ڪتاب جو نالو: ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد
مصنف: جهانگير راهوجو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 780 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 455 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد” پياري دوست، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل جهانگير راهوجي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو تعارف ۽ انهن جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي.

هي ڪتاب شهيد انور عباسي يادگار سنگت پاران ڇپايو ويو هو. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست جهانگير راهوجي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري طرفان
  • مهاڳ
  • شهيدن جي فهرست

  • شهيد امان الله وسطڙو
  • شهيد انور علي عباسي
  • شهيد محمد مٺل بليدي
  • شهيد عبدالمالڪ خشڪ
  • شهيد امير علي شاهه
  • شهيد ذڪريا ميمڻ
  • شهيد جادل منگي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجهتر (75) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد” پياري دوست، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ وڪيل جهانگير راهوجي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو تعارف ۽ انهن جي سياسي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي.

    هي ڪتاب شهيد انور عباسي يادگار سنگت پاران ڇپايو ويو هو. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست جهانگير راهوجي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپيان ٿو، شهيدن جي انهن والدين کي جن پنهنجي پوڙهپ جي سهاري کي لحد ۾ لاهڻ وقت به ائين پئي چيو، “اي منهنجا پٽ! تو سنڌ مٿان سر گهوري، آزادي ماڻڻ لاءِ جا وک وڌائي آهي، اسان ان وک کي اڃا به اڳتي وڌائيندا رهنداسين، تو جهڙا پٽ ڄڻيندا رهنداسين ۽ وک وڌائيندا رهنداسين، جيسين منزل ماڻيون”


    اداري طرفان

    شهيد انور عباسي يادگار سنگت طرفان اشاعتي اداري قائم ڪرڻ جو مقصد، سنڌي ماڻهن کي ادبي شاهڪار ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي حقيقي تاريخ کي سهيڙڻ آهي. اسان پهريان هن اداري طرفان اوهانجي آڏو “سنڌ جو ڪربلا” آڻي چڪا آهيون ۽ هاڻي ساڳي ئي ليکڪ جهانگير راهوجي جو ڪتاب “ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد” اوهان جي هٿن ۾ آهي. شهيدن جي زندگيءِ تي مضمونن لکڻ وقت، جهانگير ۽ قلم هڪٻئي جو ڪيترو ساٿ ڏنو آهي ان لاءِ ته پڙهندڙ ئي ڪا راءِ ڏئي سگهن ٿا، پر اسان اها وضاحت ضروري ٿا سمجهون ته ليکڪ جو خيال هو ته هن ڪتاب سان گڏ هڪ ننڍڙو البم به شامل هجي جنهن ۾ شهيدن جون دوستن، عزيزن سان نڪتل تصويرون هُجن پر شهيدن جي پوين طرفان دلچسپي نه وٺڻ سبب اها راءِ عملي صورت اختيار نه ڪري سگهي.


