ڪتاب جو نالو: سفر بخير
مصنف: مٺل جسڪاڻي
ڇپائيندڙ: سليٽ اشاعتي شعبو
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 871 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 329 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • ارپنا
  • • سنڌ سلامت پاران
  • • اداري پاران
  • • مُهاڳ
  • • اڳياڙي
  • • پنهنجي پاران
  • • لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو...!
  • • ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال...
  • • رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد !
  • • لاهور جو لڪشمي چوڪ، دال ڀت ۽ ڪشميري چانهن...
  • • اوچي جبل هيٺ گهمڻ جي خوبصورت جڳهه: کيُوڙه لُوڻ کاڻ!
  • • ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!
  • • مريءَ ۾ مچ ڪچهري
  • • دُومِيل، جتي ٻه دريا ۽ دل وارا ملن ٿا...!
  • • اڏام کٽولي...!
  • • صدين جو سفر ڪلاڪن ۾: پاڪستان جي فطري سونهن ۽ تاريخ...
  • • اين اي آر سيءَ جو تعليمي تربيتي دورو
  • • زراعت: سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر
  • • بنا ارادي پوکيل، بنا سنڀال بيٺل، ٻيرن جا وڻ
  • • سفر بخير
  • • سفر ٻفر
  • • ٽنڊو ڄام کان ٽنڊو قيصر
  • • ڪجهه هِتان ڪجهه هُتان

  • • ارپنا

    انهن پيارن جي نانءِ
    جن جي ڪري
    هيءُ ڪتاب
    ڪتابي صورت ۾ اچي سگهيو.


    • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (138) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سفر بخير“ هڪ سفرنامو آهي، جنهن جو ليکڪ ”مٺل جسڪاڻي“ آهي. هي اهڙو سفرنامو آهي جنهن بابت فيسبوڪ تي چرچو رهيو، ان ڪتاب تي ڪيترن ئي ماڻهن راءِ ڏني، ڇو ته مٺل جسڪاڻي پاڻ به سدائين ڪتابن تي، ليکڪن تي ۽ لکڻين تي مسلسل لکندو رهيو آهي. سائين مٺل اسان جو دوست آهي، استاد آهي، شاعر آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ڪالم نگار آهي، هو اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي.
    هي ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبي ٽنڊو قيصر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين مٺل جسڪاڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. دوستن کي اها به ڄاڻ ڏيندو هلان ته ڇپيل ڪتاب ۾ اٺ صفحا رنگين تصويرن تي به مشتمل آهن. جيڪي هتي شامل ناهن ڪيا ويا.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com

    ڪتاب جي ليکڪ ڏانهن راءِ موڪلڻ يا رابطو ڪرڻ لاءِ اي ميل آهي:
    mithaljiskani@yahoo.com


    • اداري پاران

    آتم ڪٿا ۽ سفرنامو دنيا جي هر ٻوليءَ جي اها واحد صنف آهي، جيڪا پاڻ ۾ گهڻ ــ رُخي صنفِ سُخن ليکي وڃي ٿي. ادبي ٻوليءَ جي امتزاج باعث هڪ طرف منجهس تحريري حسناڪي شامل هوندي آهي، ته ٻئي طرف مختلف ماڳن مڪانن جي جاگرافيائي ڄاڻ سان گڏ، اتان جي سماجي ريتن رسمن ۽ قومن جي مزاج، سوچ جي انداز ۽ پڻ ڪردارن بابت چڱيءَ پر معلومات سمايل هوندي آهي. ڪهڙيءَ قوم ڪيتري قدر انسان دوست ۽ مستقبل شناس آهي، ان جو اندازو اتان جي سياحت ذريعي آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.
    اسان جي دوست پياري مٺل جسڪاڻيءَ پنهنجي زيرِ نظر ملڪي سفرنامي ۾، جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ بطور تخليقڪار جو ڪجهه محسوس ڪيو آهي، ان کي پنهنجي قلمي سگهه وسيلي محفوظ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هُن اڄ جي ملڪي صورتحال، توڙي مختلف علائقن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ قديم ماڳن جي تاريخي اهميت کان پڻ پڙهندڙن کي آگاهه ڪيو آهي.
    زيرِ نظر سفرنامي جو تصويري ڀاڱو پڻ پنهنجي انفراديت رکي ٿو. اميد ته پڙهندڙ دوست، محترم مٺل جي مٺڙي ٻوليءَ، ادبي انداز ۽ سفري مشاهدن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ، سندس سهيڙيل معلوماتي مواد مان پنهنجي ملڪي ماڳن ۽ ماڻهن بابت گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا.
    سليٽ/SLATE (سنگت لائبريري اينڊ ٽرانزئڪٽ ايجوڪيشن) جي پبلشنگ شعبي جي شروع کان ئي اها سوچ رهي آهي، ته پڙهندڙن کي پنهنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان منفرد ۽ سانڍڻ لائق ڪتاب مهيا ڪري، ۽ هيءُ ڪتاب پڻ يقينن اهڙو ئي هڪ ڪتاب آهي ــ ۽ ان ڏِس ۾ نئين سال جي سُٺي سوکڙي آهي.

    ــ آسي زميني
    ٽنڊو قيصر،
    7-جنوري، 2016ع


    • مُهاڳ

    قديم تعليمي طريقن ۽ جديد طرز جي تعليمي سرشتي کي بحث ۾ آڻڻ بدران، جيڪڏهن چٽي ۽ سڌي وضاحت ڪجي، ته جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي پئي اچي، تعليم جا طور طريقا به قديم مان جدت ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن ۽ اهو سفر جاري رهڻو آهي.
    اوائلي دور ۾ صرف زباني تعليم جو رواج هو. جڏهن ٻوليون لکجڻ لڳيون ته پڙهجڻ به لڳيون ۽ پوءِ تعليم ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ، سيکارڻ وارو طريقو رائج ٿيو، جنهن جي ابتدا اها ساڳئين، يعني اڄ ڪلهه جي سائنسي دور ۾ به استاد پهرين شاگرد سان زباني طور مخاطب ٿيندو آهي ۽ ان کان پوءِ، مرحليوار مختلف طريقن سان تعليم وارو عمل جاري آهي.
    ماڻهو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان پرائي ٿو، پر عملي علم، عملي طور ڪرڻ سان وڌيڪ سکي ٿو. ان نسبت سان سکيا ۾ عملي طور ڪم ڪرڻ واري طريقي جي ته تمام گهڻي اهميت آهي ئي، پر مطالعي ۽ مشاهدي کي به بنيادي اهميت حاصل آهي. ان ڪري هر تعليمي اداري ۾، شاگردن لاءِ تعليمي دورن کي لازمي سمجهيو وڃي ٿو.
    تعليمي دورن سان شاگردن جي گهڻ پاسائين تربيت ٿئي ٿي. ان ڪري جنهن جنهن شاگرد کي اهڙو موقعو نصيب ٿئي، ان کي ڀرپور نموني سان پرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
    تعليمي دورا، شاگرد پنهنجي ليکي پاڻ به ڪري سگهن ٿا، پر ادارن طرفان ٿيندڙ دورن جي پنهنجي اهميت آهي، جنهن ۾ تعليمي دورو ڪرائيندڙ استاد جي ذميواري ته وڌيل هوندي آهي، پر شاگردن لاءِ اهو استاد وڌيڪ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو پاڻ ته علم جي کاڻ هجي ئي هجي، پر هو صرف استاد نه، ساڳئي وقت شاگرد به هجي، شاگردن سان گڏ وقتي طور استاد، وقتي طور شاگرد، استاد کي ڪنهن مهل شاگردن جو هم ڪلاسي ۽ دوست ٿيڻ گهرجي، ته ڪنهن وقت استاد کي شاگرد جو مائٽ ٿي رهڻ گهرجي.
    استاد وانگر شاگردن جون پنهنجون ذميواريون آهن، شاگرد اُهو پرائيندو آهي، جنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ اوليت، اهو ڪجهه پرائڻ جي اهميت آهي، جنهن مقصد لاءِ هو تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي ٿو.
    پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي، جنهن کي سندس پڙهندڙ ۽ آئون به مٺل جسڪاڻي چوندو آهيان، ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. ورچي نه ويهڻ جهڙو هي شخص نه رڳو ڪلاس روم، تجربيگاهه، زرعي فصلن، ڀاڄين ۽ باغن ۾ سرگرم عمل هوندو آهي، پر سنڌي اخبارون هجن، اردو ۽ انگريزي اخبارون توڙي زرعي رسالا هجن، ريڊيو يا ٽي وي هجي، وقت به وقت، زرعي حوالي سان مٺل جسڪاڻي هوندو آهي، جيڪڏهن نه هوندو آهي، ته ياد رهي ٿو، ڇو ته سندس ضرورت محسوس ٿيندي آهي.
    مٺل جسڪاڻي سندس شعبي جو پراڻو استاد ۽ زرعي محقق آهي. ڪيترن ئي بين الاقوامي معيار جي تحقيقي مقالن ۾ مکيه ۽ ساٿي ليکڪ آهي. ڪيترن ئي سالن کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انگريزي ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ۾ اسسٽنٽ مينيجنگ ايڊيٽر جون ذميواريون سنڀاليندو پيو اچي. يونيورسٽي جي اشاعتي ڪمن ڪارن ۾ پڻ، گهڻو ڪري هڪ نه ته ڪا ٻيءَ ذميواري سندس ڪلهن تي هوندي آهي.
    مٺل جسڪاڻي جا اڳ ۾ به مختلف ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ڪي مون ڏٺا آهن، هڪ اڌ مون وٽ آهي. هي لاڳيتو لکندڙ آهي. سندس لکڻين ۾ تمام سٺي معلومات آهي. سندس هي ڪتاب به نظر انداز ڪري، نه پڙهڻ جهڙو نه آهي. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب شاگردن ۽ استادن کي ته پڙهڻ ئي گهرجي، پر جيڪي گهر ويٺي، ڪتاب پڙهندي، ملڪ جا مختلف علائقا گهمڻ چاهين ٿا، جيڪي ملڪ جي مجموعي زرعي صورتحال کان واقفيت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي به هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.
    مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب گهڻ مقصدي ڪتاب آهي، کيس اهڙو ڪتاب لکڻ تي کيس مبارڪ هجي.

    ــ پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ
    وائيس چانسلر
    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام


    • اڳياڙي

    سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جو ذڪر نڪرندي ئي، ذهن تي پهريون نالو الطاف شيخ جو اچي ٿو. هن دنيا جا کوڙ ملڪ گهمي، سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي صنف جا پير پختا ڪيا آهن. هن گهڻي ڀاڱي ڏورانهن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. ملڪي سطح تي به ٿيل سفر جا کوڙ سفرناما شايع ٿيل آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪنهن تعليمي اداري جي شاگردن جي تعليمي سفر کي، ڪنهن استاد سفرنامي جو روپ ڏنو هجي، اهڙي ڪاوش گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذري آهي.
    هيءُ ڪتاب ”سفر بخير“ سائين مٺل جسڪاڻيءَ جي ذهن جي منفرد تخليق آهي. مون سميت سنڌ جا گهڻا ماڻهو، مـٺل جسڪاڻيءَ کي هڪ زرعي ماهر ۽ استاد جي حيثيت سان سڃاڻين. پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام جي ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي يعني پلانٽ پيٿالوجي سان واڳيل آهي. سندس بنيادي ذميواري ته سنڌ ۾ ٻوٽن جي بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، پر لکڻ سندس ”خفت“ آهي. هن جڏهن ۽ جيڪو به لکيو آهي، منفرد انداز ۾ لکيو آهي. ڪتابن تي تبصرو هجي يا ڪنهن ڪتاب جو اڀياس، ڪنهن شخصيت جو خاڪو هجي، يا ڪنهن گڏجاڻيءَ جو احوال، شاعري هجي يا ڪهاڻي، سندس هر لکڻيءَ مان خفت نظر ايندو آهي. مان ته حيران ٿيندو آهيان، ته هو پڙهڻ پڙهائڻ جهڙي ڪل وقتي ڪم مان، هو لکڻ لاءِ وقت ڪڍي ڪيئن ٿو!؟ شايد اهو خفت ئي آهي، جنهن لاءِ وٽس چاهه به آهي ته وقت به.
    منهنجي ساڻس واقفيت به سندس لکڻ واري خفت ڪرائي. عوامي آواز مئگزين وسيلي ساڻس سنگت ٿي. مٺل انهن ڪجهه ماڻهن ۾ شامل آهي، جن جي لکڻين جو مان هميشه اوسئيڙو ڪندو آهيان. هو فطرتي سائنس سان ۽ مان سماجي سائنس سان سلهاڙيل آهيان، پر تڏهن به اسان جي ڪيمسٽري تمام گهڻي ملي ٿي. هو جڏهن به لکندو آهي، ته وڏي ڪوشش جي باوجود، مان سندس تحرير سان ڪاسائيءَ واري ڪار نه ڪري سگهندو آهيان، جو هو ان جي گنجائش ئي نه ڇڏيندو آهي. باقي منهنجي غير حاضريءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن سندس تحرير سان ٻه هٿ ٿي ويندا آهن.
    مان ذاتي طور ان راءِ جو آهيان، ته هڪ ايڊيٽر کي ڪنهن لکت کي ايڊٽ ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر، اهو حق درزي يا ڪاسائيءَ وانگر استعمال ڪري ٿو، ته ان سان نه رڳو تخليقڪار، پر تخليق جو به روح رنجي ٿو.
    مـٺل منهنجو دادلو ليکڪ آهي. جنهن جي لکڻيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪڏهن به گنجائش نه هوندي آهي. هو ڪمپيوٽر جو ڀرپور استعمال ڪري ڄاڻي، تنهن ڪري ڪمپوزنگ کان ويندي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ وارا مرحلا به پاڻ خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو آهي.
    مـٺل جي شهر ۽ درسگاهه سان مون کي بيحد محبت آهي؛ جتي پنهنجي ماروٽن ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ۽ سندس ننڍي ڀاءُ دوست عبدالله راڄپر وٽ، مان سندن شاگرديءَ واري د‍ؤر ۾ ڪيترائي ڀيرا، هاسٽل ۾ سندن مهمان ٿي رهيس. زرعي يونيورسٽيءَ جي ساوڪ ۽ ٽنڊي ڄام جي ٻاڪري ڪڙهائي اڄ به ياد اٿم.
    هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي. سندس لکڻ جو انداز نرالو آهي. هو پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ، سير ڪرائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس قلم جو اهو ڪمال آهي، ته هي سفرنامو پڙهندي، مان به ساڻس همسفر رهيو آهيان. سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن.
    مان ذاتي طور مٺل جي سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ جو مداح رهيو آهيان. کيس هروڀرو ڏکيا لفظ ڪتب آڻي، پڙهندڙن کي منجهائڻ نه اچي، هونئن به لکندڙ آڏو بنيادي مقصد معلومات رسائڻ هئڻ گهرجي، ان لاءِ ٻولي ۽ اسلوب اهم ضرور آهن، پر اجائي اها ڪوشش نه ڪجي، ته لکڻ اچي نه اچي، هِتان هُتان اوڌارا لفظ وٺي، پڙهندڙن کي لغت کڻڻ تي مجبور ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ مـٺل ان مرض کان بچيل آهي.
    هن، ملڪ جا ٻيا ماڳ گهمندي سنڌ کي نه وساريو آهي، جتي کيس ڪا چڱي ڳالهه نظر آئي آهي، ته هو ان جي تعريف سان گڏ سنڌ سان مشابهت به ڪري ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو:
    ”هڪ دروازي تي’اندر وڃڻ جو رستو‘ لکيل پڙهيم، ان بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ’اها جاءِ حاجت‘ آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان جاءِ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، نه ئي اندر ويس، پر ان جو اتي هجڻ مون کي تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هڪ دفعي راڻي باغ حيدرآباد گهمندي، مون کي اهڙي جاءِ جي ضرورت پئي، ته مون سان اهڙي ٿي، جهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي سان ٿي هجي. راڻي باغ سان لڳو لڳ عيد گاهه جي ڀر ۾ ’حاجت وارين جاين‘ تي پهچندي به منهنجو بچاءُ ايترو ٿيو جو، رڳو ڪپڙا ئي خراب نه ٿيا“.
    هن راڻي باغ جي حالت تي تبرو ڪندي، طنزيه انداز ۾ حقيقت بيان ڪئي آهي. ڪاش وس وارن کي ڪا ڪهل اچي. هو سفرنامي ۾ تفريح ڪندڙن کي سبق به ڏئي ٿو، ته ٺڳن کان ڪيئن پاڻ بچائجي. هونئن به سفر دوران پئسا مناسب طريقي سان استعمال هيٺ آڻجن، ته ان سان تفريح ۾ وڌيڪ لطف ايندو.
    مٺل جو لکيل هي سفرنامو نه رڳو سنڌي ادب ۾ منفرد ليکيو ويندو، پر تعليمي سفر کي قلمبند ڪري، دستاويزي صورت ڏيڻ جي روايت جو باني پڻ سڏبو. مٺل جي قلم ۾ جيڪا سگهه آهي، هو ان کي اڳتي به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي لاءِ، اڳ کان اڳرو ٿي ڪتب آڻيندو. سائين کي هڪ گذارش آهي ته هو هن ڪتاب جو اِي- ايڊيشن به ترت پڌرو ڪري، جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ماڻهو سندس لکڻين مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.

    ــ ڊاڪٽر قاسم راڄپر
    ڪراچي
    سومر - 21 ڊسمبر 2015ع


    • پنهنجي پاران

    ماڻهو جيئن سوچي، ويچاري، رٿابندي ڪري، چاهي، تيئن ٿئي؛ اهو ممڪن آهي به ۽ ناهي به!
    آئون جڏهن ٻُوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ بي ايس سي ايگريڪلچر آنرس آخري سال جو شاگرد هئس، تڏهن يونيورسٽيءَ مان آل پاڪستان اسٽڊي ٽُوئر جون تياريون شروع ٿيون، ته مون وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هئا، جو پنهنجي هم ڪلاسين سان، شاگرد دؤر جو اهو يادگار ٽوئر ڪري سگهان ها! ان ڪري پنهنجي پاڻ کي اها آٿت ڏني هئم، ته تعليم پرائي، ڪو سٺو روزگار حاصل ڪري، اهي سڀ ماڳ مڪان پاڻ ئي گهمي وٺندس! پوءِ ائين ٿيو، ته ڪيتريون ئي جايون، شاگرد دؤر ۾ ته نه ڏسي سگهيس، پر هڪ نه ته ٻئي بهاني، گهڻا علائقا گهمي ورتم!
    آئون 1996ع دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پنهنجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيس، رٽائر به ان ئي عهدي تان ٿيندس! 1996ع کان 2014ع تائين، مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه مليو؛ پر 2015ع ۾ منهنجي شاگرد دؤر واري تعليمي ۽ تربيتي دؤري جي ساڳئي نالي سان، دؤري جون تياريون ٿيون؛ ۽ شاگردن سان گڏ، استاد جي حيثيت ۾ سندن لاءِ انتظام ڪرڻ جي ذميواري مون کي ملي. ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، جيڪو منهنجي پيارن شاگردن مان هڪ آهي؛ ان کي منهنجي مددگار طور مون سان گڏ هلڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي، نه ته شايد نه، پڪ سان آئون هن دفعي ئي نه، شايد نوڪريءَ جي پوري عرصي ۾، ڪڏهن به اهڙي دؤري تي نه نڪري سگهان ها.
    توڙي جو آئون ڳچ عرصي کان مختلف موضوعن تي لکندو رهيو آهيان، هڪ دفعي اسلام آباد وڃڻ ٿيو هو، ان جي روشنيءَ ۾ ”سفر ٻفر“ عنوان سان، ”گهر کان گهر تائينءَ جون ڪجهه ڳالهيون!“ به لکيون هئم؛ جيڪي روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ جي سنڊي ميگزين ۾ ڇپيون هيون، اهي به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا سفرناما لکيا اٿم، ان حد تائين به، ته هڪ دفعي ٽنڊوڄام کان صرف پنج ڪلوميٽر فاصلي تي ٽنڊوقيصر ويو هئس، اهو اٽڪل پنج ڪلوميٽر مفاصلو، آئون موٽر سائيڪل تي هجڻ باوجود، اٽڪل پنجن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري سگهيو هئس! جڏهن ته موٽر سائيڪل ۾ ڪا خرابي به نه ٿي هئي، ۽ آئون به چاڪ چڱو ڀلو ۽ صحتمند هئس. ان حوالي سان به مون هڪ سفرنامو لکيو هو، اهو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. مون اڄ تائين جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، ڪيڏانهن به ڇپجڻ لاءِ موڪليو اٿم، ته گهڻو ڪري اهو ڇپجي به ويو آهي. ان هوندي به، سچ ته هن سفر تي اُسهڻ کان سفر پورو ڪري اچڻ تائين، سفرنامو لکڻ لاءِ مون قطعي نه سوچيو هو.
    هيءُ سفرنامو بنا ارادي، پاڻ مرادو لکجي ويو آهي! هيءُ سفرنامو دراصل، سڀ کان پهرين مون کان ”زراعت: سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر“ عنوان سان هڪ مضمون لکڻ جي صورت ۾ شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ خبر ئي نه پئي، هڪ ٻئي پٺيان مضمون کان پوءِ مضمون لکجندا ويا، ۽ جيڪي مضمون گهٽ، سفرناما گهڻا هئا؛ ائين نيٺ اهي سڀ ليک، جيڪي مختلف عنوانن سان هن ڪتاب ۾ شامل آهن، اهي لکي ورتم ۽ هيءُ ڪتاب سهيڙي ورتم.
    جيئن ته سفر دوران مون ڪي به نوٽ نه ورتا هئا، ۽ جيئن ته گهڻيون ڳالهيون چاهڻ جي باوجود به، نه ڪنهن سان ڪبيون آهن، ۽ نه ئي وري لکبيون آهن؛ ان ڪري جيتوڻيڪ هيءُ سفرنامو- جيترو ڪجهه هن ڪتاب ۾ آهي- شايد اڃا به لکان، ته گهڻو ڪري ايترو ئي مواد اڃا به لکي سگهجي ٿو، پر نه! منهنجي خيال ۾ مون جيترو به لکيو آهي، يعني جيترو ۽ جيڪو به مواد هن ڪتاب ۾ موجود آهي، اهو ئي ڪافي آهي.
    هيءُ ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ مون اکرن کان مدد وٺي، تازي سفر جو احوال اوريو آهي، ۽ ٻئي حصي ۾ ”سفر بخير: تصويرن جي مدد سان“ پيش ڪيو اٿم. هر تصوير جو پنهنجو پسمنظر آهي، ڪهاڻي آهي. ڪن تصويرن جي ٻولي، اسان جيڪي همسفر گڏ هئاسين، اهي عام پڙهندڙ کان وڌيڪ سمجهي ويندا، جڏهن ته ڪيترين ئي تصويرن جي ٻولي، منهنجا هم سفر ته نه سمجهي سگهندا، پر عام پڙهندڙ سولائيءَ سان سمجهي ويندا. جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٻه پراڻا سفرناما شامل آهن.
    مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ پورهيو قبول پوندو، ۽ جيڪي اڻ چٽيون ڳالهيون لکيل آهن، اهي منهنجا پڙهندڙ پاڻهي سمجهي وٺندا ۽ پنهنجو رايو ضرور ڏيندا. آئون هر مثبت راءِ قبول ڪندس.

    ٿورا نه ٿورا:
    آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ ۽ فصلن جي بچاءَ واري فيڪلٽيءَ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻيءَ جو دل سان ٿورائتو آهيان، جن مون تي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيليءَ تي اعتماد ڪندي، اسان کي فيڪلٽيءَ ۾ موجود جيتن جي سائنس (Entomology)، ٻُوٽن جي بيمارين واري علم (Plant Pathology) ۽ ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي (Plant Protection) ۾ پڙهندڙ، چوٿين سال جي شاگردن کي، 07 کان 19 نومبر 2015ع تائين، آل پاڪستان اسٽڊي ٽُوئر جي سلسلي ۾، تعليمي ۽ تربيتي دورو ڪرائڻ جي ذميواري سونپي. ان دوري دوران مون تمام گهڻو پرايو آهي، جنهن جي شاهدي لاءِ هيءُ ڪتاب ئي ڪافي آهي.
    آئون پاڪستان جي فطري تاريخ واري ميوزيم اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊاڪٽر محمد خان لغاري ۽ ايسوسيئيٽ ڪيوريٽر، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي سميت، اداري جي انهن سمورن ڪارڪنن جو به ٿورائتو آهيان، جن اسان جي قافلي کي نه صرف ميوزيم جا سڀ حصا گهمايا، پر لاڳاپيل ڄاڻ به ڏيندا رهيا.
    آئون اين اي آر سيءَ جي انتظاميا ۽ اتي موجود دوستن ۽ محققن سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جن تعليمي ۽ تربيتي سير ۾ واجب سهڪار ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر انجم منير (ڊائريڪٽر ڪراپ ڊزيز ريسرچ انسٽيٽيوٽ) ۽ ڊاڪٽر طاهره ياسمين (نيشنل آءِ پي ايم پروگرام ليڊر) جي به مهرباني، جن پنهنجي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون اسان کي ڏنيون، آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڀٽي ۽ اياز لاکو، هڪ سڄو ڏينهن اسان سان گڏ گذاري، ڪچهري ڪئي، سندن خاص وڙ ياد رهندا.
    ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ويجهي ساٿي استاد، ڊاڪٽر امتياز احمد نظاماڻيءَ جا ٿورا نه ٿورا، جيڪو هن دوري جي پسمنظر ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو. جڏهن ته زرعي انجنيئرنگ واري فيڪلٽيءَ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت جي مهرباني، جيڪو سفر دوران، مختلف ڏينهن تي، مختلف وقتن تي، مون کي ياد ڪندو رهيو، مون سان فون تي ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ حال احوال وٺندو رهيو. تعليمي سرگرمين جي حوالي سان وائيس چانسيلر جي سينيئر صلاحڪار، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو ۽ رجسٽرار، محترم حفيظ الله ميمڻ جو اتساهيندڙ سهڪار به آئون نه ٿو وساري سگهان. مختلف موقعن تي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس، محترم محمد علي سانگيءَ جو مثبت رَويو ساراهڻ به ضروري ٿو سمجهان.
    لڳ ڀڳ ستر شاگرد مون سان گڏ هئا، هر شاگرد سان گذاريل سڀ لمحا ياد رهندا، پر قائم خان ڪليري، ليب اٽينڊنٽ به اسان سان هر پل گڏ هو، سندس خلوص جو آئون انڪاري نه ٿو ٿي سگهان.
    روزاني عبرت حيدرآباد ۽ روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ جي سٿ جو هميشه ساٿ رهيو آهي. سائين حيات علي شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي مهرباني مڃڻ لاءِ ٻه اکر لکڻ ان ڪري ضروري ٿو سمجهان، ڇو ته هن ڪتاب جا ڪجهه حصا هڪ، ته ڪجهه حصا ڪنهن ٻئي شايع ڪيا. ٻنهي اخبارن جي پڙهندڙن ۽ دوستن جي موٽ سبب آئون ايترو لکي ويس، جنهن جي نتيجي ۾ پڙهندڙن سان گڏوگڏ سفر ۾ شريڪ همسفرن جي گهڻائي، هي لکڻيون سهيڙي ڪتاب جي گهُر ڪرڻ لڳي.
    پڙهندڙن جي پيار ۽ اتساهه سبب هيءُ ڪتاب وڌيڪ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي، ان ڪري آئون هر هڪ پڙهندڙ جو ٿورائتو آهيان. جيڪي دوست هيءُ ڪتاب پڙهي، پنهنجو قيمتي رايو ڏيندا، انهن جا ٿورا آئون اڳواٽ مڃي ٿو ڇڏيان.
    ڪتاب جي مختلف مرحلن ۾ عبدالرسول عباسي جي مدد ۽ سندس تخليقي صلاحيت به مون سان گڏ گڏ رهي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر جا به قرب، ڪتاب پڙهي، صورتخطي چڪاسي، پنهنجي راءِ لکي ڏيڻ ۽ ”سليٽ“ اشاعتي شعبي پاران ڪتاب پڌرو ڪرڻ تي آسي زميني جو به ٿورائتو آهيان. مير اعظم علي ٽالپر جا به وَڙُ، جيڪو سفر دوران رابطي ۾ رهيو ۽ ڪتاب جا پروف به پڙهيائين. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، شروع کان آخر تائين، منهنجو ويجهو همسفر ۽ هر مرحلي تي مددگار، ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجهلو رهيو، ان جا ٿورا ڳڻائڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن.
    مهرباني هر هڪ مهربان پڙهندڙ جي...

