ڪتاب جو نالو: سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق)
مصنف: مير حاجن مير
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 4810 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 389 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” شاعر ۽ ليکڪ مير حاجن مير جو تحقيقي پورهيو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ مهربانيون مير حاجن مير جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري طرفان
  • مهاڳ................ڪلهه جي ياد-سُڀان جا سپنا سيوهڻ اڃا اُتي...
  • پنهنجي پاران
  • شخصيتن جي فهرست

  • مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي (ولادت 538هه 1143ع)
  • مولانا ضيائي سيوستاني
  • شيخ خضر سيوستاني
  • شـهيـد مـخـدوم بـلاول (ولادت 1451 وفات 1522ع)
  • مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران (مخدوم جعفر جو والد محترم)
  • مخدوم جعفر بوبڪائي (ولات 930هه 1524ع وفات 1002هه)
  • مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري
  • قاضي قادن سيوهاڻي (ولادت 870هه 1463ع وفات 958هه 1551ع)
  • شيخ مبارڪ سنڌي سيوستاني (وفات 1001هه 1592ع)
  • مخدوم نجم الدين بوبڪائي
  • مخدوم عبدالحليم سيوستاني
  • حڪيم عثمان بوبڪائي
  • شيخ ابو الفيض فيضي
  • شيخ ابوالفضل (وفات 1011هه 1602ع)
  • غفور بن حيدر سيوستاني
  • مخدوم عبدالرحيم بوبڪائي
  • مخدوم عبدالعليم بوبڪائي
  • ملا محب سنڌي (ولادت 982هه 1574ع)
  • مخدوم فتح الله فتحي بوبڪائي
  • مفتي عبدالواحد ڪبير (وفات 1123هه 1711ع)
  • مخدوم محمد مراد انصاري سيوستاني (وفات 1784)
  • مخدوم غلام حسين عرف محمد حسين انصاري (ولادت 1747ع وفات 1814ع)
  • احمد علي عرف غلام رسول سيوستاني ولادت (1755ع وفات 1787ع)
  • مخدوم محمد عابد انصاري السندي سيوستاني (ولادت 1192هه 1778ع)
  • غضنفر بيگ
  • مخدوم حامد بوبڪائي (وفات 1090هه 1690ع)
  • شيخ محمد مريد سيوهاڻي
  • شيخ محفوظ سيوهاڻي “سرخوش” (وفات 1150هه)
  • وجيهه الدين سيوستاني
  • ابوبڪر لڪياري
  • مير ابوالمڪارم شهود (وفات 1037هه / 1627ع)
  • مير عبدالله سلطان سيوستاني “عريضي” (وفات 1644)
  • ملا نورالحق “مشتاق”
  • محمد “وفا “سيوستاني
  • سيد مرتضيٰ سيوستاني “قانع” (وفات 1180هه 1767ع)
  • لالا موهن داس سيوستاني
  • جان محمد قريشي سيوهاڻي
  • مخدوم نورالدين بوبڪائي
  • مولانا محمد خلف بوبڪائي
  • قاضي عبدالرسول سيوستاني
  • سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سيوهاڻي (ولادت 1153هه 1740ع وفات 225هه 1810ع)
  • عبدالرئوف” منشي” سيوستاني
  • حڪيم بولچند سيوستاني (وفات 1180هه)
  • اسير داس سيوستاني
  • مخدوم محمد عارف صديقي سيوهاڻي (وفات 1916ع)
  • مخدوم عبدالواحد صديقي سيوستاني (قاضي محمد احسان)
  • ديوان ننديرام مير چنداڻي ميراڻي سيوهاڻي (ولادت 8001ع کان پوءِ)
  • مخدوم عبدالواسع سيوستاني
  • قاضي عبدالوهاب” خاطي”
  • مخدوم محمد “مجذوب “سيوستاني (وفات 1316هه 1899ع)
  • ملان محمد سيوهاڻي
  • آخوند ابو الحسن “بي تڪلف”
  • ابراهيم انصاري (ابري)
  • مخدوم محمد صالح صوفي سيوستاني
  • ديوان صوفي “دلپت” (ولادت 1777ع وفات 1841ع)
  • مخدوم نور محمد بوبڪائي
  • مخدوم حسن الله صديقي سيوهاڻي
  • محمد افضل بختياري پوري
  • حافظ عبدالڪريم بختيارپوري
  • مخدوم محمد بوبڪائي
  • مخدوم دين محمد بوبڪائي (وفات 1229هه)
  • گل محمد لنجار ولادت (ولادت 1850ع وفات 1900ع کانپوءِ)
  • غلام محي الدين سيوستاني (وفات 1257هه)
  • مخدوم ڪمال الدين بوبڪائي
  • ليلارام وطڻ مل لالواڻي
  • ملو محمد هاشم (ولادت 1855ع کان پوءِ)
  • مخدوم فضل الله صديقي (ولادت 1224هه وفات 1894ع)
  • ولي محمد سيوهاڻي
  • مخدوم بصرالدين صديقي (ولادت 1863 وفات 1938ع)
  • آخوند الهه ڏنو بوبڪائي
  • مخدوم مولانا معين الدين صديقي سيوهاڻي (وفات 1948ع)
  • حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (ولادت 1213/1882ع وفات 1361هه1948ع)
  • ايل.ٽي سترام داس سيوهاڻي
  • مولوي حافظ عبدالقادر بوبڪائي
  • حڪيم محمد زمان سيوهاڻي (وفات 1356هه)
  • رمضان ڪنڀر (وفات 1999-98ع)
  • مخدوم حڪيم محمد حسن صديقي (وفات 1957)
  • شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (ولادت 1897ع وفات 1958ع)
  • سيد “مير” محمد شاهه گنبل لڪياري (ولادت 1897ع)
  • غلام عباس سيوستاني (ولادت 1900ع وفات 1980ع کان پهرين )
  • عمرالدين واڻيجو (ولادت 1900ع کان پوءِ)
  • يعقوب فقير دائود پوٽو (وفات 1949ع)
  • غلام حسين “سيلاني” گهڙيالچي (ولادت 1907ع کان پوءِ)
  • نارائڻ “شيام” قلندري (ولادت 1913ع)
  • جليل سيوهاڻي (ولادت 1913ع وفات 1995ع)
  • شهباز علي “ملازم” سروري (ولادت 1234 هه 1915ع وفات 1995ع)
  • قاضي عبدالمجيد “عابد” (ولادت 1915ع وفات 1996ع)
  • سيد مظهر سيوهاڻي (ولادت 1918ع وفات 1985ع)
  • زينت چنا (ولادت 1919ع وفات 1974ع)
  • محمد علي”عيان” دائودپوٽو (ولادت 1919ع، وفات 1997ع)
  • علي احمد قريشي (ولادت 1920ع وفات 2013ع)
  • علي محمد “ساغر” سيوهاڻي (ولادت 1920ع وفات 1988ع)
  • در محمد قريشي بوبڪائي (وفات 1973ع)
  • پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي (ولادت 1922ع وفات 1977ع)
  • ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي (ولادت 1924ع وفات 1972ع)
  • آپا شمس عباسي (ولادت 1924)
  • حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي (ولادت 1925ع وفات 1999ع)
  • سيد فيروز شاهه “دڙائي” بوبڪائي (ولادت 1925ع وفات 1999ع)
  • سيد نجف علي شاهه لڪياري (ولادت 1926ع وفات 1976ع)
  • سيد فيروز شاهه “ظفر” سيوهاڻي (ولادت 1345هه 1926ع)
  • سيد نظر علي شاهه جيلاني (ولادت 1926ع وفات 1989ع)
  • مولوي رحيم بخش قمر
  • گورڌن محبوباڻي “ڀارتي” (ولادت 1929ع، وفات 2010ع)
  • فقير حسين بخش “خادم” (ولادت 1931ع وفات 1992ع)
  • محمد اشرف “منصور” دائودپوٽو (ولادت 1932ع وفات 2010ع)
  • محمد ابراهيم ڀلائي (ولادت 1932ع وفات 2012ع)
  • اسلم مصراڻي (ولادت 1938ع وفات 200ع )
  • نور محمد “نياز” سولنگي (ولادت1943ع وفات 2003)
  • ناز ڀٽي (ولادت 1944ع وفات 2001ع)
  • پروفيسر منظور علي “حقير” سيوهاڻي (ولادت 1944ع)
  • فتح الدين شاهه حسيني (وفات 1992ع ڌاري)
  • طارق عزيز مورياڻي (ولادت ...... وفات 2007ع)
  • ڊاڪٽر خان محمد پنهور (ولادت 1949ع وفات 1999ع)
  • زندهه ادبي شخصيتون

