ڪتاب جو نالو: توسان ڪهڙيون رِيسون
مصنف: نثار احمد ناز
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2247 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 448 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.
غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • ارپنا
  • • سنڌ سلامت پاران
  • • تون سپڙ آئون سيڪڙو!
  • • پکي پنهنجي منزل نه پڃرن ۾ ڳوليو!
  • • شاعري ڳالهائي ٿِي!!
  • • لاها چاڙها زندگيءَ جو حصو آهن!
  • • سنڌ ڄائي هند ۾ رهندڙ نامياري شاعره گلوڪاره ڀيڻ ڪوشِي لالواڻِي جو اظهار
  • • نثار سارو ئي نينهن
  • • نثار ! توسان ڪهڙيون رِيسون!
  • • نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟
  • • مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي
  • • هو جو ’ناز‘ آهي!
  • • توسان ڪهڙيون ريسون
  • • شاعريءَ جون ڪيفيتون
  • • نثار احمد ناز جِي شخصيت ۽ شاعرِي
  • • شاعريءَ جو ڪو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراجَ!
  • • دير آيد درست آيد
  • • اسان جو ناز تي ناز آهي !
  • • ناز ناز ڪندي ناز ٿِي ويس!
  • • پنهنجي پاران! : ڇا لِکِي ڇا لِکان
  • نثري نظم، آزاد نظم، نظم

  • • حمديه وائي
  • • نعت شريف : نبي جي عشق ۾ جيون
  • • توهان جي به يادن تي پهرا لڳن ٿا
  • • هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ
  • • ڪُنوار وانگر گهونگهٽ ڪڍِي ٿِي هلي
  • • نه ٽوڙيو خُدارا هي ٻانهُنِ جا گجرا !
  • • چپن جا گُلاب
  • • اڃا زُلف هرڪنهن سان رانديون ڪيان ٿو
  • • شاداب گُلن جون ٻاريون پوکي
  • • عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو
  • • ڄامشوري جي جُهڙاليِ شام
  • • رڳو دهشت سراپيل آهي
  • • موهن جي دڙي جي مان تاريخ بڻجِي.!
  • • ڀلي ڪريو اسان کان دُوريون
  • • انصاف جِي ديوي (Goddesses of Justice) جي نانءُ
  • • سنڌ مٿان آ وڏو ڌاڙو لڳو
  • • مون پيار ڪيو تن پيارن سان
  • • آيو ياد توکي تنهنجو ”ناز“ هوندو
  • • ڪجهه ٻُڌو
  • • دين منهنجو هر ڌرم
  • • مِٺِي سنڌ
  • • طرح مشاعري ۾ پڙهيل مزاحيه نظم
  • • ويڙهه تنهنجي وهڪري لاءِ
  • • اڄوڪا ڪري جام دلبر جي نالي
  • • منهنجي دل ۾ ويٺو آهين
  • وايون، ڪافيون

  • • وايون
  • • ڪافيون
  • غـزل

  • • غزل

  • • ارپنا

    هن ڪتاب کي ارپيم
    پنهنجي پيارِي ماءُ مرحومه حوا سمون
    پنهنجي پياري بابا سائين مرحوم محمد يعقوب سمون
    ۽ پنهنجي شاعري جي اُستاد محترم شوڪت ڌماچ
    (آف راهوڪي اسٽيشن ٽنڊو ڄام)
    جن کي

    جن جي شفقت ۽ دُعائن جي صدقي شڪرالحمدالله اڃا تائين ميلو متو پيو آهي، انهن پيارين هستين جون دعائون ئي آهن جو مون جهڙو ناڪام ترين شخص ڪنهن نه ڪنهن قابل آهي.”اُستاد شوڪت ڌماچ“ جا ٿورا ته وسارڻ کان مٿي آهن، جنهن جي فني ۽ فڪري تربيت مونکي ان قابل بنايو جو ان اُستاد جي طُفيل ئي ٽنڊو محمد خان جا اڪثر نوجوان شاعر مونکي ”اُستاد نثارناز“ ڪري سڏيندا آهن.


    • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (159) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ نامياري شاعر، سنڌ سلامت جي سرواڻ، اسانجي محسن ۽ رهنما سائين نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي.

    هي ڪتاب سنڌ سلامت پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين نثار احمد ناز جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿورا مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • تون سپڙ آئون سيڪڙو!

    بي نور ڪائنات جڏهن عشق جي نور سان منور ٿي ته جمالياتي حِسِ کي ڄڻ ته اکيون ملي ويون پوءِ جڏهن اُنهن اکين خالقِ ڪائنات جي هر هڪ خلقت کي ڏٺو ته اُهي اکيون انساني وجود جي سُجود ۾ اهڙو خواب بڻجي ويون جيڪو انسان جو ويهڻ وِهه ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ اهو انسان ڳوليان ڳوليان مَ لهان واري جُهدِ مسلسل ۾ بن بن ڀٽڪندو آهي، اهو ڀٽڪڻ اُن کي عاشقي جي مئه پياريندو آهي ۽ هو هڪ پير تي بيٺل مجنون بڻجي ويندو آهي، درد هُن جي رڳن ۾ رت سين رچيل هوندو آهي.
    اهو ئي درد ان ۾ اُتساهه ۽ سگهه اوتيندو رهندو آهي، ڪڏهن دل وارن جي ڌِڪار جو درد ته ڪڏهن محبوبن جي ڪيل ماڻن جو درد، ڪڏهن ڌرتيءَ جون پيڙائون ته ڪڏهن ديس وارن سان ٿيندڙ انياءُ جو درد! ائين هو دردن جا درياءُ جهاڳيندي سُهڻي بڻجي پنهنجي ميهر جي ميلاپ جو مقصد کڻي ڪُنن ۾ گم ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن دردن جو وندر ووڙيندي سسئي ٿي پنهل جا پيرا لهڻ ڪاڻ ”جت کُتِي وکڙي سو ڏونگر کي ڏاڪو“ بڻجي پِٿون پِٿون ٿي پُرزا پُرزا ٿِي ويندو آهي ته ڪڏهن جوڳيءَ جو جوڳ بڻجي بنواس ڀوڳيندو رهندو آهي.
    انسان پيدائشي طور شاعر هوندو آهي پر شاعري هُن جي رڳ رڳ مان نپوڙجي لفظن جو ويس اوڍي ڪنهن صنف جي مسند تي ويهي رهي، اِهو هر انسان جي وس ۾ ناهي هوندو، پر جيڪي ان ڪيفيت کي پنهنجي وس ڪري وٺندا آهن اُهي پنهنجي پنهنجي دؤر جا تاريخ دان بڻجي شاعر چَوِرائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به دؤر جي حقيقي تاريخ اُن دؤر جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ پڙهي سگهجي ٿي، پر ڪي اهڙا به آفاقي شاعر جيڪي هر دؤر جي مستقبل کي سندن حال ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏسي سگهندا آهن، اهي هر دؤر جا شاعر سڏبا آهن. شاعر ۽ عاشق، زمان، مڪان، جنس ۽ طبقن جي قيد کان آزاد هوندا آهن، هو بي پرواهه بي خوف هوندا آهن، اُهي ئي شاعر سڏجن ٿا۽ وقت ان کي شاعر چوڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. رياستي ڏاڍ ۽ جبر انهن کي جُهڪائي نه سگهندو آهي. هو پنهنجو پاڻ احتساب ڪندي پنهنجي غلطين کي درست ڪندا اڳتي وڌندا رهندا آهن، هو واهه واهه جي وڄت تي نچڻ بجاءِ آهُن ، دانهُن، ۽ سُڏڪن جا سَڏَ ڪنائي شعر لکندا رهندا آهن. ڪائنات جي هر تخليق ۾ انهن کي اُن جو تخليق ڪار نظر ايندو اهي ۽ اهوئي تخليق ڪار اُن جو حقيقي محبوب هوندو آهي. مجاز جي پانجاري ۾ جوٽجي جذبن جا هَرَ ڪاهيندي دل جي ڌرتيءَ تي تخليقن جا گُلاب پوکيندو رهندو آهي ۽ اهڙي ريت شاعريءَ جو چمن مهڪي پوندو آهي.
    دنيا جي گولي تي جڏهن جيجل سنڌ جي نقشي کي ڏسندي آهيان ته مونکي ان ۾ پنهنجي محبوب جو چهرو نظر ايندو آهي ، اُن جي درياءَ جي رواني ۾ محبوب جا ٽهڪ ٻُڌندي آهيان، اُن جي مورن جي ٽهوڪن ۾ پرينءَ جا پڙلاءُ گونجندا آهن ، اُن جي کيتن ۾ ڦُلهاريل سرنهن جي پِيلن گُلن ۾ محبوب جي سونَ جهڙي جوانيءَ جا تجلا پسندي آهيان، اُن جي ٻُڍڙن گُهنجن ۾ پنهنجي ماتر ڀُومِي جي تاريخ پڙهندي آهيان، ان جي ٻارن جي ٻاتن ٻولن ۾ جيجل جي لولِي جي ٻولن کي مِي رقصم ڏسندِي آهيان، اُن جِي جوانيءَ ۾ حُسن جي ڪينجهر هندور ٿِي جهولندي جُهومندِي پَسندِي آهيان، اُن جي سڀاءُ ۾ نوري ءَ جي نوڙت ۽ نينهن جي اُٿل جا تجلا ڏِسندِي آهيان ، اُن جي علم ۽ ادب ۾ سامِي، شاهه ڀٽائِي ۽ سچل کي پسندِي آهيان ، مُنهنجِي جيجل سنڌ پنهنجي ڪُک مان لکين هيرا ۽ لعل جنميا آهن ، اُن جي سمنڊ ۾ ڪروڙين سچا موتِي موجود آهن اُن جي وجود مان پارس جنم وٺن ٿا جيڪي لوهه کي سِڃي سون ڪندا رهن ٿا، اُن جي دليريءَ ۾ دودي، دولهه دريا خان ، مخدوم بلاول، روپلي ۽ هوشوءَ جِي هڪل کي ٻُڌندِي آهيان ان جي ڏاهين ٻاگهل ٻائِينِ، بختاور، مَرکان جهڙِين مَرڪندڙ مائِين ۾ سڀئِي بهادر ڪردار هر دؤر ۾ نئين نانءُ سان نئين ڏانوَ سان جنم وٺندا رهن ٿا ۽ سنڌ مُرڪندي ۽ مَرڪندي رهي ٿي.
    شاعري جي وسيع کيتر ۾ ماضي ۽ حال کي ڏسجي ٿو ته اڻ کُٽ تخليقون ۽ اڻ کُٽ تخليق ڪارن جو تسلسل ٿر جي رڻ تي قطاريل اُٺن جيان ڏُور ڪنهن ڏيهه پنهنجِي پنهنجِي ڪاڪ لهڻ ڪاڻ رمندا رهن ٿا. ڪي زلف جانان ۾ اُلجهي وڃن ٿا ته ڪي غم دؤران ۾ گُم ٿِي وڃن ٿا، ڪي زماني جي ڀؤ کان بي خبر بي پرواهه ٿِي زماني جي بي رحم لتن ۾ لٿاڙجِي وڃن ٿا ته ڪي ورِي پنهنجِي ڏات کي ڏانوَ جا ويس وڳا پهرائي زماني جي بازار ۾ لهي پون ٿا، پر اُهي بازاريون جتي نه وکر سوَ لو وڪامجي نه ئي ڪو سچو خريدار ته پوءِ سندن هينئڙو لوڻ ٿيو پوي. اهڙي ئي ”هينئڙو مون لوڻ ٿيو“ وارِي ڪيفيت واري هڪ يگاني شاعر نثار احمد ناز سان سندم مُکا ميلو ستاويهه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان پاران ڪوٺايل ڪنهن ادبي ميڙاڪي ۾ ٿيو پر اُن وقت منهنجو نثار (نثارحُسيني) مون سان گڏ هو، منهنجي نظر هِنَ نثارَ کي ڇُهي نه سگهي پر منهنجي نگاهن رستي ”شاعري“ هُن جي رڳ رڳ ۾ رچِي وئِي، مُنهنجو نه هُن سان مُکا ميلو نه ميل جول نه ميٺ مُلاقاتون جُڙِي سگهيون ۽ پوءِ وقت اهڙو وڇوڙي جو واءُ واريو جو مون کان مُنهنجو نثار وڇڙي ويو، مان بن بن ڀٽڪندي ڪڏهن پولارن ۾، ڪڏهن پاتالن ۾، ڪڏهن آڪاش اُتي ته ڪڏهن ڌرتي ءَ تي پنهنجي نثار کي ڳوليندي رهيس، هر سرد ڊسمبر جيان گُلابن جي ٽڙڻ جي مُند جي هڪ صُبح سندس موبائل ڪال آئي ”سنڌ ميوزيم حيدرآباد“۾ ”فيروز“ فوٽوگرافر جيڪو شهيد ذوالفقار ڀٽو جو خانداني فوٽو گرافر ۽ شهيد ڀٽو جو عاشق آهي اُن جي تصويري نمائش ۾ سڏ ڏيندي شرڪت لاءِ نثاراحمد ناز جي نينڊ ٻيجل جا ٻول بڻجي ٻُرڻ لڳي ٿي! مان ميوزيم وڃان ٿي هڪ سٻاجهي، سادي ۽ پُرخلوص شخص جو ڌيمي لهجي ۾ سلام ٻُڌم ۽ سندس چهري تي سچائي ڏٺم، شفقت ڀريو انداز هٿ ۾ ڪئميرا، ڪڇ ۾ ڊائري اُهو ئي ڪنڌ لاڙڻ وارو انداز ۽ هڪ پاسي جُهڪي هلڻ کي ڏسي پهرين حيرت ٿيم پوءِ سمجهه ۾ آيم هُنَ(نثارحُسيني) وارا تجلا هِنَ نثار(نثار احمد ناز) ۾ بکي رهيا آهن، پر هِي نثار مُنهنجو نثار نه هو، اها پڪ ساريندي ساڻس گفتگو جو سلسلو جارِي ٿيو، ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي گڏجاڻين، سِنڌِي ٻولِي قومِي ٻولِي جي سلسلي ۾ ريلين ۽ مظاهرن ۾ شرڪت ساڻس مُکا ميلي جا سبب بڻجندا رهيا. بار بار مُنهنجي اکين جِي اُٿل کيس پريشان ڪندي رهِي پر مُنهنجون اکيون ته پنهنجي نثار کي ڳولينديون هُيون اها ڪَلَ هِن نثار کي ڀلِي ڀت هُئِي اُهوئِي سبب هو جو سندس شهر ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي ريليءَ دؤران جنهن ۾ آئون به شريڪ ٿِي هُيس، نثارناز انهي ريلِيءَ جون تصويرون ساري دنيا جي سنڌين لاءِ پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري رهيو هو ته هڪڙي بي پرواهه موٽر سائيڪل سوار غلطيءَ سان پنهنجي موٽر سائيڪل نثار ناز تي چاڙهي ڇڏي،جنهن ۾ کيس تمام گهڻو ڌڪ لڳوهو ۽ سندس پير ۾ شديد قسم جو فريڪچر ٿي پيو ۽ سندس پير اُن وقت ئي سُڄي به پيو هو، جيستائين هُو موٽر سائيڪل وارو ڪُجهه ڳالهائي يا معافي وٺي نثار ناز سموري تڪليف برداشت ڪري اُن موٽر سائيڪل واري کي وڏي آواز ۾ چيو ته ادا مون توکي معاف ڪيو، تون وڃي سگهين ٿو، اسان نثارناز کي چيو ته تنهنجي پير ۾ ڪافي تڪليف آهي، تون ڪجهه دير ويهِي آرام ڪر پر هن جاکوڙِي شخص چيو ته مونکي هن ريليءَ جي هڪ هڪ تصوير ڪڍڻي آهي ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين سان شيئر ڪرڻِي آهي ۽ اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياري پنهنجي سنڌي هُجڻ جو اصولي حق وٺڻو آهي. نيٺ اها ريلي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي، نثارناز تڪليف جي ڪري هيٺ ويهي رهيو، اتي ئي مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن اين جي او جي آفيس هُئي جنهن جي انچارج مونکي چٽِي طرح ياد آهي محترمه راحيلا خاصخيلي هُئي، اُن آفيس ۾ شايد نثار ناز هڪ ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪيو هو، سو هُن چيو ته ٿوري دير لاءِ کيس اُن آفيس ۾ وٺي هلو جيئن سندس پير جي تڪليف ڪُجهه گهٽ ٿئي ۽ هو واپس پنهنجي گهر وڃي سگهي، اسان کيس سهارو ڏئي ان آفيس ۾ وٺي آياسين، مون فرسٽ ايڊ لاءِ ان آفيس جي پٽيوالي کي ڪجهه سامان وٺي اچڻ جو چيو ۽ آفيس جي رڌڻي ۾ خود گرم پاڻي رکيو ۽ نُنهن سوسڙو پاڻي کڻي ان ۾ ڪجهه لوڻ وجهي نثار ناز جي سُڄيل پير کي ڌُئارڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻ مونکي مُسلسل روڪيندو رهيو، سانئڻ اوهان اسان لاءِ نهايت ادب ۽ احترا م جي لائق آهيو، توهان سنڌ جي هڪ بهترين ليکڪه آهيوباادب نياڻي آهيو پليز سانئڻ اهو مونکي سُٺو نٿو لڳي ته توهان مُنهنجا پير ڌُئاريو، پر مون سندس هڪ به نه ٻُڌي کيس چيم ته نثار مونکي خبر آهي تون منهنجو نثارناهين، تون هڪ ڏات ڌڻي، سنڌ امڙ جو سپوت پُٽ آهين ۽ اهو مُنهنجو اخلاقِي فرض ٿئي ٿو ته هن حالت ۾توهان جِي مدد ڪريان ۽ پوءِ مون گرم پاڻي سان سندس پير ڌُئاريا، ايتري ۾ اُن اين جي او جو پٽيوالو، مُنهنجون ڏسيل فرسٽ ايڊ واريون شيون بينڊچ، ڪپهه ۽ آيوڊييڪس وغيره به وٺي آيو، آيوڊيڪس سان سندس پير جي مالش ڪري ڪپهه رکي بينڊچ ڪري ڇڏي.
    اڄ به زماني کان بي پرواهه ٿِي اسان ۾ هڪ ٻي لاءِ سڀئي مقدس رشتا جُڙيل آهن ۽ جُڙيل رهندا ۽ (جُڙيل رهن به ڇو نه؟!!). هن درويش صفت انسان ۾ محبت خلوص ۽ پيار کانسواءِ ٻي ڪا به لوڀ ۽ لالچ نه ڏٺي اٿم، سلام آهي هن انسان جي انسانيت ۽ اخلاقياتي احساسن تي. ”اڃا ڪي آهن جوڳيئڙا جهان ۾“ ۽ اهڙا انسان جڏهن نفس جي غلاميءَ جي پنجوڙن مان پاڻ ڇڏائي پُرخلوص انسان بڻجي ويندا آهن ته انهن جي هٿ، پير، زبان ۽ وجود مان ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پُهچندي آهي. هن باڪردار شخص پاڻ ناڪامي جي کاهي ۾ ڌڪجي وقت کان اڳ پنهنجي لڳي ٻَڌي سرڪاري نوڪري مان ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي رت جي رشتن کي ڪاميابي جي اونچي منزلن تي پهچايو، مون اهڙو ماڻهو ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي جنهن پنهنجي پاڻ کي ناڪاميءَ جي آڙاهه ۾ ڌِڪي ٻين کي ڪاميابي جي وڏين منزل تي پهچايو هُجي. نثارناز سان پيار ڪندڙ ماڻهو کوڙ سارا آهن، پر انهن مان ٽنڊو محمد خان شهر جو مست الست ديوانو پروانو زلفي خاڪي شاهه ته سندس ديوانگيءَ جي حد تائين عاشق آهي، نثار ناز جڏهن وقت کان اڳ ريٽائر ٿيو ته اُن وقت نثار ناز اٿاهه پريشانين ۾ مُبتلاهو، هڪ طرف قرضي سندس جيئڻ جنجال ڪريو ويٺا هُئا ته ٻي طرف هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي هڪ وقت جي ويلي لاءِ به پريشان هو، زلفي خاڪي شاهه نثارناز جِي پريشاني ڏسي نه سگهيو سو حيدرآباد جي ڪنهن ميمڻ خاندان جي نياڻي کي هڪ گُردي جي ضرورت هُئي ان خاندان سان زلفي شاهه تقريبن ٻن لکن روپين عيوض پنهنجي هڪ گُردي جو سودو ڪري آيو پر نثار ناز پنهنجي مشڪلاتن جو بار پنهنجي سر تي کڻي زلفي خاڪي شاهه کي گردو وڪڻ ڪونه ڏنو، هي ڳالهيون مونکي زُلفي خاڪي شاهه ذاتي طور تي ٻُڌايون هيون، مونکي خبر آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪتاب جي مهاڳ لکڻ ۾ غير ضروري هونديون آهن پر آئون نثار سان سلهاڙيل هرگوشي کي تاريخ ۾ هميشهه لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ هي ڳالهيون لکي رهي آهيان. نياڻين جو ادب ۽ احترام وٽس ايترو آهي جو سندس ادبي پروگرامن ۾ کوڙ ساريون نياڻيون اينديون هُيون اهو انهن نياڻين جو نثاراحمدناز تي هڪ وڏي ڀاءُ وانگر ڀروسو هو ايتري قدر جو نياڻيون ادبي کيتر ۾ پير پائي ٽنڊو محمد خان شهر جهڙي ماحول ۾ پنهنجي مرد ڀائرن جي شانه بشانه پنهنجون ادبي لکڻيون پيش ڪرڻ لڳيون.
    نثار ناز علم ۽ ادب جي خدمت جي جذبي تحت پنهنجي ڪُلهن تي ڪرسيون به ڊوهي ادبي ميڙاڪا مچايا، پنهنجي ادبي آفيس جي صفائي سٿرائي واسطي ٻُهارا ۽ پوچا به ڏنا، ادب لاءِ سراپا نثار ٿيندڙ هن شخص کي منهنجون اکيون ادب جي اُفق تي جرڪندڙ ستاري سمان ڏسي رهيون آهن، نه رڳو هن جي قلم ۾ قوت، ساڻس ڏات ۽ ڏانوَ آهي پر هِي شخص هڪ سٺو اُستاد، شفيق پيءُ مخلص دوست، بهترين اداڪار، سُلجهيل هدايت ڪار ۽ صحافت جي کيتر ۾ به خاموش سُپاهي ٿِي پنهنجي قومي ڪاز ۾ سدائين پيش پيش رهيو آهي. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ انٽر نيٽ تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سدائين جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ نثارناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو روح روان آهي، پوري دنيا ۾ موجود سنڌ ي ٻولي سمجهندڙ ۽ ڳالهائيندڙن کي پيار جي ڏوري ءَ ۾ پوئي يڪجا ڪندڙ نثار احمد ناز سمون سچ ته مونکي اهوئي ڄام سمي جو روپ لڳي ٿو جنهن نوري جي نياز نوڙت ۽ مسڪين ماڃر واسين کي پوري ڪينجهر دان ڏئي ڌرتي ڄاون سان نينهن نڀايو ۽ هن ڄام سمي انٽرنيٽ جي دنيا جي (مُک ڪتاب) فيس بُڪ جي هر هڪ ورق تي سنڌي ٻولي جي خدمت جي جذبي تحت سنڌ جي ڏات ڌڻين جي مالڪي ڪندي، سندن تخليقن کي پنهنجي حسين تصوراتي تصويري حُسن جي رنگ ۾ رنگي ۽ نينهن جي نيسر ۾ ٻوڙ ي خوبصورت ڪنيواس ڏئي دنيا آڏو آندو، سائين نثارناز جا مون ناچيز نڌڻڪي نماڻي نار تي به وڏا وڙ ٿيل آهن سندس ئي محنتن ۽ محبتن مون ناچيز کي انٽرنيٽ ذريعي پوري دنيا ۾ موجود سنڌين سان متعارف ڪرايو، سچ ته جتي اجرڪ جون ڦلڙيون چِٽبيون هُجن جتي اجرڪ ڇُربا هُجن جتي جيجل سنڌ جي سُونهن جا چِٽا رنگ رچندا هُجن ان ٽنڊي محمد خان جي هن محبتي ماڻهو سان منهنجو رشتو ان حساب سان به جُڙي ٿو ته منهنجو جنم ڀومي شهر به ٽنڊو محمد خان آهي، ۽ پاڻ ته ٽنڊو محمد خان شهر جي مان شان سميت سموري سنڌ جي سونهن آهي. سندس مهمان نوازيءَ جا رنگ به مون کي نٿا وسرن، مولائي ماڻهو، کيسو خالي، ريٽائرڊ ماڻهو پر سندس دل صفا درياءَ مهمان کي ماني کارائڻ ۽ پوءِ توڙ تائين کيس پنهنجي منزل مقصود تائين پهچائڻ سندس فرضن ۾ شامل آهي.
    صوفين وانگر ٽُٻي ڏي ته ڪڏهن بلوچستان ته ڪڏهن ٿر، ڪڏهن ڪينجهر ڪناري ته ڪڏهن مورڙي جو ماڳ ڪلاچي ڪُن ڪراچي، ڪڏهن ڪاڇي، ڪڏهن اُتر ته ڪڏهن ڏکڻ، ڪڏهن لاڙ ڏانهن لڙيو بيٺو هوندو ته ڪڏهن شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ تي جلوه گر هوندو، ڪڏهن سندس بدين تي ڀيرا ته ڪڏهن هنگلاج اُتي هُلَ، ڪڏهن لس ٻيلي ۾ لاسين سان لهواريون اوڀاريون، ته ڪڏهن لاکيڻي لطيف جي عظيم سُورمي سسئي جي آستاني تي وندر پيو ووڙيندو آهي. سنڌي ٽوپي مٿي تي ۽ ڪُلهي تي اجرڪ اوڍي اڇي ويس ۾ الله صمد سُبحان الله هن عمر ۾ ڄڻ سورهن سالن جو گهوٽ ڀاسجندو آهي. قرب ۽ ڪچهري اهڙي جو جنهن ساڻس رتيءَ جِي به رهاڻ رچائي اهو ڄڻ ته سندس اسير ٿي ويو ۽ پاڻ به ڪڏهن ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندو آهي ۽ نثار، نثار ، ناز ناز ڪندو وتندو آهي نثاراحمد ناز سدائين چوندو آهي ته آئون نثاراحمد ناز، تخلص ۾ ته ناز ضرور آهيان پر مُنهنجو اهو ”ناز“ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن تي آهي ۽ اهو ناز مونکي پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ تي به آهي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي به آهي پر مان نثار آهيان، نثار مطلب قربان ٿيندڙ ، سدائين ڏيندڙ ۽ ٻين ڪاڻ جيئندڙ ۽ هِي ڪتاب به مُنهنجي خواهش تي نه پر مون سان بي انتها پيار ڪندڙ پنهنجن پيارن جي خواهش تحت ڇپارائي رهيو آهيان!!
    سچ ته سندس عاجزي، انڪساري واري هن جذبي کي ڏسي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هي اهو نثار آهي جنهن جي ڏات جي سڀائتي ڪردار تي سدائين سنڌ ناز ڪندي رهندي، ها! ناز ڪري به ته ڇو نه؟ اچو ته هن جي اندر ۾ اُڌما ڏيندڙ عشق کي شاعري جي عڪس ۾ ڏسون جيڪا پاڻ بقلم خود نثار احمد ناز سمون ڪيئن ٿا لکن. سندس شاهه ڪار تخليقون، نثري نظم، ازاد نظم، نظم، وائينِ ڪافين ۽ غزلن جي روپ ۾ نهايت ئي سهڻي نانءُ ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي سري سان اسان جي هٿن ۾ آهن، سندس شاعريءَ جي هن پهرين ڪتاب جو عنوان به سندس شخصيت جيان سٻاجهو سادو ۽ نينهن ۽ نوڙت جي رنگن سان رچيل آهي، پاڻ پنهنجي سڄڻن سان ڪڏهن به نه حسد ڪن ٿا نه ته ريس ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪا برابري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جي ڪو ارڏو محبوب کيس ڪُجهه چئي به وجهي ته ڏاڍي پيار سان چوندو ته ”اڙي يار توسان ڪهڙيون ريسون“ جي ڪو رُٺل ساڻس پرچڻ جي ڪري ۽ کيس مخاطب ٿي چوي ته سائين اسان سان ناراض ته نه آهيو، ته مُرڪي ڏاڍي سُهڻي انداز ۾ چوندو ته ”اڙي يار توسان ڪهڙيون ريسون“ بس ڪنهن جي مُرڪي نهارڻ تي به پرچي پوندڙ هي معصوم ٻار جهڙِي دل رکندڙ سٻاجهو نثاراحمد ناز پنهنجي شاعري ۾ ڇا ٿو چوي اهو هر پڙهندڙ پنهنجي سمجهه جي سگهه ۽ دل جي روشني آڌار سمجهندو پر مون ناچيز سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي ڪيئن ڏٺو آهي اهو مختصر هن ريت آهي.
    اسان جهڙن سيکڙاٽن لاءِ سندس شاعريءَ جي ڏانوَ تي ڳالهائڻ جو اهو مطلب هوندو جو ڄڻ هٿ ريکائن کي آرسيءَ ۾ ڏسڻ ٽنڊو محمد خان جي سرزمين جي گود ۾ پلجندڙ نثاراحمد ناز راهوڪي اسٽيشن ٽنڊو ڄام جي هڪڙي غريب شاعر شوڪت علي ڌماچ جيڪو سندس شاعري جو اُستاد آهي جي زير سايه رهي شاعري جي فني باريڪين کي سکندڙ ، وزن بحر جي رنگ ڍنگ کان ائين واقف آهي جيئن ڪلاسيڪل راڳي ڪومل ۽ تيور سُرن کان واقف هُجي ، مينڊن ۽ مُرڪن کان واقف هُجي، بندش ۽ ڀاوَکي ڄاڻيندو هُجي. نثاراحمد ناز جي رديف ۽ قافيه جا عيب ڳولڻ ائين ئي آهي جيئن ڦوهه جواني جي ”چهري تي گُهنج ڳولڻ“ مطلب ته ڏانوَ جي لحاظ کان اسان جهڙن ناسمجهن جو قلم ته مٿس کڄي نٿو سگهي، باقي خيال ها خيال ۽ خواب ته هرڪنهن جا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن...!! اهو ته قدرت واري هرڪنهن کي پنهنجو پنهنجو تحفو دان ڏئي مهان ڪيو آهي. شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جي درگاهه تي محبتن جو مٽيون ڀريندڙ هي شاعر شاهه عبداللطيف جي عشق جي رنگ ۾ ايترو ته رنڱيل آهي جو سندس خيال ڀٽائي جي ڀاڪرن ۾ ڀرجي اچي سندس ڏات ۾ سمايا آهن. سندس وايون پڙهندي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اسان سُر ڪلياڻ پڙهي رهيا آهيون، ننڍي پدن تي وائين جو ڪامياب تجربو سندس ڏات جي منفرد اُڏام لڳي ٿو، هن ڪتاب جي شروعات لاجواب حمديه وائي سان ڪيل آهي.
    هر جنم اي يار! طلبگار تُنهنجي آهيان.
    طلبگار تُنهنجي آهيان.
    مون مڃيو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
    طلبگار تُنهنجي آهيان.
    يپار تُنهنجي ۾ پاڳلڙِي ناز منجهان نثار!
    طلبگار تُنهنجي آهيان.
    جيڪو ”ناز منجهان نثار“ ٿئي ته اهو ”ناز“ ڇا هوندو؟ هن ڪتاب جو ٻيو اسم، سندس نعتيه غزل جو مقطعو ملاحاضه ڪريو:
    ڪرڻ ميلاد مدنيءَ جو کڻي هڪ نعت جو تحفو،
    صُبح کان ”ناز“ هي شاعر پيو سنڀري الله سائين!
    هن يگاني مست الست شاعر جي شاعري اُن جيان ئي مست الست آهي. هو پنهنجي من جي مستي ۾ مست الست ٿي اهڙا سج اُڀارڻ ٿو چاهي جيڪي دنيا کي نوان انداز نوان ڪرڻا ارپي سگهن. هو چوي ٿو:
    مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
    خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
    وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
    نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
    حدِ ديوانگي ڇهڻ مان ٿو چاهيان!
    مجاز ماڻڻ جو جنون کيس لفطن جا گهنگهرو پارائي ڇم ڇم نچائي ٿو:
    نينهن تُنهنجي جو اثر ايڏو ويو آهي چڙهي،
    حق سدا موجود وارا ٿا هتي نعره هڻون.
    ڇير پائي ”ناز“ تُنهنجي دل لُڀائڻ واسطي،
    شوق مان اي سانورا تولئه رُڳو ڇم ڇم نچون!
    پنهنجي ڌرتي سان نينهن جي انتها هن جي هنن سٽن ۾ اسان کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي:
    مِٺيِ سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
    گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
    ۽ جڏهن هنن حسين سِٽن کي هند جِي ڏاهي ليکڪه هدايتڪاره، اداڪاره ، صداڪاره ۽ گلوڪاره سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت لاءِ جاکوڙيندڙ جاڳ سنڌ جاڳ جهڙو گيت اسان کي جاڳائڻ لاءِ پيش ڪندڙ سُهڻي سنڌياڻي سانئڻ ڪوشِي لالواڻِي پنهنجي مڌر آواز ۾ ارپيو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لهرن سُر آلاپيا ۽ انڌي ٻُلهڻ کي زندگيءَ جو سنديس ملي ويو. نثاراحمد ناز جا طنز ۽ مزاح سان ڀرپور شعر به پڙهڻ وٽان آهن،
    ڇا ته جلوو جمال ماشاء الله
    حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاء الله
    عشق هاڻي ته جسٽ نو پرابلم
    موبائل جِي ته ڪال ماشاء الله
    يا وري سندس انتهائي سنجيده غزل ۾ هڪڙو مزاحيه بند پڙهي توهان کي مزاح جو حقيقي لطف ايندو:
    هڪ لڳو آ دل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو،
    بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو،
    زال صاحب جِي وڏيرِي پر ڪري کٽراڳ جو،
    هڪ طرف ساري خُدائي ٻي طرف سالو لکو!
    سندس هڪڙو طنز مزاح سان ڀرپور نظم پڙهي سندس سوچ جي اُڏارتي مان ته حيران ٿي ويس، سندس مزاحيه نظم جي هن هڪڙي بند کي پڙهي توهان ڀلي ڀت اندازو لڳائي سگهو ٿا ته نثارناز ڪيئن نه معاشري جي بي حيائي جا بخيه اُڊيڙيا آهن:
    اسان بي حيائي ءَ حدون سڀ ٽُٻيون هِن
    اسان هر خُواريءَ جون کاريون کنيون هِن،
    اسان عمر ساري پرايون تڪيون هِن،
    اسان تلخ ڳالهيون اسان کي چيون هِن
    اسان معاشري جا گٽر ٿي وياسين
    گجر ٿِي وياسين بصر ٿي وياسين
    مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿِي وياسين!
    سندس مجاز ۾ رنڱيل هن وائي جو رنگ ايترو ته سُندر آهي جو سندس هن وائي کي شاهڪار وائي چئي سگهجي ٿو!
    ڪي پلَ ڪنهنجي ڪاڻ!
    شام سُريلا آڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    تارن جي جهرمٽ ۾،
    چوڏهين جي چانڊاڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    اُتر الا ! لا هيل ،
    واهوندو واکاڻ !
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    ڪنول ٽڙي رابيل،
    خوشبو آڻيو هاڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    شال جيئي سو ”ناز“
    محبت جو مهراڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    نثارناز جي وائين ۾ سندس سنڌ سان محبتن جو هڪڙو انوکو انداز آهي، جيڪو کيس ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي منفرد ۽ نرالو بنائي ٿو: هو فخريه چوي ٿو ته:
    سنڌ ديس اٿم سڀاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    ڄامشوري مهراڻ ڪنڌيءَ
    المنظر مُنهنجو ماڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    ڳايان تنبوري تان تي،
    شاهه لطيف جو راڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    ٻاجهر مانيءَ ساڻ ميان،
    سرنهن ادا منهنجو ساڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    آزاديءَ جي آڌر ڀاوَ لئه
    اکڙين منجهه اوڄاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    ڇا ته شاهڪار سِٽون آهن، هن وائيءَ ۾ نثار ناز سنڌ امڙ سان پنهنجي محبت جو هڪ ڪلاسيڪل نقشو چٽيو آهي ، سندس هي وائي پڙهي واهه واهه ڪرڻ کان دل رهي نٿي سگهي، سندس غزل ته ڪماليت جي انتها تي بيٺا آهن جن ۾ محبوب سان ڳالهيون ڪندي جڏهن ديس تي کڄندڙ ڪا ميرِي اک کڄي ٿِي ته شاعر جِي عاشقِي ديس جِي حفاظت ۽ نگهبانِي ڪرڻ لڳي ٿِي. هن جا خيال ايترا تُند ۽ تيز ٿِي وڃن ٿا ڄڻ بم ۽ گولا هُجن:
    ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري،
    ڪڍي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري!
    ۽ وري اجرڪ جي ڦُلڙي جهڙو چٽو پڪو پيار هُو هيئن ونڊي ٿو:
    هي ته ٽوپي سنڌي ۽ ٽڪن سوجهرا،
    رنگ اجرڪ ڏسو انڊلٺي سلسلا.
    هٿ هٿن جي جُڙي ايڪتا چين ڀي،
    هم قدم ساٿيو حوصلا حوصلا،
    سنڌ گُلابن جيان خوب مهڪي پئي،
    هير خوشبو هُلي سنڌ سڄي جابجا!
    نثاراحمد ناز جي شاعري ۾ ٻولي جو اصلوب فارسي جي زير اثر نظر اچي ٿو پر سندس احساس نج سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جا هُڳاءُ جهڙا! سندس شعر نئين ڪنوار جي ٻاڌڻي جهڙا، سندس سڀاءُ نج سنڌ جي مٺي ءَ ماکي جهڙوآهي.
    نثار طبقاتي اڻ برابري ۾ پيڙهيل طبقي جي درد کي تمام سهڻي ۽ سادي انداز سان هيئن ونڊي ٿو جو سٽ سٽ پڙهندي عڪس چِٽا ٿيو پَوَن:
    چادر ننڍڙي ڊگها پير،
    هوش سنڀالي آخر ڪير!
    اڀري لڏ پر پڪي جان،
    سنڌ مٽيءَ جو ڪچو ڍير!
    اتي ڪچو مٽيءَ جو ڍير سنڌ کي چوڻ مان مُراد هُو موهن جي دڙي ۽ ڪاهو جي دڙي جي انهن ڍيرن جِي ڳالهه ٿو ڪري جن هيٺان سنڌ لڪل آهي ۽ وري جڏهن نڪري ٿِي ته دنيا حيران ٿي وئي، ڏاندن جي جوڙي جِي مُورتِي ۽ سنبارا جِي سُونهن ڏِسِي...!، سندس هِي سِٽون معاشري جي شيطانن لاءِ ڏاڍيون برجستيون آهن:
    رهن شيطان ٿا ڀر ۾،
    پٿر ميڙي رکو گهر۾.
    نثار ناز مٿيئن سِٽن ۾ شيطان جي مقابلي ۾ پٿر يا ”پٿريون“ هڻڻ واري اُنهي آفاقي مناسڪ حج جي عظيم رُڪن ”رمِي“ کي حيرت انگيز طور نظر ۾ ضرور رکيو آهي ، جنهن ۾ منى جي ميدان ۾ شيطانن کي حاجي سڳورا پٿريون هڻي پنهنجي حج کي مُڪمل ڪندا آهن هزارين سالن جي گُذرڻ جي باوجود شيطانن کي پٿرين سان مهاڏو اٽڪائڻ واري پيغام الاهي واري حُڪم کي نثارناز ڇا ته شاندار نموني سان شيطان ۽ پٿر واري ڪانسيپٽ جي هڪڙي لاجواب تشبيهه سان پوئواري ڪئي آهي...!!
    انسان جڏهن درد آشنا ٿي وڃي ته اُن جي لاءِ معراج برابر آهي، منهنجو قلم اوهان پڙهندڙن لاءِ وِٿِي ڇڏيندي هنن سِٽن تي بيهي رهي ٿو:
    ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان،
    فنا جو قسم آ فنا ٿي ويس مان!
    فنا جو قسم اُهي ئي کڻن ٿا جن کي بقا هوندي آهي جيڪي بقا ماڻيندا آهن نثارَ جِي هِي شاعرِي جنهن کي بقا ضرور ملڻِي آهي، اوهان جهڙن سُڄاڻ ذهنن وٽان، جنهن جي ڪٿ ايندڙ وقت ڪندو....!!!

