ڪتاب جو نالو: ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس
مصنف: مشڪور ڦلڪارو
ڇپائيندڙ: لاڙ هيومينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 4153 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 784 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • پنهنجي پاران
  • • مهاڳ : ٿر ٿر اندر ٿاڪ
  • • لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ ۽ سائنس هڪ جائزو
  • • ٿر جي لوڪ ڏاهپ، سائنس ۽ ترقي جو راز
  • ڀاڱو پهريون

  • • ٿرپارڪر ڇا آهي
  • • ٿر جي انتظامي ۽ قدرتي طبعي ورهاست
  • • ٿر جي معاشي حالت ۽ گذر جا وسيلا
  • • ٿر ۽ برسات
  • • ٿر جي زراعت ۽ پوکون
  • • ٿر جا کوهه ۽ پاڻي جو مسئلو
  • • ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جو لاڳاپو
  • • سنبت وڪرمي سال جي عيسوي ڪئلينڊر سان نسبت ۽ نکٽ
  • • ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ سڪار ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ ۽ سائنس
  • • آسمان ، سج ، چنڊ ۽ تارا
  • • ڪڪر
  • • ماڻهون، ڌاتوءَ ۽ کاڌا
  • • پکي
  • • جيت
  • • وڻ ۽ ٻوٽا
  • • جانور
  • • برسات لاءِ مينهن نماز
  • • برسات لاءِ سوڻ ۽ ساٺ
  • • ڏياري جو ڏڻ
  • • اکڻ ٽيج يا آکاٽيءَ جو ڏڻ
  • • هوليءَ جو ڏڻ
  • • ٿڌڙيءَ جو ڏڻ
  • • ڏڪارجي وصف
  • • ڏڪار جا قسم
  • • چئو ماسي جي اصل حقيقت
  • • ٿر جو سماج ۽ ڏڪار
  • • ٿري ماڻهن جي سڪار ۾، ڏڪار جي مقابلي جي تياري
  • ڀاڱو ٻيون

  • • ٿر جي لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي اهميت ۽ ٿر جون ٻوليون
  • • ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون
  • • سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي
  • • ڪتاب جي تياري ۾ مدد ڪندڙ مهربان
  • • مددي ڪتاب

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (158) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس“ تحقيق تي مشتمل آهي جنهن ۾ ٿر جي سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون پهاڪا ۽ چوڻيون سهيڙيون ويون آهن. هن اهم ڪتاب جو محقق، ناميارو ليکڪ ۽ تاريخ جو ڄاڻو مشڪور ڦلڪارو صاحب آهي.
    ياد رهي ته هي ڪتاب لاڙ هيومينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جون سڀ ڪاپيون وڪامجي ويون آهن ۽ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهي. اسان ٿورائتا آهيون لاڙ هيومينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام جي دوستن ۽ سائين مشڪور ڦلڪاري صاحب جا جن ڪتاب جي اهميت کي سمجهندي ۽ ماڻهن جي بيحد اسرار تي ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • پنهنجي پاران

    سنڌ جو ٿرپاڪر وارو ڀاڱو مرڪن ، لڙڪن ،اوسيئڙن ، آسن ، وڇوڙن ، ميلاپن ، وطن سان پيار ، انسان دوستي، سچائي ، عشق، سهپ ، سخا ،سورهيائي ۽ همتن سميت سڀني انساني جذبن جو آئينو آهي . هي خطو دنيا جي انهن ڀاڱن مان هڪ آهي ، جتي اڃان تائين تاريخ جو شروعاتي چراگاهي دور پنهنجن سڀني حرارتن سان نه صرف زنده آهي . پر هو پنهنجي سمورن انساني قدرن سان سگهاري صورت ۾ موجود آهي. سموري جديد سماجي لاڙن ۽ سهوليتن کان ڪوهين ڏورهتان جو سنڌي سماج اڄ به قديم سنڌ جي ويد ڪ د ور جي آخري نشاني آهي . خاص ڪري تاريخ جي شاگردن جي مطالعي لاءِ ٿر قديم سنڌي سماج جونه صرف عڪس آهي، پر هتي موهن جي دڙي جو ساٿاري قديم سنڌي سماج پنهنجي سموري سگهه سان ساهه کڻي پيو. ٿر جي مشاهدي سان معلوم ٿيندو ته جڏهن قديم زماني ۾ سائنسي مشاهدن جو سفر شروع ٿيو هو، ۽ اڃان سموريون ايجادون سماجي تجربن مان گذري رهيون هيون . ماڻهو سج ، چنڊ ، تارن ، نکٽن ، جانورن ، پکين ، جيتن زمين ۽ آسمان جي رنگن جي ڦير گهير جو مطالعو ڪري رهيا هئا . ان وقت سنڌ ي سماج انهي مشاهدن ، تجربن مان نه صرف نتيجا حاصل ڪري ورتا هئا . پر هنن پنهنجي زندگي جي سموري ڪار وهنوار کي به سائنسي ڄاڻ جي روشني ۾ هلائڻ شروع ڪيو هو .
    اڄ لکين سالن جي انساني ارتقا جو سفر الائجي ڪٿي وڃي پهتو آهي. اڄ جڏهن انسان ارتقائي سفر ۾ اڳتي هلندي ترقي جي اوچن مينارن تي بيهي پويان نهاري ٿو ته ، کيس پنهنجي انهي ترقي تي ناز ڪرڻ بجاءِ پنهنجن وڃايل انساني قدرن جي وڇوڙي تي ماتم ڪرڻو ٿو پوي ، انسان ايٽم بم کان به اڳتي ليزر شعاعن،اسٽار وار ۽ ٻي جنگي ٽيڪنالاجي ۾ ڌرتي جي گولي کي سيڪنڊن ۾ تباه ڪرڻ جو سامان ته ٺاهي چڪو آهي . پر معصوم ٻار جي مرڪ جو بقاءَ، ماءُ جي لوليءَ جي سلامتي ، پوڙهي جو سهارو، بکئي جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻه داڻا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندڙ ڌنار لاءِ گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي . هن وقت دنيا ۾ امن جو سوال اهڙي شدت سان اڀريو آهي ، جو انهي جي صحيح جواب ڏيڻ لاءَ اقوام متحده جون بين الاقوامي امن ڪانفرنسون به ڪو صحيح جواب ڏيڻ کان قاصر آهن . ڏينهان ڏينهن ڌرتي جو گولو دوزخ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي . موسمياتي ڦير گهير سبب انسان جي جياپي جا سمورا قدرتي وسيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن . جنهن سبب انساني وجود ڌرتي جي گولي تي هڪ سوال بڻجي ويو آهي . جنهن سوال جو جواب اڃان تائين ڪنهن وٽ به ناهي.

    پر دنيا جي ارتقائي ترقي کان پري ٿر جي ڀٽ تي بئنسري وڄائيندڙ ڌنار ، ٽي سئو فوٽن جي اونهائي وارن کوهن تان پاڻي ڀريندڙ پاڻياريءَ ، اڌرات جو جهاڙولا پائي، زهريلا نانگ ۽ بلائون لتاڙي ، مال جي پرگهور لهندڙ ڀاڳئي ، ٽوه جي داڻن جي رٻ پيئندڙ ٻار ۽ ٻني جي بٽئي تان ٻنيءَ جو سمورو لٿل ان کري منجهه ئي ورهائي خالي موٽندڙ هاري ، ان جي چوٿائي به ورهائي کائيندڙ گهر ڌياڻيءَ ۽ هڪٻئي جي بنا اجوري پٽڙي رٻ جي ڍڪ تي، مدد لاءِ آبٿ تي کلندي ڪڏندي همرچا ڳائيندي ، مدد ڪندڙ ڳوٺاڻا ، اڄ به پر امن سماج ۾ ساهه کڻن ٿا ، جتي جهنگ ۾ پهرايل ڍورن کي چوري ڪندڙ ڪو چور ناهي.جتي انڌي غيرت جي نالي ۾ ڪنهن نياڻي جو ڪنڌ ڪهاڙي جي وار کان حفاظت ۾ آهي . جتي ڪوبه دين ڌرم جو جهيڙو ناهي ، هڪ هندو ٺڪر جي نياڻي جي شاديءَ تي رخصتي هڪ مسلمان کان ڪرائي وڃي ٿي . جتي سنت نيڻوءَرام جي قائم ڪيل آشرم تي ، پکين ، جانورن ، نانگن بلائن جي پرگهور لڌي وڃي ٿي ، جتي سڀ انسان گڏجي ماني کائن ٿا . جتي کوهه تان پاڻي ڀريندڙ ماڻهو پنهنجي اڃ کي مسافر جي اڃ تي قربان ڪن ٿا . جتي لپ ان جي به ڪو لڪائي نٿو رکي، جتي ڏڪار سٽيل ماڻهو به پنهنجي ٻچن جي ماني ڳڀي مان مورن ۽ ٻين پکين کي چوڳو ڏين ٿا . جتي ائين لڳندو آهي ته انساني سماجي قدر ڄڻ دنيا جي ترقي يافته معاشري تي چٿرون ڪندا هجن . ٿر جتي لکين سالن کان سماجي ترقي جمود جو شڪار آهي . جتي جديد سائنسي ايجادن جو پاڇو به نه پهتو آهي. جتي جي ماڻهن کي ڏسي ائين لڳندو آهي ، ڄڻ هو گجگاهه ميلي مان انساني ترقي کان وڇڙيل معصوم ٻار هجن . انهي هوندي به ٿر جا ماڻهو جيئن پيا جاڳن پيا . جديد سائنسي ترقي کان وڃائجي ويل هي ماڻهو ايندڙڏڪار ۽ سڪارکان کان بيخبر ناهن . هنن کي سال جي شروعات ۾ ئي خبر هوندي آهي ته ايندڙ سال ڏڪار جي ڏنجهن کي منهن ڏيڻو آهي يا سڪار جي سونهن ڏسڻي آهي، ڇو ته فطرت سان گڏ هن ڪائنات جو هر منظر کين ايندڙ گهڙين کان واقف ڪندو رهي ٿو . اهوئي سبب آهي جو ٿرجو سماج موتمار ڏڪارن جو مقابلو ڪندي به زنده آهي. ٿر جا ماڻهو آزاريندڙ قحط ڏڪارن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن . موسمي اثرن جي ايندڙ حالتن کان هتان جو ٻڍو ٻار واقف آهي ، هو اڄ به تارن ، سج ، چنڊ ،نکٽن ، وڻن ، پکين ، جيتن ، جانورن ، آسمان جو رنگ ۽ هوائن جون سرگوشيون ٻڌي موسم جون پوري سال جون اڳواٽ اڳڪٿيون ڪن ٿا . سندن اهي اڳڪٿيون لکين سالن کان کين نتيجا ڏينديون رهن ٿيون .دنيا انهن کي وهم وسوسا ڀل سمجهي پر سندن صدين کان سنڀالي رکيل لوڪ ڏاهپ کين ڪڏهن به دوکو نه ڏنو آهي. اها تجربن مان گذريل سائنس آهي .
    اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته ٿر جي انهي لوڪ ڏاهپ جي سائنسي ڇنڊڇاڻ هن کان اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪئي آهي . ٿر تي لکيل سمورا ڪتاب ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي سائنسي ڇنڊڇاڻ بابت ڪو به مواد فراهم نه ٿا ڪن . انهي لاءِ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ ڏسيل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ ضروري آهي . انهي ڳالهه جي اهميت بابت منهنجي پياري دوست ۽ ايل ايڇ ڊي پي جي جاکوڙي آفيسر قيصراعظم سومرو جي مون سان اڳ ۾ ڪچهري دوران گفتگو ٿي چڪي هئي . اسان ٻنهي اهڙي قسم جي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو .

    مٿان وري انهي ضرورت کي محسوس ڪندي ٿر ۾ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي تياري لاءِ ڪم ڪندڙ اداري لاڙهيومينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام(ايل ايڇ ڊي پي) جي ايگزيڪيٽو ڊئريڪٽر اقبال حيدر ، ۽ ايل ، ايڇ ، ڊي ،پي . جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي مئنيجر فدا سومري ، جيڪي ڪافي وقت کان سماجي خدمتن ڪندي گهڻو ڪري سماج ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ واري سوچ سان ڪم ڪندا رهيا آهن . اقبال حيدر بنيادي طور غربت ۾ اک کولي ۽ غربت جي عذابن جي آويءَ مان پچي راس ٿيو. هن سماجي خدمتن جي دنيا ۾ پنهنجي انهن ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪري قدم رکيو ۽ پنهنجي وس آهر هو سماجي تبديلي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي . هن وٽ ملڪ مان غربت جي راڪاس ۽ قدرتي آفتن کي ڀڄائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي آهي . انهي ڪري هن ايل ،ايڇ ، ڊي ، پي . کي پاڪستان جي هڪ وڏي سٿ ، انڊس ڪنسور شيم سان ڳنڍي رکيو آهي ۽ هو ڪجهه سالن کان انهي سٿ جو باني چيئرمين پڻ آهي . جڏهن ته محترم فدا سومرو هڪ باصلاحيت نوجوان آهي . هي ڪيترن سالن کان ملڪ جي غربت سٽيل علائقن کان سواءِ ٿر جي علائقي جي غربت جي سببن ۽ سماجي حالتن تي گهري نظر رکندو پئي آيو آهي . انهي ڪري هن وٽ ملڪ جي پسمانده علائقن کان سواءِ ٿر جي ڏکن کي گهٽائڻ جي لاءِ هڪ جامع رٿابندي جو تصور پڻ آهي . هن دردمند نوجوان جي سماجي خدمتن واري جذبي کيس عاليشان سرڪاري نوڪري به ڇڏائي ، ۽ هو پڻ اچي محترم اقبال حيدر سان ٻانهن ٻيلي ٿيو . هنن ٻنهي ماڻهن جي نيڪ نيتي ۽ سماجي خدمتن جي عشق کي ڏسندي منهنجي دل ۾ سندن لاءِ وڏي عزت آهي . انهي ڪري جڏهن هنن ٻنهي گڏجي مون فقير کي انهي ڪم لاءِ اهل سمجهي رابطو ڪيو ۽ منهنجي حوالي اهو سمورو تحقيقي ڪم ڪيو . ته آئون هن ڪم جي اهميت کي محسوس ڪندي ، کين جواب نه ڏيئي سگهيس .سو نچڻ ته پوءِ گهونگهٽ ڪهڙا؟ . سو مون سندن انهي ڪم ۾ بغير ڪنهن لالچ جي هٿ وڌو. ايل ايڇ ڊي پي به هن ڪم جي اهميت کي ڏسندي تحقيق دوران منهنجي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۾ هر قسم جو تعاون ڪيو ، ايل ايڇ ڊي پي جي ذميوارانه ڪردار ۽ منهنجي عشق گڏجي هڪ ڪتابچي جي جاءِ تي هن ڪتاب کي جنم ڏنو.
    مون پنهنجي تحقيق جي ڪم جي طريقه ڪار کي ٽن حصن ۾ ورهايو، پهريائين مون سڄي ٿر جي سڀني طبعي ڀاڱن جو جائزو ورتو ۽ ٿر جي هر حصي جي نمائنده سگهڙن ، اديبن ، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين سان ڪچهريون ڪري ٿر بابت معلومات حاصل ڪئي . ڏڪار ۽ سڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيون . مون کي حيرت ٿي ته تمام مختصر نوٽيس تي مون سان هن ڏس ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ويو. ٿر جي خمير مان جنم ورتل انهن سگهڙن ، اديبن ، شاعرن، فنڪارن ، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن مون سان دل کولي ويچار ونڊيا . ۽ پنهنجي ٿر سان عشق ڪندڙ انهن ڏات ڌڻين ٿر جي سچائي جي ساک کي لانجهو نه ڪيو. آئون سندن انهي عشق سان ڀرپور جذبي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
    ٻئي مرحلي ۾ مون تعلقي ڏيپلي جي ٻن يونين ڪائونسلن ڊاڀڙو ۽ ٻولهاڙي جي ويهن ڳوٺن، جيڪي ايل ايڇ ڊي پي جي فوڪس ايريا جا ڳوٺ هئا . انهن جو تفصيلي دورو ڪيو، ۽ حالتن جي جائزي وٺڻ سان گڏ مون اتي عوامي سطح تي عام ڪچهريون ڪري . پهرئين مرحلي ۾ مليل ڄاڻ جي تصديق ڪئي ۽ انهن ڪچهرين ۾ مون کي نه صرف اڳ مليل مواد جي سچائي جي شاهدي ملي، پر وڌيڪ به نهايت قيمتي معلومات حاصل ٿي . ڇو ته ٿر سنڌ جو اهو ڀاڱو آهي، جتي اڃان خوراڪ ۾ زهريلن مادن جي شموليت نه ٿي آهي . هتي جيڪا به اڀري سڀري کاڌ خوراڪ واپرائڻ ۾ اچي ٿي سا نج آهي انهي ڪري باوجود بکئي ۽ ڏکئي هئڻ جي به هتي سراسري عمر ستر کان اسي سالن تائين عام آهي ، پر مون کي انهن ڳوٺن ۾ سئو سال کان به وڏي عمر جا ماڻهو مڪمل چست ۽ ڦڙت مليا. سندن حافظو به حيرت ۾ وجهندڙ هو. انهن عام ماڻهن ۾ ٿر سان عشق جو جذبو ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون . جنم ڀوميءَ سان ايڏو عشق شايد ئي ڪٿي ٻئي هنڌ ڏسڻ ۾ اچي. مون کي انهن ڪچهرين مان بي انداز ڄاڻ جوخزانو هٿ آيو. جن مان ڪيئي ڪتاب جڙي سگهن ٿا. پر جيئن ته مون کي هن ڪتاب ۾ صرف ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن ۽ ڏڪار ۽ سڪار ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڄاڻ ڏيڻي آهي. ان لاءِ انهن سوين ٿرواسين کان مليل اها ڄاڻ مون وٽ سندن پيل امانت آهي. جي موقعو مليوته ٿر بابت ڪيئي ڪتاب لکي سگهبا.
    ڪتاب جي مواد جي تحقيق جي دوران هڪ سوال سامهون آيو ته ، ٿر جي سڃاڻپ ڪارونجهر جبل ڪيترين جابلو ٽڪرين تي مشتمل آهي ، ۽ انهي سلسلي جا ٿر ۾ ٻيا ڪيترا جابلو ٽڪر يا ٽڪريون آهن . انهي سلسلي ۾ ٿر تي لکيل سڀ ڪتاب خاموش هئا . ڪنهن به سگهڙ يا ٿر جي اديب وٽ انهن جو مڪمل تفصيل موجود نه هو ، انهي لاءِ انهي اهم معلومات کي گڏ ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو . انهي سلسلي ۾ مون جڏهن ٿر جي سماجي ڪارڪن ۽ ڀلوڙ شاعر محترم امام علي جنجهي صاحب کي معلومات گڏ ڪرڻ جي گذارش ڪئي ، ته هن منهنجو ساٿ ڏيندي مسلسل هڪ هفتو پنهنجا سمورا ڪم هڪ پاسي رکي ، ڪارونجهر ۾ سالن کان مال چاريندڙ ڌنارن ، ماکيءَ لاهيندڙ پورهيتن ، ۽ جڙي ٻوٽين جي ڳولا لاءِ ڪارونجهر ۾ گهمندڙ سناسين سان ۽ ڀرپاسي جي عام ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪري مڪمل معلومات گڏ ڪرڻ ۾مدد ڪئي . ان کان علاوه ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ٽڙيل پکڙيل ٻين ٽڪرين جو تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ ٿر جي ڊرائيورن ۽ سڄاڻ استادن کان مڪمل تفصيل حاصل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو . ائين هي اهم معلومات هن ڪتاب جي زينت بڻي . سندس ساٿ ڏيڻ کانسواءِ آئون هي معلومات پڻ اڳين ليکڪن جيان پيش نه ڪري سگهان ها . ان لاءِ آئون محترم امام علي جنجهي صاحب لاءِ شاه جي هي سٽ دهرائيندس ته : ٿورا م ٿورا ، مونتي ماروئڙن جا .
    ٿر ۾ لوڻ جا سن ۽ انهن جو تفصيل هٿ ڪرڻ کان سواءِ ٻين به ڪيترن جاگرافي جي منجهيل سوالن حل ڪرڻ ۾ ايل ايڇ ڊي پي جي جاکوڙي ڪارڪن محترم مصري سرواڻي جو ساٿ به ساراهڻ جوڳو آهي . جنهن ٿر جي تحقيقي سفر دوران منهنجو هر قدم تي ساٿ ڏنو.

    ايل ايڇ ڊي پي جي فوڪس ايريا طور تعلقي ڏيپلي جي چونڊ کي به ساراهيندس ، ڇو ته تعلقو ڏيپلو ٿر جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ڀاڱو آهي. هتي برسات به ٿر جي ٻين حصن کان گهٽ پوي ٿي. موسمي ۽ زميني تبديليون به هتي وڌيڪ آيون آهن. هتي جي زرعي زمين لوڻ جي سنن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هتي وڻن ۽ گاهن جا ڪيترا قسم ناياب ٿي رهيا آهن. ان ڪري ڏڪار جي شدت به ٿر جي هن تعلقي ۾ وڌيڪ رهندي آئي آهي.هتي جا ماڻهو ڏڪار جي عذابن ۾ جنهن همت سان جي رهيا آهن ، اها به هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي . سندن انهي جياپي جي لاءِ همت ۽ بهادري کي ڏسي انساني عظمتن کي سلام ڪرڻو پوي ٿو .
    مون پنهنجي ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ٿر جي انهن سڀني عاشقن جا نالا ڏنا آهن. جن جي ساٿ ۽ دل کولي حال ٻڌائڻ کان سواءِ مون جهڙو ڏڏ ماڻهو هي ڪتاب نه لکي سگهي ها . انهي ڪري آئون هن ڪتاب جي سرجڻهارن ۾ انهن سڀني ماڻهن کي شامل ٿو ڪريان. ۽ انهن سڀني ماڻهن جي درياءَ دلي، محبت ، شعور، ساڃاه ۽ وطن جي عشق کي سئو سلام .
    ٽئين مرحلي ۾ مون انهي سموري مليل ڄاڻ مان ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن کي ڌار ڪيو ، ۽ انهن اهڃاڻن جي اصل حقيقت جي سچائي ڄاڻڻ لاءِ ، مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ جديد سائنس جي ماهرن سان رابطو ڪري هڪ سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي ، انهن سائنسدانن جي مطالعي ۽ غور فڪر لاءِ مون ۽ ڪلتارگل ٿر مان هٿ ڪيل ڏڪار ۽ سڪار جي باري ۾ سمورن اهڃاڻن جو دستاويز انهن جي حوالي ڪيو . جن جي هڪ مهيني جي انفرادي غور ويچارڪرڻ کان پوءِ مون ، اقبال حيدر ، فدا سومري ۽ ڪلتار گل ، سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي جي سائنسدانن سان گڏجاڻيون ڪري مسلسل گڏيل ويهڪن ۾ هرهڪ اهڃاڻ جي جديد سائنس جي روشني ۾ڇنڊڇاڻ ڪئي ، انهي بعد هر لحاظ کان مطمئن ٿي هنن اهڃاڻن بابت غلط يا صحيح هئڻ بابت تصديق ڪئي . جنهن بعد انهن اهڃاڻن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي . اهڙي ريت هن ڪتاب جا ٽيئي تحقيقي مرحلا مڪمل ٿيا . انهن سائنسدانن جا نالا پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن . سائنسي ڇنڊڇاڻ دوران پابندي سان وقت ڏيڻ ۽ دلچسپي وٺي کليل بحث ڪري سائنسي نتيجا اخذ ڪرڻ جي محنت جي جذبي ، هن ڪم جي اهميت کي سمجهندي ذميوارانه ڪردار ادا ڪرڻ تي آئون سائنسي ڪميٽي جي سڀني سائنسدانن جي وطن سان عشق ۾ گذاريل گهڙين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس .
    انهن قابل فخر سائنسدانن ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي سائنسي روشني ۾ جيڪا زندگي ڏني آهي ، سا سڄي قوم لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي جديد سائنس جي روشني دنيا جي اڳيان اهو ثابت ڪندي ته ، سنڌ جتي پنهنجي بزرگن جي انسان دوست فڪر سان ، پر امن بقاءِ باهم ، ترقي بني آدم ، اتحاد انساني ۽ امن عالم ، جهڙن زرين اصولن سان دنيا کي اڄ به ارتقائي ترقي جي راهه ڏسي سگهي ٿي ، اتي سائنس جي علم ۾ به سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۾ لڪل ڪيئي ڳجها راز آهن ، جيڪي هن ڪائنات جي لڪل گوشن کي به نروار ڪري سگهن ٿا . آئون سنڌ جي انهن وطن دوست سائنسدانن جو پڻ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ، جن صاحبن مون فقير جي عرض کي اگهايو ۽ پنهنجي سائنسي پورهئي کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري ، هن ڪتاب کي سونو نڪ وڌو. آئون پروفيسر مٺل جسڪاڻي صاحب جي بي لوث ساٿ نڀائڻ لاءِ پڻ سندس ٿورا مڃان ٿو. ان سان گڏ آئون سنڌ جي تجربيڪارسائنسي علم جي ماهر محترم پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين سومري صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان ، جنهن هن ڏکئي ڪم دوران سائنسي تحقيق ۾ منهنجي وک وک تي رهنمائي ڪئي . ان بعد مسودي جي سائنسي نقطه نگاه کان نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجو ڀرپور رايو به لکيو .سندس رهنمائي کان سواءِ هي ڪتاب شايد اڌورو رهجي وڃي ها . آئون محترم پروفيسر شمس الدين تنيي صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان . جنهن هن ڪتاب جي سائنسي معلومات جي ٻيهر نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجو عالمانه رايو لکيو . آئون ٿر جي محقق محترم پروفيسر نوراحمد جنجهي صاحب جو پڻ شڪرگذار آهيان جنهن هن ڪتاب جي باري ۾نه صرف عالمانه مهاڳ لکيوپر هن ڪتاب جي ٿر بابت معلوماتي ۽ لوڪ ادب جي مواد جي پڻ نظرثاني ڪئي. جيئن ڪنهن غلطي جي گنجائش نه رهي .
    ٿر تي هن کان اڳ ۾ به ڪجهه ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا آهن. جن ۾ انهن ڪتابن جي ليکڪن ٿر جي معلومات ڏيڻ ۾ وسانءَ نه گهٽايو آهي . ٿر جي معلومات جا اهي ڪتاب هڪ طرف لوڪ ادب ۽ تاريخ ته ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ جو سرمايو آهن . پر ڏڪار سڪار جي تفصيلي اهڃاڻن ۽ انهن جي سچائي جي جديد سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ۽ خالص ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار بابت پهاڪن ۽ چوڻين تي لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. منهنجي هن ڪتاب لکڻ وقت اها به ڪوشش رهي ته هن ڪتاب ۾ اڳ ڇپيل ڪتابن مان مواد جي تصديق کان سواءِ ڪا مدد نه ورتي وڃي . سمورو مواد جانچي جونچي تسلي ڪرڻ کان پوءِ شامل ڪيو وڃي . ڪتابن مان حوالا هو بهو جيئن جو تيئن نه لکيا وڃن . پر خود وڃي تصديق ڪجي ۽ مڪمل پڪ ڪرڻ کان پوءِ انهي مواد کي شامل ڪيو وڃي . ڇو ته منهنجي هن ڪتاب لکڻ جو اهو به مقصد آهي ته ، تحقيق جي دنيا ۾ هڪ گڏيل ڇنڊڇاڻ جي رجحان جو بنياد وڌو وڃي . جنهن تي اڳتي هلي مستقبل جا محقق عمل ڪندي ، سنڌي ٻولي ۾ جديد تحقيقاتي لاڙن جي روشني ۾ ڪتاب لکن . ڇو ته موجوده ترقي جي بين الاقوامي ڊوڙ ۾ خالي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن جي اهميت هاڻي نه رهي آهي . اسان کي پنهنجي ٻولي جي بقاءَ لاءِ نوان رجحان ۽ لاڙا پيدا ڪرڻا پوندا ، جنهن ڏس ۾ عشق جي جذبي جي ضرورت آهي .
    مون فقير جو هي پيار جو پورهيوڪيئن آهي . انهي بابت ڪجهه چوڻ پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ جي برابر ٿيندو. شال منهنجو هي پورهيو پڙهندڙن وٽ قبول پوي .

    - مشڪورڦلڪارو


    • مهاڳ : ٿر ٿر اندر ٿاڪ

    ڀٽ جي ڀٽائي، شاهه عبداللطيف ٿر جو ڏيک ڏسي، جڏهن اُنهن مشاهدن کي من ۾ محفوظ ڪيو هو ته هُو هِن نتيجي تي پهتو هو ته
    ننگا آهيون نِڱئا، اسين مارو لوڪ،
    ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، ڍڪ ڍاٽيئڙن جو.
    سٻاجهن، سادن، سهپ وارن مارن جو ڍَڪُ، چؤپلاندو فطرت جو اهڙو حسين شاهڪار جنهن جي سونهن پرکنڊين پڌري آهي، جنهن جي خوشحالي ته بيشمار ماڻهن کي موهي ٿي ، پر خيرن سان هِن خطي جي ڏک حالي به ڪيترن موذين جي مال ميڙڻ جو سبب بنجي پوندي آهي ، ۽ ڏڪاريل ڏيهه ۾ ڪيئي ڏڪاريا ڳجهن وانگر لهي پوندا آهن. ٿر جي انهي ٻهڳڻائپ تي ڪُجهه ٻولڻ کان اڳي ، اچو ته دنيا جي ٿرن، برن، رڻ پٽن جي اوک ڊوک ڪريون جيئن اسان کي پنهنجو ڏيهه بيان ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي،
    جاگرافيدانن دُنيا جي ٿرن کي چئن قسمن ۾ ورهايو آهي: (1)قطبي ٿر (2) ڪوسو ٿر (3) ٿڌو سرمائي ٿر۽ (4) ٿڌو ساحلي ٿر. انهن مڙني قسمن جا صحرا ( ڊيزرٽ ) دُنيا ۾ موجود آهن . جن مان ڪُجهه انتهائي نامکاريل ۽ هاڪارا آهن. جن ۾ ائٽارڪٽڪ جو قطبي ٿر ، صحارا جو ٿر ، گوبيءَ جو ٿر . ڪالا هاري ٿر ۽ پتگوني ٿر ، پنج مشهور ۽ وڏا ٿر آهن ، جن جو تصور ئي انتهائي ڀوائتو آهي . ڇاڪاڻ ته اهي سُڃا پَٽَ آهن . پر اسان جو ٿر سُڃو پَٽ (Desert) ناهي، منجهس وڻ ٽڻ ٻوٽا گاهه وليون ۽ ٻي ٻهڳڻ جيوت آهي، پاڪستان ۾ جيڪي ٻيا ٿر آهن تن جا نالا هي آهن . (1) روهي، چولستان (2) سنڌو ساگر دوآ بي جو ٿر (چناب ۽ سنڌو ندي جي وچ ۾) (3) خاران ( اُتر اوڀر بلوچستان جو ٿر) (4) ٿَلُ- ( ميانوالي جو جهلم ۽ سنڌوءَ جي وچ وارو ٿر) (5) ٿر-ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ اڇڙو ٿر سانگهڙ، خيرپور ضلعن جي ايراضيءَ ۾ ايندڙ ٿر .انهن ٿرن مان اسان جي ٿرپارڪر جي ڪهاڻي دلچسپ ۽ رنگين آهي . جنهن به هتان جو هڪ ڀيرو به ڀيرو ڪيو آهي ، تنهن ڀيرو ڀڳوناهي ، انهي ٿر ۾ ڀيرو ڪندڙ ڪيترن ئي شخصن پنهنجي مشاهدن ۽ تاثرات کي قلمنبد ڪري ڳائي وڄائي دُنيا تائين پهچايو آهي . جيئن هتان جا مور مُند ايندي آهي ته رڙ ڪري وهندا آهن ۽ ٻولڻ لڳندا آهن.
    اسين گِررا مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران،
    رُت آئــي نه ٻــولان، هِنيــو ڦـاٽ مـران .
    اهڙي طرح هتي ڪپتان رئڪس جڏهن اسٽنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ته ، هن ٿر۽ پارڪر ضلعن جون يادگيريون لکيون، ڪرنل جئمس ٽاڊ سڄي ٿر يعني پاڪستان واري ٿر ۽ هندستان واري ٿر جي سموري خطي جو دورو ڪري احوال دستاويز بند ڪيو ۽ ائنلس اينڊ ائنٽيڪُئٽيز جنهن کي عام طور ٽاڊ راجستان چيو ويندو آهي ، تنهن جهڙو اٽڪل هڪ هزار صحفن جو ڪتاب ڏنو. مولوي نجم الغني صاحب به ٻن ڀاڱن ۾ وقائع راجسٿان جهڙو جامع ڪتاب لکيو. تيج سنگهه سولنڪي ، منگهارام اوجها ، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، عثمان اديب ، محمد اسماعيل عرساڻي ، ٿر تي قلم کنيو ۽ اُن جي ڪن پهلوئن کي نروار ڪيو . اُن کانسواءِ ڪافي ليکڪن پنهنجي قلم جا ڪونتل ڪُڏائي، ٿر جي احوال کي اُجاگر ڪيو. ٿر جي نامياري اُستاد محترم رائچند هريجن به ٿر جي تاريخ بابت تاريخ ريگستان ”نالي سان ٻه جُلد لکي انتهائي بهترين تاريخي ۽ سماجي معلومات پڙهندڙن لاءِ مُرتب ڪئي . جنهن لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز جو خيال هو ته ، سندس چانسلر صاحبيءَ ۾ کيس ياد ڏياريو وڃي ها ته ، رائچند هريجن ڊاڪٽوريٽ جي سَنَدَ جو حقدارهو ۽ کيس سند ڏني وڃي ها. خير يونيورسٽين جون سندون ۽ ٻِلا ۽ علم الڳ الڳ شيون آهن جن جي ڪهاڻي به طويل آهي. اهڙي طرح مشاهدن جي انهي اندر اور ۾ تاريخ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي . باقي ٻيا پهلو سرسري طور ذڪر هيٺ آيا آهن.
    ٿر پارڪر جو خطو ڏهن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي . جيڪي هن ريت آهن : مهراڻو، 2. ونگو، 3. سامروٽي، 4. ڪَسُ، 5. وٽ، 6. ڪِنٺو، 7. پارڪر 8. ڍٽ 9. کائڙ ۽ 10 رڻ ڪڇ ، خطن جي اهڙي ورڇ ۾ سماجي حالتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي ته ، وري ماحولياتي تقاضائن جي نشاندهيءَ کي به ملحوظ خاطر رکندي نالا ڏنا ويا آهن. ٿر ۾ ڏکڻ اولهه ڪُنڊ ۾ پاڻي تمام تانگهو آهي ۽ زمين جي مٿاڇري کي ويجهو آهي ته ، وري اوڀر اُتر ڪنڊ ڏانهن ويندي ويندي پاڻي اونهون هليو وڃي ٿو ، ۽ ڀٽائي پاڻي جي انهي هيٺ مٿاهين کي ڏسندي ٿر کي ٻن وڏن ڀاڱن، پائر( ڏکڻ ٿر) ۽ کائڙ ( اُتر ٿر) جي نالن سان ياد ڪيوآهي. هاڪڙو درياه جتان وهندو هو يا سنڌوءَ جو ڪو وهڪرو وهندو هو ، اُن ۽ مُهراڻي جي وچ ۾ جيڪا فاصل حد آهي تنهنکي ڪَسُ سڏيو ويو آهي ، يعني مِٺي پاڻي سان ملائيندڙ پٽي ڪس آهي. وري سمنڊ جي کاري پاڻي يا هاڻي واري رڻ ڪڇ کي سامروٽي سان ملائيندڙ پٽيءَ کي ”وٽ“ سڏيو ويو آهي، ڍٽ ٿر جو طبعي ڀاڱو آهي جڏهن ته ”ڍاٽ“ سياسي اصطلاح آهي جيڪو امراڻي جي راڻن جي رياست جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ اُهي اڄ به ”ڍاٽ“ جا راڻا سڏجن ٿا، اُن ڍاٽ ۾ ”ڍٽ“ ۽ کائڙ“ ٻئي اچي وڃن ٿا . مُهراڻو سنڌو سيرابي علائقي جي اڳ ۾ ايندڙ حصو آهي تنهنڪري اُن کي مُهراڻو (مُهر- اڳ + آڻو = ايندڙ .. اڳ ۾ ايندڙ) سڏيو وڃي ٿو. پارڪر......پار ڪرڻ يا کاري پارڪرڻ جي نالي سان نامکاريو وڃي ٿو . ٿر جي ڌرتي وارياسي به آهي ته ، سنئين سنواٽي مٽي هاڻن ميدانن واري به آهي ، لوڻياٺا پٽ به منجهس موجود آهن ته ، ڪارونجهر جهڙو جهونو ۽ ڪنڌار جبل کيس دُنيا جي ٿرن ۾ سڀ کان سرس ۽ سوايو ڪري بيهاري ٿو.
    محترم مشڪور ڦلڪارو جيڪو گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جو محترڪ ڪردار ۽ جاکوڙي ليکڪ رهيو آهي، تنهن جڏهن ٿر جو مشاهدو ڪيو، مطالعو ڪيو ته پنهنجي اندر جي تجربي کي هن ڪتاب ۾ توهان سان اورڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ، ڀلان ڀليءَ جو ته ڇيهه ڪونهي پر پنهنجي وس آهر هُن من ۾ محبت پائي رنڍا روڙ ڪئي آهي . ٿرپارڪر جي لوڪ ڏاهپ کي سائنس جي روشنيءَ ۾ برميچائي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس . يقينن سندس هيءَ پورهيو پڙهندڙن وٽ جوڳي جاءِ والاريندو ۽ هِن موضوع بابت ٻيا به ڪتاب لکيا ويندا . پر پوءِ به هي موضوع تمام ڳوڙهو آهي ۽ هلندو رهندو. ڇو ته سائنس جي علم ۾ روز بروز نيون تحقيقون ٿين پيون . پر مشڪور جي هي ڪوشش پهرين وڏي ڪاوش آهي ، جيڪا هن موضوع کي ڇيڙي ٿي ۽ ان ڇيڙ جو نبيرو مستقبل جي تاريخ ڪندي يا ايندڙ وقت جو ليکاري ڪندو. پر نورنچوئي معنيٰ جا موتي ميڙڻ جي هيءَ ميڙا چونڊي انتهائي قابل قدر آهي. جنهن ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ڏڪار سُڪار جي اُهڃاڻن هوا، نکٽن، مهينن، آسمان، چنڊ تارن، ڪڪرن ، پکين، جيت جڻن، وڻن ٽڻن ٻوٽن ، جانورن ، کاڌن پيتن، برسات جي منڊل، سوڻن ساٺن کي قلم جو موضوع بنايو ويو آهي . هن اُهو ڏيکاريو آهي ته ٿريا ماڻهو ڏڪارن کي ڪيئن مُنهن ٿا ڏين؟ يا سُڪار کي ڪيئن ٿا ملهائين؟ ٿر جي ڪُجهه ڏڪار ۽ سڪار سان لاڳاپيل پهاڪن جي مُراد ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي. پهاڪن جي باري ۾ به هن هڪ نئون تحقيقي انداز متعارف ڪرايو آهي. هن کان اڳ ۾ پهاڪن جي تشريح لفظي يا نصيحت آموز ننڍڙين آکاڻين ذريعي ٿيل ملي ٿي. پر فاضل ليکڪ پهاڪن جي تشريح ۾ جيڪو ٿري ماحول جو عڪس چٽيو آهي ، سو قابل تعريف عمل آهي . هِي اڀياس حقيقت ۾ ٿري سماج نه بلڪ ٿري ماحول جو چمڪندڙ آئينو آهي. جنهن ۾ ڪنهن حد تائين هڪڙِي واضح تصويرنظر اچي ٿي. ليکڪ سڀني لکيل احوالن کي به مطالعي هيٺ رکيو آهي ، پر اُن کان وڌ هُن مختلف ڳوٺن ۾ وڃي “زباني ورثي” جي صدري سِپن کي کولي، سيني در سيني سانڍيل موتين کي ميڙڻ جي وِت آهر بهترين ڪوشش ڪئي آهي .
    ٿرپارڪر ۾ موجود ڪارونجهر ڇپر جون ٽڪريون جن جا نالا جنهن ريت وڏي وستار سان ڏنا ويا آهن ، سو لک لهي. سندس انهي ڪوشش سان ڪارونجهر جبل بابت بلڪل نئين معلومات سامهون آئي آهي . يا ڪارونجهر کان ڌار ٻين جابلو ٽڪرين جي ڳولا ڪري، ۽ انهن جي نشاندهي ڪري ، هن هڪ تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي . ان کان سواءِ ٿر ۾ لوڻ جي 81 سنن ( کاڻين ) بابت به معلومات ڏني آهي . هاڻي فني ماهرن جو ڪم آهي ته انهي وٿ کي وڌيڪ سائنسي اندر ۾ پرکين ۽ پروڙين. برسات جي مُند چوماسو آهي يعني مون سون جو سمورو عرصو چئن مهينن (جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ) تي مشتمل آهي. ڏڪار جي لفظي معنى ”کوٽ“ آهي ۽ اصطلاحي مراد ۾ برسات نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ چاري جي پيدا ٿيل کوٽ . هاڻي ته ڏڪار به ڪيترن ئي قسمن جو ٿي چڪو آهي ، نيت جو ڏڪار ته دُنيا کي نهوڙي نيندو وڃي هڻندو ڪنهن اونهي ڀَنَ ۾. فاضل ليکڪ اُهڃاڻن کي سائنس سڏي ٿو جڏهن اهي سائنس نه پر سائنس وانگر مسلسل تجربن مان گذاريل ڏاهپ آهن ، جنهن کي لوڪ ڏاهپ چئي سگهجي ٿو . ۽ هو لکي ٿو ته سائنس جا ماهر تصديق ڪن ٿا ته اُهو ڄاڻائڻ گهرجي ته ڪهڙا سائنسي ماهر.....شايد سندس اشارو جوڙيل سائنسي ڪميٽي ڏانهن آهي. يا ڪٿي وري جوتش ۽ علم نجوم جي ثابتين سان ڳالهه کي سَتول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ، سائنس ۽ جوتش ۾ فرق آهي . سائنس هر هڪ ڳالهه کي تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جو پرو ڏسي ٿي. جڏهن ته جوتش ۽ علم فلڪيات ۾ اڃا انيڪ ميدان اندازي جي علم تي آڌار رکڻ يا وري ڪنهن اندازي جي آڌار تي ڪنهن شئيءَ کي رد ڪرڻ به غيرسائنسي آهي ، ڇو ته علم فلڪيات اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، فلڪيات تي ڪم هلندڙ آهي. جيڪو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي . پر هن جي اها ڪوشش به تحقيق جا نوان رخ کولي ٿي . پريان جي پار جي مڙيئي مِٺائي آهي ، صرف چيت ڪري چکڻ جي ضرورت آهي. پهاڪو ٺهه ڦهه چيل ٻول آهي، جڏهن ته اصطلاح ۾ لفظي معنيٰ مٽجي پر مُراد نڪري ٿي. اصطلاح مام آهن ته پهاڪا وري مُنڊيءَ تي ٽڪ جهڙيون لعلون آهن. جن جا سوجهيندڙ وينجهار وڏي ڏات ۽ ڏيا جا ڌڻي هُئا . جن مان ٿر جي ماضي جي وينجهارن جي ڏاهه جو پرو پئي ٿو . انهن پهاڪن جي چونڊ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ وارو ڪم پڻ جس جي لائق آهي .
    مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي . هن ڪتاب جي ٻولي به سادي ۽ سلوڻي آهي. مشڪور جي ڪيل محنت هر لحاظ کان داد لهي، سندس ان پورهئي کي ڏسندي مون به اُن تي هڪ نظر گهمائي ، جتي به محسوس ٿيو اُتي دُرستگي ڪئي اٿم. اُميد ته هيءَ ڪتاب ٿر سان دلچسپي رکندڙ، تاريخدانن، علم الانسان جي ماهرن ، ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ، ۽ شاگردن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندو . اسان جي دُعا آهي ته مشڪور هن پورهئي کي اڳتي به جاري رکي ، پنهنجي مشاهدن کي لکت جو روپ ڏيئي، وڌيڪ ٻيا به ٿر تي ڪتاب لکي ، پنهنجي سموري گڏ ڪيل تحقيقي مواد کي پڙهندڙن تائين پهچائي ۽ کين دلچسپ معلومات سان پُر ڪري. آمين .


    پروفيسرنوراحمد جنجهي
    16 ڊسمبر 2014ع


    • لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ ۽ سائنس هڪ جائزو

    سموري انساني ترقي خيالات ، عقل ، سوچ ، ۽ تجربن جو نتيجو آهي . سمورو ادب سچن خيالن ، جذبن ، احساسن ، مشاهدن ، ۽ تجربن مان پيدا ٿيو آهي . مشڪور صاحب جو لکيل هي ڪتاب “ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس ” ٿر جي رهاڪن جي آسپاس جي ماحول ۽ فطري مانڊاڻ مان جُڙيل ۽ جَڙيل لوڪ ڏاهپ جي قيمتي ورثي سان تعلق رکندڙ آهي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ڳالهيون سوين سالن جي انساني مشاهدن ، ۽ تجربن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل علم جو عرق ( نچوڙ) آهن . لوڪ ڏاهپ کي سائنس نه ٿو چئي سگهجي ، ڇو ته سائنس علم جي انهي شاخ کي چئبو آهي جنهن جو بنياد تجربن ذريعي حاصل ڪيل نتيجن تي مبني هجي. جنهن جي روشني مان مسئلن جي حل لاءِ ڪي اصول قاعدا ۽ قانون (Principles And Phenomena ) جوڙيا وڃن . ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ هڪ وسيع علم آهي ، جيڪو سڌو سنئون ڌرتي جي لوڪن سان ڳنڍيل آهي . لوڪ ڏاهپ جي تاريخي پس منظر جي دائري ۾ لوڪ ادب ، سماجي قدر ، ڪهاڻيون ، روايتون ، گيت ، ناچ ، موسيقي ، طب ، ۽ ٻيا سڀ حياتياتي علم اچي وڃن ٿا . لوڪ ڏاهپ علمن جو اهڙو قيمتي ورثو آهي . جنهن کي ڪنهن به قيمت تي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي . انهي لاءَ بي ڌڙڪ ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته ، لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom ) جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل محقق ، ڪنهن به مخصوص جاگرافيائي خطي ۾ رهندڙ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري سندن مشاهدن تي مبني نظرين ۽ راين بابت معلومات کي گڏ ڪري انهي جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا ، پوءِ انهي کي سنواري سموهي عوام اڳيان آڻين ٿا . هن ڪتاب جي فاضل مصنف پڻ اهوئي محققانه طريقو اختيار ڪيو آهي . هي تحقيق جي فن کي ڪتب آڻيندي ۽ کوجنا جي جديد اصولن موجب هر شئي جي حاصلات ، پروڙ ۽ پرک لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان سر زمين تي وڃي ، ٿر جي ماڻهن سان مليو آهي ، ۽ ڪجهه وقت انهن سان گڏ رهي ، سندن حالتن ۽ محسوسات جو نه صرف مشاهدو ڪيو اٿس ، پرساڻن ڪچهريون ڪري سندن سيني ۾ سانڍيل علم کي ڦلهوري گڏ ڪيو اٿس، ان بعد انهي مليل معلومات ۽ مشاهدن کي جديد سائنس جي ماهرن سان گڏ ويهي بحث ڪري انهي معلومات جي افاديت کي ڏٺو اٿس ۽ هر لحاظ کان پنهنجي پر ۾ پروڙي ، پرکي پوءِ لکيو اٿس . ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته مشڪور صاحب هن لوڪ ڏاهپ جي املهه خزاني کي گڏ ڪري ، هي ڪتاب لکي ڄڻ انهي قيمتي علم کي وکيڙيو آهي .اهڙي محنت ڪرڻ لاءِ پاڻ دلي طور جس لهڻن .
    ٿر جي حدن مان ٻاهر نڪري لوڪ ڏاهپ جي باري ۾ عالمي نقطه نظر ، عالمي نقطه نگاه ۽ ماهرن جي راين جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ کي اهميت ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي . مصنف ٿر جي لوڪ ڏاهپ بابت ڄاڻ ڏيئي هڪ اهڙي بحث کي ڇيڙيو آهي ، جو اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ، اهو معلوم ڪجي ته لوڪ ڏاهپ جي باري ۾ ٻاهرين دنيا ڇا ٿي چوي . انهي حساب سان جيڪڏهن ڌرتي جي گولي تي رهندڙ مختلف ملڪن ۽ قومن جي لوڪ ڏاهپ کي ڏسبو ته پوري دنيا ۾ لوڪ ڏاهپ زندگي جي هر ميدان ۾ اڳڀري ڏسڻ ۾ ايندي . مثال طور: آسٽريليا جي اصلوڪن رڻ جي رهاڪن ( Aboriginals ) ۾ نانگ جي چڪ ( Snake Bite ) خلاف اهو طريقئه علاج استعمال ڪيو ويندو آهي ته ، نانگ جو چڪيل ماڻهو سمهي نانگ جي زهر جو اثر زائل ڪري ، ڪافي ڏينهن آرام واري وقت دوران هو چڪ واري جاءِ تي واريءَ يا مٽيءَ ليپي ڇڏي . آسٽريليا جا قديم قبيلا پنهنجي قديم ڏاهپ جي انهي نسخي تي عمل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا . آسٽريليا جا ڌنار اڃ جي حالت ۾ ٻوٽن جي پاڙن کي چٻاڙي منجهانئن پاڻي حاصل ڪري اڃ اجهائيندا هئا . اوڀر ڀارت جا ناگا قبائل جيتن بابت اهو مشاهدو بيان ڪندا آهن ته ، جيت رات جو انهي ڪري ڏسندا آهن ، جو هو رات جو پنهنجون اکيون بند ڪري نه سگهندا آهن . جيتن بابت انهي مشاهدي کي بيان ڪندي هو خوش پيا ٿيندا آهن . چين ۾ ٻار ڄڻڻ واري عورت ويم کانپوءِ هڪ مهيني تائين پنهنجا وار نه ڌوئيندي آهي ( جيئن سنڌ ۾ به ٻار ڄڻيندڙ عورت ڇٺيءَ تائين مٿو نه ڌوئيندي آهي ) يا ٻار ڄڻيندڙ عورتن کي ٻڍڙيون ۽ تجربيڪار دايون ڪجهه وقت تائين ڪن شين جي کاڌي پيتي جي پرهيز جو به مشورو ڏينديون آهن . مطلب ته قومون پنهنجي وڏڙن جي ڏاهپ ۽ ثقافت سان محبت ڪنديون آهن . انهي سلسلي ۾ هو نهايت جذباتي هونديون آهن . لوڪ ڏاهپ جو اظهار چوڻين ، پهاڪن ۽ اصطلاحن ( QUOTATIONS PROVERBS AND IDIOMS ) جي ذريعي به ڪيو ويندو آهي . قومن وٽ پنهنجي وڏڙن جي ڏاهپ جي ٺاهيل چوڻين ، پهاڪن ۽ اصطلاحن کان سواءِ لوڪ ڪهاڻين ، لوڪ گيتن، ۽ اهڃاڻن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو آهي ، جنهن کي انهن قومن جا سگهڙ سيني در سيني صدين کان ساهه وانگر سانڍيندا پيا ايندا آهن . هي ڪتاب انهي سلسلي ۾ به ڄاڻ فراهم ڪري ٿو . سنڌي ٻولي ته قديم هئڻ ڪري هونئن به انهي سلسلي ۾ گهڻي شاهوڪار آهي .
    لوڪ ڏاهپ جا امين سگهڙ ۽ ڏاها ماڻهو سائنسدان نه آهن . انهن کي غير سائنسدان ( NON____-SCIENTIST) چيو ويندو آهي . هڪ غير سائنسدان سگهڙ ۽ ڏاهو ماڻهو پنهنجي فهم و ادراڪ ( COMMON SENSE ) ذريعي اڳڪٿيءَ ڪرڻ جي طاقت يا دور انديشي سان سائنسدانن لاءِ نه صرف تحقيق جا نوان موضوع ڳولي وٺي ٿو . پر تحقيق لاءِ کين نوان گس ، پنڌ ۽ پيچرا به ٺاهي ڏيئي ٿو . سائنسدان وري تحقيق ڪري انهي علائقي يا ايراضي جي مسئلن کي سمجهڻ کان پوءِ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ کوجنائون ڪري ٿو . ائين ئي ضرورت جي بنياد تي سائنسي ايجادن جو سلسلو هلي ٿو . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ لاءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته ، انسان ڀلي کڻي ڌرتيءَ جي ڪهڙي به ڪنڊ جو رهاڪو هجي، پر هو سندس چوڌاري ڦهليل ماحول جي شڪل صورت ۽ ضابطن ( CONTROL ) کي سمجهڻ لاءِ گهربل سببي ڳانڍاپن ( CAUSAL LINKS ) جي بنياد تي جستجو ڪري ٿو . ڏاهپ يا عام فهم ( COMMON SENSE ) جو بنياد هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي بحث ، ڪچهرين ، يا مشاهدن ۽ تجربن ( OBSERVATIONS AND EXPERIENCES ) تي ٻڌل هوندو آهي . جنهن ڪري ڪجهه حد تائين اهو سچ تصور ڪيو ويندو آهي . عام فهم جي ذريعي حاصل ڪيل نتيجا سمورن ماڻهن جي مشاهدن سان ٺهڪي اچن ٿا . اهي مشاهدا ۽ زندگي جا تجربا غير سائنسدان سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ڪسوٽين ۽ آزمائشن ( TESTS ) مان گذري زنده رهن ٿا . اهڙن راين کي ڦلهورڻ ( EXPLORE ) لاءِ تجربن جي بنياد تي ڳجهيون حقيقتون پروڙڻي (EMPIRICAL INSIGHTS ) جا چار مثال جيڪي هن ڌرتي تي وسندڙ سڀني انساني نسلي گروهن ( ETHNIC GROUPS ) سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ جن جا سببي قاعدا قانون عام فهم ذريعي ذريعي اڳواٽ ڪٿيا ويا آهن ، سي هي آهن :
    1. قديم قبيلا اها ڳالهه چڱي طرح سمجهندا هئا ته ، سموريون زندهه شيون ۽ انسان پنهنجي هڪ ( RYTHM ) يا مقرر نظام جي قاعدن موجب هلي رهيا آهن . ان لاءِ ضرور منجهن به ڪو با قاعده وقفن تي ٻڌل ۽ وقت مطابق هلڻ جو سرشتو به موجود آهي . ان جي باوجود انساني جسم ۾ وقت معلوم ڪرڻ جي جڳهه ڪٿي آهي ؟ سا هڪ نه ڀڄندڙ ڳجهارت ئي رهجي ويئي آهي . انهي ڪري انسانن لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته ، کين وقت معلوم ڪرڻ جو ادراڪ يا فهم( CHRONOSENSE ) هجي . سموري دنيا جي ڏاهپ انهي ضرورت کي محسوس ڪري ٿي . جنهن ڳالهه سان ڪنهن کي به ڪو اختلاف ناهي . 2. سج جي روشني ۽ ان جي موسمي گهٽ وڌائي ماڻهو جي محسوسات کي متاثر ڪري ٿي ، ڏورانهين اترين ويڪرائي ڦا ڪن يعني اتر قطب جي ويجهڙائي وارن علائقن وٽ سج جي ڌنڌلي روشني ، ڊگهي اونداهه ، آسمان تي مسلسل ڪڪرن جي ڇانوَ ۽ ڄمڻ پد کان گهڻو هيٺ منفي درجه حرارت انسان تي نفسياتي اثر ڇڏين ٿا . جنهن ڪري شديد سردي ۽ اونده سبب تمام گهڻن رهاڪن کي سياري جي موسمي اداسي ( WINTER BLUES ) ٿئي ٿي . انهي نتيجي کي ڏسندي سموري دنيا انهي ڳالهه تي متفق آهي ته ، سج جي روشني ڪائنات ۾ موجود شين تي اثر انداز ٿئي ٿي . 3. لوڪ ڏاهپ جي هن ڳالهه کي به سائنسدانن جي پٺڀرائي حاصل آهي ته ،“ ننڊ ڪافي بيمارين جو علاج آهي. ” ڪوبه ماڻهو انهي ڳالهه جو انڪاري نه ٿيندو . انسان جي صحت تي ننڊ جا بيشمار فائديمند اثرات ٿين ٿا ، سندس چڱڀلائي ۾ ننڊ جو اهم ڪردار آهي ۽ ننڊ صحت جو هڪ اهم جزو آهي . ننڊ کان محرومي جسماني ڪمزوري ، قوت مدافعت جي گهٽجڻ ۽ ٻين انيڪ بيمارين جو سبب بڻجي ٿي . 4. معلومات جي ڏي وٺ جا سماجي رابطا ( SOCIAL NETWORKS ) صحت ۽ بيماري تي اثر انداز ٿين ٿا . ڇو ته سماجي رابطا ۽ اطلاعاتي ڏي وٺ يا اطلاعاتي ڇنڊڇاڻ انساني صحت تي مثبت اثر ڇڏي ٿي . اهڙا رابطا نه رکڻ سان صحت تي منفي اثر پون ٿا . ان لاءِ سماجي رابطن صحت ۽ بيمارين جي لاڳاپي وارين حالتن کي هڪ بين الاقوامي حقيقت طور تسليم ڪيو ويو آهي .
    ابتدائي انساني قانون ( LAW OF PRIMITIVE MAN ) بابت هومس ( HOLMES ) هڪ ڀلوڙ ڳالهه ڪئي آهي ته ،“ قانون جي حياتي منطق نه پر حاصل ڪيل تجربو آهي ” ارسطو لوڪ ڏاهپ کي هڪ شخص جي صلاحيت يا طاقت سمجهي ٿو. جنهن ذريعي هو پنهنجا خيال جيڪي هن بيروني حواسن ذريعي گڏ ڪيا آهن ، انهن منجهان ڪا گڏيل مماثلت يا هڪجهڙائي حاصل ڪري سگهي . لوڪ ڏاهپ هڪ ڏات ( INSTINCT ) آهي ۽ بي مثال ذهانت ( INTELLECT ) عقل جو اظهار آهي .
    ٿر جا رهواسي بنيادي طرح ڏٿ ميڙيندڙ آهن ۽ سندن بنيادي ضرورتون جهڙوڪ : کاڌ خوراڪ ، اجهو ، اوڇڻ ، دوا درمل ، چوپائي مال جي چاري ۽ ٻين گهرجن جو دارومدار ٻوٽن ، وڻن ، ۽ چوپائي مال تي آهي . جنهن ڪري سندن سمورو ڌيان ۽ جسماني توانائي انهن ضرورتن جي پورائي لاءِ مٿا ڪٽ ڪندي صرف ٿئي ٿي . انهي مٿا ڪٽ دوران هو ٻوٽن ، وڻن ، موسمن , چوپائي مال ۽ ٻين جانورن جي سموري چرپر جو ڳوڙهيائي سان اڀياس ڪندا رهندا آهن . انهي ڪري ضرورت جي بنياد تي سندن ڏاهپ انهن شين جي چوگرد ڦري ٿي . تاريخ ۾ ڏسبو ته شروعاتي شڪار ڪندڙ ۽ ڏٿ ميڙيندڙ ( HUNTERS AND GATHERERS) سندن مرضي ۽ پسند وارن جانورن ۽ ٻوٽن بابت ۽ روزانه موسمي ڦيرگهير جي اثرن کان گهڻي پر واقف هئا . جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته انساني سماجن جو وڌڻ ويجهڻ مشڪل ٿي پوي ها . اهڙي ريت سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو ، کارو کيڙيندڙ وڻجارا ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙيون هلائيندڙ ناکئا ، سامونڊي ويرن جي لهڻ چڙهڻ ، چنڊ جي ماهوار ڦير گهير ( LUNAR CYCLE ) ، کان نه صرف واقف هئا ، پر هو طوفانن جي اچڻ ۽ انهن کان بچاءَ جي طريقن کان پڻ واقف هئا . اهڙي طرح گهاٽن جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو ، خونخوار جانورن کان بچڻ ، پيٽ گذر لاءِ ٻوٽن ۽ وڻن مان حاصل ٿيندڙ خوراڪي شين جي سڃاڻپ ۽ موسم آهر کاڌ خوراڪ جي استعمال جي پڻ ڄاڻ رکندا هئا . عورتون زناني ماهواري جي مدت ان جي صحت تي پوندڙ اثرن بابت پڻ ڄاڻ رکندڙ هيون . اڳتي هلي انهن جا اهي تجربا ۽ مشاهدا ضرورت جي بنياد تي سائنسي ايجادن جا سبب بڻيا . جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ، غير سائنسدان ڏاهن جي لوڪ ڏاهپ ، عام فهم ۽ علم، سائنسدانن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو ، ۽ سائنسي تحقيق لاءِ نت نوان رستا ( AVENUES ) کولي ڏيئي ٿو . انهي لاءِ لوڪ ڏاهپ کي صرف معلومات جو ذريعو نه سمجهيو وڃي ، پر لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل مختلف موضوعن ۽ مشاهدن کي ، مسئلن جي تحقيق ۾ ڀرپور نموني شامل ڪيو وڃي . ڇاڪاڻ جو عام فهم يعني لوڪ ڏاهپ جا مڪمل طور تي عام ڪثير آبادين جي مشاهدن تي مبني هوندي آهي ۽ اها گڏيل ذهانت ( GPOUP INTELLIGENCE ) ڏاهپ ۾ سمايل عقل ، خيال ، سمجهاڻي ۽ ذهني قبوليت کي وزندار بڻائي سگهي ٿي . فاضل مصنف کيرون لهڻي جو هن لوڪ ڏاهپ جهڙي انمول ثقافتي ورثي ۽ بي بها سرمايي کي سهيڙي ، سموهي، سهڻي ترتيب سان قلمبند ڪري محفوظ ڪيو آهي . پاڻ سنڌ جي تاريخ جو هي ورق نئين سر اٿلائي ، مستقبل جي محققن ۽ مورخن لاءِ هڪ نئين راهه متعين ڪئي اٿس. گڏوگڏ هڪ وسيع ميدان مهيا ڪيو آهي ، ته هو اڳتي وڌن ۽ صدين تي محيط علم ۽ ڏاهپ کي ڳولي ڦولي گڏ ڪري، ترتيب ڏيئي محفوظ ۽ مشتهر ڪن . دنيا جي هن چٽاڀيٽي جي ڊوڙ واري زماني ۾ لوڪ ادب ، ڪهاڻين، روايتن ، موسيقي ، گيتن ، ناچ ، طب ۽ حياتياتي علمن تي خاص ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي. انهي لاءِ سنڌ جي قومي ادارن جهڙوڪ : يونيورسٽين ، سڀني يونيورسٽين جي سنڌي شعبي ، سنڌ الاجي ، سنڌي ادبي بورڊ ، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڪم ڪندڙ ادارن، سنڌ ميوزيم ۽ ٻين عجائب گهرن ، حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي ، وغيره تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ، اهڙي قيمتي سرمايي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تحقيق جون رٿائون جوڙين ۽ گهربل تحقيق جي پٺڀرائي ڪن . ڇاڪاڻ ته لوڪ ڏاهپ سان لاڳاپيل هڪ اهم رخ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿي پيو آهي . متعلقه ادارن ۽ يونيورسٽين جي شعبن جهڙوڪ : فارميسي ، فارماڪالاجي ، ڪيمسٽري ، باٽني ، زولاجي ، ۽ فيڪلٽي پرورش حيوانات وغيره کي گهرجي ته گڏيل تعاون سان حيواني ۽ نباتاتي تحقيق کي اوليت ڏين . لوڪ طب کي انساني صحت جو موثر ذريعو تسليم ڪيو وڃي . قدرتي وسيلن(NATURA RESOURCES) کي غريبي دور ڪرڻ ( POVERTY ALLEVIATION ) لاءِ اضافي آمدني ۽ روزگار جي تحفظ جو ذريعو سمجهيو وڃي .
    مشڪورصاحب جي هي ڪاوش اکيون کوليندڙ آهي ۽ گهرجي ته سندن هن ڪوشش مان رهنمائي حاصل ڪري ، ٿر جي هن ميراث ۽ شاهوڪار ثقافت کي اڃان به گهڻي جستجو ۽ تحقيق سان مزين ڪري ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪريون . ورنه هن علم ۽ ورثي کي خطرو لاحق آهي ته ڪٿي اهو گم نه ٿي وڃي . ڇو ته اهڙو ورثو اڳ ۾ ئي ضايع ٿيڻ جي حد ( ENDANGERED STATUS ) ۾ داخل ٿي چڪو آهي . اسان جي اکين جي اڳيان ڪيترا ئي سگهڙ ۽ ڏاها ماڻهو ، عقل جا اڪابر، مال جي بيمارين ۽ انهن جو علاج ڪندڙ ڀاڳيا ۽ حڪيم ، ڪلاڪار ، ڳائڻا ۽ سازندا ، ٻوٽن ، گاهن ۽ قيمتي جڙي ٻوٽين جا پارکوءَ سنياسي ، ۽ موسمن جي مانڊاڻ کي سمجهندڙ ماڻهو پنهنجي عمر پوري ڪري وفات ڪرڻ وقت ڪيترائي بي بها ڄاڻ جا خزانا قبرن ۾ کڻي ويا. سندن وفات بعد انهي ڄاڻ جي خزاني ضايع ٿيڻ جو احساس ٿيو . اسان سڀني جو فرض آهي ته انهي علمي ذخيري کي اجتمائي ڪوششن سان بچايون . اسان کي کپي ته پنهنجي آسپاس جي انهن ڄاڻو ۽ سگهڙ ماڻهن جي سيني ۾ محفوظ ٿيل خزانن کي حاصل ڪري ، سهيڙي سموهي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچايون ته ، جيئن هو انهي لوڪ ڏاهپ جي ٺاهيل رستن ۽ تجربن جي روشني ۾ کوجنائون ڪن ، جنهن سان علائقن جي ڏنجهن ۽ ڏولاون جو سائنسي طريقي سان ڪو حل نڪري اچي ۽ انساني ارتقا جي سفر ۾ اسين به دنيا جي قومن ۾ سرخروءَ ٿيون . شال اسان پنهنجي ذميواري ۽ وقت جي تقاضا موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪريون .


    پروفيسر غلام حسين سومرو
    1 جنوري 2015ع


    • ٿر جي لوڪ ڏاهپ، سائنس ۽ ترقي جو راز

    قومن جي عروج ۽ زوال جي سموري پنڌ جي تاريخ جي مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ، انسان سدائين نواڻ جي تلاش ۾ رهندو پئي آيو آهي. انسان جو اهو فطري جذبو ئي انساني ترقي جي ارتقا جوسبب آهي . انسان جي ترقي جو سفر دراصل اشتراڪي دور کان شروع ٿيو ، ۽ اڄ انسان نظام شمسي جون به حدون اورانگهي ڪائنات جي ڪيترن ئي ڳجهن رازن کي سمجهڻ جي جاکوڙ ۾ ڏينهن رات تجربن ۾ مصروف آهي . روزانه الائي ڪيترا راز افشان ٿي رهيا آهن . ارتقا جي انهي سفر ۾ انسان جي لکين سالن جو پنڌ شامل آهي . قومون سمهنديون به آهن ته جاڳنديون به آهن ، سندن انهي ننڊ ۾ سندن صدين جي محرومين جو ٿڪ لڪل هوندو آهي ، وري جڏهن ڪا اميد ۽ اتساه جي چڻنگ ٽمڪندي آهي ته قومون ڪر موڙي جاڳي پونديون آهن ، ۽ پوءِ اها جاڳ قومن جي ارتقا جي سفر کي وري روان دوان ڪري ڇڏيندي آهي . ائين قومون پنهنجي ارتقائي سفر ۾ ساهي کڻنديون ، سمهنديون ۽ جاڳنديون به رهيون آهن ، ائين ئي ارتقا جي سفر ۾ ڪي قومون مسلسل نڀاڳي ننڊ جي ور چڙهي هميشه لاءِ تاريخ جو حصو به بڻجي ويون ، ڪي ٿڪل ۽ نٻل حالت ۾ جيئن پيون ته ڪي وري پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ ٻرانگهون ڀريندي اڳتي وڌي انسان ذات جي آسائش جو سامان مهيا ڪري اوچي ڳاٽ سان دنيا جي مالڪي پيون ڪن . تاريخ جا صفحا شاهد آهن ته قومن جي عروج ۽ زوال ۾ ڪن ماڻهن جو ڪردار به اتساه جو سبب پئي بڻيو آهي ، جن شخصيتن جي واکاڻ ۾ تاريخن جا ڪيترائي صفحا ڀريل آهن . اهڙي ريت ڪڏهن وري با شعور حڪمران ننڊ ۾ ستل يا ٿڪل قومن کي به جاڳائي ترقي جي شاهراه تي آڻي ، ارتقا جي سفر تي هلڻ لاءِ رستا ٺاهي ڏيندا آهن . ته ڪن حڪمرانن جا غلط عمل قومن کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندا آهن . مثال طور هندستان جي مغل شهنشاه شاه جهان کي پنهنجي زال سان بي انتها پيار هو ، ساڳئي نموني انگلينڊ جي حاڪم ڪنگ ايڊورڊ کي به پنهنجي راڻي سان محبت هئي ، شاهجهان جي ملڪه ۽ ڪنگ ايڊورڊ جي راڻي ساڳي بيماري ۾ مبتلا هيون ، ٻيئي ساڳي بيماري ۾ وفات ڪري ويون ، شاهجهان پنهنجي راڻي جي قبر مٿان دنيا جي خوبصورت عمارت تاج محل اڏارايو ۽ ڪنگ ايڊورڊ پنهنجي پياري راڻي جي ياد ۾هڪ ميڊيڪل سائنس جو تحقيقي ادارو تعمير ڪرايو ، تاج محل جي اڏاوت سان هندستان ۾ هڪ خوبصورت عمارت جو نه صرف اضافو ٿيو پر حڪمرانن جي محلاتن ٺاهڻ جي حوس ۽ حرص هن سڄي خطي کي اناپرستي جي رجحان ۾ غرق ڪري ڇڏيو، پر ڪنگ ايڊورڊ جي قائم ڪيل تحقيقي اداري ميڊيڪل سائنس جي ڄاڻ سان پنهنجي پوري قوم کي هٿياربند ڪري ڇڏيو ، اڄ انگلينڊ ۾ ڪو به ماڻهو ڪنهن موذي بيماري ۾ وٺجي بغير علاج جي تڙپي نه ٿو مري ۽ هندستان ۾ اڃان تائين موت جو راڪاس ڪيترن انسانن کي پيرن هيٺان لتاڙي رهيو آهي ٻن حڪمرانن جي ڪردار ۽ روين جي فرق ٻن قومن جي وچ ۾ ارتقا جي ڪيڏي نه حيرتناڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي . اڄ برطانيا هندستان کان پنهنجي ارتقائي سفر ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. اهڙي حساب سان حڪمرانن جا عمل ، رويا ۽ پاليسيون به قومن جي ارتقا جي سفر ۾ ڪارائتا رهندا پئي آيا آهن .
    دنيا اڄ جنهن سائنسي ترقي جي ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي جنهن ڇڪتاڻ جو شڪار آهي . انهي جو ڦل موتمار هٿيارن جي صورت ۾ سامهون آهي . هن وقت دنيا ۾ موجود بارود جا ذخيرا هن ڌرتي کي ڪيترائي ڀيرا تباه ڪري سگهن ٿا . انسان جو اهڙو ترقي جو حوس ڌرتي تي موجود قدرتي وسيلن جي ذخيرن کي تباه ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ڌرتي ۾ فطرت سان هٿ چراند وارا رويا هن ڌرتي کي دوزخ ۾ تبديل ڪري رهيا آهن . جيڪا ڳالهه سڄي انسان ذات لاءِ پريشاني جو سبب آهي .
    قومن جي ترقي ۾ اديبن ۽ ليکڪن جو ڪردار به وڏي اهميت رکي ٿو . ٽالسٽاءِ ، روسو ۽ ڪارل مارڪس جي لکڻين دنيا ۾انساني ارتقا جو جمود ٽوڙيو ۽ قومن کي جيئڻ جا نوان رستا ٺاهي ڏنا ، سندن لکڻين وري قومن مان مايوسي کي ڪڍي منجهن زندگي جو اتساه پيدا ڪيو ، سندن ڏنل فڪر قومن جي ارتقا جي سفر ۾ هڪ نئين ڊڪ ڊوڙ پيدا ڪري ڇڏي . جنهن ڊوڙ ۾ دنيا ۾ موجود ڦورو قوتون ۽ ڦرجندڙ قوتون هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيون . اڄ جي هر ماڻهو کي انهن قوتن جي باري ۾ چڱي ريت ڄاڻ آهي . اڄ جي ادب ۾ ٻئي فڪري رجحان چٽي نموني ظاهر ظهور آهن .
    انسان جڏهن پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن تي سوچي ٿو ته ، پوءِ اها سوچ بحث مباحثن هيٺ اچي ٿي ۽ گڏيل ڏاهپ جو روپ وٺي ٿي جيڪا اڳتي هلي نسل در نسل لوڪ ڏاهپ بڻجي ٿي . پوءِ انهي لوڪ ڏاهپ جي بنياد تي حاصل ڪيل مشاهدن ۽ تجربن کي رهنما بڻائي سائنسدان ايجادون ڪن ٿا . ٻئي طرف وري جڏهن قومن جي ترقي جي رفتار جو ڪاٿو لڳائجي ٿو ته ، انهي ترقي جي رفتار ۾ سائنسي ايجادن جو وڏو عمل دخل آهي . انهي ڪري قومن جي سائنسي ترقي جي تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ، ته سمورين انساني سائنسي ايجادن جو بنياد لوڪ ڏاهپ تي ئي رکيل آهي . اهي سائنسي ايجادون وري سماج جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سهوليتون پيدا ڪن ٿيون . سائنسي ايجادن جي نتيجي ۾ سماج پنهنجي ارتقائي ترقي ۾ تيزي آڻي ٿو . ائين ئي قومن جي ترقي جو سفر شروع ٿئي ٿو ۽ قومون جيئن ٿيون ، جاڳن ٿيون ۽ جاڳائين ٿيون ۽ قومن جي اڳواڻي ڪري اعليٰ ترقي جو معراج به ماڻين ٿيون . انهي ڪري اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو . ته لوڪ ڏاهپ سائنس جو بنياد آهي ۽ لوڪ ڏاهپ کي سنڀاليندڙ قومون ئي نه صرف سائنسدان پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر ڪيترين ئي نين ايجادن جو تصور به ڏيئي سگهن ٿيون . اهڙين قومن جو مستقبل روشن هوندو آهي ۽ اهڙيون قومون ئي زنده قومون هونديون آهن .
    سنڌي قوم جيڪا موهن جي دڙي جهڙي دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ تهذيب جي وارث آهي . جنهن ڦيٿو ايجاد ڪيو. گڏوگڏ سنڌ جي تهذيب جو شمار دنيا جي قديم ترين تهذيب طور ٿئي ٿو . سا پنهنجي سماجي ترقي جو رستو وڃائڻ بعد به زنده آهي . انهي جو سبب به سنڌي قوم جي پنهنجي وڏڙن جي ورثي سان عشق جي حد تائين جذباتي لڳاءَ آهي. جنهن جو اولڙو فاضل مصنف جو هي تحقيقي ڪتاب آهي ، ٿر جيڪو جديد ترقي کان پري پنهنجي هڪ الڳ دنيا ۾ جيئي پيو . اتان جي سموري زندگي جي وهنوار ۾ ٿري ماڻهو لوڪ ڏاهپ جي رهنمائي ۾ نه صرف جيئن پيا ، پر همت سان ڏڪارن جو مقابلو به ڪندا اچن . جيڪا ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. .ٿرين جي هنن اهڃاڻن کي ماڻهو اجايا وهم يا اجايا خيال سمجهندا آهن ، خود ٿر جي ماڻهن وٽ به انهي ڳالهه جو ڪو خاطر خواهه جواب موجود نه هو . تن کي مشڪور جي هن تحقيقي ڪتاب اهڙو جواب ٺاهي ڏنو آهي جيڪو ٿري ماڻهن سان گڏ پوري قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ٿو. ٿري سماج جيڪو جديد سائنس کان پري اڪيلو بيٺل سماج آهي ، ان جي ڏاهپ جو ڳانڍاپو جديد سائنس سان ٿيڻ کانپوءِ ، ٿر جي لاعلاج نه پر منجهائيندڙ مسئلن جي حل لاءِ سائنسدانن کي هڪ رستو ٺهي مليو آهي ، جنهن ۾ ٿر جي معاشي ۽ معاشرتي علاج لاءِ هڪ طرف سماجي ڏاها ڪي ترقي جا پروگرام ٺاهيندا ته ٻئي طرف وري سائنسدان نيون ايجادون ڪري ٿر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا . بحرحال هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ٿر سائنسي ترقي کان هاڻي ايترو پري نه رهندو . هن ڪتاب ، ٿر ۽ سائنس جي وڇوٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي . جيڪا ڳالهه اسان سڀني لاءِ قابل فخر آهي.
    مشڪور هن ڪتاب ۾ صرف سڪار ۽ ڏڪار جي لوڪ ڏاهپ ۾ اهڃاڻن جو ذڪر ناهي ڪيو ، پر هي ڪتاب ٿر بابت معلومات جو هڪ ڀنڊار آهي ، جنهن ۾ ٿر جي مڪمل ، جاگرافي ، معاشي حالتن ۽ ٿرين سان لاڳاپيل مسئلن ، قدرتي وسيلن ، ڪارونجهر جي جابلو سلسلي ، برساتن جي اثرن ۽ ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ٿري ڏاهپ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي . ان کان علاوه ٿري پهاڪن ، چوڻين جي استعمال ۽ انهن جي وضاحت ۾ ٿري ماڻهن جي زندگي جي حقيقي تصوير پڻ ڏيکاري ويئي آهي . جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ، بنيادي طرح ٿر صحرا ناهي ، هي قدرتي وسيلن ، وڻن ٽڻن ، ۽ بهترين زرعي زمين سان گڏ معدني دولت سان مالامال علائقو آهي ، اهو چئي سگهجي ٿو ته ٿر ويران صحرا نه پر هڪ پاڻي جي کوٽ وارو وارياسو علائقو آهي . جتي صرف پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار اچن ٿا. جيڪو ٿر جي نصيب ۾ لکيل فطري ڏڪار ناهي . پر حڪمرانن جي ترقي جي سائنسي سوچ کان خالي ترقي جي جٽادار پاليسين ۽ نيتن جو ڏڪار آهي . ٿر جي مسئلن جو جيڪڏهن سنجيدگي سان حل ڪڍيو وڃي ۽ ڏکايل مارو ماڻهن جي دردن ۽ ڏکن جو علاج جيڪڏهن لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جي روشني ۾ ڪيو وڃي ، ته هي علائقو دنيا جي ترقي يافته علائقن جيان سهوليتن سان آرامده ٿي سگهي ٿو.
    محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌ جو عملي طور جاکوڙي ڪردار ۽ باشعورليکڪ رهيو آهي . هو جڏهن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏڪارن ۽ سڪارن جي اهڃاڻن جو ذخيرو کڻي مون وٽ پهتو ته ، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته ، سنڌ ۾ اڃان به کاهوڙي ستا ناهن ، هن کاهوڙي انسان مون تي ۽ مٺل جسڪاڻي تي اهو بار رکيو ته ، هن گڏ ڪيل مواد ۾ شامل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن جي سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏيو ۽ انهي لاءِ هڪ سائنسي ڪميٽي به تشڪيل ڏيڻ گهرجي ، جيڪا گڏجي ويهڪ ڪري ، هنن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري . جيئن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هنن اهڃاڻن جو جديد سائنس جي روشني ۾ ڪو اتو پتو ڪڍي سگهجي . اسان مصروفيت جي باجود اها ذميواري قبول ڪئي ، ڇو ته هن کاهوڙي ماڻهو کي جواب ڏيڻ اسان مناسب نه سمجهيو. ائين ئي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ شروع ٿي ، تحقيقاتي ڪميٽي جي سڀني ميمبرن پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي هن اهم ڪم کي اڪلايو . مون کي حيرت ٿي ته مشڪور جي ڳوليل ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن مان ڪافي جديد سائنس سان ٺهڪي آيا . جنهن ڳالهه اسان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو .
    مشڪور جي هن ڪتاب جي روشني شال انگلينڊ جي بادشاهه ڪنگ ايڊورڊ جهڙن حڪمرانن تائين پهچي ، نه ته ٻي حالت ۾ شاهجهاني سوچ وارا حڪمران تاج محل ته اڏيندا رهندا ، پر ٿر جي دردن جو علاج نه ٿيندو . پر پوءِ به اها پڪ اٿم، ته مشڪورجيڪو هي ڪتاب لکي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو آهي ، سو ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن لهرون ضرور پيدا ڪندو ، ۽ بدحال ٿر جي ماروئڙن جي ڏکويل ڏيهه ۾ نيٺ سکن جو سج اڀرندو .

    پروفيسر شمس الدين تنيو
    3 جنوري 2015ع


    ڀاڱو پهريون

    • ٿرپارڪر ڇا آهي

    ڪائنات جا انيڪ رنگ آهن ، انهن رنگن روپن پويان زندگي جو عڪس آهي . جيڪڏهن انهن سڀني رنگن کان زندگي موڪلائي وڃي، ته پوءِ ڪائنات جا سمورا سحرانگيز روپ پنهنجي ڪشش ڇڏي ويندا . زندگي پاڻي مان نه رڳو جنم وٺي ٿي . پر جيئي ٿي ، وڌي ٿي ، ويجهي ٿي . ٻهڪي ٿي ۽ مهڪي ٿي . اهو سلسلو ڪروڙين سالن کان هلندو اچي. جيستائين هن ڪائنات ۾ پاڻي جو وجود هوندو ، تيستائين زندگي شڪست نه کائيندي . انهي ڪري ئي چوندا آهن ته ”پاڻي منجهه ئي پساهه“ آهي ، پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻي به ڪنهن شوخ ۽ نخريلي محبوبه جيان زندگي کان رسي وڃي ٿو .پاڻي جي انهي رسڻ ، پرچڻ ۽ نازن نخرن دوران به جيڪڏهن ڪٿي زندگي انهن الهڙ ادائن جي دل ميڻ جيان نرم ٿيڻ تائين انتظار ۾، نه صرف جيئي ٿي ، پر ٻهڪي ٿي ، چهڪي ٿي ۽ معصوم ٻار جيان مرڪي ٿي ته، اهو ئي زندگي جي سگهه جو معراج آهي . انهي لاءِ پاڻي ۽ زندگي جي وچ ۾ سموري لڪ لڪوٽي راند ڏسڻ ۽ زندگي جي معراج جي اوچائي ماپڻ لاءَ ، ٿر وڃڻو پوندو.
    سنڌ جي نقشي ۾اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي هڪ ضلعو ٿرپارڪر جي نالي سان ڏسڻ ۾ ايندو. هي ضلعو قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي . هن ضلعي جو هڪ حصو 109 جابلو ٽڪرين جي بيدي نما سلسلي ڪارونجهر جبل ۽ انجي وچ ۽ پاسن واري سڌي زرخيز زمين وارو آهي . جنهن ۾ ڪارونجهر جي سلسلي کان ڌار به انهي سلسلي جون ٻيون 45 ننڍيون وڏيون جابلو ٽڪريون پڻ موجود آهن. جنهن جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. هن ڀاڱي کي پارڪر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي . انهي نالي بابت تاريخ لکندڙن جو اهو چوڻ آهي ته ، قديم زماني کان ڪڇ جي رڻ مان سنڌ ۽ اولهه طرف جي ملڪن جي واپاري قافلن جو هندستان ڏانهن وڃڻ جو خشڪي رستو هو. انهي رستي تي ڪارونجهر جي ڏکڻ طرف رڻ ۾سامونڊي پاڻي جي هڪ تانگهي کاري هئي . مسافر قافلن کي اها کاريءَ پار ڪرڻي پوندي هئي . انهي کاري کي پارڪرڻ پويان پار کاري يا پاراُڪرڻ جنهن مان ڦري ٿيو ، پارکار پوءِ پارکر يا پارڪر . ڪن ٻولي جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ، پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻن وارو يا پٿريلو علائقو. اڳتي هلي هن علائقي تي پارڪر نالو پئجي ويو. هن پارڪر واري علائقي ۾ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي جي ختم ٿيڻ سان اتر طرف ڀٽن وارو علائقو شروع ٿو ٿئي . جنهن علائقي کي ٿر سڏيو ويندو آهي . سنڌي ٻولي تي تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ، ٿر لفظ سنسڪرت ٻولي جي سٿل لفظ مان نڪتل آهي.جنهن جي معنيٰ آهي ، بيٺل ، هڪ جاءِ تي ٽڪيل۽ نه وهندڙ . يعني خشڪ ريگستاني علائقو جتي ڪو به درياءَ وهندڙ نه هجي . انهي سٿل يا ٿل جو اچار ڦري ٿر لفظ ۾ تبديل ٿي ويو . ٿر کي ريگستان به چون ٿا . ريگ معني واري ۽ آستان معني جاءِ . يعني واري جي جاءِ يا وارياسو علائقو . هن علائقي ۾ واري جون ڀٽون تمام گهڻيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو “ٿڙي” چوندا آهن ،جيڪڏهن سندن ڪو ڍور ڊوڙي ڊوڙي وڃي هڪ جاءِ تي بيٺو ته ، چوندا ته مس مس وڃي ٿري بيٺو آهي .ڪاڙهيل کير جي ٿڌي ٿيڻ سان مٿان ٺهندڙ تهه کي به ٿر چئبو آهي . اهڙي ريت ٿر ۾ واري جون ڀٽون به ڄميل ۽ ٽڪي ٻڌل هونديو آهن ، انهي ڪري کين ٿري چيو ويندو آهي ، جيئن ته ٿر ۾ گهڻيون ڀٽون آهن . تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين وارو ملڪ يا ٿري وارو علائقو ، جنهن مان ٿر نالو ٺهيو . جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي سموري ريگستان کي ملائي دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته هي ٿر وارو علائقو تقريبن ٻه لک چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ پکڙيل آهي . پر انهي ريگستان جي ننڍي ٽڪري جيڪو سنڌ ۾ آهي ان جا به ٻه حصا آهن هڪ اڇڙو ٿر ۽ ٻيو ٿرپاڪر وارو حصو . هتي صرف ٿرپارڪر ضلعي جو ذڪر ڪبو.جيئن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر ۽ پارڪرجا ٻئي علائقا شامل آهن ، انهي ڪري ئي هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر آهي . هي ضلعو پکيڙجي لحاظ کان 19638 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي .


    • ٿر جي انتظامي ۽ قدرتي طبعي ورهاست

    انتظامي ورهاست : ٿرپارڪرضلعو سرڪاري انتظامي لحاظ کان 6 تعلقن ۾ ورهايل آهي . اهي تعلقا هي آهن . 1. تعلقو ڏاهلي 2. تعلقو ڇاڇرو 3. تعلقو مٺي 4. تعلقو ڏيپلو 5.تعلقواسلام ڪوٽ 6. تعلقو ننگرپارڪر .
    ٿرپارڪر انتظامي طورته مٿين ڇهن تعلقن ۾ ورهايل آهي ، پرتاريخ ريگستان جي مصنف رائچند هريجن ٿر جي ريگستان جا ، اٺ قدرتي ڀاڱا لکيا هئا . اڳتي هلي هن علائقي ۾طبعي تبديلين کي نظر ۾ رکندي . ليکڪ حاجي محمد “ حاجن ” دل ، پنهنجي شاعري جي ڪتاب “ ٿر وڏو وستار،”۾ موجوده ٿر جي ڏهن طبعي ڀاڱن جو ذڪر ڪيوآهي، جيڪي هن علائقي جي موجوده طبعي حالتن موجب درست ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن علائقن ۾ ، وڻن جي قد ، وڻن جي تعداد ، پاڻي جي ذائقي ، کوهن جي اونهائي وغيره جو ڪجهه قدر فرق آهي . انهي ڪري طبعي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي انهن کي ڌار ڌار ورهائڻو ٿو پوي .اهي ڏه ڀاڱا هي آهن . 1. کائڙ 2. ڍاٽ 3. مهراڻو 4. ونگو 5. اونيهر 6. سامروٽي 7. وٽ 8. ڪنٺو 9. پائر 10. پارڪر .
    1. کائڙ:هن ۾ سمورو ڏاهلي تعلقو اچي وڃي ٿو .جيڪو عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن کي ٽوڙي ٺاهيو ويو آهي .جنهن جو تعلقي هيڊڪوارٽر ڳوٺ کيمي جي پار ۾ آهي .هن حصي ۾اڪثر ڀٽون ننڍيون آهن ۽ سندن اوچائي به گهٽ آهي پر ڪجهه ڀٽون ڪٿي ڪٿي وڏيون به آهن. هن حصي ۾وڻن جو قد ننڍو آهي .وڻن جو تعداد به گهٽ آهي . سموري ٿر کان هن علائقي جا کوهه اونها آهن .هتي کوهن جي اونهائي ٽي سئو فوٽن کان به وڌيڪ آهي . پاڻي جو ذائقو ٺيڪ آهي . هن حصي جي زمين ۾ پوسل ۽ زرخيزيءَ گهٽ آهي ، انهي ڪري برسات تي هتي گهٽ گاه ڦٽندا آهن .
    2. ڍاٽ : ٿر جي هن ڀاڱي ۾ پورو ڇاڇرو تعلقو اچي وڃي ٿو . ڇاڇرو شهر به هن علائقي ۾ آهي .ڍاٽ علائقي ۾ ، ڀٽون ، کائڙ جي علائقي کان ڪجهه قدر اوچيون آهن. پر ٿر جي ٻين علائقن کان ننڍيون آهن . پر ڪي چند ڀٽون وڏيون به آهن . جيئن ڇاڇري کان اولهه طرف سائين ڏني جي ڀٽ، جنهن جي چوٽيءَ تان 90 ڪلوميٽر پري هندستان جو ڇهوٽڻ جبل ڏسي سگهبو آهي . هن ڀاڱي ۾ پاڻي هيٺ آهي ۽ کوهه اونها آهن . هتي کوهن جو پاڻي پيئڻ ۾ ڳرو محسوس ٿئي ٿو .هتي به اولهه يا اتر طرف ٽي سئو فوٽ اونهاکوهه کوٽڻا پون ٿا . هتي زمين جي اندر پٿريلا تهه به هوندا آهن . هن علائقي جا اٺ مشهور آهن ، جن کي ڍاٽيءَ اٺ چوندا آهن . ڍاٽيءَ اٺ وزن کڻڻ لاءِ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم جا ڏاڍا آهن . هن علائقي جي ميان عبدالحق نو تيرهي سر ايجاد ڪئي جيڪا کوهن ٻڌڻ ۾ استعمال ٿئي ٿي . هن ڀاڱي ۾ رهندڙ ماڻهن مان ڪي ماڻهو پاڻ کي ڍاٽيَ به سڏائيندا آهن .
    3. مُهراڻو :هي علائقو اتر طرف ٿر جي ريگستان جي مهڙ ۾ آهي . ان ڪري کيس مهراڻو سڏيندا آهن . هن علائقي ۾ مٺي تعلقي جو اتريون ڪجهه حصو اچي وڃي ٿو. مٺي جو خوبصورت شهر به هن علائقي ۾ آهي .مهراڻي سان لڳ درياءَ جي قديم وهڪري جا به ڪجهه نشان آهن ، جيڪو اڳي هن ڀاڱي جي هڪ پاسي کان وهندو هو . هي علائقو به قديم تاريخي ماڳن سان ڀرپور آهي . هتي هڪ تاريخي ڳوٺ “نوهٽو ” به آهي جيڪوهتان وهندڙ قديم درياءَ جو پتڻ هو، ۽ وڏو واپاري مرڪز به هو . ٿر جا سگهڙ ٻڌائين ٿا ، ته لاکي ڦلاڻي جي زال مهرراڻيءَ به هن ڳوٺ جي هئي . هتي ڀٽون وڏيون آهن . هن ڀاڱي ۾ وڻ گهٽ آهن ، پرڪنڊي ، ڪرڙ ، ڪونڀٽ جا وڻ ۽ ٿوهرجا جهڳٽا سموري ٿر کان هتي وڌيڪ آهن .هتي جا کوهه کائڙ ۽ ڍٽ جي مقابلي ۾ گهٽ اونها آهن. انهن جو پاڻي کارسرو، پر پيئڻ جهڙو آهي .مهراڻي ۾ مٺو پاڻي گهٽ ملي ٿو .مهراڻي جا مهري اٺ مشهور آهن ، جن کي ٿر جا ماڻهو “ ڏيسي ” اٺ به چوندا آهن ، جيڪي سواري جي لاءِ ڪم ايندا آهن . هي اٺ ڏسڻ ۾ ڏاڍا خوبصورت آهن . ڀاڳيا ا هي اٺ شوق سان ڌاريندا آهن .
    4. ونگو: هن ڀاڱي ۾ تعلقي ڏيپلي جو اتريون ۽ اولهه وارو حصو اچي وڃي ٿو. هن علائقي ۾ ڀٽون وڏيون ۽ وڌيڪ پکڙيل آهن. هتي وڻ وڏا ۽ زمين زرخيز آهي . انهي ڪري وسڪاري بعد هتي گاهه وڌيڪ ڦٽن ٿا . انهي ڪري هتي وسڪاري جي مند ۾ بيراج علائقي جا ماڻهو مال ڪاهي اچي رهي پون ٿا. پوءِ گاهه هئڻ تائين هتي ئي رهيا پيا هوندا آهن . هن علائقي ۾ کوهه گهڻو اونها ڪونهن انهن جو پاڻي پيئڻ جهڙو آهي . هتي زمين جي اندر ڪو به جابلو تهه ناهي. هن علائقي ۾ به قديم درياءَ جي ڪجهه وهڪرن جا نشان موجود آهن. هن علائقي ۾ درياءَ جي ڦٽل وهڪرن جي ڪنارن تي قديم آبادين جي آثارن جا به نشان آهن .جن بابت تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي .
    5. اونيهر: هي علائقو تعلقي اسلام ڪوٽ جو ڪافي حصو والاري ٿو. اسلام ڪوٽ جو شهر به هن علائقي ۾ آهي . هن علائقي ۾ ڀٽون وڏيون ۽ چوٽي واريون آهن . هتي ڏهر يعني ڀٽن جي وچ وارا سڌا آبادي لائق پٽ هيٺ ۽ اونها ۽ وڏي ايراضي تي پکڙيل آهن . انهي ڪري هن علائقي جا ماڻهو هن علائقي کي اونڏهر( اونهن ڏهرن وارو ) به سڏين ٿا . پوري ٿر ۾ اهڙا ڏهر ٻئي هنڌ ناهن . هتي وڻ وچولا آهن ۽ زمين وچٿري زرخيز آهي . هتي کوهه به وچٿرا اونها آهن ، جن جي پاڻي پيئڻ سان ڪڙاڻ محسوس ٿيندي آهي . هتي زمين جي اندر پٿريلا تهه به موجود آهن ، جيڪي تهه به تهه کوٽائي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا رهندا آهن . جن ۾ ڪجهه تهه سخت ته ڪجهه ڀرندڙ پٿر جا آهن.
    6. سامروٽي :هن علائقي ۾ ڪجهه حصو تعلقي مٺي جو ۽ تعلقي ڏيپلي جو وچ وارو حصو اچي وڃي ٿو. ڏيپلي جو شهر به هن علائقي ۾ آهي . هن علائقي ۾ ڀٽون وڏيون ۽ اوچيون آهن . جنهن ۾ نرهوڙي کان اولهه ۽ ڳوٺ ننهائي کان اوڀر ۾ ٿر جي وڏي ۾ وڏي ڀٽ “ ٻانهياري ” به موجود آهي . هن حصي ۾ وڻ به تعداد ۾ گهڻا ۽ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن .هن علائقي جا کوهه گهڻو اونها ڪونهن. ڇاڪاڻ ته هتي زير زمين پاڻي مٿي آهي .هتي جي کوهن جو پاڻي ٿورو ڪڙاڻ مائل آهي ، پر پيئڻ جهڙو آهي . ٿر جي هن حصي ۾ لوڻ جا ڪيترائي سن ( ڍنڍون) آهن . ٿر جي هن علائقي ۾ ڪل 61 لوڻ جا سن آهن . جيڪي هن ريت آهن. 1. سائونگي جو سن 2. سڌوئي جو سن 3. پٻوپل جو سن 4. بگهاڙيو جو سن 5. هٿني جو سن 6. ڊاڀڙو جو سن 7. دونهائي جو سن 8. هاشم کوهي وارو سن 9. سارڻ جو سن 10. ڪتاني جو سن 11. ڊونڊڙي جو سن 12. کهنڊڙي جو سن 13. لاڏڪي جو سن 14. ڏگو بجير وارو سن 15. پلوپور جو سن 16. روهل جو سن 17. لسيو جو سن 18. گوڏانگڙي جو سن 19. ڪارويو جو سن 20. ڊگهاڙيو جو سن 21. چَڙيل جو سن 22.ڪيرلو جو سن 23. هٿرائي جو سن 24. کاري راهمان جو سن 25. ڳڀڻ جو سن 26. راڻويرو جو سن 27. سينگالو جو سن 28.ڊڳ جو سن 29. ڳالهائو جو سن 30. صابن کوهي جو سن 31. آمرنو جو سن 32. ڊاڙ جو سن 33. راهمڪي بازار وارو سن 34. سينگاريو جو سن 35. انڙجهڙ جو سن 36. گنگالس جو سن 37. ٻٽڙي جو سن 38. آڪلو جو سن 39. نرهوڙو جو سن 40. سگار جو سن 41. ڏيڙمون جو سن 42. ڪونئرليو جو سن 43. بُولي جو سن 44. تلو جو سن 45. وينگي جو سن 46. ڦلاڻي جو سن 47. منهيرو جو سن 48. ڇائوڇپرو جو سن 49. ڊاڀڙو پاڙها جو سن 50. ٻٽڙي ٺڪر جو سن 51 ترڪڻي جو سن 52. اوڍاڻو جو سن 53. ٻٽياڻو جو سن 54. سرنگهه وارو سن 55. جوجهريو جو سن 56. ٻنڌ هنگورجا سن 57. ڪنڍ و لنڊ جو سن 58. ڪهيارو جو سن . هن علائقي ۾ تاريخي لحاظ کان، سومرن جي دور جا ڪجهه ماڳ به آهن.
    7. وٽ : هن علائقي ۾ تعلقي اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي جو ڪجهه حصو اچي وڃي ٿو . هن ڀاڱي ۾ ڀٽون وڏيون آهن . هي علائقو سمنڊ کي ويجهو آهي . هتي کوهن جو پاڻي تانگهو آهي ، ڪٿي ته چند فوٽ کوٽڻ سان زير زمين پاڻي مليو وڃي . کوهن جو پاڻي ڪجهه قدرسٺو ۽ نه کٽندڙ آهي ، هتي کوهن تي ڀاڄيون وغيره ٿين ٿيون . هتي وڻن جو تعداد به سٺو آهي . جن ۾ ٿر جا ، گگرال ،ڦوڳ ، موراڙي، ٻائوري ، ۽ ڪانڪهه جا ناياب وڻ به شامل آهن . هن علائقي ۾ هيٺيان 15 لوڻ جا مشهور سن ( ڍنڍون ) آهن . جيڪي 1. ميڙو سن 2. ڇڇي ڍوڻي سن 3. ڀوتاڙو سن ( هي هندستان جي سرحد تي آهي ) 4. لسڙي سن 5. سوئاڙي سن . ( هن سن جي باري هتان جا جهونا ماڻهو چوندا آهن ته ، ڪنهن زماني ۾ لوڻ جي هن سن ۾ 100 سوئا اٺڻين جو وڳ غرق ٿي ويو هو ، انڪري هن سن تي سوئاڙي سن نالو پيو . ) 6. نبي سر لنجا سن 7. ٽيپاري سن ( هن سن مان گهڻي مقدار ۾ لوڻ ڪڍيو وڃي ٿو) 8. ڪانڱيڻي سن 9. گانگاڻ سن 10. ٻنڌڻا لس سن 11. جُهن جو سن 12. ڏيڻيون سن 13. تيراڙ سن 14. تُرڪڻي سن 15. ڏهنياري سن آهن . هن علائقي جوڳائو گيهه تمام گهڻو مشهور آهي، جنهن کي هتان جا ماڻهو “ کرتائي” سڏيندا آهن .
    8. ڪنٺو : هي ڀاڱو تعلقي ننگر پارڪر جو اتر ۽ اوڀر وارو حصو والاري ٿو . هن علائقي ۾ ڀٽون پوريون پنيون آهن ، هتي آبادي لائق زرخير زمينون آهن . ٿر جي هن علائقي ۾وسڪاري وقت فصل ڀلا ٿين ٿا . هتي کوهه سئو فوٽن کان ويندي ڏيڍ سئو فوٽن تائين اونها آهن . کوهن جو پاڻي به ڪجهه قدر ذائقي ۾ سٺو آهي . هن علائقي ۾ پڻ زمين جي هيٺان پٿريلا تهه موجود آهن . هتي ڪٿي ڪٿي کوهن جي کوٽائي ڪندي ، سئو فوٽن تي هڪ ڪاري سخت پٿر جو تهه اچي ٿو. جيڪو ٽوڙڻ ۾ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي . ڪڏهن ڪڏهن اهو تهه ڪٽيندي هيٺ ڪريو پوي ۽ پاڻي وڏي قوت سان مٿي اچيو وڃي . پوءِ انهي کوهه جي پاڻي جو هيٺ تر نه هوندو آهي . جيڪڏهن ڪا شئي انهي کوه ۾ ڪري پئي ته ٻاهر نه ڪڍي سگهبي آهي . اهڙي کوهه کي“ ڊهه ڦاٽ کوهه” يعني ججهي پاڻيءَ وارو کوهه چوندا آهن . هن علائقي ۾ وڻن جو تعداد ٿورو آهي ، پر وڻن جو قد ڊگهو آهي. هتي ڄارين جا وڏا وڻ آهن . انهن ڄارين جا پيرونءَ تمام مٺا ٿين ٿا . جيڪي سڄي ٿر ۾ مشهور آهن .هتي برسات وسڻ بعد سڄو علائقو سرسبز ٿيو وڃي. هي علائقو ٿر جي قديم تاريخي ماڳن سان ڀرپور آهي . جنهن ۾ ستيڏهرا ، ماڳ وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو .
    9. پائر: هي علائقو تعلقي ننگر پارڪر جي اتر ، اوڀر طرف وارو حصو والاري ٿو . هن علائقي ۾ ڳوٺ کارسر کان اتر ۽ اوڀر ۾ ڪنڀاري ، ڀيما ويري ، ومڙي ، هستڙو ، هاڙهو ، جهڳليو ، گونگڙي ، گوندي ، ڇڇي گجو ، کاروڙو غلام شاهه جهونڊڻ ، ڪٻڙي ، ٽٻڻي ، مامچيرو ، سورينڀڙو ۽ ساڪر ويرو ، ڳوٺن وارو علائقو شامل آهي . هتي کارسر ۽ ساڪر ويرو ڳوٺن جي ويجهو جابلو سلسلي جون ٻه ڌار ڌار ٽڪريون به موجود آهن . هتي ڪجهه حصي ۾ ننڍيون ڀٽون به آهن . ڪجهه حصو سڌو ميداني به آهي هن علائقي جا کوهه گهڻا اونها ڪونهن ، سندن پاڻي به سٺو آهي . هن علائقي جون زمينون ڏاڍيون زرخيز آهن . وسڪاري بعد منجهن تمام سٺا فصل ٿين ٿا . برسات بعد هتي جي زمينن ۾ قسمين قسمين گاه پڻ ڦٽن ٿا . جن جو نظارو ڏاڍو فرحت ڏيندڙ آهي . ٿر جي هن پائر واري علائقي ۾ انگريزن ۽ سوڍن جي جنگ به لڳي هئي . ٿر جي هن علائقي ۾ به لوڻ جا 8 سن مشهور آهن جيڪي هن ريت آهن . 1. ڏنياري سن 2. ٽسينگڙي سن 3. ڪيريو دل سن 4. موکئي وارو سن ( لوڻ جي هن سن ۾ ست رنگو لوڻ ملي ٿو . برطانوي دور ۾ هن سن جي لوڻ کي زهريلو قرار ڏيئي ، لوڻ ڪڍڻ تي پابندي لڳائي ويئي هئي ، پر هينئر هن سن مان به لوڻ ڪڍيو وڃي ٿو. ) 5. ٻاراچ سن 6. ڇڇي سن 7. ومڙي جو سن 8. ٻرڙيو سن .
    10. پارڪر: هي علائقو تعلقي ننگر پارڪر ۾ آهي ،ننگر پارڪر جو شهر به هتي ڪارونجهر جي هنج ۾ آهي . هن علائقي ۾ ڀٽون ناهن . سڄو ڪارونجهر جبل هن ڀاڱي ۾ اچيو وڃي . هتي ڪارونجهر جي جابلو سلسلي کان ڌار45 ٽڪريون پڻ موجود آهن . هتي کوهه اونها ناهن، هتي جي کوهن جو پاڻي مٺو ، سوادي ۽ پيئڻ لائق آهي . هتي زيرزمين جابلو تهه به ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن . هتان جي زمين ۾ ڪجهه قدر پٿرائون ريت به موجود آهي . پر زرخيز آهي . منجهس وسڪاري ۾ فصل سٺا ٿين ٿا . ڪارونجهر جبل ته عجائبات سان ڀرپور آهي . ڪارونجهرجبل ننڍين ۽ وڏين ٽڪرين جو جابلو سلسلو آهي . جيڪو بيضوي شڪل جي گولائي۾ پکڙيل آهي. جن جي وچ ۾ ماٿريون به آهن . انهي بيضوي شڪل ۾ پکڙيل ٽڪرين جي گولائي ڪي 24ڪلو ميٽر کان مٿي ٿا ٻڌائين ته ڪي وري 30 ڪلوميٽر ٿا چون . پر صحيح سروي نه ڪئي ويئي آهي. صحيح سروي ڪرڻ بعد اها ايراضي شايد وڌي وڃي. ڪارونجهر جبل جو جابلو سلسلو هيٺين ٽڪرين ۽ جبلن تي مشتمل آهي . هتان جا ماڻهو جبل يا ٽڪري کي ، جبل ، ٽڪري ، ڏونگري ، ۽ ٽئونڪ به چوندا آهن .1.تروٽ وارو جبل . 2. گهرٽيو وارو جبل ، 3. ٽونبڙيو وارو جبل، 4.چور جهول ٽڪر ، 5.هرڻا ويرا ٽڪري ، 6. ڪاري ڏيرا ٽڪر 7. شاهه جي ٽڪري 8. هرجي ويرا ٽڪر 9. ٻرواڙي ٽڪر 10. راٺن وارو ٽڪر 11. مور ٽڪري 12. ڪيري ناٿ ٽڪر 13. اونڌ وارو ٽڪر 14. پاتڻيون ٽڪر 15. ايرڻين واري ٽڪري 16. ماءُ ديوڙي وارو ٽڪر 17. انچليسر وارو جبل 18. مئو جو ٽڪر 19. پاڌرڙي وارو ٽڪر 20. ڀوڏيسر وارو جبل 21. سکپور وارو جبل 22. آڌيگام وارو جبل 23. ڀڪيي واري ٽڪري 24. گاڏرڙا جبل 25.گهوڙي وارو ٽڪر 26. چڻوٺيون وارو ٽڪر 27، گئومکي وارو ٽڪر 28. سارڌڙو وارو ٽڪر 29. ڀيم گوڏا وارو ٽڪر 30. گئوناٿ وارو ٽڪر 31.مرڙا سگي وارو ٽڪر 32. انڌاريو واري ٽڪري 33. امي جاڙا وارو ٽڪر 34. تيرٿيو وارو ٽڪر 35. ٽوڀڙيو واري ٽڪري 36. کاکرو جبل 37.. مٽي ويرو وارو ٽڪر38. کارو ڀيم سر وارو ٽڪر 39. نڙلو وارو ٽڪر 40. ٻاڙوڌرو وارو ٽڪر 41. تارا جهول وارو ٽڪر 42. ڏاڪڻيون واري ٽڪري .43. راتي ڌارا وارو ٽڪر 44. پيپلي جهارو وارو ٽڪر 45. ويلڙيو وارو جبل ( هن ٽڪر مان پاڻي جو چشمو نڪري ٿو ، جيڪو پاڻي کرٽئي جي مريض لاءِ اڪسير سمجهيو وڃي ٿو. ) 46. ڪوٺي واڙ وارو ٽئونڪ 47. کيجڙي ويرو وارو ٽئونڪو 48. گوٽي جي راءِ واري ٽڪري 49. ونو ويرا وارو ٽئونڪو 50.ٻڪڙيا واري ٽڪري 51. تڪيو وارو ٽئونڪو 52. چڪري واري چوٽي 53. آڏي جهول وارو ٽئونڪو 54. پانچي جي ماٿاري واري ٽڪري 55. گرڌاري ناٿ وارو ٽئونڪو 56. سينگڙا واري ٽڪري 57. ڪتا کن واري ٽڪري 58. کجور واري ٽڪري 59. سنگي واري چوٽي 60. گنگا ڀاڻ وارو ٽڪر 61. ڏوئي ٽئونڪو62. بيسا واڙي ٽئونڪو 63. جينجواڙي واري ٽڪري 64. ڌڄاڙو واري ٽڪري . 65. ٽوڀلو وارو ٽئونڪو 66. مگري واري ٽڪري 67. لنگهو ٽڪر 68. گوما وارو ٽڪر 69. مندر واري ٽڪري 70. ڪارا سنڌا وارو ٽئونڪو 71. لالي ٻائي واري ٽڪري 72. ٽاڍيو ٽڪر 73. ڀيل ڀيلاڙو جبل 74.چولڙي ٽڪري 75. اڪ جهارو ٽڪري ( هن ٽڪري تي اڪ جا ٻوٽا گهڻا ٿيندا آهن ). 76. ڏاڪڻين واري چوٽي 77. چندور پاساڙا ٽڪري ( هن ٽڪري تي چندور جو قيمتي وڻ ٿيندو آهي ) 78. تر کوڙيو ٽئونڪو 79. گهوڙ وارو ٽڪر 80. گڏکيءَ واري ٽڪري 81 . سونيويرا ٽڪري 82. آڏي ڍار وارو ٽڪر 83.وڏئو واري ڍار 84. روجهڙا ٽڪر 85. ٻنڌو ڳڙو جبل 86. گهوڙا ڪڳر واري ٽڪري 87. ٻاروجها ٽڪر 88. هوندرو ٽئونڪو 89. ڀيرٻ چٻ وارو ٽئونڪو ( هن ٽڪري تي چٻن جو آستان آهي ) 90. سلاڙو ٽڪر 91. گنگا ٻئوڻ واري ٽڪري 92. پالاڙو ٽڪر 93. ٻنڌل پاسا ٽڪر 94. ناٺيون جهارو واري ٽڪري 95. ڪارا ٽڪر 96. ڪان ڪجو ٽڪر ( هي تمام لسو ٽڪر آهي جنهن تي چڙهڻ مشڪل آهي ) 97. اٺن واري تري ٽڪر 98. وڏيو ٽڪر 99. ٻوڙ واري ٽڪري 100. آٻلي ڍار ٽڪري .( هن ٽڪري تي گدامري جا وڻ آهن ) 101. هيمڙي ماڙو ٽڪر 102. چڱي ڌار ٽڪري 103. هرمون جهارو واري ٽڪري 104. پوتليون ٽڪري 105. پکيئڙو ٽئونڪ 106. موڏو ٽڪر 107. ڪاسٻو ٽڪر 108. ڳجهن وارو پاساڙو ( هن ٽڪري تي ڳجهن جي رهائش جو قديم ترين ماڳ آهي ) 109. هنگوري ٽڪري .
    ڪارونجهر جي سلسلي جي انهن سڀني ٽڪرين کي ملائي ڪارونجهر جبل سڏيو ويندو آهي . ڪارونجهر جي انهي جابلو سلسلي 109 ٽڪرين تي وسڪاري جي مند ۾ جڏهن برسات وسندي آهي ته ڪارونجهر جي وادين ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات جو پاڻي ننڍڙين ندين ۽ وهڪرن جي شڪل ۾ وهي هلندو آهي . جنهن سبب هن علائقي جي زمين جي زرخيزي وڌي ويندي آهي، جيئن ڪارونجهر جي ڀر وارو علائقو ڪاسبو وڌيڪ زرخيز آهي . ڪارونجهر جي جبل تان وسڪاري جي لهندڙ پاڻي سبب زيرزمين پاڻي جي سطح به مٿي چڙهي ايندي آهي ، اهوئي سبب آهي جو ڪارونجهر ۽ ان جي آسپاس جي سموري علائقي ۾ کوهن جو پاڻي سموري ٿر کان وڌيڪ مٺو ۽ سٺو آهي . جيڪڏهن جديد رٿابندي سان پاڻي کي ذخيرو ڪري استعمال ڪيو وڃي ته هن علائقي مان وڌيڪ زرعي پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي .
    ڪارونجهر جبل ۾ ڏسڻ جهڙا 108 تيرٿ ۽ تاريخي به ماڳ آهن ، جيڪي وڌيڪ تحقيق طلب آهن . جن ۾ ساڙڌرو ، گئومکي ، انچليسر ( هي تيرٿ مٿانهين جاءِ تي آهي ، مٿي چڙهڻ لاءِ 99 ڏاڪڻيون ٺهيل آهن ) جهرڻو ، ٻاين جو ٻيسڻو ، ( هي هڪ ڳجهي غار آهي ، جتي سوڍن انگريزن سان جنگ دوران پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي لڪائي رکيو هو ) ويلڙيو جو چشمون ، تيرٿيو ، انڌي جي ويري ، انڌاريو اجواڙيو ، کوڙي جهارو ، ٻاڙ ڌڙو ، کاروڙو ، ماڏيوڙي ، گنگا ٻاڻ ، انڌاريو ، سيل ماتا ، چئو ويڙي ويري ، تڪيو ، چندن گڍ . ( سوڍن جي هن قلعي کي انگريزي فوجن توبن سان مسمار ڪري ڇڏيو هو ) ڀيم ڪن ۽ کارا جهارا چشمون وغيره وڌيڪ مشهور آهن . جيڪڏهن جديد بنيادن تي انهن جاين تي تفريحي سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ته ، سياحت ذريعي پڻ هن علائقي ۾ ڪجهه قدر خوشحالي آڻي سگهجي ٿي . وسڪاري بعد هتي قسمين قسمين قيمتي جڙي ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون. ان کانسواءِ ڪارونجهر مان ماکي به وڏي مقدار ۾ حاصل ٿئي ٿي . جنهن ڪري اها چوڻي عام آهي ته “ڪارونجهر روزانو سوا سير سون پيدا ڪري ٿو.” يعني ڪارونجهر جبل مان روزانو سوا سير سون جي قيمت جيتري مختلف شين جي پيداوار حاصل ٿي سگهي ٿي . تازو کوجنا بعد اهو ظاهر ٿيو آهي ته ، سڄو ڪارونجهر جبل هڪ اعليٰ قسم جي سنگ مرمر(گرينائيٽ ) جو ٺهيل آهي . ڪجهه سالن کان هتي چيني مٽي جا ذخيرا به لڌا ويا آهن . انهي ڪري سوا سير سون جي بجاءِ سڄو ڪارونجهر سون آهي . ڪارونجهر جي ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ آهي . انهي پاسي لوڻ جا سن (ڍنڍون ) به آهن . زرخيزي کان مشهور وادي ڪاسبو به هن علائقي ۾ آهي . انهي کان سواءِ هن علائقي ۾ ڪارونجهر جي سلسلي جون ڪجهه ڌارننڍيون ۽ وڏيون ٽڪر ۽ ٽڪريون مختلف ڳوٺن جي ڀر ۾ پڻ موجود آهن . جن ۾ 1. کارسر واري ٽڪري 2. ساڪرويري واري ٽڪري 3. چڻيندا واري ٽڪري . 4. چوڙيو واري ٽڪري . 5. ڏينسي واري ٽڪري . 6. ووڙائو واري ٽڪري . 7. ڄام خان واري ٽڪري. 8. واڌڙائي واري ٽڪري . 9.ڏونگري واري ٽڪري . 10. راڻپور وارو ٽڪر ( هن ٽڪر وٽ پاڻي جو ڊئم به آهي ) .11. ڪاڙڪي واري ٽڪري . 12. ڍيڍ ويرو واري ٽڪري 13. پاڙو ڌري واري ٽڪري 14.ڪرهه ٽڪري 15. سانڪڙ ٽڪري 16.رتي ترائي واري ٽڪري 17. سيهڙيون واري ٽڪري 18. ڪاري ڏونگري 19. ساڏورس واري ٽڪري 20. ٻهراڻو ٽڪري 21. راڙڪوئو ٽڪري 22. آسالڙي ٽڪري 23. ڌڱاڻو ٽڪري 24. سوٽهڙن جي وانڍئي واري ٽڪري 25. کارڙيون ٽڪري 26.جنجهو ٽڪري 27. ٻوڙن وارو ٽڪر 28. ڪيريو ناڪو وارو ٽڪر 29. ڏاتي جي ٽڪري 30. ڌناگام واري ٽڪري 31. خاناڻي واري ٽڪري 32. رامجي جي وانڍيئي واري ٽڪري 33. وستي جي وانڍيئي واري ٽڪري 34. ڪپورڙي واري ٽڪري 35. مڪي واري ٽڪري 36. ندي جي وانڍيئي واري ٽڪري. 37.موڪڙيئي واري ٽڪري 38. راوتو جي وانڍيئي واري ٽڪري 39. آڏاڻي جو وانڍيو واري ٽڪري . 40.ڪوڙاسري واري ٽڪري 41. اوڪاڻي واري ٽڪري 42. کاروڙو واري ٽڪري 43. ڀڪي واري ٽڪري 44. ڏونگري مهراج واري ٽڪري . 45. رامسر واري ٽڪري . انهن مان 41 جابلوٽڪريون پارڪر واري علائقي ۾ آهن . باقي ٻه ٽڪريون کارسر واري ٽڪري ۽ ساڪر ويرو واري ٽڪري ٿر جي پائر واري علائقي ۾ آهن . جڏهن ته ڄام خان واري ٽڪري ۽ رامسر واري ٽڪري پائر ۽ پارڪر جي سرحد تي آهن .


    • ٿر جي معاشي حالت ۽ گذر جا وسيلا

    ٿر وڻراهي وارياسوعلائقو آهي . ڪٿي وڏا دڙا ۽ ڀٽون، جن تي چڙهڻ سان پير پوئتي پيا ويندا ، ته ڪٿي وري سنئين سڌي زرخيز زمين آهي. سياري جي موسم ۾ شام ٿيڻ سان ئي واري ٺريو برف جهڙي ٿيوپوي، جنهنڪري سردي بدن پئي ڏڪائيندي ، ته اونهاري جي مند ۾ وري ڀٽن جي واري ، سج جي گرمي ڪري تپيو ٽانڊا ٿيو پوي . مٿان وري انهي موسم ۾ ڏکڻ الهندي جي ڪنڊ کان گرم لُڪ زور سان لڳندي آهي ، جنهن سان وري واريءَ جا واچوڙا اهڙا اُٿي کڙا ٿيندا جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ، ڄڻ باه جي مچ ۾ گهڙڻ برابر هوندو آهي. اهڙي گرم هوا ( لوءَ ) يا لڪ ماڻهو يا جانور جو ڄڻ بدن ئي ساڙي ڇڏيندي آهي .
    ٿر جي علائقي جي ساوڪ ۽ سڪار جو سمورو دارومدار برسات جي وسڻ تي آهي. اونهاري جي موسم ۾ سواءِ وڏن وڻن جي، باقي سڀ گاهه ۽ ننڍا ٻوٽا ، سُڪل ڏسڻ ۾ ايندا . مينهن به ڪنهن سال گهڻو وسي ڪڏهن ٿورو، ته ڪنهن سال وري صفا هڪ ڦڙيءَ به نه وسي . ٿر ۾ نڪا ندي وهي ، نه نئن، نه وري ڪو ڦاٽ وهي. نڪوئي هتي ڪو واهه، ۽ نه ئي ڪو ڪئنال وهي ٻنيون آباد ڪري ٿو. هتي ٿر ۾ جيڏانهن ڏس رڳو ڀٽن تي ڪٿي ڪي ڪونڀٽ ، ڪٿي ٻائوريءَ جا وڻ ،۽ ڪٿي وري ساڏوهين ، موراڙي جي ٻوٽن ۽ کٻڙين جا جهڳٽا ،هيٺ ڀٽن جي وچ وارن ڏهرن ۾ وري ڪٿي ڪٿي روهيڙي جو وڻ ، ڏسڻ ۾ ايندو.باقي ڪنڊيءَ ۽ ٻيرين جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آهن . ڦوڳ جووڻ ۽ گگرال جيڪي اڳي ٿر ۾ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا ، سي هاڻي صرف “ وٽ ” واري علائقي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا . ڏهرن جي ڊاڳن ۾ وري کپ ، ٻوهه ۽ اڪ ڏسڻ ۾ ايندا . ٿوهرجا جهڳٽا جيڪي ڪجهه وقت اڳ ٿر جي سڃاڻپ هوندا هئا سي به ڪن موسمياتي تبديلين سبب مس مس ڪٿي نظر ايندا آهن ، جي اها حالت رهي ته پوءِ ٿر ۾ ٿوهر ، گگرال ، ڦوڳ ۽ ڪانڪهه جو نسل ئي ختم ٿي ويندو . باقي ڪجهه سالن کان ديويءَ جي وڻ ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي . ٿر ۾ هاڻي ته ديوين جا ننڍڙا ٻيلا ٿيڻ شروع ٿيا آهن . ديوي جي وڻ جو واڌارو ، ونگي ، سامروٽي ۽ وٽ جي علائقن ۾ وڌي ويو آهي . ديوي جي وڻن جي واڌاري سبب ، ٿر جي اصل قيمتي وڻن ۽ بيشمارگاهن جي وجود کي خطرو ٿي ويو آهي .ٿر ۾ وسڪارو ٿيڻ بعد ڀٽن تي ، ڏهرن تي گاهه جام ٿيڻ سبب ، زمين تي ڄڻ ته ڪوسائو غاليچو وڇايو پيو هوندو آهي. وسڪاري وقت ٿر ڪشمير جون سڪون پيو لاهيندو آهي . ٿرجي ڀٽن جي به عجيب حالت آهي . ڪي ڀٽون چڙهڻ ۾ سوليون، جن تي مٿي چڙهڻ لاءِ رستا به آهن. ان ڪري مال ۽ ماڻهو سولائيءَ سان چڙهيو وڃن. ڪٿي ڪي ڪي ڀٽون وري اهڙيون اوکيون، سڌيون اڀ ڪپريون، جو مٿن چڙهڻ ئي محال ٿيو پوي، ڪٿي وري اهڙيون وڪڙن واريون منجهن ڏرڙ ۽ ڏار پيل ، ماڻهو ته ٺهيو، پر مال جو پهچڻ ئي مشڪل ٿيو پوي . جيڪڏهن ڪا ٻڪري يا ڪو ڍور اهڙن ڏارن ، ڏرڙن ۽ کڏن ۾ ڪري پيو ته پوءِ ڌڻين کي انهي جي هڏيءَ به هٿ نه ايندي آهي .
    ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي ، وسڪاري جي موسم ۾ته ٽوڀا، تلاءَ ۽ ترايون ڀرجي وڃن ٿيون. پر انهن ۾ ٿورو وقت پاڻي هوندو آهي . سياري ۽ اونهاري ۾ صفا سوڪ ٿيو وڃي ،.ڀٽن جي ڀر جي ڏهرن ۾ ماڻهن جا ننڍا ننڍا ڳوٺڙا آهن، ته ڪٿي ننڍن دڙن تي به گهر اڏيل ڏسڻ ۾ ايندا .هيٺ ڏهرن ۾ پاڻي لاءِ کوهه کوٽيل هوندا آهن. اهي کوهه ڪٿي اونها، ته ڪٿي تانگها هوندا آهن . ڪن ڳوٺن جا ماڻهو وري پاڻي ٻين ڳوٺن مان ڪوهه ٻن تائين پنڌ ڪري آڻين. ٻهراڙين ۾ پاڻي جي سخت تڪليف اتي شهرن وانگر پخالي يا پاڻهاري ذريعي پئسن تي پاڻي ملڻ جو به بندوبست ڪونهي. سڀڪو پنهنجي گهر لاءِ ، ۽ پنهنجي مال کي پاڻي پيارڻ جو بندوبست پاڻ ڪري ٿو. ڳوٺن ۾ کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو هڪ رضاڪارانه گڏيل نظام ٺهيل آهي ، جنهنڪري هڪٻئي جي مدد ڪرڻ سان هن مسئلي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿي ويئي آهي .ٿر ۾ مٺو پاڻي ورلي ملندو آهي .ڪٿي ٻاڙو، ڪٿي کارو، ته ڪٿي وري اهڙو جو پيءُ ته نڙيءَ وٺجيو وڃي. اونهاري جي لڪن ۾ ته پکي به پيا پاڻي لاءِ سڪندا آهن . انهي ڪري وسڪاري لاءِ سڀني جون اکيون اُڀ ۾ کتل هونديون آهن . ڪٿان ڪو ڪارو ڪڪر ڏسندا ته بهار بهار پيا ٿيندا آهن .ٿر جي زمين وارياسي آهي، پر ڏهرن ۾ ڪجهه سخت زرعي زمين آهي ، جتي باراني پوک ڀلي ٿئي ٿي .ڪجهه ماڻهو ڪوهنربه ڄاڻن ٿا ، پر ٿر جي هنرمندن جي ٺاهيل شين کي وڪري ڪرڻ لاءِڪو جوڳو بندوبست ناهي . تعليم لاءِ نه گهڻا اسڪول آهن نه وري پري وارن اسڪولن تائين پهچڻ لاءِ سواري جو ڪو انتظام آهي . پر پوءِ به ٿر۾ پڙهيل ماڻهن جو چڱو تعداد آهي . هاڻي ڪجهه قدر پڪن رستن ٺهڻ جي ڪري سڌارو اچي رهيو آهي . مکيه ڌنڌو پوک ۽ مال چارڻ آهي . ٿر جا ماڻهو وسڪاري بعد گاهه گڏ ڪري ڪالر ۽ دن ٺاهي رکن ٿا ، جو اونهاري ۾ ڏڪار جي وقت مال لاءِ ڪم اچي . ٿر ۾ زرعي پيدائش گهٽ آهي ، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ڪفايتي هوندا آهن ، هو سادگي سان وقت گذاريندا آهن .شهري ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپار به ڪن ٿا ، ۽ منجهانئن ڪي نوڪرين ۾ به لڳل آهن، باقي ٻهراڙين ۾ ماڻهو وسڪاري کان پوءِ ، جن وٽ مال نه آهي، سي به واندو وقت نه ڪاٽين.ڪجهه ماڻهو هنرمند آهن. جيڪي گهرن ۾ غاليچا ، کٿا ، کٿيون ٺاهين ، ته ڪي ڪاٺ ۽ چمڙي مان شيون ٺاهي پنهنجو پيٽ گذر ڪن . ۽ ڪجهه ماڻهوٻين شهرن ڏانهن وڃي مزدوري به ڪندا آهن .


    • ٿر ۽ برسات

    ٿر ۾ وسڪاري جي مند پندرهين جون يا ان کان پوءِ شروع ٿيندي آهي. اٽڪل ٽي مهينا پندرهين سيپٽمبر تائين برسات جا ليکبا آهن. ڪڏهن اڳ ۾ به برسات وسندي آهي. ٿر جيئن ته وارياسوعلائقو ۽ پارڪر جابلوعلائقو آهي . سڄي ٿرپارڪر ۾ گذران جوسمورو دارو مدار برسات جي پاڻي تي آهي. “ وٺو ته ٿر ، نه ته بر ”. برسات پوڻ سبب ٿر سرسبز ۽ آباد ٿي ويندو آهي. گاهه ۽ پاڻي جي موج ٿي ويندي آهي ،سنڌ جي بيراج علائقن مان به مال جا ڌڻ چاري لاءِ ٿر ۾ ايندا آهن . ڪنهن سال جيڪڏهن گهٽ يا غير مندائتي برسات پوندي آهي. ته ملڪ ۾ ڏڪار ٿي پوندو آهي. اهڙي حالت ۾ به ٿورو گهڻو گاه ٿيندو آهي جنهن سبب چوپايو مال بچيو وڃي ، پر ماڻهن کي کائڻ لاءِ اناج ڪونه ملندو آهي ، تنهن ڪري تڪليف هيٺ اچيو وڃن. پر جي برسات نه وٺي ته پوءِ قحط ڏڪار سبب سموري زندگي خطري ۾ اچيو وڃي .
    انهي ڪري ٿر جي سموري جياپي جو سمورو دارومدار برسات تي آهي.هتي مينهن به ڪڏهن گهڻوپوي ته وري ڪڏهن صفا وسي ئي ڪونه، ڪنهن ٽڪر ۾ مينهن گهڻو پوي. ڪٿي گهٽ، ته ڪٿي اصل ڪو نه وسي، ٿر جي پارڪر واري حصي ۾ ڪجهه سال اڳ تائين اڪثر برسات گهڻي پوندي هئي . آباديءَ لاءَ مندائتي، سراسري برسات، 200 ملي ميٽرن کان 300 ملي ميٽرن تائين ڪافي آهي. انهي کان وڌيڪ برسات به نقصان جو ڪارڻ بڻبي آهي.برسات جي موسم جي شروعات ۾ جيڪڏهن گھڻي برسات وسي يا لڳاتار جهڙ ٿئي، ته چوپايو مال جيڪو ڪمزور هوندو آهي سو بيمار ٿيو مريو وڃي، پوکيل فصلن تي به جهڙ جي ڇمر جو اثر پوندو آهي، لڳاتار ڪڪرن جي ڇانوَ سبب هڪ طرف فصلن جي واڌ تي اثر ٿئي ٿو ته ٻئي طرف اهڙي موسم ۾ فصلن کي بيماريون به لڳيو وڃن ۽ سموري پوکيل پوک ناس ٿيو وڃي. ۽ جيڪڏهن مينهن گهٽ وسي ته پوءِ ڪوبه فصل ڪو نه ٿئي ۽ نڪو ئي مال لاءَ گاهه به ٿئي.ٿر ۾مينهن گھڻو ڪري اتر طرف کان ايندو آهي. جنهن کي ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن چيو ويندو آهي . اوڀر کان به برساتون اچي وڏڦڙو وسائينديون آهن . ڪڏهن ڪڏهن اولهه کان به مينهن اچي ٿو، جنهن کي “ لاڙي مينهن ” چوندا آهن . برساتن جي تاريخي رڪارڊ جي گهرائي سان مطالعي ڪرڻ سان اها خبر پوي ٿي ته ٿر ۾ جيڪڏهن 200 ملي ميٽرن کان 300 ملي ميٽرن تائين مينهن وٺو ته پوءِ سڪار ٿيندو آهي . پر جيڪڏهن انهي کان وڌيڪ برسات پئي ۽ لڳاتار ڇمر ٿيو ته پوءِ ٻوڏ ٿيو وڃي ، جنهن سبب برسات سڪار بجاءِ ڏڪار جي حالت پيدا ڪريو وجهي ٿي .جيئن سال 2003ع ۽ 2011 ع ۾ ٿيو انهن سالن ۾ گهڻي برسات وسڻ ڪري ٿر جا ڪافي علائقا ٻوڏ سبب بدحالي جو شڪار ٿيا . ٿر جي واري جي هيٺان جابلو پٿرن جو تهه آهي ۽ مينهن جو پاڻي ڀٽن سبب آبي گذرگاهن نه هئڻ ڪري نيڪال نه ٿو ٿئي . انهي ڪري وڌيڪ برسات نقصانڪار ٿيو وڃي ، انڪري هتي پوريون پنيون ۽ پندرهن کان ويهن ڏينهن جي وقفي واريون چار برساتون ئي سڪار آڻڻ لاءِ ڪافي آهن .


    • ٿر جي زراعت ۽ پوکون

    ٿر ۾ پوک جو مدار برسات تي آهي. جيڪڏهن برسات وسي ته پوءِ ٻاجھر ، تر ، مڱ ، گوار ، ڪورڙ، داليون ، ڇانهان، گدريون ۽ چڀڙ وغيره ٿين. اهو فصل سڄي ٿر ۽ پارڪر ۾ ٿئي. ڪن تلين جي ڀلين ٻنين کي کيڙي جوئر جو ٻج ڇٽي ڍڪي ڇڏيندا آهن، پوءِ اها جوئر بنا برسات جي به ٿي ويندي آهي. وٽ ۽ سامروٽي ۾ بصر به پوکيندا آهن، پارڪر واري علائقي ۾ هيرڻ ، ( ايرنڊي ) جو فصل به سٺو ٿيندو آهي. مٺي، اسلام ڪوٽ، ، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي ڪافي ڳوٺن ۾ کوهن جي پاڻيءَ تي به ڪجهه محنتي هاري پالڪ، سوئا، ميٿي، موري، واڱڻ، ۽ ڀينڊيون پوکيندا آهن. پر انهن ننڍين ٻارين ۾ پوکيل ڀاڄيون صرف پوکيندڙ پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻين ٿا.


    • ٿر جا کوهه ۽ پاڻي جو مسئلو

    ٿر جي تلائن ۽ تراين ۾ فقط برسات جي موسم ۾ مينهن جو پلرپاڻي ڪجهه وقت هوندو آهي، سو به ڪن خاص تلائن ۾ هوندو آهي . ماڻهو پنهنجي توڙي مال جي پيئڻ لاءِ کوهن جو پاڻي ڪم آڻين ٿا. کوهه به ڪٿي تانگها ته ڪٿي اونها، ڪٿي پاڻي کارو، ته ڪٿي ٻاڙو، ڪٿي ڪسارو ڪٿي مٺو، ڪٿي هاضمي دار ته ڪٿي وري پيئڻ سان دست ٿيو پون.ڪن هنڌن تي ، ساڳئي کوهه ۾ ٻن نمونن جو پاڻي ٿئي.انهن ۾ مٿان واري حصي ۾ زمين مان مٺي پاڻي جون نارون وهي اچن ، ۽ هيٺان پاتال مان وري کارو پاڻي ڳري هئڻ سبب تر وٺي بيهي ٿو ۽ مٺو پاڻي هلڪي هئڻ سبب مٿي اچي بيهي ٿو، جنهنڪري، مٿان اٺ ، ڏهه ڪوس پاڻي ڪڍبو ته مٺو پاڻي نڪرندو، ۽ پوءِ وري هيٺان کاروپاڻي نڪري ايندو آهي.ڏيپلي ۽ اسلام ڪوٽ تعلقن ۾ جتي ٿر ۽ پارڪرجو دنگ آهي، ان ڀاڱي کي “ وٽ ” چوندا آهن. اتي پاڻي تمام تانگهو آهي. ڏيپلي تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ جي کوهه مان ڪُتو به پاڻي پي سگهي ٿو ، جنهنڪري ڳوٺ تي نالو ئي ڪتاني پئجي ويو آهي . وري ٻئي هڪڙي ڳوٺ جي کوهه مان ڪوبه وهٽ گوڏا کوڙي پاڻي پي سگهي ٿو . جنهن ڪري انهي ڳوٺ تي نالو ئي گوڏانگڙي.پئجي ويو آهي .عام طور تعلقي ڏيپلي ۾ ٽن پُرهن تي پاڻي آهي. کوهن جي اونهائي جي ماپ رسي ذريعي ڪئي ويندي آهي . ٻنهي هٿن ۾ رسي جهلي ٻئي ٻانهون کولي ڊگهيون ڪبيون آهن ، انهي جي وچ واري ماپ کي پرهه سڏبو آهي . پُرهه ۾ سراسري طور 5 فوٽ ليکبا آهن. سامروٽي واري سڄي علائقي ۾ 5 پُرهه اندر کوهه کوٽڻ سان پاڻي ملي وڃي ٿو .پارڪرواري علائقي ۾ 10 کان 15 پُرهه کوهه کوٽڻ سان پاڻي ملي وڃي ٿو ، ڪنٺي واري علائقي ۾ 20 کان 35 پُرهن تائين کوهه کوٽڻ سان پاڻي مليو وڃي ، ڍاٽ واري علائقي ۾ 40 پُرهن تائين کوهه کوٽڻ کان پوءِ پاڻي ملي ٿو . پر ڪن هنڌن تي ڪجهه وڌيڪ اونهائي تي به پاڻي ملندوآهي . ٿري ماڻهو ڏهن پرهن تائين اونهن کوهن کي ويري سڏين ، کوهن مان ڪن کوهن کي پار به سڏين ٿا . اهي پار 10 کان 15 پُرهن تائين اونها ٿين، ۽ انهن جو پاڻي مٺو ٿئي . 15 کان 20 پرهه اونهن کوهن کي ويرو سڏيندا آهن . ٿورين جڳهين تي کوهه کي واءِ به چون ٿا ، جيئن ويرا واءِ ، روحل واءِ ، وغيره . 20 پرهه کان وڌيڪ اونهائي وارن کوهن کي کوهه سڏيندا آهن . گڍڙي واري علائقي ۾ کوهه 60 پرهه اونها کوٽيا ويندا آهن . پر ڪٿي 60 پرهن کان به وڌيڪ اونها کوهه هوندا آهن . شاه لطيف رح اهڙن اونهن کوهن کي بير سڏيو آهي . جيئن :

    بــيــر کــنــيـــائـــون بــر ۾ ، پــيــاريـــن پــهــون،
    ســنــجــن ســاٺيــڪــن تــي ، وڏي وير وهــون ،
    پــايو جــرجنڊن ۾، ڪــوڏان ڪــن ڪــهون ،
    ڏيــنهان ڏينهن نئون ، مون ورهه ويڙهيچن جو .

    وڏن شهرن ۽ڳوٺن ۾ زير زمين پاڻي جي اونهائي هن ريت آهي. گڊڙو شهر ۾ پاڻي 60 پرهه اونهو آهي . چيلهارشهر ۾ زير زمين پاڻي 30 کان 35 پرهن تائين اونهون آهي . مٺي ، اسلام ڪوٽ ۽ ڪانٽيو شهرن جا کوهه 18 کان 22 پرهه اونها آهن . انهن ۾ ڪي کوهه کارا ، ڪسارا آهن ، ته ڪي کوهه مٺا آهن . ننگر ۽ ويرا واهه شهرن ۾ 12 کان 16 پرهن تائين کوهه کوٽڻ سان پاڻي مليو وڃي . ۽ ڏيپلي شهر ۾ 3 کان 5 پُرهه کوهه کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو .ٿر جي کوهن جي تانگهائي جي اڀياس مان هن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته، ڏکڻ پاسي “ وٽ ” ۾ پاڻي تمام تانگهو آهي.پوءِ جيئن جيئن مٿي اتر-اڀرندي طرف ڏانهن وڃجي ٿو ، تيئن زير زمين پاڻي اونهو ٿيندو وڃي، تان جو گڍڙي واري علائقي ۾ 60 پرهه هيٺ کوهه کوٽڻ سان پاڻي ملندو آهي. سنڌ جي جاگرافي جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ، لکين سال اڳ ٿر واري ايراضي سمنڊ هيٺ هئي ، پوءِ قديم سنڌو درياءَ جي وهڪرن سرسوتي ، هاڪڙي ، پراڻ ، مهراڻ ۽ ٻين قديم دريائن جي وهڪرن جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان ڪروڙين ٽن وهڪرن ۾ آندل ريت وڇائجڻ سبب سمنڊ جوپاڻي آهستي آهستي ڏکڻ طرف هٽندو ويو. ۽ وارياسو علائقو ٺهندو ويو .وري ڪئين صدين جي هوائن لڳڻ سان سمنڊ مان اٿندڙ لهرن سبب واريءَ جون ڀٽون ٺهنديون ويون ۽ پوءِ سنڌو درياءَ ريٽ جي چڙهڻ ڪري هٽندو ، پنهنجا وهڪرا تبديل ڪندي اولهه طرف وهڻ لڳو ، ائين ئي هن علائقي جي موجوده ڀٽن واري صورت بڻجي ويئي .انهي ڪري ٿر جي اتر واري زمين جي سطح مٿانهين آهي.۽ ڏکڻ واري زميني سطح هيٺانهين آهي .ٿر جي کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ چمڙي جو رڱيل ڪوس ۽ ورت ( چمڙي جو رسي ) ڪم آڻبي آهي.اٺ ، ڍڳا ، ۽ گڏهه پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪم آڻبا آهن.


    • ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جو لاڳاپو

    لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاهپ ۾ فرق آهي . لوڪ ادب ڪنهن به سماج جي ڏاهن ۽ سگهڙن جا گهڙيل اهي نصيحت ڀريا نقطا ، گيت ۽ ڪهاڻيون آهن . جيڪي صدين جي سفر ۾ پنهنجي تخليقڪارن جا نالا وڃائي ويٺا آهن . اهي ڪنهن هڪ شاعر يا تخليقڪار جي ملڪيت هئڻ جي بجاءَ سموري سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي ويا آهن . لوڪ ادب ، ادب جي اها شاخ آهي ، جنهنجي مالڪي پورو سماج ڪندو آهي ، ۽ اها پوري سماج جي گڏيل ملڪيت هوندو آهي . لوڪ ادب قومن جي مرڪن ، لڙڪن ، جنگين ، امن ، وڇوڙن ، محبتن ، قربانين ، وفادارين ، ويساه گهاتين ، دوکن ۽ سچاين جو اهو دستاويز آهي . جنهن مان قوم جي سماجي قدرن جي سگهه جي پروڙ پئي ٿي . ڪنهن به قوم جو لوڪ ادب انهي قوم جي سماجي قدرن جي سگهه ۽ سچائي جو اهو آئينو آهي ، جنهن ۾ انهي قوم جو چهرو ڏسي سگهجي ٿو.
    ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ وري سماج جي گڏيل مشاهدن ، تجربن ۽ نتيجن مان ڦٽي نڪري ٿي . اهو عام ماڻهن جو صدين جو توريل تڪيل تجربو آهي . ان ڪري لوڪ ڏاهپ کي سائنس جي بنيادن مان هڪ بنياد چئي سگهجي ٿو. ڪوبه هڪ جهڙو عمل ، بار بار ساڳيا نتيجا ڏي ته اهو سائنس جو حصو بڻجي ويندو آهي. انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ به هزارين سالن کان ساڳيا نتيجا ڏيندي سائنس جو بنيادي دستاويز بڻجي ويا آهن . جنهن کي رد ڪري نه ٿو سگهجي . ٿر جيئن ته سنڌ جو اهڙو حصو آهي . جتي دنيا جي جديد سائنسي ترقي جو اڃان تائين ڪو پاڇو نه پيو آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ هزارين سالن کان ماڻهن جي دردن جو درمان ڪندي اچي . ساڳيا نتيجا ڏيندي پئي اچي . هي اهڙي لوڪ ڏاهپ آهي جنهن نتيجا ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ماڻهن سان دوکو نه ڪيو آهي. هزارين سالن کان ٿري سماج انهي لوڪ ڏاهپ جي سائنس جي سهاري پنهنجي پوري سگهه سان جيئندو اچي. ٿر ۾ جيئن ته زندگي جي جياپي جو سمورو دارومدار برسات جي وسڻ تي آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ برسات وسڻ يا نه وسڻ جون پيشنگويون اڳواٽ ڪيل آهن . جيئن ماڻهو ايندڙ حالتن جي اچڻ کان اڳواٽ خبردار هجن ، ۽ پنهنجي گهربل تياري اڳواٽ ڪري سگهن . ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هڪ سال اڳواٽ ئي ماڻهن کي ايندڙ حالتن کان آگاهه ڪيو ويو آهي . جيئن ماڻهو ايندڙ حالتن جي مقابلي لاءِ موثر رٿابندي ڪري سگهن . ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو سمورو دارومدار لڳاتار مشاهدي ۽ تجربي تي آهي . ٿري لوڪ ڏاهپ آسمان ، زمين ، نکٽن ، سج ، چنڊ ، ستارن ، جانورن ، وڻن ، پکين ، جيتن ، هوائن ، گرمي ، سردي ، ڌاتن ، ۽ کاڌخوراڪ جي شين جوگهرائي سان مشاهدو ڪري ، بار بار تجربن جي روشني ۾ نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش آهي . ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي سائنس نتيجا ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ٿر جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي نه ڪئي آهي . اهوئي سبب آهي جو ٿري سماج پنهنجي لوڪ ڏاهپ کي سچائي سان سانڍيندو رهيو آهي . ٿري سماج پنهنجي انهي لوڪ ڏاهپ تي ڪنهن به عقيدي جي برتري قبول نه ٿو ڪري . برسات جي وسڻ يا نه وسڻ ، ڏڪار جي اچڻ يا سڪار جي اچڻ بابت هو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي تجربن واري بنيادي سائنس کي سچو مڃيندي، پنهنجي اڳواٽ تياري ڪندي نطر اچي ٿو. اهوئي سندس زندگي جي بقاءَ جي جنگ کٽڻ جوراز آهي . شايد دنيا جي گولي تي ٿري سماج ئي اهڙي لوڪ ڏاهپ جي سهاري نه صرف ساهه کڻي پيو ، پر پنهنجي مڪمل سگهه سان پنهنجا سمورا سماجي قدر بچائيندي زنده ۽ سلامت آهي . ٿر جي انهي لوڪ ڏاهپ جي جديد سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي . جيئن اسين جديد سائنس جي اصل محرڪات ۽ بنيادي ڳالهين کي سمجهي سگهون .
    هن ڪتاب جي تحقيق دوران ٿر جي عام ماڻهن ۽ سگهڙن سان ڪچهرين ڪرڻ وقت ڏڪار۽ سڪار جي اڳواٽ پيشنگوئي جا 90 اهڃاڻ مليا . جيڪي ظاهر ۾ ته ڏاڍا عجيب غريب لڳا ، پر ٿر جي ماڻهن جي انهن اهڃاڻن تي ويساه کي ڏسندي اهو ضروري سمجهيو ويو ته ، انهن اڳڪٿين ۽ اهڃاڻن کي جديد سائنس جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي اصل حقيقتن کان آگاهي حاصل ڪجي . ان لاءِ انهن اهڃاڻن جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت پٽاندر ، انهن اهڃاڻن سان لاڳاپيل موضوعن جي سائنسي ماهرن سان رابطو ڪري هڪ تحقيقي ڪاميٽي ٺاهي ويئي . جنهن ڪاميٽي ۾ جديد سائنس جي مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ سائنسدانن کي شامل ڪيو ويو . جنهن ڪاميٽي مسلسل گڏيل ويهڪ ڪري ، هرهڪ اهڃاڻ بابت سائنس جي روشني ۾ بحث ڪري گڏيل نتيجا اخذ ڪيا . اهڙي ريت ٿر مان مليل ڏڪار ۽ سڪار جي لوڪ ڏاهپ مان مليل اهڃاڻن جي جديد سائنس جي اصولن موجب ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪئي ويئي . ان بعد سائنسدانن جي تجويز ڪيل انٽرنيٽ جي مختلف سائيٽن جو پڻ مطالعو ڪيو ويو . انهي مطالعي دوران به سينيئر سائنسدانن سان وقت به وقت رابطو قائم رهيو . ائين هر لحاظ کان لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن بابت تحقيقات مڪمل ڪئي ويئي . جيئن پڙهندڙ کي هن ڏس ۾ ممڪن حد تائين ڄاڻ ملي سگهي . تحقيقات بعد اهو ڏسي حيرت ٿي ته سواءِ ڪجهه اهڃاڻن جي باقي سڀ لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ جديد سائنس جي روشني ۾ سچا ثابت ٿيا . انهي مان انهي ڳالهه جو به ثبوت مليو ته ، سنڌ جتي انساني سماجي ترقي ۾ موهن جي دڙي جهڙي تهذيب جي وارث آهي . اتي انسانذات جي ڪيل سائنسي ترقي ۾ ڦيٿي جي ايجاد کان سواءِ به سائنس جي هر شعبي ۾ اڳتي هئي . سنڌ جي لوڪ سائنس جا بنياد ايترا ته مضبوط هئا جو موجوده دور جي سائنسي ترقي به سنڌ جي لوڪ ڏاهپ واري تجربن واري سائنس کي اورانگهي نه سگهي آهي . جيڪا ڳالهه اسان سڀني لاءِ قابل فخر آهي . هاڻي اچو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن کي سائنس جي روشني ۾ پڙهون . پر انهي کان اڳ ۾ ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ضروري آهي .


    • سنبت وڪرمي سال جي عيسوي ڪئلينڊر سان نسبت ۽ نکٽ

    اڳتي بحث هيٺ ايندڙ ڏڪار ۽ سڪار جي اهڃاڻن ۾ بار بار سنبت وڪرمي سال ۽ انهن جي نسبت سان عيسوي سن جي مهينن جو باربار ذڪر ايندو انهي لاءِ ضروري آهي ته انهي بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد اڳتي وڌجي ، جيئن اڳتي هلي سمجهڻ ۾ ڪي مونجهارا پيش نه اچن . سنبت وڪرمي سال هندستان جي نامور حاڪم راجا وڪرماجيت جي دور ۾ شروع ٿيو ، هي عيسوي سن کان 48 سال آڳاٽو آهي . عيسوي سن جي سال ۾ 365 ڏينهن هوندا آهن ، جڏهن ته سنبت وڪرمي سال جا 354 ڏينهن ٿيندا آهن . انهي حساب سان ٻنهي سنن وچ ۾ 11 ڏينهن جو فرق آهي . جنهن جي پورائي لاءِ سنبت وڪرمي سال تي هلڻ وارا وچ ۾ کوٽ جي پورائي لاءِ اڌڪ ڳنڍيندا آهن . انهي ڪري هي سال موسمن جي حساب سان عيسوي سن موجب ٺهڪي ايندو آهي . پر انهي 11 ڏينهن جي فرق جي حساب سان سنبت وڪرمي سال ۽ عيسوي سال جي تاريخن جي نسبت ۾ به فرق ايندو رهندو آهي . پر مهينن جي نسبت لڳ ڀڳ ساڳي رهندي آهي .
    نکٽ : علم جوتش ۽ اسٽرونامي (فلڪيات ) جي علم موجب آسمان تي موجود تارن يا تارن جي ميڙن ( ڪهڪشائن ) مان جيڪي ڌرتيءَ کي ويجها آهن ۽ انهن جي ڪشش ثقل ۽ روشني جي شعائن جا اثر زمين تي موجود ماحول تي پڻ پوندا آهن . جنهن سبب ڌرتي جي موسمن تي اثر پوندو آهي . انهن تارن يا تارن جي ميڙ کي هندي ۾ نکشتر ، انگريزي ۾ اسٽار يا گليڪسي عربي ۾ برج يا ساعت ۽ سنڌي ۾ نکٽ چيو ويندو آهي . نکٽن ۽ سنبت وڪرمي سال جي لاڳاپي بابت علم نجوم اسٽرونامي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سنبت وڪرمي سال جي هر تاريخ تي روزانو هڪ ڌار نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جو ڌرتي تي اثر پوندو آهي ، جڏهن ته هر مهيني جي موسم تي هڪ نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جي لاڳيتا 14 ڏينهن حڪومت هوندي آهي . انهي حساب سان هر مهيني جي موسم تي ٻن يا ٽن نکٽن جي روشني جي شعاعن ، ڪشش ثقل جو زميني ماحول تي اثر ٿئي ٿو . باقي ٽن نکٽن ( تارن جي ميڙ ) جا اثر ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن ٻين نکٽن سان گڏ ٿين ٿا اهي منفرد نکٽ ( تارن جا ميڙ ) اڀچت ، اترا پادريدا ۽ ريوتي آهن . اهڙا ڌرتي تي اثر رکندڙ نکٽ هاڻي جي جديد تحقيق موجب لکن جي تعداد ۾ هوندا . پر قديم تحقيق ۽ ويدن موجب 28 نکٽ (تارن جا ميڙ ) هن ڪائنات ۾ موجود آهن. جن جا اثر سنبت وڪرمي سال جي مهينن ۽ تاريخن تي ٿيندا آهن . جيڪي هي آهن 1. اشوني 2 . ڀرڻي . 3. ڪارتڪ 4. روهڻي (روهڻ) 5.مرگشر(مرگهسر) 6. آردرا ( آڊ ) 7. پنروسو 8. پشيه 9. آشيليشا 10.مگها 11 .پورواڦالگني 12 . اتراڦالگني 13. هست 14. چترا 15.سواتي 16. وشاکا 17. انوراڌا 18. جيشٺا 19. مول 20. پورواشاڍا. 21.اتراشاڍا 22. اڀچت 23. شروڻ 24. ڌنشٺا 25.ستڀشا ( شتتارڪا ) 26. پورواڀا درپدا 27. اترڀادرپدا 28.ريوتي .
    سنبت وڪرمي سال جا 12 مهينا آهن . جن جو عيسوي سن ۽ نکٽن جي نسبت سان ذ ڪر ڪجي ٿو . هي نسبت سندر ٽپڻو 2014ع __ 2015ع موجب هيٺ ڏجي ٿي . مستقل بنياد تي تاريخن جي نسبت ۾ فرق اچي سگهي ٿو.
    چيٽ : هي سنبت وڪرمي سال جو پهريون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 2 اپريل کان 30 اپريل تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب، هن مهيني جي موسم تي گهڻو ڪري اشوني ۽ ڀرڻي نکٽن جا اثر رهندا آهن .
    ويساک :هي سنبت وڪرمي سال جو ٻيون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 1 مئي کان 30 مئي تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي ڪارتڪ ۽ روهڻي ( روهڻ ) نکٽن جا اثر رهندا آهن .
    ڄيٺ : هي سنبت وڪرمي سال جو ٽيون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 31 مئي کان 29 جون تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب ، هن مهيني جي موسم تي مرگشر ( مرگهسر ) ۽ آردرا ( آڊ ) نکٽن جا اثر رهن ٿا .
    آکاڙ : هي سنبت وڪرمي سال جو چوٿون مهينو آهي . جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 30 جون کان 28 جولاءِ تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب، هن مهيني جي موسم تي پنوراسا ( وڏو وايو ) ۽ پشيه ( ننڍو وايو ) نکٽن جا اثر هوندا آهن .
    سانوڻ : هي سنبت وڪرمي سال جو پنجون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 23 جولاءِ کان 27 آگسٽ تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي آشيلشا ، مگها ۽ پورو اڦالگني نکٽن جا اثر رهندا آهن.
    بڊو : هي سنبت وڪرمي سال جو ڇهون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 28 آگسٽ کان 25سيپٽمبر تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي اترا ڦانگا ۽ هست نکٽن جو اثر رهي ٿو .
    اسوءَ : هي سنبت وڪرمي سال جو ستون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 26 سيپٽمبر کان 25 آڪٽوبر تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي چترا ۽ سواتي نکٽن جو اثر ٿئي ٿو.
    ڪتيءَ : هي سنبت وڪرمي سال جو اٺون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي جي لڳ ڀڳ 26 آڪٽوبر کان 23 نومبر تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي وشاکا ۽ انو راڌا نکٽن جو اثر غالب هوندو آهي .
    ناهري : هي سنبت وڪرمي سال جو نائون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 24 نومبر کان 23 ڊسمبر تائين هوندو آهي .علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي جيشٺا ۽ مول نکٽن جا اثر رهن ٿا .
    پوهه : هي سنبت وڪرمي سال جو ڏهون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 24 ڊسمبر کان 21 جنوري تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي پورو اشاڍا ۽ اتر اشاڍا نکٽن جا اثر رهن ٿا .
    مانگهه : هي سنبت وڪرمي سال جو يارهون مهينو آهي ، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 22 جنوري کان 20 فبروري تائين هوندو آهي . علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي شروڻ ۽ ڌنشٺا نکٽن جا اثر ٿين ٿا .
    ڦڳڻ : هي سنبت وڪرمي سنبت سال جو ٻارهون مهينو آهي، جيڪو عيسوي سن جي لڳ ڀڳ 21 فبروري کان 21 مارچ تائين هوندو آهي. علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي ستڀشا ( شتتارڪا ) ۽ پورواڀا درپدا ، نکٽن جا اثر رهندا آهن .


    • ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ سڪار ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ ۽ سائنس

    (هوا ، نِکٽ ۽ مهينا)

    ( 1 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن آسمان ۾ ڪڪر ٿين آڙنگ به ٿئي ، پر منجهند کان پوءِ ڏکڻ طرف جي هوا لڳي ته ٺهيل سمورو مانڊاڻ ڊهي ويندو ۽ مينهن نه وسندو ، پر جي اتر جي هوا لڳي ته اهو جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته برسات وسڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته ڪڪرن جي ٻاڦ کي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هوا ۾ اوتري ٿڌ موجود هجي . جيڪا آبي بخارن کي وسڪاري ۾ تبديل ڪري . ٿر ۾ هوائن جي رخن ۽ انهن جي گرمي پد جي مطالعي سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ، ٿر ۾ اتر طرف کان لڳندڙ هوائون ٿڌيون هونديو آهن . جڏهن ته ڏکڻ طرف کان لڳندڙ هوائون گرم هونديون آهن . برسات جي سموري مانڊاڻ ٺاهڻ وسڻ يا نه وسڻ جو سمورو دارومدار هوائن تي هوندو آهي . هوا جو گهٽ دٻاءَ ڪڪرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندو آهي ، نتيجي ۾ ماحول ۾ گرمي ٿي ويندي آهي . جنهن کي عام ٻولي ۾ آڙنگ چيو ويندو آهي . آڙنگ جي اها گهٽ ٻوسٽ فضا ۾ موجود آبي بخارن کي ڪڪرن جي شڪل ڏيئي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندي آهي . پوءِ ٿڌيون هوائون ڪڪرن جي آبي بخارن کي بارش ۾ تبديل ڪري وسائينديون آهن. اهي هوائون ڪڪرن کي هڪ طرف کڻي پڻ هلنديون آهن . ائين بارش جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . مٿئين لوڪ ڏاهپ جو آثار سڌو سنئون سائنسي سببن جي نشاندهي ڪري ٿو .گهٽ دٻاءَ سبب آڙنگ به ٿيو ، ڪڪر به ٺهيا . سمورو مينهن جو مانڊاڻ ٺهي ويو ، هاڻي جيڪڏهن اتر طرف جي ٿڌي هوا لڳي ته ڪڪرن جا آبي بخار برسات جي ڦڙين ۾ تبديل ٿي وسڻ شروع ٿي ويا . پر جيڪڏهن انهي سموري مانڊاڻ ٺهڻ بعد ڏکڻ طرف جون گرم هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون ته ، پوءِ اهو سمورو ٺهيل مانڊاڻ ڊهي ويو . ڇوته ڏکڻ جي گرم هوا ڪڪرن جي آبي بخارن کي ٻاڦ واري حالت ۾ ئي رهڻ ڏنو، ۽ ٺهيل ڪڪر گرم هوا لڳڻ سبب ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ڇڊا ٿي پکڙي ويا ۽ سمورو مينهن جو مانڊاڻ ڊهي ويو. تيز هوائن انهن هلڪن ڪڪرن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو . برسات وسڻ جي سببن کي نظر ۾ رکندي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو سائنسي ثبوت ملي ٿو.
    ( 2 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي هوا لڳي ته اهو جلد آڙنگ ڪري مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي . پر جي اهڙي هوا نه ٿي لڳي ته جلد مينهن اچڻ جو ڪو به اهڃاڻ نه آهي .
    انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي هوائن جي رخن ۽ انهن جي گرمي پد جي مطالعي سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ٿر ۾ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ جي هوا ٿر ۾ هوائن جي گهٽ دٻاءَ بعد آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيندي آهي . ٿر ۾ لڳندڙ اهڙي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ واري هوا جو گرمي پد به گهٽ هوندو آهي . اهڙي هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار پڻ وڌيڪ هوندو آهي . ڇو ته موسمن تي جاگرافي جو اثر ٿئي ٿو . ٿر جيئن ته عربي سمند کي ويجهو آهي ان ڪري هتي وڏڦڙو مينهن وسندو آهي ، ۽ اهڙي هوا ٿر ۾ مينهن آڻي وسائڻ جو سبب بڻجي ٿي . ٿر ۾ مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ لاءِ اها هوا لڳڻ ضروري آهي . جيڪڏهن اهڙي هوا نه لڳي ته پوءِ نه ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهندو ، نه آڙنگ ٿيندو ۽ نه ئي ڪڪر گڏ ٿيندا . انهي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ جي سائنسي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو اهو اهڃاڻ بلڪل سائنسي سببن جي روشني ۾ درست آهي .
    ( 3 ) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن ڏکڻ اولهه ڪنڊ جي هوا لڳي ته ان کي کي رٻ ٺار هوا چون ٿا ، انهي هوا جو ڪجهه ڏينهن مسلسل لڳڻ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي هوا جي لڳڻ سبب ڪو به مينهن جو مانڊاڻ نه ٺهندو.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت جديد سائنس جي روشني جي مطالعي بعد معلوم ٿيندو ته . ٿر ۾ ڏکڻ اولهه جي هوا سامونڊي هوا آهي .جيڪا ڏينهن جو سمنڊ مان اٿندڙ آبي بخارن کي کڻي فضا ۾ پکيڙي ٿي . پر هن هوا جو گرمي پد وڌيڪ هوندو آهي . انهي ڪري هي هوا مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ ڪا مدد نه ٿي ڪري . هن گرم هوا جي لڳڻ سان ڪڪر هلڪا ٿي ويندا آهن . منجهن ڀڄڻ ۽ آبي ڦڙن ۾ تبديل ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو آهي . انهي ڪري هن تيز هوا۾ ڪو هوا جو گهٽ دٻاءَ به پيدا نه ٿو ٿئي ، نه ئي ڪو آڙنگ ٿيڻ جو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو. انهي ڪري مسلسل هن هوا جي لڳڻ سان مينهن وسڻ جا سمورا امڪان ختم ٿي ويندا آهن . ٿر ۾ اولهه ، اتر جون هوائون ، اتر جون سڌيون هوائون ۽ اتر اوڀر جي ڪنڊ واريون هوائون ئي مينهن وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون . پر ڏکڻ اولهه جون هوائون موسمي سائنس موجب هوا جي گهٽ دٻاءَ ۾ مداخلت ڪري ان کي ٽوڙين ٿيون . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ هن هوا کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهي ٿي. جيڪا ڳالهه جديد سائنس جي روشني ۾ بلڪل صحيح آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي .
    ( 4 )چئوماسي جي موسم ۾ اتر اولهه جي هوا ٺهيل مينهن ٽوڙيندي، يا وري مسلسل مينهن جو سلسلو آڻي ملڪ ٻوڙي ڇڏيندي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جي راءِ آهي ته ٿر ۾اوچتو لڳندڙ اتر اولهه جو ن هوائون ايندي ۽ بلوچستان جي جابلو سلسلن سان ٽڪرائيندي گرم ٿي ٿر ۾ پهچن ٿيون . انهن هوائن ۾ آبي بخار به گهٽ هوندا آهن . انهي سبب ٿر ۾ جيڪڏهن ڪو هوا جو گهٽ دٻاءَ به هوندو آهي ۽ آڙنگ به ٿيندو آهي ته اوچتو هنن گرم هوائن جي پهچڻ سان اهو سمورو مانڊاڻ ٽٽي درهم برهم ٿي ويندو آهي . ڇو ته اتر اولهه کان اوچتو ايندڙ هي گرم هوائون ماحول جي گرمي پد کي متاثر ڪن ٿيون . جنهن ڪري ڪڪر ڇڊا ٿي ويندا آهن . منجهن موجود آبي بخار ڦڙين ۾ تبديل ٿيڻ بجاءَ ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن . پر جيڪڏهن انهن هوائن ۾ سمنڊ مان اٿيل ڪنهن هلڪي طوفان جو ميلاپ ٿي ويندو آهي ، ته انهن سامونڊي هوائن ۾ مليل آبي بخارن سبب هن هوا جو گرمي پد ڪري پوندو آهي ۽ هي هوا وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي . جنهن سبب ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ پيدا ٿي وڃي ٿو . ڪڪر گڏ ٿيڻ شروع ٿين ٿا. هي هوا انهن ڪڪرن کي وسائڻ جو ڪم ڪري ٿي . ۽ مسلسل برساتن جو سلسلو شروع ٿيو وڃي . انهي ڪري هي هوا ٻوڏ آڻڻ جو سبب ٿيو پوي . ٿر ۾300 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٻوڏ جو سبب بنجي ٿي. ڇو ته سائنسي ۽ ماحولياتي ڄاڻ موجب برسات اتي وسندي آهي جتي هوا جو گهٽ دٻاءَ هوندو آهي . جيئن ئي هوا جو دٻاءَ وڌندو آهي ، تيئن ئي برسات گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به موسمياتي سائنس موجب درست آهي .
    ( 5 )چئوماسي جي مند ۾ ڪنهن به ڏينهن ، جيڪڏهن صبح جو ماڪ وسي پوي ، يا ٿڌڙي هوا لڳي ۽ ٿوري هلڪي بوند به وسي ، پوءِ ڏينهن صاف ٿي وڃي ته اهي ڪجهه وقت لاءِ مينهن نه وسڻ يا ڏڪار اچڻ جا اهڃاڻ آهن .
    لوڪ ڏاهپ جي انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته . برسات جي اچڻ لاءِ ۽ مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ هوا جو گهٽ دٻاءَ ۽ آڙنگ جو ٿيڻ ضروري آهي . ٿڌي موسم ۾ نه آڙنگ ٿيندو ، نه ڪڪر گڏ ٿيندا ۽ نه ئي مينهن جو ڪو مانڊاڻ ٺهندو. ماڪ برسات جي وسڻ جو ننڍو عمل آهي. سائنسي علم موجب ، ماڪ پوڻ جو عمل انهي حالت ۾ ٿيندو آهي ، جڏهن فضا ۾ ڏکڻ جي هوا جي سمنڊ مان آندل آبي بخارن کي ٿڌو ماحول ملي . انهي ڪري ٿر ۾ اڪثر ڏکڻ جي هوا لڳڻ وقت اڌ رات کان پوءِ يا صبح جو وڻن تي ماڪ پوندي آهي . جيڪا وري سج جي اڀرڻ کان پوءِ ماحول ۾ سج جي گرمي وڌڻ سبب ختم ٿي ويندي آهي . ماڪ جو چوماسي جي مند سان واسطو نه هوندو آهي . پر چوماسي جي مند ۾ ماڪ پوڻ جي عمل سان فضا ۾ آبي بخارن جي کوٽ ٿي ويندي آهي . انهي ڪري ڪڪرن جي وري ٻيهر ٺهڻ لاءِ وقت ۽ ٻئي ماحول جي ضرورت هوندي آهي . آبي بخارن جي کوٽ ٿي وڃڻ سبب ماحول ۾ برسات جي ٺهڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي انهي ڪري وري برسات دير سان ايندي آهي . جنهن سبب ٿر ۾ ڏڪار اچي ويندو آهي . انهن سائنسي سببن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به درست آهي.


    ( 6 )چئوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن روهڻ نکٽ ۾ گرمي ٿئي ۽ مگسر نکٽ ۾ هوا لڳي، ته اهوبرسات پڪ سان وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
    انهي اهڃاڻ بابت فلڪيات ( اسٽرانامي ) جي موسمي ماهرن جو چوڻ آهي ته علم نجوم موجب ، اهي ٻئي نکٽ هڪٻئي جي پويان اچن ٿا . تاثير موجب ٻنهي جو اثر خاڪي آهي . جيڪڏهن روهڻي نکٽ جا چوڏهن ڏينهن گرمي رهي . وري مرگهشر نکٽ جا چوڏهن ڏينهن هوائون لڳيون ته آردرا ۾ آڳاٽو مينهن وسندو . گرمي سبب زمين جي گرمي پد وڌڻ ڪري آڙنگ ٿئي ٿو ۽ وري هوا لڳڻ سبب مينهن جو مانڊاڻ ٺهي پوي ٿو . ڇو ته برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ هوا جي گهٽ دٻاءَ ۽ آڙنگ جي سخت ضرورت هوندي آهي . آڙنگ ٺهڻ بعد وري ٿڌاڻ سان ڀرپور هوا ڪڪرن جي آبي بخارن کي پاڻي ۾ بدلائڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. جڏهن اهي سڀ عمل گڏجي پون ٿا ته مينهن وسڻ شروع ٿيو وڃي . پر جيئن ته اهي اثر صرف چوماسي جي مند ۾ انهن نکٽن جا ٿيندا آهن ، نکٽن جا زمين تي پوندڙ اثر موسمن موجب بدلبا رهن ٿا .انهي ڪري اهو لوڪ ڏاهپ جو اهڃاڻ پڻ فلڪيات جي ستارن جي زميني ماحول تي پوندڙ اثرن جي حقيقتن تي ٻڌل آهي
    ( 7 ) جون ، جولاءِ ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر، مهينن ۾جيڪڏهن ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿئي ته ،اهوڏڪار جو اهڃاڻ آهي مينهن نه وسندو . ساڳئي طرح جيڪڏهن روهڻي نکٽ ۾ ويساک (مئي) ۾به مينهن وٺو ته پوءِ 72 ڏينهن مينهن نه وسندو.
    انهي اهڃاڻ بابت فلڪياتي ماهرن جو رايو آهي ته ، علم نجوم جا ڏسيل سڀ نکٽ واري واري سان آتشي ، بادي ، آبي ۽ خاڪي تاثير يا طبيعتون رکن ٿا . ڇو ته علم جوتش جو سمورو دارومدار فلڪياتي شعائن ۽ سج جي گرمي جي مرحلي وار زميني ماحول تي پوندڙ اثرن تي ئي هوندو آهي . جنهن موجب فلڪياتي ماهر پيشن گوئيون ڪندا آهن . ڀرڻي نکٽ آتشي ۽ خشڪ تاثير وارو نکٽ آهي . انهي ۾ برسات جي مڪمل ٺهڻ جو امڪان موجود نه هوندو آهي . اهو نکٽ چيٽ يعني اپريل جي آخري تاريخن ۾ هوندو آهي . ٿر جي چوماسي جي لحاظ کان اها برسات جي موسم نه هوندي آهي . ان حالت ۾ جيڪڏهن انهي نکٽ جي دوران اگر ڪٿي کنوڻ نظر ٿي اچي ته اهو ڪٿي هوا جي ٿوري ٽائيم واري دٻاءَ جي عمل جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل ڪڪرن جي بجلي جي واڌو ڪاٽو لهرن جي ٽڪراءَ جو نتيجو آهي . پر جيئن ته ڀرڻي نکٽ جي آتشي يعني گرمي ۽ خشڪ ماحول ۾ وسڪاري جو پورو مانڊاڻ جڙي نه ٿو اچي . انهي ڪري مينهن به نه ٿو وسي ۽ ڪڪر ماحول جي نه جڙڻ سبب ٽڙي پکڙي وڃن ٿا. ٻئي طرف ويساک يعني لڳ ڀڳ مئي جي مهيني ۾ ٿر جي علائقي ۾ برساتن لاءِ گهربل ماحول نه جڙي بيهندو آهي . اها آيل برسات ڪٿان ڪنهن ٻئي هنڌان آيل هوندي آهي . جيڪا اڀري سڀري وسي ختم ٿي ويندي آهي . جيڪا ٿر جي چوماسي موجب اڻ مندائتي برسات هوندي آهي . پر انهي برسات جي وسڻ سبب ٿر جي آسمان ۾ موجود آبي بخار انهي برسات سان گڏ وسي ويندا آهن . ٿر جي چوماسي جو موسمي چڪر ڦري يا بگڙي ويندو آهي . ان ڪري ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهڻ وارو عمل به متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿندڙ برساتي سلسلو جنهن کي ڏکڻ اولهه چوماسو ( سائوٿ ويسٽرن مون سون) سڏيو ويندو آهي، ان کي ٿر تائين پهچڻ ۾ دير لڳي ويندي آهي . ٻئي طرف وري عربي سمنڊ مان آبي بخار اٿڻ ۽ انهن جو وسڪاري جيترو گڏ ٿيڻ ۽ هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ واري سموري وسڪاري جي عمل ۾ رڪاوٽ پئجي ويندي آهي . انهي سموري ماحول جڙڻ ۾ ٻاهتر ڏينهن لڳي ويندا آهن . ان بعد وسڪارو ٿيو ته ، اهو ٿر جي لاءِ پاڇاٽو هوندو آهي . فصلن جي مند چڙهي ويندي آهي . پوءِ واري پاڇاٽي برسات ٿر ۾ فصلن کي ڪو فائدو نه ڏيندي آهي . باقي اڀرو سڀرو مال جي چاري لاءِ گاهه ٿي پوندو آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هن اهڃاڻ کي ڏڪار جي اهڃاڻن ۾ شمار ڪيو ويو آهي .انهن فلڪياتي ماهرن جي ڏسيل سببن کي ڏسندي سائنسي ماهر به ٿر جي هن لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪن ٿا .
    (8) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي چيٽ ( اپريل ) مهيني ۾ ڪٿي به کنوڻ ٿي ۽ ويساک ( مئي) جي مهيني ۾ مينهن وٺو ته اهي به ڏڪار جا اهڃاڻ آهن . ڇو ته پوءِ مينهن نه وسندو ، ۽ جيڪڏهن ڪو فصل پوکيو ويو ته اهو وري مينهن نه وسڻ سبب سڪي ويندو .
    هن اهڃاڻ جي سچائي جي ڇنڊڇاڻ بعد جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، ٿر ۾ چوماسي جي موسم جون جي پڇاڙي کان سيپٽمبر تائين هوندي آهي . اپريل ۾ کنوڻ ٿيڻ يا مئي ۾ مينهن وسڻ ٿر جي علائقي جي برساتي چئوماسي کان تمام گهڻو آڳاٽو آهي.انهي بي مندائتي مينهن وسڻ سبب ٿر جي چئوماسي جي موسم جڙڻ جو عمل درهم برهم ٿيو وڃي . نه آبي بخار وقت سر مينهن وسائڻ جي قابل بنجن ٿا ۽ نه ئي وري هوائن جا رخ ۽ سندن گرمي پد مينهن جي ٺاهڻ جي لائق بڻجن ٿا. اٽلو هي آڳاٽو مينهن ڏڪار جو سبب بنجيو وڃي . انهي ڪري جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي.
    نوٽ : مٿيون اهڃاڻ پڻ اهڃاڻ نمبر ( 7 ) سان مطابقت رکي ٿو، ان ڪري هن اهڃاڻ جي حقيقت کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ نمبر (7) ۾ ڪيل وضاحت علم نجوم جي نکٽن جي ماحول تي پوندڙ اثرن ۽ موسمي سرڪل کي پڻ پڙهيو وڃي . جيئن سمجهڻ ۾ آساني ٿئي .

    ( 9 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي بڊو ( سيپٽمبر ) مهيني ۾ پهرين برسات وٺي ته پوءِ مينهن وسڻ بعد ڪڪر ڇمر ڪري بيهندا ، ۽ وقفي وقفي سان برسات وسندي ، فصلن جا ٻج ڦٽڻ بعد خراب ٿي ويندا ، گهڻي برسات سبب ٻوڏ ايندي ، انهي ڪري اهو به ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
    جديد سائنس جو مطالعو ڪجي ٿو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي . ڇو ته ٿر ۾ چئوماسي جي مند جون جي پڇاڙي کان سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين هوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن پوري چئوماسي جي مند گذرڻ بعد آخري مهيني ۾ ڪا برسات وٺي ته ، هڪ طرف انهي برسات تي ٿر جو ڪوبه فصل نه ٿيندو . ڇوته پوکي جي مند گذري چڪي هوندي . ٻئي طرف پوري چئوماسي جي مند جا گڏ ٿيل آبي بخار فضا ۾ موجود هوندا . انهي ڪري سندن وسڻ سبب هوا وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي ۽ برسات جو عمل آبي بخارن جي ٿڌي هئڻ سبب پاڻي ۾ تبديل ٿي مسلسل وسي ٻوڏ جو سبب بڻبو . ڇوته ٿر جي علائقي جي اسي سيڪڙو حصي ۾ زمين جي هيٺان پٿريلا تهه آهن . انهي ڪري ٿر جي زمين ۾ چوسڻ جي گنجائش گهٽ آهي . ٻئي طرف وري ڀٽن جي به کٽندڙ ۽ لاڳيتن سلسلن سبب آبي گذرگاهن جي نه هئڻ سبب پاڻي هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري وجهندو آهي . جنهن سبب پوکيل فصل به ٻڏي خراب ٿي ويندا آهن .
    ٻئي طرف سائنسي ماهرن جي اها به راءِ ته آهي بڊو ، سانوڻ جي مهيني کان پوءِ اچي ٿو. ۽ اهو ٿر جي فصلن جي مندائتي حساب موجب فصلن جي پچڻ ۽ لاباري جي موسم هوندي آهي . انڪري بڊي جي مهيني جي برسات نه پوکيل فصلن لاءِ فائديمند آهي . نه ئي ان برسات تي ڪي نوان فصل پوکي سگهجن ٿا . ان ڪري هر لحاظ کان بڊي ۾ وسڻ واري برسات ڏڪار جو سبب بڻجي سگهي ٿي . ان ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ڪري سگهجي ٿي .
    ( 10 ) جون ، جولاءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾جيڪڏهن اتر اولهه جي ڪنڊ کان مينهن آيو ته اهو تيز رفتاريءَ سان ضرور ايندو . هن اتر اولهه جي هوا کي هانڊيءَ واءَ به چوندا آهن .
    ٿري لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جا ماهر هي راءِ ڏين ٿا ته ، ٿر تائين پهچندڙاتر اولهه جون هوائون ايران کان ٿينديون بلوچستان جي اترئين جابلو سلسلي سان ٽڪرائبيون سنڌ جي بيراج ايراضي مان گذري ٿر تائين پهچن ٿيون .هنن هوائن ۾ آبي بخار گهٽ هوندا آهن ۽ منجهن گرمي پد به وڌيڪ هوندوآهي .پر جڏهن هي هوائون بلوچستان يا سنڌ ۾ موجود ڪنهن هوا جي دٻاءَ ۾ داخل ٿينديون آهن ته انهي حالت ۾ هي هوائون مينهن وسائڻ جو سبب به بنجيو پون . پوءِ هي هوائون وڏي تيزي سان مينهن کي کڻي ٿر ۾ پهچن ٿيون جنهن کي ٿر جا ماڻهو هانڍي مينهن سڏيندا آهن . پراهڙي قسم جو مينهن ٿر ۾ ڪڏهن قسمت سانگي ايندو آهي . هن قسم جي مينهن جا آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ وسڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن . ڇو ته انهن مهينن ۾ سنڌ جي هوا ۾ گرمي پد گهٽ هوندو آهي . جنهن سان هي گرم هوا ملي گرمي پد کي وسڪاري جي لائق بڻائي ڇڏيندي آهي .
    سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ، ڏکڻ اوڀر جي برسات کي اتر اولهه جون هوائون ٽوڙين ٿيون ، پر جيڪڏهن برسات اچي ئي اتر اولهه جي طرف کان ٿي ، ته پوءِ اها برسات زوردار نموني سان وسندي آهي . ڇو ته برسات جو اصول آهي ته جتي به هوا جو گهٽ دٻاءَ ٿيو اتي وسندي آهي ۽ جڏهن هوا جو دٻاءَ وڌڻ شروع ٿيو ته پوءِ برسات بند ٿيڻ لڳندي آهي .
    ٿر جا ماڻهو هن برسات جي اٿڻ کانپوءِ ، مينهن اچڻ جي پڪ سمجهي ، گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن ، اڃان گهرن تائين پهچندا ئي مس آهن ته مينهن وسڻ شروع ٿي ويندو آهي . ٿر جي ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته هانڍي مينهن به ٻڪراس مينهن جيان تيز رفتاري سان ايندو آهي .، پر هن مينهن جي ڦڙي ننڍي هوندي آهي . هن مينهن ۾ تيز هوا پڻ لڳندي آهي . هن برسات ۾ گوڙون ۽ کنوڻيون به ٻين مينهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هونديون آهن . هي برسات ڪڏهن ڪڏهن ڇمر ڪري ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو به وسندي آهي. آگسٽ مهيني ۾ هن قسم جون برساتون فصلن جي آمدني ۽ گاهن جي ڦوٽهڙي ۾ مددگار ٿينديون آهن . پر سيپٽمبر ۾ هن قسم جون برساتون فصلن جي پيداوار کي نقصان پهچائين ٿيون . ٿري ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته ، هي برساتون سدائين نه اينديون آهن ، هن قسم جون برساتون ڪڏهن ڪڏهن اينديون آهن .
    انهن سڀني سائنسي سببن ۽ نتيجن کي نظر ۾ رکندي . لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي ٿو .سائنسي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته هن طرف کان آيل برسات جي رفتار تيز هوندي آهي ۽ پهچڻ ۾ دير نه ڪندي آهي . موسمياتي ماهرن جو اهو به رايو آهي ته هن قسم جي برساتن بابت ٿرجي ماڻهن جو چوڻ بلڪل صحيح ۽ سائنسي سببن ۽ نتيجن تي ٻڌل آهي . جنهن جي سچائي ۾ ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگهجي .


    ( 11 ) ٿر ۾ جيڪڏهن آسمان تي ڪڏهن به ڪڪر ٿيا ته ڇهه قسم جون هوائون مينهن وسائينديون آهن .
    (1) اتر اولهه ڪنڊ جي هوا جنهن کي ڪامهه يا هانڊي هوا چوندا آهن.
    (ٰ2) اتر جي سڌي هوا ، جنهن کي ڇڙهه اتر جي هوا چوندا آهن .
    ( 3 ) اتر اوڀر ڪنڊ جي هوا جنهن کي سوريه هوا چوندا آهن . هي هوا ٻڪرار وارو مينهن آڻيندي آهي .
    (4)ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ جي هوا کي پورب يا ڪاڇيل چوندا آهن . هي هوا چوماسي جي مينهن کي آڻيندي آهي .
    (5)سڌو پورب هي هوا جوڌپور ، اجمير ۽ ٻاڙمير کان مينهن آڻيندي آهي .
    (6)ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کي واهوند ي جي هوا چوندا آهن ، هي هوا چوماسي جي برسات کي ٽوڙي ، مينهن کي ڪشمير يا اسلام آباد کڻي ويندي آهي . پر ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي طوفان سان گڏ ٿر ۾ به برساتون به آڻيندي آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ٿر ۾ ڇهن قسمن جون هوائون برسات وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون . انهن هوائن ۾ اتر اولهه جي ڪامهه يا هانڍي هوا جيڪا ايران بلوچستان کان ٿيندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي . جيڪڏهن انهي هوا کي بلوچستان ، سنڌ يا عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي هوا جي دٻاءَ ۾ پيدا ٿيل ننڍو يا وڏو سامونڊي طوفان يا ڪو مينهن جو ٿڌو ٿيل مانڊاڻ ملي ويو ته پوءِ هي هوا ان ۾ تيزي آڻي وسائڻ ۾ دير نه ڪندي ، هن هوا جي ذريعي پيدا ٿيل مينهن جي رفتار تيز هوندي ۽ وسڪارو به وڏو ٿيندو آهي . پر هي هوا ڪڏهن قسمت سانگي حادثاتي طورمينهن وسائڻ جو سبب بنجي ٿي . اتر جي سڌي ڇڙهه هوا سياري ۾ ته سردي وڌائڻ جو سبب بنجي ٿي پر چوماسي جي مند ۾ هي هوا ڪڏهن قسمت سانگي لڳندي آهي . هن هوا جي لڳڻ جو سبب سنڌ ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءَ هوندو آهي . سنڌ ۾ يا ٿر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ سامونڊي هوائن جي اثر ڪري ٿيندو آهي . پر سامونڊي هوائون سنڌ ۾ گرمي پد وڌيڪ رکنديون آهن . انهي ڪري سنڌ ۾ موجود آڙنگ کي مينهن ۾ تبديل ڪرڻ لاٰءِ هي ڇڙهه اتر جون هوائون دير نه ڪنديون آهن ۽ وسڪارو ٿي پوندو آهي . اتر اوڀر جي ڪنڊ جون سوريه هوائون هماليا کان اٿندڙ مينهن کي ٿر تائين پهچائڻ ۾ مددگار بڻبيون آهن . يا هي هوائون ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿندڙ ڏکڻ اولهه جي برساتي سلسلي ، جيڪو پنجاب يا ڪشمير کان واپس موٽ کائيندو آهي ، ان کي وسائڻ جو سبب بنجن ٿيون. انڪري به هي هوائون مينهن آڻڻ جو سبب بڻبيون آهن . ڏکڻ اوڀر ڪنڊ جي هوا کي پورب يا ڪاڇيل سڏيو ويندو آهي . هي هوائون عام حالتن ۾ برسات ٽوڙينديون آهن پر ڏکڻ اولهه چوماسي جي مندائتي برسات کي ٿر ۾ داخل ڪرڻ ۾ هي هوائون مددگار پڻ ٿين ٿيون . سڌو پورب يعني اوڀر جون هوائون به جوڌپور ، اجمير يا ٻاڙمير کان ٿر ۾ مينهن آڻڻ جو سبب بنجن ٿيون . ڏکڻ اولهه ڪنڊ جي واهوندي واري هوا ، اڪثر مينهن ٽوڙيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي طوفان به آڻيندي آهي .ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ به جديد سائنسي روشني ۾سچو ٿابت ٿئي ٿو.هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به سائنسي بنيادن تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي .
    ( 12 ) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ (جولاءِ ) مهيني ۾ جيڪڏهن ڪٿي به مينهن وٺو ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ ڏسبو ته ، ٿر جي چوماسي جي شروعات 15 جون کان ٿي ويندي آهي . آکاڙ (جولاءِ ) جو مهينو ٿر جي چوماسي جو خاص ۽ شروعاتي مهينو آهي . انڪري انهي مهيني ۾ وسڻ واري برسات ٿر ۾ پوکي جي لاءِ نهايت مندائتي ۽ موزون آهي. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنس جي روشني ۾ سچو ثابت ٿئي ٿو.ٿر ۾ چوماسي جي پوري مند اندر ۽ صحيح وسندڙ برسات ئي سڪار جو سبب بنجي ٿي . پر جيڪڏهن چوماسي جي موسم جي ڦيري ۾ ڪا ڦير گهير آئي يا برسات اڳي يا پوءِ وٺي ته ، اهڙي برسات گهربل فائدو نه ڏيندي آهي. ۽ ڪڏهن بي مندائتي برسات ڏڪار جو سبب به بنجي ٿي . انهي لحاظ کان آکاڙ جي برسات مندائتي ۽ پوري ٽائيم واري برسات هوندي آهي ، جيڪا بلڪل ٿر جي برساتي ڦيري موجب ئي آهي . انهي ڪري اهڙي برسات فائدي مند ثابت ٿيندي آهي . سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ، اهڙي قسم جي مندائتي برسات ٿر ۾ تڏهن وڌيڪ فائدي مند ٿيندي ، جڏهن اهڙي برسات وسڻ کان پوءِ ويهن کان پنجويهه ڏينهن جي وقفي سان گهٽ ۾ گهٽ چار برساتون وسن ، پوءِ ڀرپور سڪار اچي سگهي ٿو .. پر جيڪڏهن برساتون صحيح وقفي سان نه وٺيون يا 300 ملي ميٽرن کان وڌيڪ وسڪارو ٿيو يا وري مينهن لڳاتار ڇمر ڪري بيٺو ته ، انهي حالت ۾ برساتن مان گهربل فائدو نه ملي سگهندو . سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ، ته ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو برسات بابت هي اهڃاڻ به سائنسي بنيادن تي درست آهي . جنهن جي سچائي تي ڪوبه شڪ نه آهي .
    ( 13 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي ڄيٺ ( جون ) جي مهيني ۾ ڪٿي به مينهن وٺو ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي سال مينهن وسندا ۽ فصل سٺا ٿيندا .
    جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي بابت ڏسبو ته ، ٿر جي چوماسي جي مند شروع ئي ڄيٺ (جون ) جي آخري اڌ کان ٿئي ٿي. ان لاءِ ڄيٺ (جون ) مهيني جي برسات ٿر جي چوماسي جي حساب سان بلڪل وقتائتي هوندي آهي . انهي برسات تي پوکيل فصل به صحيح موسم سبب چڱي طرح پچي راس ٿيندا آهن . ٿر جي فصلن جي صحيح پيداوار لاءِ 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي سان چار برساتون وسڻ ضروري آهن. صحيح برسات وسڻ ڪري فصلن جي پيداوار به گهربل نتيجا ڏيئي ٿي . پر جيڪڏهن پورا چار مينهن گهربل وقت تي نه به وٺا ته به مال جو چارو ۽ فصلن مان ڪجهه نه ڪجهه جياپي جو سمر هٿ اچيو وڃي . انهي ڪري ڄيٺ يعني جون ۾ ٿيل وسڪارو سڪار آڻي ٿو. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو ڏسيل هي سڪار جو اهڃاڻ به بلڪل سچو ۽ تجربي جي روشني ۾ توريل اهڃاڻ آهي . سائنس ، موسميات ، ۽ زراعت جا ماهر گڏجي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪن ٿا .
    ( 14 ) جيڪڏهن چترا ، سواتي ۽ وشاکا ، نکٽن ۾ مينهن وٺو ته اهو چوپائي مال جي لاءِ سڪار جو اهڃاڻ آهي . ڇو ته انهن نکٽن ۾ مينهن وسڻ ڪري ،گاهه سٺا ٿيندا آهن . انڪري ٿر جي چوپائي مال لاءِ سڪار ٿيو وڃي ، پر فصل نه ٿيندا ۽ هن برسات سان پوکيل فصلن کي نقصان ٿيندو آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل سڪار جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي باري ۾ سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، علم نجوم ( اسٽرانامي ) موجب چترا، سواتي ۽ وشاکا ، هڪٻئي جي پويان ايندڙ لاڳيتا نکٽ آهن . سندن تاثير ۽ طبيعتون ، خاڪي ۽ بادي آهن . زمين جوگرمي پد ، هوا ۽ فضا ۾ موجود پاڻي جا آبي بخار گڏجي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهين ٿا . چوماسي جي مند ۾ جڏهن اهي ٽيئي نکٽ هڪٻئي جي پويان اچي پنهنجي طبيعتن جي تاثير موجب سمورو مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ۽ برساتن جو سلسلو شروع ٿيو وڃي . جنهن سبب ٿر ۾ سڪار جون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون . پر شرط اهو آهي ته اهي ٽيئي نکٽ جون جي پڇاڙي يا جولاءِ ۾ اهڙو مانڊاڻ جوڙين ، ڇوته ٿر ۾ 15 آگسٽ کان پوءِ وسندڙ برساتن جو ڪو پيداواري نفعو نه ٿيندو آهي. 15 آگسٽ کان پوءِ وسندڙ برساتن سبب صرف مال جو گاهه حاصل ٿيندو آهي .
    علم نجوم ( اسٽرانامي ) جي حساب موجب چترا ۽ سواتي نکٽ آڪٽوبر ۽ وشاکا نکٽ نومبر جي پهرئين تاريخن ۾ اچي ٿو . انهي ڪري ٿر جي چوماسي جي لحاظ کان اها برسات پاڇاٽي هوندي آهي . اهڙي پاڇاٽي برسات وسڻ ڪري فصلن جي پوکائي کي ڪو به فائدو نه ٿيندو آهي . جيڪڏهن اڳ ۾ فصل پوکيل هوندا ته انهن کي پڻ نقصان پهچندو . ڇو ته آڪٽوبر ۽ نومبر جي مهيني ۾ ٿر جي ماحول ۾ ٿڌاڻ اچيو وڃي ، اهڙي ماحول ۾ ٿر ۾ برسات جو وسڪارو ٿر ۾ گاهن ۽ وڻن کي ته سائو ڪري مال جي چاري پيدا ٿيڻ جو سبب ته بنجي سگهي ٿو. ان سان فصلن جي پيداوار ته نه ٿيندي ، پر مال لاءِ گاهه ڦٽڻ ڪري چوپائي مال لاءِ سڪار ٿي سگهي ٿو . انهي ڪري اهڙي قسم جون برساتون صرف مال جي چاري جي حد تائين گاهه پيدا ڪنديون پر فصلن جو پيداواري فائدو ڏيڻ جو سبب نه بڻبيون ، انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ هن قسم جي برساتن کي صرف مال لاءِ فائدي مند قرار ڏنو آهي . جيڪا ڳالهه بلڪل درست آهي .انهن سڀني سببن جي روشني ۾ ڏسبو ته جديد سائنس جي اصولن موجب هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي .
    ( 15 ) سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي ستين تاريخ سواتيءَ جو نکٽ آيو ۽ جيڪڏهن انهي ڏينهن تي ڪٿي به برسات وسي ٿي ته پوءِ پوري ٿر ۾ مينهن وسندا ۽ اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي .
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي انهي اهڃاڻ جي سچائي بابت جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته علم نجوم ( اسٽرانامي ) موجب سواتي نکٽ جو اثر بادي آهي . پر ان ۾ پاڻي جو اثر وڌيڪ هوندو آهي . سواتي نکٽ جي هوا آبي بخارن سبب گهميل هوندي آهي . ٻئي طرف وري سانوڻ ( آگسٽ ) جو مهينو برسات وسڻ جو ئي مهينو آهي . انهي ڪري سواتي نکٽ جي آبي بخارن سان ڀرپور هوا سانوڻ جي آڙنگ ۽ برساتي مانڊاڻ وڌائڻ کي هٿي ٿي ڏي . انڪري مينهن وسڻ جو سمورو مانڊاڻ مڪمل ٿيو وڃي . برسات وسڻ شروع ٿيو وڃي . سانوڻ جو مهينو هونئن به ٿر۾ برساتن جو مهينو هوندو آهي . انهي مينهن جو مندائتو وسڻ سڪار جو سبب بڻجي وڃي ٿو.
    علم نجوم (اسٽرانامي ) جي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته اهڙو موقعو ڪڏهن اتفاق سان ايندو آهي . ڇوته علم فلڪيات جي اصولن موجب سواتي نکٽ هونئن ته هر مهيني پنهنجي گردش موجب هلندو رهندو آهي . پر هو پنهنجي چوڏهن ڏينهن واري اثرات جي گردش ۾ چوماسي جي مند جي پڇاڙي ۾اسوءَ مهيني ( آڪٽوبر ) جي آخري ڏهاڪي ۾ زمين تي پنهنجا اثر خارج ڪندو آهي . جنهن سبب هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون آهن . جنهن ڪري انهي وقت اگر ڪٿي زمين تي هوا جو گهٽ دٻاءَ موجود هوندو آهي ته هن نکٽ جا اثرات بارش وسڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا . پر اهڙي برسات ٿر لاءِ ڪا خاص فائديمند نه هوندي آهي . پر ساڳي ريت جيڪڏهن سواتي نکٽ پنهنجي چوڏهن ڏينهن واري گردش موجب سالن کان گردش ڪندو سانوڻ مهيني ۾ اچي ويو ته پوءِ مندائتا مينهن وسي سگهن ٿا ، پر اهڙو موقعو ڪيترن سالن بعد ڦيري سان ايندو آهي . انهي ڪري هن اهڃاڻ کي دائمي نتيجو نه ڏيندڙ سمجهيو وڃي .

