پئي هئي. پوءِ اهي زرعي سڌارا اعلان موجب عمل ۾ اچي نه سگهيا.
    پر پوءِ ٿيو ائين جو بعد ۾ شيخ رشيد کي چيئرمين لينڊ ڪميشن مقرر ڪيو ويو. کيس پورا اختيار ڏنا ويا. انهيءَ دوران شيخ رشيد زرعي سڌارن تي جيترو ٿي سگهيو عمل ڪيو ۽ هارين ۾ زمينون دستاويزن سميت ورهايون ويون. شيخ رشيد چوڌرين ۽ وڏيرن جو سخت مخالف هو. هو پارٽيءَ ۾ چوڌرين ۽ وڏيرن جي شموليت جو پڻ سخت مخالف هو. پ پ پنجاب جو صدر هو ۽ سندس صدارت دوران مشڪل سان ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ وڏيري ۽ چوڌري کي پارٽي ٽڪيٽ ملي هوندي. پر پوءِ جيئن تيئن پارٽي هارڊ لائين ۾ چوڌرين لاءِ نرمي ايندي ويئي. 1977ع جي چونڊن ۾ چوڌرين ۽ وڏيرن کي پارٽي ٽڪيٽون مليون. شيخ رشيد دل شڪستو رهيو. پر هن ڪڏهن به ڀٽي جو ساٿ نه ڇڏيو. پر اهو به هميشهه لاءِ رڪارڊ تي رهندو ته هن پوري پاڪستان ۾ هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي. جنهن جو کٽيو اڄ به هاري کائي رهيا آهن. شيخ رشيد جڏهن وزير صحت بڻيو، تڏهن هن هڪ نئون سسٽم شروع ڪيو. اهو هي ته دوائون پنهنجي “جنرڪ” نالن سان وڪرو ٿينديون.
    اها به هڪ سوشلزم جي ڪڙي هئي جو ائين ڪرڻ سان دوائن جون قيمتون هيٺ ڪري پيون ۽ غريب غربي لاءِ دوائن جي خريداري ۾ آساني ٿي. بدقسمتيءَ سان بعد ۾ غيرملڪي دواساز ڪمپنين جي زور بار سبب جنرڪ اسڪيم کي واپس ڪيو ويو. اڄ به آمريڪا ۾ دوائن وارو جنرڪ سسٽم رائج آهي. شيخ رشيد کي غريب، مسڪين، پورهيت، هاري ناري، ڪڙمي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. ساڳي وقت وڏيرا، زميندار، چوڌري ۽ ڪارخانيدار کانئس سخت چڙ کائيندا هئا. اڄوڪي سياست ۾ سچا ماڻهو رهيا ئي ڪٿي آهن؟ اڄوڪي پي پي ڇا اها پي پي رهي آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي شروع ڪئي هئي. بقول فيض جي ته:

    شهر جانان ۾ اب با صفا ڪون هي
    دست قاتل ڪي شايان رها ڪون هي
    رخت دل بانڌلو، دل فگارو چلو،
    ڦر همين قتل آئين يارو.

    شيخ رشيد باوفا شخص هو، جيڪو دست قاتل جي شايان هو ۽ هو ٻيهر قتل ٿي ويو آهي.

    عوامي آواز ڪراچي – 17 سپٽمبر 2002ع


    • ذهانت – ديانت ۽ شرافت جو شاهڪار خيرپور ضلعي جي ناظمه نفيسا شاهه

    منهنجو تعلق خيرپور (ميرس) سان آهي. مون خيرپور ۾ ناز هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي آهي ۽ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ “فري بورڊر” رهيو آهيان. منهنجو ننڍپڻ خيرپور ۾ گذريو آهي ۽ جتي ننڍپڻ گذرندو آهي اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا وسرندا آهن. ننڍپڻ جون يادگيريون ذهن جي فائيلنگ ڪئبنيٽ ۾ اهڙي سليقي سان فائيل ٿيل آهن جو جنهن به موقعي تي ڪا خاص ڳالهه ياد ڪرڻي هوندي آهي ته من جي “مائوز” سان ان يادگيري واري فائيل کي رڳو ڪلڪ ڪرڻ جي دير هوندي آهي اهڙي طرح ذهن جي “مائوز” سان ان يادگيري وارو فائيل کلي پوندو آهي ۽ شيءِ آساني سان پڙهي، پرجهي پوءِ وري فائيل کي ڪيبنٽ ۾ رکي ڇڏبو آهي هاڻ ته مورڳو اهو حشر آهي جو فائيلنگ ڪيبنٽ جي “ميموري” فل ٿي چڪي آهي. ننڍپڻ ۽ پراڻين يادگيرين سان فائيلنگ ڪيبنٽ جي “ميموري” اهڙي فُل ٿي چڪي آهي جو هينئر نيون يادگيريون، نوان شعر، نوان نغما ۽ غزل ياد ئي نه ٿا بيهن.
    منهنجي ادبي اوسر به خيرپور مان ٿي، جتي جيترو مون کي ياد آهي 1964ع کان اڄ سوڌو سچل سرمست جي عرس جي ادبي سيمينار ۾ هر سال مشاعري ۾ شعر پڙهندو پيو اچان. پوءِ نالو ته هوندو آهي سچل جو هڪ اڌ چئو سٽو سچل جي نالي ڪري پوءِ سياسي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پيا شعر پڙهندا هئاسون. سچل جي مشاعرن ۽ عرس جي انتظام پراڻن وقتن کان ڪڏهن سائين غوث علي شاهه ته ڪڏهن سائين قائم علي شاهه جي حوالي هوندا هئا. هاءِ مرحوم هادي بخش لاڙڪ، تنوير عباسي، محمد علي حداد اهي سڀ پنهنجن پنهنجن وقتن تي سچل جي ميڙي جا بندوبست ڪرڻ وارا پئي رهيا آهن. پر سچل جي ادبي نشست کي بهترين نموني آرگنائيز ڪرڻ ۽ اتي پڙهيل مقالن توڙي شعرن کي هر سال سهيڙي “سرمست” جي عنوان سان ڇپائي هر سال ورهايو ويندو آهي ان جو سمورو جس فقط تنوير عباسيءَ کي ئي وڃي ٿو. هينئر ادل سومرو ۽ اياز گل توڙي مختيار ملڪ به ان ڌنڌي سان لڳل آهن، پر بقول ڀٽائيءَ جي:
    لاکا لک سجهن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو.
    سو سائين تنوير عباسي ڪير سڏائي، ناز هاءِ اسڪول ۾ سائين پرويز علي شاهه ۽ سائين مظفر علي شاهه منهنجا ڪلاس فيلو رهيا، وقت ڦيرو کاڌو ڪو ئي ڪٿي ته ڪو ئي ڪٿي وڃي پهتو. سائين پرويز شاهه پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا ته پهاڙ جيڏي وڏي روحاني ۽ طاقتور شخصيت کي خوفناڪ شڪست ڏني ايڏي وڏي وهه وا ٿي وئي جو سنڌ کان ٻاهر پنجاب وغيره ۾ ته ڄڻ پرويز علي شاهه جي نمائش ٿيندي هئي. ماڻهو ڇا ڏسن ته هڪ لسي، ڳڀرو ڇوڪري جنهن وٽ سواءِ پارٽي ٽڪيٽ جي ٻي ڪا به طاقت نه هئي تنهن ڪيئن هيڏي وڏي طاقتور ۽ روحاني شخصيت کي هارائي وڌو. سائين پرويز علي شاهه اڄ ڏينهن سوڌو منهنجو يار آهي. منهنجو ان سان ڪو به واسطو ناهي ته هن سياست جي ميدان ۾ ڪهڙيون غلطيون ڪيون ۽ پوءِ ڪيئن آسمان جيڏي اوچائيءَ تان ڪريو ته اچي ٻڙيءَ تي پهتو آهي منهنجي ڪلاس فيلو جي حيثيت ۾ هو اڄ به منهنجو يار آهي ۽ اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ساڳي اڪير ۽ الفت سان ملندا آهيون. اهڙيءَ طرح سائين جاويد شاهه سان به منهنجي تمام پراڻي دوستي آهي. سائين جاويد شاهه سٺي اخلاق جو مالڪ آهي غريبن جو يار آهي. جذبي وارو شخص آهي “ڌو پار” قسم جي سماجي شخصيت آهي. خيرپور لاءِ سندس خدمتون تمام گهڻيون آهن. سائين پرويز علي شاهه جي پيپلز پارٽي ڇڏڻ کان پوءِ وري اهو خال سائين جاويد شاهه اچي ڀريو هو ۽ اسان جي دل اڄ به چاهي پئي ته سائين جاويد شاهه جهڙو دلبر دوست اصل پارٽيءَ سان رهي ها ته چڱو – ڇو ته بقول ڀٽائي:
    واريءَ سندو ڪوٽ اڏيون اڏيندين ڪيترو!
    بهرحال سياسي پارٽين سان وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر سائين جاويد شاهه هڪ شناس وارو شخص آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هو “گندي سياست” کان پاسو ڪندو ۽ خيرپور شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندو ۽ اهو ڪم ائين ڪندو جيئن اين جي او وارا ڪم ڪندا آهن ته اهو نه ڏسندا آهن، هن علائقي ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا تن جو تعلق ڪهڙيءَ پارٽيءَ سان آهي جيڪڏهن اهي انسان آهن ته پوءِ خدمت ٿيڻ جا حقدار آهن.
    اڄ ڪلهه اخبارن ۾ هڪ مهم هلي رهي آهي خيرپور جي ناظم ادي نفيسا شاهه جي خلاف، ڇاڪاڻ ته ادي نفيسا شاهه خيرپور جي سياست ۾ “نو وارد” آهي ۽ هوءَ انگلينڊ ۾ پڙهي آهي. ان سبب اسان کيس گهڻو ڪو نه سڃاڻون. هڪ ٻه ڀيرا ساڻن منهنجي ۽ ادا عنايت بلوچ جي ملاقات سندن آفيس ۾ ٿي آهي بلڪه هڪ ملاقات ۾ ته سائين قائم علي شاهه صاحب، ادي نفيسا کي منهنجو تعارف ڪندي ٻڌايو ته نفيسا هي هدايت بلوچ آهي، سنڌ جو وڏو شاعر آهي. سندس ڀاءُ عنايت بلوچ به وڏو شاعر آهي. هي پڙهيل ڳڙهيل خاندان آهي. هنن جو والد غلام نبي اداسي به وڏو شاعر هو ۽ منهنجو دوست هو، هنن جو خيال رکجانءِ، مان دل ئي دل ۾ سائين قائم علي شاهه صاحب جي اهڙي مانائتي تعارف لاءِ خوش ٿيس.
    ٻيو اسان جو هڪ ويجهو عزيز آهي، پر عزيزن کان وڌيڪ هو اسان جو دوست آهي، منهنجو ۽ ادا عنايت بلوچ جو. هو مياڻي ڳوٺ کان يونين ڪائونسل جو ڪائونسلر آهي سندس نالو خير محمد کوسو آهي. هو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏو خوددار شخص آهي ۽ گندي سياست کان پري رهندو آهي. مان خير محمد کوسي جي هر ڳالهه تي هر وقت يقين ڪري سگهان ٿو. اسان جو عزيز ۽ دوست خير محمد کوسو ادي نفيسا شاهه جي ذهانت، ديانت، شرافت ۽ ظرافت جي هر وقت بي حد تعريف ڪندو رهندو آهي. سندس چوڻ موجب هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري جيڪا يورپ جي ماحول ۾ پلي ۽ پڙهي هجي سا هر روز 4 – 5 سؤ ماڻهن جا مسئلا ٻڌي ٿي ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوشان رهي ٿي ۽ ان ۾ هوءَ ڪڏهن به اهو نه ٿي ڏسي ته جنهن جي خدمت هوءَ ڪري رهي آهي تنهن جو تعلق ڪهڙيءَ پارٽيءَ سان آهي. هوءَ فقط اهو ڏسي ٿي ته آڏو هڪ حاجتمند انسان آهي ۽ ان جي خدمت ڪرڻي آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن کيس سندس والد سائين قائم علي شاهه به ڪو ڪم چوندو ۽ اهو جيڪڏهن جائز نه هوندو ته والد جو احترام پنهنجي جاءِ تي اهو ڪم ٿيندو ڪو نه.
    اها خيرپور ضلعي جي خوش قمستي آهي ته ان کي هڪ پاڪ صاف پڙهيل ڳڙهيل ۽ ايماندار ناظمه ملي آهي. جيڪا هيومن رائيٽس جي تنظيمن سان به لاڳاپيل آهي ۽ عورتن جي آزادي وارين تنظيمن سان به سندس واسطو آهي. ماضي قريب ۾ ٺري ميرواهه جي ڪائونسلر عورت کي بي گناهه ڪاريءَ جي الزام ۾ ذري گهٽ سندس سر قلم ٿيڻ کان بچائڻ وارو هڪ ته الله پاڻ آهي باقي ان جو ذريعو ادي نفيسا شاهه بڻي، اهو ڪارنامو خود هڪ تاريخي ڪارنامو هو سندس خدمتن جو اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي پر افسوس جو مخالفت برائي مخالفت ۽ پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ ناظمن کي بي اختيار ڪرڻ واري حڪومتي مهم جي نتيجي ۾ نفيسا شاهه جهڙي ايماندار ۽ محنت ڪندڙ هڏڏوکي ناظمه جي راهه ۾ انيڪ رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن. تازي هڪ اخباري رپورٽ ۾ مون پڙهيو ته خيرپور جو ڊي سي او به ناظمه خلاف ان مهم ۾ شريڪ ٿي چڪو آهي. ضلعي ميمبرن جا بل روڪيا ويا آهن ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري نه ٿا ڪيا وڃن. چيڪن تي صحيحون نه ٿيون ڪيون وڃن ۽ ٻيا انيڪ مالي ۽ اخلاقي حربا استعمال ڪري ناظمه کي ناڪام ڪرڻ جي مهم هلي رهي آهي.
    ان سلسلي ۾ ثبوت طور مان هڪ اخبار ۾ آيل رپورٽ جو ٽڪرو جيئن جو تيئن ڏيان پيو.
    ذريعن موجب ڪائونسل جي ميمبرن جا ٽي اي ڊي جا بل پاس نه ڪرڻ. ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ زڪوات فنڊ مستحقن ۾ نه ورهائڻ، ڪي پي پي 4 جا ترقياتي ڪم، اي ڊي بي پي جون اسڪيمون، اي سي آر جون اسڪيمون، ضلعي ناظم نفيسا شاهه سان مشورو ڪرڻ کان سواءِ منظور ڪرڻ ۽ ٽينڊر ڪرائڻ تي ضلعي ناظم سخت احتجاج ڪندي چيف سيڪريٽريءَ کي ڪيترا ئي ڀيرا ليٽر اماڻيا آهن ذريعن موجب ڊي سي او جي ڪاروائي سبب خيرپور جي ترقياتي ڪمن لاءِ مليل 23 ڪروڙن کان وڌيڪ پئسا واپس وڃڻ جي خطري جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
    مٿين رپورٽ جي هڪ جهلڪ مان خبر پوي ٿي ته خيرپور جي ترقي لاءِ مليل 23 ڪروڙن کان مٿي جي رقم ڊي سي او جي غلط رويي سبب واپس ٿي ويندي.
    ان سلسلي ۾ منهنجي خيرپور ضلعي جي مڙني مکين ماڻهن ۽ عوام کي التجا آهي ته خيرپور جهڙي تاريخي شهر کي گندي ۽ موقعي پرست سياست تان قربان نه ڪيو وڃي ۽ خيرپور کي مليل ترقياتي فنڊ ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي. منهنجي حڪومت کي به گذارش آهي ته اهي فنڊ سڌو سنئون ناظمه جي تحويل ۾ ڏنا وڃن ته جيئن انهن کي خيرپور جي ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي ته جيئن اسان به ڳائي سگهون.
    ميرا سهنا شهر خيرپور نين!

    عوامي آواز ڪراچي – 20 مئي 2002


    • مان ڪٿي لُٽيو آهيان؟

    30 جولاءِ تي، ٽي سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر هٿيارن سان مسلح تقريبن صبح جو ساڍي ٽين وڳي ڇت ٽپي منهنجي اڳڻ ۾ گهڙي آيا. ڏيڍ ڪلاڪ جي ڪاروائي ڪري ڪجهه ڪاغذ، جن تي “بينڪ دولت پاڪستان” لکيل هوندو آهي ۽ ڪجهه ڪاغذ جن کي “پرائيز بانڊ” ٿا چون ۽ ڪجهه جنهن کي “سون” ٿا چون کڻي ويا. مان کين ڌاڙيل نه چوندس، اهي انتهائي فضيلت ڀريا نوجوان ضرورت مند هئا. جيڪي پنهنجي ضرورت پوري ڪري هليا ويا.
    ڪافي سال اڳي سنڌي ڌاڙيل جڏهن اسان جي دوست ۽ هردلعزيز پياري بخش علي لاکي کي کڻي ويا هئا، تڏهن به سنڌي اديبن ۽ صحافين لاکي لاءِ ڏاڍو لکيو هو. جيئن اڄڪلهه منظور سخيراڻي لاءِ به گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڪيو پيو وڃي. اغوا جي تمام گهڻي عرصي بعد جڏهن بخش علي لاکو آزاد ٿي موٽيو ته مون سندس آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ هڪ چؤسٽو لکيو هيو، جيڪو هي آهي:
    لکي موٽيو، لاکو موٽيو،
    لک ڏيئي موٽيو، لک کٽيوسين،
    کڻندڙ پنهنجا، گَهل ڙي! پنهنجا!
    جن لئه لکيوسين، خوب وٽيوسين.

    اسان جي معاشري ۾ مهانگ وڌي ويو آهي. ضرورتون وڌي ويون آهن. نوجوانن کي نوڪريون نٿيون ملن. ڊگريون رلائي رلائي ٿڪجي پيا آهن. اهي ته ٿيا پڙهيل جوان. اڻ پڙهيلن جي ڳالهه ته ليکي ۾ ئي ناهي. پوءِ اڻ سرنديءَ وارا نوجوان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي اڃ، بک اجهائڻ لاءِ سرنديءَ وارن کان گهرن ٿا يا ڦرين ٿا. جيئن پاڻي پنهنجي سطح برقرار رکي وهندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح معاشرو به پنهنجي سطح برقرار رکي ٿو.
    ڌاڙيلن ۽ ڦورن جا مختلف روپ آهن. پوليس ٿاڻن ۾ وردين وارا ڦرين ٿا. ٽريفڪ پوليس وردين ۾ ڦري ٿي. ڪامورا ۽ ٺيڪيدار سول ڪپڙن ۾ ڦرين ٿا. وڪائو صحافي ۽ وڪائو اديب ضمير جا سودا ڪري قلم سان ڦرين ٿا.حسن وارا ۽ حسن واريون عاشقن جون دليون ڦرين ٿا/ ڦرين ٿيون. ڦرلٽ ڪٿي ناهي؟.
    منهنجي گهر ڌاڙي واري واقعي جو ڪاٿو ڪبو ۽ ونڊ ضرب ڪبي ته انهيءَ نتيجي تي پهچبو ته جيڪي مون وڃايو آهي ان کان گهڻو ڪمايو اٿم. وڃايا اٿم ڪجهه ڪاغذن جا ٽڪرا جن تي “بينڪ دولت پاڪستان” ۽ “پرائيز بانڊ” لکيل هوندو آهي. وڃايا اٿم ڪجهه ڌاتو، جن کي “سون” چون ٿا، ڪمايا اٿم الائي ڪيترا قرب.
    سَون هَزارن دوستن ته روبرو اچي ڀاڪر پاتا آهن. همدرديون ڪيون آهن يا فون رستي ڳالهائي همدردي ڪئي آهي. انهن همدردن ۽ گهڻ گهرن ۾ ظاهر آهي ته گهڻائي ليکڪن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي نوجوانن جو وڏو وفد گهر هلي آيو ۽ قرب ونڊيا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سيڪريٽريءَ مهرباني ڪري فون تي حال احوال ورتا ۽ همدردي ڪئي. باقي نالا ڳڻائڻ کان مٿي آهن. ڪافي قربدارن ته لفافي ۾ پيسا وجهي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪا مرڪندڙ منهن سان موٽائڻ مناسب سمجهيم.
    ڪافي اهڙا تمام دل کي قريب دوست به آهن جن همدردي ڪرڻ مناسب نه به سمجهي. شايد منهنجي ڌاڙي جو درد هنن کان برداشت نه ٿي سگهيو هجي. يا شايد هنن ۾ همدردي ڪرڻ جي شڪتي به نه هجي.
    نوجوان ليکڪ ۽ تمام سريلي ۽ سلڇڻي ليکڪ انور ابڙي مهرباني ڪري 2 آگسٽ جي “عوامي آواز” ۾ “هڪ مانائتو گهر لُٽجي ٿو” جي عنوان سان مون بابت هڪ مضمون لکيو. جيڪو پڙهي الائي ڇو منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. مان روئي پيس!
    ڌاڙيلن پاران ڦريل سون ۽ پيسا وري ميڙجي ويندا پر دوستن، سنگتين ۽ گهڻ گهرن جا مليل قرب ميڙي نه ٿو سگهان. روسي شاعر حمزي رسول کان جڏهن پڇيو هئائون ته زندگيءَ ۾ شاعريءَ کان سواءِ تو ٻيو ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن هن وراڻي ڏني هئي ته سموري زندگي مون انسانن سان محبت ڪئي آهي. ڇا جيئڻ لاءِ ايترو جواز ڪافي ناهي؟
    سچ پچ مون به انسانن سان محبت ڪئي آهي ۽ منهنجي پوک ڀلي ٿي آهي جنهن جي موٽ ايتري ملي جيترو ٻجُ سچ پچ ته مون ڇٽيو به نه هو. مان ڪٿي لٽيو آهيان؟
    حبيبن هيڪار، منجھان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.

    عوامي آواز ڪراچي –آگسٽ 2001ع


    • مُئي هاٿئين مامرو

    ملڪ جو موجوده صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ان ڳالهه تي ڏاڍو خوش نظر اچي ٿو ته هن ملڪ ۾ چونڊون ڪرائي پنهنجو واعدو پاڙيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو به سرخرو ٿيو آهي ته کيس مليل ٽن سالن واري مدت اندر هن ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي ڇڏيون.
    چونڊون ته جيئن تيئن ڪري ٿي ويون تقريبن سڀني سياسي ڌرين جن ۾ پيپلز پارٽي، متحده مجلس عمل، متحده قومي موومينٽ ۽ ٻين اهم پارٽين ڌانڌلين جا الزام لڳايا آهن ۽ ڪجهه پارٽين اهڙين ڌانڌلين جا ثبوت پڻ پيش ڪيا آهن. ڪجهه اميدوارن خلاف گريجوئيشن جي ڪوڙن سرٽيفڪيٽن پيش ڪرڻ جا پڻ الزام لڳا آهن. چڱن معتبر گهراڻن ۽ گادين جي اميدوارن تي به ڪوڙن سرٽيفڪيٽن جا ڪيس هليا آهن. سنڌ جي هڪ وڏ گهراڻي جي پشت منجهان هڪ اميدوار عالم فاضل جو ڪو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو هو اهو مقدمو مون هڪ غير ملڪي ٽيليويزن چينل تي ٻڌو. جڏهن ان اميدوار تي ڪوڙي سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جو ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ته مخالف پارٽي جي وڪيل اهڙي اميدوار کان پڇيو. ماشاءَالله توهان عالم فاضل آهيو، جواب مليو ها – سوال آيو ماشاءَ الله اتي ته فارسي – عربي تي عبور حاصل ٿي ويندو آهي، ڀلا الله جي ڏني مان هڪ ٻه عربي جا جملا ته ٻڌايو – اميدوار خاموش! سوال آيو، ڀلا اهو نه ته ڇهه ڪلما ئي پڙهي ٻڌايو – اميدوار کي هڪ ڪلمو به صحيح ياد نه هو. سو هن پڙهيو باقي پنج ڪلما بس.
    تڏهن وڪيل سان گڏ جج جي منهن تي به معنيٰ خيز مرڪ هئي، اهڙي طرح سنڌ جي جدي پشتي گهراڻي جي ان چشم و چراغ جو اهو سرٽفڪيٽ ڪوڙو ثابت ٿيو. سنڌ جي هڪ ٻي وڏي گادي جو چشم و چراغ جيڪو اليڪشن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کٽي چڪو آهي پر چون ٿا ته مخالف ڌر پاران سندس خلاف ڪوڙي سرٽيفڪيٽ جو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اليڪشن ڪميشن ان نتيجي کي روڪي ڇڏيو آهي. هي ته هڪ اڌ واقعا آهن جيڪي پڌرا ٿيا آهن باقي الائي ڪيترا اميدوار “گهڙيا سي چڙهيا” اصول تي ٽپي پيا ۽ ڪوڙن سرٽيفڪيٽن جي آڌار تي کٽي ويا:


    “محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن
    تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو.”

    (ڀٽائيءَ کان معذرت سان) سو سائين پڪڙ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو آيا باقي گهڻن جا ٻيڙا پار ٿي ويا.
    حڪومت تي ڌانڌلين جا الزام برابر لڳا. اسان حڪومت پاران ڪنهنجون پيٽيون ڀريندي ته ڪنهن کي نه ڏٺو پر اليڪشن وارن ڏينهن ۾ سرڪاري وزير، مسلم ليگ (ق) جي اميدوارن جي کليل ورڪ ڪندي نظر آيا ۽ اهو چوندي نظر آيا ته ووٽ قائد اعظم جي پارٽي کي ڏيو ۽ اهو ته حڪومتي سرڪاري اليڪشني نعرو به هو ته پنهنجي ووٽ جي ذريعي تبديلي جو آغاز ڪريو جنهن جو سولي سنڌي ۾ اهو مطلب ٿو وڃي بيهي جن کي هميشه کٽرائيندا آيا آهيو انهن کي هن ڀيري ووٽ نه ڏجو. ٻيو ته ڪنگز پارٽي جي اميدوارن جي تڪن ۾ پئسا ڏوڪڙ ورهايا ويا ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون.
    سنڌ جي هڪ صوبائي سيٽ جو اميدوار جيڪو مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي بيٺل هو پنهنجي هڪ تڪ ۾ ورڪ جي سلسلي ۾ جڏهن ويو ته کيس چيو ويو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي ڪانهي ۽ ورهين کان بجلي جا ٿنڀا به لڳل آهن. ڪمال ڏسو، چون ٿا ته ان ساڳي رات ان ڳوٺ ۾ بجلي پهتي ۽ ڳوٺ جڳمڳائي اٿيو. ظلمات جي جڳهه نور اچي ويو چهرا ٻهڪي اٿيا ۽ ماڻهو ٽهڪي اٿيا. ساڳو اميدوار هڪ ٻئي تڪ پهتو ته ڳوٺاڻن شڪايت ڪئي ته سندن ڳوٺ ۾ روڊ ڪونهي ٻي ڏينهن تي ان روڊ تي بجري ڀنجو وڇائجي رهيا هيا. روڊ رولر ڦري رهيا هئا ۽ روڊ جو ڪم ڦوهه جوڀن تي هلي رهيو هو. ماڻهن جو خيال آهي ته هڪ سياسي ڌر کي سڀ سهولتون ڏيو ۽ ٻين جي راهن ۾ ڪنڊا وڇايو. هڪڙي ڌر کي ٿيل مالشي مالشون ڪري ڪري تازو توانو ڪن ۽ ٻي جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهو ۽ پوءِ ڪيو، “الا توهار” ته اها به هڪ ڌانڌلي آهي.
    پر مون کي تڏهن ڏاڍي حيراني ٿي جڏهن اليڪشن ڪميشن سرڪاري طور تي اعلان ڪيو ته سموري ملڪ ۾ پيل ووٽن جي تعداد موجب ملڪ ۾ گهڻي کان گهڻا ووٽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي پيا. يعني اهڙي سياسي ڌر جنهن کي نَوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻيون پنڌرهن پيد پيل هئا پر جڏهن “الله توهار” ٿي ته “ڇرڪ چنايائين هيڪڙي”، اها ٻي ڳالهه آهي ته مالڪن جي پاليسي مطابق “پيپلز پارٽي” کي اقتدار ڏيڻو ئي ناهي ته ٻي ڳالهه آهي هتي ته چئن سيٽن وارا به ائين سيٽيا ٿا گهمن ڄڻ ملڪ ماري آيا آهن. هڪ سيٽ وارو به جهلجڻ جو ناهي. واهه ڙي! پاڪستاني سياست تنهنجا رنگ!
    خير سائين جهڙي تهڙي اليڪشن ته ٿي گذري پر اقتدار جي منتقلي آهي اصل مرحلو، چوندا آهن “ڪانو کي لُڙ ۾ مزو” سو هن ڀيري لڙ به لڙن جهڙو ٿيندو. هن دفعي خيرن سان مولوي صاحب وڏي انداز ۽ وڏي ڌماڪي ۽ کڙڪي سان کٽي آيا آهن. ماشاء الله ٽي وي تي جو ڏسون ٿا ته سڄي رات ننڊ ئي نه ٿي اچي. الائي ڇا ٿيندو. مون کي ياد آهي ته جڏهن جنرل ضياء نئون نئون آيو هو ته ڪو شريعت وارو قانون جوڙيو هئائين. هڪ هنڌ ڪجهه دوست ويٺا هئاسين ته ٽي وي تي خبرنامون پئي هليو جنهن ۾ شرعي سزائون پئي ٻڌايائون ته هن ڏوهه ۾ ٻانهن ڪپي ويندي ته هن ڏوهه ۾ ڄنگهه ڪپي ويندي تڏهن اسان جو هڪڙو دوست وڏي حيرانيءَ سان خبرنامون ٻڌي رهيو هو. اهو سزائون ٻڌي اسان ڏي رجوع ٿيو ۽ چوڻ لڳو، “يَر هيءَ حڪومت رهي ته اسان جي ته رڳو ڍڍري وڃي بچندي.”
    سو سائين هي ته مڙئي هڪ لطيفو هو. يقين ڪريو ته هن وقت جيڪي حالتون آهن ۽ بين الاقوامي سطح تي هڪ وڏو “دهشت گرد” ملڪ اگهاڙي دهشت گردي تي لهي آيو آهي ۽ وري چوي ائين اسان دهشت گردي جي خلاف آهيون ۽ جتي اسان جا حڪمران ڪل وقتي “جي حضوري” بڻجي چڪا هجن اتي ۽ اهڙين حالتن ۾ اهي ملان مولوي چڱو ٿيو جو آيا. موالين کي جيڪڏهن تڪليف نه ڏين ۽ عورتن کي به برقعن ۾ بند نه ڪن ۽ ڏاڙهين تي زور نه ڏين ۽ عالمي اقتصاديات ۽ محرڪات تي نظرون رکن “تيل” واري سياست جي تهه تائين پهچن ۽ ڏاڙهي مڇن ۽ شيعا سني جي معمولي ۽ فرقيوار مسئلن ۾ نه الجهن ته اهي ملان مولوي “عالمي دهشت گرد” کي ڏکيو وقت ڏئي سگهن ٿا. اهڙي عمل ۾ اسان جو ڪامريڊ لڏو به انهن سان گڏ هوندو. ملن مولوين سان اسان جو ٺاهه ان اصول تي هوندو ته “دشمن جو دشمن – دوست” سو عالمي دهشتگرد خلاف جيڪڏهن ڪوئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو ته اهو مولوي ئي آهي.