    زيب نظاماڻي
    حيدرآباد سنڌ
    03003007328
    03332663407
    01 جنوري 2014ع


    • پکي پنهنجي منزل نه پڃرن ۾ ڳوليو!

    شاعر انسان ذات جا حساس ترين فرد هُوندا آهن، اُهي جيڪي ڪُجهه سماج ۽ سماجي حالتن جي اثر هيٺ جيڪو وهندو واپرندو آهي، انهيءَ خارجي عواملن کي اندروني جذبي جي حسين امتزاج، انهيءَ واردات کي پنهنجي ليکي پيش ڪندا آهن. خارجي حالتون شاعر جي اندروني حالتن تي ڪهڙي ريت اثرانداز ٿينديون آهن، انهيءَ جو اندازو شاعرن کي ۽ ڏات ڌڻين کي ڀلي ڀت هُوندو . اها حساسيت ئي شاعر کي مجموعي طور تي منفرد ڪري ٿي. جيڪاعام ماڻهن کان وڌيڪ شاعر کي متاثر ڪري ٿي. شاعر نه صرف ذاتي ۽ شخصي حالتن ۽ واقعن جو اثر بلڪه سماج ۾ جيڪي واقعا ۽ حالتون نروار ٿين ٿا ان جو اثر و ٺي ٿو ۽ پنهنجي شاعري ذريعي انهن وارداتن کي ڏات جي ڇاڻي استعمال ڪندي شاعري جي ڪنهن نه ڪنهن صنف جي ذريعي پيش ڪري ٿو ۽ اِهو سڄو عمل جيڪو تخليقي آهي ۽ انهي سڄي عمل ۾ جيڪا شاعري تخليق ٿئي ٿي اُن جو وقت وڏو ڪسوٽي آهي. ان ۾ جيڪي ڪُجهه ٿئي ٿو ته شاعر پهرين مشاهدي جو عمل ڪري ٿو ان کي ان واردات پيڙاءُ ۽ جيڪا سوچ آهي ان کي يادگيريء (Memory) ۾ رکي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان يادگيرين ۽ ان واقعي جي عمل فهم ۾ هڪ ڇاڻي جي ذريعي سچوئيشن جي ذريعي جيڪو مسئلو ٿئي ٿو. جيڪا شاعري وقت ۽ حالات جي وهڪري ۾ وهِي تخليقي پراسيس مان نڪري، ڏسڻو اِهو آهي ته جڏهن اهو وقت ۽ حالتون اهي نه هُجن جنهن وقت ۽ حالت ۾ اهو تخليق ٿيو هو ته اِها شاعري فن جي پرک تي بيهي ٿي يا نه اِهو ڏسڻو آهي ته هميشه خارج اندر کي موضع، حساسيت، اتساهه ۽ ردعمل مهيا ڪري ٿو، اِهو بهتر آهي پر اگر ان وهڪري ۾ ڏات ڌڻي ۽ سرجڻهار وهِي وڃي ۽ فن جي گهربل ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ فطرت کان پري ٿي وڃي ته اها شاعري وقت جي ماپي تي پوري ڪانه بيهندي.
    شاعر يا شاعري اِنهيءَ عمل مان گُذرڻ کانپوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته شاعري ڇو ڪئي وڃي؟ ۽ مقصد ڪهڙ و آهي؟ اهو ته ائين آهي جيئن ٻاهر جي حالتن کي اندر مان گُذاري تخليق سرجي...!!
    جيئن پهرين لکيو آهي ته شاعر معاشري جو حساس ترين حصو آهي، انهيءَ ڪري شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي ڪو پيغام ۽ سنيهو ڏيڻ چاهي ٿو. پنهنجي جذبن ۽ سوچن کي لفظن ۾ پروئي هُو هڪ نئين دنيا ۽ سماج کي سرجڻ چاهي ٿو. جيئن هڪڙي انگريز شاعراسٽيورڊ وارن جو شاعري جي باري ۾ ائين چوڻ آهي ته ڇا شاعر سچ ۽ سونهن جا رکوالا آهن؟ ڇا شاعرن ۽ شاعريءَ جو ڪم سماج جي مجموعي شعور جي لاءِ گهنڊ وڄائڻ يا نغارا وڄائڻ آهن؟ يا هو هڪڙو متحرڪ شخص اُٿي ڪري تمام وڏيون سوچون معاشري ۾ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو يا هو هڪڙي ٻار وانگر هر گذرندڙ ماڻهوءَ کي گُل پيش ڪري ٿو. اسٽيورڊ وارن شاعري جي حوالي سان جيڪو مقصد ٻُڌايو آهي ان ۾ هُو سچ ۽ خوبصورتي جي رکوالِيءَ کان وٺي سماج جي مجموعي شعور کي جنم ڏيڻ تائين، هڪڙو متحرڪ انسان جيڪو وڏين سوچن کي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، يا هڪڙو ٻارصرف گل ورهائڻ چاهي ٿو..!!
    ان جي ڪسوٽي وقت آهي ۽ ان وقت جون حالتون آهن، اهي ٻُڌائن ٿيون ته شاعر ۽ شاعري ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن، ان کان علاوه اهو ڏسڻو آهي ته شاعر جڏهن شاعري ڪري ٿو ته شاعري پڙهڻ وارا يا شاعري ٻُڌڻ وارا ان شاعريءَ واري پيغام کي ڪيتري موٽ ڏين ٿا ۽ انهن پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن کي ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته شاعر انهن جي ئي سوچن جي ترجماني ڪري رهيو هُجي، کين ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هو به شاعري ڪري سگهن ٿا. ڇو جا شاعر شاعريءَ جي ذريعي انهن حقيقتن کي آشڪار ڪري ٿو، جيڪي عام انسان کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن، شاعر ڇاڪاڻ ته هڪڙو حساس ترين ۽ ڳوڙهي مشاهدي جو ماڻهو هوندو آهي ته اهو ئي حقيقتن کي آشڪار ڪري ويندو آهي ۽ ان کي علاوه شاعر خوبصورتيءَ کي به بيان ڪندو آهي پنهنجي لفظن جي ذريعي، پنهنجي شاعري جي ذريعي ۽ ڪُجهه واقعا جيڪي سماج ۾ ٿين ٿا اهي اڪثر ماڻهن جي سر مٿان گُذري ويندا آهن پر شاعر جي لاءِ اهو واقعو هڪڙو موضوع ٿِي وڃي ٿو جنهن کي هو پنهنجي فن جي ذريعي ان کي عوام اڳيان پيش ڪري ٿو .شاعر جي شاعري سماج ۽ معاشري جي اُنهيءَ وجود کي به جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ،جنهن ۾ سپنن ۽ خوابن جهڙو ديس هُجي ، جنهن ۾ اڻ برابري نه هُجي، جهالت نه هُجي، جتي اظهار جي آزادي هُجي، جتي برابري يا مساوات جو دور دورو هُجي ۽ سڀني کي هڪجهڙي زندگي گذارڻ جو حق مليل هُجي. شاعر جي شاعري هڪ نغاري جيان اهو آواز آهي، جيڪو ماضي حال ۽ آئيندي جي ماڻهن جو سڏ ۽ درد آهي. شاعر پنهنجي شاعري ذريعي اها به ڪوشش ڪري ٿو ته سندس شاعري هُن لاءِ هڪ ماضي حال مستقبل جو رڪارڊ هُجي ته هُن پنهنجي زندگيءَ جا جيڪي بهترين ۽ خوش ترين لمحا گُذاريا آهن اهي شاعري جي زبان ۾ محفوظ هُجن ۽ اهي ئي لمحا ۽ اُهي واقعا هو ٻين جي ذهنن ۾ به پيار جيان ورهائڻ چاهي ٿو، ائين سمجهيو وڃي ته شاعر پنهنجي شاعري ذريعي هڪ خوبصورت ۽ سُندر محبت ۽ پيار جي دنيا به وسائڻ چاهي ٿو...!!
    جيڪڏهن اسان نثاراحمد ناز جي شاعريءَ کي ڏسنداسين ته سندس شاعري ۾ هن تمام گهڻن موضوعن کي ڊسڪس ڪيو آهي، نثار ناز جي شاعري سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديديت جي شاعريءَ جو هڪ بهترين نچوڙ آهي، نثارناز جي شاعري ءَ ۾ لاکيڻي لطيف جون جهلڪيون به ملن ٿيون ، شيخ اياز جي شاعريءَ جو رنگ به ملي ٿو ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعرن وارا سُندر جذبا به نظر اچن ٿا، ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون پڙهڻ کانپوءِ اهو محسوس ٿئي ٿو ته نثارناز وٽ وطن پرستيءَ جا تمام گهڻا خوبصورت جذبا موجود آهن، کيس وٽ سپنا آهن جن۾ هو ساڀيان طور آجپي کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو. نثار ناز پنهنجي شاعري ءَ ۾ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي ڏُکن سُورن کي ختم ڪرڻ جي رول ادا ڪرڻ جو جذبو به رکي ٿو ۽ ان جا وچن پنهنجي وطن سان تعميري آهن ، جوڙڻ ،ٺاهڻ ۽ سجائڻ کان وٺي شاعر پنهنجي ديس جي دشمنن سان وڙهڻ جو جذبو به رکي ٿو.نثار ناز سماج ۾ جيڪا به اڻبرابري ڏسي ٿو ۽ جنهن ريت هو اشارن ۽ ڪناعن سان ڌرتي واسين کي خبردار ڪري ٿو ته ڪهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي ظالمن جي ظلم کان بچايو وڃي سندس شاعريءَ ۾ هو باقائده هلندڙ وقت جي نبض جي رفتار تي هٿ رکي ديس واسين کي مستقبل ۾ سنڌ تي پوندڙ ڌاڙن جي باري ۾ به پيشن گوئيون ڪري ٻُڌائي ٿو:
    ڀونئر سڀ باغي ٿين،
    ۽ بهارن ۾ برابر گُل نه ڪي پاڇي بچن،
    ڪونجڙيون چٻرن هٿان جڏهن کاپي پون
    ساز سارا سُر وڃائن، ڇيرون جڏهن ڇاتيون پِٽين،
    ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾ هِت جڏهن ڦاسِي پون،
    سمجهجو! سمجهجو ته سنڌ مٿان آ وڏو ڌاڙو لڳو..!
    اهڙي ڳالهه اهو ئي شاعر ڪري سگهي ٿو جنهن کي پنهنجي وطن سان بيحد محبت هُجي. نثار ناز نهايت ئي خوبصورت لفظ جيئن ڀونئر، ڪُونجڙيون ۽ ساز تشبيهات طور استعمال ڪيا آهن ته جيئن هڪ عام سنڌي به سمجهي وڃي ته مسقبل قريب ۾ سنڌ تي ڪو ڌاڙو لڳڻ وارو آهي...!!
    سنڌ سان محبت ۽ ان جي ويرين جي به شاعر کي خبر آهي ۽ ٻُڌائي ٿو :
    ديس مُنهنجي جو لُٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    دل ۾ لُنڊيون مَنَ جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم!
    سوچَ مُنهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم !
    پنهنجي وطن سان لاڳاپي جو ذڪر نثار ناز ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪندي چوي ٿو ته:
    ڳنڊيو ”ناز“ توسان آشعرن جو ناتو،
    هي نغمن جو ناتو هي نظمن جو ناتو،
    مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
    گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
    هن ۾ نثار ناز پنهنجي ڌرتيِ سان جيڪو لاڳاپو ظاهر ڪيو آهي اهو پنهنجي شاعريءَ سان جوڙيو اٿس نثار ناز جي لوليءَ ۾ يلغار آهي جيڪا هُئڻ ته نه کپي شاعر چاهي ٿو ننڍڙي ٻار کي به سنڌ پرستي جو درس ڏنووڃي ۽ ڌرتي جي ويرين سان وڙهڻ جو سبق ڏنووڃي، ننڍي ٻالڪ کي وطن پرستي جو درس جو عجب جهڙي ڳالهه آهي. توهان سندس هن لولي جي ٻولن ۾ ڏسي سگهو ٿا.
    سنڌ پرستي کنڊ جيان مون
    تنهنجي کير ۾ گهولِي گهولِي!
    واسينگن سان ويڙهجان.
    نثارناز جي هڪ خوبصورت وائي جي هن سٽن:
    سنڌ اڱڻ تي انقلاب،
    ايندا قلم جي نوڪ کان!
    هل ته حيدر چوڪ کان!
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.
    مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو شاعر وٽ سنڌ ۾ انقلاب جو واحد رستو قلم آهي، تعليم آهي، علم آهي، واضح طور سندس خيال مان اپٽار ٿئي ٿي ته اسان سنڌين کي دير سوير صرف تعليم جو ئي رستو وٺڻو پوندو تڏهن ئي سنڌ پنهنجي پريشانين کان آجي ٿي سگهي ٿي، تڏهن ئي سنڌ ۾ خوشحاليءَ جو دور دورو ٿي سگهي ٿو ۽ تڏهن ئي حقيقي انقلابَ سنڌ ۾ اچي سگهن ٿا.
    نثارناز جو ڌرتيءَ سان محبت جو اعلى جذبو سندس هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو:
    سنڌ مٿان سڀ ساهه پنهنجا،
    گهورَ گهوريون چاهه پنهنجا.
    آ فخر ڳوهيا ازل کان،
    سنڌ مِٽيءَ مان ڳاهه پنهنجا!
    نثار ناز پنهنجي مٽيءَ جي پنوڙي کي سنڌ جي مقدس مٽيءَ مان ڳوهڻ کي به فخر ٿو سمجهي، منهنجي خيال ۾ نثار ناز جي اها سوچ ۽ جذبو سنڌ وطن سان محبت جو هڪ ڀرپور اظهار آهي ۽ نثار ناز جي شاعريءَ جو اهو احساس ٻين شاعرن جي نسبت ڪافي مختلف آهي.
    نثار ناز سنڌي ماڻهن کي سُجاڳي جو هن طرح سڏ ڏي ٿو:

    جاڳ پچار پرينءَ جي ڪر تون،
    ويل سُمهڻ جي سرتا ناهي!
    ۽ بلڪل ، لاکيڻي لطيف جي تسلسل:
    سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    سلطاني سُهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي!
    کي برقرار رکندي اگهور ننڊ سمهڻ وارن کي سُجاڳي جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته منزل حاصل ڪرڻ وارن کي ننڊ نٿي سونهي ان ڪري اٿي پنهنجي پرين يا کڻي ان پرين کي سنڌ جو ئي نالو ڏيون کي سرسبز شاداب ڪري پنهنجي منزل ماڻيون...!!
    نثارناز بُنيادي طور تي اُميد جو شاعر آهي هُو جدوجهد ۽ ڪاوش کي قوم جي نجات سمجهي ٿو ۽ عملي طور تي پاڻ به اميد جو دامن هٿن مان نه ڇڏيو اٿس :
    مُشڪلاتون حاصلاتون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.
    اُٿ اُٿي تسخير ڪريون
    هڪ نه پر هت ڪائناتون
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.
    سندس اُميد ۾ پڪ آهي جيئن پاڻ لکي ٿو ته:
    گهر اُجالو بڻي يار ايندين، ديپ سارن کي پيارا!
    پڪو آسرو آ.
    نثارناز جي شاعري اُميد ۽ ساڀيان جي شاعري آهي جيئن سندس وائي جي هن بند مان ڀلي ريت مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
    ڌُنڌ جو بادل سنڌ مٿان،
    سگهڙو ”ناز“ ٽُٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
    يا وري،
    حصار هر انڌير جو سگهو ٿو ڏس سگهو ٽُـٽي،
    پري نه ”ناز“ هاڻ ڪو سُکن ڀريو صُبح آ!

    يا وري هن ئي خيال کي ڏسو:
    سنڌ ديس جا او واسِي ڇالئه رهو اُداسي،
    مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي!
    نثار ناز جي شاعريءَ ۾ سماج ۽ قوم جي اصلاح جا کوڙ سارا ڪارج موجود آهن ۽ سماج ۾ ٿيندڙ جيڪي به حالتون آهن انهن جي ڪارجن جي به کيس ڀلي ڀت خبر آهي ۽ هو سنڌي قوم کي ان جو حل به ٻُڌائي ٿو،
    ڏاند گهاڻي جيان اک نه کوپا وجهو،
    ۽ ڪنن مان ڪپهه جا به ٻُوڙا ڪڍو!
    نثار جي شاعري حقيقت پسندي جو شاهڪار آهي ۽ ماڻهن جي روين کي انتهائي قريب ٿِي ڏٺو اٿس هو لکي ٿو ته:
    لوڀ ۽ لاچاري!
    انسان بدلبو آهي.
    ڏينهن جو اُجالو ڇا؟
    يا رات هُجي ڪارِي!
    انسان بدلبو آهي.
    دين ڌرم جي چولي ۾،
    هاءِ ڙي دُنيا دارِي !
    انسان بدلبو آهي
    دوکيبازي ٻه اکيائي ،
    زارِي توبهان زارِي!
    انسان بدلبو آهي
    ناز نه صرف حقيقت پسند شاعر آهي پر پنهنجي شاعري طنز جي تيرن سان پڻ ڀري پيش ڪئي اٿس:
    بار دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
    بار ضمير جو هلڪو ڙي.
    سچائين جو ڏگرو نڪري،
    ڪُوڙا تُنهنجي سارِي سارِي!
    بار ضمير جو هلڪو ڙي.!
    هي وائي جي وارڻي ۾ ماڻهن جي دوگلي چهري کي بي نقاب ڪندي چوي ٿو ته دنيا جي بار ن سامهون ماڻهو پنهنجي ضمير جا بار هلڪا ڪريو ڇڏين، کيس ماڻهن جي مڪروهه ڪردارن جي به خبر آهي!
    ساڙين هر هر رُوح ماڻهو!
    ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو.
    شاعر جي حساسيت جي خبر سندس شاعريءَ جي هنن ڪجُهه سٽن مان به لڳائي سگهجي ٿي.
    ماليءَ جِي نا اهلي سببان !
    باغاتن کي آڳ لڳي وئي.
    مالي جيڪو اُهڃاڻ آهي پنهنجي ديس جي آبياري ڪرڻ جو ان مالي جي نا اهلي ڪهڙي نه زبردست نموني سان چِٽي اٿس، يا وري سنڌ ۾ تعليم جي زبون حالي جي بلڪل نئين انداز ۾ هن ريت شڪل دنيا سامهون پڌرو ڪئي اٿس:
    جاهل جو چڙهتو آ،
    هر ڳالهه ڪتابن جي،
    واڳوئن جي ور آهي.
    معاشري جي خوشحالي، خلوص، پيار کي کي گلابن جي دُڪانن سان تشبهه ڏيڻ ۽ ان کي ناپيد سمجهي انهن جي دُڪانن تي تالا لڳڻ جي ڳالهه ۽ سماجي برائين، بي حيائي، رياڪاري، مُنافقت کي بدبو جي بازار سان تشبيهه ڏيڻ نثارناز جي شاعري ۽ سندس سوچ کي منفرد بنائي ٿي، نثارناز پنهنجي پنهنجي روايتي واڌو ڪردارن کان به ڀلي ريت واقف آهي، نوري ۽ ڄام تماچي واري تشبيهه سان نثارناز سنڌ جي عوام سان هم ڪلام ٿي، کين ٻُڌائي ٿو هاڻ هن ديس ۾ ڪو خدا ترس، حُڪمران ناهي، ڪينجهر نوري ۽ ڄام تماچي واري تشبيهه به لاجواب آهي:
    نوري تُنهنجي ڪينجهر تي اڄ،
    ڪو به تماچي ها ها ناهي!
    نثارناز تمام طاقت سان فطرت جي بحرمان اهڙا استعارا ڳولي ٿو جن ۾ هو حقيقت جا رنگ ڀري فطرت پسندانه پيغام ڏي ٿو:
    ”پکي پنهنجي منزل نه پڃرن ۾ ڳوليو“
    پنهنجا پر پکيڙي اُڏامو سويرا!
    سمجهڻ وارن لاءِ تمام وقتائتو سبق آهي پکي جيڪو آفاقي نشان آهي آزاديءَ جو ۽ پڃرو جيڪو نشان آهي غلاميءَ جو، جيڪڏهن ڪنهنجي منزل پڃرو آهي ته پوءِ قومن جي نجات ممڪن ٿي نه ٿي سگهي، سندس مٿئين شاعري جي سٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي به قومون سُست ڪاهل، ڪم چور هونديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو غلامي جهڙي زندگي گُذارڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي حوصلا ڌارڻ، همت ڪرڻ جو درس ڏيندي ماڳ ماڻڻ جو پيغام ڏي ٿو، نثار ناز معاشري جي اوڻاين، بُک بدحالين جو نقشو ڏسو ڪيئن نه چٽيو آهي:
    چادر ننڍڙي ڊگها پير،
    هوش سنڀالي آخر ڪير.
    يا وري بُک ۽ بد حالي جي ڪري وقت جي دلبر کي سدائين ساهميءَ ۾ ترندي ڏيکاري پيو سندس انهي هڪڙي شعر جي رڳو گهرائي ۾ وڃجي ته سندس هي شعر:
    ساهميءَ ۾ وقت جو دلبر هتي،
    بُک پيٽ خاطر سدا تُرندو رهيو!
    معاشري جي مُنهن ۾ هڪ زوردار چماٽ هڻندي نظر اچي پيو!
    نثار ناز عورت جي آزاديءَ جو ٻين شاعرن جي نسبت تمام وڏو علمبردار آهي هو سنڌي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو حامي آهي سندس نظم هُوءَ جا نينگر نڪتي آهي ۾ تمام سادي انداز ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي نياڻي هاڻي سُجاڳ آهي هو جهالت جي روايتي ڪردارن جو ستيا ناس ڪري پنهنجي وکن کي اڳيان وڌائي پنهنجا روشن اُجالن جهڙا دڳ ڳولي وٺندي..!! نثارناز مُدي خارج ۽ روايتي ڏيوالپڻي خلاف به پنهنجي شاعريءَ ۾ علم اونچو ڪندي نظر پيو اچي ، ڪيئن نه معاشري ۾ بي جوڙ شادين واري گندي ۽ مڪروهه عمل کي ظاهر ڪري انهن بي ڪار ڪردارن کي اهو عمل ڪرڻ کان روڪي پيو...!
    ڪنهن پوڙهي جي پلئه
    ٻڌي سونهن کي،
    ڇو ڪچي ڪليءَ کي ٿا
    سُولِيءَ تي چاڙهيو،
    انا جي ته بُڇڙن هٿن سان گُهٽا ڏئي،
    ڇو معصوم خوشبوءَ کي ماري ٿا ماريو!
    مٿيئن نظم جون چند سٽون پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نثارناز ننڍي وهي ۾ نياڻين جي شادين جي ڪربناڪ صورتحال خلاف باقائده آواز بُلند ڪيو آهي، نثارناز ننڍڙين نياڻين سان وحشتپڻي، ۽ زيادتي کي به وائکو ڪندو انظر اچي ٿو!
    چماٽن ڪيو آ سندس سُرخ چهرو
    چڪن سان ته ڇاتيءَ اٿس گهاءَ گهرو
    ٿيو قهر اهڙو زُبان تان نه اُڪلي!
    اڃا لاش غربت کڻي هوءَ تي هلندي
    اڃا روز مرندي اڃا روز جيئندي
    ننڍي هو ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!!
    اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي ...!!!
    نثاراحمدناز بحيثيت رومانوي شاعرجي به اڳي کان اڳرو نظر پيو اچي سندس رومانوي شاعري پڙهڻ کانپوءِ هرڪو پيار ڪندڙ ماڻهو اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي ته نثارناز جي شاعري به سندن دل جو آواز آهي .
    نثاراحمد ناز رومان ۽ محبت جي جذبن جي وهڪري ۾ ضابطي جي ڳالهه ڪندو ٿو نظر اچي يادن جا سايا، شاعرتي بادلن جيان ڇانيل رهيا آهن ۽ هو پنهنجي پرينءَ کي نهايت ئي معصوم طريقي سان پنهنجي ياد ڏياري ٿو:
    جڏهن بانسريءَجو ڇِڙيو ساز هُوندو،
    فقط غم جدُائيءَ جو همراز هُوندو،
    آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز“ هُوندو،
    جُهڪِي نيڻ تنهن دم نمايا تو هُوندا،
    ٻه ٽي لُڙڪ روئي وهايا تو هُوندا.. !!
    نثارناز جي تخيل جي اُڏار ۾ محبوب جِي چُنري، ۽ ڇير جي ڇنن ڇمڪار، شوخ نهار ۽ ٽهڪ گلابن جهڙا، وارو مجاز جو رنگ جدت جي لحاظ کان نهايت ئي لاجواب سوچ جو آئينه دار آهي، جيڪو محبوب جي چهري ڳلن کان هٽي ڪري هڪ تصوراتي محبوب جا عڪس نمايان ڪري ٿو. سندس رومانوي شاعري به حقيقت پسندي کان وانجهيل ڪونهي:
    عشق نه آهي راند
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي
    نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي
    هينئڙو آند ۽ ماند!
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
    شاعر مختلف تجربن مان گذرندي دل لڳي کي به دائري ۾ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
    ”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسي اڄ چيم
    هر جنم دل لڳي آ سڄي دائرو
    سندس ڪافي غزل مجاز جي رنگن ۾ اهڙا ته ٽمٽار نظر اچن ٿا، ڄڻ پرين سندس سامهون آهي ۽ هو اتي جو اتي پنهنجي محبت جو معراج ماڻي رهيو هُجي:
    محبت جون معراج آهن الا
    اکين جون اکين سان ملايل اکيون،
    محبت جي ڪهاڻي جي هر باب ۾ تقريبن وڇوڙي جو ذڪر لازمي هوندو آهي، جيڪڏهن پيار ۾ جُدايون نه هُجن ته اهو پيار ڪهڙي ڪم جو، نثار ناز هن سِٽن ۾ محبوب جي ڌڪارڻ جو به هڪڙو لاجواب ماحول چٽيو آهي:
    تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون،
    محبوب ڌڪاريو آ ڳوليو ته ڪٿي آهيون.
    نثار ناز جي شاعريءَ ۾ تشبيهون ڪمال جون ڏنل آهن نثار ناز پنهنجي هن آزاد نظم ۾ ڏات جي رُسڻ ۽ پرچڻ کي به ڪنوار جي گهونگهٽ سان ڀيٽي ٿو:
    مُنهنجي گيتن ، مُنهنجي غزلن ۾،
    اڃا آهي ڪمي شايد هت هڪ ڏات جي،
    جنهن کي ڳولي آهيان ٿڪو،
    پر! پر تُون جا مُنهنجي ساٿ آهين،
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي،
    توکي ڏسيو گونجيو پوي ،
    مُنهنجي چپن تا شاعري،
    ۽ ائين منهنجي ڪوتا هتي
    ڪنوار وانگر گهونگهٽ ڪڍي ٿي هلي،
    هڪ نرالي روپ ۾ هڪ نئين انداز سان!
    تون جا مُنهنجي ساٿ آهين ،
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي!
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي!
    تخليق ۽ ڪوتا کي ڪنوار کي گهونگهٽ اوڙهي هُجڻ سان تشبيهه ڏيڻ هڪڙي نئين ۽ صفا جدت ڀرئي ڳالهه آهي ۽ نثارناز وٽ سندس شاعري ۾ انتهائي مختلف تشبيهون آهن، جيئن سندس هڪ آزاد نظم جي هي سٽ ڏسو:
    ڪبوتر جي ئي ڪُک ۾،
    وڏو خنجر کُپيل آهي..!
    ڪبوتر جيڪو امن ۽ آشتيءَ جو نشان آهي ۽ ان ۾ وڏي خنجر کپيل هُئڻ واري لاجواب تشبيهه ثابت ڪري ٿي شاعر موجوده ماحول ۾ امن ۽ سڪون جي اڻاٺ کي ڪيئن نه پنهنجي قلم سان عالم آشڪار ڪيو آهي ۽ تمام خوبصورت انداز ۾ پنهنجو نياپو ۽ حقيقت پسنديءَ کي پيش ڪيو آهي ، انهيءَ ساڳي نظم ۾ هو لکي ٿو ته :
    وفا جو ڪنڌ ڪپيل آهي،
    ۽ حيا جي ڪرنگهي جو،
    هڏو ڏس ڀڳل آهي !!
    يا وري انهيءَ ساڳي نظم ۾ تشبيهن جا نوان معراج ماڻيندي لکي ٿو ته
    پٽي پوپٽ جا ٻئي پرڙا،
    هنبوڇيون هاڻ هڻبيون هِن!!
    ثابت ڪري ٿو ته شاعر پنهنجي سموري ماحول جي بگڙجندڙ حالت تي هڪڙي ڳُوڙهي نظر رکيو ويٺو آهي، ۽ پنهنجي قلم مان حقيقتن کي سڀني جي سامهون پيش ڪري پيو. نثار ناز پنهنجي شاعري ۾ حقيقت پسندي ۽ استعارن کي استعمال ڪرڻ جو فن شاندار نموني استعمال ڪيو آهي.
    پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ لکي ٿو ته:
    اڪيلائي جي آسمان جا ٽُٽل ستارا،
    وقت جي نيلام گهر ۾ ،
    اسان وڪاميل غلام آهيون ..!
    پاڻ کي مليل ڏُک جي هيئت کي هماليه جي جبلن جي قطارن جيترو پيش ڪرڻ واري تشبيهه هڪ نڪور بهترين ۽ شاندار جدت ڀري تشبيهه آهي:
    اڪيلائي جو آسمان !
    کڻيو هلين تون بانورا.
    هيئه هماليه جيڏو!
    درد مليو ٿئي دان!
    کڻيو هلين تون بانورا.
    يا وري هو اڪثر شاعر ن وانگر پنهنجي سڄڻ کي چنڊ سان ڀيٽڻ واري خوبصورت ڳالهه کي هن ريت پيش ڪري ٿو ته:
    شاعر لئه سڄڻ چنڊ ان جو پرين،
    تشبيهه جا اِهي ڪَٿَ سلامت هُجن.!
    سڄڻ جي چنڊ سان ڀيٽڻ واري ڳالهه نثار ناز سڀني شاعر کان مختلف انداز سان سهيڙي آهي.
    نثارناز تصوف واري راهه جو پانڌيئڙو به نظر اچي ٿو، نثارناز جي شاعري ۾ تصوف جو رنگ به نمايان نظر اچي ٿو ،نثار ناز جي اڪثر شاعري تصوف سان ٽمٽار نظر ٿي اچي.
    سندس وائي جون هي سٽون به پڙهي ڏسو:
    وائي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تون جي تنوار
    طلبگار تُنهنجي آهيان
    سندس هن نثري نظم جي سٽن کي به پڙهي ڏسو:
    اسان ۾ وسين پاڻ ويٺو ڏسين پاڻ ويٺو،
    ڪڏهن ڀِي نه ٿيندي ڪا تُنهنجي پُڄاڻي،
    نه مُنهنجِي پُڄاڻِي،
    پنهنجو پيار هوندو اول کان آخر،
    ظاهر کان باطن ...!
    اول کان آخر،
    ظاهر کان باطن ..!! !
    ۽ سندس ڪتاب جي نالي واري سِٽ ”توسان ڪهڙيون ريسون“ پنهنجي هڪڙي وائي جي وراڻي مان کنئي اٿس اها سموري وائي به تصوف سان ڀرپور آهي هو لکي ٿو ته:
    تون سپڙ آئون سيڪڙو !
    توسان ڪهڙيون رِيسُون.
    درشن تنهنجا هر هنڌ لا،
    هڪ هنڌ آئون هيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.
    ٻاڙِي ٻاڙِي جُهڪيو تو،
    جُهڪيو نه آد َمَ جيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.
    الغرض نثاراحمد ناز جي هن پهرين شاعري جي مجموعي ۾ شاعر معاشري جو حقيقي نقشو چٽيو آهي، جنهن ۾ پيار به آهي ته ڌرتيءَ سان محبت جو نڪور ۽ پُرخلوص اظهار به آهي، تصوف جي دريا مان نثار جون ڏنل ٽُٻيون به ڏسجن ٿيون ته پنهنجي پرينءَ جي اچڻ جي آس ۾ راهن ۾ اکيون کُپيون به ڏسجن ٿيون، نثار جي شاعريءَ ۾ حق جو هوڪو حق به آهي ته دشمنانِ سنڌ سان ويڙهه جو ڀرپور سبق به آهي. اسان جي خاندان جي هڪڙي اهم فرد مُنهنجي پِيءُ سمان وڏي ڀاءُ نثاراحمدناز سمون کي اهو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جو هُو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي ڇپجڻ کان پوءِ صاحب ڪتاب جو درجو ماڻي رهيو آهي. نثارناز جي هن ڪتاب کي پڙهڻ وارا، يقين سندس هن قلمي پورهئي سان انصاف ڪري پنهنجون مُرڪون نثاراحمدناز مٿان واريندا. ۽ سندس حوصلا افزائي ڪندا ته جيئن نثار ناز وري ڪي جدت ڀريون نڪور نيون ڪويتائون پنهنجي ٻي ڪتاب جي صورت ۾ اسان سڀني سان ونڊي سگهي..!!