  • حاجي غلام حيدر سولنگي (ولادت 1938ع)
  • شيخ حسن علي “حيدري” (ولادت 1938ع)
  • عبدالسميع “سالڪ” دائودپوٽو (ولادت 1940ع)
  • عنايت الله ڀٽو (ولادت 1942ع)
  • پروفيسر فتح الله صديقي (والدت 1943ع)
  • خادم حسين سومرو
  • جمال ميراڻي (جنم 1943ع)
  • پروفيسر اعجاز قريشي (ولادت 1948ع)
  • خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي (ولادت 1949ع)
  • مدد علي سنڌي (ولادت 1951ع)
  • ڊاڪٽر عابد مظهر (ولادت 1951ع)
  • غلام رباني اوٺو (ولادت 1951ع)
  • عبدالڪريم “دلِ” دائودپوٽو (ولادت 1954ع)
  • مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين “فاروق” صديقي (ولادت 1955ع)
  • پروانو سيوهاڻي (ولادت 1958ع)
  • آفتاب رضا مغل (ولادت 1958ع)
  • ڊاڪٽر زاهده “زرين” دائودپوٽو (ولادت 1958ع)
  • ڪامريڊ انور پنهور (ولادت 1959ع)
  • پروفيسر امداد علي “امداد” سروري (ولادت 1959ع)
  • نظير حيات سيوهاڻي (ولادت 1960ع)
  • اسلم منصور دائودپوٽو (ولادت 1960ع)
  • محمود مغل (ولادت 1961ع)
  • غلام سڪينه سمون (ولادت 1961ع)
  • عبدالفتاح صالح ڪاڪيپوٽو (ولادت 1961ع)
  • گل سيوهاڻي (ولادت 1961ع)
  • رجب ٻگهيو (ولادت 1963ع)
  • ڊاڪٽر اڪرم منصور دائود پوٽو (ولادت 1964ع)
  • همراز ڀٽي (ولادت 1967ع)
  • امداد سومرو (جنم 1969)
  • ناصر پنهور (ولادت 1970ع)
  • منور سلطانه قريشي (ولادت 1970ع)
  • مفتي خليل احمد جان نقشبندي الاشرفي الازهري (ولادت 1971ع)
  • سرور دائود پوٽو (ولادت 1972ع)
  • فضا غزل (ولادت 1974ع)
  • آسيه گل سيوهاڻي
  • الهنواز نوحاڻي (ولادت 1974ع)
  • وفا محرم اوٺو (ولادت 1975ع)
  • شبانه سنڌي (ولادت 1976ع)
  • فرزانه سنڌو (ولادت 1976ع)
  • غلام مصطفيٰ سولنگي (ولادت 1976ع)
  • ساجده جبين (ولادت 1978ع)
  • عابد سيوهاڻي (ولادت 1978ع)
  • مير حاجن مير (ولادت 1979ع)
  • ثمرن سومرو (ولادت 1980ع)
  • علي اصغر اوٺو (ولادت 1980ع)
  • “وفا” ممتاز بلوچ
  • شهمير عرف حاجن اوٺو (ولادت 1983ع)
  • نديم عمراڻي (ولادت 1984ع)
  • ڪامل سيوهاڻي
  • ابو اسد محمد پنهل اوٺو ڪرمپورائي
  • عبدالله عبد
  • امجد علي دائود پوٽو
  • منظور علي سحر سومرو
  • ذوالفقار سولنگي “راز”
  • ماجد سنڌي
  • مقصود احمد اداسي
  • سيوهڻ جون P.H.D ڪندڙ شخصتيون

  • نالو P.H.D ڪندڙ جو ۽ موضوع
  • سيوهڻ جون M.phil ڪندڙ شخصتيون

  • نالو M.phil ڪندڙ جو موضوع
  • مددي ڪتاب
  • مددي رسالا ۽ اخبارون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (121) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” شاعر ۽ ليکڪ مير حاجن مير جو تحقيقي پورهيو آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2014ع ۾ ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني ۽ مهربانيون مير حاجن مير جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پيار جو پورهيو
    ارپيان ٿو.
    سيوهڻ جي انهن
    عظيم، ادبي شخصيتن کي
    جن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ رات
    ڏينهن جاکوڙيو
    ڏات جو ڏيئو ٻاري
    سنڌي ٻولي ۽ ادب کي جلابخشي
    جن لاءِ لکيم
    تن کي ئي ارپيم


    اداري طرفان

    مير حاجن مير جو ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” اوهانجي هٿن ۾ آهي. مير حاجن جي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي پر پاڻ هي ڪتاب لکي هاڻ محققن ۾ به شمار ٿيڻ لڳو آهي.
    سيوهڻ سنڌ جي ادبي ۽ سياسي اتهاس جو هڪ حصو آهي ۽ صدين کان وٺي سيوهڻ جي “آثارن” ۽ شخصيتن وغيره تي محقق پنهنجو قلم هلائيندا رهيا آهن. سنڌ جي سياست ۽ ادب جو ڪو به تذڪرو سيوهڻ جي ذڪر کان خالي ڪونهي، مير حاجن مير “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” ڪتاب لکي هڪ اهم دستاويزي ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ کيس جس هجي.

    يوسف سنڌي


    مهاڳ................ڪلهه جي ياد-سُڀان جا سپنا سيوهڻ اڃا اُتي...