    ــ مٺل جسڪاڻي


    • لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو...!

    پاڻ کان وڌيڪ ٻئي جي خبر ته پري جي ڳالهه، پنهنجي خبر به گهڻن کي نه هوندي آهي. مون کي مون متعلق گهڻين ڳالهين جي خبر نه آهي، ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر هوندي به خبر نه آهي، پر ايترو ياد اچي پيو، ته جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هئس، يعني 1970ع واڌو ڪاٽو 2 ۾، درسي ڪتابن ۾ لاهور بابت پڙهيم ۽ ڪا هڪ اڌ تصوير به ڏٺم. پوءِ وري جڏهن ڳوٺ ۾ بجلي آئي، ۽ ٽي وي پهتي، ته 1980ع کان به پوءِ، ٽي ويءَ ۾ خبرن، ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن وسيلي لاهور جا ڪجهه منظر نظر آيا. جڏهن ته اخبارن ۽ رسالن توڙي مختلف ڪتابن ۾ لاهور جو احوال پڙهڻ، ۽ پاڪستاني فلمن ۾ لاهور جون مشهور جايون ڏسڻ جا موقعا پڻ مليا.
    لاهور مان لنگهي اڳتي نڪرڻ جا به ڪي ڏهه ٻارنهن موقعا مليا، ته ڪنهن مهل ريل، ڪنهن مهل رڪشا، ته ڪنهن مهل بس ۾ سفر ڪندي به، لاهور کي پنهنجي اکين سان ڏسندي گذري ويس.
    گهر ويٺي لاهور جا ججها احوال ”فري وقت“ ۾، سائين حيات علي شاهه بخاريءَ جو ”فري پيريڊ“ ڪالم پڙهندي، سائين روبرو نه هوندي به، ڪنهن مهل کلايو، ڪنهن مهل رنجايو، ته اڪثر حيران به ڪيو، تان جو ويجهڙائيءَ ۾ لاهور کي لتاڙڻ جو موقعو مليو، ته مون به ٿوري وقت ۾ لاهور جو گهڻو حصو لتاڙڻ لاءِ وسان نه گهٽايو...!
    اڳ ۾ به آئون، جڏهن به لاهور مان گذري اڳتي وڌي ويس، ته سنڌ مان ريل رستي لاهور پهتس، يا وري جتان به وريس، لاهور مان سنڌ ريل رستي موٽيس. هن دفعي سنڌ مان ريل رستي لاهور پهتس، ته شروع ۾ اهي ساڳيا منظر، اوڻيهه ويهه جي تبديليءَ سان ڏٺم، جيڪي اڳ ۾ به ڏٺل هئا.
    لاهور ۾ پهرئين ڏينهن منجهند جو پهتو هئس. اڪيلو نه هئس، ان ڪري سڀني جي رهائش جو انتظام ڪندي، واندڪائي شام جو دير سان ٿي. واندو ٿي، ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ نڪرڻ جو سوچيو، ته فائين آرٽس ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٽالپر ڳوٺ ٽنڊوڄام جو نوجوان آرٽسٽ سجاد ٽالپر اچي نڪتو. جنهن سان لاهور سنبرندي ئي رابطو ڪيو هو. اڄ پاڻ فون ڪري پڇيو هئائين. ٻڌايومانس ته اچي پهتو! ۽ پوءِ ڪجهه ٽالپر سان ڪچهري ڪندي، ڪجهه ٻين خفن جي ڪري، ڪيڏانهن به گهمڻ نه وڃي سگهيس. رات گذاري، صبح جو سوير لاهور جي عجائب گهر وڃي نڪتس. لاهور جي عجائب گهر کي اڪثر ماڻهو ميوزيم چوندا آهن، پر ان کي عجائب گهر چوڻ وڌيڪ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته عجائب گهر گهمڻ لاءِ پهچڻ سان خبر پئي ته پهرين ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي، جڏهن ٽڪيٽ وٺي پهتس، ته خبر پئي موبائيل فون اندر کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي، جڏهن موبائيل ٻاهر هٿيڪي ڪرڻ جو انتظام ڪري پهتس، ته خبر پئي ڪيميرا لاءِ الڳ ٽڪيٽ وٺڻو پوندو، جڏهن اهو ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيس ته...
    ميوزيم جا ڪجهه حصا ئي گهمي ڦري سگهيس. ڪجهه حصا مرمتي ۽ ٻئي ضروري ڪم سبب بند پيا هئا. ميوزيم ۾ اندر گهمندي ڦرندي هڪ دروازي تي”اندر وڃڻ جو رستو“ لکيل پڙهيم، ان بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُها ”جاءِ حاجت“ آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان جاءِ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، نه ئي اندر ويس، پر ان جو اتي هجڻ مون کي تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هڪ دفعي راڻيءَ باغ حيدرآباد گهمندي، مون کي اهڙي جاءِ جي ضرورت پئي، ته مون سان اهڙي ٿي، جـهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي سان ٿي هجي. راڻيءَ باغ سان لڳو لڳ عيد گاهه جي ڀر ۾، ”حاجت وارين جاين“ تي پهچندي به منهنجو بچاءُ ايترو ٿيو جو، رڳو ڪپڙا ئي خراب نه ٿيا...
    لاهور عجائب گهر جي ڀر ۾ گورنمينٽ پنجاب پبلڪ لائبرري لاهور پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن وسيع لائبرريءَ جي دروازي تان رڳو لؤُڻا هڻي جائزو وٺي سگهيس، ان بابت اتي موجود اڻ واقف کان پڇا به ڪري سگهيس، پر اندر وڃي گهمي نه سگهيس، ڇو ته اسان جي ايندڙ منزل داتا درٻار هئي ۽ ان کان پوءِ وري شاهي قلعو به گهمڻو هو.
    داتا درٻار ۾ سيڪيورٽي سخت هجڻ باوجود فقيرن ۽ ملنگن جا ٽولا ائين ئي هئا، جيئن سنڌ جي مشهور درگاهن تي هوندا آهن. درٻار جي احاطي ۾ تعمير ڪرايل خوبصورت مسجد کي ان ڪري تالا لڳل هئا، جو لاهور جا ملنگ اچي آرامي ٿيندا هئا، هاڻ اها مسجد صرف فرض نماز پڙهڻ وقت کلندي آهي، باقي وقت بند هوندي آهي.
    شاهي قلعو واقع ئي ”شاهي“ يعني وڏو ۽ وسيع قلعو آهي. اهو قلعو گهمڻ وقت آئون لڳ ڀڳ 70 ماڻهن جي قافلي سان گڏ هئس، پر انهن کان ائين وڇڙي ويس، جو مون کي اندازو ئي نه ٿيو! جتي پاڻ کي اڪيلو سمجهيم، اتي ڀر ۾ ڇٻر جو لان هو، جنهن تي ويهي ساهي به پٽيم ۽ ٻين کي به ڳوليم. ڳولڻ ۾ ايتري دير لڳي، جو لاهور مان موبائيل فون وسيلي ٽنڊوڄام گهر ڀاتين کي به اطلاع ڪيم، ته آئون وڃائجي ويو آهيان!
    شاهي قلعي جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!؟ ٻُڌل ۽ پڙهيل ڳالهين ۽ فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڏٺل منظرن جي ڪري، ڪٿي بادشاهه ته ڪٿي راڻي، ڪٿان وزير ته ڪٿان محافظ، ڪٿان شاهي بورچي ته ڪٿان خاص قيدي، منهنجي اکين اڳيان پئي ڦريا... منهنجي اڳيان، پٺيان، ٻنهي پاسن کان، ڪنهن مهل ٿورا ته ڪنهن مهل ڪيترا ئي ماڻهو هئا...
    شاهي قلعي ۾ موجود ماڻهن جي هجومن مان نڪري، قلعي کي ويجهو شاهي مسجد پهتس، ته اتي به ماڻهن جون سنگهرون هيون، جيڪي ويون ۽ وريون پئي. نائين نومبر هجڻ ڪري علامه اقبال جو ڏينهن ملهائڻ وارين ٻنهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبن جي چُر پُر به محسوس ٿي. علامه اقبال جي مزار واري پاسي خصوصي سرڪاري تقريب، ۽ ان جي مخالف طرف ڇٻر جي لان تي ڪناتن سان محدود پنڊال ۾ عام تقريب به جاري هئي.
    شاهي مسجد مان چڪر هڻي، اسان رخ ڪيو مينارِ پاڪستان ڏانهن، جيڪو پاسي مان رستي تان لنگهندي گهڻا دفعا ڏٺل هو، اهو ويجهو وڃي ڏٺم، اڻ ڏٺل نه لڳو. ان ڪري اتان روانا ٿياسين، ته اسان کي گهمائڻ واري ڪوسٽر جي عملي جي اصرار تي، بيبي پاڪ دامن جي مزار جي وڃي زيارت ڪئيسين.
    هڪ ئي هنڌ شاهي قلعو، شاهي مسجد ۽ مينارِ پاڪستان ڏسي، ان احاطي مان ٻاهر نڪتاسين، ته ڊاڪٽر محمود لغاري، زرعي انجنيئرنگ فيڪلٽيءَ جي شاگردن سميت مليو. هُو گهمڻ لاءِ پهتا هئا، اسان گهمي، ڪنهن ٻئي ماڳ ڏانهن روانا پئي ٿياسين. ڪٿان به روانو ٿيڻ وقت اسان سان گڏ ڪجهه سست ساٿين، اسان ۾ موجود چست ساٿين کي بور ۽ بيزار به ڪيو پئي، ته وقت جو قدر نه ڪرڻ سبب، ٿوري وقت ۾ گهڻو گهمڻ واري خواهش ۽ ڪوشش تي به پاڻي ڦيريو پئي. ان ڪري مناسب وقت تائين انتظار ڪرڻ باوجود، جيڪي ساٿي نه پهتا، اسان انهن کي ڇڏي، روانا ٿي وياسين. جڏهن رهجي ويلن رابطو ڪيو، ته انهن کي اسان ڳولي اچي گڏجڻ لاءِ ڏس پتو ڏنو. ان جو اهو فائدو ٿيو، ته ان عمل کان پوءِ، اسان کي گهڻن هنڌن تان نڪرڻ ۾ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پيو.
    بيبي پاڪ دامن جي مزار ڏانهن ويندي ۽ واپس ورندي، ڪي اهڙيون عورتون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي مخصوص ماڻهن ڏانهن وڌي پئي ويون. انهن مان ڪن شايد امام ضامن ڏورن ۾ ٻڌي نظرانو گهريو، ته ڪن وري گل يا ڪڱڻ وغيره ڏئي پئي نظرانو گهريو. مون ڏانهن ته ڪا به وڌي نه آئي، پر جن تائين پهتيون، انهن مان ڪي پنجاهه، ته ڪن هڪ سئو روپيا ڏئي اڳتي وک کنئي.
    ساڳئي ڏينهن تي اسان جي ايندڙ منزل انار ڪلي بازار هئي، جنهن ۾ گهمندي ڦرندي، مون ته ڪجهه به نه ورتو، پر جن مختلف شيون ورتيون ۽ احوال ڏنا، ان مان اندازو ٿيو، ته پاڻ وٽ بازارون سڀ هڪ جـهڙيون آهن.
    هاڻ رات پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، اسين سڀ ٿڪي پيا هئاسين، ان ڪري انارڪلي بازار مان موڪلائي، رهڻ واري جاءِ ڏانهن ورندي، ڪوسٽر عملي کي چيم: ”لڪشمي چوڪ جو دال ڀت مشهور آهي، پنهنجي رستي ۾ هجي ته ضرور بيهجو!“. ان ڀت جي چغلي سائين حيات علي شاهه بخاري هنئي هئي. اسان 70 ڄڻن اهو ڀت کاڌو، سائين حيات علي شاهه بخاريءَ کي ڀت واري ڪميشن ڏني يا نه، مون سائينءَ کي فون ڪري اتي پهچڻ ۽ ڀت کائڻ جي صلاح ڪرڻ سان گڏ، کيس ايترو به چيو ته: ”اوهان لاءِ پارسل (تڪڙي پوسٽ) وسيلي موڪليان يا پاڻ کڻي اچان؟ ته سائين جيڪو جواب ڏنو، اهو جيئن جو تيئن اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ياد نه آهي!
    لاهور ۾ ٻيءَ رات گذاري، صبح سوير اسان رخ ڪيو لاهور زُو (لاهور جي راڻيءَ باغ) ڏانهن. هڪ صبح جو ٿڌ هونئن ئي هئي، وري جو برسات شروع ٿي ته... برسات به وٺي پئي، اسان برسات سان به لڪ لڪوٽي پئي ڪئي، ته اتي موجود ماڻهن، پکين ۽ جانورن سان به، ڪنهن مهل اک اک سان پئي ملائي، ته ڪنهن مهل اک اک کان پئي بچائي. هرڻن ۽ هرڻين جا ڇال به وڻيا، ته ماڻهن جي چال به واهه جي هئي! هڪ عمارت جي مختلف حصن ۾ مختلف قسم جا شينهن شير بند هئا، جن مان هڪ شينهن گهڻي گجگوڙ ڪري رهيو هو!
    لاهور جي راڻيءَ باغ مان نڪتاسين ته فرمائش ٿي راويءَ پُل، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ۽ آسپاس گهمڻ جي، راويءَ پُل تي بيهڻ بنا، اها پُل ڏسي، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ڏسڻ واري جاءِ تي پهتاسين.... بهرحال، اهو ماڳ گهمندي ڦرندي، مون کي اخبارن ۾ ڇپجندڙ قديم آثارن جي مرمت وارا مطالبا ياد آيا! هي تاريخي ماڳ به شايد گهڻن کي وسريل آهن. شاهي قلعي ۾ شاهي بورچيءَ واري دروازي سميت ڪجهه ٻيا حصا، توڙي هنن مقبرن جي آسپاس وارين جاين جي سنڀال پڻ تمام گهڻي ۽ تڪڙي ڪرڻ گهرجي، نه ته ايندڙ نسل لاءِ موجوده نسل جي ڪارڪردگي پنهنجي جاءِ تي، ماضيءَ جي مهارت جا اهي اهڃاڻ، ايندڙ نسل ڏسي - پسي نه سگهندو.
    اسان جي ايندڙ منزل شاليمار باغ، گهر ويٺي يا سينيمائن ۾ ڏسندي ته تمام گهڻو خوبصورت لڳو هو، پر روبرو وڻڻ جو سبب ساوا چهچ ڇٻر جا لان، ترتيب ۾ پوکيل ۽ سنڀاليل وڻ ۽ نمائشي ٻوٽا، ۽ شاليمار باغ گهمڻ لاءِ آيل اڪيلا اڪيلا، جوڙا جوڙا ۽ ٽولا هئا...
    شاليمار باغ کان پوءِ اسان واگها بارڊر ويندي ۽ ورندي، رستي جي ٻنهي طرفن جو جائزو وٺندا، رات جي پهرين پهر گهميوسين، جديد دؤر جي جديد بازار يعني لاهور جو هائپر اسٽار!
    لاهور منهنجي خيال ۾ ملڪ جو خوبصورت، صاف سٿرو شهر آهي. هتي ڪشادا رستا، وڏا وڏا باغيچا، عام ٻٽن وڏن رستن جا وچ توڙي چوڪ، خوبصورت گلن وارن ٻوٽن ۽ ساون وڻن سان تمام وڻندڙ منظر وارا آهن. شهر ۾ صفائيءَ جو بهترين انتظام آهي. ڪيترن ئي رستن جي اڪثر چؤڪن تي صبح جو سوير پکين جي پيٽ قوت لاءِ مختلف ٻج ۽ اناج ڇٽڪاريل نظر آيو. پکين جي رهائش لاءِ ٺهرايل خاص پڃرا به گهڻن هنڌن تي ڏسڻ ۾ آيا.
    لاهور گهمڻ ۾ مهانگو آهي پر ميٽرو بس جي سهوليت سبب، عام ماڻهن جي لاءِ هاڻ لاهور گهمڻ سولو ۽ سستو به ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته ميٽرو بس جا روٽ ۽ اسٽاپ عام، مشهور ماڳن جي نسبت سان پڻ قائم ڪيل آهن. ميٽرو بس ۾ چڙهڻ لاءِ صرف 20 روپين جو ٽڪيٽ، جيڪو پهرئين اسٽاپ کان آخري اسٽاپ تائين قانوني طور هلي ٿو. ميٽرو بس مان لهي ٻاهر نڪربو، ته ٻيهر موٽي اچڻ لاءِ وري نئون ٽڪيٽ وٺڻو پوندو، پوءِ به لاهور گهمڻ لاءِ اهو ذريعو گهڻو سستو ٿي پيو آهي.
    لاهور ۾ صبح جو نيرن ۽ رات جي مانيءَ لاءِ، اسان جيڪا مناسب هوٽل ڳولي هٿ ڪئي، ان هوٽل تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه مون کي اهي سڀ ماڻهو ياد ڏياري ڇڏيا، جن جو مون ڪڏهن به وات بند نه ڏٺو آهي! ان همراهه کي مون ٻين سان ڳالهائيندي به ڏٺو، پنهنجي منهن اڪيلو ويٺي به ڏٺو، ته ڪم ۾ مصروف به ڏٺو! کيس مون غور سان ڏٺو، پهرين مون لڪ چوريءَ ۾، پوءِ کيس ٻڌائي، سندس رضامنديءَ سان سندس اڪيليون ۽ پاڻ سان گڏ تصويرون به ورتيون. مون کي اهڙي ڪا گهڙي ياد نه آهي، جنهن ويل مون هن جو مٿيون ۽ هيٺيون چپ گڏ، يعني وات بند ڏٺو هجي، نه، منهنجي خيال ۾ مٺي ننڊ سمهڻ وقت به هن جو وات پٽيل، کليل هوندو، ڇو ته مون کيس ٻوهارو ڏيندي به ڏٺو ۽ ٿانءَ ڌوئيندي به ڏٺو، پر سندس وات ايترو کليل هو، جو سندس ڏندن جي گهڻائي بلڪل ظاهر نظر آئي!
    جيتوڻيڪ لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو، پر صرف ٻن ڏينهن ۾ ان کان وڌيڪ ڀلا ڪيئن ٿي لتاڙي سگهيس!؟ جيترو به مون لاهور ڏٺو، لاهور واه واه لڳو...!


    • ڪوهه مري، ڪشمير ۽ ايوبيا جو احوال...