    نوراحمد سمون
    ڪوئٽا بلوچستان
    2 جنوري 2014ع


    • شاعري ڳالهائي ٿِي!!

    سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”سنڌي شاعري سدابهار ۽ گلاب جهڙي آهي، ان تي جيڪڏهن ڀؤنر ڀنڀولجن ٿا اُهي امرتا ماڻين ٿا“ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسانجا سنڌي شاعر جيڪا شاعري جي خوشبو ڦهلائيندا رهيا آهن اُهي مهان ڪويءَ جِي انهيءَ راءِ تي ڪيترو پورو لهي سگهيا آهن! سُٺي شاعري مُشاهدي ۽ مطالعي سان هوندي آهي، جنهن شاعر جو مطالعو وسيع ۽ مشاهدو ٿيل هوندو انهيءَ جي تخليق جي اُڏام تمام مٿانهين هوندي، ڇاڪاڻ ته هر شاعر جو سڀاءُ پنهنجو پنهنجو هوندو آهي پر ڪنهن ڪنهن شاعر سان شاعري پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ جنهن شاعر سان شاعري ڳالهائڻ شروع ڪري اهو شاعر يقينن آفاقي شاعري سرجڻ لڳندو آهي.
    سُٺي شاعريءَ جون پاڙون ڌرتي ۽ انسانن جي دلين ۾ کُتل هونديون آهن هڪ سٺي شاعر جي شعر پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن شعر ۾ جيڪو ڪُجهه چيو آهي ته اُهو سندس دل جي ترجماني آهي. اهڙي شاعريءَ کي وري ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ داخلي ٻي خارجي . داخلي شاعريءَ جو تعلق پنهنجي ذات سان هوندو آهي ۽ خارجي شاعريءَ جو واسطو ڪائنات سان هوندو آهي پر هڪ سُٺو شاعر جڏهن ٻنهي صورتن ۾ اظهار ڪري ٿو اها ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي دل جي ترجماني ضرور ڪري اهڙي شاعري ئي سدابهار هوندي آهي. مؤجوده دؤر ۾ جيڪا شاعري ڪئي وڃي ٿي اُن ۾ وڏو حصو عشقيه شاعريءَ جو هوندو آهي جنهن کي انگريزي ۾ (Lyrical poetry) چئبو آهي، جنهن ۾ غم، خوشي ۽ فراق جو ذڪر هوندو آهي خارجي شاعري شاعر پنهنجي ذات کي ٻاهر رکي وجداني ڪيفيت ۾ ڪائنات جي دردن کي سامهون رکي تخليق ڪندو آهي جيئن ابراهيم مُنشي وجداني ڪيفيت ۾ هي شعر چيو آهي .
    نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي نٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي،
    سو سنڌ کي ڇڏي وڃي سو سنڌ مان لڏي وڃي.
    اهڙي شاعري سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ٿي پوي ٿي جيڪا ماڻهن جي روحن کي گرمائي ٿي ۽ قومي جذبي کي جاڳائي ٿي. اهڙي شاعريءَ سان ماڻهن جي وطن سان محبت جي رشتي کي پائدار بڻائي سگهجي ٿو، اهڙوئي جذبو نثاراحمدناز جي هن شاعريءَ ۾ پسي سگهجي ٿو.
    مان صدين کان اي سنڌ امان،
    ها! داسِي تُنهنجي داسِي هان،
    مهراڻ جو پاڻِي پيتو مون،
    مهراڻ جِي واسِي واسِي هان!
    سنڌ ديس ته مُنهنجو آهه اُتم،
    سنڌ ديس ته مُنهنجو دين ڌرم،
    سڀ راهون سنڌ جون گُلَ پاشِي،
    مون لئه سنڌڙي ڪعبو ڪاشِي!
    هڪ جنم ته ڇا هر جنم هتي،
    مان وارِي سنڌ تان وارِي هان!
    نثاراحمد ناز جي شاعريءَ مان خارجي شاعريءَ جو هي هڪ نمونو آهي جيڪو هُن پنهنجي ذات کان هٽي ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت ۾ وجداني ڪيفيت ۾ لکيو آهي، شاعريءَ جو مقصد ئي روحاني خوشي حاصل ڪرڻ آهي جيڪا حاصل ڪرڻ ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي پر شاعر لاءِ اها تمام آسان ٿي پئي آهي ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي اندر جو اظهارشاعريءَ ۾ ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويو آهي ، هُو پنهنجي روحاني خوشيءَ کي جيئن وڻي تئين لفظن ۾ پوئي سگهي ٿو. پر ساڳِيءَ جاءِ تي عام ماڻهوانهيءَ خوشيءَ کان وانجهيل رهي ٿو ڇو ته هن وٽ زندگيءَ کي ويجهڙائي سان ڏسي اظهار جو ڪو به اهڙو وسيلو ناهي جنهن ذريعي هو پنهنجي اندر جي اُڌمن کي سامهون آڻي سگهي پوءِ جيڪڏهن سندس ئي من جي ڳالهه شاعريءَ ۾ ڪري ٿو ته اها سندس دل جي ترجماني ٿي پوي ٿي.
    اسين اولاد سنڌڙيءَ جا سدائين سر بُلند آهيون،
    سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪَٽائيندا ته ڪنڌ آهيون!
    ڪيو سر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِيءَ سنڌ تان،
    دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون.
    نثاراحمد ناز جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي اُتي اُن ۾ مزاحمتي عنصر به ملي ٿو ، اردگرد جا عڪس، دل جون مختلف ڪيفيتون، وقت به وقت بدلجندڙ حالتون، بدلجندڙ موسمون ۽ انهن جا رنگ سندس ڪوتائن ۾ موتين جي هار جيئان پويل ملن ٿا، هُنَ جو داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ جو انوکو انداز آهي، سندس سڄي ڪتاب ۾ جيڪو شاهڪار غزل آهي اهو سندس ئي اندر جو اُڌمون آهي پڙهڻ سان هُوهر ان ڌڙڪندڙ دل جِي ترجماني ٿِي پوي ٿو جنهن کي پنهنجي محبوبَ ڌڪاريو هوندو.
    تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هِتي آهيون!
    محبوب ڌڪاريو آ، ڳوليو ته ڪِٿي آهيون!
    اي مُرڪَ جهروڪا ڇو؟ ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي،
    هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان جنمن کان ڪٺي آهيون!
    ٻُڌ رات سياري جِي چٿرون ٿي ڪرين ڇالئه؟
    کُوري ۾ پڪل آهيون ، توکان ته مٿي آهيون!
    اڄ ”ناز“ قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا،
    هر حُڪم مڃي اُنَ جو ويا کيس ڇڏي آهيون!
    سندس هن غزل جي تشريح ڪهڙن لفظن سان ڪجي، غزل جو هر بند پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو. ڪنهن فيلسوف لکيو آهي ته“جنهن جي دل ۾ رحم نه آهي اهو قاتل، ظالم ته ٿِي سگهي ٿو پر شاعر ٿِي نٿو سگهي، شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ محبتون ورهائيندا آهن،“ جيڪي سراپا پيار هوندا آهن! سندن جيون رڻ تي پيار وڏ ڦُڙو ٿِي وسندو آهي.”نثاراحمدناز ان فيلسوف جي جُملن تي پورو لهي ٿو. هو پنهنجي محبوب جي ڌڪارڻ تي بجاءِ هن کي ڪا تڪليف ڏيڻ جي پاڻ گُم ٿِي وڃي ٿو ۽ چئي ٿو ته تڙپون ٿا، سُڏڪون ٿا پر ڳوليو ته ڪٿي آهيون، هن جي اندر جي جيڪا تڙپ آهي ڪنهن کي نظر اچي...؟ هو پنهنجي اندر ۾ ايترو ته کامي پڄري ٿو جو سياري جي ٿڌي رات به کيس ٿڌو ڪري نٿي سگهي ۽ هر حُڪم مڃي، محبوب کي ڇڏي وڃڻ جي ڳالهه سندس حساسيت جو ثبوت آهي! نثاراحمد ناز لطيف کان وٺي اياز تائين محبت ورهائڻ واري تسلسل کي جاري رکيو آهي.
    اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان،
    پکي بڻجِي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان،
    جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوندو،
    اُتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو،
    ننگر نينهن وارو نهارڻ ٿو چاهيان!
    پکي امن جي علامت هوندو آهي، جتي اوندهه انڌو ڪار هوندي آهي اتان امن جا اڇا پکي اُڏامي ويندا آهن، نثاراحمد ناز جي دل ته ڏسو ڇاٿي چاهي، جتي به دل آزاريءَ وارو راڄ هوندو هو اتان کان ڀڄي ويندو، جتي نينهن جا نياپا هوندو اتي پکڙا وڃي اڏڻ ٿو چاهي ، نثاراحمدناز جي سوچ ۽ بنگال جي عظيم ڪوي ٽئگور جي سوچ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. ٽئگور جو هڪ جملو آهي ته ”ماڻهو نفرتن لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍن جڏهن ته هي سڄي حياتي مختصر ۽ فقط پيار ڪرڻ لاءِ آهي.“
    اُلفتن جي آسري ڇا ڇا وڃايم دوستو!
    محبتون ۽ ماڻهپو، مڃتاوڃايم دوستو!
    ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ڪومل مزاج، الڳ طبع ۽ غير معمولي صلاحيتن جي ڪري عام ماڻهن کان مختلف ۽ مُنفرد لڳندا آهن ، اهڙن ماڻهن سان ملڻ کانپوءِ کين وساري ويهڻ ناممڪن هوندو آهي. سنڌ جي اهڙن ئي مٺڙن ماڻهن مان سائين نثاراحمدناز به هڪ آهي جيڪو ڄاڻ جي کاڻ رکندي به طبع جي لحاظ کان انتهائي سادو، سٻاجهو، سُلڇڻو ۽ سبيتو ماڻهو آهي، ڪنهن به قسم جو تضاد سندس قول ۽ فعل ۾ نظر نه ايندو. جهڙو اندران تهڙوٻاهران ، سندس زندگي گُذارڻ جا انداز ۽ اصول الڳ آهن، منهنجو ساڻس تعلق حيدرآباد جي هڪ پروگرام ۾ ٿيو .هُو پروگرام جا يادگار لمحا تصويرن جي صورت ۾ قيد ڪري رهيو هو، ڄڻ ماڻهن جي دلين کي پنهنجي دل ۾ قيد ڪري رهيو هو! هُن مُنهنجي تصوير ڪڍندي چيو ٿورو مُسڪرايو! ڇو ته مان هر سنڌ واسِيءَ جي مُکَ تي مُرڪ ڏسڻ چاهيان ٿو! مونکي سندس انداز ڏاڍو پيارو لڳو ۽ مون هن سان پنهنجو تعلق جوڙي ورتو مون کائنس پُڇيو تون تصويرون ڇو ڪڍندو آهين؟ چيائين ته ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ته سنڌ ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿي رهيون آهن. جي ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي تصويرون نه ڪڍان ۽ تصويري ڪڍڻ واري عمل ۾ ٿوري وٿِي اچي ته سوشل ميڊيا جي اڱڻ فيس بُڪ تان مونکان سوال ٿيندا آهن ته سنڌ خاموش ڇو آهي؟ مون وري کانئس پڇيو ته اُن مان توکي ڪو فائدو؟ ته چيائين سنڌ جي ماڻهن کي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن سان مُلاقات ڪرائڻ کان ٻيو ڪو وڏو فائدو آهي!!! اهو منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي! جي ائين نٿو ڪريان ته مان رهي نٿو سگهان، رٽائرڊ ماڻهو آهيان وندر جو ٻيو ڪو سامان به ناهي بس جيئڻ جو هڪ رستو ڳولي ورتو اٿم جيستائين حياتي آهي محبتون ورهائيندو رهندس. سندس اهي جُملا ٻُڌي سوچيم ”اڃا ڪي آهين ڪُل جڳ ۾ ڪاپڙي“ سندس غزل جا هي چند بند ڏسو:
    هڪ لڳو آدل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو.
    بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو!
    ڪيئن وسندا شهر دل جا دل لڳي دوکو بڻي،
    هر ادا تي هر وفا تي آ لڳل تالو لکو !
    بي وفا جِي ياد ۾ ايڏو رُنو هو ”ناز“ جو ،
    هُنَ پُسايو جهول ڇا؟ پر گهر سڄو آلو لکو!
    هي نثاراحمدناز جي داخلي شاعري ءَ ۾ اندر جا اُڌما آهن پر ساڳي جاءِ تي هن علم عروض مان به هٿ نه ڪڍيو آهي. اڄ جي سگهارن شاعرن وانگي نثاراحمدناز به ڇند وديا جي اصولن جي پوئواري ڪئي آهي ۽ وزن بحر جي چڪر ۾ ڪٿي به پنهنجي خيال کي به متاثر ٿيڻ نه ڏنو اٿس اها سندس وڏي خوبي آهي. انڪري ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيندس ته علم عروض جي پابندي سان خيال متاثر ٿئي ٿو ان جو مثال نثاراحمد ناز جي شاعري آهي جنهن ۾ هو وزن بحر سان گڏ خيال جي اُڏام کي برقرار رکي ٿو. هُو شاعريءَ ۾ اصطلاح، محاورا ۽ تشبيهون به استعمال ڪري ٿو ۽ علم عروض کي به قائم رکي ٿو تنهنڪري نثاراحمدناز جا خوبصورت خيال پڙهي ڀليءَ ريت پروڙي سگهبو ته سندس سوچن ۾ ڪيتري نه گهرائي آهي، سندس سرجيل سِٽن ۾ سڄڻ جا سُور به آهن ته ساڻيهه جي سڪ به! پريميڪا جا پُور به آهن ته ڌرتيءَ جا دردبه، نينهن ۽ نياز جون ڳالهيون به آهن ته سنڌ ۽ سنڌوءَ جي عظمت به بيان ٿيل آهي:
    ٻُڌي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويري،
    ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميري!
    هڻِي ٿو اڙي چور سنڌوءَ تي ڌاڙا،
    اجهي ڄاڻ پُهتا کڻي پير پيري!
    ڏات ڌڻي ته سڀ حساس هوندا آهن پر سڀني کان وڌيڪ سنڌ جو شاعر حساس ٿئي ٿو مان سمجهان ٿو ته نثاراحمد ناز وري سڀني شاعرن کان حساس آهي جو سنڌ تي ميري اک کڻڻ واري کي للڪاريندي ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ واري ڪار ڪندي چئي ٿو ڏي ته سنڌ تي ميري اک کڻڻ واري ويريءَ جو اکيون ڪڍيون وينديون ۽ سنڌوءَ تي ڌاڙا هڻڻ وارن چورن کي هوشيار ڪندي چوي ٿو ته توهان جي ڪڍ سنڌ جا ڀاڳيا اِجهي پهتا ڪي پهتا!نثاراحمدناز پنهنجي شاعريءَ ۾ ظلم ۽ جبر خلاف آواز اُٿاريو آهي ته غلط ريتن رسمن کي به ننديو آهي،
    هُوءَ نه ڪارِي هُئِي پر دُلارِي ڪُٺِي
    ڀاوَ ماري وڌِي ڀيڻ هڪڙِي مِٺِي
    ڪِيس ڏاڍو ٿيو ڪم ويو ٿِي ڪُڌو
    ڪو تڏو ڀيڻ لئه ڪنهن نه روئِي وِڌو!
    ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ته منهنجِي ٻُڌو
    مان سڙان سنڌ پئِي سِينڌ کان اڄ سِڌو!
    خودڪُشي آ بڻِي هت ته پاڳل پڻِي!
    موت آهي ٿڪو روز لاشا کڻِي!
    ڪير چاڙهي ڪُنِي هت نه ڳُندڻ لپو!
    هر زبان گُنگ آ، آچپن ته ٺپو!
    ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو!
    مان سڙان سِنڌ پَئِي سِينڌ کان اڄ سِڌو!
    سندس نظم جي هن سٽن ۾ ڪارو ڪاري واري ڳالهه ۽ بُک بدحالي سببان خود ڪُشيون ڪرڻ واري ڳالهه کي ڪهڙو نه آساني سان سمجهايو اٿس وڏي ڳالهه ته معاشري جي ڏُکندڙ مسئلن کي جڏهن شاعري جي قالب ۾ آندو ويندو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي شاعري ءَ جي فصاحت ، بلاغت يا وزن ۾ ضرور فرق ايندو آهي، پر نثارناز جي شاعريءَ جي هنن سٽن جي رواني ، رڌم، خيال جي اُڏار ۽ وزن جي ملاپن چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن ، نثارناز هن نظم ۾ وڏي ڪمال جي ڳالهه اها ڏيکاري آهي ته هن شاعريءَ ۾ نثارناز جي قلم جيجل سنڌ کي ڳالهائيندي سور سليندي ڏيکاريو آهي ، ڇو ته کيس خبر آهي ته نثارناز صرف شاعر آهي سندس ڳالهين کي پڙهي ڪو ڌيان ڏي يا نه ڏي پر جيجل سنڌ جي سڏ کي سنڌ جا حلالي پُٽَ ۽ نياڻيون مَنَ ورنائين ! مَنَ سنڌ تان ظلم جبر۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿين، نثاراحمد ناز پنهنجي نظمن ۾ اڪثر طور سماجي بُرائين ۽ معاشري جي اڻ برابرين تي پنهنجي قلم کي تلوار وانگر وهايو آهي، جيئن اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ ننڍڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍايون، زور زبردستيون ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جو بجاءِ انهن ظالمن خلاف احتجاج اٿارڻ جي انهن ظالمن سان ويڙهه ڪرڻ جي انهن معصوم نياڻين جي اڌ اُگهاڙي بدن تي چند نوٽ اڇلي سمجهن ٿا ته انهن جو ان ظُلم ۽ظالمن خلاف ڪردار پورو ٿي ويو واري بي حِس سوچ تي هو تڙپي پوي ٿو اهڙي ڏُک ڀرئي ماحول جي هو ڪهڙي نه ڏُک ڀري ڪهاڻي جي تصوير پنهنجي شاعريءَ ۾چٽي ٿو جو پٿر کان پٿر دل به پنهنجي اکين مان ڳوڙها وهائڻ کان رهي نٿو سگهي! نثارناز جي هن ڪافي جا چند بند پڙهي اندازو لڳائي سگهو ٿا:
    چماٽُن ڪيو آ سندس سُرخ چَهِرو
    چڪن سان ته ڇاتِيءَ اٿس گهاءُ گَهِرو
    ٿيو قهر اهڙو، زُبان تان نه اُڪلي!
    اگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي،
    ڪچِي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي!
    اڃا لاش غُربت کڻي هُوءَ ته هلندي،
    اڃاروز مرندي اڃا روز جيئندِي!
    ننڍِي هُوءَ ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!
    اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
    ڪچِي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
    ڪهاڻِي به اهڙِي لکِي ”ناز“ آهي،
    رُنو پاڻ آهي وڏو سِينو ساهي،
    ڏِسون ڪنهنجو هينئڙو ٿِي دل ڪنهنجِي مچلي!
    اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
    ڪچي ڇو ڪليءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
    منهنجي خيال ۾ سندس اهڙا دل ڏاريندڙ خيال کيس ٻين شاعرن جي نسبت ڪافي حد تائين منفرد بنائن ٿا!
    نثاراحمدناز ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ نظم غزل تي به طبع آزمائي ڪئي آهي ، پر وائي ۽ ڪافين ۾ هن ان ئي طريقي سان پنهنجي سوچن کي سهيڙيو آهي جنهن ۾ لاکيڻي لطيف وايون لکيون آهن ، هُونئن ته وائي جي هيئت ۽ اسلوب ۾ ڪن جديد شاعرن پنهنجي ڏاهپ ، ڄاڻ ، مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ڪامياب تجربا ڪري ان ۾ بهتر تبديليون آنديون ۽ وائي کي علم عروض جي بحر وزن تحت آڌارڻ جا ڪامياب تجربا به ڪيا آهن پر علم عروض جي سمورن بحرن يا وزنن تي وائي کي آڌاري نٿو سگهجي، وائي کي علم عروض جي اهڙن عروضي وزنن تي آڌاريو ويو جيڪي ڇند وديا جي ڪن ڇندن يا انهن جي ماترڪ پدن جي هم آهنگ آهن ، اسانجي جديد شاعريءَ جي سر موڙ شاعرن ڪامياب ڪوششون ورتيون جن جي تقليد ۾ اسان جي ٻين شاعرن به علم عروض تحت خوبصوت وايون لکيون آهن، انهن ۾ نثاراحمدناز به شامل آهي، سندس واين جا ڪُجهه نمونا هت ڏيان ٿو:
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي .
    مارئي تُنهنجا مارو ڀِي ،
    توکي سمجهن ڌارِي ڌارِي !
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي !
    بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.



    2
    نازن وارا تُنهنجي ماڻي !
    وڪيو آهيان.
    مصر ۾ هو يوسف وڪيو ،
    آئون سنڌ ۾ هاڻي !
    وِڪيو آهيان.
    3
    هر جنم اي يار! طلبگار تُنهنجِي آهيان.
    طلبگار تُنهنجِي آهيان،
    مون مڃيو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.
    وائي سنڌي شاعريءَ جِي نِج اصلوڪي صنف آهي جيڪا صدين جو سفر طئه ڪرڻ باوجود پنهنجي اصلي حالت ۾ برقرار آهي جيئن ڀٽائي سرڪار وايون لکي سُورمين جو ذڪر ڪيو آهي،ان روايت کي نثاراحمدناز به برقرار رکيو آهي، بهرحال اسان جي کاهوڙي دوست نثاراحمدنازجي هن گهمان گهميءَ واري دور ۾ ڪيل خالص محبتن جي پورهئي جو ثمر “توسان ڪهڙيون رِيسون”بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ آهي، شال سندس قوم، ٻولي،ڌرتي۽ محبت ڪندڙ دِلين لاءِ هي ڪتاب هڪ گس ڏسڻ جو ڪم ڏي. جڏهن هن ڪتاب پڙهندڙن جي من ڪئنواس تي“ناز”جون سوچون اُجرن پکين جيان لهنديون ته ڪونه ڪو روپ ضرور ڌاري وٺنديون ڇاڪاڻ ته “ناز” سڀ “رِيسون” ختم ڪري ڇڏيون آهن ، بس هڪڙي ”رِيس“ ناز هرڪنهن سان ڪري ٿو ته هن کان وڌيڪ ڪيرسنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار ڪري...!!

    غلام مصطفى سولنگي
    چئرمين
    ينگ رائٽرس فورم سنڌ


    • لاها چاڙها زندگيءَ جو حصو آهن!

    لاها چاڙها زندگيءَ جو حصو آهن، هڪ حصو خوشين سان سرشار ٻيو حصو تڪليفن ۽ پريشانين جو انبار. انسان ۾ اڪثر ٻئي تبديلي آڻين ٿا، پهريون! پاڻ کي وساريو ڇڏي. ٻيو! ٻين کي وساريو ڇڏي.
    مون نثاراحمد ناز جا ٻئي وقت ڏٺا آهن، پهرين حصي ۾ نه پاڻ کي وساريائين ۽ ٻي حصي ۾ نه ٻين کي وساريائين، هي فقير آهي، هن کي اعزاز، انعام ڇا ڪندا؟ هن کي عهدا، درجا ڇا ڪندا؟ هي فقير وٺڻ وارن مان نه بلڪه ڏيڻ وارن منجهان آهي، نثاراحمدناز سان منهنجي تعلق کي هي ٽيون ڏهاڪو آهي، آئون پنهنجي اُن دوست مشتاق ابڙو کي ڪڏهن به ڪونه وساريندس جنهن منهنجو تعارف نثار ناز سان ڪرايو. (لک نوازشون مشتاق ابڙو جون) ۽ پوءِ آئون باظابطه نثاراحمدناز جو شاگرد ٿِي رهيس جنهن مونکي شاعري جي علم عروض فن ۽ فڪر کان آشنا ڪرايو ۽ اڃا تائين آئون کائنس کان سکان پيو. مونکي سوشل ميڊيا جي فيس بُڪ تي آڻڻ ۾ به سندس هٿ آهي. 91ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، اُن کانپوءِ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ، ينگ رائٽرس فورم سنڌ ۾ به منهنجي شموليت نثاراحمد ناز جي ڪري ٿِي.
    فيس بُڪ تي هُئڻ ڪري منهنجِي سنڌ جي ناميارن اديبن سان واقفيت ٿِي”دوستي“ ٿِي اُنهن کان به گهڻو ڪُجهه سکيو آهيان، جنهن ۾ خاص عنايتون سنڌ جي ڏاهي ليکڪ، پروفيسر محترم مٺل جسڪاڻي جون آهن ، جنهن جي رهنمائي مان گهڻو ڪُجهه حاصل ڪيو اٿم. مون گُمنام کي نام ڏيڻ وارو نثاراحمدناز آهي نه ته مون کي ڪنهن ٿي سُڃاتو! ڳالهه ڪرڻ جو مقصد پنهنجي اُستاد ن کي، ”استاد کي“ وسارڻ نه گُهرجي، اُستاد ته هڪ گهاٽو وڻ هُوندو آهي، وڻ ته هميشهه ڇانوَ ڏيندو آهي، اگر ڪو ڪُهاڙو کڻي اُن جا ٽارَ وڍڻ شروع ڪري ته اُهو پاڻ ان ڇانوَ کان محروم ٿِي ويندو. جيڪو اُستاد کان سکي ۽ اُن کي تسليم نه ڪري، پنهنجي سنڌ ۾ اُن کي بي پيرو چوندا آهن،مونکي يقين آهي ته ”اُن بي پيري کان ڏات به رُسي ويندي ۽ لکڻ چاهيندو ته قلم به ساٿ نه ڏيندس“.
    مون ڪنهن به ڪتاب تي ٻه اکرڻ لکڻ بابت وعدو ڪيو هو ته ڪنهنجي به ڪتاب تي رايا نه لکندس ان ڪري جو مون ۾ ايتري صلاحيت ئي ڪانهي، مونکي لفظن کي رقص ڪرائڻ جو فن ئي نٿو اچي، پر اڄ اهو وعدو ٽوڙي ڇڏيو اٿم، سبب اهو آهي ته پنهنجي اُستاد محترم جي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ تي آئون نه لکندس ته ڀلا ٻيو ڪير لکندو! مون هڪ طويل عرصو نثاراحمد ناز سان گُذاريو آهي، جي آئون لکڻ چاهيان ته هڪ مڪمل ڪتاب لکجي وڃي، پر هتي مونکي ”پيش لفظ“ لاءِ ٻه پيجَ لکڻا آهن، نثاراحمد ناز 78ع کان شاعريءَ جو سفر شروع ڪيو ۽ 2014 ع (اڄ) هن جي شاعريءَ جي ڪتاب جي پڌرائي آهي، نه ته هتي ائين به ٿيندو آهي ڇهه مهينا شاعري ۽ ستين مهيني ڪتاب منظر عام تي اچي ويندو آهي! مگر هن درويش جو شاعريءَ جي صورت ۾ 36 سالن کانپوءِ هي ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. آئون هن ڊگي عرصي کي مختصر ڪري نثاراحمد ناز جي صرف هڪ نه وسرندڙ ڳالهه جو ذڪر ڪندس جيڪا هن ڪتاب سان ئي سلهاڙيل آهي،مونکي ياد آهي ته نثاراحمدناز جو ننڍو ڀاءُ محترم نُور احمد سمون صاحب (جيڪو هن وقت سي ايس ايس آفيسر آهي) ان ڪتاب لاءِ رقم مختص ڪري رقم سندس حوالي ڪئي هُئي ۽ نثاراحمد ناز پنهنجي ڪتاب جي ڪمپوزنگ به مڪمل ڪري ڇڏي هُئي، اڪثر دوست، احباب سائين کي سندس شاعريءَ جي ڪتاب ڇپائڻ جو چوندا هُئا، پر وقت ۽ حالات کيس اجازت نه ڏئي رهيا هُئا، هر انسان سان گرميون سرديون ساٿ ساٿ هونديو ن آهن. بدقسمتيءَ سان اُن سال سنڌ ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي، غريب ته غريب پر امير به ڪنگال ٿِي ويا، زمينون ٻنيون لُڙهي ويون، گهر تڙ ٻُڏي ويا، ڪئين ڪچن گهرن وارا سرڪاري عمارتن ۾ يا ميدانن ۾ جهيڙا تهڙا خيما کوڙي ويهي رهيا. پوءِ جن جن محبتي ماڻهن کان پنهنجي وس آهر جيتري مدد پهتي اُهي اوتري برسات ستايلن جي ڪندا رهيا، بس هن محبتي ماڻهو نثارنازکان ايتري مدد ٿِي جو هُن اُها ڪتاب لاءِ مختص ٿيل رقم انهن برسات سٽيل ڀائرن کي مدد طور ڏئي ڇڏي، منهنجي سامهون ئي ڪنهن دوست نثاراحمد ناز کي چيو ته ادا، پنهنجي ڪتاب واري رقم نه ڏين ها ته بهتر هو، ”ناز“ ڪجهه دير خاموش ٿي ويو ۽ خاموشي ٽوڙي چوڻ لڳو ته ادا“ منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب سان ڪنهنجي هڪ وقت جو ويلو ٽري نٿو سگهي ڪنهنجي هڪ وقت جي پيٽ جِي بُک ختم ٿي نٿي سگهي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن غريب جي هن مدد سان چند ڏينهن اهي پيٽ ڀري ماني ته کائي سگهن ٿا، انهن مسڪينن جو ڪجهه ڏينهن لاءِ ويلو ته ٽري سگهي ٿو، منهنجي دل کي جنهن ڳالهه سان راحت ملي ٿي سو آئون اهو ئي ڪندس ٻيو مونکي ڇا کپي؟ مون مٿي نثاراحمد ناز جي شاعريءَ تي بلڪل ناهي ڳالهايو ڇو ته ناز جي شاعري پاڻ مخاطب ٿئي ٿي جيڪو پڙهندو اُن کي ناز جي سادگي، معصوميت، خلوصيت شاعريءَ ۾ ئي نظر ايندي، ها! ناز کي جن ڳالهين جي ڪري دل کي راحت ملي ٿي منهنجِي دعا اٿس ته الله ڪري، سدائين پنهنجي ديس واسين ماروئڙن ۽ انسانيت جِي هُو بي لوث خدمت ڪندو رهي. آئون نثاراحمد ناز ۽ سموري سنڌ کي نثار ناز جي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي اشاعت جون دل جي گهرائين سان مُبارڪون ٿو ڏيان.

    آغا جان آغا


    • سنڌ ڄائي هند ۾ رهندڙ نامياري شاعره گلوڪاره ڀيڻ ڪوشِي لالواڻِي جو اظهار

    سنڌ ڄائي هند ۾ رهندڙ نامياري شاعره گلوڪاره ڀيڻ ڪوشِي لالواڻِي جو اي ميل ذريعي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جي باري ۾ نيڪ تمنائن جو اظهار

    सुहिणी सूरत साईं दिनी तो - भाएढ़ा ओ मुहिजा
    ओहिड़ी मिठी वाणी मिली तो भाएढ़ा ओ मुहिंजा।
    सिंध सा बे पनाह प्यार आ तोखे- भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    (मिठी सिंध तोसां आ जन्मन जो नातो)
    छलके थो अथाह सागर लफज़न माँ- भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    सरल, तुहिंजी वाई,नज़्म गीत- भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    छुहन था सिधा दिल खे, मिठा बोल तुहिंजा- भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    सदा वधीं वीझीं तरकीब माणी - भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    इहा आहे दुआ तोलाए- भाएढ़ा ओ मुहिंजा
    प्यारन माँ,
    तुहिंजी भेण कोशी लालवाणी

    Suheni soorat Sain deni to- Bhaeda O Muhenja
    Uhedi methee vani meli to- Bhaeda O Muhenja
    Sindh saan Be Panah piyar Aa Tokhe- Bhaeda O Muhenja
    (Methi Sindh Tosan Aa janman Jo Nato)
    Chuhan tha Sedha Dil khe, Metha Bol Tuhenja-Bhaeda O Muhenja
    Sada Vadhin vijhen Taraki Mani, Bhaeda O Muhenja
    Eeha Aa Dua To lae - Bhaeda O Muhenja
    Piyarn Mann
    Tuhenji Bhen Koshi Lalvan
    (Mumbai India)

    ڀائڙا او مُنهنجا

    سُهڻِي صورت سائين ڏِنِي تو، ڀائڙ ا او مُنهنجا،
    اهڙي مِٺِي واڻِي مِلِي تو، ڀائڙا او مُنهنجا،
    سنڌ سان بي پناهه پيار آ توکي، ڀائڙا او مُنهنجا،
    “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو”
    ڇُهن ٿا دل کي سِڌا ٻول تُنهنجا ، ڀائڙا او مُنهنجا،
    “توسان ڪهڙيون رِيسون” آ انمول موتِي،
    پِرو يا آهن الڳ رنگ اُن ۾ تو، ڀائڙا او مُنهنجا،
    سَدا وَڌِين، ويجهين، ترقي ماڻين، ڀائڙا او مُنهنجا،
    آ دُعا تولئه ڀائڙا او مُنهنجا.!!