    ( 16 ) جيڪڏهن سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي پنجين تاريخ تي ٿر ۾ ڪٿي به مينهن وسي ٿو ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي . انهي سال ۾ برساتون سٺيون وسنديون .
    هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو رايو آهي ته ، ٿر جي چوماسي جي مند جي حساب سان سانوڻ (آگسٽ ) جو مهينو برسات جي موسم جو درميانو مهينو هوندو آهي ، انهي ڪري اگر سانوڻ ( آگسٽ ) مهيني جي پنجين تاريخ يعني پهرئين هفتي ۾ ئي برسات وسڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته ، اهو ٿر ۾ سڪار آڻڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو . ڇو ته آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ آيل برسات ٿر ۾ فصلن جي پوکائي جي درمياني مند هئڻ سبب پوکائي ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي . ان کان علاوه اڳ ۾ پوکيل فصلن جي واڌ ويجهه ۽ فصلن جي صحيح داڻي ٻڌڻ ۾ به مدد ڪري سگهي ٿي ۽ هي برسات ڪنهن به صورت ۾ ٿر کي فائدو ئي ڏيندڙ آهي .انهي ڪري جديد سائنس جي حساب سان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به شڪ نه ٿو آڻي سگهجي. سائنسي حساب سان هي اهڃاڻ سائنسي بنيادن تي بيٺل آهي . باقي پنجين تاريخ تي مينهن جو اچڻ اتفاقي سمجهڻ گهرجي . ٻئي طرف انساني سماجيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، آڳاٽي زماني جا ڏاها ماڻهو پنهنجي ڳالهين تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪجهه اشارا ڏيئي ڇڏيندا هئا . انهن ڳالهين تي غور ڪندڙ ماڻهو سياڻن جي انهن ڳجهن اشارن جن کي هو سگهڙائپ جي ٻولي ۾ “ڪک رکيل ” چوندا هئا . تي غور ڪري صحيح نتيجا ڳوليندا هئا . جنهن ڳالهه کي ئي سگهڙائپ چئبو آهي . انهي لحاظ کان پنجين تاريخ جو لفظ صرف هن اهڃاڻ تي ڪک رکيل آهي . جنهن کي سانوڻ مهيني جو پهريون هفتو سمجهڻ گهرجي . هي اهڃاڻ لوڪ ڏاهپ سان گڏ ، لوڪ ادب جو پڻ شاهڪار آهي .


    • آسمان ، سج ، چنڊ ۽ تارا

    ( 1 ) چئوماسي جي مند ۾ آسمان جيڪڏهن اڇاڻ مائل ۽ مٿي اوچائي تي نظر اچي ته اهو برسات نه وسڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    هن اهڃاڻ جي باري ۾ سائنس جي ماهرن جورايو آهي ته ،آسمان جا رنگ فضا ۾ موجود هوا ، پاڻي ،مختلف گئسن ،مٽي ۽ روشني جي مقدار جي حساب سان ڏسڻ ۾ ايندا آهن .انهن رنگن مان ئي فضا ۾ موجود هوا ، پاڻي، گئسن ، مٽي جي دز ۽ روشني جي مقدار جو اندازو ڪري سگهبو آهي . روشني هوا ۽ مٽي جي سنهڙي دز مان ته سڌو گذري ويندي آهي ، پر پاڻي مان گذرندي روشني جا رنگ تبديل ٿيندا رهندا آهن . فضا ۾ جيڪڏهن آبي بخار گهٽ هوندا ، هوا ۾ دز جو مقدار وڌيڪ هوندو ته آسمان جو رنگ ڌنڌلو ٿيندي سج جي روشني جي سفيدي ۾ اڇاڻ مائل ٿي ويندو آهي۽ زمين کان پري اوچائي تي نظر ايندو آهي . آسمان جي اڇاڻ مائل رنگ ۽ پري ڏسڻ ۾ اچڻ جو سبب فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽتائي آهي. هاڻي جيڪڏهن چوماسي جي مند ۾ فضا ۾ آبي بخارن جو ذخيرو گهٽ هوندو ته پوءِ مينهن وسڻ لاءِ ڪڪرن جي ٺهڻ جا امڪان گهٽجي ويندا . جي ڪڪر ئي نه ٺهندا ته پوءِ مينهن جو مانڊاڻ ڪٿان ۽ ڪيئن ٺهندو . جي مينهن وسڻ جا امڪان ختم ٿي ويا ته پوءِ سڌي ڳالهه آهي ته ڏڪار ٿيندو . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي .
    ( 2 ) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن آسمان جو رنگ گهرو نيرو ۽ هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ته اهو برسات وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي .
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، آسمان جا رنگ فضا ۾ هوا ، آبي بخارن ، گئسن ۽ مٽي جي دز جي موجود مقدار موجب تبديل ٿيندا رهندا آهن . جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي، تڏهن سج جي روشني انهن آبي بخارن مان گذرندي مختلف رنگن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي . روشني جي رنگن جي ميلاپ جو آخري حد نظرنقطوگهرو نيرو هوندو آهي . انهي ڪري آسمان جو گهرو نيرو رنگ فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي جي شاهدي ڏيئي ٿو . جيئن ته آبي بخارن جي موجودگي زمين کي ويجهي هوندي آهي . انهي ڪري آسمان به زمين کي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي . انهي حساب سان جيڪڏهن فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي آهي ته پوءِ چوماسي جي موسم ۾ ٿورو هوا جو دٻاءَ به مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ دير نه ڪندو . فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب ئي مينهن جو سمورو مانڊاڻ ٺهندو آهي . انهي حساب سان ٿر جي قديم موسمي ماهرن جي تجربي مان نڪتل لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي تي ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگهجي.
    ( 3 ) آسمان ۾ هڪ تارن جو جهڳٽو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، جنهن کي ڪتيون سڏيو ويندو آهي ، ۽ هڪ ٽن تارن جي قطار جنهن کي ٽيڙو يا لوڌا سڏيو ويندو آهي . ڪتيون ڄيٺ ( مئي ) جو سڄو مهينو ۽ ويساک ( جون ) جون ڏهه تاريخون گم ٿي وينديون آهن . ويساک (جولاءِ ) جي يارهين تاريخ جي رات ڪتيون وري ظاهر ٿينديون آهن ، جڏهن ڪتيون ڪپار يعني مٿي جي مٿان آسمان جي وچ ۾ نظر اچن ۽ ٽيڙو اڀا ڏسڻ ۾ اچن ، ڪتيون ٿورو اڳتي ٿين ته ٽيڙو لڙي وڃن ۽ پوءِ ائين لهي وڃن ، ۽ انهي وقت تاڙو پکي ٻولي ڪري ته اهو سڪار ۽ مينهن وسڻ جو اعلان آهي . انهي ڪري ئي تاڙي پکي کي مينهن جو موهريءَ سڏيو وڃي ٿو. پر جي ائين نه ٿئي ته ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جڏهن جديد سائنس جي شعبي علم فلڪيات ( اسٽرانامي ) جي روشني ۾ ڏسبو ته آسمان ۾ موجود ڪتيون ۽ ٽيڙوءَ يا لوڌا هڪٻئي پويان گردش ڪندڙ تارن جا ميڙ آهن . جيڪي ڪائنات ۾ موجود ٻين تارن جيان پنهنجي حساب سان گردش ڪندا رهن ٿا . گردش جي انهي ڦيري دوران هو ڄيٺ يعني مئي جو پورو مهينو ۽ ويساک يعني جون جون ڏهه تاريخون زمين کان پري هليا وڃن ٿا ، جنهن ڪري ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن .انهي ڪري اهي ڄاڻايل پورا چاليهه ڏينهن زمين کان پري گردش ڪندي وري واپس زمين کي ويجها ٿين ٿا ته ٻيهر نظر اچن ٿا . انهن چاليهن ڏينهن کي عام ماڻهو چاليهي جي موسم سڏيندا آهن . انهي چاليهي جي موسم ۾ ٿر ۾ تيز لڱ ساڙيندڙ لڪون لڳنديون آهن . ڄارين جا پيرونءَ پچندا آهن . انهي تيز هوائن ۾ گرمي سبب سامونڊي بخار به شامل ٿيندا رهندا آهن . جون وارن چاليهي جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ڪڏهن ڪڏهن رات جو ماڪ به پوندي آهي جيڪا هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي جي موجودگي جي شاهدي ڏيئي ٿي. جڏهن ڪتيون ۽ ٽيڙوءَ گم ٿيڻ وارو عرصو يعني چاليهو پورو ڪري جڏهن ٻيهر زمين کي ويجها ٿيڻ ڪري ڏسڻ ۾ ايندا آهن . اهي پنهنجي مقرر گردش جي رفتار سان اڳيان پٺيان هلندا آهن . جڏهن ڪتيون ڪپار جي مٿان هونديون آهن ، انهي وقت ٽيڙولڙيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن . جڏهن ڪتيون لڙنديون آهن انهي وقت ٽيڙولهي ويندا آهن اهو ڀنڀرڪي ۽ ماڪ وسڻ جو وقت هوندو آهي ، انهي وقت ماڪ تڏهن وسندي آهي جڏهن گذريل چاليهي سبب سمنڊ مان اٿيل آبي بخار هوا ۾ موجود هوندا آهن . پکين ۾ تاڙو يا ڪويل هڪ اهڙو پکي آهي ، جيڪو هوا جي گهم کي وڌيڪ محسوس ڪري ٿو . گهم کي محسوس ڪندي مينهن جي مانڊاڻ کي ويجهو سمجهندي تنواريندو آهي . تاڙو پکي ( ٻاٻيهو ) هڪ لڪ ۽ گرمي برداشت نه ڪندڙ پکي آهي . ٿر ۾ لڳندڙ گرم لڪن سبب هي پکي بي حال ٿي مرڻ به لڳندو آهي . جنهن بابت شاهه صاحب جو هي بيت به شاهدي ڏي ٿو .
    منجهان منهنجي روح ، جي وڃي ساجن وسري ،
    مـــر لــڳـي لــوءَ، ٿـر ٻـاٻــيــهـو ٿـي مـران. (شاهه)

    پکين ۾ تاڙو (ٻاٻيهو ) چاليهي جي لڪن ( لوءَ ) کان پوءِ گرمي سبب وڌيڪ تنگ ٿيندو آهي . پنهنجي جيوت جي عام دفاعي جبلت موجب ، جڏهن رات جو ٿڌاڻ محسوس ڪندو آهي ، ته منجهس خوشي جو عنصر پيدا ٿيڻ فطرتي ڳالهه آهي . جنهن ڪري هو چاليهي کان پوءِ ٻولڻ شروع ڪندو آهي . جنهن کي عام ماڻهو مينهن وسڻ جو اعلان سمجهندا آهن . ڇو ته مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ ان کان پوءِ جلد وسڻ جا ويس ڪندو آهي . انهي ڪري عام لوڪ ڏاهپ جي انهن اهڃاڻن کي مينهن وسڻ جا اهڃاڻ شمار ڪندي آهي . انهي سموري بحث کان پوءِ سائنسي ۽ علم فلڪيات جي سببن ۽ انهن جي نتيجن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي وڃي ٿو .
    ( 4 ) سانجهي تارو آسمان ۾ اولهه طرف سج لهڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي . برسات جي موسم يعني جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڏسڻ ۾ اچي ته برسات وسندي پر جيڪڏهن اهو تارو گم هجي ته گهٽ مينهن وسندو ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
    فلڪيات جي علم ماهرن جي چوڻ موجب ، سانجهي تارو سال ۾ پنهنجي گردش موجب ٻه دفعا زمين کان پري ٿي ويندو آهي . انڪري ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي . جنهن ڪري ماڻهو چوندا آهن ته سانجهي تارو گم ٿي ويو آهي . سانجهي تارو اڪثر ڪري اونهاري جي موسم ۾جولاءِ جي 10 تاريخ کان پوءِ ڌرتي کان پري هليو ويندو آهي ۽ وري آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ سياري جي موسم ۾ وري آڪٽوبرجي پهرئين هفتي ۾ڌرتي کان پري ٿي ويندو آهي ۽ وري نومبر جي 10 تاريخ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
    جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ برسات وٺي ته اها چوماسي جي شروعاتي برسات هوندي . جنهن کان پوءِ چوماسي جون برساتون وسنديون رهنديون ۽ سڪار آڻڻ جو سبب بڻبيون . ڇوته ٿر ۾ وسندڙ اهڙيون برساتون ٿر ۾ پوکجندڙ فصلن جي پوکيءَجي موسم واريون هونديون آهن . فصل ۽ گاهه مندائتا ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن برساتون سانجهي تاري جي گم هئڻ واري عرصي ۾ يعني آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ وٺيون ته پوءِ اهڙيون برساتون ٿر جي فصلن جي پوکيءَ جي حساب سان پاڇاٽيون هونديون انهي ڪري گهٽ ۽ بي مندائتا فصل ٿيندا ، جيڪي گهربل پيداوار نه ڏيئي سگهندا . جنهن ڪري اهڙين برساتن کي ڏڪار ۾ شمار ڪيو ويندو آهي .
    انهي لحاظ کان ٿري لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ علم فلڪيات ( اسٽرانامي ) ، موسميات ، جي ماهرن جي نظر ۾ سائنسي سببن موجب ئي نتيجا ڏيندڙ آهي. انهي ڪري هن اهڃاڻ کي به سائنسي نقطه نظر کان درست سمجهي سگهجي ٿو. باقي سانجهي تارو پنهنجي گردش جي حساب سان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، انهي جو برسات جي وسڻ سان ڪو تعلق ڪونهي ، هي صرف مندائتي ۽ غير مندائتي برسات وسڻ جو نتيجو آهي . باقي برسات وسڻ يا نه وسڻ جو سانجهي تاري جي گردش سان ڪو به تعلق ڪونهي . سانجهي تارو جڏهن اڀرندو آهي ته سمجهيو ويندو آهي ته مال هن سال خوش رهندو ٻيءَ صورت ۾ مال لاءِ ڏکيا ڏينهن تصور ڪيا ويندا.
    ( 5) زمين ۽ آسمان گرم ٿي وڃن ، گهٽ ۽ ٻوسٽ ٿي وڃي ، ته ان کي زمين ۽ آسمان جو ميلاپ چون ٿا . اهو مينهن وسڻ ۽ سڪار ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي . پر جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ ٿڌاڻ هجي ، چئوماسي جي موسم ۾ به ٿڌيون هوائون لڳن ته اهي برسات نه وسڻ ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، برسات جي وسڻ يا ٺهڻ لاٰءِ گرمي ، فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي ، هوائن جو گهٽ دٻاءَ هئڻ نهايت ضروري آهن. جڏهن زمين ۽ آسمان ۾ گرمي ٿئي ٿي ، ته اهو ماحول هوا جو خال پيدا ڪري ٿو. جنهن کي موسميات جي ٻولي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ چيو ويندو آهي . هوا جو گهٽ دٻاءَ ڪڪرن کي گڏ ڪرڻ ۽ گهاٽو ڪرڻ ۽ وسڻ جي لائق بڻائي ٿو . پوءِ هوا جي ٿڌاڻ ڪڪرن جي آبي بخارن کي پاڻي جي ڦڙين ۾ تبديل ڪري وسائي ٿي . اهو سڄو عمل برسات وسڻ لاءِ نهايت ضروري آهي .
    پر جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ ٿڌاڻ هوندي ته هوا به هلڪي لڳندي ۽ هوا جو گهٽ دٻاءَ به نه ٺهي سگهندو . جنهن ڪري نه ڪڪر گڏ ٿي سگهندا ، نه ئي ڪو مينهن جو مانڊاڻ ٺهي سگهندو. اهڙي حالت ۾ برسات جو ڪو به امڪان نه هوندو آهي . ٿر ۾ ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ به مينهن وسندو آهي ، جنهن کي ٿر ۾ “ مانگهه جو روهاڙ” به چوندا آهن . اها برسات ٿر ۽ آسپاس جي ماحول جي ٺهيل برسات نه هوندي آهي . سياري ۾ وسندڙ اهڙيون برساتون اترين ملڪن مان آيل برساتون هونديون آهن. جن جو ٿر جي چوماسي سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي . اهڙيون سياري ۾ وسندڙ برساتون ٿر جي ماحول لاءِ فائديمند نه هونديون آهن . ٿر ۾ وسندڙ اهڙين برساتن سان واري ٺرڻ سبب سيءَ ۾ سخت اضافو ٿيندو آهي ، جنهن سبب ماڻهو ۽ چوپايو مال بيمار ٿي پوندو آهي. اهڙيون برساتون ٿر جي وڻن ۽ گاهن کي به ساڙي ڇڏينديون آهن جنهن سان ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي پونديون آهن.
    انهي سموري سائنس جي روشني ۾ ڪيل بحث کان پوءِ ، انهي ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنسي اصولن موجب درست آهي .
    ( 6 ) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي 15 تاريخ چنڊ جيڪڏهن اوڀر طرف ڪاري ڪڪر منجهان اڀري ۽ لهڻ وقت الهندي پاسي تيز هيڊاڻ ڪري ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن اڇي رنگ جي ڪڪر منجهان اڀري ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ . پر جيڪڏهن ڪنهن به ڪڪرمنجهان نه اڀري ته اهو قحط ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. ساڳي رات چنڊ جيڪڏهن هلندي رات جي پهرئين پهر ۾ ڪنهن ڪڪر مان گذري ته برسات آڳاٽيءَ ۽ جي پوئين پهر ۾ ڪنهن ڪڪر مان گذري ته اهو برسات پاڇاٽيءَ وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
    هن اهڃاڻ جي سچائي بابت ، سائنسي ماهرن ۽ موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي چوماسي جي موسم جي لحاظ کان جولاءِ جو مهينو ٿر ۾ پڪي برساتي موسم آهي. ٿر۾ اوڀر جون هوا ئون برسات جو ماحول ٺاهين ٿيون. انهي ڪري اوڀر طرف ڪارا ڪڪر جلد برسات اچڻ جي شاهدي ڏين ٿا ، پر اڇا ڪڪر خالي ڪڪر هئڻ جي نشاني آهن ، ڇوته ڪارا ڪڪر ئي گهاٽا ۽ وسڻ لاءِ تيار ڪڪر هوندا آهن.
    چنڊ جي روشني جڏهن آبي بخارن مان گذرندي آهي تڏهن ڌنڌلي ٿي پنهنجو رنگ هيڊو ڪندي آهي. چوماسي جي مند ۾ جڏهن آسمان ۾ هوائون ، اوزون جي تهه مان ڇڏيل گئسون ، ۽ آبي بخار وڌي ويندا آهن تڏهن روشني هيداڻ مائل ٿي ويندي آهي. انهي ڪري چوماسي جي مند ۾ شفق جو هيڊاڻ مائل ٿي وڃڻ فطرتي ڳالهه آهي ،جيئن عام حالتن ۾ سج جي شفق ڳاڙهي رنگ جي هوندي آهي . پر ان جي هيڊي رنگ ۾ تبديل ٿيڻ پڻ فضا ۾ موجود مينهن جي مانڊاڻ جي شاهدي ڏي ٿي .
    آبي بخار سج جي گرمي سبب ڏينهن جو ٽڙيل پکڙيل ٻاڦ جي صورت ۾ هلڪا ٿي ويندا آهن . جيڪڏهن سج لٿي مهل فضا ۾ موجود آبي بخار ڪنهن ڪاري ڪڪر جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ته اهو فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي جي شاهدي ڏئي ٿو. پر اڌ رات جو ڪڪرن جو نظر اچڻ فضا ۾ آبي بخارن جي ٿوري تعداد ۾ موجودگي جي نشاني آهن . اهڙا ڪڪر چنڊ جي پاسي مان گذرڻ ڪري وڌيڪ چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن . اهڙي صورت ۾ سندن رنگ جي ڏسڻ سان خبر پوندي آهي ته ڪڪر ڪهڙي صورت ۾ آهن ۽ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار ڪيترو آهي.ڇاڪاڻ ته ڪڪرن جو رنگ ، ڪڪرن ۾ موجود آبي بخارن جي نشاندهي ڪري ٿو. اڇي رنگ جا ڪڪر هلڪا ۽ ڇڊا هوندا آهن . ڀوري رنگ جا ڪڪر ٿورو گهاٽا ۽ گهٽ وزن وارا ڪڪر هوندا آهن . ڪارا ڪڪر بلڪل ڀريل ۽ وسڻ لاءِ تيار هوندا آهن . جن کي جيڪڏهن ڪٿي هوا جو گهٽ دٻاءَ ملي ويو ته هو جلدي انهي پاسي گڏ ٿي ويندا ۽ فضا ۾ هوا جي ٿڌاڻ ملڻ سان وسي پوندا آهن . اهڙي ريت وري صبح ، منجهند ، شام ، آڌي رات جي وقت گرمي جي فضا ۾ موجودگي پڻ ڪڪرن جي رنگن ، ڇڍي ۽ گهاٽي ٿيڻ جو سبب بنجي ٿي . فضا ۾ موجود سج جي گرمي ڪڪرن جي ڇڊائي ، گهاٽائي ۽ رنگن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي . انهي ڪري رات جي مختلف وقتن ۽ ڏينهن جو ، صبح ، منجهند ۽ شام جي وقت ڪڪرن جي ڇڊائي ، گهاٽائي ۽ رنگن ۾ فرق ايندو رهي ٿو.
    هن اهڃاڻ ۾ 15 آکاڙ جي تاريخ مان مراد آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي وچ ڏانهن اشارو آهي، انهي ڪري 15 تاريخ جو اشارو سگهڙن طرفان ڏنل توجهه ڇڪائڻ لاءِ رکيل ڪک آهي . ان جو برسات جي وسڻ ، چنڊ جو ڪاري ڪڪر مان اڀرڻ ، چنڊ جو ڪڪرن مان گذرڻ جي ڪابه سائنسي حقيقت ناهي ، هي اهڃاڻ چوماسي جي مند ۾ ڪڪرن جي مطالعي جو گس ڏسيندڙ ڏاهپ ڀريو اهڃاڻ آهي .
    انهي مٿئين سموري بحث بعد سائنسدان انهي نتيجي تي پهچن ٿا ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ ڪڪرن جي مطالعي طرف ڌيان ڇڪائيندڙ اهڃاڻ آهي . هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به شڪ ناهي .
    ( 7) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي سُهاين راتين ۾ آسمان ۾ ڪڪر يا ڪٿي کنوڻ جو چمڪاٽ ٿئي ته اهو به سڪار جو نشان آهي .
    جيئن ته جولاءِ جو مهينو ٿر جي چوماسي جي مند جو شروعاتي مهينو آهي . هن مهيني ۾ مينهن جو وسڻ ٿر لاءِ سڪار جو سبب بڻجي ٿو ،. ان لاءِ هن مهيني ۾ ڪٿي به جيڪڏهن کنوڻ ٿئي ٿي ته اهو چوماسي جي مينهن جي وسڻ جو اعلان آهي . جولاءِ ۾ آيل برسات ٿر ۾ پوکي جي پوري مند واري برسات آهي . جنهن سبب سڀ فصل مندائتا پوکي سگهبا آهن . سڄو ٿر آباد ٿي ويندو آهي . اهڙا پوکيل فصل موسم جي لحاظ کان اپت به وڌيڪ ڏيندا آهن . ٻئي طرف مال جي چاري لاءِ اڻ ميو گاهه ڦٽي پوندوآهي ، انهي ڪري آکاڙ ( جولاءِ ) جي سهاين راتين يعني وچ ڌاري شروع ٿيل برسات هر لحاظ کان نفعي بخش هوندي آهي ، باقي شرط صرف اهو هوندو آهي ته اهڙي برسات جي پويان تيز هوائون نه لڳن ۽ اهڙي مينهن جي پويان 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي سان گهٽ ۾ گهٽ ٽي برساتون ٻيون به وسن . اهڙا مندائتا مينهن ئي ٿر ۾ سڪار جو سبب بنجن ٿا . انهي ڪري انهن سڀني ڳالهين کي جيڪي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ ڏسيل آهن ، انهن کي جديد سائنس جي روشني ۾ ڪنهن به لحاظ کان غلط سڏي نه ٿو سگهجي ، ڇو ته هن اهڃاڻ کي سائنس جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽڻ کان پوءِ سائنسي ماهر هن اهڃاڻ جي سچائي جي شاهدي ڏين ٿا .

    ( 8 ) رات جو آسمان ۾ چنڊ کي پِڙ هجي . جنهن کي ٿر جا ماڻهو ڪونڊو به چوندا آهن ، ۽ ان ۾ تجلو به هجي ، ( جنهن کي ٿر جا ماڻهو جرهيڙيءَ به چوندا آهن.) ته اهو هڪ هفتي اندر برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن پِڙ وڏو هوندو آهي ۽ ان جي وچ ۾ تارا به ڏسڻ ۾ اچن، ته جيترا به تارا پڙ جي اندر ڏسڻ ۾ ايندا ، اوترا چئوماسي جا مينهن وسندا . پر جي اهو پڙ لاڳيتو ٽي راتيون ڏسڻ ۾ اچي ته ڀرپور سڪار ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن چنڊ ۾ پِڙ صفا خالي ۽ ڌنڌ سان ڀريل هجي ته برسات نه وسندي ، ۽ اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت موسمياتي ۽ جديد سائنس جا ماهر چون ٿا ته، جڏهن فضا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن ، ته چنڊ جي چانڊوڪي جي روشني انهن آبي بخارن مان گذري زمين تائين پهچي ٿي . روشني جي هيٺئين زميني ڦهلاءَ ۽ چنڊ جي مرڪزي روشني جي وچ۾ آبي بخارن جو مقدار چنڊ جي چوڌاري هڪجيتري گول دائري يا پڙ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي . جنهن کي ٿر جا ماڻهوڪونڊو يا جرهيڙي به سڏين ٿا .
    چنڊ کي پڙ هئڻ فضا۾ آبي بخارن جي مقدار جي شاهدي ٿو ڏي . چنڊ ۾ پڙ ڏسڻ سان فضا ۾ آبي بخارن جي مقدار جي خبر پوندي آهي .
    برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ سڀ کان پهريائين اهو ضروري هوندو آهي ته فضا ۾ سٺي تعداد ۾ آبي بخارن جو مقدار موجود هجي ، پوءِ اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪٿي به هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهيو ته اهي آبي بخار هوا سان گڏجي ڪڪرن جي روپ ۾ گڏ ٿي برسات وسڻ جو سبب بنجن ٿا. انهي ڪري آسمان ۾ موجود چنڊ جو پڙ جلدي مينهن اچڻ جو نياپو ثابت ٿئي ٿو . جنهن بنياد تي تجربن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ هن اهڃاڻ کي تسليم ڪرڻ گهرجي. باقي هن اهڃاڻ ۾ ٻڌايل تارن جي تعداد جو برساتن جي تعداد سان ڪو به تعلق ڪونهي. اها ڳالهه صرف لوڪ ڏاهپ جي سگهڙائپ وارن ڳالهه تي ڪک رکڻ طور ڪيل آهي. جيئن ماڻهو ڏاهپ جي هن اهڃاڻ طرف وڌيڪ توجهه ڏين . باقي وڏو پڙ هجڻ ۽ ان ۾ روشني جي چمڪ هئڻ آبي بخارن جي گهڻي مقدار ۾ هئڻ جي شاهدي آهي. اهڙي حالت ۾ وڌيڪ برسات وسڻ جا امڪان ضرور موجود هوندا آهن.
    ٻئي طرف ڌنڌلو ۽ خالي پڙ فضا۾ دز ، هوائن ۾ موجود گئسن سبب پيدا ٿئي ٿو . ان ڪري اهڙي ڌنڌ سان ڀريل پڙ ۾ آبي بخارن جي موجود نه هئڻ جي شاهدي ملي ٿي . اهڙي پڙ مان برسات نه وسڻ جي شاهدي ملي ٿي ، ڇو ته جڏهن فضا ۾ آبي بخار ئي نه هوندا ته پوءِ ڪڪر ڪٿان ٺهندا ، ان ڪري لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جو خالي ڌنڌلي پڙ کي برسات نه وسڻ جو اهڃاڻ سمجهڻ به سائنس جي روشني موجب درست آهي . موجوده جديد سائنس هن اهڃاڻ جي ٻنهي نتيجن سان اتفاق ڪندي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي .
    ( 9 ) آسمان ۾ چنڊ جيڪڏهن وڌيڪ چمڪندڙ هجي ۽ ان مان کير جهڙي اڇي چانڊوڪي زمين تي پکڙي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، چنڊ جي روشني جو عڪس زمين تي پوڻ وقت ان جي رنگن جو سمورو دارو مدار فضا ۾ موجود آبي بخارن ، گئسن ، مٽي جي دز ۽ هوائن جي آلودگي تي هوندو آهي . جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هوندي آهي ته ، روشني جو رنگ آبي بخارن مان گذري هيڊاڻ مائل ٿي زمين تي پوندو آهي . پر جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار نه هئڻ جهڙو هوندو آهي ، فضا ۾ موجود گئسن وغيره جو مقدار يا مٽي جي دز گهٽ هوندي آهي ، ته چنڊ جي روشني صاف ٿي اڇي رنگ سان زمين تي پهچندي آهي. اهڙي حالت ۾ چنڊ جي روشني تي خشڪ علائقا چمڪي کير جهڙا اڇا نظر ايندا آهن . ٿر جيئن ته خشڪ علائقو آهي ان ڪري انهي علائقي تي پوندڙ چنڊ جي چانڊوڪي صاف کير جهڙي اڇي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . چنڊ جي اڇي صاف ڄانڊوڪي هئڻ سان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهبو آهي ته فضا آبي بخارن کان خالي آهي .
    هاڻي جڏهن فضا ۾ آبي بخار ئي نه هوندا ته پوءَ مينهن جو مانڊاڻ ڪيئن جڙي سگهندو . اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪٿي هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهيو به سهي ، ته برسات وسڻ بجاءِ مٽي جا طوفان اٿندا، پر مينهن نه وسندو.
    ٿر جنهن ۾ زندگي جي جياپي جي سمورن وسيلن جو دارومدار برسات جي وسڻ تي ئي هوندو آهي ، اتي مينهن نه وسڻ سبب جياپي جي وسيلن جي کوٽ سبب ڏڪار اچي ويندو آهي.
    انهن سمورين سائنسي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي . هن اهڃاڻ جا نتيجا ڏاهن جي مسلسل فضائي ۽ روشني جي رنگن جي مشاهدي ۽ ان جي نتيجن تي ٻڌل آهن . ان ڪري هي اهڃاڻ پڻ سائنس جو حصو آهي.
    (10)چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن سج لهڻ واري هنڌ کان ، چنڊ اتر طرف لهي ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي ، پر جيڪڏهن چنڊ سج لهڻ واري جاءِ کان ، ڏکڻ پاسي لهي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    سج جي شمسي نظام جا زمين ۽ چنڊ به گرهه آهن ، جيڪي هڪ طرف پنهنجي محور تي گردش ڪندا آهن ته ٻئي طرف سج جي چوڌاري به ڦرندا رهن ٿا. زمين ۽ چنڊ نظام شمسي جا هڪٻئي کي ويجها گره به آهن ، ان ڪري انهن گرهن جي ڪشس ثقل جو هڪٻئي تي اثر به ٿيندو رهندو آهي .
    زمين جي سج کان بيهڪ هڪ پاسي لڙيل شڪل ۾ آهي ، ان ڪري زمين پنهنجي گردش دوران سج کان ويجهي ۽ پري به ٿيندي رهي ٿي ، جنهن سبب سج جي گرمي جو اثر به انهي لڙيل پاسي جي حساب سان وڌندو ۽ گهٽجندو رهي ٿو. ساڳي ريت سج زمين کان رستا بدلائيندي نظر اچي ٿو. جيڪا اصل ۾ زمين جي پنهنجي گردش آهي ۽ نظر جي دوکي سبب اهڙي گردش دوران سج لهندو ۽ اڀرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ساڳي ريت چنڊ به ڏسڻ ۾ ايندو آهي . اهو سڀ نظام شمسي جي گردشي ڦيري سبب ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
    انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ، انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جو مينهن جي وسڻ يا نه وسڻ سان ڪو به تعلق ناهي ، ۽ هن اهڃاڻ جي نتيجن جو سائنس سان ڪو تعلق نه هئڻ ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ کي رد ڪجي ٿو.
    (11) آسمان ۾ ڏينهن جو سج ۾ چوڌاري سائو ۽ هيڊو پڙ هجي ته اهو برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، فضا ۾ موجود آبي بخارن گئسن، ۽ ٻي آلودگي سبب فضا مان سج جي روشني گذرڻ وقت انهي روشني جي رنگن ۾ فرق ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سج جي روشني جي مرڪز ۽ زمين تي سج جي روشني جو دائري وچ ۾ فضائي آلودگي سبب سج جي چوڌاري ڪڏهن ڪڏهن پڙ جنهن کي ٿر جا ماڻهو ڪونڊو به سڏين ٿا ، سو نظر ايندو آهي. روشني جڏهن آبي بخارن مان گذرندي آهي ته ، زمين تي ايندڙ روشني جو رنگ هيڊاڻ مائل ٿي ويندو آهي ۽ مٿي آسمان ۾ روشني حد نظر تي نيري رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . انهي سج جي پڙ ۾ فضا۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب سج جي پڙ جو دائرو سائو ۽ هيڊو ڏسڻ ۾ ايندو آهي . اهڙي قسم جو سج جو پڙ فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب ڏسڻ ۾ ايندو آهي . جيڪو فضا ۾ وڏي مقدار ۾ آبي بخارن جي موجود هئڻ جي شاهدي ڏيندو آهي.
    فضا ۾ جيڪڏهن آبي بخار موجود آهن ته پوءِ زمين تي هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ تي ڪڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وسڻ جا ويس ڪندا آهن ۽ جلدي مينهن جو مانڊاڻ ٺهي پوندو آهي . انهي ڪري سج ۾ هيڊي ۽ سائي رنگ جي دائري وارو پڙ جلد مينهن وسڻ جي خوشخبري ڏيئي ٿو.
    انهن مٿين سڀني ڳالهين جي روشني ۾ جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي.
    (12) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو هنڌ، ۽ هلڻ جو رستو ساڳيو آهي، ته اهو سڪار ۽ مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، نظام شمسي جي گردش جي اصولن موجب سج ۽ ان جا سڀ گره پنهنجي گردش ڪندا رهن ٿا . زمين جيئن ته هڪ پاسي لڙيل آهي. ان ڪري زمين تان سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جا رستا وقت بوقت بدلبا رهن ٿا . جيڪا ڳالهه اصل ۾ زمين جي پنهنجي گردش هوندي آهي ، پر نظر جي دوکي سبب ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
    انهي ڪري جديد سائنس جا ماهر انهي ڳالهه تي متفق آهن ته ، سج ۽ چنڊ جي لهڻ ۽ اڀرڻ جي رستن تبديل ٿيڻ سان زمين تي موسمن جي تبديلي ته ضرور ثيندي آهي . پر لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ ڏسيل نتيجا غير سائنسي آهن . سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ جي هڪ رستي تي هلڻ سبب مينهن جي وسڻ واري ڳالهه سائنس جي روشني ۾ بي بنياد آهي. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي غيرسائنسي قرار ڏيندي رد ڪجي ٿو.
    (13) چئوماسي جي مند ۾ سج جي اڀرڻ وقت هيِڊي روشني هجي ۽ لهڻ وقت به ساڳئي هيڊي رنگ جي روشني هجي ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سج جي روشني آبي بخارن مان گذري جڏهن زمين تائين پهچندي آهي ته ان جو رنگ هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. روشني جو اهو نظارو سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت وڌيڪ گهرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، انهي ڪري سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت شفق جا رنگ فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندا آهن . عام حالتن ۾ سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت شفق جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل هوندو آهي. ڇو ته سج جي روشني صرف آبي بخارن مان گذرڻ وقت ئي هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سج جي روشني سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت آبي بخارن مان گذري زمين تائين پهچڻ سبب شفق جو رنگ هيڊو ڏسڻ ۾ ايندو اهي. انهي ڳالهه مان فضا۾ آبي بخارن جي وڌيڪ مقدار ۾ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو وڏو مقدار هجي ته پوءِ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهڻ سان ڪڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهي وسي سگهن ٿا . ٿر ۾ اهي اهڃاڻ ڏسڻ سان برسات جي وسڻ جي پڪ ٿيڻ ۽ مينهن بعد سڪار ٿيڻ جي ڳالهه ڪرڻ سائنسي حقيقتن تي ٻڌل آهي. انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي.
    (14) چئوماسي جي موسم ۾ صبح جو (ٻه ، ٽي ) ڪلاڪ ڪڪرن جو ڇانوَرو هجي ۽ پوءِ ڏينهن صاف ٿي وڃي يا ڪڪر به هجن ، پر شام جو تيز هوا لڳي ته اهو به ڏڪار ۽ مينهن نه وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، چو ماسي جي مند ۾ ٿر ۾ مينهن وسڻ جا ٻه امڪان موجود هوندا آهن . انهن مان هڪ امڪان اهو آهي ته جڏهن ٿر جي آسمان جي فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿيڻ بعد هوا جي گهٽ دٻاءَ ٺهڻ سان برساتون وسي پونديون آهن ته ٻيوامڪان هي آهي ته چوماسي جي ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿيل ، ڏکڻ اولهه چوماسي جي برساتن جو سلسلوجڏهن ٿر ۾ پهچندو آهي ته ٿر ۾ چوماسي جي مند جي موسمي برساتن جو سلسلو وسڻ شروع ڪندو آهي. انهي ڪري هن اهڃاڻ جو واسطو ٿر جي فضا ۾ موجود آبي بخارن واري مينهن سان آهي.
    فضا ۾ جڏهن آبي بخارن جو مقدارگهٽ هوندو آهي ته ، ٿڌين هوائن لڳڻ سبب يا ماڪ وسندي آهي يا صبح جي وقت ڪڪرن جو ڇانورو ٿيندو آهي ، جيڪو سج جي گرمي وڌڻ سبب ڏينهن جو ڇڍو ٿي هلڪي ٻاڦ ۾ تبديل ٿي گم ٿي ويندو آهي.
    شام جي وقت هوا جو لڳڻ ، گهٽ ٻوسٽ يا آڙنگ جو نه ٿيڻ ، آسمان جو صاف نظر اچڻ ، ۽ فضا جو ڪڪرن کان خالي هئڻ سڀ شيون انهي ڳالهه جون شاهد آهن ته ، ٿر جي آسمان ۾ آبي بخارن جي مينهن جي مانڊاڻ ٺاهڻ جيتري موجودگي ناهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي مينهن نه اچڻ بابت پيشنگوئي سائنسي سببن موجب درست آهي . انهي ڪري جديد سائنس لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ کي درست سمجهي ٿي .


    • ڪڪر

    ( 1 ) آسمان ۾ ڪڪر الهندي کان اڀرندي طرف تڪڙا تڪڙا ڊوڙندا ويندا ته مينهن وسڻ جون آسرو آهي.پر جيڪڏهن ڪارا ۽ اڇا ڪڪر هڪڙا اتر اوڀر ڏي پيا ويندا ، ٻيا ڏکڻ اولهه ڏي پيا ويندا ۽ شام جو سج لهڻ بعد آسمان جي افق ۾ موگهون (لاٽون) سائي پيلي رنگ جون ڏسڻ ۾ آيون ته برسات جو پڪو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، برسات وسڻ جو سارو دارو مدار ڪڪرن جي چرپر ، هوائن جي رخن ۽ هوا جي دٻاءَ جي شدت ، ۽ مون سون جي موسم ۾ آبي بخارن جي گهڻائي تي هوندو آهي .
    ٿر ۾ وسندڙ چوماسي جي برساتن جو گهڻو ڪري دارو مدار ڏکڻ ، اولهه چئوماسي تي هوندو آهي . اولهه جي هوا جيڪڏهن عربي سمنڊ مان اٿندڙ ٻاڦ جي ڪڪرن کي کڻي اوڀر طرف ويئي ته پوءِ اهي ڪڪر هماليا جي اوچن پهاڙن سان ٽڪرائجي گڏ ٿيندا رهندا آهن ، جڏهن ڏکڻ اولهه چئوماسي جو سلسلو ٿر ۾ داخل ٿيندو آهي ته ، انهي سان هوا جو گهٽ دٻاءَ يا آڙنگ انهن هماليا وارن ڪڪرن کي به آڻي ملائيندو آهي. انهي حالت ۾ وڏڦڙو مينهن وسندو آهي. ۽ ٿر ۾ سڪار اچي ويندو آهي . انهي ڪري ڪڪرن جو اوڀر طرف وڃڻ برسات جي آمد جو اهڃاڻ آهي .
    ڪڪرن مان هڪڙن جو اتر ، اوڀر ڏانهن وڃڻ ۽ ٻين جو اولهه ، ڏکڻ ڏانهن وڃڻ هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي جو اهڃاڻ آهي . ڪڪرن جي اهڙي هلچل هوا جي گهٽ دٻاءَ ٺهڻ کان پهريائين ٿيندي آهي. ترت ئي پوءِ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهي مينهن جو مانڊاڻ جوڙيندو آهي.
    ڪڪرن جي گهڻائي ۽ هوا ۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب سج لهڻ وقت جڏهن سج جي روشني آبي بخارن سان ٽڪرائجي اسان تائين پهچندي آهي ته ، انهي وقت آسمان جي افق ۾ موگهون يعني سائي پيلي رنگ جون لاٽون ڏسڻ ۾ اينديون آهن .
    اهي سڀ ڳالهِيون مينهن جي مانڊاڻ ٺهڻ ۽ جلد مينهن اچڻ جون نشانيون آهن . انهي ڪري انهن سڀني ڳالهين ۽ سائنسي سببن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿي وڃي ٿي .
    ( 2 ) آسمان ۾ تتر کرڙي هجي ، اها ويجهي چٽيءَ ڏسڻ ۾ اچي ، ڪڪرن جو رنگ ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ اچي ۽ تتر کرڙي جي وچ واري آسمان جورنگ صاف نظر اچي ته اهي مينهن اچڻ جا اهڃاڻ آهن.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، تتر کرڙي مينهن جي نشانين مان هڪ نشاني آهي . تتر کرڙي انهي وقت آسمان ۾ نظر ايندي آهي ، جڏهن فضا ۾ گرم هوا موجود هوندي آهي . انهي گرم هوا جي موجودگي سبب آبي بخارن مان ٺهيل ڪڪر مٿي فضا۾ گڏ ٿي تتر کرڙي جي شڪل وٺندا آهن . جيڪڏهن فضا ۾ گرم هوا جو دائرو مٿي اوچائي تائين موجود هوندو ته تتر کرڙي به مٿي اوچائي تي ڏسڻ ۾ ايندي . پر جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هوندي آهي ، جنهن سبب گرم هوا جو دائرو هيٺ لهي ايندو ته اهڙي حالت ۾ هڪ طرف تتر کرڙي هيٺ ويجهي ڏسڻ ۾ ايندي ته ٻئي طرف آسمان جو رنگ پڻ گهرو ڏسڻ ۾ ايندو . جنهن مان برسات جلد وسڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا ٿي ويندا آهن .
    انهي سائنسي ڄاڻ جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي کي رد نٿو ڪري سگهجي . .
    ( 3 ) انڊلٺ: جنهن کي اندرڌنش يا ڏانگڙو به سڏين ٿا . اها جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ڏسڻ ۾ اچي ، ته برسات وسڻ جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن برسات وسڻ بعد ڏسڻ ۾ اچي ته ، وري ٻيو مينهن دير سان وسڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، جڏهن آسمان جي هڪ طرف وسندڙ ڪڪر موجود هوندا آهن ته ، سامهون واري طرف کان سج جا ڪرڻا جڏهن وسندڙ ڪڪرن تي پوندا آهن ته ، آبي بخارن سان ٽڪرائجڻ سبب روشني جا رنگ ڌار ڌار ٿي ٽٽي الڳ ٿي ويندا آهن ۽ سج جي گولائي جي حساب سان سج جا ڪرڻا ڪڪرن تي پوڻ ڪري هڪ گول رنگين ڪمان جيان سامهون وارن وسندڙن ڪڪرن مٿان عڪس ٺاهي بيهندا آهن . جنهن کي عام ماڻهو اندر ڌنش ، انڊلٺ يا ڏانگڙو چوندا آهن . انڊلٺ جو نظر اچڻ روشني جي آبي بخارن مٿان پوڻ جو نتيجو آهي . جيڪا هڪ سائنسي حقيقت آهي . برسات وسڻ کان اڳواٽ سامهون وارن ڪڪرن تي نظر ايندڙ انڊلٺ گهٽ چٽي ۽ ڌنڌلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . پر برسات وسڻ کان پوءِ واري انڊلٺ وڌيڪ گهري ۽ چٽي نظر ايندي آهي. ٿر ۾ برسات وسڻ کان اڳ واري انڊلٺ اڪثر ڪري اولهه طرف ڏسڻ ۾ ايندي آهي ، ۽ برسات وسڻ کان پوءِ واري انڊلٺ برسات بند ٿيڻ بعد اوڀر طرف ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    انڊلٺ جو ڏسڻ ۾ اچڻ سج جي روشني جي ڪرڻن جي وسندڙ ڪڪرن مٿان پوڻ جو نتيجو آهي. جنهن جو برسات جي اچڻ يا وري دير سان اچي وسڻ ، سان ڪو به تعلق ناهي . ان لاءِ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي نتيجن کي سائنس رد ڪري ٿي . مينهن جي وسڻ بعد انڊلٺ جي ڏسڻ کان پوءِ وري دير سان مينهن اچڻ واري ڳالهه صرف ماڻهن جو پنهنجو خيال آهي . جنهن جو سائنسي حقيقتن سان ڪو به تعلق ناهي .


    • ماڻهون، ڌاتوءَ ۽ کاڌا

    ( 1 ) جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ ڪو هاري ٻني جو جھنگ صاف ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽رستي ۾ کيس ڪا عورت ، مرد ، ڇوڪريءَ يا ڇوڪرو پاڻي جا ڀريل ٿانو يا دلا مٿي تي کڻي ايندڙ رستي ۾ مليو ۽ ساڄي پاسي کان گذري ويو، ته اهو مينهن وسڻ ۽ ٻني ڀلي ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن اهو کاٻي پاسي کان گذريو، يا ڪو ماڻهو سڪل ڪاٺيون يا ٻارڻ کڻي ايندڙ رستي ۾ مليو، ته مينهن نه وسندو ڏڪار ٿيندو ۽ ٻيا ڪم به نه ٿيندا.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ سائنسي حقيقتن کان تمام گهڻو پري آهي. هي صرف ماڻهن جي ثقافتي ۽ عقيدن جي بنياد تي گهڙيل اهڃاڻ آهي. انساني نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عمل بار بار دهرائيندو آهي ته ، اهو انهي ماڻهو جي عادت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ڪابه عادت نسل در نسل دهرائڻ سان جبلت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي . انساني جبلتون سماجي ، ثقافتي ۽ مذهبي اثرن سبب عقيدن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن . جنهن کي ماڻهو انڌو ٿي قبوليندو آهي . اهڙيون انساني سوچون ئي هميشه سچائي تي ٻڌل نتيجن جي ٽڪراءَ ۾ آيون آهن . اهڙيون سوچون ئي هميشه سائنس جي مخالفت ۾ رهيون آهن. اهڙن عقيدن جي خلاف ماڻهو ڪنهن به سائنسي حقيقت کي نه مڃيندا آهن . ٿر ۾ هندو ڌرم ، جين ڌرم ۽ اسلام جا اثر رهيا آهن . انهي ڪري ٿر جي ماڻهن جا عقيدا به انهن مذهبن جي اثر هيٺ رهندي ٺهيا آهن . جيئن ته ، انهن ٽنهي مذهبن ۾ ساڄي پاسي کي سٺو ۽ کاٻي پاسي کي خراب سمجهيو وڃي ٿو . انهي عقيدائي خيال ۾ وري پاڻي کي سڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ ۽ سڪل ڪاٺين کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ واري انساني جبلت جي ملڻ سان هن ڏاهپ جي اهڃاڻ جي تشڪيل ٿي. جنهن جو سائنسي سچائي سان ڪو به تعلق ڪونهي . هي صرف ماڻهن جو غير حقيقي خيال ئي آهي . ڏڪار جي اچڻ يا سڪار جي ٿيڻ سان هن اهڃاڻ جو ڪو به سائنسي لاڳاپو ناهي .
    ( 2 ) پاڻي جا مٽ يا دِلا : جيڪڏهن گهر جا ڇانوَ ۾ رکيل مٽ ۽ دِلا پاڻي نه ٺارين ۽ منجهن رکيل پاڻي گرم ٿي وڃي . ته اهو مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ٺڪر جي دلن يا مٽن ۾ جڏهن پاڻي پوندو آهي ته انهن دلن يا مٽن جي سنهڙن سوراخن مان ٻاهران هوا اندر داخل ٿيندي آهي. جنهن سبب پاڻي جي اندرين گرمي ٻاهر خارج ٿيندي آهي ، انهي ڪري جڏهن ٻاهرين هوا گرم هوندي آهي ۽ انهي منجهه آبي بخار به گهٽ هوندا اهن ته اهڙي صورت ۾ دلي يا مٽ مان پاڻي ٻاهر نڪري ٻاهرين هوا کي ٿڌو ڪري اندر موڪليندو آهي ۽ اندران پاڻي جي گرمي بخارن جي شڪل ۾خارج ٿيندي رهندي آهي . جنهن سبب دلي يا مٽ جي تر مان پاڻي جا ڦڙا ڪرندي به نظر ايندا آهن . اهڙي ريت دلي يا مٽ جو پاڻي ٺريل رهندو آهي . پر جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ته ٻاهرين گهميل هوا جي دلي يا مٽ ۾ اندر داخل ٿيندي دٻاءَ پيدا ڪري دلي يا مٽ جا سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آهي يا ٻاهرين گهميل هوا جي داٻ سبب دلي يا مٽ مان پاڻي يا پاڻي جي اندوروني گرمي ٻاهر نه نڪرندي آهي ، پر ٻاهرين گرمي دلي يا مٽ جي اندر داخل ٿيندي رهندي آهي . جنهن سبب دلي يا مٽ جو پاڻي گرم ٿي ويندو آهي . اهو انهي وقت ٿيندو آهي جڏهن ٻاهرين هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هجي .
    ٻاهر ماحول ۾جيڪڏهن گرمي ، هوا جو گهٽ دٻاءَ ۽ آبي بخار هوندا ته اهي سڀ ملي مينهن جو ماڻڊاڻ ٺاهي وجهندا ۽ برسات اچڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن . انهي ڪري ئي جڏهن ماڻهو دلي يا مٽ جو پاڻي گرم ٿيندي ڏسندا آهن ته سمجهندا آهن ته ، مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ وارو آهي . ڇاڪاڻ ته دلن يا مٽن جو پاڻي ٺرڻ بجاءَ گرم ٿي ويو آهي ، ائين ٿيڻ جا سائنسي سبب آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سائنسي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي.
    ( 3 ) ڌونرو يا ڏهي: جيڪڏهن ڌئونرو يا ڏهيءَ ، ماٽيءَ ۾ پوري طرح نه ڄمي ۽ ڦيڏر ڦيڏر ٿي وڃي ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، کير جي ڄمڻ يا ڌئونري جي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ جو عمل کير ۾ بئڪٽريا جي وڌڻ سان ٿيندو آهي . ڌئونري جا بئڪٽريا هڪ مقرر ڪيل گرمي پد تي وڌي کير کي ڌئونري جي شڪل ڏيندا آهن ، انهي ڪري انهي مقرر گرمي جي گهٽ يا وڌ ٿيڻ سان ڌئونري ٺهڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري ئي سياري جي مند ۾ کير مان ڌئونري ٺاهڻ لاءِ کيرواري ٿانو کي گرم جاءِ تي ڍڪي رکبو آهي جيئن ڌئونري ٺهڻ لاءِ بئڪٽيريا جي واڌ ويجهه متاثر نه ٿئي پورو گرمي پد ملي ۽ ڌئونرو ڄمي وڃي. ساڳئي نموني بئڪٽريا جي واڌ ويجهه جي عمل مڪمل ٿيڻ لاءِ گرمي جي مند ۾ کير کي کليل هوا ۾ ٿڌي جڳهه تي رکيو ويندو آهي .
    چو ماسي جي مند ۾ جڏهن ماحول ۾ گرمي پد وڌي ويندو آهي، ته آڙنگ جي گهٽ ۽ گرمي جي شدت ، ڌئونري جي انهي بئڪٽيريائي شڪل تائين پهچڻ واري عمل کي متاثر ڪندي آهي ، جنهن سبب ڌئونرو سٺي نموني ڄمڻ جي بجاءِ ، ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويندو آهي. هونئن به تجربي جي لحاظ کان ڏسبو ته ، چميل ڌئونري کي باهه تي گرم ڪبو ته اهو ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويندو . انهي مان به اهو ثابت ٿيو ته ، گرمي جي شدت سان ڌئونرو ڦٽي ڦيڏر ٿي ويندو آهي .
    جيئن ته ڌئونري جي ڄمڻ وارو عمل ۽ برسات جي ٺهڻ وارو عمل هڪٻئي سان لاڳاپيل ناهن . ٻنهي جا سائنسي سبب ڌار ڌار آهن . پر چوماسي جي مند ۾ ڌئونري جي ڦيڏر ڦيڏر ٿيڻ سان عام ماڻهو اهو محسوس ڪندا آهن ته گرمي ۽ آڙنگ ايترو وڌي ويو آهي جو ڌئونرو به ڦيڏر ڦيڏر ٿي ويو آهي . انهي ڪري برسات جو مانڊاڻ اجهو ٺهيو، ۽ مينهن وسندو . ڌئونري جي ڦيڏر ڦيڏر ٿيڻ ۽ آڙنگ جي گرمي بعد مينهن جي وسڻ ۾ صرف گرمي پد جي وڌي وڃڻ وارو سبب هڪ آهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن انومان کي به جديد سائنس موجب درست سمجهي سگهجي ٿو.
    ( 4 ) چاندي:چاندي جي زيورن جو رنگ لڙاٽجي وڃي ، سندن چمڪ ختم ٿي وڃي ته اهو به برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، چوماسي جي مند ۾ مينهن وسڻ کان اڳ ۾ فضا ۾ هوا ، آبي بخار، ۽ گرمي سبب اوزون جي تهه مان فضا ۾ پکڙجندڙ گئسون جن ۾ گندرف جو ڪجهه مقدار به موجود هوندو آهي . فضا ۾ انهي گدلاڻ ۾ ڦهليل گندرف جڏهن چاندي جي زيورن تائين پهچندي آهي ته انهي اثر سبب چاندي نه صرف پنهنجو رنگ تبديل ڪندي آهي ، پر اهڙي ڪيميائي عمل سان چاندي جي ڪيميائي خاصيت به متاثر ٿيندي آهي. چاندي جي رنگ ۾ تبديلي اچڻ ، ان جي چمڪ ختم ٿيڻ ۽ ان جي ڪيميائي خاصيت جو متاثر ٿيڻ جو سبب برسات وسڻ کان اڳ واري ماحول ۾ پکڙيل فضائي گدلاڻ آهي . اهڙو ماحول پيدا ٿي مينهن وسڻ جو سبب ٿيندو آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ سببن کي نظر ۾ رکندي ، لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .
    ( 5 ) ڪنجھو: ڪنجھي جو ٿانءَ جيڪڏهن چمڪ ڇڏي پيلو ٿي وڃي، ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪنجهو هڪ ملاوتي ڌات آهي . مختلف ڌاتن جي مرڪب هئڻ ڪري هن تي ڪيميائي اثر وڌيڪ ٿين ٿا. چوماسي جي مند ۾ جڏهن هڪ طرف گرمي ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ، ۽ اوزون مان فضا ۾ ڦهليل گئسن جي گدلاڻ ۽ ان ۾ گندرف ۽ ٻين ڪيميائي جزن جي موجودگي سبب ڪنجهي تي ان جا اثر وڌيڪ ٿين ٿا ، انهي ڪري نه صرف ان جي رنگ ۾ تبديلي اچي ٿي پر ڪجهه ڪيميائي جزا ڪنجهي ۾ جذب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪنجهي جي سطح تي ڄمي هڪ تهه به ٺاهين ٿا. جنهن ڪري ڪنجهي جو ٿانو بغير صاف ڪرڻ جي قابل استعمال به نه ٿو رهي .ان لاءِ اهڙي صورت ۾ ڪنجهي جي ٿانو کي صاف ڪرڻ نهايت ضروري آهي . ڪنجهي جي مرڪباتي ڌات جي ٿانو تي اهو ڪس يا ڪيميائي تهه صرف انهي حالت ۾ چڙهندو آهي ، جڏهن مينهن جي مانڊاڻ ٺهڻ وقت هو ٻاهر کليل جاءِ تي رکيل هوندو آهي. پلاسٽڪ يا ربڙ جي ٿيلهي ۾ محفوظ رکيل ٿانو تي اهڙو تهه نه چڙهندو آهي . انهي ڪري برسات جي مند ۾ ڪنجهي جي ٿانو کي استعمال ڪرڻ بجاءِ پلاسٽڪ يا ربڙ جي ٿيلهي ۾ هوا بند ڪري رکي ڇڏجي .
    ڪنجهي جو ٿانو جيڪڏهن ٻاهر کليل جڳهه تي رکيل هوندو ته چوماسي جي برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ شرط ڪنجهي جي ٿانو جو رنگ بدلجي ويندو ۽ ان جي مٿان ڪيميائي تهه ڄمڻ شروع ٿي ويندو . جنهن کي ڏسي ٿر جا ماڻهو اندازو لڳائيندا آهن ته جلد مينهن وسڻ وارو آهي.
    برسات جي مند ۾ برسات کان اڳ ۾ ڪنجهي جي مٿان فضائي ڪيميائي اثرن سبب ان جي رنگ ۾ تبديلي اچڻ ۽ ان جي مٿان ڪيميائي تهه جو ڄمڻ برسات جلد اچڻ جي نشاني آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي سائنس جي روشني ۾ درست قرار ڏجي ٿو
    ( 6 ) مکڻ : ماٽي اندر پيل لسيءَ ۾به جيڪڏهن مکڻ پٽڙو ٿي ڳرڻ لڳي، ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ اهي ته ، مکڻ گرمي جي هڪ مخصوص گرمي پد تائين ڄميل رهندو آهي . جڏهن به انهي مخصوص گرمي جي حد کان گرمي وڌڻ لڳي ته مکڻ پگهرڻ شروع ڪندو آهي . گرمي جي مند ۾ جڏهن گرمي جو درجه حرارت وڌيڪ ٿي ويندو آهي ته ، مکڻ به ڳرڻ لڳندو آهي . انهي ڪري مکڻ کي ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ پيل لسي ۾ مکڻ جو ڳنڍو ( چاڻو يا پنوڙو ) ٺاهي رکيو ويندو آهي.
    ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ جيئن ته هوا جي گذرڻ جيترا بلڪل سنها اڻ لکا سوراخ هوندا آهن . جن مان لسي جي گرمائش جا جزا بخارٿي پاڻي جي شڪل ۾ٻاهر نڪرندا آهن ۽ ٻاهرين هوا لسي ۾ شامل ٿيندي آهي ، جنهن سبب لسي جو درجه حرارت گهٽجي ويندو آهي ۽ لسي ٿڌي رهندي آهي . انهي ڪري مکڻ به لسي ۾ پيل هئڻ ڪري نه ڳرندو آهي.
    پر جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن . مينهن جي آڙنگ سبب گرمي به وڌيڪ ٿي ويندي آهي . تڏهن انهي حالت ۾ آبي بخارن سان ڀريل هوا جڏهن ماٽي جي سوراخن مان گذرندي آهي ته ماٽي ۾ پيل لسي جي گرمائش جي ٻاهر نڪرڻ وارو عمل ، هوا ۾ مليل آبي بخارن جي دٻاءَ سبب رڪجي ويندو آهي ، ۽ گرمي سبب لسيءَ جي گرمائش ۾ واڌارو ٿيڻ لڳندو آهي . لسي جي گرمائش جو درجه حرارت جڏهن مکڻ جي ڳرڻ واري نقطي تي پهچندو آهي ته مکڻ لسي جي گرمائش سبب ڳرڻ شروع ٿي ويندو آهي . اهو عمل صرف انهي حالت ۾ ٿيندو آهي جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ شديد گرمي يعني برسات جو آڙنگ هجي . انهي وقت برسات جي آڙنگ وقت لسي جي گرمائش ۽ مکڻ جي پگهرڻ واري عمل کي ڏسي ٿر جا ماڻهو اندازو لڳائيندا آهن ته ، هاڻي مينهن اچڻ وارو آهي . حقيقت ۾ مکڻ جي ڳرڻ جو سبب لسي مان خارج ٿيندڙ گرمي جي عمل جو رڪجي وڃڻ ، ۽ لسي جي درجه حرارت جو مکڻ جي ڳرڻ واري گرمي جي درجي جي نقطي تي پهچڻ آهي . جنهن جو برسات جي اچڻ يا نه اچڻ سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي. پر ٻاهر آڙنگ جي گرمي جو هئڻ ، هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي برسات وسڻ جو سبب بڻجي ٿي . انهي ڪري ، جديد سائنس جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي رد به نه ٿو ڪري سگهجي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .
    ( 7 ) اناج: گهر ۾ پيل ٻاجهريءَ جي ان ۽ گوار جي ٻج کي ڄارو لڳي وڃي ۽ داڻا ڳوڙهيون ڳوڙهيون ٿيڻ لڳن، ته اهو برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، گرمي جي مند ۾ هوا ۾ جڏهن آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي ، ته انهي گهميل هوا سبب رکيل اناج کي ڄارو جنهن کي سائنس جي ٻولي ۾ فنگس سڏيو ويندو آهي ، سو لڳي ويندو آهي . جنهن سبب اناج نه صرف ڳوڙهيون ڳوڙهيون ٿيندو آهي پر ان جي ڦوٽهڙي واري صلاحيت به ختم ٿي ويندي آهي. انهي ڪري انهي ڳوڙهين جي شڪل ۾ تبديل ٿيل اناج کي ٻج طور استعمال نه ڪيو وڃي . ڇو ته اهڙي قسم جو ٻج هڪ ته نه ڦٽندو ، پر جي ڦٽو به ته ان جا سلا ڪمزور ٿيندا، ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ان وري ٻئي گڏ پيل ان ۾ فنگس پيدا ڪندو ، ائين اها بيماري نسلي بيماري جي شڪل وٺي ويندي . ان ڪري اهڙي ٻج کي پوکڻ سان فنگس جي بيماري عام ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا هاري ڳوڙهيون ٿيل ٻج کي ڇنڊي صاف ڪري پوکين ٿا . جنهن سبب هڪ طرف گهربل پيداوار نه ٿي لهي ته ٻئي طرف فنگس جي ٻيماري وڌي ٻجن کي خراب ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هاري بي خبري ۾ پنهنجي نج ٻجن کي خراب ڪري رهيا آهن. ۽ ٿر جي ٻجن مان پيداواري صلاحيت ختم ٿي رهي آهي. انهي ڳالهه جو آئنده خيال نه رکيو ويو ته ، ٿر جا نج ٻج ختم ٿي ويندا .
    جيئن ته ٻج جي ڳوڙهيون ٿيڻ ۽ فنگس جي بيماري جي ٿيڻ جو سبب چوماسي جي مند ۾ وڌيل هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي آهي . انهي ڪري جنهن سال هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هوندي ، انهي سال مينهن وسڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن . انهي لحاظ کان جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو.
    ( 8 ) آکاٽيءَ جي ڏينهن عورتون پاڻي سان ڀريل ڪُونڊي ۾، اُن يا اونيءَ پشم جا ٻه ٻُڙا هڪ اڇي رنگ جو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو ٺاهي، هڪ ئي وقت پاڻي سان ڀريل ڪونڊي ۾ وجهي ڪجهه وقت انتظار ڪنديون آهن. جيڪڏهن اڇو ٻُڙو پاڻي جي مٿان ترڻ لڳو ۽ ڪارو ٻُڙو ٻڏي ويو، ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . پر جيڪڏهن ڪارو ٻُڙو تريو ۽ اڇو ٻُڙو ٻڏي ويو ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، هن اهڃاڻ جو جديد سائنس سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي هن اهڃاڻ اندر ڪا سائنس سان ڀيچ کائيندڙ سچائي موجود آهي. انهي ڪري جديد سائنس هن اهڃاڻ کي رد ڪري ٿي .
    ٻئي طرف انساني نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، انسان شروع کان ڪن تاريخي سببن ، مذهبي عقيدن ۽ نسلي ،علائقائي ،سماجي روين جي بنياد تي ڪي لاڙا ۽ رجحان رکندو پئي آيو اهي . جن ۾ هڪڙو رجحان رنگن جي نيڪ ۽ بد جو به آهي . اڇو رنگ جيئن ته امن ، سڪون ، خاموشي، آرام ، لاتعلقي ، ۽ سڪار جو اهڃاڻ رهندو پئي آيو آهي. ته ٻئي طرف ڪارو رنگ ، ڏک ، سوڳ ، احتجاج ، موت ، ۽ ڏڪار جي نشاني رهندو پئي آيو آهي. آکاٽيءَ جو ڏينهن هونئن ته هندو ڌرم موجب صرف پاڻي جي خيرات جي ڏينهن طور مقرر ڪيل آهي . پر ٿر ۾ هن ڏينهن کي برسات جي مند کي پرچائڻ لاءِ هر طرح جا سوڻ ساٺ ڪندي ملهايو وڃي ٿو . ڇو ته ٿر جي سموري خوشحالي جو دارو مدار برسات تي هوندو آهي . انهي ڪري هن ڏينهن تي برسات جي موسم کي ريجهائڻ لاءِ هرقسم جا جتن ڪري ، سڪار اچڻ جي اميد جي سهاري گذارڻ جي هڪ ڪوشس ڪئي وڃي ٿي. انهي حساب سان عورتون به هي سوڻ ڪنديون آهن . ڪارو ٻڙو ڏڪار ۽ ڏک جي علامت هوندو آهي ۽ اڇو ٻڙو سڪار ۽ سرهائي جو اهڃاڻ هوندو آهي . پوءِ جنهن رنگ جو ٻڙو پاڻي تي ترندو آهي . انهي حساب سان برسات جي مند اچڻ تائين انتظار ڪيو ويندو آهي .
    ( 9 ) ماڻهو جي جسم تي گرمي سبب ننڍڙا هلڪا ڳاڙهي رنگ جا داڻا نڪري پون جنهن کي ٿر جا ماڻهو آرائيون به چوندا آهن ۽ جسم جي کل پڻ ڳاڙهي ٿي وڃي ته اهو برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت انساني ميڊيڪل سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر ۾ جون جولاءِ جي لڱ ساڙيندڙ لڪن کان پوءِ جڏهن چوماسي جي مند ۾ ڪڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ ، جنهن کي آڙنگ سڏيو وڃي ٿو . ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري گرم هوائون لڳڻ ٿيون ، انهي موسمي چڪر سبب انهي وقت انساني جسم جي قوت برداشت واري مدافعتي سگهه پڻ انتشار جو شڪار ٿئي ٿي . انهي وقت وري انبن جي موسم به اچي وڃي ٿي ، يا ٿر ۾ پيرونءُ ، سڱر . ڪرڙن جا پڪا به ٿين ٿا . جن جي کائڻ سان رت ۾ گرمي جي شدت وڌي ٿي . جنهن سبب آرائيون ٿين ٿيون . مٿان وري چوماسي جي موسم جي گرمي انهن کي وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي . جسم تي آرائين جو ٻيو سبب ، جسم مان گهڻو پگهر وهڻ ۽ انهي پگهر مٿان هوائن جي گهم ۽ اڏامندڙ لٽ جو ڄمي وڃڻ به هوندو آهي ، جنهن مٽي ڄمڻ سان چمڙي جا سوراخ بند ٿي وڃن ٿا . ٿر ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب وهنجڻ جي سهوليت به گهٽ هجي ٿي ، انهي ڪري گرمي جي شدت سبب جسم تي آرائيون نڪريو اچن ٿيون . وري جڏهن برسات جو وسڪارو ٿئي ٿو ، ۽ گرمي جي شدت به گهٽجي وڃي ٿي ۽ برسات جي ٿڌي پاڻي ۾ وهنجڻ جي سهوليت به مهيا ٿئي ٿي ته ، جسم تي نڪتل اهي آرائيون به جلد ختم ٿي وينديون آهن . جيئن ته آرائين نڪرڻ جو سبب به هوا جي گهم ، اڏامندڙ مٽي جي لٽ ، برسات جي موسم جي آڙنگ جي گرمي هوندو آهي ۽ مٿان برساتن جي وسڻ بعد لٽ جي ختم ثيڻ ، گرمي جي شدت جي گهٽجي وڃڻ سبب پگهر جو گهٽ نڪرڻ ، پاڻي مهيا ٿيڻ سان وهنجڻ جي سهوليتن جو حاصل ٿيڻ ، سڀ ڳالهيون هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو.


    • پکي

    (1) جھرڪيون: چئوماسي جي موسم کان اڳ ۾ يا چئوماسي جي موسم جي شروعات ۾ ڪٿي به جھرڪيون واري ۾ ويهي پر پکيڙي کنڀ ڦڙڪائين ۽ ڌوڙ اڏائين ۽ وهنجڻ جو سانگ ڪن ، ته اهو برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، جهرڪي هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو پنهنجي فطرت ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هي پکي نهايت ذهين ۽ کليل حواس رکندڙ پکي آهي . هي ايترو حساس پکي آهي جو سندس آسپاس ٿيندڙ هر چرپر کي جلد محسوس ڪري وٺندو آهي . هي هڪئي وقت پنهنجا سمورا حواس استعمال به ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن پکي جو شمار ڪجهه اهڙن ٿورن پکين ۾به ٿئي ٿو . جيڪي مٽي ۾ ليٽي پر ڦڙڪائي وهنجي به سگهندا آهن . هي پاڻي ملڻ جي صورت ۾ پاڻي جي سطح تي لهي پر ڦڙڪائي به وهنجندو آهي . پر جيڪڏهن ڪٿي هن کي پاڻي نه ملندو آهي ته هو مٽي ۾ پر ڦڙڪائي به وهنجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن مينهن جي مند شروع ٿيندي آهي . ته فضا۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ، پر ان سان گڏ اوزون جي تهه مان ڪجهه گئسن جي بوءَ به فضا کان زمين تائين پکڙي ويندي آهي . جنهن سان سموري حساس جيوت ۾ چرپر شروع ٿي ويندي آهي . ايتري قدر جو زمين تي موجود جراثيم ، حشرات الارض به چرپر ۾ اچي ويندا آهن . انهي وقت زمين کي سونگهڻ سان انسان به اها بوءَ محسوس ڪري سگهي ٿو . اهوئي سبب آهي ته ، جڏهن برسات وسڻ بعد ماحول صاف ٿي ويندو آهي ، ۽ اوزون جي گئسن جي بوءَ به ختم ٿي ويندي آهي ، ته انسان هڪ نئين بوءَ محسوس ڪندو آهي . جنهن کي مٽيءَ جي خوشبوءَ به چوندا آهن ، سا برسات کان اڳ واري گئسن جي بوءَ جي ختم ٿيڻ جي ڪري ئي محسوس ٿيندي آهي . جيڪو انسان جي سونگهڻ واري حواس جو دوکو آهي . حقيقت ۾ اها اوزون جي گئسن جي بوءَ پکڙڻ کان اڳ واري خوشبوءَ جي موٽ هوندي آهي . هوا ۾ موجود اها عجيب بوءَ ۽ فضا ۾ موجود آبي بخار جڏهن جهرڪين جي جسم کي لڳندا آهن ، ته هو وهنجڻ جي ضرورت محسوس ڪنديون آهن . ٿر ۾ جيئن ته وسڪاري کان اڳ ۾ پاڻي موجود نه هوندو آهي انهي ڪري هو پنهنجي فطرت موجب واريءَ ۾ پر ڦڙڪائي وهنجي وٺنديون آهن . جهرڪيون عام حالت ۾ ڏينهن ۾ هڪ ٻه دفعا وهنجڻ جي ضرورت محسوس ڪنديون آهن ، پر چوماسي جي موسم ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ فضا ۾ پکڙيل بوءَ جي سبب هو معمول کان وڌيڪ ڀيرا وهنجنديون آهن . جيئن ته چوماسي جي موسم ۾جهرڪين جي معمول کان وڌيڪ وهنجڻ کي برسات جي جلد اچڻ جو اهڃاڻ مڃي سگهجي ٿو ، ڇاڪاڻ ته چوماسي جي موسم ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ خاص طورهوا ۾ پکڙيل گئسن جي بوءَ مينهن جي جلد مانڊاڻ ٺهڻ جي نشاندهي آهي . انهن سڀني سببن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي .
    (2) تاڙو پکي يا ٻاٻيهو: تاڙو پکي صبح جو فجر ويل تنوار ڪري ، ته اهو برسات اچڻ جو امڪان آهي پر شرط اهو آهي ته انهي وقت گرمي به هجي.
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، تاڙوپکي يا ٻاٻيهو نر هوندو آهي ۽ ان جي مادي ڪاري رنگ جي هوندي آهي جنهن کي ڪويل سڏيندا آهن. هي پکي وڌيڪ گرمي ۽ لڪ برداشت نه ڪري سگهندا آهن ، گرم لڪ لڳڻ سان هي مري به ويندا آهن. هي پکي وڌيڪ سردي به برداشت نه ڪندڙ پکي آهن. انهي ڪري هي گهربل ماحول ۾ لڏپلاڻ به ڪندا رهن ٿا . سنڌ ۾ هي پکي فيبروري کان پوءِ نظر ايندا آهن . جون مهيني جي گرمين ۽ سخت لڪن لڳڻ ڪري هنن مان ڪافي تعداد ۾ پکي مري به ويندا آهن ، ٿر جي گرم هوائن وارين لڪن ۾ هنن پکين ۾ موت وڌيڪ ٿيندو آهي . چوماسي جي مند ۾ فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب برسات وسڻ کان اڳ ۾ رات جو سنهي ماڪ وسندي آهي . جنهن کي عام ماڻهو ساٽ سڏيندا آهن . ڏينهن جي گرمي جي تپش ۾ بي حال ٿيل تاڙي يا ڪويل کي جڏهن انهي ساٽ ۾ پسڻ بعد هوا لڳندي آهي ته هو خوشي جي اظهار طور ٻوليون ڪندو آهي . وري جڏهن چوماسي ۾ برساتن جي مانڊاڻ ٺهڻ سان ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ گئسن جي بوءَ هي پکي محسوس ڪندو آهي ته وڌيڪ ٻولڻ شروع ڪندو آهي . انهي وقت جيئن ته چوماسي جي مند ويجهي هوندي آهي انهي ڪري سندس انهي ٻولي کي جلد برسات اچڻ جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي.
    ٻئي طرف چوماسي جي آڳاٽي برسات وسڻ بعد هن پکي جي لڳ جي موسم به اچي ويندي آهي ، انهي ڪري جنسي هارمون جي حرڪت ۾ اچڻ سبب هي وڌيڪ وڻندڙ ۽ مٺيون ٻوليون به ڪندو رهندوآهي. هن جي انهن ٻولين کي عام ماڻهو مينهن جي وڌيڪ وسڻ جو اهڃاڻ سمجهندا آهن .
    انهن مٿين سببن ۽ تاڙي جي ٻولڻ بعد برسات جي وسڻ واري ماحول جي پيدا ٿيڻ جي مد نظر لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏجي ٿو.
    (3) ڪانءَ ؛ ڪانگڙي ( ڪانءَ جي مادي ) جيڪڏهن آڳاٽو جون مهيني ۾ آنا لاهي ته اِهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي ، پر جيڪڏهن آگسٽ مهيني ۾ آنا لاهي ته برسات پاڇاٽي پوندي يا گهٽ وسندي ، سڪار نه ٿيندو . ڪانگڙي جيترا آنا لاهيندي اوترا مينهن وسندا ، ۽ آکيري ۾ بيدن جو رخ جنهن طرف هوندو انهي طرف برسات وسندي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جا ماهر چون ٿاته ، ڪانءَ انتهائي حساس ۽ کليل حواس رکندڙ پکي آهي. هي پڻ هڪئي وقت پنهنجا سڀ حواس استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ۾ دفاعي احساس وڌيڪ آهي. هي هر قسم جي خطري کي جلد محسوس ڪندڙ پکي آهي.
    مئي کان جولاءِ تائين چوماسي جي مند ۾ هن جي جنسي هارمون ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو آهي . ان ڪري هن پکي جي چرپر ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو آهي . هي پنهنجي ٻچن جي حفاظت جو احساس پڻ وڌيڪ رکندو آهي . ان ڪري برسات جي مند کان اڳ ۾ هي بيضا لاهي پنهنجا ٻچا اڏارڻ چاهيندو آهي . سندس جنسي هارمون چاليهي جي موسم جي پڄاڻي تي فضا ۾ آبي بخارن جي وڌڻ بعد وڌيڪ حرڪت ڪندا آهن . پر جي فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي گهٽ هوندي ته هن جي آنن لاهڻ جي موسم به پاڇاٽي ٿي ويندي آهي . هن پکي جي اها حالت صرف ٿر يا ان جهڙن ٻين علائقن ۾ ٿيندي آهي . اها ڳالهه پاڻي وارن علائقن ۾ لاڳو نه هوندي آهي . ٿر ۾ موسم برسات جي آبي بخارن جي دير سان گڏ ٿيڻ جي حالت ۾ ڪانءَ جي مادي ڪانگڙي جي بيضن لاهڻ جي صلاحيت پڻ گهٽجي ويندي آهي . ان ڪري جولاءِ يا آگسٽ ۾ هي گهٽ آنا لاهيندي آهي.
    جنهن ڪري ٿر جا ماڻهو جڏهن دير سان بيضا لاهڻ جي صورت ۾ گهٽ بيضا آکيرن ۾ ڏسندا آهن ته کين پاڇاٽي برسات وسڻ سان گڏ گهٽ برسات وسڻ جو پڻ احساس ٿيندو آهي. انهي ڪري هو ڪانگڙي جي بيضا لاهڻ واري عمل کي برساتن جي وسڻ سان لاڳو ڪندا آهن.
    انهي حساب سان ڪانگڙي جيڪڏهن آڳاٽا جون ۾ بيضا لاهيندي ته برسات جي موسم به آڳاٽي هوندي پر جي جولاءِ يا آگسٽ ۾ بيضا لاهيندي ته برسات جي موسم به پاڇاٽي هوندي ، پاڇاٽي برسات يعني سيپٽمبر واري برسات ٿر ۾ پوکي جي مند ختم هئڻ ڪري فصلن جي پيداوار گهٽ ٿيڻ جي حالت ۾ گهربل پيداوار حاصل نه ٿيڻ ڪري سڪار نه ٿيندو.
    پکي آکيرن ۾ بيضا لاهڻ وقت هوا ، روشني ، ۽ بيضن جي حفاظت جو خيال رکندا آهن . انهي ڪري هو بيضن کي انهن سڀني ڳالهين جي ضرورت کي سمجهندي ٺاهي پڻ رکندا آهن . انهي مان ٿر جا ماڻهو برساتن جي طرفن جو اندازو لڳائيندا آهن .
    انهن سڀني ڳالهين جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ درست مڃي سگهجي ٿو.

    (4) ڪانءَ: ڪانءَ جيڪڏهن چئوماسي جي موسم ۾ رات جو ٻولي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، ڪانءَ هڪ حساس پکي آهي . اڏامندڙ پکين ۾ ماحول کي سمجهڻ ۽ اڳواٽ خطرن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ هوندي آهي ، ڇوته زمين تي رهندي يا فضا م اڏامندي هوپنهنجي دفاعي حواسن کي وڌيڪ سرگرم رکندا آهن. انهي لاءِ وڌيڪ حساس رهڻ ڪري هو آسپاس جي ماحول کي وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت به رکندا آهن. ڪانءَ جيئن ته وڌيڪ حساس پکي آهي ، ان ڪري چوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن برسات جو مانڊاڻ گهٽ ٺهيو ، يا فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽ موجود هئڻ کي محسوس ڪندي هو پنهنجي جنسي هارمون جي گهٽ حرڪت ڪرڻ ڪري به پريشان رهندا آهن . انهي حالت ۾سندن وڌيڪ نسل پيدا ڪرڻ جا احساس متاثر ٿيندا آهن . انهي ڪري سندن حرڪتون به عام معمول جي ابتڙ ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري هو رات جو به ٻولڻ شروع ڪندا آهن . جنهن کي ٻڌي ٿر جي ماڻهن کي برساتن نه وسڻ جي پڪ ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري اهڙي قسم جي ٻولين کي هو ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهندا آهن . انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست سمجهي سگهجي ٿو.

    (5) مالهاريءَ پکي: هن پکي ۾ ٿر جي ماڻهن جو وڏو اعتماد آهي . جيڪڏهن ڳوٺ يا ٻنيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي ساڄي پاسي ٻولي ته اهو سڀاڳو سوڻ سمجهندا آهن، ۽ انهي سال سڪار ٿيندو. پر جي ملهاريءَ پکي کاٻي پاسي ٻولي ته اهو نڀاڳ جي نشاني سمجهندا آهن. انهي حالت ۾ مينهن نه وسندا ۽ ڏڪار ٿيندو.
    هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، مالهاري پکي هڪ خاموش طبيعت ۽ انتهائي حساس ۽ انساني آبادين ، وڻن ۽ ٻنين جي ويجهو رهندڙ پکي آهي . انهي ڪري هو ايندڙ خطرن جو پڻ وڌيڪ احساس رکي ٿو. هو پنهنجن انهن احساسن جو وقت بوقت ٻولين جي ذريعي اظهار پڻ ڪندو رهي ٿو . انهي ڪري خاص ڪري جهنگ ۾ رهندڙ ڌنار سندس انهن ٻولين جا مختلف مطلب به ڪڍندا رهندا آهن.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن فضا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن ، ۽ انهي موسم ۾ جڏهن هوائن ۾ گئسن جي عجيب وغريب بوءَ ڦهلجي ويندي آهي ، انهي کي محسوس ڪندي هي پکي پڻ وڌيڪ ٻولڻ لڳندو آهي. سندس انهي معمول جي خلاف ٻولڻ کي ٿر جا ماڻهو مينهن اچڻ جي نشاني سمجهندا آهن .
    هي پکي جيت کائيندڙ پکي آهي . انهي ڪري اڪثر ٻنين ۽ وڻن ۾ رهندو آهي . چوماسي جي مند جي شروعات ۾ جڏهن ٿر جا هاري پنهنجي ٻنين جي صفائي جو ڪم ڪندا آهن ، ته هي پڻ هارين جي ڪم دوران آڏامندڙ جيتن کي کائيندو رهندو آهي. انهي دوران هو هوا ۾ موجود آبي بخارن جي موجودگي ۽ فضا ۾ موجود گئسن جي بوءَ کي محسوس ڪندي ٻوليون به ڪندو رهندو آهي. جن ٻولين کي ٿر جا هاري ۽ ڌنار برسات جي آمد جي نشاني سمجهندا آهن . وري جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽتائي هوندي آهي يا هوا ۾ گئسن جي بوءَ ختم ٿي ويندي آهي ، تڏهن ملهاري پکي جي ٻولين ۾ تبديلي اچي ويندي آهي ، جنهن مان ٿر جا ماڻهو برسات نه اچڻ جو اندازو لڳائيندا آهن . جنهن کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي .
    انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏي ٿي . باقي مالهاري پکي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻولڻ واري ڳالهه سائنس جي روشني ۾صرف ماڻهن جي عقيدت ٿي سگهي ٿي. جنهن ڳالهه جو سائنس جي حقيقتن سان ڪو به تعلق ناهي.ڇو ته انسان پنهنجي نفسيات ۽ صدين جي جبلت موجب هميشه ساڄي پاسي کي سٺو ۽ کاٻي پاسي کي مڪروه يا خراب سمجهندو رهيو آهي . انهي ڪري اهڙين ڳالهين جو تعلق صرف انساني نفسياتي لاڙن ،جبلت ۽ عقيدي سان هوندو آهي . جنهن کي سائنسي حقيقت نه سمجهڻ گهرجي .

    ( 6 ) تتر پکي: تترپکي جيڪڏهن چئوماسي جي موسم ۾ ٻنيءَ جي صفائي ڪندڙ هاريَ جي ساڄي پاسي ٻولي ته مينهن وسندو ۽ ٻني ڀلي ٿيندي.پر جيڪڏهن تتر ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هاري جي کاٻي پاسي ٻولي ، ته محنت اجائي ويندي مينهن نه وسندو ۽ ڏڪار ٿيندو.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جا رايا آهن ته ، تتر زمين تي رهندڙ ۽ گهٽ اڏامندڙ پکين مان هڪ آهي. ٿر ۾ اڇڙو تتر وڌيڪ هوندو اهي . اڇڙو تتر گاهه ، گاهن جو سنهو ٻج ، اڏوهي ۽ مٽي جا جيت کائيندڙ پکي آهي. هو ڏينهن جو ٻنين ۾ کوٽاڙي ڪندو ۽ جيت کائيندو رهندو آهي ، پر رات جو عام حالتن ۾ وڻن تي رهندو آهي.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن گرمي ۽ آڙنگ ٿيندو آهي . تڏهن فضا ۾ موجود اوزون گئسن جي بوءَ پکڙندي آهي ، جنهن سبب زمين ۾ رهندڙ جراثيمن جي چرپر سبب مٽيءَ مان به هڪ تيز قسم جي بوءَ اٿندي آهي ، جنهن کي محسوس ڪري تتر به مينهن جي آمد کان اڳواٽ خبردار ٿي ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ هوٻوليون ڪندو آهي . جيڪي ٻڌي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين ۽ جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنارن کي برسات اچڻ جي خبر پئجي ويندي آهي.
    انهن سببن جي روشني ۾ جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏي ٿي . باقي هاري جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻولڻ واري ڳالهه غير سائنسي آهي. هي صرف ماڻهن جي عقيدي سان واسطو رکي ٿي . جنهن سان سائنس جو ڪو به تعلق نه آهي .

    ( 7 ) چِٻ پکي: چٻ پکي چئوماسي جي شروعات ۾ يا پوءِ جيڪڏهن ڳوٺ يا ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هاري جي کاٻي پاسي ٻولي ،يا گهگهه پکي (چٻرو) ساڄي پاسي ٻولي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، چٻ پکي هڪ خاموش رهندڙ ۽ ڏينهن جو آرام ڪندڙ پکي آهي . هي انساني آبادين جي ويجهو خاموش ۽ ويران جڳهين ۽ قبرستانن ۾ رهندو آهي. سج جي روشني ۾ هي پکي اونداهين ۽ ڇانوَ وارين جاين ڏانهن هليو ويندو آهي. سج لهڻ بعد هن جي چرپر ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. هن پکي جي مادي کي چٻ ۽ نر کي چٻرو سڏيندا آهن.هي اڪيلائي پسند پکي هوندو آهي. هن جي ٻڌڻ ۽ سونگهڻ جا حواس ٻين حواسن کان وڌيڪ تيز هوندا آهن جن جي ذريعي هي آسپاس جي ماحول کان باخبر پيو رهندو آهي.ڪوئا هن جي پسنديده خوراڪ آهن ، انهي ڪري ٿر ۾ ڪوئن جي وڌيڪ تعداد هئڻ ڪري هي رات جو ٻنين ۾ڦرندو ۽ اڏامندو نظر ايندو آهي. چوماسي جي مند ۾ جڏهن فضا ۾ گئسن جي بوءَ پکڙندي آهي تڏهن هن کي برسات جي اچڻ جي اڳواٽ خبر به پوندي آهي. انهي حالت ۾ هن جي معمول موجب چرپر ۾ پڻ فرق اچي ويندو آهي. هونئن عام طور تي هي پکي رات جو ٻوليندو رهندو آهي ، پر چوماسي جي موسم ۾ هي ڏينهن جو به ٻولڻ شروع ڪندو اهي. خاص طور مادي چٻ وڌيڪ ٻوليندي آهي . جنهن کي ٻڌي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ۽ جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌنار چٻ جي اهڙي ٻولڻ کي مينهن جي موسم ويجهي اچڻ جي نشاني سمجهندا آهن .
    انهن سڀني ڳالهين جي روشني ۾ ڏينهن جو چٻ جي ٻولڻ کي برسات جي اڳواٽ پيشنگوئي سمجهي سگهجي ٿو ، انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي سائنس جي روشني ۾درست مڃي سگهجي ٿو .
    باقي هاري جي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ٻولڻ واري ڳالهه کي نڀاڳ يا سڀاڳ سمجهڻ ، غير سائنسي ڳالهه آهي . انهي ڳالهه جو لاڳاپوانساني نفسيات ۽ ان جي عقيدي سان آهي . ڇو ته انسان پنهنجي نفسيات ۽ صدين جي جبلت موجب هميشه ساڄي پاسي کي سٺو ۽ کاٻي پاسي کي مڪروه يا خراب سمجهندو رهيو آهي . انهي ڪري اهڙين ڳالهين جو تعلق صرف انساني نفسياتي لاڙن ،جبلت ۽ عقيدي سان هوندو آهي . جنهن کي سائنسي حقيقت نه سمجهڻ گهرجي .