    عوامي آواز ڪراچي – 22 آڪٽوبر 2002ع


    • “نور” خاتون شر جو “انڌارو” مستقبل

    هيءَ وارتا نور خاتون شر جي آهي، سندس ماءُ، پيءُ، هو ڪُڌي، ڪٽ کاڌل، انڌي انياءَ واري گهُگهُه انڌاري واري وايو منڊل ۾ سندس نالو “نور خاتون” ان اميد تي رکيو هوندو ته نالي سان من نور جو ڪرڻو ڦٽي نڪري جو گهگهه انڌاري جو غلبو ڪجهه گهٽ ٿي سگهي. معمولي تيل ۽ ڪپهه جي وٽ واري مٽيءَ مان جڙيل ڏيئو ٻارڻ سان ئي اونداهي اڏري ويندي آهي پر ڪاش ائين ٿي نه سگهيو.
    “يون نه ٿا مين نين فقط چاها ٿا يون هو جائي” نور خاتون جو نالو انڌاري کي ڀڄائي نه سگهيو. پاڻ “چراغ تلي انڌيرا” جيئن نور خاتون جي ته گهر مان ئي انڌارو نه نڪري سگهيو. ها پر اهو ضرور ٿيو ته ڏيئي اجهامڻ کان اڳ هڪ وڏو ڦڙڪو ضرور هنيو. اهو ڦڙڪو هو نور خاتون شر جو پريس لاءِ لکيل خط. جس هجي سنڌي پريس کي جنهن ڏيئي کي اجهامڻ کان اڳ ڏسي ورتو ۽ نور خاتون شر سان ٿيندڙ ظلم، زيادتي ۽ ڏاڍ کان بچائي ورتو. انهن کان به وڏي جس ۽ لک شاباس هجي، لک آفرين هجي خيرپور جي انتهائي پڙهيل، ڳڙهيل بهادر ۽ روشن خيال خاتون ضلعي ناظمه نفيسا شاهه کي جنهن پنهنجي روشن خيالي ۽ بهادري جو ثبوت ڏيندي ضلعي انتظاميا جي مدد سان نور خاتون شر کي “ڪاري” واري ڪوڙي ۽ وحشياڻي سزا “قتل” کان بچائي ورتو. اڳ ۾ سندس وحشي درندي نام نهاد نقلي مڙس، جنهن سان کيس رضا خوشيءَ نه پر زوري زبردستي پرڻائي ڏنو ويو جنهن جي نڪاح نامي تي شاهدن جون صحيحون به ناهن، تنهن جي چنبي کان بچائي سندس وڪيل پيءُ جي حوالي ڪيو ويو، پر بعد ۾ پتو پيو ته هو به “ڪاري” واري قتل جي سازش ۾ سندس مڙس سان هم خيال آهن ته پوءِ نور خاتون کي سندس پيءُ واري گهر مان به حفاظت سان ڪڍي ڪنهن عافيت واري هنڌ تي پهچايو ويو آهي ۽ في الحال نور خاتون فوري طور خطري کان نڪري چڪي آهي. نور خاتون شر اردو ادب ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. هوءَ ٺري ميرواهه منجهان يونين ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر آهي. هوءَ خود ليکڪا ۽ شاعره آهي. ان سبب نهايت حساس ۽ خوددار پڻ آهي. اندازو ڪريو ته اهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ حساس طبيعت رکندڙ هڪ عورت کي سندس ويڳا يا ماٽيلا پيءُ ماءُ پنهنجي هڪ ٻي عورت کي ڪاري واري سزا کان بچائڻ لاءِ نور خاتون جو سڱ عيوض ۾ وڪڻي ڏين ٿا. هينئر خبرون اچن ٿيون ته ناجائز طور تي جنهن شخص جي حوالي نور خاتون کي ڪيو ويو تنهن سان سندس نڪاح شرعي حدن مطابق ناهي. ان شخص اسان جي حساس شاعرا کي گهٽا ڏنا، مارون ڏنيون، زنا باالجبر ڪيو، سندس ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا ۽ سندس سهڻي چهري تي تيزاب هاريو ويو. توهان اندازو ڪريو ته پڙهيل ڳڙهيل نازڪ حساس شاعرا ۽ خود يونين ڪائونسل جي ميمبر سان اهڙيون جٺون ٿين ته پوءِ “ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي” ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي، کيس هڪ جرڳي ۾ ڪاري قرار ڏنو ٿو وڃي ان جرڳي ۾ سندس ماٽيلو پيءُ به شامل آهي. جيڪڏهن خيرپور جي ناظمه نفيسا شاهه جي بروقت مداخلت نه ٿئي ها ته عاشورن کان هڪدم پوءِ نور خاتون ڪاري واري ڏوهه ۾ هن وقت تائين ڪهاڙين جو کاڄ بڻجي چڪي ها. اسان نور خاتون جي جان بچائڻ واري ان تحريڪ ۾ نور خاتون جي انهن شر مائٽن کي داد ڏيون ٿا جن نور خاتون جا خط پريس تائين پهچايا ۽ کيس پيءُ جي گهر تائين پهچايو. اسان اڳ ۾ سنڌي پريس ۽ بعد ۾ ٿلهي ليکي سڀني انهن صحافين کي به داد ڏيون ٿا جن نور خاتون شر سان ٿيندڙ انياءَ کي وائکو ڪيو ۽ اسان خيرپور جي ذهين، پڙهيل، ڳڙهيل روشن خيال ۽ بهادر ناظمه نفيسا شاهه کي اٿي بيهي سلام ڪريون ٿا ۽ داد ڏيون ٿا جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي هڪ معصوم ۽ بي گناهه عورت جي جان بچائي.
    پنجاب جي مختياران بيبي کان سنڌ جي نور خاتون شر تائين جهالت وارن جرڳن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ملندڙ سزائن ۽ انهن جي غير قانوني عمل هن معاشري جي منهن تي هڪ چماٽ آهي. خبرناهي ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي ڪڏهن صحيح مقام ملندو. رڳو ايوانن ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ سان عورت جو مرتبو بلند ڪو نه ٿيندو پر عورت سان اسلامي ۽ اخلاقي سلوڪ روا رکڻ سان ئي عورت جي مرتبي ۽ مان ۾ بهتري ايندي. اسان جي پوليس اهڙن واقعن ۽ زيادتين ۾ هميشه وڏيرن، نوابن جو ساٿ ڏنو آهي. اڄ مان موجوده حڪومت، مڙني سياسي پارٽين، مڙني اين جي اوز، ۽ عورتن جي نالي تي ٺهيل مڙني ادارن کي ۽ شاعرن، ليکڪن کي اپيل ٿو ڪريان ته اچو ته نور خاتون شر واري ڪيس کي اسٽڊي ڪيس بڻايون. ان جو پيرو کڻون، ان جي پوئيواري ڪريون ۽ ان کي ڪنهن منطقي نتيجي تائين پهچايون. اچو ته ظالم کي ظالم ثابت ڪريون ۽ مظلوم کي مظلوم ثابت ڪريون. اچو ته ان کي جس به ڏيون جنهن نور خاتون جي جان بچائڻ جي سلسلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇا عورتن جو مڙئي تنظيمون گڏيل طور تي خيرپور جي ناظمه نفيسا شاهه کي سندس بهادري واري ڪارنامي تي مڃتا طور تي ڪو ميڊل ڏئي سندس همت افزائي ڪري سگهن ٿيون.
    ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
    ٻيون هونئن ئي هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.

    عوامي آواز ڪراچي -18 مارچ 2003ع


    • رياست ڪٿي آهي؟

    اخباري ڪالم لکڻ جو مقصد ملڪ ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ چڱاين توڙي براين جي نيڪ نيتي سان نشاندهي ڪرڻ آهي، نه فقط چڱاين ۽ براين جي نشاندهي. پر ان ۾ علمي ۽ ادبي، معاشي ۽ معاشرتي سرگرميون به شامل هئڻ گهرجن. مان، ان ۾ ڪوبه حرج نه ٿو سمجهان ته جيڪڏهن ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ٿيندڙ ڪنهن انياءَ جي نشاندهي ڪو ٻيو سُڄاڻ ليکڪ ڪري ٿو ته ان جو حوالو ڏئي ان جي ڳالهه پنهنجي لفظن ۾ ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته عام پڙهندڙن جي رسائي ايتري ناهي جو اهي هر جڳهه لکيل مواد پڙهي سگهن.
    منهنجو اڄوڪو ڪالم، ڪراچيءَ مان ڇپجندڙ انگريزيءَ جي هڪ وڏي اخبار ۾ ڇپيل انساني حقوق جي هڪ وڏي علمبردار ۽ مشهور ڪالم نگار جناب آءِ اي رحمان جي هڪ ليک کان متاثر ٿي لکيل آهي جنهن ۾ هن رياست کي پنهنجي ذميوارين بجا نه آڻڻ جو الزام هنيو آهي. هن ڪالم ۾ شهيد نثار بلوچ جي قتل جو به ذڪر ڪيل آهي.
    ڪالم نگار جو چوڻ آهي ته نثار بلوچ جو قتل، اسڪولن کي حفاظتي سهولتون نه ڏيڻ ۽ ٽپال جي اگهن ۾ واڌ وارين ڳالهين ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي آهي؟!
    دهشتگردي؟ نه، لاقانونيت؟! نه- صحيح جواب آهي هڪ غير ذميوار رياست جو نروار ٿيڻ.
    نثار بلوچ پنهنجي موت جي پرواني تي پاڻ صحيح ڪئي هئي. جڏهن هن ڪراچي جي بدنام “لينڊ مافيا” جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
    انتظاميه کي ڀلي ڀت خبر هئي ته “گٽر باغيچا” جي زمين تي ميري اک رکڻ وارو قبضا گروپ ڪيتري حد تائين وڃي ٿو سگهي ۽ ان ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا. نثار بلوچ حق تي هو پر رياست کيس تحفظ مهيا نه ڪري سگهي. پاڪستان جي سياسي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ چون ٿا ته ترڪ ڪيل ملڪيت (Evacue Property) جي لُٽ ۽ قبضن جي نتيجي ۾ رُشوت ۾ اضافو ٿيو ان ڦرلٽ ۽ قبضن جي لڳاتار سلسلن ۾ رياست جو ڪٿي ڪو ايمانداري سان ان کي روڪڻ جو عمل نظر نه ٿو اچي.
    زمينن تي ناجائز قبضا ڪو زمان ماضي جو قصو ناهي. اهو عمل جاري آهي ۽ رياست ڏسي به رهي آهي پر خاموش تماشائي بڻيل آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ترڪ ڪيل جائداد (متروڪ جائداد) Evacue Property تي قبضن جو سلسلو شروع ٿيو. اهي ڪجهه ڪيس ڪورٽن ۾ آهن جن جو فيصلو اڃا به نه ٿيو آهي. پر قبضن وارا سلسلا ايمانداري سان لڳاتار هلن پيا ۽ قبضن جو اهو سلسلو ڪراچي ۾ تيزي سان هلي رهيو آهي انهن ۾ ڪجهه گروهن زمين جي ننڍن ننڍن ٽڪرن تي جڳهيون جوڙيون ته وڏن پاٿاريدارن ۽ مسلح گروهن هٿيارن جي زور تي وڏا وڏا پلاٽ غير قانوني طور تي قبضي ۾ ورتا.
    وقت گذرڻ سان وري ننڍن وڏن پلاٽن تي قبضي ڪرڻ وارن سان گڏ وڏن سان واسطا رکندڙ، گهرن جون اڏاوتون ڪندڙ بلڊرن وڏين ايراضين تي قبضا ڪيا ۽ رياست کي مجبور ڪيو ته ڀڳڙن مٺ تي اهي ايراضيون کين وڪيون وڃن.
    اهڙي طرح “لينڊ ڊسپوزل ايڪٽ” جهڙي قانون کي به پٺي ڏني وئي. هينئر هو ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته ڀلائي وارن (Amenity) پلاٽن واري قانون ۾ به ڦيرڦار ڪري انهن کي ڦٻايو وڃي. مقصد آهي ته رياست ۽ حڪومت جي غير فعال غير متحرڪ ۽ منافقت واري مفاهمت جي نتيجي ۾ ناجائز قبضا گروپ “سرڪاري سانهه” وانگر گور گهمندا وتن ٿا، ڀيل جاري آهي ۽ ڪراچيءَ جون زمينون هڙپ ٿي رهيون آهن پر هي “ڪڇان ته ڪافر” بڻيا ويٺا آهن. فقط ڪراچي ۾ ئي نه، بلوچن کان ساحلي زمينون کسيون ويون. اڻويهين صدي ۾ برٽش آرمي کي ڏنل مالاڪنڊ جبلن جي مالڪي به اتان جي ماڻهن کي نه ملي سگهي آهي ۽ بيراجن جون زمينون غير زرعي ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون ۽ ان جا اصل وارث روئيندا رهيا ۽ انهن کي ڪو پرچائڻ وارو به ڪونه هو.
    توهان ڏٺو هوندو ته رياست ڄڻ ته پنهنجي ذميواري ئي نه ٿي سمجهي ته نجي توڙي سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت ڪجي. بلڪ هارين، ڪرائي دارن ۽ ڪڙمين ڪارين کي ڏنڊي جي زور تي هيسايو ۽ هراسان ڪيو وڃي ٿو. اهڙي بي حس رياست نه نثار بلوچ کي بچائي سگهي ٿي نه ماڻهن جي حقن جي حفاظت ڪري سگهي ٿي.
    ان سڄي ڪٿا جو ڏکائيندڙ پهلو اهو آهي ته جڏهن به ڪو نثار بلوچ شهيد ڪيو وڃي ٿو ته ڄڻ رياست پنهنجي جسم جو هڪ ٽڪر وڃائي ڇڏيو پر رياست جو وجود ئي ڄڻ بي معنيٰ ٿي پوي ٿو.
    اهڙي طرح حڪومت اسڪولن کي به حفاظت ڏيڻ کان انڪاري آهي، وڏن ماڻهن جي علائقن ۾ سندن پنهنجي خرچ تي اسڪولن ۾ سيڪيورٽي جو انتظام آهي پر گهٽ درجي جي علائقن ۾ اسڪولن ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ سرڪار ڪوبه انتظام نه ڪيو آهي ۽ سرڪار پاران اسڪولن جي مالڪن کي چيو وڃي ٿو ته اهي ٻارن جي حفاظت جو انتظام پاڻ ڪن، سرڪار پاران پنهنجي فرضن نڀائڻ کان گوٿ ناٿ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري آهي. اهڙي پنهنجي فرض نڀائڻ کان گوٿ ناٿ جو عمل هن ريت شروع ٿيو ته پوليس جا اعليٰ علمدار اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائڻ پيا گهرن ته آدمشماري ايتري حد تائين وڌي چڪي آهي جو موجوده پوليس اٽالي سان انهن جي حفاظت جو ڪم نه ٿو ڪري سگهجي. ڇا سوال پُڇي سگهجي ٿو اسڪولي ٻارن ۽ عام شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت زيادهه ضروري آهي يا وزيرن پنهوارن، جهنڊن وارين گاڏين ۾ سوار ۽ وڏن آفيسرن جي حفاظت وڌيڪ ضروري آهي. ٺيڪ آهي انهن جي به حفاظت ڪريو پر اولين حفاظت عام شهري ۽ اسڪولي ٻارن جو بنيادي حق آهي، ڇو ته جنهن ڏينهن عام شهري محسوس ڪيو ته حفاظت جا حقدار فقط وزير ۽ مشير آهن ۽ عام شهري جي حفاظت جي ذميواري رياست نه ٿي کڻي ته سندس ويساهه رياست تان کڄي ويندو. پوءِ ويساهه کڄيل ماڻهو جڏهن اندر جو اوٻر ڪڍندو آهي ته رياست انهن کي غداري جو لقب ڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڀٽائيءَ چيو آهي:
    جُه سي لوڙائو ٿيا، جنينءَ سندي ڌير،
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.

    سرڪاري ريڊارن تي عام ماڻهن جي شڪل نظر ڇو نه ٿي اچي.
    هڪ ٻيو انڌير- ٽپال جو خرچ وڌائڻ، لفافي، پوسٽ ڪارڊ ۽ رجسٽري جا اگهه ٻيڻا ڪيا ويا آهن. ان جو به شايد وڏن ماڻهن تي اثر نه پوندو پر ان مان به وري غريب ماڻهو تي ئي اثر ٿيندو. پراڻن زمانن ۾ ٽپال جو نظام ڄڻ ته رياست جي ذميواري سمجهيو ويندو هو ۽ تمام معمولي خرچ تي اهو نظام هلايو ويندو هو جيئن عام ماڻهوءَ کي ٽپال جي سهوليت انتهائي معمولي خرچ تي ميسر هئي. مقصد هو ته ان ۾ علم ۽ تعليم جو واڌارو ٿئي ڪتاب، رسالا وغيره ٽپال رستي موڪلبا هئا انتهائي معمولي خرچ تي لفافي تي هڪ پئسو به سالياني بجيٽ ۾ وڌائي سگهبو هو.
    اڄ رياست عوام کي ان ننڍڙي سهولت کان به محروم رکڻ ٿي چاهي. ڪجهه وقت اڳ بوڪ پوسٽ جي اگهن ۾ اضافو ٿيو هو. پبلشرن گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون پر فائدو نه ٿيو. هن وقت اخبارن ۽ رسالن موڪلڻ جا اگهه پڻ ٻيڻ تي وڌايا ويا آهن. هتي سوال اهو ناهي ته ٽپال جا وڌايل ٻيڻا خرچ ڀري سگهجن ٿا يا نه پر ڏکائيندڙ پهلو اهو آهي ته رياست عوام کي ملندڙ سستي ٽپال جي سهولت ڏيڻ کان به قاصر آهي ۽ نه ٿي چاهي ته ان ذريعي معاشري ۾ وڌندڙ علم جي روشني عام ٿئي.
    سو نثار بلوچ جي شهادت هجي، اسڪولي ٻارن توڙي عام شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت هجي يا ٽپال جي نظام کي سستي ۽ سهولت ڀري انداز ۾ هلائڻ جي ضرورت هجي، رياست ۽ موجوده حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي. ايتريون مفاهمتون به نه ڪريو جو ان کي توهان جي بزدلي تصور ڪيو وڃي. ڪرسين بچائڻ کان ديس بچائڻ بهتر آهي. ڪرسين بچائڻ کان سنڌ جي ڌرتي بچائڻ بهتر آهي. ڪرسين بچائڻ کان ڪراچيءَ جون زمينون بچائڻ بهتر آهي. گٽر باغيچي جي زمين کي گٽر سمجهي گٽر ۾ نه اڇلائڻ گهرجي، ان زمينن مان گلاب جا گل به ٿيندا آهن جن جي خوشبوءِ گلابن جهڙي هجي ٿي گٽر جهڙي نه.

    عوامي آواز ڪراچي- 22 نومبر2009 ع


    • عيد مبارڪ

    سڀاڻي عيد الفطر آهي، رحمتن جو مهينو رمضان شريف، پنهنجين سمورين برڪتن سان پڄاڻيءَ تي پهتو. مان جڏهن چوان ٿو ته “رمضان شريف پنهنجين سمورين برڪتن سان پڄاڻيءَ کي پهتو” ته مان سمجهان ٿو ته ملڪ جو ڪو به مفلس ۽ غريب ان جملي تي اعتراض نه ڪندو. ڇو ته مذهب ۽ دين جا وڌ ۾ وڌ پوئلڳ ۽ ان تي سچائي سان عمل ڪندڙ آهن ئي غريب. ڪو به مفلس ۽ غريب اٿي ائين نه چوندو ته “يار رمضان شريف ۾ ته مهانگائي چوٽ چڙهي وئي هئي، غريبن جي واهپي جون شيون جهڙوڪ اٽو، گيهه، دال، چانور ۽ ٻيون روز مرهه جي استعمال جون شيون واپرائڻ کان مٿي چڙهي ويون هيون پوءِ ڪهڙي حساب سان رمضان شريف برڪتن جو مهينو چئبو؟!” نه ڪڏهن به نه غريب ڪڏهن اهڙي شڪايت نه ڪندو. نه ڪي ائين چوندو ته رمضان شريف ته هڻي تڻي گذاريوسين. وڏن ماڻهن واريون سياسي افطاريون، طعامن جي ڀرمار نه سهي چانهه، پاڻيءَ تي ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان جيئن تيئن ڪري مڙئي ڀلاري مهيني کي اڪاريوسين پر هي ٻارن جي ڪپڙن، بوٽن ۽ عيدن وغيره جو پورائو ڪٿان ڪبو. سچ پچ ته عيد غريب غربي جا پول کولي ٿي وجهي. گهڻا ته ايترا مفلس ۽ مسڪين هوندا آهن جو فطري وٺڻ جا مستحق هوندا آهن پر سندن انا ۽ خوداري کين اجازت نه ڏيندي آهي جو هو فطرو وٺن پاڻ فطرو ڏيڻ لاءِ به انهن کي قرض وٺڻو پوندو هوندو. ڀٽائي ته خير مارئي واتان چورايو هو ته:
    جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سُوءَ ورتي سومرا!
    وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا

    اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ هڪ مذهبي گادي نشين پر عوامي ۽ انقلابي شاعر به عمر سان اهو احتجاج ڪري ٿو ته سندن ساٿياڻي مارئي جي ناحق قيد بند خلاف احتجاج طور تي هن سال مارو ماڻهو عيد کي سُوءِ طور ملهائيندا. ڪا به خوشي نه ڪندا. ڪا به خريداري نه ڪندا ڇو ته عيد جو مرڪز ۽ محور ئي آهي جيڪو اسلامي نقطي نگاهه کان نه فقط جائز آهي. پر ڄڻ ته ضروري به آهي ته ڪپڙا ۽ بوٽ نوان وٺجن، خوشبوءِ هڻجي، ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائجن. رساما ختم ڪجن، نوان پيار جوڙجن، سٺا سٺا طعام کائجن. پر ڏسو ته اڄ کان ٽي سؤ سال اڳ به هڪ غيرت مند شاعر احتجاج ڪيو پر اڄ اسان مان احتجاج جي حس ڇو ۽ ڪيئن نڪري وئي آهي ۽ اسان موڳا مَٽرَ ڇو ٿي ويا آهيون. مان عيد مبارڪ ڪيئن ڏيان يا دل چوي ٿي ته اڄ مون کي ڪو به عيد مبارڪ نه ڏئي. جيئن ٿو نوان ڪپڙا ڏسان ۽ ماڻهن جي چهري تي مصنوعي مرڪ ڏسان تيئن منهنجو ڏک ڏهوڻو ٿي وڃي ٿو:
    عيد جي مون کي مبارڪ ڪونه ڏئي،
    ڪو نه اڄ جيڪر اچي منهنجي ڳلي
    سنڌ خوش ناهي ته پوءِ ڇا جي خوشي
    ڪونه ڀاڪر پائي اڄ مون سان ملي.

    سنڌ ساري ٿي سڙي! عيدون ڪجن؟
    ڏيهه مان سڀ سک تڙي! عيدون ڪجن؟
    تون نڙيءَ تي نيهن ڏئي، مون کي نه چئو؟
    اٿ هدايت! اٿ اڙي! عيدون ڪجن.

    اڄ مان عيد مبارڪ ڏيڻ بجاءِ تعزيت ڪندس لاڙڪاڻي جي ٻن معصوم ٻارن لکمير ۽ مجاهد جي امڙ ۽ ابي ۽ ڀيڻن ۽ ڀائرن سان جن جي چڳن ۾ اڄ عيد ڏهاڙي به چيڙهه هوندي ۽ جيئن جيئن پاڙي اوڙي جا ٻارڙا عيد تي نوان ڪپڙا پائيندا ۽ کلندا خوش ٿيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا تيئن تيئن امڙ ماتا جي دل تي تکا تير لڳندا. هو روئيندي هوندي پر اکين مان لڙڪ نه نڪرندا هوندا جو سندن اکين جو پاڻي به سڪي چڪو هوندو. هو جهڄندي هوندي سندس سيني مان ساهه سڏڪا ٿي نڪرندو هوندو.
    جن درندن معصوم ٻارڙن کي بي دردي سان قتل ڪيو انهن کي ڀل ڦاسي به لڳي وڃي ته به ڀلا ٻارڙن جي مائرن کي سندس لخت جگر موٽي ته نه ملندا؟! هن واقعي کان هٽي ڪري مان سوچيان ٿو ته سڀاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عيدالفطر جي خطبي ۾ ڇا ڇا چيو ويندو. مثال طور اسان جي ننڍڙي ڳوٺ لڳ احمدپور ڳوٺ حاجي يار محمدکوسو ۾ عيد جي نماز ٿيندي، جتي مان به نماز پڙهڻ ويندو آهيان. اسان جي سڄي ڳوٺ ۾ ڪو به ملو مولوي ان قابل ناهي جو عيد نماز پڙهائي سگهي (اسان جي ڳوٺ جي اهائي هڪ خوبي آهي) تنهنڪري اسان ڀاڙي تي ڀرپاسي مان هڪ پيش امام گهرائيندا آهيون. جيڪو ڪجهه بيت پڙهي ٻڌائيندو آهي “اي ماهه رمضان الوداع” ۽ مصنوعي روئڻهارڪو لهجو به ڪندو آهي. ڪجهه قرآن شريف ۽ عربي ۾ ٻيو ڪجهه به ٻڌائيندو آهي. پوءِ نماز ٿيندي آهي بعد ۾ ڪجهه مولودائي مولود ٻڌائيندا آهن پوءِ دعا ٿيندي آهي پوءِ ڀاڪر پائبا آهن. ٻارن کي عيديون ڏبيون آهن ۽ طعام کائبا آهن. تقريبن سموري سنڌ ۾ ائين ۽ اهڙي نموني عيدون ٿينديون آهن. ها مولوي صاحب پنهنجي تقرير ۾ فطري جي رقم ضرور ٻڌائيندو آهي جيڪا هن ڀيري شايد ٽيهه رپيا في ڀاتي مقرر ٿي آهي.
    اسلام نالو آهي حقوق الله جو ۽ حقوق العباد جو. پر خدا خود حقوق الله تي حقوق العباد کي فوقيت ڏني آهي يعني اول خدا جي بندن جا حق آهن پوءِ خدا جا حقوق آهن. پر اسان جا مولوي خطبن ۾ فقط حقوق الله جي ڳالهه ڪندا آهن ڪو به حقوق العباد تي ڇو ڪونه ڳالهائيندو آهي؟
    مثال طور سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ جي نسلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ان جي درياهه کي گهٽا ڏئي ماريو پيو وڃي. درياهه تي ٿل ۽ ڪالاباغ ڊئم جهڙا سنڌ دشمن منصوبا اڏيا پيا وڃن. جنهن سان سنڌ جو نه فقط هڪ قبيلو يا هڪ طبقو تباهه ٿي ويندو پر ٻڌي ليکي سموري سنڌ بنجربڻجي ويندي ۽ موج ڀريو مهراڻ واريءَ جو ڍير بڻجي ويندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا ٻار به آفريڪا جي ڏڪار سٽيل ٻارن جيان هڏاوان پڃرا ٿي ويندا ۽ سکي ۽ سرسبز سنڌ ناپيد ٿي ويندي.
    پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون نه آهي آب جو
    سڪئين ڪهڙي سور، واري پيئي وچ ۾.

    ۽ پوءِ لسي کير مکڻ تي پلجندڙ مارن جا جڏهن مال مري ويندا ۽ پاڻ به لڏي ويندا تڏهن انهن جا پير به نه ملندا.
    جهجان پسي جهوڪ، آيل سنگهارن جي
    جن ته پهين پياريو، منجهان مئن موڪ
    لڌي وچان لوڪ، اٺي ويا اڪري.

    اڄ مان فقط اهو سوچيان پيو ته ڇا سڄي سنڌ ۾ ڪو هڪڙو به اهڙو مولوي صاحب هوندو جيڪو عيد جي خطبي ۾ فطري جي رقم جي ادائيگي ۽ “اي ماهه رمضان الوداع” کان اڳتي وڌي ان موقعي تي سنڌين کي سجاڳيءَ جو ڪو سنيهو ڏئي. اهي موقعا اهڙا هوندا آهن. جڏهن سمورا مسلمان هڪ وقت عيد نماز ادا ڪندا آهن ۽ سنڌي پيش امامن کي ڪيڏو نه غنيمت موقعو آهي جو صدين جي روايتي خطبن کان هٽي ڪري وقت جي ڪا ڳالهه ڪن. ڪا حقوق العباد جي ڳالهه ڪن. جيڪا عين اسلامي آهي ۽ ان ۾ ڪابه منافرت ۽ فساد جي ڳالهه ناهي. ڀلا ڀٽائيءَ به ته عيد ملهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ “عيد کي سوءِ” يا ماتم جو درجو ڏنو هو. ڇو ته بادشاهه عمر سومري، مارئي کي قيد ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي هئي.
    اڄ منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿي جڏهن سنڌ جي هڪ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ جو وزير پٽ چوي ٿو ته، “مون کي فخر آهي ته مون کي ڪالاباغ ڊئم جي حمايت لاءِ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويو آهي ۽ مان چئني صوبن ۾ ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ مهم هلائيندس”. جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد سردار احمد کي لک آفرين هجي جنهن سنڌ جو ڪيس کنيو آهي ۽ انگ اکر ڏنا آهن. گستاخي معاف ٿئي ته مان عرض ڪريان ته سڄو سارو ڪلام پاڪ حفظ ڪرڻ وارن مولوين کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ بابت ٻه چار انگ اکر ئي ياد رکڻ گهرجن ۽ عيدالفطر جي موقعي تي جيڪڏهن پنهنجي روايتي خطبي سان گڏ فقط سنڌي ماڻهو کي سجاڳ ڪرڻ خاطر ۽ سنڌ دشمنن کي غيرت ۽ شرم ڏيارڻ خاطر ئي هيٺيان انگ اکر پڙهي ٻڌائين ته هوند سنڌ ۾ وڏي سجاڳي اچي وڃي. سنڌ جي سورن جو سمورو بار رڳو رسول بخش پليجي. قادر مگسي يا شاعرن اديبن ۽ ڪالم نگارن تي نه وجهو ڇو ته يقين ڪريو جيڪڏهن اوهان سجاڳ ٿيندا ته سمجهو سموري سنڌ سجاڳ ٿيندي. رسول بخش پليجو سموري عمر سنڌ سان زيادتين جون دانهون ڪندو رهيو آهي. سو متان هاڻي سندس ڳالهه حاڪم ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿا ڇڏين. پر توهان نوراني چهرن ۽ ريش مبارڪن سان سنڌ جي حقوق جي ڳالهه ڪندا ته اها ٻڌي به ويندي ۽ عين اسلامي ڳالهه به هوندي. اڃا ڳالهه وئي ڪانهي عيد سڀاڻي آهي. اڄ مان توهان لاءِ هي انگ اکر پيش ڪريان ٿو. ٿورڙو حفظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جو توهان جو حافظو ۽ هاضمو درست رهندو آهي.
    انهن انگن مان خبر پوي ٿي ته پوين پنجن سالن ۾ سنڌ صوبي وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ 470. 494 ارب رپين جي ڀائيواري ڪئي پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي رڳو 667. 139 ارب رپيا يا چئجي ته چوڏنهن سيڪڙو واپس مليا جڏهن ته پنجاب کي 508. 365 ارب رپين جي وصولي جي ڀيٽ ۾ 579. 346 ارب رپيا يا چورانوي سيڪڙو مليا. سرحد صوبي کي 708. 100 ارب رپين جي وصولي جي عيوض 615. 101 يا هڪ سئو هڪ سيڪڙو مليا ۽ بلوچستان صوبي کي 636. 36 ارب رپين جي وصولين جي ڀيٽ ۾ پنجونجاهه ارب يا ڏيڍ سئو سيڪڙو واپس مليا. ڇا اهي انگ اکر دليلن لاءِ ڪافي ناهن؟ يعني کلم کلا زوري، زبردستي ٻه اکيائي ۽ دٻڙ ڌئونس آهي، ته منهنجا مذهب ۽ دين جا رکوالا سنڌي مسلمان ڀائرو توهان جي جنم ڀومي سنڌ جو توهان مٿان اهو قرض آهي ته ڪجهه فطري جي اگهن ۽ “اي ماهه رمضان الوداع” واري روايتي خطبي سان گڏ ڪجهه عوام الناس ۾ سجاڳي پکيڙيو. اهو فتنو ناهي، اهو فساد ناهي. اهو ڏڦيڙ ناهي اهو حقوق العباد آهي اهو عين اسلام آهي ۽ جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندا ته سمجهبو ته توهان الله پاڪ پاران سونپيل حقوق العباد واري فريضي ۾ ڪوتاهي ۽ غلفت ڪئي ۽ پوءِ خدائي قهر لاءِ تيار رهو:
    جاڳو جاڙيجا، سما! سُک ۾ سمهو.