    پيار مان
    تُنهنجي ڀيڻ

    ڪوشي لالواڻي
    ممبئي انڊيا


    • نثار سارو ئي نينهن

    سائين نثاراحمد ”ناز“ سان منهنجي واقفيت 2006ع ۾ ان وقت ٿي جنهن وقت سائين نثار ناز منهنجي شهر ماتلي جي درس گاهه ڪامپريهينسو انگلش گرامر هائي اسڪول ۾ پرنسپال ٿي آيو. نثارناز، منهنجو ڪهاڻي ڪتاب ”ٻه واٽي تي بيٺل ڇوڪري“ پڙهي اُن اسڪول جي هڪڙي استاد سان منهنجي ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي . ان اُستاد انهيءَ ڏينهن سائين نثارناز جو نياپو مونکي پهچايو ٻي ڏينهن آئون ڪامپريهينسوِ انگلش گرامر هائي اسڪول ماتليءَ ۾ ساڻس ملڻ ويس، جڏهن منهنجي خبر کيس پئي ته آئون ملڻ آيو آهيان ته پاڻ پنهنجي آفيس مان ٻاهر نڪري دروازي تي منهنجو استقبال ڪيو، مونکي ڀاڪرن ۾ ڀري ايترو ته محبتن سان مليو جو ائين ڄاتم ته سائين نثار ناز سان منهنجي صدين جي سڃاڻپ هُجي. انهي ڏينهن ڄاتم ته نثار ناز ۾ الله سائين اها خُوبي رکي آهي ته هو فوري طور پرائي کي پنهنجو ڪري ڇڏڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو، اسان جي اها پهرين ملاقات اهڙي ته يادگار ثابت ٿي جو سائين نثار ناز سان دوستيءَ جي عظيم لڙيءَ ۾ اڃان تائين پوئجو اچان.
    پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي، مهمان نواز ايترو جو اصل پنهنجي گهر آيل مهمان تان گهور گهور پيو ويندو آهي، سندس ڪچهريءَ جي سِڪَ اهڙي ته لڳندي هُئي، هفتي ٻي هفتي هن سان ملڻ ماتلي شهر کان ٽنڊو محمد خان ويندو هُئس. شام تائين خوب ادبي ڪچهريون، نيرن کان وٺي ڏينهن جي ماني، ڏينهن جي مانيءَ کان وٺي شام جي چانهن جا دور هلندا هُئا، ڪڏهن ڪڏهن نثارناز پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي مونسان ملڻ ٽنڊو محمد خان شهر کان ماتلي به اچي نڪرندو هو. سائين نثاراحمد ناز جڏهن 2011 کان 2012ع واسطي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جو سيڪريٽري ٿيو ته پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻين ۾ مونکي شرڪت ڪري لکڻيون پيش ڪرڻ جو سنيهو ڏيڻ لاءِ حاصيڪار منهنجي شهر ماتلي هلي آيو آئون جيڪو پنهنجي ادبي اُڃ اُجهائڻ واسطي هر آچر تي نامياري اديب سائين حميد سنڌي وٽ سندس”بزم روح رهاڻ“ قاسم آباد حيدرآباد ويندو هُئس، ٽنڊو محمدخان جي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۾ سائين نثاراحمد ناز جي تمام گهڻي قربتن عيوض ۽ شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڀرپور ادبي ماحول جي ڪري بزم روح رهاڻ ۾ وڃڻ جي بجاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي باقائده هر هفتي جي دستوري گُڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندو پيو اچي. سائين نثار ذاتي زندگي ءَ ۾ هڪڙو پيارو شخص آهي، محبتون وارڻ وارو ماڻهو آهي. اڪثر ڏات ڌڻي پنهنجي ذات ۾ ايترو ته مگن هوندا آهن جو هو پنهنجي شاعري، پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ڪونه سگهندا آهن ، ڪنهن ٻي لاءِ هو سوچيندا ئي ڪونه آهن پر نثار ناز سدائين پنهنجي ذات کان هٽي ڪري نوجوان شاعرن جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ڪندو رهندو آهي، پاڻ انٽر نيٽ جي هر ادبي فورم پوءِ اهو فورم www.sindhsalamat.com هجي يا سوشل ميڊيا فيس بُڪ جو جهان هُجي اتي پنهنجي شاعريءَ کان وڌيڪ ٻين اديب دوستن، شاعرن، شاعرائن جي شاعري ۽ انهن جون ادبي ڪاوشون ڏينهن رات هڪ ڪري تمام نفاست سان چترڪاري (ڊزائن) ٺاهي ان تي ڀرپور تمهيد لکي اڪثر ڪري سمورن سنڌ واسين ۽ دنيا واسين سان ونڊ ڪندو آهي.
    سائين نثارناز جو حافظو ايترو ته تيز آهي، جو منهنجون کوڙ ساريون لکيل ڪهاڻيون بر زباني ياد اٿس، ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري دوران هو منهنجي ڪهاڻين جا حوالا اوچتو اهڙي انداز سان مونکي ٻُڌائيندو آهي، جو منهنجي ڪهاڻين جا اهي حوالا اُهي سٽون مونکي به ياد ڪونه هوندا آهن، آئون سندس اکين ۾ نهاري سوال ڪندو آهيانس سائين هي ڪنهنجي ڪهاڻين جا حوالا پيا ڏيو ته پاڻ کلي چوندو آهي، آهي ڪو ماتلي جو ليکڪ جنهن جو نالو ”محمد رمضان دلدار چڍڙ“ آهي. سائين نثار ناز ، وائي ، غزل، نظم ۽ آزاد نطم جو هڪ بهترين ۽ برجستو شاعر آهي ، ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته پاڻ هڪڙو خوبصورت سرجڻهار آهي، سندس شاعريءَ ۾ غم جانان کان وٺي،غم دوران، سنڌ ڌرتيءَ سان ازلي پيار، ڌرتي جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سنڌي قوم جي جذبن کي جاڳائڻ جا پيغام به اتم نظر اچن ٿا، پاڻ جيترو سُريلو شاعر آهي اوترو ئي سُندر سندس اندازِبيان آهي. نثارناز صاحب نه رُڳو شاعر آهي پر سندس نثر وارو پاسو به نهايت پُر اثر ۽ دلڪش آهي. پاڻ انٽر نيٽ تي جن به شاعرن ۽ شاعرائن جي تصنيفن تي ٻه اکر رپورٽس يا تمهيدون لکيون اٿس ، ان مان سندس نثر نويسي کي چٽي طرح پرکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن نثار نثر واري پاسي ٿوري به توجه ڏي ته پاڻ هڪ بهترين نثر نويس ٿي سگهي ٿو. نثار ناز جو هي پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ اميد ته سنڌي ادب ۾ هڪ نئون اضافو ثابت ٿيندو. آئون کيس صاحب ڪتاب ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مُبارڪون ڏيان ٿو انهي دعا سان ته نثار سدائين خوشين جا گُلاب ماڻيندو رهي، سدائين پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪندو رهي. آمين ثم آمين.

    خادم الادب
    رمضان ”دلدار“ چڍڙ
    اياز منزل وارڊ نمبر 15 ماتلي ضلع بدين سنڌ.
    ڇنڇر 7 ڊسمبر 2013


    • نثار ! توسان ڪهڙيون رِيسون!

    محترم نثاراحمد سمون ”نثار ناز“ سان اُن وقت کان وابستگي آهي جڏهن مون اڄ کان تيرهن ، چوڏهن سال اڳ هن ادبي دنيا ۾ ڪجهه شعر۽ مضمون لکي پير پاتو هو. محترم نثارناز اُن وقت پنهنجي ادبي سفر جي جوڀن مان گُذري رهيو هو ۽ هاڻ ته اُن جوڀن ۾ وڌيڪ بهار اچي وئي آهي. سندس شاعري ان وقت به اڄ وانگر ئي اسان کي گهڻو متاثر ڪيو هو جو سندس فن ۽ فڪر کي ڏسي ۽ ٻُڌي مون جهڙن نون شاعرن ۾ وڌيڪ لکڻ جو اُتساهه جاڳيو. انهن ڏينهن ۾ ئي نثار ٻُڌايو هو ته سندس اصل تعلق پڻ سنڌي غزل جي وارث سرزمين “ٽکڙ” سان آهي. سندن وڏا ٽکڙ مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان ۾ آباد ٿيا، ڳوٺ ۾ موجود پوڙهن کان خبر پئي ته سمن جو هي پاڙو”پڃارن” جي نالي سان ڳوٺ ۾ آباد هو. سچي پُڇو ته اهو ٻُڌڻ کانپوءِ ساڻس هي ادبي رشتو وڌيڪ مظبوط ٿي ويو.
    وقت جي جدت سان حالات تبديل ٿين ٿا، ڪوي، شاعر کي انهن حالت سان گڏ تبديل ٿيڻو پوي ٿو نه ته هي تخليقن، ڪاوشن جو سفر جمود جو شڪار ٿي پوي ٿو. اها جدت اسان کي پنهنجي لکڻين ۾ آڻڻي آهي تڏهن ئي اهي تخليقون ان دور جي حالت ۽ واقعات جون عڪاس ٿين ٿيون پر ان سان گڏ ان دور جي مواصلات، اشاعت جي ذريعن کي پڻ ڀرپور استعمال ڪرڻ سان ئي ادب کي بقا آهي جيئن اڄ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال ”نثار ناز“ جي اها خوبي کيس ٽنڊو محمدخان توڙي لاڙ جي تمام اديبن۽ شاعرن ۾ ممتاز حيثيت ڏياري ٿي ته نثار نه صرف پنهنجي لکڻين کي پر ٻين جي ادبي ڪم کي پڻ انٽر نيٽ جي مختلف ذريعن جي مدد سان دنيا سان روشناس ڪرايو آهي.
    ”نثار ناز“ جو ٻيو وڏو ڪارنامو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان جي نالي سان ڪاغذن ۾ هلندڙ اداري کي عملي طور فعال ڪرڻ ۽ ان کي باضابطه آفيس جو درجو ڏياري ڀرپور نموني سان دستوري گڏجاڻيون ڪرائڻ ۽ ان آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت لائبريري جي قيام کي عمل ۾ آڻڻ آهي سندس هن پرخلوص ادبي خدمتن عيوض ٽنڊو محمد خان جي ماحول ۾ ادبي ڪم وڌڻ ويجهڻ لڳو. ڪيترا نوان لکڻ وارا پيدا ٿيا ۽ پراڻن لکندڙن جي ڪم ۾ ادبي نشستن جي مسلسل انعقاد سان باقائده نکار آيو، آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اڄ سنڌي ادب کي اهڙاٻه چار ”نثار ناز“ ملي وڃن ۽ ”ادب ۽ ٻولي“ جي نالي تي قومي خزانن کي ڪاپاري ڌڪ هڻندڙن ”ادبي وڏيرن“ جي جاءِ تي نثارناز جهڙا مخلص، سادا ۽ سچا ماڻهو اچي وڃن ته سنڌي ادب کي اڌ صدي اڳ وارو عروج يا شايد ان کان به وڌيڪ عروج ملي پوي. انهن ٻنهي ڪارنامن تي آئون نثارناز کي جس ڏيان ٿو.
    ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ نثارناز جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ضرور آهي پر سندس شاعري ءَ جو آغاز اسي جي ڏهاڪي کان ٿيو آهي سو سندس هن چونڊ شاعري ۾ زماني جي اها اُٿل پُٿل ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نثار جي نظمن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ درد آهي ، سندس شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان بهتر آهي سندس نظم غزلن کان وڌيڪ سگهارا آهن جن جي پڙهڻ سان هڪ جوش۽ ولولو جاڳي پوي ٿو. هي نظم سٺ واري ڏهاڪي جي ادبي ڪم جي عڪاسي ڪن ٿا. ڇو ته مون کيس مشاعرن ۾ غور سان ٻُڌو آهي، ساڻس ڪچهريون ڪيون آهن.
    جيئن ته منهنجو شاعري جو ٻيو مجموعو “توکي ياد ايندس مان” پڻ نثار جي هن ڪتاب سان گڏ هڪ ئي مهيني ۾ مارڪيٽ ۾ اچي پيو اهو محض اتفاق آهي ته هڪ ئي مهيني ۾ هي ٻئي ڪاوشون پڌريون ٿين پيون ۽ اتفاق سان نالن ۾ پڻ هڪ جهڙائي آهي ، ڇو ته ڪتابن جي اشاعت ۽ نالن جي حوالي سان اسان هڪ ٻي سان رابطي ۾ نه رهياسون وري به نثار مونکان سينئر شاعر آهي ان لاءِ نثار ناز کي اهو ئي چوندس ته ”نثار! توسان ڪهڙيون رِيسون......!“

    عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
    ٽکڙ ، ٽنڊومحمد خان
    12-12-2013


    • نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟

    سڄي ڏينهن جو ٿڪ، هلڪو بخار، ٿورو مٿي ۾ سور، وچ ڊسمبر جي شام جو پهر، اکيون پوريو، مٿان گرم لوئي تاڻيو، کٽ تي سڌو پيو آهيان. موبائيل فون جي پڪار ٻڌي، معمول موجب، اڳئين جو نالو ڏسڻ کانسواءِ، ساڻس مخاطب ٿيس، آغا جان آغا هو. سندس چوڻ موجب، آغا جان سميت نثار احمد ”ناز“ ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي خواهش آهي، ته هڪ اڌ ڏينهن اندر نثار احمد ”ناز“ جي پهرئين شعري مجموعي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ لاءِ ٻه اکر لکي موڪليان. ٿورو لڇيس، ڪڇيس، پڇيس، ٻڌايم، پر آغا جان هڪ به نه ٻڌي، ڪا به رعايت نه ڪئي، ان ڪري پنهنجي حال سارو، جيئن نثار احمد ”ناز“ کي سڃاڻي سگهيو آهيان، جيتري سندس شاعري بابت ڄاڻ اٿم، دل جو حال، اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.
    منهنجي خيال ۾ جنهن جي نالي ۾ ”نثار“ شامل هجي، ان کي ٻئي تخلص جي ضرورت ئي نه هئي، پر جنهن نثار ۾ ”ناز“ جي کوٽ هجي، ان کي حق پڄي ٿو، ته تخلص لاءِ ”ناز“ جو انتخاب ڪري.
    پاڻ ماڻهن ۾ اعتراف جي عادت پيل نه آهي، پر مون گهڻن هنڌن تي نثار احمد ”ناز“ پاران خود کي ”ٽئين درجي جو شاعر“ چئي تعارف ڪرائيندي، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ۽ سندس تحريرن ۾ به ائين پڙهيو اٿم. البت ضرورت ان امر جي آهي ته نثار احمد ”ناز“ جو هيءَ مجموعو، جيئن ئي ڇپجي، ته ان کي پڙهي، پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪري، ته نثار احمد ”ناز“ ڪهڙي درجي جو شاعر آهي؟
    نثار جي نثاري جو تعين ان مان ڪريو ته جنهن ڏينهن سندس مجموعي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جي مهورت ٿيندي، انهيءَ ڏينهن، سندس اهو مجموعو پوري دنيا جي سنڌين واسطي ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ تان آن لائين ٿيندو!؟ هر ڪو گهر ويٺي، سفر ڪندي، جنهن مهل به واندڪائي مليس، شاعري پڙهڻ جو شوق جاڳيس، مفت ۾ پڙهي سگهندو. منهنجي خيال ۾ اهو صرف نثار ئي آهي، جنهن کي اهو خوف نه آهي، ته سندس ڇپيل مجموعو مفت ۾ پڙهڻ جو انتظام مهيا ڪري ڏيڻ سبب، وڪامڻ بدران ڪٿي سٿيو رکيو هوندو!؟ منهنجي خيال ۾ اهو اعزار صرف ۽ صرف نثار جي نثار طبيعت سبب نثار احمد ”ناز“ کي ئي حاصل ٿي سگهيو هوندو.
    نثار جي نثار طبيعت کان پوءِ هاڻي سندس ”ناز“ جي نسبت مان اندازو لڳايو ته ”سندس مجموعي جي پڌرائي12 جنوري 2014ع تي ٿيندي، ڇو ته سندس جنم جو ڏينهن 12 جنوري آهي، سندس موڀي پُٽ محمد علي سمون ڪتاب جو سمورو خرچ برداشت ڪيو آهي ۽ والد محترم جي جنم ڏينهن تي”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي صورت ۾ جنم ڏينهن جو خاص تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.“ مون کي پڪ آهي ته اوهان مون سان سهمت ٿيندا ته ڀلي ”ناز“ ۽ ”ناز“ جي عزيزن توڙي دوستن کي به ”ناز“ ٿيڻ گهرجي، ”ناز“ ڪرڻ گهرجي.
    نثار احمد ”ناز“ موجب سنڌ ميوزم جو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، حيدرآباد سندس پسنديده ترين حال آهي، جتي ئي سندس مجموعي جي مهورت ٿيندي. ان کان وڌيڪ نثار جي نثار طبيعت ۽ ”ناز“ واري نسبت کي ڪيئن سمجهي سگهبو؟ هي پنهنجي طبيعت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن ڪري سندس سنگت جو هڪ وڏو حلقو آهي. عزيزن سان به قرب جو پير آهي. جنهن ڪري ئي سڀ ڪجهه سندس دل وٽان پيو ٿئي. پاڻ کي ساڻس ”ريس“ ڪرڻ گهرجي.
    نثار احمد ”ناز“ جي شاعري مون گهٽ، تمام گهٽ پڙهي آهي، پر ايتري خبر اٿم ته هي پنهنجي طبيعت جو، پر اهڙن شاعرن منجهان آهي، جيڪي ضرورت پوڻ وقت، شاعري لاءِ پاڻ کي در دريون ڏئي بند ڪري ويهندا آهن. سندس هڪ طرحي غزل تي بحث دوران سچي ڪيائين، ته سڄو ڏينهن س ا س ٽنڊو محمد خان جي آفيس ۾ پاڻ کي قيد ڪري غزل مڪمل ڪيائين. ان مان اندازو ڪريو ته هو هلندي گهمندي شاعري جا موضوع ڀلي ذهن ۾ آڻي، پر شاعري لاءِ شاعراڻو ماحول پيدا ڪري، شاعري جون عروضي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ وس مان نه گهٽائيندو آهي. پاڻ بحر وزن، علم عروض ۾ ڪيتري مهارت رکي ٿو، ان جو اندازو سندس شاعري پڙهي يا سندس روايتي تعليم وارن شاگردن نه، شاعر شاگردن جي ڳاڻيٽي ۽ انهن جي شاعري پڙهڻ سان به ڪري سگهجي ٿو.
    مون اڳ به ذڪر ڪيو ته لکڻ لاءِ وقت ٿورو مليو اٿم ۽ نثار جي شاعري پڙهي به ٿوري اٿم، پوءِ به، ايتري خبر اٿم ته نثار گهڻ موضوعاتي شاعر آهي. سندس شاعري اڪثريت کي وڻندي. سندس شاعري مان گهڻو ڪجهه نه ئي سهي، ٿورو ئي سهي، هي پڙهو:
    سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
    اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!
    يا وري هي پڙهي ڏسو.
    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون!
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون!

    مٺل جسڪاڻي
    مير ڪالوني ٽنڊو ڄام


    • مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي

    ادا نثاراحمد ناز سان مُنهنجي پهرين ملاقات لاڙ پَٽ جي خوبصورت شهر سجاول ۾ منهنجي ڪتاب ”عڪسِ گُل“ جي مهورت جي موقع تي ٿي. ادا سان ملندي هڪدم اهو احساس گُذريو ته اُتي انسانيت هميشهه زنده رهندي آهي جتي ادا جهڙا صاف مزاج ماڻهو هُجن پوءِ وقتن بوقتن ڪڏهن حيدآباد جي ته ڪڏهن سجاول جي ادبي سماجي ۽ شوبز جي پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ادا نثار ناز ۾ باوقار، باڪردار ، باشعور انسان جون تمام خوبيون به اتم موجود ڏٺم. اهڙيءَ طرح هر ملاقات ۾ منهنجي دل ۾ ادا نثار ناز لاءِ احترام وڌندو ويو.
    حيدرآباد جي سنڌي لينگويج اٿارٽِي هال۾ ينگ رائٽرس فورم سنڌ وارن هڪڙو ڪُل سنڌ بسنت مشاعرو ڪوٺايو هو جنهن ۾ ادا نثار ناز پنهنجو هڪڙو آزاد نظم ٻُڌايو هو جنهن جا ڪُجهه ٻول مونکي ياد پيا اچن:
    ”مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
    حَدِ ديوانگي ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
    پَيل گَجُ بدن تي سنڌي ڀرت وارو،
    پيرن ۾ پاتل جُتِي ٽونئر واري ،
    کنيل ڪَڇَ تي گهاگهر مٿي تي دِلو پڻ،
    هلي ڊيل وانگر هُوءَ لوڏا وڏا ڏئي،
    تنهن سنڌِي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
    ڪا تصوير سُهڻي مان آئل(Oil) سان پينٽي،
    يا واٽر ڪلر ۾ بنائڻ ٿو چاهيان...!!
    سندس اهي لفظ سندس منفرد انداز ۾ ٻُڌي مونکي ائين لڳو ڄڻ آئون مهراڻ جي وهندڙ پاڻي جي ڇولين جو نينهن نظارو پَسي رهِي هُجان، ايڏي همت ، اُتساهه ۽ سڪ هُئي هُنَ جي هن نظم جي هڪ هڪ لفظ ۾ هر لفظ ۾ جدوجهد حوصلي جو هڪ ڀرپور پيغام هو. زندگي جي واچوڙن جو هميشهه هر انسان تي وڏو اثر پوندو آهي. آئون به بعض اوقات تمام مُنجهيل سوچون رکندڙ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪندِي هُيس، هر ڳالهه بي مقصد محسوس ٿيندي هُئي پر ادا نثار جي شخصيت ڏسي منهنجي اندر يقين ٿي ويو ته آئون پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي سگهان ٿي. ادا نثار ناز نه صرف هڪڙو سُٺو ليکڪ ۽ سُٺو انسان آهي پر پاڻ هڪڙو بهترين والد پڻ آهي، هميشهه ادا سان جڏهن به اسان جون ڪچهريون ٿينديون آهن ته پاڻ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجي بي پناهه محبت جو ذڪر ضرور ڪندو آهي، هتي اهو ذڪر ڪرڻ مُنهنجي لاءِ تمام اهميت جي حامل آهي ته سندس وڏي پُٽ محمد علي سمون پنهنجي بابا سائين نثارناز جي جنم ڏينهن يعني 12 جنوري 2014 تي سائين نثارجي پهرين شاعريءَ جي مجموعي ڪتاب“ توسان ڪهڙيون رِيسون” جي طباعت ۽ اشاعت جو سمورو خرچ برداشت ڪري ان ڪتاب کي پڌرو ڪري پنهنجي بابا کي جنم ڏينهن جو هڪڙو خوبصورت تُحفو ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي بابا کي ”صاحب ڪتاب“بنائي کيس تاريخ جي ورقن ۾ هميشهه لاءِ امر پيو ڪري، منهنجي دُعا آهي ته شال الله سائين هر والدين کي اهڙو سٻاجهڙو ۽ احساس رکندڙ اولاد عطا ڪري آمين.
    ادا نثار جڏهن مونکي پنهنجي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ته يقين ڪريو آئون ڏڪي ويس، اهو سوچي ته هن جامع شخصيت جي مالڪ انسان جي شاعري يا هن جي ذات جي باري ۾ ڪيئن لکڻ جي سگهه ساريان پر ادا نثار جي محبت ۽ خلوص ٻئي منهنجي سوچ تي حاوي ٿي ويا مزي جهڙي ڳالهه جڏهن ادا نثار ناز پنهنجي ڪتاب جو نالو ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ٻُڌايو، ڇا ٻُڌايان؟ منهنجي چهري تي مُسڪراهٽ ۽ دل ۾ هاءِ جو احساس گُذريو، ايترو خوبصورت نالو! ڪيڏي نه لوچ آهي سمايل هن نانءُ جي اندر ،توسان ڪهڙيون رِيسون نه صرف نالو آهي پر سچ پُڇو هر ڪنهن پيار ڪندڙ انسان جي اندر جو اُهاءُ آهي، هڪڙو زاويو آهي، جنهن جي سهاري سارو زمانو محبتن جا معراج ماڻي سگهي ٿو. توسان ڪهڙيو ريسون اصل ۾ محبت ۽ قرباني جي ابتدا به آهي ته انتها به آهي، توسان ڪهڙيون رِيسون سان نفرتن جون پاڙون پل ڀر ۾ پٽجِي وينديون آهن. الا! جڏهن ڪير قُرب مان چوندو آهي ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ڄڻ ڪائنات ساري رُڪجي ويندي آهي. ادا نثار ناز جي شاعري پاڪيزه سوچن سان ڀرپور آهي، سندس شاعريءَ ۾ پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن سان عقيدت جي انتها، سندس شاعريءَ ۾ معصوم ۽ پاڪيزه جذبا، سنڌ سان محبت ، ماضيءَ جون يادون، انسانيت جي بقا ۽ مزاح جي حِس به نظر اچي ٿي، سندس هر نظم مقصد سان ڀريل آهي.مون هڪ عورت جي حيثيت سان اهو باقاعده محسوس ڪيو ته ادا نثار ناز پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت جي احترام، عورت جو مان مرتبو، عورت جي همت ۽ حوصلا افزائي تمام خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي جنهن تي کيس جيترو جس ڏنو وڃي اوترو گهٽ آهي. ادا نثارناز جا تمام نظم غزل ۽ وايون مونکي سنڌوءَ جي سبيتي، اُجري، مٺي ۽ پويتر پاڻِيءَ وانگر لڳا، سندس شاعري مونکي سورهان آنا سندس شخصيت جي پرتوو لڳي، ادا نثارناز سان ملي مونکي سدائين ائين محسوس ٿيندوآهي ڄڻ هڪ گهاٽي وڻ جي ٿَڌِي ڇانوَ جي سائي هيٺان اچي وئي هُجان.
    آخر ۾ رب پاڪ کان نماڻي گُذارش ڪريان ٿي ته ادا نثار ناز کي صحت ڪامله سان گڏ وڏي زندگي عطا فرمائي، ادا نثار جهڙو حساس ۽ محبتي ماڻهو اسان لاءِ هميشهه مشعل راهه آهي، خُدا کيس سدائين پنهنجي حفظ امان ۾ رکي ائين شفقت، همت، قُربت ۽ انسانيت جي جذبي سان هي ماڻهو سدائين سرشار رهي، انسانيت جي بقا ۽ سنڌ سان وفا جي خاطر پاڻ کي پتوڙيندڙ ۽ محبتون ورهائيندڙ ادا نثار سدائين محبتون ماڻيندو رهي. آمين ثم آمين.

    گُل بِيبِي شاهه بُخارِي
    شاعره
    ٺٽو، سنڌ.


    • هو جو ’ناز‘ آهي!

    ادبي پروگرام يا ڪنهن سان شام، نثار احمد ”ناز“ نظر ايندو پر گڏ ڪيمرا به هوندي ۽ ڳولي ڳولي پيو ڦوٽو ڪڍندو، هڪ ڀيرو وڪيل منڱريو کان پُڇيم يار اِهو همراه سنڌي ٽوپي وارو ڪير آهي، چيئن انهيءِ کي نه سُڃاڻي؟ اِهو سڀني جو ’ناز‘ آهي ۽ پوءِ جڏهن ساڻس واقفيت ٿي وئي تڏهن محسوس ڪيم ته واقعي هي سڀني جو ”ناز“ آهي، انتهائي پُرخلوص کِلڻو مِلڻو سڀ کان سُٺي سندس خوبي دل جو صاف ڪنهن لاءِ ڪو به غلط رايو رکڻ يا ڪنهن جي گِلا ڪندي مون نه ٻُڌو، ايئن ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن سندس ڪشش تي انٽرويو هليو ته خبر پئي همراه شاعر به آهي، پر تمام سُريلو شاعر، پوءِ جڏهن مونسان اظهار ڪيائين ته يار هاڻي مونکي پنهنجي شاعري جو هڪ ڪتاب به ڇپرائڻ گهرجي. چيم اگر شاعري ڪنهن لاءِ مسيحا جو ڪم ڪري، يا ڪنهن يتيم زندگي جي مٿي تي رکيل ٻاجهه ڀريو هٿ هُجي ته اهڙي شاعري ته بنا دير ڪتاب جي صورت ۾ اچڻ گهُرجي.
    شاعري ماڻهو جي اندر جو آواز آهي، آئينو آهي، سِڪ جو سڏ آهي، چاهه مان ڏِنل چُمي آهي، خوشبوءَ جهڙو وجود رکي ٿي شاعري، تڏهن ئي ته شاعري کي محبوبه به چيو ويندو آهي. ديوي چيو ويندو آهي، تنهائي ۾ اُداس اکين ته ٻاجهه جا رکيل چَپَ محسوس ٿيندي آهي شاعري. اهڙي ئي شاعري جي مالها جنهن جو وري نالو به نرالو ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جهڙي نالي ۾ معصوميت اهڙي ئي شاعري به سندس هي غزل جيڪو پاڻ مونکي روبرو پڙهي ٻُڌايائين بي ساخته دل مان داد جا لفظ نِڪتا، يار ”ناز“ مون توکي عام شاعر ٿي سمجهو پر يار تنهنجا هي خيال ڪي عام ته ناهن، سِٽ سِٽ کي پڙهي ڏِسو ڪيتري نه دل ڇڪيندڙ شاعري اَٿس:
    تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هِتي آهيون!
    محبوب ڌڪاريو آ، ڳوليو ته ڪِٿي آهيون!
    اي مُرڪَ جهروڪا ڇو؟ ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي،
    هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان جنمن کان ڪٺي آهيون!
    ٻُڌ رات سياري جِي چٿرون ٿي ڪرين ڇالئه؟
    کُوري ۾ پڪل آهيون، توکان ته مٿي آهيون!
    اڄ “ناز” قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا،
    هر حُڪم مڃي اُنَ جو ويا کيس ڇڏي آهيون!
    مٿيون غزل پڙهڻ کانپوءِ سمجهان ٿو سندس شاعري جي وضاحت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، نثار احمد ”ناز“ جي شاعري پاڻ ڳالهائي رهي آهي ۽ جنهن شاعري کي زبان هوندي آهي، اها صدين جا صدا بنجي ويندي آهي، زمانا اُن شاعري جي خوشبوءَ جو واس وٺندا آهن.
    اسين اولاد سنڌڙيءَ جا سدائين سر بُلند آهيون.
    سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪَٽائيندا ته ڪنڌ آهيون!
    ڪيو سر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِيءَ سنڌ تان،
    دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون.
    نثار ”ناز“ جي شاعري ته واقعي ئي اهڙي ئي آهي جيڪا سرتي سان گڏ ڌرتي کي به پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو بيٺي آهي. آئون پوري يقين سان اِها پَڪ ٿو ڏيان ته ههڙي شاعري واقعي ئي صدين جي صدا آهي ۽ زمانا هن جي خوشبوءَ جو واس وٺندا.

    مور ساگر
    03332634650


    • توسان ڪهڙيون ريسون

    فيس بُڪ جي دنيا ۾ مون پنهنجي ڪچي ڦِڪي شاعريءَ تي جڏهن اصلاح ڀريا لفظ ۽ خلوص سان لکيل تمهيد پڙهي تڏهن سوچيم ته هي ڪير انسان آهي ؟جيڪو تنقيد براءِ اصلاح ڪري ٿو همت ۽ اُتساهه ڏياري ٿو لکڻ جِي! مون سدائين سر نثار احمد ناز کي هر نئين لکندڙ جي شاعريءَ تي سهڻا، دل موهيندڙ لفظ ۽ اصلاح ڀريل لفظ لکندي ڏٺو آهي .
    جنهن سان هر نئين لکندڙ جي دل ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو ۽ حوصلو پيدا ٿئي ٿو. آهستي آهستي سوشل ميڊيا جي اڱڻ فيس بُڪ تي سر نثاراحمدناز جي گهڻ رُخي شخصيت جو هر پهلو مُنهنجي اڳيان عيان ٿيندو ويو.
    فيس بُڪ تي سر نثار احمد ناز گهڻو ڪري پنهنجي شاعري تمام گهٽ موڪليندو آهي، پر جيڪا به شاعري موڪليندو آهي فني ۽ فڪري حوالي سان دل ۾ گهر ڪرڻ جهڙي هوندي آهي اهڙي ريت سر نثار ناز کي شاعر جي حيثيت سان به سڃاڻڻ لڳيس، حيدرآباد جي ڪيترن ادبي، سماجي ۽ شو بز جي پروگرامن ۾ به هُن سان ملڻ جو موقعو مليو. کيس تمام شفيق انسان جي روپ ۾ ڏٺم، سندس چپن مان نڪتل هر نياڻيءَ لاءِ امان، اديءَ جا لفظ، ان نياڻي لاءِ سندس نظرن ۾ حياءَ ۽ ادب مونکي ائين لڳو، ته ڄڻ سندس هر لفظ ۾ سنڌؤ جي سُڳنڌ هُجي ۽ سندس نظرن جي نهار جي اُها پاڪيزگي مونکي سنڌي ٽوپيءَ جي ٽِڪنِ جي تجلا ڏياريندڙ جهر مر سوجهرن جهڙي لڳي.
    سر نثار احمد ناز جو هر نئين شاعر لاءِ دل ۾ خلوص ۽ همت افزائي ڪرڻ جو جذبو ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل هُجي. هُو تمام پُر خلوص، سچو ۽ نيڪ انسان آهي، پاڻ جيترو نيڪ ۽ با حيا با ڪردار انسان آهي، بلڪل اوترو ئي سندس شاعريءَ جا مهڪندڙ لفظ سندس ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ۾ نظر ايندا، سنڌي نياڻين جي تعليم ۽ ان نياڻيءَ جي باعظمت وِکن جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ لکيل ”هُوءَ جا نينگر نڪتي آهي“ جي عنوان سان سندس هن مختصر پر جامع نظم تي نظرون ڊوڙايو:
    ماضِيءَ جون مجبوريون ٽوڙي،
    حال جا تازا گُلاب کڻي،
    آئيندي جا سُندر خواب کڻي،
    قلم بنايو ساکِي ٿس،
    ڪتابَ سمورا ساٿِي ٿس،
    هر گام انڌيرا جهيڙي جهيڙي،
    روشنيون سڀ ميڙي ميڙي،
    ڌِيءَ بڻي هُوءَ سنڌ امڙ جِي ،
    سنڌ نگر جي لاڄَ رکِي سا،
    علم اُجالا عام ڪندِي،
    ۽ جهالت کي قتلام ڪندِي .
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ..!!
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ...!!
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ..!!
    سندس هن نظم جي پڙهڻ کانپوءِ ڀلي ءَ ريت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سر نثار ناز سنڌي نياڻيءَ کي ماضي جي نسبت حال ۾ سوچن جا تازا گُلاب کڻڻ وارِي آئيندي جا سُندر خواب ڏسڻ وارِي جنهن ۾ قلم کي ساکِي، ڪتابن کي ساٿِي انڌيرن سان جهيڙيندڙ، روشنين کي ميڙيندڙ سنڌ جِي ڌيءَ سنڌ نگر جِي لڄ رکندڙ علم جي اُجالن کي عام ڪرڻ وارِي جهالت کي قتلام ڪرڻ وارِي مسلسل اڳيان وڌڻ وارِي نينگرِيءَ وارو ڪردار ڪيترو نه واضح ، خوبصورت ۽ چٽو بيان ڪيو اٿس.
    اُن کان علاوه هن ڪتاب جو عنوان ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ هڪ حسين عنوان آهي ، ڪيتري نه معصوميت آهي هن عنوان ۾ جنهن کي ٻڌڻ سان ائين لڳي ٿو ته ڄڻ دل مُٺ ۾ اچي وئي هجي، جيئن ڪا محبوبا صدين بعد پنهنجي محبوب جو لڪاءُ پَسي پٿر بڻجي وڃي، ڄڻ اکيون محبت جي سحر سان ڳريون ٿي بند ٿيڻ لڳن! ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ عنوان تي جڏهن سوچيم ته کن پل لئه اندر ۾ عجب مانڌاڻ مچي وئي، ائين محسوس ڪيم ڄڻ آئون هتي هوندي به هتي نه هُجان ، دُماغ ۾ مندر جي گهنڊن جا پڙلاءُ اڀرڻ ٿا لڳڻ ڄڻ ڪنهن درگاهه تي پيار ۽ سوز منجهان ڪو راڳ! ڪا وائي! ڪنن ۾ آلاپ جيان پيا گُونجن، ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ وارو عنوان مون مٿان ماضيءَ جو سحر تاري ڪري پيو وجهي،ڪُجهه حسين لمحن جي ياد جا ڏيئا ڄڻ اکين اکين اڳيان جهر مر چمڪي پيا آهن ڄڻ آئون پنهنجي ڪنڌ کي جهٽڪيندي ڪنهن خيال ما نڪرندي چئي رهي هُجان، ”توسان ڪهڙيون رِيسون“!
    سر نثار ناز جي هن ڪتاب جو عنوان ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ته اندر ۾ جوت جلائي ٿو ، هن ڪتاب جي عنوان جي ترنميت اهو ئِي ڄاڻي جيڪو محبوب جِي هر هُجَ ۽ هر انگل کي ساهميءَ جي هڪ پُڙَ ۾ پيار ۽ ٻي پُڙَ ۾ گلاب ڪري توريندو هُجي...!! توسان ڪهڙيون ريسون ته مونکي ڪينجهر جي ڇولين جي نظارن جيان ، جيجل ماءُ جِي مصريءَ جهڙي مِٺِي ٿڃ جيان، سنڌوءَ تي المنظر جي نينهن نظارن جيان ،محبوب جي دل لُڀائيندڙ ماڻڻ جيان ، دلبر جي چپن جي مست مُسڪان جيان ۽ ڪنهن پهرين پيار جي پهرين نيهار جيان پيو ڀاسجي...!! آئون سمجهان ٿي ته جيڪڏهن صرف توسان ڪهڙيون ريسون جي عنوان سان مضمون لکيو وڃي ته سمنڊ جيتري مس ڪجي ۽ دنيا جا ڪاٺ قلمَ ڪري ڇڏجن تڏهن به ”توسان ڪهريون رِيسون“ جي عنوان سان نڀاءُ ڪري نه سگهبو...!!
    ”تو سان ڪهڙيون رِيسون“ جي نانءُ کي ائين ٿِي ڀانيان ڄڻ وَرَ کي پنهنجي حَسينِ وَنيءَ سان ملڻ جو چاهه هُجي، مَنَ ۾ ملڻ جي آس هُجي ۽ هُوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ رُڌل هُجي، جڏهن گهر جي جهميلن ما واندِي ٿي مهتابي چهري سان مهتاب وانگر جرڪِي اچِي پنهنجي وَرَ جي چهري تي ڇانوَ ڪري ۽ هُو ساهه جا ڍُڪ ڀري اکين ۾ بي تابيءَ جو اضطراب کڻِي، مخمور نگاهن ۾ نهاري پنهنجي وَرَ جي چنڊَ مثل چهري جي ٿڌڪار ۾ ٻُڏندي، اندر مان آهه ڀريندي چَوي ته ”توسان ڪهڙيون رِيسون“...!!
    سندس شاعري پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي هي نهايت ئي سُندر سِٽَ، “ توسان ڪهڙيون رِيسون”دل جي ديبل ۾ هلچل ۽ ولوڙ مچائي پئي ..!! اُف! ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ ڪنهن پنهنجِي مُڪمل واڳَ پنهنجو سڀ ڪُجهه، پنهنجي ارڏي پريمِيءَ جي حوالي ڪري ڇڏِيو هُجي...!! الله سائين ، محترم سَر نثار احمد ناز کي سلامت رکي ۽ سندس پيار ڀريا خوبصورت شاعري وارا لفظ سدائين سنڌ ڌرتي مٿان امن جا بادل بڻجي وسندا رهن ۽ سندس لفظن جي جادوءَ جا ڪاڪ محل هميشه جُڙندا رهن. پاڻ سدائين آباد هُجي، سدائين ڪنول جيان مهڪندو مُسڪرائيندو رهي . آمين ثم آمين.

