ڪتاب جو نالو: شير ميربحر
مصنف: مرتب؛ مولائي ملاح
ڇپائيندڙ: مولائي پبليڪيشن محرابپور
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 978 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 297 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • نظم (رفيق سيال)
  • هن ڪتاب جا سينگاريندڙ
  • پبلشر نوٽ
  • سنيهو ساڻيهه لاءِ
  • ملهه، ملاکڙي جو امر ڪردار: شير ميربحر
  • مهاڳ (سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي)
  • شير ميربحر: سدا جرڪندڙ ستارو (شيخ عزيز)
  • شير ميربحر، سنڌ جو شان هيو (يوسف شاهين)
  • شيرِسنڌ، شير ميربحر کي ياد ڪرڻ ضروري آهي (ڊاڪٽر ايوب شيخ)
  • شير ميربحر: سنڌي ثقافت جو هڪ اهم اُهڃاڻ (انعام شيخ)
  • اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن! (مدد علي سنڌي)
  • ملهه جو شهنشاهه: شير ميربحر (حميد سنڌي)
  • شير ميربحر: جديد سنڌ ۾ قديم سنڌ جي راند کي سُرخرو ڪيو (جاويد قاضي)
  • ملهن جو مهندار ــ شير ميربحر ( گل حسن ڪلمتي)
  • شير ميربحر: سنڌ جو قومي هيرو (مشتاق ميراڻي)
  • شير ميربحر ياد رهندو (رحمت الله ماڃوٺي)
  • دل ته ڪنهن کي ڏني يا نه ڏني پر ملهه ڪنهن کي به نه ڏني _(پروفيسر عبدالله ملاح)
  • اڄ اسان وٽ شير ميربحر ناهي...!! (عمر قاضي)
  • شير ميربحر: سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو امين (سڄڻ سنڌي)
  • رستمِ سنڌ، شير ميربحر (پروفيسر غلام شبير شاهه حسيني )
  • هينئڙو مون سُڌير، جان تون جوڳي جوءِ ۾! (گل محمد رند)
  • ملهه ڪملهه ۽ شير ميربحر (اقرار پيرزادو)
  • شير جهڙو پهلوان نه ٿيو آهي نه ٿيندو (عظيم سنڌي)
  • سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۽ شير ميربحر ( ادريس جتوئي)
  • رستمِ سنڌ، شير ميربحر ۽ ملهه جي ثقافت (صالح بلو)
  • رستم سنڌ: شير مير بحر جون خدمتون ۽ اُن جو سِلو (گل محمد بلوچ)
  • شير ميربحر سنڌ جو ديومالائي ڪردار (خواجه ذوالفقار)
  • تاريخ ۾ هن جون خدمتون ياد رکيون وينديون (محمد عثمان ميمڻ)
  • شير ميربحر: سنڌي ڪلچر جو امين (شبير ملاح)
  • ارڏو ڪردار ۽ رستم سنڌ شير ميربحر (ممتاز علي ملاح)
  • شير ميربحر: جنهن تي سنڌ کي ناز آهي (محمد خان دائودي)
  • سنڌي مَلهه (شير ميربحر ــ هڪ جائزو)_ ضياءَالدين ايس. "بلبل"
  • رستم سنڌ شير ميربحر ( محرم ڀٽي)
  • سنڌ جي قومي راند ملهه جو ناقابل شڪست پهلوان رستم سنڌ: شير ميربحر( شهاب الدين ملاح)
  • رستم سنڌ، شير ميربحر (منور علي ملاح)
  • سنڌ جو تاريخي ڪردار شير ميربحر ( مير نادر علي ابڙو)
  • شيرَ بنا ملهه جو ميدان اُداس آهي (ساجد علي ملاح)
  • شير ميربحر: سنڌ جو سداحيات پهلوان ها ايوب، شير واقعي شير آهي…! مولائي ملاح
  • 21 هين جون، جنم ڏڻ جي مناسبت سان ڀٽي جو سچو ساٿي، رستمِ سنڌ: شير ميربحر (مولائي ملاح)
  • ايڊيٽوريل

  • شير ميربحر جو لاڏاڻو
  • ملهه جي فن جو ڌڻي موڪلائي ويو
  • شير ميربحر
  • سنڌ جي قومي راند ملهه جو سداحيات پهلوان رستمِ سنڌ، شير ميربحر
  • انٽرويو

  • سنڌ ۾ ملهه جي ترقي، شير ميربحر (انٽرويو: عمرالدين بيدار)
  • 'رستمِ سنڌ' شير ميربحرسان ملاقات (ڊاڪٽر آفتاب ابڙو)
  • ڪتاب

  • پهلوان علي شير ميربحر (رستمِ سنڌ)
  • شير ميربحر
  • ملهن جي مختصر فهرست
  • ملهه، شيرميربحر
  • پهلوان شير ميربحر
  • ڪتاب ٺارو شاهه جنڪشن
  • چئلينج
  • ملهه پهلوان شير مير بحر جو ڇرڪائيندڙ خط
  • عيادت

  • محترم سيد ظفر علي شاهه (صوبائي وزير خوراڪ ۽ زراعت)
  • مسٽر الهه بخش سومرو (ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ)
  • تعزيتي تاثرات

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر اٺانوي (98) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپيان ٿو:
    سنڌ جي مهان تهذيب
    بي _ بدل ثقافت ۽
    شاندار ڪلچر کي
    جيڪي پنهنجي
    ميسارجندڙ وجود
    جي بقا ۽ سلامتيءَ خاطر
    ماضي، حال ۽ مستقبل لاءِ
    سواليه نشان بڻيل آهن.
    وڏا وس ڪيام، جيئڻ ڪارڻ جيڏيون. ( شاهه)


    نظم (رفيق سيال)

    فقط هڪ شير هو ڪافي
    اسانجي ڀنئونر پاڙي جي،
    مٽي ماهيي مکڻ جهڙي،
    سدا تاريخ صفحن ۾،
    سنڀالي سا رکڻ جهڙي،
    چون ٿا لوڪ ڏاهپ جا،
    وڏا وينجھار سڀ ماڻهون،
    ته پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي،
    ثقافت _ سونهن جو نالو،
    فقط هڪ 'شير' هو ڪافي،
    سندس من ۾ هُيو _
    "لقمان" جو نسخو _
    سدائين پهلوانيءَ جي _
    وڙهيو هُو سوڀ سوڀاري _
    سندس فنڪار جي اک ۾،
    سوين منڙيون،
    سوين جانٺا،
    هٿن ۾ حُسن وجداني _
    مخالف ڍاڪ تي آيو_
    يا جانٺي تي پڪو پورو
    ڇڪي ڇاتيءَ منجھان اهڙو
    مناسب وقت تي جانٺو،
    هنيو هُن ٻوڙ ٻوڙان ڙي _
    سڄي ميدان ۾ تاڙيون،
    هنبو ڇيون،
    آڱرين ۾ نوٽ ۽ نعرا
    سموري ديس جي طاقت _ ثقافت لئه،
    فقط هڪ 'شير' هو ڪافي _
    رَهي تاريخ ۾ جڳ مڳ،
    وراڻي ڪا ورڻ جهڙي،
    اسانجي ڀنئونر پاڙي جي _
    مٽي ماهيي مکڻ جهڙي!

    (نوٽ: لقمان خشڪ جيڪو سندس ملهه پهلوانيءَ ۾ استاد هيو.)

    (رفيق سيال جو مٿيون نظم شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت بابت سندس ۽ منهنجن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو. مرتب )


    هن ڪتاب جا سينگاريندڙ

    پبلشر نوٽ
    سنيهو ساڻيهه لاءِ: ضياءُ الحسن لنجار (صوبائي وزير سماجي ڀلائي)
    سهيڙيندڙ جا ويچار : مولائي ملاح
    مهاڳ: اعجاز منگي
    1 شيخ عزيز : سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ ليکڪ
    2 يوسف شاهين : برک دانشور، ناميارو صحافي ۽ معروف شاعر
    3 ڊاڪٽر ايوب شيخ : دانشور ۽ سنڌ جو مشهور ڪالمسٽ (ايڊيٽر روزاني عوامي آواز)
    4 انعام شيخ: ناميارو دانشور ۽ اديب
    5 مدد علي سنڌي: ايڊيٽر، صحافي ۽ تجزيه نگار
    6 حميد سنڌي : ناميارو اديب، ڪهاڻيڪار
    7 جاويد قاضي : ناميارو دانشور ۽ ڪالم نگار
    8 گل حسن ڪلمتي : سنڌ جو ناميارو محقق ۽ تاريخ نويس
    9 مشتاق ميراڻي: دانشور، سماج سيوڪ ۽ مشهور ڪالمسٽ
    10 رحمت الله ماڃوٺي: اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار
    11 پروفيسر عبدالله ملاح: ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار
    12 عمر قاضي: اديب، شاعر، ڪالم نگار
    13 سڄڻ سنڌي : سنڌ دوست دانشور
    14 پروفيسر سيد شبيرشاهه حُسيني: برک تعليمي ماهر
    15 گل محمد رند: سماج سڌارڪ، ملهه جو شائق ۽ اينڪر پرسن
    16 اقرار پيرزادو: صحافي، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ شاعر
    17 عظيم سنڌي: سنڌي ادب ۽ ثقافت جو پارکو
    18 ادريس جتوئي: سڄاڻ علمي، ادبي ۽ تعليمي شخصيت
    19 صالح بلو : سينئر صحافي، ڪالم نگار ۽ هاري اڳواڻ
    20 گل محمد بلوچ: اخباري ڪارڪن ۽ ملهه جو شائق
    21 خواجه ذوالفقار: سينئرصحافي، اديب ۽ ڪالم نگار
    22 محمد عثمان ميمڻ: ناليوارو سينئر صحافي ۽ ڪالم نگار
    23 شبير ملاح: نئين ٽهيءَ جو اڀرندڙ ساکائتو صحافي
    24 ممتاز ملاح: نئين ٽهيءَ جو اُڀرندڙ کاهوڙي صحافي
    25 محمد خان دائودي : نوجوان ليکڪ
    26 ضياءُ الدين ايس بلبل (مرحوم) : معروف شاعر ۽ اديب
    27 محرم علي ڀٽي (مرحوم) : ناميارو صحافي، ملهه جو پارکو ۽ ثقافتي شخصيت
    28 شهاب ملاح: سڄاڻ سياسي ڪارڪن ۽ ناميارو ليکڪ (شير ميربحر جو فرزند)
    29 منور علي ملاح : ملهه ۽ پوليس آفيسر (سب انسپيڪٽر نواب شاهه، شير ميربحر جو فرزند)
    30 مير نادر علي ابڙو : سڄاڻ ليکڪ ۽ پوليس آفيسر (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ، ميرپورخاص)
    31 ساجد علي ملاح: نوجوان ليکڪ (شيرميربحر جو ڏوهٽو)
    32 مولائي ملاح: هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ

    ايڊيٽوريل:
    1- شير ميربحر جو لاڏاڻو: روزنامه سنڌنيوز حيدرآباد ، 30 مارچ 1985ع
    2- ملهه جي فن جو ڌڻي موڪلائي ويو: روزاني عبرت حيدرآباد، 30 مارچ 1985ع
    3- شير ميربحر: روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 30 مارچ 1985ع
    4- شير ميربحر: روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 28 مارچ 1987ع

    انٽرويو:
    1- سنڌ ۾ ملهه جي ترقي: شير ميربحر (انٽرويو: عمردين بيدار)
    2- رستمِ سنڌ، شير ميربحر سان ملاقات ڊاڪٽر آفتاب ابڙو .


    ڪتاب:
    1- ڪتاب: ملهه ۽ ملاکڙا ــ عنوان: پهلوان علي شير ميربحر (رستمِ سنڌ) - مصنف: محمد عثمان ڀٽي.
    2- ڪتاب: مارو جي ملير جا - عنوان: شير ميربحر - مرتب: خادم حسين چانڊيو
    3-ڪتاب : ڪيئي ڪتاب ــ عنوان - ملهن جي مختصر فهرست - ليکڪ: رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
    4- ڪتاب : سنڌ جون رانديون - عنوان - ملهه ۽ شير ميربحر - تحرير: عادل سخيراڻي - ترتيب: ملوڪ لنڊ
    5- ڪتاب : ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾ عنوان - پهلوان شير ميربحر - مرتب: اسلم عباسي
    6- ڪتاب: ٺاروشاهه جنڪشن ــ عنوان: ناول ليکڪ: عمرالدين بيدار: صفحه نمبر: 89

    تصويري البم
    شير ميربحر جو خط
    اخباري خبرون (عيادت، تعزيت ۽ تاثرات )


    پبلشر نوٽ

    ساهتي پرڳڻو علمي، ادبي، صحافتي، تهذيبي ۽ ثقافتي حوالي سان هميشه سازگار پئي رهيو آهي. مٿي بيان ڪيل زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ ڏيهان ڏيهي ساک رکندڙ شخصيتن جو جنم هن خطي جي خوشنصيبي ڀانئجي ٿو. هونءَ ته "ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو" ئي آهي. پر ساهتيءَ جا رنگ نرالا آهن. تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان گڏ، هي خطو روايتن جو امين به آهي.
    ساهتيءَ مان قديم زماني کان ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن جو قيام پنهنجي اهميت ۽ افاديت جي حوالي کان جداگانه سڃاڻپ رکي ٿو. اسان مٿي بيان ڪيل شعبن جي حوالي کان پنهنجي وس ۽ وت آهر، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مولائي پبليڪيشن محرابپور، ضلع نوشهروفيروز پاران سنڌ جي همت، شجاعت ۽ روايت جي امين شخصيت ۽ نامياري ملهه پهلوان شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت تي پهرين وک تصور ڪندي زير ِنظر ڪتاب اوهان پڙهندڙن جي معرفت سڄيءَ سنڌ ۽ جيستائين سنڌ جو پيغام پهچي سگهي ٿو، تيستائين جي ماڻهن کي انتهائي عزت، پيار ۽ پاٻوهه مان آڇيون ٿا.
    اسان پنهنجي اداري پاران، سنڌ جي هن سُچيت پٽ شير ميربحر جي مهان شخصيت جو رڳو سرسري جائزو پيش ڪري سگھيا آهيون. سندس شخصيت بابت اڳتي به گھڻو ڪجھ نه سهي پر ڪجھ نه ڪجھ ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين ۽ سنڌ ديس جي ٻين لکي پڙهي سگھندڙ ماڻهن مان پڻ اميد ڪنداسين ته اهي پڻ ڌرتيءَ جي هن املهه ماڻڪ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ ساٿي ۽ سهڪاري سنگت جي تعاون سان ساهتي ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي ادارن توڙي شخصيتن تي ڪتاب آڻڻ جي ممڪن ڪوشش جاري رکنداسين.


    ادارو


    سنيهو ساڻيهه لاءِ

    وطن عزيز توڙي جو ڌار ڌار تهذيب ۽ تمندن جو سنگم آهي پر ان جي ڪلچر جي پس منطر کي غور سان ڏسبو ته ان ۾ خوشگوار حيرت ڏياريندڙ هڪ جهڙايون ڏسي پسي سگهجن ٿيون. اهڙي ريت جي راندين جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته ٿوري گھڻي ردوبدل سان انهن ۾ به عجب جهڙيون ويجهڙايون پيون نظر اينديون.
    خاص طور تي سنڌو نديءَ سميت پنجن دريائن جي ديس جي ڪشتي ۽ سنڌ جي ملهه فني اعتبار کان رڳو ٻن چئن انگن جي ڦير ڦار سان عام توڙي خاص جي دلڇسپيءَ جو گڏيل مظهر ڀائنبيون. ملڪي تاريخ تي سراسري جائزي لاءِ عام نظر ڦيرائبي ته خبر پوندي ته سنڌ جي شير درياءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ۽ ان ئي درياءَ جي وسيع جهنگل ٻيلي جي ٿڌڙي ڇانوَ ۽ زور آور وهڪرن ۾ پلجي نپجي. سنڌ جي شير اڳتي هلي ملڪ جي نانءَ کي سدا روشن رکڻ لاءِ ننڍي ڄمار ۾ ئي پنهنجي دور جي ٽئين ٻئين ۽ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوانن سان ملاکڙي ۾ پنهنجي فن ڏات ۽ ڏانءَ جي آڌار تي مقابلا ڪري هنڏين ماڳين هاڪ هلائي ڌاڪ ويهاري ڇڏي. اهو شيري سنڌي هيو. اسان جي سر زمين جو سر موڙ ملهه پهلوان شير مير بحر هو.
    جنهن پنهنجي مڙسي هم عصر پهلوانن کي شڪستون ڏيڻ کانپوءِ هندوستان جي جڳ مشهور پهلوان گرنام سنگهه کي ماري مڃايو ۽ بعد ۾ دنيا کي چيلينج ڏئي فاتح عالم جو خواب ڏسندڙ جيڪو سلواڪيه جي جڳ معروف پهلوان، رانديگر زيبسڪو جو چئلينج قبول ڪري سندس فاتح عالم جا سمورا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. پر افسوس جو ان وقت جي مارشل لا گورنمينٽ شير مير بحر کي ان فاتح عالم قرار ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو. توڙي جو شهيد قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت شير مير بحر جي گھڻي حد تائين قدرداني ڪئي کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو ۽ ان کي ملهه ملاکڙي جي واڌ لاءِ ڪيترائي موقعا ميسر ڪري ڏنا. ايتري تائين جو کيس بهترين معاوضي ۽ باوقار معاوضي ۽ باوقار وظيفي ڏيڻ سان گڏ ملهه راند جو نيشنل ڪوچ مقرر ڪيو پر اڄ به منهنجو شعور ۽ وجدان چوي ٿو ته شير ميربحر بجا طور تي فاتح عالم قرار ڏيڻ جو حقدار هيو. هو پنهنجي سون ورن سنڌ ڌرتي ۽ پاڪ وطن جي ماٿي تي هميشه عزت ۽ آبروءَ جو جھومر بڻجي جرڪندو رهندو.

    ضياءُ الحسن لنجار
    صوبائي وزير، سماجي ڀلائي
    حڪومت سنڌ


    ملهه، ملاکڙي جو امر ڪردار: شير ميربحر

    سنڌ صدين کان ڇوري ڇني ٿيندي آئي آهي. ڪڏهن ڌارين مٿس حملا آور ٿي کيس لٽيو، ڦريو آهي ته ڪڏهن پنهنجن دوکي باز سازشن سان کيس پٿرن جي دور ۾ ڌڪيو آهي. ڌاريا ته ٿيا ئي ڌاريا پر پنهنجن جا وار به وسرڻ جهڙا ناهن. پهريان سنڌ جي صديون پراڻي نقشي، تهذيب کي ڇيهو رسائي پوءِ سندس سمورن وسيلن کي پنهنجي گوڏي هيٺان ڪري ڌرتيءَ ڌڻين کي نڌڻڪو ڪيائون، رڳو ايترو ئي نه پر سنڌ جي صديون پراڻي ڪلچر کي به پوئتي ڌڪي ديوار سان لڳائي ڇڏيائون، جڏهن ته ڪلچر جو ڪارج ئي ناتا جوڙڻ هوندو آهي. ڪلچر جي تند ذريعي ٽٽل دلين کي به جوڙي سگھجي ٿو.
    صحتمند سماج جي اڏاوت لاءِ رانديون اهم ذريعو هونديون آهن. معاشري ۾ راند اها مقبول هوندي آهي جيڪا قوم جي سڃاڻپ رکندڙ، قومي راند واري حيثيت رکندي آهي. اسان سنڌ واسين جي قومي، ثقافتي راند 'ملهه' آهي جيڪا قديم آهي؛ پر اها نماڻي سنڌ جيان سدائين ماٽيلي ماءُ واري روين هيٺ رهي آهي. جنهن جي سرڪار پاران ڪڏهن به ڪا سرپرستي، پٺڀرائي ناهي ڪئي وئي. هاڻ ته سنڌ جي نئين نسل کي اها خبر ئي ناهي ته اسانجي 'قومي راند' ڪهڙي آهي. ۽ ملهه نالي به ڪا راند آهي! يا اها ڪيئن کيڏي ويندي آهي ۽ ان جا هيروز ڪهڙا آهن ۽ انهن جو پروفائيل ڪيئن ۽ ڪهڙو آهي! اڄ جي نوجوان جو مددگار ذريعو انٽرنيٽ آهي. جنهن تي به ان بابت ڪائي ڄاڻ ميسر ناهي يا ڪو جوڳو مواد موجود ناهي. ان تي ڀلاري ڀونءِ جي ڪنهن محقق به اڄ تائين ڪو ڌيان ناهي ڏنو.
    سنڌ جي هيءَ قومي، ثقافتي راند ڪڏهن کان، ڪيئن شروع ٿي ۽ ان جي عروج ۽ زوال جا دور ڪهڙا ۽ ذميوار ڪير آهن؛ اهي ڪير هيا جن پنهنجو رت ست ڏئي هن راند کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، ان بابت انٽرنيٽ توڙي سنڌ جي قطب خانن ۾ اهڙو ڪوئي جامع قسم جو ڪو به مواد، ڪوبه ڪتاب ناهي ملي سگھيو. هن ڪتاب ۾ لکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشورن، صحافين، محققن ۽ اديب دوستن کي شير ميربحر جي شخصيت ۽ فن، ملهه تي جڏهن ڪم ڪرڻ جو ٻڌايم ته ڏاڍا خوش ٿيا چيم ته ان پاسي هن مهل تائين باقائدگيءَ سان ڪو ڪم ناهي ٿيو جنهن تي واهه واهه جهڙن لفظن سان نوازيندي جس ڏنائون؛ پوءِ دل وڏي ڪري جڏهن کين لکڻ لاءِ عرض ڪيم ته اهي به ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي ويا. في الحال ته هائوڪار ڪيائون پوءِ وقت گذرڻ سان مَهينن جا انتظار ڪرائڻ شنوايون ڪاٽڻ کانپوءِ هڪڙن ڏاهن فضيلت ڀريي انداز ۾ معذرت ڪئي ته ڪجھ دوستن وري ڪاوڙ واري لهجي ۾ جواب ڏنو. چيم جي ان موضوع تي لکي نه ٿا سگھو ته مڙوئي خير آهي، ان ۾ ڪاوڙ جي جان ڇڏائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اهي سڀ مهربان اسانجي ٻوليءَ جا نامور ليکڪ هيا جن جا ڏنل جواب سدائين دل تي ياد رهندا. جن دوستن، ڏاهن منهنجي عرض کي فرض سمجھي وڏي تڪليف ڪري آرٽيڪل ڏنا انهن لاءِ مون سميت سنڌي ڪلچر، ملهه جا پارکو هميشه ٿورائتا رهندا. هنن محترم ليکڪن ڪجھ ڏهاڙن ۾ ملهه جي پارکن سان ملي ڪري جيڪي ڄاڻ حاصل ڪئي ان کي آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون جيڪو ڪجھ ڪتابي صورت ۾ اوهان سڄڻن جي اڳيان آهي. آئون هن ڪتاب کي مڪمل ڪتاب نه ٿو مڃان هن اڻپوري ڪتاب تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي جيڪو ڪم سرڪاري ادارن، محققن تي ڇڏجي ٿو. مون پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ۽ گھٽ وسيلن هئڻ سبب هيءَ ابتدائي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا اوهان پڙهندڙن جي نظر آهي.
    سنڌ پنهنجي صديون پراڻي سڃاڻپ ختم ڪرڻ کانپوءِ مذهب جي نالي هيٺ ڌار ڪيل ڌرتيءَ جي دائري هيٺ آئي ته ان جي وسيلن کان ويندي ان جي ڪلچر کي سنڀالن جي ذميواري به انهن قوتن تي آئي، پر انهن قوتن وڏي صوبي جيان هن جي مالڪي نه ڪئي. سنڌ جي قومي ڪلچر، ان جي هيروز جي سرڪاري سطح تي ڪابه سرپرستي نه ڪئي. ائين جيئن ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻين ڌارين راندين جي مالڪي، سرپرستي ڪئي وڃي ٿي. ان جا سبب ڪيترائي ٿي سگھن ٿا. جن تي ڪڏهن ٻئي ڀيري وضاحت سان لکبو.
    ملهه جو تعلق سنئون سڌو طاقت سان آهي. ۽ سنڌ جا ماڻهون سدائين سهڻا، شهزور رهيا آهن جن عالمي طور تي پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. بين الاقوامي سطح جي پهلوانن کي ملهه ماري سنڌ، ملڪ جو نانءُ عالمي فاتح ملڪن ۾ ڳڻايو آهي. اهڙو ڪارنامو سنڌ جي شير، شير ميربحر جي کاتي ۾ اچي ٿو. جنهن پنهنجي زورِ بازوءَ تي دنيا جي مڃيل پهلوانن پاران ڏنل چئلينج کي قبول ڪندي کين شڪست ڏئي ملڪ جو نانءُ عالمي فاتحن ۾ شامل ڪيو؛ پر پاڻ سڄي حياتي اهڙي عالمي پر خود ملڪي اعزاز کان به محروم رهيو..!! ايڏي وڏي تاريخي ڪارنامي سرانجام ڏيڻ کانپوءِ به ملڪ جي مهندارن سنڌ جي قومي ڪلچر، ملهه راند ۽ سندس جي ڪابه سرپرستي، واهر نه ڪئي. شير ميربحر، سنڌ بجاءِ اگر ڪنهن ٻئي صوبي سان تعلق رکندڙ ڌاري راند جو رانديگر هجي ها ته کيس به وڏن وڏن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو وڃي ها. پر هو سنڌ ڄائو هيو ان ڪري ساڻس انصاف نه ٿي سگھيو.'اهڙو ساڙ سڳنڌ سان'سڄي حياتي رهيو. اهڙي ناانصافي رڳو هڪ رانديگر، ڪلچر سان نه پر سنڌ سان سمجھي وڃي ٿي.
    ملهه راند جيڪا نوجوان نسل کي براين ۽ ٻين بڇڙاين کان بچائي هڪ صحتمند سماج اڏڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ان تي ڪو به ڌيان نه ڏيڻ جو مطلب صرف سنڌ جي صحتمند سماج سان نا انصافي آهي. قوم سان ناانصافي ملڪ سان ناانصافي آهي. پوري دنيا جيان اسانجي پاڪ وطن ۾ به ڌارين راندين تي سڄي سال ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. پر پنهنجي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه تي ڪو به ڌيان نه ڏيڻ پڻ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافيءَ برابر آهي.
    سنڌ ڌرتيءَ جي وسيلن جيان هن قومي راند ملهه سان هن جديد دور ۾ به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ روا رکڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. جيڪو ڪيترن ئي سوالن ۽ انومانن کي جنم ڏئي ٿو. حق ته اهو آهي جو ملهه راند کي عالمي راندين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ان جي سرپرستي ڪري ملهه جي رانديگرن کي "اولمپڪ راندين" ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ جي پهلوانن کي اتساهه ڏڻ لاءِ هر محاذ تي انهن جي واهر ڪئي وڃي، انهن جي سکيا ۽ سهائتا لاءِ ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن.
    سنڌ جا پهلوان پنهنجي فن ۾ اڄ به وڏي مهارت رکن ٿا. اهي اڄ به شير ميربحر جيان جارج زيبسڪو جهڙن دنيا جي مڃيل پهلوانن کي شڪست ڏيڻ جي سگھ ۽ صلاحيت رکن ٿا. صرف ضرورت آهي سندن سرڪاري سطح تي واهر ٿيڻ جي؛ اهڙي ريت هن راند کي ٻيهر اوج تي رسائي ججھو ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو. هن راند جي ڪمرشل پاسي کي به ڏسڻ گھرجي .
    هن راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪار سان گڏ راندين ۽ ثقافت جي صوبائي وزير کي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. سنڌ ۾ اڄ به اهڙو ٽئلينٽ موجود آهي جيڪو ملهه جي ميدان ۾ ٻيهر دنيا کي چئلينج ڪري سگھي ٿو. سنڌ، ملهه جي ميدان ۾ وڏي زرخيز آهي. ضرورت آهي ملهن جي مالڪي ڪرڻ جي. سندن نالن سان اسٽيڊيم قائم ڪيا وڃن، سهائتا ۽ سکيا لاءِ ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن ، جڏهن ته دنيا پنهنجن ملهن کي پالي ۽ سنڀالي رهي آهي ۽ اسان هت انهن کي بکن ۽ بيمارين ۾ ماري رهيا آهيون. اڳ سنڌ جا وڏا ماڻهو،خاندان ملهن جي مالڪي ڪندا هيا جن ۾ خيرپور، ڪوٽڏيجيءَ ٽالپر خاندان هزهائينس مير سهراب خان ٽالپر، مير علي ڏنو خان ٽالپر، ٽنڊو مير غلام حسين جا ميرعبدالله خان ٽالپر، غلام حسين خان ٽالپر، مير بجار خان ٽالپر، مير لال خان ٽالپر، لاڙ کان نواب ڄام مٺا خان ، نواب ڪانڀو خان، نواب ڄام صادق علي خان، نواب ڄام انور علي خان، نواب شير علي خان، ڀٽ شاهه جا سجاده نشين سيد علي بخش شاهه، (مرحوم الڻ سائين) سيد شاهه ڏنو شاهه، سيد محمد جڙيل شاهه، سيد علي بخش شاهه ( ثاني ) "ناز لطيفي"، مٽياريون جي پير الهيار شاهه ( پوري پير) حاجي بقادار شاهه، محمد زمان شاهه، نور شاهه، حيدرآباد مان سيد ولايت علي شاهه، سيد ڏنل شاهه. سيوهڻ: سخي لال شهباز قلندر جا گادي نشين گل محمد شاهه لڪياري، سيد محمد مراد شاهه، سيد گنبل شاهه، مادن دريا شاهه ( بادل شير جي ڪافي ) . راڻيپور جا سجادهه نشين جناب پير ميران سائين، جناب پير صالح محمد سائين، جناب پير احمد سائين، جناب پير محمد سائين. ۽ ٻيا شامل آهن جن ماضي ۾ ملهن کي رهائڻ، کارائڻ ۽ انهن جي زور آزمائيءَ جو شوق رکندا هيا. ماضيءَ جيان اڄ به سنڌ جي ميرن، پيرن، درگاهن جي گادي نشينن، سردارن، نوابن ۽ وڏيرن کي ملهن سان پيار آهي انهن کي پاڻ وٽ رهائي انهن جي خذمت ڪرڻ وارو شوق ۽ عشق اڃا به سندن دل ۾ زندهه آهي، جي ننڊ ستل آهي ته اها اسانجي سرڪار ۽ ان جا نيڪ جذبا آهن. بس ضرورت آهي رڳو ڪٿان کان ٿورڙي ابتدا ٿيڻ جي. پوءِ سنڌ ۾ ملهه جي سهاري سان محبتن جا ميلا ٻيهر مچي پوندا؛ سنڌ جي رابيل جهڙي مک تي مرڪ جي مکڙي وري ٽڙي پوندي، سنڌ سُرهي ٿي پوندي. راندين وسيلي ئي معاشري مان مايوسيءَ کي ختم ڪري، هڪ صحتمند سماج اڏي سگھجي ٿو. وري ميلن، ملاکڙن سان سنڌ جون وڃايل رونقون ٻيهر بحال ٿي سگھن ٿيون..
    شير تي ڇا لکجي؟ ان جي شخصيت ۽ فن تي ته هي سڄو ڪتاب لکيل آهي جنهن ۾ سنڌ جي نامور دانشورن، سينئرصحافين، ايڊيٽرن، اديبن، محققن ۽ سڄاڻ ليکڪن وڏي گهرائيءَ ۽ سڪ سان لکيو آهي جنهن لاءِ آئون انهن سڀني محترم سڄڻن جو ٿورائتو آهيان. جن ڀرپو ليک لکي هن ڪتاب جي معيار ۽ سنڌ جي ثقافتي راند جي سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اميد ته اسانجو ڪيل هي پيار جو پورهيو سنڌ جي سڄڻن، ملهه جي پارکن ۽ پهلوانن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
    جيڪي بذرگ ليکڪ ۽ شير جا ساٿي، طبيعت جي ناسازيءَ سبب هن ڪتاب ۾ ڪوشش جي باوجود به شامل نه ٿي سگھيا آهن آئون انهن سڄڻن جو به ٿورائتو آهيان؛ جن مونکي فون ڪري اتساهه ڏنو. جن ۾ ابراهيم جويو، پروانو ڀٽي ۽ ٻيا شامل آهن. هنن مهربان سڄڻن پاران ڪن مجبورين ۽ مصروفيتن سبب 'ملهه' تي نه لکي سگھڻ واري معذرت کي به دل سان قبول ڪيم: جن ۾ سائين امرجليل، بدر ابڙو، تاج جويو، ڊاڪٽر علي احمد رند جامي چانڊيو ۽ نصير مرزا جن شامل آهن.
    ٿورائتو: هنن سڄڻن جو جن ڪتاب لاءِ مواد سهيڙڻ ۽ پرف پڙهڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. جن ۾ جابر عباس ملاح، محسن ملاح، ساجد ملاح، شهباز ملاح، جواد ۽ مهدي رضا ملاح شامل آهن.
    ٿو را مَ ٿو را مونتي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻينديس ڪيترا. ( شاهه )

    سهيڙيندڙ
    مولائي ملاح
    moulaiemallah@gmail.com


    مهاڳ (سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي)

    جهڙي طرح شيخ اياز پنهنجي نثري نظم ۾ لکيو هو ته: "سازندي جو انت، ساز جو به موت هوندو آهي" تهڙي طرح هن سان گڏ هن ڌرتيءَ تي اهو فن به دفن ٿي ويو، جيڪو سنڌ جي سڃاڻ هو. هو جيڪو سنڌ جي مرداڻي سونهن جو مجسمو هو. جنهن جا ڏيا ڀريل نيڻ ۽ هن جا وٽيل شهپر ۽ ان جي پيشانيءَ مٿان بوسڪيءَ جو پٽڪو ۽ هن جي صحتمند ڪايا مٿان ململ جو ڪڙتو ۽ ان تي جرڪندڙ سونا ٻيڙا ۽ سندس ڪارائيءَ ۾ پيل واچ ۽ هن جو هلڻ جو مخصوص انداز، هاڻي هن ديس ۾ جيڪڏهن اکين جا ڏيئا ٻاري تلاش ڪجي ته اسان کي مشڪل ملي. اهو شخص جنهن سنڌو درياهه جي ڪناري تي جنم ورتو ۽ پنهنجي ديس جي درياهه وانگر جنهن سمنڊن کان پراهان سفر ڪيا ۽ هو جتي به ويو اتي هن جي سڃاڻ هڪ شخص طور نه پر سنڌ جي ان روايتي ماڻهوءَ جي روپ ۾ ٿي، جيڪو مقابلن جو مشتاق هو. جنهن هر للڪار کي پنهنجي طرف هڪ اهڙي دعوت طور قبول ڪيو جنهن کان صرف ڪانئر ئي منهن موڙيندا آهن. هو جيڪو پڙ جو پهلوان هو. هڪ اهڙو ڪونڌر مڙس جنهن کي خليفي نبي بخش جي انهن سٽن جي حوالي سان ساري سگهجي ٿو ته:
    "ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چري"
    هو سچ پچ به ته اهڙو هو. هو جڏهن به ميدان تي لٿو تڏهن هن جي خاموشيءَ ۾ به اها گجگوڙ هئي، جيڪا سانت ۾ ويڙهيل ٻيلن کي ٻاري ڇڏيندي آهي. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي چوڌاري هڪ اهڙو لقاءُ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي ڏک جو اظهار ڪندي اياز لکيو هو ته:
    "ڏينهن ٿيا، ڪنهن شينهن اسان وٽ، ناهي ڪئي گجگوڙ."
    ان کان پوءِ اسان همت، بهادري ۽ بي خوفيءَ جي هڪ پوري دور کي پاڻ کان پري ٿيندي ڏٺو. هو ان ڏينهن جو آخري سج هو، جنهن کان پوءِ هيءَ نڀاڳي رات کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. جهڙي طرح بدقسمت قومون پنهنجي تاريخ کي وساري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙ جي وينديون آهن، تهڙي طرح اسان کي ويسر جي انهن سنگهرن سوگهو ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ اسان کي اهو به ياد نه ٿو اچي ته هيءَ ڌرتي سدائين اهڙي نه هوندي هئي. هن ديس ۾ ڪڏهن دليري به هئي. اها دليري صرف جنگ جي ميدان ۾ نه ڏٺي ويندي هئي پر ان بهادريءَ جا درشن راند جي ميدان ۾ به ٿيندا هئا. اها ڳالهه اسان کي ان شخص جي زندگيءَ مان چٽي طرح معلوم ٿي ته جيڪي قومون راندين جي ميدان ۾ مقابلا نه ڪري سگهنديون آهن اهي جنگين جي ميدان ۾ به پير جهلي نه وڙهي سگهنديون آهن. هو جيڪو پنهنجي طرح جو هڪ جوڌو رانديگر هو، تنهن جيترو وقت به سنڌ ۾ ساهه کنيو ايترو وقت پنهنجي سورهيائيءَ جي ساک قائم رکي ويٺو پر اها اسان جي تمام وڏي بدقسمتي آهي جو اسان ان شخص کي اوتري مڃتا نه ڏني، جنهن مڃتا جو هو مالڪ هو. جيڪڏهن هي ديس پنهنجي روح ۾ آزاد هجي ها ته هن جو آرٽ ان انسان کي هرگز نه وساري سگهي ها، جنهن جو خوبصورت مجسمو اسان کي قومي راندين جي اسٽيڊيم ۾ نظر اچي ها. جنهن جي حوالي سان اسان جا ٻار اسڪولن ۾ سليس سبق پڙهائين ها ۽ جيڪو اسان جي لکڻين ۾ زندگيءَ جي خوبصورت ۽ متحرڪ علامت بڻجي پيش ٿئي ها. اهو شخص جنهن کي سنڌ هاڻي ائين فراموش ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هن پنهنجي آزاد اتهاس کي وساري ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن يادگيري هڪ وڏي اذيت بڻجي ويندي آهي. اسان پنهنجن سٺن ڏينهن ۽ مثبت ڪردارن کي ان ڪري به ياد نه ڪندا آهيون جو انهن جي ياد اسان جي دل ۾ احساس جرم جو هڪ اذيت ناڪ زخم پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري اسان پنهنجو سٺو وقت ۽ ان وقت ۾ موجود سٺا نالا ۽ حوالا ڄاڻي واڻي فراموش ڪرڻ چاهيندا آهيون. اهڙي فراموشيءَ واري گيلريءَ ۾ هڪ خوبصورت تصوير ان شخص جي به آهي، جيڪو سهڻي سنڌ جو سهڻو ماڻهو هو. هو جيڪو پنهنجي صورت ۾ نه پر سيرت ۾ به موهيندڙ هو. ڇو ته اهو ميلاپ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا شئي سهڻي به هجي ۽ سٺي به هجي. هو اهڙن ڏکين ميلاپن مان جڙيل ماڻهو هو. هو جيڪو خانداني طور تي ملهه پهلوان نه هو پر هن جي رڳ رڳ ۾ هڪ طوفاني بيچيني موجود هئي، جيڪا هن کي ٻين شعبن ۾ وٺي وڃڻ بدران ان ميدان تي کڻي وئي، جتي مڙسن جا هٿ سندرن ۾ پوندا آهن. جتي بهادر بهادرن سان گڏبا آهن. اها هوندي ته راند آهي پر ان ۾ به رڻ گجندو آهي ۽ راڙا ٿيندا آهن. اهي مقابلا جيڪي دوستاڻا هوندا آهن پر انهن کي ڏسي دشمن دهشت ۾ ايندا آهن ۽ اهڙن مقابلن جا تماشبين هڪ طرح جو اتساهه حاصل ڪندا آهن انهن کي انهن مقابلن معرفت اهو سبق ملندو آهي ته زندگي هر وک تي هڪ آزمائش، هڪ مقابلو ۽ هڪ جنگ آهي. اسان ان راند کي پنهنجي ذهن تان ميساري ڇڏيو، جيڪا اسان کي مقابلي جي بهادريءَ جو سبق سيکاريندي هئي. جيڪا اسان کي پنهنجي هڪ هڪ انداز سان اهو سمجهائيندي هئي ته هر مسئلي سان ماڻهوءَ کي ور وجهي وڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن آمريڪا جو نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ هيمنگوي هڪ پوڙهي مهاڻي سنتياگو جي زندگيءَ جو آخري شڪار بيان ڪندي پوري دنيا کي ويڙهه جو عظيم سبق ڏيئي سگهي ٿو ته ڇا اسان جي سنڌ شير ميربحر جي مثال کي مشعل راهه بڻائي اها جنگ نه ٿي جوٽي سگهي، جنهن کان پري ٿي اسان بنا مقابلي جي هارائجي وياسين. جڏهن ته فيض احمد فيض زندگيءَ جي پوئين موڙ تي به ان للڪار کي لفظ ڏيندو رهيو، ۽ چوندو رهيو ته:
    "تم یہ کہتے ہو کہ وہ جنگ ہو بھی چکی،
    جس میں رکھا نہیں اب تک ہم نے قدم،
    کوئی میدان میں اترا نہ دشمن نہ ہم،
    کوئی صف بن پائی نہ کوئی علم،
    اجنبی دشمنوں کا پتہ دے سکا،
    منتشر دوستوں کو صدا دے سکا۔"
    مون اڪثر ان ڳالهه تي ويچار ڪيو آهي ۽ مون کي هميشه اها حقيقت پنهنجي پوري روپ سروپ ۾ ان سچائيءَ جي ساک ڏيندي محسوس ٿي آهي، جنهن جو اظهار ڪرو کيتر جي ميدان ۾ ڪرشن ارجن سان مخاطب ٿيندي ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته: "وڙهه، ويڙهه ئي تنهنجو ڌرم آهي." اهڙي طرح شير ميربحر جو ڌرم مسلسل مقابلو هو. جيئن ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:
    کرکڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    اهڙي طرح شير ميربحر ننڊ ۾ به ڪو اهڙو سپنو نه ڏٺو، جنهن ۾ هن کي سندرو ٻڌل نه هجي.
    هو جيڪو سنڌ جو سچو پچو مڙس ماڻهو هو. جنهن مقابلا صرف سوڀ کي سوچي نه ڪيا. هن پنهجي زندگيءَ جو مقصد مقابلا ڪرڻ کي قرار ڏنو ۽ سوڀون هن جي مٿان گهور جي سڪن وانگر پسنديون رهيون. اهڙا مهندار ماڻهو جڏهن منهن مٽي وڃن ۽ مٽيءَ ۾ پنهنجا آشيانا جوڙين تڏهن هي جڳ جهان اونداهيءَ جو آستانو ٿي ويندو آهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ يونان جي جادوگر ناول نگار ڪازانت زاڪس لکيو هو ته: "اي ڌرتي! هر ماڻهوءَ کي مرڻ نه گهرجي. بلڪل ائين جيئن پهاڙ نه مرندا آهن. جيئن درياهه نه مرندا آهن. جيئن اهي انسان نه مرندا آهن، جيڪي ڌرتي جون ٿوڻيون ۽ آسمان جا ٿنڀا هوندا آهن.
    اي ڌرتي! تون هڪ ازل کان وٺي ازدها نانگ آهين. جيڪو پنهنجا ٻچا پاڻ ڳڙڪائيندو آهي. تون ڀلي کاءُ اهي ڪانئر، ڪم ظرف، بزدل ۽ ڀاڙيا! پر توکي ڪو حق ڪونهي جو تون پنهنجي ظالم ڏاٺن سان چٻاڙين انهن انسانن کي جيڪي سورهيه ۽ سرويچ هئا." اهڙا انسان ضرور ناهي ته سياست جي اسٽيج تي پيدا ٿين. اهڙا انسان صرف آرٽ جي دنيا ۾ جنم نه وٺندا آهن. اهڙا انسان صرف موسيقيءَ ۽ مصوريءَ جي شعبن ۾ موزاٽ ۽ مائيڪل اينجيلو بڻجي ظاهر نه ٿيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن قدرت جي انتهائي پراسرار اسڪيم اهڙن انسانن کي اهڙو ڪردار به ڏيندي آهي، جو هو بزدل سماجن کي روپ مٽي تعليم ڏيندا آهن. جڏهن قدرت ڏسندي آهي ته ڪا قوم بنهه بزدل ٿي وئي آهي ۽ ان جو وجود خطري جون آخري حدون ڇهي رهيو آهي تڏهن هو اهڙن انسانن کي به ڌرتيءَ جي اسٽيج تي اماڻيندي آهي، جيڪي راندين جي روپ ۾ جنگين جو فن سيکاريندا آهن. منهنجي نظر ۾ شير ميربحر سنڌ جو اهو سورهيه ڪوچ هو جنهن قوم کي ملهه جي روپ ۾ جنگ جو فن ٿي سيکاريو. جنهن راند جي شڪل ۾ وجود جي قائم رکڻ جو آرٽ ٿي سمجهايو. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف واقعن ۽ معاملن ۾ مسئلن سان ملهه وڙهن ته اسان انفرادي سوڀن جا اهي سلسلا قائم ڪري وڃون جيڪي اجتماعي حاصلات جو عظيم اعلان هوندا آهن. هتي ماڻهن سان مسئلو اهو آهي ته ماڻهو وڙهن نه ٿا. ماڻهو مقابلو نه ٿا ڪن. ماڻهو پڙ جا پٿر نه ٿا ٿين. ماڻهو ڀڄي ٿا وڃن. رفو چڪر ٿيڻ جا رستا ڳولهين ٿا ۽ انهن کي شرم لڪائيندي شارٽ ڪٽ چون ٿا. ماڻهو جيڪڏهن خوف جي باوجود پنهنجي پيرن تي بيهي رهن ۽ مسئلن جي سندرن ۾ هٿ ٻڌي پنهنجا پير ڌرتيءَ جي گهرائيءَ ۾ گهيڙي ۽ مخالف قوت کي ڀنواٽي ڏيڻ جي لاءِ هوا ۾ ڦيرائين ته جيڪر اسان سوڀ جا ساٿي بڻجي وڃون. شير ميربحر اسان کي راند راند ۾ ويڙهه جو سبق سمجهائيندو رهيو. بلڪل ائين جيئن انگريزي اسڪولن ۾ ايجوڪيشنل گيمز کيڏايون وينديون آهن. تيئن اسان کي رانديون پنهنجي زندگيءَ جي راهن ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي مات ڪرڻ سيکارينديون آهن ۽ ملهه انهن راندين جي مهندار راند آهي. اها پهلوانيءَ جي سڀ کان وڌيڪ پرامن مقابلي واري راند آهي جنهن ۾ رانديگر هڪ ٻئي جو رت نه هاريندا آهن. هو صرف پنهنجي سگهه ۽ پنهنجي مهارت جي معرفت پنهنجي مخالف کي مات ڪندا آهن. جيڪي چاهيندا آهن ته صرف هو پنهنجي دشمن کي دسين. پر هتي ماڻهو دردن جي هٿان دسجي وڃن ٿا. دردن جي هٿان دسجڻ جو اهو سلسلو اسان جي تاريخ آهي. اها تاريخ جنهن لطيف جي گلي مان اها چيخ بلند ڪئي ته:
    "دردن دسي آهيان، درد منهنجا دس"
    اهو شخص جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي ملهه جو ڪوچ مقرر ڪيو هو، اهو دشمن کي دسڻ جو فن سيکاريندو هو. اهو فن جيڪو اسان جي من ۽ ذهن جي ڦرهيءَ تان ميسارجي ويو. اسان کان وسري ويو ته مقابلي جي تياري ڪئين ڪبي آهي؟ پڃريون کڻي پنهنجا ڪمزور ڏورا ڏاري نئون بت ڪيئن بڻائبو آهي؟ ڪيئن روزانو ميدان ۾ پنهنجي ساهه کي سوگهو ڪبو آهي. پنهنجي پگهر ۾ تڙ ڪيئن ڪبو آهي؟ رڳو مقابلي جي لاءِ تياري جي محنت ڇا هوندي آهي اهو صرف آکاڙن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. تن سازيءَ جو اهڙو آرٽ جيڪو سماجي زندگيءَ جي پوتا ميل ۾ تاريخ ساز ڪلچر بڻجي ويندو آهي.
    شير ميربحر هڪ شخص نه، هڪ علامت آهي. پنهنجي وٽيل سٽيل وجود ۾ هڪ اهڙو سبق آهي، جيڪو اسان کي باعزت جياپي جو مڙساڻو هنر سيکاري ٿو.
    اڄ اسان جي قومي زندگي اياز جي ان شعر جهڙي آهي ته:
    هي جو وڻ ڪجهه ٿڪجي پيو آ،
    ملهه وڙهي ڄڻ واچوڙي سان دسجي پيو آ،
    تنهن کي سج ڄنڊن کان ڄڻ ته ڇڪي ٿو.
    ڄڻ ته چوي ٿو:
    تڪڙو اٿ، طوفان اچي ٿو،
    ڪو اوکو امڪان اچي ٿو.
    ائين ملهن جي مقابلن ۾ ملهه دسجي پوندا آهن ۽ وري پنهنجي پوري انا جي احساس سان اٿندا آهن ۽ وري پنهنجا ڏورا ڏاري مقابلن جي لاءِ تيار ٿيندا آهن ۽ وري دهل وڄندا آهن شرنائيون بلند ٿينديون آهن. تماشائي هوڪارا ڪندا آهن ۽ ملهه ميدان ۾ جهمر پائيندي داخل ٿيندا آهن.
    شير ميربحر اهڙن مقابلن جو خوب صورت مثال هو. هو شهر جو بي وفا بابو نه هو. هو سنڌ جو روايتي رڄ مڙس هو. جنهن لاءِ صرف پنهنجي دامن تي داغ لڳائڻ ناقابل قبول نه هو پر قومي ڪڙتي جي مٿان ڪنهن ڪني مثال جو لينگهو لڳي، اهو به هن لاءِ برداشت ڪرڻ جهڙو نه هو ان ڪري هن عالمي آکاڙن ۾ مقابلا ڪيا ۽ کٽي ڏيکاريا ۽ هن پاڳل قوم کي اهو پيغام ڏنو ته جاپان کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. آمريڪا دسي سگهجي ٿو. يورپ جي پٺي پٽ سان لڳائي سگهجي ٿي. هو سنڌ جو سٻاجهو انسان صرف ملهه جي صورت ۾ قومي زندگيءَ جي هر انسان کي شير ميربحر وانگر وڙهندي ۽ جيت کي ماڻيندي جو تمنائي هو.
    اها ڳالهه تمام ٿورن بلڪه صفا ناموجود ماڻهن جي انگ کي معلوم آهي ته بهادر ۽ سورهيه ۽ سگهارا ۽ ٻلوان پنهنجن پهاڙن جهڙن پختن سينن جي پٺيان مکڙين جهڙو نازڪ من رکندا آهن. مان هن ڪتاب کي ڪڏهن به مڪمل سمجهي نه ٿو سمجهان جيستائين هن ڪتاب ۾ اهو مضمون شامل نه ٿو ٿئي جيڪو صرف اهو نه ٻڌائي ته هن جو بت ڪيترو پڪو ۽ پختو هو، جيڪو صرف ان ڳالهه جو اظهار نه ڪري ته هو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ ماس نما پٿرن جو جڙيل جوڌو هو. جيڪو صرف ان ڳالهه جي نشاندهي نه ڪري ته هن جي هٿ جو زور لوهه کي ڪيئن ميڻ وانگر موڙي سگهندو هو پر اهم ترين آهي اهو مضمون جيڪو شير ميربحر جي زندگيءَ جو اهو پهلو پسائي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو حساس، ڪيترو ڪومل ۽ ڪيترو نازڪ انسان هو. هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته:
    "ميدان ڪارزار ۾ اسان روهه پهاڙ جا پٿر آهيون پر محبت جي ميدان ۾ اسان جو من ان مکڙيءَ جهڙو آهي، جيڪا پرهه جي هير تي به ڏڪي ويندي آهي." هن جي ان حساس پڻي هن جي شخصيت جي ان نازڪيت جو ادراڪ صرف ان جي اولاد کي ٿي سگهي ٿو. انهن کي معلوم هوندو ته هو پنهنجي ٻچن جي ننڍي تڪليف تي ڪيئن تڙپي پوندو هو جڏهن هن جا ٻار بڊي جي راتين ۾ بخار سبب سمهي نه سگهندا هئا ۽ کير پيئڻ بدران روئيندا رهندا هئا تڏهن اهو شير ميربحر پاڻ کي ڪيترو ڪمزور محسوس ڪندو هو!
    شيون سدائين ابتڙن جو ميلاپ هونديون آهن. شير ميربحر ابتڙن جو سنگم هو. هڪ طرف مقابلا ۽ انهن ۾ سر ڌڙ تي ۽ ٻئي طرف محبتون ۽ لڄارا نيڻ سدائين ڌرتيءَ جي تور ماپ ڪندا ۽ نه معلوم ڪهڙي طرف تڪيندا رهندا. هڪ طرف هو مخالفن جي لاءِ مقابلو هو ۽ ٻئي طرف محبتن جي لاءِ هڪ اهڙي اوطاق هيو، جنهن ۾ سدائين محبتن جي ميزباني جاري رهندي رهي. هن جا يار، هن جا دوست، هن جون محبتون، هن جا ناتا ۽ هن جا رشتا سنڌ جي موسم خزان ۾ سڪل پنن وانگر ڪڏهن ڇڻيا ۽ ڪڏهن هوا جي هٿن هٿان نامعلوم طرفن طرف روانا ٿيا. اهو سڄو درد جو داستان به شير ميربحر جي بهادري وارن ڪارنامن جي ماٿي تي تلڪ وانگر سججڻ گهرجي. اهو لطيف لکيو هو ته:
    اڄ گهرجين يار، بڊاماني پنرا،
    ڪاڇي ٻنهي پار، ويرين واٽون لايون.
    ساڳي طرح سان زندگي جي هر ميدان ۾ مقابلي دوران اسان کي هڪ نه، هزارين نه، لکين نه پر ڪروڙين شير ميربحر کپن. پر اسان وٽ هڪڙو به ناهي. اهو به ناهي جنهن جي اکين کي ڏسي اهو سنڌي لوڪ گيت ياد ايندو هو ته:
    اکيون ادل جون، ٻرن مشالا.
    مون کي ان ڳالهه جو فخر آهي ته هي علامتي مهاڳ مان ان ماڻهوءَ جي اصرار تي لکي رهيو آهيان جنهن جو تعلق سنڌ جي معنيٰ خيز شهرڙي محرابپور سان آهي. اهو شخص جيڪو مولائي آهي ۽ جيڪو ملاح آهي. پر سنڌ کي ڪير سمجهائي ته جيڪو مولائي ناهي سو ملاح ناهي ۽ جيڪو ملاح ناهي سو مولائي ناهي.
    هي ڪتاب، هڪ خواب آهي. هڪ وسري ويل خواب ۽ ان کي ياد ڪرڻ جي جستجو!
    هي ڪتاب هڪ ميار آهي. هڪ مهڻو آهي. هڪ اهڙي شڪايت آهي، جيڪا نه ڪندي به ڪئي ويندي آهي. اکين جي التجا وانگر! هي ڪتاب جن ماڻهن جي دل جي تمنا آهي اهي ماڻهو شير ميربحر جي ان آخري وصيت تي عمل ڪري رهيا آهن جيڪا هو ريڪارڊ ڪرائي نه سگهيو.
    شير ميربحر هڪ اهڙي ديس جو باشندو هو، جيڪي سدائين مقابلا ڪندا آهن. جڏهن هو ريٽائر ٿيندا آهن تڏهن هو ڪوچ بڻبا آهن ۽ پوڙهن عقابن وانگر ٻچن کي آسمانن ۾ اڏارڻ سيکاريندا آهن. اهو ديس شير ميربحر وانگر تاريخ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويو آهي. شير ميربحر جي ياد ان ديس جي دريافت جو آغاز ٿي سگهي ٿي، جيڪو ديس اسان کان نوجواني ۾ ڪيل پهرين محبت وانگر وسري رهيو آهي. وسري ويو آهي!!