    شهيد انور عباسي
    يادگار سنگت


    مهاڳ

    26 آگسٽ 1984ع کان 14 آڪٽوبر 1984ع تائين دل جي تمام سخت سور سبب ڊاڪٽرن جي مشوري سبب بستري داخل هوس. ان ڏينهن ڪنهن ضرورت سبب سنڌ يونيورسٽي ٽيليفون ڪيم جتي منهنجو آواز سڃاڻي چيو ويو، “ ترسو ته اوهان کي ضروري خبر ڏجي” ۽ پوءِ هڪدم ٽوڙي ڦاٽڪ جي درد ناڪ خبر ٻڌائي وئي. قهر ٿي ويو . مان ڊاڪٽرن جون روڪون ٽوڙي صبح جو سوير اسپتال پهتس جيـــل ڏي ويس ۽ پوءِ ٻين واسطيدار ڌار ڌار جاين کان ٿيندو نڪري آيس ٽوڙي ڦاٽڪ ڏي، جتي واردات ڏسي جڏهن ڦاٽڪ ٽپيم ته ٻه سنڌي پوليس وارا بيٺا هيا. جن مون کي سنڌي سڃاڻي هڪدم چيو ته، “ بابا، اسان اهو ڪيس ڪو نه ڪيو آهي، اُهي پنجابي فوجي اَٿو جن هيءَ بي رحم خون ريزي ڪئي آهي.”
    ڦاٽڪ ٽپي مانجهند ٿاڻي تي پهتس ته جيئن ڏوھ جي فرسٽ رپورٽ ڏسي سگهان. ٿاڻي تي ايترا ته سنڌي (زالين مڙسين) بند ٿيل ڏٺم جو ڄڻ ته ايراضيءَ جا سڀ سنڌي ڳولي آڻي بند ڪيا ويا هُجن ۽ وري هيڏي هوڏي نهاريم ته فوج ايتري نظر آئي ڄڻ ته ڪا سموري فوج اتي ئي اچي بيهاري وئي هُجي هڪ سڃاڻو آفيسر کان پتو پيو ته فرسٽ رپورٽ جو ڪتاب ئي ڊي ايس پي محمد حسن سولنگي ۽ ڪرنل کاڻوٺ ٿاڻي تي کڻي ويا آهن جتي هو رٿون پيا ڪن ته رپورٽ ڪيئن لکجي؟ اتان شهيدن جي پٿر تي ويهڻ ۽ فاتحه پڙهڻ لاءِ روانو ٿيس. سنڌ جي کاتي تي شهيد ٿيل نوجوانن جي فاتحه جي ايم سيد کان سواءِ آخر ڪنهن سان ڪجي؟ پهتس ته سنڌ جو سائين اڳ ئي پٿر تي ويٺو هو ۽ کيس سڀ خبرون پهتل هيون، سندس پٽ امير حيدر شاھ کي اڳ ئي فوج قيد ڪري وئي هئي. شاھ بي حد خاموش هو پر پوءِ ڄڻ مون تي ڪاوڙجي چيائين “تون خطري جهڙي بيماريءَ مان ڇو اٿي آيو آهين؟ رات جو سور پيو هو سمهي رهيس صبح سان اٿيس ته سيد کي تمام گهڻي درد ۾ ڏٺم ۽ پاڻ گهران پاڪن جي ڪا ڪاري پوتي کڻي آيو ۽ پٽيون ڪٽي پاڻ به ٻڌائين ۽ اسان کي به ٻڌائين ۽ چيائين ته، “ اسانجو ته اِهو دستور آهي ته پلاند کان اڳي ڪارو پٽڪو لاهيون ئي ڪونه” ۽ وري ورانڊي مان ٻاهر نڪري اسان ڏانهن نهاري دانهون ڪري چيائين ته “خدايا اسان جي بهادر مظلومن جو پلاند ڪر” آءُ واپس ٿيس، وري مانجهند ٿاڻي تي آيس ته اتي ڪو به عملدار ڪو نه هو. يونيورسٽي ۾ اچي بليدي شهيد جي پونيرن سان فاتح ڪيم ۽ پوءِ سڌو ڪوٽڙي پهتس، انهن آفيسرن سان مليس جن وٽ قائدي موجب فرسٽ رپورٽ هجڻ گهرجي ها مگر انهن آفيسرن (ڪوڙ يا سچ) ٻڌايو ته FIR ڪو نه پهتي آهي ۽ پوءِ وري اچي بستري داخل ٿيس ۽ بستري تان ئي ڪن سنڌي وڪيلن کي گڏ ڪيم جن وڏي حوصلي سان ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ هڪڙي رات جو گهر تي هڪ اڻ سڃاتل ماڻهو اچي فرسٽ رپورٽ جي ڪاپي ڏني. هو اها ڪاپي دادوءَ جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي آفيس مان لڪائي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي آيو هو. رپورٽ پڙهيسين ته ظاهر ظهور ڪوڙ. اسانجا تعليم يافته بي گناھ طالب علم نوجوان ماريا پنجابي فوجين، تن کي لڪائي مقامي پوليس وارن جا نالا ڏنا ويا هيا.
    قومون ٺهن ڪيئن ٿيون، غلام ڪيئن ٿيون ٿين ۽ وري غلاميءَ مان آزاد ڪيئن ٿيون ٿين يا وري سندس وجود ئي ڪيئن ٿو ختم ٿي وڃـــــي سو سڀ احوال دلچسپ ته آهي پر آهي البت ڊگهو غلاميءَ ۽ غداريءَ جو پڻ وڏو واسطو آهي. سنڌ ۾ اسانجي سانڀر ۾ اڪيلا ماڻهو انفرادي طرح، پنهنجي غرض خاطر غداري ڪندا هئا پر هاڻي غداري به هڪ ٻئي طريقي سان ٿي ٿئي. اڳي غدار هڪدم پڌرا ٿي پوندا هئا، هاڻي غدار مذهب جا نقاب سوشلزم جا نقاب ۽ جمهوريت جا نقاب پهريو پيا هلن. غدارن جا به وڏا وڙ آهن. هڪڙا شعوري غدار ۽ ٻيا لاشعور غدار پر ٽيان وري سڀني کان وڌيڪ بي حيا Traitors Ideological آهن. مونکي ته سنڌي ۾ ان.جو ترجمو به ڪو نه ٿو اچي ۽ ڪو اصطلاح ٺهي به ويو ته شرم ٿو اچي ته مظلوم ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ڪو اهڙو فقرو ٺهي وڃي. پر پوءِ ڪهڙو علاج آهي!؟ ڪهڙو علاج!؟ علاج آهي، علاج آهي ۽ اهو علاج ٿيندو سنڌي قوم سان هم ڪلام ٿيڻ وسيلي ۾ ضروري ڳالهيون لکڻ وسيلي ڪم وڏو آهي پر ضروري آهي ۽ نڪي اهڙو وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي جو پاڻ نه ڪري سگهون. ڪم آسان آهي جي پاڻ ۾ ملي ڪم ورهائي کڻون. ڪم آسان آهي رڳو ڪامريڊڙن کان متاثر ٿي بلڪه مرغوب ٿي انکي پيچيدهه نه ڪريون. خدا جو فضل آهي جو سنڌي ماڻهو اجتماعـي طرح سياست فهمي ڏي ورن پيا. اڳي ته پنهنجي سياست مقاطعن تي ڏئي ڇڏيندا هئاسين هاڻ پاڻ ئي پيا سياست ڪن، اهو به صحيح آهي ته طاقت ۾ اچڻ لاءِ پنجاب جي چاپلوسي ڪرڻي ٿي پوي پر ڇو؟ پنهنجي طاقت ڪاڏي وئي؟ قومي تضاد بهرنوح حل ٿيڻو آهي آخر Appeasement Of Monster ڪيستائين؟ ڀلا جي ڪي سنڌي ماڻهون خود غرضيءَ ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ آسان آهن ته ڀلي، مگر اسان ته پنهنجو فرض نڀايون. چين ۾ جڏهن مائوزي تنگ جي قيادت ۾ ٽيھ هزار ماڻهن بغاوت ڪري جهر، جهنگ جبل وسايا ۽ ست هزار ميل مارچ پاسٽ ڪئي هئي تڏهن، چيانک ڪائي شيڪ جي حڪومت کين تخريبڪار، شرپسند ۽ ڌاڙيل سڏي، سندن وجود ختم ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون هيون. پوءِ انهن تخريبڪارن، شرپسندن ۽ ڌاڙيلن چين ۾ انقلاب آندو ۽ چين مان سامراجي ايجنٽن جو دور ختم ٿيو. جڏهن هندستان ۾ انگريزن جو تسلط هو تڏهن اتان جي بهادر اڳواڻن ڀڳت سگهه، سڀاش چندر بوش، پيــر صبغت اللھ شاھ (پير پاڳارو اول) ۽ ٻين آزاديءَ جي متوالن کي ڌاڙيل سڏيو ويو. ٻيلن ۾ مٿن بمبارڊمينٽ ڪئي وئي. هيمون جهڙن جوانن کي گوليءَ جو کاڄ بنايو، مُکي ٻيلي ۾ باھ ڏئي لوڙها لتاڙيا ويا. پر اڄ لوڪ انهن کي حريت پسند ٿو سڏي جيڪي ڪالھ ڌاڙيل هئا ۽ انگريزن کي هندستان ڇڏڻو پيو ۽ نتيجي ۾ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا.
    ڪيوبا ۽ بوليويا ۾ آزاديءَ جي عاشقن کي ڌاڙيل قرار ڏئي ڪچلڻ شروع ڪيو ويو، نتيجي ۾ فيڊرل ۽ چي گويرا جي قيادت ۾ باغين گوريلا جدوجهد هلائي نتيجي ۾ اتي انقلاب آيو ۽ اتي فيڊرل ۽ چي گويرا کي آزاديءَ جو علمبردار سمجهيو ٿو وڃي.
    گڏيل هندستان جي ٽُٽڻ کاپوءَ هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾ آيا. پاڪستان ۾ شامل ننڍن صوبن جي ماڻهن جو استحصال شروع ٿيو ۽ جڏهن بنگالين پنهنجي حقن تي ڌاڙو هڻندڙن سان اختلاف ڪيو ته کين باغي، ڪافر، تخريبڪار ۽ ڌاڙيلن جي لقبن سان نوازيو ويو ۽ سندن سسيون لڻڻ شروع ڪيون ويون. هنن جي مائرن، ڌيئرن ۽ نياڻين جو عزتون لٽيون ويون- نيٺ پاڪستان ٽُٽي ويو ۽ ٻن ملڪن بنگلاديش ۽ پنجابستان جنم ورتو ۽ ڪالھ پاڪستان جا غدار، باغي، تخريبڪار، شرپسند ۽ ڌاڙيل اڄ پنهنجي ملڪ ۾ حريت پسند، آزاديءَ جا متوالا ۽ بنگلاديش جا هيرا ليکيا ٿا وڃن.
    اڄ بنگال وارين حالتن وري سنڌ ۾ جنم ورتو آهي، اڄ وري سنڌي ماڻهوءَ جو پٽڪو محفوظ ڪونهي، اڄ وري هتي سنڌي نياڻيءَ جي لڄ محفوظ ڪونهي، اڄ وري هتي سنڌي روزگار لاءِ سِڪي ٿو، سنڌي ماڻهن کي پورو اجهو به ڪونهي ۽ اهي هر رات اٽي، لٽي ۽ اجهي جي سوچ ۾ گذر ڪندا آهن. اڄ هتي به سنڌي قومپرستن کي ڌاڙيل، تخريبڪار ۽ شرپسند سڏي ماريو ٿو وڃي، جيلن ۾ بند ڪيو ٿو وڃي، مٿن ڪوڙا ڪيس هنيا ٿا وڃن ۽ ڦاهين تي لٽڪايو ٿو وڃي، پر ماضيءَ جي انقلابي تاريخ جي پاڇي ۾ اهو يقين ٿي ويو آهي ته وري پنجابستان ٺهڻو آهي ۽ آزاد بلوچستان پختونستان ۽ سنڌوديش کي جلدي جنم وٺڻو آهي. اڄ جي اونداهين ۾ ويهي به سڀاڻي جي روشن ڏينهن ۾ ايمان پڪو ٿي ويو آهي ته اڄ جي شرپسندن، تخريبڪارن، غدارن ۽ ڌاڙيلن کي سڀني جي تاريخ ۾ شرپسندن، امن پسند، محب وطن ۽ آزاديءَ جا اهڃاڻ لکيو ويندو.
    سنڌ اندر ٽوڙي ڦاٽڪ جو واقعو اهڙين ئي حالتن جو هڪ حصو آهي. ٽوڙيءَ جي ميدان تي جيئي سنڌ جي اڳواڻن ۽ قومپرست ڪارڪنن تي ان ڪري ئي گولين جي برسات وسائي وئي جو اهي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪري رهيا آهن. ٽوڙيءَ جي قتل ميـــدان تي شهيد امان الله وسطڙو، شهيد مالڪ خشــڪ، شهيد انور عباسي، شهيد ذڪريا ميمڻ ۽ شهيد مٺو بليديءَ جي لاشن کي اس تي ٽهڪايو انڪري ويو هو جو انهن جي نس نس ۾ آزاديءَ جو جذبو ڀريل هو ۽ قومپرستيءَ جي لهر سندن رت سان ملي وئي هئي. ٽوڙيءَ جي پٿريلي ڌرتيءَ تي ڇهن کي (ڇهون ريڍار) شهيد ۽ ڪيترن کي زخمي ۽ سو کان مٿي جيئي سنڌ جا ڪارڪن جيلن ۾ بند ان ڪري ڪيا ويا جو پنجاب جي فوج اهو سمجهيو هو ته پوري جيئي سنڌ انهن بسن ۾ سوار آهي جنهن کي ختم ڪرڻ سان سنڌ مان جيئي سنڌ ختم ٿي ويندي. پر واقعي جي ٿيڻ کانپوءَ جڏهن فوجي ۽ پاڪستان جي رکوالن اهو ڏٺو ته سنڌ جي گهرگهر، گهٽي گهٽي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان جيئي سنڌ جا نعرا گونجي رهيا آهن تڏهن يقينن کين رٽائرڊ ميجر صديق سالڪ جو لکيل ڪتاب “ مين ني ڍاڪا ڊوبتي ديکها ” ياد آيو هوندو. جنهن ۾مصنف لکيو آهي ته، “ اسان ڍاڪا يونيورسٽي جا اقبال هال ۽ جگناٿ هال ته بمن سان اڏائي ڇڏيا ۽ اتي لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا پر ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان ٻريل آزاديءَ جي چڻنگ جا بنگال جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پهچي وئي هئي تنهن کي ختم نه ڪري سگهياسين.” مان سمجهان ٿو ته انهن ميجر صديق جي ان اعتراف مان گهڻو پرايو هوندو. اڄ سنڌ جو هر نوجوان، پوڙهو ۽ ٻچو آزاديءَ جو طالب آهي. اڄ تائين قومپرستيءَ جو پيغام جيڪو محترم جي ايم سيد کان مليو اٿن سنڌ جي گهر گهر ۾ پهچائيندا رهيا آهن. اڄ جيئي سنڌ جا نعرا صرف ڀتين جي زينت وڃي ناهن رهيا، اڄ اهي نعره شهيدن جي لهوءَ سان هر سنڌيءَ جي ذهن ۽ دل تي لکجي چڪا آهن. يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ سان آزاديءَ جي تحريڪ رڪجي نٿي سگهي. ڪانڍيرا پوکي ڪڻڪ لڻڻ جا خواب ڪي جاهل اڻ سونها ۽ بي عقل ئي لهي سگهن ٿا ۽ گولين جو ٻج ڇٽي امن جي آس به ڪي عقل جا انڌا ئي رکي سگهن ٿا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اڄ جن گهر جي مالڪن کي بي گهر ڪيو ٿو وڃي، کين تعليمي ادارن مان خارج ڪري سندن هٿن مان قلم ڦريو ٿو وڃي. سي سڀاڻي پهاڙن ۽ ٻيلن ۾ پنهنجا گهر ٺاهي خالي هٿن ۾ ڪي ڳرا هٿيار کڻي وٺن ۽ وڙهندا رهن پنهنجي حقيقي ويرين سان ۽ چي گويرا جي انهن لفظن کي پنهنجو آخري ماڳ سمجهن ته :
    “ موت جٿي به مليو اسان مُسڪرائي سندس آجيان ڪنداسين. بشرطيڪ اسان جو نعراءَ جنگ ڪنهن دل ۾ کپيِ چُڪو هُجي ۽ ٻيا هٿ اسان جي هٿيارن کڻڻ لاءِ تيار هُجن. اسان جا جنازا ماتمي ترانن بدران توبن جي گجگوڙ ۾ کڄڻ گهرجن ۽ جنگ ۽ جيت جي نون گيتن سان فضا جا هنيانو ڪنبجي وڃن”.