    صنم نجيب
    قاسم آباد حيدرآباد
    2013-12-10


    • شاعريءَ جون ڪيفيتون

    شاعري اهو الهام آهي جيڪو ڪڏهن مينهن جيان وسِي ٿو پئي ۽ ڪڏهن روح تائين رسِي ٿو وڃي. شاعري ڪڏهن رنگ بڻجي ٿِي پئي، ڪڏهن روشني جيان ٿي ڦهلجي ته ڪڏهن وري آرسيءَ جو رُوپ ڌاري وٺي ٿي. شاعري ڪڏهن سوين ستارا جرڪائي ٿي، ڪڏهن نوان نظارا پسائي ٿي ته ڪڏهن وري اکين جا اشارا سمجهائي ٿي. شاعري ڪڏهن وهاڻن جي جاءِ تي ٻاهون بنجي ٿي پوي، ڪڏهن آهون بنجي ٿي، ڪڏهن دانهون بنجي ٿي ته ڪڏهن بند يا وري کليل راهون بنجي پوي ٿي. شاعري نينهن جي ناچاڪي به آهي، غمناڪي به آهي ته وري رات جي رولاڪي به آهي، شاعري جهولو به آهي، جهميلو به آهي، لُڙڪ به آهي ته مُرڪ به ، شاعري گُلن جي چادر آهي، قيد جو پٿر آهي، ڪورو ڪاڳر آهي، ڪجل جي ڌار آهي، پرينءَ جو پيار آهي ۽ سُونهن جي قطار آهي، شاعري بهار جو گُلاب آهي، صدين جو حجاب آهي، رڳن جو رباب آهي، چهري جو نقاب آهي، ڪروڙن جو حساب آهي، شاعري جتي ساقيءَ جي بينيازي آهي، اُتي رندن جو سوڳ به آهي، شاعري عجب به آهي، بي سبب به آهي ته وڏو غضب به آهي، شاعري انڪار آهي، اقرار آهي، سارَ آهي، معصوم ٻار آهي، گلي جو هار آهي، شاعري رات جو پويون پهر آهي، ويران شهر آهي ۽ اکين جي ڳهر آهي، شاعري وقت جو ويل آهي، ڳوڙهن جو ميل آهي. ها! شاعري مئخانو آهي، پئمانو آهي، افسانو آهي، شاعري مسجد آ، مندر آ، گرجا گهر آ، شاعري ادا آهي، ابتدا آهي ته انتها به آهي، شاعري حسرت آهي، محبت آهي، نفرت آهي، حقارت آهي، شرارت آهي، حرارت آهي! شاعري وطن آهي، ديس آهي ، ڌرتِي آهي، ثقافت آهي، ٻولي آهي، پرولي آهي،! ها! شاعري ماءُ جي لولي آهي! جيڪڏهن آهي ته شاعري سڀ ڪجهه آهي، اگر ناهي ته شاعري ڪجهه به ناهي!! شاعري ڪيفيتن جو اهو رنگ آهي جيڪو جنهن تي چڙهي ان کي باغ و بهار بنائي ڇڏي، جنهن تي نه چڙهي اُن کي بي جان بُت ۽ بيزار ڪري وجهي! سو انهن سمورن رنگ برنگي ڪيفيتن جا تجربا شاعراڻن لفظن ۾ نئين ٽهيءَ جي نرالي شاعر نثاراحمد ناز جي هن شعري مجموعي ”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ سمايل آهن. جن کي جنهن انداز ۽ حالت ۾ هن ڏٺو ۽ پرکيو آهي ، تيئن ئي انهن تجربن ۽ مشاهدن کي شاعراڻو ويس پارائي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي، ڪتاب”توسان ڪهڙيون ريسون“ ۾ نثارناز پنهنجي اندر جا اظهار، درد، احساس، انهن جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون ، مختلف پيڙائون، ڌاريائپ ۽ پنهنجائپ جون ڪيفيتون کولي بيان ڪيون آهن. سندس شاعريءَ ۾ قومي، سماجي ۽ احساساتي حقيقت نگاري جا عڪس بلڪل چٽا نظر اچي رهيا آهن . حقيقت اها آهي ته پڙهندڙ ۽ تخليقڪار جي وچم ۾ لاڳاپي جو احساساتي رشتو تڏهن ئي جُڙي ٿو، جڏهن تخليقڪار پنهنجي تخليق کي گهڻي حد تائي ذاتي مشاهدي جي چادر ۾ ويڙهي ٿو، نثار ناز ان ڪوشش ۾ ڪيتري ڪاميابي ماڻي آهي، اهو اندازو پڙهندڙ ئي لڳائي سگهن ٿا.
    آئون سمجهان ٿو ته نثاراحمد ناز جي انگ انگ ۾ وطن دوستي سمايل آهي، ۽ هو پاڻ کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن آڏو جوابده سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ وطن ۽ ان جي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جي ڏُکن۽ تڪليفن کي بيان ڪرڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي . سنڌي شاعريءَ ۾ زير نظر مجموعي جي شموليت سان گڏوگڏ هڪ وڌيڪ اهل ڪتاب شاعر دوست نثاراحمدناز جي موجودگيءَ جو احساس يقينن سنڌي شاعريءَ جي سمنڊ ۾ لاڀائتو قطرو ثابت ٿيندو ۽ پڙهندڙ شاعريءَ جي سمنڊ جي ان قطري جو ذائقو محسوس ڪندا رهندا.

    اعظم ڀٽي
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان
    11 ڊسمبر 2013


    • نثار احمد ناز جِي شخصيت ۽ شاعرِي

    غزل، نظم، وائِي مطلب ته شاعري جي ڪھڙي به صنف کي نثار احمد ناز جو قلم جڏھن ڇُھي ٿو ته ان ۾ روح ڦوڪي ٿو ڇڏي، سندس شاعري ۾ انيڪ موضوع، نوان استعارا، نيون تشبيھون، خيالن جي گوناگونِي، لفظن جِي چونڊ ۽ پسمنظر دل جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيندو آھي.سندس شاعري ۾ زندگي سان لاگاپيل ڪھاڻين،قصن سان گڏ ڌرتي جو درد سمايل آھي. ائين چئجي ته سائين نثار احمد ناز جي شاعري جو محرڪ سُونھن ۽ سنڌ آھي. رات جي راڻي جي خوشبو جھڙو ھي شاعر طبيعتن سھڻو،سٻاجھڙو،سادگي پسند،مخلص ۽ صوفي صفت انسان آھي. پاڻ ھڪ ئي وقت سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ، ينگ رائيٽرس فورم سنڌ،سوشل ميڊيا فيسبوڪ سان گڏ سنڌي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه لاءِ ڏينھن رات پاڻ پتوڙي پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رھيو آھي۽سندس سماجي خدمتون به ڪنھن کان ڳُجھيون نه آھن. دعا آھي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو ھِي سھڻو زنده دل ڪَوِي ھميشه پنھنجين لکڻين سان سنڌ ۽ سنڌي شاعري جي سينڌ سنواريندو رھي.شال وڏي ڄمار ماڻي،ھمڀشه خوش رھي. آمين.

    وسيم آڪاش سيتائي
    سيتاروڊ/دادو


    • شاعريءَ جو ڪو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراجَ!

    سچ پڇو ته اڄ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ڇو ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام اڄ سنڌ سلامت پبليڪيشن ذريعي پهريون ڪتاب پيش ڪري رهي آهي. وڏي خوشي ان ڪري به ٿي آهي جو هي پهريون ڪتاب به سنڌ سلامت جي سرواڻ نثار احمد ناز جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. سنڌ سلامت گذريل چئن سالن کان انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي خدمت ۽ ترقي لاءِ ڪوشان آهي ۽ سنڌي ڊجيٽل ڪتاب گهر ذريعي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن کي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائي رهي آهي.
    نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ شاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافوثابت ٿيندو. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳُجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئِي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز هڪ محبتي ماڻهو آهي ۽ جڏهن به ٽنڊي محمد خان وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ملاقات جو موقع ضايع ڪرڻ کي گناهه سمجهندو آهيان، جيڪڏهن ملاقات نه به ٿئي ته فون تي عليڪ سليڪ ضرور ٿيندي آهي. سنڌ سلامت جي سرپرست هجڻ جي ناتي هُن سان اڪثر صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن ۽ پاڻ اسان اڻڄاڻن ۽ سيکڙاٽن جي هر وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.
    نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هنڌ ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره، هدايتڪاره، فلمساز، ۽ انٽرنيشنل ڪيليبر جي مالڪياڻي سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حدتائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم،
    سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم.
    جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:

    مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن!
    سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن!

    منهنجو بر پيو وسي سُهڻو ٿر پيو وسي،
    مُنهجا مارو مٺا مونکي ڍاوا کپن!

    سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
    اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!

    غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ هوندو اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر ايندو آهي . سندس شاعريء ۾ مجازجورنگ به عيان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.
    ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين،
    شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين!

    تنهنجي جَلِون ۾ مگن ساري هي دنيا آ،
    ورنه! هُئي سُونهن ڪِٿي رُوپ سجائڻ تائين.

    جيڪا هِي مهڪ اُٿِي تُنهنجي بدن مان پيارا،
    مون لئه ڪافِي آ سڄڻ دل ۾ سمائڻ تائين.

    مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارؤ،
    مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين.
    نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.
    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون،
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون،
    سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر،
    بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون.

    اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعاآهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي . آمين

    محمدسليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    سچل ڳوٺ ڪراچي


    • دير آيد درست آيد

    نثاراحمد ناز عمر جي حساب سان منهنجي هٿن جو ٻار آهي، پر آئون شاعريءَ جِي کيتر ۾ کيس سدائين استاد جو درجو ڏيندو آهيان، هميشهه محبتون ورهائڻ واري هن شخص منهنجي شاعريءَ جي فني توڙي فڪري اصلاح هر موڙ تي ڪئي آهي ، سدائين پاڻ پتوڙي پنهنجي ذات کان هٽي ڪري ٻين جي همت افزائي ڪرڻ واري نثاراحمدناز جي شاعري ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو هر پڙهندڙ چاهيندو آهي، فصاحت ، بلاغت ۽ رواني ۾ نثارناز جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هڪ ته سندس من موهيندڙ شاعري ٻيو وري سندس اندازِ بيان، به نهايت ئي دلڪش ۽ وڻندڙ آهي. پاڻ هرفن مولا شخصيت جو مالڪ آهي، سندس هڪڙي اهم خوبي آئون به ڄاڻان ٿو اها آهي ته سنڌي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جو ڄاڻو آهي انهي خوبيءَ جي ڪري پاڻ ڪافي دوستن کي شاعري،۽ نثر وارا ڪتاب بنا ڪنهن معاوضي جي ڪمپوز ڪري ڏنا آهن. نثاراحمد ناز جو ڪتاب ڪافي اڳ ۾ ئي اچڻ کپندو هو، خير نثار ناز جو هي ڪتاب“ توسان ڪهڙيون ريسون ”يقينن پڙهندڙ لاءِ هڪڙو انمول تحفو ثابت ٿيندو. کيس صاحب ڪتاب ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مُبارڪون ڏيان ٿو، ۽ اميد ٿو ڪريان ته نثارناز پنهنجي قلم سان سدائين ناتو نڀائي سنڌ جيجل جو مان ۽ شان وڌائيندو رهندو.

    محمد سومار ملها ر
    حاجي سڀاڳو فقير گهٽي،
    بهراڻي پاڙو ٽنڊو محمد خان.


    • اسان جو ناز تي ناز آهي !

    حيدرآباد ضلعي جي خوبصورت ننڍڙي شهر هوسڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ خوبصورت شاعر نثاراحمد ناز، پنهنجي شاعريءَ جي ڪري ساري سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس سوچون ترقي پسندانا ۽ روشن خيال آهن. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ٻوليءَ جي وقار لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ماڻهن ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو. نثاراحمد ناز ڪهڙي به عهدي تي رهي ڪم ڪيو هوندو ته هڪڙي محنتي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي مقصد کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايو هوندو، هُن عهدن کي ڪڏهن به اهميت ناهي ڏني، سنڌي ادب جي حوالي سان هن اڻ ورچ ٿي پنهنجي ڪويتائن کي ساري دنيا جي سنڌين تائين خوشبوءَ وانگر ڦهيلايو آهي، سندس شاعري مجاز جي رنگن کان وٺي ڌرتي سان محبت جي رنگن سان ٽمٽار نظر ايندي آهي.
    نثار احمد ناز جو هي شعري مجموعو ”توسان ڪهڙيون ريسون“ پڙهي سنڌي ٻوليءَ جي روشن مسقبل لاءِ ايمان پختو ٿي وڃي ٿو. سندس زير نظر شاعريءَ جي مجموعي ۾ رنڊڪ طور ڪوبه اهڙو شعر نظر نه آيو ، جيڪو ٿورو به سندس تخليقي اُڏام ۾ ڪا ڪمي پيشِي ڏيکاري. کيس سنڌ سان محبتن وارا خيال نئين ٽهيءَ جي تخليق ڪارن جي فهرست ۾ سرفهرست بيهارين ٿا. مونکي نثاراحمد ناز سان ڪوئٽا ۾ گهاريل اهي گهڙيون به ياد پيون اچن جو پاڻ مونکي محبتن سان ڪوئٽا وٺي ويو، جتي سندس ننڍو ڀاءُ محترم نوراحمد سمون صاحب جيڪو بلوچستان ۾ سي ايس ايس آفيسر آهي ان جي سهڪار سان اسان ڪوئٽا جون خوبصورت واديون ۽ ان جا ماڳ مڪان به پڻ گڏجي گُهمياسين.
    نثاراحمد ناز سان سماجي، ادبي ۽ شوبز جي دوستن جون کوڙ ساريون محبتون آهن جو کيس حيدرآباد جي هر ادبي، سماجي ۽ شوبز جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جي هو باقائده سندس شهر ۾ اچي دعوتون ڏئي ويندا آهن، ۽ سائين نثاراحمد ناز جي انهن پروگرامن ۾ ڀرپورشرڪت جو اثر اهو ٿيو آهي جو انهن پروگرامن جا منتظمين سندس شرڪت کان سواءِ سندن پروگرام کي اڌورو ۽ رُکو رُکو سمجهندا آهن. پاڻ هميشهه انهن پروگرامن جي بي لوث بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي تصويري ڪوريج ڪري انهن پروگرامن جو اکين ڏٺو احوال ساري سنڌ واسين سميت پوري دنيا سان ونڊيندو آهي.
    توهان کي ان سان گڏو گڏ اهو به ٻُڌائيندو هلان ته نثاراحمدناز صرف شاعر نه پر، هڪڙو بهترين سماجي ڪارڪن، صحافي، شوبز سان لاڳاپيل هڪڙو بهترين آرٽسٽ به آهي ، ڇو ته هُن ڪي ٽي اين جي ڊرامي ”خوف“ ۽ ان کان علاوه ٻن ٽيلي فلمن،“ يارن سان ڪهڙا ليکا“، طنز و مزاح سان ڀرپور ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ، ۽ مهراڻ ٽي وي جي شاديءَ جي سهرن واري پروگرام کان علاوه ڪيترن ئي وڊيو گيتن ۾ شوقيه طور ماڊلنگ پڻ ڪئي آهي. نثاراحمد ناز پنهنجي بي لوث محنتن جي ڪري مختلفن فورمن پاران ڪافي سارا، مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به ماڻيا آهن. آخر ۾ منهنجي دعا آهي سائين نثاراحمد ناز سدائين زندگيءَ جي هر موڙ تي خوشيون ۽ ڪاميابيون ماڻيندو رهي. آمين

    عبدالغفور سمون
    گهر نمبر 073 نزد سروري جامع مسجد
    سروري محلا هوسڙي شهر ضلع حيدرآباد.
    موبائل نمبر03363299010


    • ناز ناز ڪندي ناز ٿِي ويس!

    نثاراحمدناز سان منهنجي ملاقات لطيف سائين جي نسبت سان ٿي، نثارناز ۽ منهنجي دوستيءَ کي لڳ ڀڳ 30 يا 31 سال ٿي ويا آهن، ۽ ان دوستي ۾ ذري برابر به وڇوٽي ڪانه آئي آهي. نثارناز کان مونکي وڏي ڀاءُ جو پيار مليو آهي ، هي منهنجو محبوب به ته پيارو به آهي، هي تمام شفيق ، نياز نوڙت وارو، دوستي نڀائڻ وارو، پاڪيزه سوچ رکندڙ پنهنجي ذات کان هٽي ڪري ٻين لاءِ سوچيندو آهي، انهيءَ سوچ ڪري هميشه هِنَ هارايوآهي سدائين نقصان پلئه پيا اٿس. منهنجي انهي پڇڻ تي هو کلي چوندو آهي ته ”زُلفي“ پنهنجي لاءِ ته هر ڪو جيئندو آهي پر مزو انهيءَ ۾آهي ته ٻئي ڪنهن لاءِ جيئو وڃي..!
    ۽ آئون به کلي چوندو آهيانس ها! ”ناز“ اها حقيقت آهي ته چڙهندڙ سج جو ته هرڪو پوڄاري آهي پر زنده دلي اها ٿيندي ته ڪير ڪرندڙ جو هٿ سنڀالي ۽ ناز مونکي قسم آهي منهنجي مُرشد لاکيڻي لطيف جو ته تُنهنجا ۽ منهنجا خيال هڪجهڙا آهن. اڪثر ته نثارناز پنهنجي شاعري سواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ جي گڏجاڻين ۽ مشاعرن کان سواءِ ڪونه ٻُڌائيندو آهي پر منهنجي چوڻ تي جڏهن هو مونکي پنهنجي خوبصورت شاعري منجهان ڪجهه ٻُڌائيندو آهي ته آئون پنهنجي کيسي مان بُلڪل ساڳيا ٽُٽل ڦُٽل خيال وٽوڙيل سٽوڙيل پنن تي ڪڍي ڏيکاري چوندو آهيان ته نثار! ساڳوڻا خيال ته هي ڏس مون به لکيا آهن...!!
    شايد نثار ناز منهنجي دل جو آواز يا نثار ناز جي دل جو ڳالهيون اسين ٻئي پنن تي اُتاري ڇڏيندا آهيون جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا رُوح عالم ارواح کان گڏ آهن ۽ اسين ٻئي هڪ ٻئي کي بخوبي سمجهون ٿا! هڪڙي ٻي ڳالهه به ٻُڌائيندو هلان ته نثار ناز جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ بظاهر ته نثار ناز خود لکيو آهي ۽ پنهنجي قلمي پورهئي سان خوب نڀايو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب نثار ناز جو ڪونهي پر ڄڻ اهو منهنجو ۽ منهنجي دل جو آواز آهي . آخر ۾ ائين چوندس ته نثاراحمد ”ناز“ ادب جي دنيا جِي گَپَ ۾ هڪڙو اُجريل، نکريل، سنوريل ۽ اُڀو ڪنول آهي. نثار ناز جي وڏي عمر لاءِ رب سائين جي حضور آئون اڪثر لاکيڻي لطيف ۽ حاجي سڀاڳو فقير آف بهراڻي محلا ٽنڊو محمد خان جي درگاهن تي کوڙ ساريون دعائون گهرندو آهيان ته شال منهنجو محبوب شاعرنثاراحمدناز سدائين پنهنجي پيار ڪندڙن سان بهارون ماڻي .آمين.

    پاڪيزه سوچ رکندڙ !
    ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه دربدر
    جيئل شاهه هائوس ٽنڊو محمد خان


    • پنهنجي پاران! : ڇا لِکِي ڇا لِکان

    جن جن دوستن، ڀائرن ۽ ڀينرن منهنجي ۽ منهنجي هن ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي باري ۾ پنهنجا پيار مون مٿان واريا آهن انهن منهنجي باري ۾ اهڙي ڪا، ڳالهه ڇڏي ئي ڪانهي جو آئون پنهنجي پاران لکي سگهان، سڀني منهنجي واڌو ڪارگُزارين تي نظر ڊوڙائي آهي کين ڪهڙي خبر ته آئون چارئي پلاند چت ڪري هلندڙ هڪڙو ناڪام ترين شخص آهيان، پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ ناڪام رهيو آهيان ! پنهنجي ٻارڙن جي پالنا ۽ پرورش ڪرڻ منهنجي فرضن ۾ شمار هو، انهن فرضن جي اهم ترين پوئواري ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو آهيان! سدائين پنهنجي باري ۾ چوندو آيو آهيان ته صفا واندو مل آهيان، نه ڪم جو نه ڪاڄ جو دشمن اناج جو!
    ڪڏهن ڪڏهن ڏات جي ديوي شاعريءَ جي روپ ۾ مونسان ڳالهائيندي مونسان محبوبائن جيان ماڻا ڪندي گهڻو ڪُجهه لکائي ويندي آهي، اصل زمين آسمان هڪ ڪرائي ويندي آهي ان زمين آسمان جي هڪ ڪرڻ تي به افسوس ضرور ٿيندو اٿم ته جيڪا شيءَ ڪنهن غريب جي هڪ ويلي جي پيٽ جي بُک ختم نه ٿي ڪري سگهي اها شيءَ وقت جي ڪسوٽي تي ڪوڏين جي ڪچ کان به کوٽي شيءَ هوندي آهي، پوءِ ڀلي اها شيءَ شاعري ڇو نه هُجي؟ ڪي اهڙا به دوست ملندا رهيا آهن جن منهنجي مجاز جي رنگ ۾ رنڱيل شاعري کي پڙهي فوري مونکان اهي سوال ڪندا آهن ته سائين توهان جي شاعريءَ ۾ پيار جو رنگ تمام گهڻو آهي، ڪا محبوبه ته لازمي هوندي؟ هاڻي انهن کي ڇا ٻُڌايان؟ ته سترهن سالن جو هُئس ته شادي جي اڻ ٽُٽ ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويس، اسان جهڙا چريا شاعر اڃان جواني جي سرحدن تي پهچڻ وارا مس هُجن انهن جون لائون لاتيون وڃن ته بابا! انهن جي در تي حضرت عشق (پريمي ۽ پريميڪا) واروڀلا ڪٿان ٿو ٺُڪ ٺُڪ ڪري سگهي؟! لازمي آهي ته اُنهن جون شريڪ حيات هونديون، اسان جي ٻارڙن جون مائون هونديون ۽ سئو ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته اهي ئي اسانجون محبوبائون هونديون...!! منهنجو هڪڙو دوست آهي ديوانو مستانو ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه دربدر اهو منهنجو تقريبن 30 سالن کان وٺي جو دوست آهي، مست الست آهي ڪڏهن ڪپڙا ڦاٽل پير اُگهاڙا، ڪڏهن ميرا ڪپڙا، ڪڏهن ماڻهو هن کي پٿر هڻندا آهن ته وري ڪڏهن هي ماڻهن کي پٿر پيو هڻندو آهي ٿورو هوش حواس کان کسڪيل آهي ڪئين سيارا، اونهارا بهارون ۽ خزائون آيون ذري برابر به اُن جي دوستيءَ ۾ ڪا وڇوٽي ڪونه آئي آهي فرق صرف ايترو ٿيو آهي جو هُو جڏهن بلڪل هوش حواس ۾ هو ته ڪا هِنَ جي محبوبه هوندي هُئي ايتري قدر جو هن انهي محبوبه جا جنم ڏيهاڙا(ادِي کي جَن نڪو ڪَن ادو عشق ۾ انڌو) جي مصداق مختلف ادبي فورمن جي گڏجاڻين ۾ ملهايا ۽ وري جڏهن کان هِن جو هوش حواس هيٺ مٿي ٿيو آهي ته هُن اصل مونکي پنهنجو معشوق سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، صُبح ۽ شام جيستائين منهنجي سلامي نه ڀريندو تيستائين سندس سُک چين ۽ آرام ڦٽل هوندو، ان مست مونکان سوال ڪيو ته ناز تون شاعر ماڻهو آهين، لازمي تُنهنجي ڪا پريميڪا هوندي، مون چيومانس ته مست تون گُذريل 30 سالن کان منهنجو دوست آهين اهي عشق ۽ مُشڪ لڪي ڪونه سگهندا آهن، ڪا هُجي ها ته ظاهر ٿي پوي ها، اُن چيو ته نثارناز هڪ نه هڪ ڏينهن تنهنجي محبوبه توکي سڳ سُودو ڳولي ڏيکاريندس، مون چيومانس ته بادشاهه! محبوبه هوندي ته تون ڳولي سگهندين آهي ئي ڪونه ته ڪٿان ڳولهيندين!گُذريل رمضان جي مهيني ۾ جمعت الوداع جي موقع تي رب سائين جي حضور سيس نوائڻ ويس، ته منهنجو عاشق ديوانو مستانو ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه دربدر ميرن ڪپڙن سان بنا وضو ءَ جي مسجد ۾ ڌوڪي آيو، الله سائين جي حضوراُبتا سُبتا سجدا ڪرڻ کان پوءِ منهنجي پاسي ۾ رڙهي آيو ۽ مونسان سُس پُس ڪندي چيائين ته ٻيلي واسطو اٿئي الله جو ڏس مسجد ۾ ويٺو آهين اڄ رمضان جو آخر جمعون به آهي ٻُڌائي ته تنهنجي پريميڪا ڪهڙي آهي؟ ۽ ان جو نالو ڇا آهي؟!! سندس اها ڳالهه ٻُڌي مسجد ۾ ئي مونکان ٽهڪ ڇڏائجي ويو، سڀئي نمازي پنهنجون نمازون ڇڏي مون ڏانهن ڏسڻ لڳا، آئون پنهنجي نماز اڌ مان ڇڏي مسجد مان ڀڄي ويس، چرئي کي ڇا ٻُڌايان ته شايدآئون دنيا جو پهريون ۽ آخري ماڻهو آهيان جنهن جي حصي ۾ پريمي ۽ پريميڪا وارو پيار آيو ئي ڪونه ..!!کيس ڪهڙي خبر ته اسان جهڙا شاعر ڪنهن پريمي جوڙي کي پيار ۾ ڏسندا آهيون ته پنهنجي شاعري ۾ انهن جي پيار کي سمائي ساري دنيا جي پريمين سان ونڍي ڇڏيندا آهيون.!!!
    باقي،ڌرتي سر سرتي جيجل سنڌ سان پيار منهنجي ايمان جو حصو آهي ، اهو ڪو حرامي ٻار هوندو جيڪو جيجل ماءُ سنڌ جو کٽيو کائي، انهي ماءُ سان ويساهه گهاتيون ڪري، انهيءَ ماءُ جي پُٺيءَ ۾ خنجر هڻي پنهنجي لڄ لڄائي...!! منهنجي لاءِ ته سنڌ:
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ، دين مُنهنجو هر ڌرم،
    سوچ مُنهنجيءَ جوسفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم!!
    يا وري
    سنڌ مُنهنجي سوچ جو محور به آهي،
    هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي.
    سنڌ آهي ته آئون آهيان جي سنڌ ناهي ته آئون ڪجهه به ناهيان، جنم جنم جا ناتا سنڌ سان اٿم جيترو به سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪريان اهو گهٽ آهي ڇو ته سنڌ مُنهنجي جنم جنني آهي، سنڌ امڙ سان ئي ڄاتو ءَ سُڃاتو ٿو وڃان ان ڪري منهنجي تخيل جي اُڏارن ۾ سنڌ ڌرتي اول ۽ آخر آهي. جيئن ته مٿي لکي آيو آهيان ته مان ناڪام ترين شخص آهيان پر جڏهن جيجل سنڌ جي نانءُ سان مُنهنجي شاعري سرجندي آهي ته آئون پنهنجي پاڻ کي دنيا جو ڪامياب ترين ماڻهو سمجهندو آهيان جنهن جي دل ۾ سنڌ رچي وسي پئي هُجي اهو ماڻهو ڀلا ناڪام ڪيئن ٿو ٿي سگهي. آئون پنهنجي ننڍي ڀاءُ نوراحمد سمون، پنهنجي موڀي پُٽ محمد علي سمون کي دعائون ڏيندي ٿورا مڃان ٿو ته انهن جي نيڪ ڪمائي ءَ جي ڪري مون جهڙي ريٽائرڊ شخص کي اهو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جو آئون ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ جو صاحب ٿي رهيو آهيان، منهنجي زندگي باقي ڪا وڃي بچي هوندِي آخر هڪ ڏينهن هن جهان کي ڇڏيو هليو ويندس پر مونکي خبر آهي ته جيستائين سنڌي شاعريءَ کي پڙهڻ وارو ڪو هڪڙو اديب، ادب دوست، ليکڪ يا شاعر هوندو تيستائين آئون پنهنجي هن ڪچيءَ ڦڪِيءَ شاعري جي صورت ۾ هميشهه زنده رهندس. آئون شڪر گُذار آهيان پنهنجي شريڪ حيات وقارالنساءِ سمون جو جنهن سڄا سارا 35 سال مون جهڙي چرئي شاعر سان نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان گُذاريا آهن ۽ مونکي پنج خوبصورت تحفا، محمد علي سمون، فرحان علي سمون، شاهزيب سمون ، ڪاشف علي سمون ۽ حواثنا سمون جي صورت ۾ ڄڻي ڏنا، سچ پُڇو ته منهنجي شاعريءَ جي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ هن مُنهنجي ڀرپور همت افزائي ڪئي، ٿورو به ڪتاب جي ڪمپوز ۾ سُستي ڪندو هُئس ته مونکي فوري پڇندي هُئي ته ڪتاب جي ڪمپوزنگ مڪمل ٿي وئي.مُنهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق احمد سمون جون به محبتون وساري نٿو سگهان، مُنهنجي ڀاڻيجي رحمان مصطفى سمون کي به دعائون ڏيان ٿو جنهن به ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ منهنجي تمام گهڻي خدمت ڪئي آئون شڪر گُذار آهيان پنهنجي ڀائرن جهڙي شاگرد آغا جان آغا جو جنهن حقيقت ۾ مون جهڙي سُست ماڻهوءَ کي شاعري جي ڪتاب لاءِ صحيح معنى ۾ اُتساهيو، آغاجان آغا جيڪڏهن مونکان منهنجي شاعريءَ جي روزانه جي بُنياد تي ڪمپوزنگ جي چيڪنگ نه ڪري ها ته ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي سست ماڻهوءَ کان مڪمل ٿي نه سگهي ها، آئون ٿورائتو آهيان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سڀني ميمبر دوستن جو جن سدائين ڪتاب جي اشاعت لاءِ مونکي همٿايو، آئون ٿورا مڃان ٿو محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ٽنڊو محمد خان جي سرواڻ محترم محمد دائود “تاج” ٽکڙائي صاحب جو ۽ ان جي سموري سٿ جو جن هر موڙ تي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون لاءِ مونکي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آئون ٿورا مڃندس ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي سموري سٿ ۽ سرواڻ محترم رفيق عيساڻي صاحب جا ۽ ينگ رائٽرس فورم سنڌ جي سموري سٿ ۽ ان جي چيئرمين محترم غلام مصطفى سولنگيءَ جا جن ڪتاب ڇپائڻ جي سلسلي ۾ مونسان دل گهريو تعاون ڪيو، هتي آئون منهنجي انهن ڀائرن جهڙن دوستن جو ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهندس جيڪي باقائده ڪتاب جي ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ مالي مدد ڪيش ان هينڊ کڻي مون سان هر ممڪن مالي سهڪار ڪرڻ لاءِ اڳيان آيا اهي منهنجا ڀائرن جهڙا دوست آهن ڀاءُ محمد جمن شيخ ۽ ڀاءُ عبدالمجيد سولنگي، منهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي سلسلي ۾ مُنهنجا سڀ گهڻگهريا خوش آهن پر ادا محمد جمن شيخ ۽ ادا عبدالمجيد سولنگي جن جي خوشيءَ جو ڪاٿو ئي نٿو لڳائي سگهجي. سڀ کان وڏو ٿورو مڃيندس سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي منتظم اعلى محترم عبدالرشيد سمون صاحب جو جنهن دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي سائٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پليٽ فارم تان مونکي پبليڪيشن جي صورت ۾ ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جي اشاعت جي اجازت ڏني، دوستو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام مون جهڙي اڻ ڄاڻ کي ساري دنيا ۾ متعارف ڪرايو، مونکي فخر آهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام منهنجو محبتي اڱڻ آهي، آئون سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سموري سٿ جنهن ۾ سائين نثاراحمد ابڙو ، محترم سليمان وساڻ، محترم اسد حُسيني مست ڄامشورائي ، محترم علي ظفر ، محترم ممتاز علي وگهيو، محترم مخدومي زاهد سومرو، محترم فقير وحيد ڦلپوٽو، محترم طاهر سنڌي، محترم مولوي رحيم بخش ڏاهري، محترم عرس پريو ۽ محترم عبدالوهاب قمبراڻي محترم عبدالستار چنا،سائين حاجي مُنير سنڌي پاٽائي مڪي پاڪ سعودي عرب وارو ۽ دوست عبدالغني لوهار قطر وارو، ساحل رام رکيو ممبئي انڊيا ۽ امين سمون لطيف آباد 4 حيدرآباد، ڪهڙا ڪهڙا نالا کڻان سڀني دوستن جا جن سدائين منهنجي ڀرپور همت افزائي ڪئي آهي، پنهنجا بي لوث پيار مون مٿان واريا آهن، مونکي سنڌ سلامت سٿ جي اها پرخلوص آفر اڃا تائين ياد آهي جو سنڌ سلامت جي سڀني محبتي دوستن منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جي اشاعت جو سمورو خرچ محبتن سان پاڻ برداشت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. منهنجي ڪتاب جي خرچ برداشت ڪرڻ جي ٻي بي لوث آفرذاتي طور سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي نائب منتظم محترم علي ظفر به ڏني هُئي جيڪا مون نهايت ئي پيار سان مهربانيون چئي ٺڪرائي ڇڏي هُئي. الله سائين کيس سدائين سلامت رکي . 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مونکي ياد ٿو پوي ته منهنجا ٻه محبتي دوست عبدالستار دانش سومرو ۽ محترم دوست آفتاب احمد ميمڻ جن پڻ منهنجي شاعريءَ کي ڇپائڻ جو بار پنهنجي سر تي کڻي منهنجي ڪتاب کي ڇپائڻ جي صدق دل سان آفر ڏني هُئي ۽ 2000ع جي ڏهاڪي ۾ منهنجي شاعري جي ڪتاب ڇپائڻ جي ٽنڊو محمد خان جي مشهور لطيفي طبي اڪيڊمي جي روح روان محترم محمد يوسف کتري پڻ حامي ڀري هُئي پر شايد قسمت کي انهن دوستن جي پرخلوص آفر منظور ڪانه هُئي جنهن جي ڪري منهنجو ڪتاب انهن ڏينهن ۾ ڇپجي نه سگهيو.
    مون مٿان محبتون وارڻ ۾ منهنجو ڪلاس فيلو دوست استاد عاشق علي پينٽر به سدائين پيش پيش رهيو آهي ان جا پيار به وسارڻ جهڙا ڪونه آهن . منهنجي لاءِ اها ڳالهه انتهائي فخر جي لائق آهي ته منهنجي هن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ ٽي شخصيتون ، منهنجو موڀي ننڍو ڀاءُ سي ايس ايس آفيسر نوراحمد سمون، سنڌ جي نامياري شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ۽ 6 (ڇهن) ڪتابن جي تخليقڪار ۽ ينگ رائٽرس فورم سنڌجو چيئرمين محترم غلام مصطفى سولنگي صاحب اڳتي آيا، ٽنهي شخصيتن جاعليحده عليحده لکيل مهاڳ پڙهي آئون فيصلو نه پي ڪري سگهيس ته ڪنهنجي مهاڳ کي پنهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جي زينت بنايان، سو پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٽنهي شخصيتن جا مهاڳ شامل ڪري هڪڙي نئين روايت کي جنم ڏئي رهيو آهيان، توڻي جو منهنجي انهي روايت سان عام پڙهندڙ طوالت جي ڪري بوريت محسوس ڪندو پر ڇا ڪيان هنن پيارن دوستن جيڪو منهنجي ڪتاب ۽ منهنجي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ پيار اوتيو آهي ان پيار کي آئون مس ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون دلي ٿورائتو آهيان ديس جي بهترين مصور محترم بابر عظيمي صاحب جو جنهن پنهنجي حد کان وڌيڪ تخليقي مصروفيات جي باوجود منهنجي ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون جو فرنٽ ٽائٽل اسڪيچ ڪيو ۽ منهنجي لاءِ ٻه اکر تعارف جي صورت ۾ لکي مونکي اعزاز بخشيو ، ان کان علاوه منهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ وارن ۾ منهنجي ڀاءُ جهڙي شاگرد محترم آغا جان آغا، آئون دل جي گهرائين سان ٿورا مڃيندس سنڌ ڄائي هند ۾ رهندڙ جڳ مشهور فنڪاره، گلوڪاره ۽ شاعره سانئڻ ”ڪوشِي لالواڻي“ صاحبه جو جنهن منهنجي ڪتاب ’توسان ڪهڙيون ريسون‘ لاءِ ٻه اکر ممبئي انڊيا مان اي ميل ڪري موڪليا ۽ منهنجي ڪتاب جي سُونهن ۽ سوڀيا وڌائي، 6 ڪتابن جي تخيلق ڪار محترم رمضان دلدار چڍڙ، ڪتاب ’چنڊ بنا آڪاش اڌورو‘ ۽ ڪتاب ’توکي ياد ايندس مان‘ جي تخليق ڪار محترم آڪاش ٽکڙائي، ڪتاب ’عڪس گُل‘ جي تخليق ڪاره محترم گل بيبي شاهه بخاري، شاعري جي ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ جي سهڻي تخليقڪار مور ساگر، فيس بُڪ جهڙي خوبصورت فورم جي اردو سنڌي شاعري جي حوالي سان ڄاتل سُڃاتل خوبصورت شاعره سانئڻ صنم نجيب صاحبه، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم اعظم ڀٽي صاحب، ايندڙ شاعريءَ جي ڪتاب ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ جي سهڻي تخليق ڪار محترم وسيم آڪاش سيتائي آف سيتا روڊ، دادو ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) محتر محمد سليمان وساڻ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سينئر ميمبر محترم محمد سومار ملهار، هوسڙي شهر جي محبتي دوست عبدالغفور سمون، ۽ منهنجي عاشق پرواني مستاني ذوالفقار زلفي خاڪي شاهه جن جو جن مون مسڪين شاعر جي شاعري کي پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽائن سان نوازيو.
    جيئن ته آئون پروفيشنل ڪمپيوٽر ڪمپوزر ڪونه آهيان ان ڪري منهنجي هن شاعري جي ڪتاب ”توسان ڪهڙيون رِيسون“ ۾ فني حوالي سان يقينن ڪافي ساريون پروف جون غلطيون ضرور ٿيون. اڄ کان پنهنجي هن ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ جيڪو هڪ قومي امانت آهي کي قوم جي حوالي پيو ڪريان مونکي يقين آهي ته پڙهندڙ منهنجي ڪتاب کي پڙهي منهنجي مناسب اصلاح ڪندا، ۽ منهنجون هن ڪتاب ۾ اڻ ڄاڻائي جي ڪري ڪي غلطيون ٿيون هُجن يا ڪنهنجي ڪا دل آزاري ٿي هُجي ته انهن غلطين کي درگُذر ڪري مونکي معاف ڪرڻ فرمائيندا.
    ڪانڌ ٻين ڪيترا مون ور وڏي کاند،
    پاڻان ڍڪي پاند، ڏسي ڏوهه اکين سين.(شاهه)

    نثاراحمد ناز
    حوا پيلس بهراڻي پاڙو
    ٽنڊو محمد خان سنڌ.
    03332804253


    نثري نظم، آزاد نظم، نظم

    • حمديه وائي

    طلبگار تُنهنجي آهيان.