    پهرين ڳالهه ڪجي پراڻي! آئون ننڍو هئس، هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. شايد 75-1974ع جو سال هو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو زمانو هو. هر ڪنهن وات ڀٽو هوندو هو. ان زماني ۾، هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ڪنهن سنڌي اخبار جي سرخي هئي: ”ڀٽو مري ويو“! ان سرخي گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ گهميل ماڻهن کي حيران، ۽ ذوالفقار ڀٽو سان محبت ڪندڙن کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هو! ڇو ته خبر جو مطلب هو: ” ذوالفقار علي ڀٽو ڪوهه مري ويو“، گهڻن ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪوهه مريءَ کي صرف مري به چون ٿا، ۽ مري ملڪ جو سهڻو ۽ ٿڌو علائقو آهي. ان زماني ۾ شايد مون کي به ان خبر عيوض ئي خبر پئي هئي، ته مري به ڪو علائقو آهي!
    مريءَ جي حوالي سان، ماڻهو هجي ڌن دولت ۽ مال ملڪيت وارو، ته سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ هيٽر هلائي، ۽ اونهاري ۾ جتي هجي گرمي، اتي ايئر ڪنڊيشن جو مزو وٺي، يا وري وڃي ڪوهه مريءَ ۾ گذاري. هجي هڙ ۾، ته نه لڳي سيءَ نه لڳي گرمي، جتي هيٽر ۽ اي سي هلائڻ ممڪن نه هجن، اتي ڪپڙا اهڙا هجن، جن ۾ ٿڌ ۽ گرميءَ جو اثر گهٽ هجي.
    آئون مسڪين جو اولاد، ڪوهه مريءَ جي سنبت ٿي، احوال ورتم، خبر پئي ته اتي نومبر 2015ع جي پهرئين هفتي ۾ ئي برف باري ٿي آهي، ۽ برسات ته هونئن ئي پنهنجي مرضيءَ واري آهي، سو ڏاڍو حيران پريشان، نيٺ نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي ۾، سج لٿي کان پوءِ وڃي مري ۾ پهتس! اتي رهڻ جو انتظام ڪرڻ دوران اسان جي يونيورسٽي ۾ زميني علوم (Soil Science) واري شعبي ۾ استاد مير خالد حسين ٽالپر سان ملاقات ته ٿي، پر رهائش جي انتظام ڪاري ۾ مصروفيت سبب ساڻس ڪچهري نه ٿي سگهي. واندڪائي رات جو دير سان ٿي. ان ڪري رات واري ماني به دير سان نصيب ٿي! نيٺ رات جو هڪ وڳي واندو ٿي، سمهڻ مهل منهن کي اجرڪ ويڙهيم، مٿان پهرين گرم لوئي (شال)، پوءِ ان مٿان گرم ڪنبل وجهي ستس ته سهي، پر اڪيلو هئس ان ڪري يا ٿڌ گهڻي هئي، تنهن ڪري، ٿورو ٿورو سيءَ محسوس ٿيو پئي، پر ٿڪل به گهڻو هئس، ان ڪري ننڊ به آئي، ته رکي رکي سجاڳي به ٿي پئي. سجاڳ ٿيڻ سان سيءَ به محسوس ٿيو پئي. مون کي لڳي ٿو، سيءَ نه لڳيم ها، ته سجاڳي نه ٿئيم ها!
    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سجاڳ ته ٿيس، پر ٻاهر نڪرندي صبح جا ڏهه ٿي ويا! آئون اهو سوچي نڪتو هئس، ته جيڪڏهن ڪوهه مري گهمڻ جو گهڻو شوق، ته به مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ ۽ پنڊي پوائنٽ ئي ڪافي آهي. اهي به منهنجا اڳ ۾ ئي ڏٺل وائٺل آهن، ان ڪري ارادو ڪيو هئم، ته مال روڊ جو چڪر هڻي، هيٺ، ڪپڙي مارڪيٽ ۾ لهي ويندس. اتان مون اڳ ۾ به گهر لاءِ ڪپڙا ورتا هئا، جيڪي مون کي سستا مليا هئا ۽ جنهن جنهن کي اهو ڪپڙو ڏنو هئم، تنهن کي وڻيو هو. دڪاندار ٻڌايو هو ته اهو ٻاهرئين ملڪ جو امپورٽيڊ ڪپڙو آهي.
    ٻاهر اڪيلو نه نڪتو هئس. اسان پاڻ ۾ ٽي ڄڻا هئاسين. اسان ٽنهيءَ جو حدف ساڳيو هو، پر ٻاهر جو نڪتاسين، ته ڪي ٻيا به مليا، پوءِ انهن سان ڪمپني ڪندي، اسان شام تائين رڳو انهن ٽن جاين کي گهمندي، شام ڪري ڇڏي! گهڻي دير فوٽوگرافي ڪرائي، ۽ وقفي وقفي سان وسندڙ برسات به اسان کي پريشان پئي ڪيو.
    مال روڊ جا ٻئي پاسا، ماضيءَ وانگر دڪانن سان سينگاريل هئا، ڪٿي ڪا هوٽل، ڪٿي ڪو چانهن ۽ ڪافيءَ وارو، اتان کان گهمندي ڦرندي، پري پري تائين جبلن جون چوٽيون ۽ انهن جي ڀر واريون کاهيون، ڪٿان گهر ۽ ٻيون عمارتون، ته ڪٿان ڊگها ۽ ساوا چُهچ وڻ، ڪن وڻن ۾ سوڪهڙو، ڪن ۾ پنن جو ڇاڻو، ڪن ۾ گلڪاري ڏسندا، اسان اچي ڪشمير پوائنٽ پهتاسين، ۽ اتي گهڙيءَ کن ساهي کنئيسين. پريان ٿورو پرڀرو، ڪاٺ جو جديد ۽ خوبصورت ڇٽيءَ نما هڪ ڇپرو ڏٺوسين، ان هيٺ تغاريءَ ۾ ڪاٺيون ٻري رهيون هيون. اسان جيڪي به گڏ هئاسين، اتي ويهي هٿ سيڪياسين، ته ڌڻي اچي رسيا. ڌڻين کي راضي ڪرڻ لاءِ اسان مان گهڻن ڪافي پيتي، ڪجهه ٿورن چانهن پيتي. اتان رستو بدلائي واپس مال روڊ ڏانهن روانا ٿياسين. ٿورو ئي اڳتي، هڪ هنڌ هڪ ننڍي عمارت هئي، ان تي عورتن جي حاجت لاءِ جاءِ جو بورڊ لڳل هو. ان عمارت جي اڳواڙي ۾، جتان ضرورتمند اندر وڃي ها، اتي ٻه ٽي مرد گهوڙا جهليو بيٺا هئا! اهي ڏوڪڙ وٺي گهوڙيسواريءَ جو مزو وٺرائڻ وارا هئا. مون کي اهو منظر ڏسي حيرت به ٿي، ڪاوڙ به چڙهي، پر ڇا ڪريان ها!؟ مون صرف ايترو ڪيو ته پاڻ سان گڏ ماڻهن مان هڪ کي چيم ته، ”يار! هتي منهنجي تصوير ضروري آهي!“ ان همراهه حدف ڏسي، کلندي، ٻين کي به ٻڌايو ۽ مون کان سبب به پڇيو. مون کين چيو ته ”پهرين تصوير پوءِ سبب“! جڏهن تصوير نڪتي، ته اڳتي وڌي، کين چيم ته، ”هيءَ ڪٿان جي شرافت آهي، ته خواتين لاءِ مخصوص جاءِ تي ڪاروبار ڪندڙ گهوڙا جهلي بيهن! اهڙي صورت ۾ ڪهڙي عورت حاجت پوري ڪرڻ لاءِ اتي ايندي!؟“ ۽ پوءِ ٿوري کل ڀوڳ ٿي، مون چيو ته، ”ان ماحول ۾ آئون به ڇو نه شامل ٿيان!؟ هاڻ جيڪا هونئن اچڻ جو ارادو به ڪري ها، جيستائين منهنجي تصوير محفوظ ٿئي، تيستائين ته پريشان به ٿئي“. (ان وقت عورتن جي چهل پهل نه هئي، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن عورتون هجن به ها، ته به اهي گهوڙا ۽ انهن جا ڌڻي اتي ئي هجن ها، صرف آئون پنهنجي تصوير نه وٺي سگهان ها).
    اسان خوبصورت منظر ۽ عمارتون ڏسندا، اڳتي وڌندا، وري به اچي مال روڊ تي پهتاسين، جتان پوءِ پنڊيءَ پوائنٽ ڏانهن رخ ڪيوسين. اتي پهچندي ئي اسان کي هڪ ڪيبن تي ويٺل نوجوان پٺاڻ ڦاسايو. ان چيو اچو، اوهان کي مفت ۾ راند ڪرايان. راند ۾ هن وٽ ٽي چار ڇڪا، جيڪي ڍارو هڻندڙ فقيرن وٽ ڍارا هوندا آهن، ۽ جيڪي لُڊو راند ڪندڙن وٽ هوندا آهن، انهن جـهڙا ئي، ڄڻ ته ساڳيا هئا. ان پٺاڻ، اهي ڇڪا، اڳيان صندل تي اڇلي، ٽٻڪا ڳڻي، ٽٻڪي واري نمبر تي رکيل انعام ڏيکاريو، ته اسان مان هڪ همراهه هرکجي (هرڪي) پيو، تنهن کان پٺاڻ هڪ سئو رپيا وٺي، جڏهن نڪتا، ٽٻڪا ڳڻڻ جو عمل پورو ڪيو، ته خبر پئي ان نمبر تي ڪو به انعام نه آهي! ان دوران مون چيو به پئي ته ٺڳي آهي، پر منهنجي ڪنهن به نه ٻڌي. جنهن سئو رپيا زيان ڪيا، تنهن مون کي ٽوڪيو، ته تنهنجا به نصيب پورا آهن! ان تي مون کانئس هڪ سئو رپيا گهريا، ته ڏي ڀاڳ آزمايان. ان سئو رپيا ڏنا، ساڳئين ڪرت ساڳيو نتيجو. اهو سئو مون سعيو ڪري ، واپس نه ڪرڻ جي ارادي سان ورتو هو ، جيڪو واپس نه ڪيم، نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳالهه نه مڃي وئي هئي. جڏهن چار پنج ڄڻا هڪ هڪ، ٻه ٻه سئو ڦرائي چڪا، تڏهن اعتبار ٿين.
    پنڊيءَ پوائنٽ تي ٻيءَ جيڪا خاص شيءِ هئي، اها هئي لفٽ چيئر. لفٽ چيئر لاءِ ايوبيا طئه ٿيل هئي، ان ڪري اتان واپس ورياسين، ته تمام گهڻا ٿڪي چڪا هئاسين ۽ رات به ورڻ واري هئي، برسات به وقفي وقفي سان جاري هئي، تنهن ڪري خريداريءَ ڪرڻ بنا، رات گذارڻ واري جاءِ تي وري آياسين... اسان مان جن خريداريءَ جو سوچيو هو، اهي خريداري نه ڪري سگهيا!
    اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڪشمير ڏانهن نڪرڻو هو. ڪشمير ۾ مظفرآباد تائين وڃڻو هو. ان لاءِ ٽرانسپورٽ جو جنهن سان طئه ڪيوسين، تنهن اسان کي دير ڪرائي، صبح جا ڏهه ڪري ڇڏيا. ان دوران اتي اسان جي يونيورسٽي مان گهمڻ آيل هڪ ٻيءَ فيڪلٽي جي ڪجهه شاگردن سان ملاقات به ٿي. جن کي مون نه پئي سڃاتو، ته انهن پاڻ پئي سڃاڻپ ڪرائي. ساڻن گڏ آيل استاد ممتاز علي جويو ۽ ڊاڪٽر مير سجاد حسين ٽالپر به مليا. جن سان گذريل رات به ملاقات ۽ ڪچهري به ٿي هئي. بهرحال اسان مريءَ روانا ٿياسين. ڳچ پنڌ تائين، جيئن اسلام آباد کان ڪوهه مري جا جابلو سلسلا، لاهيون چاڙهيون، کاهيون ۽ وڻ هئا، تيئن ئي ساڳيا سهڻا منظر ڏسندا اڳتي نڪري وياسين. ان کان پوءِ اوچن جبلن جي وچ ۾، هيٺ اونهائيءَ ۾ نيلم دريا پئي وهيو. ان دريا جي هڪ پاسي ڪوهه مريءَ کان مظفر آباد وارو پڪو رستو هو. ان رستي جي هڪ طرف هڪ سئو فوٽن کان وڌيڪ اونهائيءَ ۾ نيلم دريا پئي وهيو، ته ٻئي طرف ايتري يا شايد ان کان به وڌيڪ اوچائيءَ تي جبل جي چوٽيءَ هئي. اسان جو سفر ڄڻ ته سوين فوٽ اوچائيءَ واري جبل جي اڌ واري خطرناڪ اُڀ ڪپرائيءَ ۾ هو.
    اهڙي خطرناڪ رستي ۾ ڪٿي منظرن جا مزا، ته ڪٿي ڪِرڻ جو خوف، ٿورو اڳتي وياسين ته خبر پئي رستو خراب آهي! مون سمجهيو هاڻ واپسي ٿيندي، پر نه، ڪنهن ٻئي طرف کان نعم البدل رستو هو. ان رستي جي هڪ طرف اوچي کاهي ۽ ٻئي طرف اوچي جبل جي چوٽي. جتان ڦيرو ڪري، وري نيلم دريا جي ڪناري وارو رستو وٺي، اڳتي نڪري، نيٺ اچي مظفر آباد پهتاسين.
    مظفرآباد تائين اسان ڄڻ ته ننڍپڻ توڙي جوانيءَ ۾ ڏٺل فلمن، ٽي.ويءَ ڊرامن ۽ ٽي ويءَ خبرنامن ۾، جيڪي جيڪي ڪشمير جا خوبصورت منظر ڏٺا هئا، اهي سڀ جا سڀ ڏسندا، اچي مظفر آباد پهتا هئاسين. جتي پهچندي پهچندي جمع نماز جو وقت ٿي چڪو هو. جن کي آسرو هو، اهي ڊوڙي ويا جمع نماز پڙهڻ، پر نماز اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي، ان ڪري هاڻ اسان کي منجهند جي مانيءَ جو فڪر هو. فڪر ان ڪري ته جيئن ماني سُٺي به ملي ۽ سَستي به ملي.
    اسان جي ويجهو پريس ڪلب مظفر آباد جي ڪينٽين / هوٽل هئي. پڇا ڪرڻ تي انهن عجيب ۽ غريب اگهه ٻڌايا! ان دوران هڪ صحافي اچي نڪتو، جيڪو پاڻ وڌي اچي اسان سان مليو. ان ٻڌايو ته هو پريس ڪلب جو عهديدار به آهي.. اسان هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو. مسئلو ٻڌايو. هن ڏاڍي سهڻي نموني ڀليڪار ڏني. سندن وفد پاران بدين پريس ڪلب جي دوري جو احوال به ڏنو. هن اسان کي پريس ڪلب هلڻ، هر قسم جي مدد ڪرڻ، پريس ڪلب ۾ تقريب ڪرڻ جو به چيو، پر اسان کي واپس مري پهچي، اتي رات رهڻي هئي، ان ڪري ٻڌايوسين ته همراهه کلي چيو ته، ”ان جو مطلب اوهان ڪشمير، مظفر آباد کي صرف هٿ لڳائي واپس ورڻ لاءِ آيا آهيو“. هن چيو ته ”ڀلا ٻئي دفعو اچجو، پر گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن رهڻ جو سوچي اچجو. اسان اوهان سان يادگار قسم جي، سهڻي تقريب جو انتظام ڪنداسين“.
    مظفر آباد ۾ ماني کائي، عام لُڙ پاڻيءَ وارو نيلم دريا ۽ گلابي ميٽوڙي رنگ واري پاڻيءَ جو ريشم دريا، جتي ٻئي ملي، پوءِ هڪ نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا، ان ملڻ واري هنڌ کي دوميل چون ٿا. اسان دوميل تي اهو خوبصورت نظارو ۽ ڪجهه ٻيا ماڳ ڏسي، تڪڙا واپس ورياسين، ڇو ته رستو صحيح نه هجڻ ڪري، واپسيءَ ۾ رات جو سفر خطري کان خالي نه هو. اسان شايد رات جو ڏهين وڳي ڪوهه مريءَ واپس پهچي، رات گذاري، صبح جو ايوبيا روانا ٿياسين.
    مريءَ کان ايوبيا سميت اسلام آباد کان مري، مريءَ کان مظفر آباد روڊ تي به، کاهيءَ واري پاسي وٽان، گهڻن هنڌن تي بچاءَ لاءِ ڪا جهل، ڪو تحفظ نه هو! شايد ان ڪري به حادثا ٿيندا آهن! هڪ ڪوسٽر واري ٻڌايو ته حادثا ٿيڻ جي ردعمل ۾، بچاءَ جي لاءِ ٻين اپائن بدران، صرف اهو اپاءُ ورتو ويو آهي، ته هاڻ ايوبيا لاءِ وڏي بس، ڪوچ کي روڊ پرمٽ نه ڏيندا آهن. اڳ ۾ 35، هاڻ 30 سيٽن وارين گاڏين کان مٿي وارين گاڏين کي روٽ پرمٽ نه ملڻ جو فيصلو ٿيل آهي. ان جو مطلب ته حادثو ٿئي ته 52 نه 35، هاڻ 30 جانيون ضايع ٿين!...
    مريءَ کان ايوبيا ويندي، اسان خيبر پختون خواهه (اڳوڻي سرحد) صوبي ۾ داخل ٿياسين. ڪجهه جاين تي بيٺاسين. نٿيا گليءَ جا به خوبصورت منظر ڏسي، تصويرون ڪڍي، اڳتي روانا ٿياسين. هڪ هنڌ مددگار پوليس ۽ معلومات وٺڻ لاءِ جڳهه تي نظر پئي. هڪ همراهه کي خبر نه آهي ڪهڙي مدد گهربل هئي، اهو ان ڏانهن وڌي ويو. در دريون بند ۽ ڪير به نه هجڻ جي پڪ ڪري، منهن خراب ڪري، موٽي آيو!
    ايوبيا ۾ آسپاس جا منظر ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي، پيرين پنڌ هلندي، لفٽ چيئر جا مزا وٺندي ڏٺاسين. جوڙا جوڙا ٿي گهمڻ جا منظر، گهمڻ واري هر هنڌ، هر ماڳ مڪان تي هئا. ايوبيا ۾ هڪ خاص منظر ڪجهه ماڻهن ڏٺو، ته هوڪريا ٿي ويا! اسان مان به گهڻن اهو منظر پنهنجي اکين سان ڏٺو، مون ڏٺو ڪو نه، صرف ڪنن سان ٻڌو. ڪاش! اهو ”لائيوَ“ منظر آئون به ڏسان ها! اهڙو منظر ڪڏهن به، ڪٿي به، ڏسڻ جو موقعو نه مليو آهي!
    ايوبيا ۾ لفٽ چيئر تي چڙهڻ جو شوق به گهڻن کي هو، ته اڄاتل خوف به گهڻن کي ئي هو، ان ڪري... جڏهن ته هڪ عورت، ٻن ننڍڙن ٻارڙن سميت، هلندي لفٽ چيئر تي سوار به ٿي، ۽ هلندڙ لفٽ چيئر تان واپسيءَ مهل اچي لٿي، ان کان پوِ به ڪي اهڙا دلير هئا، جن اهو مزو نه ورتو.
    اسان ماڻهو سرسبز آباد زرعي خطي جا، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان جا، اسان جا اڪثر پَٽ سِڌا، اسان جا جبل توڙي ٿر جون ڀٽون به ڄڻ ته اوچائيءَ واريون آهن ئي نه، ان جي مقابلي ۾ اسين ته اتي وڃي نڪتاسين، جتي اوچين پهاڙين جي وچ ۾ اونهيون کاهيون آهن، ان ڪري اسان مان هڪ ٻه بيمار به ٿي پيا! ڪنهن کي ڦيري ۽ الٽي، ته ڪنهن کي سيءَ سَٽيو، پوءِ به سفر پورو ڪري، ڪوهه مريءَ مان پنهنجو سامان کڻي، موڪلايو اڻ موڪلايو واپس ٿياسين...
    واپسيءَ جو سفر ڪٽيندي، خيالن ئي خيالن ۾ آئون ڪوهه مري، ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي پهاڙي سلسلن ڏانهن موٽي ويس، ته مون کي سمجهه ۾ آيو، ته انهن علائقن جا ماڻهو ڇو پنهنجا گهر گهاٽ ۽ ٻار ٻچا ڇڏي، هتي هر اهو ڏکيو ڪم ڪندا آهن، جيڪو اسان جا ماڻهو نه ڪندا آهن! مون کي هاڻ سمجهه ۾ آيو آهي، ته ڪيئن ٽڪو ٽڪو ڪمائي، ان مان پيٽ قوت به ڪجي، ڪجهه پيسا به بچائجن، ۽ پوءِ جڏهن ڪو ڪاروبار ڪري سگهجي، ته هٿ اهو جهلجي، جنهن مان بچت هر صورت ۾ ٿئي. اترين علائقن جي خوبصورت پهاڙين ۾ قدرت فطري سونهن ڀلي ته ڪيتري به رکي آهي، اتي به ماڻهو رهن ۽ وسن پيا، پر اتي گذر سفر جا وسيلا بلڪل محدود آهن. اتي جي ماڻهن کي گذر سفر لاءِ روزگار جي ڳولا، ٻيا علائقا گهمائي نه، پر رلائي ٿي! پر ٻين علائقن وارا وٽن گهمڻ وڃن ٿا...
    ڪوهه مري، ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي هوٽلن ۽ دڪانن تي، اسان کي اهو محسوس ڪرايو ويو، ته اسان ماڻهو امير آهيون، اسان ماڻهن کان وڌيڪ منافعو وٺڻ سندن حق ٿئي ٿو. هڪ ٻن ته سڌو سئون چيو به، ته اسان جو پيٽ قوت اوهان سان مشروط آهي...


    • رهيس راولپنڊيءَ ۾، گهميس اسلام آباد !

    اسلام آباد پهريون دفعو ڪڏهن ويس، ياد نه آهي! گهڻا دفعا ويو آهيان، اهو به ياد ڪونهي! هڪ دفعي جيئن ئي شام جو اسلام آباد پهتس، ته مون کي هڪ هوٽل ۾ وڃي ڇڏيائون! اتي رات گذاري، صبح سوير اسلام آباد کان ٿورو ٻاهر کڻي ويا، جتان شام جو واپس، اچي هوٽل ڇڏيائون! ٻئي ڏينهن صبح سوير وري به ساڳئين جاءِ تي کڻي ويا، ساڳئين هوٽل تي ورائي آيا! ٽئين ڏينهن به صبح سوير کڻي ويا، ۽ شام جو هوائي اڏي تي پهچايائون! اتان جـهاز کنيو، جنهن اچي ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو...
    هڪ دفعي ته سڄا سارا ڇهه مهينا اسلام آباد ۾ هئس! ان عرصي ۾ اسلام آباد ۽ ان جو آسپاس به گهميم، هڪ ٻه دفعو اسلام آباد مان ٽنڊو ڄام اچي، هڪ رات رهي، وري واپس اسلام آباد ويس!
    هن دفعي سڄيون ساريون چار راتيون، هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهيس، جيڪا اهڙي روڊ (رستي، شاهراهه) تي هئي، جنهن جي هوٽل واري پاسي وارو راولپنڊيءَ جو علائقو هو، ۽ ٻئي پاسي اسلام آباد هو. رات جو دير سان پهتو هئس، صبح سوير اٿي، اسلام آباد روانو ٿيس. پهرين پاڪستان جي فطري سونهن ۽ تاريخ واري ميوزيم ۾ مصنوعي پر وڻندڙ، عجب ۾ وجهندڙ، فطري سونهن وڃي ڏٺم، ۽ تاريخ بابت ڄاتم. اهو هو پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو قائم ڪيل پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري. ان ۾ ڪراچيءَ وٽان، سمنڊ ڪناري تان لڌل، وزندار شارڪ مڇيءَ جو ڍانچو به محفوظ ڪري رکيل آهي، ته ڊائنوسار کان پوءِ جي وڏي مخلوق، جنهن جا اهڃاڻ بلوچستان مان مليا، ان جو سائنسي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ٺاهيل، هٿرادو وڏو مجسمو به آهي، ته تمام ڊگهي مانگر مڇ جو تاريخي ڍانچو (هڏائون پڃرو) پڻ موجود آهي. اهڙيون تمام گهڻيون شيون، جن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا، وڻ، پکي، جانور ۽ ٻيءَ جِيوَت سميت، مختلف قسم جا ڌاتو به رکيل آهن. وقت گهڻو هجي ها، ته هر هڪ بابت تفصيل نوٽ ڪجن ها، ۽ پڙهندڙن کي پڙهندي سڄو سارو ميوزيم گهمايان ها...
    اهو ميوزيم، اسلام آباد ۾، گارڊن اوينيو واري علائقي ۾، لوڪ ورثه جي ويجهو هجڻ سبب، منهنجي ٻيءَ منزل لوڪ ورثي لاءِ مخصوص عمارت ۾ موجود لوڪ ورثو ڏسڻ، ۽ ان مان پرائڻ جو مقصد هو. اتي پهتس ته ٽڪٽ وٺي اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ڀر ۾ هڪ ٽولو ويٺل هو، جنهن ۾ موجود ماڻهو، لباس جي نسبت سان پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پئي لڳا، پر مون کي انهن ۾ ڪو هڪ به سنڌي، بلوچ يا پٺاڻ نه لڳو! اهي ڪي وڏا فنڪار هئا، وٽن ساز هئا، جنهن مهل سنڌي ماڻهن جو ڪو جٿو پئي آيو، ته هنن سنڌي راڳ پئي ڳايو، جيڪڏهن بلوچ پئي ڏٺائون ته بلوچي يا وري پٺاڻ ڏسي، پشتو راڳ پئي ڳايائون ۽ انعام به گُهري پئي ورتائون. کين ملندو انعام ڏسي، منهنجي ذهن ۾ آيو، ته انهن کي پگهار کان وڌيڪ ته انعام ۾ ڏوڪڙ ملي ويندا هوندا. ڪاش! اتي سڀني ٻولين جا ڳائيندڙ هجن، انهن کي پگهار به ملندو هجي، رٽائر ٿين ته پينشن به سندن حق هجي. جيڪڏهن ائين آهي يا ناهي، مون کي معلوم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي!
    لوڪ ورثي واري عمارت ۾، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا منظر، پوشاڪ، پيشا وغيره ڏيکاري، انهن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي حوالي سان به ڳچ سارو مواد آهي. اطمينان سان ڏسڻ لاءِ، منهنجي خيال ۾، اتي به هڪ سڄو ڏينهن خرچ ڪجي.
    لوڪ ورثي جي احاطي ۾ موجود سڀني شين ۽ ماڻهن تي نظر ڦيرائيندو، ٻاهر نڪتس ته شڪر پُڙيان واري ڊِٻ نما جبل جي سائي ستابي چوٽي گهميم، جنهن ۾ گلڪاري به ڏاڍي سٺي ٿيل آهي، ۽ قسم قسم جا وڻ، ملڪي ۽ پرڏيهي نمايان شخصيتن پاران پوکيل وڻ آهن، انهن وڻن تي پوکيندڙ جو تفصيل به موجود هو.
    شڪر پُڙيان جي چوٽيءَ تان لهي هيٺ آيس، ته اتي نيشنل مانيومينٽ يا شايد مونامينٽ هو، سڀني ائين پئي پڙهيو ۽ اُچاريو. اتي هڪ عمارت ۾ ملڪ جي معروف، مشهور ۽ امتيازي شخصيتن جي ياد تازي ڪرائيندڙ سامان، ڏيک آهن. جڏهن ته ان جي ڀر ۾ هڪ اهڙي نموني اڏاوتي ڪم ڪيل آهي، جنهن لاءِ اتي جي ماڻهن پئي ٻڌايو، ته هوائي جـهاز مان سفر ڪندي، ان حصي کي ڏسبو، ته چنڊ ۽ تاري جو منظر محسوس ٿيندو.
    هاڻ اتان ٿي، پوءِ فيصل مسجد پهتس، جتي به ماڻهن جي رش ائين ئي هئي، جيئن شڪر پُڙيان تي، جيئن ڪنهن وڏي درگاهه تي رش هوندي آهي. ماڻهن مسجد جي به ”زيارت“ پئي ڪئي. ڪن ڪن نفل پئي پڙهيا.
    مسجد جا منظر ڏسي دامنِ ڪوهه روانو ٿيس. دامنِ ڪوهه جي پِڪنڪ پوائنٽ تي پهچندي پهچندي، رستي جي ورن وڪڙن ۾ ڀولڙا به ڏٺم، جيڪي جهنگلي ته هئا، پر سڌريل به هئا، نه ڊنا پئي نه وڙهيا پئي. جيڪي ماڻهو پنهنجين گاڏين ۾ هئا، انهن مان ڪي انهن ڀولڙن سان بيٺا به پئي. کين ڪجهه ڏنو به پئي. ڪن تصويرون ڪڍڻ لاءِ، انهن ڀولڙن سان حجتون به ڪيون پئي.
    دامنِ ڪوهه جا دلربا منظر ڏسي، سيءَ سهسائي، هيٺ اسلام آباد جي جانورن واري باغ يعني زُو ايريا ۾ لهي آيس. اتي به گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ هو. مون تازو لاهور جو زُو ڏٺو هو، ان ڪري ساڳيا جانور وري ڏسڻ بدران، ٻاهران چڪر هڻڻ کي ترجيح ڏنم. ان دوران ڪي اهڙا ماڻهو ملي پيا، جيڪي پڻ لاهور ۾ جانورن جو باغ گهمي آيا هئا. انهن هڪ ٻئي سان احوال پئي ڪيو. مون پنهنجي ڪنن سان ٻڌو، ته هن کان ته لاهور وارو زُو گهڻو ڀلو هو، جانور ۽ پکي به اتي ججها هئا. انهن مان هڪ چيو آئون ان ڪري ويس ته اسلام آباد ۾ ڪو اڃا وڌيڪ سٺو زُو هوندو، پر هتي ته اچڻ ئي اجايو لڳو!
    صبح کان لڳاتار گهمندي ڦرندي، هاڻي سج لهي چڪو هو، ان ڪري اتان جناح سُپر مارڪيٽ جو رُخ ٿيو، پر مون سان گڏ گهمندڙ اڪثريت ايتري ٿڪي پئي، جو مجبور ٿي، اسان پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن رخ ڪيو.
    ٻئي ڏينهن صبح سوير تياري ڪري، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي راولپنڊي گهمڻ لاءِ نڪتاسين، پر ڪن اڻ ٽر مجبورين ۽ سببن جي ڪري، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي ماتحت اداري، قومي زرعي تحقيقي مرڪز (اين اي آر سي) ڏانهن رُخ ڪيوسين، جتي زراعت سان لاڳاپيل مختلف شعبا گهمندي، انهن بابت ڄاڻندي، منجهند ٻارهين وڳي، اتان کان پوءِ ليڪ وِيُو ۽ راول ڊيم جا منظر ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. ليڪ وِيُو ۾ داخلا في کان پوءِ، ان ۾ اندر ٻيا به اهڙا هنڌ هئا، جتي گهمڻ جي الڳ في هئي. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي، ته ليڪ وِيُو جا سڀ حصا گهمندي، في ڀريندي، سڀني ٽڪيٽن تي اٽڪل پنج سئو رپيا لڳندا! مون وٽ پنج سئو رپين جي اهميت گهڻي هئي، ان ڪري ٽڪيٽ وارا هنڌ گهمڻ بدران ليڪ وِيُو ۽ اتان کان راول ڊيم جا منظر پري کان ڏسي، اکيون تازيون ڪري، امام بريءَ روانا ٿياسين.
    امام بريءَ جي درگاهه کي ويجهو، جيئن ئي بس مان لٿاسين، ته واپس بس ۾ چڙهڻ تائين، سراسري هر ٽئين ماڻهو، مون کان پڇيو: ”ديڳ کپي؟“. منهنجي حالت اها هئي، ته مون درگاهه ڏانهن وڃڻ کان پهرين هوٽل ڳولي، جيڪا نظر نه آئي، ته 50 رپين ۾ برگر ورتم، هانءُ جهل ڪري درگاهه ڏانهن وريس ته... مون ٻڌو ضرور هو، پڪ به ٿي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي، ته هتي هر وقت، هڪ نه ته ڪو ٻيو لنگر (ڀت) پيو ورهائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ ٻن يا شايد اڃا به ٽن ديڳن مان لنگر (ڀت)، مون به چکيو (کاڌو)، ته پيٽ ڀرجي ويو ۽ برگر جي 50 رپين، ڄڻ ته منهنجو پتو ئي ساڙي ڇڏيو.
    امام بريءَ تان ورندي رات ٿي چڪي ۽ اچي جناح سپر مارڪيٽ ۾ پهتاسين. هن مارڪيٽ ۾ پراڻن ڪتابن جي سستي بازار جو ٻڌو هو. اها ڳوليندي، ڪتابن جي هڪ ٽماڙ ۽ وسيع دڪان ۾ وڃي نڪتس. گذريل نَو ڏينهن لاڳيتا، مختلف شهر لتاڙيندي، بازارون گهمندي، ٻين ته گهڻو ڪجهه ورتو هو، پر مون چاهيندي به اڃا ڪجهه نه ورتو هو. ان ڪري ڪِري ٽوڙيندي، ڪجهه ڪتاب ڳولي هٿ ۾ کنيم. رعايت جو آسرو هو، پر ٽڪي جي به رعايت نه ٿي، ۽ انهن ڪتابن جي رقم ڏئي، مُنهن خراب ڪري، اچي بس ۾ ويٺس. انهي بس کڻي اچي رهائش واري هوٽل وٽ لاٿو.
    لاڳيتا ڏهه ڏينهن روز، صبح سوير اٿڻ، رات جو دير تائين جاڳڻ، ٿڌ کان پاڻ بچائيندي ڏهه ڏينهن ته گذري ويا، هاڻ يارهين ڏينهن تي صبح سوير راولپنڊيءَ جي صدر بازار ۽ اتان پوءِ وري راجا بازار روانو ٿيس، پر طبيعت اهڙي جو...
    سوچيو هئم ته تحفا وٺي ورندس، تحفن لاءِ فرمائشون به ٿيون هيون. هر فرمائش دل ۾ لکيل هئي، هر فرمائش اڃا به ياد اٿم... تمام ٿورڙيون شيون، صرف ٻارڙا راضي ڪرڻ واريون وٺي، واپس هوٽل وري آيس، ان وچ ۾ ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ کي ڏسندو، اچي هوٽل پهتس. رات ٿي چڪي هئي. رات جو ڪچهري مچي وئي هئي، ان ڪري سڄي رات نه ستس. صبح جو چئين وڳي هوٽل ڇڏي راولپنڊي پهچڻو هو، ان ڪري وقت تي نڪري، وقت تي ريلوي اسٽيشن پهتس، جتان ريل گاڏي وقت تي رواني ٿي، پر صادق آباد وٽ انجڻ فيل ٿي پيس، ان ڪري رات جو ٻارهين کان صبح ٽين وڳي تائين اتي بيٺي رهي ۽ پوءِ نيٺ، دير سوير اچي منزل تي پهچايائين...


    • لاهور جو لڪشمي چوڪ، دال ڀت ۽ ڪشميري چانهن...