    جهانگير راهوجو
    1986/09/03ع


    شهيدن جي فهرست

    شهيد امان الله وسطڙو

    17 آڪٽوبر 1984ع جي ٽاڪ منجهند جو، جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شاگردن سان ڀريل سنڌ يونيورسٽي جي بسن تي پاڪستاني فوجي فائرنگ ڪري رهيا هئا ته فائرنگ دوران هڪ بس جو ڊرائيور، ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي ويو، تڏهن هڪ نوجوان شاگرد پنهنجن ٻين دوستن کي فوجي درندن جي قاتلاڻي حملي مان بچائڻ لاءِ بس جو اسٽيئرينگ سنڀالي، بس کي ڪچي ميدان مان تيز هلائي ريلوي بند ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت پنجابي فوجين جي خودڪار رائيفلين مان نڪتل گولين سندس رستو روڪي ورتو ۽ سندس سيني ۾ سمائجي ويون. هي نوجوان شاگرد امان الله وسطڙو هو. سندس ان عمل ۽ سوچ کي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شهيد امان الله وسطڙو ڏاهپ، بهادري، فراخدلي، بردباري، حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو جيئندو جاڳندو مثال هو. شهيد امان الله وسطڙو سن 1958ع ۾ نوشهرو فيروز جي ويجهو مچر ڳوٺ ۾، ڳوٺ جي معتبر شخص حزب الله وسطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.
    سڌريل، پڙهيل خاندان ۽ سلجهيل ماحول سبب امان الله به ننڍپڻ کان علم پرائڻ جو شوقين هوندو هو. پاڻ ابتدائي تعليم موري مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاءِ اسڪول سنجهورو (ضلعو سانگهڙ) مان ڏنائين، اهو 1976ع جو وقت هو سندس والد صاحب اتي سروس ۾ هوندو هو. 1978ع ۾ گورنميٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو مان انٽر آرٽس ۾ پاس ڪئي. شهيد امان الله سير ۽ تفريح جو تمام گهڻو شوقين هو، شهيد جڏهن انٽر آرٽس مڪمل ڪئي ته ٻاهرين ملڪن جي گهمڻ جي شوق سبب ايران ويو. سال کن اُتي سياحت ڪرڻ کان پوءِ 1979ع ۾ واپس اچي، گورنمينٽ سائنس ڪاليج رتي ديري ۾ فرسٽ ايئر سائنس (پري انجنيئرنگ) ۾ داخلا ورتائين 1981ع ۾ شهداد ڪوٽ مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ ايم.ايس.سي (جيالاجي) ڪرڻ جي واسطي سنڌ يونيورسٽي ۾ بي.ايس.سي جي پهرين سال جي شاگرد جي حيثيت سان داخل ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ بي.ايس.سي آنزر (ٻئي سال) جو امتحان ڏئي، پنهنجي تنظيمي قافلي سان گڏ، 17 آڪٽوبر تي موهن جو دڙو سيمينار ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس شهادت نصيب ٿي.
    شهيد امان الله وسطڙو ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوقين هو سندس شهادت کان پندرهن ڏينهن بعد سندس گهر جي ايڊريس تي انگليڊ جي هڪ يونيورسٽي جو ليٽر آيو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته، اوهانکي داخلا وٺڻ جي اجازت ٿي ڏجي اهان اچي داخلا وٺو”
    شهيد امان الله جا وڏا اصل ۾ نوابشاھ ضلعي ۾ نوشهروفيروز جي ويجهو ڳوٺ مچر ۾ ويٺل هئا جتي اڃا تائين رهائش پذير آهن. شهيد جو والــــــد محترم حزب الله وسطڙو سرڪاري نوڪريءِ ۾ هجڻ سبب، مختلف جڳهن تي رهي چڪو آهي، جنهن ڪري امان الله به پنهنجي والد سان گڏ مختلف جڳهن تي رهيو ۽ پڙهيو. امان الله جو والد صاحب هن وقت ايس.ڊي.ايم آهي ۽ سندس شهادت وقت مختيار ڪار هو. شهيد پنهنجي والدين جو ٻيو نمبر پٽ هو. شهيد امان الله وسطڙو تمام گهڻو کلک، ملڻو جلڻو باشعور ۽ ذهين دوست هو. سندس ذهن ۽ دل هميشه سنڌي ماڻهن جي ڏکن ۽ جذبن سان سرشار هوندا هئا. سندس زندگيءَ جو مقصد به سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ تمام گهڻو سماجي ۽ سياسي ورڪر هو. سن 1981ع ۾ امان الله جي سياسي زندگيءِ جي شروعات ٿي جڏهن هن سنڌ جي حقن ۽ آزاديءِ لاءِ وڙهندڙ جماعت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت ڪئي.
    جيئي سنڌ تنظيم ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو نائب صدر چونڊجي آيو. جنهن چونڊ ۾ ساڻس گڏ فقير داد کوسو (صدر)، امان الله وسطڙو (نائب صدر)، تنظيم تنيو (جنرل سيڪريٽري)، حاتم شيخ ( جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ جهانگير راهوجو (راقم الحروف) خزانچي چونڊجي آيا هئا.
    شهيد امان الله وسطڙو اڻٿڪ ڪارڪن ۽ گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو. شهيد ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قائم مقام صدر به رهيو.سندس وقت، مال ۽ جان تنظيمي ڪمن لاءِ وقف هوندا هئا. سندس وڏي ۾ وڏي خواهش (جيڪا پوري ٿي) اها هئي ته سنڌ جي آزادي واري ويڙهاند ۾ وڙهندي شهيد ٿئي. هڪ دفعي پنهنجي دوست اسرار کوکر کي آٽو گراف ڏيندي لکي ڏنو هئين ته: “مان وڏو خوش نصيب هوندس جو سنڌ جي آزاديءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيان.” هي آٽو گراف 9 مارچ 1984 ۾ ڏنو هيائين جيڪو سندس شهادت کان چند مهينا ئي اڳ جو آهي سندس لکيل اهي اکر ئي پوءِ سندس تقدير جو فيصلو بڻجي ويا. شهيد امان الله هڪ سٺي قومپرست ڪارڪن هُجڻ سن گڏ هڪ سٺو دوست پڻ هو. ٻين دوستن سان هميشه هڪجهڙو محبت، خلوص ۽ سچائي واري همدردي جي رشتي سان ڳنڍيل هو. سندس چهري تي هميشه مُسڪراهٽ ۽ خوشين جا آثار نمايان نظر ايندا هئا. شهيد امان الله جي گهاٽن دوستن ۾ شهيد انور عباسي، اسرار کوکر، اقبال پٺاڻ ، نور الاهي، جهانگير راهوجو (راقم الحروف)، محمد علي بروهي، پير بخش خاصخيلي ۽ فضل عمراڻي شامل آهن. شاگردن تي ٽن منٽن جي مسلسل فائرنگ کانپوءِ جڏهن کين بس مان هيٺ لاٿو ويو ته انهيءَ وقت تائين ڪيترن ئي مائرن جي جگرن جا ٽڪر ڪُسجي چُڪا هئا، ڪيترن ئي جِسمن کي زخمن چور ڪري وڌو هو. انهيءَ وقت امان الله بس جي اسٽيئرنگ تي بي هوشيءَ جي حالت ۾ پيو هو، ڏيڍ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ جڏهن هڪ فوجي ٽرڪ زخمين کي کڻڻ آئي تڏهن انهن زخمين کي علاج لاءِ موڪليو ويو، جيڪي پاڻ اچي فوجي ٽرڪ ۾ چڙهيا ۽ اهي زخمي جيڪي بي هوشيءَ جي حالت ۾ هئا اهي بسن ۾ ئي رهيا. ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ شهيد امان الله کي ملٽري اسپتال (C.M.H) ۾ آندو ويو. جتي ساڻس گڏ هڪ زخمي اعجاز جوڻيجو به گڏ هو. جڏهن اسپتال ۾ کيس هوش آيو ته فوجي درندن کان پاڻي گهري رهيو هو. پر فوجين اهو چئي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته “اوهان پاڪستان جا غدار آهيو، اوهان لاءِ اسان وٽ پاڻـــي ڪونهي، تون به ائين پاڻي، پاڻي ڪري مر......” پر ان و وقت شهيد کين پاڻيءَ لاءِ ڪا به منٿ ميڙ ڪو نه ڪئي پر کين نفرت آميز الفاظ چئي رهيو هو ۽ کين وڌيڪ ذهني ايذاءِ ڏيڻ لاءِ “ سنڌو ديش مقدر آ، جي-ايم سيد رهبر آ.” جا نعرا هڻي رهيو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ پاتل منڊي ۽ گهڙي اعجاز جوڻيجي کي لاهي ڏنائين . شايد پنجابي فوجين جي رائفلن مان نڪتل گولين، امان جي جسم کي بي ستو ته ڪري ڇڏيو هو پر سندس ذهن کي هر گز نه لوڏي سگهيون. اهو ئي سبب آهي جو شهيد جي زندگيءَ جي آخري گهڙي به سنڌ جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي گذري هئي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي هن سورهيه سپوت کي رات جو تقريبا ساڍي اٺين بجي پنهنجي ڌرتيءَ ماتا سان پيار ڪرڻ جي عيوض شهادت نصيب ٿي. شهيد جو والد محترم حزب الله ان وقت کپري جو مختيار ڪار هو، ٽيليفون وسيلي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ رات جو هڪ بجي کيس اطلاح ڏنو ته اوهان جو لخت جگر اڄ اوهان کان جُدا ڪيو ويو آهي ۽ 18 آڪٽوبر تي صبح جو 6 بجي شهيد جو خاڪي جسم اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ کڻائي والدين جي حوالي ڪيو- جيڪو پوءِ سندس اباڻي ڳوٺ مچر جي آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