    مون مڃيو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.

    وائِي ٻِي نه ٻوليان، تُون ئي تُون جِي تنوار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.

    موهِين سارا لوڪَ تُون، جانب جلويدار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.

    ”ڍوليا مُون مسڪين جِي سگهڙو لهجان سار“!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.

    پيارَ تُنهنجي ۾ پاڳلڙِي، ناز منجهان نثار!
    طلبگار تُنهنجِي آهيان.
    * * *


    • نعت شريف : نبي جي عشق ۾ جيون

    نبيءَ جي عشق ۾ جيون سڄو گُذري الله سائين
    دُرودِ مصطفى لَبَ تي ۽ دم نڪري الله سائين

    جنت هوندِي حسين يارب خبر آهي مگر دل تان،
    مديني پاڪ جو نقشو نٿو وسري الله سائين.

    نبيءَ جو نُور آ ظاهر صفا روشن سڄي جڳ ۾،
    ازل کان سو ابد تائين پيو نِکري الله سائين

    ڪرم تُنهنجو رهي مولا نبيءَ جو لاڏلو عاشق،
    هزارين پُل صراطن تان کلِي اُڪري الله سائين

    ڪرڻ ميلاد مدنيءَ جو کڻي هڪ نعت جو تحفو
    صُبح کان ”ناز“ هِي شاعر پيو سنڀري الله سائين
    * * *


    • توهان جي به يادن تي پهرا لڳن ٿا

    پرين هِي ڪيڏو،
    ستم ئِي ته آهي،
    توها ن جِي به يادن تي پهرا لڳن ٿا،
    اسان جي بدن ۾،
    وسيل تُنهنجِي خوشبو،
    هتي هي ته نادان کُرچي ڪڍن ٿا !
    اسانجي ڳِچِيءَ ۾ وجهي هي ته ڪپڙو،
    تتل ڌُوپ ۾ ۽ تتل ريت ۾،
    اُگهاڙِيءَ پُٺِيءَ سان اسان کي ٿا گهيلين،
    کڻيو سنگريزا،
    هٿن ۾ هي ماڻهو،
    سدائين اسانکي ٿا، ٽياس ٽنگائين،
    سمُوريءَ وحشت جا بند ٽوڙي،
    سدائين اسان کي ٿا گهاڻي پيڙهائين،
    اسانجو ته ننڍپڻ امانت هو تُنهنجو،
    اسان جي جوانِي ۾ تون پاڻ آهين،
    اسان جي پوڙهپ ۾ پاڇو آ تُنهنجو ،
    اسان ۾ وسين پاڻ ويٺو،
    ڏسين پاڻ ويٺو،
    ڪڏهن ڀِي نه ٿيندي ڪا تُنهنجي پُڄاڻي،
    نه مُنهنجِي پُڄاڻِي،
    پنهنجو پيار هوندو اول کان آخر،
    ظاهر کان باطن ...!
    اول کان آخر،
    ظاهر کان باطن ..!
    * * *


    • هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ

    ماضِيءَ جون مجبوريون ٽوڙي،
    حال جا تازا گُلاب کڻي،
    آئيندي جا سُندر خواب کڻي،
    قلم بنايو ساکِي ٿس،
    ڪتابَ سمورا ساٿِي ٿس،
    هر گام انڌيرا جهيڙي جهيڙي،
    روشنيون سڀ ميڙي ميڙي،
    ڌِيءَ بڻي هُوءَ سنڌ امڙ جِي،
    سنڌ نگر جي لاڄَ رکِي سا،
    علم اُجالا عام ڪندِي،
    ۽ جهالت کي قتلام ڪندِي .
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ.......!!
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ .....!!
    هُوءَ جا نينگر نڪتِي آ.....!!
    * * *


    • ڪُنوار وانگر گهونگهٽ ڪڍِي ٿِي هلي

    مُنهنجي گيتن، مُنهنجي غزلن ۾،
    اڃا آهي ڪَمِي شايد هتي هڪ ڏات جِي،
    جنهن کي ڳولي آهيان ٿڪو،
    پر ! پر تُون جا مُنهنجي ساٿ آهين،
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي،
    توکي ڏسيو گُونجيو پوي،
    منهنجي چپن تان شاعري،
    ۽ ائين ڪوتا مُنهنجي هتي،
    ڪُنوار وانگر گهونگهٽ ڪڍِي ٿِي هلي،
    هڪ نِرالي روپَ ۾،
    هڪ نئين انداز سان،
    تُون جا مُنهنجي ساٿ آهين،
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي ..!
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي ...!
    ڏات مُنهنجي ساٿ آهي ...!
    * * *


    • نه ٽوڙيو خُدارا هي ٻانهُنِ جا گجرا !

    شبنمي سوچن مٿان لڳايو نه پهرا،
    نه ٽوڙيو خُدارا هِي ٻانهُنِ جا گجرا،
    اڃا ڪا فضا مهڪِي به ناهي،
    ۽ ڦهليو به ناهي ڪو انڊلٺ جو رنگ،
    اڃا گُل کڻڻ ڏيو گُلابي هٿن کي،
    اڃا گُلَ کڻڻ ڏيو ڪُنوارن هٿن کي،
    نه پابنديون وجهو خوابن مٿان،
    ۽ سورهان جي ٽين ايج (Teen age)،
    جذبن مٿان،
    ڪنهن پوڙهي جي پلئه ٻڌِي سُونهن کي،
    ڇو ڪچِي ڪلِيءَ کي ٿا سولِيءَ تي چاڙهيو؟
    انا جي ته بُڇڙن هٿن سان گُهٽا ڏئِي،
    ڇو معصوم خوشبوءَ کي ماري ٿا ماريو،
    اڃا گُلَ کڻڻ ڏيو گُلابي هٿن کي ...!
    اڃا گُلَ کڻڻ ڏيو ڪُنوارن هٿن کي ...!
    * * *


    • چپن جا گُلاب

    چپن جا گُلابَ ارپڻ کان پهرين،
    محبتن جا خواب ارپڻ کان پهرين،
    ٿرڪندڙ شباب ارپڻ کان پهرين،
    مٺِي سوچجان، ٿورو سوچجان،
    وفائن جي رستن تي جانان،
    جفائُن جا ٻوٽا ڀي نسرِي پون ٿا،
    بهارن جي موسم ۾ به جانان،
    خزائون ڀي گُهلِي پون ٿيون،
    ثواب جيڪي تُون ارپين پئي هرڪنهن،
    گُناهن جي گنگا ۾ نه ڌوپِي ته سگهندا،
    شرابن جي ارپڻ جون،
    تُون ڳالهيون ڇڏي ڏي،
    شبابن جي ارپڻ جون تون ڳالهيون ڇڏي ڏي،
    ڪو مدهوش بڻجي،
    تُنهجي دل جو شيشو نه ٽوڙي وجهي،
    تُنهنجي دل جو شيشو،
    جي مٺڙِي ٽُٽي پيو ،
    ته جِي مان به نه سگهندس،
    ۽ پن ڇڻ جي موسم وانگر،
    وڻن جي پنن جيان، ڇڻِي مان به پوندس،
    متان ڪنهنکي ڀلجِي،
    چپن جا گُلاب ارپين،
    متان ڪنهنکي ڀُلجي،
    تازا ۽ ڳاڙها گُلاب ارپين،
    متان ڪنهنکي ڀُلجِي،
    پويتر شباب ارپين،
    متان ڪنهن کي ڀُلجِي
    اکين جا شراب ارپين ....!


    • اڃا زُلف هرڪنهن سان رانديون ڪيان ٿو

    اڃا ڪا ڪهاڻي نه سرِجِي آ مَنَ تي،
    اڃا غم جا پيالا نه پيتا ٿم سجني،
    اڃا ڏُک نه ڪوئِي ڪو پنهنجو ڪيو ٿم،
    اڃا دل لڳائڻ جي نه عادت ڇڏي ٿم،
    اڃا زُلف هرڪنهن سان رانديون ڪيان ٿو،
    اڃا هر ڪويلِيءَ جِي ٻولِي ٻُڌان ٿو،
    اڃا هِنَ نه ڌرتِيءَ جا سڏڙا ٻُڌا ٿم،
    نه سنڌڙيءَ جي جوڌن پُٽن ۽ ٻاگهل ڌيئن جا،
    ڪي لاشا کنيا ٿم،
    اڃا وقت مون تي هِي جاڙون ڪري ٿو،
    ۽ ڌارين جي سٿ ۾، مون پنهنجي کي ڳولي،
    ميارِي ڪري ٿو...!!
    ميارِي ڪري ٿو..!!
    ميارِي ڪري ٿو..!
    * * *


    • شاداب گُلن جون ٻاريون پوکي

    جنم جنم کان ڀُونءَ مان تُنهنجي،
    نانءُ سان ماتا،
    جُڙيل آهيان جڙيل رهندس،
    آ وچن اي سنڌ امڙ،
    ڪنڊا تُنهنجي گُلشن مان،
    مالي بڻجي ڪوري ڪڍندس،
    وستِي وستي شاداب گُلن جون،
    ٻاريون پوکي او سانئڻ،
    سُونهن سُونهن، خوشبو خوشبو،
    تُنهنجي نگرِي خوب نکاريندس،
    ساهه پساهه هر حال ۾ سانئڻ ،
    واري توتان واريندس،
    سرويچ بڻي هر جُڳ ۾ سنڌڙِي،
    جنگون جوٽي،
    مڪارن سان غدارن سان،
    ويڪو سڀ وڏيرن سان،
    وڙهندو، وڙهندو، وڙهندو رهندس،
    ڪنڌ ڪپائي تولئه جيجل،
    سينڌ تُنهنجِيءَ کي سائو رکندس...!!!
    * * *


    • عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو

    عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو،
    اچو ته گڏجِي سڀئي ملهايون،
    ثقافتن جا امين بنجي ،
    نڪور نت ڪي نکار آڻيون،
    ڪُلهي ۾ پائي سنڌِي هِي اجرڪ،
    مٿي تي ٽوپيون سنڌِي به پايون ،
    مُشال ٻاري هتي ته سنڌ جي،
    گِهٽِي گِهٽِيءَ ۾ اُجالا هرهنڌ علم جا آڻيون،
    جشن جا گيت اچو ته نغما،
    سنڌِي سنڌياڻيون ،
    سنڌ وطن جا ڳايون،
    نوان ڪي ناتا مٺِي ته سنڌ سان،
    وري نڀائي وري نڀايون،
    ائين سموري سنڌ کي سنڌيو،
    نئين سري کان،
    ستن رنگن سان، ستن سُرن سان،
    وري سجائي وري سجايون !!
    * * *


    • ڄامشوري جي جُهڙاليِ شام

    يادگيرين ۾ سراپا
    حُسن تُنهنجو ائين جرڪي،
    سج بَکي ٿو بادلن جي اوٽ مان،
    ڄڻ عڪس پنهنجِي روشنيءَ جا،
    يادگيرين ۾سراپا،
    سُونهن تُنهجي ائين جرڪي،
    زرد نيري سج لٿي جا ،
    ڄڻ ته ڪرڻا رقص ڪن ٿا،
    هر سنڌوءَ جي لهر سان گڏ
    ڄڻ ڪي ڇلڪن مڌ پيالا،
    هت سوين ٿا جام جانان،
    شور دريا جو اُٿي ٿو،
    هيرَ ٿڌڙِي جا لڳي ٿِي،
    اُف! اُف اچي ٿو ياد ڏاڍو،
    نانءُ تُنهنجو نانءَ جانان،
    ڄام شوري جِي جُهڙالِي شام توبن،
    ٿِي لڳي ڄڻ زندگيءَ جي،
    آخري ڪا شام جانان ....!
    آخري ڪا شام جانان ...!
    * * *


    • رڳو دهشت سراپيل آهي

    دُنيا داريءَ جي بحرِ بيڪران ۾،
    امن ۽ آشتي ڪٿي لوڪو،
    مسجدن ، مندرن، ڪليسا، گُردوارن ۾،
    هتي انسان نالي جو،
    نه ڪوئِي ماڻهپو آهي،
    رُڳو دهشت سراپيل آهي،
    ڪبوتر جي ئي ڪُکِ ۾،
    وڏو خنجر کُپيل آهي،
    هتي اعتبار نالي جا،
    جنازا روز کڄندا هِن،
    ۽ آپگهاتِي حملن جا ڌماڪا روز ٿيندا هِن،
    هتي پوپٽ جي رنگن جُون نشانيون ،
    ڪي رهيون ناهن،
    پٽي پوپٽ جا ٻئي پرڙا،
    هنڀوڇيون هاڻ هڻبيون هِن،
    نه نانِيءَ جي ڪا آکاڻي،
    نه نانِي ئي رهي آهي،
    نه ڪاغذ جون هتي ڪشتيون،
    بنائڻ ڪو الا ڄاڻي،
    نه مينهن جي مِٺِي دلڪش،
    ڪا مُند رهِي آهي،
    وفا جو ڪنڌ ڪپيل آهي،
    حيا جي ڪرنگهي جو ،
    هڏو ڏس ڀڳل آهي،
    هر ڪو لهجا وڃائي ويٺو آ،
    دلبريءَ ۽ عاشقيءَ جا،
    سُندر سپنا وڃائي ويٺو آ،
    ڪٿي ڀِي هنج رهيا ناهِن،
    رڳو ڪانگن جي ڪان ڪان جِي ،
    وڏي ٻيگِهي متل آهي،
    مُنهنجي صوفين جي هن ڌرتِيءَ تي،
    الا پاپي وڌِي ويا هِن
    ڏسو شيطان پيو شرمائي،
    بُجا بدذوق پاپين کي،
    ڏيون يارو اچو هاڻي،
    نئين ڪنهن انقلاب جا
    هڻون نعرا اچو هاڻي،
    اسان جا هٿ وڍيل ناهِن، اسانجا چپ سُبيل ناهن...!
    * * *


    • موهن جي دڙي جي مان تاريخ بڻجِي.!

    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
    حَدِ ديوانگِي ڇُهڻ مان ٿو چاهيان،
    پيل گَجُ بدن تي سنڌِي ڀرت وارو،
    پيرن ۾ پاتل جُتي ٽونئر وارِي،
    کنيل ڪَڇَ تي گهاگهر مٿي تي دِلو پڻ،
    هلي ڊيل وانگر هُو لوڏا وڏا ڏئِي.
    تنهن سنڌِي نياڻي جو اسڪيچ ٺاهي
    ڪا تصوير سُهڻي،
    مان آئل (Oil) سان پينٽي،
    يا واٽر ڪلر ۾ بنائڻ ٿو چاهيان،
    موهن جي دڙي جِي مان تاريخ بڻجِي،
    تراشڻ ٿو چاهيان تنهن نچڻيءَ جي مورت،
    جيڪا بُک ۾ بدحال وئشا بڻي آ،
    تنهن معصوم مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت،
    ڀري ڇند وڌيا کي پنهنجي ڪلا ۾،
    ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
    تنبوري جي تارن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان،
    ڪبير جا دوها، ڀٽائيءَ جون وايون،
    رمزون سچل جون سڄا راز کولي،
    سامِي سڀن کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان،
    تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان ،
    اُڀ ۾ مان اُڏرِي امن جو پکيئڙو
    چنبي بازَ کان ڀي،
    ڇڏائڻ ٿو چاهيان،
    وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه ؟
    سڄو چنڊ ڌرتِيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان،
    ۽ جُهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
    آٿت وڏِي تنهن کي ڏيارڻ ٿو چاهيان،
    مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
    خوشيون سڀ دنيا ۾،
    ورهائڻ ٿو چاهيان،
    وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
    نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان،
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي،
    حدَِ ديوانگِي ڇُهڻ مان ٿو چاهيان.
    ڇُهڻ مان ٿو چاهيان...!
    ڇُهڻ مان ٿو چاهيان...!
    ڇُهڻ مان ٿو چاهيان...!
    * * *


    • ڀلي ڪريو اسان کان دُوريون

    ڀلي اسان سان وفا جي ناتن،
    ڀلي اسان سان اکين جي ناتن،
    دلين جي ناتن، کلڻ جي ناتن،
    روئڻ جي ناتن جِي وڙهي ڪريو،
    سڀ پُڄاڻيون سائين،
    اسان توهان جي جوڙ جيڏا،
    نه ڪلهه هُئاسين،
    نه اڄ به آهيون، نه سڀاڻي سائين،
    اسان وقت ويرِيءَ جي ظالم هٿن ۾،
    کِلِي سدائين دلبريون وڃايون،
    عاشقيون وڃايون،
    سڀني اسان جي سچائين کي جانان،
    بُزدلي ڄاتي، آڪُوڙ ڄاتو،
    ڀلي ڪريو ڪنارا اسان کان،
    اسان سدائين ٽنگيل ٽياسن،
    اسان سدائين چِٽيل نشانن،
    اسان جِي اوقات ڪڏهن اڌُورِي،
    ڪڏهن ته ڳولي لڀي نه سائين،
    ڀلي ڪريو اسانکان دُوريون،
    ڀلي ڪريو رُساما سائين،
    اسان توهان جي جوڙ جيڏا،
    نه ڪلهه هُئاسين نه اڄ به آهيون،
    نه سڀاڻي سائين،
    اسان جي سوچڻ ،
    اسان جي سمجهڻ کان ،
    توهان جُون سوچون صفا وڏيون هِن،
    توهان جا جذبا وشال آهن،
    جُتيءَ توهانجِيءَ ۾ پيرَ سائين،
    ڀلا ڪيئن پايون،
    ممڪن ئي ڪونهي،
    توهان جون سوچون نوان اُجالا،
    اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
    توهان جي چؤڌار لڳل قطارون،
    توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن،
    اوهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان،
    قسم سان آتو جهان آهي،
    اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئِي،
    اسان سان ناتا نه ڪوئِي ڳنڍيندڙ،
    اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
    ملي نه جنهن مان او ! هٺيلا،
    نه ڀڳڙن جِي مُٺ ڪائِي ،
    اسان اڻ ڄاڻ رستن، دڳن جا رولاڪ آهيون،
    اڪيلائي جي آسمان جا ٽُٽل ستارا،
    وقت جي نيلام گهر ۾،
    اسان وڪاميل غلام آهيون،
    اسان خريديل غلام آهيون،
    اسان تي ٻوليون وفا جون جانان،
    لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
    وفا جون ٻوليون لڳائڻ کان پهرين،
    اهو ته سوچيو،
    وقت نيلامي پڄاڻِي ٿِي ويو،
    توهان جا دڙڪا، توهان جي ڪاوڙ ،
    اکين تي سائين،
    اسان توهان جي جوڙ جيڏا،
    نه ڪلهه هُئاسين،
    نه اڄ به آهيون، نه سُڀاڻي سائين .....!
    * * *


    • انصاف جِي ديوي (Goddesses of Justice) جي نانءُ

    انصاف جِي ديوي اوري آ،
    آ تُون اکيون پُوري آ،
    پنهنجي هٿن ۾ ميزان کڻي ،
    ڪارِي پَٽِي اکين تي چاڙهي،
    انصاف کي ڀڃِي ڀوري آ،
    خُونِ وهي مظلوم جو سجني،
    هي ظُلم اڃا سگهيارو ڇو؟
    ڏِيئا ڏِيئا لاٽَ پيا ٻاريون،
    گهنگهور اڃا انڌيارو ڇو؟
    پنهنجي ساري جيون کي پيا،
    ويا ڪُل وياڪُل ڀانيون،
    اهڙي فضا ۾ رنگ رسيلِي او ڳهيلِي،
    سُر وکيري، سرگم ڇيڙي،
    ڪيئن گيت خوشِيءَ جا ڳايون،
    بارودَ جا پيا دُهل وڄن،
    هت گولين جون شهنايون،
    گولين جون شهنايون ....!
    گولين جُون شهنايون ....!
    * * *


    • سنڌ مٿان آ وڏو ڌاڙو لڳو

    بُوءُ اچي باغن مان رت جِي،
    ڀونئر سڀ باغي ٿين،
    ۽ بهارن ۾ برابر
    گُل نه ڪي پاڇِي بچن،
    سمجهجو، سمجهجو ته،
    آ سنڌ مٿان وڏو ڌاڙو لڳو..!
    ڪُونجڙيون چُٻرن هٿان،
    هت جڏهن کاپِي پَون،
    ۽ ڪانگ سارا هت الاڙي،
    ڍُونڍَ تي ڊاپي پَوَنِ،
    سمجهجو، سمجهجو ته،
    آ سنڌ مٿان وڏو ڌاڙو لڳو..!
    ساز سارا سُروڃائن،
    ڇيرون جڏهن ڇاتيون پِٽين،
    ۽ ڪويليون ڪوڙڪين ۾
    هت جڏهن ڦاسِي پون،
    سمجهجو، سمجهجو ته ،
    آ سنڌ مٿان وڏو ڌاڙو لڳو ..!
    ڌاڙو لڳو...!
    ڌاڙو لڳو...!
    * * *


    • مون پيار ڪيو تن پيارن سان

    مان صدين کان اي سنڌ امان،
    ها! داسِي تُنهنجِي داسِي هان،
    مهراڻ جو پاڻِي پيتو مون،
    مهراڻ جي واسِي واسِي هان.
    مون پيارڪيو تن پيارن سان
    تن ڪينجهر منڇر واران سان،
    منهنجي چاهت ڏاڍي سُندر آ
    مُنهنجي دل ۾ ڪيٽي بندر آ،
    مان سنڌ جي سُهڻي گُلشن جي،
    هڪ نازڪ ننڍڙي ٻاري هان.
    سنڌ ديس ته مُنهنجو آه اُتم،
    سنڌ ديس ته مُنهنجو دين ڌرم،
    سڀ راهون سنڌ جون گُل پاشِي،
    مون لئه سنڌڙي ڪعبو ڪاشِي،
    هڪ جنم ته ڇا هر جنم هتي،
    مان واري سنڌ تان واري هان.
    مان سنڌياڻي، ما سنڌياڻي،
    پوءِ ڇو ته ادا مان بندياڻي ؟
    مان پيار ادا تو آڳر جو،
    مان ڦُول ڪنول تُنهنجي گهر جو،
    تون مار نه مونکي ڀاءُ مٺا،
    مان ڪاري ڪين ته ڪارِي هان.
    تون واڌو ڪاٽو جوڙين ٿو
    اڃا اک نه وڏيرا کولين ٿو،
    سڀ تُنهنجي واڄٽ واري آ،
    جنهن سنڌ ته سموري ساڙي آ،
    ارمان انهيءَ ۾ هر ويلي،
    مان ”ناز“ الاڙي مارِي هان.
    مان سالن کان اي سنڌ امان
    ها! داسِي تُنهنجِي داسِي هان
    مهراڻ جو پاڻي پيتو مون
    مهراڻ جي واسِي واسِي ها.
    * * *


    • آيو ياد توکي تنهنجو ”ناز“ هوندو

    آيا سارَ مُنهنجِيءَ جا سايا جي هُوندا،
    رُڳو هوش پنهنجا وڃايا تو هُوندا!
    چمڪ چنڊ چوڏهين جِي چانڊاڻ هُوندي،
    کُليل تُنهنجي چوٽِي ڪمر تاڻ هُوندي،
    مٿان مست موجن ۾ مهراڻ هُوندِي
    پرين پير تنهن مان پُسايا تو هوندا،
    تڏهن گيت منهنجا ڪي ڳايا تو هُوندا.
    سنڌوءَ مان ته گُذريو ٿڌو واءُ هُوندو،
    وڏو سو وڇوڙِي جو هِي گهاءُ هُوندو،
    سڄي وايو منڊل ۾ پڙلاءُ هُوندو،
    تڏهن پنڌ مُنهنجا پُڇايا تو هُوندا،
    ڪري پنڇي قاصد اُڏايا تو هُوندا.
    جڏهن بانسريءَجو ڇِڙيو ساز هُوندو،
    فقط غم جدُائيءَ جو همراز هُوندو،
    آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز“ هُوندو
    جُهڪِي نيڻ تنهن دم نمايا تو هُوندا،
    ٻه ٽي لُڙڪ روئي وهايا تو هُوندا.
    * * *


    • ڪجهه ٻُڌو

    ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪجهه ته مُنهنجي ٻُڌو،
    مان سڙان سنڌ پئي، سِينڌ کان اڄ سِڌو !
    ڪِيڪَ ڪيٽي بندر جا ڪئِي مُون ٻُڌي،
    دُوڙ مهراڻ مان جا اُڏي مون ڏٺِي،
    ڏاند گهاڻي جيان اک نه کوپا وجهو،
    ۽ ڪنن مان ڪپهه جا به ٻُوڙا ڪڍو !
    هُوءَ نه ڪارِي هُئِي پر دُلارِي ڪُٺِي،
    ڀاوَ ماري وِڌِي ڀيڻ هڪڙِي مِٺِي،
    ڪِيسُ ڏاڍو ٿيو ڪم وِيو ٿِي ڪُڌو،
    ڪو تڏو ڀيڻ لئه ڪنهن نه رُوئِي وڌو!
    خُود ڪُشِي آ بڻي هت ته پاڳل پڻي،
    موت آهي ٿڪو روز لاشا کڻي،
    ڪير چاڙهي ڪُنِي هت نه ڳُندڻ لپو،
    هر زُبان گُنگ آ، آ چپن تي ٺپو !
    هو هزارين سرن جو ته قاتل هتي
    واڳ مُنهنجي الاڙي ٿو مُرڪي وٺي،
    واڇ ٽيڙي وڏيرو، صدين کان ڪَسو،
    رسم جاري اڃا ميرِ جعفر ڏسو!
    ”ناز“ چرين جيان هر گِهٽيءَ گام تي،
    خوب کاڌا پٿر ڀِي کِلي جام ٿي
    لفظ سنڌ سنڌ ڪري هُو ته رت مان رتو،
    ڪاڻ مون لئه جيئو ڪاڻ مون لئه ڪُٺو!
    ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ٻُڌو ڪُجهه ته مُنهنجِي ٻُڌو
    مان سڙان سنڌ پئي سِينڌ کان اڄ سڌو!
    * * *


    • دين منهنجو هر ڌرم

    بندگيِءَ جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم!
    سوچَ مُنهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم !
    امن نالي ڪربلائون ڌارين جون سنڌ مٿان
    روز تبرا ۽ سزائون ڌارين جون سنڌ مٿان،
    نيچ نظرون بد نگاهون ڌارين جون سنڌ مٿان،
    مون ڏٺيون هر روز ڪاهون ڌارين جو سنڌ مٿان،
    هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندِي ، بدگُمان ٿيندا ڀسم!
    چور تنهنجو هيل چڙهتو ڪو هلي ممڪن نه آ،
    هر دروهِي ديسَ ڪڙڪو ڪو هلي ممڪن نه آ،
    ۽ اچانڪ باهه ڀڙڪو ڪو هلي ممڪن نه آه،
    هاڻ سنڌ تي ڌاٻ ڌڙڪو ڪو هلي ممڪن نه آ،
    ڪونه مڃبو ڪُوڙ جي دستور کي او بي شرم!
    ديس مُنهنجي جو لُٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان ؟
    دل ۾ لُنڊيون مَنَ جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان؟
    سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان ؟
    ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم!
    پاڻ پنهنجو اڄ ملهايان ٿِي حَلالِي پُٽ هِتي،
    شعر سنڌ لئه گيت ٺاهيان ٿِي حَلالِي پُٽ هِتي،
    جان گهوري ڪنڌ ڪپايان ٿِي حَلالي پُٽ هتي،
    ٿڃ مٺِيءَ جو قرض لاهيان ٿِي حَلالِي پُٽ هتي،
    هڪ جنم منهنجو ته گهٽ آ، گهورجان مان هر جنم!
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم،
    سوچ مُنهنجِيءَ جو سفر سنڌ کان شرو ع سنڌ تي ختم!
    * * *


    • مِٺِي سنڌ

    مِٺِي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو!
    گهڙِيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
    ٿِي پَسجي شفق ۾ تو جوڀن جي لالِي،
    آهين سنڌ ماتا تون جڳ کان نرالِي،
    توسان چنڊ چوڏهين جي جَلِوَنِ جو ناتو!
    ڏيارِيءَ جي جهر مر ته ديپن جو ناتو!
    قسم آبشارن جي جهرنن جو سانئڻ،
    ۽ نارين جِي چوڙين جي ڇن ڇن جو سانئڻ،
    سدا ساهه توتان آ صدقن جو ناتو،
    وچن سنڌڙي توسان آ وعدن جو ناتو!
    گُلابن جيان تون سدائين ته مهڪين،
    ازل کان ابد تائين جڳمڳ ٿِي جرڪين
    جيئن سج سان سونن ته ڪرڻن جو ناتو،
    تيئن ماءُ توسان آجيون جو ناتو!
    سدا سنڌ ڪهاڻِي ٿي لکجين پنن تي،
    سدا گيت بڻجي ٿي گونجين چپن تي،
    ڳنڊيو ”ناز“ توسان آشعرن جو ناتو،
    هي نغمن جو ناتو هي نظمن جو ناتو،
    مِٺِي، سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو،
    گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو!
    * * *


    • طرح مشاعري ۾ پڙهيل مزاحيه نظم

    گجر ٿي وياسين بصر ٿِي وياسين
    مُڏِيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿِي وياسين!
    سچو پيار بيگم چيو ڪِٿِ مليو آ،
    چيم ڪُوڙ ڪيڏو چَرِي تو گهڙيو آ،
    اسان قُرب ايڏو تکيرو ونڊيو آ،
    تڏهن ڌڻ ٻچڻ جو اسان هِي ڪڍيو آ،
    مِٺِي ڏس ته ٻن مان ولر ٿِي وياسين!
    ڪنڌارِي به سڏجون، ڪُٺل يار آهيون،
    ايئن پنهنجي لاري لڳل يار آهيون،
    اسان ڊيٽ عاشق ڦِٽل يار آهيون،
    اسان روز سينڊل سٽيل يار آهيون،
    وڏا بي شرم پر مگر ٿِي وياسين!
    اسان بي حيائِيءَ حدون سڀ ٽُپيون هِن،
    اسان هر خُوارِيءَ جو کاريون کنيون هِن،
    اسان عمر ساري پرايون تڪيون هِن،
    اسان تلخ ڳالهيون اسان کي چيون هِن،
    اسان معاشري جا گٽر ٿِي وياسين!
    وڄائي ته تاڙيون هو ٽِي جنس وارو،
    اچِي گهر گِهٽِيءَ تي ڪري ٿو اشارو،
    لڳين ”ناز“ مونکي ٿو ڏاڍو پيارو
    چوي روز هئه هئه لڳائي ته نعرو!
    ”توهان جي نظر جي نذر ٿِي وياسين“
    گجر ٿي وياسين بصر ٿِي وياسين
    مُڏِيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿِي وياسين!
    * * *

    ____
    محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران ڏنل طرح (سٽ) توهان جي نظر جي نذر ٿي وياسين تي لکيل نظم !