    (8) ڍولر پکي: ڍولر پکي جي آنن جو رخ جنهن طرف هوندو ان طرف مينهن وسندو ۽ سڪار ٿيندو. جنهن طرف آنن جو رخ نه هوندو ، ان طرف مينهن گهٽ وسندو ۽ ڏڪار ٿيندو.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ڍولر پکي ميداني پکي آهي . هي منجهند جي وقت سج جي گرمي کي برداشت نه ڪرڻ سبب وڻن ۾هليو ويندو آهي ، هي صبح ۽ شام جي وقت يا رات جي چانڊوڪين ۾ هلندي ، ٽپڪا ڏيندي يا اڏامندي نظر ايندو آهي . هي يڪساهي ڊگهي مفاصلي تائين اڏامي نه سگهندڙ پکي آهي. هي پکي پڻ وڌيڪ حساس ۽ چرپر ڪندڙ پکي آهي.
    هي پکي پڻ هوائن جي رخن ، هوا۾ موجود آبي بخارن ، ۽ فضا ۾ موجود گئسن جي بوءَ کي محسوس ڪندي ، موسمن بابت اڳواٽ آگاهه هوندو آهي . انهن موسمن جي منفي اثرن کان بچاءَ ڪرڻ جو احساس پڻ منجهس موجود هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي پکي مختلف موسمن ۾ پنهنجي چرپر ، ٻولين ۽ رهائش جون جايون پڻ بدلائيندو رهندو آهي .
    چوماسي جي مند ۾ هن جي جنسي هارمون ۾ اضافو اچي ويندو آهي ، جنهن ڪري اها هن جي لڳ ڪرڻ جي پڻ موسم هوندي آهي . جيئن ته هر پکي پنهنجي آنن کي محفوظ رکڻ جو احساس رکندو آهي ، انڪري آنن لاهڻ وقت هو انهن جا رخ هوائن ، گهربل گرمي ۽ دشمن کان بچاءَ جي بنياد تي سڀني حفاظتي ضرورتن جي بنياد تي ڪري رکندا آهن . اهڙي طرح ڍولير پکي پڻ آنا لاهڻ يا انهن کي رکڻ وقت سموريون حفاظتي تدبيرون ڪندو آهي ، جيئن ايندڙ موسمي اثرن کان سندس آنا محفوظ رهي سگهن.
    انهي سموري مطالعي ۽ مشاهدي جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ کي جديد سائنس درست قرار ڏيئي ٿي .
    (9) مور پکي: مورپکي ڪيترين ئي قسمن جون ٻوليون ڪندو آهي ، جن ۾ڪجهه ٻوليون وڻندڙ ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڀوائتيون هونديو آهن.مور پکي جيڪڏهن رات جو مٺڙيون۽ وڻندڙ ٻوليون ڪري ۽ ٻيا مور به گڏجي مٺڙيون ٻوليون ڪري وڻندڙ سرگم ڇيڙين ، ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي.پر جيڪڏهن مور گڏجي خوفناڪ اڻ وڻندڙ آواز ڪن ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، مور پکي انتهائي خوبصورت هئڻ سان گڏ انتهائي حساس پکي آهي. هن پکي جي نر کي مور ۽ مادي کي ڊيل سڏيو ويندو آهي. هي پکي نانگ ، بلائون ، جيت گاهه ۽ سنهو ان کائيندو آهي. هي پکي پنهنجي حفاظت جي معاملي ۾ وڌيڪ حساس هوندو آهي. هي پکي انساني آبادين جي ويجهو رهڻ جي باوجود به آزاد رهڻ پسند ڪندو آهي . ان ڪري هو پنهنجي ئي پسند واري ماحول ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندو اهي.
    هي پکي وڌيڪ حساس هئڻ سبب پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ موسمن جي ڦير گهير کان به وڌيڪ با خبر هوندو آهي . موسمن جي گرمي سردي جا اثر به مٿس وڌيڪ پوندا آهن . انهن موسمن جي ڦير گهير سبب هو مختلف ٻوليون به ڪندو رهندو آهي. هي پکي ڪيترين ئي قسمن جون ٻوليون ڪرڻ جي پڻ صلاحيت رکي ٿو . جن ۾ ڪجهه ٻوليون روح کي فرحت ڏيندڙ ۽ وڻندڙ ٻوليون هونديون آهن ته وري ڪجهه ٻوليون خوفناڪ ، اڻ وڻندڙ ۽ درد سان ڀريل به هونديون آهن .
    چوماسي جي مند ۾ گهٽ ، آڙنگ ، هوا ۾ آبي بخارن ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل اوزون مان زمين تي گئسن جي مخصوص بوءَ مان هن پکي کي به برسات اچڻ جي اڳواٽ خبر پوندي آهي . ان ڪري برسات کان اڳ ۾ ئي هن جي چرپر ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. برسات جي مند ۾ هن ۾ جنسي هارمونن جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي ، انڪري مستي ۾اچي مٺڙيون ٻوليون به ڪندو آهي . برسات جي موسم هن جي لڳ ڪرڻ جي موسم پڻ هوندي آهي . ان ڪري هن موسم ۾ هي مستي ۾ اچي رقص ۽ ناچ به ڪندو آهي . برسات وسڻ جي مند ۾ هن جي ٻولين ۾ مٺا سرگم جا راڳ پڻ هوندا آهن جن کي ٻڌي دل کي راحت پئي ايندي آهي . پر برسات جي مند ۾ مينهن جي نه وسڻ سبب ۽ خاص ڪري سيپٽمبر جي مهيني ۾ مينهن نه وسڻ جي صورت ۾ هن جي ٻولين ۾ ڀوائتو رنگ شامل ٿي ويندو آهي. مور جون مٺڙيون ٻوليون برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ ڀوائتيون ٻوليون مايوسي ، محرومي ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ هونديون آهن . ٿر جا ماڻهو مور جي ٻولين مان ئي ايندڙ موسم بابت سمجهي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻو آهي . انهي ڪري هي مور پکي سان وڌيڪ محبت پڻ ڪندا آهن .
    انهن ڳالهين جي روشني ۽ مور جي فطرت ۽ ٻولين جي گهري مطالعي بعد لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ درست سمجهي سگهجي ٿو.


    • جيت

    ( 1 ) اڏوهي: اڏوهي ٻرن مان نڪري مٿي ڪاٺين کي کائي، ۽ مٿانهين جاءِ تي مٽيءَ جا گهر ٺاهي ته اهو برسات اچڻ جواهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، اڏوهي هڪ ننڍڙو ڪالونيون ٺاهي رهندڙ جيت آهي. هي هيڊاڻ مائل سفيد رنگ جو هڪ ماڪوڙِي سان مشابهت رکندڙ جيت آهي . هي جتي ٽولن جي شڪل ۾ ڪالونيون ٺاهي رهندي آهي . اتي انهي شئي کي کائيندي مٽي جي صورت ۾ خارج ڪندي ۽ گهر ٺاهيندي رهندي آهي . هن ۾ ماکي جيان هڪ مڪمل ڪالونيون ٺاهي رهڻ جي صلاحيت هوندي آهي.هن جي رهائشي ڪالوني ۾ پڻ هرهڪ جا هڪ نظام موجب ڪم ورهايل هوندا آهن . هرهڪ جيت پنهنجي ذمي جو ڪم ڪندو رهندو آهي . هنن جي ڪالونين يا ٻڌل شهرن ۾ مختلف پاڙن جو هڪ نظام هوندو آهي . انهن کي هلائڻ لاءِ به اصول ٺهيل هوندا آهن .هي وڻن جي سڪل ڪاٺين وڻن جي پاڙن ، ۽ جابلو علائقن ۾ پٿرن جي مٿان به مٽي جي ڍيرن جي شڪل ۾ شهر يا ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن . ٿر ۾ هي اڪثر ڪري زمين جي اندر ننڍڙو سوراخ ٺاهي داخل ٿينديون آهن ۽ پوءِ اندر زمين ۾ مختلف رستن جي ذريعي پاڙا ٺاهي رهنديون آهن .
    هن جيت جا مختلف نسل ۽ قسم به هوندا آهن ، پر سڀني قسمن جي رهڻ جو طريقو ۽ نظام ساڳيو هوندو آهي. هن جيت ۾آسپاس جي ماحول کي سمجهڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي . عام حالتن ۾ هي جيت پنهنجين ٺاهيل ڪالونين کان ٻاهر گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن جي ضروري چرپر رات جو يا صبح جي وقت هوندي آهي . تيز اس ۾ هي جيت نه نڪرندو آهي .
    چوماسي جي موسم ۾ جڏهن آڙنگ سبب سخت گرمي ٿيندي آهي ۽ هوا ۾ شامل آبي بخارن جي ڪري اڏوهي جي ڪالونين ڏانهن گهربل هوا موڪليندڙ مٽي جا سوراخ بند ٿي ويندا آهن ۽ چوماسي جي مند ۾ فضا ۾ پيدا ٿيل گئسن جي بوءَ سبب اڏوهي جو زمين جي اندر پنهنجي ڪالوني ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو آهي . انهي سڀني حالتن جي پيدا ٿيڻ سبب هن کي پنهنجي زمين جي اندر ٺهيل ڪالوني مان مڪمل طور لڏي ٻاهر اچڻو پوندو آهي . اڏوهي جڏهن هنگامي حالتن جي بنياد تي زمين مان ٻاهر نڪرندي آهي ته ، هي فوري طور هنگامي بنيادن تي وڻن ، گهرن جي ڇتين ۾ لڳل ڪاٺين يا ٻاهر پيل ڪاٺين جي ڍڳين تي پنهنجا گهر ۽ ڪالونيون ٺاهيندي آهي . هي جن به ڪاٺين تي پنهنجا اهي هنگامي گهر ٺاهيندي آهي ، انهن کي کائيندي مٽي جي شڪل ۾ خارج ڪندي پنهنجي ڪالوني جي اڏاوت ڪندي رهندي آهي . اڏوهي جي اهڙي قسم جي چرپر برسات جي موسم کان ٿورو وقت اڳي ٿيندي آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ اڏوهي جي اهڙي چر پر کي برسات جو اهڃاڻ سمجهيو ويو . جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان جديد سائنس جي روشني ۾ درست آهي.
    ( 2 ) ماڪوڙيون: چئوماسي جي موسم ۾ ماڪوڙيون ٻرن مان نڪري پنهنجا آنا کڻي مٿانهين جاءِ ڏانهن وڃن ، ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃان بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ماڪوڙيون پڻ جيتن جي انهن قسمن ۾ شمار ٿينديون آهن ، جيڪي ڪالونيون ٺاهي هڪ نظام تحت رهنديون آهن . ماڪوڙيون به عام حالتن ۾ زمين جي اندر سوراخ ڪري اندر داخل ٿي پوءِ پنهنجي رهائشي ڪالوني جي اڏاوت ڪري انهن ۾ هڪ نظام تحت رهائش اختيار ڪنديون آهن .هي مشڪل حالتن جي تياري پڻ اڳواٽ ڪنديون آهن . هنن ۾ پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري رکڻ جي پڻ صلاحيت موجود آهي . هي جيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس آهن . هنن جي سونگهڻ ۽ چکڻ جو حواس سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين تيز هوندو آهي . هي اڪثر ڪري خوراڪ جي تلاش ۾ پنهنجي ٻرن کان ٻاهر نڪري هِتي هُتي ڦرنديون پڻ نظر اينديون آهن ، خاص ڪري مٺاڻ تي ڪٿي به اچي گڏ ٿينديون آهن . تمام پري کان هو پنهنجي تيز حواسن ذريعي شين جي ذائقي جي حد تائين سڃاڻپ رکنديون آهن . هي ضرورت موجب کائڻ کانپوءِ شين کي پنهنجي ٻرن تائين کڻي وڃي ذخيرو ڪرڻ تائين محنت ڪنديون رهنديون آهن . هي ٽولين جي شڪل ۾ پنهنجي وزن جي ڀيٽ ۾ ڳريون شيون کڻي وڃي پنهنجي ٻرن اندر ذخيرو ڪنديون آهن . هي مئل جيت ، گوشت جا ذرا ، ان جا داڻا ، ماني جا ڀور مطلب ته کين جيڪا به کاڌ خوراڪ جي شئي نظر ايندي آهي ، انهي کي هڪٻئي جي مدد سان کڻي وڃي پنهنجي ٻرن ۾ ٺهيل گودامن ۾ گڏ ڪنديون آهن.
    چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جي وڌي وڃڻ سبب هن جي ٻرن تائين ٺهيل زميني سوراخن مان هوا جا رستا آبي بخارن جي وڌڻ سبب بند ٿي ويندا آهن . ان کان علاوه آڙنگ جي گرمي ۾ سندن ٻرن جي درجه حرارت وڌي وڃڻ ۽ فضا ۾ پکڙيل گئسن جي بوءَ جيڪا زمين تي وڌيڪ تيز اثر بڻجي ويندي آهي ، جي سببن ڪري برسات جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي مينهن جي اچڻ کان باخبر ٿي وينديون آهن . انهي ڪري هي دفاعي لحاظ کان پنهنجي ٻرن ۾ پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهندي ، ٻرن مان نڪري مٿانهين جاين ڏانهن هنگامي لڏ پلاڻ ڪنديون آهن ، جيئن محفوظ رهي سگهن . عام حالتن ۾ ماڪوڙيون پنهنجي ٻرن مان خالي نڪرنديون آهن ۽ ٻرن ۾ داخل ٿيڻ وقت سندن منهن ۾ ڪانه ڪا شئي هوندي آهي . پر هنگامي حالتن ۾ ٻرن ۾ خالي منهن داّخل ٿينديون آهن ۽ ٻرن مان نڪرڻ وقت ڪانه ڪا شئي ٻاهر کڻي نڪرنديون آهن . انهن شين ۾ سندن آنن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. سندن اهڙي قسم جي مخصوص چرپر ڏسي ماڻهون پڻ محسوس ڪندا آهن ته هاڻي جلد برسات اچڻ واري آهي .
    انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جا ثبوت ملن ٿا ، انهي ڪري هن اهڃاڻ کي پڻ درست قرار ڏجي ٿو .
    ( 3 ) ماڪوڙا: چئوماسي جي موسم ۾ ماڪوڙا ٻرن مان نڪري وڻن يا مٿانهين جاءِ ڏانهن وڃن ۽ ساڻن گڏ ڪجهه کنڀن وارا ماڪوڙا به هجن ، ته اهو برسات اچڻ جو پڪو اهڃاڻ آهي . پر جي کنڀن وارا ماڪوڙا گڏ نه هجن ته برسات ايندي پر دير سان ايندي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ماڪوڙا پڻ اڏوهي ۽ ماڪوڙين جيان ڪالونين ۾ رهندڙ جيوت آهن هي پڻ زمين جي اندر سوراخ ڪري پوءِ اندر ڪالوني ٺاهي رهندا آهن . ماڪوڙين جيان هي پڻ تيزحواس رکندڙ آهن ، مٺاڻ تي پري کان اچي ڪڙڪندا آهن . هي پڻ شيون مشڪل حالتن لاءِ ٻرن ۾ ٻاهران کڻي اچي گڏ ڪندا آهن . ماڪوڙن جا به ڪجهه قسم ڏسڻ ۾ آيا آهن ، هرهڪ قسم جسامت جي لحاظ کان ننڍو ۽ وڏو هوندو آهي . پر سندن چرپر ۽ ڪالوني جي نظام ۾ رهڻ وارو طريقو لڳ ڀڳ ساڳيوآهي . ماڪوڙن جو هڪ قسم وڻن تي به رهندو آهي، پر اتي به سندن رهڻ جو نظام وڻن جي پاڙن يا پورن ۾ ساڳيو ڪالوني وارو هوندو آهي.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن آڙنگ سبب زمين جو درجه حرارت وڌي ويندو آهي، ۽ ماحول ۾ اوزون جي گئسن جي بوءَ پکڙي ويندي آهي ، تڏهن هي برسات جي اچڻ کان باخبر ٿي ويندا آهن. انڪري هي پنهنجي حفاظت جي ضرورت کي محسوس ڪندي پنهنجي زمين جي اندرين ڪالوني مان لڏ پلاڻ ڪري ٻاهر نڪرندا آهن ۽ مٿانهين جاين ڏانهن هلڻ شروع ڪندا آهن . چوماسي جي مند تائين سندن آنا ڦٽي چڪا هوندا آهن ، انهي ڪري سندن وات ۾ آنا نه هوندا آهن . پر سندن وات ۾ ضرورت جون ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون هونديون آهن . سندن آنن مان ڦٽل ٻچا اڃان ننڍا هوندا آهن ۽ جيتن جي ڦٽڻ واري عمل مان گذرندڙ هوندا آهن . انهي ڪري جيڪڏهن سندن حواسن جي احساس موجب برسات جي اچڻ ۾ دير هوندي آهي، ته هو پنهنجن انهن ٻچن کي ٻرن اندر ڇڏي ٻاهر نڪري ايندا آهن . اهڙي حالت ۾ هو پنهنجي متبادل نئين ڪالوني جي تعمير ڪندا آهن يا وڻن تي پناهه گاهون ٺاهيندا آهن . پر جيڪڏهن سندن حواسن جو احساس سمجهندو آهي ته برسات جلد اچي پئي ته هو پنهنجن انهن ڪچن ٻچن جن جي جسم تي اڃان پر موجود هوندا آهن تن کي به وٺي ٻاهر نڪري ايندا آهن ، جنهن عمل مان ماڻهن کي اها خبر پوندي آهي ته برسات جلد اچڻ واري آهي.
    ماڪوڙن جي زندگي جي اهڙي چرپر مان انهي ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي ته ، ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو ڏسيل هي اهڃاڻ پڻ سائنس جي نظر ۾ درست آهي .
    ( 4 ) ماڪوڙا : چئوماسي جي موسم ۾ ٻه ماڪوڙا جڏهن به ڪٿي پاڻ ۾ هڪٻئي سان منهن ملائي بنا ڪنهن چرپر جي ڪجهه وقت بيٺل نظر اچن ، ته اهو مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ماڪوڙا هڪ ڪالوني جي نظام ۾ رهندڙ جيوت آهن . انهي ڪري هي ڪالوني ۾ رهندڙ جيتن جيان هڪٻئي جي سڃاڻپ به رکندا آهن ، ۽ سونگهڻ ، ۽ ڇهڻ جي حواس کي استعمال ڪندي هي هڪٻئي کي سڃاڻندا ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ جي به ڪوشش ڪندا آهن . ماڪوڙا انتهائي حساس هوندا آهن . چوماسي جي مند ۾ فضا ۾ پکڙيل گئسن جي بوءَ تي هنن کي مينهن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي . انهي ڪري هي پنهنجي زمين جي ٻرن وارين ڪالونين مان نڪري مٿانهين جاين تي حفاظتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عارضي رهائشي ڪالونيون ٺاهيندا آهن. انهي لڏ پلاڻ واري عرصي ۾ هنن جي چرپر معمول جي ابتڙ ٿي ويندي آهي. انهي لڏ پلاڻ واري عرصي ۾ هو هڪٻئي کي سڃاڻن ۽ خبر رساني جي حواس کي وڌيڪ استعمال ڪندي هڪٻئي کي سڃاڻڻ ۽ حالات جي خبر وٺڻ لاءِ هڪٻئي سان منهن ملائي سڃاڻڻ سان گڏ حالات جي خبر به وٺندا رهندا آهن . انهي ڪري برسات جي موسم دوران هنن کي هڪٻئي سان منهن ملائي بيهندي ڏٺو ويو آهي .ماڪوڙا پنهنجي ڇهڻن جي ذريعي آسپاس جي ويجهي ماحول جي سڃاڻپ ڪندا آهن . برسات جي موسم ۾ هو انهي صلاحيت جو وڌيڪ استعمال ڪندا آهن ،جيئن حالات کان باخبر رهي ايندڙ حالتن ۾ پنهنجو وجود بچائي سگهن. انهي ڪري ماڪوڙن جو هڪٻئي سان منهن ملائي بيهڻ هنگامي ۽ غير معمولي حالتن جي پيدا ٿيڻ جي نشاندهي آهي . جيئن ته چوماسي جي موسم ۾ ماڪوڙن جون پنهنجون ڪالونيون ڇڏي نڪرڻ برسات جو اهڃاڻ آهي . انهي ڪري ماڪوڙن جي هڪٻئي سان منهن ملائي بيهڻ کي پڻ برسات سان لاڳاپيندي ، لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي .جيڪا ڳالهه برسات جي موسم ۾ ماڪوڙن جي غير معمولي چرپر سان لاڳاپيل آهي . اها چرپر ماڪوڙن جي سائنسي مشاهدي ڪرڻ دوران پڻ نظر اچي ٿي . انهي ڪري ئي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو .
    ( 5 ) آر: هي ميرانجھڙي رنگ جو هڪ جيت آهي. جيڪو اڪثر وڻن تي رهندو آهي. عام حالتن ۾ هي جيت سج لٿي مهل کان سانجهي تائين ٻوليندو آهي. هن جو آواز سنهڙو لڳاتار سيٽيءَ جهڙو هوندو آهي . آر جيڪڏهن اڌ رات جو ٻولي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن اسر ويلي ٻولي ته اهو سڪار ۽ برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، آر پوپٽ وانگر اڏامي سگهندڙ نسل جو هڪ جيت آهي . هن جي مادي وڏي ۽ نر ننڍو ٿيندو آهي .. مختلف ملڪن جي ماحولياتي ۽ رهائشي علائقن جي فرق سبب هن جا ڪيترائي قسم ۽ رنگ ٿيندا آهن ، هي جيت ٻن انچن کان وٺي ٻارهن انچن تائين وڏو به ٿيندو آهي . ساون وڻن ۾ رهندڙ آر جو رنگ سائو به ٿيندو آهي. ٿر جيئن ته ريگستاني علائقو آهي . انهي ڪري ٿر ۾ رهندڙ آر جو رنگ ميرانجهڙو هوندو آهي . هن جو رس چوسيندڙ جيتن ۾ شمار ٿئي ٿي . هن جي واڌ ويجهه جو طريقو به ساڳيو پوپٽ وانگر ٿيندو آهي. هي پنهنجي پرن ۾ لرزش آڻي مختلف آواز به ڪڍندي آهي. سندس آواز تيز لڳاتار وڄندڙ سيٽي جهڙو هوندو آهي. هن جي سونگهڻ جو حواس ڏاڍو تيز هوندو آهي. انهي ڪري موسمن جي اچڻ بابت اڳواٽ با خبر هوندي آهي.
    چوماسي جي مند ۾ آڙنگ ۽ گرمي سببهي گهڻو پريشان نه ٿيندي آهي . ڇو ته سندس جسماني حرارت وڌيڪ هوندي آهي. پر چوماسي جي مند ۾ اٿيل گئسن جي بوءَ کيس پريشان ڪندي آهي. انهي ڪري سندس معمول موجب چرپر ۾ فرق اچي ويندو آهي . آر معمول موجب گهڻو ڪري سج لٿي کان وٺي سانجهي تائين روزانو ٻوليندي آهي ، پر برسات جي موسم ۾ هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب هي فجر جي وقت به پنهنجا پر ڦڙڪائي خشڪ ڪندي رهندي آهي . انهي ڪري سندس پرن مان نڪرندڙ سيٽي جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي . برسات نه وسڻ جي صورت ۾ جڏهن اڌ رات جو آبي بخارن جي ساٽ ڪرندي آهي . انهي وقت به هي پنهنجي پرن کي ڦڙڪائي سيٽي جهڙو آواز ڪڍندي آهي . پر اهو عمل هي روزانه نه ڪندي آهي . جنهن رات ساٽ وسندي آهي . تڏهن ائين ڪرڻ سندس لاءِ ضروري بنجي ويندو آهي .
    آر جي انهي سيٽي جهڙي آواز کي بي وقتائتو ٻڌي ۽ ان جي بعد ۾ موسمي نتيجن کي ڏسي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ چوڻ ۾ آيو جيڪو ماڻهن جي سوين سالن جي تجربي مان گذرندي پهتو آهي .آر جي زندگي بابت انهي تفصيلي سائنسي مشاهدي مان لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي ٿو. شاهدي طور شاه عبدالطيف ڀٽائي به پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته : آرون ابر آسري ، تاڙا تنوارين .
    (6) مڪڙ: چئوماسي جي موسم کان اڳ ۾ جيڪڏهن ڪٿي به مڪڙ ڏسڻ ۾ اچن، ته اهو مينهن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، مڪڙ لشڪري جيتن جو هڪ قسم آهي .مڪڙ به مسلسل کاڌو کائيندڙ جيت آهي . انهي ڪري هي تمام وڏا ٽولا ٺاهي آباد علائقن جي فصلن تي حمله آور ٿين ٿا ۽ مسلسل کائيندي فصل تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏين . مڪڙ ڪجهه وقت اڳي تائين ٿر جي واري ۾ آنا لاهيندا هئا . جنهن ڪري حڪومت جي طرفان هنگامي قدم کڻي سندن واڌ ويجهه کي روڪيو ويو هو . انهي ڪري هاڻي مڪڙن جا ڪٽڪ پيدا ٿيڻ وارو عمل رڪجي ويو آهي. پر تڏهن به ٿر جي علائقي ۾ هي ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندا آهن . لشڪري جيتن جي فطرت آهي ته هنن جي لشڪر جو هڪ خبر رسان ٽولو به هوندو آهي . جيڪو آسپاس چئو طرف ساوڪ ۽ کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪري ويندو آهي . ٿر ۾ چوماسي جي مند ۾ برسات وسڻ کان اڳ ۾ هوا ۾ گهم ۽ گرمي سبب وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ڦوٽهڙي جو عمل شروع ٿيندو آهي ، جنهن کي اهي خبر رسان مڪڙ کائيندا ۽ حالتن جو جائزو وٺندا رهندا آهن. جيئن کاڌ خوراڪ جي گهڻي ٿيڻ بعد هو پنهنجي لشڪر کي اچڻ جي دعوٽ ڏيئي سگهن . ٿر ۾ اهڙا رولو مڪڙ صرف وسڪاري کان اڳ ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو اهڙي قسم جا مڪڙ ڏسي برسات بابت انومان لڳائيندا آهن.
    سائنسي طرح مڪڙن جي زندگي ۽ انهن جي اهڙي چرپر بابت حقيقتن جي سچائي جي تصديق ڪندي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ درست قرار ڏجي ٿو.
    (7) مکيون : چوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن عام مکيون ماڻهن کي چڪ هڻن ۽ سندن رنگ چڪ هڻن وقت هيڊي رنگ جو ٿي وڃي ته ، اهو به برسات جي جلد اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، مکيون گندگي مان پيدا ٿينديون آهن ، ۽ گندگي تي ويهي اتان جراثيم کاڌي جي شين ڏانهن منتقل ڪري بيمارين پکيڙڻ جو سبب بڻبيون آهن . هي عام حالتن ۾ چڪ نه هڻنديون آهن . مک ۾ سنگهڻ جو حواس ڏاڍو تيز هوندو آهي . انڪري هو خراب ۽ بدبوءَ وارين جاين تي جلد پهچي وينديون آهن . اهڙي نموني سان هنن جي چکڻ جو حواس به تيز آهي .انهي ڪري هو مٺاڻ تي ، اگهاڙي رکيل گوشت تي ۽ مڇي تي به يڪدم گڏ ٿيو وڃن . چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾آبي بخارن جي گهڻائي ، هوا جي گهٽ دٻاءَ پيدا ٿيڻ سبب آڙنگ جي گرمي ،۽ فضا ۾ اوزون جي تهه مان اٿندڙ گئسن جي بوءَ ، هڪ عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيندي آهي . جنهن سبب مکين کي پڻ اڳواٽ برسات جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي آهي . ان ڪري هو اڏامي گهرن ۽ ڇانوَ وارن هنڌن جو رخ ڪنديون آهن . مک گهڻي اڃ برداشت نه ڪري سگهندي آهي . انهي ڪري هي پوسل وارين جاين تي ويهي يا پاڻي جي دٻن تي ويهي پنهنجي اڃ اجهائيندي آهي . پر آڙنگ واري وقت ۾ هو جڏهن گهرن ۾ ۽ ڇانوَ وارن هنڌن تي ايندي آهي ته ، هو پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ گهرن ۾ موجود ماڻهن جي جسم تي ويهي موجود پگهر کي چوسي پنهنجي اڃ اجهائيندي آهي. انهي ڪري هو انساني جسم جي پگهر وارين جاين تي چڪ به هڻندي آهي . جيڪا اصل ۾ مک جي پاڻي پيئڻ واري ڪوشش هوندي آهي . مک جو رنگ چوسڻ واري وقت ڪڏهن ڪڏهن تبديل ٿيندو آهي ، جيڪو ماڻهن جي مشاهدي ۾ آيو آهي. اهو سڀ عمل هو آڙنگ واري وقت برسات جي بلڪل ويجهو اچڻ واري وقت ۾ ڪندي آهي ، ۽ انهي کان پوءِ جلد ٿوري دير ۾ برسات وسڻ شروع ٿي ويندي آهي. انهي ڪري هن اهڃاڻ جو برسات جي جلد اچڻ واري ڳالهه سان لاڳاپو آهي ، انهي لحاظ کان لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست مڃي سگهجي ٿو .


    • وڻ ۽ ٻوٽا

    (1) ڄارجو وڻ : ڄار ٿر جو اهم ۽ هميشه سائو رهندڙ وڻ آهي ڄار جا پيرونءَ ٿر جي ماڻهن لاءِ ڄڻ ته انگور هجن جيڪي هو شوق سان کائيندا آهن . جنهن سال ڄارين ۾ پيرون تمام گهڻا ٿين ته ، اهو انهي سال گهڻي برسات وسڻ جو اهڃاڻ آهي . ڄار جي جنهن پاسي پيرونءَ گهڻا ٿين انهي پاسي برسات به گهڻي وسندي، وري ڪڏهن ڪڏهن ڄاريون هڪ علائقي ۾ پيرون گهڻا ڪن ته ٻئي علائقي جون ڄاريون پيرونءَ گهٽ ڪن.جنهن علائقي ۾ پيرونءَ وڌيڪ ٿين . اتي برسات به وڌيڪ پوي ۽ جنهن علائقي ۾ پيرونءَ گهٽ ٿين، اتي برسات به گهٽ پوڻ جا اهڃاڻ آهن.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڄار جو وڻ گهميل ۽ خشڪ علائقن ۾ ٿيندو آهي . هن وڻ جا پڻ علائقائي ۽ موسمي لحاظ کان ڪجهه ڌار ڌار قسم به آهن . ٿر ۾ ڄار جو قسم ريگستاني آهي . ڄار جو وڻ موسمي اثرن کي برداشت ڪندڙ وڻ آهي . انهي ڪري ٿر جهڙي ريگستان ۾ به هي سدائين سائو رهندو آهي . ڄار جو وڻ ، زمين ، هوا ، گهم وغيره مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو رهندو آهي. ٿر ۾ ڄار جو وڻ اپريل کان مئي مهيني تائين پيرونءَ جهليندو آهي . مارچ کان ڄارين ۾ ٻور جنهن کي مڪ سڏيو ويندو آهي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي . مارچ کان ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي ، جنهن ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي . ٿر جي ڄار جيئن ته ريگستاني وڻ اهي ، انهي ڪري ريگستاني ٻين ٻوٽن جيان هي پڻ پاڻي جي ضرورت هوا جي گهم مان پوري ڪندي آهي . انهي ڪري ڄار جي جنهن پاسي مارچ جون هوائون وڌيڪ لڳنديون انهي پاسي هو وڌيڪ ٻور جهليندي آهي. انهي نتيجي ۾ انهي پاسي پيرون پڻ وڌيڪ ٿيندا آهن . جنهن سال مارچ کان ئي هوا ۾ گهم جو مقدار وڌڻ شروع ٿيندو آهي . انهي سال اها وڌندڙ گهم اڳتي هلي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ به مدد ڪندي آهي. برساتون به انهي سال وڌيڪ وسنديون آهن . پر جنهن سال مارچ اپريل ۾ هوا ۾ گهم گهٽ مقدار ۾ هوندي انهي سال مينهن پڻ گهٽ وسڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي. انهي سال گهم گهٽ ملڻ ڪري گهربل پاڻي جي ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري ۽ تيز هوائن لڳڻ ڪري ڄارين جو ٻور وڌيڪ ڇڻندو آهي ۽ انهي سال پيرونءَ پڻ گهٽ پيدا ٿيندا آهن .
    ڄار جي انهي مشاهدي ۽ مطالعي مان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي . انهي ڪري جديد سائنس پڻ ، موسمي سببن جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي صحيح هئڻ جي تصديق ڪري ٿي .
    (2) ڪنڊيءَ جو وڻ : ڪنڊيءَ به ٿر جو اهم وڻ آهي . جنهن سال ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سڱر گهٽ ٿين ، ۽ پن ڇاڻي ته اهو برسات جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن ڪنڊيءَ سڱر وڌيڪ جهلي ۽ وڌيڪ سائي ٿي پن گئونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪنڊي جو وڻ پڻ ريگستاني ۽ گهٽ پاڻي وارن علائقن جو وڻ آهي. ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ هي گهٽ پاڻي کڻندڙ ۽ گهٽ وڌندڙ وڻ آهي ، هي وڻ پنهنجي ضرورت موجب پاڻي پنهنجن اونهين پاڙن ذريعي زمين مان حاصل ڪندو آهي انهي ڪري هي تمام دير سان وڌي وڻ جي شڪل وٺندو آهي. سندس عمر پڻ ٻين وڻن کان وڌيڪ هوندي آهي. هي وڻ هوا مان پاڻي حاصل نه ڪندو آهي ، انهي ڪري منجهس گهم گهٽ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي ، انهي ڪري گهم جي وڌي وڃڻ ڪري سندس پن گهم جي اثر ڪري ڇڻڻ شروع ڪندا آهن . ٻئي طرف گهم سبب ڪنڊي جي پنن کي لونئين نالي هڪ جيت پڻ کائڻ شروع ڪندو آهي . هن جي سڱر جهلڻ جي مند پڻ اپريل کان مئي تائين هوندي آهي . انهي ڪري جنهن سال مارچ مهيني ۾گهم وڌيڪ ٿيندي آهي . انهي سال ڪنڊي جي وڻ ۾ سڱر پڻ گهٽ ٿيندا آهن . ڇو ته گهميل هوا ۾ ڪنڊي ۾ ڦل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پڻ گهٽجي ويندي آهي. مارچ جي گهم سبب چوماسي ۾ برساتن جو مانڊاڻ ٺهي ايندو آهي. جيڪو ٿر ۾ برساتن وسڻ جو سبب بڻبو آهي. پر جنهن سال مارچ ۾ هوا ۾ گهٽ گهم موجود هوندي آهي انهي سال ڪنڊين جا پن پڻ گهٽ ڇڻندا آهن ۽ سڱر پڻ وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن . گهم جي گهٽ هئڻ سبب ڪنڊيءَ جو وڻ سرسبز ۽ شاداب رهندو آهي . پر انهي سال هوا ۾ گهم جي گهٽ مقدار هئڻ سبب برسات نه وسندي آهي يا گهٽ وسندي آهي.
    ڪنڊيءَ جي وڻ بابت انهي سائنسي ڄاڻ جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي.
    (3) ٻائوريءَ جو وڻ : هي وڻ به ٿر جو اهم وڻ آهي . هن وڻ جي پنن کي لونئين نالي هڪ جيت کائڻ شروع ڪري ، پن ڇڻن ، ۽ انهي ٻاوريءَ جي وڻ ۾ اڇو کئونر داڻا داڻا ٿي نڪري ، ته اهي به برسات وسڻ جا اهڃاڻ آهن.
    ٿر جي لوڪ ڏهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻاوريءَ جو وڻ به ريگستاني ۽ خشڪ علائقن جو وڻ آهي . هي وڻ به پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين مان پنهنجي پاڻي جي ضرورت پوري ڪندو آهي. چوماسي جي موسم ويجهي اچڻ ڪري جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڏي ويندو آهي . ته ٿر جي علائقي ۾ گهميل هوا سبب لونئين نالي پن ڪتريندڙ جيت پيدا ٿيندو آهي ، جيڪو هن وڻ جا پن ڪتري کائيندو آهي . ۽ هي وڻ پڻ گهڻي گهميل هوا برداشت نه ڪري سگهندو آهي . انهي رد عمل طور هن وڻ مان اڇو کئونر پڻ نڪرندو آهي . انهي سبب هي وڻ وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو آهي. سندس سمورا پن ڇڻي ويندا آهن . انهي وقت هي وڻ سڪل وڻن جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
    جيئن ته جنهن سال هوا ۾ گهم وڌيڪ هوندي آهي انهي سال برسات پڻ گهڻي وسندي آهي . پوءِ هي برسات جو جذب ٿيل پاڻي زمين مان حاصل ڪري ٻيهر ڦوٽهڙو ڪندو آهي. برسات وسڻ بعد هن وڻ جي ساوڪ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي .
    هوا ۾ گهم جي مقدار وڌي وڃڻ ، لونئين جيت جو ٻاوري جي پنن کي کائڻ، ۽ گھڻي گهم سبب انهي سال ٿر ۾ برسات وسڻ ، لاڳاپيل عمل آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سائنسي سچائي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي .
    (4) ٻير جو وڻ : هي وڻ به ٿر ۾ عام آهي . ٻير جي پنن کي جيت کائن ۽ پن ڇڻن ته اهو مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن ٻير جا پن گهٽ ڇڻن ۽ ٻير وڌيڪ سائي ٿي گونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻير هڪ ميويدار وڻ آهي . هن وڻ جا به علائقن ، موسمن ، ۽ زميني حالتن موجب ڪجهه قسم آهن . ٿر ۾ ريگستاني قسمن جي ٻيرن جا ٻه قسم ٿيندا آهن . جن مان هڪ ڄاڱريءَ يا ڇاپرو ٻير ۽ ٻي وڏي جنهن کي سنڌي ٻير چوندا آهن . هي وڻ پڻ ٻين ڪيترن ئي ريگستاني وڻن جيان ڊگهين پاڙن وارو وڻ آهي. هي پڻ پنهنجي ضرورت جو پاڻي زمين مان حاصل ڪندو آهي . هوا ۾ وڌندڙ گهم سان هن وڻ جاپن ڇڻڻ شروع ڪندا آهن .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي تڏهن هن وڻ جي پنن کي پڻ لونئين نالي جيت کائڻ شروع ڪندو آهي . ۽ هن وڻ جا پن نرم هوندا آهن ، انهي ڪري هن وڻ جي پنن تي ٻين به ڪيترن ئي جيتن جو حملو ٿيندو آهي . انهي ڪري ڪتريل حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن . جنهن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته هن سال مينهن وسندو ۽ ٿيندو به ائين ئي آهي . ڇو ته هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي مينهن وسائڻ جو سبب بڻبي آهي .پر جنهن سال چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار گهٽ هوندو آهي . انهي سال ٻير جا پن گهٽ ڇڻندا آهن ۽ لونئين نالي جيت به گهٽ لڳندو آهي ، چوماسي جي مند ۾ ٻير جو وڻ پنهنجي ڦوٽهڙي جي موسم تي وري نوان گئونچ ڪڍي بغير برسات جي به سائو ٿي ويندو آهي.
    ٻير جي وڻ جي انهن موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي . انهي لاءِ هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ درست مڃي سگهجي ٿو .
    (5) نم جو وڻ : نم جي وڻ جا پن جيڪڏهن رنگ تبديل ڪري گهرا ساوا ٿين ، ۽ پسيل يا ڀنل محسوس ٿين، ته اهو مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نم جو وڻ هڪ گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي ، هن جو شمار انهن تمام ٿورن وڻن ۾ ٿئي ٿو ، جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا ، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي . هن کي انساني آبادين ۾ تمام گهڻي چاهه سان پوکيو ويندو آهي ، ٿر جي اسلام ڪوٽ ، مٺي ،ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجهه شهرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبهوا ، ۽ زميني حساب سان مختلف قسم موجود آهن .
    نم جو وڻ پڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. برسات جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي . تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گهم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري پنن مان گهربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگهندا آهن. انهي سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي . جنهن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽ پن ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن .
    نم جي وڻ بابت سائنس جي روشني ۾ انهي مطالعي بعد ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي.
    ( 6) نم جو وڻ : جنهن سال نم جي وڻ ۾ نموريون وڌيڪ ٿين ، ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن نم جي وڻ ۾ نموريون گهٽ ٿين ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، نم جو وڻ جيئن ته هڪ نهايت حساس ۽ نازڪ قسم جو وڻ آهي . هي زمين مان پنهنجي پاڙن ذريعي پاڻي حاصل ڪندو آهي ، هي وڻ زمين ، علائقي جي آبهوا ۽ پاڻي جي گهٽ وڌائي سبب دنيا جي اڪثر علائقن ۾ مختلف وقتن تي پنهنجو ڦل جنهن کي نموريون چيو ويندو آهي ، ڏيندو آهي . پر ٿر ۾ هي وڻ اپريل کان جولاءِ تائين نموريون ڏيندو آهي . اپريل ۾جڏهن چوماسي کان اڳ فضا ۾گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي . تڏهن هڪ طرف زمين ۾ پوسل جو مقدار وڌي ويندو آهي ته ٻئي طرف ٻاهرين گهم جي اثرن سبب نم جو وڻ گهٽ آبي بخار هوا ۾ خارج ڪندو آهي . جنهن سبب منجهس ساوڪ ۽ ڦل ڏيڻ جي قوت وڌي ويندي آهي ۽ هي وڻ وڌيڪ ٻور ۽ نموريون جهليندو آهي. جيڪو اصل ۾ هوا ۾ گهم جي وڌي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي. جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار وڌيل هوندو آهي انهي سال چوماسي جي مند ۾ برسات به وڌيڪ وسڻ جا امڪان موجود هوندا آهن . پر جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار گهٽ هوندو آهي . انهي سال ٿر جي زمين ۾ پوسل به گهٽجي ويندي آهي ۽ ماحول ۾ گهم جي نه هئڻ سبب نم جو وڻ پنن ذريعي هوا ۾ آبي بخار به خارج ڪندو آهي . جنهن ڪري منجهس ڦل پيدا ڪرڻ جي قوت گهٽجي ويندي آهي . انهي ڪري انهي سال نم جي وڻن ۾ نمورين جي پيداوار به گهٽجي ويندي آهي. جيڪو اپريل کان جولاءِ تائين هوا ۾ گهم جي گهٽ هئڻ جي نتيجي ٿيندو آهي . ۽ جنهن سال هوا ۾ گهم ۽ آبي بخارن جو مقدار گهٽ هوندو آهي انهي سال مينهن به گهٽ وسندو آهي . جنهن سبب ٿر ۾ ڏڪار اچي ويندو آهي.
    نم جي وڻ جي سائنس جي روشني ۾ ڪيل هن مطالعي مان لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي .
    (7) گگرال جو وڻ : گگرال جي وڻ جي ڪاٺين تي، جيڪڏهن ڳاڙهي رنگ جا ڦليا يا داڻا داڻا ٿين ته اهو به مينهن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته، گگرال جو وڻ ريگستاني ۽ خشڪ جابلو ريتيلن علائقن جو وڻ آهي. هن وڻ مان گگر نالي هڪ قيمتي کئونر جهڙو مادو ملي ٿو، جيڪو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو . انهي ڪري هن وڻ مان حاصل ٿيندر گگر نهايت قيمتي هوندو آهي. هن وڻ جي سموري واڌ ويجهه جو سرشتو هن جي ڪاٺي ۽ خاص ڪري کل ۾ هوندو آهي . چو ماسي کان اڳ ۾ مئي ، جون ، جي سخت لڪن جي موسم جنهن کي عام ٻولي ۾ چاليهي جي موسم سڏيو ويندو آهي.جنهن ۾ هن جا حساس ۽ نرم نازڪ پن ڇڻي ويندا آهن. جنهن سبب هي چوماسي جي مند ۾ مينهن وسڻ کان اڳ ۾ سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پنن جي سڪڻ سبب هن جي زندگي جي سموري سرشتي جو دارومدار ڪاٺي ۽ سندس کل جي ريشن يعني تندن واري نظام تي هوندو آهي .
    هي وڻ پڻ ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان پنهنجي پاڻي جي ضرورتن جو پورائو ڪندو آهي.
    چوماسي جي موسم ۾ جڏهن هوا م گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي ، تڏهن هن وڻ جي زندگي جي سرشتي جي ذميواري جو ڪردار ادا ڪندڙ کل ۾ موسمي گهم جي وڌيڪ مقدار سبب دفاعي رد عمل ٿيندو آهي ، جنهن ڪري هن وڻ جي کل تي ڳاڙهي رنگ جا ڦليا مٿي اڀري ظاهر ٿيندا آهن . جيڪو چوماسي جي موسم ۾ هوا ۾ وڌيل گهم ۽ آبي بخارن جي گهڻائي جو رد عمل هوندو آهي . جڏهن هوا ۾گهم جو وڌيڪ مقدار هوندو تڏهن ئي چوماسي جون برساتون وڌيڪ وسنديون .
    گگرال جي وڻ جي انهي سموري سائنسي مطالعي بعد انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنسي حقيقتون رکي ٿو انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .

    (8) ڪونڀٽ جو وڻ: ڪونڀٽ جي وڻ جا پن کاڌل ڏسڻ ۾ اچن ، ۽ ڪونڀٽ جو وڻ پري کان سڪل نظر اچي ، ته اهو به برسات وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪونڀٽ جو وڻ پڻ صحرائي ۽ خشڪ ريتيلن علائقن جو وڻ آهي . هي وڻ پڻ پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين مان پاڻي حاصل ڪندو آهي . هن وڻ جو شمار پڻ پن ڇاڻيندڙ وڻن ۾ ٿئي ٿو .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي وڃي ٿو ، تڏهن هن وڻ جي پنن کي پڻ لونئين نالي جيت ۽ ٻيا جيت کائڻ شروع ڪن ٿا . جنهن ڪري هن وڻ جا پن هڪ طرف گرم ۽ گهميل هوا ۾ ڇڻن ٿا ته ٻئي طرف جيتن جي حملي سبب هن جا پن ڇڻيو ختم ٿيو وڃن ، انهي ڪري پري کان سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پر جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار گهٽ هوندو آهي. انهي سال هن وڻ جي پنن تي جيتن جو حملو پڻ گهٽ ٿيندو آهي . انهي حالت ۾ هن جا پن صرف گرم لڪن ۽ جهولن وقت ڇڻندا آهن. انهي ڪري جنهن سال ڪونڀٽ جي وڻ جا پن وڌيڪ ڇڻندا آهن ۽ سندس پن جيتن جي کائڻ سبب ڪتريل نظر ايندا اهن ، انهي سال هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب برسات پڻ وسڻ جا امڪان موجود هوندا آهن . انهي ڪري ماڻهو ڪونڀٽ جي وڻ جا پن ڪتريل ڏسي چوندا آهن “ ڪونڀٽ پن ڪتريو ، مينهن آيو ڪي آيو ”
    انهن سببن ڪري ڪونڀٽ جي وڻ جي پنن ڪترجڻ کي مينهن جي وسڻ جي امڪانن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. انهي ڪري جديد سائنس جي نظر ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ڪري سگهجي ٿي..

    (9) اڪ : اڪ جا ٻوٽا جنهن علائقي ۾ گهڻي تعداد ۾ هوندا اتي مينهن نه وسندو آهي .ٿر جي ٻوٽن ۾ اڪ واحد ٻوٽو آهي ، جنهن تي برسات جي کنوڻ به نه ڪرندي آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهوپنهنجي گهرن کي کنوڻ جي نقصان کان بچائڻ لاءِ اڪ جون تازيون ٽاريون وڍي ڇتين ۽ دروازن تي رکندا آهن.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، اڪ جو ٻوٽو پن ڇاڻيندڙ ٻوٽن ۾ هڪ الڳ قسم جو ٻوٽو آهي . هي گرمي ۽ چوماسي جي مند ۾ سرسبز ۽ شاداب رهندو آهي . پر سياري جي سردي ۾ هن جا پڻ ڇڻي ويندا آهن . اڪ به ميداني ۽ ريگستاني علائقن جو ٻوٽو آهي . ان ڪري ٿر ۾ هي ٻنين ۽ ڏهرن جي ڪنارن تي عام جام ڏسڻ ۾ ايندو. هي ٻوٽو زهريلو آهي ، پر هن وڻ جي پنن کي ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن . انڪري هي ٿر جي ٻڪرين جي چاري جو به ذريعو آهي . جنهن ڪري ٿر جا ماڻهو هن ٻوٽي جو وڏو قدر ڪندا آهن . ريگستاني ٻوٽن جيان اڪ به پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان خوراڪ حاصل ڪندو آهي . هي ٻوٽو پنن جي ذريعي به هوا مان پاڻي ذخيرو ڪندو آهي. اڪ جي پنن تي هڪ ڪيميائي مادي جو تهه موجود هوندو آهي . جيڪو سڻڀ کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي قدرتي صلاحيت رکي ٿو . هي وڻ زمين مان وڌيڪ زهريلا معدني جزا پنهنجي خوراڪ ۾ استعمال ڪندو آهي . انهن زهريلن جزن سبب هن ٻوٽي ۾ پاڙ کان پنن تائين سندس رس ۾ زهريلا جزا ڪاربان ، ڪيلو ٽروپن، ڪيلو ٽاڪسن ، اسڪارڊن ، نائٽروجن ، سلفر ۽ ڪيلشم ڪمپا.ئونڊ جا سڀ جزا، ڪاربو هائيڊس الڪلائيڊ ۽ ٻيا ڪجهه جزا موجود هوندا آهن . انهن زهريلن جزن جي شامل ٿيڻ سان هن جو رس ٻين ٻوٽن جي رس کان وڌيڪ گهاٽو ۽ اڇو کير جهڙو ٿي ويندو آهي .انهي جزن جي ڪري هن جو رس بجلي جي اڻ پسرائيندڙ مادن سان ڀرجي ويندو آهي .
    اهوئي سبب آهي جو بجلي جي اڻ پسرائيندڙ جزن جي موجودگي جي ڪري هن ٻوٽي تي کنوڻ نه ڪرندي آهي . ان لاءِ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ اڪ جي ٻوٽي تي بجلي نه ڪرڻ واري ڳالهه بلڪل سچي ۽ سائنسي سبب رکندڙ آهي . باقي اڪ جي ٻوٽن واري علائقي تي مينهن نه وسڻ واري ڳالهه جا ڪي به سائنسي سبب موجود ناهن ، انهي ڪري اها ڳالهه ڪوڙي ۽ بي بنياد سمجهڻ گهرجي . هي وڻ اڪثر بنجر ۽ غير آباد ٻنين ۾ وڌيڪ اڀري ايندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو جڏهن انهن غير آباد ٻنين ۾ اڪ جا ٻوٽا ڏسندا آهن ، ته شايد سندن ذهن ۾ اهو وهم پيدا ٿي ويو هجي ته اڪن واري زمين غير آباد رهندي آهي . ان ڪري هن وهم کي به هن اهڃاڻ ۾ شامل ڪيو ويو هجي .. پر انهي ڳالهه جا ڪي به سائنسي دليل موجود نه آهن .

    (10) سيڻ جو ٻوٽو:هي ٻوٽو ٿر ۾ اڪثر جاين تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي .هي ٻوٽو جيڪڏهن برسات وسڻ کان اڳ ۾ سنگ ڪڍي ته ، اهو برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، سيڻ جو ٻوٽو پڻ ريگستاني علائقن جو ٻوٽو آهي. هي ٻوٽو پڻ پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان پنهنجي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي. هي ٻوٽو ٿر جي تراين وارين جاين تي ٿيندو آهي . پوسل واري زمين ۾ ڦٽي ٽاريون ڪڍي زمين تي گول ڇٽ هڻي پکڙندو آهي . هي ٻوٽو جولاءِ جي پڇاڙي کان آگسٽ تائين پنهنجا سنگ ڪڍندو آهي. جيڪا هن ٻوٽي جي سنگن ڪڍڻ جي موسم هوندي آهي . هن ٻوٽي جي سنگن واريون ٽاريون مٿي اڀيون هونديون آهن باقي ٻوٽو زمين تي پکڙيل ڇٽ جي شڪل ۾ پکڙيل هوندو آهي .هوا ۾ گهم جي وڌي وڃڻ ڪري زمين جي پوسل ۾ اضافو ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري پاڻي جي گهربل ضرورتن جي پورائي سبب هن ٻوٽي جي سنگ ڪڍڻ واري عمل ۾ تيزي اچي ويندي آهي ۽هي ٻوٽو وڌيڪ ڦوٽهڙو ڪندو آهي ، ان ڪري هن جي ڦوٽهڙي جي سبب سندس سنگ ڪڍڻ واري مدت ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي آهي ۽ سندس سنگ ڪڍڻ جو عمل به آڳاٽو ٿي ويندو آهي . انهي ڪري ماڻهن کي مينهن وسڻ کان اڳ ۾ جولاءِ جي پهرئين هفتي کان ئي هي ٻوٽو سنگ ڪڍندي نظر ايندو آهي . جنهن ڪري ماڻهو هن ٻوٽي کي آڳاٽا سنگ ڪڍندي ڏسي اهو اندازو لڳائيندا آهن ته ، هن سال مينهن وسڻ جو امڪان آهي ، ۽ هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب جڏهن جولاءِ جي پڇاڙي کان مينهن وسڻ جي شروعات ٿي ويندي آهي ، ته ماڻهن جو امڪان حقيقت جو روپ وٺندو آهي . جنهن سبب ئي ماڻهن جي سالن جي اهڙي مشاهدي سان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن پيشنگوئي جو جنم ٿيو .
    پر جنهن سال هوا ۾ گهم گهٽ هوندي آهي ۽ مينهن به نه وسندو آهي ، انهي سال هي ٻوٽو پنهنجي مقرر مدت ۾ سنگ ڪڍندو آهي .انهن سڀني ڳالهين کي جديد سائنس جي اصولن سان ڀيٽڻ بعد ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي .

    (11) ٽوهه جي ول: ٽوهه جي ول بنا برسات جي ڦٽي ۽ تندون ڪڍي ته ، اهو برسات نه وسڻ جو ۽ ڏڪار جواهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٽوهه جي ول ريگستاني علائقن ۾ ڦٽندڙ هڪ ول آهي . هي ول پڻ ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان پنهنجي پاڙن جي ذريعي زمين جي پوسل مان پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي . ٽوه جي ول پنهنجي پنن جي ذريعي پاڻي جو ذخيرو ڪري ٿي. ان جي ذريعي روشني جي ترڪيب جو عمل به ٿئي ٿو. جنهن سبب ٽوهه جي پاڙن ۾ پاڻي جو سندس جياپي جيترو ذخيرو موجود رهي ٿو . انهي ڪري ٽوهه جي پاڙ سائي رهندي آهي. چو ماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ ٿورا به آبي بخار گڏ ٿيندا آهن . ته انهي موسم ۾ پنهنجي روشني جي ترڪيبي عمل سان هن ۾ پن نڪرڻ ۽ ڦوٽهڙي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري هي سڀني ريگستاني ولين کان اڳ ۾ سائي ٿي پوندي آهي ۽ پنهنجي وڌڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيندي آهي .
    پر ٻئي طرف فضا ۾ آبي بخار برساتن وسڻ جيترا نه گڏ ٿيڻ جي صورت ۾ مينهن نه وسندو آهي . جنهن سبب ٿر جا ماڻهو ٽوهه جي ولين کي برساتن کان سواءِ وڌندو ڏسي اهو اندازو لڳائيندا آهن ته هن سال مينهن نه وسندو . سندن انهي اندازي جو سائنس سان ڪو به تعلق ناهي ، ڇو ته ٽوهه جي ول جي واڌ ويجهه جو تعلق سندس پنهنجي علحده ترڪيبي عمل جو نتيجو هوندي آهي . هوا ۾ ٿورا به آبي بخار موجود هوندا ته اهي هن ول جي اسرڻ ۾ مددگار ٿيندا ۽ هي ول پنهنجي مخصوص ترڪيبي عمل سان وڌندي ۽ ويجهندي آهي . پر برسات وسڻ جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۾ گڏ ٿيڻ ضروري هوندو آهي، فضا ۾ جيڪڏهن ٿورا آبي بخار گڏ ٿيل هوندا ته مينهن وسڻ جو مانڊاڻ نه ٺهندو . انهي ڪري ٽوهه جي ول جي سائي ٿيڻ لاءِ گهربل آبي بخارن ۽ مينهن جي وسڻ لاءِ آبي بخارن جي وچ ۾ مقدار جو فرق آهي . جنهن ڪري ٽوهه جي ول جي سائي ٿيڻ کي مينهن سان لاڳاپيل سمجهڻ سائنسي حقيقت ناهي . انهي ڪري جديد سائنس لوڪ ڏاهپ جي هن نتيجي کي درست نه ٿي سمجهي .

    (12) سڻ جو ٻوٽو: هي ٻوٽو ٿر۾ ٿيندڙ عام ٻوٽو آهي. هي ٻوٽو بنا برسات پوڻ جي ڪچا گئونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ گئونچ نه ڪڍي ۽ سڪل نظر اچي ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي .
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سڻ جو ٻوٽو وارياسن علائقن ،ريتيلي جابلو ماٿرين ۽ واري گاڏڙ مٽي جي ميداني علائقن جو ٻوٽو آهي . هي ٻوٽو به پنهنجي پاڙ ذريعي زمين جي پوسل مان پاڻي جي ضرورت پوري ڪندو آهي . هن ٻوٽي ۾ ننڍڙا ۽ ٿوري مقدار ۾نه هئڻ جيترا پن ٿيندا آهن . انهي ڪري هي ٻوٽو به پنهن جي پاڙن ۾ پاڻي ذخيرو ڪندوآهي ، ان ڪري سياري جي مند ۾ ۽ ان کان پوءِ جولاءِ جي پڇاڙي تائين هي سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پر سندس پاڙ سائي رهندي آهي . هن ٻوٽي جو ڪاٺيون به ڀڃڻ وقت اندران سايون ڏسڻ ۾ اينديون آهن . صرف ظاهري طرح سڪل نظر ايندو آهي. وري جڏهن چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار ڪجهه قدر وڌندو آهي ته ، هي گهم ۾زمين جي پوسل جي وڌڻ سبب پنهنجي واڌ جو عمل شروع ڪندو آهي . هي پنهنجون ڪاٺيون سايون ڪري مختصرننڍڙا پن ڪڍي ڦوٽهڙو ڪري پنهنجي ٽارين مان نوان گونچ ڪڍندو آهي. اهڙي ريت هي ٻوٽو پنهنجي واڌ ويجهه جو عمل شروع ڪندو رهندو آهي، سندس اهو عمل جولاءِ جي پڇاڙي کان شروع ٿي ويندو آهي. پر جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌيڪ هوندا آهن . گرمي ۽ آڙنگ ٿيندو آهي ، مينهن جو مانڊاڻ ۽ جهڙ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي ته ، هي حساس ٻوٽو انهي وڌيڪ گهم ، گهٽ ٻوسٽ ۽ آڙنگ جي گرمي سبب ، وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي . هي ٻوٽو پنهنجي دفاعي حالت ۾ اچي ويندو آهي ، ائين جيئن هي ٻوٽو سياري جي سردي ۾ دفاعي حالت ۾ اچي سوڪهڙي جو شڪار ٿيندو آهي. اهڙي ريت هي ٻوٽو جيڪو اڳ ۾ سوڪهڙي جو شڪار هوندو آهي مٿان گرمي جي شدت اچڻ سبب دفاعي حالت ۾ اچي . پنهنجي حاصل ڪيل طاقت اتي دفاع ۾ پاڻ کي بچائيندي خرچ ڪندو آهي . ان ڪري هو جولاءِ جي پڇاڙي ۾ ڦوٽهڙو نه ڪري سگهندو آهي . پوءِ برسات وسڻ بعد جڏهن کيس زمين جي پوسل مان ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ملند و آهي ته هي وڌيڪ طاقت ملڻ بعد آگسٽ ۾ ڦوٽهڙو ڪندو آهي . سندس انهي برساتي ڦوٽهڙي ۾ گونچن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي ، سندس واڌ جي رفتار به تيز هوندي آهي . ائين هي ٻوٽو پنهنجي پاڇاٽي ڦوٽهڙي جي کوٽ پوري ڪري وٺندو آهي .
    سڻ جي ٻوٽي جي انهي سائنس جي روشني ۾ ڪيل مطالعي بعدانهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ نتيجن جي لحاظ کان درست آهي .

    (13) موراڙيءَ جو ٻوٽو: هي ٻوٽو جيڪڏهن سياري جي پڇاڙي ۾ پچي گهڻو ٻج ڪري ۽ ٻج جو رنگ ڳاڙهو هجي ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي .
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، موراڙي جو ٻوٽوٿر جي ڪجهه علائقن ۾ ٿيندو آهي . هي ٻوٽو سرد علائقن ۾ پڻ ٿيندو آهي .پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙن علائقن ۾ گرمي جي مند ۾ گرمي به ٿئي. ٿر ۾ جيئن ته گرمي جي مند ۾ گرمي به وڌيڪ ٿيندي آهي ۽ سياري جي مند ۾ سيءَ به وڌيڪ ٿيندو آهي ، انهي لحاظ کان ٿر جو علائقو هن ٻوٽي جي واڌ ويجهه لاءِ موزون آهي. هن ٻوٽي جا ٻج سيپٽمبر مهيني کان ڦٽڻ شروع ڪندا آهن . سياري جي سيءَ ۾ هي ٻوٽو تيار ٿي ويندوآهي . هن ٻوٽي ۾ هي به خاصيت هوندي آهي ، ته جيڪڏهن هن ٻوٽي کي وڍيو ويو ته پوءِ هن ٻوٽي جي پکڙيل پاڙن مان ڪيترائي ٻيا ٻوٽا ڦٽي نڪرندا آهن . اهڙي خاصيت ٿر جي وڻن ۾ صرف روهيڙي جي وڻ ۾ آهي . هن ٻوٽي ۾ زهريلا ڪنڊا ٿيندا آهن . جنهن ڪري ماڻهو هن ٻوٽي کان پري رهندا آهن . هن ٻوٽي کي ٻارڻ يا ٻئي گهر جي استعمال ۾ به نه آڻيندا آهن . سياڻن ماڻهن هن ٻوٽي کان ماڻهن کي پري رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڊپ ڏياريندڙ ڳالهيون گهڙي ورتيون آهن . مثال طور ٿر جي ماڻهن جي دل ۾ ڊپ ويهاريو ويو آهي ، ته جيڪو به موراڙي جي ٻوٽي جون ڪاٺيون گهر ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪندو ، ان جو مال مري ويندو . جيڪا ڳالهه سائنسي حقيقت ناهي . هي ٻوٽو ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن . ڊسمبر کان جنوري تائين هي ٻوٽو ڇڳا ڪڍندو آهي جيڪي پچڻ شروع ڪندا آهن . سياري جي ختم ٿيڻ سان هن ول جي موسم به ختم ٿي ويندي آهي . جيئن ته موراڙي جي ول ۾ سردي برداشت ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ هوندي آهي ، انهي ڪري جنهن سال سياري ۾ سردي وڌيڪ هوندي آهي . انهي سال هن ۾ وڌيڪ ڦوٽهڙي جو عمل ٿيندو آهي. جنهن سبب هن ول ۾ ڇڳا به وڌيڪ ٿيندا آهن . نتيجي ۾ تمام گهڻو ٻج حاصل ٿيندو آهي. اهڙن ٻجن جو رنگ به ڳاڙهو ٿيندو آهي. پر جنهن سال سيءَ گهٽ ٿيندو اهي ، انهي سال سال موراڙي جي ٻوٽي ۾ ڦوٽهڙو به گهٽ ٿيندو آهي ۽ سنگ به گهٽ نڪرندا آهن . ٻج جو رنگ به ڪارو ٿي ويندو آهي.
    برساتن وسڻ جي قاعدن ۾ پڻ انهي ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته جنهن سال سياري ۾ سيءَ تمام گهڻا ٿيندا آهن . انهي سال گرمي جي موسم ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ انهي سال برساتون به وڌيڪ وسنديون آهن . ٿر جي ماڻهن جي مشاهدي ۾ پڻ انهي ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي . انهي مشاهدي جي بنياد تي ئي ٿر جا ماڻهو سياري ۾ گهڻي سيءَ جي نتيجي ۾ ٿيل موراڙي جي ٻج جي گهڻائي سان ڳنڍيندي مينهن جي وسڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن . جيئن هن اهڃاڻ ۾پڻ ائين ٻڌايل آهي. انهي ڪري ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ سچو سمجهي سگهجي ٿو .


    • جانور

    (1) اٺ : اٺ جيڪڏهن اوڀر طرف منهن ڪري ويهن ، بيهن ، اوڳر وٽين ۽ منجهند تائين جھنگ ۾ چرڻ به نه وڃن ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، اٺ پالتو جانورن ۾ قديم زماني کان هيلتائين ڪمائتو جانور رهندو پئي آيو آهي. علائقائي . موسمي ۽ آبهوا جي لحاظ کان هن جا به ڪجهه ڌار ڌار قسم آهن . ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ اٺن جا ٻه ٿوها به ٿيندا آهن . ٿر ۾ به ٻن قسمن جا اٺ موجود آهن . هڪڙو قسم لاڏائو ۽ بارگير اٺن جو آهي جنهن کي ڍاٽيءَ اٺ سڏين ٿا ، ٻيو قسم وري سواري وارن تيز رفتار اٺن جو آهي ، جن کي مهري اٺ چوندا آهن. اٺ جيئن ته کاڌو ۽ پاڻي پنهنجي جسم ۾ جمع ڪري رکندو آهي . انهي ڪري هي ڪجهه ڏينهن بغير پاڻي ۽ کاڌي جي به زندهه رهي ڪم به ڪري سگهندو آهي . انهي ڪري ٿر ۾ هن جانور جو وڏو قدر آهي . اٺ پنهنجي انهي خوبي سبب قديم زماني کان هيسيتائين ريگستاني علائقن جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو . هن کي خشڪي جو ٻيڙو پڻ سڏيو وڃي ٿو.
    اٺ بنيادي طور هڪ ميداني ۽ ريگستاني جانور آهي . هن جا پير تراکڙا آهن ، انهي ڪري جابلو علائقن ۾ هي ڪارگر ناهي ،
    اٺ هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هي هڪ ئي وقت پنهنجا سڀ حواس استعمال ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اٺ جسماني طور هڪ منفرد جانور آهي . جهڙي ريت هي پنهنجي جسم ۾ جياپي لاءِ خوراڪ جمع ڪري رکي ٿو ، تهڙي ريت هن جي جسم جو درجه حرارت به بدلجندو رهي ٿو. سائنسي تحقيق موجب پاڪستان ۾ اٺن جي جسم جو درجه حرارت صبح جو 6 وڳي 94 کان 98.6 درجا فيرنهائيٽ هوندو آهي ته ، وري شام جو 6 وڳي سندس جسم جو درجه حرارت 99 کان 101.7 درجا فيرنهائيٽ تائين هوندو آهي . جيڪا ڳالهه پڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي . انهي ڪري اٺ هر قسم جي موسمي حالتن ۾ جيئڻ جي سگهه رکندڙ جانور آهي.اٺ جا جنسي هارمون سردي جي مند ۾ وڌيڪ حرڪت ۾ اچي ويندا آهن . انهي ڪري سنڌ جا اٺ سياري جي موسم ۾ جنسي هارمون TESTOSTERONE جي حرڪت تيز ٿيڻ سبب مست به ٿي پوندا آهن . انهي مستي جي وقت هو انتهائي خطرناڪ بڻجي ويندا آهن . ساڳي موسم ۾ وري مادي اٺڻ جنهن کي ڏاچي سڏيو ويندو آهي . تنهن جا به جنسي هارمون متحرڪ ٿيندا آهن . انهي ڪري سياري ۾ اٺن جي لڳ ڪرڻ جي موسم به هوندي آهي .
    چوماسي جي موسم ۾ جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ، آڙنگ ۽ گرمي سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ ماحول ۾ پکڙي ويندي آهي ، انهي وقت اٺ به انهي ماحول جي تبديلي جي بنياد تي برسات جي اڳواٽ اچڻ کان باخبر ٿي ويندا آهن . هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ گرمي جي شدت سبب اٺ وڌيڪ بي حال ٿي ويندا آهن . آڙنگ جي گرمي سبب هو اڀرندي کان لڳندڙ هلڪي ٿڌڙي هير جي ڪري اوڀر طرف منهن ڪري ويهندا آهن . جنهن سان کين سڪون ملندو آهي . صبح جي وقت سندن جسم جو درجه حرارت ماحول ۾ موجود گرمي برداشت ڪرڻ جهڙو نه هوندو آهي ، انهي ڪري هو منجهند تائين جسماني درجه حرارت جي وڌڻ بعد اٿڻ ۽ جهنگ ۾ چرڻ جهڙا ٿيندا آهن . انهي ڪري اهڙي موسم ۾ هو صبح جي وقت سست هوندا آهن . سندن اهڙي حالت صرف آڙنگ جي گرمي وقت ٿيندي آهي . اٺن جي اهڙي غير معمولي حالت کي ٿر جا ماڻهو پنهنجي تجربي ۽ اڳئين مشاهدي سان ڀيٽيندي مينهن جي اچڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن . جنهن جو اظهار لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ به ڪيل آهي . جديد سائنس موجب اٺ بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به جديد سائنس جي روشني ۾ درست قرار ڏجي ٿو.
    ( 2 ) اٺ: اٺ جو هڏو ساڙڻ سان انهي مان نڪتل ڌپ جي ڪري پيئڻ بلا پري ڀڄيو وڃي . اٺ جي هڏي ساڙڻ سان نڪتل دونهين سبب فصلن مان بيماريون ختم ٿيو وڃن . فصلن ۾ ڦوٽهڙو ۽ گل ٻاٽيءَ به جام ٿئي. اٺ جو هڏو ساڙڻ سان برسات به وسي ٿي .
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، دونهين ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي . ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ هڪ زهريلي ۽ ساهوارن لاءِ هاڃيڪار گئس آهي . دونهين سبب فصلن کي لڳل جيت مري ويندا آهن . جنهن سبب فصلن ۾ واڌ شروع ٿيندي آهي ، انهي ڪري فصلن کي گندرف ، لوبان ۽ گگر جو دونهون به ڏنو ويندو آهي . اٺ جو هڏو ٿلهو ، مضبوط ۽ وزني هوندو آهي . انهي ڪري هو وڌيڪ دير تائين سڙندو ۽ دونهون ڏيندو رهندو آهي . اٺ جي هڏي سان گڏ هڏي ۾ رهجي ويل ڪئلشم ، فاسفورس . چرٻي ۽ مک جي رهجي ويل ذرڙن جي سڙڻ سان هڪ بوءَ به نڪرندي آهي . جنهن سبب پيئڻ بلا کان سواءِ فصلن کي لڳل جيت به ڀڄي ويندا آهن . اهڙي ريت فصل نقصان پهچائيندڙ جيتن کان آجو ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري فصل ۾ ڦوٽهڙي سبب واڌارو ٿيندو آهي ۽ فصل وڌيڪ پيداوار پڻ ڏيندو آهي . انهي ڪري اٺ جي هڏي جي دونهين ڏيڻ سان فصلن جي ڀلي ٿيڻ ۽ پيئڻ بلا جي ڀڄي وڃڻ واري ڳالهه جديد سائنس جي روشني ۾ درست آهي. باقي اٺ جي هڏي ساڙڻ سان برسات جي اچڻ واري ڳالهه بي بنياد ۽ غير حقيقي آهي . جنهن ڳالهه کي جديد سائنس جي روشني ۾ رد ڪجي ٿو .
    ( 3) ڍڳي: هي ٿر جو اهم مال آهي. ڍڳي جيڪڏهن اوڀر طرف منهن ڪري ويهي ، وري جلد اٿي پيشاب ڪري ٿورو اوڀر طرف هلي وري واپس اچي پيشاب کي سونگهي وري اوڀر طرف هلي ، ڪن لوڏي ڦڙڪائي ته اهو به برسات جو اهڃاڻ آهي.
    ( 4) ڍڳيون: ڍڳيون اوڀر طرف چرڻ ۽ پهرڻ جو رخ ڪن ، ويهن ته اوڀر طرف منهن ڪري ويهن ، ته اهو برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
    (5) ڍڳيون؛ ڍڳيون رات جو اوچتو ٽاه کائي ڊوڙي گهر وٿاڻ تي اچن ۽ اوڀر طرف منهن ڪن ته اهو به برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي ڍڳي متعلق هنن ٽنهي اهڃاڻن بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳيون يا ڍڳا انتهائي ڪارگر پالتو مال ۾ شمار ٿين ٿا . قديم زراعت کان وٺي جديد سماجي ضرورتن جي پورائي تائين هنن جو نهايت سٺو ڪردار رهيو آهي . ڍڳين ۽ ڍڳن کي ملائي ان کي ڳائو مال چيو ويندو آهي . ٿر جي ماڻهن جي جياپي ۾ پڻ ڳائي مال جو اهم حصو آهي . ان لاءِ ٿر جا ماڻهو ڍڳين کي ساهه وانگر سانڍيندا آهن . ڍڳي هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هي ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن جي شڪاري دور واري قديم جبلت جي بنياد تي گڏيل مزاحمتي سگهه پڻ رکندڙ آهي . اهوئي سبب آهي ، جو ٿر ۾ ڍڳين جا ڌڻ رات ڏينهن جهنگ ۾ پهريل نظر ايندا آهن . هي صرف ڏُهائِي جي وقت يا پاڻي پيئڻ جي وقت پابندي سان مقرر وقت تي گهر يا کوهن تي ايندا آهن . ان بعد وري جهنگ ۾ پهري ويندا آهن . جهنگ ۾ جيڪڏهن ڪو ساڻن خلاف معمول ڇيڙ ڇاڙ ڪندو آهي ، ته هو سڀ گڏجي مزاحمت ڪنديون آهن . اهوئي سبب آهي جو ڪو اوڦٽو ڌاريون ماڻهو يا ڪو چور سندن ڇيڙ ڇاڙ ڪندو آهي ته ، هي سڀ گڏجي انهي ماڻهو تي حملو ڪنديون آهن .جنهن ڪري ڪو به چور کين زوري ڪاهي نه سگهندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ڀاڳيا ڍڳين جي جهنگ ۾ پهرائڻ کان پوءِ بي کٽڪا ٿي ويندا آهن . ڍڳي جي جسم جي درجه حرارت جو درجو 100 کان 102 درجا فيرنهائيٽ تائين رهندو آهي . انهي ڪري هي ٿر جي گرمي واري ماحول ۾ به جيئڻ جي سگهه رکي ٿي . ڍڳي ڊپ جي ماحول ۾ پنهنجي دفاعي جبلت موجب ٽاهه کائيندي آهي ، انهي وقت هو مزاحمت لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي . هي گهڻي ڍئو ،خوشي ۽ جنسي هارمونن جي وڌڻ سبب به اوچتو ٽاهه کائي زمين تي پير هڻي ڪڏڪارا به ڪندي آهي . ڍڳي مشڪل ، خوشي يا ڌڻ کان وڇڙڻ جي وقت پنهنجي وٿاڻ ڏانهن ڊوڙي واپس ايندي آهي . يعني پنهنجي ڌڻين جي گهر ڏانهن موٽندي آهي . انهي مان انهي ڳالهه جو به ثبوت ملي ٿو ، سندس حافظو به تيز آهي . ڍڳي جي حافظي جو ثبوت انهي ڳالهه مان به ملي ٿو ته ، جڏهن ڪو ماڻهو هن کي تنگ ڪري بگاڙيندو آهي ته پوءِ هو انهي ماڻهو سان وير به رکندي آهي ، جڏهن به اهو ماڻهو ڏسندي ته بگڙي وڙهڻ ايندي . ڍڳي پنهنجي ڌنار يا چارڻ پيارڻ واري ماڻهو سان به پيار ڪندي آهي . جڏهن به انهي ماڻهو کي ڏسندي ته رنڀندي آهي . ڍڳي جي کل به ڏاڍي حساس آهي . خاص ڪري ڍڳي جا ڪن ۽ نڪ ته تمام گهڻو حساس هوندا آهن . هو پنهنجي ڪنن تي لڳندڙ هوا جي ڇهاءَ تي ڪن به ڦڙڪائيندي آهي . ڍڳي پنهنجي ڪنن تي ڌنار جو هٿ ڦيرڻ به برداشت نه ڪندي آهي.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن . آڙنگ جي گرمي اوزون جي گئسن جي بوءَ ماحول ۾ پکڙندي آهي ، ته انهي وقت هو ٻين جانورن جيان مينهن جي اچڻ کان به اڳواٽ باخبر ٿي ويندي آهي . آڙنگ جي وقت جڏهن ماحول ۾ گرمي جو درجه حرارت وڌي ويندو آهي . ته انهي گرمي ۾ هي پريشان ٿي چرڻ جي بجاءَ ڇانو ۾ ويهڻ کي پڻ پسند ڪندي آهي . پر گرمي سبب هو بي چيني مان ويهندي ۽ اٿندي رهندي آهي . انهي وقت هو پوسل واري جڳهه جي تلاش ۾ پيشاب واري پسيل جاءِ کي به سونگهيندي آهي ۽ وري بيچيني ۾ پري ٿيندي آهي . آڙنگ جي وقت اوڀر جي طرف کان بلڪل هلڪي ، سنهي ۽ ٿڌي هوا جا جهوٽا به پيا لڳندا رهندا آهن . جنهن سبب ڍڳي اوڀر طرف منهن ڪري ويهندي ، اٿندي ، ۽ هلندي آهي . انهي وقت هو منهن مٿي ڪري هوا جو رخ به پئي جانچيندي رهندي آهي . گهميل هوا جي ڇهاءَ تي ڪن به پئي ڦڙڪائيندي آهي . جڏهن برسات جو مانڊاڻ ٺهڻ سبب ڪارو ڪارونڀار وسڻ جا ويس ڪري ورندو آهي ، ته هي پنهنجي ڊپ واري حيواني جبلت سبب ڊوڙندي گهرن ڏانهن رواني ٿيندي آهي.
    لوڪ ڏاهپ جا مٿيان ٽيئي اهڃاڻ برسات جي آڙنگ ٺهڻ بعد ڍڳين جي جنهن چرپر جي نشاندهي ڪن ٿا . سي ڍڳي جي سائنسي مطالعي موجب درست ڏسڻ ۾ اچن ٿا . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي مٿين ٽنهي اهڃاڻن کي سائنس جي روشني ۾ ڍڳي جي فطري چرپر ۽ مينهن جي اچڻ سان لاڳاپيندي درست قرار ڏجي ٿو.
    ( 6) ڍڳيون: ڍڳيون جيڪڏهن هڪٻئي کي چٽين ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳي پنهنجي فطرت موجب ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانور آهي . هن ۾ شڪاري دور جي دفاعي جبلت طور هڪٻئي جي مشڪل ۾ مدد وارو جبلتي عنصر پڻ موجود هوندو آهي .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهٽتائي موجود هوندي آهي ، انهي وقت ٿر ۾ سخت گرم هوائون ۽ ساڙيندڙ لڪن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . انهن لڪن جي گرم هوا ۾ آبي بخارن جي عدم موجودگي سبب مٽي پڻ آڏامندي آهي. جنهن سبب ڍڳين جي نرم کل خشڪ ٿي ويندي آهي ، چمڙي خشڪ ٿيڻ جي حالت ۾ ڍڳيون پنهنجو پاڻ کي يا هڪٻئي کي چٽيندي نظر اينديون آهن . جيڪو عمل هو دفاعي جبلت طور هڪٻئي جي مشڪل ۾ مدد ڪرڻ واري جبلتي عنصر تحت ڪنديون آهن . جنهن سان سندن چمڙي جي خشڪ ٿيڻ واري تڪليف پڻ گهٽجي ويندي آهي . چوماسي جي مند ۾ جنهن سال هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ هوندي آهي . انهي سال گرم هوائن لڳڻ سبب برساتن وسڻ جا امڪان پڻ گهٽجي ويندا آهن . ٿر ۾ برساتن جي نه وسڻ سان ڏڪار اچي ويندو آهي . انهي ڪري جڏهن گرم ۽ خشڪ هوا لڳڻ وقت ڍڳيون پنهنجي چمڙي جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کي چٽينديون آهن ته ، ان کي ڏسي ٿر جا ماڻهو سمجهندا آهن ته هن سال هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ سبب برساتن وسڻ جي اميد گهٽ آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏڪار جي اهڃاڻن ۾ هن اهڃاڻ کي به شامل ڪيو ويو آهي . جديد سائنس جي روشني ۾ سائنسي سببن کي نظر ۾ رکندي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي ٿو . جنهن ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ درست مڃي سگهجي ٿو .
    (7) ڍڳيون ؛ ڍڳين جي پٺن ۽ ڪونهٽن تي مر ٿئئ ته اهو به مينهن اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳيون پنهنجي فطرت موجب پاڻمرادو پاڻي ۾ وهنجڻ پسند نه ڪنديون آهن . ٿر ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب ڀاڳيا پڻ ڍڳين کي نه وهنجاريندا آهن .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي . آڙنگ جي گرمي ۾ ڍڳين جي جسم مان پگهر پڻ نڪرندو آهي ، مٿان هوا جي آبي بخارن جي لڳڻ سان ڍڳين جي کل نرم ۽ آلي ٿي ويندي آهي . انهي ڪري اٿڻ يا ويهڻ وقت سندن ٽنگن تي ، ۽ هوا جي لڳڻ سبب ڪنڌ ۽ ڪونهٽن تي مٽي جي اڏامندڙ دز سبب گر چڙهندي رهندي آهي . جنهن لڳل گر کي ڏسي ٿر جا ڀاڳيا هوا ۾ وڌيل گهم ، گرمي ۽ اڏامندڙ مٽي جي دز سبب ڍڳين جي ڪنڌ ، ڪونهٽن ۽ ٽنگن تي مر ڏسي مينهن پوڻ جو اندازو لڳائيندا آهن . جنهن ڳالهه جا سائنسي سبب پڻ موجود آهن . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ جديد سائنس جي روشني ۾ درست مڃي سگهجي ٿو.
    (8) ٻڪريون: ٻڪريون جيڪڏهن اوچتو ٽاه کائي اٿن ۽ اوڀرطرف منهن ڪري ڏسن ۽ پنهنجي ويهڪ ڏينهن هجي يا رات اوڀر طرف وڌائي ڪن ۽ ويهنديون اٿنديون اوڀر طرف وڌن ته اهو به مينهن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.،
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻڪري هڪ نهايت ڪمائتو پالتو جانور آهي . ٿر جي ماڻهن لاءِ ٻڪريون اوچتي مشڪل وقت بئنڪ جي چيڪ جيتري اهميت رکن ٿيون ، جنهن کي جنهن مهل چاهيو ڪيش ڪرائي وٺو. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو ٻڪريون ڌارڻ کي اهميت ڏيندا آهن . ٻڪري جو شمارڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن ۾ ٿئي ٿو. ٻڪري سبزي خورهڪ اهڙو جانور آهي . جيڪو هرسائي شئي کايو وڃي ، ايتري قدر جو اڪ جهڙي زهريلي ٻوٽي جا پن به شوق سان کائي ۽ هضم ڪري ويندي آهي . هن جي جسم جو درجه حرارت 101.7 کان 105.3 درجه فيرنهائيٽ آهي . انهي ڪري ٿر جهڙي ريگستاني علائقي ۾ به هي جيئڻ جي سگهه رکي ٿي . ٻڪري هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هن ۾ هڪ ئي وقت ۾ سڀني حواسن کي استمال ڪرڻ جي صلاحيت پڻ آهي. هي طبيعت جي لحاظ کان گهٽ آرام ڪندڙ ۽ سرگرم جانور آهي .شڪاري دور جي حيواني جبلت طور هن ۾ خطري کي محسوس ڪندي اوچتو ٽاهه کائڻ واري جبلت پڻ موجود آهي. ڌڻ ۾ هلڻ وقت هنن ۾ نر ٻڪر يا ڪنهن پوڙهي ٻڪري جي پويان هلڻ جي به عادت هوندي آهي.
    چوماسي جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ، هوا جي دٻاءَ گهٽ ٿيڻ وقت ٿيندڙ آڙنگ جي نتيجي ۾ جڏهن اوزون جي گئسن جي بوءَ فضا ۾ پکڙندي آهي ته ، ٻين جانورن جيان هن کي به سندس تيز حواسن سبب برسات جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي آهي.اهڙي وقت جيڪي هوائون لڳنديون آهن ، انهن ۾ اولهه جي هوا گرم ۽ اوڀر جي هوا ٿڌڙي هير جيان لڳندي آهي . جنهن سبب هي اڪثر اوڀر جي ٿڌڙي هوا کي پسند ڪري انهي طرف پنهنجي ، چرڻ ، هلڻ ۽ ويهڻ جو رخ ڪنديون آهن . جنهن سان کين فرحت ايندي آهي . جڏهن مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ شروع ڪندو آهي. انهي وقت ماحول ۾ تيز ۽ٿڌي هوا به لڳندي آهي ، جنهن سبب آسمان ۾ گڏ ٿيل ڪڪر وڌيڪ گهرا ٿي ويندا آهن . انهي وقت ماحول جي تبديلي ڪري هي پنهنجي حيواني جبلت موجب ٽاهه کائي تيزي سان گهرن ڏانهن روانيون ٿينديون آهن . ٻڪرين جي انهي غير معمولي حرڪتن سبب ٿر جا ماڻهو مينهن جي اچڻ جي پڪ سمجهندا آهن ، انهي ڪري ٻڪرين جي اهڙي چرپر کي مينهن اچڻ ۽ سڪار جي اهڃاڻ طور لوڪ ڏاهپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهي سموري بحث کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ ٿر جي ماڻهن جي گهري مشاهدي مان گذري لوڪ ڏاهپ ۾ شامل ٿيو آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي کي تسليم ڪرڻو پوي ٿو.
    (9) ٻڪريون: ٻڪريون جيڪڏهن اولهه طرف منهن ڪري اڀرندي کي پٺيريون ٿي ويهن ته اهي ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، ٻڪرين ۾ سندن جسماني درجه حرارت موجب ، انسان کان وڌيڪ گرمي برداشت ڪرڻ جي سگهه موجود آهي ، پر ٿر ۾ واري جي تپڻ سان گرمي جي شدت برداشت کان مٿي ٿيو وڃي . انهي ڪري جڏهن چوماسي جي مند دوران هوا ۾ آبي بخار گهٽ موجود هوندا آهن . ته انهي سال گرمي جي شدت وڌي ويندي آهي . اهڙي وقت ۾ ڏکڻ ۽ اولهه جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن . جيڪي صبح ۽ شام جي وقت ٿڌيون محسوس ٿينديون آهن ، انهي ڪري ٻڪريون انهن وقتن تي اولهه طرف منهن ڪري هلنديون ، چرنديون ۽ ويهنديون آهن . پر منجهند جي وقت ۾ اهي اهڙي قسم جي گرم هوا جي گرمي کان بچڻ لاءِ ڇانوَ وارن هنڌن تي به اولهه طرف منهن ڪري ويهنديون آهن . ڇاڪاڻ ته اهڙي آبي بخارن کان خالي خشڪ هوائن واري موسم دوران ٿر ۾ اوڀر طرف جي هوا نه لڳندي آهي . انهي ڪري ٻڪريون اوڀر طرف منهن ڪري نه ويهنديون آهن . هوا ۾ آبي بخارن جي عدم موجودگي سبب مينهن جو مانڊاڻ به نه ٺهندو آهي . ۽ مينهن نه وسڻ ڪري ٿر ۾ ڏڪار ٿي ويندو آهي . ٿر جا ماڻهو انهي ڳالهه کي ٻڪرين جي اولهه طرف منهن ڪري ويهڻ واري ڳالهه سان ڳنڍيندي ڏڪار جي اڳواٽ پيشنگوئي ڪندا آهن . جيڪا ڳالهه سائنسي سببن جي روشني ۾ درست آهي.
    (10) رڍون: رڍون جيڪڏهن اوڀر طرف کان لڳندڙ هوا کي پٺيريون ٿي ويهن، ته اهو برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، رڍ هڪ سست طبيعت ۽ ڊڄڻو پالتو جانور آهي. رڍن ۾ سونگهڻ ، چکڻ ۽ ڇهڻ جا حواس وڌيڪ تيز هوندا آهن. هنن جو گهڻو توجهه صرف پنهنجي چرڻ طرف هوندو آهي . هي اڻهوند واري جاءِ تي به ٻوٽن جون پاڙون به ڳولي کائي وينديون آهن . انهي ڪري هنن کي چرڻ لاءِ گهڻي ڊڪ ڊوڙ به نه ڪرڻي پوندي آهي .رڍ جو جسماني درجه حرارت 101 کان 103.8 درجا فيرنهائيٽ هوندو آهي . انهي ڪري ٿر جي گرمي به برداشت ڪرڻ جي منجهس سگهه موجود هوندي آهي. البت سندس جسم جي گرم ان سبب ٿر جي موتمار گرمي ۾ هن جي قوت برداشت به ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيئي ويندي آهي . انهي وقت رڍن جي چرٻي به ڳرڻ شروع ٿي ويندي آهي ، جنهن سبب هي اڀريون به ٿي وينديون آهن ، بعضي گهڻي گرمي ۾ مري به وينديون آهن .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي ، آڙنگ جي گهٽ ٻوسٽ سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ جڏهن ماحول ۾ پکڙندي آهي ، جنهن کي محسوس ڪندي رڍن کي به مينهن جي اچڻ جي اڳواٽ پروڙ پئجي ويندي آهي . اهڙي ماحول جي شديد گرمي ۾ رڍن جي ان به آبي بخارن سبب وڌيڪ گرم ٿي ويندي آهي ، انهي ڪري رڍون انهي آڙنگ جي وقت لڳندڙ هلڪي اوڀر جي هوا کي پٺيريون ٿي ويهنديون آهن . جيئن سندن ان جي گرمي جي شدت گهٽجي . ائين ڪرڻ سان کين آرام به ملي ويندو آهي . انهي ڪري رڍون آڙنگ جي شديد گرمي ۽ آبي بخارن سبب ان جي وڌيل گرمي به گهٽائينديون آهن . اهو سڀ عمل هو پنهنجي دفاعي حيواني جبلت جي نتيجي ۾ ڪنديون آهن.
    چوماسي جي مند ۾ مينهن کان اڳ پيدا ٿيل ماحول ۽ رڍن جي دفاعي حيواني جبلت طور پنهنجي ان جي گرمي جي شدت گهٽائڻ لاءِ هوا کي پٺيرو ٿي ويهڻ ۽ ان کان پوءِ مينهن جي مانڊاڻ ٺهڻ بعد برسات جو وسڻ ، سڀ هڪٻئي سان لاڳاپيل عمل آهن . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به ڪنهن حد تائين درست مڃي سگهجي ٿو .
    (11) گڏه: گڏهه جيڪڏهن واري ۾ ليٽي۽ ڌوڙ اُڏائي ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، گڏهه هڪ سخت جان ۽ ڪمائتو جانور آهي . ٿر جتي ريگستاني علائقي هئڻ ڪري سوارين جي اڻاٺ آهي اتي هي ويجهي پنڌ جي بار برداري لاءِ ۽ ماڻهن لاءِ سستي ۽ هرجڳهه تي پهچڻ واري سواري پڻ آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو گڏهه شوق سان ڌاريندا آهن. گڏهه بنيادي طور طبيعت جي لحاظ کان آرام پسند جانور آهي . هي کائڻ کان پوءِ آرام ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي. هن جانور کي ننڊ ڪرڻ جي عادت پڻ آهي. انهي ڪري ڪم تي جوٽڻ وقت هن کي سجاڳ ڪرڻو پوندو آهي . ڪم جي شروعات وقت هي گوهي پڻ ڪندو آهي . انهي ڪري سندس مالڪ کي کيس رستي تي چاڙهڻ لاءِ هڪلڻو پوي ٿو. ڪم جي شروعات ٿيڻ کان پوءِ هي ڏاڍو سخت جان ۽ نه ٿڪندڙ جانور آهي . البت کيس ڪم جي دوران به ننڊ اچي ويندي آهي ، جنهن لاءِ سوار کي هروقت کيس هڪلڻ لاءِ هوشيار رهڻو پوندو آهي. گڏهه پاڻي کان ڊڄندو آهي ، انهي ڪري پاڻي جي اندر وڏي مشڪل سان لهندو آهي . انهي ڪري مٽي ۾ وهنجڻ ۽ مٽيءَ ليٽاڙيون پائي ڌوڙ اڏائڻ سندس عادت ۾ شامل آهي. جيڪو اصل ۾ سندس وهنجڻ جو عمل هوندو آهي . هي اڪثر ڪم تان لهندي پگهر سڪائڻ ۽ کاڌي کائڻ بعد ، ۽ جنسي عمل بعد مٽي ۾ ليٽندو آهي . جيڪا ڳالهه سندس معمول جي عادتن ۾ شمار ٿيندي آهي. گڏهه ۾ جنسي هارمون پڻ وڌيڪ هوندا آهن ، انهي ڪري نر ۽ مادي گڏهه هڪ جاءِ تي آرام سان نه رهي سگهندا آهن . جنسي هارمونن جي شدت وقت ٻه نر به پاڻ ۾ وڙهندا آهن.
    چوماسي جي موسم ۾ جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ، ۽ آڙنگ جي گرمي سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ پڻ وڌندي آهي ، انهي وقت گڏهه پڻ انهي تبديلي کي محسوس ڪندا آهن . چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي. ته ان جو اثر گڏهه جي چمڙي تي پڻ پوندو آهي ، جنهنڪري گڏهه وهنجڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي ، معمول کان وڌيڪ ڀيرا مٽي ۾ليٽندا آهن ۽ ڌوڙ اڏائيندا آهن. هوا ۾ آبي بخارن جي مقدار وڌڻ سبب هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ وقت مينهن جو مانڊاڻ ٺهندو آهي ۽ مينهن وسڻ سبب ٿر ۾ سڪارٿي ويندو آهي . انهي ڪري گڏهن جي انهي غيرمعمولي چرپر کي ٿر جا ماڻهو برسات جي اچڻ سان لاڳاپيندي مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن. جديد سائنس جي روشني ۾گڏهه جي طبيعت ۽ عادتن کي ۽ برسات کان اڳ جي ماحول کي نظر ۾ رکندي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق پڻ ٿئي ٿي.
    (12) سانڊو: سانڊو پنهنجا ٺاهيل ٻر ڍڪي وڻن تي رهڻ شروع ڪري، ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سانڊي جا به مختلف علائقائي ، موسمي ، ۽ مختلف آبهوائن ۾ رهندڙ ڪجهه ڌار ڌار قسم آهن . ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ سانڊو ، خشڪ ۽ ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ سانڊو آهي ، ريگستاني سانڊو زمين ۾ ٻرن اندر رهندو آهي. قدرتي طور سانڊي جي چمڙي انتهائي حساس هوندي آهي ، جنهن ذريعي هو آسپاس جي ماحول ۽ ان ۾موجود خطرن کان آگاهه رهندو آهي ، هو بروقت چمڙي ۾ هڪ مخصوص ڪيميائي عمل ذريعي پنهنجو رنگ ۾ تبديل ڪري سگهندو آهي. اهو عمل هو خطري وقت دفاعي حالت ۾ ڪندو آهي . دفاعي لحاظ کان هي زمين تي ريڙهيون پائي هلندڙ جانورن ۾ وڌيڪ حساس آهي . ڇو ته هن ۾ وڙهڻ يا جسماني طرح وڙهي پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ آهي . ان ڪري هي دفاع طور ڪيميائي عمل ذريعي کل جو رنگ بدلائي دشمنن کان محفوظ رهي سگهي ٿو. سانڊي ۾سونگهڻ جو حواس به وڌيڪ هوندو آهي . ان کان علاوه هو پنهنجي ڪنڌ واري حصي تي موجوده ڪنڊن ذريعي به هوائن جا رخ معلوم ڪري سگهندو آهي .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن فضا۾ اوزون جي تهه مان اٿيل گئسن جي بوءَ پوري ماحول ۾ پکڙبي آهي . جنهن جو وڌيڪ اثر زمين تي ٿيندو آهي . جنهن کي محسوس ڪندي هن کي برسات جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پوندي آهي. انهي حالت کي محسوس ڪندي هي دفاعي طور پنهنجي ٻرن جا منهن بند ڪري ، مٿانهين جاين ۽ وڻن تي هليو ويندو آهي . جتي هو عارضي رهائش اختيار ڪندو آهي . ٿر ۾ سانڊو صرف برسات جي خطري کي محسوس ڪندي وڻن تي رهائش اختيار ڪندو آهي . نه ته عام حالتن ۾ هو وڻن تي گهٽ رهندو آهي . سندس مستقل پناهه گاهون صرف زمين ۾ کوٽيل سندس ٻر ئي هوندا آهن. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو جڏهن سانڊن کي وڻن تي رهائش اختيار ڪندي ڏسندا آهن ، تڏهن هنن کي خبر پوندي آهي ته مينهن اچڻ وارو آهي. انهي ڪري ئي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ عام ٿيو . جديد سائنس جي روشني ۾ ، برسات کان اڳ ۾ سانڊن جي حفاظتي ضرورتن کي محسوس ڪندي وڻن تي رهڻ واري عمل کي لاڳاپيندي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏيئي سگهجي ٿو .
    (13) نانگ،بلائون: جيڪڏهن نانگ بلائون ، ٻرن مان نڪري، وڻن تي ويهن . خاص ڪري لنڊي بلا (ٻانڊوري)به وڻن تي چڙهي ۽ اتي رهي، ته اهو برسات جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، نانگن ، بلائن جا به ڪيترائي قسم آهن . جن مان ٿر ۾ صرف جابلو ۽ ريگستاني نانگ رهن ٿا . اهي نانگ بلائون ڏينهن جي گرمي وقت پنهنجي زميني ٻرن ۾ رهندا آهن ، ۽ رات جو نڪري ٻاهر واري تي گهمندا ڦرندا ۽ شڪار ڪندا آهن . ٿر جي بلائن ۾ لنڊيءَ بلا ، جنهن کي ٿر جا ماڻهو ٻانڊوريءَ بلا به سڏيندا آهن . سا گرمي جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻر ۾ هوندي آهي ، ۽ رات جو ٻاهر ٿڌي واري تي ويهي آسيس به وٺندي آهي ۽ ڪوئن جو شڪار به ڪندي آهي.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هڪ طرف برسات جي آڙنگ سبب گرمي وڌي ويندي آهي ۽ زمين به تپي گرم ٿي ويندي آهي . ٻي طرف انهي آڙنگ جي وقت فضا جي اوزون جي تهه مان نڪرندڙ گئسن جي بوءَ به پکڙندي آهي ، ته انهي بوءَ کي محسوس ڪندي ، زمين تي رهندڙ نانگن بلائن کي به مينهن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجي زميني ٻرن مان نڪري حفاظتي ضرورتن کي محسوس ڪندي ، مٿانهين جاين ۽ وڻن تي چڙهي ۽ اتي عارضي رهائش اختيار ڪندا آهن . لنڊي بلا جيڪا هميشه زمين تي رهندي آهي . عام حالتن ۾ هو وڻن تي نه چڙهندي آهي . سا به وڻن تي چڙهي ٽارين تي پنهنجي رهائش اختيار ڪندي آهي .
    برسات جي وسڻ کان اڳ ۾ نانگن ۽ بلائن جي مٿي وڻن تي رهائش اختيار ڪندي ڏسي ، ٿر جا ماڻهو مينهن جي اچڻ کان اڳواٽ باخبر ٿي ويندا آهن . جنهن بنياد تي ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هن اهڃاڻ جو اضافو ٿيو . نانگن ، ۽ بلائن جي وڻن تي رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ ترت مينهن جي وسڻ واري عمل کي ڏسندي ، جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جي شاهدي ملي ٿي . جنهن بنياد تي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏجي ٿو .
    (14) نانگ : جيڪڏهن هاري ٻني۾ڪم ڪندي ،پنهنجي ساڄي پاسي نانگ ڏسي، ته اهو ٻني تي مينهن وسڻ جو ۽ ٻني ڀلي ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي.
    ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سڌو سنئون ڪو سا.ئنسي جواز موجود ناهي . هن اهڃاڻ جو تعلق سڌو سنئون انساني نفسياتي عقيدت سان آهي . ساڄي پاسي نانگ کي ڏسڻ بابت ٻني تي مينهن وسڻ واري ڳالهه سائنسي لحاظ کان بي بنياد آهي . اها صرف انساني خيالن ۽ عقيدت جي بنياد تي چيل ڳالهه آهي .
    باقي نانگ جي موجودگي ۾ ٻني جو ڀلو ٿيڻ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري ڳالهه جوسبب موجود آهي.
    نانگن ۽ بلائن جي موجودگي ۾ ٻني وڌيڪ پيداوار ڏيئي سگهي ٿي . ان جو سبب هي آهي ته ، ٿر جي علائقي ۾ تمام گهڻا ڪوئا موجود هوندا آهن . جيڪي وسڪاري ٿيڻ بعد ٿيندڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندا آهن . نانگ جيئن ته ڪوئا کائيندا آهن ، انهي ڪري ٻنيءَ ۾ نانگن ۽ بلائن جي موجودگي سبب ٻني ڏانهن ايندڙ ڪوئا نانگن ۽ بلائن جو کاڄ بڻجيو وڃن . انهي ڪري ٻني ڪوئن جي نقصان کان بچيو وڃي . جنهن سبب ڪوئن جي نقصان کان بچڻ ڪري ٻني جي پيداوار به وڌيڪ لهي سگهي ٿي . انهي لحاظ کان نانگن ۽بلائن جي موجودگي ٻني جي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ جي ضمانت هوندي آهي . اهو ئي سبب آهي جو ٿري سماج ۾ هروڀرو نانگ مارڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ۽ ٿري سماج ۾ نانگ سان عقيدت وارا رجحان به موجود آهن . جنهن ڪري ئي ٿر جا ماڻهو نانگ کي فقير سمجهندا آهن . هو نانگن کي مارڻ بجاءِ خود پنهنجو رستو تبديل ڪري ويندا آهن . ڇو ته نانگ سندن فصلن جا محافظ هوندا آهن . انهي ڪري جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني ۾ ڪم ڪندي ڪو نانگ ڏسندو آهي ته ، هو انهي کي پنهنجي سڀاڳ جي نشاني سمجهندو آهي . انهي عقيدت جي بنياد تي ئي هي اهڃاڻ ٿر ۾ اعتبار جي لائق تسليم ڪيو ويندوآهي .
    (15) نور: هاري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ نور هلندي ڦرندي ڏٺو ، ته ٻني ۾ مينهن نه وسندو، جيڪڏهن مينهن وٺو ته به اها ٻني گهٽ پيداوار ڏيندي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته . سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جو ڪو به سبب موجود ناهي . انهي ڪري سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پنهن جي سچائي بابت ڪو به سڌو سنئون جواز نه ٿو رکي .
    باقي نور جي ٻني ۾ موجودگي سان ٻني جي گهٽ پيداوار لهڻ جو اڻ سڌو سبب موجود آهي. ڇاڪاڻ ته نور نانگن ۽ بلائن جو دشمن آهي. هو نانگن ۽ بلائن کي ماري ڇڏيندو آهي. انهي ڪري ٻني ۾ نانگن جي مرڻ سان ڪوئن جي نقصان ۾ اضافو ٿيڻ ڪري ٻني ۾ پوکيل فصل جي پيداوار گهٽ لهندي . ڇوته فصل کي ڪوئا کائي ويندا . انهي ڪري ئي ٻني ۾ ڪنهن نور جي موجودگي کي ٻني ۾ ڪم ڪندڙ ٿر جو هاري سٺو نه سمجهندو آهي ، ۽ ٿري سماج ۾ نور جي ٻني ۾ موجودگي کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي . انهي بنياد تي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي اعتبار لائق سمجهيو ويندو آهي.
    (16) چندن ڳوه: چندن ڳوهه تي اڪثر کنوڻ ڪرندي آهي . ان ڪري چندن ڳوهون جنهن به علائقي ۾ وڌيڪ هونديون ، اتي برسات ۾ کنوڻيون ڪرنديون رهنديون جنهنڪري انهي علائقي ۾ سدائين ڏڪار رهندو.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، کنوڻ جي زمين تي ڪرڻ جو عمل ڪڪرن ۾ موجود برقي لهرن جي واڌو ڪاٽو چارجن جي ڪري ٿيندو آهي . انهي عمل ٿِيڻ پٺيان چندن ڳوهن تي کنوڻين جي ڪرڻ واري ڳالهه ڳنڍڻ بلڪل غير سائنسي ۽ بي بنياد آهي . جنهن ڳالهه جو سائنسي حقيقتن سان ذري جيترو به تعلق ناهي . انهي ڪري هي ڳالهه بلڪل من گهڙت ۽ بي بنياد آهي .
    اصل ۾ ٿرجا ڪي ماڻهوچندن ڳوهه جو شڪار ڪندا آهن . جيئن ته ٿر جو سماج فطرت دوست سماج آهي .جتي ڪنهن به ساهه واري کي مارڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي. ٿر جي ڪافي علائقن ۾ راڄوڻي طرح وڻ وڍڻ ۽ هر قسم جو شڪار ڪرڻ تي پابندي وڌل آهي ، انهي ڪري ٿر ۾ چندن ڳوهه جي شڪارين طرفان هي من گهڙت ڳالهه هلائي پنهنجي شڪار جي شوق جي پورائي لاءِ راهه هموار ڪئي ويئي آهي . ته جيئن ماڻهو سندن چندن ڳوهه جي شڪار ڪرڻ واري عمل کي برو نه سمجهن. پر چندن ڳوهه جي شڪار ڪرڻ وقت سندن مدد ڪرڻ سان گڏ سندن انهي شڪار ڪرڻ واري عمل کي سٺو به سمجهن. انهي ڪري هن اهڃاڻ کي ٿر جي لوڪ ڏاهپ سان ڳنڍڻ پويان پڻ انهن ئي مفاد پرست شڪارين جو هٿ آهي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جو ٿر جي لوڪ ڏاهپ سان ڪو به تعلق ناهي هي اهڃاڻ بلڪل من گهڙت بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي .
    (17) گدڙ: گدڙ جيڪڏهن ڏينهن جو اوناڙيون ڪري ، ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
    لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، گدڙ هڪ نهايت چالاڪ ، پر ڊڄڻو جانور آهي . انهي ڪري هي ڏينهن جو گهڻو ڪري لڪل رهندو آهي . گدڙ هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هن ۾ هڪئي وقت پنهنجا سڀ حواس استعمال ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هي گهڻو ڪري زمين تي رهندڙ پکين ۽ ننڍن جانورن جو شڪار ڪندو آهي . سندس رهائش گهاٽن جهنگن ، جابلو غارن ۽ زمين ۾ کوٽيل کڏن جنهن کي عام ٻولي ۾“ گُر ” سڏيو ويندو آهي . ۾ هوندي آهي . هن ۾ تڪليف وقت اوناڙيون ڪرڻ جي پڻ عادت هوندي آهي . گهڻو ڪري گرمي جي مند ۾ مڇرن جي چڪ لڳڻ وقت يا سياري ۾ گهڻو سيءَ لڳڻ وقت هي رات جو اوناڙيون ڪندو رهندو آهي . هي پورو ڏينهن گم يا ڪٿي آرام ۾ هوندو آهي . ڏينهن جي وقت هي تمام گهڻو سست به هوندو آهي . پر رات جي وقت هي شڪار لاءِ نڪرندو آهي .
    چوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ هوندي آهي، ته گرم هوا لڳڻ سبب هن جي چمڙي ۾ خشڪي ٿي ويندي آهي . ماحول جي گرم لڪن ۾ هي اڃ لڳڻ ۽ جلد پاڻي نه ملڻ سبب مرڻ به لڳندو آهي . اهو وقت گدڙن لاءِ نهايت تڪليف وارو هوندو آهي . انهي ڪري هو پنهنجي حيواني جبلت سبب ڏينهن جو به اوناڙيون ڪندا آهن . گدڙن جي ڏينهن جو اوناڙ ڪرڻ جو سبب ، هوا ۾ آبي بخارن جي ٿورائي سبب ، پيدا ٿيل سندن چمڙي جي خشڪي جي تڪليف هوندو آهي. جڏهن چوماسي جي مند ۾ آبي بخارن جي ٿورائي هوندي آهي تڏهن ٿر ۾ برسات پوڻ جا امڪان به گهٽجي ويندا آهن . انهي ڪري گدڙن جي ڏينهن جو اوناڙ ڪرڻ کي اڻ سڌي طرح ڏڪار سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ درست مڃي سگهجي ٿو.
    (18) ڪتو : ڪتا جيڪڏهن اڌ رات جو اوناڙيون ڪن ، ته اهو سخت ڏڪار، زلزلي يا ڪنهن قدرتي آفت جو اهڃاڻ آهي .
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته . ڪتو هڪ هوشيار ۽ کليل حواسن وارو جانور آهي .انهي ڪري هي انتهائي خبردار ۽ جلد ردعمل ظاهر ڪندڙ جانور پڻ آهي . هي تمام گهڻو بهادر ۽ خونخوار جانور آهي . هن ۾ حملي ڪرڻ جي سگهه به وڌيڪ آهي . تاريخ جي آڳاٽي دور کان هي انسانن کي ويجهو رهندي . انساني سماج ۾ رهڻ ڪري سندس وحشت به گهٽجي ويئي آهي . هن وقت هن جو شمار انسان سان وفادار جانورن ۾ ٿئي ٿو. کليل حواسن جي خصلت سبب انسان ڪتن کان جاسوسي ۽ خبررساني جا ڪم به وٺڻ لڳو آهي . جنهن ڪري هن وقت هن جي انساني.سماج ۾ هڪ وڏي اهميت آهي . ٿر ۾ جيئن ته چراگاهي سماج آهي ، انهي ڪري ٿر ۾ مال جي سنڀال ۽ گهرن جي چوڪيداري جو ڪم ڪتن کان ئي ورتو ويندو آهي . انهي ڪري ٿر جي مالوند مارو ماڻهن وٽ ڪتي جو وڏو قدر آهي . ڪتي جو جسماني درجه حرارت 100.5 کان 102 درجا فيرنهائيٽ تائين آهي . انهي ڪري هي ٿر جي شديد گرمي به برداشت ڪيو وڃي .ڪتو پنهنجي تيز حواسن سبب آسپاس جي ماحول کان باخبر رهڻ کان علاوه ايندڙ خطرن کي به اڳواٽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي پنهنجي حيواني جبلت تحت خطري کي محسوس ڪندي ، اڪيلائي کي محسوس ڪندي ، يا تڪليف جي وقت اوناڙيون ڪندو آهي .
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي ته ، تيز ۽ گرم هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن . چوماسي ۾ اهڙي تيز هوا ڏڪار جو اهڃاڻ هوندي آهي . جيئن سنڌي ۾ هڪ چوڻي عام اهي ته :
    مُـند کري ته ، جــهَڪ ڪــري ،
    زمــين کــري ته ، اَڪ ڪــري ،
    مــرد کـــري ته ، بَــڪ ڪـري .
    اهڙي آبي بخارن کان خالي تيز هوا ۾ ڪتن جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ، جنهن ڪري کين تڪليف ٿيندي آهي . اهڙي تيز هوا جي شور ۾ ڪتن جا حواس به گهٽ ڪم ڪندا آهن . ۽ جنهن سان انهن ۾ اڪيلائي جو احساس پيدا ٿيندو آهي ۽ اعصابي تبديلي سبب منجهن خطري جو احساس پڻ پيدا ٿي ويندو آهي . انهن سڀني ڳالهين سبب هو پنهنجي حيواني جبلت سبب زور سان اوناڙيون ڪندا آهن . جيڪا ڳالهه منجهن فطري طور موجود آهي .
    انهي لحاظ کان چوماسي جي مند ۾ تيز هوا جو لڳڻ ، مند کرڻ جو ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ هوندو آهي . انهي خطري کي محسوس ڪندي ڪتن جون اوناڙيون ڪرڻ کي لاڳاپيندي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ هڪ سائنسي حقيقت آهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست چئي سگهجي ٿو .
    (19) ڏيڏر: ڏيڏر برسات وسڻ بعد ته هزارن جي تعداد ۾ زمين مان نڪري ٻوليندا آهن . پر جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ ڪٿي ڪٿي ڏيڏر ڏينهن جو هلڪي مٺي ٻولي ڪن ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
    ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڏيڏر هن زمين تي موجود انهن ساهوارن مان هڪ آهي . جيڪي خشڪي ۽ پاڻي ۾ هڪ ئي وقت جيئڻ جي صلاحيت رکن ٿا . ڏيڏر جي نسلي واڌ ويجهه پاڻي ۾ ٿئي ٿي ، پر هي خشڪ ريگستانن ۾ به ڏٺو ويو آهي . ٿر جيئن ته انهن ريگستانن مان هڪ آهي ، جتي چوماسي جي مند جي وسڪاري جو پاڻي تلائن ، ٽوڀن ۽ تراين ۾ ڪجهه مهينا موجود رهي ٿو. انهي ڪري ٿر جو علائقو سندن نسلي واڌ ويجهه لاءِ موزون آهي . انهي ڪري وسڪاري جي مند ۾ هزارين ڏيڏر ٻاهر نڪري ٻولڻ شروع ڪندا آهن. تلائن ، ٽوڀن ۽ تراين جو پاڻي جڏهن سڪي ويندو آهي ، ته هي انهن تلائن جي تر ۾ ڦاٽل زمين ، ڦوڙن ، سيرن ۽ ڏرڙن ۾ اندر پوسل وارين جڳهين تي وڃي رهڻ شروع ڪندا آهن ، ڏيڏرن جي خوراڪ جيئن ته آلي مٽي ۽ پاڻي جا سنها جيت هوندا آهن . انهي ڪري هي سوڪهڙي وارو وقت انهن ٻرن جي مٽيءَ تي گذران ڪندي گذاريندا ۽ زنده رهندا آهن. ڏيڏرن جي چمڙي انتهائي نرم ۽ حساس هوندي آهي . هن چمڙي ۾ پاڻياٺ جمع ڪرڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي ، جنهن سبب ڏيڏرن جي چمڙي سدائين آلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . انهي پاڻي جمع ڪرڻ سبب پاڻي ۾ موجود ڏيڏر ٿلها ڏسڻ ۾ ايندا آهن ، پوءِ جيئن جيئن سندن چمڙي جو پاڻي خشڪ ٿيندو ويندو آهي ، تيئن ڏيڏر به جسماني لحاظ کان سنها ٿيندا ويندا آهن. کوهن جا ڏيڏر پنهنجي جسم جي کل ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندي گهٽ پاڻي جمع ڪندا آهن ، انهي ڪري گهٽ ٿلها نظر ايندا آهن. ڏيڏر ڦڦڙن مان ساهه کڻندا آهن . انهي ڪري هي هوا لاءِ پنهنجي ٻرن جا منهن به کليل رکندا آهن . پر ساهه کڻڻ ۾ هي آڪسيجن جو گهٽ استعمال ڪن ٿا. انهي ڪري ٿوري هوا ۾ به زنده رهي سگهن ٿا . ڏيڏر نانگن ، بلائن ، گوشت خور پکين ، ۽ ڪجهه جانورن جي به پسنديده خوراڪ آهن . انهي ڪري هنن جو وڏو تعداد شڪاري جانورن ۽ پکين جو کاڄ ٿيو وڃي. ڏيڏرن ۾ جنسي هارمونن جو تعداد سندن جسماني بناوت جي لحاظ کان وڌيڪ هوندو آهي . انهي ڪري سندن نسلي واڌ ويجهه جو عمل به ٻين سڀني جانورن کان وڌيڪ هوندو آهي . اهوئي سبب آهي جو هي لکين سالن کان هن ڌرتي تي پنهنجو وجود سلامت رکيو اچن.
    چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي ، تڏهن هي پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا آهن . آڙنگ سبب فضا ۾ پکڙيل اوزون جي گئسن جي بوءَ کي محسوس ڪندي هنن کي برسات جي اچڻ جي اڳواٽ خبر به پوندي آهي . انهي وقت سندن جنسي هارمون وڌيڪ تيزي سان گردش ڪندا آهن ۽ هي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ڏينهن جو به برسات جو ٺهيل مانڊاڻ ڏسي هلڪيون ٻوليون ڪندا آهن. ان بعد مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ جڏهن وسڻ شروع ڪندو آهي ته ڏيڏر سڀ کان پهريائين پنهنجي کل ۾ پاڻي جمع ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ مڪمل سگهه وٺي زور سان ٻولڻ شروع ڪندا آهن. چوماسي جي مند ۾ مينهن جي آمد جي احساس سان جڏهن ڏيڏر ڏينهن جو پنهنجي ڪمزوري سبب هلڪي ٻولي ڪندا آهن ته ، ٿر جا ماڻهو سندن انهي ٻولي کي مينهن جي آمد جو اعلان سمجهي ٻڌي خوش ٿيندا آهن . انهي ڪري ئي لوڪ ڏاهپ جي برسات جي اڳڪٿين ۾ ڏيڏرن جي ڏينهن واري غيرمعمولي ٻولڻ کي به شامل ڪيو ويو آهي . جيڪواهڃاڻ سائنس جي روشني ۾ به سڇو ثابت ٿئي ٿو . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به درست تسليم ڪجي ٿو .