    عوامي آواز ڪراچي- 25 نومبر2003 ع


    • آزاديءَ جو ڏينهن ۽ جمهوريت جي رات

    سڀاڻي چوڏهينءَ جو ڏينهن آهي. يعني سڀاڻي هن مملڪت خداداد پاڪستان جي آزاديءَ جو عظيم ڏينهن. 1947ع جي ورهاڱي جو باب آهي.
    هيءَ آزادي اسان کي هزارين ڪونڌرن ڪهائڻ ۽ لاتعداد ٻين قربانين ڏيڻ کان پوءِ حاصل ٿي آهي. قومون پنهنجي آزاديءَ جا ڏينهن وڏين خوشين ۽ مسرتن سان ملهائينديون آهن. وڏا شادمانا ٿيندا آهن. اسان به اهي ڏينهن ملهائيندا آهيون. پر “ڳاٽي ڀڳا ميندي لانوڻ ڏي” واري حساب سان. هندستان ۽ پاڪستان هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ ٿي پيا. هندستان ۾ اڄ ڏينهن تائين فوجي راڄ برپا نه ٿيو آهي. هندستان ۾ نسلي متڀيد به گهڻا آهن. اونچ نيچ جو ڪلچر به آهي. شودر ۽ برهمڻ جا غيرفطري تضاد به آهن. غربت ۽ افلاس به آهي. جهالت به آهي. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اتي جمهوريت جو نظام مضبوط آهي ۽ بري کان بري سياسي وڳوڙن ۾ به ڪڏهن هندستان جي جي فوج حڪومت تي قبضو نه ڪيو آهي.پر هتي، هن ملڪ ۾ اسڪندر مرزا کان وٺي موجوده حڪمرانن تائين هر ڪنهن، ڪنهن نه ڪنهن بهاني جي آڙ ۾ پنهنجو ئي ملڪ پئي فتح ڪيو آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ “آئين” کي مقدس سمجهيو ويندو آهي، پر هتي “آئين” ئي سڀ کان حقير شيءِ سمجھيو وڃي ٿو. “اميرالمومنين” ضياءَ الحق چيو هو ته “ آئين ڇا آهي، هڪ ڪتاب ئي ته آهي جنهن کي کڻي مان ٻاهر اڇلائي سگهان ٿو.”
    اهو ضياءُ الحق ئي هو جيڪو يارهن سالن تائين هن ملڪ ۾ نفرت، تعصب، مذهبي اڻ سهپ، هيروئين ۽ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر پکڙيندو رهيو. سندس پوکيل پوک هاڻي پچي راس ٿي آهي. اڄ ڪلاشنڪوف جو وڌ ۾ وڌ استعمال انتها پسند مذهبي تنظيمون ڪري رهيون آهن. مسجدون ۽ امام باڙا ته سلامتيءَ واريون جايون آهن، جتي جيڪڏهن اچي پناهه وٺي ته ان تي تيستائين حملو ناجائز آهي، جيستائين هو ان مقدس مقام ۾ پناهه ورتل آهي. پر هتي جيترا عبادت ڪندڙ، مسجدن ۾ ۽ امام باڙن ۾ عبادت دوران شهيد ڪيا ويا آهن، ايترا ته روڊ حادثن ۾ به نه مئا هوندا. گاڏين ۽ رستن تي شهيد ٿيندڙ ديني عالمن جو به وڏو تعداد آهي.
    اڄڪلهه عالمي ملڪن ۾ پاڪستان لاءِ جيڪو “دهشگرد ملڪ” هجڻ جو تصور آهي. اهو انهن مذهبي جماعتن سبب ئي پيدا ٿيو آهي. طالبان ڪنهن جا ڪِڙايل آهن؟ ديني مدرسن ۾ ڇا ڇا پڙهايو وڃي ٿو؟ ان تي اڄ تفصيل ۾ نه وينداسون. اڄ پاڪستان ۾ آئين سان ٿيندڙ هٿ چراند ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل بابت ڪجهه عرض ڪبو.
    ايئر مارشل نورخان هڪ پيشيور، باعزت ۽ ايماندر فوجي ٿي رهيو آهي. هو پنهنجي دور جو عظيم سپاهي ۽ هواباز هو. هن ايئرفورس جي ملازمت جي آخري ڏاڪي يعني ايئرمارشل ٿي رٽائر ڪيو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو پاليسي ساز ٿي گذريو آهي. 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪارنامن پٺيان نورخان جو ئي ذهن هو.
    بعد ۾ جڏهن پاڪستان جي قومي ايئرلائين پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جو سربراهه مقرر ٿيو ته هيءَ ايئرلائين دنيا جي ڏهن عظيم ايئرلائينن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي. ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ اسڪوائش ٽيمن جي سربراهي دوران پاڪستاني ٽيمن جي دنيا ۾ واهه واهه هوندي هئي.
    اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ هو ته هو نهايت بي باڪ ايماندار ۽ پروفيشنل هو. نورخان سياست تي گهٽ ڳالهائيندو آهي، بلڪه اڪثر خاموش رهندو آهي.
    پر ڪنهن موقعي تي اسلام آباد ۾ جيڪو هن مرد مجاهد ڳالهايو، ان جو اختصار مان پاڪستاني قوم آڏو پيش ڪندس:
    پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن يعني 14 آگسٽ لاءِ اهو منهنجو پرخلوص نذرانو آهي. نورخان جا ارشاد ٻڌو ۽ هنئين سان هنڊايو. هن چيو ته نيشنل ريڪنسٽرڪشن بيورو (اين آر بي) جنهن پس منظر توڙي پيش منظر ۾ جنرل تنوير نقوي جو هٿ آهي، تنهن پاران پيش ڪيل نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو خيال نه فقط ملڪ پر پاڪستان جي فوج لاءِ به سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو. هن گذريل پنجاهه سالن دوران پاڪستان جي بري فوج پاران سياسي مداخلت تي سخت رنج ۽ برهميءَ جو اظهار ڪيو.
    هن چيو ته ان سبب هڪ ته پيشيور فوج جي پيشي تي برو اثر پيو آهي، ٻيو ته ملڪ ۾ جمهوريت سان به وڏي جٺ ٿي ۽ تعدي ٿي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين اقتدار جي چوس فقط بري فوج تائين محدود هئي، پر هاڻي بحري ۽ هوائي فوج کي به نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ شامل ڪري، انهن کي به سياسي چوس ۽ ڪرپشن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. يعني اڳ فقط بري فوج “شجر ممنوعه” کاڌو هو، هينئر باقي بچيل ٻن فوجن يعني بحري ۽ هوائي فوج کي به خراب ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته هن کان اڳ ڪڏهن به بحري ۽ هوائي فوج کي اقتدار ڏانهن مائل نه ڪيو ويو هو. هن اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي فوج تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
    هن ڪاوڙ ۾ چيو ته بحري ۽ هوائي فوجون اسان جون انتهائي پيشيور ۽ سياسي جوڙ توڙ کان پاڪ رهيون آهن. پر بري فوج انهن کي اين ايس اي ۾ شامل ڪري فوج سان ۽ ملڪ سان وڏي زيادتي ڪري رهي آهي.
    هن چيو ته بحري ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه هن وقت تائين سمورو وقت پنهنجي پنهنجي فوجن جي تربيت بهتر بنائڻ ۾ صرف ڪندا هئا، سي هاڻي ويهي گندي ملڪي سياست ۾ وقت برباد ڪندا. اهڙيءَ طرح اهي فوجون به پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون.
    نور خان چيو ته جنگ جي وقت يا ڪنهن ٻئي فوجي مقابلي وقت بري فوج ڪڏهن به بحري ۽ هوائي فوج سان صلاح مصلحت نه ڪندي آهي ته هينئر انهن جي سربراهن کي سياست ۾ ڇو پيو لاٿو وڃي، جنهن جي وٽن ڪا به سڌ ٻڌ نه آهي. هن ٻڌايو ته 1965ع واري جنگ ۾، جنگ جوٽڻ وقت به هوائي فوج جي سربراهه سان ڪو صلاح مشورو نه ڪيو ويو هو. 1999ع واري ڪارگل ڪاهه وقت به بحري ۽ هوائي فوج جي سربراهن سان ڪا به صلاح مصلحت نه ڪئي ويئي هئي.
    هن ٻڌايو ته اين ايس اي ۾ شامل ٽنهي فوجن جا سربراهه پنهنجي آقا، يعني صدر جو چيو ڪيئن ٿا ٺڪرائي سگهن. انهن کي نوڪري ڏيندڙ به صدر آهي ۽ اهو ڪيئن لڳندو ته صدر جي اشاري تي انهن ٽنهي فوجن جا سربراهه “قومي مفاد “ ۾ چونڊيل وزير اعظم کي هٽائڻ واري مهم ۾ مصروف ٿي ويندا. “قومي مفاد” هڪ اهڙو نسخو آهي جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف قومي فوج جي مدد سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    ڇا جن جي هٿن ۾ اڄ ملڪ جون واڳون آهن، اُهي نورخان جهڙي عظيم ايماندار ۽ ديانتدار پر رٽائر ٿيل جهوني ايئرمارشل جي مشورن ڏانهن ڪن ڏيندا؟
    قوم ويجھي ماضيءَ ۾ هڪ ريفرينڊم جي تجربي مان گذري چڪي آهي ۽ ايندڙ آڪٽوبر ۾ اهڙي ٻئي “شفاف” تجربي مان گذرڻي آهي.
    اسان هن ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه آهيون. حقدارن کي حق ڏيو. قوم هڪ تڏهن رهندي جڏهن سڀني صوبن کي هڪجهڙا حق هجن. ڪنهن جي ماني، پاڻي تي مارو نه هجي. باقي استحصال جي صورتحال ۾ يڪجهتي جا سبق ڏيڻ ائين آهي جيئن ڪو شرابي پيءُ، پنهنجي اولاد کي شراب پيئڻ کان منع ڪري. صبر ۽ شڪر جي تلقين تڏهن ڪريو، جڏهن حقدارن کي پنهنجا حق ڏيندؤ. نه ته :
    صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آئون ڪندي،
    آهيان جن سندي، سو ته گهرجي ساڻ مون.

    نورخان جي نظر ۾ موجوده حڪومت پوين ٽن سالن دوران اهي سڀ غلطيون ۽ خطائون ڪيون آهن، جن جو الزام بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف تي هنيو ويندو آهي.
    هن ٻڌايو ته حڪومت چاهي ها ته پنهنجي اچڻ جي ڇهن مهينن اندر ملڪ کي غيرقانوني هٿيارن کان پاڪ ڪري سگهي ها. پر سياسي چالبازين سبب حڪومت وٽ اهڙن ڪمن لاءِ وقت ڪونهي. مڪاني چونڊن وارو تجربو انتهائي ناڪام رهيو آهي. ميرو والا ۽ ميانوالي جا واقعا ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
    نور خان سوال ڪيو ته اڄڪلهه قائداعظم محمد علي جناح جي جمهوريت واري تصور جي ڇو نٿو ڪو ڳالهه ڪري؟ هن ٻڌايو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي جمهوريت جو تصور چٽو، واضح ۽ صاف طور پيش ڪيو هو. هاڻي توهان به ٻڌايو ته توهان جو تصور ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي؟
    سندس اشارو موجودهه سربراهه ڏانهن هو !!

    عوامي آواز ڪراچي- 14آگسٽ 2002 ع


    • دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين

    اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي جون خبرون ۽ تبصرا جنگ جي خبرن، تباهه ڪارين سان سٿيون پيون آهن. رت ۽ باهه ۽ دهشت گردي جون خبرون، ايڪهين صديءَ ۾ انساني تهذيب جي عروج واري دور ۾ غير سرڪاري دهشتگردي جي جواب ۾ سرڪاري دهشت گرديءَ جا لقاءَ ۽ ٺڪاءَ جنهن “ڪابل” ۽ قنڌار تي اڄڪلهه بمن جي بارش ٿي رهي آهي تنهن لاءِ اچو ته اڄ کان ٽي سؤ سال کن اڳ اسان جي دور انديش ۽ درويش، عالمگير شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي عالمي امن ۽ سک سڻائي لاءِ ڪهڙي دعا ڪري ويو آهي.
    موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
    وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار
    ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار
    ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندين سار
    ڪي رمي ويون روم تي، ڪي “ڪابل” ڪي “قنڌار”
    ڪي دلي، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار
    ڪهين جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
    ڪهين ڀڄ ڀچائيو، ڪهين ڍٽ مٿاهين ڍار
    ڪهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
    سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

    هيءَ دعا آهي آفاقي، عالمي انساني دعا آهي کنوڻين جي، وسڪاري جي، عالمي خوشحالي جي، سک جي، شانتي جي، ساوڪ جي سرهائي جي. سندس دعا ۾ مشرقي توڻي مغربي ملڪ شامل آهن. سندس دعا ۾ “روم” به شامل آهي جيڪو مغربي ملڪ آهي ته “دلي ۽ دکن” به شامل آهي جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ آهن. سندن دعا ۾ چين ملڪ به شامل آهي. جنهن ملڪ لاءِ حضور جن فرمايو هو ته، “علم حاصل ڪريو توڙي جو توهان کي چين وڃڻو پوي” ان دعا ۾ استنبول جو ذڪر به آهي جيڪو ترڪي ۾ آهي ۽ سندس سرحد اڌ ايشيا ۽ اڌ يورپ ۾ پکڙيل آهي. ڪٿي وري ملڪن سان گڏ “گلوب” “Globe” جو ذڪر ٿيل آهي جيئن “ڪي مڻيون مغرب پار”.
    ملڪن ۽ علائقن کان پوءِ آخر ۾ پنهنجي ديس “سنڌ” لاءِ به سڪار جي دعا ڪيائين ۽ آخر ۾ “سائين” کي سوال ڪيائين ته
    “دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين”
    اي منهنجا پيارا رب ڪريم سڀ جهان آباد رک، سڄي عالم ۾ سک چين هجي. اسان جون امڙيون، نانيون، ڏاڏيون اسان کي اسڪول اسرڻ وقت يا پنهنجي شهر کان ڪنهن ٻي شهر ڏانهن ويندي وقت عرش ڏانهن هٿ کڻي اسان کي جڏهن دعائون ڪنديون هيون تڏهن چونديون هيون، “اي منهنجا الله، اي الله جا سچا نبي ڪريم، جڳ جهان جي ٻچن جو خير، تنهنجي محابي منهنجي ٻچن جو به خير”.
    ڀٽائي گهوٽ به اهڙي ريت دعا ٿو ڪري ته، مانڊاڻ يا باران رحمت جو وسڪارو ۽ نوراني کنوڻين ۽ وڄن جا چمڪار هر هنڌ ٿين ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوشحالي ۽ سونهن ساوڪ ۽ سرهاڻ جو واسو سڄو جڳ جهان سکيو رهي ته جيئن بک يا افلاس سبب ٻين ڏيهن جا ماڻهو “سنڌ” جو رخ نه ڪن ته جيئن سنڌ تي معاشي دٻاءُ نه پوي ۽ سنڌ به سکي رهي چوندا آهن East or West – Home is Best مطلب ته مشرق هجي يا مغرب پنهنجو گهر، پنهنجو آهي. حد ته اها آهي جو سر سارنگ ۾ ئي ٻي هنڌ ڀٽائي فرمايو آهي ته وسڪاري جي نتيجي ۾ ايتري ته خوشحالي آئي آهي ايترو سڪارو ٿيو آهي جو اهڙي ماحول ۾ “ٻانهپ” جو تصور به نه هئڻ گهرجي. “ٻانهپ” جو تصور بک، بدحالي ۽ افلاس جو تصور آهي. چڱو هاڻي ڀٽائي جو هي بيت ٻڌو ۽ ان کي پنهنجي سڀني حواسن ۾ تحليل ڪري ان جي “پاڙ” تائين پهچي ان جو “حظ” حاصل ڪريو.
    بَر وُٺا، ٿَر وُٺا، وُٺيون تَرايون،
    پِرهه جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
    ساري ڏهن ساميون، ٻولايون، رايون،
    ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سنهن پانهنجي.

    تصور ڪريو، ٿر ۾ مينهن پون ٿا، جهجها مينهن پون ٿا، کڏون کوٻا هيٺاهيون مٿاهيون سڀ ڀرجي وڃن ٿيون
    نتيجي ۾ زمين تي گاهن ۽ ساوڪ جي چادر وڇائجي وڃي ٿي. مال، رڍون، ٻڪريون، ڳئون، مينهون، ڏاچيون گاهه کائي ڍاپجن ٿيون، وري تلائن ۾ تڙ ڳن ٿيون، پوءِ جهجها کير ڏين ٿيون پوءِ:
    پِرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون.
    هاڻي جڏهن مينهن سبب ايڏيون رحمتون نازل ٿيون آهن جو پرهه جون “ولوڙن” جون وايون ٿيون اچن، تڏهن اهڙي خوشحالي جي دور ۾:
    ٻانهيون ۽ ٻايون پکي سنهن پانهنجي
    اهڙي خوشحالي جي ماحول ۾ آزادي به هئڻ گهرجي. آزادي معنيٰ ٻانهپ جو دور ختم.
    توهان سوچيندا هوندا ته جنگي وحشتن جي ڏر ۽ ڏهڪاءُ واري دور ۽ موسم ۾ مون اڄ سارنگ جو سُر ڇو ڇيڙيو آهي. هي ڪو وسڪاري جو وقت نه آهي نه ڪي خوشحالي جو دور آهي. توهان سوچيو ته هي به “وسڪاري” جو وقت آهي جي “ڪابل” ۽ “قنڌار” تي “وڄن وسڻ” بجاءِ بارود ۽ بم گولن جو “وسڪارو” آهي ۽ اسان جي ملڪ تي به “ڊالرن” جو وسڪارو آهي ٻيو به ڪو “وسڪارو” آهي “خوشحالي” ته آئي آهي! رڳو “نڪ” مضبوط هئڻ گهرجي.
    اڄ منهنجي سارنگ “جهونگارڻ” جو هڪ ته مقصد هي آهي ته اخبارن ۽ رسالن توڙي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي جنگ ۽ انساني جانين توڙي مال جي زيان بابت جيڪا خبرن جي ڀرمار آهي ۽ ان جي ڪري جيڪو “ڏر ۽ ڏهڪاءُ” وارو ماحول بڻجي ويو آهي تنهن ۾ ڪجهه “ڦر کرائي” آڻجي. Relax ٿيڻ جو ماحول بڻجي ۽ وڏي ڳالهه ته اهو شعور بيدار ٿئي ته امن امان، خوشحالي، وسڪاري، آزادي، خوشين ۽ مسرتن جو ماحول چڱو آهي يا جنگ جدل، بم بارودن، گولن ۽ ڀالن بڙڇين جو ماحول چڱو آهي.
    افسوس! جو اهو سڄو ماحول “طالبان” جي “طلب” تي پيدا ٿيو آهي. خدا کين ساڃهه ڏئي ته ڏاڙهين جي ماپ وٺڻ ۽ ڇوڪرين کي تعليم کان محروم ڪرڻ ڪهڙي اسلام ۾ لکيل آهي.

    عوامي آواز ڪراچي- 10 آڪٽوبر 2001 ع


    • تسمان اسپرٽ – اڇو پاڻي لڙ ٿيو

    پريمي جوڙا هاڻي ڪلفٽن جي ساحل تي پري ڪنهن پٿر تي ويهي پيار نه ٿا ونڊن ڇو ته انهن جي اکين ۾ پيار جو پاڻي نه هوندو، پر تيل جي ڌپ ۽ تيزابيت جو پاڻي هوندو. ڳل تي مٺي به نه ڏئي سگهبي جو کل تي به ڪروڊ آئل جي تيزابيت واري ٻاڦ جو تهه چڙهيل هوندو.
    تنهنڪري پريمين هاڻي ملڻ جا هنڌ مٽايا هوندا. مان کين صلاح ڏيندس ته گٽر باغيچن ۾ ملن. اهو ساحل کان پري به آهي تنهنڪري اتي ڪروڊ آئل جي اثرن کان آجا هوندا. اهو ڇو ته بلوچن ۽ مڪرانين جو علائقو آهي ان ڪري اتي پريمي جوڙن کي پاڪستاني ثقافت جي مختلف خوشبوءِ به نظر ايندي.
    ڇو ته پريمي جوڙا هاڻي ڪلفٽن جي ساحل تي نه ويندا تنهنڪري مون جهڙا رونشي ڪوڏيا به نه ويندا. انگن ۽ حسابن ۾ مان جڏو آهيان پر ٿلهي ليکي هڪ پريمي جوڙي لاءِ هڪ سؤ تماشبين ٻَڌي سگهو ٿا. جيڪي پراين ماين مان ٻئي اکيون ٻوڙي ڪڍندا آهن ۽ ڄڻ ته انهن جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. سو جتي پريمي جوڙا نه ويندا اتي تماشبين به نه ويندا تنهنڪري تماشبينن کي به منهنجو مشورو آهي ته اهي گٽر باغيچي جو سروي ڪري اچن متان پريمي جوڙن اوڏانهن رخ ڪيو هجي. هاڻي جيڪڏهن پريمي جوڙا ۽ تماشبين ڪلفٽن تي نه ويندا ته ڀولڙي نچائڻ وارا ڇو ويندا. اٺن وارا ڇو ويندا. جيڪي اٺن کي موڏا ۽ ڪوڏ جهُليون ۽ جهانجهريون وجهي پيا گهمائيندا آهن. اٺن تي گهمڻ ته پريمي جوڙن جو معراج هوندو آهي. اٺ جي اٿڻ ۽ ان جي ويهڻ ۾ به واهه جو مزو آهي. ان کان سواءِ اٺ وارو پريمي جوڙي کي پري تائين ڪُنڊائتو وٺي ٿو وڃي جتي ڪجهه دل لڳي ڪرڻ جو موقعو به ملي ٿو خير سائين اهي ته مڙئي هيون ڳالهيون ٿوري دير هڪ تلخ حقيقت کان ٿورو پري رهڻ لاءِ پر ڇا ڪجي جو هينئر وري ان تلخ حقيقت ڏانهن موٽڻو ئي پوندو. ڪراچيءَ جي ساحل تي هڪ يوناني جهاز “تسمان اسپرٽ” ستاويهين جولاءِ تي گرائونڊ ٿي ويو. يعني واريءَ ۾ لهي ويو. ان جهاز ۾ پنجهٺ هزار ٽن ڪروڊ آئل ڀريل هو. اهو جهاز پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ لاءِ چارٽر ڪيو هو. ان جو 20 ٽن آئل هڪ ٻئي جهاز ۾ ڀريو ويو. جڏهن ته پنجويهه هزار ٽن تيل سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وهي ويو ۽ باقي تيل ڀڳل ٽٽل جهاز ۾ اڃا به موجود آهي جيڪو اڃا وڌيڪ ڪن ڪري سگهي ٿو.
    اسان بدحواس انتظاميا ۽ وس وارن جي بي وسي، بدانتظامي ۽ بدحواسيءَ تي ته پوءِ اينداسين ان کان اڳ اچو ته جائزو وٺون ته ان حادثي جي نتيجي ۾ نقصان ڪهڙا ڪهڙا ٿيا آهن؟.
    جهاز ۾ لائيٽ ڪروڊ آئل پيل هيو جنهن ۾ “بينزين” جي ملاوٽ آهي جيڪو آبي جيوت توڙي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي تيل ۾ هڪ ٻيو عنصر موجود آهي جيڪو هائڊرو ڪاربان آهي جيڪو پڻ مڇين ۽ ٻي آبي جيوت لاءِ تمام هاڃيڪار آهي.
    مڇي، گانگٽ ۽ ٻي آبي جيوت جي ايڪسپورٽ مان تقريبن اٺ ارب روپيا سالياني ڪمائي ٿيندي آهي جنهن تي بري اثر پوڻ جو خطرو آهي. اٽڪل 6 لک مهاڻن جي روزي مڇي مارڻ تي ٻڌل آهي. اهڙيءَ طرح ڇهه لک مهاڻا بي روزگار ٿي ويندا.
    ڪلفٽن جي ڀرپاسي رهندڙن کي اکين، کل، ساهه ۽ دل جون بيماريون ٿينديون. انهن جي لڏپلاڻ ۽ تڪليفن جو اندازو توهان ڪري سگهو ٿا.
    هر شيءِ کي هروڀرو پئسي ۾ به ترجمو نه ڪجي. مڇين ۽ پکين جو مرڻ خود هڪ ڏکائيندڙ شيءِ آهي.
    پکي پر پکيڙي اڏندا سهڻا لڳندا آهن ۽ مڇيون ور وڪڙ کائي سمنڊ ۾ گهتون هڻندي سهڻيون لڳنديون آهن. هينئر مڇيون ۽ پکي پکڻ مري ڳري ويندا ۽ ماحوليات گدلي ٿي ويندي.
    تيل جي وهڻ ڪري هن مهل تائين ڪياماڙي، بابا ڀٽ شاهه، شمس پير، يونس آباد، ڪوڪا ڳوٺ، صالح آباد ... عبدالرحمان ڳوٺ، هاڪس بي، ابراهيم حيدري، ريڙهي ۽ چشما ڳوٺ متاثر ٿيا آهن پر هينئر اهو هاڃيڪار تيل جو وهڪرو ڪيٽي بندر کان انڊس ڊيلٽا ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
    منهوڙي ۽ سينڊس پٽ (Sands Pit) ۾ سائي ڪڇونءَ جي افزائش ٿئي ٿي. چون ٿا ته اهو ڪڇون دنيا ۾ فقط يارهن هنڌن تي پيدا ٿئي ٿو. ممڪن آهي هاڃيڪار ۽ گندي تيل جو اثر سائي ڪڇونءَ جي افزائش تي ٿئي.
    65 هزار ايڪڙن جي پکڙيل تمر جي وڻن کي ڏاڍو نقصان ٿيندو ۽ اهي سڙي ويندا. پر هتي تمر جي وڻن جي پرواهه ئي ڪنهن کي آهي. سنڌي ماڻهو جڏهن به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي پاڻي ڇڏڻ جو اهو دليل ڏيندا آهن ته مٺي پاڻي نه ملڻ سبب مٺي زمين ۽ تمر جا وڻ تباهه ٿين ٿا. پنجاب وارا آبپاشيءَ جا ماهر ڏند ڪڍي کلندا آهن جيڪي هميشه اها ڳالهه وڏي نڪ جي پڪائي ۽ بي حيائيءَ سان ورجائيندا آهن ته اهو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿو ٿئي ته هتي اهو ٻڌائڻ ئي فضول آهي ته تمر جي وڻن جو هجڻ ماحوليات لاءِ ڪيڏو ضروري آهي پر اهي ڳالهيون جيڪي ڪامورا بدنيتيءَ سبب سمجهڻ ئي نه چاهيندا انهن کي ڪير سمجهائي؟.
    مون کي اها ڳالهه به معلوم ٿي آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انتظاميه جي نظر تمر جي وڻن تي آهي ته اهي وڍرائي اهو ساحل جو علائقو سوري وٺجي ۽ انهن تي رهائشي گهر ٺهرائجن.
    تيل جي نقصانن کي روڪڻ لاءِ هڪ ڦوهارو ڪيو پيو وڃي جيڪو چون ٿا ته آبي جيوت لاءِ پڻ وڌيڪ نقصانڪار آهي.
    اهي ۽ ٻيا ڪيترائي ماحولياتي نقصان ٿيا آهن. ڪراچيءَ جي سڀني اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
    هاڻي انتطاميا جي بيانن، روين ۽ عملن تي هڪ نظر وجهون ٿا.
    تسمان اسپرٽ يونان جو 26 سال پراڻو جهاز آهي جيڪو پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پاڪستان ريفائنريءَ لاءِ ڀاڙي تي حاصل ڪيو هو.
    هاڻي قانوني طور تي مڙني بندرگاهن ۽ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن پاران پابند ڪيل آهي ته اهڙي ڪارگو لاءِ پندرهن سالن کان پراڻي جهاز چارٽر ڪرڻ تي بندش پيل آهي. اهڙي بندش جي باوجود، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڇو، ڪيئن ۽ ڪهڙن بنيادن تي 26 سالن جو “جهونو ٿيو جهاج، سٽ نه جهلي سڙهه جي.” ڀاڙي تي ڪيو جنهن هڻي مالڪ جو نالو بدنام ڪيو ۽ مڇين، پکين، مهاڻن ۽ تمر جي وڻن وغيره کي الڳ نقصان پهچايو.
    تسمان اسپرٽ جي گرائونڊ ٿيڻ کان 15 ڏينهن بعد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي انتظاميا ميري ٽائيم فشريز کي اهڙو اطلاع ڏنو ته هاڻي جهاز ٻه ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي ان ڪري ان کان پري رهو. اندازو ڪريو ايڏي حادثي ٿيڻ کان پندرهن ڏينهن تائين ميري ٽائيم فشريز کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پاران ڪو به اهڙو اطلاع نه ڏنو.
    واسطيدار ڪامورن جن ۾ مواصلات جو وزير، مواصلات جو سيڪريٽري، تيل ۽ گيس وارو وزير ۽ سيڪريٽري ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين سڀ اهڙا منجهائيندڙ بيان ڏئي رهيا آهن جن مان قوم جي ڪائي رهنمائي نه پئي ٿئي. ڪي چون ٿا ته ڪجهه نه ٿيندو، ڪو نقصان نه ٿيندو، بس آفت ٽري وئي.
    پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي چيئرمين رياض احمد ٽاٽا چيو آهي ته ان سموري انتظامي خرابيءَ ۽ نقصان جا ذميوار ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آهن، جن خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ انهن کي سزائون ڏنيو وڃن.
    انتظاميا جي بدحواسي ۽ سمجهه ۽ عقل جي کوٽ جو هڪ ٻيو ثبوت اهو آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ يونان جي جهاز جي ڪمپنيءَ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ هنيو آهي؟!! فقط هڪ ڪروڙ پاڪستاني روپيا، ها ها ها ڏاڍي کل ٿي اچي، اڙي سائين هڪ ڪروڙ روپين ۾ ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي سٺن علائقن جو هڪ پلاٽ به نه ٿو ملي.
    جڏهن 8 ارب روپين جو مڇي جو واپار داءِ تي لڳل آهي. انساني زندگيون آبي جيوت مري رهي آهي. سمنڊ ڪناري تان لڏپلاڻ جاري آهي 65 هزار ايڪڙن تان تمر جا وڻ فنا ٿيڻ وارا آهن. تمر جي وڻن جي تباهيءَ سان ماحوليات جون تمام گهڻيون ٻيون جاندار شيون جن ۾ مڇيون، گانگٽ، ڪڇون ۽ ٻيون کوڙ شيون تباهه ٿيڻ واريون آهن مهاڻن جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا ۽ ڪي پي ٽي فقط هڪ ڪروڙ روپيا ڏنڊ هنيو آهي. ڪهڙي منجهه حساب!! هڪ انگريزي اخبار جي عيوضي هڪ مذيدار سوال ڪيو آهي جيڪو مان فقط ورجايان ٿو.
    سوال: ڪنهن ٻئي ڪيو آهي
    سوال آهي ته اهو ڇو ضروري آهي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سربراهه سدائين نيويءَ جو ائڊمرل ئي هجي؟ سندس ٻيو سوال آهي ته بندرگاهه جي انتظامن سان ڀلا ڪيئن آرميءَ جي برگيڊيئر يا ڪنهن ميجر جو ڪهڙو واسطو آهي؟! رب پاڪ ٿو ڄاڻي اسان گنهگارن کي ڪهڙي خبر!

    عوامي آواز ڪراچي- 19 آگسٽ 2003 ع


    • ههڙا هاڃا ٿين – بُري هن ڀنڀور ۾: ميروال کان پوءِ ميانوالي

    ڦاسي جي سزا ۾ ڦاٿل سردار خان جي انٽرميڊئيٽ ڪيل 18 سالن جي سهڻي ۽ قدآور نياڻي وزيران جي نيڻن ۾ نير هئا. هن چيو ته مان اڃان پنجن سالن جي مس هيس، جو مون پنهنجي پيءَ کي آخري ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن کان هو جيل ۾ آهي. هوءَ پنجن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ آهي اڃان پڙهائي جاري رکڻ گهري ٿي. هن ٻڌايو ته اهو ماءُ، پيءُ جي شفقت ۽ پيار ئي هو جنهن کيس 80 سالن جي عطا محمد سان شادي ڪرڻ واري قرباني لاءِ آماده ڪيو. سڏڪا ڀريندي هن ٻڌايو ته جڏهن به اسي سالن جي پوڙهي سان شاديءَ جو تصور مون کي ستائيندو هو ته مان حضرت اسماعيل جي قرباني واري جذبي جو تصور ڪندي هيس ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو ملال ماٺو ٿيندو هو.
    ڦاسي جي سزا ۾ ڦاٿل اڪرم جي سورهن سالن جي نياڻي تسليم جنهن جي شادي ڇهن ٻارن جي پيءُ ۽ 55 سالن جي ميهر خان سان ٿي تنهن ٻڌايو ته مون کي بس اهو آٿت هو ته مان پنهنجي پيءُ لاءِ قربان ٿي رهي آهيان ۽ مون کي اها به خبر هئي ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي.
    هن ٻڌايو ته ان فيصلي تي هن کي اطمينان هو، پر مون کي جڏهن خبر پئي ته مان هاڻي ميهرخان جي زال نه رهي آهيان ته ان لحظي مون کي آزادي جو احساس منهنجي لونءِ لونءِ ۾ داخل ٿي ويو. خوشيءَ ۽ مڪتي جي احساس منهنجي تن بدن ۾ تازائي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. منهنجي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا اها غيبي امداد هئي.
    تسليم جي ماءُ، جنهن جي هڪ ٻانهن ٻه سال اڳ ڪتر ڪندي ڪپجي وئي هئي، تنهن ٻڌايو ته مون کي خوشي آهي جو اهو فيصلو اڃان برقرار آهي ۽ منهنجو مڙس ميهر خان جيل مان نڪري ايندو. پر هن اهو انديشو پڻ ڏيکاريو ته فريادي ڌر جو مک اسي سالن جو عطا محمد جنهن جي پوليس پاران خاصي تذليل ٿي آهي سو ٺاهه کان ڦري نه وڃي. هن خوشي ۽ رنج جي مليل جليل لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان ته پنهنجيون ڇوڪريون هنن جي حوالي ڪري ڇڏيون، پوءِ حڪومت جي مداخلت تي طلاق ٿي ۽ ڇوڪريون اسان کي واپس مليون ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اهو فيصلو ته رب پاڪ جو آهي.
    ڇوڪرين جي هڪ ٻئي عزيز ظفر الله جا گوهر به ٻڌو!! هن حڪومت تي ان ٺاهه جي وچ ۾ ٽپي پوڻ ۽مداخلت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسان لاءِ ڇوڪرين جي مٽاسٽا ۽ ننڍي عمر وارين جون وڏي عمر وارن مردن سان شاديون ڪا به عيب جي ڳالهه ناهي. اهو اسان جي رسم ۽ رواج جو حصو آهي ان لاءِ اسان کي ڇوڪرين بابت ڪا به ڳڻتي ناهي. ڳڻتي جوڳي ڳالهه فقط رقم آهي. مان سمجهان ٿو ته سزا کاڌل جيڪڏهن آزاد به ٿيا ته جهيڙو ٺرندو ڪو نه – جو ايڏي ڳري رقم جي ادائيگي تي ٻيهر جهيڙو شروع ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ان رقم حاصل ڪرڻ لاءِ زمينون ۽ زالن جا زيور وڪڻڻا پيا آهن، جيڪي به مردن جي غيرت ڀڙڪائڻ لاءِ ڪافي آهن.
    اها به خبر پئي آهي ته عطا محمد ۽ ميهر خان جو ڇوڪرين جي چونڊ تان به جهيڙو ٿيو. ميهر، مک ملزم سردار خان جي سهڻي ڌيءَ وزيران سان لانئون لهڻ پئي چاهيون.
    وزيران جو بابا سردار خان ۽ ان سان گڏ اڪرام خان، اشرف خان ۽ عصمت الله خان گذريل تيرهن سالن کان جيل ۾ آهن، انهن تي ٻٽي قتل جي ڏوهه ۾ ڦاسي جي سزا آيل آهي. 1985ع کان اهي ميانوالي جيل ۾ آهن.
    قاتلن ۽ مقتولن جي گهرن جي وچ ۾ چار ڪئنال زمين تي ٽڪر آهي. اهو زمين جو ٽڪرو ئي تڪرار جو سبب بڻيل آهي. هاءِ ڙي زر – زن ۽ زمين! سردار خان ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ته ڇا مان پنهنجي پياري ڌيءَ جو سنڱ اسي سالن واري جهور پوڙهي کي ڏيڻ پسند ڪندس پر سچ پڇو ته مون کي پنهنجي جان جي پرواهه ڪانهي پر مان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي بچائڻ ٿي گهريو.
    توڻي جو هن معاملي ۾ سپريم ڪورٽ جي “پاڻمرادي” (Suo Moto) مداخلت ۽ وڏي پيماني تي پريس ۾ ڪوريج ملڻ سبب حڪومت ۽ انتظاميه مداخلت ڪئي آهي، پر پنچائت پنهنجي جاءِ تي اڃان قائم آهي ۽ بدليل صورتحال سبب پنچائت جي هڪ گڏجاڻي ڪالهه ٿيڻي هئي. جنهن جي فيصلن جو انتظار آهي. پنچائت ۾ ملن، مولوين کان سواءِ ٻيون جيڪي اهم شخصيتون شامل آهن، انهن ۾ نواب ڪالاباغ ملڪ اسد، هڪ اڳوڻو ميمبر نيشنل اسيمبلي سردار عبيدالله خان شادي خيل، هڪ اڳوڻو ميمبر نيشنل اسيمبلي تاج ڪند، هڪ اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ ميانوالي جون ٻيون اهم شخصيتون شامل آهن.
    نواب ڪالاباغ ملڪ اسد انساني حقن واري تنظيم جي ڪارڪنن کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته هو حڪومت جي ان فيصلي جي حق ۾ ناهي جنهن موجب شادي ڪرايل ڇوڪرين کان طلاق وٺرائي وئي ۽ کين واپس موٽايو ويو.
    هاڻي اچون ٿا ان واقعي جي شرعي ۽ قانوني پيچيدگين تي.
    پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ ۽ برک قانوندان جناب اعتزاز احسن پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته هڪ ارڙهن سالن جي ڇوڪري اسي سالن جي پوڙهي کي پرڻائڻ ازخود قانون جي مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن زنا جي جرم واري آرڊيننس 1979ع (حدود آرڊيننس) جي شق ڇهه جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته، “هڪ عورت سان، ان جي مرضي جي خلاف جنهن جو ساڻس قانوني ۽ جائز نڪاح ناهي، هم بستري ڪرڻ “زنا بالجبر” جي برابر آهي، جنهن جي سزا موت ٿي سگهي ٿي”.
    هن ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ پنچائتي فيصلي جي نه اسلام ۽ نه قانون ۾ ڪا حيثيت آهي. تنهنڪري هن ٺاهه خلاف حدود آرڊيننس جي شق ڇهه کي پوري طاقت سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    هن اڃان اڳتي هلي حدود آرڊينس جي شق يارنهن ۽ پندرنهن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڪنهن به عورت سان سندس مرضي خلاف نڪاح ڪرڻ جي سزا عمر قيد آهي. هن اڃان اڳتي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي چيپٽر A–25 موجب ڪنهن عورت جي مرضي خلاف هن سان زبردستي نڪاح ۽ هم بستري ڪرڻ هڪ سنگين جرم آهي.
    هن انتظاميا تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ڇا انتظاميا ۽ حڪومت ۾ ايتري همت آهي جو پنچائتي نظام کي تهس نهس ڪري ڏيکاري. صدر مشرف ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهي ته مان قانون جي حڪمراني بحال ڪندس. هي سندس لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي ته هو قانون جي حڪمراني بحال ڪري ڏيکاري.
    انساني حقن جي هڪ ٻي مرد مجاهد آئي – اي رحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق (1) 310 مطابق “بدل صلح” ۽ قصاص ۾ عورت جو هٿ نه ٿو ڏئي سگهجي. هن اڳتي هلي ٻڌايو ته هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ميانوالي ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ مطابق طئي ٿيل آهي ۽ نه ڪنهن پنچائتي جرڳي جو نتيجو آهي ۽ هتي پاڪستان جي رائج قانون کي جرڳي ۾ بدليو پيو وڃي.
    هن چيو ته “بدل صلح” ۾ عورت جو هٿ ڏيڻ قانون جي نظرن ۾ ناجائز آهي پر اهڙا کوڙ ڪيس روزانو اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا، جن ۾ عوامي حقن جي علمبردار حڪومتن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي.
    گذريل سال هڪ ڇهن سالن جي ڇوڪري جهرڪن ۾ هڪ جهور پوڙهي سان “بدل صلح” ۾ پرڻائي وئي. اخبارن ۾ ٻائيتال مچي ويو، پر حڪومت خاموش رهي.
    اسان ڏسون پيا ته مملڪت جي رائج قانون پاڪستان پينل ڪوڊ کان هٽي ڪري جيڪي راڄوڻي پنچائتي جرڳا ٿين ٿا جن ۾ ننڍي عمر جون عورتون پوڙهن سان پرڻائي ڏيڻ جا ٺاهه ٿين ٿا انهن ٺاهن ۾ وڏيرن سان گڏ اسيمبلي جا ميمبر ۽ هاڻي ناظم به ويهن ٿا. ملان مولوي به ويهن ٿا ته ڄڻ ته اهڙن غير انساني ۽ غير فطري ۽ عورتن جي عزت ۽ عصمت خلاف ڪارن فيصلن ۾ ڄڻ ته حڪومت جو اڻ سڌو هٿ آهي.
    ههڙا هاڃا ٿين – بُري هن ڀنڀور ۾.