    لاهور جون ڳالهيون پڙهجن سائين حيات علي شاهه جي ڪالم ”فري پيريڊ“ ۾، جيڪو آئون مستقل طور پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ اڪثر سائينءَ تائين پنهنجي راءِ به پهچائيندو آهيان. ان پڙهڻ ۽ راءِ ڏيڻ جو مون تي اهو اثر پيو، ته تازو لاهور وڃڻ ٿيو، گهران نڪرڻ کان اڳ سائينءَ سان رابطو ڪري پڇيم: ”لاهور پيو وڃان، اوهان لاهور ۾ ڪٿي ڪٿي، ضرور گهمڻ جي صلاح ڏيندا؟“
    مون کي خبر نه آهي، ته منهنجي صلاح گهرڻ تي سائين ڇا سمجهيو؟ هن مون کي صلاح ڏني: ”لڪشمي چوڪ تي دال ڀت ضرور کائجو!“
    لاهور ۾ هڪ رات، رات پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، آئون ۽ مون سان گڏ گهمندڙ، اسين سڀ ٿڪجي پيا هئاسين. ان ڪري جڏهن رهڻ واري جاءِ ڏانهن ورڻ لڳاسين، ته مون ڪوسٽر عملي کي چيو: ”لڪشمي چوڪ جو دال ڀت مشهور آهي، پنهنجي رستي ۾ هجي ته ضرور بيهجو“.
    ٿوري سفر کان پوءِ اوچتو، هڪ چوڪ تي ڪوسٽر بيٺو. چوڪ جي هڪ ڪنڊ تي ڪجهه ڪرسيون، ڪجهه ٽيبلس جي ٻاهران رکيل هيون، جن تي ماڻهو ويٺل هئا. ڪن جي اڳيان دال ڀت رکيو هو، ڪن دال ڀت کاڌو پئي، ڪي دال ڀت جي انتظار ۾ هئا، پريان هڪ همراهه جي اڳيان ديڳ رکيل هئي، جيڪو ان ديڳ مان پليٽن ۾ ڀت ۽ ان مٿان دال وجهي، ڪم وارن کي ڏئي رهيو هو. ڪم وارا اهي پليٽون، انهن ضرورتمندن تائين پهچائي رهيا هئا، جن آرڊر ڏنو هوندو...!
    اسان گهڻا ماڻهو هئاسين، ويهڻ جون ڪرسيون، جيڪڏهن سڀ به خالي هجن ها، ته به پورا نه پئون ها، ان ڪري جهٽ کن ۾، اسان کي ٻن ٽن دڪانن کان پوءِ، هڪ هوٽل جـهڙي وڏي ڪمري ۾ ويهاريو ويو، جتي ٿوري ئي دير ۾، اسان سڀنيءَ کي هڪ هڪ، دال ڀت جي پليٽ، ڌار ڌار ملي، جنهن ۾ صاف، اڇا، اوٻاريل چانوَر هئا، انهن جي مٿان دال پکڙيل هئي!
    آئون دال ڀت جي اها پليٽ ڏسي پريشان ٿي ويس، ڇو ته هن ڀت جي چغلي سائين حيات علي شاهه بخاري هنئين هئي. آئون اڪيلو هجان ها، پوءِ ڀت وڻي ها يا نه، خير هو، پر اسان ته اهو ڀت کائڻ وقت لڳ ڀڳ 70 ڄڻا هئاسين. مون سوچيو، جنهن جنهن کي ڀت نه وڻندو، اهو منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو...!
    ان خوف ۾، ۽ ٻين کي دال ڀت کائيندو ڏسي، مون به بسم الله ڪئي. اسان اهو ڀت کاڌو، سائين حيات علي شاهه بخاريءَ کي ڀت واري ڪميشن ڏني يا نه، مون سائينءَ کي فون ڪري، اتي پهچي، اسان سان گڏ ڀت کائڻ جي صلاح ته ڪئي، پر کيس ايترو به چيو ته: ”اوهان لاءِ پارسل (تڪڙي پوسٽ) وسيلي موڪليان يا پاڻ کڻي اچان؟“ ان تي سائين جيڪو جواب ڏنو، اهو جيئن جو تيئن، اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ياد نه آهي!
    بهرحال، رهجي آئي. لاهور جي لڪشمي چوڪ جو مشهور دال ڀت کائي، سڀني ساراهه ڪئي. سائين حيات علي شاهه بخاريءَ جي صلاح، صحيح هجڻ جي پڪ ٿي. آئندهه سندس صلاحن تي بنا خوف خطري عمل ڪبو، پر دال ڀت جي ساراهه تي، آئون پاڻ کي سرخرو سمجهڻ لڳس، ته اسان سان گڏ ڪوسٽر عملي مان، هڪ همراهه کي شايد ساڙ ٿي پيو، تنهن اسان کي ٻڌايو ته، ٻه ٽي وکون اڳتي، ڪشميري چانهن مشهور آهي، جيڪڏهن پيئو ته هلون؟
    سنگت کي صلاح وڻي، وڃي نڪتاسين. ڪشميري چانهن به وسرڻ جـهڙي نه هئي. البت دال ڀت جي پليٽ کان ڪشميري چانهن جو پيالو سستو نه هو! ڀت جي پليٽ مان اسان جو پيٽ ايترو ڀرجي ويو، جو رات واري مانيءَ جي ضرورت نه پئي، ۽ ڪشميري چانهن ايترو مزو ڏنو، جو دل پئي چوي نڪري پوان! ڪشميري چانهن پيئڻ کان پوءِ اڳتي لکان...


    • اوچي جبل هيٺ گهمڻ جي خوبصورت جڳهه: کيُوڙه لُوڻ کاڻ!

    اوهان جڏهن به موٽر وي سان لاهور کان راولپنڊي اسلام آباد وڃو ۽ اوهان جي پنهنجي سواري هجي، وقت هجي، ته لاهور کان 248 ڪلوميٽر فاصلي تي کيُوڙه لُوڻ کاڻ آهي، اها ضرور گهمو. ڇو ته هن حيرت انگيز جڳھ کي ڏسڻ لاءِ، ٻين به ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن جي روزانو رش هوندي آهي. جنهن ڏينهن اسان وياسين، ان ڏينهن به کاڻ ۾ اندر ويندي، گهمندي ڦرندي، واپس ورندي، اسان به ڪيترا ئي ٽولا ڏٺا! منهنجي خيال ۾ لوڻ کاڻ جي انتظاميا، گهمڻ ڦرڻ وارن کان ٽڪيٽ جا پيسا اوڳاڙڻ وسيلي به روزانو هزارين رپيا ڪمائيندي هوندي.
    لوڻ کاڻ گهمڻ جي صلاح مون کي منهنجي وڏي پٽ اظهار ڏني هئي، جيڪو کاڻين واري سائنس ۾ ايم اِي (M. E) جو شاگرد آهي. هن چيو هو ته جيئَري جنت جهڙا منظر ڏسڻ چاهيو، ته لوڻ کاڻ ضرور وڃو. لوڻ کاڻ ۾ اندر خوبصورت نظارا به آهن، ته اونهاري ۾ ٿڌ، سياري ۾ مناسب، سَهَپ جهڙي گرمي محسوس ٿيندي آهي. آئون به، پنهنجي ٻاريءَ سميت گهمڻ ئي ته نڪتل هئس، ان ڪري فطري حسن ڏسڻ پسڻ به اوليت ۾ شامل هو. اتي پهتاسين ته اظهار جون ڪيل ڳالهيون ياد پئي آيون. گهمندي گهمندي اسان لوڻ مان ٺاهيل خوبصورت منظرن مان لطف وٺندا اڳتي وڌندا وياسين. اوهان به هن کاڻ تي وڃڻ چاهيو، ته موٽر وي کان ضلعي جهلم جي تعلقي پنڊ دادن خان وڃي، اتان پوءِ اتر طرف نڪرندا، ته ٿوري پنڌ تي، اڳيان کيوڙه لوڻ کاڻ اچي ويندي.
    کاڻ جو سير ڪرائڻ لاءِ گائيڊ پڻ موجود آهن، جيڪي تمام دلچسپ ڳالھيون ٻڌائي، گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن کي خوب وندرائين ٿا ۽ موڪلائڻ مهل انعام، خرچي حاصل ڪري، اهي به گهڻو ڪمائي وٺن ٿا. اسان جي رهنمائي ڪندڙ گائيڊ گهمندي ڦرندي اسان کي ٻڌايو، ته پاڻ ماڻهو روز لوڻ پيٽ ۾ وجهندا آهيون، پر اڄ اوهان لوڻ جي پيٽ ۾ آهيو!
    کاڻ ۾ اندر هونئن ته اوندهه هوندي آهي، پر گهمڻ لاءِ آيلن جي سهوليت لاءِ بجلي جو انتظام به آهي، پر مون کي ڪٿي ڪٿي سنڀالي هلڻو پيو، شايد احتياط نه ڪريان ها، ته ڪٿي نه ڪٿي ٿاٻڙجي ڪري پوان ها! جڏهن ته پوڙهن ۽ ڪمزور ماڻهن جي سير لاءِ، کاڻ ۾ اندر ريل جو به انتظام ڪيل آهي، پر ان جو الڳ ٽڪيٽ وٺڻو پوي ٿو.
    اسان کي ٻڌايو ويو ته کاڻ ۾ عام ماڻهو جي گهمڻ لاءِ هڪ مخصوص علائقو آهي، جيڪو به ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، هونئن نه ته هي کاڻ ٽوٽل 17 منزلن تي مشتمل آهي، جنهن مان صرف ڇهين منزل تي گهمڻ ڦرڻ جي اجازت آهي ۽ انهي منزل تي ئي سموريون سياحي جايون جڳهيون موجود آهن.
    کاڻ ۾ اندر لوڻ جي سرن سان مختلف مزيدار ۽ حيرت انگيز نمونا ٺهيل آهن. اسان سڀ کان پهرين چاندني چوڪ پهتاسين، جتي گائيڊ اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. اهو اسان کي وڃڻ واري نسبت سان چاندني چوڪ جي ساڄي پاسي واري رستي سان اندر وٺي ويو ۽ سڀ کان پهرين دم (اسٿما) جي مريضن لاءِ ٺهيل اسپتال جي دروازي وٽ، اسپتال کان ٻاهر ئي اسان کي ٻڌايائين، ته هتي دم جي مريضن کي علاج لاءِ ترسايو ويندو هو، پر هاڻ اها اسپتال ٻئي پاسي منتقل ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ موجب هر مريض کي ڏهن ڏينهن روزانو 8 کان 11 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ ترسائبو آهي، ته هو ٺيڪ، صحتمند ٿي ويندو آهي، پر مريض جي عمر 50 سال کان گهٽ هجي ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو مريض نه هجي.
    اسپتال کان ٿورو اڳتي ڳاڙهين، اڇين ۽ گلابي رنگ وارين لوڻ جي سرن سان هڪ خوبصورت ننڍي مسجد آهي. رنگ به رنگي لوڻ جي سرن ۾ بلب ٻاريل هجڻ سبب مسجد انتهائي چمڪدار ۽ خوبصورت نظر آئي. هي مسجد در اصل بادشاهي مسجد جو ننڍڙو ماڊل آهي.
    مسجد کان ٿورو اڳتي چاغي جي جبلن جو ماڊل رکيل آهي. اڳتي هلندي اَنگُوري باغ جو نظارو ڪرايو ويو، جيڪو دراصل کاڻ جي ڇت کان برسات وارو پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي هيٺ اچڻ سان، لوڻ ائين نظر ايندو آهي، ڄڻ ته لوڻ نه پر قدرتي طور انگُورن جا ڇُڳا لڙڪيل آهن. اتان کان پوءِ مسجد وانگر مينارِ پاڪستان جو ماڊل پڻ ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري روشن ڪيو ويو آهي.
    مينار پاڪستان جي ساڄي پاسي کان ڪرسٽل ويلي به آهي، جيڪو قدرتي طور تي ڪرسٽل نما لوڻ آهي. چون ٿا ته اهو صرف کيُوڙه ۾ ئي آهي. ان ويلي کي وڌيڪ پُر ڪشش بنائڻ لاءِ ان ۾ رنگين بلب لڳل آهن، جيڪي روشن ٿيندي ئي سڄي ويلي کي چمڪايو ڇڏين. مينار جي کاٻي پاسي ڳاڙهي لوڻ جو ٺهيل شيش محل آهي ۽ انهي جي اڳيان هڪ پل ٺاهيل آهي، جنهن جو نالو پُلِ صراط ٻڌايو ويو! اها پُل پار ڪرڻ کانپوءِ ديوارِچين آهي. اتان کان پوءِ هڪ تلاءُ آهي، جنهن تي سيف الملوڪ ڍنڍ جو نالو رکيو ويو آهي. هونئن به رستي ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي لوڻ جا تلاءُ نما جهول آهن، جن ۾ لوڻ ايترو ته گهاٽو آهي، جو ان ۾ ڪا به شيءَ ٻڏي نٿي سگهي.
    هڪ هنڌ گائيڊ اسان کي کاڻ ۾ هڪ سرنگهه ڏانهن اشارو ڪري چيو ته، هيٺ پيل پٿر کڻي، اوهان جيڪا به دل ۾ اميد رکي پٿر اڇلائيندا، اهو پٿر گُسڻ بنا ان سرنگهه ڏانهن ويندو، ته اوهان جي من جي مراد پوري ٿيندي! اسان ٻڌندڙن جي اڪثريت اها ڳالهه کلي ٽاري، ته مون اتان پٿر کڻي اڇليو، جيڪو بنا آواز، يعني گُسڻ بنا غائب ٿي ويو. پوءِ ته کن پل ۾ ئي اتي پيل اڪثر پٿر اڇلجي ويا. تنهن کان پوءِ گائيڊ چيو ته دل جي ڪا اميد پوري ٿئي نه ٿئي، پر رستي تان پٿر هٽائڻ واري منهنجي خواهش پوري ٿي وئي آهي. ان تي وڏا وڏا ٽهڪ ڇڏائجي ويا! مون کان ڪنهن پڇيو ته اوهان ڪهڙي اميد ساري پٿر اڇليو هو، ته مون وراڻيو ”ٻيءَ شاديءَ جي“، ۽ پوءِ اها وراڻي جنهن جنهن ٻڌي، اهو ڏاڍو کليو، منهنجي خيال ۾ پڙهندڙ به کل روڪي نه سگهندا، جيڪو نه کلندو، ان جي اميد پوري ٿيڻ لاءِ آئون دعاڳو آهيان.
    کاڻ ۾ اندر مصنوعي شيش محل ۽ انارڪلي بازار به موجود آهي. جنهن جي ڀر ۾ هڪ ننڍي ريسٽورينٽ به آهي، جتي بازار جي ڀيٽ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ڪجھ مهانگيون آهن.
    کيوڙه کاڻ ۾ اندر توڙي ٻاهر، اتي جا مقامي هنرمند، لوڻ سان ٺهيل خوبصورت ماڊلز ۽ شوپيس (تاج محل، ٽيبل ليمپ، مينار ۽ ٻيون شيون) وڪري لاءِ رکي ويٺل آهن. ڪاش! ڪجهه آئون به وٺان ها، يا انهن جون تصويرون ئي محفوظ ڪري ڇڏيان ها، ته اوهان پڙهندڙن کي به ڏيکاريان ها!
    ياد رهي ته کيوڙه لوڻ کاڻ ايراضي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ پيداوار جي لحاظ کان دنيا جي ٻيو نمبر، پر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي لوڻ جي کاڻ آهي. جيڪا ايتري ته خوبصورت آهي، ڄڻ ڪو دنيا جو عجوبو هجي. اتي موجود کاڻ جي عملي مان هڪ جهوني سونهي به اهي ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي مون اظهار جي هڪ تحرير ۾ پڙهيون هيون. اظهار موجب لوڻ کاڻ ۾ سالٽ رينج جي ڊيگھ (لمبائي) 300 ڪلوميٽر، ويڪر (چوڙائي) 10 کان 30 ڪلوميٽر، جڏهن ته سمنڊ جي سطح کان 945 فوٽ مٿاهين تي ۽ کاڻ ۾ اندر داخل ٿيڻ واري دروازي کان، جنهن جبل هيٺ اها کاڻ آهي، ان جبل جي اوچائي ڪٿي 22 سئو ته ڪٿي 24 سئو فوٽ لکيل آهي. هي پهاڙي سلسلو ضلعي جهلم، باغان والي کان وٺي ضلعي ميان والي کان ٿيندو، سرحد جي علائقي ڪرڪ تائين پڄي ٿو. هن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ لوڻ جي دريافت تمام دلچسپ طريقي سان ٿي. جڏهن سڪندرِاعظم (Alexander The Great) دنيا فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو، ته هِن علائقي جي بادشاھ راجه پورس سان هن جي جنگ ٿي. سڪندرِاعظم جي فوج جهلم جي ڪناري، جلال پور شريف جي ويجهو ترسي ۽ جن گهوڙن تي هو سوار هئا، انهن کي به اُتي ٻڌي ڇڏيائون. ٿوري ئي دير کانپوءِ گهوڙن پٿر چٽڻ شروع ڪيا، سپاهي اهو سڀ ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ سڪندراعظم جي خدمت ۾ سڄو قصو بيان ڪيو، خبر پئي ته پٿر لوڻ جو هو، جنهن کي چٽڻ کانپوءِ گهوڙا تازا توانا ٿي پيا. اهڙي طرح کيوڙه ۾لوڻ جي دريافت ٿي.
    اظهار جي لکڻي ۾ مون اهو به پڙهيو هو ته هڪ روايت موجب، جڏهن سڪندراعظم کي لوڻ جو پٿر ڏيکاريو ويو، ته هن وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نتيجي طور سڪندراعظم جي فوج ۾ شامل کيوڙه نالي هڪ يوناني سپاهي، پهريون دفعو هن علائقي ۾ کاڻ سازي (مائيننگ) جو ڪم ڪيو ۽ ان جي ئي نالي سان هن علائقي ۽ کاڻ جو نالو مشهور آهي.
    هن کاڻ متعلق گهڻو مواد ته اظهار جي تحرير سميت ٻين معلوماتي مضمونن ۾ ئي هوندو، پر اتي موجود نمائندي ٻڌايو، ته کاڻ مان لوڻ ٽريڪٽر ٽرالي وسيلي ٻاهر ڪڍي، پوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت، دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن به اماڻيو ويندو آهي.


    • ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!

    ڪير به، ڪيڏانهن به سنبرندو آهي، ته اوڏانهن جو حال احوال ضرور وٺندو آهي. آئون ڪوهه مري اڳ به ويل آهيان. جڏهن پهريون دفعو ويو هئس، ته مون سان تعليم ۽ عهدي جي لحاظ کان، مون سان گڏ، منهنجي برابر حيثيت وارا هئا. اسان هوٽل ۾ چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا هئاسين، ته سامهون کان جُهڙ ڊوڙندو، اسان ڏانهن اچي رهيو هو.
    مون ڪچهريءَ جو رُخ بدلائڻ لاءِ غير معمولي انداز ۾ چيو هو: ”دُونهون ته دونهون! ڪيئن نه پاڻ ڏانهن ڊوڙندو اچي!“ مون سان گڏ ويٺلن مان هڪ جمالي صاحب کان سَٺو نه ٿيو، ان بنان حجاب، ڳوٺاڻي لهجي ۾، ڇڙٻ ڏيندي چيو؛ ”ڄٽ! اهو دُونهون نه جُهڙ اٿيئي، اجهو ٿو اچي پاڻ کي پُسائي“. ايتري ۾ اهو جُهڙ پنهنجي ڪاروائي ڪري، يعني اسان سڪلن کي آلو ڪري، روانو ٿيو ۽ مون حيرت مان ويٺلن سان مخاطب ٿيندي چيو: ”پاڻ سڀ هڪ جـهڙا، هڪ جيڏا، ڄٽ رڳو آئون ڪيئن ٿيس!؟“ ان تي کل ڀوڳ به ٿي، معذرت به ٿي، اسان رُلي پِني، ڌِڪا کائي موٽي آياسين.
    ان کانپوءِ به وڃڻ ٿيو، سڀ احوال ٻيا به نه ڏيندا آهن، ان ڪري اڳوڻيون ڳالهيون آئون به لڪايان ٿو. اڳي گرميءَ جي مهينن ۾ مريءَ جو سيءُ سهي آيو هئس، هن دفعي، تازو گذري ويل نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي جا ڪجهه ڏينهن مريءَ ۾ گذارڻا هئا، ان ڪري احوال ورتم ته خبر پئي، مريءَ ۾ تمام گهڻو سيءُ آهي، برف به پئي آهي...
    سياري جي هر ساعت مون کي ڏکي لڳندي آهي، دليءَ طور آئون وڃڻ لاءِ راضي ڪو نه هئس، پر جن سان گڏ رهندو آهيان، جن سان گڏ گهڻو وقت گذري ٿو، انهن جي راءِ، مرضي، چاهت جي ڪري، ڪنهن سان اندر جو احوال نه ڪيم! ماٺ ميٺ ۾ نڪري پيس!
    بهرحال، سيءَ سان لڪ لڪوٽيءَ لاءِ مڪمل خير خبر وٺي، نيٺ وڃي ڪوهه مريءَ پهتس. مريءَ ۾ پهچندي پهچندي، سج لهي چڪو هو، رهائش جو انتظام ڪندي، رات ٿي چڪي هئي، رات واري ماني کائي، واندو ٿيندي، آڌيءَ ٿي وئي هئي، ان دوران ڪم ڪار سبب ڪا خبر ئي نه پئي، ته ڪو ڪوهه مريءَ ۾ سيءُ آهي!
    گذريل رات سمهڻ واري وقت تائين رات جو هڪ ٿي ويو هو. ان ڪري، مون صبح جو پنجين وڳي لاهور ۾ اک کولي هئي، اتان کان موٽر وي وسيلي راولپنڊي اسلام آباد ويندي، رستي ۾ کيوڙا لوڻ کاڻ به وڃڻ ٿيو هو، ان کان پوءِ وري ڪلر ڪهار ڍنڍ، تنهن کان پوءِ رستي ۾ ڪٿي بيهڻ بنا ڪوهه مري، جتي رهڻ وغيره جي انتظام ۽ ٻين ڪمن ۾ رات جو هڪ ٿيو، ته ٿڪ به ٿيو هو ۽ سمهي پيو هئس.
    مريءَ ۾ پهرين رات گذارڻ کان پوءِ وارو پهريون ڏينهن، مريءَ گهمڻ جو هو. مون مري اڳ ۾ ئي ڏٺي هئي، مريءَ مان خريداري به ڪئي هئي، ان ڪري هن دفعي گهمڻ سان گڏ خريداريءَ جو سوچي، صبح ڏهين وڳي ڌاري روانو ٿيس.
    گهمڻ وارن لاءِ ڪوهه مري تمام وسيع آهي، منهنجي نظر ۾ ڪوهه مري مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ ۽ پنڊي پوائنٽ تائين محدود آهي. ان ڪري رهڻ واري جاءِ کان مال روڊ، اتان ڪشمير پوائنٽ ۽ پوءِ پنڊي پوائنٽ ڏسندي، اسان گهمڻ وارا پاڻ ۾ گهڻا ٿي وياسين! هلندي گهمندي برسات اسان کي پسائڻ جي ڪوشش جاري رکي، اسان برسات کان بچڻ جي جستجو ڪئي. نيٺ ڪشمير پوائنٽ تي، ڇٽيءَ نما اجهي هيٺ ويهي، تغاريءَ ۾ ٻرندڙ ڪاٺين تي هٿ به سيڪيا ۽ مون اڪثريت سان گڏ ڪافي، پر اسان سان شامل ڪن وري چانهن به پيتي.
    ڪشمير پوائنٽ کان مال روڊ وڃي، اتان پنڊي پوائنٽ تي به وياسين. جتان موٽندي شام ٿي چڪي هئي. اسين سڀ ٿڪي به پيا هئاسين. ان ڪري رهڻ واري جاءِ تي وري آياسين، جتي ويٺي ويٺي ياد آيو، ته مون جيڪي شيون وٺڻ جو ارادو ڪيو هو، اهي ته نه، پر آئون ته ڪجهه به وٺي نه سگهيس!
    مريءَ ۾ ٽي راتيون رهڻ باوجود، اتان آئون ڪجهه به خريد نه ڪري سگهيس! اڃا پيو اندر سڙي!
    ٿلهي ليکي مريءَ جو احوال اهو ئي، پر مريءَ پهچڻ وقت، رات جو دير سان، صبح سوير، ڏينهن جو به وقفي وقفي سان، گهر ڀاتي ۽ ڪجهه دوست رابطي ۾ رهيا. آئون سڀنيءَ جو دادلو، ان ڪري سڀنيءَ جو پهريون سوال ساڳيو هو ته ”مريءَ ۾ سيءُ آهي يا...!؟“
    مون سڀني کي ساڳيو جواب پئي ڏنو ته، ”ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!“
    منهنجي جواب مان ڪو به مطمئن نه پئي ٿيو، ان ڪري کين مطمئن ڪرڻ لاءِ ٻڌائڻو پئي پيو ته، ”پيرن ۾ جوراب پاتل آهن. گنجيءَ کان پوءِ بنا ٻانهن وارو سوئيٽر، ان مٿان قميص، تنهن مٿان ٻانهن وارو سوئيٽر، مٿي تي گرم ٽوپي، ٿلهي ٿنڀري شال به اوڍيل اٿم، ان ڪري اوهان اعتبار ڪريو يا نه، مون کي سيءُ نه پيو لڳي. هاڻي جڏهن مون کي سيءُ نه ٿو لڳي، ته پوءِ ڇو نه چوان ته، ”ڪونهي ڪو سيءُ ڪوهه مريءَ ۾!“
    سنگت ساٿ جي آگاهيءَ لاءِ، ان ڏينهن عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، مون ڪجهه تصويرون به پوسٽ ڪيون هيون ۽ اپ ڊيٽ ۾ لکيو هئم:

    ڪوهه مريءَ ۾ سيءُ ڪونهي ڪو
    اڃا مهينو آ نومبر جو
    گهٽ ۾ گهٽ چار
    وڌ ۾ وڌ چوڏهن آهي
    سراسري درجو گرميءَ جو
    سج ته ڄڻ اڀريو ئي نه آهي
    جُهڙ ئي جُهڙ آهي
    مزو مينهن جو
    اسان ورتو آهي
    سيءُ ته صفا نه آهي!