    • برسات لاءِ مينهن نماز

    ٿر جي جياپي جو سمورو دارومدار برسات تي آهي . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو برسات جي انتظار ڪرڻ سان گڏ ، هميشه الله تعاليٰ کان برسات جون دعائون گهرندا رهندا آهن . انهي سلسلي ۾ سڀئي مسلمان گڏجي بنا ڪنهن فرقي جي تضاد جي مينهن نماز پڙهندا آهن . جيڪا گهڻو ڪري ڪنهن قبرستان ۾ ڪنهن ترائي ۾ يا ڪنهن خالي ميدان تي جماعت سان ادا ڪئي ويندي آهي ۽ الله سائين کي ٻاڏائي برسات وسائڻ جي دعا گهري ويندي آهي . هي نماز گهڻو ڪري چوماسي جي مند ۾ ادا ڪئي ويندي آهي .جيئن الله سائين راضي ٿي مندائتا مينهن وسائي ۽ ساڻيهه ۾ سڪار اچي . نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ خيرات جي مٺي ماني پڻ کارائي ويندي آهي . ان کان علاوه ٿر جا مسلمان عيد نماز وقت برسات ۽ سڪار لاءِ دعائون گهرندا رهندا آهن . سندن هر دعا ۾ مهر جا مينهن وسائڻ لاءِ التجائون شامل هونديون آهن .


    • برسات لاءِ سوڻ ۽ ساٺ

    ڪارڙو ڪمهارڙو يا آکو پايو جي رسم

    چوماسو شروع ٿيڻ سان ٿري ٻارڙا صبح جو سوير اٿي ڪپڙي جي جهولي ٺاهي ، هر گهر جي دروازي تي اچي گڏجي فقيرن جيان صدا هڻندا آهن ته ، “ ڪارڙو ڪمهارڙو ، ان پاڻي ڏيو ته ، مولا مينهڙو وسائي “ يا وري ڪٿي صدا هڻندا آهن ته “ اکو پايو ، گهر گهر ٺولايو ، مينهن وسايو . اها صدا ٻڌي گهر ڌياڻيون ٻارڙن جي جهولي ۾ ان ، ڏارو ، ڳڙ ، کنڊ ، گيهه ، کير يا سڪل ڏٿ ، جيڪا به شئي گهر ۾ موجود هوندي سا اچي دان طور ڏينديون ،. سڄي ڳوٺ کان دان وٺڻ بعد اهي ٻارڙا گڏجي ترائي تي ايندا ۽ اتي ڪجهه ٻار اهو مليل دان ديڳڙي ۾ وجهي پڇائيندا آهن ۽ باقي ٻار ترائي کي صاف ڪندا آهن . صفائي جي ان ڪم ۾ ٻارن سان گڏ وڏا به هوندا آهن جن ۾ ڳوٺ جو اڳواڻ به خوشيءَ سان شامل ٿيندو آهي.ان بعد سڀ ٻار گڏجي انهي ترائي ۾ وهنجڻ جو سانگ به رچائيندا آهن. ڪي ٻار ترائي ۾ سمهندا به آهن. آخر ۾ رڌل ڀت کائي گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن . ماڻهن جو عقيدو آهي ته موليٰ سائين معصوم ٻارن جي دعا ضرور ٻڌندو ۽ مينهن وسائيندو . اهڙي قسم جي رسم آکاٽي جي ڏينهن يا چوماسي جي مند جي شروعات ۾ بار بار ڪئي ويندي آهي .


    • ڏياري جو ڏڻ

    هي هندو ڌرم جو خاص ڏينهن آهي ڏياري جو ڏڻ سنبت وڪرمي سال جي اسوءَ مهيني جي 27 تاريخ ملهايو ويندو آهي پر ان جي شروعات اسوءَ مهيني جي 25 تاريخ کان ٿيندي آهي. هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ شري رامچندر جي بنواس ڀوڳي واپس موٽي اچڻ جي خوشي ۾ ملهايو ويندو آهي . هن ڏينهن تي لڪشمي ماتا جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي آهي ، ڏينهن جو ورت رکي رات جو ورت ( روزو ) کولبو آهي . گهرن جي صفائي ڪبي آهي . هن ڏڻ جا ٽيئي ڏينهن رات جو ڏيئا ٻاري روشني ڪئي ويندي آهي ۽ آتشبازي پڻ ڪئي ويندي آهي .
    ٿر جا هندو هن ڏينهن تي به برسات اچڻ جا آثار پيا ڏسندا آهن . انهي مان ٿر جي ماڻهن جي برسات اچڻ جي اوسيئڙي جي شدت جو پتو پوي ٿو . ڏياري جي ٻي ڏينهن ٻڙهه راجا جي ڏينهن صبح جو ماڪ پوي ، ته سڪار جي سال جو اهڃاڻ آهي.پر جيڪڏهن ڏياري جا ٽيئي ڏينهن ماڪ وسي ، ته اهو سال سڪار ۽ خوشحالي جو سال شمار ڪيو ويندو. پر جيڪڏهن ڏياري جي ٽن ڏينهن دوران ماڪ نه پئي ته اهو سندن نظر ۾ ڏڪار جي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع آهي . ڏياري جي ٽن ڏينهن دوران به برسات وسڻ ۽ ايندڙ سال جي سڪار لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن . هي ڏڻ صرف هندو ڌرم جا ماڻهو ملهائيندا آهن .


    • اکڻ ٽيج يا آکاٽيءَ جو ڏڻ

    سنبت وڪرمي سال جي ويساک ( مئي ) مهيني جي پهرين تاريخ تي اکڻ ٽيج يا آکاٽي جو ڏينهن به ٿر جا هاري ملهائيندا آهن . هندو ڌرم جي مذهبي عقيدي موجب هي ڏينهن پاڻي جي دان ڪرڻ جو ڏينهن هوندو آهي . انهي ڏينهن تي هر هندو پنهنجي سرنديءَ آهر پاڻي ۽ شربت ٺاهي ماڻهن کي پياريندو آهي . مٺي رٻ يا کيرڻي به کارائي ويندي آهي .پاڻي جون دليون ڀري انهن جي مٿان برهمڻن کي پهچايون وينديون آهن .
    هي ڏينهن ٿرجي هارين لاءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي. هن ڏينهن تي هاري صبح جو سوير اٿي پنهنجي ٻنين مان مٽي کڻي ايندا آهن، پوءِ سڀ هاري ڳوٺ جي ويجهو ڪنهن ترائي ۾ گڏ ٿيندا آهن .ان مٽي کي ڳوهي ان مان 5 پياليون هڪ جيڏيون چئوماسي جي پنجن مهينن يعني ڄيٺ، آکاڙ، سانوڻ، بڊو، اسوءَ ،جي نالن سان ٺاهي ، نمبر وار رکي انهن ۾ پاڻي ڀريندا آهن. پوءِ جيڪا پيالي اڳ ۾ ٽٽي ،انهي مهيني کان برسات وسڻ شروع ٿيندي. جيڪڏهن پيالي جلد ڳري وئي ته برسات اڳاٽي وسندي ، پر جيڪڏهن پيالي دير سان ڳري ته برسات پاڇاٽي سمجهي ويندي. آکاٽيءَ جي ڏينهن صبح جو ماڪ پوڻ به سڪار جو اهڃاڻ آَهي . انهي ڏينهن تي هاري ترائي تي مختلف جڳهين تي مٺاڻ ۽ اناج جا داڻا ڪجهه فاصلي تي پکيڙي ڇڏيندا آهن . پوءِ ماڪوڙيون جنهن طرف داڻا کڻي روانيون ٿيون، ان طرف مينهن وسندا ۽ سڪار ٿيندو. انهي ڏينهن اتي ترائي تي گڏ ٿيل مرد پنهنجي گهرن مان آندل شيون ، ڳڙ ، اناج ، ڏٿ ، گيهه ، کير ، وغيره سڀ ملائي ديڳ ۾ رڌي گڏجي کائيندا آهن .
    انهي ڏينهن تي علم جوتش جا پنڊت وري ٽپڻو ۽ جنتري ڏسي برسات بابت اڳڪٿيون ڪندا آهن جنهن موجب ،آکاٽيءَ جو ڏينهن جيڪڏهن ڪارتڪ نکٽ ۾ اچي ته برسات هلڪي وسندي ، جي روهڻ نکٽ ۾ اچي ته وسڪارو ڀلو ٿيندو. جي مگسر نکٽ ۾ اچي ته ڏڪار ٿيندو ۽ مينهن گهٽ وسندا. هن ڏينهن جي سوڻن جي نتيجن تي ڀروسو ڪيو ويندو آهي .
    ٻئي طرف آکاٽي جي ڏينهن تي ڳوٺ جون عورتون به اچي ڪنهن ترائي تي گڏ ٿينديون آهن ، اتي ترائي جي صفائي ڪري پاڻي جون ڪُونڊيون ۽ ٿانوَ ڀري رکنديون آهن. جيڪڏهن جهرڪيون اچي انهن ڪُونڊين ۾ وهنتيون ته سڪار جو اهڃاڻ سمجھيو ويندو.انهي کان علاوه عورتون ان جا داڻا ، پاڻي ماني جي ڀور ۽ مٺاڻ به مختلف جاين تي پکيڙي ماڪوڙين ، جيتن ، ۽ پکين لاءِ دان ڪنديون آهن ۽ پوءِ انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ مان پيون برسات جي رخن بابت انومان ڪڍنديون آهن . عورتون پنهنجي گهرن مان آندل کاڌي جو شيون هڪ وڏي ديڳ يا ديڳڙي ۾ وجهي رڌي پڻ کائينديون آهن . ڳوٺ جا ٻار پڻ ساڻن انهن سڀني رسمن ۾ شامل هوندا آهن . اهڙي ريت سڀ ماڻهو آکاٽي جي ڏينهن تي برسات کي راضي ڪرڻ ۽ انهي جي اچڻ نه اچڻ بابت پيا انومان ڪڍندا آهن .


    • هوليءَ جو ڏڻ

    هي ڏڻ به هندو ڌرم وارن لاءِ اهم ڏينهن آهي. سنبت وڪرمي سال جي ڦڳڻ مهيني ۾ ٿيندو آهي. دنيا ۾ هن ڏڻ کي هڪٻئي تي رنگ هاري ملهايو ويندو آهي . ڀڄن ڀاو، ڪيرتن ، ستوئيون ڪيون وينديون آهن . خوشبوءَ پکيڙي ويندي آهي . باهه جا مچ ٻاري هونڪار راڪشش کي جلايو ويندو آهي . پر ٿر جا هندو هولي جي ڏڻ کي رنگن سان گڏ پنهنجي اميدن کي تازو ڪرڻ لاءِ پڻ ڪجهه سوڻ ساٺ ڪندا آهن . هن ڏينهن تي عورتون ۽ مرد گهرن کان ٻاهر ميدان تي ٻه ڊگهيون ڪاٺيون کوڙي انهن جي وچ ۾ ڪچري ۽ ڇيڻن جون ٻه دونهيون دکائيندا آهن. پوءِ انهن دونهين جي مٿان پاڻي ڇٽڪاريندا ويندا . پوءِ جنهن طرف کتل ڪاٺين لاڙو کاڌو يا ڪري پيون، ته ان طرف مينهن وسندو. جيڪڏهن دونهون اوڀر طرف ويو ، ته سڪار جي اولهه طرف ويو ته ڏڪار ٿيندو. هولي جي ڏينهن واهوندو يعنيٰ اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ جي هوا لڳي ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي.


    • ٿڌڙيءَ جو ڏڻ

    هي ڏڻ به هندو ڌرم جو مشهور ڏڻ آهي . هي ڏڻ شري ڪرشن جي جنم ڏينهن طور سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ (آگسٽ) مهيني ۾ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي سڄو ڏينهن ورت رکي رات جو نه کولبو آهي وري ٻئي ڏينهن کائبو آهي . انهي دوران بک لڳڻ تي کير پيئڻ جي اجازت آهي . انهي دوران وقت ڪٿا ڪيرتن ۾ گذاريو ويندو آهي .
    هولي جي رسمن ادا ڪرڻ وقت به ٿر جي سماج ۾ برسات بابت دعائون گهريون وينديون آهن . هن ڏينهن تي جي ڪٿي به برسات وٺي ته ٿر جا ماڻهو انهي کي سڪار جو اهڃاڻ سمجهن ٿا . پر جي ڪٿي به برسات نه وٺي ته اهو سال ڏڪار جو سمجهيو ويندو آهي .
    ان کان علاوه ٿر جا هندو پنهنجن ٻين ڌرمي تهوارن جي پوڄائن ۾ به پوڄا پاٺ ڪرڻ وقت برسات جي وسڻ جون دعائون پيا گهرندا آهن . ڇو ته برسات ئي ٿر جي زندگي ۾ رنگ ڀرڻ جو واحد ذريعو آهي . انهي لاءِ شاه صاحب انهي ڳالهه جي منظر نگاري ڪندي فرمائي ٿو ته :
    سارنگ کي سارين ، ماڻهو مرگهه ، مينهون،
    آرون ، ابـــر آســري ، تــاڙا ، تـــنـــواريـــــن،
    سپون جي سمونڊ جون ، نئين سج نهارين ،
    پــلــر پــارين، اٺـــو آب اگوندرو . ( شاهه) .


    • ڏڪارجي وصف

    ڏڪار لفظ جي معنيٰ آهي . کوٽ ، قلت ، اڻهوند ، يا ختم ٿي وڃڻ . ڪابه شئي جنهن جا پيداواري ذريعا ختم ٿي وڃن . انهي شئي جي ضرورت موجب رسد ناممڪن ٿي وڃي . يا اها شئي اڻلڀ ٿي وڃي ، ته چئبو ته انهي شئي جو ڏڪار ٿي ويو آهي . ماحولياتي ، موسمياتي سائنس موجب ، ڏڪار هڪ اهڙي حالت جي عرصي کي چيو ويندو آهي . جنهن ۾ ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ، يا پاڻي جا ذريعا ختم ٿي وڃن . دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو بند ٿي يا گهٽجي وڃي . برسات جي وسڻ جو سلسلو به ڪن موسمياتي سببن ڪري وسڻ بند ٿي وڃي ، يا وسڪارو مقرر مقدار يا معيار موجب نه ٿئي . زمين ۾ اوڀڙ نه اڀڙي ، ساوڪ ختم ٿي وڃي . زرعي پيداوار گهٽجي وڃي . وڻ سڪڻ شروع ٿي وڃن ، زير زمين پاڻي جي سطح گهٽجي وڃي . زرعي زمين ۾ پاڻياٺ يا پوسل جو مقدار گهٽجي وڃي. يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انهي عرصي دوران ان علائقي ۾ مڪمل خشڪ سالي ٿي وڃي ته ، اهڙين حالتن کي ڏڪار جون حالتون يا ڏڪار چئبو آهي .هر علائقي ۾ ڏڪار جا سبب به مختلف هوندا آهن . هر علائقي ۾ ڏڪار جون ڪيفيتون ، حالتون ، ۽ قسم به ڌار ڌار هوندا آهن .اهڙي ريت ڏڪار گهٽ مدي وارا به ٿيندا آهن ۽ ڊگهي مدت وارا به ٿيندا آهن . انهي ڪري انهن جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به گهٽ مدي واري رٿابندي يا ڊگهي مدت جون رٿابنديون به حالتن موجب الڳ الڳ ٿينديون آهن .


    • ڏڪار جا قسم

    ماحولياتي ، موسمياتي سائنس ۽ پاڪستان جي ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين ويب سائيٽن موجب ، ڏڪارجا چار قسم ٿيندا آهن .
    1. موسمياتي ڏڪار 2. آبي ڏڪار . 3. زرعي ڏڪار . 4. سماجي ۽ معاشي ڏڪار .
    موسمياتي ڏڪار : ڪنهن به علائقي ۾ برسات جي مند دوران مينهن نه وسي ، جنهن سبب تل ۽ ترايون سڪي وڃن . آبي ذخيرا ختم ٿي وڃن . برسات نه وسڻ سبب دريائن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي . زير زمين پاڻي جو مقدار گهٽجي وڃي . هوائن جي لڳڻ سبب زيرزمين پاڻي جي کوهن جي پاڻي جي مقدار ۽ معيار ۾ فرق اچي وڃي . گرم هوائون ۽ مٽي جا طوفان هلڻ لڳن . هوائن ۾ گهم جو مقدار گهٽجي وڃي . سج باهه جا الا وسا.ئڻ لڳي . يا وري ٻي حالت ۾ سخت سردي جي لهر اچي وڃي ، آبي ذخيرا ڄمي وڃن . هرطرف ماحول برف ٿي وڃي. سموري ساوڪ سردي سبب سوڪهڙي جو شڪار ٿي وڃي . کاڌ خوراڪ ملڻ مشڪل ٿي وڃي زندگي جو جياپو مشڪل ٿي وڃي ته اهڙي صورتحال کي موسمياتي ڏڪار ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ڏڪار وارن علائقن ۾ هي صورتحال ڪڏهن عارضي ته ڪڏهن ڊگهي مدت تائين رهندي آهي . وري موسمن جي تبديلي سان سڪار اچي ويندو آهي ۽ زندگي ٻيهر پنهنجن سمورن رنگن سان ساهه کڻڻ شروع ڪندي آهي .
    آبي ڏڪار : هن قسم جي ڏڪار جو واسطو آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي کوٽ سان وابسته هوندو آهي . جنهن کي ٻين لفظن ۾ خشڪ سالي به چئبو آهي . پاڻي جو هئڻ زندگي جي جياپي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي . انهي ڪري ئي چوندا آهن ته “ پاڻي زندگي آهي ”. پاڻي جي کوٽ يا نه هئڻ سبب زندگي جا سمورا رنگ اجڙي ويندا آهن . زندگي جي سموري حرارت جي سگهه پاڻي جي ميلاپ سان ئي قائم ۽ دائم رهندي آهي . جيڪڏهن پاڻي نه هجي ته هي ڌرتي به چنڊ جيان ويران گرهه بڻجي وڃي. هي حالت به ڪنهن مخصوص علائقي ۾ هوندي آهي ، هن جو مدو به ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وري ڪن حالتن سبب ڪجهه سالن تائين رهندو آهي . ان بعد وري برساتن يا آبي ذخيرن جي بحالي سان حالتون تبديل ٿي وينديون آهن ۽ سڪار اچي ويندو آهي .
    زرعي ڏڪار : هن ڏڪار جو تعلق وري زرعي فصلن جي نه ٿيڻ يا ڪن سببن جي ڪري گهربل پيداوار نه ڏيڻ سان هوندو آهي .زرعي ڏڪار جي پيدا ٿيڻ جو سبب به پاڻي جي کوٽ ، هوا ۾ گهم جو گهٽجي وڃڻ ، ماحول ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون لڳڻ ، سردي سبب برف جو نه پگهرجڻ ، دريائن ۾ پاڻي جي اچڻ جا رستا بند ٿي وڃڻ ، برسات جو پوکي جي مند تي ضرورت موجب نه وسڻ ۽ ماحولياتي ڦيرڦار ڪري موسمن جو تبديل ٿيڻ ۽ زمين ۾ پوسل ۽ ٻين زرخيز جزن جي کوٽ ٿيڻ ئي هوندو آهي . هن حالت ۾ زرعي پيداوار نه ٿيڻ سان جانورن انسانن يا ٻين ساهوارن کي خوراڪ نه ملڻ سبب هڪ طرف سندن طاقت ۽ پورهيي جي قوت گهٽجي ويندي آهي ته ٻئي طرف سندن واڌ ويجهه وارو عمل به رڪجي يا گهٽجي ويندو آهي ، ته ٽئين طرف ڪمزوري ڪري منجهن بيمارين جي مقابلي ڪرڻ جي قوت مدافعت به نه رهندي آهي ، جنهن سبب موت جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائڻ شروع ڪندو آهي . هي خوني ڏڪار هوندو آهي . هن ڏڪار ۾ سماج پنهنجي برداشت ۽ سهپ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي . اهڙي قسم جا ڏڪار جي ڊگهو عرصو هليا ته پوءِ ماڻهن ۾ لڏپلاڻ ٿي ويندي آهي .
    سماجي ۽ معاشي ڏڪار : هن ڏڪار جو بنيادي ڪارڻ پڻ پاڻي جي کوٽ، يا قدرتي وسيلن جو گهٽجي وڃڻ يا آبادي جو دٻاءَ هوندو آهي . سماجي ۽ معاشي ڏڪار ، قدرتي آفتن سبب پيداواري قدرتي جي وسيلن جي نظام جي برباد ٿيڻ ، جنگين ، سماجي ٽڪرائن يا ڇڪتاڻ، سامراجي ڦرلٽ ۽ وسيلن جي غلط استعمال سبب ايندا آهن يا حڪومت جون غلط اقتصادي پاليسيون ۽ قدرتي وسيلن جي اجائي استعمال سان به هي ڏڪار پيدا ٿي پوندا آهن . هن قسم جي حالتن ۾ سماجي قدرن جو پڻ ڏڪار ٿي پوندو آهي . سماجي ۽ معاشي ڏڪار ماڻهن جي اخلاقي قدرن ، ۽ معيار زندگي جي گهٽ وڌائي جو سبب پڻ بڻبا آهن .هن قسم جي ڏڪار ۾ ورتل علائقن ۾ بدامني ، گروهه بندي ، جهڙيون سماجي بيماريون پڻ پيدا ٿينديون آهن . جن جو سڌو سنئون تعلق اقتصادي مارڪيٽن تي ٿيندو آهي . ڇو ته اقتصادي سائنس موجب طلب ۽ رسد جو تناسب ٽٽڻ سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي قوت خريد کي متاثر ڪندي آهي. ۽ ڏڪار واري علائقي ۾ سمورو سماجي توازن ٽٽي ويندو آهي . هي ڏڪار قومن جي سماجي ارتقا کي بيهاري سماجي نفسيات ۾ جمود پسند لاڙا پيدا ڪندو آهي . جنهن سان قومن جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو آهي . هن قسم جا ڏڪار ڊگهي مدت تائين هلندا آهن .


    • چئو ماسي جي اصل حقيقت

    چئوماسو (( MONSOON عربي ٻولي جو لفظ آهي . جيڪو اصل موسم لفظ مان نڪتل آهي . چو ماسي بابت سنڌ جي ماحول ۽ سائنسي موضوعن تي گهري نظر رکندڙ پروفيسر غلام حسين سومري جو خيال آهي ته : “ عرب موسمياتي ماهرن عربي سمنڊ مان اٿندڙ هوائن کي موسمن سان لاڳاپيندي انهن کي مون سون جو نالو ڏنو هو . جيڪو اڳتي هلي انگريزي ٻولي ۾ به مون سون سڏيو وڃي ٿو. هي عربي سمنڊ مان اٿندڙ هوائون عرب ملڪن ۾ اونهاري جا ڇهه مهينا يعني اپريل کان سيپٽمبر تائين لاڳيتو ڏکڻ طرف کان لڳنديون رهيون آهن . پر سنڌ ۾ اهي هوائون اونهاري جا چار مهينا يعني جون ، جولاءِ ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لڳن ٿيون . انهي ڪري سنڌي ٻولي ۾ انهن هوائن کي چوماسو سڏيو وڃي ٿو . ڇو ته اونهاري جي موسم واري چئوماسي دوران اتر اولهه ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ وڏي ايراضي مٿان هوا جو گهٽ دٻاءَ ( LOW PRESURE ) قائم ٿئي ٿو. ڏاکڻين علائقن ۾ وري گهڻي دٻاءَ ( HIGH PRESURE ) جو خطو قائم ٿيڻ ڪري ڏکڻ اولهه طرف کان تيز هوائون لڳڻ شروع ٿين ٿيون . انهن اولهه کان ڏکڻ وارين تيز هوائن کي تجارتي هوائون ( TRADE WINDS) به چيو ويندو آهي . جن هوائن کي سنڌ ۾ واهوندي جون هوائون به سڏيو ويندو آهي . جيڪي ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿن ٿيون . اهي هوائون گرم ۽ گهميل هونديون آهن . هنن گهميل هوائن جي شروعات اپريل کان ٿيندي آهي ، پوءِ اهي وڌنديون ۽ گهٽبيون رهن ٿيون پر اهي هوائون سيپٽمبر تائين لڳنديون رهنديون آهن . ۽ اهي هوائون پاڻ ساڻ ججهي مقدار ۾ ڪڪر کڻي اينديون آهن . پاڪ و هند جي انهن ايراضين ۾ جتي اتر اوڀر رخ وارا جبل موجود آهن ، اهي ڪڪرن سان ڀرپور هوائون انهن سان ٽڪرائجي گهڻو مينهن وسائينديون آهن . مثالطور : ممبئي جا اولانهان گهاٽ ، اتر اولهه ڀارت ، اتر اوڀر پاڪستان ، ميانمار ، بنگلاديش ، اڀرندو هماليه ، آسام جون ٽڪريون ، ميگهاليه ، گنگا ۽ اراوڌي ندين جو ڊيلٽائي علائقو وغيره . انهن هوائن جي دائري ۾ ايندو آهي .
    انهي مٿئين صورتحال جي نتيجي ۾ هن موسم جي خاص تصوير هن طرح نروار ٿئي ٿي ته تيز رفتار هوائون ، لڳي هندي سمنڊ جي ويرن کي مستي ۾ آڻين ٿيون ، آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي وڃي ٿو ، لاڳيتي بوندا باري ۽ مينهن جي وسڻ سان عارضي طور ذڪر ڪيل انهن علائقن ۾ سرد موسم جهڙا حالات پيدا ٿين ٿا . جنهن سان ڏکڻ اولهه چئوماسو هڪ خاص قسم جي موسم ٺاهي ٿو ، تقريبن ساڳي جڳهه تي هر سال ساڳي تاريخ تي مينهن وسڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو . مثال طور ننڍي کنڊ ۾ ڪيرالا ۾ 1 جون تي برسات وسي ٿي ، ممبئي ۾20 جون تي وسڪارو ٿئي ٿو، دهلي ۽ لاهور ۾ 30 جون تي برسات يا ڳڙا وسن ٿا ، ساڳئي سلسلي جي ڦيري موجب سنڌ ۾ 9 جولاءِ تي ڪٿي نه ڪٿي برسات جي شروعات ٿي ويندي آهي سنڌ ۾ انهي چئوماسي واري سانوڻي جي برسات جو عرصو صرف 15 ڏينهن تي مشتمل آهي .جيڪو 9 جولاءِ کان 23 جولاءِ تائين ڳڻيو وڃي ٿو . اڄڪلهه آبهوا ۽ موسم جي تبديلي (CLIMATE CHANGE ) جي اثرن سبب برسات جو عرصو ۽ وقت به متاثر ٿيو آهي . سياري واري چئوماسي ( آڪٽوبر کان مارچ ) دوران اتر اوڀر کان لڳندڙ هوائون آسٽريليا ، ڏکڻ اوڀر ايشيا ، ڏکڻ ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ مينهن وسائين ٿيون .”
    انهن برساتن جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ به سنبت وڪرمي سال ما نگهه يعني فبروري ۾ برساتون وسن ٿيون جن کي مانگهه جون رُوهِيُون سڏيو ويندو آهي ” چوماسي جي مٿئين موسمياتي حقيقت موجب سنڌ ۾ گرمي واري چوماسي جي موسم فقط 15 ڏينهن هوندي آهي . پر سنڌ جيئن ته عربي سمنڊ کي ويجهي آهي ، انهي ڪري گرمي جي موسم ۾ عربي سمنڊ مان اٿندڙ آبي بخارن سبب سنڌ ۾ اڪثر مينهن جو مانڊاڻ پورا چار مهينا يعني جون ، جولاءِ ، آگسٽ ، سيپٽمبر تائين موجود رهي ٿو ، پر سنڌ ۾ ڪڪرن کي روڪيندڙ اتانهان جبل موجود نه هئڻ ڪري اهي ڪڪر صرف هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب وسڻ جو ويس ڪن ٿا . سنڌ ۾ جيڪڏهن ممبئي جي “ اولانهان گهاٽ ” جهڙا وڏا جبل موجود هجن ته ، هتي به سٺي برسات وسي سگهي ٿي . انهي ڪري ٿر ۾ به برساتن جو سمورو دارومدار هوائن جي رخن ۽ هوا جي گهٽ دٻاءَ جو محتاج هوندو آهي . انهي ڪري ئي ٿري ماڻهن جون اکيون آسمان ۾ مينهن جي مانڊاڻ کي ائين تلاش ڪنديون آهن ، جيئن ڪوسالن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل عاشق پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺل هجي .


    • ٿر جو سماج ۽ ڏڪار

    انهي مٿئين سموري ٿر جي تعارف ۽ ڏڪارن جي وصف ۽ انهن جي قسمن ۽ برسات جي چوماسي جي سموري احوال کان پوءِ هاڻي اچو ته ڏسون ته ٿر ۾ ڏڪارن جي صورتحال جي ڪهڙي شڪل آهي ۽ ٿر جا ماروءَ ماڻهو پنهنجي وڏڙن جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن مان اڳواٽ خبر ملڻ بعد ڪهڙي ريت ڏڪار جو مقابلو ڪندي جيئڻ جو نئون گس ڳولي ڪڍن ٿا ، ٿر ۾ اڪثر ڪري آبي ۽ موسمياتي ڏڪار ايندا رهندا آهن ڇو ته ٿر جي سموري جياپي جو دارو مدار برسات تي آهي . انهي لاءِ ٿر جي ماڻهن جون اکيون آسمان ۾ هونديون آهن . ٿر جي سموري لوڪ ڏاهپ جي دائري ۾ برسات جي اچڻ جو انتظار ، ڏڪار جي دربدري سبب وڇوڙي جو درد ، وري مينهن وسڻ بعد سرهاين جون اميدون ، سڄڻن جي ملڻ جواوسيئڙو۽ انتظار اچي وڃي ٿو . ٿر جا ماروءَ ماڻهو مينهن جي اچڻ ۽ نه اچڻ بابت آسمان ، سج ، چنڊ ، تارن ، نکٽن ، هوائن ، وڻن ، ٻوٽن ، جيتن ، جانورن ، پکين ، عيدن ، تهوارن ۽ گهر۾ موجود هر شئي ۾ به پيا برسات جي اچڻ يا نه اچڻ جا اهڃاڻ ۽ آثار ڳوليندا آهن. ٿر جا ماڻهو مينهن جي موسم کي پرچائڻ لاءِ سوڻ ساٺ به ڪندا رهندا آهن .اهي سوڻ ساٺ ۽ برسات جا اهڃاڻ ڏسڻ ، ٿري سماج جي لکين سالن جي تجربن جو نچوڙ آهي ، ۽ اها صدين جي توريل تڪيل سائنس آهي . انهي ڪري اهي آثار ۽ اهڃاڻ سچا به ثابت ٿيندا آيا آهن .
    ٿر ۾ ڏڪار ايندا رهندا آهن. هتي ڪڏهن ٽي ساله ڪڏهن ٻه ساله ۽ ڪڏهن هڪ ساله ڏڪار ايندا رهيا آهن .جنهن به سال برسات نه وٺي ، يا پوکيءَ جي پوري موسم ( 15 جون کان 15 سيپٽمبرتائين ) کان اڳي يا پوءِ بي مندائتي برسات وٺي ، يا گهڻي برسات وٺي ۽ ٻوڏ ٿي ته ڏڪار ٿيندو آهي . ٿر جي ميٽرولاجيڪل آفيس جي برساتن جي رڪارڊ کي ڏسبو ته ، 1900ع کان 2000ع تائين وارن سئو سالن جي عرصي دوران ٿر ۾ 10 قحط ڏڪار ، 63 وچولا ڏڪار ۽ فقط 27 سڪار وارا سال ڏسڻ ۾ اچن ٿا . رڪارڊ مان اها به خبر پئي ٿي ته ، ٿر جي علائقي ۾ 1985ع کان پوءِ ڏڪارن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو آهي . 1985ع کان 1987ع تائين ٽي ساله ڏڪار آيو ، ان بعد 1995ع __ 1996ع ۾ ٻه ساله ڏڪار آيو، 1999ع __ 2000ع __ 2001ع ___2002 ع ۾ چار ساله ، ڏڪار آيو ، جنهن منجهان ڏڪارن جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو . بلڪل ويجهڙائي جي رڪارڊ کي ڏسبو ته سال 2013ع ۾ ٿر ۾ سٺيون برساتون وٺيون هيون ، پر اهي پاڇاٽيون برساتون هيون ، جنهن سبب فصل نه پوکجي سگهيا ، انهن بي ترتيب بي مندائتين برساتن ۾ ڦٽل گاهه به ڪو ڊگهو عرصو نه هلي سگهيو ، ۽ سٺين برساتن وسڻ جي باوجود به ڏڪار جهڙيون حالتون ٿي ويون . وري سال 2014ع ۾ ٿر ۾ برساتون ڊگهي وقفي سان گهٽ ۽ نه وسڻ برابر وٺيون ، انهي ڪري ٿر وري به ٻه ساله ڏڪار جي ور چڙهيل آهي . انهي منجهان ٿر ۾ ايندڙ ڏڪارن جي اچڻ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ، ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٿر ۾ 1985 کان پوءِ ڏڪارن جي رفتار ۾ تيزي اچڻ شروع ٿي هئي ، 1995 کان پوءِ لاڳيتو انهن جي رفتار ۽ مدت ۾ خطرناڪ حد تائين تيزي آئي آهي . جيڪا ڳالهه وڌيڪ تشويشناڪ آهي .
    موسمياتي ماهرن جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ ايندڙ برساتن جو سلسلو جنهن کي ڏکڻ اولهه چئوماسو (سائوٿ ويسٽرن مون سون ) جو نالو ڏنو ويو آهي . جيڪو هر سال عربي سمنڊ مان اٿندو آهي ، اهو برساتي سلسلولڳ ڀڳ 30 سال اڳ اچي ، ٿر جي ننگر پارڪر واري حصي مان سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ برساتن جو وسڪارو شروع ٿي ويندو هو . انهي سلسلي جو هڪ ٻيو حصو وري خليج بنگال مان هندستان ۾ داخل ٿيندو هو، جيڪو ڪڏهن ڪشمير ته ڪڏهن پنجاب کان موٽ کائي وري واپس سنڌ ۾ وسي ختم ٿيندو هو . پر دنيا ۾ ايندڙ موسمياتي تبديلين سبب اهو سلسلو ٽٽي ويو آهي . موسمياتي ماهرن جي رپورٽن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته . اهو برساتي سلسلو هاڻي ننگر پارڪر کان داخل ٿيندڙ رستي کان آهستي آهستي هٽي ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ ٿر جي ننگر پارڪر واري حصي جتي اڳي سموري ٿر کان وڌيڪ برساتون وسنديون هيون ، اتي هاڻي گهٽ مينهن وسي ٿو . ٻئي طرف پنجاب کان موٽندڙ برساتي سلسلي جنهن کي ٿر جا ماڻهو ٻڪراس يا ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن چوندا هئا . سوبه هاڻي موجوده موسمياتي تبديلين اچڻ سبب ٿر جو رستو ڀلجي ويو آهي . انهي ڪري ئي تازي موسمياتي ڦيرڦار سبب ٿر ۾ ڏڪارن جو سلسلو سال بسال وڌي رهيو آهي .
    ٿر جا ماڻهو جيڪي صدين کان ڏڪار جي حالتن جو مقابلو ڪندا جيئندا آيا آهن . سي جڏهن محسوس ڪندا آهن ته هاڻي ڏڪار جي ڏولائي کي منهن ڏيڻو آهي ، ته اها ڪا سندن لاءِ نئين ڳالهه يا اوچتي آفت نه هوندي آهي . سڪار جي پڇاڙي يا سياري جي پهرئين ڏينهن ڏياري جي ڏڻ تي ئي کين صدين جي لوڪ ڏاهپ واري سائنس آگاهه ڪري ڇڏيندي آهي ته ڇا ٿيڻو آهي .سال جو هر گذرندڙ ڏينهن سندن تجربن جي سائنس جي سگهاري دوربيني مان گذرندو آهي . سندن صدين جي لوڪ ڏاهپ جا سمورا اهڃاڻ جن ڪڏهن به کين دوکو نه ڏنو آهي سي سندن رهنمائي ڪندا رهندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٿي ذڪر ڪيل دنيا ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين جا اثر هن علائقي تي به پيا آهن . انهن تبديلين سبب هاڻي نه ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن وسي ٿو، نه ئي ٿڌڙي جي ڪانهوڙي ٻوڙڻ لاءِ ڪا آسمان مان بوند ڪري ٿي ، نه ئي ڄار اهي پيرونءَ ڪري ٿي . نه ئي آکاٽيءَ جا سوڻ ساٺ سچا ٿين ٿا . نه ئي هولي جي دونهين جو دونهون سندن ساٿ ڏي ٿو ۽ نه ئي مورن جا آڌيءَ رات جو ڳايل سرمنڊل جهڙا وڻندڙ ٽهوڪا سندن دردن جو درمان ٿين ٿا . پر پوءِ به ٿر جا ماڻهو انهي صدين جي لوڪ ڏاهپ جي سائنس تان دستبردار نه ٿيا آهن . سندن ڀروسو اڃان تائين قائم آهي .
    ٿرجي ماڻهن کي لوڪ ڏاهپ جي آثارن مان جڏهن انهي ڳالهه جي پڪ ٿيندي آهي ته ، ڏڪار جو سال ٿيندو ته ، مالوند ماڻهو پنهنجو مال بيراجي علائقن ڏانهن ڪاهي ويندا آهن. مال جا ڌناراتي ڇڙا رهندا آهن ۽ پورو ڏڪارجو وقت هو مال سانگي بيراج جي علائقن ۾ گذاريندا آهن . وقت به وقت هو پويان گهر وارن جي پرگهور پيا لهندا آهن . هو جتي به رهندا آهن اتي ڪنهن ماڻهو تي بار نه پوندا آهن. هرهڪ ڌنار وٽ پنهنجو ۽ پاڙي وارن جو مال هوندو آهي ، ائين پنج ڇهه ڌنارگڏجي رهندا آهن . منجهن ٻڌي ۽ اتحاد هوندو آهي . بيراج علائقن ڏانهن صرف ڳائو مال وڌيڪ موڪليو ويندو آهي . ٿر جا وڻ ٿر جي ماڻهن جو ساٿ نه ڇڏيندا آهن ، خاص ڪري ، ڄاريون ، ڪنڊيون ، ٻيريون ۽ ڪونڀٽ جا وڻ ، ڏڪار ۾ وڌيڪ ڦوٽهڙو ڪري ساوا ٿي ويندا آهن . جنهن ڪري ٻڪرين ، رڍن ، اٺن ، وغيره جو ٿر ۾ ئي گذارو ٿي ويندو آهي .
    هنرمند ماڻهو جن ۾ لوهار ، ڪنڀار ، واڍا ، سوٽهڙ ، حجام ، وغيره . ڀر وارن شهرن ۾ ۾ دڪان کوليندا آهن ، يا پنهنجا اوزار ٿيلهن ۽ ڳوٿرين ۾ وجهي، پيا هتي هُتي ڦرندا آهن . ٻيا ڪاريگر وري گهرن ۾ قائم ڪيل هنڌن تي پيا ڪم ڪندا آهن . ڪي غاليچا پيا ٺاهيندا ، ڪي کٿيون پيا اڻيندا آهن ، ۽ ڪي رڱاوت پيا ڪندا آهن . هنرمند عورتون به پيون رليون ٺاهينديون يا ڀرت ڀرينديون آهن .
    ڏڪار ۾ ڪجهه ماڻهو مختلف وسندڙ علائقن جي شهرن ڏانهن مزدوري لاءِ ويندا آهن . جيڪي بنگلن ، آفيسن ، هوٽلن ، ۽ باغن ۾ پنهنجي محنت مزدوري ڪندا آهن .
    ٿرجا صرف ڪجهه قبيلا ، جن ۾ خاص طور تي ڪولهي ۽ ڀيل شامل آهن ، سي ٻار ٻچا وٺي بيراج ايراضين ڏانهن لڏي ويندا آهن ، هو پنهنجي ٿر جي گهرن کي تالا ڏيئي انهن کي مٽي سان لنبي لوڙهن کي ڍينگهر ڏيئي ، ڳوٺ جي ماڻهن کي پارت ڪري نڪري پوندا آهن . اهي سنڌ جي بيراج وارن علائقن ۾ ڪمند جي ڪٽائي جو ڪم ، مرچن ۽ ڦٽين جي چونڊائي، فصلن جا لابارا ۽ ٻيون مزدوريون ڪندا آهن. وري وسڪاري ٿيڻ وقت ٿر واپس ايندا آهن . ٿر جي سڀني قبيلن ۾ وري اهي ٻئي قبيلا محنت ڪرڻ جي باوجود وڌيڪ غريب ۽ وڌيڪ دربدر آهن . منجهن تعليم ناهي ، سندن گهر سدائين اڀرا هوندا آهن . وٽن چوپايو مال به گهٽ آهي . انهي جو سبب ڏڪار وقت جيڪو هر ٻئي سال يا ٽئي سال پيو ايندو آهي .انهي ۾ گهر ڇڏي ٻارين ٻچين لڏڻ آهي . جنهن سبب هڪ طرف سندن گهر ڊهي وڃن ٿا . جن کي مرمت ڪرڻ ۾ سندن ڪجهه وقت لڳي ٿو. جنهن ڪري هو سڪار ۾ ٻنين جي ڪم تي توجهه گهٽ ڏيئي سگهندا آهن. ٻئي طرف هو بار بار لڏپلاڻ ڪرڻ ڪري چوپايو مال به ڌاري نه ٿا سگهن ، جيڪو سندن اضافي آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي . ٽئين طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ سبب ڪو هنر سکي نه ٿا سگهن . چوٿين طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ ڪري سندن ٻار تعليم به نه ٿا حاصل ڪري سگهن . پنجين طرف لڏ پلاڻ سبب سندن گهر جا ٽپڙ به هتي هتي ڀڄندا ۽ ڀرندا رهن ٿا . اهو ئي سندن غربت جو وڏو سبب آهي .
    ٿر جا ڪجهه ماڻهو جيڪي ڪو وڏو هنر نه ٿا ڄاڻن ۽ مزدوري لاءِ به ٻاهر نه ٿا وڃن، سي وري کپ وڍي انهي مان نوڙيون پيا وٽيندا آهن ، جيڪي چئونرن جي اڏاوت لاءِ ماڻهو کانئن خريد ڪندا آهن . اهڙا ماڻهو کپ وڍي گڏ ڪري رکندا آهن . ۽ مزدوري تي چئونرا ۽ منهه به ٺاهيندا آهن. ڪجهه ماڻهو جهنگ مان ڪاٺيون وڍي شهرن ۾ وڪڻندا آهن، ته ڪجهه ماڻهو ديوي جي ڪاٺين کي وڍي کوريون ٺاهي . اڱر ( ڪوئلو ) پيا تيار ڪندا آهن . جنهن مان کين سٺي آمدني ٿيو پوي . ڪجهه ماڻهو ڪنڊين جون ڪچيون ٽاريون لڻي جنهن کي سک چوندا آهن سي شهرن ۾کڻي اچي وڪڻندا آهن . جنهن کي شهر ۾ ٻڪريون ڌارڻ وارا ماڻهو چڱي رقم ڏيئي خريد ڪندا آهن . ٿر جي سامروٽي ، وٽ ۽ پائر جي علائقن ۾ لوڻ جا 81 سن موجود آهن جن ۾ لوڻ ڪڍڻ لاءِ ٺيڪيدار قابض آهن . جيڪي ٿري مزدورن کي نالي ماتر مزدوري ڏين ٿا . جنهن ڪري ڪجهه ماڻهو انهن سنن مان به مزدوري تي لوڻ ڪڍي پيا ويلي کي ٺيلهو ڏيندا آهن .
    ڏڪار جي دوران سڀ کان اهم مسئلوپيئڻ جي پاڻي جو هوندو آهي. ڏڪار دوران کوهن کان سواءِ ٻيو ڪٿي به پاڻي جو ذريعو ناهي ، هاڻي ڪجهه شهرن ۾ ته پائپن جي ذريعي پاڻي پهچايو ويو آهي . پر ٿر جي ٻهراڙين ۾ پاڻي صرف کوهن مان ئي ملندو آهي . جتان ماڻهن ۽ مال جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو آهي . ٿر ۾ ڏڪار دوران اڪثر کوهن جو پاڻي سڪي ويندو آهي . ٿري سماج ۾ سهپ ، رواداري ، قرباني ، همدردي ، ۽ هڪٻئي کي ڪم اچڻ وارو جذبو ئي پاڻي جي مسئلي حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندو آهي . هر ڳوٺ ۾ پاڻي لاءِ وارا ٻڌل هوندا آهن ، پوءِ جنهن جو اٺ يا ڍڳو هوندو سو سويري ئي اچي ورت ٻڌي پاڻي جو ڪوس ڇڪڻ وارو ڪم ڪندو ، ڪوس جي واري وٺڻ لاءِ وري ٻيو اچي بيهندو ، عورتون دلا مٽ کڻي اچي پاڻي ڀرڻ شروع ڪنديون . پري جا ماڻهو جن جي ڳوٺن جا کوهه کارا ٿي ويا هوندا سي به گڏهن تي جنڊا رکي انهن تي دلا ، مٽ ، پلاسٽڪ جا ڪين ، دٻا ، ته ڪي وري چمڙي جون سانداريون ۽ ساندارا کڻي اچي پهچندا . ٿانون کان بچيل پاڻي پيا مال جي پاڻي پيئڻ جي آنهن ، يا اواڙن ۾ وجهندا . جيڪڏهن ڪو اوچتو مسافر اٺ ، گهوڙي تي چڙهي پهتوته ، ته سڀ پاڻي ڀرڻ وارا ڳوٺاڻا ، عورتون ۽ مرد پنهنجو پاڻي ڀرڻ بند ڪري ڇڏيندا . پهريائين ان مسافر کي ۽ انجي سواري جي گهوڙي يا اٺ کي پاڻي پياريندا . جيئن هو پنهنجي سفر تي جلد روانو ٿي سگهي. سندن اهڙي همدردي ۽ اخلاقيات کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي . منجهند تائين پاڻي جا آنهه ۽ اواڙا مال لاءِ ڀرجيو وڃن ۽ پوءِ شام تائين مال کي پاڻي پيارڻ جو سلسلو هلندو رهندو . انهي سموري عمل دوران منجهن ريس ، اڳرائي ڪرڻ ، يا لالچ جو رجحان نظر نه ايندو . سڀئي محبت ، ميٺ ، رواداري ، همدردي ۽ مدد جهڙن انساني قدرن ۽ جذبن سان سرشار ٿي ڪم ڪندا . ٽهڪ ،کل ڀوڳ ، ڪري پيا اتساهه پيدا ڪندا. ائين روزانو سندن پاڻي ڀرڻ جي ڪرت جاري رهندي آهي .
    ٿر ۾ ڏڪار دوران اناج جي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي ڪمي ٿيندي آهي . انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ٿر جو ماڻهوذهني طور تيار هوندو آهي . سڪار دوران ٿر جا ماڻهو ٿر ۾ پيدا ٿيل هر شئي کي سڪائي محفوظ ڪري رکندا آهن. پوءِ انهي گڏ ڪيل خوراڪ کي نهايت سانگ صرفي سان هلائيندا آهن. ٿر جا غريب ماڻهو رات جو ٻاجهري جي ڏاري ۾ چئوڻو پاڻي وجهي اٻاري ڇڊي رٻ ٺاهيندا . پوءِ ان جا ٻه ٻه وٽا ڀري پيءَ سمهي پوندا . صبح جو وري انهي رات جي بچايل رٻ ۾ ڇڍڙي لسي ملائي پيءَ ڪم تي روانا ٿي ويندا آهن . ٻارن کان سواءِ ٻيا هروڀرو منجهند جي ماني نه کائن . ڪڏهن ڪڏهن وري ٽوهه جي گهر ۾ کائڻ لاءِ رکيل ٻج کي صاف ڪري دانگيءَ يا تئي تي گرم ڪري ڀُڃي، پيهي اٽو ٺاهي پوءِ ان ٽوه جي اٽي ۾ ٽيون حصو ٻاجهر ، ڪرنگهه ، مرٽ ، سانئين ياڪڻڪ جو اٽو ملائي ماني پچائي لسي ، کير ، سڪل چڀڙين جي چٽڻي ، سڪل سڱرين ، گوار جي سڪل ڦرين ، سڪل ميهن ، ڪورڙ( موٺ) ، ۽ مڱن جي ٻوڙ سان کائي پيا وقت گذاريندا آهن . پر هو لوڪ لکا نه وجهندا آهن . جي ڪو مهمان اچي ويو ته ان لاءِ گهر ۾ ڪجهه ڪڻڪ جو اٽو به پيل هوندو آهي ، جنهن جي ماني پچائي، گهر۾ پيل ، سڪل سڱرين ، چڀڙين ، ميهن ، وغيره ۾ گيهه سان عاليشان طعام رڌي کارائي ، کيس خوش ڪري موڪليندا . دل جا وري اهڙا سخي جوڪنهن مهمان کي ته ٿر جي کٿيءَ به تحفي طور ڏيئي ڇڏيندا . ڏڪار ۾ به هو پنهنجي تڪليفن جو انت نه ڏيندا آهن. پر اڪثرطور ڏٺو ويو آهي ته ، غريب ماڻهن وٽ ڪڻڪ جي اٽي جي ماني ۽ گيهه ڀڳل طعام سڀ خاص طور مهمان لاءِ پيل هوندا آهن ، باقي گهر جا ڀاتيءَ ان مان مجبوري يا بيماري جي حالت کان سواءِ استعمال نه ڪندا آهن .
    ڏڪار وقت جيڪڏهن ٻاهر مزدوري لاءِ ويل گهر جي ڀاتي ڪجهه رقم آندي ته ، ان مان ضروري شين وٺڻ کان پوءِ باقي رقم گهر ۾ رکڻ بجاءِ ان مان ڪا رڍ يا ٻڪري ورتي ويندي آهي . ڇو ته ٿر جا غريب ماڻهو گهر ۾ وڌيڪ روڪ رقم نه رکندا آهن . ڇو ته اهي پئسي کي هٿ جي مَرُ چوندا آهن. پر جيڪڏهن ڪا رڍ ٻڪري وٺبي ته ، اها رت جي رتيءَ پئي وڌندي . ٿر جي غريب ماڻهن ۾ اهو پهاڪو عام آهي ته ،“ سون جي رتيءَ کان ، رت جي رتيءَ هزار ڀيرا وڌيڪ آهي .” ٿر ۾ ڏڪار وقت به اناج کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي . جيئن اهو بچيل ان کين برسات وسڻ جي وقت ٻج طور ڪم اچي سگهي. هڪ ڏڪار جي صورتحال مان گذرڻ دوران به ، ايندڙ سال جي ڏڪار يا سڪار لاءِ لوڪ ڏاهپ ۾ ڏسيل ڏڪار ، سڪار بابت اهڃاڻن کي ڏسندا رهندا ، ۽ برسات جي رٺل مند کي پرچائڻ لاءِ سمورا سانگ رچائي ساٺ سوڻ پيا ڪندا آهن ۽ ايندڙ سال جي حالتن لاءِ پاڻ کي اڳواٽ تيار ڪندا رهندا آهن.
    دنيا جي سمورين شين ۾ درد جو واپار ڪرڻ مهانگو سودو آهي . پر جن به ماڻهن درد جو سودو ڪيو۽ درد جو ذائقو چکيو ، تن کي ئي خبر پئي ته ، درد ٻاهران ته ڏسڻ ۾ ڪڙو لڳندو آهي . پر سندس ذائقو ايترو ته لذيذ هوندو آهي . جو پوءِ زبان کي ٻيو ڪوبه ذائقو پسند نه ايندو آهي ، درد کي پاڻي وانگر پيئڻ وارن ماڻهن کي ئي ، زندگي جي اصل حقيقت کي سمجهڻ جو شعور حاصل ٿيندو آهي ۽ پوءِ هو هر حالت ۾ جيئڻ جو ڍنگ سکي وٺندا آهن . انهي وانگي ٿري سماج به دردن جو واپاري آهي ، هنن کي ٿر جي ڪڙي پاڻي سان پيار آهي ، هو درد کي پاڻي وانگر پيءَ وڏا ٿيا آهن ، هنن کي زندگي جي اصل حقيقتن جي ڄاڻ آهي ، ۽ هنن زنده رهڻ جو ڏانءَ سکي ورتو آهي ۽ اهڙي جيئڻ جي ڍنگ کي سکڻ لاءِ ڪنهن ٿريءَ ماءُ جي ڪک مان جنم وٺڻو پوندو.


    • ٿري ماڻهن جي سڪار ۾، ڏڪار جي مقابلي جي تياري

    جڏهن ڪڪر ڪونجن وانگي قطارون ڪري ، اچي ٿرجي اڃايل ڀٽن جي چپن کي چمندا آهن . ته هو مهڪي ۽ ٻهڪيءَ پونديون آهن. ۽ ساوا ، پيلا ، رنگ رنگيلا ، دوشاله اوڍي، ڪنهن نوورنيءَ ڪنوار جيان سينگارجي ، هٿن ۾ گلن جا هار کڻي سندن آجيان ڪنديون آهن . ته سمورو ماحول خوشبوءَ جي هُڳاءَ سان واسجي ويندو آهي . جڏهن ڪارونجهر جي ڪور تي ويٺل مور ٽهوڪا ڪري سرمنڊل جا گيت آلاپيندا ، هيٺ لهندا پنهنجا پر کنڍيڙيندا مستي ۾وجداني رقص ڪندا ڪومايل دلين کي آٿت ڏيندا آهن ، ۽ جڏهن ڏور ڪنهن وڻ جي ٽار تي ويٺل ڪا ڪويل ڪوڪندي آهي، تڏهن ٿر جي مارو ماڻهن جي چپن جون رسي ويل مرڪون ساڻن سرچاءَ ڪنديون آهن ۽ پوءِسڪار جي آمد جو اعلان ٿيندو آهي .
    ٿر جي ماڻهن کي جيئن ته پنهنجي لوڪ ڏاهپ وسيلي اڳواٽ برسات جي موسم اچڻ جي خبر هوندي آهي . ان ڪري هو اڳواٽ پنهنجون ٻنيون جهنگ وڍي صاف ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن ئي وسڪارو شروع ٿيندو آهي ، تيئن هو پنهنجي ٻنين ۾ ڍڳن ، اٺن ، گڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ته ماڻهو پاڻ به جوٽجي هر کيڙيندا آهن . ٻج ڇٽيندا آهن . ٿر جا اڪثر فصل ناڙي ذريعي پوکيا ويندا آهن . آسپاس جيئن ته برسات تي گاهه ڦٽي ويندا آهن . پر ٿر جو مال جيڪو سڪل گاهه تي هريل هوندو آهي . تنهن کي برسات جي سائي ڪچي گاه کائڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿينديون آهن . انڪري برسات تي ڦٽل ڪچڙي سائي گاه کارائڻ کان پرهيز ڪيو ويندو آهي .کين گاه سڪائي کارائڻو پوندو آهي، جيستائين برسات تي ڦٽل سائو گاهه پڪو نه ٿئي. انڪري اهو عرصوکين مال جي چاري جو الڪو هوندو آهي . پر عورتون اهو ڪم سنڀالي وٺنديون آهن ۽ ڌنارن جي مدد ڪنديون آهن .ٻئي طرف هو پنهنجو گهڻو وقت ٻني جي سار سنڀال ۽ ٻني جي گُڏ ( ليڏاڻ ) ڪڍڻ ۾ گذاريندا آهن . جڏهن فصلن جا سنگ هوا ۾ جهومندا آهن ته پکين جا ولر اچي ڪڙڪندا آهن ، جهار هڪلڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو آهي . پوءِ ٻنين ۾ مٿانهين جاءِ تي پيها ٺهي ويندا آهن . گهٻڻ ( کانڀاڻي ) ۾ مٽيءَ جا ڳوڙها وجهي پيا چئوطرف اڇلائيندا ، ٽاٽ ، سان ٺڪاءَ ڪڍي پيا پکيءَ اڏاريندا ، ڪي لوهي ڏٻا پيا ڪٽيندا ، دٻي ۾ پٿر وجهي پيا کڙڪائيندا ۽ پکين کي پيا هڪليندا ، هر طرف هو هو ، جون هڪلون هونديون . جيڪڏهن پکين سان گڏ ڪو ڪنهنجي مال جو ولر به اچي ڪڙڪيو ته پوءِ ، ڀونڀٽيءَ کي ڦيرائي پيا اهڙا خوفناڪ آواز ڪڍندا جوپکين سان گڏ مال به ڀڄي پري ٿيندو. ( ڀونڀٽيءَ َ هڪ بانس يا ڄار جي سنهي پٽيءَ جيڪا ٽي انچ ويڪري ۽هڪ فوٽ ڊگهي هوندي آهي. جي هڪ ڇيڙي تي سوراخ ڪڍي ان ۾ مضبوط ڏور ٻڌي ، ان ڏور جو ٻيو ڇيڙو هڪ سڌي ءَ سنهي ۽ ڏيڍ فوٽ ڊگهي ڪاٺيءَ جي منڍ ۾ ٻڌي پوءِ انهي ڪاٺي کي ڦيرائيندا آهن. ته ان سنهي پٽيءَ جي ڦرڻ سان خوفناڪ آواز نڪري ٿو )جهار هڪليندڙ هارين ۾ ڪجهه پوڙها ۽ ڪمزور ماڻهو به هوندا آهن . جيڪي وڌيڪ ڀڄ ڊڪ، نه ڪري سگهندا آهن . سي وري پنهنجي ٻني تان جهار هڪلڻ لاءِ رکي رکي پيا ڀئونڪڻ جنهن کي ڪي رانڀاڙيءَ به چون وڄائيندا آهن . جنهن مان ته وري اهڙو خوفناڪ آواز بکايل شينهن جي گجگوڙ جهڙو نڪرندو آهي ، جو سمورا پکي ، جانور انهي ٻني کان ڀڄي پري ٿيندا . ( ڀئونڪڻ يا رانڀاڙيءَ هڪ تمام سادي ، ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آسان شئي آهي . ڪو ننڍو سمجهه ڀريو ٻار، ڪا عورت ، ڪو پيرسن ماڻهو به ان کي بنا تڪليف جي وڄائي سگهي ٿو. ڪنهن ٿلهي ڪپڙي، پلاسٽڪ جو ٽڪر ، يا چمڙي جو ٽڪر، کڻي ان جي وچ ۾ سوراخ ڪڍي پوءِ ان مان مور جي کنڀ جو منڍ وارو ٿورو حصو آرپار مٽائي ڪنهن ڌاڳي سان مور جي کنڀ جي ، ڪپڙي ، پلاسٽڪ يا چمڙي مان پار منڍ کي ويڙهي اهڙي ڳوڙهي ٺاهيندا آهن ، جيئن اهو مور جي کنڀ وارو حصو ڇڪ تي ڪپڙي مان نه نڪري . ان کان پوءِ ڪنهن ٺڪر جي ماٽي جي منهن تي اهو تيار ڪيل ، ڪپڙي ، پلاسٽڪ يا چمڙي جو ٽڪرواهڙي ريت رکندا آهن ، جو کنڀ جي ٻڌل منڍ وارو حصو ماٽيءَ جي اندرئين پاسي ٿئي ، ۽ کنڀ ٻڌل سوراخ کي ماٽي جي منهن جي بلڪل وچ تي رکي کنڀ وارو حصو ٻاهر ڪري ، دهل وانگر ڇڪي ٻڌندا آهن . بس ڀئونڪڻ يا رانڀاڙيءَ تيار ٿي ويئي . پوءِ ان کي کڻي ٻني جي وچ۾ ڪنهن آرام ده جڳه تي رکندا ، جيئن ان کي وڄائڻ وارو ماڻهو آرام سان ويهي سگهي . هاڻي وڄائڻ وارو ماڻهو پنهنجي وڄائڻ واري هڪ هٿ جون آڱريون پاڻي مان پسائي مور جو کنڀ چپٽيءَ ۾ جهلي مٿي آرام سان هلائيندو ته خوفناڪ آواز نڪرڻ شروع ٿي ويندا. ) اهڙي ريت جهار هڪلڻ جي موسم پئي هلندي آهي ، فصل پيا پچندا آهن . پيهن تي جهار هڪلڻ وارن هارين جي هو هو هونگار سان گڏ ڪو ڪافيون پيو ڳائيندو ڪوگيت پيو جهونگاريندو ته ڪو هڪلون پيو ڪندو . ته ڪو وري ڀونڀاٽيءَ ۽ ڀئونڪڻ سان پيو خوفناڪ آواز ڪڍندو . ته ڪجهه ڏور ڪنهن ڌنار جون مال کي هونگارون هونديون ۽ مال جي چڙن جا مختلف آوازهوندا . آوازن جو اهڙو سنگم به عجيب غريب ماحول پيدا ڪري ڇڏيندو آهي .ڄڻ سموري ڪائنات جا سڀئي آواز گڏجي سرمنڊل جي ساز تي ڪو خوشي ۽ غم جي گڏيل ڪيفيتن جي ترجماني ڪندڙ راڳ ڳائي رهيا هجن .
    جڏهن فصل پچي تيار ٿيندا آهن ، ته لابارن جي موسم اچي ويندي آهي . پوءِ ته فصل اڳ ۽ پوءِ پيا پچندا آهن . ان لاءِ اڳين فصلن کي ميڙڻ لاءِ هارين جي آبٿن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . هاري هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ بنا پڇي ميدان ۾ اچي ويندا آهن . پوءِ ته انهن آبٿن دوران هارين جي گڏيل گيت همرچي جو هرطرف هونگارو پيو هلندو . ڪم به پيو ٿيندو ۽ دلين جا غبار به پيا لهندا . عورتون وري گڏجي ٻنين جي آسپاس وارو گاهه پيو وڍينديون ۽ گڏ ڪنديون آهن . اهي وري ڪئين ڪوڏاڻا گيت ڳائي پيون روح کي ريجهائينديون آهن . انهن آبٿن واري زماني ۾ جيئن ته اناج جي کوٽ هوندي آهي ، پر مال ۾ کير جام ٿي ويندو آهي . انهي ڪري آبٿ وارن کي کارائڻ لاءِ ٻاجهر جي رٻ رڌي ان ۾ ڳڙ ملائي پوءِ هرهڪ کي ڏنل رٻ ۾ گيهه جون وٽيون هاري پيا ڏيندا آهن . گيهه کائڻ جون شرطون لڳنديون آهن . چرچا ڀوڳ پيا ٿيندا آهن . ائين ٽهڪن ۾ وري جڏهن مورن جا ٽهوڪا رکي رکي پيا شامل ٿيندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ، ڄڻ ٿر جو رستو ڀلجي ويل مرڪن موٽ کاڌي هجي .
    فصل لابارو ٿي جڏهن کرن ۾ پهچندا آهن ته ، پوءِ ان کي صاف ڪرڻ جو دور شروع ٿي ويندو آهي . ڏينهن جو هلرون پيون هلنديون ، ڪو هلر پيو ڳاهيندو ، ڪو ان پيو وائريندو ڪوپڳرپيو اٿلائيندو، ڪو ڏنڊن سان پيو سٽ ڪٽ ڪندو ، پوروڏينهن انهي ڪم ۾ ڪجهه عورتون به شامل هونديون آهن. رات جو انهن کرن تي وري هارين جون ڪچهريون مچي وينديون آهن . ڪو بئنسري پيو وڄائيندو ، ته ڪو الغوزي جا لهرا هوا ۾ ڇيڙي ڄڻ سڄي ڏينهن جا ٿڪ لاهڻ لاءِ گرمي جي اُٻس کي جسم مان ڪڍڻ لاءِ مورڇل پيو هڻي . ڪو چنگ وڄائي پيو چاهتن جي چڻنگ دکائيندوآهي .ڪڏهن ڪڏهن وري ڪوچارڻ ، ڪو ڀان ، ڪو سگهڙ ، ڪو نڙ بيت وارو يا مڱڻهار فقير آيو ته ڄڻ سندن دنيا جا سڀ رنگ موٽي آيا .پوءِ سڀ گڏجي کري جي وچ تي ڪچهري مچائيندا وڃي ڀنڀرڪو ٿيندو. اناج صاف ٿيو ته بٽئي شروع ٿيندي . ٿر ۾ بٽئي دوران ڪانٽي تي تور نه ٿيندي آهي . ماپ جا پراڻا ماپا ، چوٿايون ، پاٽيون ، ٽويا ، ڪاسا ، استعمال ٿين. ملائي سڀ حساب خرارن ۾ ڳڻيندا آهن . ٿر ۾ انهن ماپن جي حساب سان هڪٻئي کان اڌارو ان کڻندا. ڪو به ڪنهن کي ڪابه شئي گهرڻ تي دل کولي اڌاري ڏيندو آهي . انهي وقت چوندا ته “ ادا ! اڃان لهي اڀري پيو . اُڌاري جي ماءُ ڪانه مُئي آهي .” بٽئي ڪرڻ وقت پير فقير کي خيرات به ڏبي ، ٻارڙن کي به ٻُڪ (خرچي لاءِ ان ) طور ڪجهه ڏبو. ڪنڀار ، لوهار ، کي به آهت ڏبي. پهرين بٽئي ڪندڙ هاري ڪجهه ان آڻڻ کانسواءِ خالي هٿين واپس گهر ايندا آهن ، پوءِ انهن کي هرڪو کنيل اوڌر جو ان سندن بٽئي ٿيڻ تي واپس ڪندو رهندو آهي . ٿر ۾ هڪ گڏيل طور تي رواج آهي ته گهر آندل ان جا ٽي حصا ڪبا آهن . هڪ حصو کائڻ لاءِ ۽ ٻج لاءِ رکبو. ٻيو حصو وڪرو ڪري قرض لاهبا يا روڪ رقم وٺي گهر جا ڪپڙا لٽا يا ڪو مال وٺبو. باقي ٽيون حصو مورن ۽ ٻين پکين لاءِ ۽ خيرات لاءِ گهر ۾ ڌار رکي ڇڏبو آهي . ائين هلندي بٽائين جو دور به ختم ٿيندو آهي . انهي لاباري کان وٺي بٽئي تائين واري دور دوران هڪ پاسي چڀڙن ، متيرن ، گوار ڇانهين جا ٻج گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي سڪائي رکڻ جو ڪم به پيو هلندو آهي . ته ٻئي پاسي گاهن کي وڍي سڪائي گڏا ٻڌي رکڻ جو ڪم به هلندڙ هوندو آهي . جيڪو ڪم گهڻي ڀاڱي عورتون ڪنديون رهنديون آهن .
    ان کان پوءِ کاڌي جي گڏ ڪيل شين کي حفاظت سان رکڻ جو ڪم شروع ٿيندو آهي . مرد ڪنهن مٿانهين جاءِ تي کپ وڍي وڇائي ان جي مٿان گاهه جو ٻڌل ڳٺڙيون يا گڏا هڪٻئي مٿان سٿيندا رکندا ويندا . ائين جڏهن سڀ گاه گڏ ٿي ويندو ته ، پوءِ پاسن کان ٻه فوٽ پري کپ ، سڻ ، وغيره سان مضبوط پتر ٻڌي مٿان کان کپ سڻ وڇائي چئونري وانگر کپ کي نوڙين سان ٻڌي ڇت مضبوط ڪندا آهن . پوءِ مال وغيره کان بچاءَ لاءِ ڪنڊن وارن وڻن جون ٽاريون چئوطرف ڦيرائي بي اونا ٿيندا آهن . گاهه جي ٿوري گڏ ڪيل ڍڳ کي سٿو ، ان کان وڏي کي دن ۽ سڀ کان وڏي ڍڳ جنهن ۾ سئوبيل گاڏين جيترو يا ان کان وڌيڪ گاهه رکيل هوندو آهي . انکي ڪالر،دن يا ڪالري سڏيندا آهن .
    ٻئي طرف گهرن ۾اڪثر عورتون کاڌ خوراڪ سڪائي محفوظ ڪرڻ ۾ رڌل هونديون آهن . جيڪي شيون کين ڏڪار جي وقت ڪم اينديون آهن . عورتن جو اهو ڪم برسات کان اڳ يا پوءِ هلندڙ هوندو آهي. هو هر شئي کي محفوظ ڪرڻ جون ماهر هونديون آهن.
    پيرونءَ چونڊڻ :
    مئي ، جون ۾ ٿر جي ڄارين ۾ پيرونءَ ٿيندا آهن . ڪچن پيرن کي مَاڇڪ ۽ پڪن کي پيرونءَ چوندا آهن . صبح ٿيڻ سان ئي عورتون ۽ ٻار، ٽٻڪ ، ٽٻڪڙا ، ۽ ٿانوَ ، کڻي ڀر وارين ڪڏهن پري وارين ڄارين تي چڙهن ، پوءِ ته پيرون چونڊڻ ۾ به شرط لڳندا ،ته ڪير ٿو گهڻا چونڊي ، وقت بوقت هڪٻئي کان پيو پڇنديون ته تو ڪيترا پيرونءَ چونڊيا ، پوءِ ڪا چوندي ته ادي منهنجو ٿانو تريليو(تر تائين ) ٿيو آهي ، ته ڪا چوندي ته آڌيليو( اڌ ) ٿيو آهي ته ڪا ڀريليو ( منهن تائين ) چوندي ته ڪا چوندي ته آئون کٽي ويس منهنجو ٿانو چوٽيليو( چوٽيءَ تائين ) ٿي ويو. ائين ٽاڪ منجهند جو واپس ورنديون آهن . پيرونءَ ٿر جا ڄڻ ته انگور هجن . ٿر جا ماڻهو پيروئن جا ٻه ڦڪا هڻي، پاڻي پيءَ ويلو ٽاري به ڇڏيندا آهن .
    پيرون سڪائي رکڻ جو طريقو :
    باقي بچيل پيروئن کي ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائڻ لاءِ اس تي رکيو ڇڏين .انهن کي وقت به وقت ڪاٺي سان پيون اٿلائينديون آهن . پر هٿ نه لڳائينديون آهن ، ڇو ته هٿ لڳائڻ سان پيرونءَ خراب ٿي ويندا آهن . مڪمل طور سڪڻ کانپوءِ انهن کي ڪپڙي جي ڳوٿرين يا ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيو ڇڏين . ڏڪار وقت اهي پيرونءَ به سندن ويلو ٽارڻ جوسبب بنجن ٿا . انهي کي ڪوڪڙ چوندا آهن.
    پيرن جو ڳڙ:
    تازن پيرن کي ماٽي ۾ وجهي پوءِ جهيرڻي يا منڌيءَ سان ولوڙي پاڻي ڪري پوءِ انکي ڇاڻي ٻج ڌار ڪري ، باقي رس کي ڪاڙهي خشڪ ٿيڻ بعد ڪڍي ٿانوَ ۾ رکيو ڇڏين . ضرورت وقت ان کي چمچي سان ڪڍي کائين
    ڪرڙ جي پسيءَ :
    ٿر ۾ ڪن جاين تي ڪرڙ جو وڻ به ٿئي ٿو ، هن وڻ جي گلن کي پُسي چوندا آهن . پُسيءَ جيستائين ڪچي ۽ هيڊي سائي رنگ جي هوندي آهي ، تيستائين ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن . هي ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي .
    ڪرڙ جا ڏونرا :
    ڪرڙ جي وڻ ۾ ڏيلها يا ڏونرا نالي سان گول ڦل ٿيندو آهي . هي ڦل ڪچو پٽي ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن . يا ڪچن ڏئونرن کي پاڻي جي ڀريل مٽن ۾ وجهي اس تي رکي ڇڏيندا آهن ، ٻن هفتن بعد انهن کي پاڻي مان ڪڍندا ته سندن ڪڙاڻ ختم ٿيل هوندي ، انهن کي تيليا چئبو آهي، جيڪو پورو سال پيو کين ڳُنڌڻ طور ڪم ايندو آهي .
    ڪرڙ جا پڪا :
    ڪرڙ جو ڦل پچي جڏهن ڳاڙهو ٿيندو آهي ته اهو ڏاڍو مٺو ٿيندو آهي . جنهن کي ماڻهو ۽ پکي شوق سان کائيندا آهن. هن کي پڪا چوندا آهن . ڪجهه ماڻهو پڪن کي جهيرڻو هڻي ، ٻج ڇاڻي رس ۾ ٻاجهر يا ڪڻڪ جو ڏارو وجهي تاهري ڀت به رڌي کائيندا آهن . جيڪو ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي .
    ڪنڊي جون سڱريون :
    ڪنڊيءَ جو وڻ ٿر ۾ عام آهي . هن جا گل جن کي مڃر چئبو آهي ، سا اٺن جي پسنديده خوراڪ آهي . ڪنڊيءَ جي ڪچين سڱرين کي اٻاري ٻوڙ به رڌيندا آهن . هنن ڪچين سڱرين کي ڇانوَ ۾ سڪائي ، پوءِ ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ يا ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن . هي رکيل سڪل سڱريون کين ڏڪار جي حالتن ۾ ڀاڄي جو ڪم ڏينديون آهن .
    ڪنڊي جا سڱر:
    ڪنڊيءَ جا سڱر جڏهن پچي ويندا آهن ، ته اهي مال جي بهترين خوراڪ آهن . هنن سڱرن کي سڪائي ٿانون يا ڳوٿرين ۾ رکي ڇڏيندا آهن. جن کي ٿر جا ماڻهو کوکا سڏين ٿا. اهي کوکا ڏڪار جي وقت وڏي ڪم جي شئي ٿيو پون ٿا. هنن کوکن کي پيهي اٽو ٺاهي ٻئي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن.
    گوار جون ڦريون :
    گوار جو فصل ٿر جو عام ۽ وڏو فصل آهي . گوار جي ڪچين ڦرين کي اٻاري ٻوڙ رڌيندا آهن. گوار جي ڪچين ڦرين کي ٿورڙو اٻاري يعني آڏاري يا بنا آڏارڻ جي به سڪائي ڇڏيندا آهن . پوءِ اهي سڪل ڦريون مٽيءَ جي ٿانون ۾ محفوظ ڪري رکيو ڇڏين. ڏڪار ۾ انهن ڦرين جي ٻوڙ رڌڻ کانسواءِ گيهه ۾ تري چپس به ٺاهيندا آهن . جيڪي ڏاڍا لذيذ ٿيندا آهن . ٿر ۾ گوار جو ٻج وڪري بعد ڪجهه گهر ۾ رکيو ڇڏين . گوار جي ٻج جو ڏارو مال جي بهترين خوراڪ آهي . گوار جي ڪٽيءَ به مال جي چاري ۾ استعمال ٿيندي آهي . گوار جي پنن ۽ ڪٽيءَ کي پيهين پائوڊر ڪري به کارائيندا آهن . جنهن کي ڪي ماڻهو چنو به چوندا آهن .
    چڀڙ :
    چڀڙ ٿر ۾ عام جام ٿين ٿا . هي مينهن وسڻ بعد خاص ڪري گوار ۽ ٻاجهر جي فصلن ۾ قدرتي طور اڀريو اچن . ڪٿي ڪٿي باقائده پوکيا به وڃن ٿا . هن جا ڪجهه قسم به ٿين ٿا . ننڍڙن کي چڀڙ ۽ وڏن کي متيرا به چوندا آهن. هي پچي وڃڻ کانپوءِ کٽي مٺي سواد وارا کائڻ ۾ مزيدار ٿيندا آهن . ڪچا چڀڙ کارا ٿين ، جيڪي صرف مال جي چاري ۾ ڪم اچن ٿا . چڀڙن جو ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي . هنن مان خاص طور تي ننڍن چڀڙن کي وڍي لوڻ لڳائي سڪائي به ڇڏيندا آهن . جن کي خشڪ ٿيڻ بعد ٺڪر جي ٿانوَن ۾ محفوظ ڪري رکندا آهن . جيڪي ڏڪار جي وقت ٻوڙ جي ڪم اچن . چڀڙن جا چپس به ڏاڍا وڻندڙ ۽ ذائقيدار ٿيندا آهن . جن کي ٿري ماڻهو ڪوڪلا چوندا آهن .
    ڇانهين جا ٻج :
    ڇانهين (هنداڻا ) به ٿر جو عام فصل آهي . ٿر جا ماڻهو ڇانهون کائڻ بعد ان جا ٻج ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن . هو انهن کي به لوڻ هڻي سڪائي رکندا آهن . جيڪي ڏڪار وقت ڀڃي کائيندا آهن . انهن جو ذائقو به سٺو آهي . ڇانهين ۽ ڇانهين جي ٻج جي وڪري مان به کين سٺي آمدني ٿيو پوي .
    گدريون :
    هي به ٿر جو عام فصل آهي ،جنهن مان ناڻوملي ٿو . ٿر جا ماڻهو گدرين جو ٻج به لوڻ هڻي سڪايو رکن . جيڪو ڏڪار جي وقت سندن سهارو ٿيو پوي .
    ٽوهه جو ٻج :
    برسات بعد ٽوهه جون وليون به هر جاءِ تي قدرتي طور ڦٽيو پون . جيڪي هر جاءِ بي انداز نظر اينديون . ٽوهه جون وليون ۽ ٽوه مال جو چارو آهن . ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي تياري جي سلسلي ۾ ٽوهه کي شامل ڪندا آهن . ٽوهه ڏسڻ ۾ ته خوبصورت پر ذائقي ۾سخت ڪڙو آهي . ٿر جا ماڻهو ٽوهه کي پٽي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڏا کڏا کوٽي انهن ۾ ٽوهه وجهي مٿان واريءَ سان ڍڪيو ڇڏين . ڏڪار جي موسم اچڻ سان ، انهن کڏن ۾ پوريل ٽوهن کي ڪڍي ٻاهر کپ وڇائي سڪائي ڇڏيندا آهن. سڪڻ بعد انهن کي سٽي ڪٽي ٻج ڪڍي گهر کڻي ايندا آهن . پوءِ جڏهن گهر ۾ رکيل اناج جي کوٽ محسوس ڪندا آهن ، تڏهن انهي ٽوهه جي ٻج کي تئي يا دانگيءَ تي ڀڃي جنڊ ۾ پيهي اٽو ٺاهي ، ٻئي اٽي سان ملائي ماني ٺاهي کائيندا آهن . ائين ٽوه جو ٻج به ڏڪار ۾ سندن سهارو بڻجيو پوي .
    لسي :
    سانوڻ جي مند ۾ مال ۾کير تمام گهڻو ٿيندو آهي . جنهن ڪري گهرن ۾ لسي کائڻ پيئڻ کان گهڻي ٿي ويندي آهي . ٿر جا ماڻهو هن لسيءَ کي ڏڌ يا جهڻ به چوندا آهن . ٿر جون عورتون بچيل گهاٽي لسيءَ کي ڪاڙهي ڦيڏر ڦيڏر ڪري ان کي سنهي ڪپڙي مان ڇاڻي پوءِ انهي ڦيڏر کي سڪائي ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ رکنديون آهن . ڏڪار جي وقت انهي مان ڪجهه کڻي پاڻي ملائي جهيرڻو هڻي لسي ٺاهينديون آهن . جيڪا ڏڪار ۾ هنن لاءِ وڏي نعمت ٿيو پوي .
    ڀرٽ :
    هي وسڪاري تي ٿر ۾ ڀٽن ، ڏهرن ۽ ٻنين۾ هڪ قسم جو گاه ٿيندو آهي .جنهن کي مال شوق سان چَرندو آهي . سگهڙ عورتون هن کي ڪٽي ٻج ڪڍي ان کي سيڪي ڪنڊا ساڙي ڳڀ ڪڍي ان کي اٽي ۾ ملائي ماني به پچائينديون آهن . ڪي محنتي عورتون ڀرٽن جي اٽي ۾ کونر ملائي گيهه ۾ پچائي حلوو به ٺاهينديون آهن . جو نهايت لذيذ هئڻ سان گڏ طاقت ڏيندڙ هوندو آهي . ٿر جا ماڻهو هن حلوي کي “ کوڏ ” سڏيندا آهن. جو پنهنجي پيارن دوستن کي تحفي ۾ به ڏيندا آهن . هي حلوو ٿر جي خاص سوکڙي آهي .
    گيهه :
    مکڻ کي ٽاڻي ان مان گيهه ٺاهيو ويندو آهي . ٿر جون عورتون مکڻ ٽاڙڻ مهل ان ۾ چانورن يا ٻاجهر جو ڏارو وجهي ڇڏينديون آهن . گيهه پچڻ بعد ان کي ڇاڻي صاف ڪري الڳ ڪنديون آهن، جنهن کي ٿر جا ماڻهو وسنان سڏيندا آهن . هي به طاقتور غذا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو . ٿر جا ماڻهو تازي وسنان کي اڪ جي پنن تي رکي به کائيندا آهن ، سندن چوڻ آهي ته اڪ جي پنن تي رکي وسنان کائڻ جي خاص لذت آهي .
    اناج :
    بٽئي ٿيڻ بعد جڏهن اناج گهر ۾ پهچي ٿو ته ، ٿر جون عورتون انهي ان کي اس تي سڪائي ، نم جا پن ملائي . لڏ ۽ مٽيءَ مان ٺهيل گندين يا مٽيءَ جي ڪوٺلن ۾ ان کي رکي مٿان مٽيءَ جو راڳو ڏيو ڇڏين . ائين اهو ان مڪمل طور محفوظ ٿيو وڃي .
    داليون :
    ٿر ۾ ڪورڙ يعني موٺ ، چڻا ، مڱ ۽ چئونرا به ٿين ٿا . ٿرجون عورتون انهن کي به سڪائي ٿانون ۾ وجهي منهن کي مٽيءَ سان لنبي بند ڪري رکيو ڇڏين . وقت تي انهي مان ڪجهه ڪڍي جنڊ تي ڏري دال طور استعمال ڪن ٿيون .
    ٿر جون سگهڙ عورتون جنهن ڏاهپ سان هر شئي کي سانڍي رکڻ جي جيڪا مهارت رکن ٿيون . انهي جو هن جديد دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . هي ڏاهپ صرف ٿر جي ئي ميراث آهي ، جنهن سان ٿر جا ماڻهو ڏڪار جهڙي ديوَ جو مقابلو ڪن ٿا. هي لوڪ ڏاهپ ئي کين زندگي جي جياپي لاءِ ڪم اچي ٿي ، ۽ هو ڏڪار جي اذيتن جو مقابلو ڪري پار پون ٿا. زندگي جي جياپي جي جنگ کٽڻ ڪيتري نه مشڪل آهي . اهڙي جنگ کٽڻ وارا ماڻهو ئي زندگي جي اهميت کي سمجهن ٿا.
    اهڙي ريت ٿر جا ماڻهو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي روشني ۾ ايندڙ هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بنجي ويندا آهن . سندن لوڪ ڏاهپ جي روشني ۾ ڪيل اڳواٽ تياري جي نتيجي ۾ ئي هو نه صرف زنده آهن ، پر پنهنجي سمورن سماجي قدرن جي سگهه سان جاڳندا به رهن پيا . ٿر جا ماڻهو صدين کان ڏڪارن جو مقابلو ڪندا آيا آهن . انهي ڪري هو سڪار جي سمر کي آئنده لاءِ سنڀالي رکن ٿا . سندن اها اڳ ڳڻتي ئي کين ڏڪار سان ويڙهه ۾ سوڀارو ڪري ٿي . جيڪو ئي سندن جياپي جو راز آهي .
    ٿر جو سماج ، انهي سموري جياپي جي جنگ ۾ اميدن جي سهاري جيئندو رهندو آهي . لوڪ ڏاهپ جي روشني ۽ ڏسيل اهڃاڻن کي ڏسندي هن لاءِ ايندڙ هر سج اميدن جا جهول ڀري کڻي ايندو آهي . هر مايوسي جي پويان ڪئين اميدون جيئڻ جي سگهه ۾ اتساهه ڀرينديون آهن . ائين مايوسين ۽ اميدن جي لڪ لڪوٽي راند ۾ هميشه اميدون ئي سوڀاريون ٿينديون آهن . هتي اميدون زندگي جي پويان سهارو ڏيندي ۽ پيڇو ڪندي هلنديون رهنديون آهن . اميدن جي سهاري ۽ ٽيڪ سان صدين کان زندگي موت جهڙي مايوسيءَ کي شڪست ڏيندي ، ۽ ٿري سماج کي اتساهه جي دولت سان مالا مال رکندي پئي اچي . ٿر کي ڏسندي مايوسين سان ويڙهه ۾ اميدن جي اتساهه، انساني همت ۽ جياپي جي سگهه ۾ ويساهه پختو ٿي وڃي ٿو.