    شهيد انور علي عباسي

    انڊس هاءِ وي تي، پاڪستاني فوجي جا ست هزار سپاهي متحرڪ هئا، هنن روڊ جي ٻنهي پاسن کان مورچا بندي ڪري ڇڏي هئي، ڄامشوري ڦاٽڪ کان وٺي سيوهڻ تائين ملٽري انٽيليجنس جا ماڻهون ڪنهن اهم مشن لاءِ گاڏين ۾ گهمي رهيا هئا. ان ڏينهن شايد پاڪستان جي وجود جو مسئلو هو ايڏي وڏي نفريءِ ۾، فوج پريشانيءَ جي عالم ۾ متحرڪ هئي. اهڙي به ڪا ڳالھ ڪو نه هئي پر ايترو ضرور هو ته پاڪستان جي انڪارين جـــــي ڪچلڻ لاءِ ڪا نئين سازش سٽي وئي هئي. ان ڏينهن ڪجهه سنڌ دوست ماڻهن جون سسيون، ديش سان محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جدا ٿيڻيون هيون، ڪن پوڙهن پيئرن جا سهارا کسجڻا هئا، ڪن ونين جا ور ويڙهاند ۾ مرڻا هئا، ڪي ڀينرون پنهنجي لڄن جي محافظن کان جدا ٿيڻيون هيون ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پٿريلو ميدان ديش ڀڳتين جي ڳاڙهي رت سان وهنجڻو هو. منجهند جا تقريبن ٽي ٿي رهيا هئا. ٽوڙي ڦاٽڪ کي بند ڪيو ويو هو. روڊ جي ٻنهي طرفن کان مورچن ۾ فوجي خودڪار رائيفلن سان منتظر هئا. ايتري ۾ سنڌ يونيورسٽيءِ جون ٻه بسون اچي ڦاٽڪ جي ويجهو ٿيون. ڦاٽڪ جو بند هُجڻ بسن جي بيهڻ جو منطقي سبب هو. بسن کي بيهڻ شرط، هيٺ لاهي بيهارڻ لاءِ اشارا ڏنا ويا. جڏهن بسون آهستي، آهستي هيٺ لهڻ لڳيون ته مٿن انڌا ڌند فائرنگ ڪئي وئي ٽن منٽن جي مسلسل فائرنگ ۾ ست ڄڻا شهيد ۽ لاتعداد سنڌي شاگرد زخمي ٿيا. بسين تي بزدل دشمنن ساڍا تيرهن سئو رائونڊ هلايا فوج جي سربراهي ميجر عزيز عباسي ڪري رهيو هو ۽ جيئي سنڌ جا ڪارڪن بسن ۾ گل محمد جکراڻيءَ جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا. جڏهن فائرنگ بند ٿي ته ان وقت شاگردن کي بسين مان لاهي رائيفلن جي وچ ۾ هيٺ پٽ تي سمهاريو ويو. ٻن ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ زخمين کي فوجي ٽرڪن ۾ چاڙهي ملٽري اسپتال اماڻيو ويو پر شهيد نوجوانن جا لاش بسن ۾ پيل هئا. سج جا آخري ڪرڻا ڌرتي تي سجود هئا. ظالم ۽ مظلوم، هڪ ئي ميدان تي مختلف ڪيفيتن تحت بيٺل هئا. فاتح ميجر ۽ سپاهين جي لبن تي طنزيه مرڪ ۽ مصنوعي همدردي هئي ته ٻئي طرف محڪوم ماڻهن جي اکين ۾ دشمن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار نمايان نظر اچي رهي هئي. ايتري ۾ هڪ فوجي پوئين بس مان آسماني رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس، هڪ نوجوان جو لاش هيٺ لاٿو لاش فوجي جي ٻانهن ۾ لڙڪي رهيو هو. نوجوان جي لوندڙيءَ مان گولي آر پار ٿيل هئي، هي نوجوان سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪارڪن انور عباسي هو.
    شهيد انور علي عباسي ٻارهين آگسٽ اڻويھ سئو ٻاهٺ (12/08/1962ع) ۾پھريون ڀيرو پنهجي جيجل جي جهوليءَ ۾، محترم علي محمد عباسي جي گهر ۾ اکڙيون کوليون. سندس پيدائش کان وٺي رهائش ڳوٺ پکو تعلقو قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شهيد انور عباسي کي ابتدائي تعليم لاءِ ، پهرين مئي 1969ع تي پرائمري اسڪول نئون ڳوٺ ۾ ويهاريو ويو. سندس تعليمي تاريخون سنڌي استادن جي لاپرواهي سبب سرٽيفڪيٽن تي غلط لکيل آهن. شهيد انور کي ننڍ پڻ کان ئي علم حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو، اهوئي سبب آهي جو استادن سندس اخلاق ۽ هوشيارپ ڏسي کيس ٽن سالن ۾ پنجن سالن جو ڪورس ڪرايو. شهيد انور عباسي اڻٽيهين مارچ اڻويھ سئو ٻاهتر(29/03/1972ع) ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو- جتي پاڻ سلڇڻائپ ۽ هوشيارپ سبب، استادن ۽ هم ڪلاسين جي دلين ۾ گهر ٺاهيائين.
    پاڪستان ۽ اسلام جي سهڻن نالن ۾ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڦر مار، شهيد انور کي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي قومپرست بنائي ڇڏيو هو- ڳوٺ ۾ غريب ماڻهن جي ڪمن ۾ مصروف رهڻ سندس مشغلو هوندو هو. شهيد انور اصل کان وٺي هڪ سٺو سماجي ڪارڪن پڻ هو. شهيد انور 1977ع ۾ ميٽرڪ (سائنس) پاس ڪري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾، فرسٽ ايئر (پري انجنيئرنگ) ۾ داخلا ورتي، جتان سندس باقائده سياسي ۽ انقلابي زندگيءَ جي شروعات ٿي هئي. شهيد شروع کان ئي قومي جذبي سان سرشار هو. سندس دل ۽ ذهن سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتي جي محبت سان ڀريل هئا. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪري آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سانگين کي سکي رکڻ لاءِ 1978/1977ع ۾، سنڌ جي آزاديءِ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تحريڪ “جيئي سنڌ” ۾ شموليت ڪيائين ۽ سنڌ جي آزاديءِ لاءِ تنظيمي پاليسين تحت پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ بهادريءَ سان ڪم ڪندو رهيو، شهيد انورعلي عباسي 1979ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪري 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس جي شعبي ۾ داخلا ورتي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ سبب سندس سياسي ۽ انقلابي عمل ۾ واڌ ايندي رهي. شهيد انور، شهيد هوش محمد شيدي هاسٽل جو آرگنائيزر ۽ ضلعي ڪائونسل جو مميبر به رهيو. سندس چوڻ هو ته “هڪ ادنى ڪارڪن به وڌ کان وڌ ڪم ڪري سگهي ٿو.” شهيد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ذميواري محسوس ڪندڙ ڪارڪن هو. پاڻ هميشه تنظيمي حڪم ۽ قومي ڪم کي، هر حڪم ۽ ڪم کان ترجيح ڏيندو هو. شهيد انور ڪڏهن به تنظيمي حڪم تحت مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻ لاءِ ڪو عذر پيش ڪو نه ڪيو. شهيد انور واندڪائي جي وقت ۾، هميشه ٻين ملڪن جي انقلابن جون تاريخون ۽ ٻيو انقلابي مواد پڙهندو هو. پاڻ، شهادت کان هفتو کن اڳ جيڪو ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيو هيائين اهو محترم سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب “ سنڌو جي ساڃاھ” هو. شهيد انور عباسي هڪ سماجي ۽ سٺي انقلابي ڪارڪن سان گڏ سٺو اديب پڻ هو. سندس اڻ ڇپيل ڪافي مواد اڃا تائين محفوظ آهي. شهادت کان ٿورو اڳ “ ڳوٺ وڳڻ جي تاريخ” تي ٿيسز لکي هئائين، جيڪا ماهوار ٿيسز پوءِ سنڌ يونيورسٽيءِ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. شهيد هڪ ماهوار انقلابي اخبار “سنڌو” ۾ “اقوال زرين” جي ڪالم جو سنڀاليندڙ پڻ هو ، جنهن سان آخر وقت تائين نڀائيندو رهيو. اپريل 1983ع ۾ کيس لطيف ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي پنهنجي ادبي صلاحتين سان آخري دم تائين، ڀٽائي جو “ آزاديءِ لاءِ ويڙهاند وارو پروگرام” سنڌ جي مختلف جڳهن تي پکڙيندو رهيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ادبي ۽ انقلابي ميڙن ۾ هميشه موجود هوندو هو. شهيد پر خلوص، مُسڪرائيندڙ، سنجيده، بهادر ۽ بردبار شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ سٺي ڪارڪن سان گڏ سٺو دوست پڻ هو. سندس گهرن دوستن ۾ نظير تنيو، وفا رضا، افضل شيخ، احمد علي تنيو ، قادر جوڻيجو ، لياقت عباسي، محمد هاشم چانگ، مرتضى مورائي، اعجاز شاھ، صفدر راهوجو، طارق کوکر ۽ جهانگير راهوجو (راقم الحروف) شامل آهن. شهيد انور يونيورسٽي ۾ به سياسي هلچل سان گڏ پڙهائيءَ ۾ پڻ دلچسپي وٺندو هو. ڪلاس ۾ هميشه موجود، هوشيار ۽ محنتي شاگرد ليکيو ويندو هو. شهيد انور پنهنجا سڀ تعليمي امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيا. اهوئي سبب آهي جو ضلعي لاڙڪاڻي جي ايم بي اي (ماسٽرس آف بزنس ايڊ منسٽريشن) جي سيٽ کيس مارڪن ۾ اوليت جي بنياد تي ملي. پاڻ بي ڪام (آنرز) حصي ٽئين جو آخري پيپر ڏئي، 17 آڪٽوبر تي قومي قافلي سان گڏ، “موهن جو دڙو سيمينار ۽ ڀليڪار پارٽي” ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته رستي تي پاڪستاني فوج شاگردن سان ڀريل بسن تي حملو ڪيو جنهن ۾ شهيد ٿي ويو.
    حملي کان پوءِ شهيدن جي لاشن کي فوجي ڪيمپن ۾ ۽ ملٽري هاسپيٽل پهچايو ويو. ٻين شهيدن جا لاش ته سندن وارثن، ذاتي اثر هلائي حاصل ڪري ورتا پر شهيد انور جي والد محترم علي محمد عباسي کي اهو چئي شڪ ۾ رکيو ته، “اوهانجو فرزند، انور جيل ۾ آهي.” ۽ جڏهن جيل وارن کان معلوم ڪيائون ته انهن به کين ٽارڻ خاطر اهو چيو ته، “ها، برابر جيل ۾ آهي.”
    ان وچ ۾، اخبارن ۾ سرڪاري طور تي اهو ڄاڻايو ويو ته، ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شاگرد، چوڪيدار ۽ هڪ ڪينٽين وارو مري ويا آهن. ۽ پوءِ شهيد انور عباسي کي ٻن ڏينهن کان پوءِ رات جي پيٽ ۾، واپڊا ڪالوني ڄامشورو جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. شهيد انور جي دفن ٿيڻ جي خبر، سندن والد محترم کي ڏهن ڏينهن کانپوءِ تڏهن پئي جڏهن هو، پنهنجي پوڙهائپ جي سهاري ۽ اکين جي نور کي ڏسڻ لاءِ جيل تي آيو. ۽ جڏهن هن جيل انتظاميه کي انور کي گهرائڻ لاءِ چيو ته هنن وري انور ڪرناڻي کي ملاقات لاءِ موڪليو، (جيڪو به ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار شاگرد هو) جڏهن انور ڪرناڻي انٽرويو روم ۾ گهڙيو ته هن پوڙهي مڙس کيس رڙ ڪري چيو، “ابا، ايڏانهن منهنجي انور کي ته سڏ ڪجان” انور وٽ شايد ڪوبه جواب ڪونه هو. شيخن پريان بيٺل هڪ پٽڪي واري پوڙهي جون اکيون ڳوڙهن جا نير وهائي رهيون هيون، سندس جسم ڏڪي رهيو هو، هٿ ۽ نرڙ شيخن تي رکيو هيس، سندس ديد قيدين جي ميڙ مان موڀي پٽ کي ڳولهڻ ۾ مصروف هئي ته انور ڪارن ڪپڙن ۾ملبوس اچي اڳيان ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳس، “چاچا، مان ئي آهيان تنهنجو انور، اهو انور ته......” وڌيڪ چئي نه سگهيو. پوڙهي جو جيءُ جهري پيو، چپن کي ڏندن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيائين، پر اوڇنگارون روڪڻ سندس وس جي ڳالهه ڪونه هئي. گهڻي ڀڄ ڊڪ کانپوءِ کيس اها خبر وڃي پئي ته سندس جگر جو ٽڪرو واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ لاوارث جي حيثيت سان دفنايل آهي.
    شهيد انور عباسي جي تربت ڄامشوري جي ئي حد ۾ آهي جتي ڪيترائي شاگرد روزانو اچي گلن جي ورکا ڪري ويندا آهن. شهيد جڏهن پنهنجي گهر مان آخري دفعو يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ آيو هو ته انوقت پنهنجي والد صاحب سان ان ڳالهه تي گهڻو ضد ڪيو هئائين ته، “ڄامشوري ۾ جڳهه وٺي اتي مستقل طور رهڻ گهرجي.” جنهن تي سندس والد گهڻي بحث کانپوءِ سندس اها ڳالهه مڃي هئي.