    سيوهڻ سنڌ جو تاريخي شهر آهي. هن شهر جي هرپاسي اڄ به اتهاس جا ڦاٽل ورق، ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. پراڻن مقبرن قديم خانقاهن، سيوهڻ جي قلعي، حضرت قلندر لال شهباز ، حضرت ڇٽي اُمراڻي، پير پوٽن جي مقبرن، قلندر شهباز جي قديم علم، گجگاهه ۽ ٻين انيڪ هنڌن ۽ ماڳن مان جهاتيون پائيندي اهي اوراق نظر ايندا. هوائن جي دوش تي جهاتيون پائي، اسانکي پنهنجي تاريخ جا داستان ٻڌائيندي نظر ايندا.
    تاريخ ۾ سيوهڻ جو ذڪر ايئن آهي، ڄڻ رات جي اونڌاهيءَ ۾ ڪوئي هيرو جڳمڳ جڳمڳ ڪندو رهندو آهي. سيوهڻ جو حسن تاريخ ۾ زنده آهي. دنيا کي فتح ڪندڙ سڪندر اعظم جي گهوڙن جي سبنن هيٺيان اچي هن ڌرتي پاڻ کي ڌوڏيو آهي، ته ڪيترن حاڪمن سيوهڻ جا در اچي پسيا آهن. سوين سڪندر، قاسم ۽ ٻيا آيا ويا، پر سيوهڻ اڃان اُتي قائم آهي. لال شهباز جو قبو ۽ قلعو اڃا اُتي آهي سنڌو درياءِ ۽ اڙل واه اتي ئي پيا وهندا رهن. سنڌو دريا اڄ به سيوهڻ کي سلام ڪندو ٿو وهندو رهي ۽ سيوهڻ جو اتهاسرو ۽ پراچين قلعو ڪنڌ کڻي هر اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي لام کي ڏسندو پيو اچي، مشهور سياح اِبن بطوطا اڄ کان پوڻا ست سئو ورهيه سيوهڻ ڪهي آيو هو. اهو سال 1333ع جو هو سنڌ جي حڪمران ڄام فيروز خان انڙ ان وقت دهلي جي حڪمران محمد شاهه تغلق جو صوبيدار ملڪ رتن سان جنگ جوٽي رهيو هو. اِبن بطوطا، سيوهڻ جي قلعي جي ويجهو، ڪنهن مدرسي جي ڇت تان، قلعي جي عالم پناهه وٽ سنڌي جهونجهارن جا سر لڙڪندي ڏٺا هئا. سنڌ ان مهل پرڏيهي حاڪمن سان ويڙهه وڙهي رهي هئي.۽ اها ويڙهه اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي.
    سيوهڻ تاريخ جا انيڪ عروج ۽ زوال ڏٺا آهن. ڪڏهن سُک ڏٺو اٿس. ته ڪڏهن وري ظالم ۽ جابر حڪمرانن جو ظلم برداشت ڪيو اٿس. مغل بادشاهه شاهجهان جي مقرر ڪيل سيوهڻ جي جابر صوبيدار احمد بيگ خان جي ظلم جا قصا اڄ به اوهين تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ پڙهي سگهو ٿا. چون ٿا هن پنهنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ ميرزا يوسف کي ملڪ جو ڪاروبار سونپيو هو. مظهر شاهجهاني ڪتاب موجب ميرزا يوسف روزانو بيگناهه ماڻهن کي شهر سيوهڻ مان سڏائي انهن کي ڦٽڪا هڻائيندو هو. ان جي ڪري سوين مظلومن جي کل لهي ويندي هئي ۽ مظلوم جي دانهن چيخ پُڪار سان سيوهڻ جو آسمان به لڏي ويندو هو.
    سيوهڻ جو قلعو اڄ به ظالمن جي ظلم ۽ مظلومن جي آهُن ۽ دانهن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ڪهڙي خبر يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين مولف تاريخ مظهر شاهجهاني تاريخ کي هن شهر سيوهڻ جي ڪنهن حويلي ۾ شمعدان جي روشنيءِ ۾ ويهي رقم ڪيو هو. اڄ اهو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب آهي. مون کي سندس لکيل هي شعر ٿو ياد اچي.
    اي بادشاهه!
    ستن آسمانن جي پاڇي هيٺ
    تون ئي سڀ ڪنهن جي اڀل آهين
    تنهنجي ئي درد جو آسرو
    سڄي جهان لاءِ ڀروسي جهڙو آهي.
    چنڊ سڄي رات آسمان تي ڦرندي
    تنهنجو ڏيئو ٻاريندو ٿو رهي
    سج سارو ڏينهن سونهري تاج سان
    تنهنجي تخت اڳيان حاضر آهي
    منهنجو ڪم موتي مڙهڻ
    تنهنجو ڪم قدر ڪرڻ آ
    هن گنج نامي ڪيترن خزائن
    جون ڪنجيون رکي ڇڏيون اٿم
    جيڪو ان مان سوني ڪنجي هٿ ڪندو
    اُهو ڪيترن خزانن جي طلسم کي ٽوڙي ڇڏيندو!
    ***
    ۽ 19 محرالحرام 1044 هجري بمطابق 1632ع ۾ جي شام جو يوسف ميرڪ پنهنجو تاريخي ڪتاب لکي هن ئي شهر سيوهڻ ۾ پورو ڪيو هو. مقصد اهو ته سيوهڻ جي تاريخ تي لکجي ته هوند، هي مهاڳ هڪ ڪتاب جي شڪل اختيار ڪري وڃي. طوالت جي خوف کان ڪجهه منتشر خيال ذهن ۾ اچن پيا. سيوهڻ کي ته مشهور عالم ۽ اڪبر بادشاهه جي رتن مان هڪ رتن ابوالفضل به ياد ڪيو آهي، ابوالفضل، ۽ ابوالفيضي جهڙن ڏاهن ۽ سندس والد شيخ مبارڪ جو اصل وطن به سيوهڻ ڀرسان ريل جو علائقو هو. مغل بادشاهه شاهجهان جو ولي وارث ۽ سڪيلڌو صوفي پٽ دارا شڪوهه سيوهڻ مان به ٻه ڀيرا لنگهيو هو.پهريون ڀيرو 1658ع جي آڪٽومبر ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1659ع جي اونهاري ۾ تڏهن سيوهڻ وٽان سنڌو درياءِ پار ڪري بلوچستان هليو ويو هو. ان مهل ساڻس گڏ زال نادرا بيگم گڏ هئي. سيوهڻ جي آسمان بدنصيب شهزادي دارا کي، بيسرو ساماني جي حالت ۾ ڏٺو هو. سيوهڻ جي صوبيدار محمد صالح ڄاڻي واڻي سندس راهه نه روڪي هئي. ڇاڪاڻ سنڌ جي اُها روايت نه هئي، ته ڪنهن مهمان جي آبرو جي حفاظت نه ڪجي. سنڌ مان صحيح سلامت نڪرڻ کانپوءِ سبي ويجهو دادر ۾ ملڪ جيون جي غداري سبب دارا گرفتار ٿي ويو. ۽ دهلي ۾ اورنگزيب جي هٿان مارجي ويو!
    ***
    سيوهڻ قلندر جو شهر آهي. ۽ اصلوڪا سيوهاڻي پنهنجون دلي مرادون قلندر کان گهرندا آهن. هو خوشي ۾ به لال سائين کي سڏيندا آهن ۽ محرم جي غم ۾ به سيوهڻ کي ڏسندا آهن. آئون ذاتي طور تي سيوهڻ کان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان. مونکي هتي قلندر لال شهباز جو هي غزل ياد ٿو اچي.
    ترجمو:يار جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ ئي نچان ٿو. ڪڏهن مٽي ۾ ٿو ليٿڙجان، ته ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو.
    زاهد اچي ڏس، ڪيئن سندس عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان. ڪنهن جي خواري کان نٿو ڊڄان وري بازار ۾ نچان ٿو.
    هلي آءُ اي مجلس جا مطرب. سما جو شوق اچي ڏيار جو مان يار سان ملڻ جي ڌُن ۾ قلندر وانگر نچان ٿو.
    مونکان خلق پُڇي ٿي ته ڀلا ايترو ڇا جي لاءِ نچين ٿوکيس جواب ٿو ڏيان ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو!
    ***
    ۽ هونئن به اها هڪ تاريخي حقيقت آهي. سيوهڻ جي ڪيترن ئي ماڻهن سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪم ڪيا آهن انهن سمورن ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال، سندن ڪجهه قلمي ڪاوشون، اسانجي نوجوان ليکڪ مير حاجن مير، مختلف ڪتابن مان هٿ ڪري انهن کي هڪ ئي هنڌ سهيڙي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، اهو هڪ محنت طلب ڪم هو. پر هن قسم جي تاريخ مرتب ڪرڻ جو سلسلو خوش آئند آهي. مثال طور ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جن جو سيوهڻ سان تعلق هو، پر سندس اُن تعلق ۽ ڪم بابت اسانجي پڙهندڙن کي خبر گهٽ هوندي. پرمير حاجن مير جو هي ڪتاب پڙهي سيوهڻ جي انهن شخصيتن بابت پڙهندڙن کي خبر پاڻ پئجي ويندي.
    هن ڪتاب ۾ سچ پچ ته ڪيترن عالمن جو ذڪر وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق کانپواءِ فاضل مرتب هٿ ڪري، ڪتاب ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مغل دور جا اهم وقائع نثر نويس، محقق، مولف شاعر، هن ڪتاب ۾ اوهانکي تاريخ جو داستان ٻڌائيندڙ نظر ايندا. ڪهڙا شاعر ۽ اديب سيوهڻ جا هئا ته انهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ٻيو ته ٺهيو پر ميرحاجن مير، ڪيترن تي عالمن جا هٿ اکر، سندن تصويرون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن. ڪي تصويرون اڌ صدي کان به پراڻيون آهن ۽ ڪتابن جا عڪس به ڏنا آهن، اهو هڪ انتهائي محنت طلب، تحقيقي ۽ جاکوڙ وارو ڪم آهي، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي. مون کي اهو پڙهي به ڏاڍو عجب ٿيو ته سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو انسائيڪلو پيڊيا لکي ۽ پاڻ پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻ وارو شخص پروفيسر فتح الله صديقي آهي. اهو عالم به سيوهڻ جو آهي. ٻئي ڪنهن ٻوليءِ ۾ ذاتي خرچ تي ايڏو وڏو ڪم ڪندڙن جو وڏو قدر ڪيو وڃي ها. پر هن شخص جي ڪم جي تقليد سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ته ڪئي. پر کيس سنڌ جي سرڪاري ادارن نظرانداز ڪري ڇڏيو. ان بابت به اسانکي هن ڪتاب مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مجموعي طور تي هي ڪتاب سانڍڻ جهڙو آهي.
    سنڌ جي تاريخ ۾ مرثيو جي فن جو چمڪندڙ ستارو سيد ثابت علي شاهه به سيوهڻ ۾ آرامي آهي. سنڌي زبان جو اوائلي شاعر قاضي قادن به سيوهڻ جو هو. حضرت ميان مير (لاهور وارو) به سيوهاڻي هو.
    سنڌي ٻولي ۾ سال 1853ع ۾ پهريون درسي ڪتاب لکندڙ ديوان ننديرام مير چنداڻي ميراڻي به سيوهڻ جو هو. خود اسان جا وڏا به سيوهڻ جا هئا. اسان جي خاندان جي وڏو، ميان شيخ عالي، حضرت قلندر لال شهباز جو خاص خليفو هو. بلڪ چون ٿا ته قلندر لال شهباز کي غسل مبارڪ ميان شيخ عالي ڏنو هو. قدرت خدا جي 700 ورهيه گذري ويا آهن. پر ميان شيخ عالي جي قبر اڄ به سيوهڻ ۾ پراڻي تجر وٽ قائم آهي. اُتي ئي “تجر” منهنجي ناني ميان عبدالله قريشي جي ٺهرايل اڃا قائم آهي.
    اسان جا ناناڻا ڇاڪاڻ ته سيوهڻ جا هئا. اُن ڪري امان مرحيات جي واتان سدائين سيوهڻ جون ڳالهيون ٻڌيون سين. اک ته حيدرآباد ۾ پٽيسين، پر ڳالهيون سيوهڻ جون روز رات جو امان آکاڻي ٻڌائڻ مهل ضرور ڪندي هئي. امان جو جنم به سيوهڻ ۾ 1919ع ۾ ٿيو. پاڻ، زينت چنا، عزيزالنسا قاضي سان گڏ سيوهڻ جي اسڪول ۾ پڙهي. زينت چنا، سيوهڻ جي پوسٽ ماسٽر محمد صالح چنا جي ڌيءُ ۽ پروفيسر محبوبه علي چنا جي ڀيڻ هئي. بعد ۾ بيگم زينت عبدالله چنا جي نالي سان مشهور ٿي، عزيز النسا قاضي وري مولوي فتح محمد سيوهاڻي جي ڌيءُ. جنهن جي شادي قاضي محمد اڪبر سان ٿي هئي. امان وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ ڪندنمل گرلز اسڪول مان حاصل ڪئي. ننڍڙي هوندي، سيوهڻ جي سجاده نشين سيد ولي محمد لڪياري جي اهليه محترم مرحيات جيجي گلڻ ماءُ کيس نپايو هو. اُها خاتون وري حڪيم محمد زمان عباسي جي ڌيءُ هئي. سندس ٽيئي ڀائر هر هڪ خان بهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي حيدرآباد جي پرتاب محل وارو، غلام محي الدين عباسي چيف انجئنير ڪوٽڙي بئراج ۽ حڪيم غلام قادر عباسي ڪراچي وارو، پنهنجي وقت جا مشهور ماڻهو هئا. تنهن کان سواءِ سيد گُل محمد شاهه لڪياري ۽ سيد وريل شاهه سبزواري سيوهڻ جي سڃاڻپ طور اسان ننڍڙي هوندي اکين ڏٺا. ۽ وڏي ڳالهه ته اُن وقت جي سيوهڻ جي رهاڪن ۽ مکيه خاندانن جو پاڻ ۾ مائٽن جهڙو رستو هوندو هو. امان مرحيات جي والد ميان عبدالله خان جو سيد ولي محمد شاهه لڪياري ۽ سيد علي انور شاهه سبزواري سان دلي رستو هوندو هو. اسان جو مامو گُل محمد، سيد وريل شاهه سبزواري سان ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو. امان کي وري سائين موٽيل شاهه سبزواري به ڌيءُ ڪيو هو. اُهو سيوهڻ سچ پُچ ۽ ڪنن ٻڌل، اڄ موجود ڪونهي يا جنهن زماني جي ڳالهه پيو ڪريان اهو زمانو 1920ع کان پوءِ جو آهي.