    ڀاڱو ٻيون

    • ٿر جي لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي اهميت ۽ ٿر جون ٻوليون

    انسان جي فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو . جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي ، ته پوءِ هو اڪيلائي ۾ انهي ڳالهه تي ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي . ڇاڪاڻ ته انساني دماغ پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو آهي . انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي . ننڊ ۽ موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته ، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ، ۽ موت اچڻ بعد دماغ سوچڻ بند ڪندو آهي . ماڻهوجڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته ، پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي . ائين ڳالهه وڌندي پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي . ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته،پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي . جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي . پوءِ اهڙي حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي . ائين هلندي هلندي هو هر ماڻهو جي زبان تي اچي وڃي . پهاڪن جي سرڄڻ جو عمل اڪيلائي کان سفر شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪچهرين ۾ يا عام ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال ٿيندي وڃي عام ٿي مقبوليت ماڻيندو آهي. يا مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته.پهاڪو لفظ ڦهڪائڻ مان نڪتو آهي جنهن جي معنى آهي ٿڏي تي هڻي ڪڍڻ. يعني اهڙي ڳالهه جيڪا ڪنهن وقوعي يا واقعي تي واتان بي ساخته نڪري تنهنکي پهاڪو چئبو آهي. پهاڪا زندگي جي هر جهلڪ جا عڪاس هوندا آهن ، هنن مختصر جملن ۾ زندگي ساهه کڻندي نظر ايندي آهي . پهاڪن ۾ سماج جي بلوغت، سوچ ، عقل ۽ ڏاهپ جا خزانا لڪل هوندا آهن . پهاڪن ۾ سماج جي سوچڻ جي انداز ، تخليقي سگهه ، حالتن جي چٽائي پڻ ڏسڻ لاءِ ملندي آهي . انهي ڪري ئي پهاڪا ۽ چوڻيون ماڻهن جي اظهار واري ٻولي جو روح ، لڄ ۽ حياءَ جو اولڙو آهن ، ٻولي جي روح کي سمجهڻ لاءِ ، ان ٻولي جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي. پهاڪا ۽ چوڻيون،سگهڙن جا ٻول ۽ گفتا سماج جي سياڻپ جو آئينو آهن . دنيا جي ڪابه زبان پهاڪن کان خالي ناهي . سنڌ جا پهاڪا ، چوڻيون ، ڏاهن جا گفتا سنڌي سماج جي شعور جو آئينو آهن. پر خبر ناهي ته اهي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا ، ڪهڙن ماڻهن جي آزمودي جو خميرآهن .” پهاڪا ۽ چوڻيون ماڻهن جي صدين جي ڏاهپ ۽ حالتن جا عڪاس هوندا آهن . هي ماڻهن جي آزمودن مان نڪتل ٻولي جي سائنس آهي.پهاڪا ٻولي جي سونهن وڌائڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا . گڏوگڏ ٻولي کي عام فهم بنائڻ ، ۽ ٻولي ۾ رس چس وڌائڻ جو پڻ سبب بنجن ٿا. پهاڪا ، چوڻيون ، ڳجهارتون ، ڏور ،ڪهاڻيون ، قصا ، گيت ، ۽ ٽوٽڪا وغيره لوڪ ادب جو حصو آهن . ٻولي جي قدامت ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ قوم جي سماجي قدرن جي بيهڪ بابت سمورو اندازو ٻولي جي لوڪ ادب مان ئي ڳوليو جانچيو ۽ پرکيو ويندو آهي . انهي ڪري ٻولين جو لوڪ ادب ئي قومن جي ارتقا جي رفتار، سماجي بيهڪ ، ۽ سماجي اخلاقيات جي پرک لاءِ هڪ دوربين جو ڪم ڏيندو آهي .
    ٿر جو سماج جيئن ته قديم انساني ڏاهپ تي بيٺل سماج آهي . ٿري سماج تي ٻاهريان اثر نه هئڻ جي برابر پيا آهن. انهي لاءِ ٿر جو لوڪ ادب انساني زندگي جي شروعاتي دور جو آئينه دار آهي . هي سماج اڄ به دنيا جي گولي تي رهجي ويل سماجي قدرن کي سنڀالي جيئي پيو . ٿر ۾ زندگي جون جيئن ته ٻه ڪيفيتون آهن . هڪ طرف ڏڪار جي ڏنجهه جون ڪهاڻيون آهن ته ٻئي طرف سڪار جي سهنج جون نه وسرندڙ گهڙيون آهن . ٿر ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي انهن ڪيفيتن جي ذڪر سان سڄو ٿري لوڪ ادب ڀريو پيو آهي . ٿر جا پهاڪا ٿر جي سماجي زندگي جو آئينو آهن . جن جي مطالعي کان سواءِ ٿر جي حالتن جي درد ۽ خوشي جي ڪيفيتن کي سمجهڻ ۽ انهن احساسن جي انتها تائين پهچي سگهڻ نا ممڪن آهي . ٿر جا پهاڪا ٿري سماج جي سوچن ، احساسن ، ۽ جذبن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا . اهي پهاڪا ٿري سماج جي صدين جي انساني لاڳاپن ، احساسن ، غمن ۽ خوشين ، محرومين ۽ ڪاميابين جو عڪس پيش ڪن ٿا . انهن پهاڪن ۾ ٿر جي ڏڪار ، مينهن جي انتظار ، وسڪاري بعد حسين نطارن ، سڪار جي سرهاين ، موسمن جي پرچائڻ لاءِ ساٺن ۽ سوڻن ، مهينن جي موسمي اثرن ۽ جياپي جي جنگ ۾ ڪاميابي جا ڪيترائي گُر ۽ ڏاهن جا ڏس موجود آهن. انساني سماجي اخلاقيات ، سهپ ، رواداري ، محنت ، ايمانداري بابت به چٽي تصوير موجود آهي . ٿر جي هنن پهاڪن جي مطالعي ڪرڻ سان ٿري سماج بابت مڪمل معلومات حاصل ٿئي ٿي .ٿر جا پهاڪا ، ٿري سماج جو اهڙو آئينو آهن ، جنهن ۾ ٿري سماج جو هر رخ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو .
    ٿر جي علائقي ۾ ٽي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون . مهراڻو ، ونگو ۽ سامروٽي جا علائقا سنڌ جي بيراج ايراضي سان ڳنڍيل آهن . انهي ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي . ڏاهلي ، کائڙ ، ۽ ڍٽ جا علائقا راجستان سان مليل آهن ، انهن علائقن ۾ سنڌي ۽ راجستاني ٻولي مان نڪتل ڍاٽڪيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ته وري ننگر پارڪر۽ پائر وارا علائقا ،گجرات سان ڳنڍيل آهن ، انهي ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي ، گجراتي جي ميلاپ سان ٺهيل پارڪري ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي . انهي ڪري ٿر جي پهاڪن ۾ اهي ٽيئي ٻوليون ، سنڌي ، ڍاٽڪي ۽ پارڪري موجود ڏسڻ ۾ اينديون . پهاڪن جي ڪتابن ۾ پهاڪن کي سمجهائڻ لاءِ ننڍڙين آکاڻين جو رواج ملي ٿو . جيئن ڪچهرين ۾ انهن پهاڪن جي چَس کي وڌايو وڃي . پر انهن ڪهاڻين ڳنڍڻ سان پهاڪن جي اصل ڪيفيتن ۽ حالتن جي عڪاسي اڻ چٽي ٿي وڃي ٿي . انهي ڪري هتي جيئن ته ٿر جي سماج جي اصل ڪيفيتن کي سمجهڻو آهي . انهي ڪري انهن آکاڻين واري مروج روايت کي ٽوڙيندي ، پهاڪن جي اصل مقصد ۽ سماجي ڪيفيتن جي عڪس ڏسڻ لاءِ حالتن جي چٽي تصوير اڳيان رکي ٿر جي پهاڪن کي ڏسڻ جانچڻ ۽ پرکڻ بعد پروڙڻو پوندو . هن ڪتاب ۾ ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن جي تصوير جي چٽائي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ سئو پنجهٺ پهاڪن کي شامل ڪيو ويو آهي . جيڪي هن ڪتاب جي گهربل ضرورت کي محسوس ڪندي شامل ڪيا ويا آهن . انهن پهاڪن جي مطالعي بعد ئي ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيتن ، ماڻهن جي ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي ڏاهپ ۽ رٿابندي ، سڪار جي ڪيفيتن ، خوشين ، ڏکين حالتن لاءِ تياري جي اڳ ڳڻتي ، شين کي سنڀالي رکڻ جي ضرورت ۽ انهن جي استعمال ، بابت ڪيترين ئي ڳالهين بابت چٽي تصوير ڏسڻ ۾ اچي ٿي . جن جي پڙهڻ سان ٿر جي سماج جي ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي هاڻي اچو ته ٿر جي انهن پهاڪن جو به جديد انداز سان مطالعو ڪريون ، جيئن ٿر جي ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي پوري ريت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي .


    • ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون

    1. ڪوسي پاڻي مان ڪهڙي اڃ لهندي .
    ٿر ۾ چئوماسي جي موسم ۾ سخت گرمي سبب ڇانو ۾ رکيل دلن ۽ مٽن جو پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي . اهو گرم پاڻي پيئڻ سان اُڃ نه لهندي آهي .ان ڪري ماڻهو جلدي جلدي پاڻي پيا گهرندا آهن . پڇڻ تي چوندا ته ڪوسي پاڻي مان ڪهڙي اڃ لهندي.هزارين سالن کان اهو جملو دهرائجي پهاڪي ۾ تبديل ٿي ويو.هونئن به ٿڌو پاڻي ئي اڃ لاهيندو آهي.يا مقصد واري ڪم ڪرڻ سان ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي . بي مقصد اجائي ڪم ڪرڻ سان ماڻهون کي سدائين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.ان ڪري زندگي کي اجاين ڪمن جي پويان وڃائڻ بدران هميشه ڪو مقصد سامهون رکي انهي طرف محنت سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ پنهنجي زندگي کي اجاين تجربن جو کاڄ نه بنائڻ گهرجي . اڪثر ماڻهو هڪ جاءِ تي ٽِڪي محنت سان ڪم نه ڪندا آهن. پوءِ اهي ماڻهون مختلف ڪم ڪندي گهڻا ڪم يا هنر ته سکي وٺندا آهن ، پر انهن ڪمن ۾ کين مهارت حاصل نه ٿيندي آهي . هو هڪ قسم جا اڌورا ماڻهوٿي رهجي ويندا آهن ، کين سماج ۾ سندن محنت جو صحيح اجورو نه ملندو آهي . ڇو ته سندن ڪم ۾ مهارت جي کوٽ هوندي آهي .ان ڪري ڪو به مٿن اعتماد نه ڪندو آهي. پوءِ هو پنهنجي بيقدري جو ماتم ڪندي گذاري ويندا آهن . هن پهاڪي ذريعي زندگي کي با مقصد گذارڻ لاءِ ماڻهو جڏهن ڪنهن کي بي مقصد جاکوڙ ڪندي ڏسند آهن ته ، کيس نصيحت ڪندي چوندا ته ، اجايو پيو هڻ هڻان ڪرين “ ڪوسي پاڻي مان ، ڪهڙي اڃ لهندي ”

    2.گرا گونرا نه چئجن : پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن.
    اٺن جا ڦر جيڪڏهن ميرا هوندا ۽ خوبصورت نه هوندا يا پٽ گهڻ کائو هوندا ، ته ننڍي هوندي اهي گهٽ وڻندا . پر اٺن جا ڦر يعنيٰ گئونرا جڏهن وڏا ٿي سگهارا اٺ بڻجي وڏا بار کڻندا. اونهن کوهن مان پاڻي جا ڳرا ڪوس ڇڪي ڪڍندا ، يا وسڪاري جي مند ۾ تيز رفتاري سان هر کيڙي ٻني جي وڏي حصي کي جلد آباد ڪرڻ لاءِ تيارڪندا،ته انهي اٺ کي ڌاريندڙ هاري جو ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي ويندو.اهڙي طرح پٽ به وڏا ٿي سڀاڳا ٿيندا ۽ پيريءَ ۾ مائٽن جو ڀرجهلو بنبا . ته ماءُ ۽ پيءَ جا سمورا ٿڪ لهي ويندا .انهي ڪري سياڻن نصيحت ڪندي هي پهاڪو چيو ته“ گرا گئونرا نه چئجن پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن. ” حقيقت ۾ هي دنيا اميدن تي قائم آهي. ماڻهومحنت انهي لاءِ ڪري ٿو ، ته کيس انهي محنت جو ڦل ملندو ،۽ پوءِ انهي ڦل ملڻ جي آسري تي هو دلچسپي وٺي ڪم ڪري ٿو. سندس محنت رنگ لائي ٿي . پوءِ انسان وڌيڪ محنت ڪري ڪاميابين مٿان ڪاميابيون حاصل ڪندو اڳتي وڌي ٿو.ٿر جي سموري زندگي جو ڪاروهنوار اميدن ۽ آسرن تي بيٺل آهي . انهن اميدن کي جاڳائڻ لاءِ ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي، ته “ گرا گئونرا نه چئجن ، پيٽ وڌيا پٽ نه چئجن . ”

    3. مارا مِتر اُوءَ ، جو گِلا ڪري.
    هن پهاڪي جو مطلب هي آهي ته منهنجو عزيز يا مائٽ اهو آهي جيڪو گلا ڪري.هي پهاڪو به ٿر ۾ عام آهي .هن جي اصل حقيقت هي آهي ته ڪجهه ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته هو ڪنهن وٽ مهمان ٿي ويا ، ته انهي ماڻهو جي وڏي واکاڻ ڪندا . پر ڀر پاسي جي ٻين ماڻهن جي ويٺا گلا ڪندا. ائين ڪري هو اڳلي ماڻهو کي خوش ڪري پنهنجو مطلب حاصل ڪندا. وري اتان اٿي ٻئي ماڻهو وٽ وڃي اڳئين ماڻهو جي گلا ڪندا . وري انهي ٻئي ماڻهو جي واکاڻ مان نه پيا ڍاپندا. اهڙن چاپلوس قسم جي ماڻهن جي هر هنڌ عزت هوندي آهي. هن قسم جا ماڻهو ئي سماج لاءِ وڏا نقصان ڪار هوندا آهن . پر سندن چاپلوسي ڪرڻ سبب هر ڪو پيو کين وڏو مان ڏيندو آهي .انهي ڪري ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو. ڇو ته ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ جڏهن سڀ ڪم ڪار بند ٿي ويندا آهن .ته هڪڙا ماڻهو محنت مزدوري لاءِ ڀر وارن شهرن ۾ وڃي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پورهيو ڪندا آهن . اتان روزي ڪمائي اچي پنهنجي گهر وارن جي مسئلن ۽ ضرورتن جو پورائو ڪندا آهن . پر تمام ٿورا ماڻهو مختلف سرنديءَ وارن جي اوطاقن تي وڃي لڏو لاهي ويهي رهندا آهن. پنهنجي چاپلوسي جي فن ذريعي انهن سرنديءَ وارن ماڻهن جي دل خوش ڪري پنهنجو مطلب ڪڍي ، وري وڃي ڪنهن ٻئي جي در تي ويهندا آهن. اهڙي طرح سندن گذر سفر پيو هلندو آهي.انهي ڪري ماڻهن جي دلين مان سماج جي انهي رويي کي ڏسندي لفظ نڪرندا آهن ته “ مارا متر اُوءَ ، جو گلا ڪري.”

    4. ڀلي آئي ڪتي، جنهن ۾ گرِي گنجيَ متِي.
    ڪتي سنبت وڪرمي سال جو مهينو آهي جيڪو لڳ ڀڳ نومبر مهيني جي برابر ايندو آهي . نومبر ۾ وسڪاري ٿيڻ جي حالت ۾ ٿر ۾ فصل لهي ويندا آهن . انهن فصلن لهڻ سان
    گهرن ۾ انن جا انبار لڳي ويندا آهن . مال جي چرڻ لاءِ گاه به تمام گهڻو موجود هوندو آهي. ماڻهو توڙي جانور پکي پکڻ جيت جڻيا سڀ خوش هوندا آهن . کاڌ خوراڪ جي ڪا به ڪمي نه هوندي آهي . هر ڪو خوش هوندو آهي .گهڻي گاه هئڻ ڪري مال ڀٽارو به متارو ٿي مستي ۾ اچي ويندو آهي . شام جو ڪڏڪارا ۽ ٽپا پيو ڏيندو آهي .انهن نظارن کي ڏسي سياڻن هي پهاڪو چيو .ته “ڀلي آئي ڪتي جنهن ۾ گري گنجيَ متيَ.” حقيقت ۾ خوشحالي سماج ۾ پيٽ پالڻ جي چنتا يا کٽڪي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ ماڻهو بي اونا ٿي سماج ۾ تخليقي ڪردار ادا ڪندا آهن. ٿر ۾ سڪار جي حالت ۾ ماڻهن جون خوشيون ڏسڻ وٽان هونديون آهن . ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي اينديون آهن . هر طرف گيت ، همرچا، ڏورڪا ۽ جمالا پيا گونجندا آهن . ٻئي طرف پکين جون مٺڙيون ٻوليون ۽ مورن جا ٽهوڪا سڄي ماحول کي وڻندڙ بنائي ڇڏيندا آهن. رات جو ماڻهو بي اونا ٿي اوطاقن تي محفلون مچائيندا آهن . پوءِ ڪو ڏور ويٺو ڏيندو ، ته ڪو ڳجهارتون ڏيئي سموري محفل کي منجهايو ويٺو هوندو. ڪو چنگ پيو وڄائيندو، ته ڪو بئنسري وڄائي ماڻهن جي دل موهي ڇڏيندو. ڪو نڙ ۽ الغوزي تي دل کي ڌتاريندڙ ڌنون پيو وڄائيندو ، ته ڪو تنبوري کي وڄائي گهڙي ۽ ٽلين جي سنگم ۾ پيو ڳائيندو . ائين وڃي پرهه ڦٽندي آهي. انهي سموري خوشي کي ڏسندي سڀڪو پيو چوندو آهي ته “ ڀلي آئي ڪَتي ، جنهن ۾ گري گنجي متي .”

    5. ڪتي آهي مادي ، پر آهي ڏاڙهين جو مَٽ.
    جئين ته اسانجي سماج ۾ مرد جو ڪم آهي، ته هو محنت مزدوري ڪري گهر جي ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو ڪري. جڏهن به گهر ۾ اچي ته ٻاهران ڪجهه نه ڪجهه کڻي اچي . سياڻا چوندا آهن ته مرد جڏهن به گهر ۾ اچي ته خالي هٿين نه اچي . جيڪڏهن کيس ٻيوڪجهه به هٿ نه اچي ته ٻاهران ڪو ڀتر ، ڇيڻو يا ڪا ڪاٺي به کڻي اچي . انهي ڪري ڪتيءَ جو مهينو جيڪو لڳ ڀڳ نومبر مهيني ۾ ايندو آهي. ٿر ۾ جيڪڏهن مينهن وٺو هوندو. ته هن مهيني ۾ فصل لهڻ سبب سڪار هوندو آهي . گهر جون سموريون ضرورتون پوريون ٿي وينديون آهن، يعني جيڪو ڪم مرد کي ڪرڻو هوندو آهي. سو پورائو سڪار سبب هن مهيني ۾ ٿي ويندو آهي . ٿر جي عورت وڏي محنتي آهي . هو ڏينهن رات پنهنجي گهر جي سنڀال ۽ ٺاهه ٺوهه ۾ لڳل نظر ايندي . سندس محنت ۽ پاڻ پتوڙڻ جو، عمل فجر کان ئي شروع ٿي ويندو آهي . گهر جي ڪم کان سواءِ هو ٻاهران ٻارڻ جون ڪاٺيون ، پيئڻ جو پاڻي آڻڻ ، ٻني تي ڪم ڪندڙ مردن کي ماني تيار ڪري وقت تي پهچائڻ وغيره جهڙا ڪم به ڪندي آهي . انهي ڪري ٿر ۾ عورت کي مردن کان گهٽ نه سمجهيو ويندو آهي . اهڙين محنتي عورتن کي ڏاڙهين جو مَٽ ، سمجهيو ويندو آهي.ڪتي جي مهيني ۾ جڏهن سڪار سبب ماڻهن جي چنتا لهندي آهي ته سڀڪو خوش ٿي چوندو آهي ته ، ڪتيءَ جو مهينو آيو آهي جنهن لاءِ اڳي ئي سياڻا چئي ويا آهن ته “ ڪتيءَ آهي مادي ، پر آهي ڏاڙهين جو مَٽ.

    6. اچي جي نهاري ، زال هڻي ٻهاري، ته سج وڃي اُهاري.
    نهاريءَ جو مهينو لڳ ڀڳ ڊسمبر جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ رات وڏي ٿي ويندي آهي ۽ ڏينهن ننڍو ٿي ويندو آهي . جيڪڏهن ڪا عورت صبح جو اٿي پنهنجي گهر جي ٻهاري يا صفائي ڪندي ، ته سج لڙي شام ٿي ويندي . ڪوشش جي باوجود سندس ٻيا ڪم اڻ پورا ۽ اڌورا رهجي ويندا . عورتون جيڪڏهن هڪ ٻئي کان پڇنديون ، ته ادي ! ڪيترو ڪم ٿيو آهي ؟ ته ٻئي چوندي ته ادي ! ڏينهن صفا ننڍو آهي ،گهڻيئي ڪوشش ڪريان ٿي، پر ڏينهن نبريو وڃي ۽ ڪم رهجيو وڃي . ائين هن پهاڪي جو جنم ٿيو . ٿر ۾ جيئن ته واريءَ ٺري ٿي . ان ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۾ سيءَ وڌيڪ ٿيندو آهي.اڀرين جهوپڙين ۽ ڪکاون چئونرن ۾ گرم بسترن جي کوٽ سبب ٿري ماڻهن کي سيءَ سٽيو ڇڏي . ۽ سندن بدن ۾ منجهند تائين سيءَ جو اثر موجود هوندو آهي . انهي ڪري هو منجهند تائين ته سيءَ ۾ پيا ڏڪندا آهن . ان ڪري کين ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سياري ۾ تمام گهٽ وقت ملندو آهي . انهي گهٽ ڪم ٿيڻ جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ هو هن پهاڪي جو پيا استعمال ڪندا آهن ۽ پنهنجي دل کي پيا خوش ڪندا آهن. هو چوندا ته ادا! ڇا ڪجي ڏينهن صفا ننڍو آهي ، ڪم نبري ئي ڪونه ٿو . بيشڪ سياڻن سچ چيو آهي ته “ اچي جي نهاري ، زال هڻي ٻهاري ، ته سج وڃي اُهاري .

    7. مهينو آيو پوهه ، سياري ڪهڙو ڏوهه.
    سنبت وڪرمي سال جو پوهه مهينو لڳ ڀڳ جنوري جو مهينو هوندو آهي . هن مهيني ۾ سياري جو سيءءَ پنهنجي اوج تي هوندو آهي. ٿر ۾ جتي واري جي ٺرڻ سبب جڏهن سيءَ وڌيڪ پوندو آهي. تڏهن ماڻهو چوندا آهن ته ادا! اڄ ته سيءَ تمام گهڻو آهي ، اصل ڦڦڙ پيو ڦاڙي . ته ماڻهو جواب ۾ چوندا ته ادا ! پوهه جو مهينو آهي هن ۾ ته سيءَ جام ٿيندو آهي ، انهي ڪري سياري جي موسم جو ڪو به ڏوهه ڪونهي.انهي بابت سياڻا اڳيئي چئي ويا آهن ته “ مهينو آيو پوهه ، سياري ڪهڙو ڏوهه ” پوءِ ماڻهو پوهه مهيني جي سيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سج لٿي کان ئي گهرن جي اڱڻ ۾ وڏا مچ ٻاري ڇڏيندا آهن ،۽ پنهنجي گهرن کي گرم رکي رات جو سيءَ کان بچاءُ ڪندا آهن.
    8. پوهه کلڙ کوهه . هڪڙا رڌ ، ٻيا سوهه .
    سنبت وڪرمي سال جو پوهه جيڪو لڳ ڀڳ جنوري جو مهينو هوندو آهي. ۽ اهو مهينو سياري جي ڦوهه جواني جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ اتر جون سرد هوائون ماڻهن توڙي ٻين ساهه وارن کي سيءَ ۾ ساڙي ڇڏينديون آهن . جنهن ڪري چمڙي ۾ خشڪي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ ماڻهن جي کل خشڪ ٿي ڪٿان ڪٿان ڦاٽي سيرون سيرون ٿي پوندي آهي. ٿر ۾ ته اها چمڙي جي خشڪي کل کي کوهي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ ماڻهن چوندا آهن ته هي “پوهه کلڙ کوهه ” آهي . ٿر جا ماڻهن چمڙي جي انهي خشڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ مکڻ ، چرٻي ، ۽ تيل سان پنهنجي چمڙي جي مالش ڪندا رهندا آهن . هن مهيني ۾ بک به گهڻي لڳندي آهي. هڪڙي توڻ رڌي تيارڪري فارغ ٿبو آهي ته جلد ئي ٻيءَ توڻ جي تياري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ائين ٻنهي ڪيفيتن جي ترجماني ڪندي هي پهاڪو ٺهي ويو ته “ پوهه کلڙ کوهه ، هڪڙا رڌ ، ٻيا سوهه ”

    9. ماگهه ڇوڙا ڏاگهه
    سنبت وڪرمي سال جو مانگھ مهينو لڳ ڀڳ فيبروري جو مهينو هوندو آهي. هي مهينو سياري جي پڇاڙي جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ اتر جون تيز ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن .آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن . تيز ٿڌين هوائن ۽ ڪڪرن جي ڇمر سبب سج جي گرمي به زمين تي نه پهچندي آهي. ڪڪرن مان ڪڏهن ڪڏهن هلڪي بوندا باري به ٿيندي رهندي آهي. ٿر ۾ ته ڀٽن جي واريءَ پسڻ ۽ ٺرڻ سبب سردي ۾ وڏو اضافو ٿيندو آهي. سيءَ جانورن توڙي ماڻهن جي کل کي به ساڙيو ڇڏي . وڻن۽ ٻوٽن جون چوٽيون به سيءَ سبب سڙي وينديون آهن . ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هر شيءَ سڙيل يا ڏاگهه تي چڙهيل هجي. انهي ڪري هي پهاڪو ٺهيو، سياري ۾هن چوڻي جو ماڻهن جي گفتگو ۾ استعمال به گهڻو ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پڇندو ته ادا ! سيءَ وڻن جا پن به ساڙي ڇڏيا آهن ،ته ٻيو کيس جواب ڏيندو ، ته ادا ! مانگهه جي مهيني لاءِ ته سياڻا اڳ ۾ ئي چئي ويا آهن ته ، “ماگهه ڇوڙا ڏاگهه.”. انهي لاءِ سيءَ ۾ هرشئي ڏاگهه چڙهيل يعني سڙيل پئي ڏسڻ ۾ اچي.
    10. ڦڳڻ ڦوسيارو ، ڏينهان اونهارو راتيان سيارو.
    سنبت وڪرمي سال جو ڦڳڻ مهينو لڳ ڀڳ مارچ جو مهينو هوندو آهي. هن مهيني ۾ بهار جي موسم هوندي آهي. ڏينهن جو ٿوري پگهر آڻيندڙ گرمي به هوندي آهي. جيڪا واري جي تپڻ سبب ٿر ۾ وڌيڪ هوندي آهي . رات جو ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن . واري ٺرڻ سبب ٿورو سيءَ به هوندو آهي . جيڪو گذري ويل سياري جي ياد کڻي ايندو آهي . ٻئي ڏينهن جيڪڏهن ڪو چوندو ته ادا ! ڏينهن جو گرمي آهي ، پر يار !رات جو سيءَ ٿيندو آهي. ته ٻيو کيس جواب ڏيندو آهي، ته ادا! انهي ڪري ئي وڏڙا چئي ويا آهن ته ،“ ڦڳڻ ڦوسيارو ڏينهان اونهارو راتيان سيارو.” ٿر ۾ ڦڳڻ مهيني ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڪ به پوندي آهي . جيڪا صبح ويل هر هڪ شيءَ کي پاڻي سان پسائي ڇڏيندي آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو صبح جو ماڪ ۾ ڀنل شيون ڏسي چوندا ، ته رات ڦڳڻ ڦوسيارو آهي ،معنيٰ ڦڳڻ جي ماڪ وٺي آهي.

    11. واهُندي ، اٺن سان نه ٺهندي.
    بهار جي موسم جي ختم ٿيڻ بعد الهندي جي تيز گرم هوا لڳندي آهي . جيڪا ائين محسوس ٿيندو آهي ، ڄڻ جسم مان آر پار گذرندي هجي . هي هوا اٺن کي صفا بيحال ڪري ڇڏيندي آهي. ڇو ته هن هوا جي جسم مان آر پار ٿيندڙ گرمي اٺ برداشت نه ڪري سگهندا آهن. اٺ جيڪي سياري ۾ اتر جي سخت ٿڌي هوا ۾ به سامهون سينو تاڻي پيا هلندا يا ويهندا آهن ، پر واهندي (اولهه) جي واءَ کي پٺيرا ٿي ويهندا آهن . ٿر ۾ جيئن ته گرمي سبب واري تپندي آهي ، ۽ اٺن کي هي گرم هوا وڏي تڪليف ڏيندي آهي . هن واءَ ۾ اٺ ساڻا ٿيو پيا هلندا آهن.واهندي هوا جي تيز گرم لڪن سبب واري اڏامي اٺن جي اکين ۾ پوندي آهي انهي ڪري هن واءَ کي سامهون هلڻ اٺن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي .هن واءَ ۾ اٺن کي ڪجهه قسمن جون بيماريون به ٿينديون آهن. مطلب ته هي هوا اٺن جي دشمن هوا آهي.ٿر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جا اٺ بيمار ٿيا ، ۽ اها ڳالهه جڏهن هو ڪنهن تجربيڪار اوٺار سان ڪندو آهي، ته هو کيس جواب ڏيندو آهي. ته ابا وڏن سچ چيو آهي ته ، “ واهُندي اٺن سان نه ٺهندي.”
    12. چيٽ تتو ڀلو ، ويساک لڳو ڀلو.
    سنبت وڪرمي سال جو چيٽ مهينو لڳ ڀڳ اپريل جو مهينو هوندو آهي .ٿر جي موسمن جي لحاظ کان هي مهينو ٿر ۾ هر شئي جي کوٽ جو مهينو هوندو آهي.هن مهيني کان ئي برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ جي شروعات ٿيندي آهي ، چيٽ جي گرمي ئي آبي بخارن جي وڌڻ ، هوائن جي رخن جو سلسلو ٺاهڻ ، هوا جي گهٽ دٻاءَ جو پيدا ٿيڻ وارا عمل شروع ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي .پر جنهن سال چيٽ جي مهيني ۾ گرمي گهٽ ٿيندي آهي ، انهي سال جي چوماسي جي مند جي ترتيب متاثر ٿيندي آهي . جنهن جو اثر ٿر جي سمورن پيداواري ذريعن تي ٿيندو آهي . انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو چيٽ مهيني ۾ گرمي وڌيڪ ٿيڻ تي خوش پيا ٿيندا آهن . وري ويساک جومهينو لڳ ڀڳ مئي جو مهينو هوندو آهي . هن مهيني ۾ وڌيڪ تيز۽ گرم هوا لڳندي آهي، جيڪا پڻ سمنڊ مان آبي بخار کڻي فضا ۾ پکيڙي ٿي، جنهن سبب مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ ۾ مدد ملندي آهي . ويساک (مئي) جي مهيني ۾ گرم لڪ لڳڻ سان ٿري ماڻهن جو بدن پيوسڙندو آهي ، پر ان تيز لڪ جي گرمي ۾ به ماروئڙن جي منهن تي مُرڪون هونديون آهن ،۽ هو خوشي مان سوڻ ڳنڍيندي پيا چوندا آهن، ته هي سال سڪار جو سال ثابت ٿيندو.ڇو ته انهي گرم لڪ لڳڻ سان سمنڊ مان اٿيل آبي بخار فضا ۾ پکڙي ڪڪرن جي شڪل وٺندا آهن،۽ پوءِ اهي ڪڪر وري اچي ٿر تي وسندا آهن ،۽ ٿرين جي ڏيهه کان ڏڪار ۽ ڏولائو ڏور ٿيندو. انهي ڪري ئي ٿر جي ماڻهن جي زبان تي هي پهاڪو عام هوندو آهي ته، “ چيٽ تتو ڀلو، ويها ( ويساک ) لڳو ڀلو . ”

    13. چيٽ لڱين ميٺ
    سنبت وڪرمي سال جو چيٽ لڳ ڀڳ اپريل مهينو گرمي وارو هوندو آهي . انهي گرمي ۾ موجود آبي بخار ماڻهن جي بدن ۾ سستي ۽ بي چيني پيدا ڪندا آهن . ان ڪري ڪنهنجي به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي آهي . هر ڪو ماڻهو پيو ڇانوَ ڳوليندو ۽ آرام ڪرڻ پيوچاهيندو آهي. ان ڪري هن مهيني کي آرس يا سستي جو مهينو به سڏين ٿا . ٿر ۾ جئين ته هي مهينو شين جي کوٽ جو مهينو هوندو آهي . انهي جي پورائي لاءِ وڌيڪ هٿ پير هڻڻ جي ضرورت هوندي آهي .انهي ڪري ڪنهن به قسم جي سستي کي چڱو نه سمجهبو آهي . ٿر جا وڏڙا پنهنجي تجربي جي روشني ۾ ٻڌائيندا آهن ، ته جيڪو ماڻهو چيٽ جي پهرين تاريخ ستو، تنهن کي آرس نه ڇڏيندي . ان ماڻهو کي ڪم ڪندي به ننڊ جون پنڪيون پيون اينديون. ان لاءِ جيڪي ماڻهو چيٽ جي مهيني ۾ نه سمهندا ،سي ئي سڀاڳا ليکيا ويندا آهن . ٿري ماڻهن لاءِ چيٽ جي مهيني ۾ ننڊ ڪرڻ نڀاڳ جي نشاني آهي. چيٽ جي سستي بابت چوندا آهن ته “ چيٽ لڱين ميٺ. ”

    14.آڙهار الگين الگين وسي.
    سنبت وڪرمي سال جا آکاڙ ۽ سانوڻ (جولاءِ آگسٽ) مهينا مينهن وسڻ جا مهينا آهن . پر انهي عرصي دوران ٿر ۾جيڪڏهن مينهن وٺو ته عجيب و غريب نموني سان پيو وسندوآهي . ڪنهن مهل ڏسو ته ڪڪر ڪار ڪريو پيا اچن ، سمجهبو ته ملڪ ٻوڙي ڇڏيندا ، پر هڪ ڳوٺ کان وسندا ويندا ته ٻيو ڳوٺ برسات لاءِ پيو سڪندو . ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر گج گوڙ ڪندا مٿان گذري ويندا ، پر پاڻي جي ڦڙي به نه ڪرندي، وري ڪڏهن پري کان هلڪو ڪڪر اڳتي وڌنڌو نظر ايندو ، پر ويجهي اچڻ کان پوءِ وڏي مينهن ۾ تبديل ٿي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو. انهي ڪري سانوڻ جي پوراليءَ موسم کي ڏسندي مٿيون پهاڪو چوڻ ۾ آيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهن چوندو ته ادا ! مينهن فلاڻي ڳوٺ ۾ ڏاڍو وٺو ، پر اسان جي ڳوٺ ته ڦڙيءَ به ڪا نه وٺي .ته ٻيو کيس جواب ۾ چوندو ته ادا ! آرهاڙ( آکاڙ ) جي موسم آهي ، ٻڌو ڪو نه اٿئي ته“ آر هاڙ الگين الگين وسي.” معنيٰ آرهاڙ( آکاڙ) جو مينهن پورالو آهي جيڪو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي وسندو آهي.برسات جي پورالي موسم ئي ٿر ۾ سڪار جو سبب بڻجي ٿي ، ٿر اهڙو علائقو آهي ، جتي گهڻي ۽ لڳاتار برسات ٻوڏ آڻي ڏڪار جو سبب بڻجي ٿي . ڇو ته ٿر جي واريءَ هيٺان جابلو تهه آهن ، انهي ڪري پاڻي جذب ڪرڻ جي سگهه ٿر جي زمين ۾ تمام گهٽ آهي . ٻئي طرف وري ڀٽن جو سلسلو هئڻ ڪري قدرتي آبي گذر گاهون ٿر ۾ نه هئڻ برابر آهن . آرهاڙ جي پورالي برسات ٿر ۾ پوکيل فصلن جي ڀلي ٿيڻ جو پڻ سبب بڻجي ٿي.

    15. سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آهي .
    هي مهينو سانوڻ جو مهينو آهي . ٿر ماڻهو هن مهيني کي سرامڻ جو مهينو به سڏيندا آهن. هي مهينو مينهن وسڻ جو مهينو آهي . ٿر ۾ هن مهيني ۾ مينهن وٺو ته تمام سٺو وسندو آهي . پر وسندو پورالي نموني سان آهي ، ڪڏهن ڪٿي ، ته ڪڏهن ڪٿي . پر لڳاتار وسڻ سبب سڄي ٿر ۾ تل ۽ ترايون تار ٿي وينديون آهن. ملڪ ملهار ٿي ويندو آهي . پر جيڪڏهن مينهن هن مهيني ۾ به نه وٺو، ته پوءِ ٿر ۾ مايوسي پکڙي ويندي آهي، ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ شروع ٿي ويندا آهن.ان ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو آهي ته “سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آهي.” .مطلب ته سانوڻ جي مهيني ۾ برسات اچي ۽ صحيح نموني سان پورو مهينو وسي ته سڪار آهي.

    16. مينهن وسي ٻه پهر ، ڇنو وسي ڇهه پهر.
    ٿر ۾ پڪا گهر گهٽ آهن ، اڪثر ڪري ڪکن جا چئونرا ، منهه ، ۽ ڇنا ، هوندا آهن . جن ۾ ٿري ماڻهن جي زندگي گرم لڱ ساڙيندڙ لڪن ، گرم جهولن ، مينهوڳين ، ۽ سياري جي وار ڪانڊاريندڙ سيءَ ۾ گذري ٿي . ڪکن جي چئونرن اڳيان منهه ۽ ڇنا اڏيا ويندا آهن. چئونرن تي جڏهن برسات وسندي آهي ، ته انهن جي اندر ته مينهن داخل نه ٿيندو آهي . برسات جو پاڻي چئونرن جي ڪکن جي مٿان ڳڙندو پاسن کان پيو ٽمندو آهي . ڪکن جي سڌين ڇتين وارن اڏيل ڇنن مان ته مينهن ڳاڙا ڪريو اندر پيو ڪرندو آهي . انهن ڳاڙن کي چوئاڪا به چوندا آهن، مينهن وسي ختم ٿي ويندو آهي ، پر اهي چوئاڪا پيا ڳڙندا رهندا آهن. جيڪڏهن انهي حالت ۾ ڪو ماڻهو اهو چوندو ته ، مينهن ته بند ٿي ويو، پر چوئاڪن جو پاڻي اڃان پيو ڇت مان وسي ، ته ٻيو ماڻهو کيس جواب ۾ چوندو ته ادا! اهو پهاڪو ڪو نه ٻڌو اٿئي ڇا ته “مينهن وسي ٻه پهر ۽ ڇنو وسي ڇهه پهر.”

    17. سانوڻ آيوته سک ٿيا
    سنبت وڪرمي سال جو سانوڻ مهينو لڳ ڀڳ آگسٽ جو مهينو هوندو آهي . ٿر جي گذر سفر ۽ معيشيت جوسمورو دارو مدار وسڪاري تي هوندو آهي . ٿري ماڻهو پورو سال برسات جي انتظار ۾ رات ڏينهن گذاريندا آهن . جڏهن جون کان مينهن جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا آهن . ته سندن ڪومايل چهرن تي مرڪون موٽي اينديون آهن. سانوڻ جو مهينو مڪمل طرح برسات جو مهينو هوندو آهي. جيڪڏهن مينهن وٺو ته ، ٿر جون اڃايل ڀٽون وسڪاري تي مهڪي اٿنديون آهن ۽ سموري ٿر ۾ ساوڪ پکڙي ويندي آهي ، رنگ برنگي گل و گلزار سموري ماحول کي من موهيندڙ بنائي ڇڏيندا آهن . چئو طرف گاهن ڦٽڻ سان چوپائي مال جون ته موجون ٿي وينديون آهن . ٿري ماڻهن جا سمورا ٿڪ لهي ويندا آهن. کين نه ڪو قوت گذر جو الڪو هوندو آهي، نه ئي کين ٻي ڪنهن شيءَ جي پريشاني هوندي آهي . پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کانئن حال پڇندو ته چوندا ته يار ! “سانوڻ آيو ته سک ٿيا.” اهو جملو هر سڪار جي دوران سندن گفتگو جو حصو بنجي پهاڪي ۾ تبديل ٿي ويو.

    18. ٻانهن سيرانديءَ ڪري سمهڻ.
    انسان کي هميشه پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هر حالت ۾ ڪرڻو پوندو آهي انهي لاءِ هو پنهنجي سڪون آرام ۽ تفريح جي شوقن جي قرباني ڏيندو رهندو آهي. ڇو ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ کيس اها قرباني ڏيڻي پوندي آهي . ٿر ۾ ته قصو ئي ٻيو آهي . پوري سال ۾ جيڪڏهن ٽي چار مهينا سٺي برسات وٺي ته سڪار ٿي ويندو . پر جيڪڏهن برسات نه وٺي ته ڏڪار جا ڏنجهه ڏسڻا پوندا آهن، ۽ سمورو سڪون برباد ٿي ويندو آهي .پر جيڪڏهن مينهن وٺو، ته سمورو کٽڪو لهي پوندو آهي . پوءِ ٿر جا ماڻهو آرام ڪري پنهنجا پوري سال جا ٿڪ ڀڃندا آهن ، ۽ ٻانهن سيراندي ڪري سڪون جي ننڊ ڪندا آهن. ۽ چوندا آهن ته هاڻي سڀ پريشانيون لٿيون، ۽ ٻانهن سيرانديءَ ڪريو ستا پيا آهيون.

    19. گُڙِي گُڙِي ، نيٺ ته وسندو.
    ٿر ۾ موسم جا به پنهنجا پُور آهن. ڪڏهن آڙنگ ٿيندو ، ڪڪر ٺهندا گوڙون به ٿينديون رات جو کنوڻيون کيل به لايو بيٺيون هونديون ، پر اهي ڪڪر گوڙون ڪندا مٿان کان گذري ويندا ، پر پاڻي جي ڦڙيءَ به نه ڪرندي . پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻين ماڻهن کي چوندو ته ادا! مينهن جو واه جو مانڊاڻ ٺهيو هو .پر ڦڙي به وٺي ڪانه.ته ٻيا کيس اهو جواب ڏيندا ته ادا! “گڙي گڙي ، نيٺ ته وسندو.” هن پهاڪي کي انهي مطلب ڏانهن به وٺي وڃي سگهجي ٿو ته ، جيڪي ماڻهو ڪنهن ڪم ڪرڻ جون سدائين ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. اهي نيٺ ڪڏهن وڃي پنهنجي انهن ڪيل ڳالهين تي عمل ڪندا آهن .ته به ائين چئبو ته گڙي گڙي نيٺ وڃي وسيو.

    20. بڊو اکين ڪڍو آهي .
    جيئن ته بڊي (سيپٽمبر) جي مهيني ۾ فصلن جي لاباري جي تياري هوندي آهي . آمدني نه هئڻ ڪري هر ڪو پريشان هوندو آهي. سڀ ڪنهن کي پنهنجي پريشاني هوندي آهي.ٿر جي سماج ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو رواج هوندو آهي . هر ڪو ماڻهو ٻئي جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي.پر بڊي جي مهيني ۾ جيئن ته هر ڪو ماڻهوخود پريشان هوندو آهي. انهي ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ وارو جذبو گهٽجي ويندو آهي . ڪنهن به ماڻهو کي ٻئي جي پريشاني جو احساس نه هوندو آهي.پنهنجي تڪليف ۽ پريشاني سبب کيس ٻئي جي پريشاني ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي .ڄڻ هر ڪو ماڻهو انڌو ٿي ويو هجي .انهي حالت کي ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته “بڊو اکين ڪڍو آهي.”يعني سڀڪو پنهنجي پريشاني ۾ ڄڻ انڌو ٿي ويو هجي .

    21. ان آهي ته ايمان آهي
    انساني ضرورتن ۾ اناج هڪ اهم ضرورت آهي . ڇو ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ سدائين اناج جي ضرورت پوندي آهي. ٻي ڪابه شيءَ انسان جي پيٽ جي دوزخ کي ڀري نه سگهندي آهي.انهي لاءِ ان جي وڏي اهميت آهي. ماڻهو وٽ سڀ ڪجهه هجي ،پر جيڪڏهن کيس کائڻ لاءِ ماني ناهي ته ڄڻ ڪجهه به نه آهي . ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي سنڌ جي سخي حاڪم ڄام نندي وٽ هڪ فقير اچي صدا هنئين ته فقط هڪ ماني جو سوال آهي.ڄام کيس چيو ته ماني ته خسيس شيءَ آهي تون ڪا وڏي شيءَ گُهر. فقير کيس جواب ڏنو ته اي سخي مرد ! هر ماڻهو کان اسين فقير سندس اوقات موجب گهرندا آهيون ، جيئن ته توهان جي سگهه ئي هڪ ماني جيتري آهي ،آئون وڌيڪ ڇا گهران.انهي ڳالهه تي ڄام نندي ، ڪاوڙجي کيس چيو ته فقير آئون بادشاهه آهيان . منهنجي در تي روزانو الا ئجي ڪيترا فقير اچي پيٽ ڀري ماني کائيندا آهن . پر تون ڪو بيوقوف ماڻهو آهين جو منهنجي طاقت کي صرف هڪ ماني سان ٿو ڀيٽين . فقير کلندي کيس چيو ته بادشاه سلامت اجايو مون فقير تي ناراض نه ٿي. مونکي ٻڌائي ته تو وٽ سون ، چاندي ، هيرا ، جواهر ، قيمتي ويس وڳا مطلب ته هر شيءَ موجود هجي ، پر کائڻ لاءِ ماني جو ٽڪر به نه هجي ،۽ تو کي بک بيحال ڪري ڇڏي تون مرڻ جهڙو ٿي وڃين ، ان وقت ڪو ماڻهو تو کي اچي چوي ، ته جي اڌ بادشاهي جو مون کي ڏين ته آئون تو کي هڪ ماني کائڻ لاءِ ڏيان . ڇا تون اهو سودو منظور ڪندين ؟ ته ڄام نندي چيو ته هائو. وري فقير کيس چيو ته جيڪڏهن تون اها ماني کائين ۽ تنهنجي هاضمي جو نظام خراب ٿي وڃي ، تنهنجو پيٽ ڦوڪجي وڃي ، تون سخت تڪليف ۾ وٺجي وڃين ، سور ۾ دانهون ڪرڻ لڳين . انهي وقت ڪو حڪيم اچي تو کي چوي ، ته بادشاهه سلامت جيڪڏهن مون کي اڌ بادشاهي جو لکي ڏين ته آئون تنهنجو علاج ڪريان..ڇا تون ايئن ڪندين؟ ڄام نندي چيو ته اي چريا فقير زندگي کان مٿي بادشاهي آهي ڇا؟ فقير کلندي کيس چيو ته بادشاهه سلامت تو کي تنهنجي اوقات جي قيمت معلوم ٿي وئي هوندي ، جيڪا صرف هڪ ماني آهي . ماني جي پٺيان هي سموري دنيا ڊوڙي رهي آهي. ماني کان سواءِ ته ايمان به اڌورو هوندو آهي . انهي ڪري ته سياڻا سچ چئي ويا آهن ته “ان آهي ته ايمان آهي”.

    22. ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن.
    ڏڪار جي صورت حال به عجيب صورتحال آهي. جنهن ۾ بُک هر ساهه واري کان ساڃاهه کسي وٺندي آهي . ڪو ڪنهن جو نه هوندو آهي.سڀ ڪو پنهنجي هڻ وٺ ۾ لڳو پيو هوندو آهي.پر ٿر جو سماج ڏڪار،بک ، بدحالي ۾ به هڪ ٻئي جي تڪليف جو احساس رکندو آهي. شايد دنيا جي اندر صرف سنڌ جو ٿرعلائقو آهي، جنهن ۾ بک هتان جي ماڻهن کان ساڃاهه نه ڦري سگهي آهي.هتي ڪنهن جي گهر ۾ جيڪڏهن پاءُ اٽي جو هوندو ته ،اهو به خوشيءَ سان ونڊي ورڇي کائيندو آهي.ڪو به ڪنهن کان ڪا شيءَ لڪائي نه رکندو آهي . جڏهن ته بک اهڙي خطرناڪ شيءَ آهي ، جيڪا ساهه وارن کي پنهنجا ٻچا کائڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. جڏهن ته ٻچا هر جاندار کي پيارا هوندا آهن ، ماءُ ته پنهنجي ٻچن لاءِ هرقرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي . پر ڏڪار جي بک ۾ توهان اهو ڏٺو هوندو ، ته ڪتيءَ بک ۾ پنهنجا ٻچا کائي ڇڏيندي آهي . ائين ٻليءَ، شينهڻ وغيره به ڪنديون آهن . بک جي انهي ساڃاهه ڦريندڙ حالت کي ڏسي .سياڻن اهو پهاڪو ڏنو ته ڏڪار ۾ “ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن.” يعنيٰ ماءُ به پنهنجا ٻچا کائڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.ٻئي طرف ٿر۾ ڏڪار جي حالت دوران جڏهن سڀ وسيلا ختم ٿي ويندا آهن . ته ماروءَ ماڻهو پنهنجا اجها ۽ اباڻا ڪک ڇڏي ،گهر کي ڪلف لڳائي بيراج ايراضي ڏانهن صرف پنهنجا ٻچا وٺي نڪري پوندا آهن . انهي حالت ۾ جيڪڏهن کانئن ڪو پڇندو ته ڪيڏانهن نڪري پيا آهيو؟ ته چوندا ادا! ٿر ۾ ڏڪار آهي ۽ اسين پنهنجا ٻچا چڪ ۾ کڻي نڪري پيا آهيون.

    23.بڊي جا ڪانگ به ڇِتا .
    ٿر ۾ جيڪڏهن چوماسي جون برساتون پاڇاٽيون ٿي وينديون آهن ، ته پوءِ جون جولاءِ جي بجاءِ ڪانگ آگسٽ ۾ آنا لاهڻ شروع ڪندا آهن . اهڙي حالت ۾ سنبت وڪرمي سال جي بڊي (سيپٽمبر )مهيني ۾ ڪانگ جا ٻچا آنن مان ڦٽي نڪرندا آهن ۽ انهن ٻچن جي چوڳي لاءِ ڪانگ ڳوٺن ۾ نڪري پوندا آهن .جيئن ته ڪانگ جا ٻچا ننڍا هوندا آهن . هوان جا داڻا يا ٻيون جهنگلي شيون کائي نه سگهندا آهن .انهي ڪري هو ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندا آهن . پوءِ لسي جي ماٽي مان جهپو هڻي مکڻ پيا کڻندا ، ننڍن ٻارن جي هٿن مان ماني جا ٽُڪر پيا ڦريندا ، ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي رکيل ماني تي پيا جهپو هڻندا ،بازار ۾ دڪانن جي ٻاهران پيل کاڌي جي شين مان به ڪجهه کڻڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن .ڇو ته کين پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻو هوندو آهي.هر ماڻهو کي تنگ ڪرڻ تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوندو ته ادا! ڪانگن ڏاڍو پريشان ڪيو آهي، ته ٻيو ماڻهو کيس چوندو ته بڊي جو مهينو آهي . سياڻا چئي ويا آهن ته بڊي جا ڪانگ به ڇتا. ٿيندا آهن .

    24.بڊي جي رٻ به ڀلي .
    سنبت وڪرمي سال جي بڊي (سيپٽمبر) مهيني ۾ جيئن ته فصل پچڻ جي موسم هوندي آهي . فصل لابارو ڪري ميڙڻو پوندو آهي .ماڻهن جي آمدني گهٽجي ويندي آهي .هر ڪو پريشان هوندو آهي .ٿر ۾ ته صورتحال ڪجهه وڌيڪ مشڪل هوندي آهي، ڇو ته نوان فصل لٿل نه هوندا آهن ۽ گهر ۾ پيل کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ هوندي آهي .هونئن به ٿر جا ماڻهو هميشه ڏڪار جا ماريل هوندا آهن . انهي ڪري منجهن قناعت جي عادت هوندي آهي . هو سخت ترين مشڪل حالتن ۾ به ٻئي ماڻهو کي وسان سوال نه ڪندا آهن . گهر ۾ پيل جيڪو ڪجهه هوندو آهي ، انهي تي گذر ڪري وٺندا آهن . بڊي جو مهينو جيئن ته مشڪلات جو مهينو هوندو آهي . اهڙي حالت ۾ پاءُ ان جي ڏاري ۾ ٻه ڪلو پاڻي وجهي ڪاڙهي رٻ ٺاهيندا آهن . پوءِ انهي رڌل رٻ جا ٻه ٻه پيالا پي ڏاڪار ڏيئي گرڙي ڪري ڪم تي نڪري ويندا آهن . مالڪ جا شڪرانه بجا آڻيندي دل کي آٿت ڏيندي چوندا ، ته مولا جو شڪر آهي “بڊي جي رٻ به ڀلي”.

    25. سرامڻ جوسرڄيو،ڄائو اسوءَ ماهه، ڏياري جو ڏٿ ٻاري ويٺومٿي باهه.
    سنبت مهيني سرامڻ يعنيٰ سانوڻ (آگسٽ) مهيني ۾ موسم مان گرمي گهٽجڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ٿڌ پوڻ جي نه محسوس ٿيندڙ شروعات ٿيندي آهي يعني سياري جي موسم اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي آهي . سنبت وڪرمي سال جي اسوءَ (آڪٽوبر) مهيني ۾ سيءَ محسوس ٿيندو آهي ، اهو مهينو ڄڻ سياري جي جنم جو مهينو هوندو آهي. ڏياري جي ڏڻ (نومبر) ۾ ٿر جي واريءَ ٿڌ لڳڻ ڪري وڌيڪ ٺري سيءَ کي آڻيندي آهي ، ماڻهو ڪک ڪاٺيون ميڙي مچ ٻارڻ جي شروعات ڪندا آهن . ڏياري جو ڏڻ سياري جي اچڻ جو اعلان هوندو آهي.ٿر ۾ سياري جي سرڄڻ ، سياري جي جنم وٺڻ ۽ جوان ٿيڻ ، جي سموري سلسلي کي ٿر جي ڏاهن سگهڙن ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ڳالهه کي ڏسي ٿر جي ڏاهپ کي دل سان مڃڻو پوي ٿو.

    26.تتل تاري، وقت گذاري.
    ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ جڏهن ٿر جون ڀٽون خشڪ ٿي واريءَ وسائڻ شروع ڪنديون آهن . ڀٽن جي وچ وارن ڏهرن جا وڻ به سڪڻ شروع ٿي ويندا آهن، پاڻي جون ترايون سُڪي ٺوٺ ٿي وينديون آهن ۽ کوهن جا پاڻي کارا ٿيڻ جي شروعات ڪندا آهن ،ته اهو وقت ٿر جي ماڻهن لاءِ آزمائش جو وقت هوندو آهي.اهڙين حالتن ۾ کين هڪ طرف پنهنجي پيٽ گذر جو فڪر هوندو آهي ، ته ٻئي طرف پنهنجي مال جي چاري لاءِ پريشان هوندا آهن . محنت ڪري هِتان هُتان پيا پٽ سٽ تي گذارو ڪندا آهن . ڪڏهن ڏٿ ڳولي صاف ڪري گهر کڻي ايندا ، ته ڪڏهن ڪنڊيءَ جا ڇوڏا لاهي انهن کي ڪٽي پيا اٽو ٺاهيندا ، ته ڪڏهن ٽوهه جي ٻجن کي صاف ڪري گهر کنيو پيا ايندا. مال لاءِ وڻن جون ٽاريون وڍي ڀريون ٻڌي پيا آڻيندا . مطلب ته هو هر حالت ۾ وڏي همت سان ڏڪار جي قحط جو مقابلو پيا ڪندا آهن . اهڙي پٽ سٽ جي حالت ۾ جيڪڏهن ڪو کانئن حال پڇندو ته چوندا ادا! “ تتل تاريءَ ، وقت گذاريءَ .” يعنيٰ پٽ سٽ تي پيو گذران ٿئي.

    27. گهر ۾ڪڪڙ ، سنئين ڳاٽ پيو گهمي.
    ڪڪڙ ماڻهو گهر ۾ شوق سان ڌاريندا آهن ڇو ته ڪڪڙ پنهنجو چوڳو پاڻ ڳوليندا آهن. ۽ ڌارڻ واري ماڻهو مٿان سندن ڪو به بار نه هوندو آهي. هو گهر ۾ ڪريل کاڌ خوراڪ کي پيا چڳندا رهندا آهن. سندن ڪنڌ هميشه چوڳ جي تلاش ۾ هيٺ هوندو آهي.پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه به نه هوندو ، ته هو پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪريو پيا هلندا . جنهن مان انهي گهر جي غربت جي خبر پوندي آهي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻاهر اڇا ڪپڙا پائي لئه سان پيو گهمندو ، پر سندس گهر ۾ کائڻ جو لولو به نه هوندو ، غربت سبب سندس گهر جا ڪڪڙ به چوڳ لاءِ ڪا شيءَ نه ڏسي سنئين ڳاٽ پيا هلندا ،ته پوءِ ماڻهو ان کي چوندا ته، ٻاهر اڇا ڪپڙا پايو لئه سان پيو گهمين .پر تنهنجي گهر ۾ ته ڀينگ لڳي پئي آهي . تنهنجي گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو گهمي.مطلب ته تنهنجي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪو داڻو به نه آهي .

    28. هي ائين رهيو، جيئن کيتو ڏياري کان.
    ٿر ۾ ڏڪار جي حالتن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو سنڌ جي بيراج علائقن ۽ شهرن ڏانهن گذر معاش جي پورت ڪرڻ لاءِ محنت مزدوري لاءِ نڪري پوندا آهن .پوءِ جيڪڏهن ڪو عيد جو ڏينهن ايندو آهي، ته هو واپس ٿر ڏانهن ورندا آهن . پر ٿر ۾ سفر جي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي ڪڏهن ڪڏهن هو عيد جي ڏينهن گذري وڃڻ بعد به پهچندا آهن.
    کيتي نالي هڪ همراهه ٿر کان ٻاهر ڪمائڻ ويو ۽ ڏياري جي ڏڻ ملهائڻ لاءِ واپس ٿر آيو پئي ، واپسي تي هن پنهنجي گهر وارن لاءِ ڪپڙا ، ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جون شيون به ورتيون سندس دل ۾ وڏي خyوشي هئي ، ته هو ڏياري جي ڏڻ تي خوشيون ڪندو ، رانديڪا ڏسي سندس ٻارڙا به خوش ٿيندا . هن ڪجهه ڦٽاڪا به ورتا هئا ته جيئن ڏياري جي ڏڻ جو اعلان هو پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي ، ڳوٺ سريکو ڪري سگهي . هن پنهنجي ٻارڙن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين لاءِ رنگبرنگي ڪپڙا پڻ خريد ڪيا هئا . جيئن سندس ٻارڙا ۽ گهر جا ڀاتي ڏياريءَ جي ڀلاري ڏڻ تي اٻالا نه رهن . پر سفري سهوليتن جي اڻاٺ سبب هو وڏي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به ڏياري جي ڏڻ گذرڻ بعد گهر پهتو . جڏهن ته ڏياري جو ڏڻ گذري چڪو هو. هن جي آندل ٻارن لاءِ ڦٽاڪن ۽ مٺاين جو خرچ به اجايو ويو،۽ سندس ٻار ڏياري سٺي نموني نه ملهائي سگهيا ، هنن ڏياري جي ڏڻ تي به ڦاٽل ڪپڙا پاتا ، انهي ڪري کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هو ڏياري جي خوشين ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو . هن جا ٻار به ڏياري جون خوشيون ملهائي نه سگهيا.ڳوٺ وارن مٿس ٽوڪون ڪرڻ شروع ڪيون ته اڙي ! کيتو پنهنجي سستي ۽ لالچ سبب ڏياري جي موقعي تي نه پهتو. اها ڳالهه پري پري تائين پهچي وئي ، ۽ اڳتي هلي اهو پهاڪو جڙي ويو.پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خوشي جي موقعي تي دير سان اچي ٿو ته ماڻهو چوندا آهن. “هي به ائين رهيو جيئن کيتو ڏياري کان”

    29. اٺي را ، واٽهڙو ڏس ڏيسي.
    ( اٺي جون خبرون ، پانڌيءَ ڏيندا )
    ٿر ۾ رابطي ۽ خبر چار جو نظام نه هئڻ جهڙو آهي . هاڻي ته فون به اچي ويا آهن ، روڊ به ڪجهه قدر ٺهي ويا آهن . تمام ٿورين جاين تي ٽيليوزن جي سهوليت به موجود آهي . پر اڳي ۽ هاڻي به خبر چار جو نظام دنيا جي ٻين حصن جهڙو تيز ناهي.ٿر ۾ خبر چار وٺڻ جو هڪ قديم نظام اڃا به قائم آهي. جنهن موجب ٿر جي رستن تي موجود ڌنار، هاري ،۽ ٻيا ماڻهو، رستي تان ايندڙ ويندڙ مسافرن يا ڳوٺ ۾ ٻاهران ايندڙ ماڻهن کان پيا خبر چار وٺندا آهن .اهڙي ريت پري کان کنوڻ ٿي ، يا گوڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ته هو انهي طرف کان ايندڙ مسافرن کان مينهن وسڻ جي خبر چار پڇندا آهن ، کين مينهن جي تفصيلي خبر انهن مسافرن کان ملي ويندي آهي .صدين جي انهي طريقي سان مينهن بابت معلومات وٺندي ، هي پهاڪو جڙي ويو ته “اٺي را واٽهڙو ڏس ڏيسي”يعنيٰ اٺي جون خبرون پانڌي ڏيندا.

    30. مال لعل آهي.
    ٿر ۾ آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو چئوپايو مال ڌارڻ آهي .ڪنهن ماڻهو کي ڪا اوچتي پئسي جي ضرورت پئجي وئي ته ،هو ضرورت موجب ڪا ٻڪري ، ڪا ڍڳي ، ڪو اٺ ، وڪڻي پنهنجي ضرورت لاءِ پئسا هٿ ڪري وٺندو آهي. مال جو ڌڻ ٿرين جي بئنڪ آهي . جتان هر مشڪل وقت ۾ کين گهربل رقم ملي ويندي آهي. ٿر ۾ مال جي عيوض مال جو واپار به ٿيندو رهندو آهي . ٿري سماج ۾ سِڪي جو استعمال گهٽ ٿيندو آهي ، ان ڪري ٿرين وٽ مال جو ڌڻ ته هر وقت موجود هوندو، پر روڪ رقم تمام گهٽ پيل هوندي آهي . ٿرين کي جي روڪ رقم هٿ آئي ته ، هو اها رقم گهر ۾ رکڻ بجاءِ ڪو ڍور يا ٻڪري وٺي ڇڏيندا.۽ چوندا ته “مال لعل آهي”.

    31. سڪارين ڀلا سيڻ ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا.
    ( سڪار ۾ مائٽ عزيز سٺا لڳندا آهن پر ڏڪار ۾ انهن کان وڌيڪ ان جا داڻا سٺا لڳندا آهن )
    ٿر ۾ ماڻهن جون نفسياتي طور ٻه ڪيفيتون هونديون آهن. سڪار ۾ کين سڄڻ ياد ايندا آهن، ۽ هو آيل مهمانن تي اور گهور پيا ٿيندا. سڪار ۾ جيڪڏهن ڳوٺ جي اوطاق تي ڪو مهمان آيل نه هوندو ته ، هو ان ڏينهن کي نڀاڳو ڏينهن سمجهندا.وسڪاري جي موسم ۾ هو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن کي دعوتون ڏئي گهرائيندا آهن . سندن دل کولي مهمانيون ڪندا آهن . سڪار ۾ ٿرين جي مهمان نوازي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. پر ڏڪار جي حالت ۾ هو پنهنجي پيٽ ۽ مال جي چاري لاءِ پريشان هوندا آهن. سندن ڏينهن رات ڏٿ ميڙڻ جي خفي ۾ گذرندو آهي انهي وقت مال جو چارو ۽ ان جا داڻا کين سڀ کان وڌيڪ عزيز هوندا آهن . هو ان جو ڪڻو به ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن . ڏڪار جي حالتن ۾ هو آيل مهمانن جي به خدمت گهٽ ڪري سگهندا آهن. ڇو ته ڏڪار جي حالتن ۾ هو ايئن ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن . سندن انهن ڪيفيتن کي ڏسندي سياڻن هي پهاڪو چيو جيڪو هر ٿري ماڻهو وقت به وقت دهرائيندو رهي ٿوته “ سڪارين ڀلا سيڻ ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا .”

    32. ڏونگر ته ڏور ڀلا ، نيڙا تو پاهڻيا.
    ( جبل پري کان ته سهڻا لڳندا آهن پر ويجهي وڃڻ بعد هو صرف پٿر آهن )
    پري کان جبلن جو نظارو من موهيندڙ ۽ سهڻو لڳندو آهي . دل چوندي آهي ته جلد ويجهو وڃي سندن ديدار ڪجي.پر جڏهن ماڻهو کين ويجهو پهچندو آهي، ته هو ڀوائتا پٿرن جا ڍڳ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ۽ ماڻهو کي جبلن جي ڪشش ۾ ڪيل پنڌ اجايو محسوس ٿيندو آهي. هن دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي پري کان ته خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ لڳنديون آهن ، پر حاصل ڪرڻ بعد اهي بد صورت ۽ نفرت جي لائق ٿي وينديون آهن . ٿر ۾ ٽوهه پري کان سڀني ميون کان خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پر جڏهن انهي کي ڪٽي ڦار وات ۾ وجهبي آهي. ته قاتل زهر جيان لڳندي آهي.ٿر جي لوڪ ڏاهپ صدين جي مشاهدي جو نچوڙ آهي. ان مشاهدي جي نچوڙ مان نڪتل هي وڏي معنيٰ رکندڙ پهاڪو به آهي.

    33. ورهيه ته ڏڪار ، پر مٽيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.
    مٽيءَ جو رشتو به انتهائي گهرو رشتو آهي. ماڻهو جنهن ڳوٺ ۾ ڄمي ٿو. جتي ان جو ننڍ پڻ گذري ٿو. جنهن اڱڻ تي هو کيڏي ٿو، ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي يارن ، جيڪي ساڻس گڏ کيڏي وڏا ٿيا هئا . انهن ننڍپڻ جي يارن کي هو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي . ماڻهو ڪيترو به وڏي عمر جو ٿي وڃي ،پر هو پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون وساري نه سگهندو آهي. هن کي ننڍي هوندي جي يارن ۽ جن اڱڻن تي هو کيڏي وڏو ٿيو ،انهن اڱڻن ۽ ان ڳوٺ جي مٽيءَ کي هو مرڻ گهڙي تائين ياد رکندو آهي. وڏي ٿيڻ بعد جڏهن هن کي پنهنجا اهي پڊ ڇڏڻا پوندا آهن ، ته هن جي اکين مان لڙڪ مينهن جي اوهيرن جيان روڪڻ جي باوجود به وسي پوندا آهن. ٿر ۾ ڏڪار جي حالتن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ضرورتن جي پورائي ۽ مال جي چاري سانگي پنهنجن انهن اباڻن ڪکن کي ڇڏڻ وقت ڳوڙها ڳاڙڻا پون ٿا.اهو منظر ڏسندڙ به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندا آهن.پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن.جيڪي هر قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي همت رکندا آهن .هو ڪنهن به قيمت تي ٿر کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. هو پنهنجي هنر ۽ محنت مزدوري سان ڪجهه نه ڪجهه ڪري پيا پنهنجو وقت ڪٽيندا آهن. ٿر ۾ ڪجهه قبيلا اهڙا آهن، جيڪي هر حالت ۾ ٿر ۾ ئي رهندا آهن. جهڙوڪ ٺڪر، ميگهواڙ ، واڻيا ، مالهي ، ارباب ، راهمان ، جنجھي ، سوٽهڙ ۽ ٻيون ذاتيون هر حال ۾ ٿر مان لڏي وڃڻ کي عيب سمجهنديون آهن. انهن کان جيڪڏهن پڇبو ته اهڙي ڏڪار ۾ به توهان ٿر ۾ ويٺا آهيو، ٻاهر وڃي مزدوري ڇو نٿا ڪريو؟ ته هو جواب ۾ چوندا ته ڏڪار ۾ وڃون به کڻي، پنهنجا اجها ويران به ڪريون ، چار ٽپڙ هِتي هُتي روليندي به ڀڃون ، ۽ وري وسڪارو ٿئي ته موٽي اچون، اهڙي وڃڻ ۾ ڪهڙو فائدو. ٿر جي مٽيءَ جي محبت اسان کي ڪٿي به ويهڻ نه ڏيندي . آخر ڪار هن مٽيءَ ڏي موٽڻو ئي پوندو. انهي ڪري وڏڙا ويچارا چئي ويا آهن ته“ورهيه ته ڏڪار ، پر مٽيءَ ڏانهن موٽڻو آهي”.

    34. جيترو پاڻي اُونهون ، اوتري مٽي جي سِڪ وڌيڪ.
    انسان جي فطرت آهي ته هو پنهنجي ٺاهيل شين سان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. جيترو هو وڌيڪ محنت ڪري پنهنجو وقت ڏئي ڪا شيءَ ٺاهي ٿو ،۽ ٺاهڻ دوران هن جو هر منٽ انهي شيءَ کي بهتر کان بهتر ٺاهڻ واري سوچ ۽ لوچ ۾ رهي ٿو.انسان کي صرف پنهنجي سوچ ۽ لوچ سان بي انتها محبت آهي. جيڪا ئي انساني تهذيب جي ارتقا جو سبب آهي. ٿر ۾ جيئن ته پاڻي جو مستقل ذريعو کوهه جو پاڻي هوندو آهي. انهي لاءِ هو وڏي محنت ۽ ڪاريگريءَ سان ڪيترا .ئي ڏينهن لڳائي کوهه تيار ڪندو آهي. جڏهن کوهه تيار ڪرڻ بعد پهريون گهڙو پاڻي جو ڀري پنهنجي گهر ۾ پهچندو آهي،ته سڄي گهر ۾ بي انتها خوشي جي لهر ڇائنجي ويندي آهي. جيڪا خوشي نه صرف انهي اڪيلي گهر ۾ هوندي آهي، پر کوهه کوٽڻ واري عمل ۾ سڄو ڳوٺ شامل هوندو آهي،۽ اها خوشي انهي سڄي ڳوٺ جي عيد کان به وڏي خوشي هوندي آهي. ٿر ۾ ڇاڇري ۽ ٿر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي تمام اونها کوهه کوٽڻا پوندا آهن. جيڪي ٽي سئو فوٽ يا ان کان به وڌيڪ اونها هوندا آهن. ايڏي محنت سان کوٽيل کوهن جي هر سر ۾ ان علائقي جي ماڻهن جي محبت ٽانڪيل هوندي آهي.هو انهي کوهه سان پنهنجي سڄي ڄمار هڪ حسين محبوبه جيان پيار ڪندا آهن.۽ هنن کي مٽيءَ سان ٻين جي بنسبت وڌيڪ محبت هوندي آهي. هو ڪڏهن به جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن ڪم سانگي پري نڪري ويا ،تڏهن به هنن کي مٽيءَ جي محبت ڪٿي به سڪون سان ويهڻ نه ڏيندي آهي. هو جلد اهو ضروري ڪم لاهي واپس موٽي پهريائين انهي کوهه کي اچي ڏسندا آهن ،۽ پوءِ گهر ويندا آهن..ماڻهن جي کوهه سان اهڙي محبت کي ڏسندي سياڻن هي پهاڪو چيو ته “جيترو پاڻي اونهون ، اوتري مٽي جي سڪ وڌيڪ ”

    35 اونهي کوهه جيان ، اندر جو به اونهون.
    ڪي ڪي ماڻهو وات ڦاٽوڙا هوندا آهن. هو ڪا به ڳالهه دل ۾ سانڍي نه سگهندا آهن. ڪا ڳالهه ڏٺي يا ٻڌي ته هو هوڪا ڏئي سڀني کي پيا ٻڌائيندا. اهڙن ماڻهن کي ڪو به پنهنجي دل جي ڳالهه نه ٻڌائيندو آهي.پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن. جيڪي هر ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهه کي دل ۾ سانڍي رکندا آهن. ائين جيئن اها ڳالهه ڪنهن اونهي کوهه ۾ ڪري پئي . پوءِ انهي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي . اهڙن ماڻهن کي سڀ ڪو پنهنجي دل جو حال ٻڌائي بار هلڪو ڪندو آهي. اهڙا ئي ماڻهو سماج ۾ اعتماد جي لائق هوندا آهن . پوءِ سڀ ڪو اهڙي ماڻهو لاءِ چوندو ته “اونهي کوهه جيان ، اندر جو به اونهون” ماڻهو آهي.

    36.تازي پاڻي پيئڻ وارو ، راز نه رکندو
    ڏکن جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو جنهن ڏک ڏٺا هوندا .بک جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو، جنهن بک ڏٺي هوندي.ڇو ته ماڻهو پنهنجي زندگي جي تجربن مان ئي سکندو آهي. ڪنهن وٽ ڀلي علم ۽ مطالعو وڌيڪ هجي ، پر تجربي ڪار ماڻهو جي اڳيان هو خود کي جاهل محسوس ڪندو.اهڙي طرح جنهن ماڻهو سوين فوٽ اونهون کوهه کوٽي ان مان پاڻي ڀري پيتو هوندو . ان کي ڪنهن ندي يا واهه مان ٻڪ ڀري پاڻي پيئندڙ ماڻهو کان وڌيڪ پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪرڻ جي سفر جي مشڪلاتن جي خبر هوندي . ان کي پاڻي جي اصل اهميت ۽ قدر قيمت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي.ڇو ته قدر هميشه محنت سان حاصل ڪيل شين جو ئي هوندو آهي.بنا محنت حاصل ڪيل شيءَ جو قدر گهٽ هوندو آهي. جنهن ماڻهو واهه مان ٻڪ ڀري پاڻي پيتو ان کي پاڻي جي اهميت جي ڄاڻ گهٽ هوندي.انهي سموري ڳالهه کي آسان لفظن ۾ سمجھائڻ لاءِ ٿر جي سياڻن هي پهاڪو چيو“تازي پاڻي پيئڻ وارو ، راز نه رکندو” ڇاڪاڻ ته تازي پاڻي پيئڻ واري ماڻهو وٽ قيمتي ڳالهيون سنڀالي رکڻ جي سوچ ئي نه هوندي يعني هن کي گهٽ تجربي هئڻ ڪري شين کي سنڀالي رکڻ جو ڏانءَ نه هوندو.

    37. ڦٽي تي ڍل ڪانهي.
    جيڪا ٻنيءَ آباد هوندي ته روينيو قانون موجب ان جي ڍل وصول ڪئي ويندي . جيڪا ٻنيءَ غير آباد هوندي ،ان جي ڪا به ڍل وصول نه ڪئي ويندي . ڍل هميشه وسندڙ ۽ آباد ٿيندڙ ٻنيءَ جي ورتي ويندي آهي. ڇو ته انهي مان پوکڻ واري کي ڪجهه پيداوار حاصل ٿيندي آهي، ۽ نفعو ملندو آهي.غير آباد ٻنيءَ جي نه ڍل ته نه منافعو.اهڙي ريت جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن ڪم مان نقصان پوندو آهي، يا ڪنهن واپار ۾ نفعو نه ملندو آهي، ته هو پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ چوندو آهي“ڦٽي تي ڍل ڪانهي”.

    38. کنڀيءَ چٽڪو چار ڏينهن.
    ٿر ۾ وسڪاري بعد ڀٽن جي پاڙن ۽ ڏهرن ۾ کنڀيون تمام وڏي تعداد ۾ نڪري پونديون آهن ،۽ پٽ اڇا ٿي ويندا آهن. برسات وسڻ بعد هي پهريون ڏٿ آهي، جيڪو ٿرين کي نصيب ٿيندو آهي . کنڀيءَ هونئن ته سڄي دنيا ۾ ٿيندي آهي. ڪيترن ملڪن ۾ هن کي هٿرادو نموني به پوکيو ويندو آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڀاڄين جي دڪانن تي کنڀيون به رکيل هونديون آهن.پر ٿر جي کنڀيءَ جي لذت ، دنيا جي کنڀين کان وڌيڪ آهي.کنڀيءَ هڪ ڏينهن زمين مان ٿورو منهن ڪڍندي ، ٻئي ڏينهن ٻه انچ کن جي هوندي ٽي ڏينهن سندس قد ساڍا ٽي انچ کن ٿي ويندو ۽ اها کنڀيءَ مڪمل طور جوان هوندي.چوٿين ڏينهن کنڀيءَ جو سرو نرم ٿي ويندو، پنجين ڏينهن کنڀيءَ جي سري ۾ ناسي رنگ جو پائوڊر هوندو، ۽ ڇهين ڏينهن پائوڊر زمين تي ڇڻي پوندو ، ۽ کنڀيءَ جي ڏانڊيءَ به سڙي ڪاري ٿي ڪري پوندي. ڇو ته کنڀي جي عمر صرف ڇهه ڏينهن هوندي آهي.چئن ڏينهن جي عمر تائين کنڀي کائڻ جي لائق هوندي آهي.ان کان پوءِ هو ڪنهن ڪم جي نه رهندي آهي.البت کنڀي جي قسم نر کنڀي جو ناسي پائوڊر ٿر جا ماڻهو سڪائي شيشيءَ ۾ وجهي رکندا آهن. جنهن کي هو هڏ ڀڳل مريض کي مکڻ ۾ وجهي موميائي طور چٽائيندا آهن. جيئن ته کنڀي صرف چار ڏينهن ڀاڄي طور استعمال ڪري سگهجي ٿي.انهي لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “ کنڀي چٽڪو چار ڏينهن ” جڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ عارضي خوشحالي آئي ، هو آپي منجهان نڪري ويو ته ، سندس خير خواهه دوست کيس نصيحت ڪندي چوندا ته ،هي تنهنجي خوشحالي چئن ڏينهن لاءِ آهي، تون آپي مان نه نڪر،“ ڇو ته کنڀي چٽڪو چار ڏينهن.”

    39.هر گسي ، نه ڦار گسي.
    محنت سان حاصل ڪيل شيءَ جو قدر انهي ماڻهو کي هوندو، جنهن محنت ڪئي هوندي. پر جنهن ماڻهو کي بغير محنت جي ڪا شيءَ ٿالهي ۾ رکيل ملي، ته ان وٽ ان شيءَ جو ڪو به قدر نه هوندو. ٿر جو هاري جڏهن جھنگ وڍي ڪنڊن ۾ ڦٽجي ٻنيءَ صاف ڪري ٿو. پوءِ وسڪاري ٿيڻ بعد هر ڪاهي چونيءَ ( ڦار ) گسائي ٿو،پوء اها چونيءَ يعني ننڍڙي هر ۾ لڳل لوهي ڦار کي تيز ڪري . وري ٻني کيڙي ٿو. پوکي ٿو گڏ ڪڍي ٿو ، جهار هڪلي ٿو. لابارو ڪري اناج صاف ڪري جڏهن گهر کڻي اچي ٿو ته ، کيس ان فصل جي داڻي داڻي جو قدر هوندو آهي. جڏهن هو ان مان ڪجهه حصو دڪاندار وٽ وڪڻڻ لاءِ کڻي وڃي ٿو ته، دڪاندار ان جو اگھ، هاري جي مرضي موجب نٿو ڏئي، ته پوءِ هاري انهي دڪاندار کي چوندو آهي ته ، تو کي هن شيءَ جو قدر ناهي، تڏهن گهٽ قيمت تي خريد ٿو ڪرين. ڇو ته تو کي هن فصل تيار ڪرڻ جي محنت جي خبر ئي ناهي.تنهنجو ته“هر گسيو ، نه ڦار گسيءَ”.اهڙي ريت ٿر ۾ بٽئي جي وقت ڪجهه پينوءَ فقير کرن تان اچي هارين کان خيرات ۾ ان حاصل ڪندا آهن . پوءِ هو انهي ان کي اڌ قيمت ۾ ئي وڪرو ڪري پئسا کيسي ۾ وجهي روانا ٿي ويندا آهن ته ، انهي وقت اتي ڏسندڙ ماڻهو به انهي پينوءَ فقير وٽ ان جي بي قدري کي ڏسندي پڻ هي پهاڪو چوندا آهن .

    40. ڏڪار وڇوڙو ، ميلاپ وسڪارو.
    ٿر جي ڀٽن کان جڏهن سانوڻ جي مند رسي ويندي آهي . مينهن نه وسندو آهي ته ، پوءِ ماروئڙن جي منهن تي مايوسي، چپن کان مرڪون ۽ گيت ڦرجي ويندا آهن. هر طرف موت جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائڻ لڳندو آهي. انهي وقت ٿر سان ماءُ جهڙي محبت ڪندڙ ٿري ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر۽ مال جي چاري لاءِ بيراج ايراضي ڏانهن نڪري پوندا آهن. اهو نڪرڻ وڏو درد ناڪ عمل هوندو آهي.جنهن ۾ پوڙهي جيجل ماءُ کان سندس سڀاڳا پٽ ڌار ٿيندا آهن.ونين کان ور وڇڙندا آهن.ٻه محبت ڪندڙ دليون اشارن ئي اشارن ۾ ڪئين قول واعدا ڪري ،هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون آهن . انهي وقت ٿري عورتن جي همت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هو دل ۾ ته روئنديون آهن پر چپن تي زخمي مرڪون آڻي، پنهنجي پيارن کان موڪلائينديون آهن. اهو هڪ وڇوڙو آهي جيڪو ڏڪار سبب ٿيندو آهي.وري جڏهن سانوڻ جي مند پرچي پوندي آهي . مينهن ملهاريون وسي پونديون آهن .کنوڻيون کيل لائينديون آهن، مورن جا ٽهوڪا خوشين جي اچڻ جو اعلان ڪندا آهن، ته مال سانگي ويل ماڻهو وانڍن کان واپس ورندا آهن ، ۽ وري دلين جي دنيا آباد ٿيندي آهي ،گهرن جي اڱڻن ۾ ٽهڪ گونجندا آهن ،گيتن ، همرچن جي هڳاءَ سان ماحول گرمائجي ويندو آهي. اها سڀ وسڪاري سبب ميلاپ جي خوشي آهي. ٿر جا عقلمند سگهڙ ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي بيان ڪندي چوندا آهن ته “ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو”.ٿري لوڪ ادب جي هن پهاڪي ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي ڪيفيتن کي ايترو جامع ۽ مختصر طور بيان ڪرڻ واري فن جو مثال ملڻ مشڪل آهي .