    شهيد محمد مٺل بليدي

    دنيا جي انقلابي تحريڪن ۾ شاگردن ۽ ٻين جو حصو ته گهٽ ڪونهي پر پورهيتن به پاڻ ملهايو آهي. سوويت يونين کان وٺي، چين، ڪيوبا، ويٽنام، بنگال ۽ انگولا جي اگهاڙن ماڻهن جي انقلابي تحريڪن ۾ به پورهيتن جو مکيه ڪردار رهيو آهي. ۽ اهڙن انقلابي تحريڪن۾ پورهيتن جي سلسلي جي ڪڙي اڃا ٽٽي ڪونهي.
    شهيد مٺو بليدي انقلابي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو سلسلو ڪيترن ئي جڳن کان دنيا جي ڌرتيءَ تي هلندو پيو اچي.
    شهيد محمد مٺل بليديءَ جو ڄم 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پٿريلي زمين تي هڪ ڪکائين گهر ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ ڳوٺ صحبت خان بليدي ضلعي جيڪب آباد جا رهندڙ هئا پر پوءِ اهي روزگار جي تلاش ۾ ساڍا چار سو ميل سفر ڪري اچي ڄامشوري رهيا هئا. مٺو بليديءَ جي والد محترم بخش علي بليديءَ کي 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي هئي، جنهن سبب هنن هتي اچي مستقل رهائش حاصل ڪئي. مٺو بليديءَ جي پوري پالنا به سنڌ يونيورسٽي جي ڌرتي تي ٿي ته وري سندس انت کانپوءِ به کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ سمهاريو ويو.
    شهيد مٺو بليديءَ کي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز ۾ چوڪيداري ملي هئي. هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو سنڌي شاگردن جي حفاظت ۽ خدمت ۾ گذاريو هو، پوءِ کڻي سندس ان عمل جو سبب پيٽ ۽ پگهار ڇو نه هجي پر ايترو ضرور ٿيو هوندو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙي سياسي تجربي گاهه مان ڪي ڪجهه پرايو ضرور هوندو. ڇو ته جڏهن ماني کڻي پيءُ کي ڏيڻ ايندو هو تڏهن ون يونٽ جي تحريڪ سندس اکين اڳيان گذري هئي تڏهن اڃان سندس عمر 14 سال هئي پر اها عمر اهڙي به ڪونهي جو 4 مارچ جهڙو واقعو وسري وڃي. سندس هوش ۾ ئي اشوڪ کي گم ڪيو ويو، “يوم غيرت” (2 آڪٽوبر) به اڃا کيس چڱي ريت ياد هوندو ۽ سندس اکين اڳيان احسان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ جو منظر ته چٽجي بيٺو هوندو. انهن سڀني واقعن سندس ذهن ۾ ضرور قومپرستيءَ جو واس ڏنو هوندو.
    مٺو بليدي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ڊيوٽي سنڌ يونيورسٽي جي انٽر نيشنل هاسٽل ۾ هوندي هئي، جتان هن هڪ اهڙي سفر جي شروعات ڪئي، جنهن تي ويل اڃا وريائي ڪونهن.
    شهيد مٺو بليدي 7ا آڪٽوبر تي يونيورسٽيءَ جي بس ۾ لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ بسن تي فوجين فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي زخمي ٿيا ۽ ڪيترائي پنهنجي ظاهري زندگيءَ وڃائي ويٺا، انهن ۾ مٺو بليدي به شامل هو. مٺو بليدي کي گولي هڻڻ وقت کانئس اهو هرگز نه پڇيو ويو ته تون ڇا ڪندو آن، ڪير آن، ڪهڙي پارٽيءَ سان واسطو اٿئي؟؟ پر گولي بغير پڇا ڳاڇا مٺوءَ جي سيني ۾ سمائجي وئي هئي. هو به ساڳئي ڏوهه جو ڏوهي هو جنهن ڏوهه ۾ مالڪ جي لبن تان مرڪ ڦري کيس بي ستو ڪيو ويو، انور کي لاوارث ڪري دفنايو ويو هو، ذڪريٰ کي به گولي هنئي وئي ۽ امان جي اکين کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو هو ۽ اهو مشترڪه ڏوهه اهو هو ته اهي سڀ سنڌي هيا، کين سنڌ ڌرتي سان محبت هئي ۽ سنڌ جي لڄ جي حفاظت ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات جو وچن ڪيو هيائون.
    شهيد مٺو بليديءَ کي ڄامشوري اسٽيشن جي ڀر ۾، قبرستان ۾ دفنايو ويو. شهيد مٺو بليدي پنهنجي نيم نابين ماءُ جو واحد سهارو هو. سندس پوڙهي ماءُ جون اکيون اڃا در ۾ ٽنگيل آهن ته، “ ڄاڻ مٺو ايندو ۽ پنهنجي پگهر مان ڪمايل پئسن مان داڻا آڻيندو ته گهر ۾ لولو پچندو.” داڻن آڻڻ لاءِ ويل مٺو ته ڪونه موٽيو، پر جڏهن مٺوءَ جو بي ستو جسم سندس پوڙهي ماءُ اڳيان رکيو ويو هوندو ته ان وقت ان ماءُ جي ڪيئن دل ڌڙڪندي هوندي، ان جو اندازو صحيح طور تي ڪا ماءُ ئي ڪري سگهي پر ايترو ضرور آهي ته شهيد مٺوءَ جو روح سنڌ جي شهر شهر ۾، ڳوٺ، ڳوٺ ۾ گهر، گهر ۾ ۽ گهٽي، گهٽيءَ ۾ وڃي رڙيون ڪندو هوندو، ته اي سنڌيو! ٻڌايو مونکي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي، ڪهڙي سبب مون کان زندگي ڦري وئي ٻڌايو! ڪهڙي گهر مان ڌاڙو هنيو هو؟، مون ڪهڙي ماءُ جو لال ڪٺو هو؟؟ مون ڪهڙي وني جي ور کي هميشه لاءِ بي جان ڪيو هو؟ مون ڪهڙي ڀيڻ کان اميدن جو سهارو کسيو هو؟؟ جي نه ته پوءِ ٻڌايو منهنجي ماءُ کان مونکي ڇو ڌار ڪيو ويو؟، منهنجي گهر مان سر جو ڌاڙو ڇو هنيو ويو، منهنجي ونيءَ کان ور ڇو جدا ڪيو ويو، منهنجي ڀيڻ کان اميدن جو سهارو ڇو کسيو ويو؟؟؟ ٻڌايو، ٻڌايو!؟؟ مونکي هيتري سزا ان ڏوهه ۾ ڏني وئي آهي ته مان سنڌي آهيان؟؟؟ ۽ پوءِ ان وقت باشعور ذهن جا مالڪ، سچي دل جا وارث ۽ غيرت مند سنڌي مٿي تي هٿ رکي اٿي بيهندا هوندا ۽ چوندا هوندا، “ها مٺو، توکي ان ڪري بي جان بنايو ويو جو تون سنڌي آهين ۽ اهو ڏوهه اسانجو به آهي. پر اڄ اسين توسان، تنهنجي ڪريل رت جي ڦڙي ڦڙي جو قسم کڻي وچن ٿا ڪريون ته جيسين تنهنجي بزدل قاتلن ۽ انهن زرخريد ديش دروهين کي دز ۾ نه ملائينداسين، تيسين سک جو ساهه نه کڻندا سين”