    ان کان سواءِ سيوهڻ جو تاريخي بندر به سوين سال اڳ ملڪا ملڪ مشهور هو. پر سيوهڻ جي ڍڪ بازار”اصل بازار” ورهاڱي کان پوءِ برباد ٿي وئي. چون ٿا ته اُها سموري ڊگهي ۽ شاهي ڍڪ بازار هوندي هئي. اُن ۾ سونارن جا هٽ هوندا هئا. سيوهڻ جي سونارن جي، مشهور آرڪيالاجسٽ مجمدار به پنهنجي ڪتاب ۾ واکاڻ ڪئي آهي. هر پاسي جا ماڻهو سيوهڻ وکر وٺڻ لاءِ اُتي ڪهي ايندا هئا. هندو ۽ مسلمانن جو پاڻ ۾ قرب هوندو هو، امان جي ڪٽنب جو مسلمان سان گڏوگڏ قانونگن، ميراڻين، لالواڻين، بجلاڻين، ڀُٽاڻين، سان مائٽن جهڙو رستو هوندو هو. سيوهڻ ننڍڙو پر محبت ڀريو شهر هوندو هو. قاضين، سيدن ۽ قريشين جي پاڻ ۾ مائٽي هوندي هئي. سيوهڻ ۾ ان وقت به ميونسپل ڪميٽي هوندي هئي جڏهن دادو اڃان دادو نه ٿيو هو. سيوهڻ ۾ قلندر جو ميلو ٽن ڏينهن وارو، ان قديم ميلي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ پهرئين ميندي گُل محمد شاهه لڪياري وارا ڪڍندا هئا. ٻي ميندي ميراڻي موهن لال وارا، ۽ ٽي ميندي قانونگن جي طرفان ڪڍي ويندي هئي. شام جو قلندر جو مقبري آڏو پراڻي علم وٽ “ٽونٽا”، (فٽاڪا) ڇوڙيا ويندا هئا. مون کي اُهو زمانو ياد آهي. اسين ننڍڙا آهيون. سيد گل محمد شاهه واري حويلي جي ڇت تان پيا اُهو منظر ڏسون. سامهون قديم آنگاس جي بيرڪ هوا ۾ ڦڙ ڦڙ پئي ڪري. هيٺ سوين ماڻهو بيٺا آهن. ٽونٽا پيا ڇوڙين. هر ماڻهو اُنهن ڦلجهڙين کان بچڻ جي ڪوشش پيا ڪن.سامهون شينهن واري ڪافي ۽ ٻين ڪافين تي عورتن جا هجوم آهن. امان سان گڏ اسان جو ماسيون هر هڪ ناني امان ماسي بصران، ماسي عيسل، ادي سارُل اسان جي ماسات ۽ اسان جي وڏي ماسي الهبچائي، پُڦي صابل، امان جي ساهيڙي مراد ماءُ ۽ ٻيون ڪيتريون خواتين گڏ آهن. پوءِ قلندر جي ميندي اچي لنگهي ٿي. اڳيان صوفي فقيرن جو ٽولو. سندن اڳواڻي سيد گنمبل شاهه (ٽلٽي وارو) پيو ڪري، يڪتارن، دهلن ۽ شرناين سان اهو جلوس قلندر جي صحن ۾ ٿو داخل ٿئي. ڪجهه دير ۾ رات جو سيوهڻ شهر جا ڏئيا ٻرڻ لڳن ٿا. تڏهن اڃان سيوهڻ ۾ بجلي ڪانه هئي. صبح جو قلندر جي مزار تي گينڊي جي گلن جو ڏيک. قلندر جي اڱڻ ۾ شام جو ڪيترن ڳائڻن جي ڳائڻ جا مڌر آلاپ ۽ صبح جو سيد نادر شاهه پٺاڻ جي آمد. اسين هن کي ڏسندا ٿا رهون. يا شام جو فقير لالداس جو اچي لال سائين تي ڏيئا ٻارڻ. جو اها هن جي ڊيوٽي آهي.
    اڄ اهو سيوهڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ پراڻا ماڻهو به باقي نه رهيا جن جون دليون محبت سان ۽ قرب سان پيون مرڪنديون هيون. هڪ ڀيري سيوهڻ آياسين ته قلندر جي مئنيجر اوقاف سيد اسدالله شاهه وٽ اچي رهياسين. امان وارا سندس گهر ۽ اسين وري رات جو ساڻس گڏ شينهن واري ڪافي ۾ وڃي سمهندا هئاسين. جڏهن گلڻ ماءُ کي خبر پئي ته امان تي ڪاوڙجي پئي. امان وڃي پرچايس ٻئي. ڏينهن اسانجي دعوت لاءِ ڪچو سيڌو گوشت، گيهه، چانورن سميت اسدالله شاهه جي گهر ڏياري موڪلايائين. منهنجي خيال ۾ ويهارو ماڻهن کان وڌيڪ سيڌو هو. اڄ اهڙا ماڻهو ڪٿي رهيا آهن. هنڌ اهي ئي آهن پر ماڻهن ڪنهن ٻئي ديس ۾ هليا ويا.اُڏام ٿي ويا.ماڳ ۽ مڪان ۽ مڙهيون پيون ڀان ڀان ڪن.
    اسانجو مامو مرحوم به سيوهڻ ۾ ڄائو. اُتي ئي پڙهيو. پر جڏهن اسانکي سيوهڻ وٺي هلندو هو، ته حڪيم محمد مراد صديقي، سيد وريل شاهه سبزواري، ميان نور محمد مغل ۽ کڏ محلي وٽ هڪ ڳاڙهين پڪسرين سرن سان ٺهيل ماڙي ۾ رهندڙ ريجهو مل سان ضرور ملاقات ڪرائڻ لاءِ هلندو هو. ريجهو مل ورهاڱي کانپوءِ به وطن ڇڏي نه ويو، شام جو انهي شاندار ماڙي جي آڏو ڪرسيون وجهي ويهندو هو. اها ماڙي هاڻ شايد نه رهي آهي. جو سندس مرڻ کانپوءِ اهو گهر به قبضي هيٺ اچي ويو آهي. جئين اسانجا اباڻا گهر هاڻ قبضي ڪندڙن وٽ آهن.
    ان کانسواءِ قلندر لال جي مقبري پويان، سوني در کان پرڀرو روڊ تي مولچند جو مڪان مون کان ڪڏهن نه ٿو وسري، مولچند به ورهاڱي کانپواءِ سنڌ نه ڇڏي. سندس اُهو گهر يا مڪان ڏاڍو سهڻو ٺهيل هوندو هو. چئني پاسن کان اُن گهر جو ڪاٺ جو شيڊ ٺهيل هوندو هو. شاندار شخصيت جو مالڪ، اچي ننڍڙي ڏاڙهي، مڇون، اڇا اجرا ڪپڙا ڳالهيون ڏاڍيون عالماڻيون.
    يا وري مامو مرحوم سندس گهر آڏو ٺهيل سندن اباڻي مسجد ۾ ٽپهرن جي نماز ضرور پڙهندو هو. ان کانسواءِ اسانجو مائٽ علي محمد ساگر سيوهاڻي مونکان نٿو وسري. سيوهڻ ۾ سندس پڪوڙن جو دڪان هوندو هو. پر سندس گفتگو ڏاڍي موهيندڙ هئي. اسان سان ملندو هو ته اسانجي والده لاءِ چوندو هو. “منهنجا همشيره محترم کي ادب ۽ نياز چئجو!” اسين ڏاڍو عجب کائيندا هئاسين ته هي شخص ڪيڏو نه سٺو ٿو ڳالهائي. بعد ۾ بابا مرحوم ٻڌايو ته علي محمد شروع ۾ عليڳڙه پڙهڻ ويو هو. بعد ۾ ڪا سرڪاري نوڪري به ڪئي هئائين. پر پڇاڙي ۾ پڪوڙن جو دڪان کوليو ويٺو هوندو هو. سٺو شاعر به هو ۽ قلندر شهباز جو وڏو عقيدت مند هو. اُن کانسواءِ سيد گل محمد شاهه لڪياري مرحوم جو خاص خدمتگار مرحوم ڦوٽو مشالعچي به اسانجو خانداني دوست هو.
    سائين عزت علي شاهه به اسان سان پراڻا ناتا نڀائيندو رهيو. يا وري سيد محمد مراد شاهه لڪياري، سيد صادق علي شاهه سبزواري، سندس ڀاءُ سيد حاجن شاهه سبزواري، سيد حاجن شاهه لڪياري، سيد جئيندل شاهه آراضي وارو، سيد شاهه محمد شاهه لڪي شاهه صدر جو سجادهه نشين، محبوب علي چنا، سيد ناٿن شاهه لڪياري، سيد پنجل شاهه لڪياري، سيد غلام عباس شاهه باجاروي، سيد نصير محمد شاهه، سيد غلام حسين شاهه آراضي وارو. قاضي خدا بخش، قاضي محمد صادق، فقير لالا داس، هن جو ننڍو ڀاءُ فقير ايسرداس، ڪوڙل شاهه سيد غلام حسين شاهه مرحوم. ڪجهه نالا ياد آهن. ڪجهه وسري وياآهن ۽ ڪجهه امان وٽ ايندڙ خواتين بچايو ماءُ، حاجو عمراڻي، ناني امداد ماءُ، ستارو ماءُ، مقبول ماءُ، .
    سيوهڻ ننڍڙي هوندي وڃڻ جو پروگرام ٿيندو هو. ڄڻ اسان لاءِ عيد اچي ويندي هئي صبح جو اسر مهل ڪوٽڙي مان پسينجر ٽرين ۾ سيوهڻ وڃبو هو. لڪيي جي درگاه وٽان ريل ڀرمان ۾ لنگهندي هئي، دري مان جبلن ۽ درگاه جي اڇي مقبري کي ڏسبو هو، ۽ امان دعا گهرندي هئي.
    شاهه صدر
    نيڪ نظر
    محموداڻي مير
    پاڻ پڏائين
    ڏونگر ڏارين!
    سيوهڻ ۾ پهچندا هئاسين ته لال سائين جي قُبي کي ڏسندي ئي چوندي هئي.
    قلندر لال
    مان ته آئي آهيان
    ڏاڍا ڏونگر ڏوري!
    پوءِ پهرئين حاضري قلندر تي ۽ پوءِ ميان شيخ عالي جي قبر تي، ان کانسواءِ بو دلي بهار، ۽ ڇُٽي امراڻي جي درگاهه يا اباڻي مقام ۽ تجر ۾ ضروت هلندي هئي.
    ڪو وقت هو جو سيوهڻ جو اسين ڀيرو ضرور ڪندا هئاسين. امان سان گڏ 27 رجبي لال سائين جي ميلي ۽ محرم جي ستين ۽ اٺين تاريخ.
    بعد ۾ امان پيريءَ سبب سيوهڻ اچڻ ڇڏيو ته ادا وڏو ممتاز علي قريشي، چنڊ جي هر جمعي رات تي پنهنجي اوپل موٽر ۾ اسانکي سيوهڻ وٺي هلندو هو. پهرئين شاهه صدر لڪي، پوءِ سيوهڻ قلندر سائين جي مقبري تي، واپس منجهند جي ماني لڪيءَ ۾ سيد ناٿن شاهه، سجاده نشين لڪي شاهه صدر وٽ کائبي هئي. تڏهن انڊس هاءِ وي به ننڍڙو هوندو هو. رات جو دير سان موٽبو هو. امن امان جون حالتون سڻايون هونديون هيون. آمري کانپوءِ ٻيلو گهاٽو هوندو هو. رات جو ٿڌ ۾ هوا وڻن مان لنگهندي پيرن اچي اسانکي لڳندي هئي. مٿي آسمان تي هزارين تارا به اسان سان گڏ سفر پيا ڪندا هئا.
    ***
    سيوهڻ جون هزارين يادگيريون آهن. سيوهڻ جو تاريخي محرم به سموري ننڍڙي کنڊ ۾ پنهنجي منفرد قسم جو هوند هو ۽ آهي. ڇا ذوالجناح کي سينگارينداآهن. ڇا تابوت ۽ سيج اٺن تي نغارا. اڳيان گجگاهه علم، ڄڻ جنگ جي ميدان ۾ ڪوئي لشڪر ويڙه تي ويندو هجي. ڪٿي پڙهيو هوم ته ننڍي کنڊ ۾ محرم جي تقريين جي شروعات سيوهڻ کان ٿي. سيوهڻ کانپوءِ لکنو ۽ امروه جو محرم تقريبون هڪجهڙيون هيون.
    اهو سيوهڻ، اڄ معدوم آهي. هڪ ڀيرو دوست جمال ميراڻي سان گڏ سال 1981ع ۾ سڄو شهر گهمڻ نڪري پيو هوس. محمد مراد صديقي اسان کي پنهنجو مائٽ گڏ ڏنو هو. اسان مخدوم بصرالدين صديقي مرحوم جي قبر جي ڳولا پئي ڪئي سين. سيوهڻ شهر جي مٽي ڇاڻي شام جو قلعي ريسٽ هائوس پهتا هئاسين. ريسٽ هائوس جي اڳنڌ ۾ ٺهيل ٿلهي تي ڪرسيون وجهائي ويٺاسين. سياري جي شام آهستي آهستي سيوهڻ جي مٿان ڪنهن غنيم جي لشڪر جيان ڇائنجندي پئي ويئي. پريان قلندر لال شهباز جي مقبري تان نغاري وڄائڻ جو آواز گهڙيال ۽ گهنڊ وڄڻ جو آواز شام جي سناٽي ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ۽ پريان اولهه ۾ سنڌو درياءِ ۾ ڪجهه ٻيڙيون خبر ناهي ڪيڏانهن پئي ويون گهڙيءَ ۾ سيوهڻ جي آسمان تي 16هين تاريخ جو چنڊ اچي سامهون بيهي رهيو، اهو تمام سڪ منظر منهنجي ذهن جي ڪُنواس تي بيٺو آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڻن ڪتابن مان، امان جي نالي موڪليل سندس ساهيڙي مراد ماءُ (سائين گل محمد شاهه سجاد نشين درگاهه قلندر شهباز جي اهليه محترمه) جا پراڻا عيد ڪارڊ ڏسندي اهو پراڻو سيوهڻ ياد اچي ويندو آهي ۽ هاڻ دوست مير حاجن مير جي لکيل ۽ مرتب ڪيل سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، ڪتاب جو مسودو پڙهي سيوهڻ ياد اچي ويو. قديم سيوهڻ ۽ انجا ماڻهو ياد اچي ويا. پير حسام الدين شاهه راشدي ياد اچي ويو 1971 ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سيوهڻ جي تاريخ جاماخذ ڳولڻ لاءِ سيوهڻ جي قبرستانن مقبرن هنڌ ۽ ماڳن جي خاڪ ڇاڻي رهيو هو. غلام رباني آگرو ساڻس گڏ هو. سيد صادق علي شاهه سبزواري جي اوطاق تي مير معصوم بکري جي سوانح حيات لکڻ لاءِ کائنس مير ڪلان ۽ کاٻڙوٺي سيدن جو شجرو وٺي رهيو هو. ڪئميرا ساڻس گڏ هئي ۽ هن سيوهڻ جي پراڻن مقبرن، قبرن ۽ ماڳن جا فوٽا پاڻ ڪڍيا هئا.
    يا وري سيوهڻ ۾ سيد نصير محمد شاهه جي اوطاق تي بزم صوفياءِ سنڌ جي جو نومبر 1966 ۾ ٿيل جلسو. شاهه صاحب محترم جي ايم سيد جو پڙهيل خطبو. پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي مشتاق علي قريشي، سيد شاهه محمد شاهه ، ڪامريڊ محمد عمر، سان گڏ اُتي ويٺا آهيون. يا ان کان به اڳ گهڻو اڳ سيد گل محمد شاهه جي اوطاق تي قلندر جي ميلي جي موقعي تي ٿيل راڳ جي محفل ۾ استاد بڙي غلام علي خان جو راڳ برقي گولن جي روشني ۾ ويٺا ٻڌون، ڪاش ماڻهو جون اهي سڀ يادگيريون ۽ گذريل زمانو موٽي اچي. فقط هڪ ئي ڀيرو ماڻهو پنهنجي پراڻي زماني ۾ ڪنهن سگهه سان واپس هلي ۽ وري موٽي اچي.
    سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جي عنوان سان اسان جي دوست، ۽ نوجوان شاعر مير حاجن مير، هي ڪتاب ڏاڍي محنت سان ويهي مرتب ڪيو آهي. تحقيق ڪئي اٿس. قلندر لال شهباز کان وٺي مولانا ضيائي سيوستاني قاصي قادن، محمد جعفر بوبڪائي، حڪيم عثمان بوبڪائي، مُلا محب سنڌي، شيخ مبارڪ، فيضي، ابوالفضل، حيڪم فتح محمد سيوهاڻي، حڪيم محمد زمان عباسي. قاضي عبدالمجيد عابد، بيگم زينت چنا، گورڌن محبوباڻي، پروفيسر محبوب علي چنا، ٻيون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ۽ هن دور جي زندهه شخصيتن بابت احوال ڏئي، سيوهڻ جي ادبي تاريخ ويهي لکي آهي. هن محنت تي سندس واکاڻ ڪرڻ واجب آهي، مير حاجن مير پاڻ هڪ جاکوڙي ۽ علم و ادب سان عشق ڪندڙ آهي. هي ڪتاب سندس اُن ادب دوستي جو ڀرپور مثال آهي. سيوهڻ ۾ پروفيسر فتح الله صديقي، نظير حيات سيوهاڻي، پروانو سيوهاڻي، مير حاجن مير، خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، گل سيوهاڻي ۽ ٻيا اڄ به ادبي شمع ٻاريندا پيا هلن. سنڌي ادب جي جوت جاڳائيندا پيا اچن. الله سائين سندن اهو جذبو قائم رکي.
    مدد علي سنڌي
    ڪلفٽن ڪراچي
    (1 جولاءِ 2014ع)