    41. تلاءَ سڪي ويو ، پر هنس نه وڃي.
    هنس يا هنج پکي لاڙ جي ساحلي علائقن جي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهندو آهي. هي پکي ريت کانسواءِ پاڻي اندر موجود ٻوٽن کي به کائيندو آهي. اڪثر وڏي پاڻي جي ڍنڍن ۾ رهائش اختيار ڪندو آهي.هلڪن دٻن ۾ نه ايندو آهي. ڇو ته هلڪن پاڻي جي دٻن ۾ موجود ننڍڙيون مڇيون ۽ ڊينڊ هي پکي نه کائيندو آهي . ٿر ۾ به ڪارونجهر جي آس پاس ڍنڍن ۽ تلائن ۾ سندس رهائش آهي. وسڪاري جي مند ۾ جڏهن پاڻي جون ڍنڍون ڀرجي چڪار ٿي وينديون آهن. ته هن پکي جون عيدون ٿي وينديون آهن.پر جڏهن ڏڪار اچڻ بعد ڍنڍون سڪي وينديون آهن. ته به هي پکي انهن ڍنڍن مان آسرو پلي،ٻئي ڪنهن علائقي ڏانهن نه ويندو آهي. انهن ڍنڍن جي سڪڻ بعد بکون ڪاٽي به ويٺوهوندوآهي. سندس انهي عادت کي ٿر جا ماڻهو يا لاڙ جا ماڻهو پسند ڪندا آهن، ۽ سندس انهي عمل کي وفا سان ڀيٽيندي کيس وفادار پکي سمجھندا آهن.هو چوندا آهن ته ڍنڍ سڪڻ بعد ٻيا سڀ پکي ڍنڍ ڇڏي اڏامي ويا ، پر وفادار هنج پکي ڍنڍ کي نه ڇڏيو.بک ۾ به ويٺو آهي.سندس انهي وفا کي ڏسندي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “تلاءَ سڪي ويو، پر هنس نه وڃي”. هي پهاڪو ٿري ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندو آهي . ٿر جا ماڻهو هن پهاڪي کي پاڻ سان منسوب پڻ ڪندا آهن . قحط ڏڪار جي پيڙائن کي سهڻ ، ۽ ٿر کي نه ڇڏڻ واري عمل کي هو پاڻ سان ڀيٽيندي ڏاڍا خوش پيا ٿيندا آهن . انسان پنهنجي دردن جو درمان ڳولڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن لفظن جو به سهارو وٺندو آهي . ڇو ته لفظن جي طاقت ئي وڏي ۾ وڏو سچ آهي .

    42. تن ڪوٽڙيين ، مارو وسي من ۾
    ڏڪار جي حالتن ۾ ٿر مان ڪجهه ماڻهو پورهئي سانگي ٻين علائقن ڏانهن ويندا آهن. ڪجهه ماڻهو بيراج علائقن جي سرندي وارن وٽ بنگلي جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر به ٿيندا آهن. ٿر جا ماڻهو جيئن ته چوري ۽ ٺڳيءَ مان نه ڄاڻن. انهي ڪري ٻين علائقن جا ماڻهو کين پنهنجي بنگلن تي نوڪري ڏيڻ لاءِ هر وقت راضي رهندا آهن.ڇو ته ٿري نوڪر جهڙو وفادار، ايماندار کين ٻيو نه ملندو آهي.ٿر ۾ بنگلن ۽ اوطاقن کي ڪوٽ يا ڪوٽڙي سڏيندا آهن . پوءِ جڏهن وسڪاري جي مند ۾ ٿر ۾ سڪار ايندو آهي ته اهي ٿري نوڪر مالڪن جي منٿ ڪرڻ تي به نه ويهندا آهن .جڏهن مالڪ کانئن پڇندو ته ،توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي. هتي عاليشان بنگلي جو ڌڻي ٿيو ويٺو آهين ،تو کي ٻيو ڇا کپي؟ ته اهو ٿري نوڪر جواب ۾ چوندو “تن ڪوٽڙيين ، مارو وسي من ۾”. سندن انهي جذبي جي ترجماني ڪندي شاه سائين پڻ فرمايو آهي ته “ سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري .

    43. ڏانٽي وڪئي ، ڏاڊ نه لهندي .
    ڏانٽو لاباري ڪرڻ ، گاهه ڪرڻ جو اوزار آهي، جيڪو معمولي هئڻ جي باوجود وڏو ڪارائتو اوزار آهي. ڪڙمي ۽ ڪاسبي ان سان لابارو ڪري يا گاهه پکو وڍي پيٽ پاليندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بنهه ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته ، لابارو يا ٻي ڪا مزدوري نه هوندي آهي. اهڙين حالتن ۾ وقت ڪڍڻ خاطر ماڻهو ڏانٽو يعني مزدوري ڪرڻ جو اوزار به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پر ايئن ڪرڻ سان بُک نه لهندي آهي يعني ڏاڊ نه ويندي. تڏهن سياڻن چيو آهي ته، ” ڏانٽي وڪئي ، ڏاڊ نه لهندي “ اهو پهاڪو ان وقت به چوڻ ۾ ايندو آهي ، جڏهن آبٿ تي ڪم ڪندڙ هاري کان پڇبو آهي ، ته توکي هن مدد ڪرڻ واري ڪم جي ڪيتري مزدوري ملندي ، ته هو جواب ۾ چوندو آهي ته ، ادا ڏکي ۾ مدد ڪرڻ منهنجو فرض آهي ، مدد جي ڪهڙي مزدوري وٺان . “ ڏانٽي وڪئي ، ڏاڊ نه لهندي .

    44. اڪ جو ڪيڙو ، اڪ ۾ ئي سمائي .
    ٿر جا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪوڙ نه ڳالهائندا آهن.انهن جو هڪ ٻئي تي وڏو اعتماد ۽ ڀروسو هوندو آهي. هو هڪ ٻئي کي پنهنجي دلين جا راز ٻڌائيندي نه هٻڪندا آهن، ۽ بنا کٽڪي جي سموريون دل جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ونڊي مشورا پيا ڏيندا وٺندا. مجال! آهي جو هو هڪٻئي جو راز فاش ڪن، يا ڪنهن جون ڳالهيون ٻڌائي ان کي خوار ڪن، هو مري ويندا پر ٻئي جو راز نه کوليندا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي دل جي ڳالهه ٻڌائي کيس راز رکڻ جي تاڪيد ڪندو ته، هو چوندو ته ڪو به کٽڪو نه ڪر، تو چيو مون ٻڌو، اها ڳالهه ٻئي تائين نه پهچندي ۽ “اڪ جو ڪيڙو ، اڪ ۾ ئي رهندو”.

    45. گهڻن هاريين هر نه هلي .
    ڪنهن به ٻني جو جيڪڏهن ڪو هاري هوندو ته ،اها ٻنيءَ صحيح سار سنڀال ۾ رهندي. هڪ ماڻهو پنهنجي ذميواري سمجھي ان جي سنڀال پيو ڪندو ،۽ ان کي ڦٽڻ يا خراب ٿيڻ نه ڏيندو.پر جيڪڏهن ڪا ٻنيءَ هڪ ماڻهو جي ذميواري جي بجاءِ گهڻن ماڻهن جي هٿ هيٺ هوندي ته ،هر ڪو ماڻهو پيو پنهنجي هلائيندو. انهي ٻنيءَ جي سنڀال جي ذميواري ڪو به قبول نه ڪندو ، ان ٻنيءَ جي ڦٽڻ بعد اهي ماڻهو پيا هڪ ٻئي تي الزام هڻندا ، ۽ اها ٻني پنهنجي گهربل اپت نه ڏيئي سگهندي . جيئن اسان جي ملڪ جي ادارن جي حالت آهي . ادارا تباهه ٿي ويا آهن، پر انهن جي تباهي جو ذميوار ڳولئي به نٿو لڀي. ٿر ۾ ته ڏڪار هجي يا سڪار اتي ڪو سار لهڻ وارو ئي ناهي . سڀ ذميوار ماڻهو هر دفعي هڪٻئي تي الزام هڻي وقت ڪڍي ويندا آهن .انهي حالت تي ٿر جي ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته ”گهڻن هاريين هر نه هلي.“

    46. اهو ڪي ڪجي جو ، آئي ويل ڪم اچي .
    انسان تي ڪڏهن اوچتو ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي ، انهي لاءِ جيڪڏهن هڙ ۾ ڪجهه هوندو ته ، انسان پريشاني کان بچي پوندو ۽ انهي مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس ڪا پريشاني نه ٿيندي ، پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه پيل نه هوندو ته پوءِ ، ماڻهو تي اها اوچتي مصيبت هڪ پهاڙ جيان اچي ڪرندي ، ۽ ماڻهو کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو ته ڇا ڪجي . ٿر ۾ ته هميشه اوڄتو ڪئين مسئلا منهن ڪڍندا آهن . پر ٿري ماڻهو پنهنجي اڳ ڳڻتي سبب ڪجهه نه ڪجهه بچائي پيا رکندا آهن . جيڪو کين مشڪل ۾ ڪم ايندو آهي ، ۽ هو پريشانين کان بچيل رهندا آهن . سنڌي ٻولي جو هي مشهور پهاڪو ٿر ۾ به عام آهي . جڏهن ڪنهن کي اجايو خرچ يا زيان ڪندي ڏسندا ته ، کيس نصيحت ڪندي چوندا ته ، “ اهو ڪي ڪجي ، جو آئي ويل ڪم اچي ”

    47. سوڻ نه مڃڻ ، به اپ سوڻ آهي.
    ٿر جا ماڻهو پنهنجي وڏڙن جي ٺاهيل اڳڪٿين ۽ سوڻن ۾ ويساهه رکندا آهن. ڏڪار يا سڪار بابت جانچ وٺڻ ، ڪو به نئون ڪم شروع ڪرڻ ، شاديءَ يا مڱڻو ڪرڻ ، نئين شيءَ خريد ڪرڻ ، سفر تي سنبرڻ ، ۾ سوڻ ضرور ڳنڍيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن وڏڙن جي ٺاهيل اڳڪٿي يا سوڻ ڪاميابي يا نفعي جي شاهدي ڏيندو ته، اهو ڪم ضرور ڪندا. جيڪڏهن سوڻ خراب ڏسڻ ۾ آيو ته ، هو اهو ڪم نه ڪندا . مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ سنبري گهران نڪتو، پر گهٽيءَ ٽپڻ کان اڳ ۾ گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کيس پٺيان سڏ ڪيو ته ،هو ان کي خراب سوڻ سمجھي واپس وري ايندو..کانئس جيڪڏهن پڇبو ته ، تون واپس ڇو وري آئين ؟ ته هو چوندو ته وڏڙن جو چوڻ آهي ته ،جيڪڏهن توهان کي ڪو پٺيان سڏ ڪري ته، اهو خراب سوڻ آهي يعني جنهن ڪم لاءِ سنبري نڪتو آهيان، اهو ڪم ڪونه ٿيندو ، ۽ اجايو پنڌ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو. ڇو ته وڏڙن اهو به چيو آهي ته “سوڻ نه مڃڻ ، به اپ سوڻ آهي”.

    48. گهٽيءَ گهرن جي سونهن آهي.
    گهرن جي وچ واري گهٽيءَ يا چارو سڀني ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ هوندو آهي . جنهن ڪري گهٽيءَ جي مالڪي جو حق سموري پاڙي يا ڳوٺ وارن جوگڏيل هوندو آهي . ٿر جي رواج موجب سڀني تي انهي گهٽيءَ کي سنڀالڻ ۽ صفائي ڪرڻ جي ذميواري آهي. گهٽيءَ مان ماڻهن جي اچ وڃ ، بيل گاڏين ، گڏهه گاڏين ، هٿ گاڏن ، ريڙهن ، جيپن ، ٽرڪن ، ڇڪڙن ، وغيره جي ضرورت مهل اچ وڃ پئي ٿيندي آهي . ان لاءِ گهٽيءَ جو ويڪرو هئڻ ضروري هوندو آهي.اخلاقي طرح گهٽيءَ جي ماپ اندر ڪا اڏاوت ڪري سوڙهو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي.ساڳئي طرح گهٽيءَ کي صاف رکڻ جي ذميواري به سڀني ماڻهن جي گڏيل هوندي آهي.گهٽيءَ جيڪڏهن صاف نه هوندي يا سوڙهي هوندي ته اچ وڃ جي تڪليف کان سواءِ ٻاهران ايندڙ مهمان به ڳوٺ وارن جي لاپرواهي تي پيا کلندا ۽ عيب ڪڍندا آهن.جيڪڏهن گهٽي صاف ، ويڪري هوندي ته سڀ ڪو پيو واکاڻ ڪندو آهي.گهٽيءَ جو ڪشادو ۽ صاف هجڻ عقلمندي ۽ ڳوٺ جي ٻڌي جي نشاني آهي. انهي لاءِ سياڻن خوب چيو آهي ته “ گهٽيءَ گهرن جي سونهن آهي”.

    49. ٺڪر ۽ مسلمان جهڙو رشتو آهي.
    ٿر ۾ هندو ۽ مسلمان بنا ڪنهن مذهبي ڀيد ڀاءُ جي گڏجي پيا رهندا آهن عيدون ۽ ڏڻ به گڏجي ملهائيندا آهن .ڪوبه مذهبي ٽڪراءُ ۽ اوچ نيچ موجود نه هوندو آهي. ٺڪرن ۽ مسلمانن جي محبت جو مثال ئي ملڻ مشڪل آهي . ان جو ثبوت اهو آهي ته جڏهن ڪنهن ٺڪر جي نياڻي جي شاديءَ ٿيندي آهي ته ، هو انهي نياڻي جي رخصتي پنهنجي ڪنهن ويجهي مسلمان دوست کان ڪرائيندو آهي.ان مسلمان کي کوڙات ( پيءُ جي برابر ) سمجھيو ويندو آهي.کوڙات پيءُ انهي رخصت ڪيل ڇوڪري کي سڄي ڄمار پنهنجن سڳين ڌيئرن جيان سمجھندو آهي . هر عيد تي جيڪي ڪپڙا هو پنهنجن نياڻين لاءِ وٺندو آهي. اهڙا ڪپڙا هو کوڙات ۾ ورتل ڌيءَ ڏانهن به موڪليندو آهي.نياڻي کي ساهرن جي گهر ڪا تڪليف پهچندي آهي ته ، هو پنهنجي سڳي پيءَ بجاءِ کوڙوڏنل مسلمان کي دانهن ڏيندي آهي . انهي دانهن ملڻ بعد کوڙات مسلمان ڇوڪري جي ساهرن وٽ پهچندو آهي، ۽ پيءَ جيان نمائندگي ڪري ساهرن کي سمجھائيندو آهي.ڪنهن مذهبي ڏڻ تي به اهو مسلمان نينگري جي ساهرن کان انهي نياڻي کي اڪيلو وٺي مائٽن وٽ ڇڏيندو آهي، ڏڻ گذرڻ بعد ساهرن ۾ به ڇڏڻ جي ذميواري کوڙات ڏنل مسلمان تي هوندي آهي.انهي تي ڪو به اعتراض نه ڪندو آهي . اعتماد جو انهي کان وڌيڪ ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي ۽ ڪنهن هندو جو مسلمان تي ايڏو ڀروسو ڪنهن عظيم رشتي کان ڪنهن به قيمت تي گهٽ ناهي.جڏهن ڪنهن ماڻهو جو ڪنهن ماڻهو تي ڀروسو وڌي ويندو آهي ته، ماڻهو چوندا ته فلاڻن ماڻهن جو هڪ ٻئي تي ڏاڍو اعتماد آهي جهڙوڪ“ٺڪر ۽ مسلمان جهڙو رشتو َآهي”.

    50. جيئڻ لاءِ به سهپ کپي.
    زندگي کي خوشگوار بنائڻ لاءِ هر ماڻهو کي سهپ جو جذبو رکڻ ضروري آهي. ڇو ته زندگي ڏکن ۽ سکن جو ميلاپ آهي. ڪڏهن خوشيون آهن ته ، ڪڏهن غم ، ڪڏهن ميلاپ آهي ته ڪڏهن وڇوڙو ، ڪڏهن بک آهي ته ڪڏهن ڍئو ، ڪڏهن جهوپڙي ۾ لڪن ۽ سيءَ جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون ٿيون پون ته ڪڏهن محلاتن جا مزا حاصل ٿين ٿا. بحر حال زندگي ڏک ۽ سک جي امتحان مان پاس ٿيڻ جو نالو آهي. ٿر ۾ ڪڏهن وسڪارا ۽ موجون هونديون آهن.ڪڏهن ڏڪار جا ڏولاوا به سهڻا ٿا پون.ٿري ماڻهن جي پوري زندگي ڏکن ۽ سکن جي امتحان مان گذري ٿي .انهي امتحان مان پاس ٿيڻ لاءِ صرف سهپ جو جذبو ئي گهرجي. ان ڪري ٿر جي ماڻهن هن پهاڪي کي پنهنجي زندگي جو رهنما بنايو آهي ته“جيئڻ لاءِ به سهپ کپي”.

    51. جي کنوي ڀرڻي، ته نار به جهڙي نه پرڻي.
    علم جوتش موجب هر ڏينهن جو هڪ نکشتر ( نکٽ ) هوندو آهي. اهڙا ڪل اٺاويهه نکشتر ( نکٽ) آهن ، جن مان هر هڪ نکٽ مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور ايندو آهي. ڀرڻي به هڪ نکٽ آهي. مينهن جي اهڃاڻن مان هڪ اهڃاڻ اهو به آهي ته ، چئوماسي جي مند جي مهينن مان ڪنهن به مهيني جي ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿي ته پوءِ مينهن جو آسرو لٿو ۽ پوءِ ڏڪار جي مقابلي لاءِ تيار ٿيڻو آهي.
    ٿر ۾ وسڪاري ۽ سڪار جي موسم ۾ فصل لهڻ بعد سياري جي شروعات کان ئي شادين ۽ ٻين خوشين ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.جيڪڏهن ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي ويون ته پوءِ سمورين خوشين جا پروگرام ملتوي ٿي ويندا آهن. ڇو ته ڏڪار جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ ڪو هٿ پير هڻڻ شروع ڪندو آهي. ۽ وٺ وٺان ۾ هوندو آهي.اهڙين حالتن ۾ ڪو به ماڻهو خوشيون ملهائڻ جي سگھ نه رکندو آهي. گهوٽ ڪنوارجا مائٽ ايندڙ سياري ۾ شادي جو پروگرام رٿيندا آهن ۽ پنهنجون ڪجهه تياريون به پيا ڪندا آهن ، ڇو ته کين اميد هوندي آهي ته هن سال مينهن وسندا سڪار ٿيندا ايندڙ سياري ۾ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪنداسين ، دوستن يارن کي گهرائبو ۽ خوب محفل مچائبي.پر جيڪڏهن چئوماسي جي مند ۾ ڪنهن تاريخ جي ڀرڻي نکٽ ۾ کنوڻ ٿي ته ، پوءِ مينهن جي آسري سان گڏ شاديءَ جي پروگرام ڪرڻ جو شوق به مٽي ۾ ملي ويو.اهو ڏسي ٻيا ماڻهو چوندا“جي کنوي ڀرڻيءَ ، ته نار به جهڙي نه پرڻي”.

    52. بر ته ڀرم آهي .
    جڏهن ٿر جي ڪنهن ماڻهو کي چئبو ته ٿر ته رڳو بر آهي، ته هو ڪاوڙجي پوندو ۽ چوندو ته، ٿر توهان کي ته بر نظر ٿو اچي، پر اسان جو اهو بر به وڏو ڀرم آهي. جڏهن ٿري ماڻهو جي انهي جواب تي ويهي سوچجي ٿو ته ٿري ماڻهو جي انهي سوچ جي پويان هڪ وڏي عقل جي ڳالهه لڪل آهي.ٻين علائقن جي حالتن کي ڏسبو ته اهي علائقا ڏسڻ ۾ ته خوبصورت ۽ شاهوڪار نظر ايندا ، پر اتي جو سماج کريل نظر ايندو.جتي ڪوڙ ، دغا ، فريب ، ڪلفت ، جهيڙا ، فساد ، مارا ماري ، ۽ قتل جهڙا ڏوهه انهي سڄي سماج کي اندر کان کوکلو ڪريو بيٺا هوندا.محبت ، امن ، ڀائپي ، همدردي ، جهڙا انساني گڻ ڳولئي به نه لڀندا آهن. جڏهن ته ٿر ڏسڻ ۾ ته ويران ريگستان آهي، ۽ چئو طرف بد حالي نظر ايندي ، پر ٿر جو سماج سڀني انساني قدرن سان مالامال ڏسڻ ۾ ايندو. محبت ، سخا ، وفاداري ، سچائي ، ايمانداري ، سهپ ، درگذر ڪرڻ ، حق ڪمائڻ ۽ حق کائڻ ، جهڙا قيمتي اصول ، رويا ، ۽ جذبا هر جڳهه تي موجود هوندا. ٿر جا ماڻهو ڪوڙ ، ڪلفت ، نفرت ، چوريءَ ، قتل و غارت ، مفاد پرستي ۽ ظلم ڪرڻ مان اصل ڄاڻن ئي ڪونه.، بک هجي يا ڍئو ، خوشيءَ هجي يا غمي ، وسڪارو هجي يا ڏڪار ، هر حالت ۾ پنهنجي انساني قدرن کي نه ڇڏيندا.هو بک ته ڪٽي ويندا پر ڪنهن جي چوري نه ڪندا. هو پنهنجي هر حال ۾ همت ۽ سهپ سان وقت گذاري ويندا ، پر ٻئي جي اڳيان پنهنجي غربت يا مجبوري وسان ظاهر نه ڪندا. ۽ پنهنجي بک ۽ ڏک جو وڏي صبر سان ڀرم رکيو ايندا. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين چوندو ته ٿر ته رڳو بر آهي ته، هو وڏي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوندا ته“ بر ته ڀرم آهي”.

    53. اوتاري ۾ ، ماني گهربي ناهي.
    اوطاق يا اوتارو جنهن کي ٿر ۾ ڪوٽ يا ڪوٽڙي به سڏيندا آهن.تاريخي طور سنڌ جو اوطاق ڪلچر تمام گهڻو پراڻو آهي. اوطاق ڳوٺاڻن جي اسيمبلي جو ڪردار ادا ڪندي آئي آهي.ڳوٺ جو هر مرد اوطاق اسيمبلي جو ڄڻ ميمبر آهي. سج لٿي ئي اوطاق تي ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويندا آهن پوءِ ڇيڙي نبيري ، ڀوڳ چرچا ، ڏور بيت ، قصا ڪهاڻيون ،ڳجهارتون ، ۽ راڳ رنگ جون محفلون مچنديون آهن ۽ پرڀات ويلي سڀ ڪو پنهنجن ڪکن ڀيڙو ٿيندو آهي.اهو ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ جي هر اوطاق ۾ ثقافتي رنگ موجود هو.جيڪو هاڻي ناهي . پر هاڻي به ڳوٺن ۾ اوطاقون موجود آهن جتي مهمان ۽ مسافر اچي رات جو ترسندا آهن. سڪار ۾ ٿر جون اوطاقون ته مهمانن سان ڀرپور هونديون آهن ۽ اوطاق تي بنا پڇي سندن خدمت ڪرڻ هر اوطاق جو ڌڻي پنهنجو فرض سمجھندو آهي.ڪنهن به ماڻهو کي اوطاق تي ماني گهرڻي نه پوندي آهي.مسافر جي پهچڻ شرط اوطاق جو ڌڻي پنهنجي گهر ماني ٺاهڻ جو چئي وري اچي مسافر کان حال احوال پڇندو آهي،۽ ڪچهري ڪندو آهي.مسافر جيڪڏهن بکيو هوندو ته هو ماني گهرندو ته ،اوطاق جو ڌڻي کيس چوندو ته ماني جو گهر چئي آيو آهيان، مون کي خبر آهي ته “اوتاري ۾ ، ماني گهربي ناهي”.

    54. ستيءَ زمين به ڪونهي.
    چئوماسي جي مند ۾ جڏهن مينهن جو آڙنگ ٿيندو آهي. ته آسمان مان ڄڻ باهه جا الا ڪرندا هجن زمين به تپي ٽامڻيءَ ٿي ويندي آهي.ٿر جا ماڻهو انهي کي زمين ۽ آسمان جو ميلاپ چوندا آهن. انهي ڪري جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي . انهي تي چيو ويندو آهي ته ادا! ستيءَ زمين به ڪونهي .

    55. وسي ته وسڪارو ، نه ته ڪارو اونڌارو.
    ٿر ۾ جيڪڏهن مينهن وٺو ته سڪار ٿي ويندو ماڻهن جي منهن تي خوشيون ۽ چپن تي ٽهڪ اچي ويندا. ۽ ڪئين اميدون ، آسرا ، ۽ امنگون جاڳي پونديون آهن.جيڪڏهن مينهن نه وٺو ته ڏڪار ۽ ڏولائو اچي منهن ڪڍندو.بک جي خوني راڪاس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٿر جا ماڻهو پنهنجو سندرو ڇڪي ٻڌندا ,۽ ڏولائي ڏور ڪرڻ لاءِ هر ڪو هٿ پير هڻڻ شروع ڪندو ۽ جياپي جي جنگ شروع ٿي ويندي.انهي حالت ۾ سڀ ڪو پيٽ گذر جي ڳڻتيءَ ۾ پيو ڳرندو ۽ محنت ڪندو. انهي وقت ڪا به اميد ڪو به آسرو ڏسڻ ۾ نه ايندو.هر ڪو پٽ سٽ وٺ وٺان ۾ هوندو.ان کان سواءِ کين ٻي ڪا به ڳالهه ياد نه هوندي.انهي ڪري سياڻن سموري حالت جي ترجماني ڪندي چيو آهي ته“وسي ته وسڪارو ، نه ته ڪارو اونڌارو”.

    56.ٿر ته آهي ٿڻ تي ، يا ڪڻ تي.
    ٿر جي سموري زندگي جي جياپي جو دارومدار وسڪاري تي آهي. وسڪارو ٿيو ته سڀ الڪا لهي ويا.سڪار جي سونهن ٿر جي ڀٽن کي رنگ برنگي هار پهرائي حسين دوشيزه بنائي ڇڏيندي آهي. اهڙي حسين محبوبه جنهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسندڙن جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيندي آهي. دلين ۾ محبت جي گرمي اميدن جا ڪئين ڏيئا ٻاري ڇڏيندي آهي.پر وسڪاري نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڏڪار جو ديوَ پنهنجا خونخوار ڏند کڙڪائي زندگيون ڳڙڪائڻ شروع ڪندو آهي.ته ماروءَ ماڻهو وسڪاري جي فصلن جي پيداوار بجاءِ پنهنجي مال جي کير تي گذارو ڪندا آهن . پنهنجي مال جي ڌڻ مان ڪو پهروءَ وڪڻي پيا ويلهي کي ٺيلهو ڏيندا.ڇو ته ٿر جو گذر يا ته مينهن جي ڪڻين تي هوندو آهي يا مال جي کير تي هوندو آهي.انهي ڪري پهاڪو آهي ته “ٿر ته آهي ڪڻ تي ، يا ٿڻ تي”.

    57.سڪار ۾ئي ، سڄڻ ياد ايندا آهن.
    جيڪڏهن کيسو خالي هوندو ته همرا هه موالين وانگر پيو پنڪيون کائيندو.۽ پور پچائيندو آهي.انهي وقت کيس سواءِ پئسي جي ٻيوڪجهه ياد نه هوندو آهي.بک ۾ نه ماڻهو پاڻ کي وڻندو آهي.۽ نه ئي کيس ڪو ٻيو وڻندو آهي.ايتري قدر جيڪڏهن بک ۾ وٽس ڪو پيارو دوست لڙي ايندو ته ڄڻ هن جي مٿان ڪو پهاڙ ڪري پيو هجي ، هو پنهنجي پريشاني ۾ پورو هوندو ته، دوست جي خدمت ڪهڙي ڪري.،انهي چنتا ۾ منهن ڀيلو ڪري پيو دوست ڏانهن ڏسندو. پر جيڪڏهن ڪنهن جي کيسي ۾ چار ڏوڪڙ هوندا ته، هو پيوهڪڙن دوستن جي خدمت ڪندو ، ته ٻين کي پيو اچڻ لاءِ نياپا موڪليندو . کيس هرڪو دوست ياد هوندو. ٿر ۾ سڪار جي اچڻ سان وڇوڙا ميلاپ ۾ تبديل ٿيندا آهن . سڪار جي موسم ۾ ٿر جا ماڻهو پنهنجي پيارن دوستن کي دعوتون ڏيئي پيا گهرائيندا آهن . ائين ڪرڻ سان سندن جي ڏڪار جي دردن ۾ گهٽتائي ايندي آهي ، ۽ سمورا ٿڪ لهي پوندا آهن .انهي ڪري سياڻن بيشڪ سچ چيو آهي ته “سڪار ۾ ئي ، سڄڻ ياد ايندا آهن”.

    58. الاريو ته ، ڄڻ هنيو.
    ڪي ڪي ماڻهو اٻهرا هوندا آهن. ڳالهائڻ وقت سوچيندا ناهن ته ڇا پيا چئون.اهو نه سوچيندا ته ، اسان جي چوڻ سان ٻڌڻ واري ماڻهو جي دل تي ڇا پيو گذري.انهي لاءِ ڏاهن چيو آهي ته ڳالهائڻ کان اڳ ۾ لفظن کي توري پوءِ ڳالهائجي.لفظن جي تور ائين ٿيندي آهي ته، جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي اهي ساڳيا لفظ چوي ته ، منهنجي دل تي ڇا وهندو واپرندو.لفظن کي توري ڳالهائڻ وارا ئي دلين تي حڪومت ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي ناگوار لفظ چئبا ته ، هن جي دل ۾ محبت بجاءِ نفرت پيدا ٿيندي. ائين اڳتي هلي دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندي چوندو ته آئون تو کي بندوق هڻي ماري ڇڏيندس. چوڻ ۾ ته اهي ڀلي خالي لفظ هجن، پر اڳلو ماڻهو دوست مان ڦري دشمن ٿي ويندو. هن جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي.اهو ماڻهو دلي طرح ڄڻ ته لفظ ڳالهائيندڙ ماڻهو لاءِ مري ويو. انهي رويي کي ڏسندي سياڻن خبردار ڪندي هي پهاڪو چيو آهي ته “الاريو ته ، ڄڻ هنيو”. ٿر جا ماڻهو ڳالهائڻ وقت وڏو احتياط ڪندا آهن . جيڪا ڳالهه سندن ڏاهپ سان ڀرپور سماجي قدرن جي نشاندهي ڪري ٿي .

    59.کٽيو کائي مڙس جو ، جيئي منهنجو ڀاءُ.
    هر ڀيڻ کي پنهنجي ڀاءُ سان بي انتها پيار هوندو آهي.شاديءَ ڪرڻ کان پوءِ به کيس پنهنجا ماءُ ، پيءُ ، ڀيڻ ، ۽ ڀائر تمام گهڻا ياد ايندا آهن. هو هر وقت پنهنجي مائٽن کي ياد ڪندي رهندي آهي، پر کيس سندس ڀائر وڌيڪ ياد هوندا آهن.هو اٿندي ويهندي هر وقت پنهنجي ڀائرن کي د.عائون ڪندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس پير ترڪيءَ ويو ۽ هو پٽ تي ڪري پئي ، سندس هٿ مان ڪم ڪندي ڪو ٿانءُ ڪري پيو ، يا ماني پچائيندي سندس هٿ سڙي پيو، ته هو هڪدم چوندي بسم الله ، جيئي بچي منهنجو ڀاءُ. سندس انهي عمل کي ڏسندي ڪو ساڙ سڙيو ماڻهو چئي ڏيندو ته “ کٽيو کائي مڙس جو ، جيئي منهنجو ڀاءُ”. جيڪا ڳالهه سندس مردن کي ڏکي لڳندي آهي . ڇو ته ٿري سماج ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ جنسي تضاد گهٽ هوندو آهي . ايتري قدر جو اولاد جي شادي وغيره جا فيصلا به عورتون ئي ڪنديون آهن .انهي ڪري انهي پهاڪي چوندڙ ساڙ سڙئي ماڻهو کي ان عورت جو مڙس هڪدم چوندو آهي ته ، اڳتي لاءِ اهڙيون گهر کي ڦٽائڻ واريون ڳالهيون نه ڪجانءِ . رت جي اڪير به ، وفا ۽ سچائي جي نشاني آهي . منهنجي زال جيڪڏهن پنهنجي ڀائرن کي دعا ٿي ڪري ته اها سندس رت جي ڇڪ ۽ وفا جي نشاني آهي .

    60. مڙسن ڇڏيون زالون ، زالن ڇڏيا ٻار.
    ٿر ۾ ڏڪار اچڻ بعد جيئڻ لاءِ گذر جا وسيلا ختم ٿي ويندا آهن. انهي کوٽ جي پورائي لاءِ مردن کي ٻين آباد علائقن ۾ گذر سفر ڪارڻ مزدوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي . ۽ هو پنهنجي زال ۽ ٻار ٻچا گهرن ۾ ڇڏي دل تي پٿر رکي روانا ٿي ويندا آهن. مڙسن جي وڃڻ کان پوءِ پويان زال کي سموري گهر جي ڪم ، مال جي ٻڌي ڇوڙي ، ڪاٺي ڦانگهي ۽ ٻين ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو آهي.هو ٻارن کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ٻاهر پٽ سٽ کي لڳي ويندي آهي.انهي ڳالهه کي ڏسندي، ٿر جي ڏاهن ترجماني ڪندي هي پهاڪو چيو ته “مڙسن ڇڏيون زالون ، ۽ زالن ڇڏيا ٻار”.

    61. ڪانءَ دِلو ضرور وڃائي.
    ڪانءَ جي عادت هوندي آهي ته ڀلي ٻاهر پاڻي سان ملڪ ڀريو پيو هجي پر هو گهر ۾ پيل دلي کي چهنب هڻي ڍڪ لاهي پاڻي ۾ پنهنجي چهنب ضرور ٻوڙيندو۽ دلي جو پاڻي خراب ڪري ڇڏيندو.هونئن به سياڻا چئي ويا آهن ته عادت عضوو آهي يا چوندا ته عضوو ڀڄي پر عادت نه وڃي.نفسيات جي علم موجب ڪو به عمل بار بار دهرائڻ سان عادت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. عادت نسل در نسل دهرائڻ سان جبلت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.چور کي ڀلي ڪيتري سزا اچي، سموري ذلت سهڻي پوي، پر هو چوري جي عادت نه ڇڏيندو.جوئاري جي ڀلي هڙ ڀينگ ٿي وڃي، پر هو پنهنجي عادت کان مجبور هوندو، ۽ جوئا ضرور کيڏندو.انهي وانگر ڪانءَ به ٿانءُ وڃائڻ واري عادت اڳيان مجبور آهي.انهي کي ڏسندي جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي عادت موجب ڪم ڪندو ۽ مٿس ڪنهن به نصيحت جو اثر نه ٿيندو ته سياڻا چوندا ته“ ڪانءَ دلو ضرور وڃائي”.

    62.گڏهه لت هڻڻ کان نه مڙندو.
    گڏهه جي عادت هوندي آهي ته هو پٺيان بيٺل شيءَ کي لتون ضرور هڻندو. اهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جي عادت هوندي آهي، ته هو هرو ڀرو پيا ٻئي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھندا ، ۽ بد خواهي ۾ٻين جو ٺهيل ڪم پيا ڦٽائيندا.ڇو ته هنن کي ٻين جو ڪم ڦٽائي تماشو ڏسڻ جي عادت هوندي آهي. ٻن ٺهيل ماڻهن کي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي ويڙهائڻ ۾ دير نه ڪندا ، ۽ پوءِ ويٺا ڀوڳ ڏسندا ۽ مزو وٺندا.اهڙن ماڻهن کي گڏهه جي عادت سان ڀيٽيندي سياڻن چيو آهي ته“گڏهه لت هڻڻ کان نه مڙندو”.

    63. ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا ، پر سون نه وڄندو آهي.
    ڪنجھو ۽ پتل ٻه اهڙيون ڌاتون آهن جيڪي ملاوت سان ٺهنديون آهن.ڌڪ هڻڻ سان انهن مان آواز پيو نڪرندو ، ۽ ڪافي دير تائين وڄندو رهندو. انهي ڪري هارين جي ڍڳن جا چنگ ، اسڪولن جا گهنڊ ، وڄائڻ جون ٽليون انهن ڌاتن مان ٺهنديون آهن. جڏهن ته سون اصل ڌات آهي. منجهس ڪا به ملاوت ناهي ،انهي ڪري ڌڪ هڻڻ سان گهٽ وڄندو آهي. ڪجهه ماڻهو جيڪي هرو ڀرو بنا مقصد پيا ڳالهائيندا ، جتي به ويهندا اتي ويٺا هرو ڀرو ڄاڙيءَ هڻندا ،ڪنهن کي ڳالهائڻ ئي نه ڏيندا . هر ڪو کين واهيات ۽ بي نسلو پيو سمجھندو ۽ سندن اصليت تي شڪ ڪندو. پر جيڪي ماڻهو اجايو نه ڳالهائيندا ۽ ضرورت وقت سوچي سمجھي با مقصد ڳالهه ڪندا. سندن هر گفتو موتين ۾ تورڻ جهڙو هوندو ته ، هر ڪو چوندو ته ، اصلي ماڻهو آهي، هر ڪا ڳالهه سوچي سمجھي عقل واري ڪري ٿو، صفا نج سون جهڙو ماڻهو آهي.مٿين سموري ڳالهه کي توريندي ٿر جي ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته“ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا ، پر سون نه وڄندو”.


    64. ماکيءَ ، ماڪوڙو ، ۽ مورک نر ، ٽيئي لالچي آهن.
    ماکيءَ ۽ ماڪوڙا سدائين مٺاڻ جي تلاش ۾ هوندا آهن. هو مٺاڻ جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن پيا هتي هتي ڀٽڪندا. کين ٻي ڪا به مصروفيت نه هوندي آهي. سڄو ڏينهن مٺاڻ کي پيا پنهنجي گهرن ۾گڏ ڪندا آهن.گهر ۾ ڀلي ڪيترو به مٺاڻ گڏ ٿي وڃي،پر هو وڌيڪ مٺاڻ گڏ ڪرڻ جي لالچ ۾ پيا هلندا ۽ مٺاڻ گڏ ڪندا رهندا آهن . اهڙي طرح بيوقوف ماڻهو به هميشه پنهنجي مطلب لاءِ هٿ پيرپيا هڻندا آهن ، ڪنهن ٻئي جو کين احساس نه هوندو آهي. انهي ڪري سندن ڪو به دوست ، همدرد ، ۽ ساٿي نه هوندو آهي.اهي مطلب پرست ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ نه ڪنهن کي ڀائيوار ڪندا آهن. نه ئي ڪنهن سان ويجها ٿي دوستي رکندا آهن. هو اهو سڀ لالچ جي ڪري ڪندا آهن. سوچيندا آهن.ته ٻئي کي شامل ڪرڻ سان انهي کي به حصو ڏيڻو پوندو ، .۽ اسان کان ڪمائي جو ڪجهه حصو ضايع ٿي ويندو. مطلب پرستي يا خود مطلبي جي بيماري ئي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بنجي ٿي .انهي ڪري مٿين ٽنهي روين کي ڏسندي ٿر جي مشاهداتي علم سان ڀرپور ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته“ماکيءَ ، ماڪوڙو ، ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آهن”اهو پهاڪو ڳوڙهو مشاهدوڪندڙ ٿر جي ڏاهن جي ڏاهپ جو شاهڪار آهي. فطرت جو مشاهدو ڪري نتيجا ڪڍڻ ئي سماجي ڏاهپ آهي .

    65.تاڙو ، چڪور ، چتر نر ، جاڳندا رهن ٿا.
    تاڙو پکي هميشه مينهن جي اوسيئڙي انتظار ۾ جاڳندو رهي ٿو.چڪور پکي چنڊ جي سونهن جي ڏسڻ لاءِ ننڊ نه ڪندو آهي، ۽ عقلمند مرد به هر وقت ڪنهن اوچتي مصيبت کان بچاءُ لاءِ اکيون کولي رکندو آهي، ۽ ننڊ نه ڪندو آهي. اهو ڏسندي، ٿر جي مشاهداتي علم سان ڀرپور ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته “تاڙو ، چڪور ، چتر نر ، جاڳندا رهن ٿا”.

    66. کر ، گُگهه پکي ، ۽ مورک نر ، ڏينهن جو به ننڊ ۾ هوندا.
    کر ( گڏهه) گهگهه پکي ( چٻرو) ۽ مورک نر ( بيوقوف ماڻهو ) هميشه ڏينهن جو ستل ڏسڻ ۾ ايندا. گڏهه کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي وقت جاڳيل ڏسڻ ۾ ايندا،باقي وقت پيا سمهندا ۽ ليٽاڙيون ڪندا. مالڪ جيڪڏهن ڪم لاءِ کين جوٽيندو ته هو گوهيءَ ڪري بيهندا ، لاچار جڏهن مالڪ کين ٻه ٽي ٺاهوڪا لڪڻ واهي ڪڍندو ته ، پوءِ سندن ننڊ ڦٽندي ۽ ڪم تي ويندا.گهگهه پکي (چٻرو) به سڄو ڏينهن ڪنهن ڦٽل جاءِ جي ڪنڊ ڪنهن وڻ جي ڏار ۾ اکيون پوري ستو پيو هوندو.اهڙي ريت مورک نر يعني بيوقوف ماڻهو به ڪم ڪرڻ جي بجاءِ ، ننڊ کي وڌيڪ اهميت ڏيندو. وٽس وقت جو ڪو به قدر نه هوندو ڪو ڪم ڦٽو ته ڇا ،وسيو ته ڇا. هو بنا کٽڪي جي لت کوڙي ستو پيو هوندو. اهڙن ماڻهن کي جڏهن سندن خير خواهه دوست وقت جي اهميت بابت نصيحت ڪندا ته ، هو هڪ ڪن مان ٻڌي ، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا .ڪا به جٺ ، ڦٽڪار، مٿن اثر نه ڪندي آهي . انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سياڻن ڪهڙو نه مشاهداتي ڏاهپ سان ڀر پور پهاڪو چيو آهي ته“ کر ، گهگهه پکي ۽ مورک نر ، ڏينهن جو به ننڊ ۾ هوندا ”.
    67.ڪنجھو ، پتل ، بيوقوف ماڻهو بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا.
    ڪنجھو ۽ پتل ملاوتي ڌاتوءَ آهن. ڪنجھي ۽ پتل جي ٺهيل ڪنهن به شيءَ کي ٿورو لوڏو آيو ، يا هوا جو جهوٽو آيو ته ، منجهانئس آواز پيو نڪرندو. ڌڪ هڻڻ سان ته وڏو آواز نڪرندو ۽ اهو ڪافي دير تائين پيو وڄندو.اهڙي ريت بيوقوف ماڻهو پيو اجائي بڪ ڪندو. ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي پيو وڄندو، اصل ڳوٺ مٿي تي کڻي ڇڏيندوآهي. اهڙي حالت کي ڏسندي ٿر جي ڏاهن ڪهڙو نه ڀلوڙ پهاڪو ٺاهيو آهي ته“ڪنجھو ، پتل ، بيوقوف ماڻهو بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا”.

    68.ڀئونر ، نانگ ، ۽ چتر نر ، هميشه واس وٺندا آهن.
    ڀئونر گلن جي خوشبوءَ جو عاشق آهي. هو جتي به گل ڏسندو ته سڄو ڏينهن پيو انهن جي خوشبوءَ کي سونگهيندو، ۽ مستي ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو اڏامندو.کيس کاڌي پيتي کان وڌيڪ گلن جو واس وٺڻ پسند ايندو آهي. نانگ به زمين تي موجود شين جي واس کي پيوسونگهيندوآهي. منجهس سونگهڻ جو حواس ٻين ساهه وارن کان وڌيڪ هوندو آهي.اهڙي طرح عقلمند ماڻهو به هميشه چڱائي جي ڳولا ۾ هوندو آهي.کيس جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهو جو ڏس پتو مليو ته ، هو پنڌ جا ڪشالا ڪٽيندي کاڌي پيتي جي پرواهه نه ڪندي وڃي ، انهي ماڻهو کي ڏوري ڏسندو آهي.وٽانئس ڏاهپ سان ڀريل ڳالهيون حاصل ڪري انهن کي هنيين سان هنڍائيندو آهي.انهن ڳالهين جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ ٿر جا سياڻا ماڻهو چوندا آهن ته“ڀئونر ، نانگ ، ۽ چتر نر ، هميشه واس وٺندا آهن”.

    69. ڳل ۽ لپاٽ ۾ فاصلو ناهي.
    لپاٽ هڻندڙ ماڻهو جي هٿ ۽ ڳل جي وچ ۾ صرف هڻڻ جي وقت جو فاصلو هوندو آهي.اهڙي ريت چڱي ڪم ۽ محنت جي فائدي ۽ بري ڪم جي نقصان ۾ به ڪو فاصلو ناهي.انهي ڪري سياڻا چوندا اهن ته هميشه اکيون کولي اڳ پٺ جانچي نتيجي جي خبر وٺي پوءِ ڪو قدم کڻو. ٻي حالت ۾ توهان جي ٿوري غلطي به نقصان ڪار بڻجي سگهي ٿي. ڪاميابي ۽ ناڪامي ، عزت ، ۽ ذلت ، نفعي ۽ نقصان وچ ۾ ڪو به فاصلو ناهي. ٿوري لا پرواهي ، تڪڙ ، اجائي لالچ ، نقصان ڪار ٿي سگهي ٿي.ڇو ته وڏڙن جو چوڻ آهي ته“، ڳل ۽ لپاٽ ۾ فاصلو ناهي”.

    70. ڪانئر ڌڪ نه هڻي ، جي هڻي ته ماري.
    ڪانئر يعني ڊڄڻو ماڻهو هميشه جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪندو آهي.وقتي ساڻس جيڪڏهن ڪا نا انصافي ٿيندي آهي، ته هو اها نا انصافي برداشت ڪري ويندو آهي. هو ساڻس ظلم ڪندڙ ماڻهو کان پنهنجو حق کان به پيو پاسو ڪندو آهي.پر جيڪڏهن سامهون ماڻهو کيس ڌڪ هڻندو آهي ته ، هو ڌڙڪا دهمان ۽ دانهون پيو ڪندو.جڏهن سندس برداشت جي سگھ ختم ٿي ويندي آهي.ته هو ڊڄندي ڊڄندي اهڙو زور سان ڌڪ هڻندو جو سامهون وارو همراهه پورو ٿي ويندو. اهڙي ريت جيڪڏهن سست ماڻهو جي دل به ڪم ڪرڻ تي نه ٿيندي.هو ڪوشش ڪندو ته ٻئي جي محنت تي وقت گذاريندو رهي.پر جڏهن کيس ڪٿان به آسرو نه هوندو آهي. ته پوءِ هو بک مرندي وڃي ڌنڌي کي لڳندو آهي.ائين منجهس ڪم ڪرڻ جي هير پوندي آهي.پوءِ هو محنت ڪندو اڳتي وڌندو ويندو آهي. سندس انهي حال کي ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته هاڻي همراهه وڏا ڪم پيو ڪري ، بيشڪ سياڻن سچ چيو آهي ته .“ڪانئر ڌڪ نه هڻي ، جي هڻي ته ماري”.
    71. اتران مينهن چڙهيو ته وسيو.
    ٿر ۾ اتر اوڀر جي ڪنڊ کان جيڪڏهن مينهن جي کنوڻ جنهن کي ٻڪراس يا ٻڪرال کنوڻ چوندا آهن.ڏسڻ ۾ آئي ته ڄڻ مينهن اجهو آيو. سوين سالن کان ٻڪرال کنوڻ ٿيڻ بعد ماڻهو اڃا گهر جو ٻاهر پيل سامان اندر ئي مس رکندا هئا ته ، مينهن اچي ڪڙڪو ڪندو هو.پر موسم جي تبديلي بعد هاڻي ائين گهٽ ٿئي ٿو. پر سوين سالن جي مشاهدي تي ٺهيل هي پهاڪو اڃا تائين ٿر جي ماڻهن وٽ مشهور آهي ته “اتران مينهن چڙهيو ته وسيو”.

    72.ڪونڀٽ پن ڪتريو ، ته مينهن آيو ڪي آيو.
    ٿر ۾ مينهن وسڻ بابت ڏاهن جي ڏسيل اهڃاڻن ۾ اهو اهڃاڻ به ٻڌايل آهي.ته جڏهن ڪونڀٽ وڻ جي پنن کي لونئين نالي ننڍڙو جيت ڪترڻ شروع ڪري ۽ پن ڇڻن ته اهو جلد مينهن جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي. انهي اهڃاڻ پويان ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته“ڪونڀٽ پن ڪتريو ، ته مينهن آيو ڪي آيو”.

    73.نِمين پَن ڀِنيو ، ته بَرکا آئِي ڙي آئِي .
    مينهن اچڻ جي اهڃاڻن مان اهو اهڃاڻ به آهي ته ، جڏهن نم جي وڻ جا پن رنگ بدلائي وڌيڪ گهرا ساوا ٿين ،۽ ڏسڻ ۾ ڀنل نظر اچن ته ، اهو برسات جلد اچڻ جو اهڃاڻ آهي.انهي مٿئين اهڃاڻ جي ڪري ڍاٽڪي ٻولي ۾ پهاڪو آهي ته“نمين پن ڀنيو ، ته برکا آئي ري آئي”.يعني نم جو پن ڀنل آهي هاڻي مينهن اجهو آيو ڙي آيو.

    74. ڏکڻ مينهن نه وسڻو ، جي وسي ته ٻوڙي .
    ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا ٺهيل مينهن جو مانڊاڻ به ڍاهي ڇڏيندي آهي.ٿر ۾ ڏکڻ طرف کان مينهن نه ايندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ پيدا ٿيل هوا جو دٻاءُ مينهن کي تيار ڪري وجهندو آهي. ۽ پوءِ ڏکڻ طرف جو مينهن ٿر ۾ ايندو آهي ته ٻوڏون ڪري ڇڏيندو آهي.انهي کي ڏسي ٿر ۾ پهاڪو مشهور ٿي ويو ته “ڏکڻ مينهن نه وسڻو ، جي وسي ته ٻوڙي”.
    75. ڳجهه جي نظر ، سئو ڪوهه تائين .
    ڪجهه وقت اڳي دنيا جي ڪجهه ملڪن جيان ٿر به ڳجھ پکي جو وطن هو. هو ڪارونجھرجبل ۾ رهي ٻچا ڪنديون هيون ، پر هاڻي موسمي تبديلي ۽ ماحولياتي اثرن سبب ٿر ۾ ڳجھ پکي جو تعداد ٿورو بچيو آهي.ڳجھ سنڌ ۾ موجود پکين ۾ پيڻ پکي کان پوءِ وڏو پکي آهي. هي گوشت خور پکي آهي.پر شڪاري پکي ناهي . هي مري ويل جانور جو گوشت کائيندو آهي.اوچن وڻن جي چوٽي يا جبلن ۾ اتانهين جاءِ تي آکيرو ٺاهي رهندو آهي. آسمان ۾ وڏي اتانهين تي اڏامندو.رهندو آهي.ان ڪري سندس تيز نظر پري پري تائين پهچندي آهي.ڪٿي به ڪو جانور مئو، ته هو پهرئين ڏينهن ئي پهچي ويندي. جيستائين ان مئل جانور جي گوشت جو آخري ذرو کائي چٽ نه ڪندي ، تيستائين هو اتي رات ڏينهن رهي پئي هوندي.آسمان ۾ ويجهو ڪا ڳجھ ڏسڻ ۾ نه اچي ، پر مئل جانور جي ڍونڍ تي ٿوري وقت ۾اچي ڪڙڪندي. ڏسڻ وارا حيران ٿي.چوندا ته .ڳجھ جي نظر ڏاڍي ڪا تيز آهي جو هو اچي پهتي آهي.ته ڪي ماڻهو چوندا ته انهي لاءِ ته وڏڙا چئي ويا آهن ته “ ڳجھ جي نظر ، سئو ڪوهه تائين”.

    76. گهر گهر ٿيندي گِهرٽيءَ ،گهر گهر ٿيندو ماڻ ، اهي ڦِٽيءَ جا اهڃاڻ.
    گهرٽيءَ ____( جنڊ ) ماڻ _____ ( ماپو )
    ٿر ۾ ان کي پيهڻ لاءِ پاڙي ۾ ڪو هڪ اڌ جنڊ هوندو آهي. پاڙي جون عورتون ضرورت وقت انهي جنڊ تي پيون ان کي پيهنديون.جنڊ تي ان پيهندڙ عورت جي ٻيون عورتون به مدد ڪنديون آهن.واري واري سان بغير ڪنهن ٽڪراءُ سان پيون ان پيهنديون،ڪچهريون ڪنديون ،کل ڀوڳ رئونشو ڪنديون ،گيت ڳائينديون رهنديون آهن.جنهن سبب منجهن وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي آهي ۽ اها محبت پوري ڳوٺ جي ماڻهن کي نه ٽٽندڙمحبت جي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيندي آهي. ٿر ۾ سير ، ڪلوگرام ، اڌ ڪلو ، پاءَ يا گرام ، وغيره ماپن بجاءِ چوٿايون ، پاٽيون ، ڪاسا ، ماپڻ لاءِ پراڻا ماپا ، ڳوٺ جي ڪنهن گهر ۾ پيل هوندا آهن. ٻنيءَ جي بٽئي ڪرڻ وقت ڳوٺ جو سڀ ڪو هاري ۽ آس پاس جا هاري، اهي ماڻ کڻي پنهنجي بٽئي ڪري ، وري مالڪ کي موٽائي ڏيندا آهن .انهي سان سڄي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ محبت پيدا ٿي ويندي آهي ،.۽ هڪ ٻئي ۾ آسرا ۽ اميدون قائم رهنديون آهن.پر جيڪڏهن هر گهر ۾ گهرٽي (جنڊ) اچي ويو ۽ سڀ ڪنهن هاري پنهنجا ماڻ ماپا خريد ڪري ورتا ته ، پوءِ اهي ميلاپ محبتون ، هڪ ٻئي ۾ آسرا ۽ اميدون ختم ٿي وينديون ، ۽ محبت جي ختم ٿيڻ سان انهي ڳوٺ جو اتحاد قائم نه رهندو ، ۽ سڀ ڪو پنهنجي منهن ڏيڍ چانور جي ديڳڙيءَچاڙهيو ويٺو هوندو.انهي لاءِ ڏاهن ماڻهن اهو چيو آهي ته “ گهر گهر ٿيندي گِهرٽيءَ ، گهر گهر ٿيندو ماڻ ، اهي ڦِٽيءَ جا اهڃاڻ”.

    77. واءَ وڃايو ورهيه ، وس وڃايو واڏڙي.
    واءَ __( هوا .) وس __ ( وسڪارو . ) واڏڙي _( ڇمر ، لڳاتار برسات)
    ٿر ۾ جيڪڏهن چئوماسي جي موسم ۾ تيز هوائون لڳيون ته پوءِ مينهن وسڻ ۽ سڪار ٿيڻ جون اميدون گهٽجي وينديون آهن. وري جيڪڏهن مينهن وٺو پر ڪڪر لڳاتار ڇمر (واڏڙو) ڪري بيٺا ته ، ڦٽل گاهن ۽ فصلن جو واڌارو رڪجي ويندو ، ۽ منجهن بيماريون پيدا ٿي وينديون. گھربل اپت حاصل نه ٿيندي. يعني وسڪارو ته ٿيو ، پر ڇمر (واڏڙي) سموري اپت کي ختم ڪري ڇڏيو.۽ وسڪاري جو ڪو خاص فائدو نه ٿيو. انهي لاءِ ٿر جي ڏاهن هي پهاڪو چيو آهي ته “واءَ وڃايو ورهيه ، وس وڃايو واڏڙي”.

    78. ٽپئي نه کُوها ، رميي نه جُوئا.
    ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي.هن جو مطلب آهي ته ڪڏهن به کوهه جي مٿان ٽپ نه ڏجي ۽ ڪڏهن به جوئا راند نه کيڏجي.جيڪڏهن ڪو ماڻهو خطري ۽ نقصان وارو ڪم ڪندو ته ان کي ڪڏهن نه ڪڏهن وڏو نقصان کڻڻوپوندو.جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي کوهه جي مٿان ٽپ ڏيڻ جي عادت پئي ته ، ڪڏهن نه ڪڏهن هن جو پير ترڪي ويندو ، ۽ وڃي کوهه جي تر ۾ ڪرندو.پوءِ هڪ ته نه بچندو، جي بچي ويو ته عمر ڀر جڏو ٿي ويهي رهندو.سندس جان بچائڻ لاءِ به کوهه مان ڪڍڻ وقت وڏي محنت ڪرڻي پوندي.جوئا راند ۾ جيڪڏهن ڪنهن پهرين راند کٽي ته پوءِ هو لالچ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو.سدائين راند کٽڻ جي آسري تي پيو راند ڪندو رهندو ۽ پوءِ هارائيندي هارائيندي گهر جا سڀ ٽپڙ وڪڻي ڪنگال ٿي ويندو.انهي لاءِ ٿر جي ڏاهن نصيحت طور هي پهاڪو چيو آهي ته “ ٽپئي نه کوها ، رميي نه جوئا”.

    79. جر ميگهان جر ، ٻر ته ٻانهان ٻر.
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڪا سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ڪچهري هئي.انهي ڪچهري ۾ ڪو بادشاهه به اچي شامل ٿيو سڀني بادشاهه جي اٿي مرحبا ڪئي. وري ڪچهري شروع ٿي وئي. بادشاهه سڀني سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن جي اڳيان هڪ سوال اڇليو ته ، پاڻي ڪهڙو سٺو ۽ طاقت ڪهڙي سگهاري آهي.؟ سڀني انهي سوال جا جواب ڏيڻ شروع ڪيا . ڪنهن چيو ته پاڻي درياءَ جو سٺو آهي، ته ڪنهن چيو پاڻي سمنڊن جو سٺو آهي، ۽ طاقت بابت ڪنهن چيو ته دولت جي طاقت وڌيڪ آهي.ته ڪنهن چيو ته فوج ۽ هٿيارن جي طاقت وڌيڪ آهي. ائين بحث هلندو رهيو آخر ڪار هڪ جهوني ۽ تجربيڪار ڏاهي ماڻهو اٿي بيهي عرض ڪيو ته ، بادشاهه سلامت هن ڪچهري ۾ الاجي ڪهڙا بيوقوف ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، جو اڌ رات وهامي وئي آهي. پر توهان جي هڪ ننڍڙي سوال جو صحيح جواب نٿو ملي. بادشاهه کيس چيو ته بزرگ ! تون ئي کڻي جواب ڏي.، ته ان کلندي جواب ڏنو ته، جئيندا قبلا پاڻي برسات جو سٺو آهي. جيڪو ڀٽن جون چوٽيون ۽ سمورا وڻ ڌوئي صاف ڪري ،زمين تي هر جڳهه وسي ملڪ کي گل و گلزار ڪريو ڇڏي. طاقت ماڻهو جي پنهنجي ئي ٻانهن جي وڌيڪ آهي. جيڪا ڪٿي به مشڪل وقت ۾ سندس ساٿ نه ڇڏيندي . انهي ڪري ، “جر ته ميگهان جر ، ٻر ته ٻانهان ٻر.” سڀني اهو جواب ٻڌي واهه واهه ڪئي ، بادشاهه خوش ٿي انهي ڏاهي جهوني تجربيڪار ماڻهو کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو. جيڪو ساڻس هر وقت گڏ رهڻ لڳو. ۽ پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهن سکيا ۽ آسودا گذارڻ لڳو. ٿر ۾ هي ڪهاڻي جياپي جي اتساه جو ذريعو آهي .


    80. چار مليا ته چئوسٺ کليا ، ويس ڪريو جوڙ ،
    سڄڻ سڄڻ سين مليا ، مليا لاک ڪروڙ .
    جڏهن ٻه ماڻهو پاڻ ۾ گڏبا آهن ته هو پنهنجن ٻنهين هٿن کي هڪ ٻئي سان ملائيندا آهن. ته چئن هٿن جي سگھ پاڻ ۾ ملندي آهي. جڏهن هو وات کولي هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا ۽ خوش خيرعافيت پڇندا آهن ته ،اها چوهٺ ڏندن جي ملاقات ٿي پوندي آهي. جڏهن هو پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهن. هٿ لوڏي اشارا ڪندا آهن ته ، اها ٻنهي ڄڻن جي هٿن جي ويهن آڱرين جي ملاقات هوندي آهي. جڏهن اهي ٻئي دوست هڪ ٻئي کان حال احوال وٺندا ، دلين جا راز کوليندا ، ڏک سک جو حال ونڊيندا ، ۽ هڪ ٻئي کي دلاسا ۽ آٿتون ڏيندا آهن. ته سندن دلين جا غبار لهي پوندا آهن. هو خوش ٿي ائين محسوس ڪندا آهن ته ،ڄڻ کين دنيا جا لکين ڪروڙين خزانا ملي ويا هجن.ٿر جي پهاڪن مان لوڪ ڏاهپ جي هن پهاڪي تي غور ڪري جڏهن سوچجي ٿو ته ، ٿر جي ڏاهپ کي دل سان مڃڻو ٿو پوي. اهڙي لوڪ ڏاهپ شايد ئي ٻئي هنڌ ملي سگهي.

    81.ٿر جو جياپو ، ٿڻ، وڻ ، ۽ ڪڻ تي آهي.
    ٿر جو علائقو جيئن ته خشڪ ريگستاني علائقو آهي. هتي جي ماڻهن جو گذر معاش جو ذريعو ٿورن گهڻن فصلن کان سواءِ باقي صرف چئوپائي مال تي ئي هوندو آهي. انهي ڪري ٿر جي هر هڪ ماڻهو وٽ مال جو ڌڻ ضرور هوندو آهي جنهن جي کير سان هو پنهنجي کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي. وقت تي ڪنهن پهرو کي وڪڻي هو رقم حاصل ڪري مالي ضرورتون به پوريون ڪندو آهي.چئوپائي مال جي چاري لاءِ وڻن جو سائو هئڻ تمام ضروري هوندو آهي.جنهن تي هن جي مال جو گذران هوندو آهي.انهي لاءِ ٿر ۾ مينهن جي ڪڻ وسڻ کان سواءِ گذران مشڪل ٿيو وڃي. مينهن نه وسڻ سبب ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿيو وڃن.پر وسڪاري سان سڪار ٿيو پوي پاڻي سان ترايون ڀرجيو وڃن ، وڻ ساوا ٿيو وڃن، مال لاءِ اڻ ميو گاهه ٿيو وڃي ۽ ڪجهه فصل به ٿيو پون، جنهن سان ٿر ۾ خوشحالي ٿيو پوي. انهي ڪري ئي ڏاهن ماڻهن چيو آهي ته “ ٿر جو جياپو ، ٿڻ ، وڻ ۽ ڪڻ تي آهي”.
    82. آڙنگ ته آسرو، مونگهان تتي مينهن .
    چئوماسي جي مند ۾ جڏهن سج اڀرڻ شرط باهه جا الا اڇلائيندو آهي. زمين تپي گرم ٿي ويندي آهي. هوا به بند ٿي ويندي آهي. ته ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي. انهي گهٽ ٻوسٽ کي آڙنگ چئبو آهي.هر ماڻهو جو اهڙي گرمي ۾ ساهه پيو منجهندو ، پر ٿر جي ماڻهن جي منهن تي خوشي جا آثار نظر ايندا. وري سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت سج جي افق ۾ روشني جون لاٽون ڏسڻ ۾ آيون ته پوءِ برسات اچڻ جي پڪ ٿي ويندي . ته پوءِ ٿري ماڻهن جي دل بهار بهار پئي ٿيندي .ڇاڪاڻ ته ٿر جا ماڻهو جن لاءِ برسات زندگي جو نياپو کڻي ايندي آهي. سموري خوشحالي جي قائم رکڻ لاءِ مينهن جو وسڻ ضروري هوندو آهي. سي هن گهٽ ٻوسٽ کي برسات جو آڙنگ سمجهندا آهن. جڏهن به آڙنگ ٿيو ته کين مينهن وسڻ جو آسرو ٿي پوندو آهي.اهڙي گهٽ ٻوسٽ ٿيڻ بعد هو چوندا ته آڙنگ ٿيو آهي ۽ مينهن وسڻ جو ڪجهه آسرو ٿي پيو آهي.وري آسمان ۾ سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت لاٽون ڏسي چوندا ته هاڻي مينهن جي پڪ آهي . ڇو ته وڏڙا چئي ويا آهن ته “ آڙنگ ته آسرو ، مونگهان تتي مينهن ”.

    83. پاڻي منجهه پهاڻ ، ڀيڄي پر ڀيڏي نهين .
    پهاڻ __( پٿر . ) ڀيڄي ___( پسي . ) ڀيڏي ___ ( ڳري )
    انسان ۾ سهپ جي قوت وڌيڪ آهي. انسان تي سماجي حالتون وڏا ستم ڪنديون آهن پر هو پنهنجي سهپ جي طاقت سان اهي سڀ سور ۽ ستم سهي به وقت پيو گذاريندو آهي.موسمي اثر هجن يا سماجي نا انصافيون،ڌارين جون ٺڳيون هجن يا پنهنجن جون ويساهه گھاتيون ،هر حال ۾ هو پنهنجي سهپ جي طاقت سان پيو حالتن کي منهن ڏيندو آهي. ٻاهريان اثر سندس اندر جي دنيا تي ڪو خاص اثر نٿا ڇڏين . انهي ڪري ئي انسان پنهنجي دل جي دنيا جي خواهشن ۽ پنهنجي دماغ جي سوچن موجب ئي زندگي جي شاهراهه تي هلندو آهي. پنهنجي فڪري صلاحيتن ۽ عملي سگهه سان جيئندو ۽ جاڳندو رهندو آهي.ائين جيئن ڪو پٿر پاڻي جي سمنڊ ۾ پيل هجي. سمنڊ پٿر کي ٻاهران ته پسائيندو آهي. پر پٿر جي اندر داخل نه ٿي سگھندو آهي. پٿر جو اندريون حصو سمنڊ جي پاڻي جي ڪڙاڻ کان محفوظ هوندو آهي. پٿر کي ڀڃبو ته سندس اندريون حصو سڪل نظر ايندو. پوءِ ڀلي اهو پٿر سوين سالن کان سمنڊ ۾ پيل هجي.پٿر جي انهي حالت جي انسان سان ڀيٽ ڪندي ،ڏاهن ماڻهن هي پهاڪو چيو آهي ته انسان به ائين آهي جيئن “ پاڻي منجهه پهاڻ ، ڀيڄي پر ڀيڏي نهين”.

    84. منش ڇوٽا ، عقل ڇوٽي.
    منش ( ماڻهو ) ___ ڇوٽا ( ننڍو ).
    انسان پنهنجي عمر جي تجربن ، مطالعي ۽ مشاهدي مان ڄاڻ حاصل ڪندو آهي. اها ڄاڻ منجهس عقل پيدا ڪندي آهي. ڏاهپ وقت جي تجربن مان حاصل ٿيندي آهي.جنهن ماڻهو جي عمر ننڍي هوندي ته هن کي تجربو به گهٽ هوندو،جي تجربو گهٽ هوندو ته منجهس عقل يا ڏاهپ به گهٽ هوندي . ٿر جي لوڪ ڏاهن انهي ڪري ئي چيو آهي ته ،“ منش ڇوٽا ، عقل ڇوٽي”.

    85. اناڙي چور ، ڳولڻ ۾ سولو.
    تجربيڪار ماڻهوڪنهن ڳجهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ابتا سبتا ورن وڪڙن وارا رستا وٺي پنهنجا پير وڃائي پوءِ گهر پهچندو آهي. سندس پويان لڳل مخالف ماڻهو ، ورن وڪڙن ۾ منجهي پير وڃائي ويهندا آهن ۽ سندس گهر پهچي کيس پڪڙي سندس راز ظاهر ڪري نه سگهندا آهن. اهڙي طرح نانگ بلائون به ورن وڪڙن ۾ پيون هلنديون آهن . انهي ڪري ڪو سندن پير کڻي ٻر تائين پهچي نه سگهندو آهي. پر ٿر جي بلائن ۾ پيئڻ بلا جنهن کي ٿر جا ماڻهو چور بلا به چوندا آهن ، سا بنا ور وڪڙ جي سڌي هلندي آهي.سندس پڇ ۽ اڳيون حصو سنها هوندا آهن. ۽ وچيون پيٽ وارو حصو ٿلهو هوندو آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪا پيئڻ بلا چوري ڪنهن ماڻهو جي وات ۾ زهر اڇلائي ڀڄندي آهي ته ،ماڻهو چوندا ته “ اناڙي چور ، ڳولڻ ۾ سولو”. پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو انهي چور بلا جا پير کڻي وڃي کيس ٻر مان ڪڍي ماري ڇڏيندا آهن .

    86. جَل ٿنڀ ، کڙ ٿنڀ ۽ سُوا ٿنڀ.
    جَل ٿنڀ ( پاڻي جي موسم )___کڙ ٿنڀ ( گاهه جي موسم )___سُوا ٿنڀ ( آمدني جي موسم).
    ٿر جا ماڻهو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ جڏهن موسمن جو ذڪر ڪندا آهن تڏهن هي پهاڪو سندن گفتگو ۾ پيو بار بار استعمال ٿيندو آهي. هي هزارين سال اڳ سنڌ جي موسمن جا قديم نالا آهن. هي تاريخ جي انهي زماني جا نالا آهن ، جڏهن اڃان ڪنهن ڪلينڊر ٺاهڻ جو رواج نه پيو هو.انهي زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن سال کي ٽن موسمن ۾ ورهايو هو.چئوماسي جي مند ۾ جڏهن برسات تل ، ترايون ، ڍنڍون ، ڍورا ، ڀري ڇڏيندي هئي . سنڌو ندي ۽ ان جون شاخون برهاڙا ڪري وهنديون هيون ، هر طرف پاڻي ئي پاڻي پيو نظر ايندو هو ته ، انهي موسم کي جل ٿنڀ ( پاڻي جي موسم ) چوندا هئا. چئوماسي جي مند جي پڇاڙي ۽ سياري جي مند ۾ اهو پاڻي گهٽجي ويندو هو ته ، پاڻي ڇڏيل علائقن ۾ گاهه ڦٽي پوندا هئا. هارين جا فصل هر طرف پوکجي ويندا هئا. چئو طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي ته ، ان موسم کي کڙ ٿنڀ ( گاهه جي موسم ) سڏيندا هئا . وري جڏهن سياري ۽ بهار جي موسم ختم ٿيندي هئي ته ، تيز گرم هوائون لڳڻ شروع ٿي وينديون هيون. پوکيل فصل پچي راس ٿيندا هئا .هر طرف هڪ پاسي کرن تي هاري هلر ڪاهي ان پيا صاف ڪندا هئا. رات جو انهن کرن تي نڙ بيت جي هونگ پئي هلندي هئي.ته ٻئي پاسي گهرن ۾ عورتون مکڻ کي ڪاڙهي گيهه پيون ٺاهينديون هيون . گهرن ۾ وسنان ، ڀوڳاڙا ۽ چوريون پيون تيار ٿينديون هيون. ته ٽئي طرف واپاري مال ، اناج ۽ گيهه خريد ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ڦرندي پيا نظر ايندا هئا.مطلب ته چئو طرف پيون وڻج واپار جون ڳالهيون هلنديون هيون. پئسي جي ريل ڇيل پئي ٿيندي هئي. انهي ڪري هن موسم کي سوا ٿنڀ ( آمدني جي موسم) چيو ويندو هو. هي پهاڪو جيڪو هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به ٿر جي ڪچهرين ۾ عام استعمال پيو ٿيندو آهي. انهي مان انهي ڳالهه جي شاهدي ٿي ملي ته ٿرجا مارو ماڻهو ٻولي ، تاريخ ۽ ثقافت جا وڏا امين آهن .

    87. ڏاوَڙ نار ، ته ڏيرو ڏُول.
    ڏاوڙ نار ( بي لڇڻي عورت )____ڏيرو ( گهر)___ڏُول ( اونڌو ، تباهه )
    مرد محنت مزدوري ڪري هتان هتان پٽي سٽي پيو ٻاهران ڪجهه گهر ۾ آڻيندو آهي. مرد جو ڪم آهي گهر جي ضرورتن جي پورائي لاءِ آمدني آڻڻ . عورت جو ڪم آهي مرد جي آندل آمدني موجب، سوچي سمجهي گهر هلائڻ ۽ گهر جون شيون سنڀالي رکڻ.جيڪڏهن ڪا عقلمند عورت هوندي ته هو آمدني موجب خرچ ڪري پئي گهر کي هلائيندي.اهڙي گهر ۾ ڪنهن اوچتي وقت لاءِ بچت ڪيل چار ڏوڪڙ به موجود هوندا آهن. مشڪل وقت ۾ اهڙي گهر ۾ پريشاني نه هوندي آهي. جيڪڏهن مرد محنت ڪري پنهنجو رت ولوڙي گهر ۾ ڪجهه آڻيندو ته ، سندس زال ڪو به خيال نه رکندي. گهر ۾ موجود شين کي پئي وڃائيندي ۽ ڦٽائيندي.اهڙي گهر ۾ مشڪل وقت لاءِ ڪو ٽڪو پئسو بچائي رکيل نه هوندو. پوءِ مشڪل وقت ۾ سواءِ پريشاني جي ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو.اهڙي گهر جو سڪون برباد هوندو. سموريون شيون هيڏانهن هوڏانهن پيون رلنديون. ۽ سڄي گهر جو ڏيرو ئي ڏول هوندو. مطلب ته سڄي گهر جو نظام اونڌو ٿيو پيو هوندو۔انهي ڪري سياڻن بيشڪ سچ چيو آهي ته“ ڏاوڙ نار ، ته ڏيرو ڏول”.

    88. پوڙهو ٿيو اُٺ ، ته به گت گئونرن جي.
    ڪي ڪي ماڻهو پيريءَ ۾ به چکيا مکيا پيا هلندا . هوندا ته پوڙها پر سندن خيال نوجوانن جهڙا هوندا . منجهانئن ڇيڳر پائي ، هٿ کس ، ۽ ڀوڳ چرچي جون عادتون نه وينديون . اهڙن ماڻهن کي ڏسي سڀ ڪو پيو چوندو ته “ پوڙهو ٿيو اٺ ، ته به گت گئونرن جي”.

    89. پنڻ عيب ، پر مدد ڪرڻ فرض آهي.
    ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگڻ ، سوال ڪرڻ ، يا ڪجهه پنڻ سان، ماڻهو مان همت ۽ محنت ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي.جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ پنڻ جي عادت پئجي وئي، ته هو محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو. هن مان پنهنجي همت سان جيئڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو ختم ٿي ويندو. عملي طرح پنڻ وارو ماڻهو ڪجهه نه ڪرڻ جي ڪري سماج تي بار هوندو آهي.انهي ڪري پنڻ کي سڀ ماڻهو عيب سمجهندا آهن . پر اصل ۾ پنهنجي همت تي ڀروسو نه رکڻ هڪ وڏو گناهه آهي.ٻئي طرف ڏکئي وقت ۾ ڪنهن اڙيال ، غريب ۽ اوچتو مصيبت ۾ ورتل ماڻهو جي، ري گهري مدد ڪرڻ فرض سان گڏ وڏي عبادت پڻ آهي. انهي ڪري سياڻن چيو آهي ته “ پنڻ عيب ، مدد ڪرڻ فرض آهي”.

    90. مَرڻ ناهي مِهڻو، اهو ٻج ٻني.
    موت اٽل آهي. جيڪو ڄمندو اهو هڪ ڏينهن ضرور مرندو.هن ڪائنات ۾ سڀ شيون ڄمن ۽ مرن ٿيون. جيڪا شيءَ پيدا ٿئي ٿي اها پنهنجي مقرر وقت تائين زنده رهي ٿي. پوءِ فنا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي فطرت جو مڃيل اصول آهي.جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي. هڪ ٻوٽو ٻج مان انگورجي وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو هر موسم ۾ سوين ٻج پيدا ڪري ٿو، جنهن منجهان سوين ٻيا وڻ پيدا ٿين ٿا. آخر ڪار اهو وڻ پوڙهو ڀانگهر ٿي سڪي ختم ٿيو وڃي.انهي ڪري ڏاهن چيو آهي ته “ مرڻ ناهي مهڻو ، اهو ٻج ٻنيءَ”.

    91. سوڻ سڄڻ ، من ويري.
    ٿر جا ماڻهو هر ڪم ۾ سوڻ پيا ڳنڍيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم تي نڪتو ،کيس رستي ۾ ڪو سڪل ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي ايندڙ ماڻهو مليو ته وڏن جي سوڻ موجب هو سمجھندو ته ، آئون جنهن ڪم لاءِ وڃي رهيو آهيان، سو سوڻ موجب ڪو نه ٿيندو ، ۽ مونکي ناڪام ٿي واپس اچڻو پوندو. پر سندس من چوندو ته خوامخواهه سوڻ جي پٺيان لڳي پيواڄوڪو ڏينهن وڃائين ۽ هو واپس ورڻ بجاءِ انهي ڪم ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويندو. پر جڏهن هو ڪم نه ٿيڻ ڪري ناڪام واپس گهر ايندو.ته پوءِ سوچيندو ته سوڻ ته سڄڻ بنجي مونکي اجائي تڪليف ڪرڻ کان روڪيو هو.پر آئون من جي لالچ پويان لڳي نڪتس ۽ اجايو تڪليف ڪري وقت وڃائي واپس ٿيو آهيان، بيشڪ وڏڙن سچ چيو آهي ته “ سوڻ سڄڻ ، من ويري”.
    92. عقل وڏي اٽڪل آهي.
    ڪو ماڻهو لالچ ۾ اچي بغير سوچي سمجهي پيو اٽڪلون هلائيندو، ۽ مختلف ڪمن پويان پيو مٿا ڪٽ ڪندو.پر جيئن ته سندس اهي ڪم سوچي سمجھي ڏاهپ سان نه ڪيل هوندا. انهي ڪري سندس سوچ سمجهه کان خالي اٽڪلون کيس ڪو فائدو نه ڏينديون . هو پنهنجي ناڪامين جو ذڪر جڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهو سان ڪندوته ، هو کيس چوندو ته هر ڪم جي ڪاميابي لاءِ رڳو اٽڪلون ڪم نه اينديون آهن . پر عقل سان ئي ڪاميابي ملندي آهي.ڇو ته “ عقل وڏي اٽڪل آهي”.


    93. ٻه ويا ته ٻارهن ويا.
    ٿر ۾ اصل وسڪاري جا صرف ٻه مهينا جولاءِ ۽ آگسٽ آهن. جيڪڏهن انهن ٻن مهينن ۾ وسڪارو ٿيو ته ، پوءِ فصل پوکبا ۽ سڪار ٿيندو.پر جيڪڏهن انهن ٻن مهينن ۾ وسڪارو نه ٿيو ته پوءِ ڏڪار ايندو ، ۽ پورو سال اجايو گذري ويندو .انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو عام طور اهو پهاڪو ڏيندا آهن ته “ ٻه ويا ته ٻارهن ويا”.

    94. هڪ کي شوق ، ٻئي کي ڳڻتي.
    جڏهن ڪنهن ماڻهو جا نوجوان پٽ پيا شوق ڪندا ۽ اجاين ڳالهين تي خرچ ڪندا . ته ان ماڻهوکي سندن اهي اجايا خرچ ڏسي ڳڻتيون پيون ٿينديون. ته نوجوان پٽ اجايا خرچ ڪري پئسا پيا وڃائين ، سڀاڻي جيڪڏهن ڪا اوچتي مصيبت يا ڏڪار آيو ته ،پوءِ گهر ۾ پئسو نه هئڻ ڪري ڏاڍي تڪليف مان گذرڻو پوندو.انهي ڳالهه کي ڏسي ڏاهن چيو آهي ته “ هڪ کي شوق ٻئي کي ڳڻتي”.
    95.منش نه وڏو ، پر عقل وڏي وٿ.
    منش ( ماڻهو )____وٿ (قيمتي شيءَ يا سوکڙي )
    ماڻهو ڀلي وڏي عمر جو ٿي وڃي پر منجهس تجربي ، مشاهدي ، مطالعي جي کوٽ هوندي ۽ هو جاهل هوندو ته ، سندس اها وڏي عمر ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهي. جڏهن ڪو کانئس گهٽ عمر جو ماڻهو جنهن کي تجربو، مشاهدو ، مطالعو وڌيڪ هوندو ته ، هو اهڙيون عقل جون ڳالهيون ڪندو جو ماڻهو حيران ٿي ويندا . عمر جي ڀيٽ ۾ سندس عقل وڌيڪ هوندو. ڇو ته انسان ۾ عقل تجربن مشاهدن مطالعي کان سواءِ ، تجربيڪار ڏاهن ماڻهن جي صحبت مان چڱين ڳالهين جي پرائڻ مان حاصل ٿيندو آهي ، بزرگن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري ماڻهو سندن تجربن ۽ ڄاڻ مان علمي موتي حاصل ڪري علم ۾ شاهوڪار ٿي ويندو آهي . پوءِ اهڙي ڏاهي ماڻهو کي ڏسي ڪو ڏاهو چوندو ته “ منش نه وڏو ، پر عقل وڏي وٿ”.

    96. هڏي تي هوڏ ، ڪتن جو ڪم.
    انساني اخلاقيات جي اها تقاضا آهي. ته ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو خيال رکي. ڪنهن به ڪم ۾ ٻئي جي مدد ڪرڻ سفر ۾ يا ڪنهن مشڪل ۾ ٻئي جي ڪم اچڻ . ماني کائڻ وقت ٻئي جو خيال رکڻ ،انساني اخلاق جو حصو آهي. ڪتا ماني جي ٽڪر گوشت يا هڏي تي پيا وڙهندا ۽ هڪ ٻئي تي گرندا آهن. کائڻ وقت ڪتن جو وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي تي گرڻ سندن عادت آهي.انهي ڳالهه کي ڏسي ڏاهن ماڻهن چيو آهي ته“هڏي تي هوڏ ، ڪتن جو ڪم”.مطلب ته اها ماڻهو کي نصيحت آهي ته هو لالچ ۾ اچي ٻئي جو حق نه کائي ۽ نه ئي مفاد پرستي ۾ اچي ٻين ماڻهن سان وڙهي امن امان ۾ رخنو وجهي .

    97. مارئي جي مثل ، ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ.
    مارئي ٿر جو اهو وطن سان محبت ڪندڙ ڪردار آهي. جنهن کي سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن ساراهيو آهي. سنڌ جي سمورن تاريخي ڪردارن ۾ وطن جي حب سبب مارئي جو وڏو مقام آهي.شايد ئي ڪو سنڌي ماڻهو اهڙو هجي ، جنهن کي ٿر جي عظيم ڪردار مارئي بابت ڄاڻ نه هجي . مارئي جي وطن دوستي جي خوشبوءَ سان سموري سنڌ ائين واسي پئي آهي جيئن ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ. ٻاٽيءَ ٿر ۾ ٿيندڙ هڪ ٻوٽو آهي . جنهن جي ننڍڙن گلن ، پنن ۽ ڪاٺين ۾ دل کي فرحت ڏيندڙ خوشبوءَ آهي. جيڪا آس پاس جي سموري ٽڪري کي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيندي آهي.ڪو ماڻهو ڪجهه فاصلي تان گذرندو ته کيس ٻاٽيءَ جي تيز خوشبوءَ محسوس ٿيندي ، ۽ هن کي خبر پئجيويندي ته ، هتي آس پاس ٻاٽيءَ جو ٻوٽو بيٺل آهي.ٻئي طرف ٿرجا ڪجهه ماڻهو ماني کي به ٻاٽيءَ چوندا آهن . ماني جي خوشبوءَ به ڏاڍي وڻندڙ هوندي آهي . خاص ڪري بک ۾ ته اها خوشبوءَ بي چين ڪريو ڇڏي .ٿر جي امر ڪردار مارئي کي ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ سان ڀيٽيندي چيو ويو آهي ته“مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءَ .

    98.هرڻيءَ لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آهي.
    ٿر جو ريگيستان ۽ ڪارونجھر جبل ڪجهه وقت اڳي هرڻن جي ولرن سان ڀريو پيو هوندو هو. پر هاڻي هتي ڪڏهن ڪو قسمت سانگي هرڻ نظر ايندوآهي.ڪارونجھر جبل جي وادين ۽ آس پاس واري علائقي ۾ ڪورڙ نالي فصل ٿيندو آهي.جنهن کي موٺ جو فصل به چوندا آهن . ڪورڙيعني موٺ ، هرڻ وڏي شوق سان کائيندا آهن. ٿر جي اڪثر ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته ،مادي هرڻي ۽ هرڻ جڏهن ڪورڙ ( موٺ ) کائي ڍئو ڪندا آهن ته ، پوءِ مستي ۾ اچي ويندا آهن. نر هرڻ جي دن ۾ کستوريءَ ٿيندي آهي ، جيڪا ڪورڙ کائڻ سان پڪي ٿي خوشبوءَ پکيڙيندي آهي ته ، هرڻيون انهي خوشبوءَ تي مست ٿي وينديون آهن ، ۽ اچي نر هرڻ جو پاسو وٺنديون آهن .هرڻ مستي جي حالت ۾ لڳ به ڪندا آهن. جنهن منجهان مادي هرڻي پيٽ سان ٿي ويندي آهي. هرڻن ۽ ڪورڙ( موٺ ) جي انهي لاڳاپي جي ڪري انهي پهاڪي جنم ورتو ته “ هرڻي لاءِ ڪورڙ ئي ڪافي آهي”.

    99. آنڀوءَ اهي ، جيڪي کيري ۾ کاڄن.
    ڪڻڪ ، ٻاجھر ، جوئر جي فصل ۾ سنگ ٿيندا آهن. سنگ داڻو ٻڌندا آهن ۽ انهن داڻن ۾ پهريائين کير ڀرجي ايندو آهي. انهي وقت سنگ کيري ۾ هوندا آهن. ٿري ماڻهو کيري ۾ آيل سنگن کي آنڀوءَ چوندو آهي. ٿر جا ماڻهو مرد عورتون ۽ خاص ڪري ٻار انهن سنگن کي پٽي ، ٽانڊن تي سيڪي مهٽي ڦوڪي ،ان صاف ڪري جهوليون ڀري شوق سان کائيندا آهن.آنڀوءَ کائڻ کان پوءِ پاڻي جا ٻه ٽي ڍڪ ڀري ڍئو ڪريو پيا هلندا.آنڀوءَ کائڻ کان پوءِ کين ماني جي ضرورت نه پوندي آهي. آنڀوءَ مان سيڪي پچائي صاف ڪيل ان ۾ ڏاڍو مٺاس هوندو آهي.۽ کائڻ ۾ مزو پيا ڏيندا. پر جيڪڏهن سنگن جي ان ۾ کير سڪي ويو ۽ داڻا پڪا ٿي ويا ته پوءِ انهن جي آنڀوئن ۾ مـٺاس گهٽ هوندو.۽ کائڻ ۾ به مزو نه ڏيندا.انهي ڪري اها چوڻي آهي ته “ آنڀوءَ اهي ، جيڪي کيري ۾ کاڄن”.

    100. موسم کري ته واءَ ڪري ، وڻ کري ته ڳرنڍهو ڪري.
    چئوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن ڇوٽ تيز هوا لڳندي رهي ته پوءِ مينهن نه وسندو. ۽ ماڻهو چوندا ته موسم کري وئي آهي . جيڪڏهن ڪنهن وڻ ۾ گلن جي جاءِ تي پنن جون موڙهيون يا ڳنڍيون جنهنکي ٿر جا ماڻهو موڙهه يا ڳرنڍهو چوندا آهن. ٿي پيو ته ، پوءِ اهو وڻ ڦل نه ڏيندو. ۽ ماڻهو چوندا ته وڻ کري ويو. انهي کي ڏسندي هي پهاڪو ٺهيو ته “موسم کري ته واءَ ڪري ، وڻ کري ته ڳرنڍهو ڪري”.

    101. سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا ڄاڻي.
    عقل واري ڳالهه ڪو عقلمند ئي ٻڌندو ۽ پسند ڪندو آهي. بيوقوف ماڻهو اجاين ڳالهين ۽ ٺلهين ڦوڪن تي ته ڪن ڏيندو.پر عقلمندن جي ڪچهري کان پري ڀڄندو آهي . نانگ جڏهن مرلي جو آواز ٻڌندو ته لهرن تي پيو ڪنڌ لوڏيندو. ۽ مستي ۾ اچي زبان پيو مِرڪائيندو.جيڪڏهن ڪو شڪاري جوڳي ڪو سريلو سر منڊل ڇيڙيندو. ته هوا جي لهرن تي واسينگ نانگ ريجهي اچي ويجهو ٿيندو.کيس ڪنهن به خطري جي پرواهه نه هوندي. ۽ هواچي جوڳي جي پيرن ۾ پوندو. پوءِ اهو شڪاري جوڳي پنهنجي حرفت سان اهو نانگ جهلي کاري ۾ وجهي کڻي ويندو.پر جوڳي جي ڀر ۾ مرلي ٻڌندڙ سانڊو مرلي جي آواز تي ڪا به توجهه نه ڏيندو. انهي کي ڏسي سياڻن چيو ته“سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا ڄاڻي”.

    102. رڍن اڳيان رباب ، وڄائيندي ورهيه ٿيا.
    جانورن ۾ رڍ هڪ اهڙو جانور آهي. جيڪو هميشه پنهنجي پيٽ گذر لاءِ چرڻ وقت زمين ۾ منهن هنيو پيو چرندوآهي. رڍ ڏندن سان گاهه پٽيندي آهي. ان ڪري ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ننڍڙي گاهه کي به کائي پنهنجو پيٽ ڀري وٺندي آهي. رڍ کي جيڪڏهن ڪٿي ٿورڙو اڻ لکو گاهه به ڏسڻ ۾ آيو ته ، هو انهي کي ئي پٽيندي کائيندي رهندي آهي. هو گاهه جي تلاش ۾ گهڻي ڊڪ ڊوڙ نه ڪندي آهي. انهي ڪري رڍن جو ڌنار وڌيڪ پريشان نه رهندو آهي.رڍ جيڪڏهن ڪنڌ هيٺ ڪيو.ته پوءِ ڪيڏانهن به نه ڏسندي آهي. انهي ڪري آس پاس جي ماحول کان بي خبر هوندي آهي.مٿس ڪنهن به ڳالهه جو اثر نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن تي ڪا ڳالهه اثر نه ڪندي.هو ڳالهه ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو ، يا علمي ميڙاڪن ، سگهڙن جي ڪچهرين کان ڀڄي ونئن پيو ويندو آهي ، ماڻهن جي ڪچهري ۾ ويهڻ کان به لهرائيندو ته ، پوءِ اهڙي ماڻهو لاءِ چيو ويندو ته ،هن ماڻهو تي رڍ وانگر ڪو به اثر نه ٿيندو. سياڻن سچ چيو آهي ته“رڍن اڳيان رباب ، وڄائيندي ورهيه ٿيا”.


    103. مٺو ۽ کارو پاڻي ڪڏهن به نه گڏبا آهن.
    ٻن ماڻهن جي دوستي لاءِ ضروري آهي ته سندن عادتون خيال شوق ، ۽ مفاد هڪ ٻئي سان ملندا هجن. جيڪڏهن ٻن ماڻهن جي عادتن ، خيالن، شوقن ، طبيعتن ، روين ، ۽ مفادن ، جي وچ ۾ فرق هوندو يا تضاد هوندو ته اهي پاڻ ۾ وقتي طور ته گڏجي سگهن ٿا ، انهن جي وچ ۾ دوستي ٿيڻ ناممڪن آهي.ائين جيئن کارو ۽ مٺو پاڻي ڀلي هڪ کوهه ۾ گڏيل هجي پر هو پاڻ ۾ نه ملندو.اهڙي حالت ٿر جي کوهن ۾ ڏسڻ لاءِ ملندي آهي.جيئن ته کارو پاڻي ڳرو هوندو آهي،ان ڪري اهو هيٺ هوندو آهي ، ۽ مٺو پاڻي هلڪو هوندو آهي.انهي ڪري مٿان هوندو آهي . ٿر جي کوهن مان پاڻي ڀريندڙ هميشه اها ڪوشش ڪندو آهي ته کوهه مان پهرين پاڻي ڀري. ڇو ته اهو پاڻي مٺو هوندو آهي.پوءِ جيئن ماڻهو پاڻي ڀريندا ،تيئن مٺو پاڻي گهٽ ٿيندو ويندو، ۽ کارو پاڻي مٿي چڙهندو ايندو. ۽ آخري ڪوس کاري پاڻي جو نڪري ايندو.۽ پوءِ ماڻهو انهي کوهه کي ڇڏي وري ٻئي کوهه تي ويندا. ٻئي ڏينهن ڇڏيل کوهه ۾ مٿان مٺو پاڻي زمين مان سمي گڏ ٿي ويندو.اهڙي ريت سمنڊ ۾ جتي مٺي پاڻي جو درياءَ ڇوڙ ڪندو آهي. اتي به کاري ۽ مٺي پاڻي جي وچ ۾ وٿيءَ هوندي آهي. انهي ڪري سياڻن چيو آهي ته جيئن ٻن مخالف طبيعتن وارا ماڻهو دوست نٿا ٿي سگهن تيئن “ مٺو ۽ کارو پاڻي ڪڏهن به نه گڏبا آهن”.

    104. کنوڻ تي مال ڪاهيو پيو وڃي.
    ٿر جي ماڻهن جون چئوماسي جي مند ۾، اکيون آسمان ۾ هونديون آهن . هنن کي سدائين مينهن جي تلاش هوندي آهي. جيڪڏهن ٿر جي ڪنهن علائقي تي پري کان ڪا کنوڻ نظر آئي ته پيا خوش ٿيندا ، انهن کي ڀروسو ٿي ويندو آهي.ته ٿر تي مينهن وسڻ شروع ٿي ويو آهي. ۽ هاڻي اسان وٽ به مينهن وسندو. پر جڏهن ڪنهن علائقي تي روزانا کنوڻيون ٿينديون.ته هوپيو سمجھندو ته اسان وٽ شايد مينهن نه وسي .۽ پوءِ هو بنا سوچي سمجھي ان طرف مال ڪاهي روانو ٿي ويندو.ماڻهو چوندا ته مينهن جي پڪي خبر چار وٺي پوءِ نڪر. پر هو تڪڙ ۾ چوندو ته آئون وڃان ٿو. ٻيا ماڻهو چوندا ته ادا سياڻن سچ چيو آهي ته “ کنوڻ تي مال ڪاهيو پيو وڃي”.اهو پهاڪو انهن ماڻهن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي جيڪي بنا ڪنهن ڏسڻ وائسڻ جي تڪڙا ٿي ڪو ڪم ڪندا آهن.