    اعجاز منگي
    ڪراچي


    شير ميربحر: سدا جرڪندڙ ستارو (شيخ عزيز)

    منهنجو پيءُ هڪ خلافتي ملو هئو، تنهنڪري ترڪ ِموالات واري تحريڪ ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڃي افغانستان کان نڪتو. هن جو چوڻ هو ته: "اسان جا وڏا چورن جون قبرون سڃاڻيندا هئا، اسان مَن چورن کي منهن تي سڃاڻو!"
    ڳالهه جو ڳاٽو هيءُآهي ته هاڻي انهيءَ جدول جو مرد گذري ويو آهي. هاڻي ته چورن جون قبرون ته پري جي ڳالهه آهي، مڻيادار ماڻهن کي جيئري به ڪونه ٿا سڃاڻون. اسان اڳين پيڙهين لاءِ چوندا هئاسون ته اهي مرده پرست آهن، پر هاڻي ته اسان مان اهو به افعال به نڪري ويو آهي.
    ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي ته شير ميربحر جو ڳڻ اُتر لاڙ، او ويندي بهاولپور تائين ڳائبو هئو. هو پنهنجي ڏندين ڏاند هئو، وڏي ٽونئر وارو ماڻهو هو. پنهنجي شان مان سان گذاري کلندي ڪڏندي وڃي زمين سان مليو؛ پر مجال آهي جو ڪنهن سرندي واري، اقتدار جي ڌڻين مان ڪنهن هن جو مان لهي کيس زمين جو ٽڪر، ڪو وسيلو ڏنو هجي.
    مان 1957ع ۾ اخباري دنيا ۾ پير رکيو. سنڌي هئڻ جي ناتي ملهه، ونجهه وٽي ۽ اهڙين ٻين راندين سان خاص لڳاءُ هئم، سو شير ميربحر سان ملڻ ڏکيو ڪونه هئو. ملياسين ته ڄڻ ورهين جا دوست هئاسين. مان ان وقت رئيس نجم الدين سريوال جي اخبار 'ڪاروان' ۾ پروف ريڊر هئس. شير جي ملڻ کان پوءِ اهو سوچيو ته اسان جي ليڊرن ۽ سرنديءَ وارن کي اهڙا گڻيوان ماڻهن تي نظر ڇو نٿي پئي. دل ۾ سوچيم جڏهن ڪنهن سڀري اخبار ۾ ڪم ڪيم ته ملهه کي مٿي کڻندس، ٿيو به ائين! ان وقت هر سياسي خاندان کي پنهنجي ٽوپي بچائڻ ۽ ٻئي جي پڳڙي ڌوڙ ڪرڻ لاءِ هڪ اخبار هئڻ ضروري هوندو هو. قاضي خاندان به اهوئي سوچي کڻي 'عبرت' اخبار ڪڍي. اخبار نڪرندي ئي مون کي آڇ ٿي. نئين اخبار جو شوق، سو کڻي ها ڪيم. پوءِ ڪا ملهه، ملاکڙو ڇا، سنڌ ۾ ڪٿي به ٿيندو هئو ته آءُ پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ وڃي پڄندو هئس. ائين ئي لڳو ته 'عبرت' ملهه ۽ ملهه پهلوانن جي اخبار ٿي ويئي هئي.
    انهيءَ سموري ڪم ۾ شير ميربحر جي صلاح گڏ هوندي هئي. ان وقت اتر جي ٻاريءَ جو مهندار شير ميربحر هئو، جيڪو ان وقت جي سمورن پهلوانن کي ماري وڃي مهندار ٿيو هئو؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت لاڙ ۾ ڪو سڀرو پهلوان ڪونه هئو، سو قلب علي جتوئي، اصل شڪاپور جو، لاڙ جي ٻاريءَ ۾ اچي ويهندو هئو ۽ ائين لاڙ جي طرفان جتوئي مهندار ليکبو هئو.
    فن جي لحاظ کان شير ميربحر صاف ملهه ڪندو هئو. ڪڏهن ٺڳي يا ملت ڪري وڙهڻ ڪونه ڪيائين؛ باقي طبع سخي هئڻ ڪري، گهڻن هيٺين ملهن سان وڙهي کين مٿئين جوڙ ۾ آڻيندو هو. قدآور، سڊول جسم، وضعدار شير ميربحر وڏو راڄائتو ماڻهو هو. جيڪڏهن ڪنهن ملهه ۾ نبيرو نه ٿيو يا ٻئي ملهه گڏ ڪري پيا ته شير ميربحر کي امين ڪري فيصلي لاءِ چوندا هئا. ان ريت ملاکڙو بدمزگيءَ کان بچي ويندو هو.
    شير جي ڏينهن ۾ جيڪي نالي وارا ملهه هئا تن ۾ هئنڊل مڪراني، علي محمد ولاڻو، الهه جڙيو سمون، انب شيدي ۽ ان جو پٽ بکر شيدي، رحيم جمعدار، يڪو خاصخيلي وڏا ملهه هئا. هنن سڀني سان شير ميربحر پنهنجي دوستيءَ جو حق نڀائيندو آيو ۽ پڇاڙي تائين اها عادت نه بدليائين.
    انهيءَ دور تائين اخبارون ۽ ريڊيو ملهه ۽ ملاکڙڻ جي خبرن تي ڌيان ئي نه ڏيندا هئا. مون اها روايت ٽوڙي، سنڌ جي هن راند کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري ڇڏيو.
    1960ع واري ڏهاڪي ۾ ٻين سنڌي اخبارن به ملهه تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، پر مون کي دماغ ۾ ٻيو ڪجهه هئو. منهنجو خيال هئو ته جيئن ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ هاڪي کي مختلف ادارا رانديگرن کي نوڪريون ڏيئي همت افزائي ڪندا هئا تيئن ملهه کي هٿي وٺائڻي هئي. اها ڳالهه شير سان ڪيم، شير ٽڙي پيو. تيئن سگريٽ دکائي، مُٺ تي رکي ٻه ڪش هڻي چيائين: "عزيز صاحب، جيڪڏهن اهو ٿي پئي ته سنڌ اُجري پوندي." مون وراڻيو ته، "همت ڪريون ٿا، اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو."
    ون يونٽ جو زمانو هئو، ايوب خان کي سنڌ جي نالي تان ئي چڙ هوندي هئي. سو مون سوچيو ته مقامي سطح تي ڪا چئو چوائجي. ان وقت نياز احمد ڪمشنر هئو جيڪو ايوب خان جو ڏاڍو دادلو هو. ان سان ڳالهه ڪيم، ٻڌي چيائين: "ڳالهه ته ڏاڍي سٺي آهي پر لاهور مان ڪيئن ان لاءِ بجيٽ رکائجي ۽ خود اسپورٽس کاتي وارن کي به گذارش ڪجي." مان ڏٺو ته هن مان ٻوٽو ڪونه ٻرندو سو ماٺ ڪري انتظار ڪرڻ لڳس. ون يونٽ ٽٽو ۽ حميد آخوند ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ٿي آيو، ان کي ٻڌايم، ڳالهه هنئين سان لڳس. پنهنجي اختيارين کان ان مهل ئي پڇيائين ۽ ٻه نوڪريون 16 گريڊ جون به ڪڍيائين. هڪ الهه جڙيي سمي کي ۽ ٻي قلب علي جتوئيءَ کي ڏنائين. شير کي ٻڌايم، ڏاڍو خوش ٿيو. چيومانس: "شير جيڪڏهن حالتن ساٿ ڏنو ته اتي لطيف سرڪار جي درگاهه تي ملهه جو ٽريننگ سينٽر کولينداسين. پوءِ ڏسجانءِ ته جپان جو سومو پهلوان هتي ڪهي توهان سان ملهه وڙهڻ ايندو." پر ڇا ڪجي، هميشه وانگيان حڪومتون بدليون، آفيسر بدليا ۽ اڳوڻا ڪاڳر ئي ڪونه مليا. سو هڪ سال پگهار کڻڻ کانپوءِ انهن ٻن پهلوانن جون نوڪريون به ويون.
    مون کي هڪ واقعو ياد آهي ته ميرپورخاص ۾ ملاکڙو هئو. انهيءَ ڏينهن گاما اسٽيڊيم ۾ اسلم پهلوان (ڀولو پهلوان جو ڀاءُ) ۽ ٻِيا سندن پَٺا به آيا هئا، سو دنگل جي شهرت لاءِ وڪٽوريا گاڏيون ڪري شهر ۾ گشت پئي ڪيائون.
    شير ۽ ٻيا پهلوان پڙ ۾ لٿا هئا، ڪي سندرا وٽي رهيا هئا ته ڪي اڃا پڙ جو سلام ڀري رهيا هئا. اسلم پهلوان جو ٻڌو ته هتي سنڌ جي پهلوانن جو دنگل آهي سو هنن جي دل هرکي پئي. اچي ڀر ۾ چيائون ته: "اسان به وڙهنداسين." شير تن ڏينهن ۾ طبيعت ۾ به ٺيڪ ڪونه هئو، سو يڪي خاصخيليءَ کي چيائين ته "وڃي سندرو ڏينس." شير، يڪي جا هٿ وجهرايا. يڪي ڇڪي پاڻ سان ملائي ٻئي ٻاهريون هنيائينس. مٿو مٿي تي اسلم ڪريو ته سهي پر ٻڏي ويو. اسلم جي سيڪريٽري سليم چوڌريءَ، انٽرنيشنل ريسلنگ وانگيان ڳڻڻ شروع ڪيو. شير اتي ويو، سليم کي چيائين: "ملهه جو ٻڏل آهي. هزار تائين ڳڻ، ڪونه اٿندو." انهيءَ تي سليم چيو، "پوءِ ڪيئن ڪريان."
    شير ٻه پٽيلا سڏيا جن اچي سندرو کولي ڪلهن وٽان ٻه زور ڏنائونس ته اسلم اٿي ويٺو.
    جڏهن 'جنگ' اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويس ته غوث علي شاهه وزيراعليٰ هئو، ان حيدرآباد ۾ ٻين راندين سان گڏ ملهه جو به انتظام ڪيو. مون کان جيڪي پڳو، جنهن تي شير مون کي نياپو ڪيو ته اهڙي موج ڪرائيندؤ ته ملهه سنڌ مان ختم نه ٿيندي."
    'جنگ' مان 'ڊان' وارا مونکي گهلي ويا. مون سوچيو ته، 'ڊان' جهڙي انٽرنيشنل پليٽ فارم تان گهڻو ڪجهه ڪري سگهبو. پر هڪ ڏينهن اطلاع آيو ته شير ميربحر ڏيهه ڇڏي ويو. مان دل ۾ سوچيو ته گهٽ ۾ گهٽ آخري سلام ضرور ڏيڻ گهرجي. لکيم: سادو هئو پر ڏاڍو دل لڀائيندڙ هئو. جيئن مان سنڌ جي گهڻن ئي ماڻهن کي ياد ڪندو آهيان، شير لاءِ منهنجو آخري سلام، گهڻين يادن کي تازو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئو.
    مرڻ قدرت جي هڪ سلسلي جي ڪڙي آهي. پر ڇا اسان گڻي ماڻهن لاءِ سندن زندگي ۾ ڪجهه نٿا ڪري سگهون؟ اسان کي مرده پرستي جي زمري مان نڪرڻ گهرجي. اهو شير؟ اهڙن مڻيادار ماڻهن جي لاءِ بهترين يادگيري آهي. هو هڪ سدا جرڪندڙ ستارو هئو.


    شير ميربحر، سنڌ جو شان هيو (يوسف شاهين)

    هينئڙو هيکلو، هٿئون وڃي هاڻ،
    الا ڪهڙيءَ ڪاڻ، مارن مون وساريو.
    (يوسف)
    منهنجي شير ميربحر، فخر سنڌ سان تڏهن پهرين ملاقات ٿي جڏهن آئون 1972ع ڌاري جناب شيخ عزيز سان ملڻ لاءِ روزانه عبرت جي آفيس، حيدرآباد ويس، رستم سنڌ، شيخ عزيز سان گڏ ويٺو هو۔ ڪنهن ديوتائي صورت وارو هڪ جانٺو جوان، ڪپڙن، بيهڪ ۽ هاٺيءَ ۾ ڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو، وڏيون اکيون، جي جيءَ ۾ جهاتي پائي سگهن. شيخ عزيز ملههَ جي فن کي اُجاگر ڪرڻ ۽ ان فن جي عظيم سرواڻ لاءِ ڪيئي مضمون لکيا. شير ميربحر، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي سڀني وڏن ملاکڙن ۾ حصو ورتو ۽ سڀني حريفن کي شڪست ڏني. سنڌ جو هي شان ۽ مان، پنهنجو مَٽ پاڻ هو، جيڪو سنڌ ۾ پيدا ٿيو وڏي مڃتا ماڻيائين ۽ تمام تڪڙو وساريو ويو. ڪنهن کي وسارڻ هاڻ اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ ته هاڻ اسان سنڌين کي هر شئي وسارڻ جي عادت پئجي ويئي آهي. اسان پنهنجا سڀ حق وساري ڇڏيا. اسان پنهنجا سمورا شهر وساري، ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيا. اسان پنهنجا اهي سنڌي هندو ڀائر به وساري ڇڏيا، جن کي سياسي ڀڃ ڊاهه ۽ دوکو ڏيندڙ نعريبازيءَ تحت، سنڌ مان ڌڪيليو ويو، جيڪي سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو هئا ۽ اسان وانگر سنڌ جا سچا سپوت، سنڌ جا وارث ۽ مالڪ هئا. 66 سال اڳ، اهو حادثو، ٿيو، اسان ڪڏهن به ڪنهن هڪ ڏينهن تي، انهن جي" وڇوڙي جو ڏينهن" نه ملهايو.
    اڄ اسان اهو به وساري چڪا آهيون ته، سنڌ جون اڌو اڌ زرعي زمينون، ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي يا انعام طور ڏنل آهن. اسان اهو به وساري ڇڏيو ته سنڌ سچ پچ ته اسانجي آهي. سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڌاريان روزگار سان لڳل آهن. جڏهن ته سنڌ جو ٽيون حصو آبادي فاقن ۾ ۽ اسانجا نوجوان دربدر آهن. اسان اهو به وساري چڪا آهيون ته سنڌ ۾ لڳل ڪارخانا ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار، مجموعي طور اسان جو هئڻ گهربو هو. مگر ايئن نه ٿيو. سنڌ جي ڪاروبار ۽ ڪارخانن جا گهڻي ڀاڱي مالڪ ڌاريان آهن. اسان اهو به وساري ڇڏيو ته اسين دنيا جي عظيم ترين قوم آهيون، جنهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عظيم تهذيب جو بنياد وڌو، جيڪي سائنس، ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، علم، جهاز سازي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جا اولين خالق آهن. اسان کان هوشو شيديءَ کانسواءِ، ٻيا سڀ اسانجا فوجي جرنيل وسري ويا آهن، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ خاطر قربان ٿي ويا. جن جون ڀڳل، ٽٽل ۽ لاوارث قبرون لاڙڪاڻي کان به اڳيان ۽ ٻي طرف بدين تائين پکڙيل آهن. جتي ڪوبه فاتحه لاءِ به نٿو وڃي. ڪنهن کي اها به خبر ناهي ته اهي ڪنهن جون قبرون آهن. اسان پنج سئو سالن تائين سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ شهيد مخدوم بلاول جي مناسب قبر به نه ٺاهي سگهياسين، جيڪو سنڌ لاءِ وڙهندي، گهاڻي ۾ جيئرو پيڙهجي ويو. اها دنيا جي اذيتناڪ ۽ وڏي ۾ وڏي سزا هئي. دشمنن نٿي چاهيو ته ڪو شخص مخدوم شهيد جي قبر تي اچي. ان ڪري، اُنهن اُهو هُلايو ته مخدوم صاحب شهيد ٿيڻ کان اڳ وصيعت ڪري ويو آهي ته سندس قبر تي ڪوبه مقبرو نه ٺاهيو وڃي. اها دشمنن جي سياسي چال هئي. دنيا ۾ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جا لاش ان ڪري گم ڪيا ويندا آهن ته جيئن انهن جون "قبرون" نجات يا انقلاب جو سبب بڻجي نه سگهن. اسان فخر سنڌ، شير ميربحر کي به وساري ڇڏيو، ان تي حيران ٿيڻ جي ضرورت ناهي. مون جناب مولائي ملاح جو، شير ميربحر بابت لکيل هڪ جامع مقالو ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو آهي. هن شير ميربحر کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ ڪيئي صلاحون ڏنيون آهن، انهن تي سنڌ جي ثقافت کاتي کي عمل ڪرڻ گهرجي. آئون هتي ٻڌائيندو هلان ته اڄ "رانديون" دنيا ۾ هڪ تمام وڏي انڊسٽريءَ جو درجو حاصل ڪري ويون آهن ، جنهن ۾ لکين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن، جن کي تمام وڏا وڏا پگهار ۽ اجورو ڏنو وڃي ٿو. دنيا ۾ هٿيارن تي لڳ ڀڳ ٻارانهن سئو ارب خرچ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته راندين جي عالمي سالياني بجيٽ ڏيڍ کرب ڊالرن کان به مٿي آهي. پاڪستاني روپئي ۾ اها رقم ڏيڍ سئو کرب رپيا ٿئي ٿي. يورپ ۽ امريڪا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين لاءِ دلچسپي رکندڙ شاگردن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي، جن مان هرهڪ شاگرد تي لڳ ڀڳ هڪ لک ڊالر يا هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو وڃي ٿو. اهي رانديگر اڳتي هلي اسڪول يا ڪاليج جو نه فقط نالو ڪمائين ٿا بلڪ انهن لاءِ "آمدنيءَ جو وسيلو" به بنجن ٿا. راندين مان بي حساب ڪمائي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ راندين جي ڪابه اهميت ناهي، جيڪي انساني ذهني ۽ جسماني نشونما جو اهم وسيلو آهن. سنڌ جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ان سلسلي ۾ ڪو اهم رول ادا ڪري سگهن ٿيون. ان کان علاوه، ڪي سرنديءَ وارا به راندين جا ميدان جوڙائي سگهن ٿا. يقين ڄاڻو ته سنڌ ۾، راندين جي بجيٽ، سنڌ حڪومت جي بجيٽ کان وڏي ٿي سگهي ٿي. اسانکي شڪايت آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۽ هاڪيءَ ۾ اسان سنڌين کي نٿو کنيو وڃي. ان ناانصافي ۽ زيادتيءَ جو ازالو اسان کي پاڻ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جا چونڊيل نمائندا سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي جو ان طرف ڌيان ڇڪائي سگهن ٿا. سڄي سنڌ ۾ رستم سنڌ شير ميربحر جي نالي وڏا راندين جا ميدان ٺهڻ گهرجن ۽ هن شخص جي نالي رانديگرن کي وڏا وڏا انعام ملڻ گهرجن. سنڌ جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن کي ان نيڪ ۽ قومي ڪم جي ابتدا ڪرڻ گهرجي.
    رات کُٽي هـيءَ روڄَ، جي ڀـلا! ڪـر ڀـــالَ،
    سُکيو ڏينهن نه سَنڀرون، سَهسين ٿيا سالَ،
    اُڀـري هـاڻ شـالَ، سَـڻائو سـڄُ سـنڌ تـي.
    (يوسف)


    شيرِسنڌ، شير ميربحر کي ياد ڪرڻ ضروري آهي (ڊاڪٽر ايوب شيخ)

    محراب پور ضلعي نوشهرو فيروز جي رهواسي ۽ ليکڪ مولائي ملاح سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ روزاني 'عوامي آواز' ڪراچي ۾ سندس لکڻين وسيلي ٿي آهي. هن مختلف وقتن تي مختلف شخصيتن تي پنهنجي نظر سان لکيو آهي. گهڻين شخصيتن جي باري ۾ سندس لکڻين مان اها ڳالهه ظاهر ٿي سگهي ٿي ته هو توڪل جو ترهو ساڻ ڪري لکي ٿو. ڪن عقيدي وارن ماڻهن کان ڊڄڻ يا نيازمندي يا عقيدت جي ڪري انهن جي تنقيدي پاسن کان پرهيز ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن مون کي اي ميل ڪيائين. سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان 'شير سنڌ' شير ميربحر تي سندس مضمون لکيل پڙهيم. مضمون ۾ الاهي يا کڻي چئجي ته اڪثر ڳالهيون، تفصيل، واقعا ۽ حوالا دلچسپ به هيا ته نوان به هيا. پر سندس سموري لکڻيءَ مان اها ڳالهه جهلڪي پئي ته هو سنڌ جي ان نامياري شخص کي جديد تازگين سان گڏ رکڻ چاهي ٿو. مولائي ذات جو ملاح ته شير به ذات جو ميربحر. يا ته کيس ذات ڇڪي آئي هئي يا کيس سنڌ جي ان مشهور پهلوان جي رڪارڊ کي اجاگر ڪرڻ ئي سندس خيال هجي؛ پر ٻنهي حالتن ۾ هن جي نيت به ٺيڪ هئي ۽ سندس محنت به بهترين.
    هڪ صبح شايد جون مهينو هجي، مونکي فون ڪيائين ته " ڊاڪٽر صاحب ، شير ميربحر تي ڪتاب پيو ڇپايان، ان تي لکي ڏيو" مون کيس عرض ڪيو ته "اسان کان خدا ڪارڻ پاڻ هليو ئي نه ٿو پڄي وري لکائين ٿو پهلوانن تي، اها طرح ۽ طرز بهتر ناهي. شير ميربحر جي ڪنهن مائٽ کي پڪڙ، انهن کان تفصيل پڇي پنهنجو مقصد پورو ڪر" وري چيائين ته "ڪجهه محنت ڪري، انٽرنيٽ جي مدد سان ان پهلوان تي ضرور لکو" مون کيس چيو ته "مونکي ڪجهه ڏينهن گلگت، چلاس، ناران ۽ ڪاغان ۽ پوءِ وري لاهور وڃڻو آهي، ڪي ڏينهن آرٽس ڪائونسل جا ڪم آهن، ڪجهه ڏينهن لڳندا، جي ترسي سگهين ته مهرباني." مونکي فون بند ڪرڻ کان اڳ تڪڙ ۾ چيائين "پندرنهن ڏينهن ڇڏيُم، ٻيَن پندرنهن ڏينهن ۾ لکي ڏجو" 25 جون 2014ع کان ڪهڙو ڏينهن آهي جڏهن مولائي فون نه ڪئي هجي، يا ايس ايم ايس تي يادگيرو نه ڏياريو هجي. هو مون کان لکائڻ لاءِ شير ميربحر وانگر وَرَ کنجي بيٺو هيو. جواب يا انڪار مون به نه پئي ڪيو. نيٺ هڪ ڏينهن شير ميربحر جي انٽرنيٽ تي ڳولا شروع ڪيم.
    انٽرنيٽ تي مون 'شير ميربحر' لکيو ته ڪجهه سائيٽس ۽ صفحن تي رڳو اهو تفصيل لکيل هيو ته سنڌ جي وڏو ملهه هيو. ڪجهه هنڌن تي 'شير سنڌ، شير ميربحر' لکڻ سان ان جي ساڳي تصوير ملي. مون جڏهن انگريزي لفظWrestler of Sindh لکيو ته انگريزي اخبار 'ڊان' ڪراچي ۾ هڪ ملهه پهلوان سمن شاهه جي گذاري وڃڻ جي خبر موجود هئي. 15 اپريل 2005 تي 15 ورهين کان ڊگهي بيماري ڪاٽڻ کانپوءِ هو گذاري ويو هيو. هن راڻيپور جي سالياني ميلي ۾ ٿيندڙ ملهه جي مقابلي جي پهرين رائونڊ ۾ شير ميربحر کي هارائي "شير سنڌ" جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هيو. مون جڏهن پاڪستان جا "مشهور ملهه" لکيو ته ان ۾ به شير ميربحر نه مليو. پر انڊيا مان لاهور لڏي آيل گاما پهلوان، ڀولو پهلوان، جهارا پهلوان ۽ زبير پهلوان جا نالا، تصويرون، تفصيل، مقابلا مليا. مون کي شين جي 'مالڪي' نه ڪرڻ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جو شدت سان احساس ٿيو. شرمساري ان کان الڳ ٿي هئي. مون کي حاجي منظور حسين عرف "ڀولو پهلوان" ۽ سندس ماڻيل اعزاز "رستم ِ زمان" جي باري ۾ الاهي تفصيل، لکڻيون ۽ تصويرون مليون پر "شير سنڌ" سنڌ جي باقي "شيرن" وانگر غائب هيو. سو هن دنيا ۾ ملهه، پهلواني ۽ ريسلنگ وغيره جي باري ۾ جيڪي ڪجهه انٽرنيٽ تي موجود آهي ، ان ۾ سڀ ڪجهه آهي پر شير ميربحر موجود ڪونهي.
    سنڌ جي ان ملهه پهلوان جي باري ۾ انٽرنيٽ تي اوندهه ڏسي، سنڌين پاران مالڪي نه ڏسي ڪيئي خيال ۽ احساس آيا، ڄڻ ته مرحوم شير ميربحر هن دنيا ۾ ڄمڻ سان ئي يتيم ٿي ويو هجي، آيو به اڪيلو، نپنو، وڏو ٿيو، مقابلا ڪيائين، پر هيو اڪيلو. جنهن جو ڪوبه واهرو نه هجي، ڪو به مٽ مائٽ نه هجي. ڪنهن کي به اها اون، ڳڻتي ۽ انتظار نه هيو ته ڪا محنت ڪري پنهنجي شاندار خزاني جي باري ۾ سنڌ جي عوام کي ڪجهه ٻڌائي. ان ڪري موري شهر جي مسٽر عظيم سنڌي توڙي محراب پور جي مولائي ملاح سميت انهن سمورن ماڻهن جو فرض آهي ته اهي سنڌ جي هن شاندار ملهه پهلوان شير ميربحر جي باري ۾ جيڪي به قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، جيڪي به يادون ۽ ملاقاتون آهن، رهاڻيون آهن اهي سڀ گڏ ڪيون وڃن. هڪ دفعو شير ميربحر جي مالڪي ٿي ويندي ته ڪم سڻائو ٿي ويندو. ان لاءِ وڏي علم جي نه پر نيت توڙي محنت جي گهرج آهي.

    شير ميربحر ڇا سوچيو هوندو:
    جيئن ته شير ميربحر جو لاڳاپو نوشهري فيروز ضلعي سان هيو، هن کي ڪابه تعليم مليل ڪانه هئي، پر اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته هن ۾ ڪانه ڪا اهڙي مڻيا هئي جنهن هن کي تعليم نه هوندي به ڪجهه ڪرڻ تي همٿايو هوندو. هن ۾ مڙس ماڻهو ٿيڻ جا، وڏي نالي ڪمائڻ واري شخصيت جا ڪيئي گڻ هوندا جن کي هو سماجي اڻبرابري جي ڪري اڳتي آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو ان ڪري هن پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي سوچ ڌاري وٽس جيڪي سڀ کان وڏا وسيلا هيا انهن کي ڪتب آندو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته رڳو جسم ۾ جانٺو نه هيو، رڳو وٽس ٻئي کي ڪرتب سان ڪيرائڻ ۽ هارائڻ جي مهارت ئي نه هئي پر هن هڪ اهم ترين سبق جي صورت ۾ اسان آڏو هڪ ڳالهه آندي آهي ته محروميون، بي وسي، مشڪلاتون ۽ ڏک هن دنيا جون برابر وڏي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن پر جي ماڻهو سندرو ٻڌي ته "ٻيلو ٻه وکون" وانگر اهي سڀ شيون ۽ مسئلا عارضي آهن. جنهن سبق جي مون ڳالهه ڪئي آهي اهو پڻ اهو آهي ته هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. ان "ڪجهه ڪرڻ" وسيلي دنيا جا ڪيئي ملڪ اڳتي وڌي ويا آهن ۽ انهن ۾ هزارين فرد اهڙا آهن جن پنهنجي ذات ۾ موجود ڏات سان ڏيهان ڏيهه مشهوري ۽ هاڪ ڪمائي آهي.

    سنڌ جو رڪارڊ ۽ تاريخ جو ڪٻاڙخانو:
    شير سنڌ تي لکندي مونکي دنيا جي مختلف روايتي پهلوانن، ملهه جي تاريخ سميت ڪيئي ڳالهيون مليون. مون کي جي نه مليو ته شير ميربحر جو تفصيل نه مليو. اهو ان ڪري به آهي ته تاريخي ۽ روايتي طور اسان پنهنجا رڪارڊ نه ٿا ٺاهيون ۽ موجود رڪارڊ ڪنهن نه ڪنهن ڪٻاڙي جي ور چڙهي وڃن ٿا جيڪي وري انهن تاريخن کي تور جي اگهه تي وڪرو ڪري اسان کان وٺي وڃن ٿا. ڪٻاڙ جي ڪارخانن ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي املهه هيرا، شاندار ڪاميابيون ڪندڙ ڪيئي جواهر ڪٻاڙخانن جي گدامن ۾ ختم ٿي وڃن ٿا. اسان کي هاڻي ان جي پرهيز ڪرڻي پوندي. اوهان غور ڪريو ته مرحوم قاضي فضل الله جيڪو اصل نوشهروفيروز جو هيو ۽ پوءِ اچي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ۽ سياست ڪيائين، اهو جڏهن پاڪستان جي بچاءَ جو وزير هيو ته سندس تصوير انٽرنيٽ تي پيل آهي جنهن ۾ "ڀولو پهلوان" هن کان انعام وصول ڪري رهيو آهي. ان ناياب تصوير جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر نوشهري جو قاضي صاحب ۽ نوشهري جو شير ميربحر انٽرنيٽ تي ڪٿي به ناهن. مون نيٽ تي شير ميربحر جون رڳو ٻه تصويرون ڦٽل حالت ۾ ڏٺيون آهن، جڏهن ته سندس همعصر ملهه پهلوانن جون تصويرون ته شير جي تصويرن کان به ويل حالت ۾ آهن.

    پهلواني جي تاريخ:
    چون ٿا ته دنيا ۾ پهلواني جي تاريخ هڪ پرولي يا ڳجهارت وانگر مُنجهيل آهي ۽ اڃا تائين ان باري ۾ ڪا هڪ راءِ جُڙي نه سگهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اها حاڪمن جي انهن درٻارين جي تخيل ٿيل راند آهي جنهن ۾ حاڪم جي آڏو ٻن غلامن يا غلامن جي ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ وڙهڻ جي راند آهي. درٻارين جو خيال هيو ته جيڪو به مرندو يا ڪرندو اهو پڻ غلام هوندو. جي پاڻ ۾ وڙهڻ وقت حاڪم کي لطف اچي ويو ته انسانن جي پاڻ ۾ اهڙي ويڙهه جو نالو ڏنو ويو پهلواني. ان طاقت جي آڌار تي "روايتي پهلواني" جا پهريان آثار انساني جسمن جي قرباني جي صورت ۾ پڻ ملن ٿا ۽ اسان کي 19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ وري "دوبدو ويڙهه" (Duel) جي نالي سان هڪ خوني ويڙهه ملي ٿي جنهن ۾ ٻنهي پهلوانن جي هٿن ۾ تلوارون يا هٿيار هوندا هيا ۽ هڪڙي کي هر حال ۾ مرڻو ۽ ٻئي کي کٽڻو هوندو هيو. جيتوڻيڪ دوبدو ان ويڙهه ياDuel ۾ هڪ پهلوان جو موت امر هوندو هيو پر ان جي رومانس ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهو چوندي نه ٿا ڪيٻائين ته نسلن جا نسل تباهه ٿيڻ کان ٻه پهلوان وڙهي باقي قسمت جو فيصلو ڪن. ان مقابلي ۾ ٻيا وڏا نقصان ته ٿيا هوندا پر روس جي جديد ادب جي هڪ باني ۽ نامياري شاعر "اليگزينڊر پشڪن" جو موت به 37 ورهين ۾ ان مقابلي ۾ ٿيو هيو. پشڪن 29 ڀيرا مقابلا کٽيا هيا پر آخري مقابلي ۾ هن "جارج انٿينس" کان هارايو ۽ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ گذاري ويو هيو.
    پر دوبدو مقابلا ته 15هين صديءَ ۾ شروع ٿيا هيا، اهي اول وڏين تلوارن، پوءِ ننڍين تلوارن ۽ آخر ۾ پسٽولن سان وڙهيا ويا. ڪيئي اهم ماڻهو ان ۾ مارجي ويا. پهلواني جنهن ۾ هٿيار ڪونهي، رڳو طاقت کي ڪرتب سان ڪتب آڻڻ جو نالو آهي. ان ۾ ماڻهو مري نه ٿو پر مقابلو ڪري ٿو. انهن مقابلن ۾ ٻيئي رانديگر جيئرا رهن ٿا پر هڪ جي نالي اعزاز هجي ٿو ۽ ٻيو وري ڪنڌ هيٺ ڪري گهر روانو ٿئي ٿو ۽ نئين مقابلي ۽ نين ترڪيبن ۽ ڪرتبن سان وري ميدان تي اچي ٿو.

    پهلواني يا Wrestlingکان اڳ جي تاريخ:
    20هين صديءَ جي اڳياڙي ۾ جديد ملهه يا پهلواني رومي-يوناني پهلواني مان اسري اڳتي آئي. تاريخ جي هندوري ۾ پهلواني جون جيڪي شاهديون ملن ٿيون اهي به حيرت ۾ وجهندڙ آهن.


    پٿر جو نئون دور ۽ پهلواني:
    ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ پٿر جو نئون دور حضرت عيسيٰ کان ساڍا نو هزار سال اڳ ( قبل مسيح يا ق م) شروع ٿيو. ان کي پٿر جو نئون دور ان ڪري چئجي ٿو ڇوته ان ۾ انسان آهستي آهستي سڌو هلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ڳوٺ وسڻ ۽ آباد ٿيڻ شروع ٿيا هيا، جانورن کي گهرن ۾ پالڻ جو رواج پيو هيو. ان دور ۾ انسان پٿر جي اوزارن ۽ هٿيارن جي مدد سان زندگي گذارڻ شروع ڪئي هئي.
    • 7000 (ق م) ۾ پٿر جي نئين دور ۾ منگوليا جي شهر "بيان خونگر" جي غارن جي ڀتين تي اُڪريل تصويرون ۽ چتر مليا آهن جنهن ۾ ٻه اگهاڙا ماڻهو ملهه وڙهي رهيا آهن ۽ چوڌاري ماڻهن جو ميڙ انهن کي ڏسي رهيو آهي.
    • 3000 (ق م) ۾ ويجهي اوڀر ۾ پٽي سان پهلواني Belt Wrestling جون تصويرون مليون آهن جنهن۾ رانديگرن جا ٽي جوڙا پاڻ ۾ ملهه وڙهي رهيا آهن.
    • 2600 (ق م) ۾ عراقي شهر خافيل جي قومي ميوزم ۾ پتل جا اهي مجسما پيا آهن جنهن ۾ ملهه جون سڀ کان پراڻيون تصويرون موجود آهن.
    • 2400 (ق م) ۾ مصر جي فرعونن نالي "خوميٽوپ" ۽ "نيان خونم" جون مرده خاني ۾ مميون پيل آهن جن جي چوڌاري پهلوان عملي طور ملهه ۾ رڌل ڏيکاريا ويا آهن.
    • 2000 کان 1085 (ق م) ۾ مصر جي نئين بادشاهت ۾ نيل دريا جي ڪناري آباد "نوبيه قبيلن" ۽ مصري ماڻهن جون پٿر تي اڪريل تصويرون موجود آهن جيڪي "آزاد طريقي جي پهلواني" Free Style Wrestling کي ظاهر ڪن ٿيون
    • يوناني ۽ سنسڪرت جي زمانن ۾ اکرن وسيلي تصويرون ٺاهي پهلواني بابت شاهديون مليون آهن.
    • مهاڀارت ۾ ٻن پهلوانن "ڀيما" ۽ "جراسانڌا" جو ذڪر ملي ٿو
    • چين جي ڦڪي شهنشاهه Yellow Emperor پاران سندس باغي ۽ مخالف "چيهه يو" خلاف پهلواني جو طريقو "شعائي جيائو" باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي. ان کان اڳ ان کي "جيائو تي" ڪوٺيو ويندو هيو جنهن جو مطلب آهي "سڱن سان مارڻ"
    • يونان جي ملهه اصل ۾ بهترين مثال طور پيش ڪري سگهي ٿي. ان ۾ ان پهلوان کي سرسي ملندي آهي جيڪو مخالف پهلوان جي پُٺيءَ کي هٿ لاهي واپس آکاڙي ۾ اچي ۽ پنهنجي مخالف کي آکاڙي مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي. جنهن ٽي ڀيرا مخالف کي دسيو ان کي کٽندڙ ٺهرايو ويندو هيو.
    • 704 (ق م) ۾ 18هين عالمي راندين ۾ ملهه کي راند جو درجو ڏنو ويو. يونان ۾ مختلف شين تي، مجسمن، سڪن ۽ ٿانون تي پهلوانن ۽ پهلواني جون تصويرون ٺهڻ لڳيون. يونان جي ادب ۾ يونانين جي سوڀ ۽ Troy ٽرواءِ جي شڪست تي لکيل "اوڊيسي" Odyssey ۽ Lliad جهڙن شهپارن ۾ پڻ پهلواني جو ذڪر ملي ٿو.
    • 510 (ق م) ۾ يونانين کي رومين هٿان مليل شڪست کان وٺي عيسوي سن 500ع تائين قائم رومي سلطنت ۾ يوناني واري پهلواني رومي پهلواني ۾ جذب ٿي ويئي.
    • اٺين صديءَ ۾ بازنطيني شهنشاهه باسل پهرئين بلغاريا جي پهلوان کي شڪست ڏني هئي.
    • هندستان ۾ مغل بادشاهن پهلواني کي آکاڙن جي ملهه ۽ ان کانپوءِ "ڪُشتي" ڪوٺڻ شروع ڪيو هيو. انهن آکاڙن ۾ ملهه مٽيءَ جي ميدانن تي رڳو اوگهڙ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو پائيندا هيا.

    جديد ملهه يا Wrestling:
    انگلستان ۾ روايتي ملهه ۾ مخالف رانديگر کي پڪڙڻ ۽ زير ڪرڻ جي ڳالهه شامل هئي. اسڪاٽلينڊ ۾ ان طريقي ۾ ڪجهه تبديلون آيون. آئرش پهلوانن "ڪنڌ ۽ ٺونٺ" مروڙڻ جو طريقو ايجاد ڪري اهو لاڳو ڪيو. جنهن کي آميريڪا پڻ ڪتب آندو. 19هين صديءَ ۾ ملهه روايتي پهلواني مان سفر ڪندي جديد طريقن ۾ ٻن طريقن "آزاد طريقو"Free Style ۽ يوناني-رومي طريقو رائج ڪيو ويو.

    پهلواني جو سونهري دور (1890ع کان 1914ع):
    يورپ ۾ يوناني رومي پهلواني پنهنجا قدم ڄمائڻ شروع ڪيا هيا. 19هين صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ جمنازيم ۽ راندين جا ڪلب ٺهڻ شروع ٿي ويا ته ان راند کي پڻ وڏو موقعو مليو ۽ اهي انگلستان ۽ آميرڪا جون وڏيون رانديون بڻجي ويون.
    جڏهن جديد دور ۾ 1896ع ۾ يونان جي گادي "اٿينس" ۾ اولمپڪس رانديون" نئين سر شروع ٿيون ته ملهه ان جو حصو هئي پر چئن ورهين کانپوءِ 1900ع ۾ ان کي شامل نه ڪيو ويو. 1904ع ۾ آميريڪي شهر سينٽ لوئي ۾ ٿيل عالمي راندين ۾ وري ان کي شامل ڪيو ويو. هڪ صدي پوءِ عورتن جي پهلواني جا مقابلا عالمي راندين ۾ 2004ع ۾ شروع ٿيا. پر پهرين مهاڀاري لڙائي 1914ع کان 1919ع تائين ملهه ۽ پهلواني تي راتاهو هڻي ڇڏيو هيو.
    1921ع کان "پهلواني طريقن جي عالمي فيڊريشن"International Federation of Associated Wrestling Styles ( FILA) کي عالمي راند جو حصو ٺهرايو ۽ 1927ع ۾ ان جا قاعدا ٺهيا اهي رائج ڪيا. ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ ان راند ۾ پڻ ڪجهه خلل پيو پر آميريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پهلواني جي اها راند گهڻو اڳتي نڪري چڪي هئي ۽ اها جنگين سان بيهڻ واري نه هئي.

    آخري ڳالهه:
    اچو ته سنڌ ۾ روايتي توڙي جديد راندين جي رائج ڪرڻ لاءِ ٻيهر پيڙهه جو پٿر رکئون. اهي رانديون نه هونديون ته هٿيار هوندا، جهالتون هونديون، موت ۽ قتلام هوندا. جي بنا هٿيارن ۽ بنا پئسن جي سنڌ ۾ رانديون رائج ٿي وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به ان جو رواج پئي ۽ سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن آکاڙي تي، ڪنهن راندين جي ڪلب تي "شير سنڌ، شير ميربحر" جو نالو به لکيو وڃي ته اسان لک کٽياسي.


    شير ميربحر: سنڌي ثقافت جو هڪ اهم اُهڃاڻ (انعام شيخ)

    سنڌ دُنيا جو اهو خوشنصيب خطو آهي، جيڪو پنهنجي مخصوص ۽ موزون ارضياتي بيهڪ، آبهوا ۽ سياسي، سماجي ۽ شاندار ثقافتي روايتن جي ڪري دُنيا جي نامور مورخن، سياحن، جنگجوئن ۽ فاتحن جي لاءِ اُتساهه ۽ ڪشش جو سبب رهيوآهي. اهو هڪ الڳ الميو آهي ته سڪندر مڪدونيءَ کان محمد بن قاسم عربي، هلاڪو چنگيز خان، مدد خان پٺاڻ، ارغون ۽ تُرخان سفاڪن پنهنجي ظلمن سان هتي جي رهواسين تي جيڪي ويل وهايا، اُن تي تاريخ جو دامن اڄ به تار تار آهي. فاتح، مفتوح علائقن کي هميشه پنهنجي جاگير سمجهي لُٽيندا ۽ ڦريندا رهن ٿا ۽ اُنهن جي وسيلن تي پنهنجو حق دائمي ۽ قدرتي سمجهن ٿا، تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن بغدادي بددماغ، ارغوني يا ترخاني سفاڪ يا ڪابلي جنگجوءَ سنڌ ۾ انساني ڪوس ڪري پنهنجي تلوار جي ضرب سان هتي فتحون ماڻيون ۽ اُنهن جا وڏا جشن ملهايا ۽ سنڌين کي نيچ، ڪمزور يا ڪوڙيو سڏيو ته تاريخ جي لکندڙن وري سنڌ جي ماڻهن جي صبر، سهل پسندي، امن پرستي جا وڏا ڍُڪ ڀريا ۽ انهن کي تاريخ ۽ تهذيبن جو معمار ڪوٺيو آهي، جيڪو يقينن هن پر امن قوم جي شاندار تهذيبي سڀاءَ جي سوڀ آهي.
    آمريڪا جي هڪ خاتون مصنفه تازو، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي "Dancing Shadows"جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هُن ڪمال جا دليل ڏيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي تاريخ جا اڏيندڙ آهن ۽ دُنيا جي تقريبن سمورن تهذيبن جي ترقي جو مدار سنڌو سڀيتا جي تهذيب رهي آهي. خاتون مصنفه 1300 قبل مسيح ڌاري موئن جي دڙي جي پرامن ماڻهن جو هتان نڪرڻ جو بيان ٻُڌائيندي لکيو آهي ته گهرو لڙائيءَ جي ڪري هتان جا ماڻهو سنڌو ماٿري مان نڪري اناطوليا يا لڊيا (تُرڪي) پهتا ۽ اُتان اولهه روم (Etruscan) پُهتا، جتي هُنن سنڌو ثقافت جو بُنياد رکيو، رستن جي تعمير ڪئي، نيڪال جو نظام قائم ڪيو ۽ ونگن واري فن کي متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح اهي ڀٽڪي نڪتل ماڻهو بعد ۾ آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ کان ٿيندا اوڀر يورپ تائين پکڙجي ويا ۽ اُتي هُنن رانگ رنگ ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪيون ۽ سڄي دُنيا تي پنهنجو ثقافتي رنگ نڇاور ڪرڻ جي ابتدا ڪئي.
    اهو رڳو مثال طور ڪنهن هڪ مورخ يا ليکڪ جي بيان جو خلاصو ڏنو ويو آهي، پر جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورائي ڏسنداسين ته ڪيترن تاريخدانن پاران اهڙا سوين هزارين بلڪه لکين مثال ڏنا ويا آهن، جن ۾ سنڌ کي تهذيبي ۽ ثقافتي طور شاهوڪار ديس قرار ڏنو ويو آهي ۽ جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت، اُتان جي ماڻهن، ذاتين پاتين، ادب، فن تعمير، رهڻي ڪهڻي، رانگ رنگ، سماجي روايتن، مُعاشي لڳ لاڳاپن، وڻج واپار ۽ راند ين روندين جا تذڪرا ڪيا ويا آهن، ظاهر آهي ته دُنيا انهن مان متاثر ٿي آهي ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي تذڪرن هيٺ آڻي بحثن جو موضوع بڻايو، پنهنجي روايتن ۽ سماجي قدرن سان اُنهن جي ڀيٽ ڪئي ۽ اُن کي هاڪاري نظر سان ڏٺو ، تنهنڪري اُن تعريف کي سکڻو يا اجايو نه سمجهيو وڃي، اهو سنڌ ۽ اُن جي رهواسين لاءِ ميراث مثل آهي، اُها تعريف نه ڪنهن جي پرچي يا وڏيري ۽ ڀوتار جي سياسي سفارش تي نه ڪئي وئي آهي، اُهو سنگ ميل عبور ٿيو آهي ته فقط ئي فقط سنڌ جي هيروز جي ڪاوشن سبب عبور ٿيو آهي، جن بي رعايا، بنا لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پنهنجي بي پناهه ۽ خداد صلاحيتن جي بدولت وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ سڀيتا جو شان ۽ مان اوچو رکيو، تنهنڪري اهو سموروCredit سنڌ جي قومي هيروز ڏانهن وڃي ٿو. پر وڏي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اڄ، سنڌ جي اُن بين القوامي سطح تي جُڙيل شاندار ثقافتي ۽ تهذيبي عمارت ۽ تعارف کي تهس نهس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر اسين بيوس ۽ لاچار بڻيل آهيون، اسان دُنيا کي اهو ٻُڌائڻ ۽ اپيل ڪرڻ کان به لاچار آهيون ته اسان جي قومي ۽ ثقافتي ورثي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.سرڪاري توڙي خانگي سطح تي قائم ادارا، انجمون ۽ ائسوسيئشنز تماشو ڏسي رهيون آهن ۽ رڳو "مال ميڙڻ" جي مرض سڄي سماج کي لُولو لنگڙو ڪري ڇڏيو. قومي ٻڌي، ايڪي ۽ مُخلصيءَ جي هينئر اُها حالت آهي جو ماضي ۾ فردن پاران سرانجام ڏنل ڪم کي بچائڻ لاءِ قائم ڪيل ادارا به بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن يا بڻايا ويا آهن.
    مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته دُنيا اڳيان، سنڌ جو شاندار ثقافتي تعارف جوڙڻ لاءِ سنڌ جي قومي هيروز جو وڏو ڪردار آهي. اُنهن جو ذڪر يا درجه بندي ڪندي، ڪنهن ڪُنڊ، موڙ، يا پئراگيراف ۾ شير ميربحر جو ذڪر به ضرور ٿيڻو آهي، جنهن پنهنجي قدرتي صلاحيتن جي بدولت پنهنجي شعبي ۾ سنڌ جو نالو روشن رکيو، نه رُڳو سنڌ جو نالو روشن رکيو پر جهڙوڪر پنهنجي حصي ۾ آيل قومي قرض به چُڪائي ڇڏيو. شير ميربحر جنهن شعبي سان لاڳاپيل رهيو اُهو شعبو سالها سالن کان پذيرائي لاءِ واجهائي رهيو آهي پر سرڪاري سطح تي مختلف کاتن ۾ ڪروڙين رُپيا بجيٽ هوندي به اُن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪو ٻوٽو نه ٻاريوويو آهي، ڏيهي قومي سطح تي ملهه جا مقابلا، فيسٽيولز منعقد ڪيا وڃن ٿا نه ئي پرڏيهي سطح تي هن راند کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن، جنهن ڪري ملهه جي راند جي واڌ ويجهه ۽ اُن کي هٿي وٺرائڻ جو واحد وسيلو رُڳو خانگي سطح تي ٿيندڙ ميلا، ملاکڙا بچيا آهن، جيڪي به تقريبن ساليانن بُنيادن تي منعقد ڪيا وڃن ٿا، سرڪار جي اُنهن کي ڪا به پُٺڀرائي حاصل نه آهي، ڪنهن ملاکڙي ۾ ڪو سرڪاري ڪامورو آيو ۽ پهلوانن ۾ ٻه رُپيا گهور جا ورهائي ويو ته واهه نه ته مُڙئي خير، نتيجي طور ملهه جي راند عالمي سطح تي ناماچاري حاصل نه ڪري سگهي آهي، جنهن جو پڻ سنڌ جي ثقافت کي وڏو نقصان رسي رهيو آهي، ورنه دُنيا جي پهلوانن ۾ زور آزمائي جا هينئر جيڪي مقابلا ٿي رهيا آهن، اسان اوهان اُهي ملهه جي راند وسيلي ٿيندي ڏسي سگهون ها ۽ دُنيا هن شعبي ۾ سنڌ جا ڳُڻ ڳائي ويهي ها، تنهن هوندي به شير مير بحر جهڙن پهلوانن ۾ ملهه جي راند کي مقبول بڻائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. پنهنجي هڙون وڙون به ڏئي ملهه جي راند جي دلچسپي برقرار رکي اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ به عوامي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ تماشبين جي صورت ۾ ماڻهن جا انبوهه ڏسون ٿا، جيڪي نه رُڳو پنهنجي پهلوانن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا بلڪه هن تنگ دستي جي دور ۾ ڪامياب پهلوانن کي انعام اڪرام به ڏين ٿا، جيڪو يقينن قدرداني جو وڏو مثال آهي.
    شيرميربحر ساهتي پرھڻي ۾ درياءَ شاهه جي ڀِڪَ تي قائم ڳوٺ موسي ديري ۾ هڪ آفيسر جي گهر پيدا ٿيو پر طبعيت ۾ فقيريءَ وارو عنصر شامل هئس. نامياري اديب غلام رباني آگري جي هم ڪلاسي هن سُهڻي ٻار چار درجا سنڌي پرائمري پڙهڻ کان پوءِ رواتي تعليم ته ڇڏي ڏني، پر پهلوانيءَ جي فن ۾ سندس دلچسپي تر جيتري به گهٽ نٿي.ڪچڙي جواني کان ئي ملهه جي راند ۾ دلچپسي ورتي ۽ ملاکڙن ۾ زورآزمائي جو سلسلو شروع ڪيو ۽ پنهنجي حياتي جي آخري ايامن يعني پنهنجي وصال واري سال 1985ع تائين تادم اُن ورونهه سان واڳاپيل رهيو. هن ملاکڙي جي فن کي ٻهراڙيءَ جي لڪل ڪُنڊن مان ڪڍي شهر جي روشن اسٽيڊيمن تائين پهچايو ۽ ان دوران هُن سنڌ کان وٺي ملڪي سطح تي منعقد ٿيندڙ ملاکڙن ۾ بحرو ورتو ۽ پنهنجي ڪرشماتي پهلوانيءَ ۾ نون داون پيچن ۽ هنرن جو اضافو ڪري پهلوانيءَ جي فن جا نوان نڪور جا جلوا ڏيکاريا. خاص طور قلندر لال شهباز، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، بلڙي شاهه ڪريم، گاجي شاهه گنج بخش، بهليل شاهه بُخاري ۽ سمن سرڪار جي ملاکڙن ۾ خوب بهرو ورتو ۽ پنهنجي جوڙ ۽ دور جي مشهور پهلوانن انب شيدي، هوشو شيدي، هينڊل مڪراني، قلب علي جتوئي، مٽر شيدي، مُلان شيدي، بکر شيدي ۽ ٻين سان وارو وار مقابلا ڪيا ۽ ڏسندڙن اڳيان حيران ڪُن ڪرتب ڏيکاريا، سندس مشهوريءَ جو هڪ مثال اهو به آهي ته مڃتا طور پنهنجي دور جي وزيراعظم مسٽر ذوالفقار علي ڀُٽي کيس 1974ع ۾، ملهه جي راند جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو. مان سمجهان ٿو ته اهو سندس پهلوانيءَ جي قدردانيءَ جو سرڪاري سطح تي اڪيلو مثال آهي. ڇاڪاڻ جو جنرل ضياءَ اچڻ شرط نه رڳو سندس سرڪاري وظيفو بند ڪيو پر سندس عهدو به ختم ڪري کيس مختلف مرضن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    هڪ پهلوان کان سوا شير ميربحر هڪ انتهائي نيڪ سيرت انسان، دوستن جو دوست، با اخلاق ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي شخص به هئو. ساڻس هروقت دوستن ۽ درويشن جو سٿ رهندو هئو ۽ کيس جيڪا به آمدني ٿيندي هئي سان دوستن ۽ ضرورتمندن تي خرچ ڪندي ڀڳت ڪنور رام وانگر خوش پيو ٿيندو هئو. هن کي پنهنجي وطن ۽ ان جي چرند پرند سان به وڏو پيار هوندو هئو، انهيءَ ڪري ملهه جي فن کي به هن سنڌ لاءِ عزت ۽ امتياز جو سبب بنايو.
    شير مير بحر جهڙن پهلوانن کي ڀيٽا طور ٻه اکر يا ڪو مضمون لکڻ ڪافي نه آهي، اُنهن سان وفاداري يا قدرداني تڏهن ٿيندي جڏهن اسان سندن ڇڏيل فن کي تڪميل تي پُچائڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺون يا اهڙا ادارا، انجمنون ٺاهيون جيڪي ملهه جي راند سميت سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ يا انهن کي پذيرائي وٺڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. مان سمجهان ٿو ته ادارن کي ڇڏي ڪري شخصي طور به اهو فريضو سرانجام ڏئي سگهجي ٿو، پر ڳالهه نيت جي سچائي ۽ مخلصي جي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ذات ۾ سچائي سان سنڌ جي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن ٽڪي پئسي جي ڪوشش ڪنداسين، مان سمجهان ٿو ته اهو ئي شير ميربحر جهڙن ڪردارن سان وفا ۽ سچائي جو ثبوت ٿيندو ۽ سندن روحن سان انصاف ٿي سگهندو باقي سنڌ سرڪار يا اُن جي ادارن کان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، اهي ادارا ۽ کاتا رُڳو سرڪاري عملدارن جي ڀڀ ڀرڻ لاءِ جهڙوڪر قائم ٿيل آهن، جن جو سنڌ جي ثقافت يا تهذيبي ورثي کي بچائڻ لاءِ، ڄڻ ڪو واسطو ئي نه آهي.


    اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن! (مدد علي سنڌي)

    ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، اسان جو دوست محترم مولائي ملاح، سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان، شير ميربحر بابت لکڻ لاءِ زور ڀريندو پيو اچي. عجب ڳالهه آهي، جو هن دوست جي فرمائش جي بجاآوري ڪرڻ ۾ مون کي گهڻي دير ٿي ويئي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. ذاتي مصروفيتون آهن ۽ ڪجهه قدر مُوڊ جي به ڳالهه آهي. ڪجهه وقت کان طبيعت تي ڊپريشن طاري رهي. ۽ ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ لکڻ ۾ به قدري وقت لڳي ويو. بهرحال، جيڪي ڪجهه ذهن ۾ آيو. اهو پڙهندڙ ن جي خدمت ۾ پيش آهي.
    شير ميربحر سان منهنجي ملاقات 1980ع ۾ ٿي هئي. ان وقت آئون روزاني 'سنڌ نيوز حيدرآباد' جو ايڊيٽر هوندو هوس. سنڌ نيوز جي آفيس گاڏي کاتي ۾، ٽانگا اسٽينڊ/ڪوهنور سئنيما وٽ هوندي هئي. (هاڻ ته نه اهو ٽانگا اسٽينڊ رهيو، نه وري ڪوهنور سئنيما). ان وقت فقط ٻه چار سنڌي اخبارون عبرت، آفتاب، مهراڻ، سنڌ نيوز، حيدرآباد مان ۽ باقي هلال پاڪستان ڪراچي مان نڪرندي هئي. ملڪ تي ضياءَالحق جي مارشل لا ۽ اخبارن مٿان سخت سينسرشپ لاڳو هوندو هو. اخبار جا اندريان صفحا ڏينهن جو 5 وڳي تائين، ۽ رات جو وري اخبار جو پهريون ۽ آخري صفحو وڃي ڪمشنر آفيس وارن جي بلڊنگ مان سينسر ڪرائڻا پوندا هئا. تڏهن اخبارون به هينڊ ڪمپوزنگ تي ڪمپوزنگ ٿينديون هيون. وڏو محنت طلب ڪم هوندو هو. مارشل لا وارن جو آرڊر هوندو هو جيڪا خبر سينسر ٿئي، ان جي جاءِ تي ڪا ٻي خبر هڻن پر خالي جاءِ هرگز نه ڇڏيو. ويندي ايڊيٽوريل کي به سختي سان سينسر ڪيو ويندو هو. سنڀالي سنڀالي لفظ لکڻا پوندا هئا. صبح جي شفٽ ۾ 20 کن ڪمپازيٽر ۽ وري رات جي شفٽ ۾ به ايترائي ڪمپازيٽر ٻه ٻه فورمئن. مطلب ته هڪ وڏو جهان هوندو هو. سنڌ نيوز جو فورمين، مرحوم استاد گل بلوچ نالي هڪ شخص هوندو هو. شڪل مان ته ڪمپازيٽر بنهه نه لڳندو هو. پينٽ ۽ شرٽ ۾، ڪارين مڇن وارو قدآور شخص هر ماڻهو سندس شخصيت ڏسي سمجهي نه سگهندو هو، ته ڪو هي همراهه فورمين آهي. يعني ڪمپوزنگ جو شعبو سنڀاليندڙ ۽ تجربيڪار اصل ڪنهن وقت روزاني عبرت جو فورمين هوندو هو، پر جڏهن قاضي محمد اڪبر پنهنجي پٽ قاضي سليم سان گڏجي 1976ع ۾ سنڌ نيوز ڪڍي، ته استاد گل بلوچ به شيخ عزيز سان گڏ سنڌ نيوز ۾ هليو ويو هو. شيخ عزيز وانگر، استاد گل کي به ملهه راند سان ڏاڍي دل هوندي هئي.
    سال 1980ع ۾ شيخ عزيز، سنڌ نيوز کان موڪلائي ڪراچي هليو ويو ۽ مون وڃي سنڌ نيوز کي سنڀاليو. مون لاءِ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ منهنجي دل گهريي دوست عبدالقادر جوڻيجي، سنڌ نيوز جي چيف ايڊيٽر قاضي اسلم اڪبر کي چيو هو ته، "مدد علي، اوهانجي اخبار سنڀالي سگهي ٿو." سو خير سنڌ نيوز وسائي ويٺاسين، آفيس ۾ استاد گل پهرئين ڏينهن اچي مون کي چيو، "سائين، آئون شيخ عزيز وٽ هتي هن ڪرسي تي ويهندو هوس!"
    مون کلي کيس چيو، "استاد، اوهين هتي ويهي سگهو ٿا. اوهانجي ڪرسي منهنجي آفيس ۾ قائم رهندي!"
    هڪ ڏينهن، هو منهنجي آفيس ۾ اندر آيو ۽ چوڻ لڳو، "اوهان سان منهنجو دوست ۽ مشهور ملهه پهلوان رُستمِ سنڌ شير ميربحر ملاقات ٿو ڪرڻ چاهي!" مون کيس چيو، "ته پوءِ استاد انهيءَ ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اوهين وٺي اچوس!" ڪجهه دير ۾ ڏسان ته هڪ شاندار شخصيت وارو شخص، اڇن اجرن ڪپڙن، ۽ پٽڪي سان منهنجي آفيس ۾ داخل ٿيو. مان اٿي ساڻس ڀاڪر پائي گڏيس. هو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، چوڻ لڳو، "مون ته سمجهيو هو ته اوهين وڏي ڄمار جا هوندا، پر توهين ته بلڪل منهنجي سوچ کان مختلف نڪتا!" ۽ پوءِ ڪچهري ڪندي هُن کيسي مان هڪ خط ڪڍي مون کي ڏنو ۽ چيو، "مان اوهان سان ملاقات ڪرڻ ۽ اسانجن مسئلن تي اوهان کي ايڊيٽوريل لکڻ لاءِ نواب شاهه ۾ محرم علي ڀٽيءَ سان صلاح ڪئي هئي. هن مون کي اوهان لاءِ هي خط ڏنو هو!"
    مون محرم علي ڀٽي جو خط وٺي کولي پڙهيو. ان ۾ ڀٽي صاحب، منهنجن ايڊيٽوريلن جي واکاڻ ڪرڻ کانپوءِ شير ميربحر لاءِ سفارش ڪندي ملهن جي لاءِ ايڊيٽوريل لکڻ جي لاءِ زور ڀريو هو.
    محرم علي ڀٽي به ملهه راند جو خود سرپرست هوندو هو. نواب شاهه ضلعي لاءِ روزاني عبرت جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر هوندو هو. صحافت جي دنيا جو هڪ پراڻو ماڻهو پر ڏاڍو محبتي، عزتدار ۽ شانائتو شخص. جهڙو مٺو ماڻهو هو شير ميربحر اوترو ئي ماکي کان به مٺو انسان هوندو هو محرم علي ڀٽي!
    اها پهرئين ملاقات هئي سنڌ جي هڪ تمام وڏي ملهه پهلوان شير ميربحر سان. پوءِ ته هو اڪثر ڪري جڏهن به حيدرآباد ايندو هو، ته مون وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اچي ويهندو هو. اسانجو گهر به آفيس جي بنهه ڀر ۾ هوندو هو. عيسو پٽيوالو ڊڪ پائي ماني کڻي ايندو هو. پوءِ شير ميربحر، استاد گل، ڪامريڊ محمد مشوري سان ڊگهي ڪچهري به پئي ٿيندي هئي، ۽ آئون پنهنجو ڪم به ڪندو رهندو هوس. ان وقت شير ميربحر جي ڄمار 56 سال هئي پر مڙس لڳندو هو ته ڄڻ 25 ورهين جو مس آهي. کيس هر مهل اهو اونو هوندو هو، ملهه راند، جي حڪومت سنڌ سرپرستي ڪري!
    آئون چوندو هوس، "مير سائين، ملهه راند ته سنڌ جي ثقافت ۾ شامل آهي. اهو ڪهڙُ ميلو آهي جيڪو ملهه راند کانسواءِ خالي هوندو آهي. سنڌ جا وڏيرا هن راند جي سرپرستي ڪندا رهن ٿا!"
    پاڻ وراڻي ڏيندو، "مدد سائين، سنڌ مان هاڻ اهي پراڻا ماڻهو ختم ٿيندا وڃن، جيڪي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي ملهن جي سرپرستي ڪندا هئا. مهرباني ڪري اسانجي لاءِ لکو ۽ حڪومت کي زور ڀريندا رهو ته ملهن جي حڪومت سرپرستي ڪري!"
    ۽ پوءِ هڪ ايڊيٽوريل به لکيو. ان وقت سنڌ جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي هوندو هو. مارشل لا جو ڏکيو وقت ته هو، پر اخبارن جي ايڊيٽوريلس جي ڪٽنگس ۽ سرخيءَ کي ترجمي سان گورنر ۽ صدر وٽ ضرور پيش ٿيندي هئي. ايڊيٽوريل جو اهو مڙيئي اثر ٿيو جو شاهه سائين ۽ قلندر جي ميلن تي ملهن جي همت افزائي ضرور ٿيڻ لڳي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته شير ميربحر، پنهنجي لاءِ ڪڏهن به اها ڳالهه نه ڪئي. نه وري پنهنجي لاءِ مالي امداد جو مطالبو ڪرايو! ان وقت مون کي هڪ ڀيرو محرم علي ڀٽي فون ڪري چيو، "ادا، شير ميربحر جو مارشل لا حڪومت وظيفو بند ڪري ڇڏيو آهي. اوهين هن لاءِ لکو. مون خير محمد کوکر کي به عبرت ۾ ايڊيٽوريل لاءِ چيو آهي، پر اُتان مون کي اميد گهٽ آهي!"
    مون هاڪار ڪري، ان مسئلي بابت ايڊيٽوريل به لکيو. ان مان ڪجهه سينسر ٿي ويو، باقي ڇپيو ضرور پر کڙتيل نه نڪتو!
    شير ميربحر، ملهه جي هڪ تاريخ هو. هن ڪيترائي تاريخي معرڪا سرانجام ڏنا هئا. جنرل ايوب خان جي آڏو به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هئائين. وٽس تاريخي فوٽن جو به هڪ سٺو ذخيرو هوندو هو. پاڻ چوندو هو، "مدد سائين، ملهه کيڏندي مونکي وڏي ڄمار ٿي آهي. پر دل منهنجي اڃا به جوان اٿو! حڪومت کي ملهه جي سرپرستي لاءِ هڪڙو ادارو کولڻ گهرجي!"
    آئون هن کي ڏاڍو تعجب سان ڏسندو هوس. هڪ ڀيري چيائين، "ڪو ماڻهو مون کان ويهي اهي قصا ٻڌي ڪتاب لکي، ته سنڌ ۾ ملهن جي هڪ وڏي تاريخ لکجي ويندي."
    واقعي هن جي ڳالهه صحيح هئي. پر اُن وقت ته ڇا، هاڻ به اسان وٽ اهو رواج ئي ڪونهي،ته ڪنهن به چڱي ماڻهو تي ويهي ڪو موچارو ڪتاب لکجي!
    مون کي ته اها ڳالهه بعد ۾ معلوم ٿي ته هو سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ موسو ديرو ۾ پڙهيو هو. اتي پرائمري اسڪول ۾ مشهور ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري جو والد محترم عبداللطيف آگرو سندس استاد هو. عبدالطيف مرحوم تڏهن ان اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو. غلام رباني آگرو به اتي پڙهندو هو. رباني صاحب پنهنجي والد مرحوم تي ڏاڍو عاليشان خاڪو "جهڙا گل گلاب جا" ۾ لکيو آهي.
    ملهه راند کي زنده رکڻ ۾ شير ميربحر جو نالو سدائين مٿانهون رهندو. هن ملهه جي پهرئين سوڀ پنهنجي پاڙي جي پير جهنگلي بادشاهه محبت ديرو جتوئي جي ميلي ۾ کيڏي ورتي ۽ پوءِ هو اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان، اڳوڻي صدر ايوب خان، هز هائنيس مير علي مراد خان ٽالپرآف خيرپور رياست، سميت وڏن وڏن ماڻهن جي روبرو ملهه جي فن جو مظاهرو به ڪيو. شير جو لقب به حاصل ڪيائين. رستم سنڌ جو به اعزاز ماڻيائين پڇاڙيءَ ۾ بيمار ٿيو ته هانءُ ته اصل نه هاريائين. زندگيءَ جو سمورو وقت ڏاڍي عزت آبرو ۽ شان سان گذاري هي جهان ڇڏي ويو. پاڻ جڏهن گذاري ويو هو ته مون روزاني سنڌ نيوز جو ايڊيٽوريل سمورو مٿس لکيو هو. هاڻ اهڙا ماڻهو ڪٿي؟ ماڻهو ته مري ويا. هاڻ ته شمع کڻي ڳوليو، ته به ماڻهوءَ جو هٿ اچڻ بنهه محال آهي.
    آخر ۾ شير ميربحر تي لکيل اهو ايڊيٽوريل جيڪو 30 مارچ 1985ع تي سنڌ نيوز ۾ لکيو هوم، اهو دوست مولائي ملاح جي ٿورن سان هن مضمون ۾ شامل ڪريان ٿو:
    شير ميربحر جو لاڏاڻو
    هيءَ خبر نهايت ڏک ۽ رنج مان پڙهي ويئي آهي ته سنڌ جو نامور ملهه پهلوان شير ميربحر گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. انا الله وانا اليه راجعون.
    مرحوم شير ميربحر جو نالو اهل سنڌ لاءِ يقينن ڄاتل سڃاتل هو. ان لحاظ کان به ته ملهه جي راند ۾ کيس قدرت وڏي مهارت ڏني هئي، جنهن جي ڪري کيس رستم سنڌ جو لقب مليو هو. سندس ئي ذاتي ڪوششن جو عمل دخل هو جو ملهه راند جا سرڪاري حيثيت سان مسئلا حل ڪرڻ جا اپاءُ ورتا ويا. سندس زندگيءَ جو ڪيترو عرصو ملهه راند جي خدمت ڪندي گذريو، اڄ به سموري سنڌ ۾ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي سنڌ جي هن عظيم ۽ قديم راند جي فروغ لاءِ هر وقت ۽ هر دم ڪوشان رهندا پيا اچن.
    25 سال ملهه جي راند رهندي هن ڪيترن پرڏيهي پهلوانن سان مقابلا ڪري پنهنجي ملڪ جو مان ۽ شان وڌايو. هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگهه ۽ يورپي پهلوان زيبسڪو سان ملهه وڙهي کين شڪست ڏيڻ جي عيوض سندس نالو دور دور تائين مشهور ۽ معروف ٿيو.
    بدقسمتي سان ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ جي راندين، ثقافت ۽ قديمي ورثي بابت ارباب اختيارات جنهن بيحسي جو مظاهرو ڪندو پيو اچي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ دلچسپي وٺي فنڊز منظور ڪري همت افزائي به پئي ڪري ٿي ته ارباب اختيارات ان سلسلي ۾ يا ته ڪا به دلچسپي نٿا وٺن، يا وري مرڳو اهي فنڊز عجيب و غريب طريقن سان خرچ ڪيا وڃن ٿا، جو انهن جو اصلي مقصد نٿو حاصل ٿئي. بهرحال اهو هڪ طوالت جوڳو بحث آهي، جنهن جي طوالت کان پاسو ڪندي اسين فقط اهو چونداسين ته ملهه راند، سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي، جنهنجي هر طرح سان همت افزائي ٿيڻ گهرجي. نامور ملهه جيڪي بعد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا، هر طرح سان مالي امداد ڪرڻ گهرجي. راند ڪندڙ نامور ملهن کي باقاعده وظيفا ملڻ گهرجن، پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن حڪومت سنڌ هن راند جي هر طرح سان همت افزائي ڪرڻ لاءِ خصوصي اُپاءُ وٺي، ته جيئن اسانجي هيءَ قديم راند ترقي جا وسيلا حاصل ڪري سگهي.
    مرحوم شير ميربحر جي وفات سبب ملهه راند کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جو پورائو تمام گهڻي وقت تائين ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ ڪوبه ڏکن ۽ سُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيو، جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي. بهرحال زندگيءَ جي سفرنامي تي ڪنهن سان ڪهڙي شڪايت شل حورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ هن شخص کي سدائين ياد رکندي.