    پنهنجي پاران

    سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهريان ڪارناما
    سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جا

    1. سنڌي ٻولي جي گرامر تي بحث ڪندڙ شخص، سڀ کان پهرين محمد جعفر بوبڪائي آهي.سندس ڪتاب حل العقود في طلاق السنود ۾ سنڌي نثر جا ٽڪرا “شرح محمد جي مون مڃي” الله جي رسول هي فرمايو، آئون واڻيو ناهيا، هل آئون تو جهڙو نه آهيان وغيره فقرا ملن ٿا.
    2. سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن آهي جنهن جا بيت سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهريان مڃيا وڃن ٿا
    3. سنڌي ٻولي ۾ پهريان درسي ڪتاب ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي 1853ع ۾ ترتيب ڏنا ۽ لکيا، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ سڀ کان پهرين پڙهايا ويندا هئا.
    4.سنڌي ٻولي ۾ مرثيه جو وڏي ۾ وڏي شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي به سيوهڻ جو آهي
    5.سنڌي ٻولي ۾ نثري شاعري جو پهريون ڪتاب مدد علي سنڌي جو پِنرملن آهي
    6.سنڌي ٻولي ۾ پهرين سنڌي انسائيڪلوپيڊيا پروفيسر فتح الله صديقي جي آهي جيڪا 2005 ۾ ڇپي
    7. سنڌي ٻولين ۾ سڀ کان پهرين ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، به خير محمد ٻرڙي سيوهاڻي 2005 ۾ لکي آهي.
    ان کانسواءِ به سيوهڻ جي ادبي شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪافي ڪم ڪيا آهن.