    105. اوڀر جي هوا کوهه سڪايو ڇڏي.
    ٿر ۾ جڏهن اوڀر طرف جي هوا ڇوٽ لڳڻ شروع ٿيندي آهي ته،اهو مينهن نه وسڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. پر اوڀر جي هوا لڳڻ سان ٿر جي کوهن جا پاڻي به سڪي ويندا آهن.انهي کي ڏسندي هن پهاڪي جو جنم ٿيو.هي پهاڪو انهي مقصد لاءِ به چيو ويندو آهي جڏهن ڪن ماڻهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڳالهه وڃي جهڳڙي تائين پهچندي آهي، ۽ ٻنهي طرفن جو نقصان شروع ٿيڻ ڪري هو تباهه ٿي ويندا آهن ته ، پوءِ هن پهاڪي جو استعمال ٿيندو آهي. ته ادا! هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ اوڀر جي هوا پئي لڳي ، هاڻي ته سندن کوهن جا پاڻي به سڪي ويندا. مطلب ته اچي سندن وچ ۾ اڻ بڻت ۽ کيٽو پيو آهي ، کيٽو ۽ کپت ڪنهن جي به وچ ۾ چڱي ناهي . ڇو ته اوڀر جي تيزهوا لڳڻ تي مينهن ته ڪو نه وسندو آهي . نه ئي اوڀر جي تيز هوا سان ڪو مينهن جو مانڊاڻ ٺهندو آهي . اوڀر جي هوا ته کوهن جا پاڻي به سڪايو ڇڏي .

    106. نم جا پن ، ان جا راکيءَ.
    ٿر ۾ جڏهن سڪار ايندو آهي.ته ماڻهو سڪار ۾ پيدا ٿيل هر کائڻ جي شيءَ کي سڪائي محفوظ ڪري رکندا آهن.اهي محفوظ ڪيل شيون کين ڏڪار جي قحط ۾ ڪم اينديون آهن.ٿر جا ماڻهو چڀڙ ، ڪنڊيءَ جا سڱر ، پيرون ، ٽوهه جا ٻج ، گوار جون ڦريون ، ڇانهين جا ٻج ، ۽ لسي به ڪاڙهي ڦٽائي ان کي ڪپڙي مان ڇاڻي بچيل ڦيڏر به سڪائي رکندا آهن.جيڪي مشڪل وقت ۾ کين ڪم ايندا آهن.اناج کي ته هو ساهه وانگر سانڍيندا آهن ان کي وڏين گندين ، ڪوٺلن ۾ رکڻ وقت نم جا پن ملائي رکي ، پوءِ گندِين يا ڪوٺلن جا منهن مٽي سان راڳي ڇڏيندا آهن.جيئن ان کي ڪو جيت نه کائي. نم جي پنن جي ڪڙاڻ جي ڪري ، ان جيتن کان محفوظ رهندو آهي.انهي لاءِ ٿر ۾ عام چوڻي آهي ته “نم جا پن ، ان جا راکيءَ”.

    107. سَڌريا به گهر جي سونهن آهن .
    ٿر جي اڪثر ڪچن گهرن ۽ چئونرن ۾ ڪي به قيمتي الماڙيون يا ڪٻٽ نه هوندا آهن.پر ٿر جون سگھڙ عورتون پنهنجي گهرن جي اندر لڏ ۽ مٽيءَ کي ملائي،پوءِ ان مٽي مان خوبصورت مٽيءَ جا ڪٻٽ يا الماڙي نماءَ سَڌريا ٺاهينديون . سندن ٺاهيل اهي مٽيءَ جا سَڌريا ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن. جن تي هو مٽيءَ سان چٽسالي ڪري ننڍڙيون آرسيون به لڳائينديون آهن. پري کان ڏسندڙ ماڻهو انهن کي قيمتي الماڙيون سمجھي ويهندا آهن. انهن سڌرين ۾ هو پنهنجون قيمتي شيون ۽ ڪپڙا رکنديون آهن.چئونري ۾ پيل اهڙا سَڌريا گهر جي سونهن وڌائي ڇڏيندا آهن . انهي ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته “ سَڌريا به گهر جي سونهن آهن ”

    108. الله اوٺي آڻ ، مالڪ ! منهنجي ملڪ جا.
    ٿر ۾ جڏهن ڏڪار جون حالتون سنگين ٿي وينديون آهن. ۽ جياپي جا وسيلا ختم ٿي ويندا آهن. ته پوءِ ڪجهه ماڻهو مال ڪاهي بيراج علائقن ڏانهن ويندا آهن. ۽ ڪجهه ماڻهو محنت مزدوري لاءِ شهرن ڏانهن رخ ڪندا آهن. جڏهن انهن ٻاهر ويل ماڻهن جي سندن ماءُ ، پيءَ کي ياد ستائيندي آهي.ته اهي سندن خيريت جون پيا دعائون گهرندا آهن.سندن چپن تي سدائين ڪنهن شاعر جي هي سٽ رهندي آهي ته “ الله اوٺي آڻ ، مالڪ منهنجي ملڪ جا”. هي سٽ بار بار دهرائجي عام پهاڪي ۾ تبديل ٿي وئي.

    109. ڀلي هجي بک ، پر ايندو آستاني تي.
    ماڻهو جتي جنم وٺي وڏو ٿيندو آهي.انهن پڊن ۽ پٽن سان سندس هڪ روحاني رشتو جڙي ويندو آهي.انسان کي ڪڏهن به پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ پنهنجا پيارا نه وسرندا آهن. هو وقت ملڻ تي انهن آستانن تي اچي ننڍپڻ جي يادن کي تازو ڪري سڪون وٺندو آهي.ٿر ۾ ڏڪار جي حالت ۾ ماڻهو روزگار سانگي آباد علائقن ڏانهن نڪري ويندا آهن.پر هو وقت به وقت پنهنجي اصل ڳوٺ ۽ پنهنجي گهر جا پيا چڪر لڳائيندا آهن. پويان ڇڏيل گهر ڀاتين جي سنڀال پيا لهندا آهن . پوءِ ڀلي اتي اچڻ ۾ سفر جا ڏاکڙ ڏسڻا پون يا کين بک ۾ ڏينهن گذارڻا پون. پر هو پنهنجي آستاني تي اچي ڪجهه ڏينهن سڪون ضرور وٺندا آهن . انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته “ ڀلي هجي بک ، پر ايندو آستاني تي”.

    110. پوَن مٿي پر ٺهيو ، سو ميگھ جو مانڊاڻ.
    پون ( هوا )------ميگهه ( برسات ).
    چئوماسي جي مند جي شروعات ۾ پهريائين آسمان ۾ پکي جي کنڀن جهڙيون ننڍڙيون ڪڪريون جهڳٽو ٺاهي بيهنديون آهن. جن کي تتر کرڙي سڏبو آهي.ٿر جي لوڪ ڏاهپ موجب جيڪڏهن تتر کرڙي مٿي آسمان ۾ پري هوندي ۽ پرن جهڙين ڪڪرين جي وچ وارو آسمان اڇو نظر ايندو ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ هوندو پر جيڪڏهن آسمان ۾ ٺهيل تتر کرڙي هيٺ نظر ايندي ۽ آسمان هيٺ ۽ نيري رنگ جو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي. تتر کرڙي جي انهن اهڃاڻن کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو استعمال عام آهي ته “پون مٿي پر ٺهيو ، سو ميگھ جو مانڊاڻ”.

    111. پرجا سکي ، راجا سکي ، ته سکي سڀ سنسار.
    ڪنهن ملڪ ۾ خوشحالي هوندي ۽ ماڻهو خوشحال هوندا ته انهي ملڪ جو راجا بي اونو هوندو .کيس ڪا به پريشاني نه هوندي ،۽ هو خوش هوندو. جيڪڏهن ملڪ جا ماڻهو ۽ راجا خوش هوندو ته ، هو عالمي امن لاءِ پڻ سوچيندو. ۽ امن سان ئي سموري دنيا خوشحال ٿي سگهي ٿي. انهي ڪري هي پهاڪو ٿر ۾ عام آهي ته “ پرجا سکي ، راجا سکي ، ته سکي سڀ سنسار”. ٿر ۾هن پهاڪي جي عام ٿيڻ ۾ ٿر جي ماڻهن جي انسان دوست سوچ جو عڪس ملي ٿو. اهڙي سوچ جي ترجماني ڪندي شاه عبدالطيف ڀٽائي جي هڪ مشهور بيت جون به عالمي امن لاءِ هي جڳ مشهور سٽون آهن ته :
    سائينم سدائين ، ڪرين مٿي سنڌ سڪار ،
    دوســت مــٺا دلــدار ، عالم سڀ آباد ڪرين .

    112. هڪ موت ، ٻيو وڇوڙو ، ٽيون لڏيو ڏور وڃن.
    ٿر ۾ جڏهن ڏڪار اچي ٿو ته هڪ طرف بک بدحالي سبب ماڻهو ۽ مال مري ٿو. ته ٻئي طرف ڏڪار کان تنگ ٿي ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي وسندي وارن علائقن ڏانهن لڏين ٿا. ته انهي وقت مائرن کان پنهنجا پٽ مال چارڻ سانگي ڌار ٿين ٿا. ونين کان پنهنجا ور وڇڙن ٿا. ۽ محبت ڪندڙ دلين جي وچ ۾ وڇوڙي جو درد ڪر کڻي اٿي ٿو.ٿر جي انهي حالت کي ڏسندي. هي پهاڪو عام گفتگو ۾ ڏڪار جي حالت بيان ڪرڻ وقت استعمال ٿئي ٿو ته “ هڪ موت ، ٻيو وڇوڙو ، ٽيون لڏيو ڏور وڃن ”. ڪنهن شاعر جا چيل هي مختصر لفظ ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيتن جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا . انهي لاءِ هي سٽون پڻ شاهڪار ادب جي نشاندهي ڪن ٿيون .

    113. ٽري يا ٽپي ، پر منهن چڙهيو مئو.
    ٿر ۾ ڳوهن ، سانڊن ، سهن ، تلورن ، بازن ۽ تترن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. اڳي هرڻن ۽ روجهن جو شڪار به ڪيو ويندو هو. پر هاڻي هرڻ ۽ روجهه ٿر ۾ ڪڏهن ڪي قسمت سانگي نظر ايندا آهن. شڪار ڪرڻ وقت ٿر جا ماڻهو ڪوڙڪين ، ڦاهين ، ڄارن ، گهوٻاٽن ، ڪهاڙين بندوقن۽ ڪاترن جو استعمال ڪندا آهن . هر هڪ شڪار لاءِ ڌار ڌار طريقا استعمال ڪندا آهن.۽ پوءِ شڪار جنهنجي به منهن تي چڙهيو ، اهو ان کي ڌڪ هڻي ماريندو.ٿر جي شڪار جي سموري صورتحال ڏسندي هن پهاڪي جو استعمال ٿيو ته “ٽري يا ٽپي ، پر منهن چڙهيو مئو”.

    114. ڀانئين ته ڀڄي وڃان ، پر جانچ پهرين جوءَ .
    ڏڪار جي حالتن ۾ جڏهن ڪو ٿر جو ماڻهو حالتن کي منهن ڏيندي بيزار ٿي پوندو آهي. ته هو پنهنجي ڪنهن پياري دوست کي حال ٻڌائيندي چوندو آهي ته يار! ڏاڍو تنگ ٿيو آهيان ، دل ٿي چوي ته هتان ڀڄي وڃان. ته سندس اهو دوست کيس مشورو ڏيندو ته پهريائين ڪنهن وسندي واري علائقي جي جانچ ڪر،پوءِ وڃڻ جي تياري لاءِ سوچ . ڇو ته سياڻن چيو آهي ته “ ڀانئين ته ڀڄي وڃان ، پر جانچ پهرين جوءَ”.

    115. وساري ويهي رهه ، ڇڏ اڪنڊ اجائي.
    جڏهن ڏڪار جي حالتن ۾ ڪنهن کان پنهنجو پيارو وڇڙي ويندو آهي.ته هو هر وقت پنهنجي انهي پرين کي ياد ڪندو رهندو آهي. سندس انهي حال کي ڏسي ،کيس ٻيو چوندو آهي ته ، تون روئي ياد ڪري ڪري ، پنهنجو حال نه وڃاءَ ،الله خير ڪندو، هو خير سان موٽي ايندو. في الحال“ وساري ويهي رهه ، ڇڏ اڪنڊ اجائي”.

    116. اُٺ ٿي بيحال ، پيو واجهائي وڳ لئه.
    ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن ۾ اٺ به هڪ جانور آهي. اٺن جي ڌڻ کي وڳ چئبو آهي. اٺ چرڻ وقت جيڪڏهن پنهنجي وڳ سان گڏ هوندو ته هو خوش ٿيو پيو چرندو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نه پيو ڊوڙندو. پر جيڪڏهن ڪو اٺ وڳ کان ٽٽو ته پوءِ هو هيڏانهن هوڏانهن پيو واجهائيندو. ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊوڙندو. ڊوڙي ڊوڙي بيحال ٿي پوندو،تڏهن به کيس سڪون نه ايندو ، ۽ هو پيو رڙندو ۽ رنگندو. سندس انهي حال کي ڏسندي ڪنهن شاعر هي سٽ لکي جيڪا پوءِ هڪ پهاڪي ۾ تبديل ٿي وئي. ته ،“ اُٺ ٿي بيحال ، پيو واجهائي وڳ لئه”.

    117. جيسين نه وڃي پاڻ ، نينهن نياپي نه ٿئي.
    محبت جو اهو اصول آهي. ته ٻه ماڻهو جيستائين هڪ ٻئي سان نه ملندا ۽ هڪٻئي جي طبيعت ، دلچسپي ، روين ، ۽ مفادن کي نه پرکيندا. تيستائين منجهن محبت پيدا نه ٿيندي. ڪو ڪنهن سان فون تي ڀلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي ڪچهريون ڪري ، خط ۽ نياپا موڪلي .پر انهن ۾ محبت پيدا نه ٿيندي. ڇو ته جٽادار محبت لاءِ پرک ۽ اعتماد جي ضرورت پوندي آهي.انهي لاءِ انهن کي محبت کي قائم رکڻ لاءِ يا هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ هر حالت ۾ گڏجڻو پوندو. انهي ڳالهه کي ڏسندي شاهه عبدالطيف رحه جي بيت جي هي سٽ دهرائبي هڪ پهاڪي ۾ بدلجي وئي. ته “ جيسين نه وڃي پاڻ ، نينهن نياپي نه ٿئي”.

    118. عاشق ان کي چئجي ، جو اٺئي پهر اداس .
    فارسي جي جڳ مشهور شاعر شيخ سعدي شيرازي ، پنهنجي هڪ شعر ۾ عاشق جون ڇهه نشانيون ٻڌايون آهن . هو چوي ٿو ته :
    “ عـاشقان را شش نشاني ، اي پسر ،
    رنــگ زرد ، آه ســرد ، چــشــم و تر ،
    انــتـظـاري ، بـــيـــقـــراري ، دربــدر .
    ترجمون : اي پٽ! عاشق جون ڇهه نشانيون آهن . هوکاڌو نه کائڻ سبب ڪمزور ٿي هيڊو ٿي ويو هوندو . هر هر وڇوڙي سبب ٿڌا ساه کڻي شوڪارا پيو ڀريندو رهندو ، سندس اکين ۾ پاڻي ڀريل نظر ايندو. هن جون اکيون سدائين ديدار جي لاءِ انتظار ۾ هونديون . هن جي دل ۾ بيقراري هوندي ۽ هن کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ايندو۽ دربدر رهندو . ٿر ۾ ڏڪار سبب ڪيتريون ئي هڪٻئي کي چاهيندڙ دليون وڇوڙي سبب ، سڄڻن کي ياد ڪندي ، هميشه اداس رهنديون آهن . اهڙي حالت کي ڏسندي ، ڪنهن شاعر جي چيل هن سٽ کي به عام پهاڪي جي حيثيت ملي ويئي ته “ عاشق ان کي چئجي ، جو اٺئي پهر اداس ”

    119. جودم جيوين ، کير ولوڙ.
    ٿر جي ماڻهن لاءِ کير وڏي اهميت رکي ٿو. هو کير جو وڏو احترام ڪندا آهن. ٿر جا ماڻهو سڄو ڏينهن ڏڪار هجي يا سڪار ڪنهن نه ڪنهن پورهئي کي لڳا پيا هوندا آهن. سستي ، آرام پسندي ٿر ۾ عيب آهي.هو نه چوري ڪن ، نه ڪوڙ ڳالهائين ۽ نه ئي ڪو ٺڳي جو ڪم ڪن. هو اڇو اجرو سٺو کير جهڙو بنا عيب جي هر ڪم ڪن . کير ۾ ملاوٽ ڪرڻ کي به ڏوهه سمجهن ٿا. ائين هنن جي ڪم ۾ ڪا به ٺڳي يا ملاوت نه هوندي آهي. انهي ڪري ٿر ۾ خواجه غلام فريد رح جي ڪافي جي هي سٽ سندن زندگي جو نصب العين آهي ته “ جودم جيوين ، کير ولوڙ”.

    120. ڪپڙ چٻڻو گابو ، نه ٿجي.
    ڳائي ڍور مان ڪن ڍورن جي عادت آهي ته کين ڪو ڪپڙو نظر آيو ته ، هو ان کي پيا چٻاڙيندا. اهڙي ڍور کي ڪٿي به پسند نه ڪيو ويندو آهي.ٿر ۾ جڏهن ڪا ڍڳي ويامندي آهي ته ، ان جي پهرين ٽن ڏينهن جو کير ڪاڙهي مٺاڻ وجهي کائيندا آهن. جنهن کي هو پِس چوندا آهن. ڪو به ٿريو ڪڙهيل گرم پِس نه کائيندو آهي. هو پِس کي صفا ٺاري پوءِ کائيندا آهن. ڇو ته سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن گرم پس کائبو ته ، پوءِ ڍڳيءَ جو ڦرگابي يا گابو وڏو ٿي ڪپڙو چٻاڙيندو. جيڪو هڪ وڏو عيب هوندو آهي. عام زندگي ۾ جڏهن ڪو ماڻهو ڪو اجايو ڪم ڪندو يا فضول غير ضروري شيون کائيندو ته ، هو ان کي نصيحت ڪندي چوندا ته “ ڪپڙ چٻڻو گابو ، نه ٿجي”.

    121. ٿريي جون اکيون ، آسمان ۾.
    هر ٿري ماڻهو مينهن جي تلاش ۾ مٿي پيو نهاريندو آهي.ڇو ته برسات ئي سندن اجڙيل دنيا ۾ زندگي جا رنگ ڀريندي آهي. سندن ۽ سندن مال جي جياپي جو سمورو دارومدار برسات جي پاڻي تي هوندو آهي. انهي لاءِ ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته “ ٿريي جون اکيون ، آسمان ۾”.

    122. ڍينگھر وڏي ڍڪ.
    ٿر ۾ ڪکن جي چئونرن جي چوڌاري حفاظت لاءِ ڪو ڪوٽ يا چئو ديواري نه هوندي آهي. ٿر جا ماڻهو حفاظت لاءِ ڪنڊن وارن وڻن جون ٽاريون وڍي انهن جا پن مال کي کارائي پوءِ اهي ڍينگھر کڻيو اچو پنهنجي گهرن جي چئو طرف لوڙهو ڏين . جيڪو کين چئوديواري جو ڪم ڏيندو آهي . انهي لوڙهي جي منهن ( دروازي ) کي رات جو ڪنڊي يا ڪنهن ٻئي ڪنڊن واري وڻ جو ٽار رکي بند ڪندا آهن . جنهن کي هو ڍينگهر سڏين ٿا . ائين هو پنهنجي چئو طرف ڏنل لوڙهي کي هر وقت مضبوط ڪندا رهندا آهن ، جيڪو هڪ طرف سندن گهر جي حفاظت ڪندو آهي ته ، ٻئي طرف پردو به هوندو آهي. انهي ڪري ٿر ۾ شاهه لطيف رح جي بيت جا هي لفظ عام پهاڪو بڻجي ويا ته “ ڍينگھر وڏي ڍڪ ”.

    123. نماڻيءَ جي نڪ تي ، بُوليءَ سندو بار.
    ٿر ۾ گھڻو ڪري ڪنوارين غير شاديءَ شدهه ڇوڪرين جي نڪ ۾ سوني بُوليءَ پاتل هوندي آهي. جيڪا کين شاديءَ ٿيڻ تائين پائڻي پوندي آهي.شاديءَ وقت بُوليءَ لاهي کين گهوٽ جي طرفان ڏنل سوني نٿ پارائي ويندي آهي. بُوليءَ ڪنواري عورت جي عصمت جي نشاني هوندي آهي. جيستائين کيس بوليءَ پاتل هوندي، تيستائين هو پنهنجي عصمت کي هر وقت سنڀاليندي رهندي آهي ، ۽ شاديءَ وقت نٿ پائڻ کان پوءِ هن کي پنهنجي مڙس سان وفادار رهڻو پوندو آهي. اهو بار هر عورت کي کڻڻو پوي ٿو. انهي لاءِ سانوڻ فقير رح جي بيت جي هي سٽ ٿر ۾ عام پهاڪو بڻجي وئي ته “ نماڻي جي نڪ تي ، بوليءَ سندو بار”.
    124. مٽي ويو مومل تان ، اڳئين سندو آر.
    ٿر ۾ راڻي مومل جو قصو ڪچهرين جو موضوع هوندو آهي. مومل راڻي جي ڪهاڻي ۾ راڻو مومل تي عاشق ٿي ۽ ڪشالا ڪٽي سڀ شرط پورا ڪري جادوئي طلسمات کي ٽوڙي وڃي مومل کي ماڻي ورتو . پر پوءِ غلط فهمي جي بنياد تي مومل کان ڪاوڙجي واپس عمر ڪوٽ آيو. مومل کيس پرچائڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا ، پر راڻو مومل کان نه پرچي سگھيو. ٿر ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن پياري دوست کان ڪاوڙبو آهي يا ڪو دوست ڪافي عرصي گذرڻ تائين ڪنهن سان نه ملندو آهي ، ته پوءِ ميار طور سانوڻ فقير رح جي بيت جي هن سٽ کي پهاڪي طور دهرايو ويندو آهي ته“ مٽي ويو مومل تان ، اڳئين سندو آر”.

    125. ڳڻي ڏِس ڳالهڙيون ، دِليان دُهرائي.
    جڏهن ڪي محبت ڪندڙ ٻه دوست هڪ ٻئي کي وسارڻ شروع ڪندا آهن ، ته هو هڪ ٻئي کان پاسيرو ٿيڻ شروع ڪندا آهن. ۽ پوءِ ميارن ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي.جڏهن ڪو دوست ميارن ڏيڻ ۾ اڳتي وڌي ويندو آهي ته پوءِ کيس ٻيو دوست پاڻ سنڀالڻ لاءِ سانوڻ فقير رح جي بيت جي هي سٽ ٻڌائيندو آهي ته “ ڳڻي ڏِس ڳالهڙيون ، دِليان دُهرائي”. ٿر جا ماڻهو هن پهاڪي جو استعمال پيا ڪندا آهن. جيڪو سندن دوستي ۽ وفا جو کليل ثبوت آهي.

    126. لوڻي ڪاٺي، اڏوهي به نه کائي.
    ٿر ۾ اڏوهي جو جيت وڏي تعداد ۾ موجود هوندو آهي. جيڪو ڪاٺين کي کايو مٽي بنايو ڇڏي. انهي ڪري ڪاٺي کي وڍي هڪدم گهر اچي ، داسو، چئونري جو مل ، واڏڪ يا ٿوڻيءَ طور استعمال نه ڪري سگهبو. پر پهرين ڪاٺي کي وڍي ، ان کي ڪجهه مهينن لاءِ ڪنهن ترائي جي پاڻي ۾ وجهي ڇڏبو ، جيئن اها ڪاٺي چيڙهي ٿي مضبوط ٿئي . ٿر جي ڏيپلي تعلقي ۾ جيئن ته لوڻ جا سن ( ڍنڍون ) وڌيڪ آهن ، ان ڪري ڪاٺي کي وڍي ، ڪجهه مهينا لوڻ جي سن ۾ رکندا آهن. پوءِ ان کي ڪڍي ، استعمال ۾ آڻيندا آهن . اها ڪاٺي لوهه کان به وڌيڪ مضبوط هوندي آهي . ان کي اڏوهي يا ڪو ٻيو جيت نه کائيندو آهي . اهڙي ڪاٺي کي لوڻي ڪاٺي چوندا آهن . جنهن کي ڏسندي هي پهاڪو جڙيو . مطلب اهو ته ، جيڪو ماڻهو ڏکن جا ڪئين ڪشالا ڪٽي وڏو ٿيو هوندو ، ان کي پوءِ ڪابه تڪليف پريشان نه ڪندي آهي ، ۽ هن ۾ تڪليفن سهڻ جي طاقت هوندي آهي . انهي ڪري ئي هر ٿر جوماڻهو پاڻ بابت چوندو ته ادا ! اسين ڏکن جا ڏاڍا آهيون يا چوندا ته ، اسين لوڻي ڪاٺي آهيون . “ لوڻي ڪاٺيءَ ، اڏوهي به نه کائي ”.

    127. نپٽ راجا ، نپٽ پرجا.
    نپٽ ( صفا انڌو ) ----- پرجا ( رعيت )
    جيڪڏهن ملڪ جو راجا مفاد پرست حالتن تي نظر نه رکندڙ رعيت جي ڀلائي جو خيال نه رکندڙ هوندو. ۽ صفا انڌن ماڻهن وانگر اکيون پوريو ويٺو هوندو ته پوءِ ان ملڪ جي رعيت به علم ، عقل ، ۽ دور انديشي کان پري هوندي. ٿر تي ڊگهو عرصو قبائلي راڄ رهيو. جن جي رساڪشي ۽ ڇڪتاڻ سبب هتان جي علائقي ۾ سماج کي تبديل ڪندڙ رجحان پيدا نه ٿي سگهيو. ۽ ٿر جا ماڻهو تاريخ جي شروعاتي اشتراڪي دور ۽ چراگاهي دور جي حالتن ۾ گذاري رهيا آهن هتان جي حڪمرانن اڃان تائين ٿر جي زندگي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ نه ورتا آهن انهي ڪري ٿري سماج بک ، بدحالي ، ۽ ڄاڻ جي کوٽ جو شڪار آهي.انهي حالت کي ڏسندي ٿر جي ڏاهن ماڻهن جي ڪچهرين ۾ هي پهاڪو چوڻ ۾ ايندو رهندو آهي ته “نپٽ راجا ، نپٽ پرجا”.

    128. ڪارو ٻڏندو تڏهن اڇو ترندو.
    ٿر ۾ عورتون ڪنهن ڪم جي ڪاميابي يا ناڪامي ، ڪنهن ماڻهو جي اچڻ يا نه اچڻ ، ڪنهن جي زندهه هئڻ يا مرده هئڻ ، ۽ آکاٽي جي ڏينهن سڪار ۽ ڏڪار جي سال اچڻ يا نه اچڻ لاءِ اڪثر طور هڪ فال وجهنديون آهن، هو رڍ جي اُن جا ٻه ٻڙا هڪ ڪاري رنگ جو ۽ هڪ اڇي رنگ هڪ جيترا ٺاهي . ڪونڊي ۾ پاڻي ڀري پوءِ ، ان ۾ اهي ٻڙا وجهنديون آهن . جيڪڏهن ڪارو ٻڙو ٻڏي ويو ۽ اڇو ٻڙو ترندو رهيو ته پوءِ اهو سمجهبو ته ، ڪم ٿيندو ، ويل ماڻهو خير سان موٽي ايندو ۽ برسات به ايندي ۽ سڪار ٿيندو . جي ڪاروٻڙو ترندو رهيو ۽ اڇو ٻڙو ٻڏي ويو ، ته پوءِ اهي ڪم نه ٿيندا . انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته “ ڪارو ٻڏندو ، ته اڇو ترندو . ”

    129. وٺو ته سٺ ، نه ته نو به اٺ.
    ٿر ۾ برسات جون ڪڻيون وٺيون ۽ زمين ٿوري وٽ ورتي ته هاريءَ ٻنيءَ ۾ ٻج ناڙي ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر جي زرخيز زمين ۾ ٻج گهڻي ڀاڱي ڦٽي ٻاهر نڪرندو آهي. هاري اهو ٻج توڪل تي پوکي ڇڏيندا آهن. ۽ پوءِ وري سندن اکيون آسمان ۾ هونديون آهن ته,، ڪڏهن ٿو مينهن اچي ۽ فصلن کي سائو ڪري. پوءِ جيڪڏهن ٻه ٽي مينهن ڪجهه ڪجهه وقفي سان وٺا ته ، پئون ٻارنهن فصل پچي راس ٿيندو ، ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج سٺ ڪاسن تائين لهندو. پر جي مينهن لڳاتار وٺو ۽ ڇمر ٿيو ته پوءِ فصل واڌ نه کائيندو ۽ نو پاٽيون ڇٽيل ٻج وڃي اٺ پاٽيون لهندو. سموري محنت کان پوءِ به هڪ پاٽي جو گهاٽو پوندو.انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته “ وٺو ته سٺ ، نه ته نو به اٺ”.

    130. ڌن جوڌين ، يا ڳوڌين.
    جوڌين ( سگهارا __محنتي هاريءَ )__ڳوڌين ( ڍڳا )
    ٿر جي سموري زراعت جو نظام مشينن بجاءِ ماڻهن جي محنت ۽ ڍڳن جي هر تي بيٺل آهي. ٻنيءَ مان سٺي اُپت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن وسڪاري جي مند ۾ ڍڳن جي ذريعي سٺا هر کيڙيل هوندا ۽ هاريءَ لڳاتار پوکيل فصل جي گڏ ( ليڏاڻ ) ڪڍندا ۽ سارسنڀال لهندا ، جهار هڪلي فصل پچائي ان صاف ڪري گهر کڻي ايندا. پر جيڪڏهن ٻنيءَ جا صحيح هر کيڙيل نه هوندا ۽ هاري به گهٽ محنت ڪندا . پوءِ ڀلي سڪار جي موسم هجي سٺا مينهن به وسن ته به سٺي پيداوار نه ملندي. انهي کي ڏسي ٿر ۾ هي چوڻي عام آهي ته “ ڌن جوڌين ، يا ڳوڌين”.
    131. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو ، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    سنبت وڪرمي سال جي اسو مهيني جيڪو لڳ ڀڳ آڪٽوبر ۾ ايندو آهي. ۽ انهي ئي مهيني ۾ ڏياري جو ڏڻ ٿيندو آهي. انهي وقت ڪجهه فصل لهي چڪا هوندا آهن ، ۽ ٻيا ٻنين ۾ پڪل هوندا آهن. ٿر ۾ چڀڙ جام ٿيندا آهن . جيڪي ڏڪار توڙي سڪار جي حالتن ۾ کاڌ خوراڪ ۾ استعمال پيا ٿيندا آهن. ڏياري کان اڳ ۾ ول ۾ لڳل ڪجهه چڀڙ مٺا هوندا آهن ته ، ڪجهه کارا هوندا آهن. پر ڏياري جي ڏڻ ڏيئن ٻارڻ کان پوءِ يعني ڏياري گذرڻ کان پوءِ جيئن ته سڀ فصل پچي ويندا آهن. ۽ انهن سان گڏ سڀ چڀڙ به پچي مٺا ٿي ويندا آهن. ڏياري جي ڏڻ گذرڻ کان پوءِ ولين ۾ ڪو به چڀڙ کارو نه هوندو آهي. انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هي پهاڪو عام ٿيو ته “ ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو ، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو”.

    132. ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي ، سک ۾ سرهو نه ٿجي.
    ماڻهو ۾ نفسياتي لاڙا ۽ رجحان به ماحول موجب جنم وٺندا آهن. ٿر جيئن ته ڏکن ۽ سکن جي گڏيل ماحول وارو علائقو آهي. هتي نه سڪار جي خوشين جو ڀروسو هوندو آهي، ۽ نه ئي ڏکن جي انت جو ڪو اندازو هوندو آهي. لڙڪن ۽ مرڪن جي هن سرزمين تي جڏهن ڏولاوا ۽ ڏک ڏڪار جي روپ ۾ اچي ڪڙڪندا آهن. ته ٿر جا ماڻهو حيرت انگيز سهپ ۽ محنت سان جيئڻ جي جاکوڙ ڪندا آهن. ۽ همت نه هاريندا آهن ٿر جي ماڻهن جيتري ڏکن کي سهڻ ۽ منهن ڏيڻ جي قوت شايد ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. وري جڏهن ميگهه ملهاريون ٿينديون آهن ٿر جي هر شيءَ مهڪي ۽ ٻهڪي اٿندي آهي.۽ هوائون خوشين جي گيتن جا جهول ڀري ورهائينديون آهن پر ٿر جا ماڻهو انهي سڪار جي موسم ۾ به پنهنجي مقرر حد تائين خوشيون ڪندا آهن . هو سڪار ۾ اڀريل اوڀڙ کي گڏ ڪري ۽ سانڍي رکڻ واري ڪم ۾ مصروف رهندا آهن . ڇو ته کين هميشه ڏڪار جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري واري عمل ۾ رهڻو پوندو آهي . سڪار جي خوشي ۾ هو مدهوش ٿي هٿ هٿ تي رکي نه ويهندا آهن . انهي بي انتها خوشيءَ ۾ به ٿر جا ماڻهو پنهنجي هوش ، حواس ، شعور ، ۽ ساڃاهه کي وڃائي نه ويهندا آهن. اها ڳالهه به شايد ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. انهي کي ڏسندي ٿر جا عام ماڻهو هر وقت هي پهاڪو دهرائيندا رهندا آهن ته “ ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي ، سک ۾ سرهو نه ٿجي”.هي پهاڪو ٿرين جي زندگي جو نصب العين آهي . هن پهاڪي سان ٿر جا سگهڙ هڪ تاريخي واقعو ڳنڍيندي هڪ ڪهاڻي بڌائيندا آهن ته ، هڪ ڀيري لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن سوناري هڪ قيمتي منڊي تحفي ۾ ڏني . ڄام لاکو اها خوبصورت منڊي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن اها منڊي پنهنجي هڪ پياري ڏاهي دوست کي ڏني ته ، هن منڊي تي ڪو اهڙو قيمتي جملو لکرائي اچ ، جيڪو جملو آئون خوشي جي وقت پڙهان ته ، آپي مان نه نڪران ، ۽ غم جي وقت پڙهان ته وڌيڪ مايوس نه ٿيان . ان ٿر جي ڏاهي ماڻهو ڪجهه وقت سوچي پوءِ انهي منڊي تي جملو لکرائي ڏنو ته “ سک ۾ سرهو نه ٿجي .۽ ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي ”.

    133. آڀا روپ سروپ ، بن بادل برسي نهين.
    آڀو ( آسمان ) -------روپ سروپ ( من موهيندڙ )-------برسي ( وسي ).
    آسمان جا ڪئين من موهيندڙ روپ ۽ رنگ آهن. پر اهي رنگ تيستائين ٿر جي ماڻهن لاءِ اجايا آهن . جيستائين انهي آسمان ۾ ڪڪر قطارون ڪري ڪر کڻي زمين تي وسڪارو نٿا ڪن. ٿر جي ماڻهن جون اکيون آسمان ۾ هونديون آهن هنن کي آسمان جا من موهيندڙ رنگ تيستائين نه وڻندا آهن ، جيستائين ڪو برسات جو ڪڪر ڏسڻ ۾ نه اچي . ڇو ته ٿر جي ماڻهن جون ڪڪرن ۾ ڪئين اميدون ۽ آسرا ٽنگيل هوندا آهن. جن ڪڪرن جو پاڻي سندن ويران زندگي ۾ حسن جا رنگ ڀريندو آهي. انهن زندگي جي رنگن ۾ ئي ٿرين جي سڃاڻپ آهي.ان لاءِ هنن کي آسمان جا ٻيا من موهيندڙ نظارا نه وڻندا آهن. انهي کي ڏسندي ٿر ۾ هي پهاڪو ٿرين جي زبان تي عام آهي ته“ آڀو گهڻيئي روپ سروپ ، ڪڪر سواءَ برسي نهين”.

    134. پورب جيڪو وڻ چوري ، سوئي وڻ ٻوڙي.
    اڀرندي ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ کان لڳندڙ هوا کي پورب جي هوا سڏبو آهي. ٿر ۾ هي هوا چئوماسي جي مند ۾ جڏهن به لڳندي آهي. تڏهن ماروئڙن جي منهن تي مرڪون اچي وينديون آهن . ڇو ته جنهن به علائقي ۾ هي هوا لڳندي آهي اتي برسات وسندي آهي. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته “پورب جيڪو وڻ چوري ، سوئي وڻ ٻوڙي”.

    135. ڪاڇي مينهن وسي نه ، جي وسي ته ٻوڏ ڪري.
    ٿر ۾ اڪثر ڪري ڏکڻ طرف کان ايندڙ مينهن کي ڪاڇي مينهن چوندا آهن. ٿر ۾ ڏکڻ طرف کان مينهن تمام گهٽ ايندا آهن. پر جيڪڏهن آيا ته پوءِ وسندا ۽ ڇمر ڪري بيهي رهندا آهن. ۽ مسلسل وسڻ ڪري ٻوڏ ڪري ڇڏيندا آهن. ڇو ته ڏکڻ طرف کان آيل مينهن وڏ ڦڙو وسائيندو آهي ۽ دير تائين وسندو رهندو آهي. ۽ ٻوڏ ٿي ويندي آهي. انهي لاءِ ٿر ۾ پهاڪو عام آهي ته “ ڪاڇي مينهن وسي نه ، جي وسي ته ٻوڏ ڪري”.

    136. سانجهي مينهن جو مانجهي.
    آسمان ۾ سج لهڻ کان پوءِ جلد اولهه طرف هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جنهن کي سانجهيءَ تارو چوندا آهن. چئوماسي جي مند کان اڳ ۾ هي تارو ڪجهه وقت گم ٿي ويندو آهي. ۽ پوءِ وري ڏسڻ ۾ ايندو آهي.هي تارو جولاءِ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ چئوماسي جي مند اچڻ جو اعلان سمجهيو ويندو آهي.ان ڪري هن تاري کي مينهن جو مانجهيءَ سڏيندا آهن.هن تاري جي گم ٿي ٻيهر ڏسڻ سان ٿر جي ماڻهن ۾ خوشيون اچي وينديون آهن. ۽ هو هن پهاڪي جو استعمال ڪندا آهن ته “ سانجهي مينهن جو مانجهي”.هن تاري جي گم ٿي ٻيهر اڀرڻ سان ئي چوماسي جو مانڊاڻ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو سانجهيءَ تاري جي گم ٿيڻ واري عرصي جو هر ڏينهن ڳڻيندا رهندا آهن . روزانو سج لهڻ ٻعد آسمان ۾ پيا ڏسندا آهن . جڏهن سانجهيءَ تارو ٻيهر اڀرندو آهي ته اهو وقت سندن لاءِ خوشي جو وقت هوندو آهي ۽ هو هڪٻئي کي مبارڪون پيا ڏيندا آهن .
    137. ڪامهه ٽوڙي يا ٻوڙي.
    ٿر ۾ اتر ۽اولهه جي ڪنڊ جي هوا کي ڪامهه هوا چوندا آهن.اڪثر ڪري هن هوا لڳڻ سان مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ به ڊهي ويندو آهي. ۽ هي هوا ڪڪرن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن هن هوا لڳڻ سان مينهن ٽٽڻ جي بجاءِ تيزي سان وسڻ شروع ڪندو آهي. ۽ پوءِ لڳاتار ڪجهه ڏينهن وسندو رهندو آهي. ۽ ٻوڏ ڪري وجهندو آهي. لڳاتار مينهن وسڻ سان سيءَ به لڳڻ شروع ٿيندو آهي. ان ڪري هن هوا کي رٻ ٺار هوا به چوندا آهن . انهي لاءِ هن هوا بابت ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي “ ڪامهه ٽوڙي يا ٻوڙي”.

    138. ٿڌو واءَ ، نڪو لاءَ ، نڪو ساءَ.
    چئوماسي جي مند ۾ جڏهن سج اڀرڻ شرط گرمي ڪري .گهٽ ٻوسٽ ٿي وڃي ته شام جو ڪٿان نه ڪٿان مينهن اچي وسڻ شروع ڪندو آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو چئوماسي جي مند ۾ گهٽ ٻوسٽ ۽ آڙنگ کي پسند ڪندا آهن. ڇو ته اهو برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن چئوماسي جي مند ۾ گرمي نه ٿي ۽ ٿڌيون هوائون لڳنديون رهيون ته ، اهو مينهن نه اچڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو لڳندڙ ٿڌي هوا بابت چوندا آهن ته “ ٿڌو واءَ ، نڪو لاءَ ، نڪو ساءَ”.

    139. سانوڻ جو مينهن ، چئونري جو هڪ پاسو پسائي ٻيو سڪائي.
    سنبت وڪرمي سال جو سانوڻ مهينو جيڪو لڳ ڀڳ آگسٽ مهينو هوندو َآهي. اهو مهينو چئوماسي جي مند جو وچيون مهينو آهي.هن مهيني ۾ ڪڪر ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اوهيرا ڪري پيا وسندا آهن. ڪن هنڌان مينهن وسندو ويندو ته پاسي کان زمين سڪي پئي هوندي آهي. چئونري جي هڪ پاسي کان مينهن پيو وسندو،ته ٻئي پاسي ڦڙي به ڪان ڪرندي ،۽ اهو پاسو سڪو پيو هوندو.مينهن جي انهي پورالي انداز کي ڏسي ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته ، “ سانوڻ جو مينهن ، چئونري جو هڪ پاسو پسائي ٻيو پاسو سڪائي”.
    140. هرڻيا پياريا اٿس.
    هرڻيا ( هرڻ )
    چئوماسي جي مند ۾ جڏهن ٿر ۾ مينهن وسڻ شروع ڪندو آهي ، ته تل ، ترايون پاڻي سان ڀرجي وينديون آهن. ماڻهن جي هلڻ جون واٽون يا رستا به پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن. پاڻي سان ڀريل واٽون پري کان سج جي روشني ۾ چاندي جيان چمڪندي نظر اينديون آهن. ٿر جا ماڻهو چوندا آهن ته. ٿر جا هرڻ انهن واٽن جو آٺريل پاڻي شوق سان پيئندا آهن. برسات جي انهي واٽن جي چمڪندڙ نظاري کي ڏسندي ٿر جو هر هڪ ماڻهو اهو چوندو آهي ته “ هرڻيا پياريا اٿس”. وسڪاري جي مند ۾ تل تراين تي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن . چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي . ان ڪري هرڻ انهن تراين تي ماڻهن جي ڊپ کان نه ويندا آهن . ۽ هو ڀريل واٽن جو آٺريل پاڻي ئي پيئندا آهن .

    141. انسان چمڙي ۾ ساڳيءَ ، پر دمڙي جو فرق.
    هن دنيا ۾ سڀ انسان مختلف نسلي فرقن کان سواءِ هڪ جهڙا آهن. رت ۽ چمڙي به رنگ کان سواءَ ،هڪ جهڙي آهي. پر ماڻهن ۾ ڄاڻ ، تجربي ، مشاهدي ، عملي سگھ ۽ آمدني گھٽ وڌ هئڻ جو فرق آهي. جيڪو نمايان نظر ايندو آهي.پر اسان جي سماج ۾ ماڻهو جي صلاحيتن ۽ محنت بجاءِ ، ماڻهو جي آمدني خوشحالي ۽ دولت کي ڏٺو ويندو آهي.۽ دولت مند ماڻهو کي سڀڪو وڏو ماڻهو سمجھندو آهي. جڏهن ته غريب ۽ امير جي وچ ۾ صرف دولت جي هئڻ ۽ نه هئڻ کي وڏائي ننڍائي جو ۽ سماجي عزت جو معيار سمجھيو ويندو آهي. موجوده سڪي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ دمڙيون ، پايون ، پئسا ، ٽڪا ، آنا ، آڌيلا ، رپيو تائين سڪا هلندڙ هئا. انهي ڪري انهي زماني ۾ پئسي جي جاءِ تي دمڙي جو حساب هلندو هو.۽ دمڙي جو مطلب پئسو يا دولت هوندو هو.انهي زماني ۾ انهي مٿئين معيار جو ذڪر ڪندي ، هي پهاڪو ٺهيو . جيڪو هن وقت به سنڌ ۾ عام طور استعمال ٿئي ٿو. پر ٿر ۾ عام جام چيو ويندو آهي ته “ انسان چمڙي ۾ ساڳيءَ ، پر دمڙي جو فرق”.

    142. پچي ٿياسون لال ، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي.
    ٿر هڪ اهڙو علائقو آهي. جتي خوشين جي موسم گهٽ ۽ ڏک ڏولاوي جي موسم وڌيڪ هوندي آهي. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو سرديون گرميون سر تي سهي ، بکن ۽ ڏکن جي سهپ رکندا آهن، هو ڏکن ۽ بکن جي آويءَ ۾ پچي لال ٿيل هوندا آهن.جيئن ته پڪل ٿانءُ کي نه پاڻي ڳاري سگهندو آهي ۽ نه ئي پڪل ٿانءُ کي ٻيهر ڪنڀار جي چڪ تي چڙهڻ ۽ آوي ۾ پچڻ جي ضرورت آهي. انهي ڪري ٿر جو ماڻهو شاهه عنايت جي بيت جي هي سٽ پهاڪي طور استعمال ڪندو آهي ته “ پچي ٿياسون لال ، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي”.

    143. محبت واري رٻ ڀلي ، راهه اتي رهجي.
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو آيل مهمان کي قسمين قسمين سٺا طعام کارائيندو ، عاليشان بنگلي ۾ رهائيندو پر جيڪڏهن ساڻس ڪجهه گهڙيون ويهي ڪچهري نه ڪندو ، ته آيل مهمان کي مزو نه ايندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ وڃبو، ته هو کلي آڌر ڀاءُ ڪندو، خوب ڪچهريون ڪندو ۽ حال احوال ڏيندو ۽ وٺندو ۽ غريباڻي حال سارو کيس رٻ کائڻ لاءِ ڏيندو ۽ اڀري سڀري جهڳي ۾ کيس غريباڻو هنڌ وڇائي ڏيندو، ته به مهمان جي دل خوش پئي ٿيندي. ۽ هو صبح جو اتان خوش ٿي روانو ٿيندو. انهي لاءِ ٿر جي ماڻهن يا ٻين ماڻهن وٽ شاعر مل محمود پلي جي شعر جي هي سٽ هڪ عام پهاڪي طور استعمال ٿيندي آهي ته “ محبت واري رٻ ڀلي ، راهه اتي رهجي ”.

    144. چاندي جو روپيو ٿر ويو ، ته ٿيندو زمين حوالي.
    ٿر جا ماڻهو پئسو ڏوڪڙ بچائي پيا رکندا آهن. جيڪو کين ڏڪار سڪار ۾ ڪم ايندو آهي.اڳي جڏهن ڪي چاندي جا روپيا هٿ ايندا هئا ، ته هو لوٽي ۾ وجهي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا . ان جو سبب اهو هو ته ، نه سندن گهر ايڏا مضبوط هوندا هئا. جو هو چور چڪار کان حفاظت ۾ رکي سگهن، نه ئي وٽن ڪو بينڪ جو نظام هوندو هو جو هو اتي پنهنجي بچت محفوظ رکڻ لاءِ جمع ڪرائين.انهي ڪري ٿر ۾ پئسا زمين ۾ پوري رکڻ ئي هڪ محفوظ طريقو هوندو هو.انهي کي ڏسندي هي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “ چاندي جو روپيو ٿر ويو ، ته ٿيندو زمين حوالي”.

    145. امانت ڌرتي به نه کائي.
    اڳئين زماني ۾ ماڻهو پنهنجو سون چاندي جا زيور ۽ سڪا زمين ۾ ڪنهن ٺڪر يا ٽامي جي ٿانءُ ۾ وجهي لنبي بند ڪري پوري ڇڏيندا هئا.۽ پوءِ هو پنهنجن انهن شين کي بلڪل محفوظ سمجھندا هئا. ڇو ته انهي زماني ۾ قيمتي شين رکڻ لاءِ نه بينڪون هيون ۽ نه ئي ٻيا ڪي محفوظ ادارا هئا. وري جڏهن کين انهن قيمتي شين يا پئسن جي ضرورت پوندي هئي ، ته هو اها شيءَ زمين مان پوريل لوٽي يا ٿانءُ کي ڪڍي اها شئي استعمال ۾ آڻيندا هئا.اها شئي بلڪل محفوظ هوندي هئي.انهي کي ڏسندي پهاڪو چوڻ ۾ آيو ته “ امانت ڌرتي به نه کائي”. اهڙي اميد جي آڌار تي هاري ٻج ٻني ۾ ڇٽيندو آهي ، ۽ فصل لهڻ تي اهو ڇٽيل ٻج به وڌيڪ حالت ۾ ملندو آهي .

    146. دل درست ، ته تن درست.
    جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڪا دلي پريشانيءَ يا ڏک نه هوندو ته هن کي هر شيءَ پئي وڻندي ۽ خوشيءَ مان ٺينگ ٽپا پيو ڏيندو ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ مان ڍاپندو ئي ڪونه . پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا دلي پريشاني هوندي ، ته کيس ڪا به ڳالهه ڪو نه وڻندي ۽ هو اوڻو جھوڻو ٿيو پيو هلندو. ۽ بيمارن وانگر پيو ڏسڻ ۾ ايندو. انهي ڪري ئي سياڻن سچ چيو آهي ته “ دل درست ، ته تن درست”.
    147. هوند تي هونگار آهي.
    ٿر ۾ ڏڪار جي موسم ۾ ڪٿي به خوشيءَ سان ڀرپور ڪچهري نه هوندي آهي. سڀ ڪو پنهنجي سورن ۾ ٻڏو پيو هوندو آهي. پر جڏهن انهي ساڳي ٿر ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري وڄڙين جا وراڪا ڏيئي جڏهن وسندا آهن ، ته هر طرف سونهن ۽ سڪار اکين کي آسيس پيو ڏيندو آهي. تڏهن ٿر جي ماڻهن جي ڪومايل چپن تي مرڪن جا گلاب ٽڙي پوندا آهن ۽ هر طرف ڪچهريون مارڪا پيا هلندا آهن.رات جو نڙ بيت ۽ ڏينهن جو همرچي جي هونگار پئي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. انهي کي ڏسي سڀڪو پيو چوندو ته“ هوند تي هنگار آهي”.

    148. نه ڪنهن جي هنئين ۾ ، نه کنئين ۾.
    ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن. جيڪي صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهن. هو پنهنجي پٽ سٽ ۽ مٿا ڪٽ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. هو ٻئي ڪنهن به ماڻهو جي مسئلي ۾ نه اچن نه وڃن. نه ڪنهن جي گلا ٻڌن ، نه ڪنهن جي نيڪي. اهڙن لا ابالي ماڻهن جي ڳالهه ڪندي هر ڪو پيو چوندو، ته ادا! فلاڻو“نه ڪنهن جي هنئي ۾، نه ڪنهن جي کنئي ۾”.

    149. ڪوڏ لڳي يا هوڏ ، وريو ڀاڳ مڱڻهار جو.
    سنڌ ۾ مڱڻهار قبيلو شادين ميلن ۽ ملاکڙن جو سينگار رهندو پيو اچي.شادي جي خوشين کي وڌائڻ ۾ مڱڻهارن جو وڏو ڪردار آهي. مڱڻي کان وٺي نکيٽيءَ تائين شادي جي سمورين خوشين ۾ مڱڻهار جو وڏو حصو هوندو آهي. هو شادي جي انهن خوشين کي پنهنجو سمجهي بنا ڪنهن لالچ جي پيو ڳائيندو وڄائيندو ۽ مبارڪون ڏيندو آهي. ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار جا مائٽ به سندس قدر ڪندي ڪوڏ مان پيا پئسا اڇلائيندا آهن. جنهن مان مڱڻهار کي سندس محنت کان وڌيڪ اجورو ملي ويندو آهي.مائٽ شادي ۾ جيتري به خوشي يا ڪوڏ ڪندا ,ته ان ۾ مڱڻهارن کي سٺي گهور ملي ويندي آهي. مڱڻهار گهوٽ جي سرگس وقت دهلن ۽ شهناين تي موسيقي جو اهڙو ته رنگ ڀريندا آهن ، جو سڀ سرگس ۾ شامل ماڻهو پيا نچندا ڪوڏ ڪندا ۽ مڱڻهارن کي پئسا ڏيندا آهن.گهرن ۾ پڻ مڱڻهارن جون عورتون گهوٽيتين ۽ ڪنواريتين کي گيت ۽ سهرا ٻڌائي پيون خوش ڪنديون ۽ گهورون وٺنديون آهن. ٿر ۾ ته دعوتن ڏيڻ جو ڪم به مڱڻهار ڪندا آهن . هر بٽئي تي کين ڪجهه به پيو ملندو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي ملاکڙن ۾ مڱڻهار جوش ۾ آڻيندڙ دهل جا تال ۽ شهنائي تي ڌنون وڄائي پهلوانن کي جوش پيا ڏياريندا ۽ ملاکڙي جو سينگار بنيا ويٺا هوندا . اتي به کين گهورون پيون ملنديون آهن. شادين جا ڪوڏ هجن يا ملاکڙي ۾ پهلوانن جي هوڏ هجي ٻنهي طرف مڱڻهارن تي نوٽ پيا گهوربا آهن.انهي کي ڏسي سڀ ڪو پيو چوندو ته “ ڪوڏ لڳي يا هوڏ ، وريو ڀاڳ مڱڻهار جو”.

    150. جيڪو هوندو، ونڊي ورڇي کائبو.
    ٿري سماج ۾ ڏکي سکي ۾ ڪنهن کي نه ڇڏڻ جو رواج آهي.ٿر جا ماڻهو سڪار هجي يا ڏڪار پر پاڙي واري اڙيال کي سندس ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا. جيڪي هٿ ۾ هوندو سو اچي حاضر ڪندا آهن. پاڙي ۾ جيڪڏهن ڪنهن وٽ اٽي جي لپ نه هوندي ته هو ڪنهن جي گهر وڃي کانئس گهرندو ، ته هو پيل چوٿائي اٽي جي به لڪائي نه رکندو. ۽ چوندو ته اڄ ونڊي ورڇي ٿا کائون سڀاڻي الله ڏيندو. ڪو به ڪنهن کان ڪا شئي لڪائي نه رکندو.انهي ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو مشهور آهي ته “ جيڪو هوندو، ونڊي ورڇي کائبو”.

    151. ڳالهه ڪجي چٽي ، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽيءَ.
    ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته هو ڳالهه کي ڦيرائي سيرائي منجهائي اهڙي نموني سان پيش ڪندا جو اڳين ماڻهو کي صحيح نموني سان سمجھ ۾ ئي نه ايندي. ۽ هو ان جا ڪئين مطلب پيو ڪڍندو. پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي بنا ڪنهن ور وڪِڙ جي سڌي ڳالهه چئي ڏيندا ۽ ڪا به ڦير گهير ۽ رک رکاءُ نه ڪندا. ۽ هو چوندا ته سينڍ ۾ مارئي ڇو ڳايون“ ڳالهه ڪجي چٽي ، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽي.

    152. سڀ ڪو پنهنجي ڄائيءَ وارو آهي.
    سنڌ ۾ عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ هڪ روايت رهي آهي. تڏي تي آيل نياڻي کي ست قرآن سمجھي خون جهڙو ڏوهه به معاف ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر ۾ جيئن ته مردن ۽ عورتن جو گڏيل ۽ برابري وارو سماج آهي ٻنيءَ ٻاري جو ڪم ، کوهه تي پاڻي ڀرڻ ، گاهه ۽ لابارو ڪرڻ واري ڪم ۾ مرد ۽ عورتون گڏ هونديون آهن. انهي ڪري ٿر جا مرد ٻي عورت کي پنهنجين مائرن ڀينرن ۽ ڌيئرن برابر سمجھندا آهن. انهي ڪري عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ ڪو خاص حجاب يا پردو نه هوندو آهي. ٿر جو هر ماڻهو ائين چوندو آهي ته “ سڀ ڪو پنهنجي ڄائي وارو آهي”.

    153. پاڙو ننگ آهي.
    ٿري سماج ڏڪار ۽ سڪار جي حالتن مان گذري ڪن روايتن ۽ رواجن جو پابند به ٿي ويو آهي. ان ڪري ڳوٺ يا پاڙي جا ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي ، نسلي ، متڀد جي ڀائرن وانگر رهندا آهن. ڏڪار جي حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو حالتن کان تنگ ٿي ٻئي پاسي مزدوري ڪرڻ لاءِ نڪري ويو ته پويان سندس خالي گهر جو ڪک پن به هيٺ مٿي نه ٿيندو سمورو ڳوٺ پنهنجي لڏي ويل ڀاءُ جي پويان ڇڏيل هر شئي جي حفاظت پيو ڪندو. ڳوٺ يا پاڙي جا ماڻهو ڪنهن کي بک ، بيماري ، ۽ مجبوري جي حالت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا آهن انهن روايتن کي قائم رکندي هر ڪو پيو چوندو آهي ته “ پاڙو ننگ آهي”.

    154. ڏيهه ۾ ڏياري ، هروءَ ري گهرين هوري.
    هورِي ______ وڇوڙي جو ڏک
    وڇوڙي جو درد به تمام وڏو درد هوندو آهي . انهي درد جي انتها کي ڏسڻ لاءِ ٿر ۾ ڏڪار جي وقت ڪيترا ئي منظر ڏسڻ لاءِ ملندا . جن کي ڏسڻ لاءِ به وڏو دل گردو کپي. اهڙا نظارا جيڪي ڏسندڙن جو به جيءَ جهوري وجهن ، اهي ڪيفيتون جن ماڻهن تي گذرن ٿيون ، ان جي پيڙا جي درد کي ماپڻ ڏاڍو مشڪل آهي. سڄي ڳوٺ ۾ ڏياري جون خوشيون آهن ، سڀڪو ماڻهو پنهنجي طاقت آهر خوشي جو اظهار ڪري رهيو آهي . پر هروءَ جي گهر جون خوشيون اداس آهن . ڇاڪاڻ ته هروءَ جيڪو مزدوري لاءِ ڪراچي ۾ آهي ، سو پنهنجي پورهئي مان واندڪائي نه هئڻ سبب ڏياري جي ڏڻ جي خوشين ملهائڻ لاءِ پنهنجي گهر نه اچي سگهيو آهي . انهي سبب ئي هروءَ جي گهر خوشين بجاءَ ڪيترن ئي اوسيئڙن ، اڍڪن ۽ انتظار جي ڪيفيتن جنم ورتو آهي . جنهن حالت کي ڏسندي هر ڪو چوي پيو ته ، “ ڏيهه ۾ ڏياري ، هروءَ ري گهرين هوري .
    155. گنگو غريب ، ڏياريءَ ري ڏينهن گِس کائي
    گِس ___رٻ
    غريبيءَ به ماڻهو ۾ ڪيتريون ئي ذهني پيڙائون پيدا ڪري ٿي . غريب ماڻهو روزانو عذابن ، محرومين ، ناڪامين ۽ ذلتن جي ڪيفيتن مان گذري ٿو. غريب ماڻهوکي وري عيدن ۽ تهوارن تي اڻهوند جو احساس اڌمئو ڪريو ڇڏي . اهڙي ريت ٿر جي هڪ غريب گنگو جي حالت اها آهي ته ، وٽس غربت سبب ٻارن لاءِ ڪپڙا وغيره وٺڻ جي پهچ ته ناهي ، پر ڏياري جهڙي ڏڻ تي کائڻ لاءِ به اڌ ڪلو ٻاجهر جي ڏاري کان سواءِ ڪجهه ناهي . اهڙي حالت ۾ جڏهن گنگو جي زال پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ ان گهر ۾ پيل اڌڪلو ٻاجهر جي ڏاري ۾ پاڻي وجهي رٻ ( گِس ) رڌي ڀاتين کي کارائي ٿي ته ، سڀڪو پيو چوي ته “ گنگو غريب ، ڏياري ري ڏينهن پيو گِس کائي .

    156. هٿوڙي رو گهاءَ ، ايرڻ جهلي .
    ايرڻ __ ( سانڌاڻ )
    ٿر سکن کان وڌيڪ ڏنجهن ڏولاون ۽ ڏاکڙن جي سرزمين آهي . هتي جياپي جي جنگ صرف ٿري ماڻهن جي ئي وس جي ڳالهه آهي . ٿري ماڻهن وٽ ڏٿ کائي پيٽ پالڻ جي جيڪا ڏاهپ آهي. سا ئي سندن جياپي جو سبب آهي ، انهي ڪري ٿر جي ماڻهن پنهنجي زندگي جو اصول بڻائي ڇڏيو آهي ته ، ڏکن ۾ ڏاڍو ٿجي ، سکن ۾ سرهو نه ٿجي . اهو اصول جيڪو هنن جي وڏڙن جي لوڪ ڏاهپ جو سونهري اصول آهي ، جنهن تي هلندي هنن جيئڻ جو ڍنگ سکي ورتو آهي. انهي ڪري ٿر جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو مقابلو به ٿر جا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا. انهي ڪري ٿر ۾ هن پهاڪي جو جنم ٿيو ته ، “ هٿوڙي رو گهاءَ ، ايرڻ جهلي. ” يعني مترڪي جو ڌڪ ، صرف سانڌاڻ ئي سهي سگهي ٿي .

    157. اهو ڪي ڪجي ، جيڪو وسندي مينهن ڪم اچي .
    ٿر ۾ برسات جتي خوشين جا انبار کڻي ايندي آهي ، اتي وسڪاري جي مند ۾ ڪيترائي مسئلا به جنم وٺن ٿا. هڪ طرف مينهوڳيءَ جي مند ۾ مال جي چاري جو انتظام ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته ٿر جو مال جيڪو سڪل گاهه کائڻ جي هريل هوندو آهي . انهي کي برسات جو تازو ڦٽل گاهه بيمار ڪري وجهندو آهي . ان ڪري گاهه جي پڪي ٿيڻ تائين مال کي ٻڌي سڪل چارو ڏيڻو پوندو آهي. ٻئي طرف برسات وسڻ بعد ٿر ۾ فصل پوکڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي . جنهن لاءِ ٻج ۽ آبٿ جي خرچ جي ضرورت پوندي آهي . انهي لاءِ جيڪڏهن گهر ۾ چار ڏوڪڙ پيل هوندا ته پوءِ کين پريشاني ڪو نه ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن گهر ۾ ڪو پئسو پنجڙ نه هوندو ته پوءِ وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي . انهن سمورن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو گهر ۾ ڪجهه بچائي رکندا آهن ، جيڪو کين انهي مشڪل وقت ۾ ڪم ايندو آهي . انهي ڪري ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته “ اهو ڪي ڪجي ، جيڪو وسندي مينهن ڪم اچي . ”

    158. متر اوءَ ، جو ٻڪرال جيان آوي .
    متر __( مائٽ ، عزيز ) ٻڪرال __ ( اتر اوڀر ڪنڊ جو مينهن )
    ٿر ۾ اتر اوڀر جي ڪنڊ جي مينهن کي ٻڪرال يا ٻڪراس کنوڻ وارو مينهن چوندا آهن . هن مينهن جي کنوڻ ڏسڻ شرط ٿر جا ماڻهو خوش ٿيندا آهن ،ڇوته کين پڪ هوندي آهي ته ، مينهن اجهو ڪي آيو ، هو ٻني کان ڊوڙندا گهر مس پهچندا يا عورتون پنهنجي گهر جو سامان مس سنڀالي اندر رکنديون ته مينهن پهچي ويندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو ٻڪرال کنوڻ واري مينهن کي جلد پهچڻ وارو مينهن سمجهندا آهن . اهڙي ريت جيڪڏهن مشڪل وقت ۾ ڪو مدد لاءِ جلد پهچندو ته ان لاءِ چوندا ته ادا فلاڻو مشڪل وقت ۾ڊوڙندو سڀ کان اڳ ۾ مدد لاءِ پهتو . اهو ئي اسان جو پيارو مائٽ آهي . ڇوته سياڻا چئي ويا آهن ته “ متر اوءَ جو ٻڪرال جيان آوي. ”

    159.روهڻي تپي ، مرگهسر وائي ،
    آرڌرا ڊٻوڪي ، مينهنڙلو آئيِ .
    هي پهاڪو ٿر جي چوماسي جي علم جوتش جي روشني ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو ، علم جوتش موجب هي نکٽ هڪٻئي پويان اچن ٿا . چوماسي جي مند ۾جيڪڏهن روهڻي نکٽ ۾ گرمي ٿي ، مرگهسر نکٽ ۾ واءَ لڳو ته ، آردرا نکٽ ۾ آڳاٽو مينهن ايندو. يعني اگر مئي مهيني جي پڇاڙي واري ڏهاڪي ۾ گرمي ٿي ۽ روهڻي نکٽ جا چوڏهن ڏينهن هلي ، ان بعد وري مرگهسر نکٽ ( جون ) جي پهرين چوڏهن ڏينهن ۾ واءَ لڳو ته ، آرڌرا نکٽ (جون ) جي پڇاڙي ۾ آڳاٽو مينهن ايندو . علم موسميات جي ماهرن موجب ٿري لوڪ ڏاهپ جي هي چوڻي ٿر جي چوماسي جي موسم تي گهري نظر رکڻ جو هڪ شاهڪار آهي . ٿري ماڻهن جي زبان تي هي پهاڪو هوندو ئي هوندو آهي. ته “ روهڻي تپي مرگهسر واءِ ، آرڌرا ڊٻوڪي مينهنڙلو آئي .”
    160. ڏوکڙو سيڻ ، سوکڙو ويري .
    ڏوکڙو _ ( ڏک ) __سيڻ ___ ( ويجها مائٽ ) سوکڙو __( سک )
    ٿر جا ماڻهو ڏکن جا ايترا ته هيراڪ ٿي ويا آهن ، جو کين سک ۽ آرام پسند نه هوندو آهي . سندن زندگي پينگهي کان قبر تائين ڏکن ڏولاون ۾ گذرندي آهي . سندن چوڻ آهي ته اهو ماڻهو ڪهڙو جيڪو سک طلبي . مرد ۽ سک، اهو ته کوڙو ئي نٿو لڳي . ڏکن سان پيار ۽ سکن جي خواهش نه هئڻ به زندگي لاءِ جياپي جي جنگ کٽڻ جو هڪ اهم هٿيار آهي ، ٿر جي ماڻهن وٽ زندگي جو تصور هل هلان ۽ ڀڄ ڀڄان آهي . سندن نظر ۾ آرام پسندي يا ماٺ ڪري ويهڻ موت جو اهڃاڻ آهي. هو ڏکن کي پنهنجو سيڻ سمجهندا آهن ، هنن جي نظر ۾ ڏک ئي آهن جن کين زندگي جي جنگ ۾ سوڀارو ٿيڻ جا گر سيکاريا آهن . هو آرام پسندي کي دشمن سمجهندا آهن ، هنن جي نظر ۾ آرام پسندي کين اپاهج ڪري ڇڏيندڙ دشمن آهي ، ڇو ته زندگي جي جنگ هارائڻ وارا صرف آرام پسند ماڻهو ئي هوندا آهن. انهي ڪري ٿر جي هر ماڻهو جي زبان تي هي پهاڪو هوندو آهي ته ، “ ڏوکڙو سيڻ ، سوکڙو ويري. ” ٿر جي ماڻهن لاءِ هي پهاڪو زندگي جو رهنما اصول آهي . هي پهاڪو ئي سندن زندگي ۾ ناقابل شڪست قوت ڀريندو رهندو آهي . جنهن جي قوت سان هو جياپي جي جنگ ۾ سدائين سوڀارا ٿيندا اچن. اهڙن لافاني گڻن بابت سنڌ جو لافاني شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي چوي ٿو ته ،
    سـکـن واري سـڌ ، مـتان ڪـو مـون سيـن ڪـري ،
    انـدر جـنين اڌ ، ڏونـگر سي ئي ڏورينديون . (شاه )

    161. ڏڪار ۾ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي .
    ٿر جي ڏڪار جي ڪيفيت به هڪ عجيب دردناڪ ڪيفيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڏڪار اچي ٿو ته ، حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي، بيراج علائقن ڏانهن روانا ٿين ٿا . ڪيترا ئي ماڻهو مزدوري لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ، نڪري پون ٿا ، اهو لڏپلاڻ وارو عرصو وڇوڙن جي درد جو عرصو هوندو آهي. انهي عرصي دوران اگر ڪنهنجو موت ٿي ويندو آهي ، ته انهي کي اتي ئي دفن ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ ماڻهن جي جذباتي ڪيفيتن ۾ اها ڳالهه به هوندي آهي ته ، مرڻ بعد به قبرستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڀر ۾ دفن ٿجي ۽ وڏڙن جي هڏن سان هڏ گڏجن . اهو رشتن جي ڳانڍاپي سان جذباتي لڳاءَ سنڌ جي قديم مضبوط سماجي شرستي جو اهڃاڻ آهي. پوءِ جڏهن ڏڪار جي وڇوڙي ۾ اباڻن ڪکن کان پري ڪنهنجو مڙهه دفن ٿيندو آهي ته ، اهو سور جيئرن کي سڄي ڄمار نه وسرندو آهي . انهي لاءِ ٿر ۾ انهي سموري درد جي ترجماني ڪندي هي پهاڪو انهي درد جي عڪاسي آهي . عام طور چوڻي آهي ته “ ڏڪار ۾ ٿر جي مٽيءَ به رلي وڃي ٿي .”

    162. ائٽ را ٻارنهن ماس ، اٺي ري اڪ گهڙي .
    ٿر ۾ ڏڪار جي وقت عورتون چرخو هلائي سٽ ڪتينديون آهن . انهي آتڻ تي ڪاتياريون سٽ ڪتيندي ، ڪچهريون ڪري پيون ڏک سور هڪٻئي سان ونڊينديون آهن . ائين ڏڪار جي درد جي ڪيفيتن جو درمان به پيو ٿيندو آهي . پر جڏهن ميگهه ملهاريون وڏڦڙو وسائينديون آهن ، ته پوءِ سمورا سور لحظي ۾ لهي ويندا آهن ، ۽ سڪار جون سرهاين سان ڀريل اميدون ڪر موڙي جاڳي پونديون آهن. انهي ڪري ائٽ جي ٻارهن مهينن جي آتڻ جي ڪچهرين ۾ ايترو دردن جو درمان نه ٿيندو آهي ، جيترو انهي برسات جي گهڙي ۾ سڪون ملندو آهي . انهي آتڻ جي ڪچهرين ۽ برسات جي اميدن جي تور تڪ ڪرڻ لاءِ هي چوڻي ڪچهرين جو موضوع بنجي ويئي . ته “ ائٽ را ٻارنهن ماس ، اٺي ري اڪ گهڙي ”.
    163. ڏڪار ۾ راڻين جا ، ڪنڱڻ به ڍرا ٿيو وڃن .
    ڏڪار بک ، بدحالي ، سان گڏ اوسيئڙن ۽ اڍڪن جو درد به کڻي ايندو آهي. انهي درد ۾ بک سان گڏ يادن جون ڪيفيتون ماڻهو کي جهوري وجهنديون آهن . ڳڻتيون ، اوسيئڙا ۽ اڍڪا من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيندا آهن . انهي ڳاراڻي ۾ ماڻهو جو اندر ڀرڻ لڳندو آهي . جيڪو جسماني ڪمزوري جو به سبب بڻجي ويندو آهي . غريب ته پنهنجي جاءِ تي پر سرنديءَ وارن جا به اهو ڳاراڻو حال هيڻا ڪري وجهندو آهي . انهي ڪري ٿر ۾ ڏڪار جي دوران غريبن جا ته هونئين حال هيڻا هوندا آهن ، پر خوشحال گهراڻن جي عورتن جي ٻانهن جا ڪنڱڻ به ڪمزوري سبب ڍرا ٿي پوندا آهن . ڇاڪاڻ ته اوسيئڙن ، اڍڪن ، ۽ اميدن جي پورائي جو انتظار ماڻهو جي دلي سڪون کي بي چين ڪري وجهندو آهي . اهڙي حالت ۾ اڳيان رکيل طعام به نه وڻندا آهن . انهي ڪري ئي پهاڪو آهي ته ، خوشي جهڙي خوراڪ ڪونهي ۽ ڳڻتي جهڙو مرض ڪونهي . يا ٻي چوڻي آهي ته ، ڪڏهن روح راڳن ۾ ، ڪڏهن بيتن کان بيزار . انهن دلي ڪيفيتن جي ترجماني ڪندي پهاڪو ٺهيو ته “ ڏڪار ۾ راڻين جا به ڪنڱڻ ڍرا ٿيو وڃن . ”

    164. راجا رٺو ته گهوريو . پر مند نه رسي مينهن جي .
    انساني زندگي به مندن جي محتاج آهي ، ڇاڪاڻ ته انساني جياپي جو سمورو دارومدار قدرتي وسيلن تي آهي . قدرتي وسيلا وري مندن موجب انساني ضرورتن جو پورائو ڪندا آهن . ٿر ۾ برسات جي مند جو پرچڻ خوشين جا جهول ڀري ايندو آهي ته وري برسات جي مند جو روسامون اهنجن ۽ مصيبتن جو دور شروع ڪندو آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو برسات جي مند جي پرچڻ جو وڏي شدت سان انتظار ڪندا آهن . هنن جون راتيون ۽ ڏينهن برسات جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ گذرندا آهن . ڇو ته سندن زندگي ۾ صرف برسات جي مند ئي رنگ ڀري سگهندي آهي ، اهڙا رنگ ڀرڻ جي طاقت ڪنهن به بادشاه ۾ نه هوندي آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو ڪنهن بادشاه جي رسڻ کي ته برداشت ڪري ويندا آهن ، پر مند جو روسامون سندن زندگي جا سمورا رنگ ڦري وٺندو آهي . انڪري هو برسات جي رسڻ کي مشڪل سان برداشت ڪري سگهندا آهن.انهي ڪري ئي ٿر ۾ هي پهاڪو عام آهي ته ، “ راجا رٺو ته گهوريو ، پر مند نه رسي مينهن جي. ”

    165. مقام ۽ مڪان ۽ ڪڏهن وسرن ڪينڪي .
    انساني نفسيات موجب ماڻهو پنهنجي گهر سان بي انتها محبت ڪندو آهي . ڇاڪاڻ ته انهي گهر جي تعمير ۾سندس پگهر جا ڦڙا شامل هوندا آهن . انهي گهر جي ذري ذري ۾ سندس ماضي جون يادون ۽ اکين جا ڪئين خواب ٽانڪيل هوندا آهن . جنهن ڪري هو پنهنجي انهن گذري ويل يادن ۽ اميدن جي خوابن تان دستبردار نه ٿيندو آهي . پوءِ ڀلي اها کڻي ڪا ڪکائين جهوپڙي ئي ڇو نه هجي . پر هو محلاتن کان وڌيڪ پنهنجي ٺاهيل ڪکائين جهڳي سان پيار ڪندو آهي . انهي کان علاوه انسان جي اها به فطرت آهي ته هو پنهنجي وڏڙن سان بي انتها محبت ڪندو آهي . انهن جي وفات بعد سندس اها محبت انهي مقام سان ڏانهن منتقل ٿي ويندي آهي . انهي ڪري ئي هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هو به مرڻ بعد پنهنجي انهن وڇڙي ويلن جي پاسي واري قبر ۾ دفن ٿئي . جيئن هڏ هڏن سان ملن . سندس روح به پنهنجي عزيزن سان گڏجي سڪون ماڻي . سنڌي سماج ۾ اها مٽيءَ جي ڇڪ قديم زماني جي سماجي قدرن جي جبلت آهي . جنهن کي ختم ڪرڻ ڪنهنجي وس ۾ ناهي . ٿر ۾ جيئن ته قديم سنڌي سماج پنهنجي ڀرپور توانائي سان جيئي ۽ جاڳي پيو . انهي ڪري ٿر ۾ مٽيءَ جي اهڙي لافاني ڇڪ جي ترجماني ڪندي ، ڪنهن شاعر جي بيت جون هي سٽون پڻ ڪچهرين ۾ چوڻي طور استعمال ٿين ٿيون ته، “ مقام ۽ مڪان، ڪڏهن وسرن ڪينڪي . ”


    • سائنسي تحقيقاتي ڪميٽي

    ٿر مان مليل سُڪار ۽ ڏُڪار جي اُهڃاڻن جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هيٺين سائنسي ماهرن پنهنجي مهارتن سان نوازيو.

     پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين سومرو صاحب
    بي ، وي ،ايس سي ۽ بي ،ايس سي اينيمل هسبنڊري (يونيورسٽي آف دي پنجاب لاهور ) ايم ،ايس سي . آنرز، لائيو اسٽاڪ مئنيجمينٽ (زرعي يونيورسٽي فيصل آباد )
    پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما (مصر ) ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ( يونيورسٽي آف منيسوٽا آمريڪه )

     پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو صاحب
    (ايم ايس سي ايگرونامي، ( سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام )
    پي ايڇ ڊي ايگرو نامي، ( يونيورسٽي آف ويلز، بئنگور، برطانيه)
     پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر صاحب
    (ايم ايس سي سوائل سائنسز، (سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام )
    پي ايڇ ڊي سوائل سائنسز، ( يونيورسٽي آف ويلز، بئنگور، برطانيه)
    پوسٽ ڊاڪٽوريٽ، (يونيورسٽي آف پترا، ملائيشيا )
     پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد سومرو صاحب
    (ايم ،ايس سي ايگرونامي،( سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام )
    پي ايڇ ڊي ايگرو نامي، ( انسٽيٽيوٽ آف ڪراپ سائنسز، چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز، بيجنگ، چائنا)
     پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب
    (ايم ،ايس سي ( ٻوٽن جي بيمارين ۽ افزائش وارو شعبو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام)
     ڊاڪٽر عزيز ٽالپر صاحب
    (ايم بي بي ايس، ( لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو)
    انساني صحت ، ۽ سماجي نفسيات بابت وسيع تجربو رکندڙ .
     مير اعظم علي ٽالپر صاحب
    ايم اي سوشيالوجي (موسميات جو ماهر)،


    • ڪتاب جي تياري ۾ مدد ڪندڙ مهربان

    هن ڪتاب جي تياري جي مرحلي دوران ٿر جي هيٺين مهربان اديبن ، شاعرن ، صحافين ، سگهڙن ۽ عام ڳوٺاڻن جوساٿ رهيو، جن جي تعاون ۽ لوڪ ڏاهپ جي سرمايي سان هي ڪتاب مڪمل ٿيو.

     محترم پروفيسر نور احمد جنجهي( اديب، محقق، لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻو ۽ استاد ) ڳوٺ وڪڙيو ، تعلقو اسلام ڪوٽ
     محترم ڀارو مل امراڻي ( اديب ، شاعر، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ ) چيلهار.
     محترم ڪرشن شرما صاحب ( اديب ، شاعر ، ۽ سماجي اڳواڻ ) . مٺي .
     محترم پروفيسر محمد هنڱورجو ( صحافي ، محقق ، شاعر۽ لطيف جو پارکوءَ ) ڳوٺ ڊنڍي ، تعلقو مٺي .
     محترم امام علي جنجهي ( شاعر ، ٿري لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ۽ سماجي اڳواڻ ) ڳوٺ وڪڙيو تعلقو اسلام ڪوٽ .
     محترم حاجي محمد “حاجن ” دل ( استاد ، شاعر ، فنڪار۽ محقق ) مٺي
     محترم حاجي محمد ڪنڀار (محقق ، تاريخدان ۽ لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ) اسلام ڪوٽ
     محترم کاٽائو جاني ( صحافي ، اديب ۽ ٿر جي سماجي حالتن جو ڄاڻوءَ) مٺي .
     محترم غازي فقير ( سگهڙ ۽ ٿري لوڪ ادب جو ڄاڻوءَ ) ڪاسبو ، ڪارونجهر . تعلقو ننگر پارڪر .
     محترم اڪبر مڱڻهار ( لوڪ فنڪار ) اسلام ڪوٽ .
     محترمه فاطمه ( لوڪ فنڪاره ، ۽ مائي ڀاڳي مرحومه جي ڏوهٽيءَ ) اسلام ڪوٽ )
     محترم عارب فقير ( لوڪ فنڪار ) اسلام ڪوٽ .
     محترم الهه بچايو مڱڻهار ( لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ ) ڳوٺ ساڪري . تعلقو ننگر پارڪر .
     محترم مراد علي فقير ( لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ ) اسلام ڪوٽ .
     محترم راءِ چند ( ٿري لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) گهرٽياريءَ ڪارونجهر ، تعلقو ننگر پارڪر .
     محترم انور خاصخيلي “ آسماني ( ڪارونجهر جي ٽڪرين بابت ڄاڻ رکندڙ ۽ ڌنار ) ڳوٺ سوتلائي تعلقو ننگر پارڪر
     محترم رفيق فقير مڱڻهار ( ڪارونجهر جي ٽڪرين بابت ڄاڻ رکندڙ ۽ ڌنار ) ننگر پارڪر .
     محترم الهرکيو کوسو ( ٿر جي لوڪ ڏاهپ ، ڪارونجهربابت ڄاڻ رکندڙ ) ڳوٺ سامي ويري ، ننگر پارڪر
     محترم سائينداد خاصخيلي ( ڪارونجهر سلسلي جي ڌار ٽڪرين جو ڄاڻو ۽ ٿر جو ڊرائيور ) ڳوٺ ويرا واه .
     ماستر وشرام مينگهواڙ ( ڪارونجهر سلسلي جي ڌار ٽڪرين جو ڄاڻو ) ڳوٺ کارسر تعلقو ننگر پارڪر .
     اصغر سمون ( ڪارونجهر سلسلي جي ڌار ٽڪرين جو ڄاڻو ) ڳوٺ ويرا واه تعلقو ننگر پارڪر .
     خان محمد سمون ( ڪارونجهرسلسلي جي ڌار ٽڪرين جو ڄاڻو ) ڳوٺ ويراواه تعلقو ننگر پارڪر .
     محترم عارف فقير ( لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ ) اسلام ڪوٽ .
     محترم عارب فقير ( لوڪ فنڪار ۽ سگهڙ ) ڳوٺ ڪڪراڙيو . تعلقو مٺي .
     محترم محمد هارون ”هار“ محموداڻي . ( سگهڙ ، ٿري لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) ڏيپلو.
     محترم آچر حجام ( سگهڙ ۽ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻو ) ڳوٺ سجائي .تعلقو ڏيپلو .
     محترم راڻو ٺڪر ( سگهڙ ، لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) ڏيپلو .
     محترم ڀڳت آتما رام . ڳوٺ ڪاگيا ، تعلقو ڇاڇرو .
     محترم الهه بچايو نهڙيو . ( سگهڙ ، لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ .)
     محترم علي محمد راهمون ( سگهڙ ، لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ )
     محترم جالوءَ ڀڳت ،( سگهڙ ۽ لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ انڙ جهڙ تعلقو ڏيپلو .
     محترم رائچند ( سگهڙ ) ڳوٺ صابڻ کوهي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڀڳت کنگهار ( سگهڙ ، لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ سارڻ . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڀڳت تنوءَ راڄاڻي ( سگهڙ ، لوڪ ادب جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ ننهائي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم گل محمد بجير ( سگهڙ ۽ ٿر جي حالتن جو هڪ صدي جو شاهد ) ڳوٺ ڳالهائو بجير .تعلقو ڏيپلو.
     محترم علي محمد بجير ( سگهڙ ۽ ٿر جي رسمن جو ستر سالن جوشاهد ) ڳوٺ ڳالهائو بجير . تعلقو ڏيپلو.
     محترم رمضان بجير ( سگهڙ ، استاد ، ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ بگهاڙيو . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڪريم بخش جوڻيجو ( سگهڙ ) ڳوٺ بگهاڙيو . تعلقو ڏيپلو .
     محترم انب فقير ( سگهڙ ۽ ٿر جو سيلاني فقير ) ڳوٺ ٽوڀو صالح ۾ مليو .
     محترم اسحاق راهمون .( لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ ٽوڀو صالح . تعلقو ڏيپلو.
     محترم سومجي پٽيل ( سگهڙ ) ڳوٺ سومجي ڌاڻي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڀڳت جئتمال مينگهواڙ (لوڪ فنڪار، لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاهپ جو ماهر ) ڳوٺ ڀڪوئو تعلقو مٺي..
     محترم نٿو مينگهواڙ ( سگهڙ ) ڳوٺ ٻلهياري . تعلقو ڏيپلو.
     محترم سترام ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ ڊونڊڙي .تعلقو. ڏيپلو
     محترم سومار ڀڳت ( لوڪ ڏاهپ بابت ڄاڻ رکندڙ ) ڳوٺ ڊونڊڙي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم سونو مينگهواڙ ( سماجي ڪارڪن ۽ صحافي ) ڳوٺ ڊونڊڙي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم جڳمال ( سگهڙ ۽ سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ ڊونڊڙي .تعلقو ڏيپلو.
     محترم پرتاب ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ ڊونڊڙي .تعلقو ڏيپلو.
     محترم لڌو مينگهواڙ ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ ساونگي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڀڳت سيروءَ مينگهواڙ ( سگهڙ ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻوءَ ) ڳوٺ ڀٽڙي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ايسرداس ( سماجي ڪارڪن ، ) ڳوٺ اونهريو . تعلقو ڏيپلو .
     محترم ڪيولرام ( سماجي ڪارڪن ۽ پورهيت ) ڳوٺ اونهريو . تعلقو ڏيپلو.
     محترم پريم ڪمار ( سماجي ڪارڪن ۽ صحافي ) ڳوٺ بگهاڙيو. تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڏيسر مينگهواڙ ( سماجي ڪارڪن .) ڳوٺ ڪروڙو . تعلقو ڏيپلو.
     محترم اشوڪ ڪمار ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ هٿرائي . تعلقو ڏيپلو
     محترم موهن داس ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ هٿرائي . تعلقو ڏيپلو .
     محترم مٺو مل ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ صندوق . تعلقو ڏيپلو.
     محترم ڦوٽو مينگهواڙ ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ سينهر کوهي . تعلقو ڏيپلو.
     محترم مينڌرو ( سماجي ڪارڪن ) ڳوٺ چڙيل . تعلقو ڏيپلو .
     محترم محمد صالح عرف عمران سومرو ڳوٺ ملاڪاتيار
     محترم ساجد حسين سومرو ( حشرات الارض ۽ موسمي ماهر ) ڳوٺ ملاڪاتيار ضلعو ٽنڊو محمد خان .
     محترم ڊاڪٽر سيف الله ٽالپر ( زرعي ماهر ) ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ضلعو ٽنڊو محمد خان .

    ان کان علاوه ايل ايڇ ڊي پي جي فوڪس ايريا تعلقي ڏيپلي جي ٻن يونين ڪائونسلن ، ڊاڀڙو ۽ ٻولهاڙي ، جي هيٺين ڳوٺن ۾ ڏڪار ۽ سڪار جي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ، عوامي سطح جون ڪچهريون به ڪيو ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ مردن ۽ عورتن ،کان معلومات حاصل ڪئي ويئي. ۽ سگهڙن ، عالمن ، اديبن ، محققن ۽ شاعرن کان مليل ڄاڻ جي تصديق پڻ ڪئي ويئي . آئون انهن ڳوٺن جي سڀني ماروئڙن جو ٿورائتو آهيان . جن مون فقير کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ انتهائي پنهنجائپ جو مظاهرو ڪندي ، پنهنجي دل جا سانڍي رکڻ جهڙا راز به کولي ٻڌايا. آئون انهن ٿر ڄاين ۽ انهن جي وارثن جو به ٿورائتو آهيان . جن به مونکي پنهنجو سڳو ڀاءُ سمجهي پنهنجي درد ڪهاڻين بابت ڄاڻ ڏني ، هن ڪتاب جي سموري ڄاڻ جا مالڪ ٿر ڄايا ئي آهن . مون ته صرف سندن حالتن جي ترجماني جو فرض نڀايو آهي.

     ڳوٺ ڪاري ويري ءَ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ ڊونڊڙيءَ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو .
     ڳوٺ سائونگيء ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو .
     ڳوٺ ڀٽڙيءَ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو .
     ڳوٺ انڙجهڙ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ صابڻ کوهيءَ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو .
     ڳوٺ اونهريو ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ سارڻ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ پد موريءَ ، يونين ڪائونسل ڊاڀڙو تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ صندوق يونين ڪائونسل ڊاڀڙو ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ سينهر کوهي يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ چڙيل يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقوڏيپلو.
     ڳوٺ ننهائي يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ ڳالهائو بجير يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ بگهاڙيو يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ ٽوڀو صالح يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ ٽوڀو ملوڪ يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ ڪروڙو يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.
     ڳوٺ هٿرائي يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو .
     ڳوٺ سومجي ڌاڻي يونين ڪائونسل ٻولهاڙي ، تعلقو ڏيپلو.

    ڪارونجهر سلسلي جي ڌار ٽڪرين جي نشاندهي سائينداد خاصخيلي (ڊرائيور ويرا واه). ماستر وشرام مينگهواڙ (کارسر) اصغر سمون ( ويراواه ) خان محمد سمون(ويرا واه) مصري سرواڻي ۽ محترم امام علي جنجهي ڪئي
    ڪارونجهر جبل جي سلسلي جي گڏيل ٽڪرين جو صحيح تعداد محمد رفيق مڱڻهار (ڌنار ) انور خاصخيلي “ آسماني ” (ڌنار) ،فقير الهرکئي کوسي، ۽ مصري سرواڻي کان مليو ، هن ڏس ۾ محترم امام علي جنجهي منهنجو ساٿ ڏيندي ننگر پارڪر ۾ رهي . مذڪوره ماڻهن کان سواءِ ڪارونجهر ۾ مال چاريندڙ ڌنارن ، ماکي لاهيندڙ پورهيتن ۽ جڙي ٻوٽيون ڳوليندڙ سناسين سان ڪچهريون ڪري مليل معلومات جي تصديق ڪئي.اهڙي ريت ڪارونجهر جبل جي جابلو سلسلي جي ٽڪرين جي تعداد جي انگ وارو سوال حل ڪيو ويو .

    ڪتاب جي تياري ۾ مدد ڪندڙ مهربان

    منهنجي هن ڪتاب جي تياري ۾ منهنجي ٽيم جي ساٿين جا نالا. جن مون سان ٿر جي مشڪل حالتن ۾ ساٿ نڀاهي مون کي سوڀارو ڪرڻ ۾ وسانءَ نه گهٽايو.

     محترم اقبال حيدر . (ايل ايڇ ڊي پي جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر )
     محترم فدا سومرو( ايل ايڇ ڊي پي جو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ مئنيجر )
     محترم شاهه علي نوحاڻي ”علي ڀاءُ“
     محترم علي نواز ملاح
     محترم مصري سرواڻي (سوشل موبلائيزر)
     محترم ڊاڪٽر ملڪ راءِ (سوشل موبلائيزر)
     محترمه زينب گرگيز (سوشل موبلائيزر)
     محترم ڪلتار گل . (زرعي ماهر ايل ايڇ ڊي پي)


    • مددي ڪتاب

    مددي ڪتاب جن جي مطالعي جي روشني ۾ مليل مواد جي تصحيح ڪئي ويئي

     پراچين لوڪ . وڪيل ڀورو مل ڪولهي . ڇپائيندڙ : دلت رابطه ڪميٽي . 2014
     سنڌي ور جيسي ٻولي . پروفيسر شمس الدين عرساڻي . روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 1997
     لطيف جا ٿر تان ڀيرا . معمور يوسفاڻي . مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور . 2007
     پهاڪن جي پاڙ . عبدالڪريم سنڌيلو . سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو . 2012
     ڀٽن اڀريو سج ( ٿري لوڪ ادب ) . ميمڻ مشتاق مٺواڻي . سنڌي ساهت گهر حيدرآباد . 2004
     ٿر سڪ جو سفر . غلام مجدد سرهندي . شعبو نشرواشاعت آغا صاحب اڪيڊمي . 2006
     تاريخ ريگستان ٻه ڀاڱا . رائچند هريجن . سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو .
     پراڻو پارڪر . منگهارام اوجها . سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو .
     ٿوري قوت قراريا ( شاعري ) محمد هنڱورجو ” ملزم ٿري “ پريت پبليڪيشن حيدرآباد .2010
     ٿر، وڏو وستار . حاجي محمد حاجن دل . سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي . 2014
     گيت سانوڻ ، من ڀاوڻ جا . ڀارو مل امراڻي . نينهن پبليڪيشن مٺي . 2004
     ٿر. خوشحال ڌرتي ، بدحال ماڻهو . ذوالفقار هاليپوٽو . ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ايسوسيئشن ٿرپارڪر . 2014
     سنڌوءَ جا گيت . ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو . ثقافت ،سياحت کاتو سنڌ 2008
     ٿر جا ڏوهيڙا ، ڏڪار ۽ سڪار بابت اڳڪٿيون ۽ انومان ، ( مضمون ) حاجي محمد ڪنڀار.
     سير ريگستان . محمد اسماعيل عرساڻي . سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو .
     بد نصيب ٿري . محمد اسماعيل عرساڻي . سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو .
     سندر ٽپڻو . 2014ع ____ 2015ع . سنبت 2071 سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي .
     ٿرديپ سماچار. ( جنوري ، مارچ )
     ميگهه ( جولاءِ 2014 . ) لاڙ هيو مينٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام .
     ٿر ۾ ٻن سالن کانپوءِ پوندڙ ڏڪار جا اصل سبب ( مضمون ) ٽيڪم ڪي جڳتاڻي . ( ڪاوش دنيا ) 26 آڪٽوبر 2014 .
     حيدرآباد ۾ برساتن جو 25 ساله رڪارڊ . ( مضمون ) مير اعظم علي ٽالپر . روزانه عبرت حيدر آباد .

    ENGLISH BOOKS:
     M. M. JISKANI. 1999. THE FUNGI. (CULTIVATION OF MASHROOMS).IZHAR PUBLICATIONS, TANDO JAM.
     ZOHRA YOUSIF. RYTHMS OF THE LOWER SINDH. CULTURE & TOURSIM DEPARTMENT SINDH.
     W.SMITH. SINDH GAZETTEER. B, VOLUME. THARPARKAR DISTRICT, 1919.
     S.IQBAL SHAH .1994. ANIMAL HUSBANDRY. NATIONAL BOOK FOUNDATION ISLAM ABAD.
     DR. G.HUSSAIN SOOMRO. 1994. ANIMAL HEALTH AND HYGENE. ANIMAL HUSBANDRY. CHAPTER 14.
     CREAGH BREUNER. RESEARCH ON ENVIRONMENT BEHAVIOR AND PHYSIOLOGY, BIRDS. UNIVERSITY OF MONTANA, 32, CAMPUS DRINE MISSOULA MT 59812. U.S.A.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259769
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