    • مريءَ ۾ مچ ڪچهري

    سنڌ جي دل حيدرآباد کان مري، يعني ڪوهه مري، اتر طرف 1352 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، صوبي پنجاب ۾، ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ سامونڊي سطح کان 2291 ميٽر، يعني 7517 فوٽن جي اوچائيءَ تي واقع آهي. روڊ رستي آرام سان وڃڻ لاءِ، رستي ۾ ٽي راتيون لڳي وينديون، نه ته بنا بريڪ گاڏي به، 24 ڪلاڪن ۾، مشڪل سان پهچائيندي آهي.
    ڪوهه مريءَ ۾، گرميءَ وارن ڏينهن ۾ به حيدرآباد جي سياري جـهڙي ٿڌ هوندي آهي! ان ڪري سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جا ماڻهو ته اڪثر ڪوهه مريءَ گُهمڻ کي ترجيح ڏيندا ئي آهن، پر جيئن ته ڪوهه مري حسين نظارن وارو علائقو به آهي، ۽ سياري ۾ برفباري به ٿئي ٿي، گُهمڻ لاءِ ويندڙن کي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ هوٽلون به گهڻيون آهن، ان ڪري دنيا جي بيشمار ملڪن جا ماڻهو به، ڪوهه مريءَ ۾ فطري سُونهن سان گڏوگڏ برسات ۽ برف جو مزو وٺڻ ويندا آهن.
    لکڻ پڙهڻ جي شوقينن ڪوهه مريءَ جا ڪيترا ئي احوال پڙهيا هوندا، جيڪي شاعريءَ جا شوقين آهن، انهن جيڪڏهن طالب المولى جي شاعري نه پڙهي آهي، ته پڙهن، ڪوهه مريءَ ۾ نظر ايندڙ نظارن کي، شاعريءَ جي گهاڙيٽي ۾ پڙهي، لطف وٺن. منهنجي خيال ۾ جيڪو پڙهندو، اهو هڪ دفعو ئي سهي، پر ڪوهه مريءَ وڃڻ لاءِ ضرور سنبرندو.
    تازو، نومبر 2015ع جي پهرئين هفتي ۾، ڪوهه مريءَ ۾ برف پئي هئي، جڏهن ته برسات وسڻ ته اتي جو معمول آهي. گهڻو ڪري جُهڙ اُتي مُنهن ۾ ٽڪرائبو آهي ۽ دونهين جـهڙا ڪڪر، ماڻهوءَ کي پسائي اڳتي وڌي ويندا آهن. انهن خبرن ۽ اهڙن اطلاعن ۽ حيدرآباد ۾ سياري جي سيءَ جون دانهون ڪرڻ باوجود، نومبر 2015ع جي ٻئي هفتي ۾، آئون به وڃي ڪوهه مري نڪتس!
    اهو ڪڙو سچ آهي، ته جنهن ڏينهن آئون مريءَ ۾ گهميس پئي، ان ڏينهن گهمندي ڦرندي، اسان کي وسندڙ مينهن پُسائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ اسان پُسڻ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هئاسين، ان ڪري ڀِڄڻ کان اڳ ڀَڄي پئي جان بچائي! ان جا اسان وٽ تصويري ثبوت به آهن.
    ان ڏينهن گرميءَ جو درجو گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ 4 ڊگري سنيٽي گريڊ جي وچ ۾ رهيو، جنهن جو اتي، يعني مريءَ ۽ آسپاس جي رهواسين تي ڪو خاص اثر نه پئي پيو. ان حد تائين به ته مريءَ جي بازارن ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ ڪجهه ڍڳيون ڏسي، مون کي حيرت ٿي، ته اسان کي لڳندڙ سيءُ شايد انهن کي نه پئي لڳو، تڏهن ته هو بي خوف گهميون پئي! نه ته، سيءُ اهڙو هو، جو منهنجي هٿن پيرن تي جوراب هئا، گنجيءَ مٿان بنا ٻانهن وارو سئيٽر، ان مٿان قميص، تنهن مٿان ٻانهن وارو سئيٽر، مٿي ۾ گرم ٽوپي ۽ آئون سڄو هڪ ٿلهي متاري، گرم شال (لوئي) ۾ ائين ويڙهيل هئس، جيئن ڪا پردو ڪندڙعورت ويڙهيل هوندي آهي. اڄ ڪلهه اهڙيون عورتون گهٽ هجڻ ڪري، جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جو مشاهدو محدود آهي، ته مٺل ڇا ٿو ڪري سگهي؟!
    منهنجي حساب سان، توڙي مون سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو جيڪو به ماڻهو، ان ڏينهن ڪوهه مريءَ ۾ هو، ان کي ڏاڍو سيءُ پئي لڳو. تنهن هوندي به اسان گهمندا ڦرندا، پاڻ بچائيندا، پهرين مال روڊ، اتان پوءِ ڪشمير پوائنٽ پهتاسين، جتي اسان هڪ خوبصورت، جديد طرز جو، ڪاٺ سان، کُنڀيءَ نِما ڇتريءَ جـهڙو ڇَپرو ڏٺو. ان هيٺ ويهڻ لاءِ ڪُرسيون رکيل هيون، جيڪي خالي پيل هجڻ باوجود، انهن جي وچ ۾ هڪ تغاريءَ ۾ ڪاٺيون پئي ٻريون.
    هاڻي جيڪڏهن سيءُ هجي ۽ من اندر کي وڻندڙ منظر هجي، مچ ڪچهريءَ جهڙي سهوليت هجي، ۽ ڪچهريءَ جيترا گڏ به هجن، ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو، مچ ڪچهري مچندي يا نه؟!
    پاڻ وٽ مچ ڪچهريون تمام گهڻي آڳاٽي زماني کان ۽ ڳوٺن ۾ رات جو ٿينديون آيون آهن. اڄ ڪلهه انهن مچ ڪچهرين جي ياد ۾، ميڊيا پاران مچ ڪچهرين واري روايت کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ۾، ڪي ڪچهريون ڏينهن ڏٺي جو به ٿينديون آهن، جتي ميڊيا وارا، ڪي ڪم وارا ماڻهو آهن، ته اَنبن جون سِڪُون لاهيندڙ ابڙين جـهڙي ڪوشش ڪندي نظر ايندا آهي، نه ته...
    اسان مريءَ ۾ مچ ڪچهري ڪئي. اها ڪچهري پاڻ وٽ ٿيندڙ سمورين، نين توڙي پراڻين ڪچهرين کان بلڪل مختلف هئي! ڇو ته هن ڪچهريءَ ۾ اسان ٻه، يعني هڪ آئون ۽ ٻيو ڊاڪٽر محمد ابراهيم خاصخيلي، پيشي جي لحاظ کان استاد هئاسين. اسان سان گڏ، اسان جا شاگرد هئا ۽ هڪ اسان سان مسٽر قائم خان ڪليري هو، جيڪو ليب اٽينڊنٽ آهي.
    اسان استاد، جيڪي هونئن پنهنجي شاگردن کي سدائين استاد نظر آياسين، اهي اسان جي ٽوئر جي هر مرحلي ۾، استاد هجڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اسان وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي، ته شاگردن سان دوستن وانگر، سندن ڪنهن ننڍي ڪنهن وڏي ڀاءُ يا ڪنهن به مٽ مائٽ ۽ عزيز وانگر هلون، منهنجي خيال ۾ اسان ان ۾ ڪامياب به وياسين، تنهن ڪري اسان جي ٽوئر دوران، هيءَ مچ ڪچهري نرالي ۽ يادگار به ٿي.
    مريءَ ۾ گُهمندڙ اسان هونئن ته گهڻا هئاسين، پر جتي ۽ جنهن مهل مريءَ ۾ مچ ڪچهري ٿي، ان وقت اتي اسان ڪي ويهه پنجويهه گڏ هئاسين. مچ ڪچهري اهڙي مچي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي. ان ڪچهريءَ ۾ ڪم جون ڳالهيون به هيون، کل ڀوڳ به ضرور هئي، پر روايتي مچ ڪچهريءَ وانگر ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڪلام نه هو! ڇو نه هو؟ شايد ان ڪري، ته بنا رٿابنديءَ جي، اها مچ ڪچهريءَ اوچتي مچي پئي هئي، تنهن ڪري، نه ته اسان ۾ ڪي اهڙا به هئا، جيڪي هن ڪچهري کي اصلي رنگ ڏئي پئي سگهيا...
    ياد رهي ته اسان ڪوهه مريءَ ۾ وڻن جو معائنو ڪري، انهن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جو جائزو وٺڻ دوران، مريءَ ۾ مچ ڪچهري به ڪئي، نه ته شايد... شايد مريءَ ۾ مچ ڪچهري نه ڪري سگهجي ها.


    • دُومِيل، جتي ٻه دريا ۽ دل وارا ملن ٿا...!

    آزاد ڪشمير خوبصورت نظارن سان ڀرپور خطو آهي. اڪثر پاڪستاني ۽ هندستاني فلمن ۾ آزاد ڪشمير جا سهڻا توڙي خطرناڪ ۽ هيبتناڪ منظر ڏيکاريا وڃن ٿا. جتي جي اڻ پوري معلومات جي ته گهڻن کي خبر آهي، پر گهڻيون خبرون ته مون سميت ٻين به گهڻن وٽ نه آهن.
    مظفر آباد، ڪشمير جو حصو آهي. مظفر آباد جا به ڪيترائي خوبصورت منظر، سياحن سميت فلمي دنيا جي نظر جو محور رهندا پيا اچن.
    تازو، ويجهڙائيءَ ۾، مريءَ کان اڳتي، 81 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، دوميل آهي، جيڪو مظفر آباد کان صرف 03 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. مون کي به، ڪشمير ۾، مظفرآباد ۽ دوميل تائين وڃڻ جو موقعو مليو.
    مظفرآباد توڙي دوميل تائين ويندي ۽ اتان واپس ڪوهه مري ورندي، اسان کي، ڪيترائي من موهيندڙ منظر، ڪيترن ئي هنڌن تي اونهين کاهين جا خوفناڪ منظر، ڪيترن ئي جبلن جي اُڀ ڪپرائيءَ ۾ رهائشي گهرن جا حيران ڪندڙ منظر به ڏسڻ جو موقعو مليو.
    دل هجي ته دل وارا ملڻ لاءِ موقعو، مهل ۽ ماڳ طئه ڪري وٺندا آهن. دريا، پاڻيءَ جي وڏي وهڪري کي چئبو آهي، هڪ دريا به گهڻو وڏو ۽ اونهو ٿئي ٿو، ٻه دريا ڪٿي ۽ ڪيئن ملڻ ممڪن آهي؟ عام سطحي سوچ، سمجهه ۽ معلومات جي نسبت سان، اهو ناممڪن جـهڙو سوال آهي، پر حقيقت ۾ درست آهي.
    ڪشمير جي مظفرآباد لڳ دوميل اهو ماڳ آهي، جتي دلين وارا ته ملندا ئي ملندا آهن، پر هتي ٻه دريا ملي هڪ ٿي ويندا آهن!
    هڪ طرف کان رَتائين ميٽُوڙي رنگ واري پاڻيءَ جي وهڪري سان وهندڙ ريشم دريا، ۽ ٻئي پاسي کان عام لُڙ پاڻيءَ وانگر وهندڙ نيلم دريا اچي، جتي ملندا آهن، ٻن دريائن ۽ دل وارن جي ملڻ واري ان هنڌ کي، ”دُومِيل“ چيو ويندو آهي.
    دوميل هاڻ شهر آهي، سندس آسپاس ۾ جيئن ڪشمير، ڪشمير جي ضلع مظفرآباد جا خوبصورت منظر آهن، تيئن دُومِيل جي آسپاس ۾ پڻ دلڪش منظر ڏسڻ وٽان آهن.


    • اڏام کٽولي...!

    ننڍپڻ ۾ گهڻو ڪري وڏڙين، ڪڏهن ڪڏهن وڏڙن جي واتان يا وري لوڪ آکاڻيون ۽ ٻاراڻيون لکڻيون پڙهندي، ”اڏام کٽولي“ اوهان به ٻڌي يا پڙهي هوندي...
    خيبر پختون خواهه صوبي ۾، گهمڻ ڦرڻ جي ماڳ ايوبيا ۾، ”لفٽ چيئر يا چيئر لفٽ“ اوهان به ٻڌي ۽ فلمن ۾ ڏٺي هوندي...
    ويجهڙائيءَ ۾ مون کي به ان ماڳ ڏسڻ ۽ ان چيئر تي چڙهي، آسپاس جا منظر پسڻ جو موقعو نصيب ٿيو...
    ڏٺل فلمن ۽ ٻڌل خبرن سبب ڊنل صرف آئون ئي نه، پر ٻيا به گهڻا هئا، پر مختلف دليلن جي آڌار، دل ٻڌي سوار ٿيس ته...
    دلفريب منظرن جي منظر ڪشيءَ کان رهي نه سگهيس... تمام گهڻي ٿڌ هجڻ باوجود، پنهنجون تصويرون پاڻ ورتم...
    تصويرن وٺڻ دوران مون کي، آئون پاڻ ياد نه رهيس، اهو فڪر وڌيڪ هو، ته ڪٿي موبائيل هيٺ ڪري پيو ته...
    هيٺ اونهائيءَ ۾، اتي جا مقامي ڇوڪرا گهمندي ڦرندي ڏٺم، انهن وڏي آواز ۾ ڪجهه ڳايو به پئي ۽ ماڻهن کان انعام به گهريو پئي. ڪي ڇوڪرا صرف آيا ۽ ويا پئي. مون کي لڳو ته اهي ڇوڪرا، هيٺ ڪريل سامان کڻڻ لاءِ، اتي گهميا ڦريا پئي. پنهنجو شڪ ڏور ڪرڻ لاءِ پڇا ڪيم، ته اهڙي پڪ به ٿي، ها! اهي ٻار ماڻهن جي هٿن ۽ جهولين مان هيٺ ڪرندڙ سامان کڻي ويندا آهن...
    هيءُ منظر ۽ تصويرون ڏسي مون کي ”اڏام کٽولي“ جـهڙيون آکاڻيون به ياد آيون، ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه وسري نه پيو...


    • صدين جو سفر ڪلاڪن ۾: پاڪستان جي فطري سونهن ۽ تاريخ...

    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي تر (احاطي، علائقي) ۾، ”سنڌ جو سير هڪ ڪلاڪ ۾“ وارو بورڊ اوهان به پڙهيو هوندو، پر اهو ممڪن آهي به ۽ ناهي به، ته ڪو اوهان به، مون وانگر، هڪ ڪلاڪ ۾ سنڌ جو سير ڪيو، نه ڪيو هجي! ساڳئين صورت، پاڪستان جي اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه جي جاگرافيائي ۽ فطري سونهن ۽ صدين تي مبني تاريخ، چند ڪلاڪن ۾ پنهنجي اکين سان ڏسي، پسي، معلوم، محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ اوهان کي اسلام آباد وڃي ”پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم“ (Pakistan Museum of Natural History (PMNH))، جيڪو پڻ پڪ سان اوهان به، نه ته ٻين ضرور ٻڌو هوندو، پر اهو ميوزيم ڏسڻ کان رهجي ويل به ڪي ٿورا نه هوندا. ڪيترن کي ته خبر به نه هوندي، ته ڪو اهڙو به ميوزيم آهي!
    هيءُ ميوزيم گارڊن اوينيو، شڪرپُڙيان، اسلام آباد ۾، پاڪستان حڪومت جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وزارت پاران، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ذيلي اداري طور، 1976ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جون چار مکيه شاخون، هر هڪ نباتاتي سائنس ڊويزن، حيواناتي سائنس ڊويزن، ڌرتي سائنس ڊويزن (Earth Sciences Division) ۽ عوامي خدمتن واري ڊويزن (Public Services Division) آهي. پهريون ٽي ڊويزن پاڪستان ۾ ٻُوٽن، جانورن ۽ معدنيات جا نمونا گڏ ڪرڻ، انهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ سندن مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مختص آهن، جڏهن ته چوٿين ڊويزن، ٽنهي ڊويزنن جي حاصلات کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿي.
    هن ميوزيم وسيلي بايوڊائورسٽي گيلري، ميرين اڪوسسٽم ۽ اڪو گيلريز ذريعي مخلتف طريقن ۽ وسيلن سان، ماڻهن کي ملڪ مان ختم ٿيندڙ 1000 کان وڌيڪ قسم ۽ نسل جي جانورن، 2500 کان وڌيڪ قسم ۽ جنس وارن ٻوٽن ۽ وڻن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ انهن جي خاتمي جي هاڃيڪار اثرن متعلق معلومات مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ آباديءَ ۾ واڌ، گدلاڻ (آلودگي)، صنعت سازي، سوڪهڙي، ٻيلن جي تباهي، زميني کاڌ، خوشڪسالي، پکين، جانورن ۽ مڇين جي بي جا شڪار ۽ اهڙيءَ طرح جي ٻين منفي عملن جي اُگرن نتيجن جي ڄاڻ ڏيڻ جو ڪم به ڪيو وڃي ٿو.
    هن ميوزيم ۾ انيڪ قسم جي ٻوٽن، وڻن، جانورن، پکين، پٿرن، معدني ۽ ڌاتوءَ جي نمونن کي، عام سُڌ ٻُڌ لاءِ محفوظ ڪري رکيو ويو آهي.
    اشاعتي وسيلن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾، مختلف تربيتي ڪورسز ۽ نمائشون منعقد ڪرڻ وسيلي، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ، وقت به وقت پروگرام ڪرڻ، مختلف نمونن جي سڃاڻپ لاءِ معاونت ڪرڻ، ٽيڪنيڪل ڄاڻ ڏيڻ وارو ڪم پڻ، لاڳيتو جاري ۽ ساري آهي.
    ڊاڪٽر محمد خان لغاري هن وقت پاڪستان جي فطري تاريخ واري ميوزيم اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل آهي. جيڪو مشهور ۽ معروف شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ساڳئي ڳوٺ جو هڪ ٻيو ”هيرو“ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي، علم، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جي حوالي سان، امتيازي ڪم ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد خان لغاري، ميرين سائنس ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندي، هاڻ ملڪ جي هن اهم ۽ تمام وڏي اداري جو منتظمِ اعلى آهي.
    لوڪ ورثه لڳ، شڪر پُڙيان، اسلام آباد ۾، جنهن به پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم نه ڏٺو آهي، ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو، هيءُ ميوزيم ضرور ڏسڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن ميوزيم معرفت، چند ڪلاڪن ۾، ماڻهو ملڪ جا مختلف ماڳ، مختلف ٻوٽا، وڻ، جيت جڻا، پکي ۽ جانور، معدني شيون، ڌاتو، آبي شيون، آبهوا جي لحاظ کان مختلف علائقن ۾ زندگيءَ جا اهڃاڻ ڏسي، پسي، ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. هيءُ ميوزيم اڱاري کان آچر تائين، روزانو صبح ساڍي نوين کان شام ساڍي چئين وڳي تائين، هر عمر ۽ هر جنس جي ٻار، نوجوان ۽ ٻڍي لاءِ کليل هوندو آهي. هيءُ ميوزيم گهمڻ لاءِ تعليم يافته هجڻ به ضروري نه آهي. اڻ پڙهيل ۽ اڻ گهميل ماڻهن لاءِ ته هيءَ بهترين جاءِ آهي، جتان ملڪ بابت تمام گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهجي ٿو. پر ياد رهي ته سومر وارو ڏينهن، هيءُ ميوزيم بند هوندو آهي، ۽ ڪم وارن ڏينهن ۾، ڏينهن جو هڪ کان ڏيڍ وڳي تائين، نماز جو وقفو ڪيو ويندو آهي.
    مون کي هيءُ ميوزيم ڏسڻ ۽ ان مان پرائڻ جو ڀرپور موقعو نصيب ٿيو. ميوزيم جي دوري ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ، آئون اداري جي انهن سمورن ڪارڪنن جو ٿورائتو آهيان، جن اسان جي قافلي کي نه صرف ميوزيم جا سڀ حصا گهمايا، پر لاڳاپيل ڄاڻ به ڏيندا رهيا.


    • اين اي آر سيءَ جو تعليمي تربيتي دورو

    اين اي آر سي يعني قومي زرعي تحقيقي سينٽر (National Agriculture Research Centre)، پي اي آر سي يعني پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (Pakistan Agriculture Research Council) جو ماتحت ادارو آهي. پي اي آر سي پاڪستان جي زراعت کي درپيش مسئلن جي جاچ پڙتال ۽ حل لاءِ ڪم ڪندڙ، وفاقي حڪومت جو تمام وڏو ادارو آهي، جيڪو مختلف وفاقي ۽ صوبائي توڙي پرڏيهي ادارن جي سهڪار سان، زراعت جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪري رهيو آهي.
    پي اي آر سيءَ جو بنياد 1948ع ۾، خوراڪ ۽ زراعت ڪاميٽي (ايف اي سي) جوڙڻ سان پيو، جنهن کي 1951ع ۾، پاڪستان جي خوراڪ ۽ زراعت واري ڪائونسل (ايف اي سي) قرار ڏنو ويو. اڳتي هلي، ان کي 1964ع ۾ زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (اي آر سي) جو نالو ڏنو ويو. ملڪ جا زرعي مسئلا، مونجهارا ۽ انهن جي حل تي ڪم ڪندي، ايف اي سي ڪاميٽي نالا بدلائيندي، ڪم جو دائرو وڌائيندي، ترقي ڪندي، 1981ع کان پي اي آر سيءَ طور پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.
    هن وقت پي اي آر سيءَ جون پنج ڊويزنس ڪم ڪن پيون، جن مان چار ڊويزنس، هر هڪ ٻوٽن جي سائنس، جانورن جي سائنس، سماجي سائنس ۽ قدرتي وسيلن واري ڊويزن، جڏهن ته هڪ (پنجين) خدمتن واري ڊويزن، ڪائونسل جي مالياتي معاملن لاءِ سرگرم آهي.
    پي اي آر سي، ٻوٽن جي سائنس واري ڊويزن ۾، مختلف فصلن، ڀاڄين ۽ ميوَن جي پيداوار وڌائڻ جي مد ۾، تحقيق ۽ توسيع توڙي تربيت جو ڪم هٿ ۾ کڻندي، وفاقي سطح تي اين اي آر سي ۽ صوبائي سطح تي ٻيا مختلف صوبائي سينٽر قائم ڪيا آهن. سڀنيءَ جو مقصد ساڳيو، يعني ملڪ ۾ زرعي اُپت وڌائي، ملڪ جون زرعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ اضافي اُپت کي ٻاهر موڪلڻ يا پيداوار وڌائڻ لاءِ ٻين ملڪن مان اضافي مهارت ۽ ٻيون سهوليتون ماڻڻ آهي.
    اين اي آر سي اسلام آباد کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي، 6 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، راول ندي، راول ڊيم ۽ چڪ شهزاد جي ڀر ۾، پارڪ روڊ سان لڳو لڳ، 1400 ايڪڙ ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. پي اي آر سيءَ جو، ملڪ ۾ سڀنيءَ کان وڏو، هيءُ سينٽر 1984ع ۾ قائم ٿيو.
    اين اي آر سيءَ ۾ جديد سائنسي اوزارن ۽ مشينن تي مبني تجرباتي ايراضي، تحقيقاتي ليبارٽريون، گرين هائوس، قومي جين بئنڪ، زرعي سائنس جي قومي لائبرري، آڊيٽوريم هال ۽ ليبارٽريءَ جي ساز سامان جي مرمت لاءِ ورڪشاپ، اسٽور، هاسٽل، ڪيفيٽيريا (ڪينٽين، هوٽل) وغيره جون سهوليتون ميسر آهن.
    ياد رهي ته ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران فصلن جي بچاءَ واري فيڪلٽيءَ ۾ موجود جيتن جي سائنس، ٻُوٽن جي بيمارين واري علم ۽ ٻُوٽن جي بچاءَ واري شعبي ۾ پڙهندڙ، چوٿين سال جي شاگردن کي آل پاڪستان اسٽڊي ٽوئر جي سلسلي ۾، اين اي آر سيءَ جو تعليمي تربيتي دورو ڪرائڻ لاءِ، اسان اين اي آر سيءَ جي انتظاميا ۽ اتي موجود دوست محققن سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئيءَ سان رابطو ڪري، شاگردن جي لڳ ڀڳ 70 جي جٿي سان وڃي، ان مرڪز جو تفصيلي دورو ڪيو. شاگردن پاران جيتن جي سائنس ۽ ٻوٽن جي بيمارين واري حوالي سان ٿيل ۽ جاري ڪم ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي وئي. جڏهن ته اتي خراب ۽ ناقابلِ استعمال پاڻيءَ کي صاف ڪري، ٻيهر استعمال ڪرڻ جـهڙو بنائڻ واري سلسلي کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قومي ٻج چڪاس ليبارٽري ۽ کنڀين جي هٿرادو پوک واري شعبي جو پڻ دلچسپيءَ سان معائنو ڪري، پنهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو. اين اي آر سيءَ جي تعليمي ۽ تربيتي سير دوران، سيف الله ٽالپر ۽ ڊاڪٽر محمد اسحاق مستوئي، اسان سان گڏ گڏ رهيا، جڏهن ته ڊاڪٽر انجم منير (ڊائريڪٽر ڪراپ ڊزيز ريسرچ انسٽيٽيوٽ)، ڊاڪٽر طاهره ياسمين (نيشنل آءِ پي ايم پروگرام ليڊر) ۽ ٻين به ڪيترن ئي زرعي محققن سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.