    ڪتاب لکڻ جو مقصد
    هن وقت تائين مونکي 7 سال ٿيا آهن هن ڪتاب کي لکندي دوستن سان رابطا جاري رهيا.سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جي باري ۾ پڇندو رهيس، ڪن ته معلومات ڏني ڪن ته وري سکڻا آسرا ڏنا، آخر تائين ڪا به معلومات نه ڏنائون.ڪافي دوستن جي درن تي پنڌ ڪيم پوءِ جيڪا شي جتان ملي ان کي نوٽ ڪندو ويس، ٽڙيل وکريل سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جو مواد مليو ٿي. ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ ڪو چڱو خاصو مواد نه هو.
    سنڌي ادب ۾ سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جي وڏي خدمت ٿيل آهي مون سوچيو ته ڇو نه انهن جا پروفائيل لکان انهن جي جنم، وفات جي تاريخن کي شامل ڪريان سندن ڪتابن جا نالا ضرور شامل ڪريان سندن وفات ڪٿي ۽ ڪهڙي شهر ۾ ٿي سندن جنم ڪٿي ۽ ڪهڙي شهر ۾ ٿيو آهي. چند ڳالهيون ادبي شخصيتن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رکيون اٿم
    1. ادبي شخصيت جو جنم سيوهڻ يا ڀرپاسي ۾ ٿيو هجي
    2. جي جنم سيوهڻ ۽ ڀرپاسي نه ٿيو هجي ته سيوهڻ ۽ ڀرپاسي اها شخصيت مدفون هجي.
    3. مٿئيون ڳالهيون ٻئي نه هجن ته ادبي شخصيت جي خاندان جو تعلق سيوهڻ يا ڀرپاسي سان هجي.
    4. جن به شخصيتن جو ادبي ڪم ٿيل هوندو، ان کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو.
    5. سندن لکڻيءَ جو نمونو به ڪتاب ۾ شامل ڪريان
    6. چند شخصيتن جا هٿ اکر ڏبا
    7. جن به ادبي شخصيتن جون تصويرون ملنديون اهي به شامل ڪبيون.

    ڇنڊ ڇاڻ:
    هن ڪتاب ۾ ادبي شخصيتن جون لکڻيون به شامل ڪيون آهن ان مان خبر پوندي ته سندن ادبي ڪم جو معيار ڪهڙو آهي انهن ڇا لکيو آهي!سندن ٻولي جي استعمال جي جي خبر پئي ٿي ان دور جي خبر پوي ٿي.سندن ٻولي ڪهڙين ٻولين اثر هيٺ هئي.سنڌي ٻولي ڪهڙن مرحلن مان گذري سندن لکڻين ۾ ڪهڙو پيغام آهي ڪهڙو مقصد آهي حقيقت ڇا آهي.
    ڪتاب “سيوهڻ صدين کان” ۾ فيروز شاهه ظفر، فيروز شاهه تاثير، جدا جدا شخصيت لکي وئي آهي.جڏهن فيروز شاهه ظفر ۽ تاثير هڪ ئي شخصيت آهي فيروز شاهه تاثير جو جنم باجارن ۾ ٿيو.سندس جو پهريون تخلص “تاثير” بعد ۾ ظفر هو ٻيو فيروز شاهه دڙائي بوبڪن جي ڳوٺ دڙو جو رهاڪو هيو جنهن جو تخلص دڙائي هيو محمد عارف سيوستاني اول، محمد عارف سيوستاني “ٻيو”، ٻئي سيوهڻ جا رهاڪو آهن محمد عارف سيوستاني اول ڀلارو بزرگ رهيوآهي غلام مصطفيٰ قاسمي پڻ سندس تي مضمون لکيو آهي سندس ادبي ڪم ڪو گهڻو نظر نٿو اچي سندس هڪ فتوائن جو ڪتاب محمد عارف جي فتوايٰ ملي ٿو محمد عارف سيوستاني اول ولد محمد حسن قاري ولد دين محمد صديقي آهي .
    محمد عارف اول جي وفات 1258هه ٿي آهي
    محمد عارف صديقي “ٻيو” انگريزن جي دور جو آهي سندس جي سنڌي ۽ فارسي ۾ شاعري ملي ٿي پاڻ هڪ ڪتاب زميندار ناما لکيائين ۽ ڪريما جو سنڌي ترجمو به ڪيائين.سندس تخلص عارف هو سندس جا 300 غزل سنڌي ۽ فارسي ۾ لکيل آهن سندس جو وڌيڪ احوال ڪتاب ۾ ڏنل آهي محمد نالي (3) ادبي شخصيتون آهن 1. ملا محمد سيوهاڻي 2. محمد وفا سيوستاني 3.محمد مجذوب سيوستاني ٽنهي ادبي شخصيتن جو ادبي ڪم ٿيل آهي ٽنهي کي شامل ڪيو اٿم محمد مجذوب سيوستاني، محمد عارف سيوستاني (ٻيو ) جو ڀاءُ آهي نور محمد بوبڪائي جي نالي سان ٻه شخصيتون آهن ٻنهي جو ادبي ڪم ٿيل آهي سندن جو دور جدا جدا آهي ٻنهي جو ادبي ڪم ٿيل آهي. مخدوم محمد حسن صديقي، مخدوم ابوالحسن، مخدوم حسن الله صديقي ٽنهني شخصيتن جا نالا ملندڙ جلندڙ آهن ٽئي شخصيتون الڳ الڳ آهن، سندن ادبي ڪم ٿيل آهي سندن جو احوال اڳتي ڪتاب ۾ آهي.

    ڪجهه رهيل ادبي شخصيتون
    هنن شخصيتن جا نالا ۽ سندن ڪتابن جا نالا مليا آهن. سندن دور جي خبر نه ٿي پوي، سندن جنم ۽ وفات جي تاريخ نه پئي ڪٿان ملي سندن وڌيڪ احوال جي کوجنا جاري آهي.هيٺ سندن نالا ۽ ڪتابن جا نالا ڏيان ٿو.

    شخصيتن جا نالا ڪتاب جو نالو
    تذڪره مشاهير سيوستاني شريف الدين سيوستاني
    رسالا حقيه حجته الله بطريق حقير غلام محمد بوبڪائي
    سيپاره سنڌي (ترجمو) مخدوم مريد الله سيوهاڻي
    انشاء نعمتي مولانا نعمته الله سيوستاني
    سيپاره 29 ترجمو محمد فضل الله ولد عبدالوهاب سيوستاني 1920ع
    فتويٰ خلاف امامت ملا عبدالرزاق بوبڪائي
    زينته الصنف المعروف فوائد المڪشيت محمد ابراهيم بختيار پوري
    انشاء فيض رسان جلد 2 ملا محمد وارث ولد نصرالله سيوستاني
    تذڪره اولياء سيوستان
    وضاحت:
    ويجهڙائي واري دور ۾ سيوهڻ جي ڪجهه شخصيتن کي ڪتابن ۾ شاعر قرار ڏنو ويو آهي.بلڪ اهي سگهڙ آهن شاعر نه آهن سندن ادبي ڪم ڪونه ٿيل آهي، ٻين جي شاعري ياد اٿن انڌا منڊا شهر پنهنجا اٿن. جن کي “سگهڙ” چئجي ٿو شاعر يا اديب قرار نٿو ڏئي سگهجي.
    دادن فقير سولنگي هي سيوهڻ جي ڳوٺ پنجوٿا جو رهاڪو هيو، بعد ۾ سيوهڻ اچي رهيو ، دادن فقير ٻيو “راڌڻ” وارو جيڪو ذات جو جويو آهي دادن فقير راڌڻ واري جو ڪتاب دادن فقير جو ڪلام جي نالي سان ڇپيل آهي. دادن فقير سولنگي جو ڪو به ڪتاب ڇپيل نه آهي راڌڻ وري دادن فقير جي وفات1979۾ ٿي ۽ سيوهڻ واري جي وفات 1998 ۾ ٿي آهي.سندس پٽن غلام رسول سولنگي به سگهڙ حال حيات آهي.ٻيا سگهڙ سيوهڻ جا هي آهن وڏيرو محمد بچل سولنگي، حاجي محمد عمر عرف غلام حسين ڀلائي، رئيس جان محمد ڪٽوهڙ، غلام رسول حاجاڻو ، پٽاڻ ڀٽ، غلام حسين باجاري، انور ٻگهيو (ڀانن وارو) سڀن سگهڙن سان منهنجون ملاقاتون ٿيل آهن پاڻ شاعر نه آهن سگهڙ آهن.

    کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين
    اميد ته منهنجي هِيءَ محنت اوهان کي ضرور قبول پوندي مون ڪافي جاکوڙ ڪري معلومات هٿ ڪئي آهي. ايتري قدر جو شخصيت جي پروفائيل تاريخ ڏسڻ قبرستانن ۾ به وڃڻو پيو. آئون سمجهان ٿو ته هي هڪ ڊگهو موضوع آهي هي هڪ ڪتاب پوري نه پوندو.هڪ هڪ شخصيت تي هن کان وڌيڪ ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا مون کان ڪي غلطيون به ٿيون هونديون. ڪي شخصيتون رهجي به ويون هونديون. ڪن جي پروفائيل ۾ غلطيون به ٿيون هونديون. ڪن جي ڪتابن جا نالا رهجي ويا هوندا.هي سڄو ادبي ڪم ادبي شخصيتن کي (ظاهر-نروار) ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي نيڪ نيتي سان ڪيو ويو آهي اميد ته غلطين کي نظر انداز ڪري اوهان پنهنجا قيمتي رايا ڏيندا. آنءُ محترم مدد علي سنڌي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو، يوسف سنڌي جا به ٿورا جوهي منهنجو ڪتاب “سيوهڻ جون ادبي شخصيتون” پنهنجي اداري سچائي اشاعت گهر طرفان ڇپيائين.
    منهنجي جاکوڙ ادبي شخصيت لاءِ اڃان به جاري آهي.
    کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو
    (شاهه)
    ____________________________
    مير حاجن مير
    سيوهڻ شريف
    24-6-2014
    0300-3275248


    شخصيتن جي فهرست

    مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي (ولادت 538هه 1143ع)

    مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي ولد ڪبير الدين (لقب) سيد ابراهيم جو جنم 538هه 1143ع تي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿيو. بعد ۾ سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيو. پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر، عظيم شاعر ۽ مصنف هئا. سندس اصل نالو “عثمان” آهي. سندس شجرو هن ريت ملي ٿو.
    سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه، ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله.
    ڪتابن ۾ ملي ٿو ته “مروند” آذر بيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجين ۾ آهي ۽ مروند ۾ سندس والد سيد ڪبيرالدين جو مقبرو، زيارت گاهه عوام لاءِ آهي. قلندر لعل شهباز بابا ابراهيم جو مريد هو. حضرت ابراهيم، مريد شاهه جمال مجرد جو هو. قلندر لعل شهباز جا 3 گهاٽا دوست هئا انهن سان خاص ڪچهريون ڪندو هو. اهي هئا،
    1. بابا فريد الدين گنج شڪر پاڪ پتڻ وارو.
    2. غوث بهاولحق زڪريا ملتاني.
    3. سيد جلال الدين سرخ بخاري اُچ وارو.

    قلندر لعل شهباز جا مشهور مريد ۽ فيض حاصل ڪندڙ بزرگ:
    1. حضرت مخدوم بلال “ٽلٽي”
    2. حضرت ميان مير (لاهور وارو)
    3. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
    4. حضرت قادر بخش بيدل (روهڙي)
    5. خوش خير محمد فقير هيسباڻي.
    6. محمد محسن عرف بيڪس سائين (روهڙي)
    7. سيد ناٿن شاهه (لڪي شاهه صدر جو رهاڪو)
    8. لعل موسيٰ (ٺٽي جو رهاڪو)
    9. نبن فقير (ڳڙهي ياسين لاڙڪاڻو)
    10. حاجي غلام نبي مهيسر (ميهڙ وارو)
    11. پير صلاح الدين ڪوٽڙي وارو
    انهن کان سواءِ وڏا وڏا عالم، بزرگ، مولوي، استاد، شاعر، اديب فلاسافر، سياح، زاهد، عابد، فنڪار، آرٽسٽ، ليکڪ، ذاڪر، ديني عالم درگاهه قلندر لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن.

    قلندر لعل شهباز جا ڪتاب:
    1. ميزان صرف
    2. عقد(عقودالتعليات) فارسي
    3. اجناس
    4. صرف صغير.
    “ميزان صرف” مولانا عبدالحئي ايڊٽ ڪري ڇپايو آهي. “عقد” مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي، ٻئي ڪتاب اڳ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. عقد ۾ صرف نحو تي بحث ڪيو ويو آهي.


    قلندر لعل شهباز جي روضي جي اڏاوت:
    قلندر لعل شهباز جي وزير سيد علي سرمست 674هه ۾ تربت تي ڇٽي
    ٺهرائي جيڪا هن وقت صحن ۾ نه آهي. پهرين مقبري جو قبو ملڪ اختيار الدين سيوهڻ جي گورنر ٺهرايو. جڏهن فيروزالدين تغلق هندستان جو حڪمران هو. مرزا جاني بيگ شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ درگاهه جي توسيع ڪرائي ۽ صحن ۾ سنگ مرمر جي پٿر سان فرشبندي ڪرائي. نواب ديندار خان گورنر، شهنشاهه شاهه جهان جي دور ۾ ٻاهريون دروازو ۽ مسجد درگاهه جي ٻاهران ٺهرائي. ان کان علاوه سيوهڻ شهر ۾ ڇٽي آمراڻي ۽ جمن جتي ستي جا عاليشان مقبرا تعمير ڪرايائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (وزيراعظم پاڪستان) 1397هه 1977ع تي سونو دروازو (جيڪو ان کي ايران مان تحفي طور مليو) لڳرايو. قديم هئڻ ڪري 1993ع ۾ قلندر لعل شهباز جو روضو شهيد ٿي ويو. (ڪري پيو) بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو 1994ع تي درگاهه جي سڌاري، واڌاري ۽ نئين گنبذ جو بنياد رکيو. اهو ڪم اڃان تائين درگاهه جو ڪم جاري آهي.

    قلندر لعل شهباز جو عرس ۽ ميندي:
    قلندر لعل شهباز جو عرس سيد سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) 18 شعبان 651 ۾ ملهايو. اهو عرس هن وقت تائين جاري آهي، جيڪو هاڻ 18، 19، 20 شعبان تي ملهايو ويندو آهي. ٽئي ڏينهن ميندي جي رسم پڻ ٿيندي آهي.
    قلندر لعل شهباز ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا، عراق انڊيا، ايران کان ٿيندو آخري ڏهاڙن ۾ سيوهڻ شريف ۾ رهيو. سندس وفات 650هه 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    قلندر لعل شهباز جي شاعري
    زعشق دوست هر ساعت، درون نارمي رقصم،
    گهي بر خاڪ مي غلطم، گِهي برخار مي رقصم،
    ترجمو: دوست جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ پَچي رهيو آهيان، ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙيون ٿو پايان ته ڪڏهن وري ڪنڊن تي نچي رهيو آهيان.
    بيا اي مطرب ساقي! سماع شوق لا دردهه،
    ڪه من در شاديءَ و صلش، قلندر وارمي رقصم.
    ترجمو: اي ساز وڄائڻ وارا ساقي اچ! ۽ دل ۾ راڳ ٻڌڻ وارو شوق ڏي، ڇاڪاڻ ته آئون ميلاپ جي خوشيءَ ۾ مست قلندر بڻجي نچي رهيو آهيان.
    شدم بدنام در عشقش، بيا اي پارسا هم بين،
    نمي ترسم ز رسوائي، سر بازار مي رقصم.
    ترجمو: محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهي، اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس خواري ۽ بڇڙائي کان نه ٿو ڊڄان وچ بازار ۾ نچي رهيو آهيان.
    مرا مخلوق مي گويد، گدا چندان چه مي رقصي،
    بدل دراريم اسراري، ازان اسرار مي رقصم.
    ترجمو: مون کي ماڻهون چون ٿا اي فقير! ايترو ڇا لاءِ نچي رهيو آهين؟ کين جواب ڏينا ٿو ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو.
    اگر صوفي شدهه يارم، بيا تا خرقه اي پوشم،
    اگر زنار بربستند، دران زنار مي رقصم.
    ترجمون: جيڪڏهن صوفي آهين ته منهنجو يار آهين، اچ ته توکي صوفين واري گودڙي پهريان، پر جيڪڏهن جوڳي بڻجي جڻيا پائين ته مان انهيءَ ويس ۾ نچي رهيو آهيان.
    من آن دُرم ڪه در بحر جلال الله بود استم،
    بڪوه طور با موسيٰ، ڪليم الله بود استم.
    ترجمو: مان اهو موتي آهيان جيڪو الله تعاليٰ جي جلال وري دريا ۾ موجود آهيان. طورسينا جي جبل تي حضرت موسيٰ ڪليم الله سان آئون گڏ بيٺو هئس.

    آيا ملا! مڪن ظاهر، سرا اسرار مردان را،
    نمي داني نه دانستي، ڪه سر الله بود استم.
    ترجمو: اڙي ملان! مڙسن جي رازن وارين ڳالهين کي ظاهر نه ڪر، تون نه ٿو ڄاڻين ۽ نڪي ڄاڻي سگهين ٿو ته مان الله تعاليٰ جو هڪ ڳجهه آهيان.
    ديدار حق تعاليٰ، در مان درد ما شد،
    ديد بصير بينا برهان شد است مارا.
    ترجمو: يعني حقيقت جو لقاءُ منهنجي درد جي دوا آهي، حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ واري ۽ بصارت واري نظر سان ڏسڻ واري اک اسان جو دليل ۽ ثبوت آهي.
    ايا عثمان مروندي! چرا مستي درين عالم،
    بجز مستي و مدهوشي دگر چيزي نه دانستم.
    ترجمو: اي عثمان مروندي! هن جهان ۾ ڇا جي ڪري مست آهين، جواب ڏيان ٿو سواءِ مستي ۽ مدهوشي جي آئون ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿو ڄاڻان.
    *


    مولانا ضيائي سيوستاني

    مولانا ضيائي سيوستاني شيخ نخرج جي دور جو عالم ۽ شاعر هو. سندس هڪ ته تصنيف “دستڪ” جي نالي سان مشهور هئي. جنهن جو حوالو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پڻ ڏنو آهي. سندس وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    نيست ماز آسيب دوران در سيوستان هين،
    گرچ آيد زير طوفان جمله عالم في المثل،
    کشتي نوح است گويا، شاهه دروي همچون نوح،
    منڪر ان با نير چوبي دور مي سازو خجل.