    شهيد عبدالمالڪ خشڪ

    ڊگهو قد، ويڪرو منهن، چاپهين ڏاڙهي، ويڪري ڇاتي کليل رنگ، ستل هو بس جي پهرين سيٽ تي، اکيون چمڪيدار کليل هيس ڄڻ منتظر هيس ڪنهن منزل کي ڏسڻ لاءِ سڄو سارو رت ۾ ڀڳل هو. رت سندس پاسي مان، ڦوهاري وانگر ٻاهر نڪري رهي هئي. سندس جسم ٿڌو ٿيو بغير ڪنهن ٿوري حرڪت جي پيو هو. شايد سندس جسم ۾ جيءُ هيو ئي ڪونه.
    پتو پيو عبدالمالڪ خشڪ هو، شاگر هو (پهرين سال) مهراڻ يونيورسٽيءَ جو. متوالو هو سنڌ جي آزاديءَ جو ۽ اهو ئي سبب هو سندس انت جو. هو وڃي رهيو هو پنهنجي سٿ سان گڏ لاڙڪاڻي موهن جو دڙو سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شاگردن سان ڀريل ٻن بسن تي پاڪستاني فوج خودڪار هٿيارن سان حملو ڪيو. اٽڪل چار منٽ گولين جي برسات ٿي ڪي ئي جسم هميشه لاءِ سرد ٿي ويا ۽ ڪي ئي رت هاڻي حال ۾ زندگي ۽ موت وچ واري ليڪ تي جيئندان لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيا هئا. باقي رهيلن جون اکيون ڪو شور مچائيندڙ سمنڊ ٿي پيون هيون جن ۾ اوڇنگارن جي گجوڙ سان ڳوڙها ڇوليون هڻي رهيا هئا پنهنجي وڇڙيل ساٿين لاءِ احتجاج ڪندي.
    17 آڪٽوبر تي لاڙ جي علائقي ۾ (ڳوٺ درويش تعلقو گهوڙا ٻاڙي ضلعو ٺٽو) ڪنهن گهر ۾ ماءُ هنجون هاري رهي هئي سندس جگر جو ٽڪروجدا ڪيو ويو هو. ڀينرون پنهنجي ڀاءُ “مالڪ” لاءِ ماتم ڪري رهيون هيون وني ور ور ڏئي، پار ڪڍي رهي هئي سندس ور، سندس هينئي جي هار کي سندس وجود کان هميشه لاءِ پري ڪيو ويو هو.
    عبدالمالڪ خشڪ جو جنم (ڳوٺ درويش تعلقو گهوڙا ٻاڙي ضلعو ٺٽو) ۾ ويهين جون اڻويهه سئو چوهٺ تي ٿيو. شهيد پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ پڻ اتان ڪئي. آخري وقت ۾ شهيد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ بي- اي (انجنيئرنگ) پڙهي رهيو هو پاڻ ڳچ وقت کان وٺي سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ سان وابسته هو. اسڪول جي وقت کان ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو.
    شهيد مالڪ خشڪ ٺٽي جي انهن حريت پسند ٻارن جي عمل کي ورجايو؛ جن کي ارغونن جي دور ۾، ٺٽي جي شهر ۾، رستن تي ٽنگي انڪري شهيد ڪيو ويو جو انهن پارسي ٻولي پڙهڻ کان انڪار ڪيو ۽ لطيف جي ان شعر کي عملي جامو پهرايو ته:
    جي تون پارسي سکئين، ته گولو تون غلام،
    اڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام،
    ايءَ عامن سندو عام خاصن منجهان نه ٿئي،
    انهن معصومن سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان وڃائڻ کي ته قبول ڪيو پر ڌارئي ٻولي کي پڙهڻ، غلامي قبول ڪرڻ جي برابر سمجهيو. شهيد مالڪ خشڪ کي جيڪڏهن انهن نينگرن جو روح روان سڏجي ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
    شهيد مالڪ خشڪ جو هر عمل جيئي سنڌ تحريڪ جي قيادت هيٺ، سنڌ جي آزاديءَ جي مقصد لاءِ وقف ٿيل هو. سندس چوڻ هو ته، “گهڻين زندگين جي عيوض ئي آزادي حاصل ڪري سگهبي، جيڪي ماڻهو زندگي ڏيڻ کان ڪيٻائين ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪن حقيقت ۾ ڀليل آهن.” مالڪ خشڪ پنهنجي وچن کي پاڙيو آهي.
    هن پنهنجي سر جو نذارانو ڏئي آزاديءَ جي راهه ۾ هلندڙ قافلي کي هڪ قدم اڳتي وڌايو آهي. شهيد جو ازم هماليه کان وڌيڪ اوچو ۽ رڪ کان وڌيڪ مضبوط هو. سندس ازم“جي- ايم ازم” آهي ۽”جي- ايم ازم” سنڌ جي سياسي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ اقتصادي آزادي جو پروگرام آهي. مالڪ خشڪ جي سوچ ان شعر جيان پختي۽ بامقصد هئي ته:
    جــــيل تـــه ڇاهي ڦاهي چــــاڙهيو،
    ســـــاڙي ڇــــڏيو ڀل سڀــــئي سنڌ.
    مورنه مڙنــدس چونـــــدو رهنــــدس،
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ

    شهيد مالڪ خشڪ جي پختي ازم ۽ بامقصد ارادي کي ڏسي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مالڪ گولي لڳڻ وقت به ڪنهن دشمن سپاهيءَ جي اڳيان زندگي لاءِ هٿ ڊگهو ڪو نه ڪيو هوندو پر ان وقت به سندس لبن تي آزاديءَ جا گيت هوندا ۽ دشمن سپاهي جا ڏند ان وقت کٽا ٿي ويا هوندا جڏهن سندس آواز مان اها گونجار ٻڌي هوندي، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ.
    شهيد مالڪ خشڪ جو لاش ٺٽي شهر ۾ پهتو ته ان وقت سڄي شهر ۾ ماتم متل هو ۽ هر گهر ۾ روڄ ۽ راڙو هو. ڄڻ هر گهر مان ڪو موڪلائي ويو هو، ۽ انوقت هر گهر جو “مالڪ” نڪري رستن تي آزادي جا ڏاڍ جا ڏيل ڏاريندڙ نعرا هڻندي اهو وچن ڪري رهيا هئا ته “جنهن مقصد لاءِ مالڪ خشڪ کي شهيد ڪيو ويو، جيسين ان مقصد کي ماڻيندا سين سک سان نه ويهندا سين ۽ شهيد مالڪ خشڪ سميت سڀني شهيد سنڌين جي رت جو هر ڦڙي جو پلاند وٺندا سين.”
    هزارن ماڻهن جي هجوم، شهيد مالڪ خشڪ جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيد جي لاش کي ماتمي گانن بدران قومي تراني سان، سندس ڳوٺ درويش ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


    شهيد امير علي شاهه

    17 آڪٽوبر سنڌي ڪيلنڊر ۾ قومي ڏينهن جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. 17 آڪٽوبر 1984ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ اسان کان امان الله وسطڙو، انور علي عباسي، مالڪ خشڪ، ذڪريا ميمڻ ۽ مٺو بليدي کسيا ويا هئا. سنڌي ماڻهن جي من تان اها مونجهه ئي ڪونه لٿي هئي، اڃا سنڌي ڀينرن جي ڳلن تان ڳوڙهن جا نشان ئي نه ڊٿا هئا ته وري 17 آڪٽوبر 1985ع تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ڀرسان، نظر ڦاٽڪ وٽ اسان کان امير علي شاهه جدا ڪيو ويو.
    17 آڪٽوبر 1985ع تي سڄي سنڌ ۾، ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ قومپرستن تي ٿيل قاتلانه حملي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو هو. سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي، ماڻهو ٻانهن سان ڪاريون پٽيون ڳچين ۾اجرڪن جا ڪفن وجهي ۽ هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي رستن تي نڪري آيا هئا. سندن گهر هئي ته ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ ٿيل شهيدن جي قاتلن کي ڦاهيون ڏنيون وڃن۽ گرفتار جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي سڄي سنڌ جي ٽريفڪ بند هئي، رستن تي فوج، نيم فوجي دستا ۽ پوليس گشت ڪري رهي هئي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انقلابي نعرا گونجي رهيا هئا.
    ان ئي ڪاري ڏينهن تي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن، شاگرد برادري سان ناتو نڀائڻ واسطي جلسو ڪيو ۽ پرامن جلوس ڪڍيو. جلوس جڏهن ريلوي پٽڙيءَ تي ريل روڪائڻ کانپوءِ پر امن طور واپس وري رهيو هو ته مٿس ايس پي (لاڙڪاڻي) جي قيادت ۾ پوليس فائرنگ ڪئي جنهنجي نتيجي ۾امير علي شاهه ۽ ٻيا گهڻا شاگرد زخمي ٿي پيا.
    شهيد امير علي شاهه جو جنم، تاريخ 14 جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ چوڌيري، تعلقو وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد بزرگوار محترم امان علي شاهه اصلي چوڌيري جو رهاڪو آهي ۽ حڪمت سبب تر ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيتن ۾ شامل آهي. امير علي شاهه ابتدائي تعليم آبائي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان اٺين جماعت پاس ڪئي.
    شهيد امير علي شاهه شروع کان وٺي قومپرست خيالن جو مالڪ هو. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم جيئي سنڌ ۾ شموليت ڪئي ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو.
    امير علي شاهه کي زخمي ٿيڻ کانپوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس ست آپريشن ٿيا. کيس جڏهن به هوش پئي آيوته پاڻ حوصلي افزا ڳالهيون پئي ڪيائين. 17 آڪٽوبر تي جڏهن گهران نڪري رهيو هو ته کيس چيو ويو ته تڙ ڪري پوءِ ٻاهر وڃجو. تڏهن به پاڻ چيو هيائين ته، “اڄ غم جو ڏينهن آهي. اڄ منهنجي ڀائرن تي گوليون وسايون ويون هيون اڄ آءُ تڙ نه ڪندس” ان کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ عزيز نياز شاهه کي سمجهائيندي چيو هيائين ته، “انسان جي تخليق بامقصد آهي ته پوءِ زندگي به بامقصد گذارڻ گهرجي آءُ بستري جي موت نه پر سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندي مرندس.”
    اميد ئي هڪ اهڙي شيءَ آهي جنهن جي سهاري زندگي گذاري سگهجي ٿي. پوءِ ڪي انسان اميد جي خواب جي تعبير ڏسڻ لاءِ ڏينهن راتيون گهاريندا آهن ته ڪي وري پر اميد ٿي ان مان مزا ماڻيندا آهن. پر امير علي شاهه اهڙو انسان جنهن کي منزل ماڻڻ کانپوءِ هتي گذارڻو ڪو نه پيو. امير علي شاهه کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ سندس جسم کان ساهه جدائي ڪري هميشه لاءِ هليو ويو.
    شهيد امير علي شاهه جو ٻالڪپڻ سندس آبائي ڳوٺ ۾ ئي گذريو پر ٿورن سالن کان وٺي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو. شهيد ننڍپڻ کان وٺي ذهين ۽ ڦڙت هوندو هو. هو ننڍي عمر ۾ وڏي سوچ جو مالڪ هو. سندس سوچ جون سرحدن، سندس گهر يا ذات تائين محدود ڪونه هيون سنڌ ۽ سنڌين تي ڌارين جي تسلط امير علي شاهه کي قومپرست بنائي ڇڏيو هو. هن پنهنجي زندگي ذهني ڪاوشن تحت هڪ مقصد کي ارپي ڇڏي. اهو مقصد هو، سنڌ جي سياسي، جاگرافيائي۽ ثقافتي آزادي. سندس مقصد هو ته سنڌ جون سڀ زمينون سنڌي ماڻهن وٽ هجن. سنڌ جا ڪارخانا سنڌين جي حوالي هجن. ڪو به لانگ بوٽ جهانگيئڙن جي جهوپڙن کي ڊاهي نه سگهي، ڪا به ارهي اک ڪنهن سنڌي ناريءَ ڏانهن نه کڄي ۽ پوءِ ڪو به سنڌي ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻئي اڳيان هٿ نه ٽنگي. اهوئي سندس مقصد هو جنهن سبب هن سيد سنڌ جي عزت ۽ بقا لاءِ قومي تحريڪ ۾ حصو ورتو.
    شهيد امير علي شاهه قومي ڪارڪن سان گڏ هڪ سماجي ڪارڪن پڻ هو. سندس دل غريبن جي محبت سان ڀريل هوندي هئي.ڏک سک ۾ ڳوٺ ۽ ٻين ڄاڻو سڃاڻو غريبن جو ڀاڱي ڀائيوار پيو ٿيندو هو.
    شهيد جا ٻيا ٻه ڀائر به آهن جن جا نالا اصغر علي شاهه ۽ اڪبر علي شاهه آهن. سندس ٻين ڀائرن کي به سنڌ تي پنجاب جي ٿيندڙ ظالم انتها پسند قومپرست بنائي ڇڏيو آهي.
    شديد زخم ۽ جسماني هيڻائي امير علي شاهه کي ذهني طور هيڻو ڪري ڪونه سگهيا. اسپتال ۾ جڏهن به ڪو دوست ساڻس ملڻ ٿي ويو ته هو سندس زخم ڏسي روئي ٿي ويٺو پر جڏهن به امير هوش ۾ ٿي آيو ته دوستن ۽ عزيزن کي همٿائيندي ائين پئي چيائين، “آءُ امير آهيان ۽ اميرن جا ڀائر گهٻرائيندا ناهن.” امير علي شاهه مالي طور تي ته امير ڪو نه هو پر اها حقيقت آهي امير دلي۽ ذهني طور تي امير هو. سندس ذهن آزاديءَ جي نظريي سان سرشار هو ۽ جيڪي ذهن نظريي سان مالا مال هوندا آهن اهي ذهن ڪڏهن به ڪنهن جبر جي اڳيان جهڪندا ناهن، هيڻا ناهن ٿيندا پر هميشه اڏول ۽ امير هوندا آهن.
    جڏهن امير علي شاهه جي همت، شجاعت، سچائي ۽ بهادريءَ تي سوچجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ نظر ڦاٽڪ وٽ هو، سو هٿن ۾ ٺڪر کڻي به ڌارين جي توبن سان مقابلو ڪندو هجي ۽ سندس زبان مان اها گجگوڙ اٿندي هجي، “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.”
    امير علي شاهه زخمي ٿيڻ کان صرف ٻه ڏينهن اڳ ۾، گهر ۾ چيو هو ته، “اهڙو موت ئي ڪهڙو جو ڪو به ياد ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي. مان اهڙو موت مرندس جو مون کي هر ماڻهو ياد ڪندو.”
    اها هڪ حقيقت آهي ته ههڙن حالتن ۾ امير علي شاهه کي ڪو نا اهل، بي ادب ۽ ديش دروهي ئي وساري سگهي ٿو، باقي اهل انسان، با ادب ماڻهو ۽ ديش پريمين وٽ امير علي شاهه جي اهڙي ئي حيثيت آهي جهڙي هيمون ڪالاڻي، دودي سومري، دولهه دريا خان ۽ هوشو شيديءَ جي آهي. امير جي موت امير کي امر بنائي ڇڏيو آهي. امير آزاديءَ لاءِ سر جي قرباني ڏئي تاريخ جا ورق والاري ڇڏيا آهن، اڄ امير اونداهيءَ ڌرتيءَ تي اهو ڏيئو بنجي چڪو آهي جنهن جي لاءِ آزاديءَ جو پيغام آهي.