    • زراعت: سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر

    ”منهنجي خيال ۾“ آبادگار ڀائرن، زراعت جي شاگردن، زرعي محققن، زرعي توسيعي ڪارڪنن ۽ زراعت ۾ دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن جي ذهن ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو سوال ضرور اڀرندو هوندو، ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    اهو سوال پنهنجي جاءِ تي ڏکيو ضرور آهي، پر موجوده ترقي يافته ڪمپيوٽر ۽ موبائيل دؤر ۾، هاڻي هيڏي ساري وسيع دنيا، سوڙهي ٿي، عالمي ڳوٺڙو بنجي چڪي آهي، ان ڪري، جيڪو جيڪو به ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جو درست استعمال ڪندي، اهڙن ۽ ٻين به ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولي لهي ٿو، اهو گهر ويٺي، تمام گهڻن ڏکين سوالن جا تفصيلي جواب به حاصل ڪري سگهي ٿو، ان هوندي به، منهنجي دل گهري ٿي، ته اوهان کي اهڙي ڏکئي سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ضرور ڪريان.
    جيڪي به مهربان پڙهندڙ، پنهنجي ضرورت واري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڄاڻ جا سمورا ذريعا استعمال ڪندا رهن ٿا، ممڪن آهي ته آئون انهن لاءِ ڪا جامع ۽ نئين معلومات قلمبند نه به ڪري سگهان، پر جيئن ته پاڻ اهڙي ماحول جا رهواسي آهيون، جتي لکيل پڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي، جيڪي لکيل پڙهيل آهن، انهن جون ترجيحات ساڳيون نه آهن، ان ڪري پهرين ٿلهي ليکي اها چٽائي ضروري ٿو سمجهان، ته دنيا ۾ ڪي چند ملڪ نه آهن ۽ سڀ ملڪ هڪ جـهڙا ترقي يافته يا ترقي پذير يا ترقيءَ کان وانجهيل به نه آهن. ڪي ملڪ، پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا ترقي يافته آهن ۽ پاڻ کي انهن ملڪن جي برابريءَ ۾ اچڻ لاءِ، همٿ ۽ حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي. ساڳئي وقت ڪي ملڪ اهڙا به آهن، جن سان پاڻ مختلف حوالن سان برابريءَ واري سطح ۾ اچون ٿا، جڏهن ته اها به هڪ ڪڙي حقيقت آهي، ته ڪيترائي اهڙا ملڪ به دنيا ۾ آهن، جيڪي مختلف شعبن جي حوالي سان، پاڻ کان گهڻا پٺتي پيل آهن.
    جيئن پاڻ وڌيڪ تعليم، علم، سُڌ، ڄاڻ، تجربي لاءِ، پاڻ کان وڌيڪ ڄاڻندڙ ملڪن مان پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ساڳئي طرح، پاڻ کان پٺتي پيل، پاڻ کان غريب ملڪ، پاڻ وٽان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهڙي معلومات، اوهان کي پنهنجي ملڪ توڙي صوبي ۾ موجود مختلف تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾، تعليم ۽ تحقيق جي مد ۾ آيل پرڏيهين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان ملي ويندي. ان دوران اهو به ڄاڻي سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ پڻ مختلف صوبن ۽ مختلف ملڪن مان، تعليم پرائڻ ۽ تحقيقي سگهه حاصل ڪرڻ جو سلسلو به صدين کان جاري آهي.
    ساڳئين طرح، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾ فرق معلوم ڪرڻ به گهڻو ڏکيو نه آهي! جيڪو جيڪو به انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهي ٿو، اهو دنيا جـهان جي معلومات، گهر ويٺي حاصل ڪري سگهي ٿو. کيس اهڙو ئي ساڳيو جواب پلئه پوندو، جـهڙو مٿي لکجي چڪو آهي.
    سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾، ڀيٽ ڪرڻ لاءِ انگ اکر، انٽرنيٽ جي مختلف ذريعن توڙي مختلف ڪتابن ۽ رپورٽن ۾ موجود آهن، جيڪو جيڪو به، جيڪو ڪجهه به ڄاڻڻ چاهي، ڄاڻي سگهي ٿو. حتمي معلومات اها ساڳئين هوندي! يعني ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيڪ، فخر جـهڙي ۽ ساراهڻ جوڳي هوندي، ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر يا اوڻيهه ويهه جي نسبت سان ٿوري وڌيڪ يا ٿوري گهٽ هوندي، جڏهن ته ڪن فصلن ۾ سنڌ جي پيداواري صلاحيت دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ، حيرت جـهڙي، پريشان ۽ پشيمان ڪرڻ جوڳي هوندي!
    جيئن سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، تيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ اهڙا ڪيترا ئي فصل، يا ڪن فصلن جون ڪي مخصوص جنسون نه ٿيون پوکجن، پر اهي پاڻ وٽ ڪاميابيءَ سان پوکي، انهن مان بهتر پيداوار به حاصل ڪري سگهجي ٿي. مثال لاءِ سنڌ ۾ ڪيلي جو فصل ڪامياب، ٻين صوبن ۾، ڪيلي جا ٻوٽا ڦٽن ضرور ٿا، پر پيداوار ملڻ مشڪل، يا وري سال جي مخصوص عرصي ۾، ايتري گهٽ پيداوار ملندي، جنهن ڪري ڪيلو نه پوکڻ ئي بهتر آهي. اهڙيءَ طرح نارنگيون پنجاب ۾ ته ڪامياب آهن، پر سنڌ ۾ نه، البت گريٽ فروٽ ضلع نوشهروفيروز ۾، جڏهن ته نارنگين جو ڀاءُ ليمون ۽ ٻيون ڀينر جنسون به سنڌ ۾ ٿينديون آهن، پر ليمون تمام ڀلو ڪنڊيارو، خانواهڻ ۽ محبت ديرو جتوئي وغيره ۾ ٿئي ٿو. اهڙي ريت خيبر پختون خواهه صوبي ۽ بلوچستان صوبي جو جيڪڏهن حوالو ڏجي، ته به اهڙا فصل ملي ويندا، جيڪي پاڻ وٽ ڪو نه ٿين، يا گهڻا گهٽ ٿين!
    اهو، ايترو سارو فرق آبهوا جو آهي! آبهوا جي لحاظ کان سنڌ جو ميداني علائقو، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي پهچي سگهي ٿو، اتي هڪڙا فصل، جتي آبپاشيءَ وارو پاڻي ميسر نه آهي، مثال طور ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وري برسات جي پاڻيءَ تي پوکجندڙ فصل، ايتري ايراضيءَ ۾ پوکيا ويندا آهن ۽ انهن علائقن مان ايتري اُپت حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن مان نه صرف پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ملڪ جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون، پر اضافي پيداوار پرڏيهه موڪلي، پرڏيهي واپار وسيلي، پرڏيهي ناڻو به ڪمايو وڃي ٿو. ساڳئين طرح ٻين صوبن ۾ به ائين ئي آهي.
    زرعي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪجي، ته گهڻي ڀاڱي، پنهنجي ملڪ جي سڀني صوبن، توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ، ساڳيا ئي زرعي مسئلا موجود آهن. اها ٻيءَ ڳالهه آهي، ته ڪي اهڙا مسئلا به آهن، جيڪي هڪ صوبي ۾ آهن، ته ٻئي ۾ نه آهن، يا اسان جي ملڪ ۾ آهن، ته ٻين ملڪن ۾ نه آهن، ۽ ڪي مسئلا وري ٻين ملڪن ۾ ته آهن، پر پاڻ وٽ نه آهن. اهڙا انيڪ مسئلا آهن، جيڪو جيڪو به معلومات حاصل ڪندو، اهو ئي ڄاڻي سگهندو. آئون هر هڪ جو مثال ۽ تفصيل ڏيڻ ضروري نه پيو سمجهان.
    مهربان پڙهندڙن جي خدمت ۾، هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون به تصويرون شامل آهن، جن مان هر هڪ تصوير، پنهنجو پسمنظر ۽ تفصيل پاڻ ئي ظاهر ڪري رهي آهي. اهي تصويرون پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه صوبن جي مختلف علائقن جو تعليمي دورو ڪرڻ دوران ورتيون ويون آهن. اوهان مهربان پڙهندڙ، سنڌ جو زرعي پسمنظر ياد رکندي، هي تصويرون ڏسي، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر، ٻيءَ دنيا جي زراعت، يا وري سنڌ ۽ پنجاب جي زراعت، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه جي زراعت، سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    مهربان پڙهندڙن جي مهرباني، سندن ٿورا، ڀلايون...


    • بنا ارادي پوکيل، بنا سنڀال بيٺل، ٻيرن جا وڻ

    ٻير اوهان به ٻڌا هوندا، مثال طور ”ٻير جي ڍينگري“ يا ”پڪي ٻير ۾ هر ڪو ڀتر هڻي“ واري حوالي سان ته ضرور ٻڌا هوندا. ٻير، در اصل ميوو ڏيندڙ وڻ آهي، ان وڻ جي ميوي کي به وڻ جو ساڳيو نالو، يعني ٻير چيو ويندو آهي. مون کي ننڍپڻ ۾ ڪنهن عجيب ۽ غريب ڳالهه (نقل، لطيفو) ٻڌايو هو، جيڪو اڄ به ياد اٿم. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ همراهه ٻيرن جي موسم ۾، ٻير جي وڻ هيٺ ليٽيل هو، ته مٿان هڪ پڪل ٻير ڇڻيو، جيڪو اچي سندس ڇاتي تي پيو. ان همراهه جي دل گهريو، ته جيڪو ٻير پاڻهي اچي پهتو آهي، ته اهو کائڻ گهرجي، پر ان لاءِ هن کي انتظار ڪرڻو پيو، تان جو اچي شام ٿي. خير، شام ڌاري ڪو ماڻهو اچي اتان لانگهائو ٿيو، ته ٻير هيٺ ستل همراهه هڪل ڪري، اتان گذرندڙ ماڻهوءَ کي سڏي چيو، يار! صبح کان سَئون سُتو پيو آهيان، مس مس تون آيو آهين، هاڻ ڀلائي ڪري، منهنجي ڇاتيءَ تان ٻير کڻي، منهنجي وات ۾ وجهه، ته اهو آئون کائي اٿان، صفا سُڪي پيو آهيان. اوهان کي خبر آهي ته اهو همراهه، ٻير هيٺ ليٽيل همراهه جو واقف هو ۽ پاڻ ۾ اڳي به ملندا رهندا هئا، تنهن ٻير هيٺ ستل همراهه کي مهڻو ڏيندي چيو ته ”ياد ڪر! ان ڏينهن آئون ليٽيو پيو هئس، ڪُتو اچي منهنجو منهن چٽڻ لڳو هو، تو اُهو لڪاءُ پاڻ ڏٺو هو، مون توکي منٿ به ڪئي هئي، ته ڀلائي ڪري ڪُتي کي هڪل، منهنجو منهن پيو خراب ڪري، پر تون ته کِلندو ڪُڏندو هليو وئين، وڃي راڄن ۾ ڳالهيون ڪيئي. اڄ وري مون ۾ ٿو اميد ڪرين!“
    ٻير، ماڻهوءَ جو نالو به ممڪن آهي ته اوهان مان ڪنهن ٻڌو يا پڙهيو هجي، مون ”ٻير شريف“ به ٻڌو آهي. ۽ اوهان وانگر مون کي به خبر آهي، ته حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊوقيصر کي ٻيرن جو شهر چيو ويندو آهي. ٽنڊوقيصر جي آسپاس ۾ ٻير تمام گهڻا آهن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻيرن جا باغ، گهڻو ڪري ٽنڊوقيصر جا ماڻهو ٺيڪي تي کڻندا آهن. ٻيرن ۾ ڪم ڪرڻ وارن ۾ به، ٽنڊوقيصر ۽ ان جي آسپاس جا ماڻهو ماهر آهن. ۽ مون ڪٿي پڙهيو به هو ۽ ٻڌو به آهي، ته ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي ٻير - منڊي ٽنڊوقيصر آهي. ٻير ۽ ٽنڊوقيصر جي نسبت سان، ٻيرن بابت مون کان ۽ ٻين به گهڻن کان گهڻي ڄاڻ ته ڊاڪٽر امتياز احمد نظاماڻيءَ کي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ٽنڊوقيصر جو آهي، سندس ذاتي ٻيرن جو باغ آهي ۽ سندس والد ٻيرن جو واپار ڪري ٿو، ان سان باغن تي ٿيندڙ ڪم ڪار ۾ به هٿ ونڊائيندو آهي. هو سالن کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فصلن جي بچاءَ واري فيڪلٽيءَ جي ٻوٽن جي بچاءَ واري شعبي ۾ ذميوار ۽ پڙهائيندڙ استاد ۽ محقق به آهي، ۽ خاص ڳالهه ته هن پي ايڇ ڊي به ٻيرن ۾، ميوي جي مک واري مسئلي تي ڪئي آهي، ۽ سندس پي ايڇ ڊي واري تحقيق جي روشنيءَ ۾، هن ٻيرن مان بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ماڊل به تيار ڪيو آهي.
    ٻيرن بابت ٿوري گهڻي معلومات هر ڪنهن کي آهي. ان حد تائين به ته سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻيڪار، خاڪا نويس، علمي ادبي شخصيت، سائين رسول بخش درس سان، جهمپير ۾، سندس اوطاق ۾ ويٺل هئس. اتي اوچتو ٻيرن جو ذڪر ٿيو، ته هن ٻيرن تي سٺو ڳالهائيندي، ٻاهر اشارو ڪري، اتان نظر ايندڙ ٻير جو وڻ به ڏيکاريو ۽ ٻڌايائين به، ته ان ٻير ۾ تڏهن ٻير هوندا آهن، جڏهن ٻين ٻيرن ۾ نه هوندا آهن ۽ ٻير به سُٺا هوندا آهن. اهو ٻير جو وڻ جهمپير شهر ۾، ڪنهن جي ذاتي جاءِ ۾، اندر بيٺل آهي. ديسي وڻ آهي. ٻيرن ۾ دلچسپي رکندڙن کي ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ گهرجي، تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اقتصادي طور بهتر جنس هجي، ته ان جو نسل وڌائڻ گهرجي.
    پاڻ وٽ ٻيرن جون ديسي جنسون گهڻيون آهن. مون کي هڪ دفعي، وڳڻ لڳ ڳوٺ عالي کٻڙ، لاڙڪاڻو جي آسپاس ۾ ٿيندڙ ٻير نصيب ٿيا، اهي جسامت ۾ بيضوي ۽ نوڪدار هئا، مون کي ڏاڍا وڻيا. پاڻ وٽ قلمي جنسون به مختلف آهن. ڪنهن کي ڪهڙي جنس، ته ڪنهن کي ڪهڙي وڻي ٿي. ڪجهه عرصو اڳ تائين، صوفي ٻيرن جي هاڪ هُليل هُئي، پر صوفي ٻير ۾ ميوي جي مک سبب، هاڻ صوفي جنس ڪٿي ڳولئي به نه ٿي لڀي. ان جي جاءِ گولو جنس والاري آهي، جنهن ۾ اڇو گولو، کيرو گولو ۽ ٻيا نالا ٻڌڻ ۾ پيا ايندا آهن.
    ٻيرن جي ڪهڙي به جنس هجي، ٻيرن ۾ ميوي جي مک نقصان ڪري ٿي. ويجهڙائيءَ ۾ لاهور وڃڻ ٿيو. جـهانگير بادشاهه جي مقبري واري احاطي جي مکيه دروازي وٽ ٻيرن جا وڻ آهن. انهن ٻيرن ۾ ٻير به لڳل هئا. ٿورو ڌيان ڏئي ڏٺم ۽ پوءِ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سائنسي حڪمتِ عمليءَ سان جائزو ورتم، انهن ٻيرن ۾، جيڪي اڃا گهڻا ننڍا ۽ ڪچا به هئا، پوءِ به ميوي جي مک جي ڪري 61 سيڪڙو ٻير ميوي جي مک سبب خراب هئا.
    بنا ارادي پوکيل، بنا سنڀال بيٺل ٻيرن جا وڻ، ٻير جي ميوي واري مک، ٻيا نقصانڪار جيت جڻا ۽ بيماريون وڌائڻ جو ڪم ڪن ٿا.


    • سفر بخير

    سفر صرف مون نه ڪيو آهي، ٻيا به ڪن ٿا. سفر جو احوال، يعني سفرنامو ٻيا به لکن ٿا، ان ڪري مون به سوچيو ته آئون ڇو نه لکان؟
    سفرنامو، نثر جي هڪ صنف آهي. ان صنف جا پنهنجا اصول هوندا، پر مون کي انهن اصولن جي خبر نه آهي. ان ڪري مون کي پڪ آهي، ته منهنجو هيءُ سفرنامو عام سفرنامن کان گهڻو مختلف هوندو.
    هڪ ڳالهه چٽي ڪندو هلان، ته نه اهو ضروري آهي، ته ڪو هيءُ سفرنامو مفيد، دلچسپ ۽ معلوماتي هوندو، نه ئي ان ۾ ڪو شڪ آهي، ته پڙهڻ جـهڙو به هوندو، يا پڙهندڙ کي نه پڙهڻ جـهڙو سفرنامو به پڙهڻو پوندو!
    بهرحال، ابتدا ان حقيقت سان، ته موسم جي نسبت سان آئون سفر لاءِ قطعي راضي نه هئس، پر جنهن نسبت سان هيءُ سفر ممڪن بنيو، ان نسبت سان سفر لاءِ آئون پاڻ راضي ٿيس ۽ تياري شروع ڪيم. مون کي سيءُ ۽ ملڪي صورتحال جو وڏو خوف هو، پر شڪر ٿيو، خير سان سفر ڪري واپس پهچي ويس.
    جهنگ منهن جـهڙا سفر ته ماڻهوءَ کي اڪيلي سر، يا جنهن سان به گڏ سفر ڪرڻو پوي، صرف ان سان ئي سفر ڪرڻو پوندو آهي، پر وسندين ۽ واهڻن مان نڪري، شهرن ڏانهن منهن ڪبو، ته قدم قدم تي ٻيا به پيا ملندا، نِت نَون سان واهپو پيو ٿيندو، ان ڪري جـهڙو عام ماحول هوندو، عام صورتحال هوندي، ان نسبت سان ئي گذارڻو پوندو. مون سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو، جـهڙو پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، سفر دوران ٻين سان به ٿيندو رهي ٿو.
    منهنجي هن سفر دوران پڻ، همسفر به منهنجي مٿي جو سُور هئا! ڇاڪاڻ ته آئون اڪيلي سر سفر ڪرڻ جـهڙو نه آهيان، نه ئي هيءُ سفر به اڪيلي سر ڪيم. ڪٿي بس ۾ يا ڪٿي ريل گاڏيءَ ۾... ڀلا اڪيلي به ڪو سفر ڪري سگهبو آهي ڇا!؟ اڪيلو به نه هئس ۽ نه ئي صرف پنهنجن، اعتبار جـهڙن سان گڏ هئس. ان ڪري مون کي پهريون خوف اهو هو، ته سفر لاءِ گهربل خرچ واري رقم، ڪو کيسو ڪتريندڙ، ڪو نشو ڏئي هٿڙي هڻندڙ جي ور نه چڙهي وڃي! ان ڪري سفر ۾ چوويهن کان اٺاويهه ڪلاڪ لاڳيتا جاڳي به سفر ڪرڻو پيو، سو ڪيم ۽ پنهنجي خرچ واري رقم ڪنهن ٻئي جي هٿ اچڻ نه ڏنم! مون کي اهو خوف ان ڪري به هو، ڇو ته اهڙا واقعا ايترا عام جام ٿي ويا آهن، جو بسن ۾ ”مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ ذميوار هوندو“ لکيل هوندو آهي، ريل گاڏيءَ ۾ ان جملي سان گڏ يا الڳ، پر اهو به لکيل هوندو آهي، ته ”ڪنهن به اڻ واقف کان، ڪا به کائڻ جي شيءِ، کائڻ کان پرهيز ڪريو!“ جيڪو پرهيز نه ڪندو آهي، ان جون خبرون به خابرو ذريعن معرفت، پاڻ سڀني وٽ پهتل آهن، جن ۾ ڪوڙ تمام گهٽ هوندو آهي. ان ڪري آئون، انهن خوش نصيب مسافرن مان آهيان، جيڪي بنا کائڻ يعني لنگهڻ تي سفر ڪري پاڻ بچائي ايندا آهن!
    پيسا ڏوڪڙ کڻڻ به مسئلو آهي، ته نه کڻڻ به مسئلو! اوهان چوندا ته لکيل پڙهيل، اي ٽي ايم جو زمانو، پوءِ به فڪر!؟ منهنجا سائين! جن وٽ اي ٽي ايم آهن، انهن جون خبرون رکو. اي ٽي ايم ڪارڊ مشين ۾ ڦاسي پوي ته پوءِ؟ اي ٽي ايم ڪارڊ مان پيسا به ڪٽجي وڃن ۽ مشين به پيسا نه ڏي، ته پوءِ!؟ پاڻ وٽ ائين ٿيندو آهي. ڇو ته بجلي به پنهنجي مرضيءَ سان ايندي ويندي آهي، ته مشين خراب ٿيڻ جو به ڪو وقت مقرر نه هوندو آهي. تنهن ڪري جن سان ائين ٿيو آهي، انهن کي خبر آهي، ته هو پنهنجن ئي پيسن جي ڪري، ڪيترا پريشان ٿيا ۽ ڪيترا پيسا خرچ ڪري، پوءِ پنهنجا پيسا حاصل ڪري سگهيا!؟
    ريل گاڏي توڙي بسن ۾ سفر جو موقعو نصيب ٿيو. انهن ۾ جيئن اوهان کي تجربو آهي، مون کي به، بلڪل ساڳيو تجربو، نئون سئون ٿيو. مسافريءَ ۾ به ٻئي کي پريشان ڪندڙن جي ، شايد ڪٿي به ڪمي ڪانهي!؟ البت مون سان اهڙو ڪجهه نه ٿيو، اها منهنجي خوش قسمتي آهي. ڇو ته پاڻ وٽ ڏاهپ، سياڻپ به پريشانيءَ جو سبب بنجي ٿي، ته اٻهرائپ، اسهپ، جذباتيت، وقت سر فيصلو نه ڪري سگهڻ وغيره به، ڪٿي ننڍڙو ته ڪٿي وڏڙو مسئلو کڙو ڪندا آهن، پر شڪر، منهنجو بچاءُ ٿي ويو!
    آئون اجائي گهڻي مجبوريءَ کانسواءِ ڪيڏانهن به اڪيلو نه ويندو آهيان، ڇو ته اڪيلو ماڻهو جـهڙو چريو هوندو آهي! کيس هر ڪو پيو تعجب مان ڏسندو آهي. سفر ۾ ٻه هجڻ تمام ڀلو ٿئي ٿو، پر ٻنهيءَ جو هڪ ٻئي سان متفق هجڻ، هڪ ٻئي کي ٻڌڻ، سمجهڻ، هڪ ٻئي جي مڃڻ واري صلاحيت هجڻ ضروري آهي. آئون جتي جتي به ويس، اتي اتي گهمندڙن ۾ جوڙيون ججهيون ڏٺم، جوڙين جي گهمڻ جون جايون عام هجڻ باوجود خاص به هيون. انهن جو اڳتي ذڪر ڪبو. هن دفعي آئون اڪيلو به نه هئس، گهمڻ ۾ سولو ۽ سستو گروپ چئن جو ٿيندو آهي، پر اسان گڏ گهمندڙن جو ٽولو، چئن ته نه، پر چئن جي ٽولي واري حساب سان، چئن چئن جي ارڙهن ٽولن کان به گهڻا گڏ هئاسين.
    چون ٿا ججهن کنئين ڇپر کڄيو وڃي، پر ججهن سان نه گهر، نه ئي هر هلڻ جون ڳالهيون به سياڻا ڪري ويا آهن! ان نسبت سان ريل گاڏيءَ ۾ ته اسان گهڻا سارا، يعني هيڪاندا گڏ هئاسين، ان ڪري اسان ۾ ڪي گند ڪرڻ وارا به هئا! جن گند ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو! ان هوندي به، ڪڙو سچ هيءُ آهي، ته اڪثريت تمام گهڻي مزي سان گهمي، مون کي به وقتي ڏکيائيون ته پيش آيون، پر مجموعي طور سفر سڦل، لاڀائتو رهيو.
    اکيون چار ڪري سفر ڪرڻ وارو آئون اڪيلو نه هئس، پوءِ به اسان مان ڪنهن کي گهٽ ۾ گهٽ اٺن، ته ڪنهن کي وري وڌ ۾ وڌ پندرهن هزارن جو نقصان به پهتو، جنهن جو ڏک اٿم. هڪ ٻئي همسفر وٽ ته سندس ٻٽونءَ ۾ جيڪو به سامان هو، يعني سموري رقم ۽ شناختي ڪارڊ به وٽس نه رهيو! ان جو به ارمان اٿم! ان هوندي به، جيئن ته باقي سڀ نقصان کان بچياسين، ان ڪري مجموعي طور سفر بهتر رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جن جي چوري نه ٿي، جن کان سندن سامان ڪٿي وسريو ڪو نه، ڪٿي ڪريو ڪو نه، اهي وري خريداريءَ ۾ گهڻا ڌَڪجي آيا! ڪي سَوَن جي شيءِ هزارن ۾ وٺي آيا! آئون گهمڻ ۽ گهمڻ جي انتظامن ۾ ايترو مصروف هوندو هئس، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ آئون ته پنهنجي ٻارڙن کي ريجهائڻ جـهڙي، جيتري، ضروري خريداري به نه ڪري سگهيس!
    منهنجي هن سفر دوران ڇنڇر 07 نومبر 2015ع کان خميس 19 نومبر 2015ع وارن ڏينهن ۾، آئون انتهائي اهم ۽ هڪ نظر کان حساس ذميواريءَ سبب، تمام گهڻو مصروف رهيس، جنهن ڪري چاهڻ باوجود، معمول جي ابتڙ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان رابطي ۾ هوندي به، ڄڻ ته رابطي ۾ نه رهيس.
    اوهان مهربان دوستن ۽ عزيزن جي نيڪ تمنائن سبب، آئون پنهنجون ذميواريون، منهنجي حساب سان تمام بهتر نموني نڀائي، واپس پنهنجي ماڳ اچي پهتو آهيان.
    ان عرصي دوران لاهور ۾ عجائب گهر، شاهي قلعو، شاهي مسجد، مينارِ پاڪستان، بيبي پاڪ دامن، انار ڪلي، لڪشمي چوڪ، زُو (لاهور جو راڻيءَ باغ)، راوي پُل، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ۽ آسپاس، شاليمار باغ، واگهه بارڊر، هائپر اسٽار، لاهور کان ڪوهه مري ويندي دنيا جي ٻيو نمبر ۽ ايشيا جي پهريون نمبر وڏي لوڻ کاڻ (کيوڙهه مائين)، ڪلر ڪهار، ڪوهه مريءَ ۾ مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ، پنڊي پوائنٽ، درياءِ نيلم، واديءِ نيلم، مظفر آباد، دو ميل (جتي ريشم ۽ نيلم دريا اچي ملن ٿا، ريشم دريا جو ذري گهٽ گلابي ميٽوڙو پاڻي ۽ نيلم جو لُڙ پاڻي گڏجي، هڪ ئي نيلم دريا ٿي اڳتي وهن ٿا)، ان کانپوءِ نٿيا گلي ۽ ايوبيا ويندي، ورندي، بندر پوائنٽس، تنهن کان پوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي اچي پاڪستان ميوزيم آف نيچرل هسٽري، لوڪ ورثه، شڪر پُڙيان، نيشنل مينومينٽ يا شايد مونامينٽ، فيصل مسجد، دامنِ ڪوهه، زُو (جانورن جو باغ)، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ليڪ ويو، راول ڊيم، امام بري، جناح سپر مارڪيٽ، پنڊيءَ جي صدر ۽ راجا بازار، ايرڊ ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين زرعي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ وڃڻ ٿيو. روزانو صبح سوير نڪربو هو ۽ رات جو دير تائين ٿڪي ٽٽي واپس وربو هو.
    گهمڻ ڦرڻ دوران، گهڻن سان گڏ هجڻ باوجود، هڪ ڏينهن، هڪ هنڌ، آئون ڏينهن ڏٺي جو وڃائجي به ويو هئس، ۽ پورو اڌ ڪلاڪ اڪيلو هئس!؟ ان اڌ ڪلاڪ دوران مون گهر به اطلاع ڪيو هو، ته آئون اڪيلو ٿي پيو آهيان، ۽ جٿي ۾ شامل ڪجهه ٻين کي به موبائيل رابطي وسيلي آگاهه ڪيو هئم...
    موبائيل ۾ ڪيميرا ۽ موبائيل تي انٽرنيٽ شروع ٿيڻ تي سيلفيءَ جو رواج وڌي ويو آهي. آئون به جڏهن اڪيلو هوندو آهيان، ته سيلفيءَ جي سهوليت مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
    تازو اسلام آباد ۾، شڪر پُڙيان کان ٿي، ان جي ڀر ۾ موجود نيشنل مينيومينٽ جو چڪر هڻي، جڏهن ان جي سامهون وارو منظر ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس، ته پنهنجي تصوير ضروري سمجهيم.
    هيءُ منظر هوائي جهاز مان چنڊ ۽ تاري جي شڪل صورت ۾ نظر ايندو آهي.
    ان وقت آئون اڪيلو نه هجڻ باوجود اڪيلو هئس، تنهن ڪري سيلفي وسيلي تصوير پئي ورتم، ته منهنجي ڀر مان هڪ جوانڙي، پهرين مُشڪندي، مُرڪندي ۽ پوءِ ڪُرڪندي ۽ کِلندي اڳتي رواني ٿي!
    هن ڪُرڪندي چيو: ”اس عمر وچ وي سيلفي“ مون کلندي وراڻيو: ”ڪلا جو هان، ڪي ڪران!؟“ ۽ پوءِ چرچي مٿان چرچو ٿيو، اسان ٻنهي ”انجواءِ“ ڪيو...
    اسان جي انجوائمينٽ صرف لفظن تائين محدود هئي، مون کيس چيو: ”ڪمپني ڏي!“، هن وراڻيو: ”هن عمر ۾ به خطرناڪ خبرون!...“
    جڏهن ته... ڪهڙي ماڳ جي ڳالهه ڪريان؟ جتي به ويس، اتي ٻن ٻن جا جوڙا جام هئا. هر جوڙي جي ڪوشش هئي، ته هو اڪيلا ٿي گهمن! شڪر پُڙيان ۾ ته کين گهڻي سهوليت هئي ئي، پر ٻين عام جاين تي به ڪي خاص جڳهيون اهڙيون به هيون، جتي هو پنهنجي مرضيءَ سان ويهي، ڪچهري ڪري پئي سگهيا. درگاهن توڙي فيصل مسجد اسلام آباد جي حوالي سان به خبر پئي، ته اتي به جوڙا جوڙا جام ايندا آهن، ڪي اڪيلا اچي، هتي ملي، جوڙا ٿي ويندا آهن!
    آئون نه اڪيلو هئس، نه جوڙ ۾ هئس، نه ئي منهنجي اهڙي عمر هئي، مون کي ته ڪنهن سان ريس ٿي يا نه، ان جو خير، پر جن ٿڌا ساهه پئي کنيا، انهن ساهن سان گهڻن جا اندر پئي سڙيا! ايوبيا ۾ لفٽ چيئر (اڏام کٽولي) تان جيڪو منظر گهڻن ماڻهن ڏٺو، ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
    ڪوهه مريءَ جو مال روڊ مشهور آهي، صبح کان رات جو دير تائين گهمندڙ ڦرندڙ، يعني ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پِيهه هوندي آهي، پر مال روڊ کان ڪشمير پوائنٽ ۽ مال روڊ کان پنڊي پوائنٽ گهمڻ به ضروري آهي. ڪشمير توڙي پنڊي پوانٽ ڏانهن پڻ، ٻن ٻن جا جوڙا جام ايندا ويندا آهن.
    اسان مال روڊ کان ڪشمير پوائنٽ ان ڪري وياسين، ته گهمڻ جو آيا آهيون، ته گهمون!
    مال روڊ کان ڪشمير پوانٽ ويندي ٿڌ ته پنهنجي جاءِ تي، پر هلڪو مينهن به وسيو پئي. گهڻيون اهڙيون جايون آيون، جتي تصوير ضروري سمجهندي، تصوير محفوظ به ڪئي وئي. ڪجهه اهڙا هنڌ به هئا، جتي پاڻ کي سهڻي، وڻندڙ انداز ۾، پياري تصوير ۾ سنڀالڻ سانڍڻ جي خواهش ٿي.
    وسندي برسات ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ پاتل ٽوپي، اوڍيل لوئي، پهريل سوئيٽر لاهي، تصوير ته ڇڪرايم پر... ان ئي جاءِ تي، مون جن جون تصويرون ورتيون، اهي منهنجي خيال ۾ شاهڪار هونديون، پر منهنجي تصوير... سچ ته اُتي نڪتل ڏهاڪو کن تصويرن مان، سٺي ۾ سٺي تصوير به، اهڙي نه آهي، جـهڙي جي خواهش هئي!... ڪاش! سيلفيءَ وانگر ئي سهي، يا وري آٽو ميٽڪ ڪيميرا اسٽينڊ سميت هجي ها، ته هيءُ منظر، جيئن تصوير ۾ آيو، تيئن نه، جيئن منهنجي اکين ڏٺو هو، اوهان به تيئن ڏسي پسي سگهو ها...!
    خوشگوار ماحول ۾، سنگت ساٿ سان خوش خوش گڏ هوندي به، ڪي پل اهڙا اچي ئي ويندا آهن، جن ۾ اڪيلو ٿيڻ تي دل چوندي آهي... آئون هلندي ڪچهريءَ مان اٿي، اڪيلو اچي ويٺو هئس، ڪن سان فون تي رابطو ڪري، ساڻن حال احوال ڪري چڪو هئس، ڪن سان اڃا ڳالهائڻو هئم... ان وچ ۾، جن جي وچ ۾ ويٺل هئس، انهن مون کي ساڻن گڏ ويٺل محسوس نه ڪيو، ته پيرا کڻي اچي پهتا... منهنجي خيالن جو رابطو ٽٽو، جن سان رابطي جي ڪوشش هئي، اها ڪوشش منقطع ٿي وئي!... مون اڪيلي ويهڻ جي آس ۾، صرف انهن ڏانهن نهاريو پئي، جن مون کي اڪيلو ڇڏڻ نه پئي چاهيو...
    پيرا کڻي پهتل پيارن مان هڪ پياري ماڻهو، منهنجا اهي پل تصوير ۾ قيد ڪيا. قيد ٿيل پلن مان هڪ پل، اوهان جي نظر ٿو ڪريان...
    مون کي خبر آهي، ته مون ان پل ڪنهن ڪنهن کي پئي ساريو، ڪنهن ڪنهن سان پئي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان سمجهو تيئن، جيئن اوهان کي، اوهان جي سمجهه، سمجهڻ جي صلاح ڏي!
    سفر جون ڳالهيون گهڻيون آهن، پر اوهان پڙهندڙن وٽ وقت گهٽ آهي، گهٽ وقت جو خيال ڪندي، عرض ته منهنجو سفر، سفر بخير گذريو، منهنجي دعا آهي ته اوهان جو به هر سفر، سفر بخير گذري، آمين!