    عوامي آواز ڪراچي- 29 جولاءِ 2002 ع


    • اليڪشن

    منهنجي هن ڪالم ڇپجڻ جي ڏينهن کان پوءِ ۽ اليڪشن واري ڏينهن جي وچ ۾ فقط ٻه ڏهاڙا باقي هوندا. اڄ جڏهن مان هي ڪالم لکي رهيو آهيان ته اليڪشن ۾ باقي ٽي ڏهاڙا وڃي بچيا آهن ۽ هن گهڙيءَ تائين گهر ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي پاران ڪو به ڪاغذ پٽ، اليڪشن منشور، اميدوارن جا نالا نشان، ووٽرن جي ووٽر لسٽن ۾ نالن جي نشان دهي. ڪو پوسٽر ڪجهه به نه گهر پهچايو ويو آهي. نه ئي اليڪشن ڪميشن پاران هدايتن جا ڪي پوسٽر ئي مليا آهن. اهڙي اليڪشن ڪڏهن نه ڏٺي سين جنهن ۾ سياسي پارٽين پاران ايتري قدر عدم دلچسپي جو اظهار ٿيو هجي جو ٽن ڏينهن کان پوءِ ملڪ ۾ اليڪشنون ٿي رهيون آهن ۽ هن وقت تائين ڪنهن به سياسي ڌر کان ڪو پوسٽر يا ڪا چٺي چپاٺي نه ملي هجي. اليڪشن ۾ ايتري قدر عدم دلچسپي يا جوش جذبي جي فقدان جا آخر ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ڇا ان جا ڪجهه سبب هن ريت ته ناهن؟!
    1. عام ماڻهوم توڻي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي ڌريون اڄ به هي سمجهي رهيون آهن ته ڪنهن به وقت، ڪو به سبب ڏئي اليڪشنون ملتوي ڪيون وينديون. پاڪستاني سياست به ائين آهي جيئن پاڪستاني فلمن ۾ هيرو اسٽيج تي موڙ ٻڌيون ويٺو هوندو آهي پاسي ۾ نڪاح خوان ۽ گهوٽ جا قريبي عزيز تيار ويٺا هوندا آهن ته پاسي کان هڪ بدمعاش شاميانو چيريون اچي پهچندو آهي سندس هٿ ۾ پستول هوندو آهي ۽ هو خونخوار انداز ۾ اعلان ڪندو آهي ته “يي شادي نهين هو سڪتي!” اهڙيءَ طرح ٺهڪيل ٺڪيل ڪم خراب ٿي ويندو آهي.
    2. اليڪشن ۾ جوش جذبي جي فقدان جو هڪ ٻيو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اليڪشن خير خوبي سان ٿي به ويون ته نتيجي ۾ اهڙي انڌي منڊي، لنگڙي لولي ۽ ڪمزور حڪومت ايندي جنهن جي هٿ وس ۾ ڪا به شيءِ نه هوندي ڀل ته جيئن موجوده سربراهه بار بار فرمائي رهيو آهي ته سمورا اختيار نئين وزير اعظم جي حوالي ڪيا ويندا پر ان تي ويساهه يا اعتماد ڪير ٿو ڪري؟! پاڪستان ۾ هر پڙهيل، توڻي اڻ پڙهيل ماڻهو چڱيءَ طرح اهو سمجهي ٿو ته طاقت جو رموٽ ڪنٽرول يا مائوس “خاڪين” جي هٿ ۾ هوندو ڇو ته هي خاڪي، اهي خاڪي ناهن جن لاءِ علامه اقبال چيو هو ته:
    “يه خاڪي اپني فطرت ۾ نه نوري هئي نه ناري هئي.”
    هي خاڪي نوري ناهن ته “ناري” ضرور آهن.
    3. ليگل فريم ورڪ آرڊر (LFO) ذريعي پاڪستان جي آئين ۾ ترميمون ڪري ان کي ايترو ته نستو ۽ ناقص ڪيو ويو آهي جو هر شيءِ جو اختيار صدر وٽ رهندو. ڄڻ ايترو ڪافي نه هو جو هن اهڙن اختيارن جو به فقرو رکيو آهي ته اڳتي هلي جڏهن به ۽ جيئن به صدر چاهي آئين ۾ تبديلي ڪرڻ جو مجاز رهندو! ڏيو منهن! سائين ان ڪري چوندا آهن ته شينهن جهنگل جو بادشاهه آهي وڻيس ته آنا لاهي وڻيس ته ٻچا ڏئي.! تازو لنڊن کان ٽيليفون رستي لاهور جي صحافين سان ڳالهائيندي عوامي ووٽ سان ٻه ڀيرا چونڊيل ۽ دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو انڪشاف ڪيو آهي ته اليڪشنون بي معنيٰ ٿي چڪيون آهن ڇو ته آءِ ايس آءِ تي اهو ڪم رکيو ويو آهي ته اهي اليڪشن جا نتيجا اهڙي نموني آڻين جيئن هڪ “لڙڪيل پارليامينٽ” وجود ۾ اچي جنهن ۾ اڳواڻي جو ڪردار “ڪنگز” پارٽي وٽ هجي.
    محترمه وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪي اميدوار چونڊجي اچڻا آهن اهي اڳ ۾ “نامزد” ٿي چڪا آهن جنهن سبب اليڪشن جو سمورو نظام مشڪوڪ ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت آزاد اليڪشن وارو اعتماد وڃائي چڪي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت نه ٿي چاهي ته پيپلز پارٽي يا اي آر ڊي جي ڪا به جماعت اليڪشن کٽي اچي جنهن جي نتيجي ۾ فوج کي بيرڪن ۾ وڃڻو پوي. غير ملڪي ذريعن پاران ڇپايل اليڪشن سروي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشنون پاڪستان پيپلز پارٽي کٽندي، هن چيو ته جيڪڏهن نتيجا ان جي ابتڙ آيا تڏهن چئبو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته توڻي جو آءِ ايس آءِ جو آئيني ڪردار اهو آهي ته اهي وطن دشمن عناصر ۽ تخربيڪاري جي نشاندهي ڪن پر اها ڳالهه عجيب آهي جو هتي آءِ ايس آءِ کي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي ڪم تي مامور ڪيو ويندو آهي ۽ سياسي پارٽيون ٺاهڻ يا ڦٽائڻ جو ڪم ڏنو ويندو آحي.
    محترمه جي چوڻ موجب مسلم ليگ (قائداعظم) جي تشڪيل ۾ آءِ ايس آءِ جو هٿ آهي. هينئر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته 1988ع واري اليڪشن ۾ عوامي جمهوري اتحاد يا ان جي تشڪيل ۾ به آءِ ايس آءِ جو هٿ هو. تنهن وقت به حڪومت جا اهي خدشا هئا ته چونڊون پيپلز پارٽي کٽي ويندي ان ڪري ساڄي ڌر جي جماعتن جو هڪ ٽولو ٺاهي ان کي ويٽو جو نالو ڏنو ويو. اهڙو انڪشاف خود ان وقت جو آءِ ايس آءِ جو ڊئريڪٽر جنرل حميد گل ٽيليويزن ۽ مختلف رسالن ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ڪري چڪو آهي. جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته حڪومت نه ٿي چاهيو ته پيپلز پارٽي ايڏي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي اچي. هن جنرل هيڊ ڪوارٽرس (GHQ) جي ان لکپڙهه جو حوالو به ڏنو هو. جيڪو اڄ به رڪارڊ ۾ هوندو. پنهنجي انٽرويو ۾ جنرل حميد گل ٻڌايو هو ته حڪومت چاهيو پئي ته يا ته اليڪشن بلڪل ٿئي ئي نه يا ٿئي ته پيپلز پارٽيءَ کي وڏي اڪثريت سان کٽڻ نه ڏنو وڃي ان ڳالهه جي تائيد اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اسلم بيگ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن ۾ هن ايتري تائين ٻڌايو آهي ته آءِ جي آءِ (نالو به آءِ ايس آءِ جي هم قافيه آهي) جي ڪهڙن ڪهڙن اڳواڻن کي هن پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪيترا ڪيترا پئسا ورهايا هيا. جنهن جون هن وٽ رسيدون به موجود آهن. انهن ناجائز ۽ غير اسلامي رشوت حاصل ڪندڙن سياسي ليڊرن ۾ اسلام جي نالي جماعتن جا “باريش” اهي اڳواڻ به موجود آهن جيڪي هاڻي روپ مٽائي نئين سياسي جماعت ٺاهي اسلام جا ٺيڪيدار بڻيا ٿا وتن. اِهي اُهي نام نهاد باشرع مولوي آهن جيڪي ڪالهه تائين هڪ ٻئي پٺيان نماز پڙهڻ جا روادار به نه هئا ۽ انهن منجهان هڪ اهڙو به آهي جيڪو مڪي مديني وڃي نه ٿو سگهي ڇو ته سعودي حڪومت پاران “ڀلي پار” سندس قدم رکڻ تي بندش وڌل آهي. سو اهي آهن اسان جي پُٺين حڪومتن جا پرڪار ۽ اهو تسلسل اڄ به جاري ۽ ساري آهي. اڄ به ايجنسيون کلم کلا “ڪنگز” پارٽي جي حمايت ڪري رهيون آهن.
    ملڪ جي مک سياسي جماعتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انهن جي اڳواڻن جا فارم رد ڪرڻ کان پوءِ ايجنسين جا ڇاڙتا پنهنجن اميدوارن سان کلم کلا ملي رهيا آهن ۽ سياسي جوڙ توڙ ۾ شريڪ ۽ شامل به آهن.
    وڏي عرصي کان پوءِ هن ملڪ ۾ ٻه جماعتون اڀري رهيون آهن هڪ پيپلز پارٽي، ٻي مسلم ليگ، پر ائين ٿيڻ ڇو ته “ٽين ڌر” کي منظور نه هو تنهنڪري ٽين ڌر پنهنجو “ڪردار” نڀائي رهي آهي.
    مون اڳ به پنهنجن ڪالمن ۾ لکيو آهي ته هن ملڪ جي اها وڏي بدقسمتي آهي جو جنهن ڌر لاءِ سياست “شجر ممنوعه” آهي اها ڌر ئي سڄي ملڪ جي سياست کي نچائي رهي آهي. اڳ فقط چيف آرمي اسٽاف سياسي حڪومتن جا تختا اونڌا ڪندو هئو هينئر اهو ڪم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪندي ۽ بجاءِ فوج کي مضبوط ڪرڻ جي انهن جي نگاهه سدائين وڏي ڪرسي تي هوندي.
    خدا منهنجي هن ملڪ ڏي خير ڪري. آمين


    • راشيل ڪوري- هڪ آمريڪن شهيد

    اڄ جڏهن سڄي دنيا جي ميڊيا جون نظرون عراق ۾ معصوم انسانيت جي وحشياڻي قتل تي مرڪوز آهن جتي عراق کي “جابر ۽ ظالم” صدام جي آمراڻي حڪومت کان “نجات” ڏيارڻ لاءِ “بش” ۽ بليئر جي صورت ۾ ٻه “مسيحا” هزارن، لکن بي ڏوهه معصوم ٻارن، پوڙهن عورتن، نينگرين جي بي گناهه قتل عام جي “ڪارخير” ۾ مصروف آهن اتي اڄ اچو ته انهي “وحشي بش” جي پنهنجي ديس بلڪه آمريڪا جي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن جي ٽيويهن سالن جي نوجوان اولمپيا جي ايورگرين ڪاليج جي شاگردياڻي ۽ انٽرنيشنل ساليڊرٽي موومينٽ جي سرگرم ڪارڪن، جيڪا وحشي يهودين هٿان “زندهه درگور” ٿي وئي. جنهن هڪ فلسطيني ڊاڪٽر جو گهر اسرائيلي يهودي بلڊوزر آڏو مسمار ٿيڻ نه پئي ڏنو ۽ جيڪا انساني ڍال طور گهر آڏو اڏول ٿي بيهي رهي. اهو واقعو 16 مارچ 2003ع جو آهي. فلسطين جي غزا واري پٽي ڀرسان هن دلير آمريڪن الهڙ نوجوان ۽ پرعزم غيرتمند ڇوڪري جنهن مسلمانن ۽ عيسائي يا ڪنهن مذهبي متڀيد کان گهڻو مٿاهون ۽ اعليٰ نظرياتي منزل تان بيهي فقط ۽ فقط انسانيت جي عظمت ۽ مرتبي کان من ۾ سموهي هوءُ يهودي بلڊوزر ڊرائيور جي سامهون بيهي، جيئن هوشو شهيد نعرو هنيو هو ته، “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” تنهن وانگي راشيل ڪوري به فلسطيني ڊاڪٽر جي گهر آڏو انساني ڍال ٿي بيهي رهي ۽ اعلان ڪيو ته “بلڊوزر ڀل منهنجي مٿان گهمي وڃي پر مان هي گهر ڊهڻ نه ڏيندس.” هن سوچيو هوندو ته آخر انسانيت ايتري به “اسفل سافلين” نه ٿي آهي. ايتري به کڏ جي تري ۾ نه ڪري پئي آهي. انسانيت ايتري تنگدل ذليل به نه ٿي آهي جو هڪ ٽيويهن سالن جي نوجوان نينگري جي “انگل” ۽ “لاڏ” کي بلڊوز ڪري ڇڏيندي پر ائين ٿيو. بلڊوزر ڊرائيور جي وحشي ۽ موتمار اکين جي وچ ۾ فقط مٿائنس وجهي کيس “زندهه درگور” ڪري هو اڳتي وڌيو ۽ فلسطيني ڊاڪٽر جو گهر به راشيل جيئن مسمار ڪري زير زمين ڪري ڇڏيائين اهو واقعو اسان جي اخبارن ۾ گهڻو ڇپيو پر آمريڪا ۾ خود، جتان جي راشيل ڪوري شهري هئي اتي جي ماڻهن کي هن واقعي جي يا ته خبرئي ڪانهي، يا خبر اٿن ته ان جو کين افسوس ڪونهي، بلڪ اتي ٽوڪ جي انداز ۾ ڪجهه خبرون ڇپيون ته آخر راشيل اتي ڇا پئي ڪيو ۽ ڪهڙي بي وقوف ڇوڪري هئي جنهن بلڊوزر جي سامهون بيهڻ جي حماقت ڪئي ۽ هن جو ڪهڙو واسطو هو يا کيس ڪهڙو سيڪ لڳو جو هلي هئي ڪنهن فلسطيني ڊاڪٽر جو گهر مسمار ٿيڻ کان بچائڻ وغيره. آمريڪا ۾ نه ڪنهن انساني حقوق ۽ نه ڪنهن عورتن جي حقوق واري تنظيم ان وحشياڻي قتل کي انساني اشو بڻايو آهي. مون اها خبر انٽرنيٽ تي پڙهي. ڏاڍي ڏکوئيندڙ، ۽ پيڙا مان لکيل هي خبر هئي انٽرنيٽ تي.
    قبضي ۾ ورتل فلسطين ۾ انساني زندگين جو قتل ته ڄڻ ڪنهن خبر جو عنوان ناهي. اهڙا قتل هاڻي روز جو معمول آهن. ٽڪي ڊزن، پوءِ اهي بي گناهه انسان بندوقن سان مرن، اپاچي هيليڪاپٽرن جي حملن ۾ مرن يا انهن کي اسپتالن تائين پهچڻ نه ڏنو وڃي ۽ اهي فوري طبي سهولت نه ملڻ سبب فوت ٿي وڃن. مطلب ته مختلف حربن ۽ طريقن سان لاتعداد ۽ اڻ ڳڻيا فلسطيني انسان، ٻار ٻچا مرد عورتون قتل ٿي چڪا آهن. پر ماضي قريب ۾ هڪ ٽيويهن سالن جي نوجوان آمريڪي ڇوڪري، راشيل ڪوري جو موت ميڊيا ۾ ڇانيل رهيو ۽ ڪيتريون ئي اکيون اشڪبار ٿيون. راشيل ڪوري انٽرنيشنل ساليڊرٽي موومينٽ جي سرگرم ڪارڪن هئي. جيڪا جنوري 2003 کان غزا جي پٽي ۾ آبزرور طور تي ڪم ڪري رهي هئي. جتي باقي دنيا ۾ راشيل ڪوري جي اهڙي غير انساني موت تي وڏي واويلا ٿي اتي اسرائيل ۽ آمريڪا ۾ يا ته ماٺ لڳي وئي يا پاڻ راشيل ۽ آءِ ايس ايم کي ان جو ذميوار چيو ويو. انساني حقوق جي علمبردارن بجاءِ جو راشيل ڪوري جي دليري ۽ شجاعت تي کيس ڪو داد ڏين، ان جي نالي تي ڪا ٽڪلي جاري ڪن. ان جي ڪا مورتي ٺاهي ڪنهن چوسول تي اسٽيچو آف لبرٽي وانگر لڳائي ڇڏين ويتر مٿانس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪيون ويون ڇو ته سندس دليري، جرات ۽ شجاعت جو ڪارنامو هڪ مسلمان فلسطيني ڊاڪٽر جي گهر کي مسمار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هو جنهن لاءِ ڀلا عيسائي ۽ يهودي لابي کيس داد ۽ خراج تحسين ڇو پيش ڪري؟.
    ويب سائيٽ ۾ راشيل ڪوري جو پنهنجي پيءُ ڏانهن آخري خط به ڇپيل آهي جيڪو ٻارنهين مارچ جو لکيل آهي (سورنهن مارچ تي راشيل کي شهيد ڪيو ويو).
    “بابا تون مون لاءِ گهڻو پريشان نه ٿجان. مون کي پاڻ رنج آهي ته اسان هتي گهڻو اثرائتا ثابت نه ٿيا آهيون. في الحال مان پاڻ کي ڪنهن خطري ۾ نه ٿي سمجهان. في الحال رفاهه ۾ ڪجهه ٺاپر آهي جو هن وقت حملن جو زور ڏکڻ طرف آهي. تڏهن به ڪڏهن بندوقن جا ڪي آواز ۽ ڪٿي گهر مسمار ڪرڻ جا هت به واقعا ٿين ٿا.
    باقي ڪا وڏي پيماني تي هت ڪا خونريزي نه ٿي آهي. پر مان اهو چئي نه ٿي سگهان ته عراق جي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هتان جي صورتحال ڪٿي وڃي بيهندي. مان توهان جي شڪر گذار آهيان جو توهان به جنگ جي خلاف پنهنجي تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. (هن مان خبر پوي ٿي ته راشيل جو خاندان باضمير خاندان هو) مان ڄاڻان ٿي ته اهو ڪم سولو ناهي خاص طور تي تڏهن، جڏهن توهان ڪهڙي جاءِ تي آهيو ۽ مان ڪهڙي جاءِ تي آهيان. اسان جو هڪ ساٿي روانو ٿي رهيو آهي.
    توهان کي اندازو هوندو ته اهڙين حالتن ۾ هڪ ساٿي کي خدا حافظ چوڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي ڇو ته “نه ڄاڻان ٻيهر، ڪير ملندو ڪنهن سين” ۽ پوءِ خط لکڻ کان فقط چار ڏينهن پوءِ راشيل ڪوري سان اهو واقعو پيش آيو. هوءَ اسان لاءِ انسانيت جي هڪ عظيم شهيد آمريڪي نوجوان خاتون بڻجي چڪي آهي. ان لاءِ سندس جنازي کي هڪ هزار فلسطينين وڏي مان ۽ مرتبي سان هڪ وڏي جلوس ۾ کنيو. اهو جلوس غزا جي گهٽين ۾ راشيل جو لاش کڻي هلندو رهيو ۽ سندن چهرا اداس ۽ اکيون پرنم هيون سندس علامتي ڪفن هڪ اسٽريچر تي کنيو ويو هو جنهن کي آمريڪي جهنڊي سان ويڙهيو ويو هو هن وقت غزا ۾ فلسطين ۾ شهيد راشيل ڪوري جا هزارين پوسٽر لڳل آهن هو ننڍي عمر ۾ انسانيت جي عظمت جو اهڃاڻ بڻجي وئي آهي.
    هوءُ مذهب، ملت ۽ زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان مٿي فقط انسانيت جي عظمت جي شهيد آهي. راشيل ڪوري جو مرتبو هن وقت يزيد جي ساٿاري انهن عرب سلطانن کان ڪيترا ڀيرا اهم ۽ مان ڀريو آهي جن پنهنجا تخت ۽ تاج بچائڻ لاءِ پنهنجي سرزمين بش ۽ بليئر جي بلي ڪري ڇڏي آهي ته اتان هنن جا جهاز ۽ قاتل فضا ۾ بلند ٿي بي ڏوهه ۽ بي گناهه عراقين کي قتل ڪن ٿا ۽ انهن جي نياڻين جون عصمتون لٽين ٿا.
    راشيل ڪوري بيشڪ تون اسان لاءِ انهن نام نهاد مسلمانن کان وڌيڪ آبرو ۽ عزت واري آهين اسان تو کي بيهي سلام ڪريون ٿا ۽ تو کي شاهه جي ان بيت سان ياد ڪريون ٿا:
    لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، امڙ پل م مون
    سڀ رنڱيديس رت سين، ڪيچان اوري ڀون
    مادر مٿان مون ڪانگ لوندا ڪڏهن


    عوامي آواز ڪراچي- اڱارو 8 اپريل 2003 ع


    • عدالتي فيصلي جو هڪ ٻيو رخ

    اين آر او خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي هر هنڌ وڏي واکاڻ ٿي رهي آهي ڪالهه جي انگريزي اخبارن ڊان ۾ ڇهه خط ڇپيا آهن. سڀ جا سڀ ان عدالتي فيصلي جي تعريف ۾ آهن. پر ساڳي اخبار ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن ۽ انساني حقوق جي بيباڪ پرچارڪ عاصمه جهانگير جو مٿئين عنوان سان هڪ ليک ڇپيو آهي جيڪو سڀني تاڙين وڄائيندڙ خوشامندڙين کان گهڻو مختلف ۽ حقيقت پسندي تي ٻڌل آهي. مان چاهيان ٿو اهو ليک توهان تائين جيئن جو تيئن پهچايان ته جيئن توهان کي عدالتي فيصلي جي نئين رخ جو اندازو به ٿي سگهي. ڊاڪٽر مبشر ۽ ٻين پاران وفاق خلاف اين آر او بابت داخل ڪيل ڪيس ۽ ان جي نتيجي ۾ عدالتي فيصلي ککر ۾ کڙو هنيو آهي، عدالتي فيصلي جون وڏيون واکاڻون ٿي رهيون آهن ته ان فيصلي جي نتيجي ۾ راشي ۽ ڏوهاري قانون جي گرفت کان نه بچي سگهندا ۽ صدر جي استعيفيٰ جو به چوٻول رهيو آهي.
    پر عدالتي فيصلي جي مجرمن تي سنجيدگي سان ڪوبه غور نه ٿو ڪري، ان جي مثبت ۽ منفي پهلوئن جي ايمانداري سان ڇنڊ ڇاڻ جي وڏي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪنهن به حالت ۾ اين آر او جي فائدي ۾ نه ٿو ڳالهائي سگهجي پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي سياسي محرڪات تي ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي عوام کي “لُڙ ۾ مزو” ضرور ايندو. عوام کي انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ سان ايتري دلچسپي نه هوندي آهي. راشين ۽ ڏوهارين جي ڪيتري قدر تذليل ٿيندي ۽ انهن تي “هوڙيو هوڙيو” ڪرڻ ۽ ڏسڻ ۾ ماڻهن کي وڌيڪ مزو ايندو انهن کي انهي سان ڪابه دلچسپي ناهي ته ادارا مضبوط ٿين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ٿئي.
    انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مذهب ۽ سياست جي آڙ ۾ رشوت ۽ دهشتگردي ٿي رهي آهي. مذهبي انتهاپسندي غير منطقي ۽ غير اخلاقي حد تائين وڌي وئي آهي جنهنجي نتيجي ۾ تمام گهڻيون انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ان بيماري جو علاج ضروري آهي پر تحمل ۽ بردباري سان، قانون، آئيني ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهندي.
    ان حساب سان عدالتي فيصلي جا ڪجهه پاسا مثبت ناهن. وڪيلن جي تحريڪ توڙي عدليه خود پاڻ به ان ڳالهه تي تنقيد ڪندي رهي آهي ته عدليه، انتظاميه ۽ پارليامينٽ جي اختيارين ۾ وچ وارن تقاضائن جي پورائي نه پئي ڪئي وڃي.
    آين آر او خلاف عدالتي فيصلي ۾ ان ورڇ واري اصول جو خيال نه رکيو ويو آهي. عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ توازن خراب ٿي ويو آهي ۽ عدليه پنهنجي حدن کي اورانگهيو آهي. عدليه پنهنجي ڌاڪي ڄمائڻ خاطر ان توازن کي بگاڙي وڌو آهي.
    هڪ ڊڪٽيٽر- آمر ۽ جابر جي دور ۾ پارليامينٽ جي نمائندن مٿان جيڪا تلوار لڙڪائي وئي هئي. موجوده عدالتي فيصلي ان تلوار لڙڪڻ واري آمر پاران مڙهيل آئيني نقطن جي پاسداري ڪئي آهي. ان فيصلي “گذري ويل ماضي جي معاملن” کي مرضي مطابق چونڊ ڪري اڪلايو آهي.
    اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته موجوده سپريم ڪورٽ چوي ته ان جي اڳوڻي عدالتي فيصلي جنهن ۾ آين آر او سميت مختلف آرڊيننس کي ۽ مشرف واري ايمرجنسي کي پارليامينٽ کان پاس ڪرائي قانون جي شڪل ڏني وئي. اهي عدالتي فيصلا نه فقط غلط هئا. پر عدالت انهن فيصلن ۾ پنهنجيون حدون اورانگهيون هيون.
    اين آر او واري عدالتي فيصلي مطابق اهو آئين جي آرٽيڪل 62 (ف) جي خلاف آهي جنهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو ميمبر، اعليٰ ڪردار جو مالڪ، سمجهدار، ايماندار، خداترس ۽ امين هجڻ گهرجي. اهڙي طرح بدنام زمانا، بدڪردار ضياءِ واري حڪومت پاران گهڙيل ان آئيني نقطي مطابق هاڻي عدالت پارليامينٽ جي نمائندن کي پرکيندي!!! آئين جي ان ضيائي ترميم جو مقصد پارليامينٽ جي ميمبرن کي سدائين خوف واري حالت ۾ رکڻ آهي ۽ غير جمهوري آهي.
    جيڪڏهن پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ۽ چونڊون وڙهڻ لاءِ اهڙي اعليٰ صفت ۽ ڪردار واري ضيائي ترميم مان گذرڻو آهي ته پوءِ ججن جي چونڊ ته اڃا به اتم ۽ اعليٰ ڪردار جي ٿيڻ گهرجي. بهرحال ججن کي ته هونئن به پنهنجي اعليٰ ظرف ۽ ايمانداري ۽ ڪردار تي ئي اهو مقام ڏنو ويندو آهي. جن ججن ماضيءَ ۾ غلطيون ڪيون تن پنهنجي ايندڙ وقت ۾ ترميم ڪرڻ ۽ اڳتي لاءِ صحيح ٿي هلڻ جي واعدن ۽ وچنن تي پنهنجو ڪم ٽپائي ويا. ڇا ايتري رعايت يا گنجائش جا ٻيا ڪي حقدار ناهن، ته اهي به پنهنجيون ماضيءَ جون غلطيون ٺيڪ ڪري هڪ نئين زندگي جو آغاز ڪن، اهو فيصلو ڪير ڪندو؟
    ڇا مبشر حسين يا اين آر او جا ٻيا ڪيس داخل ڪندڙ آئين جي آرٽيڪل 62 واري امتحان ۾ پاس ٿي ويندا؟! ته هينئر ٻيو سوال اهو ٿو اٿي ته شيشي جي گهرن ۾ رهڻ وارا ٻين تي پٿر اڇلائڻ جا حقدار آهن؟ اڃا عدالتي فيصلي تي گهڻيون ڳالهيون آهن. انهي “سپروائيزري” ڪردار بجاءِ “مانيٽرنگ” وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    هندستان ۾، گجرات واري خونريزي ۾ سپريم ڪورٽ سڌي سنئي مداخلت ڪئي هئي پر سپروائيزري ڪورٽ ۾ مانيٽرنگ سيل ڪو نه کُليا هئا. ڇا سپريم ڪورٽ جو اهو ڪم آهي ته بدنام نيب آرڊيننس کي جائز قرار ڏئي ته ان جي پنهنجي پسند جا ماڻهو رکي ٻيهر جوڙجڪ ڪن؟!
    اهو سچ آهي ته عوام کي عدالتن تي اعتماد آهي پر ان سان عدالتن کي اهو حق نه ٿو ملي ته اهي انتظاميه يا پارليامينٽ جي حدن ۾ ٽپي پون يا پنهنجون حدون اورانگهين. ائين ٿيندو رهيو ته عوام جو عدالتن تان اعتماد کڄي ويندو. انهي فيصلي جا ڏور رس نتيجا اگرا ٿي سگهن ٿا. اهڙن فيصلن کي جيڪڏهن اٻهرائپ ۽ تڪڙ ۾ تعميل ڪيو ويندو ته پوءِ اڄ جا ظالم سڀاڻي جا مظلوم تصور ڪيا ويندا تنهنڪري ڀلائي انهي ۾ آهي ته هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ۽ واهه واهه ڪري حدون نه اورانگهيون وڃن.
    عاصمه جهانگير جا حواله پورا ٿيا، سندس ڳالهين مان الائي ڇو فيض احمد فيض جو هي بيت ذهن تي تري آيو.