    ملهه جو شهنشاهه: شير ميربحر (حميد سنڌي)

    سنڌو ماٿريءَ جا عجب رنگ آهن. هتي جي صوفي رنگ آهن، ته ڏاهپ جا ونگ به آهن. سنڌي قوم جو مزاج نرالو پئي رهيو آهي. صوفي فڪر جا انداز پنهنجي نوع جا آهن. اٿڻي، ويهڻي، کاڌي پيتي، راند روند ۽ بهادريءَ جا رنگ ڏيکارڻ لاءِ وسيع تاريخ جا وسيع صفحه ڀريل آهن. قومن جو نمونو به اهو ئي ٿيندو آهي. سنڌي قوم به ائين گذاريندي مٿي چڙهندي آئي آهي. اڄ ماضيءَ جي تجربن ۽ فڪر کي سانڍيندي هڪ قوم جو تصور چڱيءَ ريت نڀايو آهي. اڄ به سنڌ ساري سُون، جنهن تڙپ ۽ کيس ڏنل زخم هر سنڌيءَ کي بي چين ڪيو وجھن اها ريت شايد في الحال جي نصيب. اڄ ماضي جو اهو رخ جنهن تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي. ان سان واڳيل مُلهائتا ماڻهو ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ائين گم ڪيا ويا آهن شابس آهي مولائي ملاح کي جنهن سندري وارن ملهن کي ياد ڪيو آهي. هي ڪتاب انهيءَ ملهن جي سردار هڪ موتيءَ داڻي کي ميدانن جي مٽيءَ مان ڇنڊي ڦوڪي مانائتي نموني سان ڪڍي ملهه راند جي شوقينن کي ياد ڪرايو آهي ته شير ميربحر اڄ پڙَ تي ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي ۽ للڪاري پيو ته :"متان ائين سمجھين ته مئا مور سارا!"
    شير ميربحر اڄ به ملهه جو وڏو نشان ۽ علامت بڻجي بيٺو آهي ڪو وقت هو جو اسان ننڍي هوندي شير ميربحر کي نچندي، ڪڏندي، ٽپندي ۽ فتوحات ماڻيندي ڏٺو.اسانجي چاچي، بابي جي سئوٽ ڏاڏي عبدالغني سان محفلن ۽ ملاکڙن ۾ ويندا هئا سين ته ڳالهه ئي اور هوندي هئي. شيرميربحر جو ڏيل (جسم) ڏسي ڏهڪاءُ ٿيندو هو، پر سندس سهڻو شهپرن وارو مرڪندڙ منهن پسي ڊپُ ڊاءُ لهي ويندا هئا. اسان ڇوڪرن کي به شوق ٿيندو هو، ڪو شير ٿيندو هو ته ڪو انب شيدي، ته ڪو قلب علي جتوئي، ته ڪو جمالي اوطاق جي اڱڻ تي ملهون وڙهبيون هيون. ڪن کي ڪيرائبو هيو ته ڪي اسانکي ڪيرائيندا هئا. هڪ ماسات مونسان ٺڳي ڪري بنا سندري، تياريءَ جي جيئن مان بيٺو هوس جاٺو هڻي مونکي سنئين چوٽيءَ ڪيرائي وڌو، پوءِ سينو تاڻي سڀني ساٿين ۽ ٻين دوستن کي چوندو هيو ته "مون توهانجي شير کي دسي وڌو آهي." دوست چونداهيس ته" تو ٺڳي ڪئي آهي" ته هو چوندو هيو ته " هر وڏي ملهه کي دسڻ لاءِ حرفت ۽ هنر سان گڏ ٿوري گھڻي ٺڳيءَ جي به ضرورت آهي، هاڻي مان شير آهيان" انهيءَ عمل مونکي دل برداشت ڪري وڌو ۽ مون ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني؛ پر ملهه ڏسڻ نه ڇڏي اوسيتائين جيسيتائين رستمِ سنڌ شيرميربحر ملاکڙي جي ميدان ۾ حماليه جيان ڪَرُ کنيو بيٺل رهيو. شير کان پوءِ اسان جا شوق به جھڪا ٿي ويا. شير سنڌ جو سهڻو ملهه هيو جنهن پنهنجي طاقت ۽ فن جي زور تي پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو، هاءِ هاءِ اڄ اهڙا ملهه ڪٿي لڀن!
    شير ميربحر ساهتيءَ جو هو، وڏو راڄائتو ۽ يار ويس ماڻهو هيو، اسانجي وڏڙن سان قرب جا رستا هيس. اوطاق تي ڪهي ايندو هيو ته سڀئي وڏڙا ۽ نينگر ٽڙي پوندا هيا انهيءَ زماني ۾ اوطاقون آباد هونديون هيون سنڌ جا ناياب هيرا جواهر اتي توربا تڪبا هئا ۽ کين وڏا مان ۽ شان سان نوازيندا هئا سگھڙ هجن، ڳالهير، ۽ داستان گو هجن، مانوارا ملهه هجن يا نوري ۽ محمد فقير جهڙا چرچائي ۽ ڀوڳائي اهي محفلون ميلا ملاکڙا اندر ۾ ائين رچجي اسانکي ائين ريٽو ڪري ويا جو اڄ به ان ماضيءَ جا ورق اٿلائيندي پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي سڦرو ٿا ڀانيون اها سڦلتا ماڻيندي خوش ٿيندا آهيون ته اهي ڏينهن شينهن جهڙن ماڻهن سان گڏ گذريا جن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اوهان کي ٻڌايون ويٺا.
    سنڌي ميداني راندين ۾ ڪيتريون رانديون آهستي آهستي وساريون وڃن پيون پر صفحهءِ هستيءَ تان ميساريون نه ويون آهن. ملاکڙو اڄ به ميلي جو سينگار آهي ٻيلهاڙو لاڙي، ماتلي ۽ بدين ۾ موجود آهي ڪوڏي ڪوڏي، والي بال، گھوڙن جي گوءِ، ڏاندن جي گوءِ، نيزي بازي ۽ ٻيون ميدانن جون رانديون اڄ به سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن. پر بقول مرحوم عبدالله ميمڻ جي ته "ملاکڙو ماضيءَ جي ملهه پهلوانن جي ڪري سنڌ جي سونهن رهيو آهي. شير ميربحر، قلب علي جتوئي ۽ هاڻو ڪو نوجوان سرور جتوئي ڪوڻ سڏائي."
    محترم عبدالله ميمڻ ڪمشنر حيدرآباد جنهن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ملاکڙي جي ٽورنامينٽ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ شاندار نموني ڪرائي، ملهه ائسوسيئيشن جو بنياد وڌو عبدالله ميمڻ (مرحوم) جي سٿ ۾ ڪيترا دوست گڏ هئاسين، آغا شهاب، ۽ چيف گيسٽ سردار غلام محمد خان مهر (مرحوم) باقي آءُ، عزيزم منظور ڀٽو، محترم علي محمد چنه ۽ ڪي ٻيا دوست انهيءَ دور جي ملاکڙي جو اوج بيان ڪرڻ لاءِ رهيا آهيون. جنهن ۾ شير ميربحر پنهنجي فن ۽ بهادريءَ سان دنيا جي نامور پهلوانن کي ماري مڃايو، شير ميربحر جڏهن ميدان ۾ سندرو ڪري لهندو هو ته ملهن ۽ ملهه جي پارکن جي مَنَ کي موهي وجھندو هيو.
    زندگيءَ ساٿ ڏنو ته ملهه ۽ ملاکڙي جي شهنشاهه پهلوان شير ميربحر ۽ ٻين بهادر ملهن جا انهن دورن سان واڳيل ڪي داستان ضرور ٻڌائبا. منهنجي لاءِ سنڌ جي تاريخ جا اهي صفحا، ثقافتي انقلاب جي مُنڍPreamble) ) لاءِ ريڙهه جي هڏي مثل مڃيا ويندا. يار زنده صحبت باقي.


    شير ميربحر: جديد سنڌ ۾ قديم سنڌ جي راند کي سُرخرو ڪيو (جاويد قاضي)

    ڪير اگر منهنجون جڙون ڳولهيندو ته خبر پوندي آئون به ساهتي پرڳڻي ۾ لڀندم. ماسٽر چندر جي ٺارو شاهه، گوبند مالهيءَ جو ڊڀرو، لڇمڻ ڪومل جو ڪنڊيارو، اهو بهلاڻي ۽ هالاڻي، محرابپور، ڪنڊيارو ۽ نوشهروفيروز. هوند سنڌ مان جي اهو پرڳڻو ڪڍبو به ته سنڌ جهڙي لوڻ بنا اٽو ٿي پوندي. هوڏانهن اتر جون اٿلون، هيڏانهن لاڙ جون لهرون ساهتي پرڳڻو پيو ٻنهين پاسن جون اوٻراهيون ڪڍندو. انهن ۾ پنهنجي انبن جو ٻور ڀريندو، تند جهپندي جو ساز ڇيڙيندو جو وڃي دل کي لڳندو ته پڪ سمجهو ساهتي پرڳڻي جو پچي راس ٿيل هوندو. علم ۾ اسان ڪين گهٽايو، ادب ۽ شاعريءَ ۾ به پنهنجو مقام ڏٺوسين، موسيقيءَ ۾ به ڪمال ڪيوسين. رڌ پچاءُ کي به پنهنجا ذائقا ڏناسين ته راندين ۾ به سنڌ جو تاريخ جهلي بيهي رهياسين.
    منهنجي هن پيش لفظن ۾ ٽي ذاويا آهن، هڪڙو ته ساهتي پرڳڻو ۽ ٻيو سنڌ جي قديم راند "ملهه" ۽ ٽيون ان راند جو املهه کيڏو "شير ميربحر" شير ميربحر کي نه رڳو مون ڏٺو هيو پر ميدان، ملاکڙن ۾ وڙهندي به ڏٺو هيو. پيٽ اگهاڙو، شلوار سو والن واريون پير بنا جتيءَ جي ۽ ميدان پڪو نه پر ڪلهه وانگر اکڙيل پائوڊر ڪيل مٽي، ها پر هي پٽڪو ضرور پائيندا هيا، ايترو ئي پٽڪي ۾ پگهر هوندو هو جيترو انهن جي شلوار ۾، هيڏانهن دهل ۽ شهنائين جو ڏونڪو بس پوءِ "مار ته متارو ٿئين" ۽ پوءِ مون ڏٺو هو شير ميربحر کي متارو ٿيندي. هو نواب شاهه ۾ به منهنجي گهر کان ويجهو هوندو هيو. ننڍي هوندي آئون انهن جي گهر به ويندو هئم. امڙ جا سندس گهر وارين سان قرب جا رستا هوندا هيا. شير جي گهر ٻاهران مينهن جا واڙا هوندا هيا سندس کاڌ خوراڪ به صدين پراڻي سنڌي روايت نيراڻي ۽ رات جو کير ضرور پيئندو هو.
    سندس نالي جي ڪرت به عجيب آهي. "شير" معنيٰ "شينهن" مير معنيٰ "مير" بحر معنيٰ "سمونڊ" ڪو وڏو ڀڀوت دريا. معنيٰ هو هر لحاظ کان متارو هيو. نالي ۾ به متارو، ته ذات ۾ به متارو ته راند ۾ به متارو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جديد سنڌ ۾ ان قديم سنڌ جي راند کي سرخرو ڪيو. ڪابه ملهه ۾ اهڙي شيءِ ناهي جيڪا ملاوٽ ڏيکاري. ٻه پهلوان ٻک وجهندا، هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ لڳل شلوارن جي پلڻن ۾ ايئن هٿ وجهندا جو هٿ نڪري نه سگهي، ۽ پوءِ پنهنجن اگهاڙن پيرن کي ڪپهه جهڙي مٽيءَ ۾ کوڙيندا، ڪي پٽڪا پائي وڙهندا، ته ڪي پٽڪا لاهي وڙهندا. جيڪي پٽڪا پائي ملهه وڙهندا. مجال آ جو پٽڪو ڪري. مڙس پٽ تي ڍير ٿي سگهي ٿو پر پٽڪو پٽ تي نه پوندو. جيڪو کٽي سو ته پوءِ ڄڻ "هو جمالو" ٿيو وڃين. پوري ان ناچ جا تعلق ان پراڻي سنڌ جي ان راند ملهه سان آهن. "هو جمالو" جي اصل روح ميدان مارڻ سان آهي. نه ڄاڻ ڪيترا "هو جمالو" شير ميربحر کي نصيب ٿيا هوندا.
    اصولي طور اهي ملهه وارا ملاکڙا لاباري لهڻ کان ستت پوءِ ٿيندا هئا. ميلا لڳندا هئا، ڏاندن جون ڊوڙون ٿينديون هيون. اٺن ۽ گهوڙن جون به ڊڪون ٿينديون هيون. هيڏانهن چيٽ جهليل هوائن ۽ انهن ۾ پيل پرون هوندوين هيون ۽ هوڏانهن بازاريون ريوڙيون، ڪشمش، ڏونگهيءَ (ناريل) جي مٺاين سان لت پت هونديون، ٻارڙن ۾ خوشيءَ جو سما هوندو هو. انهيءَ ساهتي پرڳڻي جو ٿئي اسانجو شير ميربحر، اڄ جڏهن نوجوان ليکڪ مولائي ملاح ان شخص کي هن ڪتابڙي ۾ سهيڙي رهيو آهي. سو سندس وڏو ڪم آهي. ان ايندڙ سنڌ جي ٻچڙن کي پنهنجي ماڳن ڏي وٺي وڃڻ لاءِ آئون سندس دعاگو آهيان.


    ملهن جو مهندار ــ شير ميربحر ( گل حسن ڪلمتي)

    سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند "ملهه" کي سنڌ جي ملهه پهلوانن بنا ڪنهن حڪومتي سرپرستيءَ جي پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي جيئرو رکيو آهي، ملهه راند ۾ سنڌ جا پهلوان بين الاقوامي سطح تي مڃتا ماڻي چڪا آهن، حڪومت پاران ملهه راند ۽ ملهه پهلوانن جي سهائتا نه ڪئي ويئي ته سنڌ جي هيءَ راند فقط تاريخ جي پنن تي وڃي بچندي، اڄ به ڪجهه ثقافتي درد رکندڙ ماڻهو ۽ پهلوان هن قومي ورثي کي بچايون ويٺا آهن.
    ملهه جي تاريخ تمام پراڻي آهي، ملهه سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج آهي. سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته "ملهه" جي شروعات هزارين سال اڳ سنڌ مان ٿي، هي مڪمل طور سنڌ جي ثقافت جو ڏيک ڏيندڙ راند آهي، ملهه پهلوان پنهنجي ملهه، بيهڪ ۽ پٽڪي سميت سنڌ جي ثقافت جو حصو محسوس ٿيندا آهن.
    ٽالپر اميرن جي دور ۾ ملهه وڏي ترقي ڪئي اها هڪ قومي راند جي درجي تي پهتي. ٽالپرن ملهه جي وڏي قدرداني ڪئي ۽ پنهنجا پنهنجا ملهه تيار ڪيا، فلاڻو فلاڻي جو ملهه وارو اصطلاح ان ئي دور ۾ وجود ۾ آيو. خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي ملهن جي وچ ۾ مقابلا ٿيندا هئا، اهڙي طرح لاڙ ۽ اتر جي ملهن جي ٽولن جو بنياد پيو. مير مراد علي خان ٽالپرپهرئين جي دور ۾ سندس درٻاري ملهه، عالم خان گوپانگ مشهور ملهه ٿي گذريو آهي.
    انگريز دور ۾ " ملهه " راند جي ڪنهن حد تائين سرڪاري سرپرستي ٿيندي هئي، ضلعي سطح تي مقابلا ڪرايا ويندا هئا، انگريز دور جي هڪ پهلوان جو ذڪر ڪندس، جنهن جو تعلق سنڌ سان هو بمبئيءَ ۾ هڪ مقابلي ۾ ملهه وڙهي زبردست فتح حاصل ڪئي ۽ هندستان سطح تي (هن وقت هي پورو علائقو گڏيل هندستان هو) پهرين نمبر" ملهه " جو لقب حاصل ڪيو. ان وقت جي وائيسراءِ کيس بندوق جو لائسنس انعام ۾ ڏيڻ کانسواءِ تاحيات وظيفو به مقرر ڪيو، اهو هو ملهه پهلوان "احسان سانڊاڻو" جيڪو 1869ع ڌاري ٻٺ سرائي تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو ۽ ڌنار هو. پر هي لاڙ جي ملهه طور مشهور هو. هن دور ۾ اتر جا هيٺيان ملهه مشهور هئا. نبي بخش گنڀير، هادي بخش ڪاسائي، غوث بخش پٺاڻ ۽ وزير شر لاڙ جي ملهن ۾ صفر شيدي ۽ محمد شيدي، حاجي سيدي ۽ محمد شيدي مشهور هئا. اهو ٽالپرن جو دور هو ۽ تڏهن ملهه پهلوانن جي سرپرستي هئي. مير فيض محمد پهريون، مير اما بخش خان، مير علي نواز خان، مير علي ڏنو خان ملهه پهلوانن جي سرپرستيءَ ۾ اڳڀرا هئا. ان دور ۾ اتر جي ملهن ۾ محمد بخش مهر، نواز علي خان پٺاڻ، (هي شير ميربحر جو استاد به هو) نور محمد مهر، اسماعيل کوکر ۽ دائم ڪٽوهر مشهور هئا. مير علي نواز خان کانپوءِ ملهن جو هاڻوڪو دور شروع ٿئي ٿو.
    انگريز دور ۾ آبو ٻتڙ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي به شير ميربحر جي استادن مان هڪ هو، جمعو شيدي جيڪو 1930ع ۾ گذاري ويو، فقيرو ڪوٽيڙي وارو، والو شيدي حيدرآباد وارو مشهور هئا.
    انگريز دور ۾ ملهه پهلواني عروج تي هئي، ڇاڪاڻ ته هُن دور ۾ ملهه جا قدردان موجود هئا، خاص ڪري، صوفين، بزرگن ۽ پيرن جي درگاهن تي ميلن تي ملاکڙن جو انتظام اهي قدردان ڪندا هئا، سنڌ جا ناميارا ڄام، سردار، پير ۽ سماجي اڳواڻ ملهه جا قدر دان هوندا هئا، اهي ملهن جي پالنا ڪندا هئا، انگريز دور ۾ اتر سنڌ ۽ لاڙ سنڌ جي ملهه پهلوانن جا مقابلا مشهور هئا، لاڙ جا شيدي ملهه پهلواني ۾ گهڻا مشهور آهن، مقابلن ۾ ڪڏهن لاڙ جي پهلوانن، خاص ڪري شيدي پهلوانن جي ته ڪڏهن اتر جي ملهن جي سرسي پئي ٿيندي هئي.
    سنڌ جي انهيءَ قومي راند کي اڳتي هلي شير ميربحر ۽ ٻين عروج تي پهچايو، شير مير بحر، جنهن جو اصل نالو عالي شير ميربحر هو، شير مير بحر 21 جون 1924ع ( ڪجهه ڪتابن ۽ رسالن ۾ اها تاريخ 21 جنوري لکيل آهي، پر شير جي پٽ شهاب الدين ملاح ۽ شير ميربحر تي ڪم ڪندڙ نوجوان ليکڪ مولائي ملاح مطابق، اسڪول سرٽيفيڪٽ مطابق 21 جون 1924 آهي تي ضلعي شهيد بينظير آباد (اڳوڻو نواب شاهه ضلعو ) جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس چاچو پيرل ميربحر پنهنجي دور جو مشهور ملهه هو، انهيءَ کان متاثر ٿي شير مير بحر ملهه جي ميدان ۾ لٿو.
    سندس پهريون استاد تعلقي ڪنڊياري جي شهر 'خانواهڻ' ٻاهران ڳوٺ سعيد خان خشڪ جو رهواسي پهلوان لقمان خشڪ هو، اسماعيل بڙدي، لالا نواز علي خان پٺاڻ ڳڙهي ياسين واري ۽ انگريز دور جي مشهور پهلوان آبوٻتڙ کان به تربيت حاصل ڪيائين. انهن استادن کيس ملهه جا سڀ رنگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي، کيس ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني، شير ميربحر استاد کان ڌاڳو ٻڌائڻ کانپوءِ باقائده ملهه جي شروعات لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ هڪ ملاکڙي ۾ ڪئي، جتي هُن پنهنجي دور جي مشهور پهلوانن کي ملهه ماري شهرت پاسي قدم وڌايا ۽ پوءِ اهي قدم نه رڪجي سگهيا، هو 30 سال ملهه جي ميدان جو شير رهيو، انهيءَ وچ ۾ لاهيون چاڙهيون به آيون پر هن مڙسيءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ سنڌ جي قومي راند کي بين الاقوامي سطح تي پهچايو، شير مير بحر ملهه جي انگن ۾ سنڌ جي سمورن پهلوانن کان معتبر ليکيو ويندو آهي، هن کان ملهه وٺڻ گهڻو مشڪل هوندو.
    1950ع ۾ انب شيدي، جيڪو انب کارائي جي نالي سان مشهور هو، هن ٽيهه سالن جي عمر ۾ جڏهن شير ميربحر پهرين جوڙ جو ملهه هو. ٽنڊي قيصر ۾ مراد شاهه جي ميلي تي انب شيدي، شير ميربحر کي پوين ملهه ماري ته ڏسندڙن انب شيدي تي روپين جو مينهن وسائي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ انب شيدي جو نالو مشهور ٿيو، اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته شير مير بحر کي هڪ ملهه مارڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته شير ميربحر جو نالو ملهه ۾ تمام گهڻو مٿي هو، اصل ۾ انب شيديءَ جي اها مشهوري ۽ روپين جو مينهن وسڻ شير ميربحر جي مرهون منت آهي، ڇاڪاڻ ته شير مير بحر کان ملهه وٺڻ مشڪل هوندو هو.
    اهو ڏکيو ڪم جڏهن انب شيدي هڪ ملهه ۾ ڪري ڏيکاريو ته هن جو نالو ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ميلي ۾ انب شيدي ٻين کي به ملهون ماريون پر انهن جو ڪو نالو ڪنهن کي ياد ڪونهي. شير ميربحر، ملهه ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو هو، هو ملهه جو ادارو هو، " اندرين" ۽ "وارو " سندس ملهه جا خاص داءُ هئا. شير ميربحر کي مير علي ڏني خان ٽالپر آف ڪوٽڏيجيءَ واري جي به سرپرستي حاصل رهي، مير علي ڏنو خان ملهه پهلوانن جي سرپرستي ءَ ۾ مشهور هئو. مولائي ملاح چواڻي ته: "ميرعلي ڏني خان ٽالپر (پريزيڊنٽ رياست خيرپور) شير ميربحر کي خيرپور ضلعي ۾ 50 ايڪڙ سرڪاري زمين آسان قسطن تي ڏني جيڪا اڄ به يونين ڪائونسل سڳيون، ديهه ڀاڳت ۾ موجود آهي. "
    16- سيپٽمبر 1951ع ۾ رياست خيرپورميرس جي واليءَ جي تاجپوشي وقت منعقد ٿيل ملاکڙي کي اڄ به سنڌ جا جهونا ملهه ياد ڪري، شير ميربحر کي داد ڏيڻ کانسواءِ نٿا رهي سگهن، ملهه جي تاريخ جي پنن تي اهو مقابلو هميشه سهڻن اکرن ۾ لکيو ويندو. جڏهن هن وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان ۽ سندس گهر واري رعنا لياقت علي جي موجودگيءَ ۾ انب شيدي (جنهن 1950ع ۾ هڪ ملهه شير ميربحر کي ماري شهرت حاصل ڪئي هئي ) هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪراني، جيڪي ميرن جا خاص ملهه هئا، انهن کي شڪست ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو.
    اها تاجپوشي مير علي مراد خان ثانيءَ جي ٿي هئي. 24 جولاءِ 1947ع ۾ جڏهن هو چوڏهن سالن جو هو، تڏهن سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي، پر حڪومت هلائڻ جا اختيار ان کي نه مليا هئا، ڇو جو کيس تعليم مڪمل ڪرڻي هئي. تاريخ 11 سيپٽمبر 1951ع تي پاڪستان جي تڏهوڪي وزير اعظم لياقت علي خان جي هٿان هن کي حڪومت جا اختيار ڏنا ويا. 16 سيپٽمبر 1951ع تي تاجپوشيءَ جو جشن ملهايو ويو ۽ ان ئي موقعي تي مٿيون ذڪر ڪيل ملاکڙو منعقد ڪيو ويو هو. سنڌ جي مختلف بزرگن، ولين ۽ صوفي شاعرن جي ميلن کان سواءِ خيرپور جي سرڪاري پروگرامن، ميرن جي شادين جي موقعن تي وڏا وڏا ملهه مقابلا ٿيندا هئا، انهن ملاکڙن تي وڏا وڏا انعام رکيل هوندا هئا.
    انهيءَ تاجپوشي ۽ شير جي مقابلي کان هڪ مهيني کان پوءِ لياقت علي خان کي 16 آڪٽوبر 1951ع ۾ راولپنڊيءَ ڪمپني باغ ۾ هڪ شخص اڪبر گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ باغ جو نالو "لياقت باغ" رکيو ويو. انهيءَ باغ ۾ ئي 27 ڊسمر 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو.
    ميرپورخاص جي هڪ ملاکڙي ۾ جنهن جو خاص مهمان هن وقت ڊپٽي ڪمشنر عثمان علي عيساڻي هو، جتي پنجاب جي پهلوان "ڀولو"، شير ميربحر کي چئلينج ڪيو، جنهن تي شير ميربحر کيس جواب ڏنس ته "پهرين سندس شاگرد 'يڪي خاصخيلي' سان مقابلو ڪر، جيڪڏهن يڪي خاصخيلي کي ملهه ماري وئين ته پوءِ پنهنجو مقابلو ٿيندو." يڪو خاصخيلي شير مير بحر جو تربيت ٿيل شاگرد ته نه هيو، پر هو شير مير بحر کي ‎"استاد " چئي عزت ڪندو هو. يڪو خاصخيلي سنڌ جو مشهور ملهه هو، سندس جنم ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص ۾ ٿيو ۽ پوءِ سندس مائٽ اتان لڏي وڃي ٽنڊي غلام عليءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا، سانوڻ چانڊيو سندس استاد هو، يڪي خاصخيلي " ڀولو" پهلوان کي اهڙو دسيو جو ملاکڙي ۾ ڪو ڪارا ٿي ويا، پوءِ " ڀولو " ڪڏهن به ڀلجي به سنڌ جي ملهه پهلوانن کي چئلينج نه ڪيو.
    ملهه پهلوانيءَ ۾ يڪي خاصخيلي کانسواءِ خاصخيلين مان غلام حسين خاصخيلي، خدا بخش خاصخيلي، ليار خاصخيلي، بهرام خاصخيلي ۽ ٻيا مشهور ملهه هئا.
    شير ميربحر نه فقط سنڌ ۽ پاڪستان سطح جو مڃيل پهلوان هو پر هن بين الاقوامي سطح تي به شهرت حاصل ڪئي. شير ميربحر هڪ عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلي ۾ حصو ورتو، اهو مقابلو 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شير ميربحر ڀارت جي پهلوان "گرنام سنگهه" کي شڪست ڏيئي خوب داد حاصل ڪيو، 1962ع هالن ۾ مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل هڪ بين القوامي مقابلي ۾ شير ميربحر چيڪو سلوويڪيا جي پهلوان " زيبسڪو" ( هن جو نالو ڪٿي زيسبڪو به ملي ٿو) کي شڪست ڏيئي "رستم سنڌ" جو خطاب حاصل ڪيو، اهڙي ئي هڪ مقابلي ۾ شير ميربحر، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي مشهور پهلوان " آسٽن " کي شڪست ڏيئي، ڏيهان ڏيهي مشهور ي ماڻي.
    شير ميربحر پنهنجي دور جو تمام تيز رفتار ملهه هو، اک ڇنڀ ۾ راند نبيريندو هو، جڏهن شير ميربحر سندرو ڏيندو هو ۽ مقابلو شروع ٿيندو هو ته ڏسڻ وارا اکيون ڇنڀڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا.
    عمر جي آخري حصي ۾، هُن دور جي مشهور پهلوان الله جڙئي سمي هن کي چئلينج ڪيو، الهه جڙيو سمو لاڙ طرف کان ملهه وڙهندو هو، ڌڻي پرتي سمي ڳوٺ جو ويٺل هو، مشهور پهلوان مولا بخش جماليءَ جو شاگرد هو. فيبروري 1968ع (ڪٿي مارچ 1968ع ملي ٿو) الهه جڙئي سمي جشن خيرپور ۾ ملاکڙي ۾ شير ميربحر کي چئلينج ڏنو پر مقابلي جو نبيرو نه ٿي سگهيو، جنهن تي مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مقابلي جو فائنل ڪپ ٻنهي پهلوانن کي ڏنو، انهيءَ مقابلي ۾ الهه جڙئي سمي کي "فخر سنڌ" جو لقب ڏنو ويو. انهن ٻنهي پهلوانن ست چيلينج مقابلن ۾ حصو ورتو، پر ڪنهن به مقابلي جو نبيرو نه ٿي سگهيو انهن ٻنهي پهلوانن عوام پاران ڏنل لقبن "رستم سنڌ" ۽ "فخر سنڌ" جو مان رکيو ۽ پنهنجي لقبن جي پاسداري ڪئي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي اهي ٻئي انهيءَ جا لائق هئا.
    شير ميربحر پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس به هو ايوب خان واري بلدياتي چونڊن ۾ به شير ميربحر حصو ورتو ۽ ميمبر چونڊ جي آيو. سياست ۾ اچڻ جو مقصد پنهنجي ڳوٺ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هو. محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪرڻ تي جنرل ايوب خان مٿس ناراض ٿيو ۽ ڊي سي نواب شاهه وسيلي کيس، قلم 110 ۾ چالان ڪرايائين.
    اڳتي هلي هن سياست بجاءِ سنڌ جي قومي راند ملهه پاسي گهڻو ڌيان ڏنو، ملهه راند کي ترقي وٺرائڻ، ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ڪرڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي راند کي بچائڻ لاءِ شير مير بحر جاکوڙيندو رهيو، جنهن لاءِ هن "ملهه ايسوسيئيشن نواب شاهه" ٺاهي، جنهن جي پليٽ فارم تان ملهه پهلوانن جي مسئلن کي حڪومتي ايوانن تائين پهچائڻ هو. انهيءَ ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي هن ملهه پهلوانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو انهن جي سکيا لاءِ جتن ڪندو رهيو.
    1974ع ۾ ڀٽي صاحب، شير ميربحر کي ملهن جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، هن ملهه لاءِ اهو ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هو ۽ هو انهيءَ جي لائق به هو.
    جيئن ته انهيءَ عهدي جو تعلق ملهه سان هو ۽ ملهه سنڌ جي قومي راند آهي، ڪوچ ڪري ملهن جا مسئلا حل ٿيندا هئا. اها ڳالهه آمر ضيا کي نه وڻي ۽ 1977ع ۾ هن اهو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، شير ميربحر عدالت جو درکڙڪايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهو عهدو ٻيهر بحال ڪيو، پر انهيءَ دوران شير ميربحر، ملهه پهلوانن جي ڀلائي لاءِ وڙهندي بيمار ٿي بستري جي حوالي ٿيو. حڪومت کيس ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو پر هو چند پئسن خاطر آمر آڏو نه جُڪيو ۽ مرڻ گهڙي تائين ملهه پهلوانن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. 28 مارچ 1985ع ۾ سنڌ جو هي املهه ماڻڪ، يارن جو يار ۽ محبتون ونڊيندڙ ماڻهو اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ پٺيان ڇڏي ويو پنهنجي يادن ۽ خدمتن جو هڪ وڏو ذخيرو، ڪاش جنهن مان اسان ڪجهه لاڀ حاصل ڪريون.
    شيرميربحر کي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي جي ويجهو سندس نالي پويان قائم ڳوٺ "پهلوان شير ميربحر" ۾ دفنايو ويو. حڪومت پاران ملهه پهلوانن جي جيئري ئي ڪا سهائتا نه ٿي ڪئي وڃي مرڻ پڄاڻان انهن قومي هيروز کي ياد ڪرڻ پري جي ڳالهه آهي. پر شير ميربحر وڏو خوشنصيب ۽ وڏن بختن وارو آهي جو هن کي اهڙو صالح اولاد نصيب ٿيو آهي، جنهن شير جي نالي کي مرڻ پڄاڻان به زنده رکيو آهي، خاص ڪري سندس اولاد شهاب الدين ملاح جنهن پنهنجي پيءَ جي يادگيري ۾ "شير ميربحر يادگار ڪاميٽي" جوڙي آهي، جنهن هيٺ هر سال سندس ياد ۾ ضلعي سطح تي ملاکڙو ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا ويندا آهن.
    شير ميربحر کي جهونا ملهه پهلوان اڄ به ياد ڪري چوندا آهن ته، "شير ميربحر ملاکڙي جو سونهن هوندو هو، قربائتو ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو، اڄ واري دور جي اڌ واڌ ۽ نوراڪشي واري ملاکڙي کان ناواقف هو، هو سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سندرو ڇڪي ميدان ۾ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ لهندو هو" شير ميربحر جي شاگردن ۾ محمد بخش بڙدي، در محمد عالماڻي، شير گوپانگ ۽ غلام قادر لغاري چڱو نالو ڪمايو، جن به شير ميربحر کي ويجهي کان ڏٺو آهي، اهي چون ٿا ته هي جيترو قد ۽ بت ۾ مضبوط ۽ سهڻو پهلوان هو، اوترو ئي سڀاءَ جو ڀلو ماڻهو هو.


    شير ميربحر: سنڌ جو قومي هيرو (مشتاق ميراڻي)

    ملهه سنڌ جي قومي راند آهي تحقيق مطابق هن جي شروعات ڪڏهن پئي ۽ سنڌ ۾ ان جي مشهوريت ڪڏهن ٿي ان جي ڄاڻ ڪٿي به نه ٿي ملي. پر، هڪ اندازي مطابق ان جو لنڪ موئن جي دڙي سان ملي ٿو. ڇا ڪاڻ ته جڏهن معاشروخوشحال ۽ امن وارو هوندو آهي ته ماڻهو پاڻ کي وندرائڻ جي لاءِ مختلف راندين جي ذريعي خوش ڪندا آهن. هي ثقافتي راند سنڌ ۾ کيڏي وڃي ٿي جنهن ۾ سنڌ، لسٻيلو، سبي، سرائيڪي، پٽي ۽ رڻ ڪڇ گجرات وغيره ۾ کيڏي وڃي ٿي. هن راند سنڌ ۾ مشهوريت ان وقت ماڻي جڏهن ساهتيءَ جي هڪ نوجوان شير ميربحر پنهنجي طاقت ۽ فن سان وڏن رانديگرن کي هارائي ڇڏيو. شير ميربحر جي ذريعي ملهه سنڌ ۾ ثقافتي اهڃاڻ جي طور ظاهر ٿي. هن کان اڳ ۾ ڪافي ملهه شاندار طاقت ۽ فن سان ڌاڪو ڄمايو پر شير ميربحر جنهن کي رستمِ سنڌ جو لقب مليو ان هن راند کي مٿي ڪيو.
    شير ميربحر ساهتي پرڳڻي ۾ 21 جون 1924ع ۾ جم ورتو ۽ ان تي ڏاڏي جونالوعالي شير رکيو ويو ۽ پوءِ سندس چاچي پيرل خان هن ۾ ملهه جو شوق پيدا ڪيو. ان کانپوءِ وڏن پهلوانن جن ۾ لقمان خشڪ، هاشم، اسمائيل بڙي ۽ لالا نواز علي خان پٺاڻ کان تربيت ورتي. شير ميربحر سنڌ جو شان هيو. ۽ هن 30 سالن تائين ملهه جي دنيا ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ جلد ئي سنڌ ۾ قومي هيري جي حيثيت ماڻي ورتي. ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل محمد ايوب خان هن جي راند ڏسي گھڻي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته: 'جيڪو مون ٻڌو هيو شير جي لاءِ اهوئي ڏٺوهو'.
    هن ٿوڙي وقت ۾ وڏي شهريت ماڻي پر پوءِ به پنهنجي سنڌ جي مٽيءَ کي نه وساريو ۽ ايڏي شهريت جي باوجود سنڌ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي ۾ هي سدائين عوامي ماڻهو رهيو. شير ميربحر جي بهادري ان وقت سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي جڏهن 1962ع ۾ هالن جي مخدوم طالب المولي جن هالن ۾ هڪ دنگل ڪرايو. جنهن ۾ هن چيڪو سلاويا ملڪ جي بهادر پهلوان زيبسڪو کي شڪست ڏنائين جتي کيس رستمِ سنڌ جو خطاب حاصل ٿيو. 1966ع ۾ هندستان جي پهلوان گرنام سنگھ کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو شان بلند ڪيو ۽ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي نامور پهلوان آسٽن کي بري شڪست ڏنائين جنهن جي ڪامينٽري ريڊيو تان سڌيءَ ريت نشر ٿي.
    رستم سنڌ پنهنجي زندگيءَ ۾ سون جي تعداد ۾ انعام حاصل ڪيا.ايتري شاندار ڪاميابين ماڻڻ جي باوجود به ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي وفاقي حڪومت کيس راندين جي ميدان ۾ ڪو به سرڪاري ايوارڊ کين هن مهل تائين نه ڏنو ويو.
    جيتوڻيڪ ڪيترائي ڀيرا عوامي حڪومت آئي پر وفاقي حڪومت پاران کيس هن مهل تائين صدارتي ايوارڊ نه مليو جنهن جو سبب اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته هي سنڌي ، سنڌ ڄائو هيو. اها شيءِ ظاهر ڪري ٿي ته حڪمرانن سنڌي هجڻ ڪري شير سنڌ جو قدر نه ڪيو. شير ميربحر نه صرف ملهه ۾ نالو ڪڍرايو پر جڏهن ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ته تڏهن هن ڀٽي جي ڦاسيءَ تي چڙهڻ تي سخت مخالفت ڪئي ۽ جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ جي تحريڪ ۾ هن حصو ورتو کيس ڀيٽا طور سندس پهرين ورسيءَ تي سندس ياد ۾ رتيديري ۾ ملاکڙو ڪرايو.
    شير ميربحر سنڌ جو قومي هيرو آهي جنهن ملهه راند ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ۽ اڄ به جڏهن راند ۽ ثقافت جي حوالي سان ذڪر ٿئي ٿو ته شير ميربحر جو نالو ياد اچي ٿو ڀلي ان کي صدارتي ايوارڊ نه مليو پر هو سنڌين جي دلين ۾ اڄ به موجود آهي ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي ٿو. شير، سنڌي ڪلچر، سنڌ جو امر ڪردار آهي. ڪردار ڪڏهن به مرندا ناهن . شير ميربحر امر هيو، آهي ۽ رهندو. جس لائق آهي اسانجو نوجوان ليکڪ مولائي ملاح جنهن شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت کي اڄ جي نوجوان نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ورتي آهي.


    شير ميربحر ياد رهندو (رحمت الله ماڃوٺي)

    ڪي ٽي اين جا شروعاتي ڏينهن هئا. اسان کي ڏاڍو ڪم ڪرڻو پوندو هو. آرام نالي ڪا شيءِ ڪانه هئي، 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ويلو ماني به مونکي نصيب ڪانه ٿيندي هئي. غذا ۾ فقط جُٺ ۽ ڪم شامل هو. مڙس اڳئي پهلوان وري جو هيءَ وٺ وٺان ته صفا لڪڻ ٿي رهيس. ڀاڻ ڪمپني جي سهڪار سان ڪي ٽي اين "زوراور" جي نالي هيٺ ملاکڙا ڪرايا. سڄي سنڌ ۾ ٿيل ملاکڙن جي رڪارڊنگ ٿي آئي ته مونکي حڪم مليو ته انهن سڀني جي لنڪنگ تون ڪر. ته ڪهڙي ملاکڙي ۾ ڪهڙا ملهه پهلوان هئا، ڪٿي ملاکڙو ٿيو، ڪير سوڀارو ٿيو. آرڊر مڃڻ لازمي هو. مون هڪ ڏينهن ۾ ڪئمرا وارن کان مختلف قميصون وٺي پائي رڪارڊنگ ڪئي جيئن هفتيوار هلندڙ پروگرام ۾ ساڳين ڪپڙن ۾ نه لڳان. رڪارڊنگ چيڪ ڪرڻ وقت هڪ وس واري عملدار چيو: تون سنهڙو سڪل وري لنڪنگ ۽ ڳالهيون ڪيون اٿئي پهلوانن جون!! تنهنجو ملهه سان ڪهڙو واسطو؟ مون چيو: سنهڙو ۽ سڪل هئڻ واري ڳالهه برحق پر منهنجو ملهه سان تعلق پراڻو آهي. حيران ٿي پڇيائين: تنهنجو ۽ وري ملهه سان تعلق؟ مون چيو: ها، ننڍپڻ ۾ مون بابا کان پهرين بهترين مار ملهه وڙهڻ تان ئي کاڌي هئي. انهيءَ تي همراه کليا. پر سچي ڳالهه آهي ننڍ پڻ ۾ جڏهن الف ب پڙهندو هئس تڏهن به کُنڊي کُنڊي اخبار پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. انهن ڏينهن ۾ ،شيرميربحر جي هاڪ هجي ڪو ولائتي پهلوان ملهه وڙهڻ لاءِ آيو هو. اخبارن ۾ روز فوٽو ڇپبا هئا. اسان جي دڪان تي به وڏڙا اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ شير مير بحر جون ڳالهيون ڪندا هئا. بنا ڏسڻ ۽ ملهه جي ڪابه سمجهه نه هئڻ باوجود شير مير بحر منهنجو هيرو هوندو هو. نيٺ اها ملهه ٿي ۽ شير مير بحر ولائتي کي مُڃ ڪري ڇڏيو. اخبارن ۾ جنرل، جا بيان به آيا ته جهڙو شينهن مڙس ٻڌوسين تهڙو ڏٺوسين. شير مير بحر سنڌ جو شير آهي.
    شير مير بحر جي ڪري هاڻ منهنجي دلچسپي ملاکڙن ۾ وڌي انهن ڏينهن اسان ڏي ملاکڙن جا جيڪي پوسٽر ڇپجي ورهايا ۽ دڪانن تي هنيا ويندا هئا تن ۾ لکيل هوندو ته ٽوڙان ٽوڙ ۽ ٻوڙان ٻوڙ جا مقابلا ٿيندا. پوءِ هڪ خاني ۾ اترادي ملهه ۽ ٻئي خاني ۾ لاڙي ملهن جا نالا هوندا هئا. آئون وڃي ملاکڙا ڏسندو هئس، ماڻهن جي پيهه مان رستو وٺي ملاکڙو ڏسڻ به هڪ وڏي جاکوڙ هئي ٻار سمجهي هر ڪو پوئتي ڌڪي، جيڪڏهن ماڻهن جي پويان بيهي ڏسڻ چاهيان ته ڏسي نه سگھان ۽ جي اڳيان بيهان ته ماڻهو ڀڄايو ڇڏين ته، ابا ! پري ٿي بيهي پهلوان چپي نه وجهن. اسان جي ڳوٺ ۾ غريب مڱڻهار فقيرن مان محمد فقير اچي ساماڻو ڇا ته ملهه هو. همراه جي هاڪ هجي. پر پهلواني جو پيٽ قوت به کپي سو همراه ڪٿان آڻي؟ اسان جي دڪان تي اڪثر اچي ويهندو هو. انهي ڏينهن ملاکڙو هو. آئون جيئن تيئن ڪري جاءِ وٺي ويس. محمد فقير اتر کان آيل پهلوان سان ملهه وڙهي. سندرن مان ذري ذري هٿ نڪريو وڃن پهرين ملهه ڪانه ٿي ڪنجوس جي سڪرات ٿي. نيٺ گھڻي هڻ هڻان کانپوءِ محمد فقير اچي ڦهڪو ڪيو. ڪنهن به تاڙي ڪانه وڄائي. ڪنهن به انعام لاءِ "رپئي" جو نوٽ ڪونه جهليو. مونکي حيرت ٿي هئي. پوءِ ٻي ملهه ۾ محمد فقير ڦيرائي ڦيرائي جو همراه مان هٿ ڪڍي ته ڏندڻجي ويو. هوڪرا ٿي ويا. محمد فقير پاڻ به مڱڻهار ۽ وري جو هيڏو مال ۽ هوڪرا ڏٺائين ته اهڙا وٺي نمونا ڪيائين جو اڄ به ياد اٿم. ٻئي ڏينهن محمد فقير دڪان تي آيو. مون پڇيو: محمد فقير پهرين ملهه ڇو هارايئي؟ چيائين: مونکي پهلوان ڪن ۾ چيو ته: پرديسي آهيان، ڀاڙو ڪري آيو آهيان پهرين ملهه مونکي ڏي، ٻي تنهنجي.ڀاڙي جا پئسا ڪڍان.بس! انهي ڪري رحم کائي ملهه ڏئي ڇڏيم پر ويچارو اڀاڳو هو، مليس ٽڪو به ڪونه، مونکي تڏهن خبر پئي ته ملهه به فڪس ٿيندي آهي پر انهيءَ فڪسنگ کي شوقين "صلاح" چوندا هئا. هاڻ سمجهان ٿو ته جئين دنيا ۾ گھڻن ڳالهين جو بنياد سنڌ کان پيو تيئن "راند" ۾ فڪسنگ جو موڙ به اسان جي مٿي تي ٻڌل آهي. هڪ طرف اهي "صلاح" وارا ملهه هئا جيڪي راند فڪس ڪندا هئا ته ٻئي طرف شير مير بحر هو جنهن پاڻ لاءِ "فتح" فڪس ڪري ڇڏي هئي. تڏهن ئي مڙس جي هاڪ هوندي هئي. مون ننڍپڻ ۾ جن شين جي هاڪ ٻڌي لاڙ پٽ ۾ تن مان اول تي "انگريز جو انصاف" پوءِ ڦل ماڇي ڌاڙيل ۽ هاڪاري ساک شير ميربحر جي. جيڪو تڙن تي پاڻيارين ۽ سنگ ۾ ڳائيندڙ فقيرن جو به موضوع هوندو هو ته ڀانڊي ۾ ٻيڙيون ٻڌندڙ ڪاريگرن کان ويندي هوٽلن تي ويٺل خفتين جو هيرو هوندو هو. تڏهن اڃا سياستدان ماڻهن جا هيرو ڪونه هئا ۽ نه ئي اهي "شير" سڏبا هئا، سڄي سنڌ ۾ هڪڙو ئي شير هو، سو هو شير مير بحر. سدائين ته ڪنهن جو به عروج ڪونه ٿو رهي. بقا آهي ڌڻي جي ذات کي، الهجڙيو سمون ساماڻو تنهن شير سان اڳيون پويون ڪيون. پر الهه جڙيو کان هڪ ڏوهه ٿي پيو ۽ سندس ڪيريئر پڄاڻي کي پڳو ۽ پوءِ وري سيد سڳوري سمن شاه جو نالو پيدا ٿيو انهي به شير سان ملهون ڪيون. پر جنهن ڳالهه شير مير بحر کي امر ڪري ڇڏيو هو سا هئي سندس چئلينج قبولڻ واري مردانگي. نه فقط چئلينج قبول ڪرڻ پر واڄٽ وڄائي ولائتين کي واپسي جي ٽڪيٽ وٺرائڻ. شير ميربحر اسان جو هيرو هو، آهي ۽ رهندو. جيستائين سنڌ ۾ ملهه وڙهي ويندي شير مير بحر ياد رهندو.