    • ويڙهه تنهنجي وهڪري لاءِ

    ويڙهه تُنهنجي وهڪري لئه هرگهڙِي هر پل ڪيون!
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون!
    آ ٽنگيل خالي پَلي کان تنهن ته کارِي ءَ جو قسم،
    رُت رُني آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکارِيءَ جو قسم،
    ٿِي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز واريءَ جو قسم،
    ۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ سارِيءَ جو قسم،
    خُونَ جِي ڀيٽا ڏئِي اڄ ريت تُنهنجي شل ڪيون!
    ڪوٽڙِِيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم،
    ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم،
    بيٺلن خالي بتيلن جي قطارن جو قسم،
    ۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم،
    ڳاٽ اونچي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏِي مشعل ڪيون!
    شل وهي سنڌو سدائين خوب پاڻِيءَ جو قسم،
    ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻيءَ جو قسم،
    ”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻِيءَ جو قسم،
    ۽ تماچي تڙ ڌڻِي نُورِي نماڻِيءَ جو قسم،
    هڪ ڪنڌِي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي ول ڪيون،
    معاملو مهراڻ تنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون!
    * * *


    • اڄوڪا ڪري جام دلبر جي نالي

    پُراڻن مَٽن مان ۽ پنهنجي هٿن سان،
    اڃا يار ساقِي ڪي مَڌ جا پيالا،
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،

    اڄوڪا ڪري جام دلبر جي نالي،
    چُڪِي ڪا سوائِي ڏِجان تون سنڀالي،
    نشا نينهن جا اڄ، چڙهن ڪي نِرالا،
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،

    ڀلا ڇو انڌيرو، سڄو مئه ڪدو آ؟
    هِتي جو ته ماحول ڇا لئه ٿڌو آ؟
    چڱو! دل کي ٻاري ڪندس مان مشالا،
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،

    پيارڻ ۾ توکي لڳي ڪا جي اوکِي،
    سڏي وٺ، سڏي وٺ، مِٺا هُوءَ ته موکِي،
    ٻُڌا ٿم، ڀٽائي کان تَنهن جا حوالا،
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،

    پرينءَ جِي جُدائي اٿم دل تي طاري،
    الا! پيار منهنجو لڳي مُٺ ۾ واري،
    تڏهن ”ناز“ منهنجا ٻئِي نيڻَ آلا!
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،

    پُراڻن مَٽن مان ۽ پنهنجي هٿن سان،
    اڃا يار ساقِي ڪي مَڌ جا پيالا،
    ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي، ڀري ڏي،
    ***


    • منهنجي دل ۾ ويٺو آهين

    مُونکان ڏُور
    ذرو ڀي ناهين
    مُنهنجي دل ۾
    ويٺو آهين...!!!
    ڪجل جيان تو ،
    اکڙين پايان،
    لالِيءَ جيان ٿي،
    لبڙن لايان،
    ماٿي جهومر
    سينڌ سَجايان،
    ٺاهي پنهنجو
    پاکي کي ٺاهيان،
    ديرو تنهنجو
    سنورڻِ مُنهنجي
    مُرڪڻ مُنهنجي
    نِکرڻ تائين...!!!
    مُونکان ڏُور
    ذرو ڀي ناهين
    مُنهنجي دل ۾
    ويٺو آهين...!!!
    ڀاسين ”ناز“،
    حواسن ۾،
    يار اُميدن آسُن ۾،
    مُنهنجي هر پَل
    وِشواسَن ۾،
    عام نه مٺڙا!،
    آن! خاصن ۾،
    آهيان گولِي،
    ٻانهي تنهنجي
    جنم جنم جي
    جُڳَ ۾ سائين...!!!
    مُونکان ڏُور
    ذرو ڀي ناهين
    مُنهنجي دل ۾
    ويٺو آهين...!!!
    ***


    وايون، ڪافيون

    • وايون

    هر ڪنهن جي وِشواس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    تُنهنجو جَلوو قائم دائم،
    هر جُڳَ جي اِتهاس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    هيرا موتِي تُنهنجي دَم سان،
    زمرد ۽ الماس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    خوشبو خوشبو هر هنڌ ڀاسِين،
    گُلڙن، ولڙِين، واس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    منهنجي تَنَ تي قادر تُون ئي،
    مُنهنجي ساري ماس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    چانڊوڪين ۾ جرڪِين چمڪِين،
    ڪارِي رات اُماس جا راڻا!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    ”ناز“ نه هڪڙي، ساري جُڳَ جي،
    يار اُميدن آس جا راڻا،
    توسان ڪهڙيون رِيسون.
    ***

    چاهتن جو سفر!
    شال جاري رهي

    دلبري دم بدم،
    عاشقِي سربسر!
    شال جاري رهي

    گُهورَگهائل ڪري،
    شوخ اهڙي نظر!
    شال جاري رهي.

    ڪاته محفل مچي،
    ڪاش اُن جو اثر!
    شال جاري رهي.

    دوستو دل لڳي،
    هر جنم ۾ امر!
    شال جاري رهي.
    * * *

    واڳ مِٺا جنهن پاسي وارين،
    جيارين چاهي مارين!
    پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.

    بَحرِ جهان ۾ بُرد ڪرين يا،
    تک مان تار اُڪارين!
    پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.

    نفرت ساڻ نهارين يا تون،
    اُلفت ساڻ اُجارين!
    پاڻ هڪيا حاضر آهيون .

    رحم رتِيءَ جا طالب آهيون،
    والِي ڪيمَ وسارين!
    پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
    * * *

    ماکِيءَ کان به مِٺو، مِٺو!
    ڀانيان ٿو محبوبَ توکي.

    سُونهن ۽ سوڀيا جو،
    سنڌ تي مينهن وُٺو، وُٺو!
    ڀانيان ٿو محبوبَ توکي.

    مُک جانان تُنهنجو ڄڻ،
    عيد جو چنڊ ڏِٺو، ڏِٺو!
    ڀانيان ٿو محبوب توکي .

    رابيل گلابن کان به،
    سُندر يارَ سُٺو، سُٺو!
    ڀانيان ٿو محبوب توکي.

    هڪڙي ”ناز“ نثارَ جي،
    آهين قُربَ ڪُٺو، ڪُٺو!
    ڀانيان ٿو محبوب توکي.
    * * *

    سُندرِي تُنهنجي چُنرِيءَ جِي، هاءِ اُڏار،
    موهي ٿِي !

    پدمڻي تُنهنجي ڇيرِ جِي ڇنن ڇمڪار،
    موهي ٿِي !

    البيلِي او سانو رِي، تُنهنجِي شو خَ نِهار،
    موهي ٿِي !

    سجني تون گهونگهٽ ۾،ڄڻ ڪا لال ڪُنوار،
    موهي ٿِي !

    تو ڇَٽا جي ڇوڙيا، ڪڪرن ڇانئِي ڪار،
    موهي ٿِي !

    ٽهڪ گُلابن جهڙا تُنهنجا ”ناز“ رُڳو مهڪار،
    موهي ٿِي !
    * * *

    نازن وارا تُنهنجي ماڻي!
    وڪيو آهيان.

    عشق جي وچ بازارَ ۾
    هاءِ! نينهن جي ناڻي!
    وِڪِيو آهيان.

    مصر ۾ هو يوسف وڪيو،
    آئون سنڌ ۾ هاڻي!
    وِڪيو آهيان .

    مخدوم بلاول واٽَ وٺِي،
    تو لاءِ گهاڻي، گهاڻِي!
    وڪيو آهيان .

    جنهن داڻي بهشت ڇڏايو
    اُنهيءَ ڌاڻي داڻي!
    وڪيو آهيان

    در تُنهنجي جو نوڪر ٿِي به
    ”ناز“ پرين تو راڻي !
    وڪيو آهيان .
    * * *

    هِنَ جُهڙالِي موسَم ۾!
    تُنهنجو ساٿ کپي.

    سانوڻ من ڀانوڻ جِي ته،
    ويلَ سُهانِي پُرنَم ۾!
    تُنهنجو ساٿ کپي.

    هاڻ وڇوڙو وَ ڍَ وجهي،
    اُف! الا ڙي، آگَم ۾!
    تُنهنجو ساٿ کپي.

    آءُ ملهارِي گڏجِي ڳايون،
    ستن سُرن جي سر گَم ۾!
    تُنهنجو ساٿ کپي.

    هٿ هٿن مان نڪري نه
    ”ناز“ خوشي يا غَم ۾!
    تُنهنجو ساٿ کپي.
    * * *

    لولِي لولِي توکي لولِي،
    واسينگن سان ويڙهجان!

    سنڌ پرستي، کنڊ جيان مون،
    تُنهنجي کيرَ ۾ گهولِي گهولِي!
    واسينگن سان ويڙهجان!

    جيئي سنڌ سدائين جيئي
    وائِي ٻِي ته نه ٻولِي ٻولِي،
    واسينگن سان ويڙهجان!

    ڪنڌ ڪپين تن غدارن جا،
    جن جن ماءُ آ سنڌڙي رولِي،
    واسينگن سان ويڙهجان!

    سرويچن سان سنڌ امڙ جِي
    خالِي مُور نه ٿيڻِي جهولِي!
    واسينگن سان ويڙهجان!

    جنگ ڪلاچي ڪُنَ تي جوٽي،
    مارين شل تون واڳُونءَ ٽولي!
    واسينگن سان ويڙهجان!
    * * *

    مشڪلاتون حاصلاتون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.

    اُٿ اُٿي تسخير ڪريون،
    هِڪِ نه پرهِت ڪائناتون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.

    دلبرِي ۽ عاشقِيءَ تي،
    اڄ به آهن تعزيراتون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.

    ڇير پائن، پد مڻيون ۽،
    ڇنن ڇمڪا، ڇن ڇناتون!
    سڀ اسان جي جِيءَسان.

    سنڌ سڄِيءَ ۾ ڳائجن ڪي،
    حق! لطيفِي يار لاتُون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.

    روپَ سُهڻن سانورن جا،
    ”ناز“ چوڏهين چنڊَ راتون!
    سڀ اسان جي جِيءَ سان.
    * * *

    لوڀَ ۽ لاچارِي!
    انسان بدلبو آهي.

    ڏينهن جو اُجالو ڇا؟
    يا رات هُجي ڪارِي!
    انسان بدلبو آهي.

    دين ڌرم جي چولي ۾،
    هاءِ ڙي دنيا داري!
    انسان بدلبو آهي.

    دوکيبازِي، ٻه اکيائِي،
    زارِي توبهان زاري!
    انسان بدلبو آهي.

    خوارِي جِي مٿي تي،
    پڻ خوب کڻِي کارِي!
    انسان بدلبو آهي.

    حق حق ”ناز“ چرئي جو،
    هوڪو هِي هاڪاري!
    انسان بدلبو آهي.
    * * *

    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.

    سچائين جو ڏگرو نڪري،
    ڪوڙا تُنهنجِي سارِي سارِي!
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.

    اَڇِي اُجري هُوءَ جا نياڻِي،
    جرڳي ۾ ٿِي ڪارِي ڪارِي!
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي.

    مارئي تُنهنجا مارو ڀِي،
    توکي سمجهن ڌاري ڌاري!
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بار ضمير جو هلڪو ڙي.

    ڪونجَ نه ايڏو ڪُرنائي لا،
    سَرَ ته سمورا ، مارِي مارِي!
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.

    ”ناز“ اياڻا پيار به تُنهنجو،
    وارِي مُٺ ۾ وارِي وارِي!
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!
    بارُ ضمير جو هلڪو ڙي.
    * * *

    گهر اُجالو بڻي يار ايندين، ديپ سارن کي پيارا!
    پڪو آسرو آ.

    تون اچي او پرين ڪونه ويندين، اعتبارن کي پيارا!
    پڪو آسرو آ.

    کير بڻجي وري کنڊ ٿيندين، پرت وارن کي پيارا!
    پڪو آسرو آ.

    نيٺ ڪاوڙ ڇڏي دل ڳنڍيندين ”ناز“ پارن کي پيارا!
    پڪو آسرو آ.
    * * *

    ڪيڏا هي مڪروه ماڻهو،
    ساڙين هرهر رُوح ماڻهو.
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.

    حُسن جنين جوتاب تجلا،
    ٽهڪِي نڪتا ٽُوهه ماڻهو.
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو .

    اندر ۾ ابليسَ سائين،
    ٻاهر مُوسا نُوح ماڻهو.
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.

    سرگم ڪهڙا راڳ ڳايون،
    پاسي ۾ بدرُوح ماڻهو.
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو.

    بيٺل پاڻِي ”ناز“ ٻو ڙِ ينِ،
    کاڻا اهڙا کُوهه ماڻهو.
    ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو.
    * * *

    لال لهوءَ سان رتول ٿيا!
    ليارِي سارا رستا تُنهنجا.

    بغدادِيءَ کان چاڪيواڙو،
    هيسيل ٻارن ٻول ٿيا!
    لياري سارا رستا تُنهنجا.

    بڪتر بند جي يلغارن ۾،
    خالِي مائرن جهول ٿيا!
    ليارِي سارا رستا تُنهنجا.

    گولين جو اڄ کاڄ بڻي لا،
    گهائل تُنهنجا ڍول ٿيا!
    ليارِي سارا رستا تُنهنجا.

    جلادن جون ٽوليون بڻجي،
    قاتل رستن رول ٿيا!
    ليارِي سارا رستا تُنهنجا.

    ليارِي ڪراچي جي ڏُکائيندڙ حالتن تي لکيل.
    * * *

    الله جا احسان ٿيا!
    عيدَ ملهايان جيڏيون .

    هٿڙن ميندِي لائيان،
    مُحبَ مِٺا مِزمان ٿيا!
    عيدَ ملهايان جيڏيون.

    مهرَ ڪري هُو مُرڪَ جِي،
    مُون مٿان مهربان ٿيا!
    عيدَ ملهايان جيڏيون.

    ٻُڪيون ڏيئي ٻاجهه جُون،
    دردن جا درمان ٿيا!
    عيدَ ملهايان جيڏيون.

    مُون پرين اڄ مونسان سي،
    هڪ دل هڪڙِي جان ٿيا!
    عيدَ ملهايان جيڏيون.

    ڳلَ ڳراٽيون ”ناز“ مِلِيون،
    پرت سندا پئمان ٿيا!
    عيد ملهايان جيڏيون.
    * * *

    تون سپڙ آئون سيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون رِيسُون.

    درشن تنهنجا هر هنڌ لا،
    هڪ هنڌ آئون هيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون رِيسون.

    ٻاڙِي ٻاڙِي جُهڪيو تو،
    جُهڪيو نه آدَمَ جيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون رِيسُون.

    پاڪ پويتر، تون پرين،
    ”ناز“ نه آئون نيڪڙو!
    توسان ڪهڙيون ريسون!


    نوٽ: لاکيڻي لطيف جي سُر پرڀاتِي جي بيت نمبر 17۽ 18 جي (تون سپڙ آئون سيڪڙو ) واري سٽن کان متاثر ٿي هي وائي تحرير ڪئي اٿم.
    * * *

    عشق نه آهي راند.
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.

    هيل وڇوڙو وڍَ وِجهي،
    محب رُٺو جو ماند!
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.

    چاڪَ چِڪن ٿا چاهت ۾،
    روز پُسي ٿو پاند!
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.

    ڀوري ڀتار نه ڀال ڪري،
    ڪهلَ ڪري نه ڪانڌ!
    آ هلڻو پوندو ٽانڊن تي.

    نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي،
    هينئڙو آند ۽ ماند!
    آ هلڻو پوندو ٽانڊ تي.
    * * *

    احساسن کي! آڳ لڳي وئي.
    آڳ لڳي وئي .

    سجني تُنهنجي هيل الا ڇو؟ سينگارن کي!
    آڳ لڳي وئي .

    بدبُو بدبُو شهر سڄو هِي، مهڪارن کي!
    آڳ لڳي وئي .

    مالي ءَ جي نا اهلِيءَ سببان، باغاتن کي!
    آڳ لڳِي وئي .

    ننڊ نڀاڳ جِي اهڙِي آئي، اوجاڳن کي!
    آڳ لڳي وئي .

    جرڳي ۾ حق ڳالهه چوڻ تي، سردارن کي!
    آڳ لڳِي وئِي .

    سنڌ جو سودو ڇو؟ ته پُڇڻ تي، زردارن کي!
    آڳ لڳِي وئِي .
    * * *

    ڌُوتا منهنجي ڌرتِيءَ سان، ڇو ته وڌو ٿئي وير؟
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    تيرِي ميرِي ڪين ته هلندئِي، ٿيڻو آهين ڍير!
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    گيدِي تُنهنجون گُستاخيون، سنڌ نه سهندِي هير!
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    مُرڪون باسي سنڌ سدائين، ڇو تنهنجي مَنَ ۾ مير ؟
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    دوکي جِي ديوار آ ٽُٽڻي، مُور نه ٿيڻي دير!
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    روشن راهون سنڌ جُون ٿينديون، ڊهندو نيٺ انڌير!
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.

    ”ناز“ دُعاڳو سنڌ مٺِيءَ جو، خير پيو گهرندو خير!
    پَوَئِي شَلَ ڪاريهرَ تي پير.
    * * *

    اندر اندر اُجارجان!
    ڏيئا کڻي ته ياد جا.

    سُونهن پنهنجِيءَ کي پرين،
    سنوارجان، نکارجان!
    ڏيئا کڻي ته ياد جا .

    اسان جِي غير حاضري،
    سڄڻ کلِي گُذارجان!
    ڏيئا کڻي ته ياد جا.

    لڳي جي سڪ ملڻ سندي،
    پيارَ سان پُڪارجان!
    ڏيئا کڻي ته ياد جا.

    لکي اسان لئه گيت تون،
    اسان کي ”ناز“ سارجان!
    ڏيئا کڻي ته ياد جا.
    * * *

    ڪي پَلَ ڪنهنجي ڪاڻ،
    شام سُريلا آڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو .

    تارن جِي جهر مِٽِ ۾،
    چوڏهين جِي چانڊاڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.

    اُترَ الا! لا هيل،
    واهُوندو واکاڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو .

    خُوب سجائي رُوپ،
    ايندو ايندو پاڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو .

    ڪنولَ ٽِڙِي رابيلَ،
    خوشبو آڻيو هاڻ!
    ساجن منهنجو شرميلو.

    شال جيئي سو ”ناز“
    محبتَ جو مهراڻ!
    ساجن مُنهنجو شرميلو.
    * * *

    جيئن جيئن پِرهه ڦُٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.

    دهشتَ ساري جڳَ مان،
    خُونِي کيل کُٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.

    دوکي جون ديوارون،
    باقِي ڏينهن ٻه ٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.

    اُجيارا آخر انڌ کي،
    ويندا نيٺ لُٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.

    ڌُنڌ جو بادل سنڌ مٿان،
    سگهڙو ”ناز“ ٽُٽي!
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان.
    * * *

    اڪيلائِي ءَ جو آسمان!
    کڻيو هلين تُون بانورا.

    هئه هئه هماليه جيڏو،
    درد مليو ٿئِي دان!
    کڻيو هلين تون بانورا.

    لُڙڪ لڪائن اکڙيون،
    چپ مٿان مُسڪان!
    کڻيو هلين تُون بانورا.

    هيل وڇوڙو دل چريءَ تي،
    ڄڻ ڪو قهرِي ڪان!
    کڻيو هلين تُون بانورا.

    پُرزا پُرزا ”ناز“ سڀئي،
    پريت سندا پئمان!
    کڻيو هلين تُون بانورا.
    * * *

    پل نه پائي ليئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    هورا کورا جيڏيون،
    وسَ ۾ ناهيم جيئڙو،
    پل نه پائي ليئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    چيٽَ ۾ ايندس هُن چيو،
    هاڻ وڃي پيو سِيئڙو،
    پل نه پائي لِيئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    آهه وساري ويٺو ڄڻ،
    جنمن کان جوڳِيئڙو،
    پل نه پائي لِيئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    ايندو هُو اُميدَ جو،
    روز اُجهامي ڏِيئڙو،
    پل نه پائي لِيئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    نيٺ اُڏامِي ويندو لا،
    مُنهنجو رُوح پکِيئڙو!
    پل نه پائي لِيئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .

    ”ناز“ سدائين خوش هُجي،
    جانب سو جانِيئڙو،
    پل نه پائي لِيئڙو!
    سارَ لڌِي ڪا سانوري .
    * * *

    سڄي مُندَ گُلابن جِي!
    واڳوئُن جي ور آهي.

    ڇا رُوپ ڪوئِي نکري،
    ويلا هِي شبابن جي!
    واڳوئُن جي ور آهي.

    جاهل جو چڙهتو آ،
    هر ڳالهه ڪتابن جِي!
    واڳوئُن جي ور آهي.

    اظهار جِي آزادي،
    ڄڻ حَدَ ڪا حسابن جي،
    واڳوئن جي ور آهي.
    * * *

    هل ته ”حيدر چوڪ“ کان!
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.

    ڄامشوري المنظر کان،
    روڪ بنا ڪنهن ٽوڪ کان !
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.

    ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي،
    نينهن نرالي لوڪ کان!
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جِي.

    شاهه عنايت فلسفو،
    جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان!
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي.

    سنڌ اڱڻ تي انقلاب،
    ايندا قلمَ جِي نوڪَ کان!
    سُونهن ڏيکاريانءِ سنڌ جي.


    ”حيدرچوڪ“ حيدرآباد سنڌ جو مشهور ۽ معروف چوڪ سنڌ سان پيار ڪندڙ شخصيت مرحوم حيدربخش جتوئي جي نانءُ سان منسوب آهي.
    * * *

    لکَ شُڪرانا مالڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    جرڪن اجرڪ ڦلڙيون،
    ٽوپِي سنڌِي هِڪَ ٽِڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    پائي سنڌِي سڀ آئيا،
    سنڌِي ٽوپِي ۽ اجرڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    عطر عنبيرَ کان وڌ ميان،
    سنڌ مِٽِيءَ جِي مهڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    شاههَ جو رسالو سون َ جو،
    چنڊ چنڊ جنهن جا ورقَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    دل جِي ڌڙڪن ۾ ڌڙڪي،
    رُڳو سنڌ مٺِي ڌڪ، ڌڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.

    شَلَ نه سنڌ کان ڌارَ ٿيان،
    پري پل نه ”ناز“ پلڪَ!
    ايڪتا ڏينهن اچِي ويو.
    * * *

    هاڻي ڪريان مان ڪيئن الو ميان!
    ساجن هاڻ پرائو.

    وڇوڙي جُون راتيون آيون،
    وڇوڙي جا ڏينهن الو ميان!
    ساجن هاڻ پرائو.

    هيڪل وِياڪُل منهنجي دُنيا،
    جنم جنم کان جيئن الو ميان!
    ساجن هاڻ پرائو.

    نيڻَ وسن ٿا هر هر مُنهنجا،
    ڄڻ ڪي سانوڻ مينهن الو ميان،
    ساجن هاڻ پرائو،

    ”ناز“ جُهڪائي نظرون پنهنجون،
    نيٺ ڇِنِي ويو نينهن الو ميان!
    ساجن هاڻ پرائو.
    * * *

    پيالو پريت جو پِي!
    پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.

    هڪ پلَ جي هن دنيا ۾،
    قُرب ڪري وٺ ڪِي!
    پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.

    بازِي بلڪل اُن جِي آهي،
    جنهن به جلايو جِي!
    پيارَ بنا هت ڪُجهه به ته ڪونهي.

    دلبرَ جِي تون محفل مان،
    دُور ذرو نه ٿِي!
    پيارَ بنا هِتِ ڪُجهه به ته ڪونهي.

    ”ناز“ لڳائي نعرو هردم،
    حق مؤجودَ جو هِي!
    پيارَ بنا هت ڪجهه به ته ڪونهي.
    * * *

    دل دل دل تُون دل نه ٽوڙ،
    هر ڪا دل آ جهوپڙي.

    ڪاوڙ ڪاوڙ ڪاوڙ بدران،
    جِيءَ ۾ جايون جوڙ!
    هرڪا دل آ جهوپڙِي.

    تُرت وڃِي تون ڇورِي هاڻي،
    پائل پنهنجِي ڇوڙ!
    هرڪا دل آ جهوبڙِي.

    بادل بس ڪر برسڻ کان،
    گوڙون نه ڪر گجگوڙ!
    هرڪا دل آ جهوپڙي.

    ”ناز“ سدائين جاري رکجان،
    جيون جِي جاکوڙ!
    هر ڪا دل آجهوپڙِي.
    * * *

    ”ڪوشِي“ سا لالواڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻِي.

    مُمبئِي نگر جي هنجَ ۾،
    ستن سُرن جِي راڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻِي.

    جاڳ سنڌي جاڳ جا،
    نعرا هڻي نماڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻِي.

    سنڌ ۽ سنڌيت جِي،
    ڇيڙي نئين ڪهاڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻي.

    جُڙئي هُجي شل هند ۾
    مُحبت جي مالڪياڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻي.

    هُوءَ ”ناز“ سنڌ جِي ڄائي،
    ٻولِي جنهنجي ٻاٻاڻِي!
    ساريان ٿو سنڌياڻي.

    هند ۾ رهندڙ سنڌ ڄائي، مشهور ، فنڪاره ، محترما ڪوشي لالواڻي کي ڀيٽا.
    * * *

    سنڌ ديس اٿم سڀاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    ڄامشوري مهراڻ ڪنڌِيءَ
    المنظر مُنهنجو ماڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    ڳايان تنبوري تانَ تي،
    شاهَه لطيف جو راڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    ٻاجهر مانِيءَ ساڻ ميان،
    سرهن ادا مُنهنجو ساڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    هو جمالي همرچي سان،
    گهورون گهوريان لاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    آزاديءَ جي آڌر ڀاءُ لئه،
    اکڙين منجهه اوجاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.

    جوڙ جُڙي به سنڌ امڙ سان،
    سنڌ سان ئي ”ناز“ ڀاڳڙو!
    ساڌو آهيان سنڌ جو.
    * * *


    • ڪافيون

    حسين کان جميل تر سُشيل سنڌ جِي جُوء آ
    هنيون هنيون هُلِي هتي ته موتئي جِي بُوء آ
    لطيف جو ڪو سُر کڻي جڏهن پڙهان ٺريو پوان
    ڪڏهن نه مُور ڍاپجان وري پڙهي پڙهيو پڙهان
    رڳون رباب دوستو رَلِيو نه مُنهنجو رُوح آ
    مَچِي ته مچ مچي ته ڇا جَلِي بدن جلي ته ڇا؟
    نه حوصلو ٿو هارجي درد پيو وڌي ته ڇا؟
    تپي ٿا لوهَه لڱ ٿين لڳِي جڏهن به لُوء آ
    هٿن ۾ پنهنجي گُل کڻي رُتن آ ڳاتِي راڳڻِي،
    وسي ٿو مينهن وڏَ ڦُڙو، مَدُرَ آ مُند سانوڻي
    پُسِي پُسِي سڄو ڀِڄِي اچِي رهِي ته هُوء آ
    اجها ته رات ٿِي کُٽي، نئين ته باک ٿِي ڦُٽي،
    حصار هر انڌير جو سگهو ٿو ڏس سگهو ٽُٽي،
    پري نه ”ناز“ هاڻ ڪو سُکن ڀريو صُبح آ
    * * *

    اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
    ڪچِي ڇو ڪلِيءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
    اڃا هِنَ ڪيا ٿي صفا ٻول ٻاتا،
    نه ٻانهُنِ ۾ گجرا اڃا هن ته پاتا،
    ڪيو کيس ساڻو حرامين جي حملي!
    ڏٺو هِن نه آهي گُلستان ڪوئي،
    نه خوابن جي دنيا شبستان ڪوئي،
    وئِي ور چڙهي آ، پُراڻي ته بدلي!
    چماٽن ڪيو آ سندس سُرخ چهرو،
    چڪن سان ته ڇاتِيءَ اٿس گهاءُ گهرو،
    ٿيو قهر اهڙو زُبان تان نه اُڪلي!
    اڃا لاش غربت کڻِي هُوءَ ته هلندي،
    اڃا روز مرندِي اڃا روز جيئندي،
    ننڍي هُوءَ ته نينگر ڪا سنڀلي نه سنڀلي!
    ڪهاڻِي به اهڙِي لکِي ”ناز“ آهي،
    رُنو پاڻ آهي وڏو سينو ساهي،
    ڏسون ڪنهنجو هينئڙو ٿِي دل ڪنهنجِي مچلي!
    اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي!
    ڪچي ڇو ڪلِيءَ کي وڃو ٿا ته مسلي؟
    * * *

    ڪا گهڙِي هڪ ته ڇا پر جلي هر جنم!
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
    وارَ اهڙا ڪري دل ڪڍِي هِي وجهن،
    هِي نشيلي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن،
    بي وفا هِي صفا هِي وڏيون بي رحم!
    دل لڳايو متان، دل جلايو متان،
    پاڻ کي بي گناهه سڀ رُلايو متان،
    چوٽَ ڏاڍِي لڳي آ خُدا جو قسم!
    پاڻ پلڻو پَوي، شهر ڇڏڻو پَوي،
    موت کان اڳ هتي يار مرڻو پَوي،
    خُوب ڪن ٿا ظُلم هِي هٺيلا صنم!
    هُو نه هِنَ پارَ آ، هُو نه هُنَ پارَ آ،
    ”ناز“ جي ڪا خبر ۽ نڪا چارَ آ،
    ڪو ته ڳولي وڃِي، ڪِٿِ کُٽا ٿس قدم!
    ڪا گهڙِي هڪ ته ڇا؟ پر جَلي هر جنم،
    دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
    * * *

    سنڌ ديسَ جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
    مولا ڪندو سڻائي، هر ڳالهه هوندِي خاصِي
    سو وقت نيٺ ايندو، مهڪي چمن به ويندو،
    آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
    رهندِي نه رات هاڻي ڪا رات هِت اُماسِي!
    پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
    هر گام همرچي سان سوراج آجيان جو
    اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصِي!
    ڪنهنجِي نه ڪاڻ هُوندِي، ميزان هاڻ هُوندِي
    انصاف جِي ته ديوِي ايمان ساڻ هُوندِي
    تُرندِي نه ساهمِي ڪا، هِيءَ ”ناز“ هيڪَ پاسِي!
    سنڌ ديسَ جا او واسي، ڇالئه رهو اُداسِي؟
    مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هُوندِي خاصي!
    * * *

    ڇو کوٽو سدائين توهان لئه کرو آ
    هِي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ،
    ادائن وفائن جا سودا ڪريو ٿا،
    سدا دلڪشيءَ کي به رت مان ڀريو ٿا
    حيا جو بچيو ڪونه هڪڙو ذرو آ
    هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
    نه ڪوئِي ڇڏيو ٿا هتي وڻ ڪو سائو
    بڻي نانگ پنهنجي ٻچن کي ٿا کائو
    ڪڍيو زندگيءَ جو توهان ئي ترو آ
    هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
    ڇو حملا هِي خود ڪُش صُبح شام آهن
    ۽ مرندا ته انسان سرِ عام آهن،
    ڇو دهشت جو پاسو هميشه ڳرو آ
    هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ
    نه ڪينجهر ۾ آهي ڪنول گُل ڪو پاڇي،
    نه نُورِي نماڻي نه آهي تماچي،
    جُهريل جهوپڙن ۾ ٽُٽل آسرو آ.
    هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ.
    لڳن گيت شعلا، وڄن ساز شعلا،
    زمانو وسائي رُڳو ”ناز“ شعلا،
    نه ورکا سُرن جِي، عجب مامرو آ
    ڇو کوٽو سدائين توهان لئه کرو آ
    هي واپار ڪهڙو اي سوداگرو آ.
    * * *

    اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
    پکِي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
    جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوُندو،
    اتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو،
    نگر نينهن وارو نهارڻ ٿو چاهيان
    پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان.
    ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي
    ملي بيک محبت ڌڪاري سا ڇڏبي،
    ائين يادِ ماضِي وسارڻ ٿو چاهيان.
    پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
    نڪو نينهن هاڻي نرالا ٿا پسجن،
    انڌيرا سوين پر اُجالا نه پسجن،
    نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!
    پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان.
    هتي ”ناز“ نالي ته ڪوئِي به ڪونهي،
    نڪو لاڄ آهي ۽ لُوئِي به ڪونهي،
    اهي سُور صدما، سُڻائڻ ٿو چاهيان!
    اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
    پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
    * * *

    ”ناز“ چريا تون ڇا ٿو چاهين
    گيت انوکا ويٺو ڳائين!
    ڪهڙِي اُڻ تُڻ آهي توکي،
    حال ٻُڌائي دل جو مونکي،
    تڙپڻ تُنهنجو ڪيسين تائين!
    اندر لڳي ٿو تُنهنجو اڌ آ،
    سُڏڪڻ تُنهنجو ويران وڌ آ،
    بن بادل پيو مينهن وسائين!
    ڳليون ڳليون خوب گهمين پيو،
    پاڳل بڻجي يار رُلين پيو،
    شايد پيارَ جو ماريل آهين!
    پيچ پرين تو جن سان پاتو،
    تن ڀي توکي ڪين سُڃاتو،
    ڪنهن لئه ايڏو سينو ساهين؟
    ناز چريا تون ڇا ٿو چاهين!
    گيت انوکا ويٺو ڳائين!
    * * *

    ٽڙيا ڪنول جا گُلَ او سانول،
    آءُ هَلِي راڻلَ او سانول!
    ماڃر ۾ هِي مستيون آيون،
    ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون،
    دل نه ڏِئي ٿِي جهلَ او سانول!
    ساريون لُڻجن موتِيءَ داڻا،
    سِڪَ مان سندجن يار سانڌاڻا،
    ڪانه اٿئي ڪا ڪَلَ او سانول!
    بيهَه پاٻوڙا لوڙهيون آيون،
    گيت وڇوڙي جا ٿا ڳايون،
    ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول!
    هاڻ جُدائي واجب ناهي،
    ”ناز“ اچِي تون نينهن نڀائي،
    ساٿ رهون ڪي پَلَ او سانول!
    ٽڙيا ڪنول جا گُلَ او سانول،
    آ ءُ هلي راڻلَ او سانول!
    * * *


    غـزل

    • غزل

    تار دل جا ڇيڙ جانان.
    ڪر ڏُکن سان ويڙه جانان.

    چنڊ جون سڀ چاندنيون ڀِي،
    ڀاڪرن ۾ ڀيڙ جانان.

    ڪجهه ته ڪاوڙ ڪر اسان سان،
    جهوٽ وارو جهيڙ جانان.

    آ حياتِي چار ڏينهڙا،
    کِلَ خُوشِي ۾ ريڙه جانان.

    ڀر گُلابن جون ته جهوليون،
    گُل وسن گهٽ گهيڙ جانان.

    شل جواني ”ناز“ ماڻين،
    محبتون پيو ميڙ جانان!
    * * *

    ٻُڌِي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويرِي.
    ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئي جنهن به ميرِي!

    هڻِي ٿو اڙي چور سنڌوءَ تي ڌاڙا،
    اِجهي ڄاڻ پُهتا کڻِي پيرَ پيرِي.

    اڃا مَس آ سنڌ جي جهليو ٻُور انبن،
    لڳين ڇو ٿِي سرڪش هوا تُون تکيرِي؟

    وتن ڍولَ ڍاٽي اُڃايل بُکايل،
    سگهو سانوڻِي وَس مٿن ڪُجهه سويرِي!

    وڳو بوسڪِيءَ جو ٻڌل موڙ سِرَ تي،
    لهن گهوٽ َ لائون لکي سر لکيرِي!

    گلابن جي بستي، سڄي ”ناز“ سنڌڙِي،
    هُلِي هيرَ دل ۾ هميشه ٿڌيرِي.
    * * *

    سنڌ مٿان سڀ ساهه پنهنجا.
    گهورَ گهوريون چاهه پنهنجا.

    چنڊ چوڏهين سوجهرا هِي،
    سڀ سنڌي همراهه پنهنجا.

    آ فخر ڳوهيا ازل کان،
    سنڌ مِٽيءَ مان ڳاهه پنهنجا!

    ڪنهن به ويريءَ ساڻ سنڌ جي،
    ڪونه ٿيندا ٺاهه پنهنجا!

    ڪير ٽوڙي ڪير سگهندو،
    هِي امر ويساهه پنهنجا!

    هر جنم ۾ ساٿ سانئڻ،
    گڏ هُئا ارواحَ پنهنجا!

    ”ناز“ سنڌ سان ئي اُڪيرون،
    شل هُجن اُتساهه پنهنجا!
    * * *

    هٿان مارِيءَ هتي هَنجَ کي وڏو خنجر کُپيل آهي.
    رڳو ڪانگن جي ڪان ڪان جِي وڏِي ٻيگهي متل آهي.

    هتي انصاف نالي جا جنازا روز کڄندا هِن،
    اکين انصاف ديويءَ تا پٽي شايد لٿل آهي.

    گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن،
    ڏسو بازار بدبو جِي سڄي ساري سجيل آهي!

    اجها ڊاهيو عُشاقو هاڻ چاهت جِي ڪهاڻين جا،
    قصي هر دلبريءَ يارو الا! ڪرفيو لڳل آهي.

    چمن بد ذوق مالين جي حوالي سربسر لوڪو،
    بهارن جي به موسم ۾ رڳو پن ڇڻ بتل آهي.

    مُدي خارج زماني کي ڏيون ير ڏوهه اڄ ڪهڙو،
    ڇُٽِي هت چور ويندو آ، ڏسو ڀاڳيو ٻڌل آهي.

    سنيها انقلابن جا صدين کان ”ناز“ خاموشيون،
    هوا ڇو؟ آجپي وارِي اڃا باندي بڻيل آهي!
    * * *

    راهِه فرار آسان طَرِيقو.
    هاڻ لنگهي وٺ تون ڀِي لِيڪو!

    آشا چِڪنا چُور آ جڳ جِي،
    جام ڏکُن جو هر ڪنهن پيتو!

    ڪُرسِي خاطر سنڌ جو سودو،
    ڪونه کپي ٿو نالائِيقو!

    قومون اُڀري ڪيئن ته سگهنديون؟
    جيسين پاور تُنهنجو وِيٽو !

    گُلڙن کي تُون ڀيلڻ وارا،
    خُوب خزان جو تو وٽ ٺِيڪو!

    دل سان کيڏي ٽوڙين ويٺو،
    هر هر ”ناز“ ڪري راندِيڪو!
    * * *

    ميندِيءَ سان رتل هَٿَ سلامت هُجن.
    سُهڻن جا اهي سَٿَ سلامت هُجن.