    بنين هين اهل حوس- مدعي ڀي منصف ڀي
    ڪسي وڪيل ڪرين- ڪس سي منصفي چاهين


    يا وري ڀٽائيءَ جو هي بيت:
    جئه سي لوڙائو ٿيا- جنين سندي ڌير
    ماروئڙا فقير- ڪنهن در ڏيندا دانهڙي

    اچو ته ساڳي تاريخ جي ڊان ۾ عرفان حسين جا خيال ٻڌون:
    ماضي ۾ ڪورٽ جي فيصلن ملڪ جي مستقبل تي منفي اثر ڇڏيا آهن. تاريخ ڪورٽ جي هاڻوڪي فيصلي کي ڪيئن ڏسندي؟ ڇا اين آر او ختم ٿيڻ سان پاڪستان ۾ رشوت جون پاڙون پٽجي وينديون. اين آر او خلاف عدالتي فيصلي تي ٿيندڙ شادمانن ۽ ڌمالن مان ائين ٿو لڳي ڄڻ ته پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا. ۽ هاڻي سنهري دور جي شروعات ٿيڻ واري آهي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي واري وڪيلن جي تحريڪ دوران نواز شريف هڪ ٽيليوزن تي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: “جب چيف جسٽس صاحب واپس اپني عهدي پي لگ جائينگي تو مين خدا ڪي قسم کاتاهون ڪي پاڪستان ڪي ساري مسائل حل هو جائينگي.”
    چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪافي مهينن کان بحال ٿي چڪو آهي ڪو نواز شريف کي پنهنجو “خدا جو قسم” ياد ڏياري پڇي ته ڇا پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا؟ لوڊشيڊنگ هلي پئي، قيمتون چڙهن پيون، جهادين جي موتمار ڪاروائين ۾ تيزي اچي وئي آهي. ته پوءِ هن فيصلي ۾ ڪنهن کٽيو ڪنهن هارايو؟ نيب جي لسٽ ۾ شامل اٺ هزار ماڻهن جا ڪيس وري کلندا. اهي ڪيس جن جو ويهن سالن تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. پ پ پ جي حڪومت ۽ آصف علي زرداري کي وري نئين سر انهن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو.
    ايم ڪيو ايم جنهن اين آر او مان وڌ ۾ وڌ فائدا ورتا ان پارٽي کي گهڻو سيڪ نه ايندو ڇو ته ان جو اڳواڻ برطانيه جو شهري آهي ۽ لنڊن ۾ سڪون سان ويٺو آهي. پارٽي جا ٻيا سڀ عهديدار لچڪدار آهن. هر ڪو سمجهي ٿو ته اين آر او کان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪندڙ پارٽي اين آر او جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ان مان اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته ان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه آهي يا ڊيل ٿي آهي. في الحال نواز شريف ڏاڍو خوش نظر اچي رهيو آهي ۽ شايد هن کي اهو نظر نه اچي رهيو آهي ته جمهوري نظام درهم برهم ٿيڻ سان سندس خوشيون سندس گهڻو ساٿ نه ڏينديون. ڪجهه به ٿئي هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان جي قانوندانن کي ڊگهي عرصي لاءِ وافر روزگار مهيا ٿيندو. هزارن ماڻهن کي گرفتاري کان اڳ ضمانتون ڪرائڻيون پونديون ۽ بعد ۾ سالن جا سال ڪيس لڙڻا پوندا. وڪيلن کي وڏو ڪم ملي ويندو ۽ لانگ مارچن وارا ٿڪ لهي ويندا.
    پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته جيڪي ڪيس ويهن سالن تائين ڪورٽن ۾ فيصلن جا منتظر هئا انهن جا هاڻي تڪڙا فيصلا ڪهڙي اصول تي ٿيندا.
    جن کي ذيلي ڪورٽن جو تجربو آهي اهي انهي ڳالهه جا شاهد آهن ته عدالتي سسٽم ۾ ڪيتريون خرابيون آهن، ايترو ته بيڪ لاگ آهي جو سالن جا سال ڪيسن جو وارو ئي نه ٿو اچي. ڪورٽن ۾ خود رشوت هلي ٿي. ته هاڻي اتي تڪڙن فيصلن ٿيڻ جي ڇو اميد ڪجي؟ اسٽيبلشمينٽ کي ٻين پارٽين کان وڌيڪ هر وقت پ پ پ منجهان خطرو هوندو آهي انڪري نيب جي ڪيسن ۾ اڪثريت پيپلز پارٽي وارن جي آهي. نواز شريف نه فقط ڦاسي گهاٽ کان بچي ويو پر هن سعودي عرب ۾ آرام سان ڪجهه سال گذاريا. اسان اهو نه ٿا چئون ته راشي ماڻهن کان پڇاڻو نه ٿئي. اسان اهو چاهيون ٿا ته اهي ڪاروائيون انصاف ۽ هڪ جهڙائي تي ٻڌل هجن ۽ ڏوهاري جي پارٽين جي بنياد تي چونڊ نه ڪئي وڃي.
    نيب جي لسٽ ۾ وڏي اڪثريت جو تعلق سنڌ سان آهي. ڇا اسان اهو پڇي سگهون ٿا ته پنجاب جي هيڏي وڏي صوبي ۾ سڀ ايماندار ۽ ديانتدار رهن ٿا؟ يا پ پ پ سان تعلق رکندڙ سنڌي اڳواڻن کي ٻيهر نشانو بڻايو پيو وڃي؟ هن وقت جڏهن پاڪستاني فوج فاٽا ۾ پاڪستان جي دشمنن سان مهاڏو ڏئي رهي آهي تڏهن حڪومت کي باقي ڪم سڪون سان ڪرڻ ڏنا وڃن.
    اڃا وقت آهي جو اسان هڪ خطرناڪ موڙ تي پهچڻ کان اڳ سوچيون. نواز شريف کي سوچڻ گهرجي، سمجهڻ گهرجي ۽ وڏي واڪي چوڻ گهرجي ته هو پ پ پ سان گڏ آهي ۽ جمهوري نظام کي درهم برهم ٿين کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٻي صورت ۾ مارشل لا ۽ فوجي حڪومتن جو انتظار ڪريو.

    عوامي آواز ڪراچي- 20 ڊسمبر2009 ع


    • زالن جي هڙتال

    اسان جي ڳوٺ جو هڪ مشڪرو (مسخرو) چرچن ۾ چوندو هو ته “جڏهن کان بابو مئو آهي تڏهن کان منهنجو موت تان ارواح ئي کڄي ويو آهي.” سو سائين پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۽ ان جي روايتن کي ڏسي پاڪستاني سياست تان به عوام جو “ارواح کڄي ويو آهي.” هتي جي عوام هميشه اليڪشن ۾ صحيح فيصلو ڏنو آهي پر “مالڪن” کي اها ڳالهه نه پئي وڻي آهي. تنهنڪري هميشه عوام جي عام ووٽ سان چونڊيل حڪومتن جا تختا ڪڍيا پئي ويا آهن.
    عوامي چونڊيل نمائندن سان “مالڪن” ڪڏهن به سچائي نه ڏيکاري آهي ۽ انهن ڪي نه ڪي الزام هڻي هتي سدائين جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو آهي. ضياءَ واري ريفرينڊم کان تازي ٿيل ريفرينڊم تائين اهو سڀ ڇا هو؟ ڇا مون کي ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي؟ تازو گذري ويل عام چونڊن ۾ جتي جنهنجو زور هليو اتي هن ڌانڌليون ڪرايون، ان جو هروڀرو مان حڪومت تي ڌانڌلي جو الزام ڪونه ٿو هڻان پر توهان ئي ٻڌايو ته جيڪڏهن پولنگ بوٿ تان ايجنٽ اغوا ٿيڻ ۽ بيلٽ بڪس زبردستي کڻائي ڪوڙن ووٽن سان ڀريا وڃن ته ان جو ڏوهه ڪنهن کي ڏبو؟ عوام کي نه! ووٽر کي نه! اميدوار کي نه! لا اينڊ آرڊر جي ذميوار حڪومت هوندي آهي.
    خير جيڪو ٿيو سو گذريو. هينئر وزير اعظم جي ڪرسي بابت جيڪو “گند” ٿي رهيو آهي ان ته ويتر رهندو کهندو به سياست تان ارواح کڻائي ڇڏيو آهي ۽ هيانءُ ڪچو پيو ٿئي. مون کي خبر آهي ۽ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هن ڀيري وزيراعظم جيڪو ٿيندو سو ڪيترو قداور ۽ طاقتور هوندو! توهان به سمجهي سگهو ٿا. ته معروضي حالتن ۾ وزير اعظم جي هٿ ۾ ڇا هوندو!
    ڪنهن مستري جي ورڪشاپ ۾ ڪڏهن وڃو ته وڏو استاد پنهنجي “ڇوٽن” کي پري کان رڙ ڪري چوندو آهي “ڇوٽي دس نمبر ڪا پانا لي ڪر آئو!” پوءِ ڇوٽو ڀڄندو ڀڄندو “دس نمبر” وارو پانو کڻي اچي استاد جي هٿ ۾ ڏيندو آهي جي پاني کڻي اچڻ ۾ ڇوٽي کي ٿوري دير ٿي ته دڙڪا کائيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن چماٽ به کائيندو آهي. سو سائين هن ڀيري ٿيندڙ وزير اعظم جي حيثيت به ان “ڇوٽي” کان وڌيڪ نه هوندي پر حالت ته ڏسو ته ان “ڇوٽي” واري پوسٽ لاءِ به ماڻهن زور ته ڪيڏو لڳايو آ. ٻيو ته ٺهيو پر الله وارا مولوي به جهلجڻ جا ناهن. جن کي سموري زندگي اسان ڪڏهن کلندي يا مرڪندي نه ڏٺو هو تن جي چهرن تان هاڻي مرڪ لهي ئي نه ٿي.
    دراصل مان ڪاڏهون جو ڪاڏي هليو ويس. مون کي اڄ لکڻو هڪ بنهه ٻئي موضوع تي هو ڇو ته سياست تي مون گهڻو ئي لکيو آهي. ڏيهي توڻي پرڏيهي سياست تي گهڻي مٿي ماري ڪئي اٿم. تنهنڪري وري ڪجهه رخ مٽائڻ خاطر اڄ ڪا ٻي ڳالهه ڪبي ۽ اها ڳالهه آهي عورتن جي حقوق جي باري ۾. هي ڪالم اهي عورتون خاص طرح پڙهن جن جي مڙسن کي هڪ کان وڌيڪ زالون آهن.
    خبر آئي آهي ته اتر آفريڪا جي هڪ ننڍي ملڪ، سسئازيلينڊ جي شهزادي شهنشاهه مسواتي ٽئين جي نَون زالن گڏيل طور تي هڙتال ڪئي آهي ۽ حڪومت جي زور ڀرڻ تي به انهن پنهنجي مڙسن جي آجيان لاءِ هوائي اڏي تي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪو قطر جو سرڪاري دورو ڪري واپس اچي رهيو هو.
    نون ئي زالن جو چوڻ هو ته سندن چوٽيهن سالن جي مڙس شهنشاهه مسوراتي وري ٽي نيون زالون محل ۾ آنديون آهن جن ۾ هڪ اسڪول ۾ پڙهندڙ ڇوڪري به شامل آهي.
    هڙتال کان هڪ ڏينهن اڳ ملڪ جي سپريم ڪورٽ “حبس بيجا” جي هڪ درخواست تي هڪ فيصلو ڏنو هو جنهن مطابق شهنشاهه جي حڪم تي سندس ڪارندن پاران ارڙهن سالن جي هڪ ڇوڪري کي زوري کڻي اچي ڪوٽ ۾ بند ڪيو ويو هو. ڪورٽ ان ڇوڪري جي آزاديءَ جو حڪم ڏنو هو. دراصل ان کان ٽي هفتا اڳ ۾ سندس زالون گڏيل طور تي فيصلو ڪري پنهنجي مڙس جي آجيان کان غائب رهيون. جڏهن هو انگولا مان ڪانفرنس ڪري موٽيو هو. زالن جي گوهين ۽ گوٿ تان گورنر کان سخت پڇاڻو به ٿيو ته هڪ اڌ زال ڪا ماڻو ڪري نه اچي ها ته سمجهه ۾ ڳالهه اچي ها پر نون جون نو زالون هڪ ئي وقت ايڏو ايڪو ڪري ڪيئن غائب ٿيون. بادشاهه سلامت جڏهن بادشاهي وڳي سان جهاز مان لٿو ته سندس اکيون راڻين کي تلاش ڪري رهيون هيون.
    پر هن جي دل ٻڏي وئي جڏهن هن ڀريل جهان ۾ نون منجهان ڪا هڪ به راڻي ايئرپورٽ تي موجود ڪا نه ڏٺي. خبرن ۾ آيو آهي ته گورنر ۽ ٻي سرڪاري مشينري راڻين سان ڏاڍو مٿو هنيو آهي ته اهي راڻيون آهن ۽ سرڪاري فنڪشن ۾ سندن جلوه افروز هئڻ ضروري آهي نه ته بادشاهت ۾ خلل پوڻ جو امڪان آهي پر هنن صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته بادشاهه سلامت کي پنهنجين خانداني راڻين کان وڌيڪ اسڪولي ڇوڪرين سان عشق آهي.
    جنهن ڪورٽ ارڙهن سالن جي ڇوڪري جي آزادي جو حڪم ڏنو هو ٻڌو آهي ته ان ڪورٽ تي به عتاب نازل ٿيو آهي ۽ اخبارن جي اها خبر ڇاپي آهي اهي صحافي به ويل ۾ آهن.
    مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن نو زالون به هڪ بادشاهه جي رنگين ۽ عاشق مزاج طبيعت خلاف آمريڪا جهڙي پٺتي پيل علائقي جي هڪ ننڍي بادشاهت خلاف گڏجي ايڪو ڪري هڙتال يا احتجاج ڪري سگهن ٿيون ته پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ عوام منجهه ڇا نون زالن جيتري مزاحمتي قوت به ناهي؟ اسان ته هاڻي چوڙين پائڻ وارن جي شان کان به ڪري چڪا آهيون! اسان زالن جون به زالون بڻجي چڪا آهيون. مردانگي ۽ طبعي مردانگي جي تغاوت تي غور ڪريو.

    عوامي آواز ڪراچي- 19 آڪٽوبر2002 ع


    • دهلي ناهي دور

    (1)
    جڏهن کان مون هندستان جي برک صحافي، ليکڪ ۽ دانشور خشونت سنگهه جو انگريزيءَ ۾ لکيل ناول “ دهلي” پڙهيو هو، تڏهن کان دل پئي سٽون ڏيندي هئي ته اهو شهر ضرور ڏسجي، جنهن لاءِ خشونت سنگهه جهڙي اهم شخصيت ڏهه سال لڳائي اهو ڪتاب لکيو هو. ائين ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ هوس ته ڪو اهڙو وجهه ملي ته دهليءَ مان گهُت هڻي اچان.
    دهلي يا هندستان گهمڻ جي ڳالهه ئي ٻي آهي، نه ته دنيا جو ڪهڙو ملڪ هوندو جيڪو مون گهمي نه ڏٺو آهي. آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، سئٽزرلينڊ، سريلنڪا، مالديپ، دبئي، سنگاپور، آسٽريليا، ملائشيا، انڊونيشيا، ترڪي، آذربائيجان گهمي چڪو آهيان پر بقول هڪ اردو شاعر جي ته؛
    هم جس پر مر رهي هين وه هي بات هي ڪچهه اور
    عالم مين تجهه سي لاڪهه سهي، تو مگر ڪهان.

    سو سائين هندستان ۾ پنهنجي سنڌي ڀائرن سان ملڻ ۽ خوش ٿي کلڻ، هڪ ٻيو جهان آهي پر ائين پئي لڳو ته “ هنوز دلي دوراست”. اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ ڀٽ ڌڻي سُر سارنگ ۾ هڪ موج ۽ مستي ڀري بيت ۾ جيڪو شايد رسالي جو سڀ کان ڊگهو بيت آهي تنهن ۾ هندستان، افغانستان ۽ ترڪي جي ڪجهه شهرن سان گڏ سنڌ کي دُعا ڪئي آهي. ڀٽائي جن شهرن جا نالا کنيا آهن انهن ۾ دهلي جو نالو پڻ شامل آهي.
    سنڌ منهنجي مٺڙي ماتر ڀومي جتان اسان جا ڪجهه ڀائر لڏي هندستان هليا ويا، سوچيان ٿو، منهنجا ته پوءِ به پير پنهنجي ڌرتي تي کُتل آهن پر منهنجا اهي ڀائر جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هتان روئي موڪلائي ويا هئا. سي اڄ به پنهنجي جنم ڀومي لاءِ تڙپي رهيا آهن، روئي رهيا آهن. ڀٽائي جو هي بيت سندن ڪيفيت جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو .


    ڌاريائين ڌار، جي وڍي وڻ جُدا ڪيا،
    تن سُڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير ۾ ؟

    جڙيا آهن، سُکيا آهن، واپاري، ڪاروباري ۽ پئسي وارا آهن، پر پئسو مال خريد ڪري سگهي ٿو، خوشيءَ ۽ کِل، مٽيءَ جي کٿوري ۽ خوشبو ۽ سنڌ جي چونڪن ۽ چونرن يا ڦليلي جي ڪپ تي گهاريل ننڍپڻ جا ڏينهڙا ته نه ٿو موٽائي سگهي، منهنجو قلم ڪجهه ڏُکارو ٿي رهيو آهي سو گهڙي پل لاءِ خيال مَٽ خاطر ڀِٽائيءَ جو اهو بيت ورجائجي، جنهن ۾ دهلي جو نالو آيل آهي.

    موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار،
    وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
    ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مُڻيون مغرب پار،
    ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندن سار،
    ڪي رمي ويون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
    ڪي”دلي” ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
    ڪنهن جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
    ڪنهن ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿانهين ڌار،
    ڪنهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
    سائنم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.


    دهلي، مغل شهنشاهه شاهجهان جو اڏيل شهر چئجي ته غلط نه ٿيندو. اڄ به لعل قلعي، بادشاهي مسجد، قطب مينار ۽ ڪيترين ئي اوائلي عمارتن کي ڏسي عجب ۽ اچرج وڪوڙيو وڃي ته ان وقت فن تعمير ڪيڏي عروج تي هو. سنگِ مرمر ۽ قيمتي پٿرن سان اڏيل اهي عمارتون اڄ به مغل شهنشاهن جي جاهه و جلال ۽ سندن ذهني آسودگي جو ثبوت بڻيل آهن پر جتي شاهي طمطراق جا نشان موجود آهن، اتي غربت ۽ افلاس به ڪر کنيو بيٺي آهي. دهلي ۾ اڄ به عمر رسيده ۽ ڪمزور انسان ٻن ڦيٿن وارو سائيڪل رڪشه هلائي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرين ٿا. انهن جي پويان ٽي ٽي سواريون ويٺيون آهن. اهو نظارو ئي انسان ذات جي تذليل آهي. شايد ان لاءِ ساحر لڌيانوي تاج محل وارو نظم لکيو هو، جنهن جون آخري سٽون هن ريت آهن.

    بي منقش در و ديوار يي محراب يي تاڪ،
    اڪ شهنشاهه نين، دولت ڪا سهارا ليڪر،
    هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مذاق،
    ميري محبوب ڪهين اور ملاڪر مجهه سي.

    سو بهرحال ان رنگارنگ ۽ امير غريب دهلي کي ڏسڻ ۽ پسڻ جو شوق سدائين پيو رهندو هو.
    هونئن ته هندستان کان ڪجهه اديب دوست ايندا ويندا رهن ٿا جن ۾ هري موٽواڻي ( ڪونج وارو) لڇمڻ ڪومل، هيرو ٺڪر ايندا ويندا رهن ٿا. پوئين ڀيري انهن ۾ نند جويري به شامل هو هري موٽواڻي ۽ ريٽا شهاڻي کي اڳ به سنڌي ادبي سنگت ڪراچي آجياڻا ڏئي چڪي آهي پر چند مهينا اڳ جڏهن هڪ وڏي وفد سان گڏ هندستان مان پيارا ۽ پنهنجا اديب آيا هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي، هندو جيم خاني ۾ انهن جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو هو ۽ هڪ عاليشان مشاعرو پڻ ڪرايو هيو، جنهن ۾ هندستان کان آيل اديبن کي گلن جون ورکائون ۽ اجرڪ جون سوکڙيون ڏنيون ويون هيون. ان مشاعري جي ڪمپئرنگ به مون ڪئي.
    سو جئين جئين هندستاني اديبن سان واقفيت وڌندي پئي وئي، تئين اها اڻ تڻ به وڌندي رهي ته شال اهڙو ڏينهن اچي جو دهلي جو درشن ٿئي. حقيقت اها آهي ته اڳ هندستان وڃڻ جا موقعا ملي چڪا آهن ۽ سنڌي سميلن جو دعوتون ملنديون پئي رهيون آهن، جنهن ۾ منهنجا ٻه جگري يار، شمشير حيدري ۽ تاجل بيوس، هندستان ياترا ڪري آيا آهن پر دراصل منهنجو ڪيس ڪجهه مختلف ۽ ڏکيو آهي. اهو هئين جو مان پي آءِ اي ۾ ڪم ڪريان ٿو جيا وري وزارت دفاع جي ماتحت آهي. يعني مونکي هندستان وڃڻ لاءِ اين او سي جي ضرورت پوندي. جنهن لاءِ مان لکان پي آءِ اي کي، پي آءِ اي لکي منسٽري آف ڊفينس کي، منسٽري آف ڊفينس لکي منسٽري آف انٽيريئر کي، وري جانچون ٿين، تفتيشون ٿين، تنهن کا پوءِ به اين او سي ملڻ يا نصيب....!
    سو ماضي ۾ ان عذاب کان بچڻ لاءِ مون هندستان وڃڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو هو، پر هينئر جيئن ته مشرف واجپائي جي حڪومتن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ناتن ۾ ڪافي گرم جوشي ۽ ويجهڙائي اچي چڪي آهي ۽ اديبن ۽ فنڪارن جي وفدن جي اچ وڃ عام ٿي پئي آهي ان ڪري مون به سوچيو ته هي صحيح موقعو آهي هندستان ياترا جو.
    تازو لاهور ۾ پنجابي زبان بابت وڏي پئماني تي ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ هندستاني پنجاب جو وڏو وزير پنهنجن ٻن وزيرن سميت لاهور پهتو هو. جتي وڏا اهتمام ٿيا هئا. هندستاني پنجاب واري “مکيو منتري” کي قيمتي گهوڙن جا تحفا ڏنا ويا ۽ وڏا مان ماڻيائون. توڙي جو پنجابي ڪانفرنس ۾ ٻولي ۽ ادب سان گڏ ڪجهه سياسي پڙاڏو شامل ٿي ويو هو پر تاڙين جي ڦهڪن ۽ ڀنگڙن جي ناچ ۾ سياسي ڳالهيون رفع دفع ٿي ويون. وري جو مٿان آئي ڪرڪيٽ تنهن ته دلين تان دونهان ئي ڌوئي ڇڏيا. هندستاني هزارن جي تعداد ۾ سرحد اورانگهي جڏهن لاهور پهتا ته “لاهور نئين ويکيا تي جميا ئي نئين” وارن لاهورين پنهنجي قربن سان هندستانين جون دليون موهي وڌيون. اڳئين دور ۾ جيڪڏهن هندستان جي ٽيم پاڪستان جي ڌرتيءَ تي ون ڊي ڪرڪيٽ سيريز کٽي اچي ها ته اسٽيڊيم کي باهيون لڳي وڃن ها. ڪارن جا شيشا ڀڳا وڃن ها ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا گند ٿين ها. اهڙوئي سلوڪ هندستان ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان پڻ ٿي چڪو آهي. پر هن ڀيري پيار جا پيچ اهڙا ته پختا ٿي چڪا هئا جو اسٽيڊيم ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي هٿن ۾ ٻنهي ملڪن جا جهنڊا هُئا. جيڪڏهن ڪنهن هندستاني ڪرڪيٽر چونڪو يا ڇڪو ٿي هنيو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن گڏجي تاڙيون وڄائي داد ٿي ڏنو ۽ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستانيءَ چونڪو يا ڇڪو ٿي هنيو ته به ساڳي ڪار هئي.
    هن ڀيري ڪنهن به شخص ڪو گٿو لفظ نه ڪنهن رانديگر جي راند تي ڳالهايو نه ڪنهن ملڪ جي شان ۾. اها هڪ نئين ۽ سٺي ريت هاڻي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ۾ وڌي ۽ ويجهي رهي آهي. جنهن لاءِ مان وري به مشرف ۽ واجپائي کي جس ڏيندس ته هينئر پراڻيون دشمنيون دوستي ۾ بدلجي رهيو آهن.
    سو ان بدلجندڙ موسم جي بهارن جي نون گونچن ۾ مان هندستان گهمڻ ٿي چاهيو ۽ پوءِ آخر اهو موقو به اچي نڪتو. سنڌي اڪيڊمي دهلي جيڪو دهلي سرڪار سان لاڳاپيل علمي ادبي ادارو آهي، تنهن جي وائيس چئيرمين سُريش ڪيسواڻي پاران منهنجي پياري دوست ۽ سوجهري واري تاج بلوچ معرفت اهو دعوت نامو وصول ٿيو. دهلي ۾ ٽن ڏينهن وارو هڪ ڪنوينشن رٿيو ويو هو جنهن جو عنوان هو:
    Beyond Borders Trends in Sindhi Literature and Language
    (سرحد پار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جون نيون ڌارائون)
    اهو ٽن ڏينهن وارو ڪنوينشن پهريائين ارڙهين جنوريءَ کان ويهين جنوريءَ 2004 ع تي ٿيڻو هو جيڪو بعد ۾ اڻ ٽرسببن ڪري مٽائي 15 مارچ کان 17 مارچ 2004 ع تي رکيو ويو، جيڪو ٻيهر اڃان به اڻٽر سببن ڪري 28 مارچ 2004 ع تي وڃي منعقد ٿيو.

    (2)
    هندستان مان لڇمڻ ڪومل ڏاڍو بيتاب هو. شروع ۾ تاج بلوچ ئي سنڌ ۾ مکيه عيوضي هو، جنهن تي لڇمڻ اهو ڪم سونپيو هو ته سنڌ مان ويهن اديبن جي چونڊ ڪري کين هن ڪنوينشن ۾ موڪليو وڃي. مونکي لڇمڻ ٻڌايو ته ستاويهن اديبن جي لسٽ تاج کي ڏني وئي هئي، تاج کي اهو به اختيار هو ته جيڪڏهن انهي لسٽ مان ڪي اديب ڪن مجبورين سبب نٿا اچي سگهن ته پوءِ هو پنهنجو اختيار هلائي ٻين مناسب اديبن جي چونڊ ڪري. تاج شروع ۾ گرما گرمي ۾ پئي ڪم ڪيا، فارم پئي ڀريائين، اديبن سان فون تي به پئي ڳالهايائين نياپا ڪيائين، سندس چوڻ مطابق ته اديب سُٺي ۽ تڪڙي موٽ نه پيا ڏين، جنهن سبب ويزا فارم ڀري اسلام آباد ۾ انڊين هاءِ ڪميشن کي موڪلڻ ۾ دير پئي ٿئي. تاج مونکي اهو ٻڌايو ته يار ويهه اديب پورا نٿا ٿين. لڇمڻ کي تاج جيڪا نالن جي لسٽ موڪلي هئي لڳو پئي ته لڇمڻ ان مان خوش نه هو ۽ ڪجهه نون نالن تي کيس ڏُپ ڏُپ پئي ٿيو. پوءِ شايد لڇمڻ قمر شهباز سان لکپڙهه شروع ڪري ڏني جنهن جي ڪاپي تاج بلوچ کي ۽ مون کي موڪلي ويندي هئي. بهرحال اهو سمجهڻ کپي ته جيڪي اديبائون/ اديب يا انهن جي ڪُٽنب جا ڀاتي هندستان ويا، اها سڀ جي سڀ تاج بلوچ جي چونڊ هئي. ان ۾ قمر شهباز جو ڪو به هٿ نه هو. جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته خواتين منجهان ڪي به وڏي نالي واري اديبا شامل نه هئي ته تاج بلوچ جو چوڻ آهي ته هن ڊاڪٽر فهميده حسين، تنوير جوڻيجو ۽ ڪافي ٻين نالي وارن اديبائن کي عرض ڪيو هو پر انهن ڪا نه ڪا مجبوري ڏيکاري هلڻ کان انڪار ڪيو هو. اهو اعتراض اجايو آهي ته اديبن سان گڏ انهن جون گهر واريون يا ٻيا ڀاتي ڇو ويا. مان وضاحت ڪندو هلان ته اديب جي حيثيت ۾ ڪو نه ويا هئا۽ حئي پليجي نور دين سرڪي توڙي بشير مورياڻي صاحب جن واضع لکي ڏنو هو ۽ جيڪو لڇمڻ کي پڻ ٻڌايو ويو هو ته جيڪي اديب پاڻ سان ڪٽنب جا ڀاتي وٺي اچن ٿا، انهن جا ڀاڙا خرچ يا هوٽلن جي رهائش وغيره اهي اديب پاڻ برداشت ڪندا. بهر حال پرويز جبين مورياڻي سينيئر ليکڪا آهي، ڇپجندي رهي آهي. اها بهرحال هندستاني اديبن جي ڀلائي آهي جو انهن پوءِ ڪٽنب وارن سان به اديبن جهڙو برتاءُ ڪيو ۽ انهن سان به اديبن واري ڏيتي ليتي ڪئي وئي جنهن جي گُهر نه ڪئي وئي هئي.
    سو موٽي ٿا اچون اصل عنوان طرف، تاج بلوچ اڻويهه اديبن جا پاسپورٽ ۽ ويزا فارم ڀري منهنجي ڀاءُ فيض محمد کوسي کي، جيڪو پرڏيهي وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل آهي، موڪلي ڏنا، ڇو ته فيض سان مان ڳالهه ڪري به چڪو هوس ۽ کيس چيو هئم ته تاج بلوچ ۽ قمر شهباز توهان سان ان سلسلي ۾ لهه وچڙ ۾ رهندا. بهر حال پاسپورٽ دير سان پهتا جيڪي منهنجي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ پهچڻ گهرجن ها. ان ۾ تاج بلوچ جو به گهڻو ڏوهه ناهي، جو سنڌي اديبن جي عدم دلچسپي ۽ وقت سر موٽ نه ڏيڻ به ان ۾ دير جو خاص سبب ٿي سگهي ٿي.
    جن اديبن جا پاسپورٽ ڀري موڪليا ويا هئا، انهن ۾ قمر شهباز، بشير مورياڻي، پرويز جبين مورياڻي، شمشيرالحيدري ، تاج بلوچ، حميد ڀٽو، حميد سنڌي، سليم احمد، هدايت بلوچ، شوڪت شورو، نصير مرزا، نورالدين سرڪي، مسز شمس سرڪي، قرات العين سرڪي، عبدالحئي پليجو، مومل پليجو، پارس پليجو ۽ شمع خيبر شامل هئا.احمد سولنگي بابت تاج ٻڌايو ته بار بار نياپن موڪلڻ جي باوجود هن رابطو نه ڪيو آهي. اهڙي طرح احمد سولنگي بعد ۾ پنهنجي طور تي ويزا وٺڻ جون ڪوششون ڪيون پر بد قسمتي سان کيس ويزا تڏهن مليو جڏهن ڪنوينشن ختم ٿي چڪو هو. انهي وچ ۾ اسلام آباد مان احمد سولنگي مون کي فون ڪيو ته فيض کي پارت ڪيان، جيڪا ڪئي وئي پر تنهن هوندي به کيس وقت سر ويزا نه ملي سگهيو.
    بهرحال لڇمڻ ڪومل جا لڳاتار اي _ ميل ذريعي قمر شهباز کي نياپا ايندا رهيا ۽ انهن جون ڪاپيون تاج بلوچ کي ۽ مون کي به موڪليون پئي ويون. مان اچانڪ ان ڪري اهم ٿي ويو هوس جو مان ڪو وڏو اديب نه آهيان، پر مان ان ڪري اهم ٿي ويو هوس جو منهنجو ڀاءُ پرڏيهي وزارت ۾ وڏو آفيسر هو، جيڪا خبر هندستان وارن کي به پئجي وئي هئي. فيض سمورا پاسپورٽ پرڏيهي وزارت جي سفارش واري خط سميت سرڪاري طور تي انڊين هاءِ ڪميشن ۾ جمع ڪرايا. هتان قمر شهباز ۽ تاج بلوچ جا فيض کي فونن تي ڪڙڪا لڳا پيا هئا، انهن ۾ مان به شامل هوس. اسان ويچاري فيض جي سرڪاري پوزيشن کي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو هو. هندستان جي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر ڪيل ماڻهو کان سواءِ نه ڪو وڃي سگهندو آهي ۽ نه ڪو فون ڪري سگهندو آهي ۽ نه وري ڪو کين چئي سگهي ٿو ته ويزا تڪڙا اِشو ڪريو، بهرحال ويزا جي سلسلي ۾ هندستاني اختيارين به ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ دير ڪئي. 15 مارچ 2004ع تي ڪنوينشن شروع ٿيڻو هو، بدقسمتي سان وچ ۾ هولي جي موڪل به اچي وئي. ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن به اچي ويا، آخرڪار هندستان وارن کي جڏهن خبر پئي ته 14 مارچ تائين ويزا جاري نه ٿي سگهيا آهن ته هنن ڪنوينشن ملتوي ڪري ڇڏيو. لڇمڻ ڪومل ۽ پروگرام جي ٻين انتظام ڪندڙن هنڌ سنڌ جي مڙني اديبن لاءِ ڪنوينشن واري هنڌ هاسٽل ۾ رهائش لاءِ ڪمرا بُڪ ڪرائي ڇڏيا هئا. جيڪي بعد ۾ کين ڪينسل ڪرائڻا پيا ۽ لڇمڻ ٻڌايو ته تمام گهڻا پئسا انهن ڪينسيليشن چارج به ڀري ڏنا.
    آخر خدا خدا ڪري 15 مارچ تي سڀ جا سڀ ويزا لڳي مليا. جيڪي پوءِ فيض مون کي ڪوريئر ذريعي موڪلي ڏنا. مان، قمر شهباز، تاج بلوچ ۽ حميد ڀٽو آرٽس ڪائونسل ۾ ملياسين ۽ پاسپورٽ تاج بلوچ کنيا ۽ اهي بنا دير هن پهچائي ڇڏيا. پر اتي اسان کي اها کڙڪ پئجي وئي ته تاج ڪنهن ڳالهه تي ڪجهه ڏمريل آهي ۽ شايد هو هندستان نه هلي. بهرحال اسان جي ڪجهه گهڻ گهرن هڪ اخبار ۾ اها خبر به هلائي ڇڏي هئي ته سنڌي اديبن کي ويزا جاري ٿيڻ کان پوءِ به نه مليا. اها خبر هندستان وارن کي اي – ميل ڪئي وئي. جنهن تي لڇمڻ بيحد پريشان ٿيو، پر پوءِ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ويزا لڳي مليا آهن ته ٻيهر سرهو ٿيو ۽ ڪنوينشن جي نئين تاريخ 28 مارچ کان 30 مارچ 2004ع مقرر ڪئي وئي. ويزن لڳڻ ۾ ڪجهه غلطيون به ٿيون، مثال مان جيڪو پاڻ پي آءِ اي ۾ ڪم ڪندو آهيان، منهنجو ويزو ريل رستي وڃڻ جو لڳي ويو. نور الدين سرڪي جي چئن همسفرن مان ٽن جو ويزو جهاز ذريعي لڳي آيو ۽ مسز شمس سرڪي جو ويزو ريل رستي سفر جو لڳي آيو. ان غصي ۾ سرڪي صاحب هندستان وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. مان جڏهن پنهنجو ويزو ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هوس، مون سوچيو مسز سرڪي جو ويزو به ٺيڪ ڪرايون اچان، مون سرڪي صاحب جن کي فون ڪيو پر پاڻ مٺي (ٿر) ويل هئا. تنهنڪري اها ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. ڪاش سرڪي صاحب، جيڪو دليلن جي دنيا جو ماڻهو آهي، ڪجهه غصو گهٽ ڪري پاڻ ئي کڻي هندستان هلي ها ته کين به ڏاڍو مزو اچي ها. اسان کي به ڏاڍو مزو اچي ها. ياد رهي ته هندستان ۾ نور الدين سرڪي جو وڏو نالو ۽ وڏو مقام آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته سرڪي صاحب مون تي ڪجهه ڏمريل آهي. مان سرڪي صاحب جو بيحد ۽ بي انتها احترام ڪندو آهيان. خدا ڪري ائين نه هجي پر جي ائين هوندو ته به پيرين پئي بخشرائي وڃبو. هو فقط دليلن جي دنيا جو ناهي پر هو نرمل ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي دنيا جو ماڻهو به آهي. نصير مرزا کي اين او سي نه ملي سگهيو، ان ڪري هو نه هلي سگهيو. نصير مرزا به هندستان ۾ مقبول شخصيت آهي. احمد سولنگي به نه هلي سگهيو جو ان کي ويزا دير سان مليو.
    باقي ريل رستي وڃڻ واري سنگت ۾ پليجو صاحب ۽ سندس گهرڀاتي، شمشير الحيدري ۽ حميد ڀٽو 25 مارچ تي لاهور کان روانا ٿيا ۽ 26 مارچ تي وڃي دهلي پهتا، جتي هارن ۽ گلدستن سان سندن آجيان ڪئي وئي ۽ کين هوٽل ۾ ترسايو ويو هو. ريل تي وڃڻ وارن کي اضافي فائدو اهو مليو جو هنن ڪنوينشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دهلي ۽ ان جو بازارون ۽ درگاهون گهمي ڦري ڇڏيون هيون. باقي مان، قمر، بشير مورياڻي صاحب ۽ پرويز جبين مورياڻي، حميد سنڌي، شوڪت شورو ۽ شمع خيبر 27 مارچ تي قمر شهباز جي اڳواڻي ۾ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي – 272 تي صبح جو ستين وڳي روانا ٿياسون ۽ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر طئي ڪري وڃي دهلي ايئرپورٽ تي لٿاسين. ايئرپورٽ تي ڪاغذي ڪاروائي حد کان وڌيڪ هئي پر شڪر آهي جو دهلي ۾ پي آءِ اي جو مئنيجر خالد علوي پنهنجي عملي سميت بيٺو هو ۽ ان اسان کان ڪسٽم جون سموريون ڪاروايون پوريون ڪرائي اسان کي ٻاهر ڪڍي آيو ۽ اسان کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿي، نه ڪي اميگريشن توڙي ڪسٽم وارن سان ڪا ٻڙڪ ٻولڻي پئي. منهنجا همسفر دوست به ان ڳالهه کان خوش ٿيندي نظر آيا ۽ انهن کي اميگريشن توڙي ڪسٽم ۾ ڪا به تڪليف نه ڪرڻي پئي. پوءِ آيو وارو سامان کڻڻ جو، سڀني جو سامان پهتو پر حميد سنڌي جي بيگ ٺهي نه جڙي. بيهي بيهي بور ٿياسين، پوءِ مسز پرويز جبين مورياڻي چيو ته هي هڪ لاوارث بيگ پري رکي آهي، اها ڏسو! خبر پئي ته اها ئي بيگ هئي حميد سنڌيءَ جي، جيڪا ڪنهن ڀل ۾ کنئي هوندي ۽ بعد ۾ پڇتايو هوندائين ۽ ڇڏي هليو ويو. ٻاهر نڪري آياسين ته لڇمڻ ڪومل، اُما ليلا ۽ رينو ادناڻي گلدستا جهليو بيٺا هئا. ملياسين، کلياسين، خوش ٿياسين ۽ اسان کي اچي ڀارت پيلس هوٽل ۾ ترسايو. اسان کي ٻڌايو ويو ته ريل تي آيل اديب تمام پري هڪ هوٽل ايئرلائنز ۾ رهيل آهن. بهرحال لڇمڻ اهو چئي ويو ته شام اچبو ۽ ڪچهري ڪبي. تيستائين توهان آرامي ٿيو. آرامي ٿياسون، ڪچهريون ڪيونسين، تان جو شام ٿي وئي ۽ لڇمڻ موٽي آيو ته شام جو ان ٿي وئي ۽ ٿڪ لهي ويا.