    دل ته ڪنهن کي ڏني يا نه ڏني پر ملهه ڪنهن کي به نه ڏني _(پروفيسر عبدالله ملاح)

    جڳ مشهور روسي زبان جي هاڪاري شاعر رسول حمزه توف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب "ميرا داغستان" ۾ لکيو آهي ته:
    "داغستان جي ڳوٺ ۾ مائٽ پنهنجي اولاد جون سالگرهون تڏهن ملهائيندا آهن جڏهن سندن اولاد ڪو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي جيستائين سندن اولاد جي ڪارنامن جي ڪا کين مبارڪ نه ملندي آهي تيستائين هو اولاد جي سالگرهه نه ملهائيندا آهن پوءِ اولاد کين ڀلي کڻي ڪيترو به پيارو هجي."
    رسول حمزه توف جي ڳوٺائين جي ان روايت کي سندن اولاد ڪئين ٿي سمجھيو يا دنيا قبول ڪيو يا نه پر پنهنجي جاءِ تي ڳالهه وڏي آهي ڳالهه ۾ دم ضرور آهي ڇاڪاڻ ته ڄمڻ به اهو ڄمڻ آهي جنهن ڄمڻ جو اعلان مائيٽ نه پر زمانا ڪن ۽ زمانا ان جنم جو اعلان ڪندا آهن ان شخص جي پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪي شخص پنهنجي ڪنهن قابل ذڪر عمل ۽ ڪارنامي سان گڏ جنم وٺندا آهن. جنهن ماڻهو پنهنجي حياتي ۾ اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي جنهن ڪم جو گڏيل زندگي جي روان دوان ادا سان ڪو تعلق هجي، زندگي جي گڏيل وهنوار ۽ سرگرمي سان واسطو هجي ته پوءِ اهڙو جنم فقط پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ مبارڪ آهي ان جنم تي ماڻهو هلي اچي ان شخص کي سندن جنم تي واڌائي نه ڏيندا. ماڻهن جي جنم ۽ مرڻ جا اعلان ماڻهن جا ڪم ڪندا آهن ۽ جنم به اهو آهي جنهن جنم جو اعلان زمانا ڪن باقي ماڻهو ته گهرن ۾ روز ڄمن پيا ان کي ڄمڻ ٿوروئي چئبو آهي.!!
    سوين هزارين لکين ڪروڙين ماڻهو اڄ به دنيا ۾ جيئن پيا پر سندن جنم جي يا سندن هئڻ جو علم پنهنجي گهر ڀاتين کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به ناهي جيئرا آهن تڏهن به ڪنهن کي خبر ناهي ته آهن يا نه، پر اهڙا مڙس به ٿي گذريا آهن جو اڄ دنيا ۾ ڪونهن مري ويا آهن پر انهن جي حياتي جي ساک زماني جي هر بَهارَ ڏئي ٿي. آسمان جا تارا ۽ زمين جا گل سندن جنم جا ساکي آهن، ڳالهه سالگرهه جي به ناهي. ڪيترا ماڻهو هئا ۽ آهن جن جي ڪابه سالگرهه گُسي نٿي هر سالگرهه وڏي اهتمام سان ملهائي وڃي ٿي، ڪيڪ، شربتون، ڀت پر اهي رڳو گهر ڀاتين طرفان يا خود پنهنجي طرفان ملهايل سوين رنگين ۽ پرڪيف سالگراهون جي باوجود اهي ماڻهو زماني جي د ل ۾ جاءِ پيدا نه ڪري سگھيا. وڏيون عمريون هنن ماڻيون "پر نه تو سئا نه مون سئا."
    حباب ئي هئا وادي ان وچ ۾
    پاڻي تي ڦوٽو هئا گهڙي جو کيل ٿي ويا ۽ اهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن جن جون سالگراهون ته پري جي ڳالهه آهي پر ڳڙ واري ڀت ۾ مائيٽ سندن ڇٺيون به نه ڪري سگھيا. مبارڪين جي موٽ ۾ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ وٽن ٻه کارڪون به نه هيون پر هنن زندگي جي بازار ۾ اهڙا ميلا مچايا زندگي جي رزم ۽ بزم ۾ اهڙا رنگ ڀريا جو جيئري ته جيئري مئي پڄاڻان به سندن پچارن سان پٽ پيا مهڪن. زمانا گذري ويا، سر سڪي سال ٿيا، پر سندن ڳالهين جا پاڻي نٿا کٽن، دليون ته دليون سندن نالا ڀتين مان پار ٿي ويا.
    سنڌ جي ملوڪ ملهه پهلوان شير ميربحر جون مائيٽن خبر ناهي ڪڏهن سالگراهون ملهايون يا نه پر سنڌ سندس يادگار سالگرهه 1966ع ۾ ملهائي جڏهن هن هڪ بين الاقوامي ملهه مقابلي ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي ميدان ۾ هندستان جي نامور ملهه گرنام سنگهه کي عبرتناڪ شڪست ڏني هئي ۽ هند سنڌ ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي هئي.
    ڪنهن به چڱي عمل يا ڪنهن زندگي بخش باعث فخر ڪارنامي مان مراد اها ناهي ته ڪو ماڻهو جبل ڪيرائيندو وتي، يا ملڪن تي حملا ڪندو وتي، يا ڪو فوج جو سپهه سالار هجي يا بادشاهيون ڪري دربارون سجايو ويٺو هجي يا وزير امير ٿي وڃي پر حياتي جي نگاهه ۾ ڪوبه اهڙو عمل ۽ ڪارنامون جنهن عمل ۽ ڪارنامي جو زندگي جي گڏيل وهنوار ۽ سرگرمي سان مثبت لاڳاپو آهي جنهن ڪارنامي ڪم يا عمل جي ذريعي زندگي سان پيار پيدا ٿئي، انسان جو انسان سان تعلق پيدا ٿئي، سندس عمل ۽ ڪارنامون انساني مسرت جو سبب بڻجي، انساني محابي جي مضبوطي جو ڪارڻ بنجي، انساني تاريخ جي نگاهه ۾ اهو ڪارنامون ۽ ڪم انساني چڱائي جو معراج آهي، انساني بلندي آهي.
    جيئن ڪو رڻ ۾ گيت ڳائڻ، مقتل ۾ ڪو عشق جو نظم چوڻ، دربار ۾ زنجيرون پائڻ، غريب ڪنوار ۽ گھوٽ جي شان ۾ ڪو لاڏو چوڻ ڪو دريا هه ترڻ، ڪو رڻ ماپڻ، ڪو زندگي سان سنڱ پيدا ڪرڻ، ڪو وڻ پوکڻ، ڪو جانور سانڍڻ، ڌراڙ جو چنگ، لاهياري جو ڳيو، ڪنهن ملاح جو لهندڙ سج وقت ٻيڙي ۾ ڳايل ڳيت، ڇتين تي بيهي لغڙ اڏائڻ، ڪو ڇڪو هڻڻ، ڪا وفا ڪرڻ، ڪو ڀاڪر پائڻ ۽ ڪا ملهه وڙهڻ ۽ ملهه مارڻ. زندگي جي عظيم دربار ۾ وڏايون هي آهن، ڪارنامه هي آهن. ڪم هي آهن جيڪي مڙسن جي ڄمڻ جا اعلان ڪن ٿا يا پاڻ ۾ رياضت ڪري محنت ڪري وقت جو رڻ جهاڳي، ڪو اهڙو گڻ پيدا ڪجي، ڪا اهڙي ڪردار جي سونهن پيدا ڪجي جيڪو گڻ، جيڪا ڪردار جي سونهن فقط ان شخص جي ميراث هجي، بادشاهه بادشاهيون لٽائي به اهو گڻ حاصل نه ڪري سگھن. نه وري سپهه سالار ۽ لٽيرا تلوار جي زور تي اهو گڻ ۽ ڪردار جي سونهن ڪنهن کان ڦري پنهنجي ڪردار جي لباس ۾ سجائي سگھن.
    شير ميربحر وٽ جيڪي ملهه وڙهڻ جي سگهه، لياقت ۽ سونهن هئي جنهن سگهه لياقت ۽ سونهن سان هن سنڌ جا ميلا ملهايا. ڀٽ شاهه کان شاهه ڪريم تائين واهه واهه ڪرائي ڇڏي. اها لياقت اهو گڻ، اها هنر جي سونهن هن شخص سان هئي وري سنڌ اهڙو سنڌ ملوڪ وينجھار ملهه نه ڏٺو شير ميربحر ڪير سڏائي. سندس ملهه ڏسڻ لاءِ حاڪمِ شهر ۽ رعيت راڄ هڪڙي قطار ۾ ويهي داد ڏيندا هئا. دنيا جو بلندترين مقام ماڻيندڙ فن ۽ هنر اهو آهي جيڪو زندگي جي ساري شهر مٿان برابر سحر جو بادل ٿي وسي پوءِ هنن کي جيڪڏهن هٿرادو حد بندي ڪري ڪو حلقو قبول نه ڪري ته اها وري ٻي ڳالهه آهي.
    والي رياست خيرپور ميرس مير علي مراد خان ٽالپر جي تقريبِ تاج پوشي 1951ع ۾ فيض محل خيرپور ۾ جڏهن ٿي هئي ته ان تقريب جي خاص ڳالهه شير مير بحر جون ملهون هيون جڏهن هن پنهنجي دور جي پهرين جوڙ جي هاڪاري ملهن انب شيدي، هوشو شيدي، ۽ هينڊل مڪراني کي هڪٻئي جي پٺيان ملهون هنيون ته تقريب ۾ ويٺل وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان، بيگم رعنا لياقت علي خان، مير علي مراد خان ۽ ايوب خان عام ماڻهن سان گڏ اٿي بيهي شير ميربحر کي خراج تحسين پيش ڪيو. جيستائين شير ميربحر پڙ ۾ نه ويٺو ايستائين ان تاجپوشي واري تقريب جا سڀ مهمان اٿي بيهي تاڙيون وڄائيندا کيس داد ڏيندا رهيا هئا.
    هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ جيڪو بين الاقوامي دنگل ڪرايو هو ان جا شاهد اڃان جيئرا آهن چيڪو سلاويڪيا جي پهلوان زيبسڪو جي وڏي ڳالهه هئي پر شير ميربحر زيبسڪو کي رِنگن مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ان شاندار فتح تي کيس "رستم سنڌ" جو خطاب مليو. پهرين سنڌي فلم 'ايڪتا' جي ٺاهيندڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي نامياري ڪتاب "ڪيئي ڪتاب" ۾ لکيو آهي ته "سيد سمن شاهه، غلام سرور جتوئي، الهجڙيو سمون، يڪو خاصخيلي، انب شيدي، بکر شيدي، نواز علي رند، درو عالماڻي، جانو صابرو، شير گوپانگ، دادلو شيدي، سائين داد ٿريو، علي خان ملوڪاڻي، نبن جمالي، حاجي خشڪ، ڇٽو ساٽي، در محمد عالماڻي، قادر بخش مير بحر، ولي پالاري سنڌ جا وڏا ملهه هئا پهرين جوڙ جا پهلوان هئا انهن سمورن ملهن جو اڳواڻ ملهه شير ميربحر هو. شير ميربحر نه رڳو انهن ملهن جو اڳواڻ هو پر انهن سمورن ملهن سان ملهون وڙهيو به هو ۽ انهن ملهن مان ڪوبه ملهه ڪڏهن به هن کان ملهه نه وٺي سگھيو ۽ انهن سان هن جون عمر ڀر جيءَ جون واٽون به رهيون ملهه مارڻ کان پوءِ هُن ۾ غرور ۽ وڏائي پيدا نه ٿيندي هئي، ملهه ماري رڳو هڪ اهڙي مرڪ سندس منهن تي پيدا ٿيندي هئي جنهن مرڪ کي ڏسي ٻيو به مرڪي پئي دل جا در کولي ڇڏي. ٿيڻ به ائين گھرجي، سونهن هجي، طاقت هجي، انهن طاقتن جي نشي ۾ تڪبر جي گھوڙي تي چڙهي، انساني محابن جا وڻ لتاڙي، ملڪ بيابان ڪري ڇڏجن يا فتح جي غرور جي انڌ ۾ انساني چڱائين جا لوڙها لتاڙي ڇڏڻ ڪم ظرفي آهي، شير ميربحر هزارين لکين ماڻهن جي وچ ۾ بيهي سوين دفعه عظيم ڪاميابيون ماڻيون پر انهن ڪاميابين جي ڪري هن ڪڏهن به چڱائيءَ سان تعلق نه ٽوڙيا. پنهنجا گهر ڀاتي، پنهنجي ڳوٺ جا ماڻهو ساڻس ملهون وڙهندڙ، ملهون ڏسندڙ سمورن ماڻهن سان سندس جيءَ جون واٽون سلامت رهيون. ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن مولائي ملاح پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته "پهلوان شير ميربحر پنهنجي قومي راند سان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سئي ۾ سڳي جيان سلهاڙيل رهيو".
    جن ماڻهن جي نالي سان وقت ۽ زماني جون بزمون اجهامن ۽ ٻرن ٿيون انهن کي مولائي ملاح واري ڳالهه ته زندگي سان زندگي جي گڏيل سرگرمي سان زندگي جي گڏيل پنڌ سان پنهنجي تهذيبي تاريخي ۽ سماجي وهنوار سان ائين سلهاڙجي رهڻو پوندو آهي جئين سڳو سئي سان سلهاڙيل. سئي ۾ سڳي جيان سلهاڙيل ماڻهو ئي وقت جي درياءَ ۾ سونهن مڃتا ۽ ڪمال جي وير بنجي لهندا ۽ اڀرندا رهندا آهن.
    شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسيٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ موسي ديري ۾ ڄائو. 28 مارچ 1985 ع ۾ هي جهان ڇڏيو 20 هين سالن جي ڄمار ۾ هن پنهنجي ڳوٺ ڀرسان محبت ديرو جتوئي ۾ لڳندڙ هڪ ميلي ۾ پهرين ملهه وڙهي ۽ آخري ملهه مسلم ڪاليج حيدرآباد پاران لڳندڙ ملاکڙي ۾ وڙهي. پهرين ۽ آخري ملهه جي وچ ۾ 40 سالن تائين هو مسلسل سنڌ جي ميلن ۾ ملهون وڙهندو رهيو. هن ٻه شاديون ڪيون دل ته خبر ناهي ڪنهن کي ڏني يا نه ڏني پر ملهه ڪنهن کي به نه ڏني. پوءِ ڀلي سيد سمن شاهه هجي، غلام سرور جتوئي هجي، الهجڙيو سمون هجي، چيڪوسلاوڪيه جو پهلوان زيبسڪو هجي، هندستان جو ملهه پهلوان گرنام سنگهه هجي، هنڊل مڪراني يا ملان شيدي هجي.
    1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ۽ سندس اعزازي معاوضو به مقرر ڪيو جيئن ڀٽي کي تخت تان لاهي جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو ته هن جيڪي هن ملڪ جي ماڻهن سان چڱايون ڪيون انهن چڱاين مان هڪ چڱائي اها به ڪئي ته هن شير ميربحر کي قومي ڪوچ واري عهدي تان هٽايو، نه رڳو هٽايو پر جيڪو کيس اعزازي معاوضو ملندو هو اهو به سندس بند ڪري ڇڏيو. آخري وقت ۾ پاڻ بيمار رهندو هو پر هن معاوضي نه ملڻ ۽ قومي ڪوچ واري عهدي تان هٽائڻ واري عمل جي خلاف هن ضياءَ سرڪار جي ڪنهن به ماڻهو کي درخواست نه ڏني نه وري سرندي وارن کي علاج ۽ گذر لاءِ مدد ڪرڻ جي ڪا اپيل ڪئي.
    هر دور جا پنهنجا هيرا ٿيندا آهن اڄ جا هيرا ڪير به آهن پر 1950 کان وٺي 1985ع تائين جو سنڌ جو هيرو شير ميربحر هو. حڪمرانن کيس ڀلي ايتريون عزتون نه ڏنيون جيترين عزتن جو هو حقدار هو پر سنڌ جا ميلا ۽ ملاکڙا جيڪي ان زماني جا سڀ کان وڏا عوامي ميڙ هئا انهن ميڙن جو هيرو شير ميربحر هو. هن کِلي ملهون وڙهيون، کِلي زخم کاڌا ۽ کِلي حياتي کان موڪلايو. هن کي حڪمرانن سان ڪا شڪايت هوندي ته ضرور هوندي پر سنڌ جي ماڻهن جيڪو کيس پيار ڏنو، جيڪا محبت ڏني، ان جي بدلي هو سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجي حياتي ۾ هميشه شڪرگذار رهيو.
    هر سال سندس ڳوٺ محبت ديري جتوئي کان ٻه ڪلوميٽر ٻاهر پنهنجي نالي سان قائم ڳوٺ 'شير ميربحر' ۾ سندس پٽ شهاب الدين ملاح ۽ سندس چاهيندڙ ملاکڙو ڪرائيندا آهن جنهن ۾ ملهه پهلوان ملهه وڙهي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن. اها ته سندس پٽ شهاب الدين ملاح ۽ سندس چاهيندڙ چند ماڻهن جي چڱائي ٿيندي جو هن سنڌ جي ملوڪ شخص کي ياد ڪريو سنڌ جو هِنيون ٺاريو ويٺا آهن. ورنه سنڌ جي، هن ملڪ جي حڪمرانن خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو وساري سنڌ جون هِنيون ٻاري ڇڏيو آهي.
    جن ماڻهن سان عوام محبت ڪري ٿو، جن ماڻهن قومن جي گڏيل تهذيب ۽ ثقافت ۾ روح ۽ زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا پنڌ ڪيا انهن ماڻهن جو سرڪار نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪي ماڻهو هن ملڪ جي ماڻهن مٿان جرڙ ۽ چٽيون هئا، جن ماڻهن هنن ماڻهن جي پنهنجي ۽ پنهنجي سوين مستقبلن جي ٻنين کي تيليون ڏئي ڇڏيون انهن جون سرڪار وٽ ڳالهيون نٿيون کٽن پر چوندا آهن ته جن ماڻهن کي اهل درٻار وساريو ڇڏين انهن کي اهل دل سدائين ياد رکندا جن کي بزم شاهي ۾ ياد نه ڪيو ويندو آهي اهي بزم حيات جا تارا هوندا آهن. اسانجو رستمِ سنڌ شير ميربحر انهن تار منجھان قطب تارو آهي.


    اڄ اسان وٽ شير ميربحر ناهي...!! (عمر قاضي)

    Not gold, but only man can make
    A people great and strong;
    Men who, for truth and honor's sake,
    Stand fast and suffer long.

    Brave men who work while others sleep,
    Who dare while others fly--
    They build a nation's pillar's deep
    And lift them to the sky
    اهو مختصر انگريزي نظم جيڪو اسان ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو، تنهن جي حقيقي معنيٰ اسان کي ان وقت سمجهه ۾ آئي آهي، جڏهن اسان جو ٻالڪپڻو تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي. پر شايد اهڙي شعر کي سمجهڻ جو اصل وقت به اهو آهي. ڇو ته موجوده دور ۾ ماڻهو صرف ڌن ڪٺو ڪرڻ جي چڪر ۾ چريا ٿي پيا آهن. دولت جي لالچ نئين ناهي پر جيترو ڪروڌ لوڀ موجوده دور ۾ پيدا ڪيو آهي، ايترو اڳ ڪڏهن به نه هو. ان ڪري هاڻي اسان کي انهن ڪردارن جي اڻاٺ جو احساس شدت سان ٿي رهيو آهي، جيڪي زندگيءَ جي هر رخ ۾ سخت محنت ڪن ٿا. جيڪي شارٽ ڪٽ جي تلاش نه ٿا ڪن. جيڪي جاکوڙين ٿا. هر دم ۽ هر قدم اڳتي وڌن ٿا ۽ انهن جي ترقي ٻين جي لاءِ ساڙ ۽ وير جو سبب نه ٿي بڻجي پر اها اڳڀرائي هڪ قومي اتساهه جي صورت حاصل ڪري ٿي.
    قومون صرف اديبن جي بنياد تي نه جڙنديون آهن. اهي صرف دانشورن جي حوالي سان عالمي اسٽيج تي جلوا افروز نه ٿينديون آهن. اهي فقط پنهنجن سياستدانن جي سهاري سان ترقيءَ جي آسمان جا چنڊ ۽ سج نه بڻبيون آهن. انهن کي صرف وڪيل ۽ جج نه گهربل هوندا آهن. انهن کي فقط ماهر بيوروڪريٽ مسلن جي چڪڻ مان چاڙهي نه ٿا سگهن. انهن کي صرف واپاري ۽ سوداگر خوشحال بڻائي نه ٿا سگهن. انهن کي فقط تعليمي ماهر ۽ سائنسدان سگهارو ڪري نه ٿا سگهن پر جڏهن اهي سڀ ۽ اڃان به زندگيءَ جي هر شعبي جا ماڻهو پاڻ ۾ محنت جو جذبو پيدا ڪن ۽ صرف خواب ڏسڻ بدران هر ڏينهن ۽ هر پل محنت ڪن ۽ اها محنت صرف پنهنجي زندگيءَ کي سڌارڻ ۽ پنهنجي آئيندي کي اجارڻ جي لاءِ نه پر ان ۾ قومي وقار جو پهلو به شامل هجي ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو ملڪ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ٿيڻ بدران آسمان جا ستارا نه ٿي سگهن.
    جڏهن قومون پنهنجي ترقيءَ جي سفر تي چڙهنديون آهن، تڏهن انهن جو هڪ نه پر هر شعبو مڻيادار ماڻهو پيدا ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو ته ملهه راند جهڙي موجوده دور ۾ وسري ويل ۽ نظرانداز ٿيل شعبي ۾ به هاڻي اسان وٽ ڪو اهڙو ڪردار ڪونهي، جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون. پر ڪنهن دور ۾ قومي راند جو اهو شعبو ان شخص جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جيڪو شخص نه صرف پنهنجي صورت ۾ پر پنهنجي سيرت ۾ ڇٽيهه لکڻو هو. هن شخص جهڙي ريت پنهنجي پوري زندگي ملهه جي شعبي کي ارپي، اهڙو مثال اسان لاءِ ڳولهڻ مشڪل آهي. مان ان بحث ۾ نه ٿو پوڻ چاهيان ته راندين جو قومي ترقيءَ ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو آهي؟ پر جيڪڏهن اڄ پوري دنيا پنهنجي پنهنجي ڪلچر جي حوالي سان راندين کي اهميت ڏئي رهي آهي ته ان جو سبب صرف روايت ناهي. رانديون اسان کي گهڻو ڪجهه سيکارين ٿيون ۽ راندين جي حوالي سان اسان کي به دنيا کان گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي. اها ڪيتري نه بهتر ڳالهه ٿئي ها ته جو اسان جا نوجوان ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال جهڙين راندين ۾ باقاعدي مهارت حاصل ڪن ها هو عالمي سطح تي انهن راندين جا اسٽار ليکيا وڃن ها. پر افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو اسان نيون رانديون سکڻ بدران پنهنجيون پراڻيون رانديون به سانڍي نه سگهياسين. اڄ اسان وٽ ملهه به ناهن ۽ ميدان به ناهن پر جيڪڏهن اسان وٽ ملهه پيدا ٿي پون ته ميدان پنهنجو پاڻ وجود ۾ اچي ويندا. پر اسان ڪٿي ڳولهيون اهو شير مير بحر جهڙو انسان جيڪو پنهنجي ماحول سان بغاوت ڪري ملهه بڻيو هو.
    اڄ اسان وٽ اهو شير مير بحر ناهي، جنهن جو سفيد سنڌي پٽڪو ۽ جنهنجي مڇ جو مڙسيءَ وارو ور سنڌ جي سڃاڻ سمجهيو ويندو هو. اهو شير بحر جيڪو ڪنهن به مقابلي ۾ لهندو هو ته ڏسندڙ هن جي ڏيا ۾ اچي ويندا هئا. ڇو ته هو پنهنجي مزاج ۾ ڀلي ڪيترو به ماٺيڻو ۽ مکڻ جو چاڻو ڇو نه هجي پر جڏهن هو سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪڏي پوندو هو ته هن سان مقابلي ڪرڻ وارا دهلجي ويندا هئا. اهو ملهه پهلوان جنهن مٿان سموري زندگي ڪڏهن به ڪنهن ڪپت جي تهمت نه لڳي. جنهن سموري زندگي پوري ايمانداريءَ سان مقابلا ڪيا ۽ پوري شان مان سان اهي مقابلا کٽيا. اهو شير مير بحر جيڪو جتي به ويو، سنڌ جي لڄ رکي آيو. ان جي ذاتي زندگيءَ تي سرسري نظر وجهڻ سان به اهو معلوم ٿي وڃي ٿو ته هو مڪمل طور تي سنڌ جو هڪ روايتي ۽ صفا سٻاجهو ماڻهو هو. هو جيڪو مٽيءَ وارن ميدانن ۾ مقابلي جو منظر پيش ڪندو هو، تنهن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته ڄڻ قدرت هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي. هن ڪڏهن به نعرا نه هنيا ۽ هلڪي قومپرستيءَ جي آڙ وٺي هن پنهنجو ڪڏهن به نالو نه چمڪايو ۽ نه وري ڪو ناجائز فائدو ورتو پر هو ميدان ۾ هڪ فرد جي صورت نه پر هڪ قوم جي صورت "فيئر پلي" سان مقابلا ڪرڻ جي سلسلي ۾ مشهور هو.
    هونءَ ته هر فرد جي زندگيءَ ۾ هن جي ڪيترائي پهلو پاسا ۽ رخ توڙي زاويا ٿين ٿا پر مان هن وقت به هن کي پنهنجي تصور ۾ آڻيان ٿو ته مون کي هن جون اهي اکيون تمام گهڻيون موهن ٿيون، جن اکين ۾ رڳو حسن نه پر حشمت به هوندي هئي. اهي اکيون اهڙيون هونديون جهڙي اکين لاءِ سنڌي عورتون اهو سهرو ڳائينديون آهن ته:
    "اکيون ادل جون ٻرن مشالا"
    اهڙيون زنده ۽ زور ڀريون اکيون هيون، ان شير بحر جون، جيڪو پنهنجي دور ۾ سون جون نه هزارين عورتن جو هيرو هوندو هو پر پوءِ به هن جي اجري دامن جي مٿان ڪڏهن ڪنهن غلط حرڪت جو داغ نه لڳو. هو پوءِ به پنهنجي ريت نهايت ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو. هو جيڪو سنڌ جي ميدان جو مور هو ۽ اڄ هن جي اڻهوند منهنجي لاءِ صرف ملهه جهڙي سنڌ جي ثقافتي سوکڙيءَ جي سڃي ٿيڻ جو سبب نه ٿي محسوس ٿئي پر اڄ شير مير بحر هڪ ملهه پهلوان نه پر اسان جي اداس ديس جي علامت بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن ملهن جو دور نه رهيو آهي ۽ هر پاسي صرف ۽ صرف نورا ڪشتيون ٿي رهيون آهن، تڏهن سياسي حوالي سان ملڪ جي دارالحڪومت ۾ اقتداري پڙ کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ جيڪو سياسي ملاکڙو ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ سنڌ جو ڪو حصو پتي نه ڏسي مون کي شير مير بحر جي ياد اچي رهي آهي ۽ مان سوچي رهيو آهيان ته ڪاش! اسان هن ملاکڙي ۾ پنهنجو ڪو شير مير بحر لاهيون ها ۽ پوري ملڪ کي ٻڌايون ها ته سنڌ سنڍ نه آهي. سنڌ ته واقعي سنڍ ناهي هن جي ڌرتيءَ جي ڪک سدائين سورمن کي جنم ڏنو آهي پر هن وقت جي سفر دوران هن موڙ تي جڏهن پوري دنيا جون اکيون اسلام آباد واري ملاکڙي تي کتل آهن، تڏهن اسان ان مقابلي واري ميدان تي پنهنجي ديس جي شموليت نه هجڻ واري افسوس جو شڪار آهيون ۽ مون کي ان ملهه پهلوان جي سار شدت سان اچي رهي آهي، جيڪو پنهنجي ڏيک ۾ سنڌ جون مڙس مهانڊو هو ۽ هن وقت اهڙي علامت بڻجي ويو آهي جو هن جي وجود جي حوالي سان اسان پنهنجي ديس جي سکڻي ۽ صفا ڪمزور ٿي ويل سياست جو هاڃو پسي رهيا آهيون. ان ڪري مون کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ان ملاکڙي ۾ ڪا خاص دلچسبي ناهي. ڇو ته ٻنهي نه پر ٽنهي پاسن کان پنجاب آهي. ڀلي ڪنهن کي شڪست ملي ۽ ڪنهن جي فتح جا شادمانا وڄن پر هر صورت ۾ سوڀ ته پنجاب جي ٿيندي. پر جيڪڏهن هن وقت ان پڙ ۾ اسان جو سياسي پهلوان، اسان جو ڪو سياسي شير مير بحر هجي ها ته پوءِ نه صرف اسان ڏسون ها پر پوري دنيا کي به ڏيکاريون ها ته ان سنڌ ۾ ڪيتري سگهه آهي، جنهن سنڌ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ خلاف ڀرپور مزاحمت ڪري کيس رڪ جا چڻا چٻرايا ها. ان وقت جمهوريت جي تحفظ جي سلسلي ۾ سنڌ جو هر فرد ڄڻ ته شير مير بحر وانگر ميدان ۾ جيت جي لاءِ لهندو هو ۽ ان آزمائش جي وقت ڪنهن به سنڌي سورمي جي مٿان ڪوئي حرف نه آيو. پر تاريخ جا عجيب لاها چاڙها آهن. هن وقت اسان لاٿ ۾ آهيون. جڏهن سياسي ميدانن تي مقابلن جا دهل وڄي رهيا آهن ته اسان وٽ ڪو به سياسي پهلوان ته ڇا پر ثقافتي ميدان تي به اسان وٽ ڪو شير مير بحر ناهي. اسان جو هر خالي ميدان چڻ ته تاريخ طرف سواليا اکين سان تڪي رهيو آهي.


    شير ميربحر: سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو امين (سڄڻ سنڌي)

    جيئن ته قومن جي وجود ۽ هستيءَ توڙي بقا ۽ سلامتي لاءِ جاگرافي، ٻولي، ساڳيا سياسي ۽ اقتصادي مفاد اهم جز آهن. تيئن ئي روايت، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ئي ڪنهن به قوم کي 'جز' مان 'ڪُل' بنائي سگهي ٿي.
    ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر ۽ نئين سنڌ جي سرجڻهار سائين جي ايم سيد پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: "جهڙي طرح سج جي روشني جملي انسان ۽ حيوان ذات کي فائدو پهچائي ٿي، اهڙي طرح ثقافت به جملي انسان ذات جي اندروني خواه ظاهري اصلاح ۽ آراستگيءَ لاءِ ڪارآمد آهي. ليڪن جيئن ساري انسان ذات، شناخت ۽ نظام خاطر، فردن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي، اهڙيءَ طرح تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هزارين ورهين جي تجربي ۽ معلومات بعد ثقافتي ورثا ڪٺا ٿين ٿا، جن کي هو پنهنجو قيمتي ذخيرو سمجهي، محفوظ رکندا آهن ۽ انهن کي هو پنهنجي ترقيءَ جي رستي ۾ مشعل راهه ڪري منزل مقصود کي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ نقطي نگاهه کان سنڌي ثقافت به هڪ مستقل جداگانه هستي رکي ٿي."
    انهيءَ ثقافت جي ٺاهڻ ۾ گذريل چئن هزارن ورهين کان وٺي سنڌ جي ڪروڙها رهاڪن حصو ورتو آهي. هينئر اسان وٽ اها صدين جو ورثو ۽ امانت آهي، جنهن ۾ سسئيءَ جهڙين سلڇڻين پنهنجي پنهل لاءِ جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هوندا، مومل جهڙين گجرين پنهنجي راڻن لاءِ رات وهائي ڏينهن ڪيا هوندا، مارئيءَ جهڙين محب وطن عورتن پنهنجن پکن ۾ وڃي محلن جي مر لاهڻ لاءِ روڄ ۽ رياض ڪيا هوندا ۽ سهڻيءَ جهڙين سرويچين ميهارن لاءِ ڪاريءَ رات ڪن گهڙيا هوندا ۽ ڪيترن عالمن صوفين، نقاشن، ڳائيندڙن، پهلوانن جو پڻ ثقافت ۾ برابر جو حصو آهي.
    "هونئن به اسين آزادي ۽ غلاميءَ جي جنگاڻ ۾ صدين جا سودائي رهيا آهيون. بيشڪ قومي وجود، جداگانه تشخص کان پوءِ ڪنهن به وطن ۽ ان وطن ۾ وسندڙ قوم جي تهذيب ۽ ترقيءَ لاءِ علم ۽ هنر صنعت ۽ حرفت جي اهميت ۽ افاديت جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر ڪنهن به قوم جي هستي رڳو تهذيب ۽ ثقافتي ورثن سان ئي قائم دائم رکي سگهجي ٿي."سيد صاحب ثقافتي اهڃاڻن ۾ پهلوانن جو ذڪر نمايان طور ڪيو آهي. عوامي شاعر عبدالحڪيم ارشد جي شعر جي هن سٽ "ديس جي دودن ۽ جوڌن، پهلوانن کي سلام" جي نقطه نگاهه جي روشنيءَ ۾ مشاهدو ماڻبو ته اسان کي سرزمين سنڌ جو سرموڙ ملهه پهلوان "شير ميربحر" جڳ مڳ جڳ مڳ روشن روشن ستارن ۽ ڪهڪشائن ۾ چمڪندڙ چنڊ جيئن نظر ايندو.
    شير ميربحر جو نرالو نانءُ کڻبو ته تصور ۾ ڪو بي انت بحر ئي سمائجي سگهي ٿو.
    الاءِ ڇو به پر مون کي شير ميربحر جو نالو زمين جي وسعتن کان آسمانن جي بلندين تائين هميشه للڪارون للڪارون ئي ڀاسندو آهي.
    شير ميربحر هيو ته ملهه پهلوان يقيناّ هُو پنهنجي هڏڪاٽ ۾ اتاهون ئي هوندو، سندس سونهن ۽ سندرتا به ڏسڻ وٽان ئي هوندي. چون ٿا ته سندس حُسن (مردانه وجاهت) جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. ڪويل جي ڪوڪار ۽ هرڻيءَ جي ڇال ۾ به عجب حسناڪي هجي ٿي پر مور جي ٽور ۽ ٽهوڪا سدابهار ۽ بي بدل رهيا آهن.
    "ملهه" جو هڪ مڪمل دؤر شير ميربحر جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو رهيو آهي. ان دور ۽ زماني جا ماڻهو ڪنهن به ملاکڙي ڏسڻ لاءِ آکاڙي ۽ شير ميربحر جي هجڻ جي پهرين پڇي پڪ ڪندا هئا ۽ پوءِ ئي ڪنهن ميلي ملاکڙي لاءِ پنڌ پوندا هئا. چون ٿا ماڻهو ملاکڙي ۾ شير ميربحر جي آمد کان ڪيترو ئي وقت اڳ ۾ اچي آکاڙي جي پٽ تي ٻانهيون جوڙي ويهي سندس ئي پچارون ڪندا هئا. شير جو جلوو ۽ جوت پسڻ مَنهيون" ۽ "پيها" ملهه جي شائقين سان سٿجي ويندا هئا. شير ميربحر جي آمد ڪنهن ٿڌڙي هير جيان ماڻهن منڙو ٺاري وجهندي هئي، ميدان تي سندس مُرڪن جا ڄڻ مينهن وسي پوندا هئا ۽ پوءِ ملاکڙي جي ميدان ۾ شير جي شڪار تي ها ... ها... ڪار ٿيڻ شروع ٿي ويندي هئي. پر چون ٿا ته ملهه تڏهن "ملهه" نه ڪا "ٻاراڻي کيڏ ۽ نه ڪو هٿ ناٽ" سندس جوڙ جا نالي وارا پهلوان جڏهن سندرا ٻڌي ميدان تي لهندا هئا ته ڌرتيءَ ڄڻ هانءَ ٺري پوندو هو. هوائن ۾ هڳاءُ ۽ ماحول مهڪارون مهڪارون ٿي ويندو هو.
    شير ميربحر ۽ سندس هم عصر پهلوانن زماني جهان جي فڪر کان آزاد ٿي "ملهه" جا انگ اکر ۽ جوهر ڏيکاري ڏسندڙن جا ڇرڪ ڇڏائي ويهندا هئا ۽ پوءِ شير ميربحر ۽ سندس جوڙ ــ جيس جي پهلوانن جي هنڌين ماڳين هاڪ پئي هلندي هئي، انهن ۾ هونئن ته ڪيترائي مڻيادار ملهه اچي وڃن ٿا پر الهه جڙيو سمون، سيد سمن شاهه ۽ غلام سرور جتوئي جا نالا سندس ئي پٺيان پر احترام سان ياد ڪيا وڃن ٿا.
    شير ميربحر جي نالي سان هونئن ته ڪيئي نسبتون آهن پر هڪ نسبت هيءَ به آهي ته:
    جيئن سنڌ ديس جو ساهتي پرڳڻو سنڌ جي نقشي ۾ ڄڻ ڪنهن دل سمان آهي. تيئن شير ميربحر پنهنجي جنم ڀومي ساهتي پرڳڻي جيان ملهه ۽ پهلواني توڙي ميلي ۽ ملاکڙي جي ڄڻ ڌڙڪندڙ دل وانگر هئي.
    مون ٻڌو آ ته سندس ڳوٺ جا نالا ٻه اڍائي ڀيرا بدليا به آهن پر ان جو هڪ نالو "ڀونئر" به ڳڻايو ويندو آهي. بقول مرشد لطيف جي ته:
    ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاس،
    ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
    ڀٽائي سرڪار جي هن بيت جي تناظر ۾، شير ميربحر سچ ته پنهنجي ڳوٺ جي نرالي نانءُ وانگر ڪنهن ڀونئر مثل ئي هيو. جنهن جي اڏام اُتاهي رهي ۽ سنڌ ڄڻ ته ڪنهن ڪنول گل جيان هئي.
    شير جڏهن ملاکڙي جي ميدان جي چؤطرف چوڌار اُڀري اُسهندو ۽ اُسهي اڀرندو هو. تڏهن آڪاس ۾ اڏرندڙ ڀونئر جيئن ڀاسندو هو ۽ ڌرتي ڪنول جو گل ٿي پوندي هئي ۽ ها پوءِ پڪ ئي پڪ ٻنهي جي ڳالهڙي کي رازق ئي راس ڪيو هوندو. شير ميربحر ۽ سندس ڌرتيءَ کي جنهن عشق ميڙيو سا سائين جي ايم سيد جي تصور ۾ يقيناّ روايت، تهذيب ۽ ثقافت ئي اهو "عشق" هئي.
    جهڙي ريت شير ميربحر پهريان پنج درجا پڙهيو. هي پڙهيو ته ٿورو پر ڪڙهيو خوب قلوب ۾، تيئن وري هن ملهه جي ميدان ۾ اڃا ابتدائي سبق ئي مس پڙهيا هئا جو پاڻ سان پاڻ ئي مخاطب ٿيندي چيو هوندائين ته:
    اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
    ۽ ڪنهن زور ڀريو هوندس ته پڪ چيو هوندائين ته:
    ملان، مار مَ مون، سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان.
    هن جو مارڳ نه "سبق" هو پر سندس ماڳ رڳو "سڄڻ" ئي هو. هن جي منزل به ساڳي هئي ته مقصود به ساڳيو هو.
    اهوئي سبب هو جو اٿندي ئي پاڻ کان مٿاهين جوڙ جي پهلوانن: اقبال جوڳي، محمد بخش مهر، هوشو شيدي، پنجل مهر، لال محمد ڦل، هينڊل مڪراني ۽ حاجي احمد لُهر کي مهميزون ڏئي ماري ملڪ ميدان ڪري ڏيکاري ڇڏيائين.
    خوشگوار حيرت ۾ وجهندڙ هڪجهڙائي هئي به آهي به، پهرين جوڙ جي ٽن ملهه پهلوانن هوشُو شيدي، هينڊل مڪراڻي، انب شيدي ۽ پنهنجن همعصر ملهه پهلوانن مان ملان شيدي، قلب علي جتوئي، بکر شيدي ۽ مٽر شيديءَ کي هڻي هنڌ ڪيو.
    ۽ مزيدار ڳالهه اها ته هن سنڌ وطن جي نامور ملهه پهلوان الهه جڙيو سمون کي للڪار تي کيس لڳاتار ست ڀيرا ماري مڃايو.
    شيرميربحر، هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر سابق وزيراعظم لياقت علي خان، بيگم رعنا لياقت علي خان، فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان، مخدوم طالب الموليٰ، جنرل موسيٰ خان، امداد علي خان ڀٽو ۽ پير بخش خان ڀٽو سميت ڪيترن ئي وڏين شخصيتن کان ايوارڊ حاصل ڪيا. جڏهن ته عام ماڻهن (عوام) کان مجموعي طور لکئين روپيا حاصل ڪيا ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي دعائن جا در سدائين کليل رهيا.
    جنهن جي آڏام تي ڪاميابيون سندس مقدر بڻيل رهيون پر مسلسل ڪاميابي هن ۾ جيئن پوءِ تيئن عجر ۽ عاجزي توڙي نماڻائي ۽ نهٺائي پيدا ڪئي.
    شير ميربحر ملهه جي دنيا ۾ شهرت جي آسمانن کي ڇهڻ کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملهه کي قومي راند قرار ڏئي ان شير ميربحر کي ان جو ڪوچ مقرر ڪيو.
    شير ميربحر اوج ۽ عروج جون منزلو ماڻڻ سان گڏ هڪ پاسي سنڌ ديس جي ڌرتي جي مٺڙن ماروئڙن جي من ۾:
    اندر روح رهيا م، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    جي مثل رهيو ته ٻئي پاسي سنڌ جي ويرين نه ڄاڻ ڇو کيس ڪُکِ جو ڪانُ ٿي ڄاتو. جنرل ايوب خان جي دور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ديس جي اصل وارثن کي "ڌرتي ڌڪاڻا" تصور ڪندا هئا ته پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو والي سمجهندا هئا، اهوئي ڪارڻ هيو جو ان دور ۾ ڊي سي حميدي شير ميربحر کي 110 جهڙي بدنام زمانه قلم ۾ چالان ڪيو، جيڪو پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي نيڪال ٿيو ۽ جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ سنڌي تهذيب، روايت ۽ ثقافت جي علمبردار پنهنجي دور جي عظيم ترين ۽ ناقابل شڪست ملهه پهلوان کي اهو ڏسڻ کان سواءِ ته عالمي سطح تي ملندڙ چئلينجز کي قبوليندي. چيڪو سلواڪيه جي "زيبسڪو" آسٽريليا جي "آسٽن" ۽ هندستان جي "گرنام سنگهه" کي شڪست ڏئي ملڪ کي عالمگير فاتحن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو.
    ملهه جي قومي راند واري حيثيت کي ختم ڪري، ا ُن کي ميسارڻ جي ناپاڪ سازش ٿيندي شير ميربحر کي ڪوچ واري مرتبي تان هٽايو ويو.
    مون توڙي جو شير ميربحر کي عمر عزيز جي پوئين پهر ۾ ڏٺو.
    هن اُڀرڻ (21 جنوري 1924ع جنم) کان اُلهڻ (28 مارچ 1985ع وصال) تائين ڪنهن به رئيس، ڀوتار، مير، پير ۽ حاڪم جي دربار جو درباري يا دربان ٿي نه گذاريو. هي صوفي صفت، آزاد منش ۽ خود دار انسان هو. جنهن نوابشاهه شهر جي غريب آباد ۾ پنهنجو شاندار قسم جو اجهو جوڙايو. هو پنهنجي اجهي جي اوٽ ۾ به صبح جو اڀرندڙ سج جي تک ۽ تاءُ جي منهن سامهون ۽ لڙي شام جو لهندڙ سج جي لام کي پيو ڏسندو هو.
    الاءِ ڇو اڄ جڏهن مان سندس ساروڻيون ساريان ٿو ته مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هيمونءَ جي همت ۽ هوشوءَ جي عظمت جو اهڃاڻ هو. هن شخص جي اکين جون مشعلون ڏسي لڳندو هو ته ڄڻ هو دل ئي دل ۾ جهونگاريندو هجي ته:
    هن جنم هُن جنم لئه وچن ٿو ڪريان،
    مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان.
    ۽ هاڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ:
    لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
    مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري.


    رستمِ سنڌ، شير ميربحر (پروفيسر غلام شبير شاهه حسيني )

    رستمِ سنڌ شير مير بحر 21 جون 1924ع ڌاري ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسو ديرو ۾ هڪ فاريسٽ آفيسر، علي محمد ميربحر جي گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم، ڳوٺ ڀونئر ۾ حاصل ڪيائين. ٻارائپ واري عمر ۾ ئي، سندس ملهه ڏي لاڙو خوب رهيو. ايتريقدر جو ننڍن ٻارن سان سندري ٻڌڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڪندو هو. آس پاس جي ميلن ملاکڙن ۾، ملهه جي ميدان اندر سڀني کان پھرين اچي حاضِر ٿيندو هو. ان شوقَ ۽ ذوقَ کي ڏسي، مائٽن به کيس ان ئي فن لاءِ تيار ڪيو.کير مکڻ کارائي، سندس شوقَ ۾ اِضافو ڪيائون. ننڍي ميدان کان وڏي ميدان تي پهچڻ ۾، هن به گھڻا ڏينهن ڪو نه لاتا. ڏسندي ڏسندي، هر ماڻهوءَ جي دِل جي ڌڙڪن بنجي ويو. شوق رکڻ وارا ماڻھو، هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا وتن پيا ته؛ 'يار اجهو اِهو نوجوان جيڪو سانوري رنگ جو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو اِهو اٿئي شير ميربحر. بابا هٿ وجھڻ ۽ گهمائڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿو ڪري! ماشاءَالله سندس صورت به سھڻي آهي ۽ قد آور جَوانُ طاقت وارو ٿو ڏسجي. پر يار سندري ٻڌڻ سان ئي هٽي نه ٿو پر ڇڪي سوڙهو ڪري اهڙو ته جانٺو ٿو هڻي جو ڪو ملهه جند ئي نه ٿو ڇڏائي سگهيس. وڏا ڪي ملهه جا گُرَ اٿس. کَٻِي، اندرين، منڙي، ڪولابي تي کڻڻ، ڦيرائڻ پر ڇا ٻڌايانءِ وٺڻ ۽ دسڻ. ڀلا جوان! تنهنجي سچي راند! مطلب ته ڏاڍو ڪو دلير آهي.
    شير جي پھلوانيءَ جي هاڪَ هلي ويئي. اُتَرَ ۽ لاڙ ۾ جيڪي به ملاکڙا ٿين پيا ته هر هڪ جي زبان تي اِهو آواز هو ته شير ميربحر به ملهه وڙهڻ ايندو. شير ميربحر لاءِ هيءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اگر ڪو پھلوان هن کي للڪاريندو هو ته کيس ائين چوندو هو ته؛ 'تون سندرو ٻڌي ويهه فلاڻي پھلوان کي دسي، پوءِ تو کي به ٿو ڏسان.' واقعي هڪ ملهه کي دسي ۽ ٻئي سان اُتي جو اُتي شروع ٿي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو ته ماڻھو اُن ملاکڙي کي اڌورو سمجهندا هئا. مطلب ته ملاکڙي جو ميدان به شير جو انتظار ڪندو هو.
    هن عظيم پھلوان، جيڪو ملهه جي فن ۾ پنھنجو نالو ڇڏيو آهي، سنڌ اُن کي صدين تائين وساري نه سگھندي.
    رستمِ سنڌ پنھنجي سڄي ڄمار هن شوق ۾ گذاري. ٻارائپ کان جواني ۽ جوانيءَ کان پيريءَ تاءِ هن ملڪي ۽ غير ملڪي جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو، اهو احوال مختصر هن ريت آهي.
    شير مير بحر ملهه جي باقاعده شروعات لاڙڪاڻي ضلع جي نئين ديري شهر ۾ زوار درمحمد ملاح پاران لڳرايل ملاکڙي کان ڪئي. جيڪو ، سنڌ سطح تي ٿيو. ان ميدان ۾ شير مير بحر ان وقت جي مشهور چئن وڏن پھلوانن؛ احمد لھر، لال محمد ڦل، اقبال جوڳي ۽ پنڃل مھر کي دسي "سونو ٻلو" حاصل ڪيو. ان بعد 1962ع ڌاري، ھالا سنڌ ۾ سَروَرِي جَمَاعَت جي روحاني پيشوا مخدوم طالب الموليٰ جي نگراني ۾ ٿيل "هالا دنگل" ۾ هن "چيڪو سلاويه" جي پھلوان "جارج زيبسڪو" کي ملهه ماري، مُلڪَ جو مان مٿانهون ڪيو. اهڙيءَ طرح 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيئم حيدرآباد ۾ ٿيل، ھڪ بين الاقوامي ملاکڙي ۾ ھندوستان جي ناموَر پھلوان ٽائيگر گرنام سنگهه کي لاڳيتو ٻئي ملھون ماري، خوب داد حاصل ڪيو. ھڪ يادگار ۽ تاريخي مقابلو "لکي محل" ۾ ٿيو. جنھن ۾ "فيلڊ مارشل ايوب خان، يحيٰ خان ۽ رياست خيرپور جي والي مير "هز هائينس مير مراد علي خان ٽالپر" شرڪت ڪئي. ان ملاکڙي ۾ شير مير بحر لاڳيتو ٽن وڏن پھلوانن کي ملھه ۾ مُنهن ڀَر ڪيرائي ڏندڙائي ڇڏيو. جنھن تي جنرل ايوب ۽ مير صاحب، شير کي خوب داد ڏنو ۽ ايوب خان چيو ته؛ 'شير واقعي "شير" هي' اهڙيءَ طرحنيشنل اسٽيڊيئم ڪراچيءَ ۾ هڪ آسٽريليا جي پھلوان "آسٽن" کي ڦيرائي ڦِيرائي پٽ تي اهڙو ته ھنيائين جو آسٽن به اٿي نه پيو سگهي. آسٽريليا جو اھو پھلوان، شير ميربحر کان قد ۾ ٻيڻو هو. شير مير بحر اگر پهرين ملھه مارجي پوندو هو ته ساھ پٽڻ کانسواءِ ئي ملهه لاءِ للڪاريندو ھو ۽ پوئين ملھه ۾ سرسي ڪڍي سگنت سان ملندو هو. انڪري ھيءَ چواڻي به مشهور ٿي ويئي ته؛ 'پوئين ملھه شير جي آھي.' لاڙ جا ملھه پھلوان، شير کان ڏاڍو ڪيٻائيندا هئا. خاص ڪري شيدي ملھه پھلوان؛ انب شيدي، بکر شيدي، انبڙي شيدي، اسماعيل شيدي به وڏا مقابلا ڪيا، آخر ڪار آڻ مڃي ويٺا. ملهه جي خدمت ۾ راڻيپور جي پيرن شير ميربحر کي خوب تاتيو. پير احمد شاھ جيلاني ته کيس پنھنجي بنگلي ۾ رهائي، سچا گيھهَ ، ڇيلا ۽ بادام جا گهوٽا کارائي پئي شوق ملهايو ۽ ملاکڙن جا وڏا مقابلا ڪرائي پئي روح ريجھايو.
    بھرحال ملهه جي پھلواني ھڪ عزت مند فن آهي، جنھن سان انسان جي عظمت ۽ شان وڌي ٿو. شير ميربحر ان فن ۽ عظمت تي پورو لهي مان لهڻي ٿو. نوجوان ليکڪ مولائي ملاح کي جس هجي جنهن سندس زندگيءَ کي سهيڙڻ جي جسارت ڪئي آهي.


    هينئڙو مون سُڌير، جان تون جوڳي جوءِ ۾! (گل محمد رند)

    سنڌ جي انيڪ راندين مان 'ملهه' به سنڌ جي هڪ مشهور ڪلاسيڪي ۽ نامياري راند آهي، ملهه راند واحد اهڙي راند آهي جنهن ۾ فن سان گڏوگڏ جسماني طاقت جو به هڪ اهم ڪردار آهي. سنڌ جي قد آور مردن جو ملهه راند لاءِ بهتر غذا جو استعمال ڪرڻ ته ان سان انهن ۾ رت به اوتروئي گهڻو جڙندو هو. چوڻي آهي ته: 'رت، راڻو آهي' يعني ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي ۽ سونهن کي نکاري ٿو، گهڻن وزن واريون وڏيون شلوارون، بوسڪيءَ جون قميصون ۽ بوسڪيءَ جا وڏا ڀٽڪا، سندن سونهن کي اڃا به نکاري بيهندا هئا. ماحول سٺي هئڻ ڪري هو هميشه خوش مزاج رهندا هئا. چوندا آهن ته 'خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ناهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو ڪو مرض ناهي' ان خوش مزاجيءَ بي اونائيءَ ۽ گهڻي گهمڻ ڦرڻ ڪري هنن جي جان ۾ چستي ۽ ڦڙتي هوندي هئي، اهوئي سبب آهي ته'مَلههُ' لفظ، رانديگرن, ملهه مان نڪري مڙس ماڻهونءَ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. چي: "مڙس ته ڪو صفا ملهه لڳو پيو آهي"
    جنهن ملڪ جي آبهوا ٻٽن ٻٽن موسمن ۾ ورهايل هجي، جنهن مان سنڌو نديءَ جهڙي ملهه تري نڪرندي هجي. جنهن ۾ بي انت ٻيلا ۽ وڻ ٽڻ هجن، جتي آلودگي، پلوشن جو ناءُ نشان به نه هجي. اتي جا ماڻهو سگها ۽ طاقتور ضرور هوندا. انهن جي وندر ورونهن ۾ به طاقت آزمائيءَ وارا ڪارناما هوندا. اتي ونجهه وٽيءَ راند، ٽه، ترئين راند، ٻيلهاڙو راند، ڪوڏي ڪوڏي راند ۽ ملهه راند، تقريبن سڀ جي سڀ طاقت آزمائيءَ واريون رانديون هونديون هيون. جن جا ميدان ۾ مقابلا هلندا هئا.
    جاگيرداري نظام ۾ ڪيئي اونايون به ضرور آهن پر انهن طاقت جي مقابلن جو انعقاد سر پرستي ڪندي کٽيندڙ رانديگرن جي فتح کي پنهنجي فتح سمجهڻ انهن جاگيردارن پئسن جا انعام اڪرام ڏيارڻ، ته پنهنجي نالي رانديگر تيار ڪرڻ ۽ انهن رانديگرن جي فتح کي پنهنجي فتح سمجهڻ انهن جاگيردارن جو شيوو هوندو هو. ان راند ۾ ڪي ريفري هوندا هئا، ته ڪي ملهن کي پاڻي پياريندا هئا ۽ ڪي دهلاري به هوندا هئا. انهن سڀني جي ڪمائيءَ گذر سفر جو ذريعو هي رانديون ئي هونديون هيون، چيٽ توڙي ڪتيءَ جي فصلن لهڻ وقت چوڏهينءَ جي چنڊ واريون راتيون انهن راندين جي مقابلن ۽ صوفياڻي راڳ رنگ ۾ گذرنديون هيون.
    اسين اگر ان جي پس منظر ۾ وينداسون ته اسان کي هر هڪ فن ۾ ڪي نه ڪي نالي وارا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. جن کي ماڻهن جي عقيدتمندن ۽ جاگيردارن جي پاسدارين ڪري دل وڏي ٿي ويندي هئي. ته اسين نڌڻڪا ناهيون. جڏهن ملههُ پنهنجي فن جو هڪ ڪامياب ڏيک ڏيندو هو ته ان وقت ان ۾ ملوث ٽئي فريق، ملهه، جاگيردار ۽ راڄ، هڪ جذبي جي لڙهيءَ ۾ پوئجي ويندا هئا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن شعر جو منظر لڳندا هئا.
    تند، ڪٽارو، ڪنڌ، ٽئي پرتا پاڻ ۾،
    شڪر ڪيان الحمد، جو مٿو گهريو مڱڻي.
    (شاهه)
    مَلههُ، خوشيءَ مان نچندو آهي، جاگيردار ڪوڪرا ڪري ڪرسيءَ تان اُٿي ويندو آهي ته ڏسندڙ ماڻهو ڪنڌيءَ اندران ڦرندڙ کٽيل ملهه کي اُٿي آجيان ڪندا هئا ۽ مٿانئس پئسن جون گهورون گهوري ڇڏيندا هئا. ان خوشيءَ جي موقعي وقت دنيا جا ڏک سور واءُ ٿي ويندا هئا. ان خوشيءَ جي موقعي تي هر چهري تي خوشيءَ جون ريکائون اڀري اينديون هيون. ان راند جو سنڌ اندر هڪ وڏو پس منظر آهي، جنهن ۾ ڪيئي يگانا ملهه پنهنجي دور کي نچائيندا ڪڏائيندا رهيا. پر اهو هڪڙو چونڊ هيرو جنهن کي سنڌ جيسين هوندي ته نهايت عزت، عاقبت، وڏي شان ۽ وڏي مان سان ياد ڪندي رهندي. اهو مان وارو ملهه هئو رستمِ سنڌ 'شير ميربحر' جنهن جي ملهه هڪ طرف ته مرداڻي سونهن ٻئي طرف. ميدان ۾ رڳو سندرو ٻڌي پيو هلندو هو ته ڌرتي قدم قدم تي سندس آجيان پئي ڪندي هئي. اسان وٽ اڄ اگر سندس وڙهيل (کيڏيل) ملهن جون ڪي وڊيو ڪيسٽون هجن ۽ انهن جو اگر رڳو 'شو آف' ڪبو رهجي ته، تڏهن به اسان جا نوان نسل شير ميربحر کان اڻ واقف ۽ بيگانا نه رهن. اسين ڳالهين رستي يا مضمونن ذريعي کڻي ڪيترو به بيان ڪريون، پر اڄ جو نوجوان نسل جيڪڏهن کيس ڪيسٽ رستي روبرو ملهه وڙهندي ڏسي ته انهن جي اندر مان هن لاءِ ڪيئي عقيدتون ۽ سلام اڀري ٻاهر نڪري ايندا. جس لهڻي مولائي ملاح جنهن سنڌي ڪلچر، قومي راند ملهه جي امر ڪردار شير ميربحر کي ياد ڪيو آهي.
    ساهي! مڙهي سندياءِ، سامهون مون سيلهه ٿئي،
    ساتان ڪوهه اڏياءِ، جو نانگا وئين نڪري
    (شاهه)


    ملهه ڪملهه ۽ شير ميربحر (اقرار پيرزادو)

    ملهه سنڌ جي قومي، عوامي راند آهي، هيءَ راند صدين کان سنڌ ۽ ان جي سرحدي خطن ۾ رهي وڃي ٿي. ملهه هر دور ۾ سنڌ جي مقبول ترين راند رهي آهي، ميرن جي صاحبيءَ ۾ ملهه کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. انگريزن جي ايام ۾ نواب، سردار ۽ راڄيا ملهه ۽ ملهن جا سرپرست رهيا ۽ پياري پاڪستان ۾ درگاهن جا فقير هاري ناري ۽ پورهيت پنهنجي قوت گذران مان حصو ڪڍي ملهه کي قائم دائم رکندا آيا آهن. ملهه راند به سنڌ ڌرتيءَ وانگر سنئين سنڌي آهي، جنهن ۾ ٻه پهلوان سينا ملائي ۽ ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ريسلنگ ۽ پهلوانيءَ جي ٻين راندين ۾ مخالف کي مات ڏيڻ لاءِ هر قسم جو جائز ناجائز وار ڪيو ويندو آهي ، پر ملهه ۾ "اڙيءَ" جو ڪو تصور ئي ناهي. برابر ملهه سان ملندڙ جلندڙ رانديون ته پوري عالم ۾ کيڏيون وڃن ٿيون پر ملهه جا اصول قاعدا ۽ قانون جهڙوڪ سندرا ڇڪي ٻڌڻ، هٿ وجهرائڻ ۽ هٿ نڪري وڃڻ جي صورت ۾ ساهي کڻي (پاڻي ڪرڻ) ٻيهر هٿ وجهڻ ۽ پوئين ملهه تي هار جيت جو فيصلو ٿيڻ ان کي ٻين راندين کان مختلف ۽ بهتر بنائي ٿو. ملهه راند جو مقصد مخالف کي پٽ تي ڪيرائڻ آهي. ان لاءِ طاقت سان گڏ هنر حرفت ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت هوندي آهي، جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ گهڻا تڻا اهڙا کيڏاري هوندا آهن، جيڪي ڪجهه شاٽ ئي کيڏي سگهندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي منهن ڏيڻ سندن وس ۾ نه هوندو آهي، پر ڪجهه اهڙا به کيڏاڙي ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو شاٽ مزي سان کيڏي ويندا آهن ۽ هر قسم جي بال کي ڪاريگريءَ سان ڪڍي ويندا آهن. اهڙي طرح ملهه جا سڀ پهلوان به سمورا داءَ پيچ استعمال نه ڪري سگهندا آهن پر ڪجهه اهڙا به پهلوان ٿيندا آهن، جيڪي هر قسم جو وارو ڪري ويندا آهن، اهي مخالف پهلوان کي جانٺا، ونگ، اندريان، ٻاهريان، پٺا، پاسا، من، ڦيريون، اکريون مهريون ۽ ٻلهڻ ڪري دسي وجهندا آهن. ملهه جا ڪجهه پهلوان واري ڪرڻ کان قَسَم کڻي ڇڏيندا آهن، اهي پهلوان کي هٿ وجهي ان آسري تي پوئتي مضبوط ٿي بيهي رهندا آهن ته مخالف اڳ وارو ڪري ته هي کيس کٽائي دسي وجهي، اهڙن پهلوانن جي ملهه مزي واري نه هوندي آهي، اهڙي ملهه ڏسندڙ کي لطف بدران عذاب ڏيندي آهي، جيڪو ملهه هٿ پوڻ سان وڄ بڻجي وارا ڪري ان کي ئي پسند ڪيو ويندي آهي ۽ ان جي هاڪ هنڌين ماڳين پئجي ويندي آهي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر به اهڙن ئي گڻن ۽ اکرن وارو ملهه هو، جنهن به ماڻهو شير ميربحر جي ملهه ڏٺي، اهو يا عُمر هن کي وساري نه سگهندو.
    ملهه جي هزار ورهين جي تاريخ ۾ ڪنهن به پهلوان کي اهڙي شهرت ۽ مڃتا نه ملي جيڪا پهلوان شير ميربحر جي پکي پئي. جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ سرڊان بريڊمين ۽ ٽنڊولڪر ۽ فٽبال ۾ ميراڊونا نالو ڪمايو، ٻنهي راندين جو ڪو به اهڙو کيڏاڙي يا شوقين نه هوندو جيڪو انهن عظيم کيڏاڙين کان اڻ واقف هجي، اهڙي طرح پهلوان شير ميربحر جي نالي کان ڪو به ملهه پهلوان اڻڄاڻ نه هوندو.
    پهلوان شير ميربحر خانواهڻ جي ڀرسان ڀونئر ڳوٺ ۾ 21 جون 1924ع ڌارا فارسيٽ آفسير علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو. شير ميربحر 1942ع ڌاري ملهه جي شروعات ڪئي، انهن ڏينهن ۾ اسان جي تر ۾ شادي ڪاڄن توڙي خيراتن تي ملهه جا مقابلا ٿيندا هئا، انهن ملاکڙن ۾ اسان جي تر جا شير ميربحر ۽ غوث (غوثو) ڪلهوڙو ٻئي جوڙ ۾ مڃتا ماڻي پهرين جوڙ ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ٻنهي جي ياري به مثالي هئي، (غوثو ڪلهوڙو وڏي ڄمار ماڻي گذاري ويو). غوثو ڪلهوڙو به شير ميربحر جيڏو ئي قداور مڙس هو. چون ٿا ته هُو ملاکڙي ۾ موجود هوندو هو ته شير جي دل ٻيڻي ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن جي شير ملهه مارجي ويندو هو ته غوثو ئي ان جو پلاند ڪندو هو پر جيڪا مشهوري شير ميربحر جي حصي ۾ آئي، ان کان غوثو ڪلهوڙو ڄڻ ته محروم رهجي ويو.
    شير ميربحر پنهنجي روءِ ۾ به سراسر پهلوان هو، ڊگهو قد، موڪرو منهن جنهن تي ماتا جا نشان اڃا به سندس سونهن سرس بنائيدا هئا، کيس موڪري منهن تي ڊگها وريل شهپر هوندا هئا، رنگ جو نه ڀورو ۽ نه ئي سانورو هُو، اڪثر پهلوانن جا وهي چڙهڻ سان گڏ پيٽ ٻاهر نڪري ايندا آهن، جنهن ڪري اهي بي ڊولا لڳندا آهن پر پهلوان شير ميربحر سان زندگيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙو مسئلو پيش نه آيو. شير ميربحر جهڙو هو صورت جو موچارو اهڙو هو ملهه جو ڪاريگر ان ڪري هن سڄو ملڪ مطيع بنائي ڇڏيو هو، سندس پرستارن ۾ رياست جي والي کان وٺي وزير، پير، مير، سردار ۽ عام ماڻهو هئا، وڏا ماڻهو شير ميربحر جي مهماني پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا ۽ هي جڏهن ڪٿان گذرندو هو ته کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا، اڄ به شير سنڌ جي ايام جا ماڻهو چون ٿا ته "شير ميربحر وانگر ملهه ۾ بيهڻ ۽ ٻانهين ۾ گهمڻ ٻئي ملهه کي اچي ئي نٿو."
    پهلوان شير ميربحر ڪيترن ئي پرڏيهي پهلوانن سان به مقابلو ڪيو، جن ۾ چيڪو سلواڪيا جو زيبسڪو، هندستان جو گرنام سنگهه ۽ انگليند جو آسٽن شامل هئا . جن کي شير ميربحر هنر سان قابو ڪري ڪيرايو ۽ برطانوي پهلوان جا ته هڏ به ڀڃي وڌا پر ان وقت سنڌ جا ملهه پهلوان به ڪي گهٽ نه هئا، آچار شيدي، قلب علي جتوئي، انب شيدي، بکر شيدي، تڳيو ڦل، لالو ڦل ۽ ٻيا به ڪيترائي پهلوان هئا، جن کي به وڄ جا پاڻي هئا جن سان شير سنڌ جا اڪثر مقابلا ٿيندا رهندا هئا. ملهه ترڪڻ بازي آهي. سدائين ساڳيو پهلوان نه ٿو جيتي سگهي پر شير ميربحر انهن سڀني کي سوايو ماريو. منهن جا وڏڙا جيڪي ملهه جا شوقين ۽ قدردان هئا، اهي اڪثر شير مير بحر جي مقابلن جو ذڪر ڪندا رهندا هئا، جيڪي هنن راڻيپور، ڀٽ شاهه ۽ ٻين ميلن تي اکئين ڏٺا. هنن جو چوڻ آهي ته "شير ميربحر جي هر ملهه يادگار ٿيندي هئي"
    جهڙي ريت فٽبال، هاڪي، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ريسلنگ وغيره ۾ فڪسنگ جون خبرون هلن ٿيون، ملهه به ان الزام کان آجي ناهي، ملهن تي به اهي لازام لڳندا رهندا آهن ته اهي پهلواني ڏيکارڻ بدران ڪملهه ڪن ٿا ۽ جنهن پهلوان کي وڌيڪ پئسو پئي ٿو ان کي هٿ سان ملهه ڏني ويندي آهي.
    ڪجهه پهلوان ان حوالي سان شير مير بحر ڏانهن به آڱر کڻن ٿا ته صلاح جي ملهه جي شروعات شير ميربحر ڪئي پر ان حوالي سان 85 ورهين جو حامد چنو ان ڳالهه کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو. هي چوي ٿو ته: "ان وقت وارا پهلوان ڪملهه کي عيب سمجهندا هئا، اهي هڪ ٻئي سان گڏجي ماني ئي نه کائيندا هئا، چي "جيڪو پٺيءَ کان ٻانهن ورائي هٿ وجهي ان سان ڪهڙو کائڻ پيئڻ!" حامد موجب (مون جواني ۾ شير ميربحر کي اڳوڻي ايم پي اي سردار واحد بخش ٻگهئي جي طهر واري ڪاڄ تي ملهه وڙهندي ڏٺو، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهلوان گهرايا ويا هئا، جنهن ۾ آچار شيدي، غوثي ڪلهوڙي کي ماري ويو، ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، شير رڙيون ڪري آچار کي مقابلي لاءِ للڪاريو پر آچار شير سان ملهه وڙهڻ بدران وڃي ڪپڙا پاتا. اهڙي طرح سرائيڪي ويب جو پهلوان دوست محمد هوندو هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته اُهو جنهن به ملهه سان ڏمرجي وڙهي، اهو مري نه ته ضرور کري، پر ان تي شير ميربحر فلڪ ئي نه آندي ۽ ٽئي ڏينهن کيس وارا ڪري ماريو. منهنجو نانو مرحوم يعقوب علي پيرزادو ٻڌائيندو هو ته شير ميربحر راڻيپور جي پِيرن کي تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ عوام جي اکين جو به تارو بڻجي ويو هو، اهو جڏهن راڻيپور جي ميلي ۾ ڪرندو هو ته ميلو ئي ڦٽي ويندو هو، ملاکڙي مان چس هليو ويندو هو، دڪانداري ختم ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري پهلوان به اهو چاهيندا هئا ته شير ميربحر ملاکڙي ۾ چڙهيل هجي، اهو سندس پڇاڙيءَ وارو دور هو پر پوءِ به پڪ ناهي ته شير ڪا ڪملهه ڪئي ڇاڪاڻ جو ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان پهچندا هئا ۽ اتي ڪملهه جو تصور ئي نه هو، تڏهن به هن پوڙهي شير کي پهلوان ڏکيو ماريندا هئا. هر راند ۾ ڪجهه رانديگر اهڙا هوندا آهن، جيڪي فڪسنگ جهڙو غلط عمل ڪندا آهن، پر سمورن کيڏارين کي ائين چوڻ غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا ملهه پهلوان آهن، جن لاءِ صلاح واري ملهه گار برابر آهي، اڄ به اهڙا پهلوان آهن، جيڪي شير مير بحر ۽ قلب علي جتوئي جون سڪون لاهن ٿا، اهڙا پهلوان رڳو ڀٽ ڌڻي جي ميلي واري ملاکڙي ۾ پسي سگهجن ٿا ۽ جتي ڪٿي اهي ميسر نٿا ٿي سگهن. منهنجي تر جي پهلوان پرويز اعواڻ لاءِ به ڪملهه مهڻي برابر هئي، جنهن ننڍي قد هئڻ باوجود وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلا ڪيا ۽ (35) ورهين جي ڄمار ۾ ملهه کان رٽائرڊمينٽ ورتي. اها به حقيقت آهي ته سنڌي ملهه کان ڪملهه وڌيڪ مزيدار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو ٺاهه هئڻ جي صورت ۾ اها ملهه چڱو خاصو وقت وٺي ٿي، ڪي ڪي سمجهو ئي ڄاڻي وٺندا آهن ته هيءُ ڪملهه آهي نه ته عام سچي ملهه کي ڪملهه ۽ ڪملهه کي سڌي سمجهڻ جي غلطي ڪري وجهندو آهي. انعام به ڪملهه ڪندڙ کي سچي ملهه واري کان جهجهو پوندو آهي،جنهن ڪري ڪيترا پهلوان ڪملهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.
    وڏڙا ٻڌائين ٿا ته رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي دور جي سمورن پهلوانن کي سوايو ماريو، رڳو رستم پاڪستان سيد سمن شاهه ئي اهڙو پهلوان هو، جنهن شير ميربحر کي گهڻو ماريو، جو ان وقت شير جواني چڙهي پيريءَ ڏانهن پير پائي چڪو هو ۽ سيد سمن شاهه ڦوهه جواني ۾ هو. مون پهلوان شير ميربحر جي ڪڏهن ملهه نه ڏٺي پر 10-14 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي مائٽن سان تر جي لڳندڙ محبڻ شاهه، نانگي شاهه، دادلي سائين جي ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ پهلوانن کي هٿ وجهرائيندي ڏٺو. ان دور جا وڏا وڏا پهلوان کيس ڏسندي عقيدن مان سر جهڪائي ڇڏيندا هئا.
    هڪ ڀيري محبڻ شاهه جي ميلي تي پهلوان شير ميربحر جي پٽ منور کي پهلوان علي حسن شيخ جي ننڍي ڀاءُ الهه بچائي شيخ ڌڪ ڏئي ٻئي ملهون ماريون، ان وقت شير سنڌ جو منهن ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو ۽ ان ميلي ۾ ويٺل پنهنجي دوست کي چيو. "پهلواني هنن کان زور آهي، ان مند ۾ اسان سان جيڪو هڪ ملهه وڙهندو هو سو ٻي ملهه ڪندو ئي نه هو ۽ هي هيٺيون پاسو ڪنهن کي به نٿا ڏين."
    پهلوان شير ميربحر کي 1974ع ۾ ملهن جي قومي ڪوچ جي زمينواري سونپي وئي هئي، جنهن کي هو خوش اسلوبي سان نڀائي رهيو هو پر جڏهن 1977ع ۾ وردي پوش ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته شير ميربحر جي نوڪري ختم ڪئي وئي، جنهن خلاف سنڌ جي هن سپوت عدالت ۾ ڪيس ڪيو، جنهن سندس حق ۾ فيصلو ڏنو پر جڏهن 1984ع ۾ کيس گڙدن جي بيماري وڪوڙي وئي، تڏهن سرڪار هن عظيم پهلوان جي سهائتا بدران سندس قومي ڪوچ واري نوڪري ختم ڪري ڇڏي. جرمن چوڻي آهي ته "جنهن قوم وٽان راندين جا ميدان ختم ٿي وڃن، سمجهو ته اها زوال طرف وڌي رهي آهي."
    شير ميربحر جي دور ۾ ڀارت ۾ ڊوڙ جو عظيم رانديگر مليکا سنگهه موجود هو، اڄ ايئرپورٽ کان وٺي ڪيترائي ادارا ان جي نالي سان قائم آهن پر اسان واري سرڪار پهلوان شير ميربحر جي نالي سان بين الاقوامي ملاکڙو به منعقد نه ڪرائي سگهي آهي، نه ئي هن قومي هيرو جي نالي سان ڪو ايوارڊ ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڀلي ته سرڪار سڳوريءَ کي تاريخ جو هي املهه پهلوان ياد به نه هجي پر هو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سمايل آهي ۽ صدين تائين سنڌي لوڪ پهلوان شير ميربحر جو نالو عزت ۽ احترام سان کڻندا رهندا.