    • سفر ٻفر

    (گهر کان گهر تائينءَ جون ڪجهه ڳالهيون!)

    سَفر، صَفر يا سِفر؟!
    صفر، سال جي ٻارنهن مهينن مان هڪ مهيني جو نالو به آهي، ته صفر ڪيترن ئي ماڻهن جو پڻ نالو آهي. انگريزي ٻوليءَ جي لفظ سفر (Suffer) جي معنى متاثر ٿيڻ آهي، پر هتي ”متاثر ٿيڻ“ جو مطلب انگريزيءَ وارو لفظ امپريس (Impress)نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انگريزيءَ لفظ سفر جي ٻيءَ معنى شڪار ٿيڻ يا ائين کڻي چئجي ته تڪليف ۾ پوڻ آهي، جيڪو هتي وڌيڪ ٺهڪي ٿو، ڇو ته اوهان جو اندازو سورنهن آنا صحيح آهي، ته ڪنهن کي سفر نامو لکڻ اچي يا نه اچي، پر هو لکي ٿو. اهو ليکو (ليک) ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، پر پاڻ سڀنيءَ کي پرُوڙ آهي، ته هر سفرنامو لکجي ٿو، پهرين ڪنهن اخبار ۽ پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ به ڇپجي ٿو، تنهن کانپوءِ وري وري به اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري جيڪو پڙهي ٿو، اهو به سفر ڪري ٿو، ۽ جيڪو نه ٿو پڙهي، سو به سفر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح جيڪو لکي ٿو اهو به، ته جيڪو نه ٿو لکي، سو به سفر ڪري ٿو. آئون به ڪنهن خاص مخلوق مان نه آهيان، ان ڪري سفر لکڻ، ڇپائڻ ۽ پڙهائڻ چاهيان ٿو، ته جيئن ٻيا به سفر ڪن! جنهن کي سفر جي هيءَ ڪٿا سمجهه ۾ اچي، اهو مون کي ٻفر سمجهائي ۽ جيڪو مون جـهڙو موڳو مٽر هجي، اهو همٿ ڪري سَفر، صَفر، سِفر ۽ ٻفر، چئني لفظن جي معنى ڪنهن لغت ۾ ڳولي، ٻُڌائي ۽ سمجهائي، پر ياد رهي ته لغتون ٻن - ٽن قسمن جون آهن. پهرين، شروعاتي لغت، ڪنهن هڪڙي ڄڻي، اڪيلي سر مٿا ڪُٽ ڪري ترتيب ڏني، جنهن لاءِ اي ٽي شاهاڻيءَ واري انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري جو مثال وڌيڪ مناسب پيو سمجهان. ڇاڪاڻ ته اها ڊڪشنري ترتيب ڏيندي، شاهاڻي صاحب اڪيلي سر ڪوشش ڪئي هئي، ۽ گهڻو ڪري ٻيون ڊڪشنريون ان کان پوءِ ميدان ۾ لاٿيون ويون، جن مان اڪثر، پهرئين ڊڪشنريءَ کي شاهه ڪاريگريءَ سان ٿورو بدلائي، ٻيهر ٻين نالن سان ڇپرايو ويو. ٻيون لغتون اُهي، جيڪي ٻن، ٽن يا اڃا گهڻن گڏجي ترتيب ڏنيون ۽ ڇپجڻ وقت شامل سڀني نالن سان گڏ، ڪنهن هڪ اڌ جو نالو ياري باشي يا مٽي مائٽي نڀائي، يا خرچ جو حصو پتي وٺي، ان جو نئون نالو شامل ڪري ڇپرايون ويون. جنهن کانپوءِ، انهن مان جنهن جو به نالو ياري دوستي يا مٽي مائٽي نڀائيندي ڏنو ويو، ان سُس پُس وسيلي سڄي محنت پنهنجي نالي ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪامياب به ويو! ۽ لغت جو جيڪو ٽيون قسم ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو، اهو گهڻو مختلف آهي. چوڻ وارا چون ٿا ۽ ڪن ڳجهه ڳوهه ۾ لکيو به آهي ته، لغت مختلف وسيلا ڪتب آڻيندي، گهڻن ڄڻن ترتيب ڏني، پر شايع صرف هڪ اهڙي شخص جي نالي سان ٿي، جنهن اها لغت ترتيب ڏيڻ دوران، صرف ۽ صرف جمعداري يا خبر نه آهي جُماداري ڪئي! يعني ”لٺيون جهلي ڀولڙو، کٽيو کائي ڪهيري!“، يا ”ڪم ڪري ڪارئُو، نالو ٿئي ڪمدار جو!“، يا وري ائين به کڻي چئجي ته ”ڪُڪُڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو!“... پاڻ وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي لغتون به ملنديون ۽ ڪتاب به ملندا، جيڪي لکيا گهڻن ڄڻن گڏجي ۽ ڇپيا وري ڪنهن به هڪ جي نالي سان!؟... يا ٻيءَ کان وڃبو ته ”نظرثاني“ يا وري ”مرتب“ طور، پر نالو ضرور ٽُنببو!؟...
    مون جيڪو سفر ڪيو ۽ جنهن کي بنياد بنائي هيءُ سفرنامو لکي رهيو آهيان، اهو دراصل گهر کان گهر تائينءَ جو اهڙو احوال آهي، جيڪو اوريندي، گهڻيون ڳالهيون واقع به وسري وينديون، پر ڪيتريون ئي وارتائون ياد هجڻ باوجود به، نه ڪبيون، نه لکبيون، ته جيئن رهي سهي بچيل عزت باقي رهي!؟...
    ها! سو عرض ته مون کي جيئن ئي خبر پئي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، وائيس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، منهنجي درخواست قبول ڪندي، اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان ڪري هاڻي سفر تي اسهڻو آهي، خوب خيالي پُلاءُ پچايم ته نوان ڪپڙا وٺندس، سوٽ بوٽ وٺندس... پر ڪجهه به نه وٺي سگهيس. 6 جون 2011ع تي منجهند 12 وڳي فلائيٽ هئي، جنهن لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ پهچڻ جون هدايتون هيون، ان ڪري صبح جو 5 وڳي، ساڳين آٿرن ۾ گهران نڪري پيس.
    سوچيو هئم ته گهران ڪار ۾ نڪرندس، جيڪا سڌو جـهاز تي ڇڏيندي، پر ڪار حيدرآباد جي هڪ بس اڏي تي پهچي جواب ڏنو، ته ماٺ ڪري وڃي بس ۾ ويٺس. بس ۾ ئي ٿوري گهڻي گهر ۽ ٻارڙن جي پريشاني ٿي پئي، پر ڊگهڙيءَ جي هڪ اڻ ڏٺل (جڏهن هيءُ سفر نامو لکيو هئم، تڏهن اڻ ڏٺل هو، هاڻ روبرو ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون به آهن، ۽ اميد ته سلسلو هلندو به رهندو)، موبائيل فون دوست، حاجي محمد اسماعيل لغاريءَ جي هن ايس ايم ايس آٿت ڏني، جنهن کي هي ٻه اکر پڙهڻ کان پوءِ خبر پوندي، ته سندس ان نياپي مهل آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ هئس! هن لکيو هو:
    وه هي محفوظ رکي گا تيري گهر ڪو بلائون سي،
    جو بارش مين شجر سي گهونسلا گرني نهين ديتا...
    هڪ ٻئي مهربان، جنهن کي به خبر نه هئي ته آئون ڪٿي ۽ ڪهڙن ويچارن ۾ آهيان، ان ٽالسٽاءِ جو هيءُ قول موبائيل نياپي ۾ موڪليو: ”صرف اهي ماڻهو بي پناهه محبت ڪري سگهندا آهن، جيڪي سخت صدمي جو مزو ڄاڻندا هجن“.
    هن سفر ۾ اسين ٻه ڄڻا (هڪ آئون ۽ ٻيو اشفاق ناهيون) گڏ هئاسين. اسان پاڻ ۾ ڳالهيون به پئي ڪيون، ته خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا پُور به پئي پچاياسين... نيٺ بس اتي اچي لاٿو، جتان جـهاز پرڀرو هو. ٽيڪسي ڪار کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه پئي سُجهيو، سو سستي ڀاڙي تي اهڙي ڪار نصيب ٿي، جنهن کي ڊرائيور به شايد منهن تي لوڻ ٻُرڪي پوءِ پئي هلايو، جنهن ڪري هن (ڊرائيور) مون کي ذرو به ڦڪائي محسوس نه ڪرائي. چالاڪ اهڙو هجي، جو اسان کي ڏسندي ئي سمجهي ويو، ته همراهن کي گس گام جي خبر نه آهي، ان ڪري پنهنجي واتان گهريل ڀاڙو وٺڻ باوجود ايترو پري وڃي لاٿائين، جو ڪلهي ۾ لٽڪندڙ ٿيلهي ٿڪائي وڌو، جنهن تي مون کي ان خوف اچي ورايو، ته شايد ٿيلهو ويهه ڪلو کان گهڻو ڳرو آهي، ان ڪري وڌيل بار جو ڀاڙو ڀرڻو پوندو... جڏهن وزن ٿيو، ته حيرت جي ڪا حد نه رهي، ٿيلهي ۾ هو ڇا، جو وزن هوندس! ٽي وڳا ڪپڙن جا، هڪ چپل، مُنهن ۽ موچڙو (جوتو) گهڙڻ ۽ پالش ڪرڻ جو سامان، ٽوٽل پنج ڪلو وزن....!؟ هاءِ ڙي جواني! ٻورين کي ٻانهن ڏئي کڻندو هئس... ڳچ پنڌ تائين، اڍائي مَڻِي ٻورِي اڪيلو به کڻي ويندو هئس... هاڻي ته مون کي به اعتبار نه ٿو اچي!
    هوائي اڏي تي پهچڻ وقت ٿوري پريشاني به ٿي، ته هاڻ ڇا ٿيندو، پر منهنجي هن سفر جي سبب بنجندڙ محمد اسماعيل ڀٽي جو موبائيل نياپو مليو، يا ياد ناهي ته هن فون ڪري چيو هو ته: ”اوهان ڪو به فڪر نه ڪجو. هوائي اڏي تي ڊاڪٽر شاهينه فياض اوهان جو خيال ڪندي، کيس مون اوهان جو نمبر ڏئي ڇڏيو آهي“. ڊاڪٽر شاهينه ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل نيماٽالاجيڪل ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر، دنيا جي مڃيل محقق ۽ نيماٽالاجيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ ماتحت عملي ۽ شاگردن / شاگردياڻين لاءِ بهترين نگران ۽ سهوليتڪار آهي.
    چوندا آهن ته ”انڌن وڃي ملتان ڏٺو“، اسان ته وري به سڄا سارا ٻه ڄڻا، چئن ثابت اکين سان هئاسين، ٻه چار اکر پيٽ ۾ هئا، ۽ سرڪاري، نيم سرڪاري ملازم به نه، پر ”صاحب“ (!؟) به هئاسين، سو ايترا سارا ڏَڍَ هجڻ ڪري، هوائي اڏي جا ڪم اڪلائيندا، اڳتي وڌندا پئي وياسين. ان وچ ۾ اوچتو ڊاڪٽر شاهينه جي فون آئي. حال احوال ٿيا ته حيران ٿي چيائين: ”اسماعيل ته مون کي اوهان جي اهڙي نموني پارت ڪئي هئي جو، ڄڻ ته مون کان سواءِ اوهان ٻاهر بيٺا هوندا!؟“...
    آئون ٻئي دفعي پئي جـهاز ۾ چڙهيس ۽ جيڪو مون سان گڏ هو، اُهو پهريون ڀيرو جـهاز ۾ چڙهيو هو. اسان کي دريءَ واري سيٽ ملي. ان ڪري پهريون دفعو جـهاز ۾ چڙهڻ واري کي آٿت ڏيڻ لاءِ، دريءَ واري پاسي مون کي ويهڻو پيو. اڃا جـهاز بيٺو هو، سو ٿڌ ته بلڪل ئي نه، گُهٽ ۽ اُٻس گهڻي هئي. رکي رکي اُلٽيءَ جي ڌپ پئي آئي، جيڪا شايد اسان کان پهرين سفر ڪندڙ مسافرن مان ڪنهن ڪئي هوندي، پر جـهاز ۾ صفائيءَ جو عملو هجڻ باوجود صفائي نه ٿيڻ سبب، رکي رکي دل ڪچي ٿي رهي هئي. شاباس آهي منهنجي ان ٻچڙي کي، جنهن کي منع ڪندو رهندو آهيان ته مٺيون سوپاريون نه کائيندو ڪر، ان مون کي سؤنف سوپاري ڏئي ڇڏي هئي، ۽ مون به کيسي ۾ رکي ڇڏي هئي، اها واهه جو ڪم آئي! ذرو ذرو ڪري وات ۾ وجهندو ويس ۽ الٽيءَ کان بچاءُ ٿي ويو، پر منهنجي سڀنيءَ کان ننڍي دادلي ابرار نياپو ڪيو ته: ”بابا، اسان کي ته اوهان جي ڪمي پئي محسوس ٿئي، اوهان کي ڇا پيو محسوس ٿئي؟“ سندس نياپو پڙهي مون کي کل به آئي ۽ کيس جواب ۾ به لکيم ته: ”اڄ پهريون ڏينهن آهي، اوهان اهو سمجهو ته آئون معمول موجب آفيس ويو آهيان.“
    هاڻي اوهان پاڻ سمجهو، جـهاز ۾ ويٺا هئاسين. مون پاڻ سان گڏ پهريون دفعو جـهاز ۾ چڙهندڙ کي آٿت به ڏني پئي ۽ ان جي رهنمائي به ڪئي پئي... ان دوران، مون هيڏانهن هوڏانهن اک به ڦيرائي پئي، هڪ ٻن ويجهن دوستن ۽ مائٽن کي جـهاز جي سواريءَ وارو رعب چاڙهڻ لاءِ ايس ايم ايس به ڪيم: ”نصيب اپنا اپنا. هن جـهاز جون ايئر هوسٽس ته ڏائڻيون پيون لڳن!؟ ننڍڙا ٻار به جـهاز ۾ آهن، تعداد ۾ خواتين مسافرن جي گهڻائي آهي“. هڪ دوست جواب ۾ لکيو: ”واهه! معنى ته جـهڙيون چِٻُون آهن!“ هن اهو به پڇي ورتو ته: ”اوهان کي جـهاز ۾ موبائيل استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي ڇا؟“ ٻُڌايومانس ته: ”جـهاز اڏامڻ کان اڳ تائين ته استعمال ڪري سگهجي ٿو، پوءِ نه!“. ٻئي دوست لکيو: ”سٺو مال ٻاهر برآمد ٿئي ٿو“. مير اعظم ٽالپر جواب ڏنو:
    سچ ڪهون تو جگ روٺي، جهوٽ بولون تو رام،
    ڪبير بيچارا ڪيا ڪري، دونون ڪٺن ڪام!
    (ڀڳت ڪبير)
    جـهاز هلڻ - اڏامڻ ۾ پنج منٽ دير ڪئي ته هڪ پٺاڻ وڏي آواز ۾ چيو: ”ٽائيم هو گيا، جـهاز ڪيون نهين چلا رهي؟“. اهو ٻُڌي اسان جي جوڙي کلي پئي ۽ دل ۾ خيال آيو ته اسان جـهاز ۾ ويٺا آهيون يا نصرپور واري بس ۾...! چرچي طور ڪن دوستن ڏانهن نياپو لکي موڪليم، ته هڪ دوست جواب ڏنو: ”صبر ڪريو! پٺاڻ جو خيال ڪجو، متان ٽپ ڏئي، جـهاز مان“. جـهاز هلڻ - اڏامڻ جي ڪئي ته موبائيل بند ڪري ڇڏيم...
    خيرن جو اسان پنهنجي منزل اسلام آباد اڏي تي وڃي پهتاسين. موبائيل کوليم ته نياپن مٿان نياپا به پهتا. هڪ دوست لکيو: ”اوهان به سٺن ٻارن وانگر فون بند ڪري ويٺا آهيو“. جڏهن ته ان ۾ جـهاز جي سمورن سوارن جي گڏيل ڀلائي هُئي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته ڪي شوبازي ڪندي، جـهاز عملي کان لڪي، موبائيل استعمال ڪندي ڏسڻ ۾ آيا، پر انهن سان گڏ ويٺلن به کين منع نه ڪئي، ۽ نه ئي عملي کي ٻُڌايو! حبيب ميمڻ جي هدايتن، صلاحن ۽ دعائن توڙي ڀوڳن وارا نياپا، هتي ڪو نه ٿو لکان.
    اسلام آباد اڏي تي ميزبان (اسماعيل ڀٽي) ۽ اياز لاکو اسان کي وٺڻ آيا هئا. جڏهن ته مون اياز کي سختيءَ سان منع به ڪئي هئي، ته اسان جو سڄو بندوبست آهي، تون نه اچجان! جيئن ئي اسين فارغ ٿينداسين، توسان رابطو ڪنداسين، پوءِ ڪچهري ڪري وٺبي. پوءِ به هو نه مُڙيو، گاڏيءَ سميت پهتو. ان ڪري ميزبان (اسماعيل ڀٽي) سان معذرت جو اظهار ڪري، الڳ اياز لاکي سان روانا ٿياسين. چانهن جي شديد ضرورت محسوس پئي ڪئي سين، سو فيصلو ٿيو ته شوڪت علي چانڊيو وٽ چانهن پيئبي! (شوڪت علي چانڊيو اهو ساڳيو شخص آهي، جيڪو ڪڏهن شوڪت چانڊيو، ڪڏهن شوڪت سرواڻ، ڪڏهن سرواڻ سنڌي نالي سان لکندو آهي، شاعر به آهي، صحافي به آهي، اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري ٿو). اسان ان وٽ ئي ويٺا هئاسين، روزاني عبرت اخبار جي صفحي ”کيتي سر سيتي“ جي انچارج احسان بوزدار (هاڻ ان صفحي جو مرتب سائين حيات علي شاهه بخاري آهي) ايس ايم ايس ڪري موسم جو پڇيو، جواب ڏنومانس: ”جـهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي... عبرت جي اڳوڻي ڪارڪن ۽ ليکڪ شوڪت سرواڻ جي ٿڌي آفيس ۾ ويٺو آهيان، ان ڪري موسم ٺيڪ آهي“. ان تي سرواڻ کي سلام به پهچائڻا پيا، ته پهتل ڪجهه ايس ايم ايس ۽ انهن جا جواب به پڙهي ٻُڌائڻا پئجي ويا. گرمي ڏاڍي هئي. زبير نظاماڻيءَ جي ٻُڌايل موسمي اڳڪٿي، ته ”اسلام آباد جي موسم ڏاڍي پياري آهي، اڄ برسات ٿي سگهي ٿي“، روايتي طور ڪوڙي ثابت ٿي. جيترا به ڏينهن اتي هئاسين، هڪ به ڦُڙي نه پئي!
    اسان پنهنجين مصروفيتن کان 20 ڪلاڪ اڳ پهچي ويا هئاسين. مارگلا پهاڙين جي پاڙ ۾، هڪ خوبصورت ۽ مڪمل ٿڌي هوٽل ۾ رهڻو ۽ ٻيءَ مصروفيت سان نڀائڻو هو. سج لٿي مهل پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سان ملاقات ٿي، ته هن خير آفيت سان پهچڻ جي خبرچار وٺندي، ڀلوڙ ڀليڪار ڪئي. ساڻس گڏ عملدارن سان منهنجو تعارف انتهائي نرالي انداز ۾ ڪرايو. جنهن تي ٻين مون کي تعجب سان پئي ڏٺو، اسماعيل منهنجو شاگرد هجڻ تي خوش پئي ٿيو، ۽ مون دل ئي دل ۾ منهنجون لکڻيون ڇپيندڙن جا ٿورا پئي مڃيا. ان کانپوءِ، جيستائين متوقع ڪم ڪار شروع ٿئي، تيستائين اهڙا واندا هئاسين، جو هڪ دوست کي جواب ۾ لکيم ته: ”انتهائي بوريت. ڇو ته وڏي هوٽل، ججهي سيڪيورٽي، پبلڪ پليسز کان پري، مصنوعي نموني سان منهن ٺاهي هلندڙن جي وچ ۾، بس ايترو آهي ته ڪو ڪم ڪونهي، پر آرام مڪمل آهي“.
    مون کي سچ ته پهرئين رات تمام گهڻي بوريت پئي ٿي، ان ڪري ٽي وي به ڏٺم پئي. اوچتو چينل جو نالو پڙهيم. سڀني ٻارن کي نياپو ڪيم ته: ”آئون عروج (منهنجي هڪ ڌيءَ جو نالو عروج آهي) ٽي وي ويٺو ڏسان، اوهان ڇا پيا ڪريو؟“ ان تي منهنجي وڏي نياڻي باقي ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا لکي نياپو ڪيو: ”ها ها ها...! بابا، ٻيا چينل به ڏسو، اسان سڀنيءَ جي نالن سان به چينل هوندا“. ابرار نياپو موڪليو ته: ”پلي اسٽيشن 3 سي ڊي سان گڏ آڻڻ نه وساريندا“. موڀي پُٽ اظهار نه نياپو موڪليو، نه ڪال ڪئي، سو ان کي ڏوراپو ڏنم ته جواب ۾ لکيائين: ”فون يا نياپو نه ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته اوهان ڊسٽرب نه ٿيو، ۽ ٽينشن نه وٺو. باقي سڀ گڏيا پيا آهيون، سڀ ٺيڪ آهيون. رهي منهنجي لاءِ سوکڙي، سو واپسيءَ ۾ گهر وارا پاڻهي ٻُڌائيندا.“ هن جو ضد هو ته سندس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 12 ميگا پگزلس جي ڊجيٽل ڪيميرا وٺي اچان. جنهن لاءِ اتي وارن سان مشورو ڪيم ته هو ٽوڪ جي انداز ۾ مون تي کليا، ۽ وراڻيائون ته: ”اسلام آباد کان حيدرآباد ۽ ان کان ڪراچي وڌيڪ سستي پوي ٿي، سو هتان ڇو ٿو وٺين!؟“
    منهنجي بوريت ۽ اتي ٿوري گهڻي ڏکيائيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو، ته مون سائين حيات علي شاهه بخاريءَ کي هڪ ايس ايم ايس جي جواب ۾ لکيو: ”واٽر ۾ ٽُٻي هڻي وهنجڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ته ٻه ڏينهن هن هوٽل ۾ رهايوس!“ ڇاڪاڻ ته مون کي به، ٻيو ته ٺهيو پر وهنجڻ ۾ به ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. هر ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ منهنجي وڏي نياڻيءَ جي هن ايس ايم ايس منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي:
    ”Educated people change themselves according to the situation, but experienced people change the situation according to them…!“.
    اسلام آباد جو مجموعي ماحول بَه ظاهر پُر امن هو، پر خبر نه آهي ڇو، مون کي امر جليل جي لکڻي ياد اچي وئي! هڪ دوست کي چئي ڏنو هئم ته واڙيا پيا آهيون! ڇاڪاڻ ته ٽن ڏينهن ۾ 110 مقالا پڙهڻ لاءِ انتهائي ٽائيٽ شيڊيول (Tight schedule) ترتيب ڏنو ويو هو. ڪيڏانهن به لؤڻو هڻڻ جيتري گنجائش نه هئي!
    اسان ”نيشنل سمپوزيم آن بايو ڊائورسٽي آف پاڪستان 2011ع“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويا هئاسين. جيڪڏهن ڊاڪٽر منظور حسين سومرو سهڪار ۽ محمد اسماعيل ڀٽي همٿ نه ڪري ها، ته آئون نه وڃي سگهان ها. اتي پهچڻ تي خبر پئي ته ڪراچيءَ کي ڇڏي، اندرونِ سنڌ جي ٻين سمورين يونيورسٽين مان هڪ آئون ۽ هڪ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان شڪيل خاصخيلي شرڪت ڪري رهيا آهيون. شڪيل جون هٿ سان ٺاهيل ٻوٽن ۽ ڪجهه پکين جون تصويرون نمائش لاءِ رکيل هيون. اتي ٽوٽل 105 مقالا پڙهيا ويا، اڪثريت هڪ هڪ مقالو پڙهيو، چند ڄڻن ٻه ٻه ۽ صرف آئون اهڙو هئس، جنهن کي ٽي تحقيقي مقالا پڙهڻ جو موقعو مليو. جنهن ڪري هڪ صاحب عجيب قسم جي انداز ۾ چيو: ”واهه، ڀائي آپ ني تو سب سي زياده پيپر پڙهه ليئي!؟“. مون سڀ مقالا ٻُڌا هئا. اڪثر مقالا موضوع سان نڀائيندڙ، معنى خيز، ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ لاڀائتا هئا/آهن. اتي جيتوڻيڪ کير ٿر نيشنل پارڪ تي به هڪ مقالو هو. ڪجهه ڪينجهر جي حوالي سان به هئا. انڌي ٻُلهڻ تي به مقالو هو. ڪُميءَ جي اهميت تي به سٺو پيپر پڙهيو ويو، سانگهڙ لڳ چوٽياريون ڊيم ۾ سائي ڪائي (green algae) جي حوالي سان به تحقيقي مقالو هو، پر مون کي بهرحال ان تي تعجب ٿيو، ته ٿر يا ڪوهستان جي مور تي ڪو هڪ به مقالو نه هو!؟... سمپوزيم ۾ ذري گهٽ سڀني محققن کان سوال پڇندڙ، ڊاڪٽر محمد خان لغاري، ڊائريڪٽر، باٽانيڪل سائنسز ڊويزن، پي ايم اين ايڇ (ڊاڪٽر لغاري هاڻي ساڳئي هنڌ ڊائريڪٽر جنرل آهي)، شريڪ ٿيندڙن کي ڪڏهن به نه وسرندو. مون کي عبدالرحيم راڄپر، ڪيوريٽر جيالاجي، ارٿ سائنسز ڊويزن، جا حال احوال به ياد رهندا، جنهن شرڪاءَ کي ميوزيم گهمائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گهڻو ڪري ٽائيٽ شيڊيول سبب، ميوزيم ڏسڻ جو موقعو شايد ئي ڪنهن کي ملي سگهيو هجي!؟...
    هن سمپوزيم ۾ شايد آئون اڪيلو هئس، جنهن کي ٽي ئي ڏينهن، عام، سنڌي سلوار قميص پاتل هئي. جنهن ڪري، جيستائين مون پيپر نه پڙهيو، تيستائين مون کي لفٽ به گهٽ هئي. وارو ملڻ تي، مون پنهنجو ڪم ڪيو. آئون شرڪاءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هئس. هنن مون کي ڪن ڏئي ٻُڌو هو، منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي هو... پهرئين ڏينهن مقالو پڙهي واندو ٿيس ته اتي موجود هڪ دوست هيءُ موبائيل نياپو موڪليو: ”هتي اوهان جون ڳوڙهيون ڳالهيون سمجهڻ وارا نه آهن.“ ٽي ڏينهن سمپوزيم هو، هر ڏينهن مون هڪ مقالو پڙهيو، پوءِ ته اڃا به رَوَيا تبديل ٿيا. ڪچهري، سائنسي بحث ۽ صلاح مصلحت ڪرڻ وارا وڌيا...
    پهريون سڄو ڏينهن باقاعده مصروف ۽ دلچسپ به گذريو. هڪ محقق پنهنجو مقالو پڙهي رهيو هو، ته مون اتي شريڪ، هڪ دوست کان پُڇيو: ”ڪهڙي ٻوليءَ ۾ پيو ڳالهائي؟“ ۽ شايد حبيب کي موبائيل نياپو ڪري ٻُڌايم ته: ”ڊاڪٽر.... پشتو + عربيءَ ۾ انگريزي ڳالهائي رهيو آهي“. سچ به ته ڪو سينيئر ته ڪو جونيئر، ڪو اردو، ڪو پنجابي، ڪو سرائڪي ته ڪو سنڌيءَ ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارو به هو... البت هر ڏينهن مصروف گذريو، چند دوستن ۽ گهرڀاتين کانسواءِ، اڪثريت سان ڪو خاص رابطو نه رهيو. پروگرام جي پهرئين ڏينهن، شام جو، هلندي پروگرام ۾، ابصار جو موبائيل نياپو موصول ٿيو ته: ”اَپو (منهنجي ننڍڙي ڌيءَ، آخري ٻار، فضا) اوهان کي ڏاڍو ياد پئي ڪري. اوهان جي ٽوپي هر هر کڻي ٿي ۽ ان سان ڳالهيون ٿي ڪري“. هن نياپي ڪجهه پريشان ڪيو، پر مون ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ وڏن ٻارن ڏي نياپو ڪيم، ته هن سان ڪچهري ڪريو، ٻاهر وٺي وڃوس، راند ڪرايوس، ڪا شيءِ وٺي ڏيوس...“
    رات واري ماني اسلام آباد ڪلب ۾ هئي. مون کي پير ۾ ٿوري تڪليف پئي محسوس ٿي، ان ڪري ارادو ڪيم ته چپل پائي ويندس، پر ماحول جو اندازو نه هجڻ ڪري اسماعيل کان پڇيم. هن کِلي چيو: ”نه سائين!“
    مانيءَ کان اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان وڃي، تازو پاڪستان سائنس فائونڊيشن جوائن ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ۽ ٻين سان ملاقات ۽ ڪچهري ٿي. موٽياسين ته يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي ڪلاس فيلو، مون کي ’چانهن ۽ سگريٽ پيئڻ جو عادي بنائيندڙ سيف ٽالپر‘ جو پُٽ دانش سيف ۽ سندس دوست ملڻ آيا. هي ٻئي قائدِاعظم يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن (هاڻ شاگرد نه آهن). هِتان هُتان جي ٻين کوڙ خبرن سان گڏ، ججهي ڳالهه ٻولهه يونيورسٽين جي ماحول تي ئي ٿي. هنن ٻُڌايو ته رات دير تائين يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جون ذري گهٽ سڀ سهوليتون ميسر آهن....
    ٻئي ڏينهن صبح جو، مون گهر جي ناشتي جـهڙو مزو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي، لسيءَ سان پراٺو کاڌو. ٿورو فرق هو. هاءِ بلڊ پريشر سبب، گهر ۾ ته ڦڪي لسي مليو وڃي، پر هتي مٺي به هئي، لوڻ مليل به هئي، ڦڪي نه هئي! گُهريم ته کلي جواب ڏنائون: ”وه نهين مل سڪتي“!؟
    سمپوزيم جو ٻيو سڄو ڏينهن به ڏاڍو مصروف گذريو. شام جو ٿڪي ٽُٽي ڪمري تي پهتاسين ته سيف ٽالپر اچي نڪتو، اياز لاکو به پهتو، پوءِ ته ڏاڍي ڀلي ڪچهري ٿي، سڄي ڏينهن جا ٿڪ لهي ويا. هيءَ اتي آخري رات هئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين، ڊاڪٽر منظور حسين سومرو پاران رات واري ماني هئي. ان دوران، شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور مان آيل شڪيل خاصخيلي بِين وڄائي، ماحول کي خبر نه آهي ته غمگين يا وري خوشگوار بنائي ڇڏيو، پر اهو به طئه ٿيو ته آيل مهمانن مان، هر ٻولي ڳالهائيندڙ، پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾، ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٻُڌائي... پشتو، اردو، بروهڪي وارن ٻُڌايو.. مون کي ڀوڳ سُجهي آيو، سو پنهنجي سڀني ٻارن ۽ ڪجهه ويجهن دوستن کي موبائيل نياپو موڪليم ته مون تي ڍارو ڍريو آهي، ته آئون هتي سڀني کي سرائيڪيءَ ۾ ڪجهه ڳائي ٻُڌايان، سو اوهان ٻُڌايو ته ڇا ڳائجي؟ دوستن ۽ اولاد واهه جون صلاحون ڏنيون. هڪ پُٽ صلاح ڏيندي پنهنجو ڪم ڪيو! لکي موڪليائين ته سرائڪي ٽي وي چينل تي ڳايو ويندڙ مزاحيه گانو: ”ابا سائين ميڏي شادي ڪر، وڃان نه مين ڪوانرا مر...“ ڳائي ٻُڌايو! هڪ ٻئي لکيو: ”اي گهٽي ڪنهن دي پيو دي نهين، اي گهٽي ميڏي دلبر دي هي...“ احسان بوزدار لکيو: ”ڪتي ڪالي ويس ٻيٺا، روندا زاروزار هوسي، ڏاڍا بيقرار هوسي، اهوئي ميڏا يار هوسي، انهين ڪون سلام ڏيوين...“ منهنجي هڪ پُٽ کي لاڏ مان لالا چوندا آهيون، شايد ان ڪري هيءَ به صلاح ملي ته: ”آ ميڏا لالا، گهن ميڏي موڪل، مين تيڏي نال ڄُلدي هان...“ ڳايان.
    آخري ڏينهن به ڏاڍو مصروف گذريو. شام جو سمپوزيم ختم ٿيو. هتان ارادو ڪري ويو هئس ته ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ ترسندس. گهمبو، ڦربو، سنگت ساٿ سان ملبو. گهر وارن لاءِ خريداري ڪبي.... پر... رات جو 12 وڳي جـهاز تي روانگيءَ جو پروگرام جُڙيو... آخري شام کان روانگيءَ تائين، سيف ٽالپر، خليل ابوپوٽو، اسماعيل ڀٽي ۽ اياز لاکو سان ڊگهي ڪچهري ٿي. ان دوران ٽالپر جي مهربانيءَ سان، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل اسلام آباد جي تحقيقي فارم تي هلندڙ ڪجهه تجربن جو جائزو وٺڻ جو به موقعو مليو... سيف ٽالپر کي رات واري مانيءَ جو جواب نه ڏئي سگهيس. اها به واهه جي يادگار رهندي. ڇاڪاڻ ته اسان 09 ڄڻن گڏجي ماني کاڌي هئي. جنهن ۾ دانش سيف ته شريڪ نه ٿي سگهيو، پر لطيف سيف گڏ هو، ۽ پيءُ پُٽ گهٽ، ويجها دوست وڌيڪ محسوس ٿيا. سُٺي پيءُ هجڻ جي اهڙي ڪامياب ڪوشش هر ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي. ان سان ماحول بهتر رهي ٿو، مسئلا ڪو نه ٿا ٿين.
    ان کانپوءِ، سڄي رات سفر ۾ جاڳي گذاري. واپسيءَ ۾، ڪراچي هوائي اڏي تي جـهاز مان لهڻ وقت، مسافرن کي خبر نه آهي ڇو، لهڻ کان روڪيو ويو هو!؟ ان دوران ڪجهه ماڻهن زور زور سان ڳالهائي، ساڻن زيادتي ٿيڻ جو اظهار به ڪيو هو... شايد هو جـهاز ۾ ججهو سفر ڪندڙ هئا، کين اندازو به هو ته دير جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي!؟ تڏهن ئي ته هڪڙي چيو هو ته: ”يه سارا سيڙهي ڪي وجهه سي هو رها هي. پونا گهنٽا سيڙهي لگاني ۾ لگا ديتي هين! ڪسي بيچاري ڪو جلدي هو، ڪوئي مريض هو، تو جـهاز ۾ سفر ڪرني ڪا فائده ڪيا هُئا!؟“...
    سڄي رات جي سفر ۽ اوجاڳي کانپوءِ، صبح سوير گهر پهتس. ٻارن لاءِ ڪو تحفو نه آڻي سگهڻ سبب، سڄو ڏينهن نٽائيندي، سمهي، اوجاڳو پورو ڪندي گذاريو... هونئن ته مون کي ڏاڍو مزو آيو، پر ٻار، ٻارن جي ماءُ ۽ انهن جـهڙا ٻيا سڀ، هٿين خالي موٽڻ تي ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍا ناراض رهيا...