    شاعر لئه سڄڻ چنڊ اُنَ جو پرين،
    تشبيهه جا اِهي ڪَٿَ سلامت هُجن!

    ويرِيءَ سان وِڙِهي سنڌ مِٺِيءَ لئه وڙهن،
    جوڌن جا سنڌِي جَٿَ سلامت هُجن!

    سنڌڙِيءَ جا امر پُٽ نياڻيون جيئن،
    مٺڙن جا سدا مَٿَ سلامت هُجن!

    دل جيڪي وٺِي دل به پنهنجي ڏِيَن،
    اهڙا ”ناز“ لَٿَ پَٿَ سلامت هُجن!
    * * *

    رات سُندر ۾ من آ گهائل.
    بادل آهي غم جو ڇانيل.

    ڪونه وڻي ٿي شام سُهاني،
    شايد تُنهنجي ياد آ آيل.

    توبن مُنهنجا گيت اڌورا،
    ڇير نه ڇمڪي، ڇم ڇم پائل!

    گُم ٿِي ويندي ٽهڪن ۾ اڄ،
    آخري هِچِڪِي، نيٺ بچايل.

    ”ناز“ پتڻ تي ناوَ به ناهي،
    پوءِ به تڪين ٿو راهه وڃايل.
    * * *

    سُهڻين ۾ چنچلتا ناهي.
    گُل گُل ڪا! ڪوملتا ناهي!

    شاعر جنهنجي ڏات وڪامي،
    ملڻي تنهنکي مڃتا ناهي.

    هيڻا هيسيل اهڙا جو هت،
    جوڀن تي جاڳرتا ناهي.

    جاڳ پچار پرينءَ جِي ڪر تون،
    ويل سمهڻ جِي سرتا ناهي.

    هيل بسنتي ڪارونجهر تي.
    ڪا ڀِي تُنهنجي برکا ناهي.

    ڏاڍ نشانا، نينگر ننڍڙيون،
    حشراڃا ڀِي برپا ناهي!

    سنڌ سموري سُڏڪا سُڏڪا،
    مُرڪون مُرڪڻ ويلا ناهي!

    ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾ يارو،
    مارَ اُڀِي آ، ڇاڇا ناهي!

    نُوري تُنهنجي ڪينجهر تي اڄ،
    هاڻ تماچِي ها ها! ناهي!

    تون به اڪيلو ”ناز“ ٿيو ڇا؟
    ”ڪير آهي جو تنها ناهي“
    ____
    هي غزل نامياري شاعر محترم امداد حُسيني جي ڏنل طرح (سٽ)”ڪير آهي جو تنها ناهي“ تي لکيو ويو .

    * * *

    جُدائِيءَ جا جانان ڪڙا ڍُڪَ پِيون!
    کٽي يار قسمت مرون يا جِيون!

    ڀليڪار دردن ڀري شام کي،
    اسان دل جلا ڀِي ٿا مُرڪِي ڏيون!

    ڪريو راند دل سان سدا خوش هُجو،
    ڪڍِي ڏيون ٿا توکي هٿن سان هِنيُون!

    وڇوڙي جي ويلا ڀري ڀاڪرين،
    نٿيون مُور وسرن، ڏنيون توچُمِيون*

    پرين ”ناز“ پرچِي ۽ ڪاوڙ ڇڏي،
    ورِي کنڊ بڻجِي اچو کير ٿِيون!

    *چُميون واري لفظ ۾ فڪري سوچ کي برقرار رکي وزن ۾ ڄاڻي ٻُجهي هڪ ماترا جو وڌاءُ ڪيو اٿم ...!
    * * *

    اسين اولاد سنڌڙِيءَ جا سدائين سربُلند آهيون.
    سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪَٽائِيندا ته ڪنڌ آهيون.

    ڪيو سِر ساهه جن صدقو امڙ جيجل مٺِيءَ سنڌ تان،
    دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون!

    دروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون،
    ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون، ۽ مُرڪون ٿا سُڳند آهيون!

    بڻي ٻيجل ٻُرايون ٿا هڻي اڄ سَين سرڙن جِي،
    تپي سنڌ لئه ڏياچو جا، تکي اهڙي ته تند آهيون!

    لکايون خُون پنهنجي سان، چٽو نروار سنڌ نالو.
    ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون!

    اسين لاڙِي ۽ اُترادِي،ٿري ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا،
    نرالي نينهن جا مالڪ ها! سائين جو سوڳند آهيون!

    قسم آزاد قومن جو جياپو ٿو رُڳو چاهيون،
    وڏِي ويڙهاند ويريءَ سان ڪرڻ نڪتا ته پنڌ آهيون!

    اسان ڪارا اسان ڪوجها رهون ٿا ”ناز“ جِي دل ۾،
    شڪر مولا بجا لاهيون جو پِرِيَنِ جِي پسند آهيون!
    * * *

    ڏُکيا اهڙا لمحا ڇا جي ڪري هِن!
    پرين مُنهنجي ويجهو پوءِ ڀِي پري هِن!

    رُسِي ويٺا آهن پرچن نه پَلَ ۾،
    ڏِسو رُسڻا ماڻهو هُو ذر ذر ذري هِن!

    اسان لئه، اسان لئه يقينن اسان لئه،
    گُلابن سندا جهول آيا ڀري هِن!

    وفا ۽ جفا جي اڻانگي سفر ۾،
    ويا هُو به سمجهي ته کوٽي کري هِن!

    نه چُوڙين جي کن کن، ڇمڪو نه ڇيرن،
    هُري ”ناز“ هينئڙي هُو آيا هَري هِن!
    * * *

    توهان ڀِي وساري ڇڏيو ڇو پيارا؟
    روئن روز راتيون ۽ سُڏڪن ستارا!

    اسان تو بنا ڄڻ خزائن جِي موسم
    توهان جا بهارن تي آهن گُذارا!

    اسان لڙڪ لڙيون سدائين وهايون،
    توهان جي چپن تي آ مُرڪن جِي ڌارا !

    وسارڻ گُهريا مون مگر ڪين وسريا،
    توهان جون ادائون توهان جا اشارا!

    ڀنور ۾ ڇڏي ”ناز“ رولي اسانکي،
    ڀلي ڪر ڀلي ڪر اسان کان ڪنارا!
    * * *

    اسان جو مقدر ڇو ڪارا انڌيرا؟
    اِجهي ڄاڻ اُڀريا هي هر سُو سويرا!

    وڏي واجهه هاڻي ستارن تي وجهبي
    توهان يار گڏجي بنايو بسيرا!

    لکون پاڻ پنهنجي هٿن سان ٿا قسمت ،
    ڀلا ڀاڳ پنهنجا ته آهن ڀليرا!

    نه ماتم ڪبو ڪو پنهنجِي بيوسِيءَ جو
    او مولو، او ماما او چاچا متيرا!

    پَکِي پنهنجي منز ل نه پڃرن ۾ ڳوليو،
    پکيڙي ته پرڙا اُڏامو سويرا!

    قسم ”ناز“ سنڌ جِي حفاظت جو کائي،
    ڪبا سنڌ جي ويرين سندا خوب گهيرا!
    * * *


    بي وسي، بي ڪَسِي آ سڄِي دائرو!
    دائرو زندگِي آ سڄِي دائرو!

    دلبرِي دم بدم خُوب مهڪي پئي،
    عاشقِي دربدر آ سڄِي دائرو!

    مان وَيُس مئڪدي ۾ ته ساقِيءَ چيو،
    وڃ چريا مئه ڪشِي آ سڄِي دائرو!

    سِڪَ منجهان هُو ڏِسو لعنتي لال جِي،
    ٿي وئي بندگِي آ سڄِي دائرو!

    ”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جِي ڏسِي اڄ چَيَم،
    هر جنم دل لڳِي آ سڄِي دائرو!
    * * *


    ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان
    فنا جو قسم آ فنا ٿِي ويس مان!

    جُدائيءَ جي جهوري ته ايڏو نهوڙيو
    جوانيءَ ۾ جهونو صفا ٿِي ويس مان!*

    قيامت قيامت ته مون لئه بپا ٿِي
    جڏهن يار توکان جُدا ٿِي ويس مان!

    هٿين خالي آهيان نه دل آ نه دلبر**
    تونگر مان يارو گدا ٿِي ويس مان!

    وڳِي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺِيءَ لئه
    ڪري ساهه صدقو فدا ٿي ويس مان!

    لکِي ”ناز“ سنڌ لئه سُريلا غزل هِي،
    ثنا گر ته سنڌ جو سدا ٿِي ويس مان!

    مطلع جي مٿئين سٽ هڪ ويب سائٽ تان مليل طرح (سٽ) جي آهي .
    *.محترم آغا جان آغا جِي سٽ “جوانِيءَ ۾ جهونو ٿِي ويو آهيان ” مان متاثر آهيان.
    **. منهنجي استاد محترم استاد شوڪت ڌماچ جي مشهور گيت ڏسي يار منهنجي غريبي غريبي مان هڪ مڪمل سٽ هٿين خالي آهيان نه دل آنه دلبر محبتن طور کنئي اٿم.
    * * *

    چنڊ ٿو جهولِيءَ ۾ گُهرجي هار وانگي!
    خوب رونشو دل ڪري ٿي ٻار وانگي!

    ڀل ڪري جيڪو ڪري کينچل ڪري پر،
    شل نه اٽڪي ڪو پرين تقرار وانگي!

    ٿِي وئي جيڪر هتي ڪا آس پُرزا،
    جيت ڀِي ليکي ۾ ايندِي هار وانگي!

    ڪو جُدائيءَ جا ڪڙا ڍُڪَ شل نه اوتي،
    ۽ وهن ڳوڙها نه ڪنهنجا لار وانگي!

    ڪو گُلابن جون ڀري جهوليون سدا ٿو،
    ڪو حياتِي ٿو گُذاري خار وانگي!

    ”ناز“ دلبر جي لڳي ٿو تون به دل مان،
    نيٺ وين نڪري مکڻ مان وار وانگي!
    * * *

    وٺِي ڪم اکين جِي اَڻِي خوب ڄاڻين.
    تکا تيرَ دل تي هَڻِي خوب ڄاڻين!

    الا شانِ اندازِ هِيءَ بينيازي،
    گهڻي کان خبر ٿم گهڻِي خوب ڄاڻِين!

    هُجي خير تُنهنجِي ته مُسڪان جو شل،
    سڄِي جانِ محفل بَڻِي خوب ڄاڻِين!

    ڏئِي ڦُوڪَ ننڍڙِي پرين زُلف پنهنجا،
    مٿان مُنهن اُڏاري وَڻِي خوب ڄاڻِين!

    سوين اپسرائون پري کان جا پڌرِي،
    پَرِي ”ناز“ هڪڙِي ڄَڻِي خوب ڄاڻين!
    * * *

    رهن شيطان ٿا ڀَرَ ۾!
    پٿر ميڙي رکو گهرَ ۾!

    ولالن وات ڳاڙهن اڄ،
    اکيون آهن وِڌيون درَ ۾!

    وڃي سانڊي جيان بدلِي،
    هتي انسان ذَر ذَرَ ۾!

    وفا ناهي ڪٿي ڪائِي.
    نڪو نارِي نڪو نَرَ ۾!

    نياڻيون بار هت سمجهي،
    پيا آهيون ته ٻُڏَ تَرَ ۾!

    ڀرِيءَ ۾ ”ناز“ هر ماڻهو،
    ڪڏهن آهي ته ڀاڪر ۾!
    * * *

    هڪ لڳو آ دل ۾ خنجر يا وڏو ڀالو لکو،
    بي وفا ماڻهن ۾ يارو هڪ نئون نالو لکو!

    ڪيئن وسندا شهر دل جا، دل لڳي دوکو بڻي،
    هر ادا تي هر وفا تي آ لڳل تالو لکو!

    شبنمي سوچون سڙن ٿِي پيار مان بدبُو اچي،
    ٿو لهي نَڪَ مان به بُولو ۽ ڪري والو لکو!

    ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ٿيو هتِ هاڻ هڪ دستور آ،
    ڄڻ ٺڳِيءَ جي ٺاهه سان پئجِي ويو پالو لکو!

    زال صاحب جِي وڏيري پر ڪري کٽراڳ جو،
    هڪ طرف ساري خُدائي ٻي طرف سالو لکو!

    بي وفا جي ياد ۾ ايڏو رُنو هو ”ناز“ جو،
    هُن پُسايو جهول ڇا پر گهر سڄو آلو لکو.
    * * *

    اُلفتن جي آسري ڇا ڇا وڃايم دوستو!
    محبتون ۽ ماڻهپو مڃتا وڃايم دوستو!

    ڏينهن جُون سڀ روشنيون ۽ رات جاٿڌڙا پهر،
    صُبح سُهڻي شام جا پاڇا! وڃايم دوستو!

    سڀ بهارون زندگيءَ جون ٿِي ويون برباد ٿِي،
    هر ڪلِيءَ جِي مهڪَ گُل سارا وڃايم دوستو!

    ڪا ڪَمِي ناهي ڪرم جِي خود خُدا رحمان وٽ.
    هت هزارين حِرسَ ۾ سجدا وڃايم دوستو!

    هڙ هٿان مُنهنجي وئي ۽ وڙ ويا سڀ ڌُوڙ ٿِي،
    نوڪريون ۽ ”ناز“ سڀ ڌنڌا وڃايم دوستو!
    * * *

    انتهائي هو ضروري آڱرين کان ڪم وٺون!
    گيت تُنهنجي سُونهن جا نظمن مٿان نظمون لکون!

    چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهورَ توتان چاندنيون.
    روپ تُنهنجي ساڻ ئي ساري جهان جُون رونقون!

    عيد آئي آ صنم دستور دنيا جو ڪري.
    ڪا گهڙِي سينو ملائي آ وڏو ڀاڪر وجهون!

    نينهن تُنهنجي جو اثر ايڏو ويو آهي چڙهي،
    حق سدا مؤجود وارا ٿا هتي نعرا هڻون!

    ڇير پائي ”ناز“ تُنهنجي دل لُڀائڻ واسطي،
    شوق مان اي سانورا تولئه رُڳو ڇم ڇم نچون!
    * * *

    ڇا ته نازن پلِي آ اڙي ڀونئرا!
    ڏس بدن مخملي آ اڙي ڀونئرا!

    رنگَ انڊ لٺ سمورا پئي مات ڏي،
    هر ادا چنچلي آ اڙي ڀونئرا!

    پد مڻي ، ڪامڻِي پير وِکَ وِکَ کڻِي،
    ڇير پائي هلِي آ اڙي ڀونئرا!

    رَسُ نه پِي تون مٺا واس وٺ تون ڀلي،
    هُو ڪُنوارِي ڪَلِي آ اڙي ڀونئرا!

    همسرِي ”ناز“ ڪهڙِي ڪري ڪو هتي،
    هُو ڀلن کان ڀَلِي آ اڙي ڀونئرا!
    * * *

    تيز ڪو شعلو شمع بيباڪ ٿيندو!
    ڪو ته پروانو يقينن خاڪ ٿيندو!

    جو به نڪتو بزمَ تُنهنجيءَ مان برابر،
    در بدر پاڳل وڃي رولاڪ ٿيندو!

    وَهه پيالو هِتِ وڏي ڪا ڳالهه ناهي،
    جو به هُوندو دل جَلو هيراڪ ٿيندو!

    مئڪدي کي شيخ ڇو ناپاڪ سمجهين،
    جنهن به پيتِي مئه سدا سو پاڪ ٿيندو!

    چوٽ کائِي مسڪرائين ”ناز“ ٿو پر،
    غم به تُنهنجو غم بڻي غمناڪ ٿيندو!
    * * *

    ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون!
    انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون!*

    سَرِ عام ڏئي هوڪا چَوَنِ چوڪ تي دلبر،
    بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون!

    هرَ گهرَمَسيحا جي هِي ٻولِي ٿِي لڳي ٻولِي،
    ٿا لاش ڀِي وڪڻون ۽ اسان زندگيون وڪڻون!

    انسانَ کي انسان جي هٿان هاڻ مارائي،
    ڀڳوان تُنهنجي نالي پيا بندگيون وڪڻون!

    هن ديسَ جي مالين جو ته ڪردار آ اهڙو،
    نوخيز ڪليون نوچي، چَوَن تازگيون وڪڻون.

    اي ”ناز“ انڌيرن هي ڪيو فيصلو ڪهڙو،
    سڀ ديپَ وڪڻِي سنڌ جا چَوَن روشنيون وڪڻون.
    * * *

    هِي ڪنڌ ڪڪورڻ جي تعزيرَ پُراڻِي آ.
    مقتل ۾ اڏِي ساڳِي ۽سِيرَ پُراڻِي آ!

    ڀَلِ خواب نوان پوکيو، هر هنڌ بغاوت جا،
    سُوراج گُهري سرڙا تعبيرَ پُراڻِي آ!

    هر بار سنڌِي تولئه ٿو خون ڇِڪِي کائي،
    هِنَ رت جي ٻِنهي وچ ۾ تاثيرَ پرُاڻي آ!

    تاريخَ جي ورقن ۾ هِيءَ ڳالهه چِٽِي يارو،
    تهذيب مُنهنجي سنڌ جِي تعميرَ پُراڻِي آ.

    هر لات لطيفي ٿِي سڀ دڳ ته نوان ڳولي،
    ڀٽ شاهه !ٿيو ڇا ؟ جي تفسيرَ پُراڻي آ!

    هِي عشق ڪهاڻيِ شل انجام نوان ماڻي،
    رانجهو ته نئون آهي پر هيرَ پُراڻي آ!

    آڪاش جيان گَهِرِي مظبوط زمين جهڙِي،
    اي ”ناز“ توسان يارِي دلگيرِ پُراڻِي آ!
    * * *

    مونکي پنهنجا کپن ڪونه پراوا کپن!
    سنڌي سُهڻا رُڳو مونکي ساوا کپن!

    منهنجو بر پيو وسي سُهڻو ٿر پيو وسي،
    مُنهجا مارو مٺا مونکي ڍاوا کپن!

    رت هي منهنجو وَهِي ڀل پيو ريٽا ڪري،
    مونکي ٻرندڙ جبل وارا لاوا کپن!

    سنڌ جو ٻالڪ پڙهي، اُنَ جِي اوسر ٿئي،
    اڪَ جون ڪاٺيون اڃا نِمَ جا پاوا کپن!

    جن جي دل تي چِٽو نالو سنڌ جو هُجي
    ڀائر ڀيڻون ته سي سنڌ جا ڄاوا کپن!

    جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
    سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن!

    شل هِي ويڙها سدا ”ناز“ سنڌ جا وسن،
    وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن.
    * * *

    بِنَهه لڳي ٿو دل اندر هِڪ ويو هُلِي ملعون آهي.
    قدم قدم تي ڇِتِ ڪُتايون چپن چپن تي خُونِ آهي.

    سدا سوا نيزي آ سُورج لهو وسي تيزاب بڻجي.
    هتي اسان لئه سال سارو قسم خُدا جون جُونِ آهي!

    ورِي وَسِي بيداد بستِي ورِي لهي موسى هتي ڪو،
    ننڍو وڏو هن شهر جو هِتِ ويو بڻِي فرعون آهي!

    لهي پَئي لائون قرآن سان هت ننڍي هُو سانئڻ الا اڃان ڀِي.
    وڏي حويلِيءَ وڏن وڏيرن ، مرهُونِ منت هي مرهُون آهي.

    جڏهن به جنهن سان حال اوريم، ڪتاب وانگر سو ته هڪڙو،
    پنو پنو آ ڏُک ڪهاڻِي مُنڌل مُنڌل مضمون آهي!

    قلم سهاري جنگ جن لئه ڏسو وڙهي هُو ”ناز“ چريو،
    سُتل صدين کان وقت تن جو ضمير ڇو مدفون آهي.
    * * *

    درد مندن جِي ته دل هر هر ڪرين قتلام ويٺو!
    هڪ ته ٽڪري مان به ٽُڪرا تون ڪرين ڇو جام ويٺو ؟

    سر کپي ٿو سر ڏيان مقتل هلِي تون وڍ گلو پر،
    روڊ رستن تي ڀلا ڇو؟ سِرَ لُڻين سَرِ عام ويٺو!

    پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لئه شهر ۾ هوڪا ڏئي تون،
    اي پرين اڄ پاڻ کي ڀِي نِتِ ڪرين نيلام ويٺو!

    ٻُڌ پُنهون! سسئي ٿيڻ لئه دل کپي ٿي شينهن جهڙي،
    اٿ پٿون ڪر پيرپنهنجا ڇو ڦِرين ناڪام ويٺو؟

    ٿِي زماني ساڻ اٽڪي ”ناز“ تولئه هُوءَ چري پر،
    غم ڪري تُحفا ته اُن کي ڏين وڏا انعام ويٺو!
    * * *

    ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين.
    شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين!

    تنهنجي جَلِون ۾ مگن ساري هي دنيا آ،
    ورنه! هُئي سُونهن ڪِٿي رُوپ سجائڻ تائين.

    جيڪا هِي مهڪ اُٿِي تُنهنجي بدن مان پيارا،
    مون لئه ڪافِي آ سڄڻ دل ۾ سمائڻ تائين.

    مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارؤ،
    مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين.

    پنهنجي بيتاب نظر ”ناز“ ذرا روڪي ڇڏ،
    ايڏو آتو نه ٿجان عشق اُجارڻ تائين!
    * * *

    سنڌ مُنهنجي سوچ جو مَحَوَرِ به آهي!
    هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي!

    سجّ تُنهنجا عڪس جرڪن پرسدائين
    چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي!

    تُون گلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جي،
    ڇِتِ ڍڪي ٿو سو ته سونو سَرُ به آهي!

    مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آپر!
    هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهي!

    هل سکي ٻاهر هلون ڪا ڄَڃَ اچِي ٿِي،
    ڏس وَنِيءَ جي ساٿ اُن جو ور به آهي!
    * * *

    لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪين سگهياسين!
    رکي تُنهنجي چپن تي چپ هٽائي ڪين سگهياسين!

    هتي منصور ڇا بڻجون؟ نڪا حَدَ تو ڪئِي لاڳو،
    اڏِي ءَ تي سر رکِي جانان ڪٽائي ڪين سگهياسين

    اسين حاضر ٽکڙ *وارؤ هُئا ڪم ڪار ڪافِي پر،
    ڏنو سِڪ مان توهان سڏڙو، نٽائي ڪين سگهياسين!

    ڀلي ڪاوڙ زمانو لک ڪري پرواهه ڪا ناهي،
    وِڌو ڀاڪر توهان ڀِيڙي ڇڏائي ڪين سگهياسين!

    الائي ”ناز“ ڇو هينئڙو؟ وڏي مانداڻ ۾ آهي،
    ڏِني سُهڻن ذرِي سَٽَ آ، پچائي ڪين سگهياسين!

    مطلع جي پهرين سِٽ “لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪين سگهياسين ” طرح (سٽ) ملي هُئي .
    *. ٽکڙ هڪڙو خوبصورت ڳوٺ آهي جيڪو ٽنڊو محمد خان شهر جي پاسي ۾ آهي ، انهي ڳوٺ ۾ طرحي مشاعري جي محفل ۾ اهو غزل پڙهيو هُئم .
    * * *


    تو بن اسان جي شهر ۾ ناهي مزو رهيو.
    مايوس حسرتن جو واسو رُڳو رهيو!

    تون پاڻ سان کڻي وين ٽهڪن جا سلسلا پر،
    اکڙيون هتي هي آليون سُڏڪو لڳو رهيو!

    هرڪا گَلِي آ سُنسان اهڙي جو ڇا چوان؟
    تُنهنجي حسين سُونهن جو جلوو نه ڪو رهيو!

    ڇا چنڊ ڇا ستارا سورج جي روشني ڇا؟
    توکان سواءِ هرڪو جوڀن جهڪو رهيو!

    وحشت ڀري جهان ۾ پڪ ڄاڻ ڪجهه اڃا ڀِي،
    اي ”ناز“ عشق تُنهنجو ڏاڍو سُٺو رهيو!
    * * *

    احسان مند آهيون.
    تُنهنجي پسند آهيون.

    تو پيارَ ۾ واسيل،
    سُهڻا سُڳند آهيون!

    ويرِي اڳيان سنڌ جي.
    جُهڪندڙ نه ڪنڌ آهيون!

    سر ويچ شير سنڌي،
    ها سر بُلند آهيون!

    هر تان سُر سورٺ.
    ٻيجل جِي تند آهيون!

    سِڪ جي سڳي ۾ ڀِي،
    اي ”ناز“ بند آهيون!
    * * *

    ميت نه ڪنهن کي ڀاءِ سَکِي ڙِي!
    ڪير به ڪنهنجو ناهِ سَکِي ڙِِي!

    پير جهلي ڇڏ پنهنجا پيارِي،
    ڇير نه تُون ڇمڪاءِ سکِي ڙِي!

    خُود غرضيءَ جي طُوفان آڏو،
    دل کي رکجان جاءِ سَکِي ڙِي!

    وحشت واري راڄ ۾ هر پل،
    پنهنجو پاڻ بچاءِ سکِي ڙِي!

    ”ناز“ پٿر جِي مُورت اڳيان،
    ڪڏهن نه ڪنڌ جُهڪاءِ سکي ڙِي!
    * * *

    هِت نه آهي هُت نه آهي،مون نه آهي تو نه آهي!
    آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي!

    رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي،
    مُرڪَ تُنهنجي مُکَ مٿان جانِي ڪلهوڪِي ڇونه آهي!

    هت وڄائي ڪير ڀيرون، ڳالهه حق جي ڪير ڇيڙي،
    هاڻ هوشو هت دُلارو ۽ هتي دودو نه آهي!

    نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزارِي ڏس جهان ۾،
    چاهه جا سودا ٿين ٿا، اُف نه ڪنهنجي اون آهي!

    زخم هُوندا ”ناز“ تُنهنجي رُوح جي پاتال ۾ ڀِي،
    عشق آ ير نانگ ڪارو هِي ته ڪو رونشو نه آهي!
    * * *

    پرين جي پسڻ لئه سڪايل اکيون!
    سدا آس ونديون اُڃايل اکيون!

    هُو ايندو پليا ٿم نڪي آسرا!
    اسان جُون ته درَ ۾ کپايل اکيون!

    هوائن ڏنِي پڪ سڄڻ ٿو اچي،
    پتين جيان، گُلابِي وڇايل اکيون!

    بنا مئه ڪشيءَ جي صفا مست ٿِي،
    نشي نينهن جي ۾ خُماريل اکيون!

    محبت جون معراج آهن الا،
    اکين جون اکين سان ملايل اکيون!

    چُمِي ”ناز“ تُنهنجون هي اکڙيون چُمان،
    اُڃايل، وڇايل ۽ ٺاهيل اکيون!
    * * *

    وڏِي ويڙهاند ويرِيءَ سان ڪري سنڌ تان فدا ٿيندو!
    اسان جي روح جو راڻو سڄڻ سو دلرُبا ٿيندو!

    اڙي قاتل وڍي ڇڏ سِرُ حَلالِي پُٽ آهيان سنڌ جو،
    کٿورِي خُون هِي مُنهنجو سڄي سنڌ جابجا ٿيندو!

    اچو ڊاهيون هڻي ٺوڪر، اچو ديوارَ دوکي جِي،
    وفادارو وفا جو حق ائين ئِي آ ادا ٿيندو!

    هتي هن شاهه جِي نگرِيءَ ۾ سڀئي دل جلا آيا،
    دلين جي روڳ ونڊجڻ جو وڏو واقعو بپا ٿيندو!

    ختم آزار جا انواع هميشه لئه ٿين سنڌ مان،
    ”طبيبِ مهربان وقتي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو“

    وِجهي اجرڪ ڪُلهن ۾ ”ناز“ اڄ ٽوپي سنڌي پائي،
    مد ح خوانيون ڪري سنڌ جون سڀن سان همنوا ٿيندو!

    ڀٽ شاهه ۾ ٿيل طرحي مشاعري جي طرح ( سٽ ) طبيبِ مهربان وقتِي شفا مان ڇا ڀلا ٿيندو ” تي بنايل غزل ڪنهن مجبوري سببان هن مشاعري ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هُئس .
    * * *

    لائي اکڙين جِي آس! پيتو ٿم!
    ها ها ! مئه جو گُلاس پيتو ٿم!

    مون لئه خوشبو شراب خانو آ،
    وٺي گُلڙن جو واس پيتو ٿم!

    گڏ گوڏي وهارِي ساقِيءَ کي،
    نانءُ دلبر جي خاص پيتو ٿم!

    ڍُڪَ هڪڙي اُڏِي ٿا هوش وڃن،
    ڪري بوتل خلاص پيتو ٿم!

    ” ناز“ پِرِيَنِ جي بي رُخِيءَ کي ڏسِي،
    بڻي بلڪل اُداس پيتو ٿم!
    * * *

    انڪار ڪونه گُهرجي، اقرار جو مان عادِي!
    يارو گُلن کي آڻيو مهڪارَ جو مان عادِي!

    ڇيڙي ڇڏيو ڪي نغما ڪي گيتَ انجمن ۾،
    خاموش ڇو فضا آ، جهنڪارَ جو مان عادِي!

    سر تي رکي گهڙا هُو سنڌ جون ڏسو نياڻيون،
    پاڻي ڀرڻ جي منظر نروار جو مان عادِي!

    اجرڪ وجهي ڪُلهن ۾ ٽوپِي سنڌي به پائن،
    هر هر خوشي مان تن جي کيڪار جو مان عادي!

    سنڌ ديس لئه ته جيڪي سر ساهه ڪن ٿا صدقو،
    تن کي ڏيڻ سلاميون صد بار جو مان عادِي!

    اي ”ناز“ سنڌ سلامت آباد ئي هُجي شل،
    شاداب هن اڱڻ جي سينگارَ جو مان عادي!
    * * *

    ڇا ته جلوو جمال ماشاءالله!
    حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاءالله!

    موهه تُنهنجي ۾ مست شام و سحر،
    جا بجا ڪن ڌمال ماشاءالله!

    عشق هاڻي ته جسٽ نو پرابلم،
    مُوبائل جِي ته ڪال ما شاءالله.

    ڏينهن فرقت ڪڏهن ته کُٽندو هتي،
    رات ٿيندِي وصال ماشاءالله!

    سُونهن سانئڻ ڀلا ڇا واکاڻيون،
    سنڌ صديون ۽ سال ماشاءالله!

    ”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين،
    ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشاءالله!
    * * *

    چادر ننڍڙِي ڊگها پير!
    هوش سنڀالي آخر ڪير!

    اڀرِي لڏ پر پَڪِي جان،
    سنڌ مٽيءَ جو ڪچو ڍير!

    گهونگهٽ ڪهڙا نچڻ مهل،
    ڇم ڇم نچبو ٻڌي ڇير!

    اُجرو چهرو اندر ساڙ،
    ماڻهو ماڻهو من جو مير!

    پيش پرين کي پئبو نيٺ،
    جيون سارو رهي زير!

    سيرَ مٿان آ سدا ”ناز“
    هرڪو ٿيندو سوا سير!
    * * *

    سمورا لڳن ٿا هتي زرد چهرا!
    هزارن ۾ ناهن لکين فرد چهرا!

    لڳائي نه ڄاڻن محبت جِي بازِي،
    وفائن کان عارِي صفا سرد چهرا!

    ڪري خُون دل جو ٿا ساٿِي سڏائن،
    صفا بي مروت بيدرد چهرا!

    اڙي ”ناز“ تون ڀِي ته شامل انهن ۾،
    نڪي زائفائون نڪي مرد چهرا!
    * * *

    ڪوڙا ڪوڙا ڪوڙا ماڻهو،
    ڪارا ڳورا ڀورا ماڻهو.

    دين ڌرم سڀ دولت سمجهن،
    مت جا اهڙا مُوڙها ماڻهو!

    باندر وانگر ناچ نچائن،
    هر هر هي ته سمورا ماڻهو!

    خون ۾ لت پٿ غسل ڪري هِي،
    بڻجن ٿا اکپُورا ماڻهو!

    ”ناز“ وري ٿو شور مچائين،
    سوچ ذرا اڻپورا ماڻهو!
    * * *

    هِي تُنهنجا ڪيڏا آتا نيڻ.
    جو سڀ ڪنهن تو ۾ پاتا نيڻ!

    هر ڪو روڳي، هرڪو سائل،
    ير اهڙا تُنهنجا داتا نيڻ!

    ماڻهن جي ميلي ۾ مٺڙا،
    ها مون ڀي خوب سُڃاتا نيڻ!

    ڪين ته سکيا مُور ڇنڻ هي،
    ٿا ڳنڊيو ڳنڊين ناتا نيڻ!

    گيت غزل ۽ وايون جوڙي،
    مون ڳائي تُنهنجا ڳاتا نيڻ!

    شل ”ناز“ خُدا خوش رکي تن کي،
    جن لائي توسان لاتا نيڻ!
    * **

    هِي ته ٽوپِي سنڌِي ۽ ٽڪن سوجهرا،
    رنگَ اجرڪ ڏسو، انڊلَٺِي سلسلا!

    هٿ هٿن جِي جُڙي ايڪتا چَينِ ڀِي،
    هم قدم ساٿيو حوصلا، حوصلا!

    سنڌ گُلابن جِيان خُوب مهڪي پئي،
    هيرَ خوشبو هُلِي سنڌ سڄي جابجا!

    شال ٻاگهل ڌيئون پُٽ هِي دودا جيئن،
    ويڙهه سنڌ لئه وڙهن جنگ جوٽي سدا!

    سوڀ آخر يقيني آ حق جِي هتي،
    پاڻ پنهنجا پڪا سڀ رکون ڀروسا!
    * * *

    چاهتن جو چنگ ڀِي چُرندو رهيو!
    عشقَ جو آواز ڀِي ٻرندو رهيو!

    محبتن سان پاڻ ٻِن جي درميان،
    سِڪَ ۽ سنگت جو سڳو سُرندو رهيو!

    ساهميءَ ۾ وقت جو دلبر هِتي،
    پيٽ بُک خاطر سدا تُرندو رهيو!

    نوٽ عيوض هڪ صُحافِيءَ جو قلم،
    هر گهڙِي ٽُٽندو رهيو ڀرُندو رهيو!

    ٻارُ منهنجي ديس جو مانِي ڳڀو،
    هت ٽنگي پنندو رهيو گُهرندو رهيو!

    ناز جنهن جي پيار تي سو ”ناز“ ئي،
    ”نانءُ هڪڙو هانوَ تي هُرندو رهيو“!

    فيس بُڪ جي دوستن پاران مليل طرح (سٽ) نانءُ هڪڙو هانوَ تي هُرندو رهيو تي جوڙيل غزل .
    * * *


    علم آزمايو، هُنر آزمايو،
    اچو شاعرو ڪُجهه شعر آزمايو!

    سوين دل جلا هتي يار حاضر،
    محبت جي مٺڙا مهر آزمايو!

    کڻي يادگيريون ته پنهنجي پيا جون،
    اچِي عاشقو چشم تر آزمايو!

    هڻي هام گنگا ۽ جمنا ڀلي پر،
    سُريلو سنڌو جو به جر آزمايو!

    وفا جون ڪهاڻيون اڃا کوڙ آهن،
    توهان هر گلي هر نگرآزمايو!

    توهان جون سزائون اسان لئه ته تُحفا،
    ”ڀلي پنهنجا تير و تبر آزمايو“!

    اسان “ناز”عاشق ازل کان توهانجا،
    ڀلي ڪُوڙ سمجهو مگر آزمايو!

    محمد خان غني ادبي تنظيم پاران ڏنل طرح (سٽ) ڀلي پنهنجا تير و تبر آزمايو تي لکيل منهنجو طرحي غزل.
    * * *

    تڙپڻ ۾ رُڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون.
    محبوبَ ڌِڪاريو آ، ڳوليو ته ڪٿي آهيون!

    اي مُرڪَ جهروڪا ڇو، ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي،
    هڪ ڏُکڙو ۽ هڪڙو مان، جنمن کان ڪٺي آهيون!

    ٻُڌ رات سياري جِي چٿرون ٿِي ڪرين ڇا لئه؟
    کُوري ۾ پڪل آهيون، توکان ته مٿي آهيون!

    هِنَ هيڏي جُدائيءَ ۾ هِت هاڻ بچڻ ڪهڙو،
    دُنيا ۾ اسان بلڪل ڪي ڏينهن ٻه ٽي آهيون!

    اڄ ”ناز“ قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا،
    هر حُڪم مڃي اُن جو ويا کيس ڇڏي آهيون!
    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259569
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