    شير جهڙو پهلوان نه ٿيو آهي نه ٿيندو (عظيم سنڌي)

    بيشڪ هي پهلوان ملهه جي دنيا جو وڏو نانءُ هو. سنڌ جي مڙني پهلوانن جو اڪثريت راءِ سان اهوئي چوڻ آهي ته شير جهڙو ملهه پهلوان نه ٿيو ۽ نه وري ٿيندو. سچ پچ ته شير ميلن ملاکڙن جي سونهن هو. هو جڏهن به ڪنهن ملاکڙي ۾ ايندوهو ته ملاکڙي ۾ ساهه پئجي ويندو هو. هر طرف ڏسندڙن جي نظر هن ئي پهلوان تي هوندي هئي.سهڻو سدا ملوڪ ڪپڙي لٽي جو شوقين طاقتور قداور پنهنجي انداز ۾ هر طرح وڻندڙ انگن اکرن جو بادشاه پهلوان سنڌ شايد ئي پيدا ڪري سگھي. ڏاڍوسهڻو وڻندڙ ملهه پهلوان ٿي گذريوهو. هوجڏهن پهلواني پوشاڪ سان ملاکڙي ۾ ايندو، ته ڏسندڙن جا نيڻ ٺري پوندا هيا. ڇا ته سندس ملهه وڙهڻ انعام وٺڻ دوستن سان ملڻ ۽ پڙ جي سلامي ڏيڻ جو انداز هو سبحان الله اهڙي سهڻي منظر ڏسڻ سان ملاکڙي ۾ ويٺل شوقينن جي دل باغ بهار ٿي پوندي هئي. وري مٿان نظير وسطڙي ملهه جي مشهور انائونسر جو آواز اچي ڪنن تائين پهچي ته اچي ويو ناظرين ملاکڙي ۾ رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر جنهن پنهنجي وقت جي وڏن وڏن پهلوانن سان مقابلو ڪري رستم سنڌ جو اعزاز حاصل ڪيو.رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ڌاري هي پهلوان ڪنڊياري تعلقي جي ڳوٺ محبت ديري ڀرسان ڳوٺ هيسباڻي سيد باغ ۾ علي محمد ميربحر جي گھر ۾ پيداٿيو سڄي سنڌ سميت دنيا ۾ پنهنجو نانءُ روشن ڪيو.
    هاڻي ته هن ڳوٺ جو نالو ئي سندس نانءَ پٺيان 'پهلوان شير ميربحر' جو ڳوٺ سڏ جي ٿو. جو اڳ ۾ سيد باغ جي ڀر وارو ڳوٺ سڏبو هو. شير ميربحر جو پيءُ علي محمد ٻيلي کاتي ۾ ملازم هو. سندس چاچو پيرل ته ملهه هو، ٻيا مٽ مائٽ ۽ سندس والد جا دوست به ملاکڙي جا وڏا شوقين هيا. سندن اڱڻ تي ان وقت جا وڏا وڏا پهلوان ايندا ويندا هئا جن جون ڪچهريون ۽ ڳالهيون ٻڌي هن ننڍڙي شير پهلوان کي ملهه وڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ۽ هو ڳوٺ ۾ هڪ جيڏن سان ملهون وڙهڻ لڳو. پيءُ پُٽَ جو اهو شوق ۽ عشق ڏسي ڪنڊياري جي خشڪ پهلوان لقمان جي شاگرديءَ ۾ کيس ملهه جي وڌيڪ تربيت لاءِ ڏنو. جتي هن استاد جي هڪ ٻئي دوست پهلوان اسماعيل بڙيءَ کان به ملهه جي سکيا وٺي ملاکڙن ۾ وڙهڻ شروع ڪيو. شير کي ڪنهن پرڏيهي سياهه جو 'ڪوڙي جا ڀاڻ مٺياڻي' ڀرسان مولوي محمد عيسي سولنگيءَ جي خاص دعوت تي آيل هو. ان سياهه کيس 16هن سالن جي عمر ۾ موريل شاهه جي ملاکڙي ۾ شير کي ملهه وڙهندي ڏٺو جنهن جو هو ڪتاب 'ٺاروشاهه جنڪشن' ۾ هن طرح ذڪر ڪري ٿو ته: "هڪ حسين 16هن سالن جو ڳڀرو نوجوان ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندي ڏٺم عمر لڳ ڀڳ 15 - 16 هن سال اٿس. پر واهه جو ملهه هو. نالو شير اٿس ذات جو ميربحر هو، ٻڌم ته نئون نئون ملهه ٿيوآهي پر واهه جو ملهه هو. هو سڄي ملاکڙي تي ڇانيل رهيو پڪ اٿم ته اڳتي هلي هي واهه جو ملهه ٿيندو." برابر ائين ئي ٿيو. شير ملهه جي ميدان ۾ 25 ، 30 هن سالن تائين ناقابل شڪست پهلوان نمبر ون رهيو. ملهه جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايائين، هن پنهنجي شروعاتي استاد لقمان خشڪ ۽ پهلوان اسماعيل بڙديءَ جي دل و جان سان خدمتون ڪيون.
    شير، جڏهن نئون نئون ملاکڙن ۾ آيو ته ان وقت ملهه جي ميدان ۾ پهلوان محمد بخش مهر، لالو ڦل، حاجي احمد لوهر شڪارپور، هادو ڪاسائي، جھلڻ مهر، پهلوان نبن ڳنڀير، پهلوان احسان سانڊاڻو، پهلوان اقبال جوڳي ٺري ميرواهه، پهلوان هينڊل مڪراني، پهلوان هوشو شيدي هالا، هاشم شيدي، پهلوان آچر شيدي، پهلوان گاهي خان ٻرڙو، غوثو پٺاڻ شڪارپور وغيرهه وغيره تمام وڏا ۽ مشهور پهلوان هيا. جن جي ان وقت جي اميرن ميرن، پيرن، ڄامن ۽ سردارن وٽ پالنا ٿي ۽ هو انهن ئي اميرن جا ملهه سڏبا هئا، شير ميربحر وڌيڪ تياريءَ لاءِ لالا نواز علي پٺاڻ شڪارپور واري کان راڻيپور واري پيرن جي معرفت ملهه جي وڌيڪ نه رڳو سکيا وٺي مٿين پهلوانن سان مقابلا ڪرڻ لڳو پر ڌاڳو ٻڌرائي لالانواز علي جو شاگر ٿيو. راڻيپور وارو سائين پير غلام محي الدين شير تي خاص مهربان هئا، علي محمد کان شير جي اجازت وٺي هن کي باقائدي ملهه بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيائون. راڻيپور جي پيرن کيس شير سنڌ کان اڳ ئي کيس راڻيپور جو شير جي لقب سان نوازيو. جو اڳتي هلي نه رڳو شير سنڌ ثابت ٿيو پر هو ملهن جو شير پهلوان بنجي ويو.
    هاڻي شير جا ان وقت جي سڀني نامور پهلوانن سان مقابلا ٿيڻ لڳا جن مان ڪي سيوهڻ واري سائين گل محمد شاهه جا ملهه ته ڪي صدورو خان چاچڙ جا ته ڪي ٻيرانيءَ واري ڄامن جا ته ڪي درگاهه ڀٽ شاهه جي گادي نشينن ته ڪي ٻيرانيءَ وارن ڄامن ڪانڀو خان جا پهلوان ها.جن سڀني سان شير مختلف وقتن تي چئلينج مقابلا ڪري سڀني پهلوانن کي پوئتي ڇڏي پنهنجي ڏاهپ انگن اکرن ۽ طاقت سان مقابلا ڪري ميدان ملهائي اڳتي نڪري آيو. ۽ اهڙو اڳتي نڪري آيو جو هر هنڌ شير جي پهلوانيءَ جا قصا هيا. ۽ اهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا هر هنڌ شير جي پهلوانيءَ جي هاڪ هئي.
    هن پهلوان کي خاص ڪري نئين ديري ۾ منعقد ڪرايل زوار درمحمد ميربحر جي ناٽڪي (ٽڪيٽ تي لڳايل ملاکڙو) ملاکڙي ۾ وڏي پبلسٽي ۽ شهريت ملي جڏهن هن پهلوان ان وقت جي ناليوارن پهلوانن حاجي ڦل، حاجي احمد مهر، پهلوان اقبال جوڳي ۽ پڃيل خان مهر کي شڪست ڏئي سردار پيربخش ڀٽي ۽ نواب امداد علي ڀٽي کان انعام حاصل ڪيو .شير ملهه جي شروعات ٽئين جوڙ کان ڪئي پر هو تمام جلد ٻئين کان پهرين جوڙ جي اول نمبر وارن پهلوانن کي شڪست ڏئي پهريون نمبر پهلوان بڻجي ويو. هاڻي شير جا عمر جيڏن پهلوانن جي کيپ سان مقابلا ٿيڻ لڳا پڙهندڙن جي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻئي کيپ وارن شير جي مقابلي وارن ملهن جا ڪجھ نالا لکجن ته جيئن هو ڳالهه سولائيءَ سان سمجھي سگھن. اهي پهلوان قلب علي خان جتوئي، پهلوان غوثو ڪلهوڙو، پهلوان يڪو خاصخيلي، پهلوان غلام حيدر بڙدي، پهلوان مٽر شيدي، پهلوان صابن بگو، پهلوان عمر ٻگھيو، پهلوان انب شيدي، پهلوان ملان شيدي، پهلوان دوست محمد ولائو(صادق آباد) جمعدار محمد رحيم ٿاڻو بولاخان، پهلوان شير گوپانگ، جبل پهلوان، نورالدين ٻٻر (جوهي) پهلوان تڳيو ڦل، رستم سانگھڙ، پهلوان ڪريم بخش شيدي "ٻيراڻي." هيري جو داڻو پهلوان بکر شيدي، فخر سنڌ پهلوان الهجڙيو سمون وغيرهه وغيره جن سان ٻئي کيپ ۾ شير ميربحر جا مقابلا ٿيا آخر ۾ سندس مقابلو نئين آيل 1970ع ۾ پهلوان سيد سمن شاهه سان خيرپور ۾ ٿيو. جنهن ۾ سخت مقابلي کان پوءِ شير ميربحر جو رستم سنڌ وارو لقب برقرار رهيو، جڏهن ته سيد سمن شاهه کي 'فخر سنڌ' جي لقب سان نوازيو ويو. هي شير ميربحر جي عمر جي پڇاڙيءَ وارا ڏهاڙا هيا. ان کانپوءِ به شير پنهنجو لقب رستمِ سنڌ آخر تائين برقرار رکيو. جڏهن ته باقي امينن 'فخر سنڌ' جي لقبن سان سيد سمن شاهه کي نوازيو. شير ميربحر سان هي آخري مقابلو نوجوان اڀرندڙ پهلوان سيد سمن شاهه سان جشن خيرپور جي موقعي تي ٿيو جنهن ۾ هڪ ملهه سمن شاهه شير کي دسي ويو باقي ملهن جو فيصلو نه ٿي سگھيو؛ ان کانپوءِ شير ميربحر هميشه لاءِ ملهه کان رٽائرڊ ڪيو.
    ملهه جي تاريخ تي نظر ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي اها ڳالهه ته چٽي ۽ پڌري پٽ عالمآشڪار آهي ته شير جهڙو پهلوان نه ٿيو ۽ نه ٿيندو. شير کانپوءِ ملهه جي دنيا ۾ سيد سمن شاهه ناقابل شڪست پهلوان رهيو جنهن کي اڳتي هلي سال 1982ع ۾ ڪل سنڌ ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي شڪست ڏني ۽ چئمپين پهلوان جو لقب حاصل ڪيو، غلام سرور جتوئي ۽ شير ميربحر جو ڪڏهن به مقابلو نه ٿي سگھيو اهو ان ڪري جو جتوئيءَ جي دور ۾ شير ملهه کان رٽائرڊ ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪو هو. اهڙي طرح شير جو آخري مقابلو سمن شاهه سان ٿيو، شير ميربحر ملهه جي دنيا ۾ وڏا وڏا مقابلا ڪري نه فقط پنهنجو پاڻ مڃايو مگر وڏا انعام پڻ حاصل ڪيا.
    شير جو پهريون بين القوامي مقابلو سال 1962ع ۾ يوگو سلواڪيا جي مشهور پهلوان زيبسڪو سان مخدوم طالب المولي جي سرپرستيءَ هيٺ هالا ۾ ٿيو. هن مقابلي جي پبلسٽي به جام ٿي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شوقين هي ملاکڙو ڏسڻ لاءِ پهتا. سرڪاري ليول تي هن مقابلي جو احتمام ٿيو. جارج زيبسڪو پهلوان کي ملهه وڙهڻ جو ڪوخاص تجربو نه هيو. هو شير کان قد ۾ ڪجھ ننڍو هيو. کيس سندري بجاءِ ڪڇي ۾ هٿ وجھڻا پيا ڪافي دير ٻنهين پهلوانن جو هٿن وجھڻ تي اختلاف رهيو. آخر هٿ پيا شير پهرين ئي ملهه ۾ زيبسڪو کي شڪست ڏئي هي بين القوامي پهريون مقابلو کٽي ورتو. جنهن کي اخبار روزاني عبرت حيدرآباد ، زبردست ڪوريج ڏني جنهن ۾ صحافي محرم علي ڀٽي (مرحوم)نوابشاهه، جو به وڏو هٿ هيو. هن مقابلي کانپوءِ شير ميربحر شهريت جي بلندين تي رسي سڄي سنڌ جو محبوب پهلوان بڻجي ويو. هي شير جي زندگيءَ جو انٽر نيشنل پهريون مقابلوهو جو سنڌ ۾ 'هالا دنگل' جي نالي سان مشهور ٿيو.
    ان کانپوءِ شير جو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگھ سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ مقابلو ٿيو. گرنام سنگھ جو زيبسڪو پهلوان کانپوءِ هي ٻيو انٽر نيشنل مقابلو هو جنهن ۾ شير ميربحر کي زبردست ڪاميابي ملي. هي مقابلو سنڌ جي مرڪزي شهر حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو. جنهن ۾ ان وقت جي ڪمشنر به خاص دلچسپي ورتي ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شير جو مقابلو انگلينڊ جي هڪ ٻئي پهلوان هينگري سان ٿيو جنهن ۾ هن پهلوان جي ٻانهن زخمي ٿي ۽ شير کي فاتح قرار ڏنو. لکي محل خيرپور ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ شير ميربحر جو ان وقت جي نامور پهلوانن سان تاريخي مقابلو ٿيو جنهن ۾ ان وقت جو فيلڊ مارشل ايوب خان شرڪت ڪئي. جنهن کان انعام حاصل ڪندي هٿ ملائڻ وقت اهي لفظ نڪتا ته "شير واقعي شير هئي" ان کانسواءِ شيرميربحر جو افعانستان جي مشهور پهلوان قطب الدين سان ميرعلي ڏني جي سرپرستيءَ هيٺ فيض محل خيرپور ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ به شير ڪامياب ٿيو.
    سال 1966ع ۾ شير کي هڪ نئين اڀرندڙ پهلوان الهجڙيو سمو مقابلي ۾ چئلين ڏنو جنهن کي شير قبول ڪيو. هي ملاکڙو جشن خيرپور جي نالي خيرپور ۾ ئي منعقد ٿيو. هن مقابلي ۾ ٻنهين پهلوانن هڪ ٻئي سان ڏاڍا پاڻي ڪيا. ۽ داءَ پيچ استعمال ڪيا پر افسوس جو ٻنهين پهلوانن جومقابلو نبري نه سگھيو. ملاکڙي جي چيف گيسٽ ڪمشنر خيرپور ڊويزن محترم محمد اسلم باجوا پهرين ڪپ شيرميربحر کي ڏئي سندس ساڳيو لقب 'رستم سنڌ' برقرار رکيو جڏهن ته ٻيو ڪپ الهه جڙيو سموکي ڏئي'فخر سنڌ' واري لقب سان نوازيو. ان کانپوءِ جشن لاڙڪاڻه، ٽنڊوآدم، حيدرآباد مسلم ڪاليج ۾ به هنن پهلوانن درميان زبردست مقابلا ٿيا، هن ملاکڙي ۾ مهمان خصوصي جناب ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي شير ميربحر جو ساڳيو ٽائيٽل رستم سنڌ برقرار رکيو. جڏهن ته ٻيو ڪپ الهه جڙيوسمون پهلوان کي ڏئي 'فخر سنڌ 'جي ساڳئي لقب سان انعام اڪرام ڏنو.
    ملهه جي ميدان ۾ جيترو وقت شير ميربحر ڇانيل رهيو ايترو گھڻو وقت ڪوبه پهلوان نه رهيو شير ميربحر ملهه جي ميدان ۾ لڳاتار 25 / 30 سال ناقابلي شڪست پهلوان رهيو.
    سنڌ جي هن امر پهلوان جي زندگيءَ کي سهيڙڻ وارو ڪم نوجوان ليکڪ مولائي ملاح پاران هٿ ۾ کڻڻ سچ پچ ته سنڌي ادب، سنڌ جي عاشقن، سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ جي قومي راند ملهه جي پارکن وٽ ضرور مان لهڻندو. کيس جس هجي.


    سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۽ شير ميربحر ( ادريس جتوئي)

    سنڌ جي ٻهراڙين ۾ لوڪ رانديون تمام گهڻو مشهور رهيون آهن. انهن ۾ ونجهه وٽي، ڪٻڊي، ٻيلهاڙو ۽ سنڌ جي اهم ثقافتي راند ملهه به شامل آهن. هاڻي ته ٻهراڙين ۾ ڪرڪيٽ به (ڪاهي پئي آهي) کيڏي وڃي ٿي. والي بال جي ٽورنامينٽ ته ڳوٺن ۾ عام جام هوندي هُئي. ماضيءَ ۾ اسان جي سنڌ جي اسڪولن ۾ هم نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون زور شور سان ٿينديون هُيون ۽ شاگردن جي وچ ۾ مختلف راندين جا مقابلا به ڪرايا ويندا هُئا.
    مان جڏهن پرائمري پڙهندو هوس تڏهن اسان جي ڳوٺ ٺوڙها ۾ ونجهه وٽي، والي بال، ڪٻڊي راند کيڏي ويندي هئي. ڳوٺ ۾ مختلف راندين ۾ هارين جي ٽيم الڳ ته ملازمن جي ٽيم الڳ هوندي هئي. وڏن جون ٽيمون جُدا ته شاگردن ۽ ٻارن جون ٽيمون الڳ هونديون هُيون. اسان جي ڳوٺ جي اولهه پاسي واري شهر ڏيپارجا ۾ ڪيترائي ساليانا ميلا لڳندا هُئا ۽ اسين آسپاس جي ڳوٺن جا ٻارڙا انهن ميلن جو شدت سان انتظار ڪندا هُئاسين. انهن ميلن ۾ سائين نظر محمد شاهه، حيدر شاهه ۽ حامد شاهه جا ميلا تمام گهڻا مشهور هُئا، انهن ميلن ۾ اُٺن، ڏاندن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ به ٿيندي هئي. پر ميلي جو اهم ڀاڱو شام جو ميدان تي ٿيندڙ ملاکڙو هوندو هو. ڀانت ڀانت جا پهلوان اچي پهچندا هُئا. شام جو دير تائين ملاکڙي هلندو هو. اڄ وانگر بدامني ڪانه هوندي هئي. سڪون سان ميلو گهمي ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽندا هُئا.
    ان دور ۾ شير ميربحر جو شاگرد اسان جي علائقي جو مشهور ملهه پهلوان (محمد عالماڻي به ملهه وڙهندو هو). بدين جا شيدي ملهه به مشهور هوندا هئا، انهن جون ملهون ته اسان ٻارڙن لاءِ وڏو رونشو هونديون هُيون. شيدي پهلوان قد جا ننڍا پهلوان انهن کي مٿي کڻندا هئا، اوچتو اُهي اهڙيون اندريون هڻندا هئا جو طاقتور پهلوان به اچي ڦهڪو ڪندا هئا. اسان جي ڳوٺ ٺوڙها جو استاد غلام نبي سومرو به ملهن جا سندرا ڇڪرائيندو هو ۽ سندس ڀاڻج قربان سومرو به ملهه وڙهندو هو. اسان جي پاڙي ۾ مشورين جي ڳوٺ جو غلام محمد مشوري به ميدان تي لهندو ۽ ملهه وڙهندو هو. مَچُرَ جو نظير حسين وسطڙو واهه جو ملهه جي ڪمينٽري ڪندو هو. رات جو ميلي مان جڏهن موٽي اچبو هو ته ڳوٺ جي اوطاقن تي ڪچهريون به ملهه بابت هلنديون هيون. فلاڻو ملهه واهه جو وڙهيو. فلاڻي جو ته حال ئي ڪو نه هو. پوءِ وڏن ملهن جو ذڪر هلندو هو. ملهه وڙهي ته شير مير بحر وڙهي، ملهه وڙهي ته سمن شاهه، ملهه وڙهي ته غلام سرور جتوئي. ڀٽ شاهه جي ميلي جون، قلندر شهباز، سچل ۽ ٻين ميلن تي ٿيندڙ ملهن جو ذڪر ٿيندو هو. پوءِ ته ملهن بابت ڏند ڪٿائي ڪچهريون به هلنديون هيون، ته فلاڻو پهلوان هيترا سير نجو مکڻ کائي ٿو. ملهه، مسلسل ڪِريءَ جي ماني کائيندا آهن، هيترا مڻ سرنهن جو تيل بُت تي هڻندا آهن وغيره، اهڙيون ڳالهيون ٻُڌي اسان ٻارن جا وات ئي پٽجي ويندا هئا. وڏڙن جي ڪچهرين ۽ ميلي جي ماحول جو اهڙو ته اثر ٿيندو هو جو اسان اسڪول جا ٻار مختلف نامورن ملهن جا نالا رکي پاڻ ۾ اسڪول ۾ ملهه وڙهندا هئاسين. هڪ ڀيري ته اهڙي ٻاراڻي ملهه راند ۾ ته مان پنهنجي ٻانهن ڀڃائي ويهي رهيس ۽ ڪيتريون ئي راتون ٻانهن ۾ سُور جي ڪري امڙ ويچاري جون ننڊون ڦٽايم.
    اهي ڏينهن ڏهاڙا ڪيڏانهن ويا، وري جو سنڌ ۾ بدامني شروع ٿي، پنهنجن جا پنهنجا ويري ٿيا، ڪاٽڪو خان ويڙها ويران ڪرڻ لڳا ۽ ڪڙم جا ويري ٿيڻ لڳا ته ڪاڏي ويا ميلا ته ڪيڏانهن ويا ملاکڙا. سنڌ کي نظر لڳي وئي.
    هاڻي جو ڀاءُ مولائي ملاح شير ميربحر تي لکڻ لاءِ چيو ته ذهن تي اهي سڀ ڳالهيون تري آيون. ان دور ۾ جن وڏن ۽ پهرين جوڙجي ملهن جي هاڪ ٻڌبي هئي، انهن ۾ اسان جي ساهتي پرڳڻي جي ملهه شير ميربحر جو نالو نمايان هوندو هو. ان کانسواءِ سمن شاهه ۽ غلام سورو جتوئي جو نالو به ڳائبو هو. پهلوان دُر محمد عالماڻي سان ته ڪچهريون ٿينديون هيون، خاص طور تي موهر تي سدا واهه جي ڪپ تي سنڌو جي ڀر سان اسان جي مائٽن وٽ ملڻ ٿيندو هو. پهلوان رهندو به ان علائقي ۾ هو، پنهنجي استاد شير مير بحر جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هو. شير ميربحر سنڌ جو بهادر ۽ سُهڻو پهلوان هو. ڀٽ شاهه، سيوهڻ ۽ ٻين درگاهن تي ٿيندڙ ملاکڙن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. هُن پاڪستان جي ڪيترن ئي ملهه پهلوانن سان مقابلا ڪيا بلڪه پرڏيهي ملهن کان به ملاکڙي ۾ مقابلا کٽيا. شير ميربحر کي سنڌ جي هن اهم ثقافتي راند ملهه کي ترقي وٺرائڻ جو ڏاڍو اونو هوندو هو. ملهه راند کي ملڪي ليول تي نظرانداز ٿيندي ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيندو هو. هُن کي ملهن جي حالت ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو هو. ان ڪري هن ملهه ايسوسئيشن جو بنياد رکيو جنهن کي اڳتي هلي پهلوان غلام سرور جتوئي ڏاڍو سگهارو بڻايو. شير مير بحر کي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دور ۾ ملهه جو ملڪي ڪوچ پڻ بنايو ويو. پر اڳتي هلي ضياءُ الحق جي زماني ۾ ان تان کيس هٽايو ويو. حالانڪ ضياءُالحق جي زماني ۾ سنڌ ۾ جڏهن سياسي بي چيني وڌڻ لڳي ته حڪمرانن و ڏا ميلا ملاکڙا ڪرايا، ته جيئن دنيا کي سنڌ جي پُر امن هجڻ جو تاثر ڏجي.
    بهرحال ملهه سنڌ جي اهم ثقافتي راند آهي، ان کي ترقي وٺرائڻ ۾ 'شير مير بحر' جو ڪردار مثالي آهي، شير ميربحر تي ڪتاب آڻڻ تي مولائي ملاح جهڙن نوجوانن کي جس هجي، ان سان نئين نسل کي به پنهنجي ڪلچر، قومي راند ملهه جي خبر پوي ٿي.


    رستمِ سنڌ، شير ميربحر ۽ ملهه جي ثقافت (صالح بلو)

    سنڌ جي ثقافت ملهه جيڪا سنڌي قوم جي سڃاڻپ ۽ ورثو آهي. تاريخي سرمائي کي قائم رکڻ ۽ مڃتا ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي سداحيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر، جنهن آغا صدرالدين جي ساٿ سان "ملهه ايسوسيئيشن" جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي ملهه پهلوانن جي بهادري جا ڪرتب ظاهر ڪرائي دنيا اندر سنڌ جو نالو ڪڍرايو. تنهن 21 جون 1924ع ۾ اڳوڻي ضلع نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلع نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ علي محمد ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو ٻيلي کاتي ۾ آفيسر هو. هن پرائمري تعليم کان ئي ملهه وڙهڻ تي شوق رکيو ۽ هڪ جيڏن سان ملهه وڙهندو رهيو. شير ميربحر جي خاندان مان سندس چاچو پير خان نالي وارو ملهه هو. هن پنهنجي چاچي جي شوق کي ڏسي پڻ ملهه ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي. شير ميربحر پنهنجي شاگردي جو ڌاڳو استاد لقمان خشڪ کان ٻڌرايو ۽ ٽئين جوڙ کان ملهه جي شروعات ڪئي. پهريون انعام کيس نئين ديري جي ملاکڙي ۾ نواب اميد علي ڀٽو ۽ نواب پير بخش ڀٽو کيس ڏنو. ٻن سالن اندر پنهنجي محنت سان ٻئي جوڙ ۾ پهتو ته پهرين جوڙ ۾ پهچڻ لاءِ هن استاد لالا نواز علي پٺاڻ جي شاگردي قبولي ۽ استاد اسماعيل بڙدي کان به فيض حاصل ڪندو رهيو. شير ميربحر جنهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مقابلا ڪيا، جن ۾ هينڊل مڪراني ٺٽو، استاد هوشو شيدي هالا، انب شيدي ٺٽو، پنجل مهر شڪارپور، اقبال جوڳي ٺري ميرواهه، لالو ڦل ٺري ميرواهه ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته 1962ع ۾ هالا شهر ۾ ٿيندڙ "هالا دنگل" جي نالي سان ٿيل ملاکڙن ۾ غيرملڪي يوگوسلاويا جو پهلوان جارج ريبسڪو سان مقابلو ڪري کٽيو. جتي کيس شير سنڌ جو لقب مليو ۽ دنيا جو ملهه پهلوانن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو، هن 1966ع ۾ هندستان جي نامور پهلوان ٽائيگر گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ايوبي دور ۾ مقابلو ڪيو جنهن ۾ ڀولو پهلوان به موجود هئا. جيڪو هن کٽيو، جڏهن ته سنڌ جي هن نامور پهلوان ڀولو برادران کي پڻ چئلينج ڪيو هو. جيڪو مقابلو انهن نه ڪيو، جپاني پهلوان انوکي سان سندس چئلينج مقابلو ڪراچي ۾ ٿيڻو هو جنهن ۾ هو سڪرنڊ ڀرسان ايڪسيڊنٽ ٿيڻ سبب حصو وٺي نه سگهيو هو. شير ميربحر جو لکي بنگلو خيرپور ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ سندس فن کان متاثر ٿيندي فيلڊ مارشل ايوب خان اٿي تاڙيون وڄايون ۽ کيس هٿ ڏيئي داد ڏنو. ان موقعي تي واليءِ رياست خيرپور جي مير علي مراد خان ٽالپور سندس فن کان متاثر ٿي کيس انعام ڏنا ۽ ان موقعي تي اڳوڻو جنرل يحييٰ خان به موجود هو. شير ميربحر جيڪو ملهه جي دنيا ۾ نالي وارو بڻجندو ويو پئي. تنهن کي اڀرندڙ پهلوان الهه جُڙيو سمون مقابلي لاءِ چئلينج ڪيو ۽ شير ميربحر الهه جڙيو سمون کي مسلسل ست ملاکڙا ماري پنهنجو رستم سنڌ جو اعزاز برقرار رکيو. شير ميربحر پهرين ملهه مارڻ کان پوءِ گهمندو رهندو هو ۽ پوئين ملهه دسي پوءِ ئي دم پٽيندو هو. شير جي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذري. هن پنهنجي فني صلاحيتن سان پهرين جوڙ جا بهترين پهلوان پيدا ڪيا، جن ۾ غلام قادر لغاريءَ مرحوم در محمد عالماڻي سندس فرزند منور زمان ميربحر ۽ تڳل ڦل ۽ ٻيا ڪيترائي ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جا پهلوان شامل آهن. هو پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ نيشنل ڪوچ جي حيثيت سان سنڌ ۾ ملهه پهلوانن کي تربيت پڻ ڏيندو رهيو. صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن مشهور پهلوان کي جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻين آفيسرن جيان کيس به لاٿو ويو ۽ اپيل ڪرڻ بعد کيس ٻيهر بحال ڪيو ويو. شير ميربحر جي ويگن ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کان پوءِ ٿوري عرصي بعد هو 1984ع ۾ بڪين جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو. 1985ع ۾ اسپورٽس بورڊ سندس سار سنڀال لهڻ ۽ سندس مدد ڪرڻ بجاءِ کيس بنا ڪنهن سبب جي کيس نوڪري تان لاهي ڇڏيو. شير ميربحر جنهن سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ سنڌ جي قديمي فن ملهه کي دنيا اندر روشناس ڪرائيندو رهيو. ان نامور ملهه پهلوان سان ڪيل زيادتيون نه وسندڙ آهن. هو زندگي جا آخري پساهه اسپتال جي بستري تي گذاريندو رهيو ۽ ڪنهن به سندس سار سنڀال نه لڌي. هو بي حسي جا انبار اندر ۾ سانڍي 28 مارچ 1985ع ۾ وفات ڪري ويو. حڪومت ان جو ڪو يادگار ٺهرائي سندس مان مٿانهون ڪري.


    رستم سنڌ: شير مير بحر جون خدمتون ۽ اُن جو سِلو (گل محمد بلوچ)

    رستم سنڌ شير ميربحر جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان ملهه جي قومي ڪوچ واري عهدي کي ختم ڪيو ويو آهي. شير پهلوان هن وقت بيمار آهي. بيمار به اهڙو جو ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ زير اعلاج آهي. اهڙي حالت ۾ بجاءِ دلجوئي ڪرڻ جي دل شڪني ڪرڻ ڪائي چڱي ڳالهه نه آهي.
    شير ميربحر، ملهه جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي. جوانيءَ کان عمر جي انهيءَ عرصي تائين همت نه هاريائين جڏهن ته جنهن عمر ۾ ٻيا پهلوان پهتا. ته انهن ملهه کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي. رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر اڪيلو پهلوان آهي جنهن پنهنجو "رستمِ سنڌ" جو خطاب زبردست مقابلن کان پوءِ به پاڻ وٽ رکيو ۽ هن وقت تائين شير کي "رستم سنڌ" سڏيو ويندو آهي.
    شيرميربحر ئي سنڌ جو واحد پهلوان آهي جنهن فري اسٽائيل ڪشتيءَ جي جڳ مشهور پهلوانن سان مقابلو ڪيا. چيڪو سلاويڪا جي نامور پهلوان جارج زيبسڪو کي چئلينج ڪري ساڻس ملهه جا مقابلا ڪيا ۽ کيس هالا ۾ عبرت ناڪ شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو قوم جو مان مٿاهون ڪيو. جنهن ڪري کيس رستم سنڌ جو اعزاز ڏنو ويو.
    هندستان جو پهلوان گرنام سنگهه شيرميربحر کي چئلينج ڏني جنهن کي شير مير بحر قبول ڪيو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هن سان مقابلو ڪيو کيس دسيو، ملهه ماري. جنهن ڏينهن اهو مقابلو ٿيو هو ان ڏهاڙي نياز اسٽيڊيم ۾ ايتري ته خلق، عوام مقابلو ڏسڻ آيو جنهن جو اڄ تائين مثال نه ملي سگهيو آهي. اهو مقابلو ڀولو برادران به ڏٺو. جڏهن شير مير بحر گر نام سنگهه کي ملهه دسي ته، اسٽيڊيم "اللهُ اڪبر" جي نعرن سان گونجي ويو. شير تي هر طرف کان نوٽن ۽ گلن جي ورکا ڪئي وئي. هجوم شير ميربحر کي ڪلهن تي کڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
    لکي بنگلي خيرپور ميرس ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان مرحوم ، پهلوان شير مير بحر جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس انعام سان نوازيو. نئين اڀرندڙ پهلوان (اڄ کان 20-25 سال اڳ) الهه جڙيو سمي شير مير بحر کي چئلينج ڪيو ۽ دعوا ڪئي ته جيڪڏهن شير پهلوان اهڙو چئلينج قبول نه ڪيو ته رستم سنڌ آئون سڏائيندس. شير مير بحر اهو چئلينج قبول ڪيو.. مقابلو جشن خيرپور ميرس ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين شائقين خيرپورميرس پهتا. جڏهن ته الهه جڙيو سمو ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ۽ شير پهلوان اڌ وهيءَ ۾ هو. مقابلو شروع ٿيو. ڪيترائي پاڻي ٿيا . مگر پهرين ڏينهن ڪنهن به پهلوان کي سرسي حاصل نه ٿي، وري ٻئي ڏينهن به ٻنهين پهلوانن هڪ ٻئي تي داءُ پيچ آزمايا پر ڪو به دسجي نه سگهيو.
    آخر ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ملهه جي ڄاڻو شوقينن پنهنجن ٻنهين پهلوانن کي يعني شير پهلوان کي رستم سنڌ ۽ پهلوان الهه جڙيو سمي کي فخر سنڌ جي لقب سان نوازيو. سمي پهلوان کي اڃا فخر سنڌ جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو.
    رستم سنڌ کي انهن خدمتن جي سلي ۾ کيس قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي ملاکڙن ۽ ڪوچ جي حيثيت سان پهلوانن جي نگراني ڪندو رهيو.
    هاڻ جڏهن هو پهلوان بيماريءَ سبب اسپتال داخل آهي ته کيس اسپورٽس بورڊ ڪوچ جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. شير پهلوان جو ڏوهه ڪهڙو آهي. بيماريءَ سبب ملاکڙن ۾ شرڪت نه ٿي ڪري سگهيو.
    هالانڪه شير پهلوان ملهه وڙهي ڪو نه ٿو مگر هن جي ملاکڙي ۾ نه هئڻ سان ملاکرو ٻسو لڳندو آهي. اسپتال ۾ زير علاج رهڻ جي باوجود به کيس پهلوانن جو فڪر رهي ٿو. شير پهلوان سنڌ جي قومي روايتي راند ملهه زندهه رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اخبارن جي آفيس ۾ وڃڻ ۽ پهلوانن جا مسئلا بيان ڪرڻ ۽ اهي اخبارون ارباب اختياري تائين پهچائڻ، درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. هن حالت ۾ جڏهن هي بيماريءَ جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهيو آهي. تڏهن کيس ڪوچ جي عهدي تان هٽائڻ ٺيڪ نٿو لڳي. ڇو جو کيس اها خبر پوڻ سان کيس دلي صدمو پهچندو. بيماريءَ جي حالت ۾ اهڙو خبر ٻڌڻ سان ٿي سگهي ٿو ته شير پهلوان جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي. شير صرف پهلوان آهي پر سنڌ جي قديم فن ملهه جو سرمايو آهي. هن ملهه جي بقا لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان جي عيوض کيس مليو ڇا؟ نوڪريءَ کان جواب....!!
    سنڌ جي انهن قدردانن ۽ ملهه جي فن جي خدمت ڪندڙ حضرات کي به گهرجي ته هن جي بي بها پهلوان جي هن ڏکئي وقت ۾ پرگهور لهن.
    آخر ۾ آل سنڌ ملهه ايسوسيئيشن جي صدر ۽ عهديدارن کي مشورو ڏيندس ته اهي سنڌ جي رستم پهلوان لاءِ ضلعي ۾ ملاکڙو لڳرائي سموري آمدني کيس عطيه طور ڏين جيئن هي پهلوان پنهنجي باقي زندگيءَ کي سڪون سان گذاري سگهي. اها ڪوشش زندهه قوم جو هڪ مڃيل ثبوت آهي.
    ( روزنامه مهراڻ حيدرآباد- 14-9-1984 )


    شير ميربحر سنڌ جو ديومالائي ڪردار (خواجه ذوالفقار)

    سنڌ جو ساهتي پرڳڻو ادب، علم، لوڪ ڏاهپ ۽ ٻوليءَ توڙي راندين جي حوالي سان هند ۽ سنڌ ۾ سدائين مشهوري ماڻي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي ويجهي تاريخ ۽ ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته سنڌ جي نامياري عالم، اديب ۽ سياستڪار پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب "اهي ڏينهن اهي شينهن" پڙهڻ وقت جڏهن به سنڌ جي راندين ۽ ثقافت جي حوالي سان ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته ڪجهه گهڙين لاءِ حيرت ٿئي ٿي ته جيڪا سنڌ اڄ کان پنجاهه سٺ سال پهريان هئي، اها ڪيڏانهن گم ٿي وئي، پير علي محمد راشديءَ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۽ ملهه پهلوانن جي حوالي سان ذڪر ڪندي چيو آهي ته "جڏهن قلندر شهباز، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ راڻيپور واري پير سيد صالح محمد شاهه جا عرس ٿيندا هئا ۽ ملاکڙن ۾ سڄي سنڌ جا پهلوان دهلن جي ڌمال تي نچندا ڪڏندا ۽ هڪ ٻئي کي سندرا اڇلائيندا هئا ته سڄي ملاکڙي ۾ ڄڻ سانت ٿي ويندي هئي، ۽ خاص ڪري جڏهن ان دور جو مشهور ملهه پهلوان شير مير بحر ميدان تي ايندو هو ته ملاکڙي ۾ شامل ماڻهو اٿي بيهي سندس آجيان ڪندا هئا، ۽ ائين ئي تاڙيون وڄنديون هيون، جيئن ڪرڪيٽ جو مشهور رانديگر جاويد ميانداد ميدان ۾ ايندو هو ته کيس شوقين تاڙيون وڄائي داد ڏيندا هئا ۽ ساڳئي طرح شير مير بحر به ميدان تي لهندو هو ته نه رڳو ملهه پهلوان سندس اٿي بيهي استقبال ڪندا هئا، پر ملاکڙي ۾ موجود سمورا ماڻهو سندس تاڙين سان آجيان ڪندا هئا".سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جاپان جي سومو پهلوانن واري ڪشتي سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، ليڪن ملهه پهلوان جڏهن هڪ ٻئي سان سندرا ساهي جاٺا هڻي هڪ ٻئي کي ملهه مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ته ملاکڙي ۾ موجود سمورا ماڻهو ملهه پهلوانن جي داءَ تي داد ڏيندا آهن، ۽ جڏهن به ڪو ملهه پهلوان ڪنهن وڏي پهلوان کي ملهه ماريندو هو ته سج لهڻ تائين هو ملاکڙي ۾ موجود ماڻهن کان پئسا وٺندي وٺندي ٿڪجي پوندو هو ۽ ملاکڙي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ڳوٺن تائين ملهه پهلوانن جون ڳالهيون هلنديون هيون، ۽ انهن سمورن پهلوانن ۾ شير ميربحر جي ڳالهه ئي ٻي هئي، سندس وڙهڻ جو انداز سهڻي سجاوٽ، چهري تي ٺهندڙ شهپر ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو پائي جڏهن هو ميدان تي لهندو ٿو ته پنهنجي نالي جيان شير جي ڏِکَ ڏيندو هو، هاڻي نه اهي ملهه پهلوان رهيا آهن، نه وري ميلن ملاکڙن جا شوقين ماڻهو، ان ڪري سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جي سرڪاري طور سهائتا نه ٿيڻ سبب آهستي آهستي ملهه جو شوق ختم ٿيندو پيو وڃي.شير ميربحر ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ موسو ديرو ۾ 21 جون 1924ع تي جنم ورتو ۽ سندس تعليم پرائمري پنج درجا هئي، ليڪن هن ملهه واري راند ۾ ايتري ته شهرت حاصل ڪئي جو شير ميربحر کي ڏسڻ ۽ سندس ملهه وڙهڻ واري انداز کي پرکڻ لاءِ ڀارت سميت برطانيا، ۽ جاپان جا پهلوان به سنڌ پهتا، ليڪن شير ميربحر انهن پهلوانن کي ڌوڙ چٽائي ڇڏي ۽ "شير سنڌ" جو مليل خطاب سدائين برقرار رکيو. اڄ به ڳوٺن ۾ جڏهن جهونا اوطاقن ۾ ويهي ملهه ۽ ملهه پهلوانن جون ڳالهيون ڪندا آهن ته سڀني کان پهريان سندن زبان تي شير مير بحر جو نالو تري ايندو آهي، ۽ ان ئي دور جي پهلوانن ۾ انب شيدي، شير گوپانگ، محمد صفر خواجه، ۽ ٻيا ڪيترائي پهلوان شير ميربحر سان ملهه وڙهندا رهيا، ليڪن شير ميربحر جيڪڏهن ڪنهن پهلوان کي اڳين ملهه مارڻ ڏيندو هو ته پوئين ملهه ۾ ساڳي پهلوان کي گهمائي گهمائي پٽ تي اڇلائيندو هو، ان دور ۾ قلندر شهباز ۽ ڀٽ شاهه جي ملاکڙن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو وڏو ملاکڙو ٿيندو هو، اهو سائين صالح محمد شاهه جي درگاهه راڻيپور ۾ پير نالي چڱو لڳرائيندو هو ۽ اهو نه رڳو پاڻ ملهه پهلوان هو پر ملهن کي پاليندو به هو، ان حوالي سان اڄ کان ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويل ڪنگري تعلقه ضلعي خيرپور جي ڳوٺ ٻوگهڙ جي رهواسي وقت جي نامياري ملهه پهلوان محمد صفر خواجه پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته شير ميربحر سان ملهه وڙهڻ لاءِ راڻيپور جي پير نالي چڱي کيس 2 مهينا هڪ هنڌ ويهي پاليو هو ۽ جڏهن ملاکڙي ۾ شير ميربحر سان سندرو ساهيو ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ڪنهن پهاڙ سان ٽڪرايو آهيان، شير ميربحر بابت پهلوان محمد صفر خواجه ٻڌايو ته ان وقت شير ميربحر جي عمر موٽ کاڌي هئي ۽ آءُ پهرين جوڙ ۾ پير پاتو هو ٽن ڪلاڪن تائين مقابلو ٿيو، ۽ مون کيس پهرين ملهه ماري ۽ سج لهڻ تائين ملاکڙي جي ماڻهن کان پئسا وٺندو رهيس ۽ ڪاوڙ ۾ شير مير بحر هيٺ نه ويٺو ۽ زمين تي پير سان ليڪا پائيندو ۽ سڄي ملاکڙي جي چوڌاري گهمدو رهيو، ليڪن سج لهڻ ۽ اوندهه ٿيڻ سبب ان ڏينهن فقط هڪ ملهه ئي ٿي سگهي ۽ ٻئي ڏينهن تي سڀني کي انتظار هو ته فقط اسان ٻنهي جي ملهه جو" ٻئي ڏينهن جڏهن اسان هڪ ٻئي جا سندارا ساهيا ته شير ميربحر مونتي لڳاتار وار ڪندو رهيو، ۽ آخر ۾ جڏهن هن گهمائڻ شروع ڪيو ته منهنجا پير زمين تان کڄي ويا، ۽ گهمائي گهمائي پٽ تي اڇلايائين ته مونکي ڪل ئي ڪان پئي، ۽ ڪيتري وقت تائين مٿو ڦرڻ ۽ ڌڪ لڳڻ سبب اٿي نه سگهيس ۽ شير ميربحر ملاکڙي ۾ وڃڻ بدران مونکي مٿان بيهي ڏسندو رهيو ۽ آخر ۾ هٿ وڌائي مونکي اٿاري ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته جيڪڏهن آءُ ملاکڙي تان رٽائرڊ ٿي ويس ته مونکي پڪ آهي ته ضرور منهنجي جاءِ والاريندين، آءُ ڪيترو ئي عرصو پهرين جوڙ جي ملهه طور وڙهندو رهيس، ليڪن شير ميربحر ڪير سڏائي! اهڙو ملهه پهلوان سنڌ شايد ٻيهر پيدا ڪري نه سگهندي. شير مير بحر جي حوالي سان سنڌ جي چوٽيءَ جي پهلوانن ۾ سيد سمن شاهه پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو هو ته مون جڏهن شير ميربحر کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڏٺو هو ته سندس باڊي ساڳي ته نه رهي هئي، ليڪن ٻانهن جي کل ڏيڍ انچ تائين هيٺ لڙڪيل ڏسي مونکي حيرت ٿي هئي ته پنهنجي دور جي شهنشاهه ملهه پهلوان جي حڪومت ڪا به سهائتا نه پئي ڪري، ۽ خبر ناهي ته اسان جو انت ڇا ٿيندو، ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شمن شاهه، محمد صفر خواجه جو شاگرد هو ۽ غلام سرور جتوئي پنهنجي والد قلب علي جتوئيءَ جو شاگرد هو ۽ جڏهن حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٻنهي پهلوانن وچ ۾ مقابلو ٿيو هو ته پهرين ملهه سمن شاهه ۽ ٻي ملهه غلام سرور جتوئي ماري هئي، ان ڪري ان وقت جي گورنر ايس ايم عباسي ايوارڊ ٻنهي پهلوانن کي ڏنو هو ۽ 1964ع ۾ راڻيپور واري پير صالح محمد شاهه جي درگاهه تي جڏهن شير ميربحر ۽ محمد صفر خواجه ۾ هڪ هڪ ملهه برابر ٿي هئي ته ٻنهي پهلوانن کي روڪ رقم ۽ ايوارڊ جو اڌ اڌ حصو مليو هو. شير ميربحر جي حوالي سان هر ڳوٺ ۾ اوهان کي ڪا نئين ڪهاڻي ڪا نئين ڳالهه ضرور ملندي، ان ڪري ته هو پنهنجي وقت جو ديو مالائي ڪردار رهيو آهي، ان ڪري ته جيستائين ملهه ۽ ملاکڙا قائم آهن تيستائين شير سنڌ شير ميربحر جو ذڪر ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائبا رهندا، ليڪن هن وقت صورتحال اها آهي ته ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال، فوٽ بال ۽ ٻين راندين لاءِ ته حڪومت وٽ فنڊ به آهن ۽ نجي ڪمپني اشتهار به ڏين ٿيون، ليڪن سنڌ جي ثقافتي راند ملهه آهستي آهستي ڄڻ پٺتي ڌڪجي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار يا سنڌ واسين پنهنجي انهيءَ ثقافتي راند ملهه جي ڪا سهائتا نه ڪئي ته ٻين راندين جيان شايد اڳتي هلي ملهه پهلوان به پنهنجو رستو مٽائي ڪنهن ٻي راند ڏانهن ڌيان ڏين. اڄ به پنهنجي ڳوٺن جا جهونا ٻڌائين ٿا ته شير ميربحر 1962ع ۾ چيڪوسلواڪيا جي مشهور پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏني ۽ 1966ع ۾ هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگھ کي به تاريخي شڪست ڏني هئي، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ جيڪو شاندار ملاکڙو منعقد ڪرايو ان ۾ شير ميربحر کي ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو، ليڪن اڄ حڪمرانن ۾ به ملهه جا اهي قدردان موجود ئي ناهن، جيڪي ملهه پهلوانن کي ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڏئي ملهه پهلوانن جي سهائتا ڪن. ۽........ ها سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا هاڻي ڪو ٻيهر سنڌ جي ڪنهن پرڳڻي مان شير ميربحر جهڙو ملهه پهلوان پيدا ٿي نه سگهندو؟ قدرت سونهن سان گڏو گڏ شير ميربحر کي جيڪا خوبصورت باڊي ۽ ملهه وڙهڻ جو انداز ڏنو هو اهو ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شير ميربحر جهڙي سدا حيات پهلوان جون ڳالهيون صدين تائين ڳائبيون رهنديون.


    تاريخ ۾ هن جون خدمتون ياد رکيون وينديون (محمد عثمان ميمڻ)

    ملهه راند صدين کان سنڌ ۾ کيڏي ويندڙ هڪ مشهور راند آهي. هن جو شمار ثقافتي راندين ۾ ٿئي ٿو. اڄ هيءَ راند ٻين راندين جيئن تباهيءَ جي ڪناري تي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ قومي راند طور سڃاتي ويندڙ ملهه راند جي مقبوليت ۾ حڪومت جي لاپرواهي عام ماڻهن جي عدم دلچسپيءَ ۽ ملهه پهلوانن جي سهائتا نه ٿيڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. جنهن سبب ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کان وڌيڪ عام ماڻهن جي شرڪت گهٽجي وئي آهي. ماضيءَ ۾ ملاکڙن ۾ اڳ ملهه پهلوانن کي هزارين رپيا پوندا هئا پر هاڻ کين سون ۾ داد ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. سنڌ جي هيءَ قديمي راند پنهنجي اهميت وڃائيندي پئي وڃي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ لاءِ پهلوان جڏهن سندرو ٻڌي ميدان تي لهندا هئا ته هر طرف خوشيءَ جو عجيب سما هوندو هو، دهلاري دهل ۽ شرنائي، نواز شرنائي وڄائيندو هو ته اک ڇمڀ ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا پر افسوس جو اڄ ملهه راند ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان مشهور رهيا. جن ۾ جهلڻ، گوداورو، الهبچايو مهر، هنڊل، هوشو ، شير مير بحر يڪو خاصخيلي، غلام سرور جتوئي وغيره قابل ذڪر آهن. شير ميربحر پنهنجي دور جو هڪ مشهور ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. ملهن جو مهندار، ملهه پهلوان شير ميربحر جو پورو نالو علي شير ولد علي محمد ميربحر هو. پنهنجي بهادريءَ ۽ جوان مرديءَ سبب کيس رستم سنڌ جو اعزاز مليل هو جنهن بعد رستم سنڌ جي نالي سان پڻ مشهور ٿيو. شير ميربحر جو جنم 21 جون 1924ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڍيارو ضلعي نوشهرو فيروض ۾ ٿيو.سندس تعليم پنج درجا هئي. شير مير بحر ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقائده ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. هن ملهه جي سکيا پهرين پهلوان لقمان خشڪ کان پوءِ پهلوان لال نواز علي خان پٺاڻ شڪارپور واري کان حاصل ڪئي هي سنڌ جي سمورن پهلوانن کان معتبر ليکيو ويندو هو. هيءُ ٽيهن سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو. هن ڪجهه وقت سکيا محمد اسمائيل بڙدي کان پڻ ورتي. شير ميربحر جنهن کي رستم سنڌ جو اعزاز مليل هو. هن لاءِ اهو مشهور هوندو هو ته "هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي ملهه کي چوندو هو ته سندرو ٻڌي ويهه ته آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان" شير نه رڳو نالي جو شير هو پر واقعي به شير هو. ملاکڙو ۽ شير مير بحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا هئا. شير ميربحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندو هو. هو طاقتور سگهارو ملهه هو جو ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو. هو ٽيهن سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست پهلوان رهيو جيڪو سندس هڪ ريڪارڊ پڻ آهي.
    شير ميربحر جا ملهه واري عرصي ۾ سندس ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن سان مقابلا ٿيندا رهيا. هن ملڪي توڙي غير ملڪي ناليوارن ملهه پهلوانن کي شڪست ڏئي . ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو .1962ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جو پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي شير ميربحر پنهنجي سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ ان دوران "شير سنڌ" جو لقب حاصل ڪيو، سندس ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور ملهه پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هيءُ مقابلو 1966ع ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو هو جنهن ۾ شير ميربحر هندستان جي پهلوان کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏئي پنهنجو پاڻ مڃرايو، سندس هڪ وڌيڪ يادگار مقابلو 'لکي بنگلي' خيرپور ميرس ۾ 1951ع ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي جنرل محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست خيرپور ميرس مير علي مراد خان ٽالپور گڏجي ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني هئي جنهن بعد تڏهوڪو جنرل ايوب خان کانئس ايترو ته متاثر ٿيو جو سنڌ جي هن پهلوان کي اٿي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنائين ۽ انعام ڏيندي اهو پڻ چيو ته: 'شير واقعي شير آهي.'
    شير مير بحر پنجاب جي ڀولو پهلوان جي مقابلي جي آڇ قبول ڪئي ۽ اهو ملاکرو ميرپورخاص ۾ ٿيو. ان وقت اتي ڊپٽي ڪمشنر تعلقي ڳڙهي ياسين واسي ڪئپٽن محمد عثمان عيساڻي هو، شير مير بحر مقابلي وقت چيو هو ته: "هن لاءِ ته منهنجو شاگرد يڪو پهلوان ئي ڪافي آهي." واقعي به يڪي پهلوان ڀولو پهلوان کي هارايو. ان کانپوءِ شير ميربحر جو مقابلو بين الاقوامي سطح تي ٿيڻ لڳو. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين ملهه ڪرندو هو ته ٻانهيءَ ۾ هر گز نه ويهندو هو ۽ ميدان ۾ ئي پنهنجي مد مقابل جو انتظار ڪندو هو.
    شير ميربحر سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اهو هن جي ڪوشش جو ئي نتيجو آهي جو ملهه اڄڪلهه سنڌ جي اهم ۽ ثقافتي راند تسليم ڪئي وڃي ٿي. هن جي ذاتي ڪوششن سان 1974ع ۾ ڪراچيءِ ۾ هڪ شاندار ملاکڙو منعقد ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽيويزن تان به ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتون ۽ جدوجهد کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. ليڪن 1984ع ۾ شير مير بحر جڏهن بڪين جي بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. جنهن ماڻهو پنهنجي سموري زندگي ملڪ ۽ فن جي خدمت ڪندي گذاري. افسوس جو ان ماڻهو جي عمر جي آخري حصي ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ نوڪري ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي وئي. پاڻ انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ آهي. تاريخ ۾ هن ملهه پهلوان جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.