    شهيد ذڪريا ميمڻ

    17 آڪٽوبر 1984ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ جڏهن شاگردن سان ڀريل بسن تي فوج فائرنگ ڪئي، تڏهن ڪيترن کي گوليون لڳيون هيون ۽ ڪافي ته زندگيءَ جي آخري حد به ٽپي چڪا هئا. ان ڏينهن هر گهر ۽ ميدان ماتم ڪدو بنجي ويو هو، ان ڏينهن تي سنڌ جي خونريز تاريخ ۾ هڪ باب جو اضافو ٿيو هو. سنڌ جي سرويچن سر ڏيڻ ته قبوليو هو پر سر جهڪائڻ هرگز نه قبوليو ۽ انهن سورهيه سرويچن ۾ شهيد ذڪريا ميمڻ به شامل آهي.
    شهيد ذڪريا ميمڻ جوجنم 1960ع ۾ ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ دڙي ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم دڙي مان ئي حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ 1977ع ۾ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ ڪئي. 1980ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ جي ڪورس ۾ داخلا ورتي.
    ٺٽي ضلعي جي، سنڌ جي تاريخ ۾، هر دور ۾ اهميت رهي آهي. ان ئي ضلعي ۾، غلام مصطفيٰ ميمڻ (مرحوم) جي گهر ۾ ذڪريا جهڙي قومپرست جي جنم ۽ پرورش کي تاريخ جو ورجاءُ چئجي يا حالتن جي تقاضا، پر اهو ضرور چئبو ته ننڍ پڻ کان وٺي ذڪريا جي ذهن ۽ دل کي دولهه دريا خان جي دليري ۽ مخدوم بلاول جي قومپرستي واس ڏئي ڇڏيو هو.
    شهيد ذڪريا ميمڻ قومپرست جماعت ۾ رڪن سازي ڪرائي باقائدا ڪم تڏهن شروع ڪيو جڏهن هن ڄامشوري جي پٿريليءَ ڌرتيءَ تي اچي، ٿڌڙي هير ۾ هلندڙ ڌارين جا تير سنڌي ماڻهن جي سينن ۾ چڀندا ڏٺا. 1980ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون قدم رکڻ سان ئي شهيد ذڪريا ميمڻ ڄڻ ته عملي سياست جي شروعات ڪري چڪو هو. هي باشعور نوجوان سچي جذبي ۽ سٺي ذهن جو مالڪ هو- هن جي دل ۾ غيرن لاءِ نفرت ۽ پنهنجن لاءِ محبت گهر ڪري وئي هئي. سندس هر عمل مان قومرپستيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي.
    جڏهن 1981ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج ۽ ان جي هاسٽل ۾ پنجابي غنڊن گهڙي سنڌي شاگردياڻين کان سامان ڦريو هو ۽ سندن بيحرمتي ڪئي هئي، تڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنس فيڊريشن سنڌ جي سڀني ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پنجابين کي علائقه غير قرار ڏنو هو. جنهن تي پوءِ تقريباً سڀني ادارن ۾ عمل ڪيو ويو. قومپرستن پنهنجا جوهر ڏيکاريا هيا ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ان تنظيمي حڪم کي پايه تڪميل تي پهچائڻ واري عمل ۾ شهيد زڪريا ميمڻ جو به وڏو حصو هو. انڪري کيس مهراڻ يونيورسٽي مان هميشه لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽ سندس گرفتاريءَ جا احڪام جاري ڪيا ويا. ان ڀيري 35 سنڌي شاگردن کي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو ۽ کين اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو. جن مان ڪجهه گرفتار ٿيا ۽ ڪجهه گورنمينٽ ۽ اداري جي انتظاميه جي گهڻي ڪوشش جي باوجود به گرفتار ٿي نه سگهيا. گرفتاري جا وارنٽ ۽ ريسٽيڪيشن جا احڪام ذڪريا ميمڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بنجي سگهيا ۽ هن اڏول انسان پنهنجن ابن ڏاڏن جي روايت قائم رکندي پنهنجي عمل کي تيز تر ڪيو. هن جي وڏن هن کي تنظيم کان پري ڪرڻ خاطر کيس ماستري وٺي ڏني پر هن قومپرست اتي به پنهنجي قومي ڪم کي نه وساريو ۽ اتي به شاگردن کي ڌارين جي ظلمن کان آگاهه ڪدو رهيو. اها نوڪري کيس سجاول ۾ ملي هئي، هي، اُهي ڏينهن هيا جڏهن ذڪريا کي هڪ ڏينهن سجاول کان ٺٽي وڃڻو پوندو هيو ۽ ٻئي ڏينهن حيدر آباد اچڻو پوندو هو. ذڪريا تي اهي گهرو پابنديون به کيس گهڻو مصروف رکڻ خاطر رکيون ويون هيون. پر هي نوجوان هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد، سجاول ۽ ٺٽي وچ ۾ سڀني بس اسٽاپن تي ڪچهرين جا وقت مقرر ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اسڪول کان موٽندي هر اسٽاپ تي دوستن کي گذريل ۽ موجوده حالتن تي سمجهاڻيون ڏيندو هو. شهيد آڪٽوبر جي منجهند جو سوا ٽين بجي ذڪريا جي شهادت کانپوءِ رات جو دير سان ايل- ايم- سي جي هاسپيٽل ۾ سندس لاش آندو ويو جتي انجو پوسٽ مارٽم ٿيو ۽ 18 تاريخ تي وڏين تڪليفن کانپوءِ ذڪريا جي وارثن، فوجين کان لاش هٿ ڪري سندس آباڻي ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ دفنايو ويو.


    شهيد جادل منگي

    نوٽ:-
    شهيد جادل منگيءَ تي لکيل هيءُ تاثر، مون وٽ موجود هو. سوچيم جي هن ڪتاب ۾ ٻين شهيدن سان گڏ شهيد جادل منگي جي به ڪجهه تاريخ سهيڙجي وڃي ته بهتر ٿيندو.