    (3)
    اڄ 28 مارچ هند - سنڌ سميلن جو پهريون ڏينهن آهي. ڪالهه لڇمڻ رات واري ڪچهري جي پڄاڻي تي ويندي ويندي چئي ويو هو ته سُڀاڻي صبح جو نائين وڳي گاڏي توهان کي کڻڻ ايندي اها گاڏي ٻي هوٽل تان ٻين اديبن کي کڻي ايندي، ان ڪري توهان نائين وڳي تياري جي حالت ۾ رسيپشن تي حاضر رهندا ته جئين دير نه ٿئي. مان شايد اهو به ٻُڌائي چڪو آهيان ۽ ٻيهر ٿو ٻُڌايان ته ڀارت پيلس هوٽل ۾ اهي ئي رهيل هئا سين جيڪي جهاز رستي پهتا هئا سين، جن ۾ مان، قمر شهباز، شوڪت شورو، حميد سنڌي، شمع خيبر، بشير مورياڻي، ۽ پرويز جبين مورياڻي شامل هئا سين. باقي سمورا سنڌي توڙي هند کان آيل اديب ايئر لائن هوٽل ۾ رهيل هئا. اسان تيار ٿي رسيپشن تي اچي ويٺا سين ته گاڏي آئي، جنهن ۾ ايئر لائن ۾ ترسيل اديب اڳ ئي موجود هئا. ان ۾ عطيه دائود پڻ موجود هئي. شمشير الحيدري ۽ حميد ڀٽو پڻ ويٺا هئا. باقي هندستان کان آيل اديبن سان گاڏي ڀريل هئي. جن ۾ لعل پشپ ۽ ٻيا گهڻائي هندستاني اديب موجود هئا. جتي ڪنوينشن جو اهتمام ٿيل هو، اها بلڊنگ نهايت شاندار هئي، جتي گُل ٻُوٽا ۽ ساوڪ هئي. ڪنوينشن هال ۾ هر هڪ ٽيبل تي مائڪرو فون لڳل هو، جيئن هتي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندو آهي.
    اهو ڪنوينشن، بند هال ۾ ڪرايو ويو هو. جنهن ۾ اديبن يا مبصرن کان سواءِ ڪو به ٽيون ماڻهو نظر نه آيو. اتان جي سنڌي پريس کي به ويجهو اچڻ نه ڏنو ويو( چڱو ٿيو). سڀني اديبن کي شناختي بيج هنيا ويا. هر هڪ ٽيبل تي هڪ فولڊر رکيل هو، جنهن ۾ ڪنوينشن جو سمورو پروگرام لکيل هو. ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر جي الانا ۽ عطيه دائود کي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اتفاق سان ڊاڪٽر الانا بمبئي ۾ ڪنهن ٻئي پروگرام لاءِ آيل هو ۽ عطيه دائود به اڳ ۾ ئي موجود هئي. ڊاڪٽر الانا جو اهڙي ڪانفرنس ۾ موجود هئڻ ئي ان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. عطيه دائود کي ڏسي ان ڪري خوشي ٿي ته اسان جي وفد ۾ ڪا به قابلِ ذڪر اديبا ڪانه هئي. شمع خيب جو تعلق صحافت سان آهي ۽ پرويز جبين مورياڻي گهڻي وقت کان ڪانه ڇپي آهي. عطيه دائود بهرحال هن وقت سنڌ جي نه فقط مهان ليکڪا آهي پر هندستان ۾ پڻ گهڻو مقبول آهي. هوءَ هيومن رائيٽس ۽ عورتن جي حقوق ۽ ٻين گهڻين تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. هوءَ دهلي ۾ سائوٿ ايشين وومين رائيٽرس ڪانفرنس جي دعوت تي آيل هئي. سندس موجودگي ۾ عورت اديبائن جي ڪمي ڪجهه قدر پوري ٿي. نومبر 2002 ع ۾ عطيه دائود جي شاعري جو هڪ ڪتاب “اڻ پوري چادر” جي نالي سان هري موٽواڻي سنڌي جي اداري “ڪونج” پاران ڇپجي چڪو آهي. جنهن سبب به عطيه دائود هاڻي هندستان ۾ ڪافي مشهوري ماڻي چڪي آهي. ان ڪتاب جو مُهاڳ شيخ اياز جو لکيل آهي، جيڪو سورنهن صفحن تي مشتمل آهي، ۽ جنهن ۾ ڪا تاريخ لکيل نه آهي. عطيه دائود هن وقت عورتن جي پبليڪيشن “عورت زاد” جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي.
    ڪنوينشن جي شروعات سُريش ڪيسواڻي ڪئي، جنهن جي نالي سان دعوت ناما جاري ڪيا ويا هئا. سريش ڪيسواڻي هڪ حسين، خوبصورت ۽ سُهڻي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس آواز ۾ به ميٺاڄ ۽ جادو آهي. هن چيو ته اسان پنج هزار سالن کان سنڌي آهيون، ملڪن ۽ مذهبن جا ورهاڱا سنڌين جي وجود کي ڀور ڀور ڪري نٿا سگهن ۽ هاڻي جيڪڏهن اسان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو وڃي ته اسان جو خون هڪ هوندو، ان ۾ ٻيائي جا جزا نه ملندا. هن ٻڌايو ته سنڌين سدائين پاڻ کي ٻيهر جنم پئي ڏنو آهي، ٻيهر تلاش پئي ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجي شناخت ڪڏهن به وڃائي نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن تواريخ ۾ پٺتي وڃبو ته توهان کي خبر پوندي ته سنڌين سنڌ ۾ ڪو _ ايجوڪيشن جو پهريون ڪاليج کوليو هو. جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل پڙهائي ٿيندي هئي. هن چيو ته سنڌي ڀلي سُڃو هجي يا ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي، پر طبيعت جو صوفي مزاج هوندو آهي. اسان صوفي سنتن جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن ڪو ٿيڙ يا ٿاٻو ايندو ته “ الاڙي الا” جا لفظ واتان نڪرندا. سُريش ڪيسواڻي چيو ته 55 سالن کان پوءِ هن نوعيت جو سنڌي ڪنوينشن وڏي ڪاميابي آهي. هن گرمائيندڙ تقرير کان پوءِ سنڌيت جو هڪ ديپ جلايو ويو، پوءِ گلدستن جي ڏي وٺ ٿي. اسان جي وفد جي ليڊر قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر الانا کي گلدسته پيش ڪيا ويا. انهي سموري ڪاروائي ۾ ڀارت جي آرٽ ۽ ڪلچر جي سيڪريٽري نيتا بالي به موجود هئي. جنهن پڻ بعد ۾ انگريزي ۾ مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪنوينشن جي ڪاميابي بابت آشيرواد ڏنو.
    ڀارت جي اديبن طرفان مکيه تقرير ( Key Note Address ) اسان جي پياري دوست لڇمڻ ڪومل ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته اسان جو ننڍو نسل ادب ۽ ٻولي کان هٽندو پيو وڃي. تنهن ڪري اهڙن ميڙاڪن جي ان ڪري به وڌيڪ ضرورت آهي، ته جئين اسان سنڌيت جو گڏيل ورثو، ساهت کي ٽڙڻ پکڙڻ کان بچائي سگهون ۽ هڪٻئي جي ڏُکن سُکن کي سمجهي سگهون، ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڇپر ۽ ڇانَو ٿي سگهون. ادب ۽ ٻولي جي دنيا ۾ ڀارت ۽ سنڌ ۾ ڪهڙا تجربا ٿي رهيا آهن، هڪ ٻئي سان ونڊيون.
    تنهن کان پوءِ قمر شهباز پنهنجي مکيه تقرير ڪندي ٻڌايو ته قلم جي طاقت تلوار کان به تيز آهي. هن چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان وڏو نقصان ادب جو ٿيو. هن سنڌ ۾ سرجندڙ شاعري ۽ ادب جو تفصيل سان تذڪرو ڪيو. هن چيو ته هي سلسلو هاڻي هند توڙي سنڌ ۾ جاري رهڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ سنڌ جي مهان پر مفلس شاعر شمشيرالحيدري سنڌ ۾ رجعت پسندي ۽ ترقي پسند تحريڪن جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته ڪهڙي طرح رجعت پسند اديب اسان کي ڪافر ۽ ملحد سڏيندا هئا. هن سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجندڙ ٽماهي مهراڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪردارن تي پڻ روشني وڌي.
    تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر جي الانا مُکُ مهمان جي حيثيت ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين رهي آهي. جنهن ۾ شاهه، سچل، سامي جي صوفي ۽ ويدانيت جي ڇاپ لڳل آهي. سنڌي مسلمان هجن توڙي هندو هجن، انهن جي رهڻي ڪهڻي تي تصوف جو اثر آهي. هٿ جوڙي ملڻ پڻ تصوف جي نشاني آهي. هن ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته ڀارت سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ڪافي سهڪار ڪري رهي آهي جنهن ۾ مالي سهڪار پڻ شامل آهي. تنهن کان پوءِ الانا صاحب سنڌي ادب ۽ ٻولي بابت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جو ذڪر ڪيو.
    ان سان گڏ پهرين ڏينهن جو افتتاحي سيشن پورو ٿيو ۽ منجهند جي ماني جو وقفو ٿيو. کِل، ٽَهڪ، ڀوڳ، ٺڪاءُ، ملڻ، جلڻ، چرچا سڀ لنچ بريڪ ۾ ٿيندا رهيا. پليٽ کڻي ڪنهن مهل هن ٽيبل تي، ڪنهن مهل هن ٽيبل تي، پيو ڦربو هو. باقي ڪنوينشن ۾ اندر بلڪل خاموشي ۽ چُپ چاپ وارو ماحول هوندو هو.
    ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن منهنجي هڪ نئين همراهه سان ملاقات ٿي تنهن جي ذڪر کان سواءِ هيءَ رپورٽ اڌوري رهجي ويندي. اهو آهي اسلم پيرزادو. هائو ٻيلي مون کان هڪڙي ڳالهه وسري وئي، اها هيءَ ته پهرين ڏينهن جي افتتاحي ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ هر ماڻهو فردن فردن پنهنجو تعارف ڪرايو. سو ان تعارف دوران جڏهن اسلم پيرزادي جو وارو آيو ته هن ٻڌايو ته منهنجو نالو اسلم پيرزادو آهي. مان ايريگيشن مئنيجمينٽ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. مان ڪجهه سالن کان دهلي ۾ رهيل آهيان ۽ منهنجي بيگم (جيڪا انگريزياڻي آهي) ورلڊ بئنڪ پاران دهلي ۾ هڪ پروجيڪٽ ڪري ٿي ۽ مان هائوس هسبنڊ آهيان. تنهن تي هال ۾ وڏو ٽهڪڙو مچي ويو هو، هن وقت تائين اسان عورتن پاران هائوس وائيف ( گهريلو عورت) ته ٻُڌو آهي، يعني مُڙس ڪم ڪندڙ هوندو آهي ۽ زال گهر سنڀالي ٿي ته اها گهريلو عورت ٿي. پر هتي وري زال ڪم ڪري ۽ مُڙس گهر سنڀالي ته هي ٿيو گهريلو مُڙس. وري جو اها سُڃاڻپ به پنهنجي پاڻ ڪرايائين ته هر چهري تي ٽهڪ يا مُرڪ رقص ڪري رهي هئي پوءِ ته اسلم پيرزادي سان پڪي ياري ٿي وئي. پاڻ ٻُڌايائين ته سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن سان لاڳاپيل رهيو آهيان. هن سنڌ کان آيل اديبن جي ايڏي ته خدمت ڪئي جو وساري نه ٿي سگهجي.


    • مُيائي جياس - جي وڃي مڙُهه ملير ڏي

    24 جون 2006ع جي رات – پنجٽيهن سالن کان پوءِ – بنگالي فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان جو مڙهه پنهنجي جنم ڀومي ڍاڪا – بنگلا ديش پهتو . مڙهه بنگلاديش جي قومي ايئرلائين بِيمان جي خصوصي اُڏام ذريعي ڍاڪا پهچايو ويو. جنهن کي پاڪستان مان هتي کڻي اچڻ لاءِ بنگلاديش ايئرفورس جا اٺ آفيسر اڳواٽ پاڪستان پهتل هئا. مڙهه جي ڏولي بنگلاديش جي قومي جھنڊي ۾ لپيٽيل هئي. مڙهه کڻي ايندڙ بيمان جي خصوصي اڏام جيئن ئي ڍاڪا جي “ ضياء انٽرنيشنل ايئرپورٽ “ تي لٿي ته هتان جي فوجين بگل وڄائي ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خاص وردين ۾ ملبوس فوجي جوانن سلامي پيش ڪئي. بنگلا ديش جي وزير اعظم خالده ضياء لاش وصول ڪيو. وزير اعظم لاش جي ڏوليءَ تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڪافي دير تائين احترام سان اڀي – خاموش بيٺي رهي. ساڻس گڏ هتان جا مڙئي وزير – سينيٽر – ايم اين اي – ايم پي اي – ٽنهي فوجن جا سربراهه موجود هئا. اڄوڪيون اخبارون مطيع الرحمان جي خبرن ۽ ايڊيٽوريلن سان ڀريون پيون آهن.
    توهان سوچيندا هوندا ته هي فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان آخر ڇا هو ۽ ڪير هيو !؟ جنهنجو لاش 35 سالن کان پوءِ جڏهن پنهنجي وطن واپس پهتو ته کيس ايڏي عظيم الشان آڌر ڀاءُ سان وصول ڪيو ويو. بِگل وڄايا ويا. فوجي سلامي ڏني ويئي. وزير اعظم گلن جي چادر چاڙهي ۽ پنهنجي پوري ڪابينا ۽ فوج جي ٽنهي سربراهن سميت غمگين ۽ خاموش بيٺي رهي. مطيع الرحمان جي وني ۽ سندس ڌيءَ پڻ موجود هيون.
    ته ٻڌو ته فلائيٽ ليفٽنيننٽ مطيع الرحمان ڪير هو ۽ هن ڪهڙو ڪمال ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ هن کي مڪمل قومي اعزاز سان دفنايو ويو.
    هي اهو شينهن هو، جنهن 20 آگسٽ 1971ع تي پاڪستان ايئرفورس جو تربيتي فائيٽر جيٽ پاڪستان کان هندستان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن ۾ راشد منهاس تربيت تي موجود هو - ۽ جهاز کي هندستان ڏانهن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ان ايئرفورس جي نوجوان تربيتي آفيسر ناڪام بڻائي هئي.
    بنگالي فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان فوجي جهاز جي ڪمان ڪري رهيو هو ۽ راشد منهاس تربيت تي هو. اڏام دوران جڏهن راشد منهاس ڏٺو ته پائليٽ جهاز کي هندستان ڏاهن کڻي وڃي رهيو آهي ته هن پنهنجي سينيئر کان پڇيو ته “سر توهان جهاز ڪيڏانهن ٿا کنيو وڃو؟ “ جنهن تي بنگالي آفيسر خاموش رهيو. ٿوري دير کان بعد جهاز جڏهن هندستان کي ويجھو ٿيو ته راشد منهاس ٻيهر بنگالي آفيسر کان پڇيو ته سر توهان جهاز ڪيڏانهن کنيون ٿا وڃو. تڏهن ڪجهه تُرشي سان بنگالي آفيسر کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو.
    جهاز جڏهن هندستاني سرحد کان فقط 32 ڪلوميٽر پري هو، يعني فقط ٻن منٽن جيتري اڏام جو مفاصلو هو ته راشد منهاس بنگالي آفيسر کي وڃي سوگھو ڪيو. جهاز ۾ ويڙهه شروع ٿي ويئي ۽ اهڙيءَ طرح جهاز پاڪستان جي سرحد اندر هندستان جي سرحد ويجھو ڪري تباهه ٿي ويو ۽ مطيع الرحمان ۽ راشد منهاس ٻئي اجل جو شڪار ٿي ويا.
    هڪ ٻيو موقف هي آهي ته راشد منهاس ڪاڪ پٽ ۾ جهاز جو بٽڻ دٻائي بنگالي آفيسر کي ڪاڪ پٽ مان جهاز جي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿيو هيو ته ان وقت جهاز اندر فقط راشد منهاس موجود هو.
    ان واقعي کان پوءِ راشد منهاس جي همت ۽ دليري ، بهادري ۽ جرئتمندي کي قوم تمام گهڻو ساراهيو. کيس شهيد جو لقب مليو ۽ کيس نشان حيدر جو وڏي ۾ وڏو فوجي اعزاز به مليو.
    • هتي پنجٽيهن سالن کان پوءِ بنگالي قوم پنهنجي شهري کي شهيد اعظم جو رتبو ڏنو. کيس بنگالي قوم جي آزادي جي جنگ جو هيرو تسليم ڪيو ۽ کيس هتان جو وڏي ۾ وڏو فوجي اعزاز “ بير سريشسٿو BIR SRESHTHO “عطا ڪيو.
    • راشد منهاس هڪ مسلمان، هڪ مسلمان ملڪ پاڪستان جو قومي هيرو سمجھيو پيو وڃي.
    • مطيع الرحمان، هڪ مسلمان، هڪ مسلمان ملڪ بنگلا ديس جو هيرو سمجھيو ٿو وڃي، جنهن کي پڻ شهيد جو رتبو ڏنو پيو وڃي.
    • ٻئي ڄڻا مسلمان – هڪ پنهنجي ملڪ لاءِ وڙهي رهيو هو – ٻئي کي هڪ مسلمان ملڪ کان آزادي گھربي هئي.
    • پاڪستان جو موقف آهي ته بنگالي آفيسر غداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ پاڪستان جو جهاز هندستان ڏانهن اغوا ڪرڻ ٿي گھريو. ان لاءِ ان غداري جي ڪوشش کي ناڪام بنائڻ لاءِ راشد منهاس وڏو ڪارنامو ڪيو ۽ هو شهيد آهي.
    • بنگلاديش جو موقف آهي ته پاڪستان جي فوجن 1971ع جي جنگ آزادي دوران هزارين معصوم بنگالي عورتن جي عصمت دري ڪئي ۽ بنگال جا حق غضب ڪيا. انڪري بنگالي پائليٽ مطيع الرحمان جو اهو عمل صحيح هو ۽ بنگال جو هيرو ۽ شهيد آهي.
    • ڇا اسان جا عالم – اڪابر، اديب ۽ دانشور اهو ٻڌائي سگھندا ته ڪير صحيح هو ۽ ڪير غلط هيو؟
    • ڇا ٻنهي کي شهيد تسليم ڪري سگھجي ٿو؟


    (ڍاڪا – بنگلاديش مان لکيل ڪالم)


    • سترنهن ديهن جو معاملو

    اسان جي دل ته تڏهن کان ديواني آهي جڏهن ننڍپڻ کان اهو ڪلام ٻڌو هيوسين.” ته وي بلي بلي وي ٽور پنجابڻ دي، جُتي کل دي، مروڙا نين يو سهندي، ٽور پنجابڻ دي.” بس اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اسان انهيءَ ٽور تان قربان ٿي وياسون. عشق جي اها چوٽ اڃا تازي هئي ته وري ظالم جگجيت جو غزل جو ٻڌوسين ته بس ڀٽائي وانگر:
    جان ڪي ڪري طبيب دارون هن درد جا،
    هنيوسي حبيب اکيڙيو اڌ ڪري.

    سو سائين اسان اڃا پنجابڻ جي ٽور واري فراق ۾ ئي ڦٽيا پيا هئاسون جو مٿان غزل آيو.
    ڊائي دن نه جواني نال چلدي، ڪڙ تي ململ دي
    اسان جي ذهن ڳوٽ ڀڳي ته ململ جي ڪڙتي واري ڦوهه ۽ الهڙ جواني واري اها چلولي ضرور ساڳي هوندي جنهن جي ٽور ۾ ايڏي مستي آهي جو کل واري جتي مروڙو نه ٿي جهلي سگهي ته باقي ململ جي چولي اڍائي ڏينهن ٿي هلي ته به سمجهو وڏو جهل ڏنائين جو ڦوهه ۽ الهڙ جواني ۾ کل جي جتي مروڙو نه ٿي جهلي سگهي ته ململ جي ڪهڙي مجال، ململ ته هوندي به سنهڙي آهي جنهن مان گورو بدن جرڪا پيو ڏيندو آهي. سو سائين منهنجي کي چوان اسان به هئاسون سهڻا جوان، عشق واري وهي به هئي. تڏهن جو چوٽ کاڌل اڄ تائين انهيءَ چوٽ ۾ زخمي آهيون.
    ڏئي جو ويا سو منجهين پيو مچ ٻري،
    سا اجهامي ڪها، جنهن سوريندڙ سپرين.

    اڃا انهن پورن ۾ پريشان هئاسون ته انهي ململ جي چولي واري ۽ انهي ٽور واري جنهن جو مروڙو کل جي جتي به نه ٿي سهي سگهي تنهن جو مروڙو اسان کي به ملي ته اسان جو روح به راضي ٿي پوي. وري جو پڙهه ڀٽائي کي ته عشق ڪانڊي ٽانڊي وانگر چڻنگون ڇڏڻ لڳو چئو ته پاڻ ته سڙي پر سوڍا به ساڙيائين: ٻڌو:







    تان جي ٿين سامهان، پٺيرا سونهن،
    سنئون ورائي سپرين، منهن جي مانڏي ڪن،
    ته رڳو سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي.

    ٻڌو سائين صوفي، دوريش کي اهڙي ڪا هالن يا ڀٽ شاهه تي ڪهڙي جوانڙي “پٺيري” ويندي هوندي جنهن کي ڪا ململ جي چولي پيل هوندي ۽ جتي کل جي مروڙو ئي نه سهي سگهندي هوندي جو هن صوفي، درويشن جي دل ۾ آرزو آرس کاڌو ته هائو ٻيلي اها معشوقڙي پٺيري ايڏي سهڻي ٿي لڳي سا جيڪڏهن منهن مونڏي ڪري ۽ دوبدو اکيون اکين سان ٽڪرائجن ته “تن ۾ تازائي ٿئي” ائين ٿو لڳي ته اها پٺيري چلولي ڀٽائيءَ يا ته انارڪلي ۾ ڏٺي هوندي يا طارق روڊ تان لنگهيو هوندو. سيلاني ته هوئي. پر سائين صوفين ۽ درويشن جا عشق ته سچا ۽ صاف هوندا آهن تڏهن به اها آروزو ته محبوب سدائين ساڻ هجي اها فقط آروزو آهي ملڻ جي آس آهي. اڃا محبوب جو جلوو پسڻ ته پري آهي.
    ماڻهو گهرن مال آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
    دولت تنهن دوست تان فدا ڪيان في الحال
    ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.

    قربان وڃان، هاءِ ڙي عشق، سموري دولت محبوب تان فدا ته ڪري ٿو پر هتي “في الحال” جو جواب ئي ناهي. يعني جيڪا موڙي هينئر حاضر آهي سا ته “في الحال” محبوب تان گهوري ڇڏيان، باقي جي ٻيو مال ڪٿان هٿ آيو ته اهو ٻي قسط ۾ ڏبو. ۽ وري ڏسو ته سموري مڏي ان محبوب تان قربان ٿو ڪري جنهن محبوب کي اڃا ڏٺو به ڪونه اٿائين. نالي ۾ ئي نهال آهي. پسڻ ته پري آهي. پر هائو ٻيلي جيڪڏهن خدا جي قدرت ۽ سائين”نالي چڱي” جي ڦيڻن ۽ دعائن سان اهو محبوب ملي پوي وصال ٿئي ته پوءِ سمجهو ٿا ته ڪٿي وڃي ڳالهه بيهندي: ٻڌو.
    اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سنهن،
    سُرهي سيج، پاسي پرين مَرُ پيا مينهن وسن،
    اسان ۽ پرين، هُون برابر ڏينهڙا.

    اهو عشق فقيراڻو ۽ درويشن وارو ته نه ٿو ڏسجي اهو عشق ته ڄام ڪانڀو خان يا غيبي خان چانڊئي وارو عشق ٿو لڳي جو اڱڻ تي تازي گهوڙا ٻڌا پيا هجن جن تي چڙهي سير ڪجي ۽ نظارا پيا ڏسجن ٻاهر ڪُنڍيون مينهون بيٺيون هجن جن جا تازا کير مکڻ به پيا پيئجن کائجن. سيج سرهي هجي ۽ ململ جي چولي ۽ مروڙي سان هلڻ واري پاسي ۾ ستل هجي. پوءِ مر پيا ٻاهر مينهن وسن. سيج به پکن ۾ پٽن تي وڇايل هجي ٻاهر مينهن پيو وسي ته مٽيءَ جي خوشبوءِ به پئي اچي ۽ پوءِ اهڙي رومانوي ماحول ۾ محبوب سان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا وچن واعدا پيا ٿين ۽ اهڙي طرح رڳون به رچن ۽ تن ۾ تازائي به ٿئي.
    هن موقعي تي مون کي حافظ شيرازي جو فارسي ۾ هڪ بيت ٿو ياد اچي، جنهن جي پس منظر ۾ هڪ واقعو به آهي جيڪو ٻڌائبو. اول بيت ٻڌو:
    اگر آن ترڪ شيرازي بدست آورد دل ِ مارا،
    به خال ِ هند وش بخشم سمر قند و بخارا را.

    (مان جيڪڏهن شيراز جو بادشاهه هجان ۽ دل منهنجي وس ۾ هجي ها ته جيڪر محبوب جي ڳٽي تي جيڪو تر آهي، ان تان سمر قند ۽ بخارا جا شهر قربان ڪري ڇڏيان ها)
    اهو بيت پڙهي تنهن وقت جي ظالم حڪمران تيمورلنگ پڇيو ته اهو ڪهڙي شاعر جو شعر آهي. تڏهن خبر پيس ته اهو ته ان وقت جي عظيم شاعر حافظ شيرازي جو شعر آهي. حڪم ڏنائين ته ان شاعر کي منهنجي درٻار ۾ پيش ڪيو. حافظ شيرازي کي پيش ڪيو ويو. تيمورلنگ گرجدار آواز ۾ کائنس پڇيو ته اهو سمر قند ۽ بخارا وارو شعر تنهنجو آهي. تڏهن حافظ شيرازي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، تيمورلنگ تپي باهه ٿي ويو. چيائينس شرم ڪونه ٿو اچئي. سمرقند ۽ بخارا جا شهر، اسان جا شهر، اسان ڪيڏين قربانين کان پوءِ حاصل ڪيا آهن ۽ تون اهي ٻئي عظيم شهر محبوب جي ڳٽي تي جيڪو تر آهي تنهن تان قربان ٿو ڪرين. تيمورلنگ ٻيو به گهڻو وڦليو، تڏهن حافظ شيرازي جلال ۾ آيو ۽ ٻيو شعر پڙهڻ لڳو ته:
    غلط گفتم، خطا ڪردم، بها ڪردم نه دانستم (غلط ڪيم، خطا ٿي وئي بها ڪرڻ وقت مون نه ڄاتو) تڏهن تيمورلنگ دل ۾ خوش ٿيو ته پڇتايو اٿس ۽ هاڻي معافي ٿو گهري، حافظ اڃا وڌيڪ جلال ۾ آيو ۽ وڌيڪ چيائين.
    غلط گفتم، خطا ڪردم، بها ڪردم نه دانستم،
    به يڪ نظري همهه دلبر به بخشم هردو عالم را،
    (مونکان غلطي ٿي وئي. مون کان خطا ٿي وئي. بها ڪرڻ وقت مون صحيح قيمت نه لڳائي پنهنجي محبوب جي هڪ نظر تان مان ٻئي جهان قربان ڪري ڇڏيان.)
    تڏهن تيمورلنگ سمجهيو ته هي ڪو مجذوب فقير آهي ۽ کيس روانو ڪري ڇڏيائين.
    ڪجهه ڏينهن کان سنڌي قوم پرستن ۽ دانشورن وڏو احتجاج ڪيو آهي. سنڌ جون سترنهن ديهون پنجاب کي منتقل ڪيون پيون وڃن. يعني سنڌ جي ڌرتي جا مالڪاڻا حقوق پنجاب کي ملڻ وارا آهن. بس ايتري ڳالهه تي ايڏو هنگامو ٿيو آهي. سنڌي قوم پرست ۽ دانشور اهو ڇو نه ٿا سوچن ته جيڪي گڊو بيراج واريون زمينون آهن سي ڪنهن جي قبضي ۾ آهن. ميرپورخاص، ٺٽو، بدين هر هنڌ سنڌ جون زمينون رٽائرڊ فوجين جي حوالي ڪيون ويون آهن. يا جيڪڏهن ڪرڪيٽ ٽيم يا هاڪي ٽيم ڪو راندين جو مقابلو کٽيو ته انهن کي انعام ۾ سنڌ ۾ پلاٽ ۽ زمينون ڏنيون پيو وڃن. سنڌ اندر سنڌ جون زمينون جيڪڏهن هنن وٽ سنڌو درياهه جو پاڻي به اهي کڻي ٿا وڃن ته باقي سترنهن ديهن جو ذڪر ڇا لئي؟ اهي سترنهن ديهن وارا ماڻهو به هاڻي پنجاب جي ڀاڱي ويندا ۽ انهن کي پنجاب جا ڊوميسائيل ملندا. پوءِ ته انهن جون پنج ئي اڱريون گيهه ۾ هونديون. ڇو ٿا انهن جي بخت جون بددعائون وٺو. سترنهن ديهون ته ڇا سڄي سنڌ جا اهي ئي مالڪ آهن. انهن جا حڪم هلندا آهن ۽ اسان بجا آوريون ڪندا آهيون. بس ائين سمجهو ته اهي سترنهن ديهون اسان ان محبوب جي تِر تان گهوري ڇڏيون. جنهن جي ٽور جو جتي مروٽو نه ٿي جهلي سگهي ۽ جنهن کي ململ جي چولي پاتل آهي. 11 سيپٽمبر جي واقعن کانپوءِ آمريڪا وڃڻ جو مزو نه رهيو آهي. اهي ديهون پنجاب وينديون ته پوءِ اوڏانهن هلبو.