    شير ميربحر: سنڌي ڪلچر جو امين (شبير ملاح)

    28 هين مارچ 1985ع ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ سنڌ جي قومي راند ملهه جو هيرو شير ميربحر پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هاري ويٺو. منهنجي هڪ دوست چيو هو ته، 'اسان جي ديس جو آرٽ، انهن ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ پاڻهي دم ٽوڙيندو آهي، جيڪي انهيءَ فن ۾ يڪتا هوندا آهن.' اهڙيءَ طرح گڙدن جي مرض ۾ سال 1983ع کان مبتلا سنڌ جو عظيم سرمايو، استاد شير ميربحر به 1985ع ۾ پاڻ سان ملهه کنيو ويو. 'رستم سنڌ' شير ميربحر جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو هو. جيئن موهن جي دڙي جي ڪري سنڌ جي شهرت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي هئي ته، هن شير جي هاڪ به ملڪان ملڪ ٿي هئي. شايد شير ميربحر موهن جي دڙي جي دور ۾ ئي پيدا ٿيڻو هو، پر وقت وچ ۾ هزارين سالن جو فاصلو آڻي ڇڏيو.
    اڄ جڏهن 28 مارچ تي هن جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته، ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن تي هن جون ساروڻيون تري آيون آهن، جن ۾ ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ دليپوٽا جو حاجي فيض محمد سهتو به شامل آهي. هو بس ايترو ٻڌائي ٿو ته، "ڪنهن زماني ۾ شير جو والد علي محمد ميربحر، دليپوٽا جي ٻيلي تي فاريسٽ آفيسر طور مقرر هو، شير به هن سان گڏ رهندو هو، شير ميربحر اسان جيڏو هو، شام ڌاري بنگلي جي ڀرسان ئي موجود موريل شاهه درگاهه تي ملهه وڙهندا هئاسين، حيات پنهور ۽ فقير آچر هن جي جوڙ جا هئا، پر شير ميربحر کي ڪنهن به ملهه نه ماري، مضبوط جانٺي جسم جو هي جوان، ڄڻ ملهه وڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو".
    سنڌ جي هن عظيم پٽ کي 'رستم' جي لقب سان سڏيو ويو، رستم، جيڪو ايران جو وڏو سورمو هو، پارسي ڏند ڪٿائن مطابق رستم، هڪ اهڙو هيرو هو، جنهن کي شڪست ڄڻ موت کي هارائڻ برابر هو، اسان جو رستم به ته اهڙو ئي هو، بس جي فرق رهيو ته قدر جو، ايران جي رستم کي فردوسي جهڙو شاعر ملي ويو، جنهن 'شاهنامي' معرفت هن کي امر بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته اسان جي سنڌ جي رستم کي ڪو به فردوسي نه ملي سگهيو. بس هر سال 28 مارچ تي هن جي علائقي جا ڪجهه لکاري سندس باري ۾ لکيل پراڻا پنا اٿلائيندا آهن، پوءِ اخبارن ۾ اهي مضمونن جي شڪل ۾ ڇپجن ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو هو جيڪو مڪمل ملهه راند جي تصوير هو، انهيءَ تي ٿيسسز لکي وڃي. سندس زندگيءَ جي انهن سڀني پهلوئن تي روشني وڌي وڃي، سندس حياتيءَ جا اهي سڀ پاسا ظاهر ڪيا وڃن، جن جي ڪري هو ملهه ۾ عظمتن جو استعارو بڻجي ويو. شير ميربحر، ملهه ۾ ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا، هن هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، اهو شير ميربحر ئي هو جنهن آسٽريا جي آسٽن کي ٻڌايو ته ملهه رڳو طاقت ۽ هاٿي جهڙي بدن سان نه وڙهي ويندي آهي، پر ملهه هڪ مڪمل فن جو نالو آهي. رستم سنڌ پنهنجي جوهرن سان اها شيءِ چيڪو سلاويڪيا جي زيبسڪي کي به سمجهائي ته ملهه فقط ئي فقط سنڌ جي ارڏن اڙٻنگن جي راند آهي، جنهن ۾ زور کان وڌيڪ ڪسرت ۽ عقل جو استعمال ٿيندو آهي. جيسيتائين هن جو جوڀن هن سان همراهي هو. زندگيءَ جي 58هين سال ۾ گڙدن جي بيماري هن سان سَندرا ٻڌڻ شروع ڪيا، هو جيڪو سَندرن ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور هو، گڙدن جي بيماري اڳيان جهڪي پيو، هن جا گوڏا زمين تي لڳي ويا. ويتر بي وفا زماني جي اکين هن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. اهو شير ميربحر جنهن تي ڪنهن زماني ۾ هزارين اپسرائون سر گهورينديون هيون، هزارين مرد هن سان هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ سِڪندا هئا. هاڻي شير ميربحر ويچارو ٿيو. اڪيلائي ۽ اٻاڻڪائي هڻي هنڌ ڪيو. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن اسان جو هي هيرو، پنهنجي هر فتح کانپوءِ زندگيءَ جي آخري ملهه هارائي ويو.


    ارڏو ڪردار ۽ رستم سنڌ شير ميربحر (ممتاز علي ملاح)

    21هين جون 1924ع ڌاري فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ اک کوليندڙ هن ارڏي پهلوان جي وڇوڙي کي جيتوڻيڪ اڄ 28 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر ان عرصي دوران سنڌ جا اڪثر نوجوان سنڌ جي هن قومي هيرو جي ڪارنامن کان اڻ واقف نظر اچي رهيا آهن، سنڌ جي نوجوانن کي ڌارين راندين ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال، والي بال ۽ ٻين راندين جي رانديگرن جا نالا ۽ پروفائيل ته چڱي ريت ياد آهن پر افسوس جو سنڌ جي قومي راند جي هيروز کي انهن هميشه لاءِ وساري ڇڏيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ان عمل ۾ جتي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ ميڊيا جي ڪوتاهي شامل آهي اتي وقت جي حڪمرانن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته قومي ميڊيا تي ٻاهرين راندين کي حد کان وڌيڪ ڪوريج ملي ٿي ۽ حڪمران به ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا پر ملهه جيان ٻين راندين کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجي حقيقي قومي هيروز کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا پيا وڃون ايترو ئي نه بلڪي پنهنجي ذهنن تي نقش انهن جي پراڻي يادن کي به دز جي حوالي ڪري رهيا آهيون. جيڪو عمل انتهائي غلط آهي.
    ورسي جي مناسبت سان جيڪڏهن سنڌ جي جوڌي پهلوان شير مير بحر جو ذڪر ڪجي ته سندس ڪارنامن سان ڪيترائي باب ڀرجي سگهجن ٿا. هن پنهنجي دور ۾ ملاکڙي جا ڪيترائي ميدان ماريا ۽ ڪيترن ئي مشهور پهلوانن کي مات ڏني. اهوئي سبب آهي جو ان وقت هن کي ملاکڙي جي ميدان جو مور تصور ڪيو ويندو هو. چون ٿا ته سندس پهريون مقابلو لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري ۾ زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ ان دور جي چئن نامور پهلوانن لال محمد ڦل، احمد لهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر سان ٿيو جنهن ۾ هن چئني پهلوانن کي شڪست ڏئي ڀرپور نموني سان پاڻ مڃرايو ان ملاکڙي ۾ هن شروعاتي طور تي اهڙي شاندار ڪارڪردگي پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو جنهن کان پوءِ هن ملڪي سطح تائين به مقابلا ڪيا جن ۾ به هي سوڀارو ٿيندو رهيو. هي ٽن ڏهاڪن تائين ناقابل شڪست رهيو، پر سندس زندگي جو هڪ دور آيو جيڪو هن لاءِ ڏيهه کان پرڏيهه تائين جي سڃاڻپ جو سبب بڻيو. هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاران ڪرايل 'هالا دنگل' ۾ هن چيڪوسلاويا ملڪ جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي دنيا اڳيان سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، ان کانپوءِ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي ٻين الاقوامي ملاکڙي ۾ هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي ٻئي ملهون ماري ملهه راند جو مان مٿانهون ڪيو، اهو مقابلو ايڏو ته شاندار هيو جو ان وقت هر ماڻهو جي زبان تي صرف ان مقابلي ۽ پهلوان شير ميربحر جو ذڪر رهيو. ان مقابلي پهلوان جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏهن ته رستم سنڌ شير مير بحر جو هڪ ٻيو اڻ وسرندڙ مقابلو 'لکي محل' خيرپورميرس ۾ ٿيو. ان ملاکڙي ۾ ان وقت جو فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ هزهائينس ميرعلي مراد خان ٽالپور به موجود هئا. انهن شير ميربحر جا داءُ پيچ ڏسڻ کان پوءِ فيلڊ مارشل ايوب خان کي چوڻو پئجي ويو ته "شير واقعي شير آهي" ان کان علاوه ٻين ماڻهن به شير جي ڀرپور تعريف ڪئي ۽ کيس داد ڏنو ان دور ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ملهه پهلوان الهه جڙيي سمي شير مير بحر کي مقابلي لاءِ چئلينج ڪيو جنهن کي شير مير بحر وڏي دل، گڙدي سان قبول ڪيو ۽ پهلوان الهه جڙيو سمون کي لڳاتار ست(7) مقابلن ۾ شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيو شير مير بحر ملهه جي فن کي ايتري ته عظمت ڏني جو اها ٻهراڙي مان نڪري شهرن تائين پهتي ۽ ڪراچي ۾ واقع نيشنل اسٽيڊيم ۾ به کيڏي وئي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيل هن يادگار مقابلي ۾ سنڌ ڄائي شير ميربحر آسٽريليا جي پهلوان آسٽن کي اسٽيڊيم ۾ ڦيرائي اهڙو ته پٽ تي هنيو جو ان ڏينهن کان پوءِ آسٽريلوي ملهه جو نالو ئي ڇڏي ويو، ان مقابلي جي ڪامينٽري ريڊيو پاڪستان تان سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي. اهو مقابلو به شير جي زندگيءَ جو بهترين باب تصور ڪيو ويندو آهي ڇو جو ان مقابلي جي فوري بعد شير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته:" سندس خواهش پوري ٿي وئي آهي هن جو چوڻ هو ته هن جي خواهش هئي ته هو ملاکڙي راند کي سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري جنهن کان پوءِ عالمي ليول جي پهلوانن جو هتي اچڻ ۽ انهن کي مات ڏيڻ منهنجي لاءِ مددگار ثابت ٿيو آهي ان عمل سان راند کي هٿي ملي آهي."
    شير ميربحر پنهنجي ضمير مطابق ڌرتي ماءُ جو قرض ادا ڪيو پر افسوس ته حڪمرانن کيس اهو مان نه ڏنو، عوامي دور جي حاڪم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه راند جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو جنهن دوران سيکڙاٽ نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏيندو هو ۽ ملاکڙن جي نگراني ڪندو هو. پر 1984ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت ۾ جڏهن شير مير بحر گڙدن جي بيماري سبب اسپتال داخل ٿيو ته وقت جي بي حس حڪمرانن سندس پرگهور لهڻ بدران ويتر نوڪري ئي ختم ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران ملندڙ وظيفو بند ڪري ڇڏيو. نيٺ بيماري جي بستري تي چڪي چڪي سنڌ جو هيءُ املهه ماڻڪ 28 هين مارچ 1985ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
    اڄ "رستم سنڌ" شير ميربحر جي اٺاويهين ورسي جي موقعي تي اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سندس خدمتن کي سامهون رکندي ڀٽ شاهه ۾ ٺهيل ملاکڙا اسٽيڊيم جو نالو "شير ميربحر اسٽيڊيم" رکيو وڃي. ڀٽ شاهه، قلندر لال شهباز، سچل سرمست ۽ ٻين وڏن ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کي "شير مير بحر ايوارڊ" ڏنا وڃن. سندس يادگار تعمير ڪرايو وڃي. هر سال سرڪاري سطح تي سندس ورسي ملهائي وڃي ۽ کيس (بعد وفات) صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي.
    (روزاني "سنڌ ايڪسپريس" حيدرآباد، 28-مارچ 2014ع )


    شير ميربحر: جنهن تي سنڌ کي ناز آهي (محمد خان دائودي)

    "رستم سنڌ" اسان سنڌين جي اها بين الاقوامي شخصيت هيو، جنهن کي ياد ڪرڻ اسان تي فرض آهي. هن کي پنهنجي ماترڀوميءَ سان اهڙو ته پيار هيو جو هو ان جي مٽيءَ کي پنهنجي جسم تي مليندي به فخر محسوس ڪندو هيو، ۽ سنڌ جي سرهي مٽيءَ به کيس نمسڪار ڪيو. شير پڄاڻان، سنڌ مان ڄڻ ته ملهه راند ئي موڪلائي وئي ..! نه اُهي ميلا ملاکڙا ۽ نه ئي اُهي سنڌ جي شير جي جوڙ جا پهلوان رهيا، پهلوانن جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪير رهيو ئي ناهي. چئو ڏس اهڙي اداسي ڏسي هانوَ جي هيءَ ڪيفيت آهي شاهه چواڻي ته:
    نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون،
    پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
    (ڀٽ ڌڻي)
    "شير سنڌ" جنهن کي سنڌ امڙ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ورتو، هو جيستائين جوت ۾ هو اوستائين وڙهندو رهيو. هيءَ سنڌ جي ناقابل شڪست شخصيت آهي جنهن تي سنڌ کي به ناز آهي. شيرسنڌ، پاڪستان کان ٻاهر به فتح حاصل ڪئي ۽ ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو.
    ملهه سنڌ جي قومي راند آهي، جنهن تي اسان جو ڪو به ڌيان ناهي. جس هجي مولائي ملاح جهڙي ماڻهو ءَ کي جنهن اهڙي تاريخ ساز شخصيت ، سنڌ جي هيرو کي ياد ڪيو آهي. اسانجو نوجوان توڙي پڪو پوڙهو. دنيا جي راندين لاءِ ته پريشان آهي، پر پنهنجي اولاد کي پنهنجي قومي، ثقافتي راند جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هو پنهنجي اولاد کي گهمائڻ لاءِ مختلف شهرن جي تفريح گاهن ڏانهن ته وٺي وڃي ٿو پر سنڌ ۾ لڳندڙ ميلن ۽ ملاکڙن ڏانهن نه ٿو وٺي وڃي. اسان پنهنجي قوم جا ذميوار فرد پنهنجين ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ، محبتن جا ميلا مچائي نفرتن کي ختم ڪريون ته اهڙي عمل سان اسانجي قوم ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سنڌ اُجاري سگهي ٿي. ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اسان جي سنڌي قوم جي ذميوار ماڻهن کي پنهنجي قومي راند ۽ ان جي هيرو شير ميربحر جي زندگيءَ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ۽ جن کي ڄاڻ آهي اهي ان تي هڪ پل لاءِ به سوچڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اسان جي قوم ۽ ڪلچر اهڙي خاموشيءَ سان ترقي ڪندو؟!
    اهو ئي سبب آهي جو اسان جي نوجوان کي ڪرڪيٽ ۽ شوبز جي ماڻهن جا ته مڪمل پروفائل ياد آهن.انهن جا ڪيترا عشق، عاشق ۽ مداح آهن. پر انهن کي پنهنجي قومي هيروز جي ڪردار، جنم ڀومي، شهر، ڳوٺ جي ڪا به ڄاڻ ناهي. ائين جيئن ڪراچيءَ جي نئين نسل کي اڄ تائين اها خبر ناهي ته ڪڻڪ جو ٻوٽو ٿيندو آهي، يا وڻ ٿيندو آهي.
    سنڌ جي بزرگن جي درگاهن تي ملهائجندڙ چوڏهيون ۽ ٻارها، جن تي ملاکڙا پڻ ٿيندا هيا. گهوڙن، اٺن ۽ ڏاندن جون ڊوڙون ٿينديون هيون. اتي اڄ ڊسڪو فنڪارن اچي جاءِ والاري آهي، يا وري لوٽي ۽ ڇلي وارين ڪبوترين ميجڪ شو ۾ ماڻهن کي پنهنجن ناز نين ادائن ۾ مست بڻائي منجهائي وڌو آهي. ملاکڙو، ميلي جو روح هوندو هيو، آهي. ملاکڙي مهل ميلي جون سڀ بازارون ويران ٿي وينديون هيون. ملاکڙي ختم ٿيڻ کان پوءِ وري ميلي ۾ ماڻهن جي رش وڌي ويندي هئي، مٺائيءَ جي دڪانن تي ائين سنڌي ڪچهرين، ملهه جا شوقين ماڻهون ناريل جي مٺائي کائي شير جي تعريف ڪندا هيا جيئن اڄ جا نوجوان ڪرڪيٽ مئيچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هوٽلن تي ويهي رانديگرن لاءِ تبصرا ڪندا آهن. راند ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪچهرين ۾ انهن تي تبصرا ڪندا آهن.
    شير ميربحر سنڌ جو ناز هيو، سنڌ جي هڪ تاريخ هيو. جنهن جي زندگيءَ تي ڪم ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ سنڌ جي علمي ادارن ۾ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. سرڪار پاران سندس نالي سان ڪو ياد گار تعمير ڪرايو وڃي، سندس پونئيرن جي واهر ڪئي وڃي. اسان مردا پرست قوم آهيون اسان کيس زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيون هان جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها.
    شير جهڙيون شخصيتون قومن، ڌرتيءَ تي ورلي جنم وٺنديون آهن، جيڪي ملڪ، قوم ۽ ڌرتيءَ جو نالو ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ روشن ڪنديون آهن. ها! شير اهڙين ئي انمول ۽ اڻ لڀ تاريخ ساز شخصيتن مان هڪ هيو. جنهن کي سنڌ صدين تائين ياد ڪندي رهندي .


    سنڌي مَلهه (شير ميربحر ــ هڪ جائزو)_ ضياءَالدين ايس. "بلبل"

    سنڌ جي روزانه اخبارن، شيرميربحر جي زيبسڪو کي شڪست ڏيڻ تي، تحسين جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر يورپ جي مشهور پهلوان زيبسڪو تي، جا شاندار سوڀ حاصل ڪئي آهي، اُها بجا طور تي فخر جي قابل آهي. ان سان گڏ اخبارن اهو نهايت مهلائتو ۽ مفيد مشورو ڏنو آهي ته شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه جي ايندڙ يادگار ڏينهن ملهائڻ واري موقعي تي هڪ شاندار سنڌي طرز جو ملاکڙو ڪرايو وڃي. ان رٿ جي زوردار تائيد ڪندي هي عرض ڪبو ته سنڌي طرز جي ملهه جي، دنيا جي ملهن جي نموني تي جيڪا فوقيت آهي تنهن تي ويچار ڪرڻ گهرجي. اهو فن بلڪل جداگانه ۽ پنهنجي طرح جو بيمثال فن آهي. ملهه جي ٻين نمونن ۾ هٿن ۽ ٻانهن خواهه ڄنگهن جي طاقت ۽ حرفت ۽ حرڪت سان ملهه وڙهبي آهي ۽ مخالف کي هروڀرو پٺيءَ ڀر سئين ڪنڊي ڪيرائڻو آهي جنهن ۾ خود گهڻي ڊيگهه ٿيندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته هٿن پيرن ٻانهن ٽنهي عضون جي حرڪت ۽ زور تي اهو نمونو ملهه جو وڙهيو ويندو آهي؛ تنهنڪري ان ۾ 'عضون جو مروٽڻ' به ٿي سگهي ٿو. لازمي طرح اهو نمونو سخت ۽ ڊگهي عرصي تائين ڪشمڪش جاري رکڻ وارو هوندو آهي ۽ ان ۾ سور ۽ سختي به ڊگهي مدي تائين هلندي آهي، جا ڳالهه حساس ۽ انصاف پسند طبيعتن تي بارگران وانگر گذرندي آهي.
    مگر ان جي ابتڙ سنڌي ملهه جي طريقي ۾ هٿ ۽ ٻانهون رڳو سندري (جو ڪپڙو چيلهه ۾ مضبوط ٻڌل هوندو آهي) تائين محدود هونديون آهن، ۽ انهن جي چرپر رڳو مخالف کي زمين تان 'پٽي کڻڻ' يا هڪ هنڌ 'کپائي بيهارڻ' يا پاڻ کان 'اوري يا پري' آڻڻ لاءِ ئي ڪم ۾ اينديون آهن. اهي 'سندري' کان جدا نه ڪري سگهبيون آهن. جدا ٿيون ته راند بند ڪئي ويندي ۽ ملهه وري جوٽي ويندي. انهيءَ سبب ڪري سنڌي طرز جي ملهه ۾ هٿن ۽ ٻانهن جي زور جو ايترو 'مظاهرو ۽ مقابلو' نه ٿيندو آهي جيترو 'پيرن ۽ ڄنگهن' جو. هيءَ نت نرالي ڳالهه آهي، ته انسان جي بدن جو زور ٻانهن ۽ هٿن ۾ ٿيندو آهي؛ پر ساهه ڄنگهون ڪمزور ۾ ڪمزور حصو چيون وينديون آهن، تنهنڪري سنڌين پنهنجي ملهه ۾ انهيءَ ڪمزور عضوي جي طاقت ۽ جوهر ڏيکارڻ لاءِ جيڪو فن جو نمونو اختيار ڪيو آهي، سو سڄي دنيا جي مَلهُن کان نرالو آهي. جڏهن بدن ڪمزور ٿيندو آهي تڏهن سڀني کان پهريان ئي ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ جڏهن جسم مان ساهه نڪرندو آهي تڏهن به اول ڄنگهن کي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري 'جاٺي' جي زور تي فتح پائڻ طاقت جو انوکو نمونو آهي. 'مونڙي! ڏيڻ يعني گوڏي جو زور لڳائڻ يا 'اڙي' ڏيڻ يعني 'پير جي آڙ' ڏئي مخالف کي اٽڪل سان ڪيرائي وجهڻ منع ڪيل آهن، جنهنڪري خالص 'ڄنگهن جي طاقت' سان مخالف کي ڪرائڻو آهي. رڳو 'ٺونٺ' يا 'هٿ' يا 'پاسو' ڌرتيءَ تي کوڙيائين ته به شڪست کاڌائين.
    ملهه جي هن نموني ۾ اجائي ڊيگهه ۽ ظالمانه جاجڙ بوجڙ ٿئيئي ڪانه، ۽ نه سور ۽ بيرحمي جو ڊگهو مظاهرو ٿئي (جو سور پرست يعني سئڊسٽ طبيعتن کي وڻندو آهي.) مقابلي ڪندڙن ٻن مڙسن جي صحيح طاقت جو يڪدم پتو پئجي ويندو آهي، ۽ ڏسندڙن کي گهڻي عرصي تائين انتظار ڪڍڻو نه پوندو آهي. جو 'راند' 'راند' نه پر هڪ 'گورک ڌنڌو' بنجي پوي. سنڌيءَ جي فطرت جلد "نبيرو" پسند آهي. ڄنگهن جي طاقت جي ٻي دنيا جي ڪنهن به راند ۾ اهڙي آزمائش نٿي ٿئي. ڄنگهن سان ڊوڙڻ ٻي ڳالههآ هي ۽ ڄنگهن جي خالص زور تي پاڻ کي 'جهلڻ' ۽ ٻئي کي 'ڪيرائڻ' ڪٺن ڪم آهي. هن قسم جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ملهه، چونڊيل خوراڪ کان سواءِ اهڙي سخت پرهيز ۽ دعا تعويذ به ڪندا آهن جو ڄنگهن جي طاقت کي "وسامڻ" نه ڏيندو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو سنڌي سڳورا، مور جهڙي سهڻي ۽ شاندار پکيءَ جي پيرن جي قباحت تي ڪهل ۽ قياس ڪندا آهن. چوڻي آهي "مور سڄو سهڻو پر ٽنگون خراب." سنڌين ۾ "جاڏي پير تاڏي خير" جو خيال ۽ مثال به انهيءَ ڪري مشهور ٿيو آهي. ڏاندن جن جي سڄي 'طاقت' ڪلهن تي بار کڻڻ واسطي هوندي آهي تن کي 'تکي ڀاڄ' سيکارڻ ۽ سندن يڪ طرفي زور کي ڄڻڪ متوازن بنائڻ ۽ ڄنگهن طرف آڻڻ لاءِ سنڌين 'ڏاندن جي ميل' جو نئون نمونو ايجاد ڪيو آهي. نماز جي رڪعتن ۾ به صرف آنڱوٺن ۽ ٻين کي هڪ هنڌ کُپائي ۽ کوڙي انهن جي محور ۽ مرڪز تي سڄي نماز ادا ڪري اٿڻ يعني قيام رڪوع ۽ سجده ڪرڻ جو رواج به مون خاص ڪري سنڌي نمازين ۾ ڏٺو آهي. وڏن کي نوڙي پيرين پوڻ جي رواج کي 'مڪروهه سجدو' نه پر انهيءَ "پيرن جي پدم" جي مڃڻ جو هڪ ڍنگ سمجهڻ گهرجي.
    سنڌين جو 'دهل' هر وقت تيار ۽ ڌڪڙ واري 'رسي رَسِي' جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڇڪتاڻ يا اٽي جي ڳوهه ۽ ٿاڦ ٿاڦ کان بي نياز هوندو آهي. ساڳيءَ طرح سندن 'يڪتارو' به هر وقت هڪيو تڪيو رهي ۽ سارنگي ۽ ستار يا سرندي جي تارن جي سرن ملائڻ يا پيچن جي ڪشڻ ۽ مروڙ کان بچيل هوندو آهي. مطلب ته سنڌي طبيعت جي 'راست بازي' ، 'صفا راند سوٽي جي ٻي ڳالهه مڙيوئي کوٽي جي'، جي مصداق ملهه ۾ به اجائي اينگهه يا ولن چلن دغا ۽ دولاب جي اڙين يا مونڙين کي مڪروهه ڪيو آهي.
    طبيعت جي اها راست بازي ملهه جا "جوڙا ميڙا" چاهيندي آهي. يعنى فيصلو ٻي ملهه تي ٿيندو آهي ته ڪنهن کٽيو ڪنهن هارايو ڄڻ ته پهرين ملهه ۾ "شڪ جو فائدو" هارائيندڙ کي هوندو آهي. آدم جي"کڙڪندڙ مٽي" سان سچي رهاڻ لاءِ ملهه جي بدني چرپر 'ڌڪ ۽ ڦيري' سان گڏ'ساز' به شامل ڪيو ويندو آهي. جو 'شرناءِ ۽ دهل' تي ٻڌل هوندو آهي. دهل جو 'ٽاهو' به خاص سنڌ جي پيداوار آهي. جا ملهن ۾ جوانمردي ۽ حرڪت جوش ۽ جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.
    منهنجي خيال ۾ ملهن جا "جوڙا ميڙا" ۽ ٻن بينن (نر ۽ ماد) جو وڄائڻ ۽ سنڌي 'بيت' جي ٻن مصرعن ۽ نماز جي 'ٻن رڪعتن' کي ڌيان ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي يا پراڻن سنڌي رهاڪن 'شِو شنڪر' جي پوڄارين 'جوڳي مت' وارن جي صرف 'ماتا پوڄا' يا نياڻي پوڄا جي مقابلي ۾ ماءُ ۽ پيءُ، 'ٻن وشين' يا 'ٻِن وَٿُن' جي قدر جي اصول تي بيهاريو ويو آهي.
    مٿئين بحث مان متان ڪو "جلدي بازي" جو گمان ڪري ته انهيءَ شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ انهن جو ڌيان ملهه جي ڊرامي جي 'باقي' (اپيلوگ) ڏانهن ڇڪائجي ٿو جنهن ۾ اهو بندوبست هوندو آهي ته ملهه کٽڻ کان پوءِ 'کيل ختم پئسا هضم' نه ٿيندا آهن پر 'پلؤ وٺڻ' جو انتظار پيدا ٿيندو آهي ته هارايل همراهه جو پلؤ ڪير ٿو وٺي! اتي وري شڪست خورده جي ياريءَ ۽ مددگاريءَ جو عجيب تخيل اچي ٿو ۽ راند ۾ پيچيدگي پيدا ٿيو پوي ۽ راند گنڀير رخ اختيار ڪيو وٺي. 'پلؤ تي پلؤ' وٺندي ڄڻ ٽورنامينٽ جي فائينل راندين (چٽاڀيٽي جي آخرين دور) وانگر سڄي ملهاکڙي جو خاتمو هڪ ڌڱاڻي ڌئينر جي ثابت ٿيڻ تي ٿيندو آهي، جنهن فاتح کان ڪو پلؤ وٺڻ وارو في الحال پيدا نه ٿئي. هن لاءِ چوندا آهن "مڙس ته ڌڱاڻو ڌنڱ، جو هڻ جاٺو ته لڏي نه لنڱ".
    ملهه دسڻ کان پوءِ فتح پائيندڙ ملهه، جيڪا سلامي ۽ لوڏ هڻندو آهي يا سوڀ تي خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ سان گڏ 'پلؤ وٺڻ' لاءِ للڪار يا چئلينج پڻ چئجي ته بجاءِ آهي. هي سلامي ۽ لوڏ دنيا جي سڀني سلامين ۽ لوڏن کان نرالي، مرداني ۽ موهيندڙ هوندي آهي. ههڙي راند جنهن ۾ خالص بدني طاقت جي سوز سان گڏ ساز به هم آواز هجي ان جي فلم ڪڍرائي قومي ميوزم ۾ محفوظ رکڻ ۽ دنيا ۾ مشتهر ڪرڻ لاءِ جيترو جلد جتن ڪجي اوترو جس وارو ٿيندو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو هن خالص نرالي سنڌي فن ۽ راند کي قائم رکيو وڃي ۽ ملهن جي پالنا ۽ پرگهور لاءِ هڪ قومي ادارو کڙو ڪيو وڃي.
    (ٽِماهي 'مهراڻ' حيدرآباد، جنوري 1963ع)


    رستم سنڌ شير ميربحر ( محرم ڀٽي)

    جنهن ملاکڙي ۾ شير ميربحر نه هوندو آهي ان کي اڌورو ليکيو ويندو آهي ۽ عام طرح چيو ويندو آهي ته: 'شير اڌ ملاکڙو آهي'. شير ميربحر جو اصل نالو عالي شير آهي ۽ سندس ڳوٺ نواب شاهه ضلع جي ڪنڊياري تعلقي ۾ آهي. شير ميربحر کي ملهه جو شوق اسڪول جي زماني ۾ ٿيو. اسڪول ۾ پڙهڻ تي گهٽ ۽ ملهه تي وڌيڪ توجهه ڏيندو هو. آخرڪار سنڌي چار درجا پڙهڻ بعد اسڪول ڇڏي صرف ملهه وڙهڻ شروع ڪيائين. ميلن ملاکڙن ۽ ٽئين جوڙ جي ملهن سان وڙهندي ترت ٻئي جوڙ ۾ پهچي ويو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پهرئين جوڙ جي مشهور پهلوان اقبال جوڳيءَ سان مقابلي ڪرڻ سان پهرئين جوڙ ۾ پهتو جيڪو ضد ۾ ملاکڙي جي ميدان کان ٻاهر ٿيو جنهن ۾ هن اقبال جوڳيءَ کي دسيو. قليل عرصي ۾ شير ميربحر ان وقت جي سڀني پهلوانن کي دسي سنڌ جي ملاکڙن ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا ۽ وڏو نالو پيدا ڪيو. هن کي پنهنجي ويڙهه تي ايترو ته يقين هو جو هڪ ملهه جو سندرو پيو ڀريندو هو ته ٻئي کي چوندو هو ته تون به سندرو ٻڌي ويهه ته هن کي دسي توسان ٿو وڙهان. شير ميربحر نه صرف سنڌ ۾ پر پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو ان وقت ڪڍيو جڏهن هن ٻين ملڪن جي پهلوانن هر هڪ انگريزي پهلوان زيبسڪو ۽ سک پهلوان گرنام سنگهه کي ملهون دسي سرسي حاصل ڪئي. شير ميربحر کي ملهه وڙهندي اٽڪل 33 سال کن ٿيا آهن تنهن هوندي به اڃا پهلوان لڳو پيو آهي ۽ هن وقت جي سڀني چوٽيءَ جي پهلوانن سان اڌو اڌ ٿيندو آهي. سندس استاد محمد لقمان، لالا نواز علي پٺاڻ ۽ محمد اسماعيل بڙدي رهي چڪا آهن. هن وقت تائين ڪيترائي سونا ٻلا ۽ ٻيا انعام حاصل ڪري چڪو آهي. گذريل سال ڀٽ شاهه تي منعقد ٿيل ملاکڙي ۾ هن کي سال 1970ع جو "بهترين پهلوان" قرار ڏيئي کيس "شاهه لطيف" سونو ٻلو انعام ڏنو ويو هو. سانورو رنگ، سهڻو، بدن قداور شيرميربحر نهايت ملنسار ۽ کلڻو پهلوان آهي. نجي ڪچهري ۾ پوري محفل تي ڇانيل هوندو آهي، سندس ٽوٽڪا ۽ ڀوڳ ڪچهري جي جان هوندا آهن.


    سنڌ جي قومي راند ملهه جو ناقابل شڪست پهلوان رستم سنڌ: شير ميربحر( شهاب الدين ملاح)

    عظيم انسان پنهنجي عظمت ۽ سُٺاين جي ڪري سدائين زندهه رهندا آهن، انهن ماڻهن تي ڪڏهن به موت نه ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو تاريخ جي ورقن ۾ سدائين زندهه رهندا آهن. هونئن به سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته مڙس ته مري ويندو آهي، پر ڳالهه زنده رهندي آ. انسان ته فاني آهي، پر سندس ڳالهه ۽ عمل لافاني رهن ٿا. اُها ئي اُن انسان جي عظمت آهي. اهڙن عظيم انسانن مان رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر به هڪ هو، جنهن کي جدا ٿئي اڄ ٻارهن سال ٿيا آهن، پر اڄ به سندس ياد اسان جي دلين ۾ تازي آهي ۽ رهندي. دنيا تائين سندس ياد باقي رهندي.
    رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر اڄ کان 73 سال اڳ يعني 21 جون 1924ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد کيس تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو پر شيرميربحر جو سڄو ڌيان ملهه جي طرف هئو، آخرڪار پرائمري تعليم کان پوءِ تعليم کي خيرباد چئي باقاعدي ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شروع کان وٺي ملهه جي فن ۾ ڌاڪو ڄمايائين.
    رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر 30 سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي پهلوانن کي پٽ تي ڪيرايو. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر هالا ۾ ٿيل مقابلي ۾ چيڪوسلاويه جي پهلوان زيبسڪو کي شڪست ڏني، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن مقابلي کان پوءِ کيس "رستم سنڌ" جو لقب ڏنو ويو، جيڪو آخر تائين سندس نالي جو حصو بڻيل رهيو.
    ان کان پوءِ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هڪ عالمي ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ پهلوان شير ميربحر هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه ۽ انگلينڊ جي پهلوان هينري هربرٽ کي زبردست شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيو.
    مُلڪ ۾ ٿيل مقابلن ۾ هڪ يادگار مقابلو لکي محل خيرپورميرس ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جي فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان ۽ واليءِ رياست مير علي مراد خان ٽالپر سان گڏ ڏٺو. ان مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني، جنهن تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ايترو ته متاثر ٿيو جو اٿي بيهي تاڙيون وڄايائين ۽ پهلوان شير ميربحر کي هار پارايائين ۽ چيائين ته "شير واقعي شير آهي."
    رُستم ِسنڌ پهلوان شير ميربحر جو هڪ ٻيو مقابلو اُن وقت جي اڀرندڙ پهلوان الهه جڙيي سمي سان ٿيو، جنهن سنڌ جي سمورن پهلوانن کي ملهه وڙهڻ جو چئلينج ڏنو هو، جيڪو پهلوان شير ميربحر قبول ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي لڳاتار ستن ملاکڙن ۾ الهه جڙيي سمي کي شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيائين. ملهه جي شوقينن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پهلوان شير ميربحر اتفاق سان پهرين ملهه ڪري پوندو هئو ته ملاکڙي جي ٻانهين ۾ هرگز نه ويهندو هئو. پر پوئين ملهه جي انتظار ۾ پڙ ۾ پيو گهمندو هئو ۽ نيٺ پوئين ملهه پنهنجي مخالف کي دسي پوءِ ساهه پٽيندو هو. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ملهه ته پوئين ۽ شير لاءِ چيو ويندو هئو ته پوئين ملهه شير جي آهي.
    رُستمِ سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ڪارنامن کي ڏسندي عوامي دور جي حاڪم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هئو، جتي هي، نَون ِسکندڙن کي ملهه جي سکيا ڏيندو هو ۽ ملهه جي ترقيءَ لاءِ به پڻ جدوجهد ڪندو هئو. پر 1984ع ۾ جڏهن پهلوان شير ميربحر بڪين جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ هن ڏانئڻ مرض هيڏي ساري پهلوان کي ڊاهي اسپتال ڀيڙو ڪيو، تڏهن شير ميربحر ان اوسيئڙي ۾ هيو ته جهڙي طرح هن ديس ۽ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو، تيئن ديس وارا سندس مان مٿاهون ڪندا ۽ مدد ڪندا، پر ايئن نه ٿيو. سنڌ جو ڪوبه فنڪار جڏهن فن جي اوچي هماليه تان ڊهندو آهي ته سڏڪي سڏڪي اسان کان ڌار ٿي ويندو رهيو آهي، پر وقت جي حڪمرانن ڪڏهن به مٿس ڌيان نه ڌريو آهي . ان لاءِ سياسي ۽ سماجي تنظيمون اخباري بيان ڏئي مطمئن ٿيو وڃن.
    اهڙيءَ طرح پهلوان شير ميربحر جڏهن اسپتال داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ سندس علاج لاءِ ته ڪجهه نه ڪيو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان مليل قومي ڪوچ وارو عهدو به ختم ڪري کيس ملندڙ وظيفو بند ڪري ڇڏيو. ڪيڏي نه بي حسي ۽ ڇسائپ هئي وقت جي حڪمرانن جي. جڏهن شير ميربحر ملهه کٽندو هئو ته حڪمران انهن ميڙاڪن ۾ تاڙيون وڄائي کيس داد ڏيندا هئا، پر جڏهن بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيو ته نه رڳو سندس پرگهور نه لڌي وئي، پر کيس بيروزگار به ڪيو ويو ۽ ايئن نيٺ بيماري واري حالت ۾ پهلوان شير ميربحر 28 مارچ 1985ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اسان سنڌ جي "رستم پهلوان" شير ميربحر کي سواءِ ڏکن جي ٻيو ڪجهه نه ڏنو.
    رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر دنيا ۾ جنهن ديس جو نانءُ ۽ مان مٿاهون ڪيو، ان ديس واسين کيس صرف دل وندرائيندڙ ڪردار سمجهيو، جيڪو جڏهن اسٽيج تان لهي ويو ته کيس بلڪل ڀلائي ڇڏيو. جيڪڏهن پهلوان شير ميربحر ڪنهن ٻئي ملڪ جو ايڏو عظيم فنڪار هجي ها ته شايد ايئن بي درديءَ سان موت سندس نڙيءَ کي مروڙي ساهه نه ڪڍي ها يا اسان جي ئي ملڪ جي هاڪي يا ڪرڪيٽ جي راند سان تعلق رکي ها ته شايد ايئن سرڪاري وظيفي کان به محروم نه ٿئي ها ۽ نه ئي سرڪاري اسپتال جي ميرن بسترن تي پيو هجي ها!
    بهرحال اڄ رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ٻارهين ورسي ملهائي پئي وڃي. اسان هن موقعي تي سنڌ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته پهلوان شير ميربحر جي ڪيل خدمتن کي مدنظر رکندي ڀٽ شاهه ۾ ٺهيل ملاکڙا اسٽيڊيم جو نالو "شير ميربحر ملاکڙو اسٽيڊيم" رکيو وڃي.
    ڀٽ شاهه، قلندر لعل شهباز رحه ۽ راڻي پور جي ساليانن ملاکڙن ۾ هر سال باقاعدگيءَ سان ملهه پهلوانن کي "شير ميربحر ملهه ايوارڊ" ڏنو وڃي. رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر جي ڪيل ملڪي خدمتن تي کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي.
    پهلوان شير ميربحر جي يادگار تعمير ڪئي وڃي ۽ سندس ورسي هر سال سرڪاري طور ملهائي وڃي. جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ پهلوان شير ميربحر سان ڪو به ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪونه ٿيو، جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي، بهرحال زندگيءَ جي سفر ۾ ڪنهن ڪنهن سان شڪايتون ڪجن. شل حُورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ سدائين هن شخص کي ياد رکندي. بقول شاهه لطيف ته :
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
    (روزاني برسات ڪراچي، 'هفتيوار برسات مئگزين'
    28 مارڄ 1997ع جي ٿورن سان)


    رستم سنڌ، شير ميربحر (منور علي ملاح)

    سائين ڪو زمانو هو ته ٻڌندا هئاسون ته شير ميربحر هڪ زبردست پهلوان آهي جيڪو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٿو ته ٻئي ملهه کي چوي ٿو ته سندرو ڪري ويهه ته آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان. پوءِ شير ميربحر جا مقابلا ڏٺا مون. شير نه رڳو نالي جو شير هو پر شير واقعي شير هو. ملاکڙو ۽ شير ميربحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هئا. شير ميربحر جنهن ملاکڙي ۾ نه هوندو هو ته اهو ملاکڙو ئي نه ٿيندو هو. شير ميربحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هو. طاقت وارو سگهارو پهلوان ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو. هن جو هر انداز پنهنجو هوندو هو. ملهه ته پاڻ به گهڻا ڏٺاسين پر شير مير بحر جهڙو ملهه ڪو مشڪل ٿئي.
    "رستم سنڌ" شير ميربحر 30 سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابلي شڪست رهيو. انهيءَ عرصي ۽ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي ملهه جي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. شير ميربحر کي ملهه جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. اسڪول واري دور ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ جيڏن سان ملهه وڙهندو هئو ۽ انهن کي ملهه ماري ويندو هئو.
    "رستم سنڌ" شير ميربحر ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏني، پر 'هالا دانگل' ۾ چيڪوسلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ڪيو. هالا دانگل سڄي سنڌ ۾ مشهور دنگل هئو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو هيءُ مقابلو ڏسڻ آيا ۽ هر ماڻهو پهلوان شير ميربحر جي ڪاميابي لاءِ دعاگو هو. هن مقابلي کانپوءِ "رستم سنڌ" شير ميربحر جو ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هي مقابلو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو. هن مقابلي ۾ سڄي ملڪ جون نظرون کتل هيون. هن مقابلي ۾ به پهلوان شير ميربحر هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏيئي پنهنجو پاڻ مڃايو.
    شير ميربحر جو هڪ ٽيو يادگار مقابلو 'لکي بنگلي' فيض محل خيرپور ميرس ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ سابق واليءِ رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر سان گڏ ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني. هن مقابلي ۾ ايوب خان ايترو ته متاثر ٿيو جو اٿي بيهي تاڙيون وڄائي پهلوان شير ميربحر کي داد ڏنائين، انعام به ڏنائين ۽ هٿ ملائي چيائين ته : 'شير واقعي شير آهي.'
    سنڌ جي تقريبن هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ پهلوان شير ميربحر ملهن جا مقابلا ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. سنڌ جي هر باشعور پهلوان شير ميربحر جي ملهه جو قدردان ضرور هوندو. شير ميربحر پنجاب جي پهلوانن سان به مقابلا ڪيا، ۽ بهاولپور، صادق آباد ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ وڃي اتي مقابلا ڪري ڪاميابي حاصل ڪري پنجاب جي پهلوانن کان به پنهنجو پاڻ مڃايائين.
    ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي هر قدم تي شير مير بحر جدوجهد ڪندو رهيو. سندس انهن خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ حڪومت کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هئو. هو ملهه جي مقابلن جي نگراني ڪندو هو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو هو پر جڏهن 1984ع " ۾ پهلوان شير ميربحر جڏهن بڪين جي بيماري سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. هڪ ته عمر جي آخري حصي ۾ ٻيو بيماري ۽ مٿان وري نوڪري به ختم، ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي. جنهن ماڻهوءَ پنهنجي سڄي حياتي ملڪ ۽ ان جي خدمت ڪندي گذاري ان سان اهو سلوڪ ڪيو وڃي.
    ملهه پهلوان شير ميربحر انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985 ع تي انتقال ڪري ويو.
    اسان هن سلسلي ۾ سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ خاص طور تي سنڌ جي وزير اعليٰ سنڌ غوث علي شاهه کي گذارش ڪنداسون ته هو صاحب ذاتي دلچسپي وٺي، پهلوان شير ميربحر بابت ڪيل مطالبن کي تسليم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن سداحيات پهلوان شير ميربحر جو نالو هميشه زنده رهي.
    (روزاني آفتاب حيدرآباد ، 28 مارچ - 1988)


    سنڌ جو تاريخي ڪردار شير ميربحر ( مير نادر علي ابڙو)

    سنڌ تاريخي ڪردارن جي حوالي سان تمام گهڻي زرخيز ڌرتي رهي آهي جتي اڄ به اهڙن ڪردارن کي تمام وڏي مڃتا ڏني وڃي ٿي، جن پنهنجي حصي جي ڪم ۾ پاڻ مڃائي تاريخ بڻجي ويا. اهڙن ڪردارن ۾ شير دل پهلوان، شير ميربحر، جو ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. اڄ به سنڌ جا ماڻهو هن بهادر ۽ سدا بهار پهلوان کي سارهين ٿا. فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گهر 21 جون 1924 تي جنم وٺندڙ ٻالڪ جي لاءِ ڪنهن ائين سوچيو نه هو ته هي سڀاڻي سنڌ جو نالي وارو پهلوان بڻبو. ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻبو. هن شروعاتي تعليم جا پنج درجا پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ موجود پرائمري اسڪول ۾ استاد عبداللطيف آگرو وٽ پڙهيا. ملهه جو شوق پنهنجي چاچي پيرل خان مير بحر جي ڪري اجاگر ٿيس.
    شير ميربحر جو دور ملهه جي دنيا ۾ ڇانئجي ويو ۽ جتي ڪٿي سندن جا چرچا ڳالهيون هلڻ لڳيون پاڻ کان به وڏن ملهن کي هن ڦيريون ڏيارائي دسي پاڻ مڃايو سندن جي ڪردار ۾ سچائي حق، ۽ صوفي اعظم جو به اثر ڪافي حد تائين نظر آيو هو انهن پهلوانن کي هميشه للڪاريندو هو جن کي پنهنجي بهادري تي ناز هندو هو. سندن جي للڪار ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور ٿي ۽ سندن کان ملهه وڙهڻ لاءِ مخلتف شهرن ۾ صوبن ۽ ملڪن مان ملهه پلهوان پهچي سندن کان مقابلو ڪيو انهن کي شير مير بحر ڦيريون ڏيارائي روانو ڪيو. هن سنڌ جي ملهه راند کي ٻهراڙي مان کڻي شهرن جي اسٽيڊيم ۾ آندو سنڌ جي هن ملهه پهلوان جون خوبيون ۽ انداز نرالا هوندا هئا. ٿيو. هن کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان تمام گهڻو عشق رهيو سندن کي ملهه راند کان انتها جي محبت زندگي جي آخري موڙ تائين رهي. 1951ع ۾ والي رياست هزهائينيس مير علي مراد خان ٽالپر جي تاج پوشي وقت ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان سندس زال رعنا لياقت علي جي موجودگي ۾ خيرپور ميرس ۾ وڏو تاريخي مقالبو ٿيو جنهن ۾ انب شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪراني کي بري شڪست ڏني جنهن تي جنرل ايوب کان رهيو نه ٿيو انعام ڏيڻ مهل چيو ته شير واقعي شير آهي جيسا سنا ويسا هي ديکا 50 سالن جي عمر تائين هي ملهه وڙهندو رهيو شير ميربحر کي رستم سنڌ جو خطاب مليو سن 1960 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڇهين ڪلاسن جي شاگردن جي پيپر ۾ جتي شير ميربحر الله جڙيو سمهون جو به نالو شامل ڪيو ويو هن کي پنهنجي ملهه راند تي فخر هوندو هو ۽ چوندو هو ته اڃا تائين ملهه جي راند ۾ ڪنهن ماءٌ اهڙو پٽ ڄڻيو ئي ناهي جيڪو سندن کي شڪست ڏئي سگهي 1962 واري دور ۾ سروري جماعت جي روح روان مخدوم طالب الموليٰ هالا شهر ۾ ملهه جو مقابلو ڪرايو جنهن ۾ ان وقت چيڪو سلاويا ملڪ جي بهادر پهلوان زيبسڪو کي شڪست ڏنائين جتي کيس رستم سنڌ جو خطاب مليو ان کان پوءِ 1966 ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيل بين الاقوامي مقابلي ۾ هن هندوستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي ٻئي ملهو ماري ملڪ جو شان بلند ڪيو ۽ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ وري آسٽرليا جي ملهه پهلوان آسٽن کي شڪست ڏني سندن کي زندگي ۾ سوين جي تعداد ۾ انعام ۽ ايوارڊ مليا ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاءُ نواب امداد علي خان ڀٽي نواب پير بخش ڀٽي کان نئين ديري ۾ ايوارڊ حاصل ڪيائين جنرل ايوب کان خيرپور ۽ هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ جنرل موسيٰ کان پڻ ايوارڊ حاصل ڪيائين سندن کي ملهه جي دنيا ۾ استادي جو لقب مليل هو ۽ سندن جا ڪيترائي شاگرد اڄ ملهه جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي رهيا آهن. سندن جي فقير ۽ غريب صفت جي ماڻهن سان تمام گهڻي لڳندي هئي ۽ پاڻ به انهن جو تمام گهڻو احترام ڪندوهو. سندن جو نالو کڄڻ تي وڏا وڏابه ٿڌا ساهه کڻن کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. سندن جي شخصيت تمام وڏين خوبين سان مالا مال هئي، هو پنهنجي ڳوٺ ۽ برادري جو چڱو مڙس پڻ رهيو ۽ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ميمبر پڻ چونڊيو. هن زندگي جي ڪنهن به موڙ تي هار نه قبولي ۽ راند کان ويندي عشق جي ميدان تائين قانون ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ به فتح حاصل ڪري آيو شير مير بحر کي ملهه راند جي مشتقبل جي حوالي سان تمام وڏي سوچ رهي ۽ سندن جي خواهش هوندي هئي ته حڪومت ريٽائرڊ ٿيندڙ ملهه پهلوانن کي وضيفا ڏئي ۽ ان جي سار لهي ۽ ادارا قائم ڪري.
    سندن زندگي ۾ هي حسرت رهجي وئي ته جنهن لاءِ هو اڪثر چوندو هو ته آئون سنڌ جي عالمي ليول جو قومي رانديگر آهيان ۽ صدارتي ايوار ڊ منهنجو حق آهي جيڪو مون کي ملڻ گهرجي جيڪو ان کي افسوس نه ملي سگهيو ۽ هو 28 مارچ 1985 تي پنهنجيون انيڪ يادون ڇڏي اسان سان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


    شيرَ بنا ملهه جو ميدان اُداس آهي (ساجد علي ملاح)

    سنڌ کي سيراب ڪندڙ سنڌو شير درياهه جي ڀِڪَ ۾ جنم ورتل شير ميربحر، جھنگل جي شير بادشاهه جيان ملهه جي ميدان ۾ شينهن جيان گجگوڙ ڪري پنهنجي فن تي شان سان جيئندو رهيو. هو 30 سالن تائين سنڌ جي ثقافتي، قومي راند ملهه جو ناقابل شڪست رانديگر رهيو. جنهن کي نه رڳو هند سنڌ پر يورپ جي پهلوانن تي به سرسي حاصل رهي.
    رب پاڪ شير ميربحر کي ملهه جي ميدان ۾ جيڪاسونهن، سوڀ، ساک، سچائي ۽ سادگي عطا ڪئي اهڙي شايد ڪنهن جي حصي ۾ آئي هجي. پهلوان شير (نانا سائين جن) جي معصوم ٻارڙن، فقيرن، درويشن سان ڏاڍي لڳندي هئي جن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو. رڳو ايترو ئي نه پر انهن کي کاڌو به پنهنجن هٿن سان کارائيندو هيو. اسان جڏهن سمجھ ڀريا ٿيا سين ته ان وقت پاڻ ملهه کان رٽائرڊ ڪري چڪو هيو؛ پر پاڙي جي هر ميلي ملاکڙي تي سڀني ٻارڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هيو، ميلي جي پيهه، رش ۾ وڃائجڻ جي خوف کان اسان سندس ڊگھي شلوار ۾ هٿ وجھي هلندا هيا سين پوءِ جاڏي شير تاڏي اسين ٻارڙا، پاڻ اسان مان بيزار بلڪل نه ٿيندو هيو. ماڻهو کيس احترام مان استاد ڪري نوڙي ملندا هيا ۽ اسان کي به ڪندا هيا.
    شير، چوندو هيو ته ملهه وڙهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هيءُ هڪ فن، ڏات آهي جيڪا انسان کي قدرت طرفان عطا ٿيندي آهي. پاڻ چوندو هيو ته هيءَ پهلواني ۽ ميدان مولاعلي عليهه السلام جو آهي اسان ان جا مريد آهيون اسان جي ڪاميابيءَ ۾ ان مرشد جو ئي هٿ آهي. تڏهن ته شير، ميدان ۾ لهڻ کان پهرين ان جي ذات کي ياد ڪري، پوءِ ميدان جي سلامي ڏئي سندرو ڪندو هو. شير، ميدان جي سلامي ڀرڻ لاءِ زمين تي هيٺ جھڪي، ڏسڻي آڱر ونڱڻي وجھي، پٽَ تي هٿ لڳائي، چپن سان چُمي ۽ ڪنن جي پاپڙين کي ڇُهندو هو، جنهن کي "مجرو ڀرڻ " چوندا آهن. انهيءَ مجري ڀرڻ سان اهو اظهار ڪندو هيو ته 'منهنجي تڪبر کان هزار بار توبهه آهي' ان کانپوءِ وڃي پنهنجي ٻاريءَ ۾ ويهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندو هو. پاڻ چوندو هيو ته هي فن ڪنهن رانديگر جي ذاتي ميراث ناهي، اهو لازمي به ناهي ته: پهلوان جو پٽ به اهڙو ئي پهلوان ٿئي. جنهن کي مالڪ جي عطا ٿئي اهو پاڻ کي خوشنصيب سمجھي.
    شير، ملهه راند کي انٽرنيشنل ليول تي پڄائي ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ ملڪ جو نانءُ روشن ڪيو. پر ملڪ جي مالڪن سندس قدر نه ڪيو. شير، کي ملهه جي فن ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو شوق هيو. جنهن جا پاڻ ڪجھ پنا به لکيا هيائين پر صحت جي ساٿ نه ڏيڻ سبب ان کي مڪمل نه ڪري سگھيو. اهي اسان کان سنڀال جي نه سگھيا. باقي سندس اخباري ڪٽنگس ۽ تصويري البم کي سائين شهاب ملاح ساهه ۾سانڍيندواچي پيو. سندس زندگيءَ تي ڪوئي ڪتاب لکي، آخري وقت ۾ اهڙي خواهش ظاهر ڪيائين جنهن کي نوجوان ليکڪ مولائي ملاح اڄ عملي جامو پهرائي، سنڌ جي قومي ثقافتي راند ملهه جي تاريخ ۾ هڪ سنهري باب جو اضافو ڪيو آهي. جنهن تي کيرون لهڻي.
    شير، پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ مختصر سڄاڻ دوستن جي سٿ سان ٿوري وقت ۾ ملهه راند لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو. سائين شيخ عزيز( ڊان وارو) سائين مدد علي سنڌي صاحب، گل محمد بلوچ (فورمين روزاني عبرت) صحافي محرم علي ڀٽي (مرحوم) ۽ صحافي درمحمد ملاح (بکريءَ وارو) جن سندس آواز کي سگھاري انداز ۾ اخبارن وسيلي ايوانن، وس وارن ۽ سندس للڪار کي ڏيهه توڙي ڏيساور جي پهلوانن تائين پهچايو. انهن نامور صحافين جي ٽيم جو شيرميربحر کي سڄي حياتي ساٿ ۽ سهڪار رهيو. جن جا اسين پڻ نهايت مشڪور آهيون.
    مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ننڍڙي لاڪون نوابشاهه ۾ 'ايمبيسي فلٽر سگريٽ ڪمپنيءَ' جي گاڏي ايندي هئي مان ان جي ڊرائيور جي ڀرسان وڃي بيهي رهندو هيس ته هو مونکي چاٻين وارا ڇَلا ڏيندو هيو، جنهن تي بابا شير جي تصوير ڇپيل هوندي هئي. پهريون ڀيرو مون ان کي ٻڌايو هيو ته هي منهنجو بابا آهي. ايمبيسي سگريٽ جي پاڪيٽ تي به بابا شير جي تصوير لڳل هوندي هئي. هاڻ ته اها هڪ ياد ئي رهجي وئي آهي.
    آئون سوچيندو آهيان ته جتي هن انٽرنيٽ جي دور ۾ دنيا جديد کان جديد شين کي متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ۽ قديم شين، تاريخي ورثن کي سانڍي ۽ سنڀالي رهي آهي، انهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دنيا اڳيان ڪنهن نئين روپ ۾ پيش ڪري رهي آهي ته: اتي اسان پنهنجي هيروز کان ڪيترو نه لاتعلق بڻيل آهيون. مطلب ته دنيا چنڊ تي ۽ اسين پٿرن جي دور ڏانهن ڌڪجي رهيا آهيون. انٽرنيٽ تي ٽيوٽر ۽ فيس بڪ استعمال ڪندڙ اسانجي نوجوان کي پنهنجي قومي ڪلچر، قومي ثقافتي راند ۽ ان جي هيروز بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. اسانجي حڪمرانن، سماجي ۽ ثقافتي ادارن به ان طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو. ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي.
    شير، سنڌ جو ورثو آهي. سنڌ جي قومي راند ملهه جو هڪ سنهري باب آهي. ان کي سانڍڻ ۽ سهيڙڻ اسان سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جي فرض ۾ شامل آهي. سنڌ دوست ڌرين کي پهلوان شير ميربحر جي ورسي ياد هئڻ گھرجي. جن حڪمرانن هن مهل تائين شيرِسنڌ، جو ڪو يادگار تعمير ناهي ڪرايو ان تي سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ واري ذميواريءَ جي اميد جو بار ڪيئن ٿو رکي سگھجي. !
    شير کانپوءِ ملهه، ملاکڙن کي به ڄڻ ته ڪا نظر لڳي وئي جيڪي اڄ به اداس نگاهن سان شير جون واٽون نهاريندي ملاکڙي ۾ ايندڙ ملهه جي پارکن کان پڇندا هجن ته: ادا! توهان اسان جو شير ته ڪٿي نه ڏٺو...!!!