    ليکڪ

    1985ع جي چار مارچ جو ڏينهن هو، ريل ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺا هئا سون. هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ڪونه هئي. هنجي هڪ هٿ ۾ پرس ۽ ڪتاب هو، مائو ڪيپ پاتل هيس. ظاهري طور به باوقار شخص پئي لڳو، مون سمجهيو هو ته ڪو گورنمينٽ ملازم آهي جو ڊيوٽيءَ تان موٽيو آهي. هو خاموش ويٺو ئي رهيو هو. گاڏي ۾ ٻين جي ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان ٻڌائين پئي ۽ ڪنهن ڪنهن ويل سندس چپن تي مرڪ تري پئي آئي. پڇڻ تي ٻڌايائين ته هو سنڌ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جو شاگرد آهي. جهٽ کان پوءِ هڪ آنن وڪڻڻ وارو هوڪا ڏيندو پئي آيو، چئي، “انڊي والا، انڊي والا.” انوقت ڄڻ بجليءَ جي رو سندس جسم ۾ گهمي وئي هجي، هن آنن واري کي سڏي پڇيو، “ڪير آهين؟”، “سولنگي” آنن واري وراڻيو، “سنڌي آهين يا پنجابي؟” “سنڌي” ان وقت هي اڃا به وڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، چيائين، “اڙي دٻي ۾ به ڏسين ٿو ته سڀ سنڌي ويٺا آهن. پوءِ سنڌيءَ ۾ هوڪو ڏيندي ٻرو ٿو چڙهي.” آنن وارو غلطي تسليم ڪري، “آنن وارو آنن وارو” هوڪا ڏيندو ٻئي دٻي ۾ ٽپي ويو. ايتري ۾ باڊهه اسٽيشن اچي وئي مان هيٺ لٿس، هي به تڪڙيون وکون کڻندو مون کان اڳ نڪري ويو. مون دل ئي دل ۾ چيو، “ٺيٺ قومپرست ٿو لڳي.” ان ڏينهن 4 مارچ جي سلسلي ۾ باڊهه ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو هو، شام جو اتي وڃڻو هو. اسٽيج سڪريٽري صدارت جي ڪرسي والارڻ لاءِ جادل منگيءَ کي دعوت ڏني. ڏٺم ته ساڳيو ئي ريل وارو نوجوان هو فرق صرف ايترو هو ته مائو ڪيپ جي بدران مٿي ۾ ڳاڙهي پٽ جي ٽوپي هيس. مون کي به سڏي سندس ڀر ۾ ويهاريو ويو. مرڪي چيو هئائين، “ڏسون ڪيستائين گڏ ٿا هلون!” جڏهن تقرير لاءِ ڊائيس تي اچي بيٺو هو ته ائين پئي ڀانيم ڄڻ ڪو شينهن گجندو هجي، سندس لفظ لفظ ۾ مڻيا هئي ۽ اکر اکر ۾ سنڌ سان محبت مڙهيل هئي. سندس دل اٿاهه سمنڊ جيان اٿلي پئي هئي ۽ هو آزادي جو سبق ڏئي رهيو هو، ٻڌائي رهيو هو سنڌ تي ٿيندڙ اهي ظلم جيڪي سنڌين خلاف اڃا تائين ٿيندا رهن ٿا. هن جي گجندڙ آواز پنڊال ۾ ويٺل نوجوانن جي جذبن کي جواني بخشي هئي ۽ ائين پئي لڳو ته گهڙي گهڙي پنڊال ۾ ويٺل نوجوان تاڙين جي گونجار ۾ سندس گفتار سان اتفاق ڪندي اقرار ڪندا هجن. ته:
    ڪنهن جو هنيانءُ ڇنڊن سان ٺاري،
    ڪنهنـجي دل دڙڪـــن ســـان ڏاري
    ڪڪرن وانگر گجندا گجندا ويندا وسندا وسندا سين
    آزادي يا موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسانجو آ
    جنهن به سڏيو ان ڏانهن ڊڪندا ڊڪـــندا ويندا سين

    شهيد جادل منگيءَ جو ڄم پهرين آگسٽ 1958ع تي سندس آبائي ڳوٺ سڄڻ مهيسر لڳ پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. تڏهن سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ سنڌي ماڻهن تي “ون يونٽ” جي نالي سان قهري قانون نافذ ٿيل هئا. شهيد جادل منگي جي سڄي عمر ۾ جيڪي ويل سنڌي ويچارن تي وهيا هئا تن سندس ذهن تي گهڻو اثر ڇڏيو هو، سنڌ ۾ ڌارين جي بيٺڪيت، سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌ جي نوڪرين تي قبضن، سنڌ جي ڪارخانن تي قبضن، سنڌ جي تعليم تي قبضن ۽ سنڌ جي لڄن تي حملن کيس ذهني طور تي ڪنهن وڏي انقلاب لاءِ آماده ڪيو هو. اهڙو انقلاب جنهن جي اچڻ سان ڪو به ڌاريو سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڌاڙا هڻي نه سگهي، ڪو به لانگ بوٽ سنڌي مارن جا لوڙها لتاڙي نه سگهي، ڪو به ڌاريو سنڌي ماڻهن جي نوڪرين تي قبضونه ڪري سگهي، ڪو به ڌاريو ماڻهون سنڌ جي ڪارخاني ۾ قدم نه رکي سگهي، ڪو به سنڌي ماڻهو روزگار لاءِ واجهائيندو نه وتي، ڪو به سنڌي هاري ان داڻي جو ڪنهن اڳيان محتاج نه هجي، ڪو به معذور سنڌي ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگي، سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻني ۽ ونيءَ جا پاڻ محافظ هجن، سنڌ تي ڪو به ڌاريو حڪمراني ڪري نه سگهي. انهن سڀني ڳالهين جو حل شهيد جادل منگي جيئي سنڌ جي پروگرام ۾ ڏسي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت ڪئي. پاڻ 1977ع ۾ جيئي سنڌ اسٽونڊنٽس فيڊريشن جو رجسٽرڊ ميمبر ٿيو هو. 1978ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري سپريئر سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. پاڻ سپريئر سائنس ڪاليج ۽ خير پور ضلعي جو صدر به رهي چڪو هو ۽ پوءِ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس جو جنرل سيڪريٽري به چونڊيو.
    جادل منگي سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ جڏهن به هن ڪنهن ڌاريي جي اک سنڌ جي ڌرتيءَ تي کنيل ڏٺي ته ان وقت سندس ذهن ۽ دل ۾ باهه ڀڙڪو ٿي ڏنو. هوسنڌي قوم جو بهادر ۽ بي باڪ سپوت هو ۽ هنجي سوچ ۽ هر عمل سنڌ تي ڌارين جي ڌاڪ ختم ڪرڻ جي منصوبي تحت هوندا هئا.
    هڪ دفعي کيس خبر پئي ته سنڌ دشمن ۽ پنجاب جي هڪ ايجنٽ تنظيم پنجاب جي خوشنودگي حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبو ٺاهيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي تي مسلح حملو ڪري قومپرستن جي طاقت کي ڌڪ رسايو وڃي، معلوم ٿيڻ تي نه صرف هڪدم قومپرستن کي مطلع ڪيائين پر ان ڏکيئي مرحلي ۾ پاڻ به اچي ساٿين جي سٿ ۾ سهيڙيو. ان ئي دفعي ڪنهن قومي ڪم ڪندي هڪ حادثي ۾ سندس مٿي ۽ منهن جي کل سڙي ويئي هيس ۽ سندس هڪ هٿ پورو سڙي ويو هو. اهو وقت جادل لاءِ تمام اذيتناڪ هو، ڪو به ڊاڪٽر سندس علاج ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو اهي گورنمينٽ جي ڏمر کان ڊنا پئي. انوقت به جادل تڪليفن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو هو. جڏهن وڃي کيس مٿان بيهي همٿ ڏيارڻ جوڳا لفظ ڳالهايا هيم ته مرڪي مون ڏانهن ڏسندي چيو هيئن، “هي ته اڃا منهن جي کل ۽ هٿ سڙي ويو پر جي سنڌ جي بقا لاءِ وڙهندي پورو جسم به سڙي رک ٿي وڃي ته منهنجي مٽي جو ذرو ذرو “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ چوندو.” شهيد کي مون هميشه بهادر، سچو، سمجهدار، برجستو ۽ مخلص ڏٺو. هن وٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن کان وڌيڪ ڪو به مفاد ڪو نه هو.
    4 اپريل 1986ع هو. مرحوم ڀٽي جي وفات جو ڏينهن هو. ان ڏينهن تي پنجاب جي هڪ رٽائرڊ جنرل ٽڪا خان (جنهن 1972ع ۾ ٻولين واري هنگامي ۾ چيو هو ته، “اسان کي سنڌ جي ڌرتي گهرجي ماڻهو نه گهرجن. پوري سنڌ کي 4 ڪلاڪن ۾ ختم ڪري سگهان ٿو”) ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته، اسان پنجاب وارن کي يقين ڪونهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪيتري قدر پنجاب سان سچا آهن. پنجاب ڪنهن به تحريڪ ۾ تيستائين ڀرپور حصو نه وٺندو جيستائين سنڌ ۾ سنڌوديش جي لاءِ تحريڪ هلائيندڙن کي بلڪل ڪچليو نه ويندو ۽ سنڌ پي پي کي گهرجي ته اڳ ۾ جيئي سنڌ جو وجود ختم ڪجي.” ٽيهه لک بنگالين جي قاتل ۽ ڏهه لک بنگالي عورتن جي عصمت لٽيندڙ پنجابي جنرل ٽڪا جي چوڻ تي 15 اپريل تي نام نهاد جمهوريت جا هوڪا ڏيندڙن ٻن سون جي نفريءَ ۾ مسلح ٿي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪافي معصوم سنڌي شاگرد زخمي ٿيا هئا. (هن جهيڙي ۾ پنجاب کان آيل غنڊا به ساڻ هين) جڏهن جادل منگيءَ کي اها خبر پئي ته هڪدم ان ڏکئي وقت ۾ دوستن سان اچي گڏيو ۽ آخري وقت تائين پنجابي ڪتن ۽ ان جي ڇاڙتن سان وڙهندو رهيو. هڪ دفعي چيو هئائين، “مون پنهنجي زندگي سنڌ جي آزاديءَ کي ارپي ڇڏي آهي. منزل ڏانهن سرندي سرندي جي راهه ۾مري به ويس ته پاڻ کي امر ڀائيندس.”
    ٻارهين جولاءِ 1986ع تي جڏهن ٻڌو هيم ته جادل منگي شهيد ٿي ويو ته اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ يقين نه پئي آيوته ڪو آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ جادل به مري سگهي ٿو. جادل منگي ڪو هڪ فرد ڪو نه هو جو مري سگهي، جادل هڪ تحريڪ جو حصو هو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هو جيڪو سلسلو ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگهي. سچ چيو هو جادل ته، “جي راهه ۾ مري به ويس ته پاڻ کي امر ڀائيندس.” جادل ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي. جيستائين به سنڌي مائرون ٻچا ڄڻينديون رهنديون ۽ جيستائين سنڌ جي سڀاويڪ ڌرتي تي ڪو هڪ جيءُ به زنده آهي تيستائين جادل منگيءَ جو نانءُ زنده رهندو. جادل منگي سنڌ جي تاريخ جو ورق آهي. تاريخون ڪڏهن به ختم ناهن ٿي سگهنديون. شهيد جادل منگيءَ کي 12 جولاءِ 1986ع تي خيرپور چوڪ وٽ سپاف جي غنڊن گوليون هڻي شهيد ڪيو هو.
    شهيد جادل منگي امر آهي. هو هميشه زندهه رهندو سنڌ جي تاريخ ۾ جت هوشو، هيمو، دولهه ۽ دودو آهي اتي نائون مل، چنيسر ۽ قاضي قاضن به آهي. پر فرق ايترو آهي ته هوشو، هيمو جي هميشه، دولهه ۽ دودي جي دليري ۽ غيرت کي اڄ به سنڌي ماڻهو سلام ٿا ڪن ۽ جڏهن ڪو چنيسر، نائون مل ۽ قاضي قاضن جهڙن جو نالو ٿو وٺي ته غداريءَ جي بوءِ ۽ ان لاءِ نفرت ذهن تي تريو اچي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259613
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