    • ٽنڊو ڄام کان ٽنڊو قيصر

    جيتوڻيڪ مون هيءُ سفرنامو لکڻ لاءِ ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر جو سفر نه ڪيو هو، پر جيئن ته زرعي حوالي سان مون کي اهم لڳو ۽ ڇاڪاڻ ته ٻيا به سفرنامه لکندا آهن، ماڻهو پڙهندا آهن، ته مون ۽ منهنجون لکڻيون پڙهندڙن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو آئون ۽ منهنجا پڙهندڙ هن صنف کان رهجي وڃون!
    خميس 23 آگسٽ 2012ع تي صبح جو سوائين نوين وڳي آئون ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روانو ٿيس، ۽ واپس موٽندي ڏيڍ ٿي ويو. اهو سفر آئون ننڍي هوندي، پنهنجي وڏڙن سان گڏ مراد شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ پيرين پنڌ ڪندو هئس، وڏو ٿيس ته هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي اولاد سان گڏ به اهو ميلو گهمي آيو آهيان.
    اڄ مون سان موٽرسائيڪل ۽ ڪيميرا به ساڻ هئي. موسم انتهائي وڻندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سج ۽ جهُڙ هڪ ٻئي سان اهڙي کينچل ڪندا رهيا، جنهن ڪري هن علائقي ۾ ڪنهن مهل ڇانءَ ته ڪنهن ويل اُس ٿي نڪتي. ڏکڻ جي ٿڌڙي مٺڙي هوا گهلي پئي. اهڙي ڀلي موسم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته منهنجي هن سفر جي اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾، مون کي اڃ به نه لڳي ۽ آئون بنا ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي، پنهنجو سفر پورو ڪري گهر موٽي آيس.
    ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر تائين مون هميشهه واٽر، شاخ، واهه، سنڌونديءَ مان وهي ايندڙ پاڻيءَ تي باغ ۽ فصل ڏٺا، پر هن ڀيري مون هڪ هڪ ڪري ڳڻيون ته ڪونه، البت ٿوري ٿوري فاصلي تي زمين مان پاڻي ڪڍندڙ ڊيزل انجڻ لڳل ڏٺا. جنهن مان ظاهر آهي ته آبپاشيءَ واري پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ، مهانگو ڊيزل وٺي باغ ۽ فصل بچائي، پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي في ايڪڙ ايترو خرچ ٿي ويندو آهي، جو اڳي وانگر هاري توڙي زميندار کي ايتري بچت جو آسرو نه آهي، جو هو صرف کيتي ٻاڙيءَ تي گذران ڪري سگهن!
    هڪ هنڌ مون جنتر جو گاهه پوکيل ڏٺو، جيڪو هاڻي ڌڻين ڪٽي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنتر جي ڀر ۾ خالي پيل زمين ۾ جنتر جون اڌ آليون اڌ سڪل اهڙيون ڪانيون، ڪاٺيون پکڙيل ڏٺيون، جيڪي پڪ سان اتي ڪنهن ٻڪرار يا ريڍار جنتر لُڻي چارايو هوندو.
    ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روڊ جي ٻنهي پاسي اڪثر انبن جا باغ آهن. انبن جي مجموعي بيهڪ، صورتحال مطمئن ڪرڻ جـهڙي آهي. البت جڏهن ٽنڊوقيصر کي ويجهو پهتس، ته باءِ پاس موڙ وٽ کاٻي طرف انبن جي باغ واري زمين ۾ وونئڻ ڏسي، اهو باغ ياد اچي ويو، جيڪو ڏهاڪو کن سال اڳ تائين به ٺيڪ ٺاڪ باغ هو، پر پوءِ اهو مختلف بيمارين جي اهڙي ور چڙهيو، جو هاڻي ان ٽڪر ۾ مالڪ جي گهر لاءِ گهربل پنهنجا انب حاصل ڪرڻ لاءِ به انب جو وڻ بيٺل نظر نه آيو!؟
    انبن جا ڪجهه باغ اهڙا به هئا جن ۾ ماضيءَ وانگر ڪي ٻيا فصل به پوکيل هئا. ڪٿي ڪٿي انبن ۾ سوڪهڙي واري بيماريءَ جون علامتون، ڪجهه وڻن جا سُڪل ٽار ته ڪو ڪو سڄو وڻ به سُڪل نظر آيو. انهن سُڪل وڻن ۾ ڪجهه وڻن ۾ کنئور به هو ته ڪن ۾ کنؤر جو ٽڪو به نه هو!
    انبن کانسواءِ ٻيرن ۽ هڪ اڌ زيتونن جو باغ به هو. هي بيمارين کان محفوظ نظر آيا.
    انبن، ٻيرن ۽ زيتونن جي باغن ۾ به گهڻو ڪري وونئڻ يا وري ڪنهن باغ ۾ گاهه جو فصل پوکيل هو.
    وونئڻن ۾ منهنجي اندازي موجب صرف بي ٽي ڪاٽن جون مختلف جنسون پوکيل هيون! مقامي جنسون ڄڻ ته اڻ لڀ يا وري بنهه ئي غيرفائديمند ٿي ويون آهن! بي ٽي ڪاٽن ۾ وونئڻن جي پن مروٽ وائرس بيماري، رس چوسيندڙ وونئڻ جا مشهور دشمن جيت حملو ڪري نقصان ڪندا رهندا آهن، پر ٻڌو اٿم ته گوگڙن ۾ سوراخ ڪندڙ ڪينئن کان بچاءَ ٿئي ٿو. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته آئون جڏهن به بي ٽي ڪاٽن وارين جنسن جي وونئڻن واري فصل ۾ لٿو آهيان، بنا ڳولڻ جي به گوگڙن ۾ ڪينئان ڏٺا اٿم!؟
    وونئڻن کي جيتن ۽ بيمارين کان بچائڻ جا مختلف جديد ۽ قديم زرعي طور طريقا اوهان ٻڌا، ڏٺا ۽ پڙهيا هوندا. اڄ مون وٽ ڪيميرا هئي، ان ڪري تصويرون ڪڍڻ ڪو مسئلو نه هو. گهمندي ڦرندي هڪ هنڌ منهنجي منهن مقابل ووئنڻن جي ٻني (بند) تي هڪ اُڀي بيٺل ڪاٺيءَ تي نظر پئي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ هڪ پير جو پادر ٽنگيل هو....!
    آئون ٻهراڙيءَ جو آهيان، ان ڪري مون کي اندازو ته هو، پر اهو پادر ڏسي، اڇا اڇا پير ڪري، اتان اڳتي لنگهي ويس، ته سامهون ان زمين جو مالڪ ۽ فصل پوکيندڙ هاري به ويٺا هئا. انهن سان ڏاڍي ڀلي، دلچسپ ڪچهري، کل ڀوڳ ٿي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي ۽ رکي رکي ياد ايندي رهندي. ڪچهري گل ڪري اٿڻ مهل مون انهن کان ناراض نه ٿيڻ جي شرط تي پڇيو ته ”وونئڻن جي ٻني تي جُوتو ڇو ٽنگيل آهي!؟“
    موٽ ۾ هاريءَ جي مسڪراهٽ ۽ زميندار جي ٽهڪ کانپوءِ منهنجي گناهگار ڪنن تي هيءُ پڙلاءَ پيو: ”وونئڻن کي نظر ۽ موذي مرضن کان بچائڻ لاءِ اهو سنوڻ ساٺ ڪيو آهي!“


    • ڪجهه هِتان ڪجهه هُتان

    مون کي جيڪو به واندو سمجهي ٿو، فضول سمجهي ٿو، اهو ڀلي ڇا به سمجهي، آئون سندس سمجهه کي ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان...
    اڄ اوهان کي پنهنجون ٻه مختصر تحريرون پڙهائڻ بهتر پيو سمجهان. انهن ٻنهي تحريرن ۾، ڪجهه هِتان ڪجهه هُتان، ڪجهه زرعي ڪجهه غير زرعي ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اوهان کي سمجهه ۾ اچن، وڻن، اهڙيون تحريرون پڙهڻ چاهيو، ته اوهان جي راءِ مون تائين پهچائجو، ته جيئن وري به خدمت ۾ حاضر ٿي سگهان.

    ان دفعي ٿيو ائين...
    هڪ دفعي، ٿيو هيئن ته مون کي ڪو ڪم نه هو، ائين ئي، آئون ٽنڊوڄام مان ٽنڊو الهه يار ڏانهن، رستي جي ٻنهي طرفن کان، فصلن جو معائنو ڪندو ويس. جڏهن قبو بس اسٽاپ تي پهتس، ته اتان کان بڪيرا شريف وارو رستو ورتم. ان رستي سان به، ٻنهي طرفن کان پوکيل فصل ڏسندو، وڃي ٽنڊو الهه يار، بڪيرا شريف روڊ تي پهتس.
    مون کي ياد آهي ته اتان مون شيخ ڀرڪيو کان ڦري اچڻ جو به سوچيو هو، پر اوچتو ياد اچي ويو ليکڪ دوست نواز نظاماڻي، جيڪو انهن ڏينهن سول اسپتال ٽنڊو الهه يار کي سامهون واري هاءِ اسڪول ۾ استاد هو، ٽنڊو ڄام ۾ رهندو هو، شام جو اڪثر اسين ملندا هئاسين. نواز چوندو رهندو هو، ته ڪڏهن اسڪول به اچي نڪر، اهو جهان به ڏسي وڃ. تنهن ڪري آئون ڦري آيس نواز نظاماڻي وٽ، جتي سندس ساٿي استاد مليا، ڪچهري ٿي، چانهن پي نڪتاسين.
    نواز وٽ رَسڻ کان اسڪول مان نِڪرڻ تائين، نواز اسڪول اچڻ جو سبب، ڪو ڪم ڪار، وري وري پڇندو رهيو، جڏهن پڪ ٿيس ته بنا ڪم جي نڪتل آهيان، تڏهن اسان جو گڏيل پروگرام ائين طئه ٿيو، ته ٽنڊو الهه يار مان نصر پور وياسين. ويندي ويندي، آئون رستي جي ٻنهي پاسي پوکيل فصل ڏسندو پئي ويس. ٻن ٽن هنڌن تي اسان بيٺاسين به. جروارن جي ڳوٺ کان ٿورو پهرين، هڪ زمين ۾ لٿاسين، ته هڪ همراهه ڪاوڙ واري انداز مان، اسان کان اسان جي سڃاڻپ پڇي، پوءِ خبر پئي ته ان زمين تي ڦڏو هلندڙ هو، تنهن ڪري اسان کي مخالف ڌر جو ساٿاري سمجهي، همراه پڇاڻو ڪيو هو!
    بهرحال، نصرپور پهتاسين، اتي نواز نظاماڻي جو جيڪو ڪم هو، اهو ٿيو ته اسان نصرپور شهر کان نصرپور تاج پور ريلوي اسٽيشن واري رستي سان اچي ميرپور خاص روڊ تي چڙهياسين، اتان پوءِ ٽنڊو ڄام پهچي، پهرين نواز کي سندس گهر ڇڏيم، پوءِ آئون پنهنجي گهر ويس.
    اهڙي طريقي سان آئون نڪرندو رهيو آهيان ۽ بنا معاوضي ڪمائيندو رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون اڪيلو ئي نه، مون سان گڏ منهنجو هڪ نه ته ڪو ٻيو دوست به... بس! ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن، ان دفعي ٿيو ائين...

    بچي ويو عنايت لغاري:
    آئون ڪجهه ڏينهن کان پريشان هئس! پنهنجي منهن مٿي رليس، ڦريس، پر ڪم نه پئي ٿيو! ان ڪري جنهن جنهن ۾ هجت هئي، ان کي چيم، مهينا گذري ويا، ڪم نه ٿيو! پريشاني جي عالم ۾، آفيس کان گهر ايندي سوچيم، ٿوري دير آرام ڪري نڪربو، رلبو، ڦربو، ڪٿان نه ڪٿان ڪم ٿي ويندو...
    مون ارادو ڪيو ٽنڊوڄام مان وڃبو قبو بس اسٽاپ، اتان نڪربو ڌڱاڻو بوزدار...
    ڌڱاڻو بوزدار سنڌ جي پراڻن ڳوٺن مان هڪ آهي، جيڪو منهنجي سانڀر ۾ ئي وڌندو ويجهندو، هاڻ شهر نما ڳوٺ ٿي چڪو آهي. آئون ننڍپڻ کان ڌڱاڻو وڃڻ جو ارادو دل ۾ سانڍيو هلان! 1993ع ۾ بيمار ٿي پيو هئس، تڪليف کان وڌيڪ ڊاڪٽر جي ڏنل خوف پريشان ڪيو هو، پنهنجو حال ساريل هو، ان ڪري پاڻ کي شاگردن جي بلي ڪيو هئم، يعني آپريشن وسيلي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ، تڏهوڪي لياقت ميڊيڪل ڪاليج، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي جي سرجيڪل وارڊ ۾ ڄام شورو وڃي داخل ٿيو هئس. اتي ساڳئي وارڊ ۾ هڪ لغاري به داخل هو، ان جا ججها آپريشن ٿيا هئا. منهنجو هڪ ننڍڙو، مائينر آپريشن ٿيو هو. مريض ڀلي ته ڪير به هجن، اسپتال ۾ واسطا وڌي ويندا آهن. مون دل ئي دل ۾ سوچيو هو، ته اسپتال مان نڪري، چاڪ چڱو ڀلو ٿي، اوچتو ڌڱاڻي وڃي نڪرندس، ان لغاري سان ڪچهري به ڪري ايندس، ته ڌڱاڻو به ڏسي ايندس، پر اهي ڏينهن هي ڏينهن، وڃي ڪو نه سگهيس. اڄ گهر ويٺي پئي ويچاريم، موبائيل هٿ ۾ کڻي، رکي پئي ڇڏيم، چاهيندي به ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار جي رهواسي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر عنايت لغاري سان رابطو نه ڪيم، پر گهر ۾ موجود ڀاتين کي پنهنجو مسئلو ٻڌايم، جتان کڙڪ ملڻ سان اندازو ٿيو ته ڳوٺ ويندس، ڪم ٿي ويندو!
    هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، استادن اهڙي تربيت ڪئي، جو تڏهن کان اڃا تائين، ڪنهن ڏانهن ويندي هزارين سوال ڪر کڻندا آهن. مثال طور وڃان پر واندو هوندو يا نه! وڃان پر هن جي ڪم ڪار ۾ نه ئي سهي، هن جي معمول ۾ بگاڙ جو سبب ته بنبس وغيره وغيره جهڙا علم امڪان تي مبني بيشمار سوال اڀري پوندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڪنهن ڏانهن ويندي، اڌ مني پنڌ تان به وري ايندو رهيو آهيان! اڄ به ائين ئي ٿيو، ڳوٺ ۾ ڪم ٿيڻ جو آسرو مليو، ته آئون عنايت لغاري ڏانهن وڃڻ بدران، پنهنجي ڳوٺ هليو ويس، منهنجو ڪم ٿي ويو!
    اڄ جيڪڏهن منهنجو ڪم نه ٿئي ها، ته ٻئي ڏينهن ڌڱاڻي وڃان ها، ڌڱاڻي وڃان ها ته عنايت لغاري نه بچي ها، پر مون کي ٻوٽن جي جنهن بيماري جي ڳولا هئي، اها منهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ پوکيل تورين جي فصل ۾ موجود هئي. منهنجي تجزئي مطابق 30 سيڪڙو ٻوٽا بيمار نڪتا! ان بيماري جي ڪري منهنجي ٻن شاگردن سميت آئون به گذريل ٽن چئن مهينن کان پريشان هئس، اسان جي پريشاني ختم ٿي، بچي ويو عنايت لغاري...


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465630
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