    شير ميربحر: سنڌ جو سداحيات پهلوان ها ايوب، شير واقعي شير آهي…! مولائي ملاح

    جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ مُوسو ديرو ۾ جنم وٺي ٻالڪ پڻ کان جوانيءَ تائين جي زندگي ڳوٺ گل محمد هيسباڻيءَ ۾ گذاريائين؛ (سندس وفات کانپوءِ اهو ڳوٺ سندس نالي پٺيان 'پهلوان شير ميربحر' سڏجڻ ۽ لکجڻ لڳو) ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گھر 21هين جون 1924ع تي فجر مهل جنم وٺندڙ ٻالڪ عالي شير (عالي شير ڏاڏي جو نالو اٿس، ڳوٺ ۾ اڄ به کين عاليءَ جي آڪهه ڪري سڏيندا آهن) مير بحر لاءِ ڪالهه اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو شير بڻجي ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪندو. چوندا آهن ته شير بادشاهه پنهنجي منزل ۽ پنهنجي شڪار جو تعين پاڻ ڪندو آهي. ائين ئي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي سُرهي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ تي پلجندڙ هن شير به پنهنجي منزل ۽ مستقبل جو تعين پاڻ ڪيو. شير جي ميدان ۾ لهڻ جا سڀ انداز شير جهڙا هوندا هيا. مُڇون مروٽيل ملهه، شير جيان ڪرَ موڙي، سمونڊ جيان مدِمقابل تي چاڙهه ڪري، کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ کانپوءِ زمين کان مٿي کڻي ڦيرائي ڦيرائي اونهي پاڻيءَ جيان زمين ۾ هڻي ٻوڙي ڇڏيندو هو. سندس شخصيت جيان فن ۾ به وڏي گهرائي هئي. شير جي ميدان ملهائڻ واري ساک ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان هئي جيڪو سندس فن تي ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو ته:
    ڪيهَرَ جِئَنَ ڪُرُ کڻي، مُڇون مَلُهه موڙي،
    سمونڊ جئن سيِرَ ڪَيو ، ٿو ٻار جئن ٻوڙي.
    (شاهه)
    هن سنڌي پرائمريءَ جا چار درجا پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد عبدالطيف آگرو وٽ پڙهيا، نامور ليکڪ، محقق غلام رباني آگرو سندس ڪلاس فيلو هيو، هن جي من ۾ ملهه جو شوق پنهنجي چاچي پيرل خان ميربحر جي ڪري پيدا ٿيو، پهلوان پيرل ميربحر پنهنجي دور جو وڏو پهلوان هيو. شير، شروعاتي دور ۾ پهرين ملهه پنهنجي پاڙي جي پير 'جھنگلي شاهه' محبت ديرو جتوئي جي ميلي تي وڙهي سوڀ ماڻي. ملهه جي پهرين سکيا هن تعلقه ڪنڊيارو جي شهر خانواڻ جي ٻاهران ڳوٺ 'سعيد خان خشڪ' جي رهواسي پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي پوءِ اسماعيل بڙدي بعد ۾ مشهور پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ آف ڳڙهي ياسين کان ورتائين؛ استاد کيس ڌاڳو ٻڌڻ مهل دعا ڏني ته 'انشاءُ الله سنڌ ۾ نالو ڪمائيندي' استاد کان باقائدي سکيا وٺڻ کانپوءِ هن پهرين ملهه پاڻ کان سينئر، پهرين جوڙ جي پهلوانن سان وڙهي جنهن ۾ سوڀ ماڻيائين، پوءِ همعصر پهلوانن سان وڙهيو، بعد ۾ جونئر پهلوانن کي شڪست ڏنائين.
    شير، جي مَن ۾ سنڌ جي بهادري ۽ ارڏائپ سمايل هئي. جڏهن جوڀن جا ڪَرَ موڙيائين ته ملهه جي ميدان ۾ سندرو ڇڪي ڪونڌرن جيان للڪار ڪندي چيائين ته: "اچو مان آهيان سنڌ جو شير، جنهن کي به پنهنجي بهادريءَ تي ناز هجي اهو اچي مون سان ميدان ۾ مُنهان مُنهن ٿئي!" هن جي اهڙي للڪار ڏيهه توڙي ڏيساور تائين ٻُرڻ لڳي ته مختلف شهرن، صوبن ۽ ملڪن مان سندس مقابلي لاءِ پهلوان ايندا ويا؛ هي سنڌ جو شير انهن کي ڦيرائي ڦيرائي پنهنجا ٻئي گوڏا سندن سيني تي ڏئي ميدان ۾ دسيندو ملهه ماريندو ۽ انعام ماڻيندو رهيو. اهڙي بهادريءَ عيوض هي عوام جي دلين تي 30 ڏهاڪن تائين راڄ ڪندو رهيو. اهڙي ارڏائپ سبب هن ٻهراڙيءَ جي ٻار جلد ئي سنڌ ۾ پنهنجي قومي هيري واري حيثيت ماڻي ورتي. اهڙيءَ ريت هن سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي ٻهراڙيءَ جي ميدانن مان کڻي شهرن جي اسٽيڊيم ۾ آندو.
    سنڌ جي هن مُرڀي پٽ جي جسامت جي بيهڪ، لباس اوڍڻ کان وٺي ميدان ۾ وڙهن تائين جا سڀ انداز نرالا هيا، آکاڙي ۾ وڙهڻ دوران سندس چستي ۽ چالاڪيءَ سان ورتل داؤَ پيچَ ۽ انگ اکر ڏسي جنرل ايوب جهڙي چست ۽ چالاڪ ماڻهوءَ کان به رڙ نڪري وئي هئي؛ جنهن بي ساخته ٿي چئي ڏنو ته:
    "شیر واقعی شیر ہے، جیسا سنا ویسا ہی دیکھا۔"
    هن جي مقابلي ۾ ڪيترائي بهادر چونڊي چونڊي آکاڙن (ملاکڙي جي ميدان) ۾ لاٿا ويا جن کي هن هڪ ئي سَٽ سان زمين تي سٽي ٻئي ٻانهون هوا ۾ لوڏي مرڪندي چيو ته: 'جي اڃا به ڪو اٿوَ ته موڪليو، هي سنڌ جو شير ميدان ۾ بيٺو آهي.' هن جي اهڙي بهادري ڏسي پرڏيهي ۽ پنجاب جي پهلوانن کان به پهلواني وسري ويندي هئي؛ هن سنڌي سورمي جي چهري تي فتح ماڻڻ مهل جا مُرڪ تري ايندي هئي اها به آمريتي ڌرين کان برداشت نه ٿيندي هئي جن ساڻس زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين وير رکي اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو هت هر محب وطن ماڻهونءَ سان ڪيو ويندو آهي.
    شير ميربحر، شڪل شبيهه ۾ جهڙو سهڻو هيو، تهڙو ئي سيرت ۾ به سٻاجھڙو، وڏي ظرف ۽ ڪشاديءَ دل وارو ماڻهون هيو. ملهه جي شوقين ۽ شير جي عاشق، عظيم سنڌي مورائيءَ کان جڏهن شير بابت پڇيم ته هن ٿڌو ساهه کڻندي، چيو ته: "مولائي! شير بابت مان توکي ڇا ٻڌايان، شير شير هيو شير جهڙا اڄ ماڻهو ڪٿي، شير جهڙو ڀلو ملهه هيو اهڙو ئي ڀلو انسان به هيو. يار! هو ڏاڍو سهڻو هوندو هيو، هن کي هرلباس تن تي ٺهندو هيو، هو ملاکڙي ۾ ايندو هيو ته ٻانهينءَ ۾ استاد شير … استاد شير جا چئو ڏس آواز ٻُرڻ لڳندا هيا… هائي هائي! شير بابت ڇا ٿو پڇين شير سان سنڌ جا ماڻهون ڏاڍي محبت ڪندا هيا، هن ڌيمي ۽ ڏکاري آواز ۾ ڏسيو ته يار شير کي آخري ڏهاڙن ۾ سيد سمن شاهه ڏاڍا ڌڪ ڏنا رت به ڪڍي ڇڏيائينس پر پوءِ به هن ملهه نه ڏنس." هن زندگيءَ جون پهريون وکون ته ڪچي جي چيڪي مٽيءَ تي کنيون، پر جڏهن هي شهرت جي منزل کي ڇهڻ لڳو ته هن جا قدم قالينن تي ئي رهيا، شهرت جي اهڙي بلنديءَ کي ڇُهڻ ۽ شهر جي رنگينيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ به هن جي مزاجن ۾ ڪابه 'شهري' تبديلي ڪانه آئي. ساڻس ملڻ مهل سندس احساسن مان پيار، پنهنجائپ، سڪ ۽ سونهن محسوس ٿيندي هئي. هن ڪنهن پل به ماتر ڀوميءَ ۽ ان جي مٽيءَ هاڻن ميرن ماڻهن ۽ مُهاڻن کي ڪو نه وساريو. اهڙو احساس اڄ به سندس اولاد شهاب الدين ملاح سان ملندي محسوس ٿيندو آهي. هن سڄي حياتي سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي جيئارڻ جا جتن ڪيا. هن هيڻي حال آهر به ڪافي ڪوششون ورتيون.77- 1976ع ڌاري هن 'ملهه ايسوسيئيشن نواب شاهه' ٺاهي، تن ڏهاڙن ۾ پهلوانن جي سکيا، آکاڙي لاءِ سنڌ حڪومت پاران حبيب شوگرملز نواب شاهه جي ڀرسان هڪ ايڪڙ سرڪار زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو شهاب الدين ملاح چواڻي ته: "اهو پوءِ رولڙي جو شڪار ٿي ويو."
    پهلوان شير ميربحر، پنهنجي ڪلچر، قومي راند سان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سُئيءَ ۾ سڳي جيان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌ جي قومي راند ملهه کي پنهنجي خون سان پروان چڙهايو، هن کي ڪٿي به مايا جي موهه ڪونه موهيو، نه ته شهرت جي اهڙي مقام تي پهچڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو 'مايا' جي منڊيءَ ۾ انڌن- منڊن اُٺن جي قيمت ۾ وڪامندي ڏٺا آهن؛ پر هن مُهاڻي ٻار ڪنهن پل به 'سون تي سيڻ نه مٽايا' ۽ سڄي حياتي شان سان جيئندو رهيو. هن جي عشق جو محور سنڌ ۽ سنڌ جو ڪلچر، قومي راند (ملهه) رهيو؛ جنهن سان هو زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين سرتيءَ جيان سچو رهيو. هن جو حُسن، هن جي اُها فاتح مُرڪ هئي جيڪا اڄ به سندس اولاد شهاب ملاح جي چهري مان پسي سندس سونهن ۽ سڪ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. مخالف کي ملهه مارڻ کانپوءِ، ملاح جي چپن مان نڪري چهري تي تري آيل گلاب جي پنکڙين جيان ٽڙيل مُرڪ، جتي پرستارن جي من کي موهي وجھندي هئي اتي سندس مُرڪ تي ڪيتريون ئي اپسرائون به فدا ٿي پونديون هيون. سندس ٻه شاديون هيون پهرين پنهنجي سؤٽ، پوءِ پنهنجي پرينءَ سان پيار جو پرڻو ڪيائين.
    شير ميربحر جو پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو عشق هيو جنهن عشق سبب کيس پنهنجي ڪلچر سان پيار رهيو جنهن پيار جي پرچار ڪرڻ لاءِ هن قومي راند ملهه، سان نينهن جون لائون لڌيون، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر موڙ تي سڦلتا ماڻيائين.
    سنڌ جي ويرين صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي جن هر محاذ تي سنڌ جي ترقيءَ جيان سنڌ جي ڪلچر ۽ امن کي تباهه ۽ تاراج ڪيو آهي، ان تباهيءَ ۾ اسانجا پنهنجا به پري ناهن رهيا؛ جن هر اهڙي عمل ۾ سازشي ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي. سنڌ جي قومي راند ملهه کي وساري ان جي جاءِ تي ڌارين راندين هاڪي، ڪرڪيٽ، ريسلنگ، فٽ بال وغيره کي هٿي وٺرائي ملهه جي مقابلي ۾ آندو آهي. اهڙي سازش سان ماڻهن جو ملهه، ملاکڙن تان ڌيان هٽايو ويو آهي. هنن جي اهڙي عمل سان اسانجي سماج تي ڪيترائي خراب اثر پڻ پيا آهن. ملهه جي مقابلي ۾آندل ڌارين ملڪن جي ڌارين راندين کي سرڪار توڙي مقامي ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي جن جي اهڙي عمل، هٿي وٺرائڻ سان اسانجو معاشرو صحتمند ٿيڻ بجاءِ ڪرپشن، جُوا، جهڙن ڏوهن ۾ ملوث ٿيڻ سبب ڪمزور ٿي رهيو آهي. ڪرڪيٽ ڪلچر نوجوانن کي ذهني، جسماني طرح سنڍ ڪري ڇڏيو آهي. هنن راندين تي ڪروڙين روپين جي 'جُوا' صفائيءَ سان کيڏي وڃي ٿي جنهن جي انتظاميه کي سڀ خبر هئڻ جي باوجود به، ڄڻ ته ڪائي خبر ئي ناهي…!!! هنن راندين ۾ سٽا، مئيچ فڪسنگ، اسپاٽ فڪسنگ، جهڙين جُوائن جا اسڪينڊل به عام رهيا آهن جيڪي هاڻ ته ميڊيا جي زينت به بڻجي چڪا آهن. چون ٿا ته وڏا وڏا سٽي باز جُواري، ان ڪرپشن ۾ ملڪ جي ناميارن ماڻهن جن ۾ مرد توڙي عورتن اداڪارن ۽ فنڪارن کي سٽي جي ڊيل ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. مئچ شروع ٿيڻ کانپوءِ عام ماڻهون هوٽلن تي ۽ خوش ماڻهون گھرن ۾ ويهي بُڪين (جديد جُوا جو اڏو) تي ويهي واڪ، آواز ڏئي لکين روپين جون شرطون طع ڪندا آهن. هوٽلن تي ويٺل نوجوان پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ڇڏي هلندڙ مئچ جي رنسن، پچ تي ڪرندڙ بالن ۽ اوورن تي سَون کان هزارن تائين جون شرطون هڻي جُوا کيڏندا آهن. شرط هارائيندڙ نوجوان هڪڙا منشيات واپرائي غم ڀلائيندا آهن ته وري ٻيا ڏوهه ڪري پنهنجن خرچن جي پورت ڪندا آهن، انهن ٻنهين عملن سان اسانجو ٽئلينٽ تباهه ٿي رهيو آهي، ۽ معاشرو، نوجوان نسل جي ملوث هئڻ سبب ڪرپشن ۽ بد امنيءَ جو عذاب به ڀوڳي ٿو. هنن راندين کي هٿي ڏيڻ سان اسانجي سماج تي سٺن اثرن بجاءِ خراب اثر پون ٿا. جنهن جي سزا اڄ اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. اسانجا باشعور، ساڃهه وند ماڻهو به اڪثر ڪري گھرن ۽ اوطاقن تي ويهي ٽيلي ويزن تي هلندڙ اهڙين راندين، رانديگرن جون نئين نسل اڳيان تعريفون ڪندي ڪونه ڍاپندا آهن سندن اهڙي عمل سبب ڌارين راندين تي ٿيندڙ جُوا، ڪرپشن جي اخلاقي سهائتا ٿئي ٿي، مون کي ان وقت شديد افسوس ٿيندو آهي جڏهن ٻهراڙيءَ جا ٻار، جھُونا ماڻهون به ڪرڪيٽ راند تي بنا ڪنهن ڄاڻ جي بحث ڪندا آهن. ڪجھ ڏهاڙا اڳ مون هڪ هوٽل جي بينچ تي هر هر ٽپ ڏيندڙ پوڙهي کان پڇيو ته چاچا! ڏيو خبر، ڪا ڳالهه سمجھ ۾ اچي پئي؟ چيائين بابا ڊٻي ۾ ٺڪريون…! چيم پوءِ ايترو…، وراڻيائين، بابا! اسانجو وڏيرو به اوطاق تي اها راند ڏسندو آهي، سو شام ڪچهري تي جو ويندس ته رئيس جي اڳيان ويهڻ جهڙو ته ٿيان. مطلب ته: رئيس جو راند جي ڳالهه ڪري، ته آئون به ته سندس ڳالهه تي ڪنڌ لوڏي ها ها ڪيان نه، ائين واهه واهه ڪرڻ سان رئيس خوش ٿيندو آ ابا! هاڻ ڏيو منهن…!! هنن ماڻهن کان پنهنجي قومي، راند ائين ئي واهه واهه … تي وساري وئي آهي. ملهه سان ته معاشرو صحتمند بڻبو آهي، جڏهن معاشرو صحتمند ٿيندو ته سنڌ ترقي ڪندي سنڌ ترقي ڪندي ته ملڪ به خوشحال ٿيندو. ملاکڙن جهڙين سماجي، ثقافتي سرگرمين سان ماڻهن ۾ ميلاپ ٿئي ٿو جنهن سان نفرتون گھٽجن ٿيون ۽ محبتون وڌن ٿيون. ملهه ماڻهن کي ميڙي محبت جو پيغام ڏئي ٿي. ملاکڙن مچائڻ سان سنڌ ۾ ٻيهر امن جي فضا قائم ٿيندي. هن شعر جيان ته:
    محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،
    تنين جي ويڙهي، پاڻهين ايندو راڄ ڌڻي.
    اسانکي افسوس ته ان ڳالهه تي به ٿيندو آهي جو جڏهن ڌارين راندين جا رانديگر ڪائي مئچ کٽيندا ۽ 'پنڊ جا پهلوان' رٽائر ٿيندا آهن ته انهن کي انعام طور زمين وري سنڌ جي ڏني ويندي آهي، ۽ سنڌي رانديگر موجود هئڻ جي باوجود به انهن کي قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي قومي، راند ملهه جا پهلوان بيمار ٿيندا آهن ته انهن جي سار لهڻ لاءِ ڪوبه سرڪاري عملدار ڪونه ايندو آهي، پوءِ خسته حالت ۾ ئي هي اسپتال ڀيڙا ٿي دوائن بنا دم ڏيندا آهن. جڏهن ته ٻين صوبن جا فنڪار رڳو بستري ڀيڙا ئي مس ٿيندا آهن ته انهن لاءِ سندن سرڪار جا سڻڀا سلام پهچي ويندا آهن. اگر اهي حياتيءَ جي کٽ تان کسڪي ويا ته کين مئي پڄاڻا به صدارتي ايوارڊ جي اعزاز سان نوازيو ويندو آهي، پر سنڌ جي هن قومي رانديگر شير ميربحر کي هن مهل تائين اهڙي اعزاز کان وساريو ويو آهي. سنڌ ۾ ثقافتي رانديگرن جي سار لهڻ لاءِ ادارا ته قائم آهن پر اهي به صرف نالي ماتر ئي رهيا آهن جيڪي اسانجي قومي رانديگرن کي هن مهل تائين ڪوبه فائيدو پهچائي نه سگھيا آهن.
    هت سنڌ جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجن ادارن لاءِ اشتهار وٺڻ جي ڪوششون ته هر ڪنهن ڪئي آهي، پر انهن به سنڌ جي قومي راند تي هن مهل تائين سنجيدگيءَ سان سوچيو ئي ناهي، ساڃاهه وندن کان ويندي سرڪار سميت سڀ ادارا ڪن لاٽار ڪن ٿا. ڇا اسانجو ڪلچر رڳو هڪ ڏهاڙي جو محتاج ۽ روڊن تي رقص ڪرڻ، جھمريون پائڻ تائين محدود ٿي ويو آهي.. ؟!
    سنڌ جي سڄڻن، ساڃهه وند ڌرين ۽ سنڌ جي عاشقن هر دور ۾ پنهنجي قومي ڪلچر کي رت ست ڏئي جيئاريو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ شير ميربحر به پنهنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهر پاڻ ملهايو آهي، جنهن ڪم ۽ ڪردار ڪري هو اڄ به تاريخ ۾ سونهري حرفن سان ته سهيڙيل آهي. پر ساڻس انياءُ اهو ٿيو آهي جو کيس مئي پڄاڻان سرڪار ۽ سنڌ جي عاشقن وساري ڇڏيو آهي. جيڪا هن سنڌ جي سورمي سان نا انصافي آهي.
    اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌ جي هن شير، پنهنجي قومي ڪلچر کي جوانيءَ جي جوڀن سان جيڪا جلا بخشي، ان تي پوڙهائپ ۾ به آمريت جي پوڄارين سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر جي ويرين کيس ان عشق جي جرم ۾ جيڪا سزا ڏني اها هن مڙس مٿير مُرڪي قبول ڪئي، هن زندگيءَ جي ڏکين گھڙين ۾ به آمريت اڳيان آڻ نه مڃي جئين جوانيءَ ۾ ملهه جي ميدان ۾ مد مقابل کي آڳ ڏيڻ کان انڪار ڪندي، کيس ملهه مارڻ کانپوءِ سندس لبن تي سنڌ جي سورهيه پٽ جرنيل هوش محمد شيديءَ جي لفظن جهڙي للڪار ٻُرندي هئي ته: "مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون" ته ائين ئي هن پوڙهائپ ۾ به اهڙي ئي ارڏائپ سان زندگي گھاري آمريت جي ڪاڻ نه ڪڍي. شهيد ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، جمهوريت تي راتاهي کانپوءِ جنرل ضياءَ 1977ع ۾ اهو عهدو ختم ڪيس جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ کانپوءِ بحال ٿيو. زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو ته جنرل ضياءَ جي آمريتي ٽولي کيس جھڪائڻ لاءِ ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو، تڏهن به هي بهادرن جيان بيماريءَ سان جھيڙيندو پنهنجيءَ رمز ۾ رمندو رهيو. 'شير شهادت ماڻي' جيان نيٺ هن 28 مارچ 1985ع تي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس سماڌي پنهنجي ئي ڳوٺ محبت ديرو جتوئيءَ کان 2 ڪلو ميٽر ٻاهر سندس نالي پٺيان قائم ، ڳوٺ 'پهلوان شير ميربحر' ۾ موجود آهي جتي سندس ورسيءَ جي موقعي تي هر سال 'شير يادگار ڪاميٽيءَ' جي چيئرمين شهاب الدين ملاح پاران سندس ياد ۾ ملاکڙو لڳرايو ويندو آهي. هئڻ ته ائين گھرجي ها جو جئين 'پنڊ جي پهلوانن' ۽ ڌارين ملڪن جي راند جي قومي رانديگرن کي سنڌ جون قيمتي زمينون انعام طور ڏنيون وڃن ٿيون، ائين ئي هن کي به اهڙي قسم جو انعام ڏنو وڃي ها، جيڪڏهن ڪالهه ملڪ ۾ آمريت هئڻ سبب ائين نه ٿي سگھيو، ته اڄ جمهوريت بحال آهي، اڄ به سندس اولاد کي اهڙي اعزاز سان نوازي سندس خدمتن کي ساراهي سگھجي ٿو، سرڪار کي هن سنڌ جي قومي رانديگر لاءِ به (بعد وفات) صدارتي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ گھرجي. اعزاز طور ڀٽ شاهه جي ملاکڙي واري ميدان تي سندس نالو رکيو وڃي، مڃتا طور شاهه لطيف رحه، شهباز قلندررح جي ميلي تي ملهه پهلوانن کي شير ميربحر ايوارڊ ڏنا وڃن، اهڙيءَ ريت سنڌ، سنڌ جي قومي ڪلچر سان محبت جي اظهار جي دعوا جو حق به ادا ڪري سگھجي ٿو.
    رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر کي وڇڙئي توڙي جو اڄ 29 سال گذري چڪا آهن پر اڄ به جڏهن ڏکڻ جي ٿڌڙي هير کيتن ۾ پڪل فصلن تان خوشبوءِ کڻي ايندي آهي ته اسانجي مَن ۾ شير جون يادون وَر وَر ڪري وري اينديون آهن، ۽ پوءِ ذهن جي اسڪرين تي فلم جي پردي جيان هلڻ لڳنديون آهن. تاريخ جا ورق ورڻ لڳن ٿا جن مان معلوم ٿئي ٿو ته: هن پهرين ملهه47/ 1946ع نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جي مشهور پهلوانن لال محمد ڦل، حاجي احمد لهر، اقبال جوڳي، پنجل مهر، هوشو شيدي هالائي، محمد بخش مهر، يڪي خاصخيليءَ (عظيم سنڌيءَ چواڻي ته يڪو سندس شاگرد نه هيو) ۽ هينڊل مڪرانيءَ کي ماري انعام حاصل ڪيو. هي ان وقت جا وڏا نامور ۽ کانئس سينئر پهرئين جوڙ جا پهلوان هيا. ڪجھ وقت کانپوءِ هي ٻئي جوڙ ۾ پنهنجي همعصر پهلوانن جن ۾ قلب علي خان جتوئي، مَٽر شيدي، مُلان شيدي، بکر شيدي، شامل هيا. آخري ۾ هن نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ پهلوانن جي چئلينج کي قبوليو، جن ۾ 'فخر سنڌ' الهه جڙيو سمو سانگھڙ، سيد سمن شاهه 'چيمپئن سنڌ' کي شڪستون ڏنائين.
    16 هين سيپٽمبر 1951ع ۾ واليءِ رياست هزهائينيس مير علي مراد خان ٽالپر (24 جولاءِ 1947ع ۾ جڏهن 14هن سالن جو هو تڏهن سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي مگر حڪومت جا اختيار کيس نه مليا هيا. 11 هين سيپٽمبر 1951ع تي مرحوم لياقت علي خان جي هٿان ميرصاحب کي حڪومت جا اختيار ڏنا ويا. جن کي 14 هين آڪٽوبر 1955ع تائين استعمال ڪندو رهيو. ) جي تاج پوشيءَ وقت ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان، سندس زال رعنا لياقت علي، ۽ ڪمانڊر انچيف آف دي پاڪستان آرمي، جنرل محمد ايوب خان(مارچ 1956ع کان 24 آڪٽوبر 1958ع تائين ملڪ جو پهريون صدر اسڪندر مرزا رهيو، ان کانپوءِ جنرل ايوب خان 27 آڪٽوبر 1958ع کان 1969ع تائين پاڪستان جو ٻيو صدر رهيو. هيءَ ڳالهه ياد رهي ته: شير جڏهن انعام ورتو ان وقت ايوب جنرل هو ۽ شير جڏهن پنهنجو انٽرويو ڏنو ته ان وقت ايوب صدر هيو.) جي موجودگيءَ ۾ لکي محل (فيض محل) خيرپور ميرس ۾ تاريخي مقابلو ٿيو جنهن ۾ پهلوان انب شيدي، هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪرانيءَ کي هن بري طرح شڪست ڏئي مٿن سرسي حاصل ڪئي. جنهن تي فيلڊ مارشل جنرل ايوب کيس انعام ڏيڻ مهل چيو ته "شير واقعي شير هئي، جيسا سنا ويسا هي ديکا." شير پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌ جي نامور پهلوان الهه جڙيو سمون کي ست مقابلا شڪست ڏئي پنهنجو خطاب برقرار رکيو.
    شير، سنڌ جو اهو بهادر پهلوان هيو جيڪو عمر جي اڌ حصي، 50 سالن تائين پهچڻ کانپوءِ به اڀرندڙ نوجوان پهلوانن سان ميدان ۾ ملهه وڙهندو رهيو، پهلوانن لاءِ هيءَ وڙهڻ نه پر رٽائر ڪرڻ جي وهي هوندي آهي، الهه جڙيي سمي کيس ست مقابلن جو چئلينج ڏنو جنهن ۾ هنن جو پهريون مقابلو، 1 مارچ 1968ع ۾ جشن خيرپور ۾ ٿيو. مقابلو ٻن ڏهاڙن تائين هلڻ جي باوجود به ٻنهين پهلوانن ۾ نبيرو نه ٿي سگھيو، آخر ۾ مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊويزن محترم اسلم باجوا، ٻنهين پهلوانن کي انعامي ڪپ ڏنا، پهريون ڪپ شير ميربحر کي ٻيون ڪپ الهه جڙيو سمو کي مليو الهه جڙيو سمي کي اتي 'فخر سنڌ' جو لقب مليو، ان بعد هنن جو ٻيو مقابلو 'جشن لاڙڪاڻو' پوءِ ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم، ٽنڊو آدم ۽ آخري مقابلو مسلم ڪاليج حيدر آباد طرفان منعقد ٿيل شاندار ملاکڙي ۾ ٿيو. هن ملاکڙي جو مهمان خصوصي جناب ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد هيو. (جيڪو هن وقت اقرا يونيورسٽي ڪراچيءَ جو وائيس چانسلر آهي) هن ملاکڙي ۾ سمي جي ڏنل چئلينج جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ شير جو رستم سنڌ وارو خطاب برقرار رهيو. هنن جي بهادريءَ تي سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڇهين ڪلاس جي شاگردن جي هڪ پيپر ۾ جنهن ۾ ملهه پهلوانن جو ذڪر آهي ان ۾ شير ميربحر ۽ الهه جڙئي سمي جو نالو شامل آهي." سنڌ جي هنن پهلوانن تي سنڌيءَ جي ڪورس ۾ مڪمل سبق اچڻ گھرجي.
    سنڌ جي هن سهڻي، بهادر پهلوان کي پنهنجي راند تي فخر هيو، هي چوندو هيو ته: دنيا جو ڪو به طاقتور پهلوان اسانکي ميدان ۾شڪست نه ٿو ڏئي سگھي. هن پنجاب جي پهلوانن کي چئلينج ڏنو جيڪو' ڀولو برادران' قبول ڪيو، ميرپورخاص ۾ ان وقت جي ڪمشنر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جي سرپرستيءَ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ شير چيو ته: "هن ڀولو پهلوان لاءِ ته منهنجو شاگرد (ملهه ۽ ملاکڙا ۾ عثمان ڀٽيءَ پهلوان يڪي کي شير جو شاگرد ڄاڻايو آهي) يڪو خاصخيلي ئي ڪافي آهي." پوءِ ٿيو به ائين ئي ته ڀولو پهلوان کي يڪي خاصخيليءَ اهڙي ته ملهه هنئين جو هو پوءِ ملهه وڙهڻ تان هميشه لاءِ ارواهه ئي کڻي ويو. شير، ڪُشتي ۽ ريسلنگ راند کي ٺڳيءَ واري راند چوندو هيو هو انهن راندين لاءِ چوندو هيو ته: "ان ۾ بهادري نه پر ٺڳي آهي ڇو ته پهلوان اهو جيڪو ميدان ۾ دسجي ڌڪ کائي ته ماڻهو ان کي پيل ڏسي انصاف ڪن، هي ڪُشتي، ريسلنگ جو پهلوان اڃان دسجي ئي مس ٿو ته مٿان 10هن تائين انگ ڳڻجڻ شروع ٿين ٿا يڪدم زمين تي 3 ڌڪ هڻي هار کٽ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسانجا پهلوان ڌڪ کائي زمين تي ڪرندا آهن ته ڪافي وقت تائين هوش ۾ ئي ناهن ايندا." شير، ڀٽ شاهه جي ميلي تي ملاکڙي ۾ پهلوان مُلان شيديءَ کي اهڙو ته ڌڪ ڏنو هيو جو ملاکڙو ختم ٿي ويو ماڻهو هليا ويا پر پهلوان کي هوش نه آيو سندس ساٿي کيس کٽولي تي کڻي ويا.
    شير، جي بهادريءَ جي هاڪ هلندي هلندي جڏهن هالا پهتي ته سنه 1962ع ۾ هالن جي مخدو طالب المولى جن هالن ۾ هڪ دنگل ڪرايو جنهن ۾ هن چيڪو سلاويا ملڪ جي بهادر پهلوان 'جارج زيبسڪو' کي شڪست ڏنائين جتي کيس 'رستم سنڌ' جو خطاب مليو، ان بعد 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي بين الاقوامي مقابلي ۾ هندستان جي پهلوان' گرنام سنگھ' کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو شان بلند ڪيائين،. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي نامور پهلوان 'آسٽن' کي بري شڪست ڏنائين جنهن جي ڪامينٽري ريڊيو تان سڌيءَ ريت نشر ٿي.
    شير، پنهنجي زندگيءَ ۾ سوَن جي تعداد ۾ انعام حاصل ڪيا، جن ۾ هي انعام زندگيءَ جي يادگار مقابلن جيان اٿس جن ۾ هن پهريون انعام 47/ 1946ع - ذالفقار علي ڀٽي جي ڀاءُ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پيربخش خان ڀٽي کان نئين ديري ۾ حاصل ڪيو، جنرل ايوب کان خيرپور، هالا ۾ مخدوم طالب المولى ۽ جنرل موسى خان کان پڻ انعام حاصل ڪيائين.
    شير، کي هونءَ ته سڀئي پهلوان احترام مان استاد چوندا آهيا. پر هن فن جي کيتر ۾ ڪيترائي شاگرد به ٺاهيا؛ جن جو ڳاڻيٽو جهجھو آهي پر انهن مان ڪجھ شاگرد اهڙا اٿس جيڪي سڄي حياتي ملاکڙن جو سينگار رهيا؛ جن تي استاد جو به وڏو راز رهيو ته اهي دادلا به رهيس. تن ۾ محمد بخش بڙدي، سينگار سنڌ، شير گوپانگ، رستم دادو، غلام قادر لغاري، پهلوان در محمد عالماڻي هي شير جو دادلو ۽ فخر لائق شاگرد هيو، ۽ ٻيا به شامل آهن.
    هن سان اميرن توڙي پيرن، فقيرن ۽ درويش صفت انسان جو به گھرو چاهه رهيو. هي انهن سان ماڻ ڪرڻ بجاءِ ساڻن نهٺائيءَ ۽ وڏي احترام سان پيش ايندو هيو، ملهه جي قدر دانن جي تعريف ڪندي پاڻ چيائين ته: "مير علي ڏنو خان ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ واري جي مون تي خاص مهرباني آهي آئون ان جو شڪر گذار آهيان، مير صاحب اسانجي اتر ۾ ملهه جي فن جو وڏو قدر دان آهي." شير، سان راڻيپور جي پيرن درگاه جي سجاده نشينن پير احمد شاهه جيلاني، محي الدين عرف ميران سائين ۽ ٻين جو بيحد پيار هيو. شير، ملهه جي ميدان ۾ ڪڏهن به پاڻ نه پڏايو ته مان ڪو هيڏو وڏو پهلوان آهيان، هن جي سادگي ئي هن جو حسن هئي، ڪنور ڀڳت جيان پرستارن، درويش فقيرن جو ٽولو ساڻس سدائين گڏ رهيو، جن ۾ بَرڙو فقير، بچو فقير ۽ مامو ولي محمد مير بحر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا جيڪي سڄي حياتي سندس عشق ۾ ساڻس گڏ رهيا.
    شير، ملهه جي دنيا ۾ انگن اکرن جو بادشاهه ملهه هيو، هن کي ويڙهه جي وڏي ڪا ڏات هئي؛ هن کي راند جي هر، داءُ، گُرَ، گھر ۽ انگ اکر تي ڪمال جو عبور حاصل هيو، هي اڪثر ڪري، 'پاهڻ، جاٺو، وارو ۽ اُکري مهريءَ' وارن گھرن، اکرن تي تمام گھڻو وڙهيو. ملاکڙي ۾ سندس ويڙهه سڀني رانديگرن کان نرالي هوندي هئي. ان زماني جا ماڻهو اڄ به سندس نالو کڄڻ تي هائي هائي ڪري ڊگھا، ٿڌا ساهه کڻي سندس يادن جون ڳنڍڙيو کوليندي روئي پون ٿا. ملهه ۽ ملاکڙن تي افسوس ۽ ارمانن ڀريا ويچار ونڊيندي چون ٿا ته: اڄ اهي نه پهلوان رهيا آهن ۽ نه ئي پهلواني، اڄ جو ملهه صلاح ڪري وڙهي ٿو، جڏهن ته شير، ڄاڻي ٻُجھي پهلوانن کي ميدان ۾ سڌا ڌڪ ڏيندو هيو؛ ان ۾ حڪمت عملي اها رکيل هيس ته، جئين ٻيو به کيس ائين ئي ڌڪ ڏئي، ته جئين عوام پهلوان کي پٽ تي پيل ڏسي انصاف ڪري، ڇو ته هڪ سٺو ڏسندڙ ئي سٺو جسٽس هوندو آهي؛ انهن ڌڪن ۾ ڪو به رک رکاءُ نه هوندو هيو.
    شير، جي جهڙي راند سهڻي هئي تهڙو ئي پاڻ به سهڻو هيو، سندس باڊي، جسامت جي بيهڪ اهڙي ته سهڻي هئي جو کيس تن بدن تي هر لباس ٺهندو هيو، هن جو لباس ان دور ۾ پنهنجي فن جي حوالي سان عام ماڻهن کان ماپ، سائيز ۽ سلائيءَ ۾ ٿورو مختلف هوندو هيو، جنهن ۾ شلوار 30 کان 40 وال، ويهوراڻي (ڪپڙي جو قسم) هرک جي قميص 4 کان5 وال ۽ 6 پائونڊ چائنا جي بوسڪيءَ واري پڳ، پٽڪو، جيڪو 14 کان 16 هن والن تائين هوندو هيو. شلوار ٻن حصن ۾ هوندي هئي جيڪا ڌوئڻ مهل هيٺان چوتي/ ٻچيءَ کان کلندي هئي، پائڻ کان پهرين ان کي مصريءَ جي پاڻيءَ سان ڌوئي ڪلف ڏئي ڪڙڪ ڪيو ويندو هيو ۽ پائڻ مهل ان کي وڏي ڪاريگيريءَ سان چُڻي ان جا چُڻَ، گُھنج ٺاهيا ويندا هيا. هي ماحول ۽ موسم جي مناسبت سان به لباس پائيندو هيو، سرڪاري محفلن ۾ پينٽ شرٽ، ڦل سوٽ، گرم موسم ۾ وري شڪارپوري گلي تي پهراڻ پائيندو هيو. قميص تي 6 کان 8 سونا ٻيڙا، بٽڻ لڳل هوندا هيس ۽ ٻانهن ۾ پاتل گھڙيءَ، واچ ۾ وري سُونو پٽو پيل هوندو هيس. پيرن ۾ ڊگھو نوڪدار بوٽ (جنهن کي ان وقت ۾ شو بوٽ به چوندا هيا) ڪڏهن ڪڏهن ته شوقيه طور هٿ جو ٺهيل چمڙي جو بوٽ به پائيندو هيو. شير، سٺي لباس سان گڏ سٺي سواريءَ جو به شوقين رهيو، وٽس چڙهڻ، سواريءَ لاءِ هڪ اعلى نسل جي گھوڙي هوندي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ هن 1968ع ۾ 64 ماڊل وليز جيپ پڻ ورتي جيڪا پنهنجي ڀاءُ غلام قادر ميربحر کان سکڻ بعد پاڻ هلائيندو هيو.
    هن جي خوراڪ اڄ ڪلهه جي پهلوانن کان تمام گھٽ هوندي هئي، رات جو کير ڪلو کان ٻه ڪلو، صبح جو سنڌي گيهه پاءُ کان ڏيڍ پاءُ تائين گرم ڪري پيئندو هيو، گيهه نه ملڻ جي صورت ۾ مکڻ پڻ اوتري ئي مقدار ۾ واپرائيندو هيو. گوشت ۾ مڇي زندگي ڀر نه کاڌائين، ننڍپڻ کان وٺي نه وڻندي هيس، ان ڳالهه تي هو پاڻ به کلندو هيو؛ ۽ کلي چوندو هيو ته، يار! ڏسو ته سهي مان ميربحر ٿي ڪري مڇيءَ کان محروم آهيان، باقي تريل پلو وڏي چاهه سان کائيندو هيو.
    شير، پهلوان کان علاوهه پنهنجي برادريءَ ۾ ڳوٺ جو پَريو مُڙس پڻ هيو، 1960ع صدر ايوب جي حڪومت ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ هي پنهنجي ڳوٺ مان ميمبر چونڊيو ويو. شير، اهو خوشنصيب شخص هيو جنهن زندگيءَ جي ڪنهن به محاذ تي شڪست نه قبولي، هي ملهه جي ميدان کان وٺي عشق جي ميدان تان ٿي قانون/ ڪورٽ جي ڪٽهڙي مان به فتح حاصل ڪري آيو. شهاب ملاح چواڻي ته: 'اولهه پاڪستان جي زماني ۾ صدر ايوب جي حڪومت ۾ نوابشاهه جي ڊپٽي ڪمشنر حميديءَ جڏهن کيس 110 ۾ چالان ڪرايو ته ان ڪيس جي پيروي ڪورٽ سڳوريءَ ۾ هن ڦل سوٽ پائي پاڻ ڪيائين، جنهن ڪيس کي پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪڍي ڇڏيو هيو هو.'
    شير، کي زندگيءَ جي گذرسفر لاءِ پنهنجي 50 ايڪڙ زمين هئي جيڪا اڄ به ديهه ڳهڻو ڀاڳت سڳيون، يونين ڪائونسل سڳيون ضلع خيرپورميرس ۾ موجود آهي. جنهن ۾ 'شير ميربحر فروٽ فارم' به لڳل آهي. اها 50 ايڪڙ زرئي زمين رياست خيرپور ميرس جي پريزيڊنٽ (ملهه جي پارکو) ميرعلي ڏني خان ٽالپر جن ڏني هئي. جنهن لاءِ سندس فرزند شهاب ملاح چواڻي ته: "اها رياست طرفان آسان قسطن تي ملي هئي جنهن جون مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي سڀ قسطون ادا ڪيون ."
    شير، کي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ به ملهه جي مستقبل بابت اونو رهيو، هي چاهيندو هيو ته ملهه پهلوان جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انجي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا بهتر گذارڻ لاءِ سرڪار ڪي اُپاءَ وٺي اهڙو ڪو ادارو قائم ڪري جتان ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ٿي سگھي، هن سنڌ جي ثقافتي راند سان سرڪار جي بي ڌيانيءَ، ويساهه گھاتين جهڙن روين کي ويجھي کان ڏٺو هو جنهن ڪري هن کي هر وقت ان جو اُلڪو رهيو. شير، اڪثر گھر ڀاتين ۽ دوستن کي چوندو هيو ته: يار افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ملهه پهلوان جي پڇاڙي ڪانهي، ملهه اڪثر ڪري پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ وڏيرن جي اوطاقن ۽ درگاهن تي ٽُڪر ڀوري لاءِ ترسيل، محتاج ڏٺا آهن.
    هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي حسرت رهي جيڪا پوري نه ٿي سگھيس، هو چوندو هيوته: "آئون سنڌ جو عالمي ليول جو قومي رانديگر آهيان، ان لاءِ صدارتي ايوارڊ منهنجو حق آهي جيڪو مونکي ملڻ گھرجي." بي حس حڪمران ٽولي هن کي سنڌي هجڻ جي سزاطور اهڙو مانُ اڄ (هي آرٽيڪل لکجڻ) تائين ڪونه ڏنو. ڪاش! هي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي سان وابسته هجي ها ته هن کي زندگيءَ ۾ ئي سڀ ايوارڊ ملي چڪا هجن ها.
    رستم سنڌ، اڄ به اسانکي، سنڌ جي کيتن ۾ کڙيل گلابن، ڪڻڪ جي سونهري سنگن جي حُسن ۽ انبن جي پڪل ٻور جي خوشبوءِ ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارڙن جي نيڻن ۾ مُرڪندي نظر اچي ٿو. هو جسماني طرح اسان کان وڇڙيو ته ضرور آهي مگر 'سرڪار وانگي' وسريو ناهي.!
    اي سنڌ جا شير! تون اڄ به سنڌ، سنڌي ماڻهن جو ناقابلي شڪست هيرو آهين، اڄ توکي سنڌ سنڀاري ٿي. وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، توکي تنهنجو جنم ڏڻ مبارڪ هجي. اي سنڌ جا شير! اڄ سنڌ سموري توکي، اياز جي هنن سٽن ۾ يادن جي ڀيٽا ڏيندي چئي رهي آهي ته:
    ڇرَ تي ڇَڏيئي پيرڙا، ڪري هنج اُڏار،
    سڄڻ تنهنجي سار، صديون رهندي ساهه ۾!
    (اياز)
    اسانجو شير، سڄي حياتي ملهه جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست، سنڌ جو سرموڙ ملهه پهلوان رهيو. وقت جو مؤرخ جڏهن به سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جي تاريخ کي رقم ڪندو ته؛ هو شير جي بهادريءَ جا ورق پڙهڻ کانپوءِ، اهي ئي لفظ لکندو ته: ها ايوب، شير واقعي ئي شير هيو!
    جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو،
    ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇون مَلُهه موڙي،
    سمونڊ جئن سيِرَ ڪَيو، ٿو ٻار جئن ٻوڙي،
    گھوٽ چڙهيو گھوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچرا.
    (ڀٽائي)


    21 هين جون، جنم ڏڻ جي مناسبت سان ڀٽي جو سچو ساٿي، رستمِ سنڌ: شير ميربحر (مولائي ملاح)

    زماني ۾ اُهي ماڻهون ڪيڏا نه ڀاڳوان ليکيا ويندا آهن جن جا ستارا ۽ جنم ڏڻ ڪن عظيم شخصيتن سان ملندا آهن. ائين جئين رستم ِسنڌ شير ميربحر جو جنم ڏڻ ۽ سنڌ راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏڻ ساڳيو ئي 21 هين جون آهي. ڪيڏو نه سُٻنڌ آهي رستم سنڌ جو ڀٽوز سان! هيءُ مهينو موسم جي حوالي کان هونءَ ته ڏاڍو تپندڙ آهي پر هنن سنڌ جي عظيم شخصيتن جي جنم کانپوءِ خوشيءَ جي ڊوڙيل لهر ڪري، پيارن ۽ پرستارن کان گرميءَ جي شدت وارو احساس وساري ڇڏي ٿو. خوشيءَ جي اهڙي سمي ۾ هي ڏهاڙو هنن جي جنم سان بسنت رت بڻجي مهڪي پوي ٿو؛ اهڙين عظيم شخصيتن جي جنم تي سنڌ به مُرڪي، سدا سُرهي ٿي پوي ٿي.
    رستمِ سنڌ جو پنهنجي قائد ڀٽوز سان اُنسيت جو به هڪ قدرت پاران عجيب ڳانڍاپو جوڙيل آهي؛ سنڌ راڻيءَ جو جنم ڏڻ ۽ سندس جنم ڏڻ هڪ ئي آهي. شايد ته اهو ئي سبب آهي جو، جنهن جي سڪ شير ميربحر کي محبت جي ديري مان ڇڪي اچي رت جي ديري، رتيديري آندو، ۽ پوءِ زماني به ڏٺو ته اهي محبت جا رشتا شير ميربحر رَت جي رشتن جيان ڪيئن نڀايا. آمريت جي ڪاري دور ۾ ورديءَ وارن جي وچ ۾ بيهي هن ڀٽو جي مظلوميت جا هوڪا ڏنا جنهن جي پاداش ۾ هن ڀوڳنائن کي پيريءَ تائين پئي ڀوڳيو. چوندا آهن ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ ناهن ٺهندا پر هي سنڌ جا ٻه اهڙا شينهن هيا جيڪي بين القوامي شهرت، سڃاڻپ رکڻ جي باوجود به هڪ ٻئي جا عاشق هيا.
    ملڪ ۾ مڙهيل ايوبي آمريت وارن ڏهاڙن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ايوب کان بغاوت ڪري 30 نومبر 1967ع تي جڏهن ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر لاهور ۾ پنهنجي عوامي پارٽيءَ جو خاڪو ٽيبل تي رکيو ته اتي ويٺل ستن دوستن ان کي ان مهل ئي اکين تي رکي دل سان قبول ڪيو. جنهن کانپوءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام وٽ آيو؛ ته عوام به کيس دل جي اٿاهه گهراين سان ڀلي ڪار ڪيو. انهن ئي ڏهاڙن ۾ سنڌ جي سرزمين تي عوامي ميڙن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجين شهزور ادائن سان سنڌ جو هڪ ٻيو شير به گجگوڙ ڪري دنيا جي نامور پهلوانن کي للڪاري رهيو هو. هن جڏهن سنڌ جي شير جي لاهور ۾ ٿيل چنگھار ٻڌي ته ان وقت ئي هن اهڙي چنگھار کي سگھارو بڻائيندي پنهنجي چنگھار ۾ چيو ته: سنڌ جا ملاح ۽ مَلهه برادري به ڀٽو سان گڏ آهن. اهو سمو به ڄڻ ته اياز جي هن سٽن جي وراڻيءَ جيان هيو ته :
    کير ٿر جي پٺيان ڪائي چنگھار آ ...!
    هڪ طرف ڀٽو عوامي ميڙن ۾ پنهنجي خطاب، تقريرن جا جلوا ڏيکاري رهيو هيو ته وري ٻئ طرف عوامي هجومن ۾ رستم سنڌ پنهنجي طلسماتي شخصيت ۽ جسماني طاقت جا جوهر ڏيکاري ماڻهن جي من کي موهي رهيو هو، ۽ کين قومي ڪلچر جي ڌارا ۾ ميڙي، ڀٽو جي عوامي منشور جي پرچار ڪري رهيو هو. سنڌ جي قومي ڪلچر، ثقافتي راند ملهه جي سرموڙ رانديگر شير ميربحر پ پ پ جي جنم کان پنهنجي اولاد جي جنم تائين ڀٽوز سان محبت، سچائيءَ ۽ قربانيءَ جو جيڪو رشتو رکيو ان کي اڄ تائين شهاب ملاح رستمِ سنڌ جي عشق جيان ڏک سک ۾ نڀائيندو اچي پيو.
    رستم سنڌ شير ميربحر پ پ پ سان پنهنجي عملي محبت جو اظهار هيئن ڪيو، هن انهن ڏهاڙن ۾ پنهنجي ملاح برادريءَ ۽ مَلهه برادريءَ جون گڏجاڻيون ڪوٺائي انهن جي ساٿ ۽ سهڪار سان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو باقائدي اعلان ڪيو، جيڪا خبر انهن ڏهاڙن جي اخبارن ۾ هيئن هلي ته: "دادو 23 – ( نمائينده) رستم سنڌ شير ميربحر ۽ مشهور پهلوان درمحمد عالماڻيءَ پنهنجن شاگردن سميت پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي هنن پنهنجي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته: پ پ پ جو منشور عوام جو آواز آهي ۽ هيءَ پارٽي ئي هڪ واحد جمائت آهي جنهن جي وسيلي عوام کي پنهنجا حق حاصل، پلئه پئجي سگھن ٿا. هنن چيو ته اسان قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽي ۾ مڪمل اعتماد رکون ٿا ۽ سندس هر حڪم تي هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هنن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن عوامي پارٽيءَ ۾ گھڻي کان گھڻا شامل ٿي ڀٽو جا هٿ مظبوط ڪن." ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ وري هڪ ٻئي بيان ۾ چيائين ته: "نواب شاهه 12 – ( ن- ـﻫـ ) سنڌ جا ملهه صدر ڀٽي سان گڏ آهن: سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر هڪ بيان ۾ قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته: "سنڌ جا سڀئي ملهه صدر ڀٽي جي پاليسين جي حمايت ڪن ٿا." اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ هن ڀٽي جي باقائدي ورڪ ڪندي هي بيان جاري ڪيو ته: "ڪراچي 13 – (ن- ـﻫـ ) سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر هن بيان ۾ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ميربحر برادريءَ کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ پيپلز پارٽيءَ جي اميد وارن کي ڏئي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪامياب ڪن ڇا ڪاڻ ته هو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ پورهيتن جو مددگار آهي. هن چيو ته اسان مَلهه ۽ اسانجا شاگرد ڀٽي صاحب سان گڏ آهيون ۽ سندس حڪم تي پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون." 70 واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ لاهور کان ڪراچي ٽرين (ريل گاڏيءَ) ذريعي وڃي رهيو هيو ته شير ميربحر به ان ورڪ ۾ ساڻس گڏ هيو. (رئيس غلام مصطفي خان جتوئي به 1990ع وارين عام چونڊن ۾ پنهنجي ورڪ ۾ سنڌ جي لوڪ ڪلاسيڪل فنڪار جلال چانڊيو کي ساڻ کنيو هو) خيرپور ميرس 'ڊان' جي رپورٽر ۽ سينئرصحافي منصور ميراڻيءَ ٻڌايو ته: "مولائي! ڀٽو جڏهن محرابپور جنڪشن جي ريلوي اسٽيشن تي پهتو ته ان وقت تنهنجو مائٽ پهلوان شيرميربحر به ساڻس ٽرين ۾ گڏ هيو. اها ڳالهه کيس اکين ڏٺي شاهد محرابپور جي هڪ ڳوٺ جي رهواسي قومي ڪارڪن غوث بخش خاصخيليءَ ٻڌائي هئي.) رستم سنڌ پاران ڀٽي جي عوامي پارٽيءَ جي اهڙي کلئي عام حمايت ڪرڻ کانپوءِ ڀٽي جو ذڪر بلخصوص سنڌي ڪلچر سان پيار ڪندڙ سنڌي ماڻهن ۽ مهاڻن جي ذهنن، زبانن ۽ ڪچهرين ۾ اچارجڻ لڳو. اهڙي پرچار ڪرڻ سان هو عوام جي دلين تي ڇانئجڻ لڳو. جن دلين ۾ ڪالهه صرف رستم سنڌ سمائيل هو اتي اڄ، هاڻ هن سنڌ جي راڻي راج ڪيو.
    سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ جي شير (ڀٽي) جي ڏنل عوامي حقن جي پيغام لاءِ، سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ جي شير (ميربحر) جڏهن عوامي هجومن ۾ بيهي گجگوڙ ٿي ڪيو ته، آمريت جا ڀاري برج لڏي ٿي ويا. ميلن ملاکڙن، اوتارن ۽ اوطاقن تي گڏ ٿيل ماڻهن جي انبوهه ۾ بيهي شير ميربحر جڏهن ڀٽي جي ڏنل عوامي پيغام جي پرچار ڪندو هيو ته سندس ڳالهيون عام ماڻهو توڙي پرستارن جي دل، دماغ ۾ پيهي وينديون هيون. هن وس ۽ وت آهر هر محاذ تي ڀٽو جو ساٿ ڏنو. ياد پيم ته: جڏهن ڀٽو جي حڪومتي دور آگسٽ 1973ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ آئي هئي ته، انهن ڏهاڙن ۾ شير ميربحر پنهنجي هڪڙي تڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ عوام ۽ ملاح برادريءَ کي ٻوڏ متاثرين جي واهر لاءِ اپيل ڪئي هئي. اهو به چيائين ته هو بنا ڪنهن معاوضي جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي ڦاٿل ماڻهن کي سُڪيءَ تي کڻي اچن. "(ڪنڊيارو 31 – (ن – ع ) رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي برادريءَ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڏتڙيل ۽ ٻوڏ جي ستايل عوام جي خدمت ڪن ۽ درياءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ وارا ملاح اندر ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوبه معاوضو نه وٺن. هن چيو ته هو ملاکڙا ڪري انهن جي آمدني وزيراعظم جي امدادي فنڊ ۾ ڏيندو."
    قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ڪلچر جو عاشق هيو جنهن ڪري ملهه راند کي پسند ڪندو هو. ڳالهه رڳو پسند تائين ئي دنگ نه ڪيو پر ڀٽي صاحب ملهه پهلوان شير ميربحر جو قدر به ڪيو، اهو شير جي شخصيت ۽ فن جو ڪمال به چئجي جنهن دنيا جي رنگينين کي ڇُهندڙ عاشق مزاج ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، اهو ئي سبب هيو جو ڀٽو صاحب سندس راند ڏسڻ جو ساڻس واعدو ڪيو هيو. پر اوچتو ٻاهرين ملڪ جي دوري سبب اها راند سندس اچڻ تائين ملتوي ڪئي وئي.
    ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جڏهن ڀٽو کي قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ قيد ڪيو هيو ته هن ان ڏهاڙن ۾ به احتجاج ڪيو، ۽ جڏهن ڀٽي کي بيگناهه ڦاسي ڏئي سندس جسد خاڪيءَ کي رتيديري ڏانهن موڪليو ويو ته انهيءَ خبر سندس جيءَ کي جھوري وڌو. گھرڀاتين کان ويندي دوستن تائين سڀني سڄڻن سندس روح کي پهريون ڀيرو اهڙي انداز ۾ لُڇندي ڏٺو، جنرضياءَ جي آمريتي دور ۾ ڀٽي جو نالو وٺڻ به ڄڻ ته ڪاريهر تي پير اچڻ برابر هيو، هن شير سندس مارشل لا جي ڪابه پرواهه نه ڪندي اعلان ڪندي چيو ته: "نواب شاهه: 29 – ( پ – ر ) رستم سنڌ شير ميربحر پهلوان ظاهر ڪيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻارهي( ورسيءَ) تي سنڌ ۾ شاندار ملاکڙو لڳايو ويندو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ناميارا پهلوان شريڪ ٿيندا، ملاکڙي جو نگران شير ميربحر هوندو. هن چيو ته شاهه لطيف، قلندڙ ۽ راڻيپور ۾ لڳندڙ ملاکڙن وانگيان شهيد ڀٽو جي ياد ۾ به سالانه ملاکڙو لڳايو ويندو." شهاب ملاح چواڻي ته: "پوءِ اهو ملاکڙو 18 مارچ 1980ع ۾ نئين ديري ۾ لڳرايو ويو هو جنهن جي نگراني پاڻ ڪيائين. جيڪا ڳالهه رڪارڊ ۾ اڄ به موجود آهي" شير ميربحر رڳو ملهه ئي نه پر هڪ سمجھدار راڄوڻو ماڻهو پنهنجي ڳوٺ جو پريو مڙس هيو ۽ پنهنجي اندر ۾ هڪ سماج وادي ۽ ڀٽي جو سچو سياسي ورڪر هيو؛ جنهن کي غريبن جي بکئي پيٽ سمهڻ ۽ انگ اگھاڙي جيون جو احساس هيو.
    ڀٽي جي شهادت کانپوءِ سنڌ جي سڪتي ورتل ڪيفيت کي ٽوڙڻ لاءِ، هن عوام کي ملاکڙي بهاني ڀٽي جي مزار تي گڏ ڪري؛ هڪ طرف جنرل ضياءَ جي آمريت کي ٺوڪر هنئين، ته وري ٻئي طرف عوامي ميڙ ۾ ليڊرن کي ان بهاني عوام سان مخاطب ٿيڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪيو، جنهن عوام کي مزاحمت لاءِ اتساهه ڏنو. جڏهن سال کان سڪايل ۽ ڏکايل ورڪر اهڙيءَ ريت اتي گڏ ٿيا ته: هو هڪ ٻئي کي ڏسي، ڀٽي جي غم جا اکين مان وهندڙ لڙڪن جا نيسارا روڪي نه سگھيا. هن اهڙو ڪردار ادا ڪري ڀٽي جي سچي ساٿي هجڻ جو حق ادا ڪيو. اهڙين ڪٺن حالتن ۾ ائين ملاکڙو مچائڻ، ماڻهو گڏ ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي؛ جنهن کي دنيا ڏٺو ۽ پابندي ورتل ميڊيا لکيو. اهو ڀٽي سان سندس سچي محبت جو ثبوت هو؛ جنهن وڙ ۽ ورثي کي اڄ تائين سندس لائق فرزند شهاب ملاح صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار جي ساٿ سان ايمان جي سلامتيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو.
    جنرل ضياءَ جي ڪارندن شيرميربحر کي آمريتي دور ۾ ڀٽي جي ورسي ملهائڻ جي سزا اها ڏني جيڪو ڀٽي صاحب سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هيو اهو هنن بند ڪري ڇڏيس، جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ وڃي بحال ڪيو. اهو ئي نه پر هن جو صدارتي ايوارڊ وارو حق به کيس نه ڏنو.
    شير ميربحر، سنڌ جي ڪلچر، قومي راند ملهه کي رڳو سنڌ ئي نه پر پوري دنيا ۾ به متعارف ڪرايو، هي هن ملڪ جو هيرو هجڻ جي باوجود به پاڻ کي سنڌ ڄائو، سنڌ جو شير، سڏائڻ تي زندگيءَ جو وڏو اعزاز سمجھندو هو. اهو ئي سندس پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ڪلچر سان عشق جو سچو اظهار آهي. ڪالهه 21 هين جون 1924ع تي سنڌ امڙ جي ڪُکِ مان جنم ورتائين ۽ اڄ هو ان ئي امڙ جي هنج ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ هيٺ آرامي آهي. سندس سُورهيه جهڙي بهادري ڏيکارڻ تي سنڌ کيس جنم ڏڻ تي ياد ڪندي کيس سلام پيش ڪري ٿي.
    ( روزاني عبرت حيدر آباد، 20 جون 2014ع )


    ايڊيٽوريل

    شير ميربحر جو لاڏاڻو

    هيءَ خبر نهايت ڏک ۽ رنج سان پڙهي ويئي آهي ته سنڌ جو نامور ملهه پهلوان شير ميربحر گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو.
    انا الله و انا اليه راجعون.
    مرحوم شير ميربحر جو نالو اهل سنڌ لاءِ يقينن ڄاتل سڃاتل هو. ان لحاظ کان به ته ملهه جي راند ۾ کيس قدرت وڏي مهارت ڏني هئي، جنهن جي ڪري کيس 'رستمِ سنڌ' جو لقب مليو هو. سندس ئي ذاتي ڪوششن جو عمل دخل هو ، جو ملهه راند جا سرڪاري حيثيت سان مسئلا حل ڪرڻ جا اپاءُ ورتا ويا. سندس زندگيءَ جو ڪيترو عرصو ملهه راند جي خدمت ڪندي گذريو، اڄ به سموري سنڌ ۾ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي سنڌ جي هن عظيم ۽ قديم راند جي فروغ لاءِ هر وقت ۽ هر دم ڪوشان رهندا پيا اچن.
    25 سال ملهه جي راند رهندي هن ڪيترن پرڏيهي پهلوانن سان مقابلا ڪري پنهنجي ملڪ جو مان ۽ شان وڌايو. هندستان جي نامور پهلوان گرنام سنگهه ۽ يورپي پهلوان زيبسڪو سان ملهه وڙهي کين شڪست ڏيڻ جي عيوض سندس نالو دور دور تائين مشهور ۽ معروف ٿيو.
    بدقسمتي سان ڪيتري وقت کان وٺي سنڌ جي راندين، ثقافت ۽ قديمي ورثي بابت ارباب اختيارات جنهن بي حسي جو مظاهرو ڪندو پيو اچي، اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن حڪومت ان سلسلي ۾ دلچسپي وٺي فنڊز منظور ڪري همت افزائي به پئي ڪري ٿي ته ارباب اختيارات ان سلسلي ۾ يا ته ڪا به دلچسپي نٿا وٺن، يا وري مرڳو اهي فنڊز عجيب و غريب طريقن سان خرچ ڪيا وڃن ٿا، جو انهن جو اصلي مقصد نٿو حاصل ٿئي. بهرحال اهو هڪ طوالت جوڳو بحث آهي، جنهن جي طوالت کان پاسو ڪندي اسين فقط اهو چونداسين ته ملهه راند، سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي، جنهنجي هر طرح سان همت افزائي ٿيڻ گهرجي. نامور ملهه جيڪي بعد ۾ رٽائرڊ زندگي گذارين ٿا، انهن جي هر طرح سان مالي امداد ڪرڻ گهرجي. راند ڪندڙ نامور ملهن کي باقاعده وظيفا ملڻ گهرجن، پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن حڪومت سنڌ هن راند جي هر طرح سان همت افزائي ڪرڻ لاءِ خصوصي اُپاءُ وٺي، ته جيئن اسانجي هيءَ قديم راند ترقي جا وسيلا حاصل ڪري سگهي.
    مرحوم شير ميربحر جي وفات سبب ملهه راند کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جو پورائو تمام گهڻي وقت تائين ناممڪن آهي، جيتوڻيڪ آخري وقت ۾ ڪو به ڏکن ۽ سُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيو، جيڪو هڪ افسوس ناڪ عمل آهي. بهرحال زندگيءَ جي سفرنامي تي ڪنهن سان ڪهڙي شڪايت شل حورن جي هنجن ۾ هجي، سنڌ هن شخص کي سدائين ياد رکندي.
    (ايڊيٽوريل "سنڌ نيوز" حيدرآباد، 30 مارچ 1985ع)