    عوامي آواز ڪراچي -


    • قاسم ٻگهيي کان - ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي تائين

    اسان جو دوست قاسم ٻگهيو، ڏسڻ ۾، ملڻ ۾، ڳالهائڻ ۾، گهمڻ ۾ توڙي کلڻ ۾ ڊاڪٽر، عالم يا ٻوليءَ جو ماهر گهٽ ۽ يار دوست وڌيڪ لڳندو آهي. چند ڏينهن اڳ سندس ڪتاب خريد ڪيو هيم. جنهن ۾ نور احمد ميمڻ جو “پبلشر طرفان” سراج جو پيش لفظ ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جا “ٻه اکر” پڙهي ڪتاب ٺپي رکي ڇڏيم. اصل مالڪ جو هڪ اکر به حرام هوندو جو پڙهجي. باقي هدايت پريم جا “ٻه اکر” ته نه الاهي اکر هئا ايڏا پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر ۽ ٻوليءَ جا ماهر ۽ ايڏي غلط بياني ڪن ۽ پوءِ اسان جهڙا اڌو گابرا اديب ڪاڏي وڃن.
    سو ڳالهه پئي ڪيم ته جيڪڏهن سراج صاحب جو پيش لفظ نه پڙهان ها ته اڃا تائين يقين ڪونه اچي ها ته اسان جو دوست قاسم ٻگهيو واقعي ايترو پڙهيل آهي. پر سراج صاحب هڪ مڃيل معتبر اديب آهي سو تنهن جو چوڻ ڪون ٿا موٽايون، قاسم ٻگهئي جو ايترو پڙهيل ڳڙهيل هئڻ بابت منهنجي بي يقيني ايتري اجائي به ڪانهي. ڇو ته اڳ ۾ اسان جيڪي ٻوليءَ جا ماهر ڏٺا آهن سي ڪُل وقتي ٻوليءَ جا ماهر يا دانشور هوندا آهن. گهر ۾، پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، واهڻ ۾، شهر ۾، زال وٽ، ٻارن وٽ، به ٻولي جا ماهر دانشور. ٻاهر رستن تي روڊن تي به ٻوليءَ جا ماهر ۽ دانشور، دوستن سان به ٻولي جا ماهر ۽ دانشور، کل منهن ۾ ڪانه، منهن ۾ گهنڊ، سلام پاڻ ته نه ڪن پر سلام جي جواب ڏيڻ جي ڀوءِ کان اکيون اکين ۾ ئي نه ملائيندا. روئڻي ٻار کي بس ڪرائڻي هوندي هئي ته مائرون کيس دڙڪو ڏئي هڪل ڏينديون. ڇورا بس ڪر فلاڻو ڊاڪٽر ٿو اچئي. ٻار روئڻ بند ڪري اهڙي ڇڙهه هڻي سمهي پوندو جو ٻي صبح جو به حرام جو اک کولي. سو سائين اهڙي دهشت هوندي هئي انهن ٻوليءَ جي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن جي. قاسم ٻگهئي ۾ اهو دٻدٻو ۽ رعب تاب ته آهي ڪونه. اهو ئي سبب هو منهنجي بي يقينيءَ جو. اهڙا کلڻا رلڻا ملڻا محبتي، ڀوڳائي ٺڪائي يار. ساڳي وقت تي ڊاڪٽر ۽ ٻولي جا ماهر به ٿي پون ته واهه جي ڳالهه ٿي. ڪنهن، ڪنهن کان نالو پڇيو جواب مليو، واڱڻ مل، همراهه ڏاڍو خوش ٿيو چيائين واهه نالي جو نالو تيوڻ جو تيوڻ.
    اڄ صبح جو اٿي سندس ڪتاب جو هڪ چيپٽر پڙهيم لسانيات کان سماجي لسانيات تائين. اهو به ان ڪري پڙهيم جو سوچيم شام جو ملندو، پڇندو ته منهنجو ڪتاب پڙهئي، هروڀرو ڦڪائي ٿيندي. تنهن لاءِ مڙئي قسم کڻڻ جهڙو ته ٿيان. باقي دوستو اسان جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهايون ٿا، سو ئي سنڌي ٻوليءَ تي وڏو احسان ٿا ڪريون. اهڙي مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪير وتي، ڪاما، فل اسٽاپ ۽ عجب جون نشانيون جاچيندو. جڏهن ته سنڌي ماڻهوءَ جو پنهنجو جيون ئي عجب جي نشاني ۽ سواليه نشان بڻيل آهي. هن شهر ڪراچيءَ ۾ ڌارين جو ڌونس، دٻدٻو ۽ داداگيري کان بچڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌي خاندانن گهر ۾ به پنهنجي مادري زبان سنڌي ترڪ ڪري اردو ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.جنهن ۾ هُنن ليکي تحفظ به آهي ۽ وڏائي به آهي. اڳتي هلي تاريخ ٻڌائيندي ته اُهي حق تي هئا يا قاسم ٻگهيو، سراج، فهميده، جويو، حيدري ۽ ٻيا ٻولي پرست حق تي هئا.
    دوستو جڏهن مون چيو ته سنڌي ٻولي ڳالهائي سگهڻ ئي پنهنجي جاءِ تي وڏو ڪارنامو آهي ته اهو ايترو غلط به نه آهي. ڇو ته شايد اسان جي ٻولي صنعتي ٻولي نه ٿي سگهي آهي. ڪارخاني، وڻج واپار يا عالمي برادريءَ ۾ ڏي وٺ ۽ لَهه وچڙ جي ٻولي نه ٿي سگهي آهي. اهڙي ٻوليءَ کي بچائي درياهه پار ڪرائڻ ئي وڏو ڪارنامو آهي. ٻوليءَ جا ڄاڻو، ماهر، سگهڙ، ليکڪ ۽ اديب سنڌي ٻوليءَ لاءِ، ان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن سنڌي قوم، جنهن ۾ مان به شامل آهيان، انهن کي سلام ڪري ٿي. ان سان گڏ انهن سنڌي مائرن جي نالائق اولاد کي به وينتي ٿو ڪريان ته داداگيري جي ڌونس کان ڊڄي پنهنجي ٻوليءَ کي ترڪ نه ڪريو. پاڻ کي ئي ترڪ ڪري ڇڏيو.


    • دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس

    (سائين بخش عباسيءَ جي پهرين ورسي جي مناسبت سان)

    بنيادي طور تي ادا عنايت بلوچ جو دوست هو. خيرپور ۾ گڏ پڙهيا هُئا. ڪراچيءَ ۾ ڪسٽمس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو، مان ڪراچي شپ يارڊ ۾ آفيسر لڳو هوس، جتي اسان جو ڀاءُ فيض محمد کوسو به ڪم ڪندو هو، جيڪو بعد ۾ سفير ٿيو. شاهه بخش عباسي (ايس اين عباسي) اسٽيٽ آفيسر هو. يعني سرڪاري گهر الاٽ ڪري ڏيڻ وارو آفيسر. سندس ننڍو ڀاءُ محمد بخش عباسي (ايم بي عباسي ممن) سنڌ سرڪار ۾ پلاننگ آفيسر هوندو هو.
    غلام فريد عباسي اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر هو. مطلب ته خيرپور ۽ ڀرپاسي جا سڀ پاڻ ۾ ويجھا دوست هئاسين. هي شايد ستر کان به ڪجهه اڳ وارو وقت هو. تڏهن سڀ ننڍا وڏا آفيسر هئاسون. تنهن وقت ۾ آفيسرن جي وڏي عزت هوندي هئي، هاڻي ته وزيرن کي به ڪير ڪو نه ٿو پڇي. اقدار بدلجي ويا آهن. تڏهن استاد جي به وڏي عزت هوندي هئي، اڄ اوتري ناهي. مون کي اهي زمانا ياد آهن، جڏهن چبوتري وٽ بيٺل ٽريفڪ جو سپاهي، جڏهن ٻانهه مٿي ڪري هٿ جي اشاري سان ٽريفڪ کي رڪڻ جو اشارو ڪندو هو ته مجال آهي جو ڪا گاڏي، ڪا موٽر سائيڪل اتان نڪري وڃي. سڀ گاڏيون رڪجي وينديون هيون. دوستو اها ٽريفڪ جي سپاهي جي ٻانهن جي طاقت نه هئي، پر ان جي پٺيان اسٽيٽ جي طاقت هئي. هن وقت ٽريفڪ جي سپاهي جي هٿ ۾ اها طاقت نه رهي آهي ته سمجھو اسٽيٽ ڪمزور ٿي چڪي آهي.
    اهي دوست هوندا هئاسين جن جو ميل جول پيو رهندو هو. تنهن زماني ۾ چائنيز هوٽلن ۾ دعوتن جو گهڻو فيشن هوندو هو. واري واري سان چائنيز هوٽلن ۾ دعوتون پيون ٿينديون هيون. بعد ۾ ادا عنايت ڪسٽمز جهڙو ڪمائي وارو کاتو ڇڏي ريڊيو پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر (ARD) ٿي آيو. امر جليل ۽ آغا سليم اڳ ۾ ئي ريڊيو ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. تنهن وقت سندس قابل ديد پٽ محمد جعفر عباسي، سندس نياڻو عباس بلوچ اڃا ننڍا هئا.
    مان سڀني جو دوست هوس. محمد جعفر عباسي جنهن کي اڄ به اسان جعفري ڪري سڏيندا آهيون ۽ غلام رضا عباسي اهي ٻئي اڪثر منهنجي گهر ايندا هئا ۽ مون سان ڪچهري ڪندا هئا. مان شاهه بخش ۽ ادا عنايت واري سموري گروپ کان ننڍو هوس ۽ جعفري ۽ غلام رضا وارن کان وڏو هوس يعني وچ ٿرو هوس. يارن سان به ياري هوندي هئي ته يارن جي پٽن سان به ياري هوندي هئي.
    مان هن وقت جنهن گهر ۾ رهان پيو اهو پڻ شاهه بخش عباسي، ادا عنايت بلوچ کي الاٽ ڪري ڏنو هو. جنهن ۾ ادا عنايت بلوچ، مان ۽ فيض سڀ ڪٽنبن سان رهندا هئاسين ۽ پوءِ آهستي آهستي سڀ ڌارئون ڌار ٿي وياسون. دليون ڌار نه ٿيون، نوڪري ۽ ٻين سببن ڌار ڪري ڇڏيو.
    ان گهر ۾ پنهنجي آخري وقت تائين به شاهه بخش عباسي مون وٽ ايندو رهيو. مون سان وڏا قرب هئس. يعني بنيادي طور تي هو ادا عنايت جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست هو پر بعد وارن سالن ۾ مون سان سندس ياري مٿو مٿي تي يا پڳ مٽ هوندي هئي. سندس آخري عهدو هو چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن. هر ٻي ٽين ڏينهن فون ڪري مونکي گهرائيندو هو ۽ جيمخانا ۾ لنچ ڪرائيندو هو. پوءِ هو اچانڪ اسان کي ڇڏي ڏوراهين ڏيهه هليو ويو - جتان ڪوئي موٽي نه ايندو آهي –

    تون جو وڇڙي وئين، تنهنکي هڪ سال ٿيو

    تو نه ڄاتو پرين . . .
    ڪير تنهنجي وڇوڙي ۾ بي حال ٿيو
    ياد رک پر مِٺا، شاهه جا بخشيل
    تون آن وڇڙيو فقط، پر آن وسريو ڪِٿي؟
    سال ويو، ٻيا به ايندا لنگھي سال ڪيئي
    سال ويندا مگر، سار رهندي سدا.



    شاهه جا بخشيل. . .
    تون جو ويو آن هليو،
    پر ائين ڀي نه ويو آهين منهنجا پرين
    ڪجهه ڏئي آن ويو
    پوک پوکي وئين، سا پچي آ ويئي.

    پنهنجي جعفر کي ڏس
    پنهنجي ڪاظم کي ڏس
    پنهنجو پيارو نياڻو هو عباس ڏس
    پنهنجي سڀني ٻچن تي نظر ڪر پرين.

    ڀائرن کي به ڏس
    هي ممن ۽ هو حيدر به آهن هتي
    تن جي خوشبوءِ هٻڪار ڪيڏي ته آ،
    تنهنجي پويان پرين، تنهنجا پويان پرين
    پوئتي ڪين آهن، ڪڏهن ڀي اُهي
    سي پيا اڳتي ۽ اڳتي ۽ اڳتي وڌن.

    تنهنجي دعائن سان تنهنجا ٻچا هاڻ ٻوٽا ٿيا
    سي وڌي وڻ ٿيا….
    تن جو آ ڇانورو، سو به گھاٽو گھڻو،
    سي سڀئي سڪون تنهنجيون لاهن پيا،
    سي سڀئي سڪون تنهنجون لاهن پيا،
    تون برابر اسان کان آ وڇڙي ويو،
    تنهنجي پوين جي هُٻڪار، واسي ڇڏيو،

    ۽ هِتي ٿا اسان اڄ وڏي واڪِ چئون،
    تون اسان کان ڪڏهن ڪين وڇڙيو هُئين،
    تون اسان کان ڪڏهن ڪين وڇڙيو هُئين.


    • استاد عطا محمد حامي

    ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بُوءِ بهار جي.


    ها، هن ۾ بهار جي بوءِ هئي، بهار ۾ ڪهڙي بوءِ ٿيندي آهي. بهار جي پنهنجي ته ڪا بوءِ نه هوندي آهي. موسم خوشگوار ٿي ويندي آهي، سَرءُ جيڪا وڻن جا پن ساڙي، سُڪائي پيلا ڪري ڪيرائي وجھندي آهي، بهار وري انهن وڻن ۾ نوان ساوا گونچ ڦُٽائيندي آهي. اهڙي سُڪل ۽ بي حسن ٿيل وڻن ۾ ساوڪ موٽي ايندي آهي. وڻ ساوا ۽ سُهڻا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.اهڙيءَ طرح بهار جي موسم سرءُ جي بي رونق ڪيل سڄي ماحول کي ٻيهر رنگ ۽ رونق ۾ آڻي ڇڏيندي آهي. ها اها ماحول جي سموري خوبصورتي، تازگي ۽ توانائي ئي بهار جي بوءِ ٿي سگھي ٿي. ماحول جي تازگي ۽ ساواڻ کان پوءِ جڏهن ساهه کڻبو آهي ته خوشبوءِ جو ڄڻ هُڳاءُ ڦڦڙن تائين اندر ۾ هليو ويندو آهي. اهڙي سهڻي ۽ خوبصورت سمي ۾ ماڻهو اڪثر نڪ مان وڏا وڏا ساهه کڻندا آهن ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ ٿوري دير لاءِ ڦرکرائي ۽ تازگيءَ جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي.
    استاد حامي جو وجود به ڄڻ سرءُ جي سٽيل ۽ اُجڙ ڪيل ماحول کان پوءِ بهار جي موسم آهي. پر هيءَ بهار انساني بهار هئي. انسانيت جو ڪو معجزو هو. دوستو، مان هي لفظ ورجايان ٿو، استاد حاميءَ جو وجود به ڄڻ سرءُ جي سٽيل ۽ اجڙ ڪيل ماحول کان پوءِ بهار جي موسم آهي، پر هيءَ بهار انساني بهار هئي. انسانيت جو معجزو ڇو ٿو چوان، انڪري ته هو انسان اول هو، شاعر، ليکڪ دانشور يا سياستدان بعد ۾ هو. ڇا ڪوئي سوچي ٿو يا چوي ٿو ته ڇا ٻيا انسان، انسان نه هوندا آهن ڇا؟ ها ضرور بدني بناوت ۽ طبعي طور تي ماڻهو هوندا آهن، انسانيت جي افضل درجي تي پهتل نه هوندا آهن، تڏهين ته شاهه سائين چيو آهي ته : ماڻهو سڀ نه سهڻا. يا غالب چيو آهي ته آدمي ڪو ڀي ميسر نهين انسان هونا.
    تمام گهڻا شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي شاعريءَ سبب يا لکڻين سبب وڏا هوندا آهن. اعليٰ انساني گُڻ سندن شهرت جو سبب نه هوندو آهي. صحافتي اصول کي مدنظر رکي يا ڪنهنجي دل آزاري جي خدشي سبب مان تمام اهڙن وڏن شاعرن جا نالا ته نه کڻندس، تمام وڏن ليکڪن ۽ اديبن جا نالا ته نه کڻندس جن جو شاعري ۾ ا عليٰ مقام آهي يا ٻيا جيڪي سوين ڪتابن جا مصنف آهن ۽ سندن شاعري جا حوالا ڏنا ويندا آهن يا سندن لکڻين جا حوالا ڏنا ويندا آهن، مگر سندن انساني گُڻن جو ڪٿي ڪوئي اشارو ئي نه هوندو آهي.
    دوستو ان سڄي پٽاڙ جو مطلب آهي ته جڏهن استاد حاميءَ جو نالو کڻبو ته سڀ کان اول سندس کلندڙ ٻهڪندڙ چهرو ذهن جو طواف ڪندو. سندس ڀوڳ، سندس ٽوٽڪا، سندس ٽونڻا، ذهن تي تري ايندا، مشاعرن ۾ سندس داد ڏيڻ جو انداز ۽ هُوڪرا ذهن تي تري ايندا. جنهن ويچاري شاعر جي ڪنهن شعر ۾ جيڪڏهن ڪا وِڏ هوندي يا پختو نه هوندو يا زير اضافت هوندي استاد انهي کي گهڻو داد ڏيندو هو ۽ شاعر کي وري وري پڙهڻ لاءِ چوندو هو، جنهن جو اصل مقصد شاعر جي شعر جي ڪچائي نروار ڪرڻ هوندو هو. هر ڪنهن کي خبر آهي ته مرحوم فيض بخشاپوري پنهنجي سنڌي شعر ۾ رڳو فارسي پلٽيندو هو. مشاعري ۾ جڏهن فيض بخشاپوري جو وارو ايندو هو ته پوءِ استاد حامي جي داد ڏيڻ جو انداز ئي مختلف هوندو هو. هر مصرعي تي واهه واهه، مقرر، وري مخصوص انداز ۾ استاد جي مُرڪ ۽ کِل. هڪ ڀيري فيض بخشاپوري جڏهن شعر پڙهي پورو ڪيو ته استاد حامي رڙ ڪري چيس ته فيض صاحب ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيون وڃو.
    ڍڳ ڪتاب لکڻ به پنهنجي جاءِ تي وڏو ڪم آهي، پر ڍڳ انسانن کي کلائڻ ۽ خوش رکڻ به هڪ وڏو ڪم آهي، ڪنهن اردوءَ جي شاعر چيو آهي ته: مسجد ته ڪجهه پري آهي، في الحال ڪنهن روئندڙ ٻار کي کلائي ڇڏ. جنهن جو مطلب ٿيو ته روئندڙ ٻار کي کلائڻ عبادت ۾ شامل آهي. پر سائين ٻار کي کلائڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي پر وڏن کي کلائي کلائي کيرو ڪرڻ ضرور مشڪل ڪم آهي. جيڪو ڪم کيس بخوبي ايندو هو. سندس زبان تي هميشه “بابا سائين” “پٽ” “ٻچا” “مٺڙا” “ظالم” “قربدار” يا اهڙيون ٻيون سهڻيون ۽ ٻاجهاريون صفتون سدائين سندس منهن ۾ هونديون هيون. علم جي هن ڀنڊار ڪڏهن ڪنهن کي ائين محسوس ٿيڻ نه ڏنو هو پي– ايڇ – ڊي ڊاڪٽر آهي. هو سادو، سِڌو صاف ۽ سٻاجهو سنڌي هو. مان هن وقت سندس لکيل ڪتابن جي فهرست ڪو نه ڳڻائيندس، نه اهو ٻڌائيندس ته استاد حامي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو، ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪيائين سڀ ڪجهه ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي. تنهنڪري اهو ٻڌائي مان توهان جو وقت نه وڃائيندس. ڪجهه ڳالهيون هڪ نئين موضوع تي ڪبيون.
    سندس شاعري جي ڪتاب “حامي جو ڪلام” ۾ محمد علي حداد (جيڪو منهنجو به دوست هو) استاد حامي تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو. “حامي جو مذهب انسانيت هو. هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو. رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس. جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سُڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هُئي. سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي سي استاد حامي مثل هوندا آهن.”
    محمد علي حداد جو استاد حامي جي مذهب بابت حوالو هڪ خاص مقصد لاءِ ڏنو اٿم. توڙي جو استاد حامي ڪٽر مذهبي نه هو، پر تڏهن به سندس ڪتاب جي شروعات حمد سان آهي، اهو حمد به 1948ع جو لکيل آهي، جيڪو منهنجي ڄم جو سال آهي. حمد کان پوءِ مولود _ مسعود آهي جيڪو تمام طويل مولود آهي. تنهن کان بعد ٻه عدد نعت آهن. تنهن کان پوءِ حرمين سفر شامل آهي، جيڪو به نهايت طويل شعر آهي، تنهن کان پوءِ مولا جي ولادت جي رات شامل آهي. جنهن کان پوءِ سلام آهي. ان کان پوءِ اي شهيد – ڪربلا آهي، تنهن کان پوءِ شهيدن جو مقام شامل آهي، جنهن کان پوءِ شاهه، سچل، قلندر بابت شعر ڇپيل آهن. انهيءَ سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو مذهبي شخص هو جيڪو رجحان سندس ڪتاب ۾ مظهر آهي، پر سندس مذهب ڪٽرپڻي وارو نه هو، ملن وارو نه هو، اڄ توهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته پنهنجين رباعين ۾ مُلن جي کل ڪيئن لاٿي اٿائين، جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته سندس مذهب انسانيت جي اعليٰ قدرن وارو هو.
    ٻڌو _
    اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
    ڳڻتي ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
    هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
    بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو.

    اندازو ڪريو اڃا ته استاد حامي جي زماني ۾ طالبان پيدا به نه ٿيا هُئا.

    ڇو ڪوڙ کي اسلام سڏين ٿو ڪُوڙا
    واريءَ جو ڪچو ڪوٽ اڏين ٿو ڪُوڙا
    انصاف جي اک ساڻ ذرا جاچي ڏس
    گلقند ۾ ڪيئن گند گڏين ٿو ڪوڙا.

    هٺ ڪن ٿا تڪبر ۽ وڏائي ڪن ٿا
    پردي ۾ ڀلائي جي برائي ڪن ٿا
    زاهد ٿا سڏيون جن کي اهي ڀي حامي
    الله جي نالي ۾ لُچائي ڪن ٿا.

    ظاهر ۾ اگر زُهد سراپا آهين
    باطل ۾ ته ابليس جو آقا آهين
    ڇو عيب اگهاڙين ٿو ٻين جا زاهد
    ڏس پنهنجي گريبان ۾ ته تون ڇا آهين.


    ملان کي لڳل آهي برهه جي ڪا باهه
    حورن جي تصور ۾ رهي ٿو گمراهه
    جنت ۾ انهن سان ڪندو هو شادي
    لاحول ولا قوت اِلا باالله.

    نانگن جو نظر پير نه ايندو آهي
    بازن کي غذا غير نه ڏيندو آهي
    ٻٻرن کان ملي ٻير سگهن ٿا ليڪن
    مُلن جي هٿان خير نه ٿيندو آهي.

    تفسير ريا ساڻ ٻڌائين ڇو ٿو
    قرآن جي معنيٰ کي مٽائين ڇو ٿو
    رک دل ۾ ذرا خوف خدا جو زاهد
    ايمان کي الحاد بڻائين ڇو ٿو.

    قرآن جو مفهوم مٽائڻ وارا
    ڏنڊي سان مسلمان بنائڻ وارا
    آڻيندا ڪنيزن جا ڪٽڪ گهر ڪاهي
    وهنوار غلامي جو وڌائڻ وارا.

    ۽ آخر ۾ توهان کي ٿورو کلائڻ لاءِ سندس هڪ رباعي . . .

    گنجو ٿو چوي وار ڪلهن تي آهن
    کدڙو ٿو چوي ٻار ڪلهن تي آهن
    هن وقت جي ڇا ڳالهه ٻڌايان حامي
    بزدل ٿو چوي بار ڪلهن تي آهن.

    (ڊاڪٽر پروفيسر عطا محمد حامي جي 29 هين ورسي جي مناسبت سان)


    • سنڌ جي موناليزا – مهتاب اڪبر راشدي

    اڄ الائي ڇو شمشيرالحيدري جو هي بيت دل تي تري آيو آهي. اوهان به ٻڌو ۽ لطف وٺو:
    نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت
    اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالهه آهي.

    14 آگسٽ 1947ع جو ڏينهن اسان کي ٻه سوکڙيون ڏئي ويو. هڪ پاڪستان ۽ ٻي بدرالنساءِ.
    بدرالنساءِ جو مطلب ٿيندو عورتن ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ. اها خبر ناهي ته بدرالنساءِ بعد ۾ مهتاب ڪيئن بڻجي ويئي. خير نالو ته مٽيو پر نالي جو مطلب نه مٽيو. بدر به چنڊ آهي ته مهتاب به چنڊ آهي. اهڙو چنڊ جنهن کي ڪابه ڪاري ڪڪري لڪائي نه سگهي. اهو چنڊ هينئر به پنهنجي چانڊوڪيءَ سميت اسان جي وچ ۾ نروار بيٺو آهي.
    سنڌ جي ماڻهن ڪنهن به ٻئي صوبي جي ماڻهن کان وڌيڪ انهن سوکڙين جي گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. اسان جا وڏا بُسريون پچائي ريلوي اسٽيشن تي آيلن جي آجيان ڪندا رهيا. پر:
    ڌريان ئي ڌاريا مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا
    مندي ڏيرن من ۾ کليو کيڪاريان
    صبوح ٿي ساريان ته اُٺ نه اوطاقن ۾.

    يا بقول هڪ شاعر جي ته:
    ڀٽ ڌڻي تنهنجي وطن تي ڪالهه جي آيا لنگهي،
    گهر جلائيندا رهيا، ته به جيءَ ۾ جاليندا رهيا.
    سنڌ جي جوڳين جيان ٻيا سر ڦريا ڪاٿي سڄڻ
    ڏنگ کائيندا رهيا ته به نانگ پاليندا رهيا.

    هدايت بلوچ
    اهڙيءَ طرح پاڪستان جون استحصالي قوتون، پاڪستان اسان کان پاسيرو ڪري ويون، باقي نئين ديري جي ڄائي پرائمري ماسترجي هيءَ ڌيءَ مهتاب ازل کان اسان جي آهي. تڏهن ته اڄ به اسان جي وچ ۾ ويٺل آهي.
    سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جڏهن مهتاب سان رهاڻ جو پروگرام پئي ٺاهيو ته هڪ اڌ دوست اهو سوال ڪيو ته مهتاب ڪا اديب ته ناهي جو ان سان شام ٿا ملهايو.ڏيو جواب؟:
    اديب جي تشريح ۽ تعريف الائي ڪهڙي آهي؟ مون کي ته سنڌ ۾ اهڙو ڪارخانو يا قالب ڪونه ٿو سُجھي جتي اديب ٺهندا هجن. نثري نظم يا ڇڙواڳ شاعريءَ ايترا ته شاعر ۽ اديب پيدا ڪري وڌا آهن جو اصل اديبن جو ڄڻ ته ادب لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪن نون شاعرن ۾ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي سموري کيپ مان ڪوبه شاعر اهڙو ناهي جيڪو شمشير جي آزاد نظمن جهڙو ڪو هڪ به نظم لکي سگھي. “چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر.” اڄ به شمشير کي ٻڌو ته فرق صاف ظاهر ٿي ويندو. هرو ڀرو لکڻ ۽ گهڻو لکڻ ۽ ان وسيلي اديبن جي قطار ۾ پاڻ ڳڻائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش جي مهتاب به ڪري ها ته هن مهل تائين سندس ڪيئي ڪتاب ڇپجي چڪجن ها.
    سچ پڇو ته مهتاب جو سڄو وجود ئي اديباڻو آهي. سندس گفتگو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کلڻ، مرڪڻ، سڀ ڪجهه ادب جي دائري ۾ شامل آهي. پر جي اديبن کي هرو ڀرو اصرار آهي ته اديب ٿيڻ لاءِ ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه سند طور سامهون آڻڻ گهرجي، ته مان دوستن کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته مهتاب ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي سٺ جي ڏهاڪي ۾ نئين زندگي ۽ بادل رسالي ۾ ڇپجي چڪيون آهن. ان کان سواءِ سندس هلال پاڪستان ۽ نواءِ سنڌ ۾ مضمون ڇپجي چڪا آهن. ٻارن جي صفحن ۾ به سندس مقالا مهراڻ، نئين زندگي، سنڌي ادب، پيغام، اظهار ۽ ادبيات ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
    اسان مختلف اديبن سان شامون ملهائيندا رهيا آهيون. اسان ته ڏات کي ڏسندا آهيون. اهڙن اديبن ۾ ڪجھه اهڙا به شامل آهن جن جو ڪوبه ڪتاب ڪونه ڇپيو آهي ۽ فقط اخباري لکڻين تائين محدود آهن. مان پاڻ به اهڙن اديبن ۾ شامل آهيان جن جو ڪوبه ڪتاب شايع ٿي ڪونه سگهيو آهي، پر نون توڙي پراڻن اديبن وٽ پنهنجو به ڪجهه نه ڪجهه مانُ ضرور آهي. اهو شايد صحيح آهي ته مهتاب چڱي عرصي کان ڪهاڻيون ۽ ادب لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر اسان جا اديب اهو ڇو نه ٿا ڏسن ته هيءَ املهه ماڻڪ جنهن جي سيهوڳيءَ يا Contemporary هئڻ تي اسان کي فخر آهي. جيڪا وڏن وڏن ادارن ۽ علمي توڙي ادبي هنڌن تي ليڪچر ڏئي ٿي. مضمون ۽ مقالا لکي ٿي. جيڪا وڏن وڏن ثقافتي ۽ ادبي ميڙن ۾ مهمان خاص توڙي صدارت ڪري ٿي. جيڪا سنڌي ڳالهائي ته تلفظ ڏئي. توجهه ڪريو ته سندس لهجو نج ڳوٺاڻو لڳندو جنهن ۾ شهري ٻوليءَ جو اثر بنهه ڪونهي. وري ڌارين ٻولي اردو ڳالهائي ٿي ۽ ان جي ڪمپيئرنگ ڪري ٿي ته سڄي اردو ڪميونٽي مٿانهنس موهجي ۽ مشتاق ٿي پوي ٿي.
    هڪ ٻه ڀيرا اڳوڻي گورنر حڪيم محمد سعيد واتان ٻڌو ويو ته، “مهتاب ڪي اردو آب ڪوثر سي ڌلي هوئي هي. اس ليئي مجھي جب ڀي موقعه دين تو مهتاب سي پهلي.”
    سنڌي ته ڇا اردو دانن ۾ سندن پنهنجي ٻولي ۾ مهتاب جي مقابلي جي ڪا ڪمپيئر پيدا ٿي نه سگهي آهي. انگريزي ڳالهائڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيڪا هڪ تعليمي ماهر آهي ۽ جنهن سيڪريٽري ڪلچر هجڻ واري دور ۾ سنڌ جي سورمن تي هڪ سال ۾ چاليهه ڪتاب ڇپرايا ۽ جنهن سنڌالاجي ۾ بي بها خدمتون انجام ڏنيون ۽ شايد دوستو هوءَ ڪجھه به نه ڪري ڇڙو مرڪي ويٺي ته به سنڌين جا گهڻا سور لهي پون. ته اهڙي سگهڙ، قابل، غرور کان پاڪ اسان سڀني جي ادي سان هن ننڍڙي پيماني تي اسان رهاڻ به رچائي نه ٿا سگهون ۽ ان تي اسان جا اهڙا اديب ويهي اعتراض ڪن جن کي اڃان “ک” کٽ ۽ “خ” خچر ۽ “ش” شينهن ۽ “ڇ” ڇٽي جي اچارن جو فرق به معلوم ڪونهي. مون کي ڪهڙي لوڙ پئي آهي جو مان مهتاب جي خوشامند ڪريان. مون کي ڪو ان پهچائي ڏيندي آهي ڇا؟ پر منهنجا اديب دوستو ڀٽائيءَ جنهن لاءِ ته چيو هو ته:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي
    تن سندي ڪاءِ ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