    ملهه جي فن جو ڌڻي موڪلائي ويو

    سنڌ جو ناميارو ۽ برک پهلوان "رستمِ سنڌ" شير ميربحر به موڪلائي ويو. هو ڪافي وقت کان بيمار هو ۽ ماهر ڊاڪٽرن سندس علاج پئي ڪيو ، پر ڦڪيون تڏهين فرق ڪن جڏهين امر ٿئي الله جو جي مصداق هو اسپتال مان رخصت وٺي ڳوٺ پئي ويو ته واٽ تي دم ڏنائين.
    شير ميربحر جي وفات سان ملهه جي هڪ وڏي دور جي پڄاڻي ٿي وئي. مرحوم پنهنجي حياتيءَ جا 24-25 سال ملهه جي فن سان وابسته رهيو. ان ڊگهي عرصي ۾ مرحوم ملڪي ۽ غير ملڪي ملهن سان ڪيئي مقابلا ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. ملهه جي فن کي زور وٺائڻ ۽ ان کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ مرحوم شير ميربحر جون خدمتون هميشه ياد رهنديون. مرحوم نه رڳو ملهه جي فن جي ترقي لاءِ پر ملهه پهلوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ به سدائين پاڻ پتوڙيندو رهيو. ملهه جي قومي ڪوچ جي حيثيت ۾ هن نوجوانن ۾ ملهه جي فن کي ڪاميابي سان فروغ ڏنو ۽ اڄ سندس سوين شاگرد موجود آهن، جيڪي هن فن کي زنده رکڻ لاءِ مرحوم شير مير بحر جي مشعل کي روشن رکندا ايندا.
    مرحوم شير ميربحر پنهنجي سموري حياتي ملهه جي فن ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ آخري دم تائين ان جستجو ۾ رهيو پر افسوس ته اسان سندس حياتي ۾ مرحوم لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. هاڻ هو جڏهن اسان وٽ ڪونهي ته اسان تي ۽ حڪومت تي هي ذميواري ويتر وڌي وئي آهي ته مرحوم جي اهل و عيال جي پر گهور لهون ۽ سندن هر طرح مدد ۽ دلجوئي ڪريون. مرحوم سنڌ جي ملهه جي فن ۽ سنڌي ثقافت جي لاءِ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن، تن جو قدر ڪري ، سندس ياد ۾ ڪو يادگار قائم ڪيو وڃي ۽ هن فن کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
    (ايڊيٽوريل روزاني "عبرت" حيدرآباد سنڌ ، 30 مارچ 1985ع )


    شير ميربحر

    هيءَ خبر پڙهي اسان کي سخت افسوس ٿيو آهي ته سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان شير ميربحر، جيڪو ملهه جو قومي ڪوچ پڻ آهي، ڪجهه ڏينهن کان بيمار آهي ۽ هن وقت سول اسپتال ڪراچي ۾ زير علاج آهي. هو نوابشاهه ۾ بيمار ٿيو هو جتي سندس حالت تمام خراب ٿي ويئي هئي، پر پوءِ کيس سول اسپتال نوابشاهه کان سول اسپتال ڪراچي ڏانهن موڪليو ويو جتي ڊاڪٽرن جي پوري ڌيان تي هاڻي سندس حالت قدري بهتر آهي.
    ملهه شير ميربحر سنڌ جي برک ملهن منجهان آهي. هو ساندهه ڪيترن سالن تائين سنڌ جو چيمپئن ملهه رهيو ۽ ملهه ۾ سندس ڪوبه ثاني ڪونه هو. ملهه جي فن کان هو تمام چڱي طرح واقف آهي. سندس انهيءَ لياقت کي ڌيان ۾ ر کندي کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن عهدي تي هو ڪيترن سالن کان فائز آهي. هن ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آهن جيڪي هن وقت سنڌ ۾ چڱا ناميارا ٿي ويا آهن.
    ملهه شير ميربحر پنهنجي فني قابليت جي ڪري سنڌ جي هڪ دولت آهي. اسان سنڌ سرڪار جي اختياري وارن کي گذارش ڪنداسين ته اهي شير ميربحر کي مناسب مالي امداد ڏين ۽ سندس علاج جو سرڪاري خرچ تي اعليٰ انتظام ڪن ته جيئن هو جلد چڱو ڀلو ٿي سنڌ جي قومي راند ملهه جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري سگهي.
    (ايڊيٽوريل روزانه "هلال پاڪستان" ڪراچي، 14-جون 1985ع)


    سنڌ جي قومي راند ملهه جو سداحيات پهلوان رستمِ سنڌ، شير ميربحر

    (اڄ 28 مارچ تي رستم سنڌ شير مير بحر جي ٻين ورسي ملهائي پئي وڃي. موقعي جي مناسبت سان هي مضمون پيش ڪجي ٿو. روزاني هلال پاڪستان ڪراچي 1987=-3-28)
    هڪ وقت هو جڏهن ٻڌندا هياسون ته شير ميربحر هڪ زبردست پهلوان آهي. جيڪو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٿو ته ٻئي ملهه کي چوي ٿو ته سندرو ڪري ويهه ته آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان. پوءِ پهلوان شير مير بحر جا مقابلا ڏٺاسون
    شير واقعي شير هو. ملاکڙو ۽ شير ميربحر ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا هئا. جنهن ملاکڙي ۾ ڌاڪو ڄمايو. شير ميربحر ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو. هالا دنگل ۾ چيڪو سلاويڪيه جي پهوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملهه جو مان مٿانهون ڪيو. هالا دنگل مشهور هو جنهن کي سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو ڏسڻ لاءِ آيا هيا. هن مقابلي کانپوءِ شير ميربحر هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه سان نياز اسيڊيم حيدرآباد ۾ مقابلو ڪيو، جنهن ۾ شير ميربحر هندستاني پهلوان گرنام سنگھه کي به شڪست ڏني.
    رستم سنڌ شير ميربحر جو ٻيو يادگار مقابلو لکي بنگلي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست مير هز هائينيس علي مراد خان ٽالپر ڏسي ايترو ته خوش ٿيا جو اٿي بيهي تاڙيون وڄائي پهلوان شير ميربحر کي داد ڏنائون، انعام ڏنائين ۽ هٿ به ملايائين.
    ان کانپوءِ اڀرندڙ پهلوان الهه جڙيي سمي سنڌ جي پهلوان کي ملهه جي مقابلي لاءِ چئلينج ڪيو. جيڪو چئلينج پهلوان شير مير بحر قبول ڪيو جنهن کي لاڳيتو ست مقابلن ۾ شڪست ڏئي پنهنجو رستم سنڌ وارو اعزاز برقرار رکيو. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين ملهه ڪرندو هيو ته ٻانهينءَ ۾ هرگز نه وڃي ويهندو هو، پر ميدان ۾ مدِمقابل جي انتظام ۾ پيو گهمندو رهندو هو ۽ عام طور تي پوئين ملهه دسي پوءِ ساهه پٽيندو هو.
    پهلوان شير، سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اهو هن جي جدوجهد جو ئي نتيجو آهي. جو ملهه کي اڄ سنڌ جي اهم راندين ۾ نمايان مقام حاصل آهي. شير ميربحر جي ذاتي ڪوشش ڪري ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم الشان ملاکڙو منعقد ٿيو جيڪو پاڪستان ٽيليويزن تان به ڪاسٽ ٿيو هو.
    ملهه جي فن لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي مدنظر رکندي حڪومت پاڪستان پهلوان شير ميربحر کي ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. هو سنڌ ۾ ملهه جي مقابلن جي نگراني ڪندو هو ۽ نون سيکڙاٽن کي ملهه جي تربيت به ڏيندو هو. پر 1984ع ۾ جڏهن پهلوان شير ميربحر بُڪين جي بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته سرڪار سندس نوڪري ختم ڪري ڇڏي. هڪ ته هو عمر جي آخري حصي ۾ هو. ٻيو بيماري ۽ مٿان وري نوڪري به ختم. ڪيڏي ته ڏک جهڙي ڳالهه آهي. جنهن ماڻهوءَ پنهنجي سڄي زندگي ملهه جي خدمت ڪندي گذري ان سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي....!! شير ميربحر نه رڳو ملهه پهلوان هو پر سنڌ جي قديم فن ملهه جو قيمتي سرمايو هو. شير مير بحر سنڌ جي هلندڙ ڦرندڙ ثقافت هو. شير ميربحر جون ملهه جي لاءِ ڪيل خدمتن عيوض کيس صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي رستم سنڌ شير ميربحر جو هڪ يادگار تعمير ڪرايو وڃي، ته جيئن شير ميربحر جو نالو هميشه زندهه رهي. مناسب ٿيندو ته ڀٽ شاهه واري ملاکڙا اسٽيڊيم جو نالو شير ميربحر رکيو وڃي. پهلوان شير ميربحر جي پونئيرن لاءِ وضيفو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هو عزت جي زندگي گذاري سگهن. قلندر شهباز ۽ ڀٽ شاهه جي ميلن تي لڳندڙ ملاکڙن ۾ هر سال باقائدي سرڪاري طور ملهه پهلوانن کي شير ميربحر ايوارڊ ڏنو وڃي. اسان هن سلسلي ۾ سنڌ جي چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه، سنڌ مان کنيل وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ خاص ڪري پير پاڳاري صاحب کي گذارش ڪنداسون ته پهلوان شير ميربحر جي سلسلي ۾ مطالبن کي تسليم ڪرائين ته جيئن سنڌ جي هن پهلوان جو نالو هميشه زندهه رهي.


    انٽرويو

    سنڌ ۾ ملهه جي ترقي، شير ميربحر (انٽرويو: عمرالدين بيدار)

    شير ميربحر سنڌ جو هڪ اهڙو مڃيل ملهه آهي، جنهن 1939ع کان 1962 تائين لڳاتار ٽيهه سال ملهه وڙهي. کٽياڻ، پتافي ۽ چوٽير شيديءَ جي ملهه وڙهڻ واري رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو. شير جي شروعاتي ملهه سکڻ ۽ تربيت وٺڻ جو هنڌ دليپوٽا تعلقه نوشهروفيروز آهي. يعني هو هر جمعي تي شام جو لڳندڙ ملاکڙي ۾ پنهنجي هڪ جيڏن نوجوانن سان ملهه وڙهندو هو ۽ ملهه جو فن سکندو هو. هن جو چاچو ٻيلي کاتي جو جمعدار ۽ وچولي درجي جو سٺو ملهه هو، جنهن هن جي خاص طور سنڀال ۽ تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هو اهڙو هوشيار ۽ قابل پهلوان ٿي ويو جو سنڌ جي ٽن نسلن تائين لڳاتار ملهه جو چئمپين رهندو آيو. هو اڄڪلهه ملهه راند جي لاءِ سنڌ ۾ پاڪستان سرڪار طرفان مقرر ڪيل ڪوچ آهي ۽ سندس ڪم ملهه جي صحيح صورت کي قائم رکڻ ۽ سيکڙاٽ ملهن جي رهنمائي ڪرڻ آهي، جنهن کي هو خوش اصلوبي سان نڀائي رهيو آهي، هو سنڌ صوبي لاءِ ٺاهيل ملهه ايسوسيئيشن جو خاص صلاحڪار به آهي.
    آغا صدرالدين، جيڪو سنڌ اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ جو نائب صدر ۽ ملهه جو حقيقي سرپرست آهي، تنهن وٽ شير ميربحر وقت بوقت سنڌ اسيمبلي آفيس ۾ ايندو رهيو، تنهن ڏينهن هو جڏهن اتي آيو ته ساڻس ملاقات ڪري سندس خيالات قلم بند ڪيا ويا جن مان ڪي خاص هت ڏجن ٿا:
    سوال: معلوم ٿيو آهي ته حڪومت، ملهه کي اولمپڪ راندين وانگر دنيا اڳيان پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. اوهان ان باري ۾ ڪهڙو ڪم سر انجام ڏيندا؟
    جواب: آءُ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي تعاون سان وڏن شهرن ۾ ملاکڙا لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪري رهيو آهيان. ان کانسواءِ ملهه ايسوسيئيشن جي مکيه عهديدارن جو هڪ اجلاس جلد ڪراچيءَ ۾ گهرايو ويندو، جنهن جي صدارت آغا صدر الدين ڪندو. هن موقعي تي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. ان بعد ايندڙ نومبر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪي ايم سي گرائونڊ تي هڪ وڏو ملاکڙو لڳرايو ويندو ته جيئن ڪراچيءَ جي ماڻهن کي ملهه راند جي ڪجهه واقفيت ٿئي ۽ ملهه جي مقبوليت ۾ به واڌارو اچي.
    سوال: اهو ملاکڙو ڪهڙي نوعيت جو هوندو؟
    جواب: اهو ملاکڙو بين الاقوامي نوعيت جو هوندو. ان ۾ شرڪت لاءِ جپان، ايران، ۽ ٻين ملڪن جي ملهن کي دعوت ڏني ويندي.
    سوال: ملاکڙن کي وڌيڪ مقبول ۽ آسان بنائڻ لاءِ توهان وٽ ڪي رٿون آهن؟
    جواب: هاڻي ملاکڙن تان ٽئڪس معاف ڪيو وڃي ۽ ملاکڙا منعقد ڪرائڻ جي اجازت ملهن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏني وڃي. موجوده وقت ڀٽ شاهه تي ميلي جي موقعي تي ملاکڙي ڪرڻ جو ٺيڪو رڳو هلنديءَ وارن ۽ اڻ ڄاڻ شخصن کي ڏنو وڃي ٿو . اها ڳالهه ملاکڙن جي ترقيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو ٺيڪيدار رڳو پئسا ميڙڻ لاءِ گهٽ درجي وارن ملهن کي ويڙهائين ٿا ۽ وڏن ملهن کي نظر انداز ڪيو ڇڏين جنهن ڪري ملهه جي فن ۽ سنڌ جي قديم ثقافت جي اعليٰ نشان جي اوسر کي ڌڪ رسي ٿو.
    سوال: ڀٽ شاهه ۽ قلندر جي ميلن تي ٿيندڙ ملاکڙن بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
    جواب: آءُ انهن هنڌن تي ٿيندڙ ملاکڙن کي ملهن جي لاءِ يونيورسٽيون ٿو سمجهان، انڪري اتي ملهن جي رهڻ ۽ ڪوچ (مون) لاءِ مستقل رهائش جو انتظام ڪري ڏيڻ کپي، اتي سنڌ جي بهترين ملهن کي اچڻ کپي ته جيئن ٻيا انهن کي ڏسي ملهه راند ڏانهن راغب ٿين.
    سوال : ان لاءِ اوهان وٽ ڪهڙيون رٿون آهن؟
    جواب: آءُ چاهيان ٿو ته ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ملهه سيکارڻ جا سرڪاري سرپرستي هيٺ آکاڙا قائم ڪيا وڃن، جتي هن راند جي ڪجهه ڀلوڙ ۽ سيکڙاٽ ماڻهن کي ملهه جو فن سيکاريو وڃي.
    سوال: اوهان گهڻن سالن ۾ ڪيترا شاگرد ٺاهيا؟
    جواب: مون پهرئين جوڙ جا ڏهه ملهه تيار ڪيا جن ۾ غلام قادر لغاري، در محمد علي عالماڻي، دودو گوپانگ، شير گوپانگ، مولا بخش ٻوڪ، ظفر مير بحر (منهنجو پٽ)، تڳيو، رمضان ميتلو، قادر علي گوپانگ وغيره آهن. ويهارو کن ٻئين جوڙ جا ملهه آهن.


    'رستمِ سنڌ' شير ميربحرسان ملاقات (ڊاڪٽر آفتاب ابڙو)

    قومن ۾ اهڙا مانجهي مڙس ٿورا ملندا، جيڪي پنهنجي سموري حياتي فن، فڪر ۽ ڪي وري تن کي توانو رکڻ ۾ صرف ڪن ٿا. پنهنجو اَلهه تلهه، سمورو مال متاع فن جي مان مٿي ڪرڻ لاءِ وقف ڪن ٿا. آنڌي مانجهيءَ، اوري پري مطلب ته مهل ۽ ماڳ کي به نه ڏسندي فن جي فڪر ۾ وڃي توڙ رسن ٿا. اهڙن سورهيه سپوتن ڪري سنڌ جو نالو هميشه اوچو رهيو آهي. 'ملهه' اسان جي قومي ۽ سورهيائپ واري راند رهي آهي. جنهن ۾ جسماني طاقت، دل جي حشمت ۽ فنجي ڦڙتي جي ضرورت هوندي آهي. قديم دور کان وٺي، ملهه اسان جي ثقافت جو اَملهه حصو رهي آهي. هونئن ته عام ڳوٺن ۾ اها راند شام جي شغلن ۾ شامل رهي آهي، جتي نوجوان اها راند ڪُڏندي وڏن کان تربيت حاصل ڪندا رهندا آهن. جڏهن ته ولين، بزرگن ۽ قومي رهبرن جي عرس جي موقعي تي اتر- لاڙ ۽ پنجاب ۽ سنڌ جا جوڌا اها راند رهندا آهن، جنهن کي عام ماڻهو انتهائي شوق ۽ جذبي سان سڀ ڪم سيڙائي ڏسندا آهن.
    شير ميربحر به اهڙن قومي رانديگرن ۾ وڏو نالو رکي ٿو. سندس دليري ۽ فن سبب سنڌ جو نالو نشانبر ٿيو آهي. جنهن نه صرف ملهه جي مان کي مٿي ڪرڻ لاءِ مَلهُه ٿي ميدان مات ڪيو، ۽ سنڌ جي قومي راند کي انهيءَ اوج تي پهچايو آهي، جو عام ماڻهن کان وٺي سرڪاري آفيسن تائين انجو چوٻول آهي.
    سنڌ جي تاريخ ۾ (شايد) هي پهريون پهلوان آهي، جنهن عالمي هاڪ وارن رانديگرن 'انوڪي' ۽ 'ڀولو برادران' کي للڪاريو. ڪيئي دفعا هن جا بيان اخبارن ۾ به شايع ٿيا، پر انهن مان ڪوبه سندس مقابلي لاءِ تيار نه ٿيو.
    شير سائين ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ آيو ۽ مهرباني ڪري منهنجي آفيس اطلاعات کاتي ۾ قرب جا قدم ڀريائين. موقعي جي مناسبت سان کيس عرض ڪيم ته توهان سان انٽرويو ڪرڻ گهران ٿو. پاڻ کلي وراڻيائين ته ڍولڻ جيئن توهانجي مرضي. ساڻس ڪيل گفتگو کي جيئن جو تيئن هيٺ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو:
    س: سائين! اوهان کي عام طرح شير ميربحر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اوهانجو اصل نالو ۽ ڳوٺ ڪهڙو آهي؟
    ج: ادا اصل نالو علي شير اٿم ۽ ڳوٺ 'شير پهلوان' تعلقي ڪنڊياري ۾ آهي. باقي لقب مونکي "رستم سنڌ" جو عوام پاران مليو آهي.
    س: اوهان کي ملهه جو شوق ڪڏهن پيدا ٿيو؟
    ج: پنجين درجي ۾ پڙهندو هئس ته پنهنجي چاچي پيرل کي ملهه وڙهندي ڏسي، شوق جاڳيو ۽ چاچي همت افزائي به ڪئي. ان وقت اسان جي شهر ۾ اٺڙيا (جمعي، جمعي تي) ملاکڙا لڳندا هئا، مان هڪ جيڏن سان انهن ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو هيس.
    س: ان فن ۾ اوهان جو ڪو استاد؟
    ج: ها ادا! شروع واري دور ۾ استاد لقمان خشڪ اکر سيکاريا. پوٰءِ استاد نواز علي خان پٺاڻ ان فن جي مڪمل ڄاڻ ڏني.
    س: ان دور ۾ ملهه فن جي قدر داني ڪهڙي ريت ڪئي ويندي هئي ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    ج: ادا اڳ مَلهن کي ويهاري کارايو ويندو هو. وڏا انعام اڪرام ڏنا ويندا هئا. ان کان علاوه 'ناٽڪي ملاکڙا'، ٽڪيٽن تي هلندا هئا، جن ۾ ملهن کي فيون ملنديون هيون. مديجي ۾ مرحوم رسول بخش لوهر ۽ نئين ديري ۾ در محمد ميربحر ناٽڪي ملاکڙا رچائيندا هئا ۽ ملهن جو وڏو قدر ڪيو ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي اهڙا قدردان ڪونه سُجهن جي ملهن کي ويهاري کارائين. اڃا به ڪي گاديون آهن، جتي ملهن کي اهو مان ڏنو وڃي ٿو.
    س: هر راند جا ڪي اکر ٿين ٿا. اوهان اهو ٻڌايو ته ملهه ۾ اهڙا ڪهڙا اکر آهن، جيڪي مڪمل مَلهَه پهلوان ۾ هئڻ گهرجن؟
    ج: ادا: ملهه ۾ وارا، جاٺا، ڄنگهون کسڻ، پاسا هڻڻ، گهمائي ٻلهڻ هڻڻ، اٺ ڏانهن، ڪنڌ ڦاسائڻ، اندريون هڻڻ اهم آهن، پر اکرن ۾ اڙي هڻڻ ڪار نه آهي. يعني ڪُپت نه ڪجي، سچي راند کيڏجي، مڙس ٿي مقابلو ڪجي. باقي ميدان مارڻ لاءِ ڪچو اکر نه وهائجي.
    س: ملهه راند ۾ 'سَندري' جي ڪيتري اهميت آهي؟
    ج: ملهه ۾ سندري تي گهڻو دارو مدار آهي، بلڪه ڪاميابي جو ڪارڻ پڻ آهي.
    سندرو سولو ۽ سوگهو هئڻ گهرجي. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته:
    "سنڌرو ٻڌ ساهي- پئو ڪٽڪ ۾ ڪاهي."
    س: سائين! هن فن کي فروغ ڏيڻ لاءِ اوهان ڪجهه سوچيو آهي؟
    ج: ها ادا! آئون ڪتاب لکان پيو، جيڪو منهنجي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾هوندو. البته ان ۾ مان پهريان ٻه ٽي باب ملهه جي فن تي لکندس، ته جيئن نوجوان ان طرف توجهه ڏين ۽ ان فن کي سنڌ ۾ صحيح مقام ملي.
    س: اوهان کي پهريون انعام ڪهڙو، ڪٿي ۽ ڪڏهن مليو؟
    ج: ادا، پهريون انعام مونکي 1946-1947ع ۾ نئين ديري ۾ چئن پهلوانن: حاجي نور محمد مهر، لالو ڦل، اقبال جوڳي ۽ حاجي احمد لوهر کي هارائڻ تي'سونو ٻلو'(Gold Medal) سردار نبي بخش ڀُٽي ۽ مرحوم امداد علي خان ڀُٽي، ذوالفقار علي ڀُٽي جي وڏي ڀاءُ ڏنو.
    س: سائين! انعامن جو ذڪر نڪتو آهي ته اهو به ٻڌائيندا هلو ته اوهان کي سردار نبي بخش خان ڀُٽي کان پوءِ ڪهڙا انعام مليا؟
    ج: ادا انعامن جي ته ڪا ڳڻپ ئي ڪانه آهي. مير علي ڏني خان ٽالپر گمبٽ تعلقي ۾ انعام طور 50 ايڪڙ زرعي زمين ڏني ۽ ٻين رئيس، اميرن ڏاند، مينهون، بگيون ۽ سرڪاري طور ڪيترائي گولڊ ميڊل مليا آهن. ان ۾ چاندي ۽ پتل جي ڪپن جو شمار ئي ڪونهي: ٻه ٽي وڏا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن ۽ ان کان علاوه ايمبيسي سگريٽ ڪمپنيءَ طرفان به هڪ 'سونو ٻلو' مليو، جنهن جي فلم اڃا تائين T.V تي ڏيکاري ويندي آهي.
    س: اوهان جي نظر ۾ ملهه جو فن ڪيترو پراڻو آهي ۽ ملهه ٻين ڪهڙن ملڪن ۾ کيڏي وڃي ٿي؟
    ج: ادا ملهه جو فن ايترو قديم آهي، جيترو موهن جو دڙو- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق ملهه هزار ورهيه اڳ جي آهي. ملهه راند عربستان، چين، روس، ترڪستان ۽ افغانستان ۾ کيڏي وڃي ٿي.
    س: اوهان کي ڪهڙن غير ملڪي ملهن سان وڙهڻ جو اتفاق ٿيو آهي؟
    ج: ادا، يوگوسلاويه جي 'زيبسڪو' ۽ هندستان جي 'گرنام سنگهه' سان وڙهيو آهيان ۽ ٻنهي کي ماريو اٿم. ان کان علاوه، انوڪي ۽ ڀولو برادران کي ڪئين ڀيرا للڪاريو اٿم، پر هو تيار ڪونه ٿيا.
    س: غير ملڪي پهلوانن کي مارڻ جو سبب اوهان جي طاقت هئي يا ملهه جي فن جي ڄاڻ؟
    ج: مون کين پنهنجي اکرن سان ماريو، ان کان علاوه سنڌي ملهه جا اکر سندن فن کان وزنائتا آهن. اسان وٽ ملهه جا ٻٽيهه اکر استعمال ٿين ٿا.
    س: ڀولو برادران پاڻ کي 'رستم زمان' سڏائين ٿا، ان متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
    ج: مٺا! انهن کي 'رستم زمان' سڏائڻ نه گهرجي. هنن کي مون ڪيئي دفعا چئلينج ڏنا آهن جن جو رڪارڊ اخبارن ۾ آهي. هنن فري اسٽائيل سکي، انگريزن سان مقابلو ڪيو. اهڙي طرح اسان جي ملهه سکي اسان سان وڙهن ته خبر پئي! اڪرم پهلوان کي ته يڪي خاصخيلي پوئين ملهه ۾ غش ڪري ڇڏيو. انهيءَ کانپوءِ هنن اسان سان ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني. ان کان علاوه اليگزن کي قلب علي جتوئيءَ شڪست ڏني. ڪشتيءَ جي پهلوان محمد دين کي الهه جڙئي سمي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڌڪ ڏنا، جنهن کان پوءِ هن ملهه جي دعويٰ ئي ڇڏي ڏني.
    س: اوهان سڄي ڄمار ان فن کي ڏني آهي. سرڪار اوهان جي خدمتن جي بدلي ۾ اوهان کي ڇهن ستن سالن کان 'ملهه ڪوچ' جي حيثيت ۾مالي امداد ڪري رهي آهي، اوهان اهو ٻڌايو ته مهانگائي جي لحاظ کان ڪو ان ۾ اضافو ٿيو آهي يا نه؟
    ج: ادا ڪهڙو اضافو! مورڳو مون کان اها به کسي اٿن. منهنجون ٻه شاديون ٿيل آهن، جن مان الله جي مهرباني سان ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. ٻچڙيوال آهيان، ڪئي ڀيرا حڪومت کي پڪاري بيٺو آهيان، ڪجهه به ڪونه ٿيو. وري به منهنجي وس وارن عملدارن کي اپيل آهي ته هن ڏڪر واري دور ۾ خيال ڪن ۽ منهنجي اها ساڳي حيثيت بحال ڪن ۽ رهيل پگهارون جلد ڏيارن. ان کان سواءِ سرڪار کان اهو به مطالبو ٿو ڪريان ته 'ملهه' سنڌ جي قومي راند آهي. ان جو خاص خيال رکن. ان جي واڌاري تي جوڳو ڌيان ڏين. سالياني بجيٽ ۾ ان راند جي فروغ لاءِ فنڊ رکن.
    [هي انٽرويو شير ميربحر کان اطلاعات کاتي جي آفيس دين محمد وفائي روڊ، صدر ڪراچيءَ ۾ 17 ڊسمبر 1981ع تي ورتو ويو، جيڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ ان دور جي مقبول سنڌي اخبار 'هلال پاڪستان ڪراچي' ۾ 20 ڊسمبر 1981ع تي شايع ٿيو. آفتاب ابڙو]


    ڪتاب

    پهلوان علي شير ميربحر (رستمِ سنڌ)

    پهلوان علي شير ميربحر جو اصل ڳوٺ ايسباڻي، تعلقو ڪنڊيارو ضلع نوابشاهه آهي. موجوده وقت ۾ به اتي ئي مقيم آهي. هن پهلوان ملهه جي ابتدائي تربيت پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي، جو پنهنجي وقت جو تمام نالي وارو ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. شير ميربحر، استاد جي خدمت ۾ رهي ان کان ملهه جي تربيت وٺندو رهيو. هي پهلوان جڏهن ملهه وڙهڻ جي قابل ٿيو ته استاد لقمان خشڪ هن کي شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي، ملهه جي ميدان ۾ لهڻ جي اجازت ڏني.
    شير ميربحر ٽئين جوڙ کان ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ پهرين پهرين محبت ديري تعلقي ڪنڊياري جي هڪ ملاکڙي ۾ ملهه وڙهڻ جي بسم الله ڪئي ۽ سرسي ۾ رهيو. اهڙي طرح هي پهلوان سنڌ جي هر ميلي ۽ ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندو رهيو. ٻن سالن اندر ترقي ڪري ٻئي جوڙ ۾ پهچي ويو.
    ٻئي جوڙ ۾ پهچي شير ميربحر ڪافي مشهوري حاصل ڪئي. هڪ سال اندر ٻئي جوڙ جي سڀني ملهن کي دسي پهرئين جوڙ ۾ اچي پهتو.
    پهرئين جوڙ ۾ پهچڻ بعد شير، پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو، جو ان وقت جو نالي وارو ملهه پهلوان هوندو هو. پهرئين جوڙ ۾ شير کي لالا نواز علي خان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ دعا ڪيائينس ته انشاءَالله سنڌ ۾ نالو ڪڍائيندين. واقعي ٿيو به ائين. لالا نواز علي خان شير پهلوان کان زبردست پهلوان هو، مگر نالو شير ميربحر جو مشهور آهي.
    شير ميربحر سنڌ ۾ پنهنجي وقت جو هڪ زبردست پهلوان ٿي رهيو آهي ۽ اڃا تائين به پنهنجو "شيرِ سنڌ" وارو لقب برقرار رکندو آيو آهي. شير ميربحر جو چاچو پيرل خان ميربحر به تمام نالي وارو پهلوان ٿي گذريو آهي. شير پهلوان پنهنجي چاچي جي شوق ۾ ملهه سکيو. شير پهلوان کي پهريون انعام نئين ديري واري ملاکڙي ۾ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پير بخش ڀٽي ڏنو. هن ملاکڙي جو اڳواڻ زوار در محمد ميربحر هو، جنهن سنڌ جي اُترئين علائقي ۾ ناٽڪي ملاکڙي جو بنياد وڌو. شير پهلوان راڻيپور جي گاديءَ وارن پيرن حضرت محي الدين شاهه جن جو مريد ۽ سندن ئي پهلوان آهي. هن پهلوان کي "شير سنڌ" جو لقب هالا ۾ 1962ع ۾ هڪ انگريز پهلوان زيبسڪو سان مقابلي ۾ فاتح ٿيڻ بعد ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح شير پهلوان هڪ ٻئي غير ملڪي پهلوان گرنام سنگهه سان به مقابلو ڪيو، جنهن ۾ به فاتح قرار ڏنو ويو.
    پهلوان شير ميربحر سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ انعام کنيا آهن ۽ اڃا به کڻندو اچي ٿو. هڪ درويش نالي بَرڙو فقير هن جي ملهه ڏسڻ جي شوق ۾ سارو عرصو ساڻس گڏ رهندو پئي آيو آهي. شير پهلوان پاڻ ٻڌايو ته مون تي مير علي ڏني ڪوٽڏيجيءَ واري جي تمام وڏي مهرباني آهي ۽ ان جو شڪرگذار آهيان. هن ٻڌايو ته مير صاحب اسانجي اتر ۾ مل هه جي فن جو وڏو قدردان آهي.
    شير ميربحر کي 1975ع تائين ملهه وڙهندي اٽڪل 27-28 سال ٿيا آهن، سندس عمر هن وقت 49-50 سال ٿيندي. ڇهه پٽ به اٿس. وڏي عمر جو پهلوان هوندي به نوجوان پهلوانن سان مقابلا ڪندو رهيو. سندس گهڻا شاگرد هينئر به پهرئين جوڙ ۾ ملهه وڙهندا آهن. هن وقت رٽائر ڪري، فقط نوجوانن جي ملهه جي فن ۾ رهنمائي ڪندو ۽ کين تربيت ڏيندو رهندو آهي. ڪجهه پڙهيل به آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ جو بي.ڊي ((B.D ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. سٺي اخلاق ۽ صبر وارو ملهه پهلوان آهي. ڪڏهن به پنهنجي تعريف نه ڪندو آهي ته آئون ڪو اهڙو بهادر آهيان. سدائين نياز ۽ نِوڙت سان هلندو ۽ ملندو آهي. اها سندس خاص خوبي ڳڻي ويندي آهي.
    (ڪتاب: ملهه ۽ ملاکڙا، مصنف: محمد عثمان ڀٽي ابن "خواب" حيدرآبادي، ڇاپو پهريون، نومبر 1975ع، باب چوٿون،
    صفحه: 63 کان 65 تائين )


    شير ميربحر

    علي شير ولد علي محمد مير بحر 21 جون 1924ع تي ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. پاڻ هاڪارو ملهه پهلوان ٿي گذريو آهي. شير ميربحر ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقاعدي ملهه وڙهڻ شروع ڪئي ۽ جلدي پنهنجي پهلواني ۽ قابليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. هن ملهه جي سکيا پهريان پهلوان لقمان خشڪ کان ۽ پوءِ پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ کان حاصل ڪئي.
    شير ميربحر جنهن کي "رستم سنڌ" جو اعزاز مليل هو سو ويهين صدي جو زبردست پهلوان هو، جنهن لاءِ اهو مشهور هو ته" هو هڪ ملهه سان هٿ ڳنڍي ٻئي ملهه کي چوندو هو ته سندرو ڪري ويهه ته، آئون هن کي دسي پوءِ توسان ٿو وڙهان شير نه رڳو نالي شير هو، پر هو واقعي شير هو، ملاکڙو ۽ شير مير بحر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هئا. شير ميربحر جو نالو ملاکڙي جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هو، هو طاقتور سگهارو ملهه هو، ڏسڻ ۾ به شينهن ايندو هو، پاڻ 30 سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست پهلوان رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غيرملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي، ملهه جي فن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. 1962ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي، شير مير بحر پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ڪيو ۽ "شير سنڌ" جو لقب حاصل ڪيو. سندس ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هي مقابلو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شير ميربحر هندستان جي پهلوان کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏئي پنهنجو پاڻ مڃرايو. شير ميربحر جو هڪ ٻيو يادگار مقابلو لکي بنگلي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. جيڪو ان وقت جي صدر پاڪستان محمد ايوب خان ۽ سابق واليءَ رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر گڏجي ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير مير بحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني. هن مقابلي ۾ ايون خان کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو اٿي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو، انعام ڏنو ۽ هٿ ملائي چيائين ته، شير واقعي شير آهي. شير ميربحر جيڪڏهن پهرين ملهه ڪرندو هو ته، ٻانهي ۾ هر گز نه ويهندو هو ۽ ميدان ۾ ئي پنهنجي مد مقابل جو انتظار ڪندو هو.
    شير مير بحر سڄي زندگي ملهه جي فن جي خدمت ڪندي گذاري. اهو هن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جو ملهه اڄ ڪلهه سنڌ جي اهم راند تسليم ڪئي وڃي ٿي. هن جي ذاتي ڪوشش سان 1974ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ شاندار ملاکڙو منعقد ٿيو، جيڪو پاڪستان ٽييلويزن تان به ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويو هو. ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتن ۽ جدوجهد کي مدنظر رکندي، 1974ع ۾ ڀٽو حڪومت کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو، ليڪن 1984ع ۾ شير مير بحر جڏهن بڪين جي بيماري سبب سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. جنهن ماڻهو سڄي حياتي ملڪ ۽ فن جي خدمت ڪندي گذاري، افسوس جو ان ماڻهو جي عمر جي آخري حصي ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ نوڪري ختم ڪري سندس دل آزاري ڪئي وئي ۽ پاڻ انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985ع تي انتقال ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ پهلوان شيرميربحر تعلقي ڪنڊيارو ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي.
    ________________________________________________________________________
    (ڪتاب "مارو جي ملير جا" مرتب: خادم حسين چانڊيو، ڇاپو پهريون 2004ع، ص-335-336، تان ورتل)


    ملهن جي مختصر فهرست

    انهي وقت جي پهرئين جوڙ جي ملهن جو تفصيل ته مٿي لکي آيو آهيان. ٻئي ۽ ٽئين دور جي ملهن جي فهرست به هتي پيش ڪريان ٿو جنهن ۾ پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا ناميارا ملهه اچي وڃن ٿا.
    شير ميربحر، هاشم شيدي، حاجي شيدي، دلاور شيدي، ٽيئي اَڪ شيدي جا پٽ، ٻيراڻيءَ لڳ ٽنڊي آدم جا رهواسي، هوشو شيدي هالائي، هينڊل مڪراني ٺٽائي، سومر مرکنڊ، عبدالڪريم ميربحر، انب شيدي ماڃرائي، سندس پٽ بکر شيدي ماڃرائي ۽ شير شيدي ماڃرائي، يڪو خاصخيلي ڊگهڙيءَ وارو، مُلان شيدي، موري منگر وارو، مٽر شيدي ماڃرائي، شير ميربحر، قلب علي جتوئي، گاهي ٻرڙو، لوهار شڪارپوري، جوڳي، مولو لاشاري، مولا بخش جمالي، عمر شيدي ماتلائي، گل فقير شيدي ماتلائي، محمد علي شيدي ماتلائي، جمعون "چمڙو" شيدي ماتلائي، عارو شيدي ماتلائي، مُبو شيدي ماتلائي، جهنگلي شيدي ماتلائي، ڇُٽو شيدي ماتلائي، الهه بخش نظاماڻي ٽنڊو سومرو، نبو قهيري، ڄام شيدي ڳوٺ دٻهڙو، سڀاڳو شيدي ۽ سندس ڀاءُ مورائي شيدي ڳوٺ ڦڙدي وارا جمالي، سٺ پالڪي جو استاد لکو شيدي ويٺل ڳوٺ ڦڙدي وارا جمالي، اسماعيل رند ويٺل ڳوٺ شاهه مدار جمعون ٽنگڙي ۽ ڪي ٻيا هيا.
    موجوده دور جي ملهن ۾، سيد سمن شاهه، ولاڻون پنجابي، درو عالماڻي، نواز علي رند، غلام قادر لغاري، عبدالرحمان لغاري، جانو صابرو، شيرگوپانگ، فريد گوپانگ، غلام سرور جتوئي، الهه جڙيو سمون، دادلو شيدي، ڪريم بخش شيدي، سائينداد ٿريو، علي خان ملوڪاڻي، محبوب لغاري، صديق شيدي، اسماعيل شيدي، نبن جمالي، حاجي خُشڪ، خُدو خاصخيلي، ڇُٽو ساٽي، ساجن ڪوريجو، قادر بخش ميربحر، علي محمد ڪوريجو، حسين بخش راوڙي، در محمد عالماڻي، محمد بخش رند، وڏل پالاري، انهيءَ مٿئين پهرين جوڙ جي اڳواڻي ۽ قيادت شير ميربحر ڪري رهيو آهي.
    ________________________________________________________________________________________________
    (ڪتاب: ڪيئي ڪتاب، ليکڪ: رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، جلد پهريون ، ڇاپو ٽيون ، جنوري 2008 ع ، ص-344-343)


    ملهه، شيرميربحر

    پهلوان جون ٻه ملهون ٿين، پر ماريو انهيءَ جنهن پوئين ملهه ماري، ملهه ڪندي جيڪڏهن ڪنهن به پهلوان جو گوڏو يا تري کُتي يا جسم جو ڪو به عضوو پٽ تي لڳو ته اُن هارايو پر جي هڪ ئي وقت ٻنهي پهلوانن جا عضوا پٽ تي لڳا ته وري ٻي ملهه ٿيندي. ائين پهرين ملهه جنهن پهلوان ماري سو پڙ جو چڪر هڻي، انعام وٺندو ۽ جنهن هارايو سو وڃي ٻاري ۾ ويهندو. ائين ساهي پٽي ٻي ملهه ڪندا. پوءِ جنهن ٻي ملهه ماري اُن کٽيو ۽ ان کان هارائيندڙ پهلوان جو پلاندي اُٿي پلاند وٺندو. کٽيندڙ پهلوان انهي سان به ٻه ملهون ڪندو، جنهن پوئين ملهه ماري ان کٽيو ۽ اهڙي ريت ملهون ٿينديون اينديون. ملاکڙو هلندو رهندو. تان جو سج لهندو ۽ ملاکڙو باهڙبو، ائين هر ميلي ۾ ٽي ڏينهن ملاکڙو ضرور ٿئي. اڳي هن راند ۾ جهلڻ، گوداورو، ٻرڙو، الهه بچايو ۽ مهر وغيره مشهور پهلوان ٿي گذريا آهن. جنهن کان پوءِ وري هينڊل، هوشو ۽ شير ميربحر وارن سُٺو نالو ڪڍرايو، مرحوم شير ميربحر پنهنجي وقت جو نالي وارو ملهه ٿي گذريو آهي. هي پهرئين جوڙ جو ملهه هو ۽ هن سال 63-1962ع ۾ يورپ جي مشهور پهلوان زيبسڪو کي هارائي شاندار سوڀ حاصل ڪئي هئي. هن وقت گوپانگ، جمادار، يڪو خاصخيلي، غلام سرور جتوئي ۽ سيد سمن شاهه سُٺي ملهه ڪن ٿا.
    (ڪتاب: سنڌ جون رانديون،
    تحرير : عادل سخيراڻي ، ترتيب: ملوڪ لنڊ، دادو )


    پهلوان شير ميربحر

    ملهن جو مهندار، مَلههُ پهلوان شير محمد ميربحر 21 جنوري 1924ع ۾ ڪنڊيارو تعلقي ۾ جنم ورتو. تعليم جي لحاظ کان پنج درجا پاس هيو. هي سنڌ جي سڀني ملهن کان وڌيڪ معتبر، انگ، اکر، هڏ ڪاٺ، سونهن ۽ طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. تمام وڏي نالي وارو پهلوان ٿي گذريو آهي.
    پهلوان شير ميربحر 30 سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست ۽ ڇانيل رهيو. سندس پهريون استاد سندس ئي تعلقي جو مشهور پهلوان لقمان خان خشڪ هيو جنهن بعد هن پهلوان محمد اسماعيل بڙديءَ کان ملهه جي تربيت ورتي. ان بعد شير ميربحر شڪارپور جي مشهور پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ جو باقاعده شاگرد ٿي رهيو. شير ميربحر ننڍي عمر ۾ ملاکڙن جي سونهن بڻجي شهرت جي افق تي پهچي ويو، وقت جي مڙني ناميارن پهلوانن سان سندس زبردست مقابلا ٿيا جنهن ۾ پهلوان شير ميربحر کي هر ميدان تي سَرسِي ٿيندي هئي. پهلوان شير ميربحر جو چوڻ هيو ته : "دنيا جو ڪو به طاقتور پهلوان اسان کي ملهه ۾ شڪست نه ٿو ڏئي سگهي." ان چئلينج جي موٽ ۾ ڀولو برادران سندس چئلينج قبول ڪيو. ميرپورخاص ۾ ان وقت جي ڪمشنر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جي سرپرستيءَ ۾ شير ميربحر سندس مقابلو يڪي خاصخيليءَ سان هيئن چئي ڪرايو ته: 'هنن ڀولو پهلوانن لاءِ ته منهنجو يڪو ئي ڪافي آهي'. واقعي ٿيو به ائين. پهلوان يڪي خاصخيليءَ ڀولو برداران کي هميشه لاءِ ملهه جي ميدان کان ڀڄائي ڇڏيو. ان بعد بين الاقوامي ليول تي شير ميربحر جو مقابلو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. سال 1966ع ۾ حيدرآباد نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيو ۽ يوگوسلاويڪيه جي مشهور پهلوان زيبسڪو سان هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي پهلوان قطب علي خان جو مقابلو جاپان جي پهلوان رابرٽ سان ٿيو. شير ميربحر زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. ان بعد مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ سال 1968ع ۾ هالا دنگل جي نالي سان پهلوان شير ميربحر جو مقابلو يوگوسلاويڪيه جي مشهور پهلوان زيبسڪو سان ٿيو، جنهن ۾ شير ميربحر زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. هز هائينيس مير علي مراد خان ٽالپر واليءِ رياست خيرپور ميرس جي تاج پوشيءَ جي موقعي تي پهلوان شير ميربحر، انب شيدي، هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪرانيءَ کي دسي، وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سندس اهليه رعنا لياقت علي ۽ صدر ايوب خان کان انعام حاصل ڪيو. هي مقابلو سال 1951ع ۾ خيرپور ۾ ٿيو.
    پهلوان شير ميربحر سچ پچ ته ملهن جي سونهن ۽ ملاکڙن جو سينگار هيو. عمر جي آخري حصي ۾ اڀرندڙ پهلوان الهه جڙئي سمي سان خيرپور ۾ ڪمشنر اسلم باجوا جي سرپرستي ۾ چئلينج مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٻئي پهلوان نبري نه سگهيا. شير جو رستم سنڌ وارو لقب برقرار رهيو، جڏهن ته الهه جڙيو سمون کي فخر سنڌ جو لقب مليو.
    پهلوان شير ميربحر ملهن جو نيشنل ڪوچ پهلوان ٿي رهيو، آخر ۾ بُڪين جي تڪليف سبب ڪسمپرسيءَ ۾ 28 مارچ 1985ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس شاگردن جو ملهه جي ميدان ۾ وسيع حلقو اڄ به موجود آهي، جن ۾ محمد بخش بڙدي پهلوان، سينگار سنڌ پهلوان در محمد عالماڻي، شير گوپانگ، رستم دادو، پهلوان غلام قادر لغاري وغيره قابل ذڪر آهن. مائٽن جهڙو سندس نانءُ رکيو قدرت اهڙُ ئي کيس شير بنايو. سندس پوشاڪ، ملهه وڙهڻ جو انداز، هلڻ گهمڻ، ٺاٺ کي سنڌ جا ماڻهو هميشه ياد رکندا اچن. مڙني ملهن ۾ وڏي عزت ۽ شهرت ماڻيائين. کيس محبت ديري ڀرسان پنهنجي ڳوٺ شير ميربحر ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هر سال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي، ملاکڙو به لڳندو آهي. پهلوان شير ميربحر پنهنجن پٽن تي وڏي محنت ڪئي پر هو سٺا ملهه نه ٿي سگهيا. شير ميربحر پنهنجي مدِ مقابل پهلوان کان اتفاقاّ پهرين ملهه ڪري پوندو هيو ته هو ٻي ملهه تائين جوش ۾ ميدان تي ڦرندو رهندو هيو، جڏهن پوئين ملهه شير دسي سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. شير تمام وڏو ملهه ۽ انگن اکرن جو بادشاهه طاقتور پهلوان هو. هڪ دفعو صدر ايوب جي زماني ۾ BD ميمبر به ٿيو. هن صدر ايوب ۽ گورنر موسيٰ خان کان به انعام حاصل ڪيا، هي ملهن جو نيشنل ڪوچ پهلوان هيو.
    (ڪتاب: ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾،
    مرتب: اسلم عباسي، صفحه : 190 کان 192 تائين )


    ڪتاب ٺارو شاهه جنڪشن

    سنڌ ۾ الهڏني مبيجي ۽ لالي ڦل کانپوءِ هڪ ٻيو ۽ نئون ملهه "شير ميربحر" اُڀريو آهي!
    اصل ۾ اهو هتي ئي دليپوٽن جي موريل شاهه جي ملاکڙي جي پيداوار آهي ! ٻيلي کاتي جي جمعدار جو پٽ يا ڀائٽيو آهي. اسان ننڍا هئا سون ته ڏسندا هئاسون، کَتيجان واري جاءِ ۾، جمعدار، جي ٺهرايل لانڍيءَ اڳيان، شاهي نم هيٺان، محمد بخش سهتو ۽ شير ميربحر، سڄو سڄو ڏينهن پيا ملهه سکندا هيا !
    تنهن ڏينهن شير خاص طور پار کان هت هليو آيو هو. هن پهرين حيات پنوهر کي ٻئي ملهون ماريون ۽ پوءِ....
    محمد بخش سهتي کي پوئين ملهه دسيائين!

    ( ڪتاب: ٺارُو شاهه جُنڪشن، عنوان: ناول، ليکڪ : عمرالدين 'بيدار' ،
    صفحه : 89 ، سنڌي ائڪيڊمي ڪراچي مان پڌرو ڪيو.)


    چئلينج

    ڀولو برادران طرفان شير ميربحر جي چئلينج تي غور
    لاهور 16- (ن – عبرت ) سنڌ جي مشهور ۽ مايه ناز پهلوان شير ميربحر طرفان تازو ڀولو برادران سان سندرو ڪرڻ جو جيڪو چئلينج ڪيو آهي سو اڄ ڪلهه هتي جي محفلن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. سمجھيو وڃي ٿو ته شير ميربحر جي چئلينج تي ڀولو برادران سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيا آهن ۽ امڪان آهي ته هو جلد انهيءَ چئلينج جو جواب ڏيندا.
    اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن اهو مقابلو ٿيو ته ان کي سڄي ملڪ جو عوام دلچسپيءَ سان ڏسندو . واضع رهي ته شير ميربحر ڀولو برادران کانسواءِ جپان جي پهلوان انوڪيءَ کي پڻ ملهه وڙهڻ جي دعوت ڏني آهي.

    انوڪي مونسان مقابلو ڪري
    شير ميربحر جو جپاني پهلوان کي چئلينج!
    ڪراچي 14 – (نمائنده خصوصي) سنڌ جي مشهور ملهه شير ميربحر جپان جي پهلوان اينٽو نيو انوڪيءَ ۽ ڀولو برادران کي چئلينج ڪيو آهي ته هو ساڻس ڪٿي به ملهه جو مقابلو ڪن .
    شير ميربحر، تازو انوڪي ۽ محمد علي قلعي جي وچ ۾ ٽيليويزن جو مقابلو ڏسڻ کانپوءِ ٻنهين پهلوانن کي اخبار ذريعي چئلينج ڪيو هو. هو ڏانهن ڀولو برادران جو مئنيجر هن ڏس ۾ ٽوڪيو به ويو جتي هن انوڪيءَ سان ملي ڀولو برادران جو چئلينج کيس ڏنو انوڪي اهو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي ۽ ڊسمبر ۾ پاڪستان اچي رهيو آهي. شير ميربحر جو چوڻ آهي ته انوڪيءَ کي مون به چئلينج ڪيو هو پر آءُ پنهنجو ڪو به مئنيجر وغيره ٽوڪيو موڪلي نه سگھيس بحر حال منهنجو اڄ به انوڪيءَ کي چئلينج آهي. هاڻ هو جڏهن پاڪستان اچي رهيو آهي ته کيس مون سان ڪنهن به هنڌ مقابلو ڪرڻ گھرجي . مان هن سان هر طريقي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان . شير ميربحر چيو آهي ته تڪبر کان هزار بار توبهه آهي باقي انوڪيءَ کي آئون هڪ ئي سٽ ۾ ڊاهي وجھندس. هن چيو ته محمد عليءَ ۽ انوڪيءَ جو مقابلو دراصل ان ڪري ڪامياب نه ويو جو محمد علي بنيادي طورتي باڪسر آهي ۽ انوڪي زور آزمائي ڄاڻي . شير ميربحر چيو آهي ته زور آزمائي ۽ انوڪي مون کان هرگز چڙهي نه سگھندو ۽ مان کيس زبردست شڪست ڏيندس . هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته انوڪي سندس چئلينج قبول ڪندو.


    ملهه پهلوان شير مير بحر جو ڇرڪائيندڙ خط

    محترم خان محمد پهنور ، جيئن ته اوهان اخبار ۾ پڙهيو هوندو ته، منهنجي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي، جنهن ڪري شروع ۾ سول اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ٿيس، بعد ۾ وڌيڪ طبيعت جي خرابيءَ باعث سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيس جتي اڄ مونکي چوڏهن ڏينهن ٿيا آهن، هاڻي طبيعت ۾ ڪافي فرق آهي، اسپتال ۾ سائين ظفر علي شاهه وزير خوراڪ سنڌ، جن طبيعت پڇڻ آيا هيا جنهن لاءِ سندس لک ٿورا ۽ احسان، پر حڪومت طرفان منهنجي علاج لاءِ ڪجھ به نه ڪيو ويو آهي.
    پر ان جي ابتڙ منهنجي ڪوچ طور نوڪري به ختم ڪئي وئي آهي. هڪ ته مان اسپتال داخل آهيان ٻيو وري مٿان نوڪري به ختم!
    سائين! مان واحد سنڌ جي راند (ملهه) جو ڪوچ هئس جنهن جي سروس پاڪستان اسپورٽس بورڊ ختم ڪئي آهي. توهان پنهنجي ڪالم ذريعي حڪومت پاڪستان، حڪومت سنڌ جي اعلي اختياري وارن جو ڌيان ڇڪايو ته "ملهه" اسانجي قومي راند آهي ملهه سنڌ جي ثقافت آهي، جئين موهن جي دڙي جي ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي تئين اسانجي "ملهه" به سنڌ جو قديم فن آهي، جنهن جي سرڪاري طرح سان سرپرستي ڪئي وڃي ته جيئن هي فن زندهه رهي سگھي.
    آخر ۾ مان اوهان کي ۽ سنڌ جي وزيرن، سيد ظفر علي شاهه، عبدالغفور ڀرڳڙي، قاضي عبدالمجيد عابد، سردار غلام محمد مهر، جسٽس غوث علي شاهه ۽ وفاقي وزير دفاع مير علي احمد ٽالپرصاحب جن کي هن ڪالم ذريعي گذارش ڪندس ته هو صاحب ذاتي دلچسپي وٺي ملهه جي فن جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪن ۽ منهنجي ملهه جي قومي ڪوچ طور نوڪري بحال ڪرائين ۽ منهنجي علاج جو سرڪاري طرح بندوبست ڪيو وڃي.
    مان اوهان کي به گذارش ٿو ڪريان ته هن خط کي پنهنجي ڪالم ۾ جاءِ ڏيندا ته احسانمند رهندس .
    رستم سنڌ پهلوان شير ميربحر
    ميڊيڪل وارڊ نمبر- 1
    سول اسپتال ڪراچي، (هلندڙ)

    (نوٽ: شير جو هي خط 80 واري ڏهاڪي ۾ روزاني عبرت حيدرآباد، ۾ ويچار جي سري هيٺ خطن جي سلسلي جي انچارج، خان محمد پهنور ڏانهن لکيل آهي؛ جنهن جي ٻين قسط اسانکي شير ميربحر جي خطن واري ڊائريءَ مان ملي آهي. جيڪو جيئن جو تيئن پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو. مرتب)


    عيادت

    محترم سيد ظفر علي شاهه (صوبائي وزير خوراڪ ۽ زراعت)

    ڪراچي: خوراڪ ۽ زراعت واري صوبائي وزير سيد ظفر علي شاهه اڄ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي قومي رانديگر رستمِ سنڌ پهلوان شير ميربحر جي عيادت ڪئي. وزير، سنڌ جي برک ملهه پهلوان کان سندس تندرستيءَ بابت پڇيو. هن ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته سندس چڱي طرح علاج ۽ خيال ڪيو وڃي.
    (روزانه هلال پاڪستان ڪراچي .14 جون 1984ع)


    مسٽر الهه بخش سومرو (ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ)

    ڪراچي: سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مسٽر الهه بخش سومري سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر جي عيادت ڪئي آهي ۽ پروفيسر اديب الحسن رضويءَ سان پهلوان جي بيماريءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي . ياد رهي ته رستمِ سنڌ پهلوان شير ميربحر ڪافي وقت کان سول اسپتال ڪراچيءَ جي يورولاجي وارڊ ۾ گڙدن جي خرابيءَ سبب زير علاج آهي. شير ميربحر جي طبيعت هاڻي ڪافي سڌرندڙ آهي . شير ميربحر پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي چونڊيل سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته هو دلچسپي وٺي سندس نوڪري جيڪا پاڪستان اسپورٽس ختم ڪئي هئي اها بحال ڪئي وڃي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ سندس علاج ڪرايو وڃي . واضع رهي ته پهلوان شير ميربحر واحد سنڌي ڪوچ هو.
    (روزاني عبرت حيدرآباد، 18 جون 1984 ع روزانه جنگ ڪراچي 18 مارچ 1984ع)


    تعزيتي تاثرات

    ليفٽينٽ جنرل جهانداد خان
    (گورنر سنڌ)

    رستمِ سنڌ، شير ميربحر جو اوچتو وڇوڙو ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن تي دل ڏکاري آهي جنهن تي هاڻ ڏکاريءَ دل سان افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. دعا ٿي ڪجي ته الله تعالي شير ميربحر جي گھر وارن ۽ سوڳوار سڄڻن کي صبر وَ تحمل عطا فرمائي.

    قاضي محمد بخش ڌامراهه
    (اڳواڻ ، پ پ پ سنڌ )
    ملهه جي ميدان ۾ شير ميربحر جون ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. هي سنڌ جو ناقابل شڪست پهلوان هيو. رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. ۽ پونئيرن کي هي صدمو سهڻ جي سگھه عطا فرمائي.

    صحافي محرم علي ڀٽي
    (سيڪريٽري:نوابشاهه ملاکڙا آرگنائيزيشن ڪاميٽي)
    شير ميربحر جي وڇوڙي جو گھاءُ صدين تائين گهرو رهندو، سندس وڇوڙي سان ملهه جي فن ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو سوين سالن تائين سالن تائين ڀرجڻ جوڳو نه آهي.

    سيد غلام مهدي شاهه ڪاظمي
    (اڳواڻ:جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٽنڊو آدم)
    شير سنڌ، شير ميربحر سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر جي سونهن هيو، سندس اوچتو وڇوڙو برداشت کان گھڻو آهي. سندس اهڙي وڇوڙي سان سنڌ جي قومي ثقافتي راند ملهه ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي جنهن کي ڀرڻ جي لاءِ صدي گھرجي . شال! حورن جي هنج ۾ هجي.

    ڄام نظام الدين ڀاڳت

    (جنرل سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو هاسٽل)
    سنڌ جي نامياري پهلوان شير ميربحر جي اوچتي وفات تي سنڌ ڏکاري آهي، مرحوم جون ملهه لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي، هو سنڌ جي قومي راند ملهه جو هيرو هيو.


    درمحمد ملاح صحافي
    (بکري)

    شير ميربحر، پهلوانيءَ جي ميدان ۾ دنيا جي مڃيل پهلوانن کي شڪست ڏئي دنيا ۾ پاڻ مڃايو، سندس اوچتو وڇوڙو سنڌي ڪلچر جو وڏو نقصان آهي .هو سنڌ جي قومي راند ملهه جو هيرو هيو. سندس وڇوڙي جو درد صدين تائين ياد رهندو، شير اهڙو ماڻهو هيو جنهن لاءِ چئي سگھجي ٿو ته: اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن ......!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259784
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386716
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