    اهو بيت ڀٽائيءَ جيڪڏهن جوڳين لاءِ چيو هوندو ته اسان انهن ۾ هيءَ جوڳياڻي به شامل ڪريون ٿا. ان کان پوءِ هينئر مان ماهتاب جو مختصر تعارف يا بايوڊيٽا پيش ڪندس جيڪو پاڻ ڳالهائيندو .
    مهتاب اڪبر راشدي – مختصر تعارف
    نالو: بدرالنساءِ. مهتاب چنا ۽ هاڻ مهتاب اڪبر راشدي
    ڄم جي تاريخ: 14 آگسٽ 1947ع
    ڄم جو هنڌ: نئون ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو
    تعليم:
    1.بي اي پوليٽيڪل سائنس: فرسٽ ڪلاس فرسٽ. سنڌ يونيورسٽي، سال 1967ع
    2. ايم اي پوليٽيڪل سائنس، فرسٽ ڪلاس، سنڌ يونيورسٽي،سال 1969ع
    3. بي ايڊ. فرسٽ ڪلاس. سنڌ يونيورسٽي. سال 1971ع
    4. ايم اي انٽرنيشنل رليشنس. اي گريڊ. يونيورسٽي آف مئسچوسيٽس آمريڪا.
    ملازمت ۽ تجربا
    1.اسسٽنٽ ماسٽر سينٽ ميري ڪنوينٽ. 4 سال
    2. ليڪچرار، انٽرنيشنل رليشنس ڊپارٽمينٽ. سنڌ يونيورسٽي 6 سال.
    3. اسسٽنٽ پروفيسر سنڌ يونيورسٽي. 10 سال
    4. ايسوسئيٽ پروفيسر. سنڌ يونيورسٽي 5 سال
    انتظامي عهدا
    1. چيئرپرسن انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي 1979کان 1981ع تائين.
    2. ڊائريڪٽر ۽ غيرملڪي شاگردن جي ايڊوائيزر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ريجنل سينٽر ۽ فارين اسٽوڊنٽس سينٽر حيدرآباد.1980 کان 1986ع تائين.
    3. ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي1983 کان 1988ع تائين.
    4. ڊائريڪٽر لياقت ميموريل لائبريري 1988کان 1989 ع تائين.
    5. سيڪريٽري ڪلچر ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرس. 1989کان 1991ع تائين.
    6. ڊائريڪٽر جنرل انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي.سنڌ حڪومت 1992 کان 1997ع تائين.
    7. سيڪريٽري سوشل ويلفيئر وومين ڊولپمينٽ اينڊ اينوارنمينٽ حڪومت سنڌ 1997 کان 1998ع تائين.
    8. سيڪريٽري تعليم حڪومت سنڌ1998 کان 2000ع تائين.
    موجوده پوسٽنگ
    ڊائريڪٽر جنرل صوبائي محتسب.
    علمي، ادبي، سماجي ادارن جي اعزاي ميمبرشپ جيڪي ڪجهه اڃان آهن ۽ ڪجهه جو مُدو پورو ٿي چڪو آهي:
    1. ميمبر بورڊ آف اسٽيڊيز، آفريڪا، آمريڪا ۽ نارٿ آمريڪن اسٽيڊي سينٽر، قائد اعظم يونيورسٽي. اسلام آباد
    2. ميمبر ايگزيڪيٽو ڪاميٽي، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي.
    3. ميمبر سنڊيڪيٽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي.
    4. ميمبر فنانس اينڊ پلاننگ سنڊيڪيٽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي.
    5. ميمبر بورڊ آف گورنرس سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڪرافٽس.
    6. ميمبر بورڊ آف گورنرس لوڪ ورثو اسلام آباد.
    7. ميمبر بورڊ آف گورنرس، اٿارٽي فار پريزرويشن آف موهن جو دڙو.
    8. ميمبر آف دي ايڊوائزري ڪميٽي وومين اسٽيڊيز شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور. ٽن سالن لاءِ.
    9. ميمبر آف دي وومين چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور.
    10. ميمبر بورڊ آف گورنرس، يونيورسٽي آف ڪراچي.
    11. ميمبر آف دي ايڊوائزري ڪميٽي فار وومين ايجوڪيشن علامه اقبال يونيورسٽي.
    12. ميمبر سنسر بورڊ سنڌ.
    13. ميمبر ڪميونيڪيشن ۽ اينڊ پبليڪيشن ڪميٽي، فيملي پلاننگ ايسوسيئيش آف پاڪستان.
    14. چيئرپرسن ايجوڪيشنل ڪائونسل فار ورڪر چلڊرين ، ليبر کاتو حڪومت سنڌ.
    15. ميمبر سنڊيڪيٽ اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪراچي.
    16. ميمبر بورڊ آف گورنرس، نيشل ڪاليج آف آرٽس لاهور.
    17. ميمبر ايڊوائزري بورڊ سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
    18. ميمبر بورڊ آف گورنرس نيشنل بوڪ فائونڊيشن، حڪومت پاڪستان.
    ٽرسٽي
    1. فاطميد فائونڊيشن (هينئر استعفيٰ ڏنل)
    2. پروين شاڪر ٽرسٽ
    3. سنسر ماڊل ايجوڪيشن ٽرسٽ (ٽرسٽي ۽ سيڪريٽري جنرل)
    سنڌ جون مائرون جيڪڏهن مهتاب جهڙيون ڌيئرون ڄڻينديون رهن ته هدايت بلوچ جهڙن پٽن جو ڪهڙو ضرور؟

    (سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ پاران مهتاب اڪبر راشدي سان ملهايل شام پڙهيل.
    (14 آگسٽ 2002)


    • تون اڃان پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا (تاجل سائين - تو لا)

    سو نيٺ هليو وئين! وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پر ائين به ڪو ويندو آهي ڇا؟ هڪ دفعو اک جو ٻوٽيئي ته وري اک ئي نه پٽيئي. نصير سومرو جي ڪتاب تي ڳالهائيندي جو چُپ ڪئي ته انهيءَ چُپ ۾ ئي هليو وئين. مونکي به ان فنڪشن ۾ اچڻو هيو، اڪادمي ادبيات جي آغا نور احمد صاحب فون ڪري مون کي پڻ ان ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ چيو هو. پر مان نه اچي سگهيس. خبر نٿي پوي ته جيڪڏهن مان به اتي موجود هجان هان ته شايد تو سان اها ويڌن ٿئي ئي نه ها. خدا کي خبر.
    جڏهن توکي لياقت نيشنل اسپتال کڻي ٿي ويا ته سليم تاج مون کي فون ڪري ٻڌايو هو. مان ۽ ادا عنايت بلوچ جلدي جلدي اسپتال پهتا هئاسين. تون چُپ چاپ هُئين. مون توکي سڏ ڪيو هو “تاجل مان هدايت آهيان” تنهنجي چهري تي ڪجھه جنبش آئي هئي. مان دهلجي ويو هوس. دٻڪي ويو هوس. ڊڄي ويو هوس. ڪيڏو قربن سان مون سان ملندو هُئين. هٿ ملائڻ کان اڳ هڪ پيار ڀريو ٽه سٽو (ٽيڙو) مون بابت نئون نڪور ٺاهي ٻڌائيندو هئين. پوءِ ڀاڪر پائيندو هُئين. ڪڏهن ڪڏهن پاٻوهه مان چُمي به وٺندو هئين!
    ٻئي ڏينهن آيو هوس – ته تنهنجي پُٽن- ڀاءُ ۽ نياڻين توڙي نياڻن هڪ رجسٽر رکيو هو ته جيئن تنهنجي طبيعت پڇڻ لاءِ ايندڙ يار – دوست احباب شاعر ۽ اديب تو بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪن. مون لاءِ به اهو رجسٽر آيو. خبر ناهي ته ڪيئن قلم ڪاغذ پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. منهنجو ذهن مائوف هو. تڏهن به لکجي ويو –
    توسان ڳالهائن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول،
    توکي پرچائن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول،
    توکي ريجهائن ٿا ماڻهو،



    يار تاجل اک ته کول،
    پيار موٽائن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول،
    توکي ڪيئن چاهن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول،
    توکي ٻاڏائن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول،
    ڪيئن نه مُرجھائن ٿا ماڻهو،
    يار تاجل اک ته کول.

    يار تاجل اک ته کول
    يار تاجل اک ته کول
    يار تاجل اک ته کول
    يار تاجل اک ته کول.

    پر تو اک نه کولي. ۽ اهي سٽون لکندي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا هئا نه چاهيندي به . ڇو ته تنهنجي پٽن ۽ نياڻين آڏو مون روئڻ نه ٿي چاهيو.
    سنڌ جي مڙني اخبارن ۾ تنهنجي ناچاڪيءَ جون خبرون اينديون رهيون. ننڍا وڏا ماڻهو تنهنجي طبيعت پڇڻ ايندا رهيا. سنڌ اٿلي پٿلي رهي هئي. الائي ڪٿي ڪٿي سموري سنڌ ۾ تنهنجي طبيعت جي بحاليءَ لاءِ دعائون، خيراتون ٿينديون رهيون.
    پر تون ويندو رهئين – بقول تنهنجي :
    ڇڏي شهر تنهنجو مِٺا اڄ وڃون ٿا
    هزارن غمن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا.

    هاڻي تون نه رهيو آهين ته مان سوچيان ٿو –
    “ڪهڙي منجھه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ” اڪيلو ٿي پيو آهيان. جيئڻ ۾ جس ناهي. جيئڻ ۾ چس ناهي. جيئڻ ۾ رس ناهي. بس ئي بس آهي. ڪَس ئي ڪَس آهي.
    شمشير آهي – يار ته آهي پر پيار ناهي. امام الدين يار به آهي – پيار به آهي - پر تو واريون سڪون ڪٿان به نه ٿيون لهن. تون ئي چئو –
    ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان
    مون کي سوڍو سڏ نه ڏئي.
    پنهنجي آخري آرام گاهه به واهه جي چونڊي وئين. تنهن ڏينهن احمد سولنگي جڏهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران گلن جي چادر چاڙهڻ آيو هو تڏهن سڀ دوست تنهن سان گڏجي آيا هئاسون. تنهنجا سڀ گهر ڀاتي به موجود هئا.
    چادر چاڙهڻ کان پوءِ سامهون چوڪنڊيءَ جي ڇت هيٺان سڀ ويهي رهيا هئاسين. مان سوچي رهيو هوس. مان به جلدي مران جيئن تنهنجي آخري آرام گاهه سان گڏ مان به دفنائجي وڃان. وري سوچيندو رهيس ته الاجي ڪڏهن مران، تيستائين تنهنجي ڀرسان تنهنجا چاهيندڙ نه دفنائجي وڃن ۽ منهنجي لاءِ تنهنجي ڀرسان ڪا جڳهه ئي نه بچي!
    تاجل سائين – مان توسان ڪيترو پيار ڪندو هوس. تنهنجا مون وٽ ڪي لکيل يا دستاويزي ثبوت ته نه آهن. پر تون مون سان ڪيترو پيار ڪندو هُئين، تنهنجا مون وٽ لکيل ۽ دستاويزي ثبوت موجود آهن. تو پنهنجا لکيل ڪجهه ڪتاب مون کي پنهنجن هٿن اکرن سان لکي ڏنا هئا.پنهنجن ڪتابن جي خياب خاني مان اهڙا ڪجهه ڪتاب کوٽي ڪڍيا اٿم . دل چوي ٿي ته اڄ پڙهندڙن اڳيان مون لاءِ تنهنجي پيار جي اها اپٽار ڪريان ته ڀل ماڻهن کي خبر پوي ته تاجل بيوس – هدايت بلوچ سان ڪيترو پيار ڪندو هو.
    (1) سرجيندڙ ساڻيهه جا – آڪٽوبر 1985ع
    پيار ۽ پريت سان –
    هدايت لاءِ - عنايت لاءِ نه نه –
    هدايت لاءِ – نزاڪت لاءِ نه نه –
    هدايت لاءِ – ولايت لاءِ نه نه –
    هدايت لاءِ - امانت لاءِ نه نه –
    هدايت لاءِ – تاجل بيوس.
    29.10.1985
    (2) سنڌ منهنجي امان – اپريل 1989ع
    دوست ۽ ڀاءُ – ادب جي ٻاروچي – هدايت لاءِ –
    4.5.1989
    (3) ساڳيو ئي ڪتاب ٻيهر –
    گلاب جي گل
    شاعر دوست
    ڌرتي ڄائي – هدايت بلوچ لاءِ
    8.5.1992
    (4) ڏور به اوڏا سُپرين
    پياري يار –
    لطيف جي مسلڪ جي ماڻهو
    هدايت بلوچ لاءِ –
    تاجل بيوس 5.11.1992
    (5) صحرا سَترُ جن –
    پنهنجائپ جي وڻجاري –
    هدايت بلوچ لاءِ –
    جنهن سان گهاريل
    پرهه جهڙا پل
    منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن –
    تاجل بيوس – 13.7.97
    (6) تنهنجا نيڻ غزل
    پڳ مٽ يار
    هدايت بلوچ (پرين جي پرديسي) لاءِ
    تاجل بيوس 4.11.97
    (7) سرخ گلاب ڪي موسمون مين
    پڳ مٽ يار
    هڪ سنسار
    يار هدايت بلوچ لاءِ
    جيڪو مون وٽ
    منهنجي گهر
    موکيءَ جي متارن مان
    هر متاري جو روپ وٺي ايندو آهي.
    تاجل بيوس 11.8.1994
    (8) وڏا وڻ وڻڪار جا
    پڳ مٽ يار
    هدايت بلوچ لاءِ (پرين جي پرديسي)
    تاجل بيوس 4.11.97
    (9) انداز بيان اور
    For
    MY HEART DWEUER POET
    HIDYT BALOCH
    TAJAL BEWAS
    13.7.1997

    (10) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو هو
    پريمي
    هدايت بلوچ لاءِ
    تاجل بيوس
    23.8.2002
    جن جن ڪتابن تي ڏنگين ۾ پرين جي پرديس مخاطب ڪيو اٿس، انهن سالن ۾ مان پرڏيهه هوس.
    وڃڻ کان شايد ٻه مهينا کن اڳ تنهنجي صالح سٻاجهي پٽ سليم تاج جي گهر هڪ شام گڏ هئاسين. امام الدين ۽ شمشير به هئا. هميشهه وانگر تنهن ڏينهن به مون ۽ شمشير لاءِ تازا نوان ٽيڙو ٺاهي ٻڌايا هئا. جن ۾ صرف پيار جي پالوٽ ٿيل هئي. تنهن ڏينهن تو پنهنجي ٻاچ مان منڊي لاهي مون کي تحفي ۾ ڏني هئي. تو چيو هيو ته هدايت هان وٺ هيءَ مُنڊي تون پاءِ – اهو قيمتي عقيق مون ٻاهران گهرايو هو. ان کي چانديءَ ۾ مڙهائجانءِ. اهڙي محبت ۽ اُڪير جي اظهار تي منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو هو، خوشيءَ وچان – تاجل، مان اڃان اها مُنڊي چانديءَ ۾ مڙهائي ڪانهي. فيصلو نٿو ڪري سگهان ته ان کي انهيءَ حالت رکان جنهن حالت ۾ اها تنهنجي ٻاچ ۾ پاتل هوندي هئي. جنهن ۾ تنهنجي ٻاچ جي لمس جي حرارت ۽ خوشبوءِ هوندي يا تنهنجي خواهش کي پورو ڪندي ان کي چانديءَ ۾ مڙهايان.
    تنهنجي ٽيجھي جي موقعي تي خيرات جي مانيءَ کان پوءِ شاعر - اديب ۽ تنهنجا دوست ڪجهه ترسي پيا هئا ۽ پوءِ هڪ ننڍي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ تنهنجي مڙني مداحن ۽ چاهيندڙن تنهنجي بابت پنهنجي پيار جي پالوٽ ڪئي هئي.مون کي جڏهن ڳالهائڻ لاءِ سڏ ٿيو ته مون ٻه چار لفظ ڳالهائڻ کان پوءِ مناسب سمجھيو ته تنهنجو اهو ڊگهو شعر پڙهي ٻڌايان، جيڪو تو ٽوڪيو جاپان منجهان لکي موڪليو هو. جيڪو اول هلال پاڪستان ۽ پوءِ مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو هيو. ۽ تنهن کان پوءِ وري مون پنهنجو شعر “ تاجل بيوس کي ورندي” پڻ پڙهي ٻڌايو هو. تنهنجو اهو شعر تنهنجي شروعاتي دور جو بهترين شعر آهي. جنهن سڀ کان اڳ توکي سنڌ ۾ مشهوري ڏني.


    • شمشير منهنجو يار

    سنڌي ادبي بورڊ مونکي خط لکيو آهي ته سنڌ جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جناب شميشرالحيدري صاحب جن جي شخصيت ۽ فن تي محترمه مهرالنساءِ لاڙڪ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب جي نامور ليکڪن جا مقالا ۽ مضمون شامل آهن. مون کي چيو ويو آهي ته مذڪوره ڪتاب تي مان مقدمو لکي بورڊ کي ڏياري موڪليان. ان سان گڏ ڇپجندڙ ڪتاب جي هڪ ڪاپي به موڪلي وئي آهي جنهن ۾ تقريباً چوٽيهه مضمون ۽ مقالا شامل آهن، انهن ۾ هفتيوار سنسار کي شمشير جو ڏنل انٽرويو به شامل آهي مون سڀ مضمون ۽ مقالا پڙهيا آهن جن ۾ شمشيرالحيدري جي زندگي جي هر هڪ پهلو تي روشني وڌي وئي آهي. سندس ذاتي زندگيءَ کان وٺي سندس شاعري ۽ صحافتي زندگي بابت گهڻو ڪجهه آهي.
    ان کان اڳ ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي بدين پاران، زهير حسين حيدري، شمشير الحيدري تي هڪ ڪتاب مولا تي ننگ پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي انتساب جي ٻن ٽن لفظن تي منهنجيون اکيون آليون ڪري ڇڏيون:
    انهن چپن جي نانءٌ
    جن مان پهاڙ جيڏين پريشانين هوندي به
    اهي ئي لفظ ٿي نڪتا ته
    مولا تي ننگ آ -
    هن ڪتاب ۾ پڻ اٺيتاليهه مضمون شامل آهن جنهن ۾ منهنجو پڻ مضمون شامل آهي. بهرحال انهي ٻنهي ڪتابن کان پوءِ، شمشير الحيدري بابت اڳتي لکڻ وارن لاءِ ڪافي سهولت ٿي پوندي. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي، ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري لاءِ محمد بخش مشڪور ڦلڪارو هڪ ٿيسز لکي هئي جنهن جو عنوان هو “شمشير الحيدري شخصيت صحافتي خدمتون ۽ ڪم” اها ٿيسز 1989 – 1991 دوران لکي وئي هئي جيڪا شعبي ماس ڪميونيڪيشن ۾ محفوظ هوندي.
    مون کي ان ڳالهه تي ڪو به غرور ناهي ته ايڏي وڏي سنڌ ۾ جتي عالمن اڪابرن جي ڪا به ڪمي ناهي اتي شمشير الحيدري بابت شايع ٿيندڙ ڪتاب شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت جو مقدمو لکڻ جو ڪڻو مون تي پيو آهي، اهو انڪري نه ته مان ڪو وڏو اڪابر ليکڪ آهيان پر اهو ڪڻو مون تي ان ڪري نڪتو آهي جو شايد سموري سنڌ ۾ مان ئي شمشير جي وڌ ۾ وڌ ويجهو رهيو آهيان اهو به ڪونهي ته ڪو علمي، ادبي لياقت يا شاعري يا وڏي ليکڪ هجڻ جي حيثيت سبب سندس دوست هوس، يقيناً اسان جي ويجهي هئڻ جو هڪ سبب منهنجي طبيعت ۾ شاعري ۽ ليکڪ هجڻ به آهي پر ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اسان ڪراچي جي علائقي پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ويجها رهندا هئاسين. اتي شروعاتي دور ۾ تاجل بيوس به رهندو هو. اسان جو روز ملڻ ٿيندو هو. ڏينهن جو هر ڪو نوڪرين بلي هوندو هو. شامون گڏ گذرنديون هيون. اهڙيءَ طرح ادبي دنيا ۾ اسان جو ٽياڪڙ مشهور ٿيو. اسان سان گڏ ويهڻ وارو هڪ غير معروف ۽ غير اديب پر ادب سان چاهه رکندڙ دوست امام دين پٺاڻ هوندو هو. جنهن کي شمشير “مام دينا” چوندو هو.
    جيئن سنڌيءَ ۾ پهاڪو مشهور آهي “جو چلهه تي سو دل تي”، سو ادبي حيثيت سان گڏ، اسان جي ويجهڙائي ۾ رهڻ به اسان جي قربت جو هڪ وڏو سبب هو.
    هن ڪتاب جو مقدمو لکڻ لاءِ جو مون کي چيو ويو آهي ته سوچيان ٿو ته جيڪر شمشير کان اڳ مان مري وڃان ها ته شمشير مونتي واهه جو ليک لکي ها، ڇو ته هن کي لکڻ ايندو هو. بقول سندس ته کيس لکڻ ۽ شاعري جي اٽڪل ايندي هئي. ريڊيو، ٽيليويزن تي هلندي پروگرام هو پنا لکندو ڏيندو ويندو هو. لکڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل هوندو هو. هاڻي مان هجان ايڏو وڏو ليکڪ ته شمشير جهڙي ماڻهو تي ويهي لکان يا ته اها اٽڪل ڪريان جيئن اڪثر مقدمو لکڻ وارا ڪندا آهن، هومر، شيڪسپيئر، شيلي ۽ ٽي. ايس. ايليٽ کان شروع ٿيان. ڪيٽس، رومي، جامي، سارتري اصل ڪوئي نه ڇڏيان ان جو فائدو هڪ ته اهو ٿيندو جو مقدمو ڊگهو ۽ رعبدار به ٿيندو ۽ پنهنجي قابليت جي به واهه واهه ٿي ويندي. اول ته منهنجي پنهنجي لئبريري به چڱي وڏي آهي نه ته به اڄڪلهه گوگل زندهه آباد آهي. گهڻو لکڻ، ڊگهو لکڻ ۽ دنيا جا وڏا حوالا ڏيڻ ته کاٻي هٿ جو کيل ٿي پيو آهي پر مان اهي اٽڪلون ڪونه آزمائيندس. جيڪو ٿورو گهڻو لکي سگهيس اهو لکندس سنڌي سليمي جيڪو ڪڍڻ، هٽڙي ۽ هوسڙي ۾ رهندڙ عام ماڻهو به سمجهي سگهي.
    شمشير جا انگريزي، سنڌي توڙي اردو اکر پڪا ۽ ڏاڍا خوبصورت هوندا هئا. اڪثر ماڻهو متان اهو سمجهندا هجن ته شمشير رڳو سنڌي زبان جو وڏو اديب ۽ شاعر هو. شمشير کي انگريزي زبان جي ڊرافٽنگ به بهترين ايندي هئي. هو تمام سٺي ۽ رواني سان انگريزي به ڳالهائي سگهندو هو.
    انور پيرزادو پنهنجي ڪتاب جديد سنڌي ادب جي صفحي 181 تي مولا تي آننگ آ، جي عنوان سان لکي ٿو: “جيئن سڄي سنڌ هن کي سڃاڻي، تيئن مان به هن کي سڃاڻندو هوس ته ون يونٽ واري خوفناڪ دور ۾ هو سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف مهم هلائيندو هو. ته شمشير واري سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي هئي. جيڪا جڏهن ڪال (سڏ) ڏيندي هئي ته سڄي سنڌ اٿلي پوندي هئي ته شمشير سنڌ جي جديد ادبي تاريخ جي چئن وڏن ٿنڀن مان هڪ هو اياز، شمشير، تنوير ۽ امداد. هو آزاد نظم جو جادوگر شاعر هو.
    پر 2004ع ۾ هن سان گڏ سنڌ گزيٽير لکڻ دوران مون کي ساڻس گڏ رهڻ جو پهريون موقعو مليو ته مون کي حيرت لڳي ته هن ماڻهوءَ ۾ ڪيتريون ته لڪل خوبيون آهن جن جي اڳ اسان کي خبر ڪانه هئي ۽ مون کي محسوس ٿيو ته هو سنڌ جو وڏو اثاثو آهي جنهنجو قدر گهٽ ۾ گهٽ اسان هن جي حياتيءَ ۾ ڪري نه سگهيا آهيون.
    شمشير کي انگريزي ٻوليءَ تي جيڪا دسترس آهي ان جو مون کي اڳي اندازو نه هو. هن جي ڪنگس انگلش ڏسي مون واقعي انجئاءِ ڪيو ۽ انگريزي ۾ ايڊيٽنگ ڪندي مون ڏٺو ته هن جا فل اسٽاپ ۽ ڪامائون ڳالهائي رهيا هئا.” حوالو ختم.
    شمشير جي زندگي ۾ 11 جي انگ جي اهميت:
    11 سال شمشير مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر رهيو.
    11 سال ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو.
    11 سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو،
    ترقي پسنديءَ جو سفر
    شمشير تي ترقي پسندي جو اثر گهڻو تڻو سندس زندگي ۾ آيل ٻن شخصيتن باعث ٿيو.
    1. سندس مامون، نذير حسين حيدري، جنهن وٽ هو پليو ۽ تربيت حاصل ڪئي. ننڍي هوندي ئي شمشير جي والده گذاري وئي ته سندس والد ٻي شادي ڪئي. والد جي عدم توجهي سبب هو پنهنجي مامي نذير حسين حيدري وٽ پليو. جيڪو بهترين مقرر، صحافي، حڪيم، سماج سڌارڪ ۽ اديب هو. وٽس وڏي لئبرري هئي جتي مذهب، فقهه، ترقي پسند ادب ۽ ٻيا ڪيئي ڪتاب موجود هئا جيڪي شمشير پڙهيا ۽ پرجهيا.
    حيدري تخلص به هن پنهنجي مامي نذير حسين حيدري کان متاثر ٿي رکيو ورنه سندس والد جعفري سڏائيندو هو. شمشير جا ٻيا ڇهه ڀائر حيدري نه سڏائيندا آهن.
    2. سندس زندگي ۾ سوشلسٽ ۽ مارڪسوادي لاڙا اختر رضوي سان دوستي سبب آيا جيڪو پڻ اردو زبان جو وڏو ڪامريڊ ليکيو ويندو هو. هي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هيون جن لاءِ مون ضروري سمجهيو ته انهن جو تت ٿورن لفظن ۾ اوهان جي آڏو پيش ڪريان، باقي ته سندس سموري زندگي جو احوال ڪتاب ۾ هتي هتي پکڙيل آهي.
    تعليم، ملازمتن ۽ صحافتي زندگي جا تفصيلي احوال لکيا پيا آهن.
    “مولا تي ننگ آ “ شمشير جو تڪيو ڪلام هوندو هو جنهن کي اسان سڀ انجئاءِ ڪندا هئاسون ۽ کلندا هئاسون، ڪڏهن سنجيدگي سان سوچيون ته هن مولائي، مفلس، نادار ۽ ڪمزور جي زبان تي هر وقت اهو جملو ڇو هوندو هو؟ سچل سرمست جو ڪلام آهي: “ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا”. شايد شمشير سچل جي ان ڪلام کان متاثر ٿي ان تڪيي ڪلام جو انتخاب ڪيو هوندو. مطلب ٿيو ته ڪنهن به دنيادار، طاقتور شخص آڏو جهڪڻو ناهي. ائين ڄڻ قرآن پاڪ جي صورت الفاتحه ۾ هنن لفظن جو عملي جامو هجي. “اياک نعبد واياک نستعين” . “اسان فقط تنهنجي ئي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا”. اچو ته ڀيٽ ڪريون ته مسجد جي ملان ۽ مڌ پيئڻ واري ملنگ شمشير ٻنهي منجهان خدا تي ڪنهن کي وڌيڪ اعتقاد ۽ اعتماد آهي ۽ ٻنهيءَ مان وڌيڪ خوددار ڪير آهي. مسجد جو ملان گهڻو ڪري مسجد سان گڏ ٺهيل مفت واري گهر ۾ رهندو آهي ۽ پاڙي مان مليل مانيون کائيندو آهي. سندس گذر سفر به اڪثر مسجد لاءِ حاصل ٿيل چندي تي هوندو آهي. مسجد جي ملان جي چلهه شايد ئي ٻرندي هجي ۽ شمشير جو مولا تي ننگ هوندو هو. هو پنهنجي دال ماني يا سڪل ڍوڍو به پنهنجي گهران کائيندو هو.
    ڀٽائيءَ چيو:
    منڱ تنهين کان منڱڻان جو ڏهاڙي ڏئي.
    پر هي ته گهري به نه ٿو. هي ته ائين به نه ٿو چوي:
    يا الاهي عاجزم، اميدوارم لطف تو
    حال مارا خود بداني من چه گريم پيش تو.

    هي ته ائين به ڪونه ٿو چوي:
    ڪڄاڙو ڪهانءِ تو کي معلوم سڀ ڪا.
    سندس نعرو مولا تي ننگ آهي صدا به آهي ته ادا به آهي. ٻانهپ به آهي ته خودداري به آهي. ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آئون جو ئي آهيان سو ئي آهيان. شايد سچل جي ان پرولي، ان صوفياڻي صدا جي تعبير شمشير هجي. سڀني لکيو آهي ته شمشير غريباڻي حال ۾ به وڏو خوددار هو. مسڪيني حالن ۾ به هن ڪڏهن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو نه فقط وڏو خوددار هو پر وڏو سنڌي قوم پرست به هو. هن ۾ تنگ دلي ۽ ڏيکاءُ واري قوم پرستي ڪانه هئي. هو جيئي سنڌ جا نعرا ڪونه هڻندو هو. هو پاڻ سراپا جيئي سنڌ هو، سياسي ماڻهن کي اصولن تي سمجهوتا ڪرڻا پئجي ويندا آهن. پر شمشير جا قول ۽ فعل انهن نعرن کان مٿاهان هوندا هئا.
    قاضي خادم، پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي: ته شمشير جنهن جي حيدرآباد ۾ خاص اوطاق ڪراچي هوٽل هوندي هئي. اتي ئي ون يونٽ خلاف ڪم هلندو هو ته سنڌي ٻولي کي پنهنجي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ لکپڙهه به اتان ئي ٿيندي هئي. هن جدوجهد جا، شروعات ۾ احتجاج جا مختلف طريقا به هتي ئي طئي ٿيندا هئا. جن مان هڪ دلچسپ طريقو اهو به اختيار ڪيوسين جو شمشير، ناصر مورائي، ڄام ساقي، نذير چنا ۽ مون سميت ڪيترائي اديب حيدرآباد شهر ۾ بوٽ پالش ڪرڻ لڳاسين ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيوسين، اندازو لڳايو. اڄوڪا قوم پرست عام ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرائڻ لاءِ بوٽ پالش ڪندا؟!
    ياد رهي ته اڄوڪي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي قيام ۾ به شمشيرالحيدري جو به ڪجهه هٿ ۽ حصو آهي. هن ماهوار پارس جي جون 1983ع واري ايڊيٽوريل ۾ سنڌ سرڪار کان پرزور اپيل ڪئي هئي ته سنڌي لينگويج ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وڃي.
    اڄوڪو سنڌي ادب، سنڌي شاعري ۽ سنڌي صحافت گهڻو تڻو ترقي پسند آهي ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته شمشير الحيدري، يارهن سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو. انهن يارهن سالن ۾ رجعت پرست سنڌي ادب ۽ صحافت اسري ۽ اڀري نه سگهيا. هو سنڌي ادب ۽ صحافت کي اهڙو موڙ ڏئي ويو جو ترقي پسند تحريڪ زور وٺي وئي ۽ رجعت پرستي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ ڪمزور ٿيندي نڪري وئي. پنهنجي ملازمت دوران سرڪاري خرچ تي شايع ٿيندڙ رسالن کي به هن ترقي پسند تحريرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جيڪو ڏکيو ڪم هو. دوست اڄ به نئين زندگيءَ کي ياد ڪندا آهن. جيڪو هڪ سرڪاري رسالو هو، جنهن ۾ به هن ترقي پسند شاعري ۽ ادب کي اُساريو اڀاريو، نه ته سرڪاري رسالا فقط حڪومتي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نڪرندا آهن. نئين زندگي ته شايد هاڻي به ڇپجي ٿي پر ڪير ٿو پڙهي؟
    هلال پاڪستان کان مهراڻ اخبار تائين، سندس لکڻيون ۽ اداريا بي ڊپا رهيا. ڪامريڊ هو پر ڪامريڊ هئڻ جي لاڦ نه هڻندو هو خاموشيءَ سان ڪم ڪندو هو. ويچاري غير معياري اخبار مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ ان اخبار جي ان وقت جي مالڪ حضرت پير سائين پاڳاري سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي هئي. پير سائين سگار پي رهيو هو. شمشير کي به سگار آفر ڪيائون، پر شمشير کين چيو، نه سائين منهنجو پنهنجو برانڊ آهي. پوءِ شمشير کيسي مان ولس جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ پنهنجا سگريٽ پيئندو رهيو. پير سائين پاران آڇيل سگار کان انڪار ڪرڻ به ته مزاحمت جو هڪ مثال ئي آهي. ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. شمشير پير سائينءَ کي چيو سائين توهان جي اخبار ۾ مان توهان جي ذات ۽ حرن جون خبرون نه هلائي سگهندس. اهو ڪونه لکندس ته حضرت پير سائين هيڏي آيا هوڏي ويا. يا حرن ڪهڙا ڪمال ڪيا. پنهنجي منطق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن پير سائين کي چيو، سائين انگريزي جي سڀ کان وڏي اخبار ڊان هارون فيملي جي اخبار آهي، ان ۾ توهان ڪڏهن هارون فيملي جي اُٿ ويهه، رهڻي ڪهڻي يا سندن سرگرمين جي ڪا به خبر نه پڙهي هوندي.
    جنگ اخبار مير خليل الرحمان جي اخبار آهي. اردو زبان جي سڀ کان وڏي اخبار آهي. پر ان ۾ به ڪڏهن مير خليل الرحمان يا سندن ڪٽنب جون خبرون توهان کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ نه ملنديون. اهڙيءَ طرح مان توهان جي اخبار کي به هڪ معياري اخبار بنائڻ چاهيان ٿو. جيڪا توهان جي مريدن کان سواءِ عام ماڻهو، دانشور ۽ ٻيا ماڻهو به پڙهي سگهن. سندس منطقي ڳالهيون پير سائين کي پسند آيون ۽ کيس اخبار هلائڻ جا ڪل اختيار ملي ويا. پوءِ توهان ڏٺو ته جيڪا اخبار مريدن ۽ چند مخصوص ماڻهن لاءِ ڇپبي هئي ان کي شمشير جي قلم ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. اتفاق سان اهو ايم. آر. ڊي جو دؤر هو. شمشير جا موقعي مناسبت سان اهڙا ڀرپور اداريا ايندا رهيا جو ڄڻ انهن ۾ بجلي وارو ڪرنٽ هجي. اخبار، جيڪا سون ۾ ڇپبي هئي، سا هزارن تي وڃي پهتي. اخبار کپي ويندي هئي ته ڏهوڻي قيمت تي وري پئي وڪرو ٿيندي هئي. پير سائين جي مريدن کي اخبار جو نئون انقلابي انداز سمجهه ۾ ڪو نه آيو سو هنن پير سائين کي منٿون ڪري شمشير کي اخبار مان فارغ ڪرائي ڇڏيو.
    آچر 27 جنوري 2013 جي ڪاوش ميگ ۾ فيض کوسو جي قسطوار تحرير ڇپي آهي.
    سنڌ جي اهم مزاحمتي هلچل- ايم- آر- ڊي – 25 !
    آيم. آر. ڊي تحريڪ جا چار ڏينهن ۽ شمشير الحيدريءَ جو لکيل ايڊيٽوريل هن تحرير ۾ مهراڻ اخبار جي جمعي 19 آگسٽ 1983ع ۾ شمشير جي لکيل ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. چيو وڃي ٿو ته مقداري لحاظ سان شمشير گهٽ لکيو آهي ٿورو لکيو آهي ائين برابر آهي ته پوءِ ائين ڇو آهي ته جن شاعرن، اديبن جا ڏهه ڏهه ويهه ويهه ڪتاب ڇپيل آهن ان هوندي به اهي ايڏا سڃاتا نه ٿا وڃن جيترو ٿورو لکندڙ شمشير ڄاتو، سڃاتو وڃي ٿو، نه فقط ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پر دلي عزت، وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪي ڪم پيش منظر ۾ ٿيندا آهن. ڪي پس منظر ۾ ٿيندا آهن. هو يارهن سال مهراڻ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو. يارهن سال نئين زندگي جو ايڊيٽر رهيو. انهن ٻاويهن