    شيخ خضر سيوستاني

    شيخ خضر سيوستاني سيوهڻ جي ريل واري ڀاڱي ۾ رهندو هو.شيخ خضر، شيخ موسيٰ جو اولاد مان آهي.سندس ڪتابن جا نالا هي ملن ٿا.
    1. رسالا قلندري
    2. تذڪره قلندري
    شيخ خضر جو پٽ شيخ مبارڪ سندي هو.شيخ مبارڪ جا پٽ الفيضي ۽ ابو الفضل هئا.جيڪب اڪبر بادشاهه جي 9 رتنن ۾ شامل رهيا.
    *


    شـهيـد مـخـدوم بـلاول (ولادت 1451 وفات 1522ع)

    شهيد مخدوم بلاول جو جنم 14151ع مطابق 855هه ۾ ٿيو. پاڻ ذات جو سمو هو. سندس پيدائش جي هنڌ تي ڪجهه اديبن کي اعتراض آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي ڪتاب سمن جي سلطنت ۾ لکي ٿو. مخدوم بلاول جي ڄمڻ جو هنڌ لس ٻيلو آهي. پروفيسر محبوبه علي چنا ٽه ماهي مهراڻ 1964-4 ۾ لکي ٿو ته “مخدوم بلاول اصل ٽلٽي تعلقي سيوهڻ جو رهواسي هو” روزاني “شام” 20 ڊسمبر 2009ع جي اخبار ۾ غلام مرتضيٰ ملڪ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو “مخدوم حسن مخدوم ادريس جو پٽ هو، جيڪو سنڌ جي ناليواري ۽ مشهور حاڪم ڄام نظام الدين “ڄام نندو” جو ڀاءُ هو. تنهنڪري هن جي دل محلاتن ۾ نه لڳي ۽ هو پنهنجي حاڪم خاندان کان الڳ ٿي سيوهڻ شريف جي ڀر سان ٽلٽي جي علائقي ۾ رهڻ لڳو، اتي ئي مخدوم ادريس کي مخدوم حسن ڄائو. جنهن مان وري مخدوم بلاول پيدا ٿيو.” منهنجي به اها راءِ آهي ته مخدوم بلاول ٽلٽي ۾ ڄائو هوندو. مرزا شاهه بيگ ارغون 926هه 1519ع ۽ 928هه 1521ع ۾ ٽلٽي تي حملا ڪيا. مخدوم بلاول مريدن سميت جنگ وڙهندو رهيو. شاهه بيگ ٽلٽي تي قبضو ڪيو. مخدوم بلاول پنهنجي ديس سان آخر تائين وفادار رهيو. مخدوم بلاول سهروردي طريقي جي شاخ “ڪبرويه” سان وابسطه هيو. پاڻ ڪپڙي اڻڻ جو روزگار ڪندو هو.
    سندس خليفا: سيد حيدر شاهه، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم رڪن الدين، مخدوم حسن مشهور آهن.
    مخدوم صاحب جا مريد به تمام گهڻا هيا. پاڻ عربي، سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ ترقي زبان جي ڄاڻ رکندا هئا. پاڻ مريدن کان ڪجهه به نه وٺندا هئا ۽ خليفن کي به منع ڪندا هئا ته ڪنهن کان به ڪجهه نه وٺو. زندگي سادي نموني گذاريو، گهر ۾ جنڊيءَ جو پينگهو يا کٽ رکڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. سادي کٽولي تي سمهڻ جو حڪم ڏيندو هو. زالن کي دهريون، حس، ٻاهيون، ڪڙيون، نٿون ۽ ريشمي ڪپڙي پهرڻ جي منع ڪندو هو.
    هن بي باڪ بزرگ، سچي قوم پرست کي 929هه 1522ع ان دور جي حڪمران ڪوڙي فتويٰ ملن کان ڏيارائي مخدوم صاحب کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    اول عشق عربي ڄام جو لکيو آهه ڌريا،
    آگي احمد لئه ڪيو جلوو جمالا،
    ڪارڻ پيدائش پرين جي هتي ڪيو هڳا،
    منجهان آهه عشق جي ٿيا عالم آبادا.
    علم عقل سين ٿيو ظاهر ظهورا،
    “سمي” سر جهڪايو لئه مرڻ ملوڪا،
    سر جنين جا سٽ ۾ پيتي تن پڪا.


    مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران (مخدوم جعفر جو والد محترم)

    مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران جي والد جو نالو مخدوم يعقوب بوبڪائي هو. سندس ولادت جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. پاڻ بوبڪن ۾ ئي پڙهيا اتي ئي تدريس ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهيا. “شجره مخدوممان درٻيلا” ۾ لکيل آهي ته مخدوم عبدالڪريم عرف ميرا بوبڪن جا هئا. اتي ئي سندن گهر ٻار هو. تحف الڪرام ۾ مخدوم ميرا کي ٺٽي جو ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا هڪ ڀُل آهي. مخدوم ميران کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ويو هو. ان ڪري کيس ٺٽوي چيو ويندو هو. پر هو اتي نه ڄائو هو. مخدوم صاحب وڏو علم جو ڄاڻو هو کيس کي “شيخ المشائخ” “استادالاساتذه” سڏيو ويندو هو. مخدوم ميران بوبڪائي جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. سندس هڪ ڪتاب جو نالو خلاصته التصريف معلوم ٿيو آهي. جيڪو هن وقت سنڌ آرڪائيوز ڪراچيءَ ڪتبخانه ۾ “ذخيره ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ” اندر موجود آهي.سندس ٻئي هڪ ڪتاب جو نالو قدنه في حڪم الحلف بالمرنه والپرانه آهي.


    مخدوم جعفر بوبڪائي (ولات 930هه 1524ع وفات 1002هه)

    مخدوم جعفر بوبڪائي ولد مخدوم عبدالڪريم عرف مخدوم ميران بوبڪائي جو جنم 930هه 1524ع ڌاري ٿيو. مخدوم جعفر جي ولادت جي تاريخ تي محققن کي اختلاف آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ولادت 930هه ڄاڻائي ٿو ته ڊاڪٽر مولانا عبدالله ڀٽو ولادت 911هه ڄاڻائي ٿو ڪن جو چوڻ آهي ته سندس والد مخدوم ميران جي وفات 949هه آهي ان وقت مخدوم جعفر بالغ هو. فتويٰ جون ڳالهيون، قضا ۽ فيصلن جا واقعا سندس سامهون هئا. مخدوم جعفر تعليم پنهنجي والد مخدوم عبدالڪريم عرف ميران بوبڪائي کان حاصل ڪئي. مخدوم جعفر 958هه 1551ع تي حج جو فرض ادا ڪيو. مخدوم جعفر شاعر، وڏو علم وارو، علم نجوم، رمل، شعبده بازي، طلسم جي فن جو ڄاڻو هو. مفتي ۽ راوي به هو فتوائون ايتريون ته مشهور هيون جو وقت جا عالم پنهنجي لکڻين ۾ حوالي طور استعمال ڪندا هئا. سندس همعصر ۾ قاضي ڏتو سيوستاني، سيد حيدر سنائي مخدوم ساهڙ لنجار بلاولي، رڪن الدين صديقي ٺٽوي، شفيع ڪتين لاکو، درويش مقدي واڍو، مخدوم حسن ڀانوڻي، مخدوم سعد، مخدوم جمع، مخدوم نوح هالن وارو ۽ ٻيا هئا. مخدوم جعفر سنڌي جي گرامر تي بحث ڪندڙ پهريون شخص آهي. مخدوم جعفر لکي ٿو ته فارسي ۾ جمع، الف نون ملائڻ سان ٺهندو آهي، اهڙي طرح بعض سنڌين ۽ هندن وٽ به الف نون ملائڻ سان جمع ٺهندو آهي. سندس عبارت هي آهي.

    وان الجمع في الفارسيته قد تڪون بالالف والنون ڪقولهم ضعيفان و فقيران و کذالڪ عند بعض السنود والهنود ڪقولهم تويان و حصيران للحصر و ڪتابان الڪتب و وطلاقان للطلقات. فارسي ٻوليءَ ۾ جمع ڪڏهن ڪڏهن الف نون ملائڻ سان ٺهندو آهي، جيئن ضعيف جو جمع ضعيفان، فقير جو جمع فقيران غنيءَ جو جمع غنيان، اهڙي طرح ڪن سنڌين ۽ هندن وٽ به هوندو آهي، جيئن تورڻ جو جمع توريان حصير جو جمع حصيران، ڪتابن لاءِ ڪتابان ۽ طلاقن لاءِ طلاقتن.

    مخدوم جعفر بوبڪائي جي ڪتاب “حل العقود في طلاق السنود” ۾ سنڌي نثر جا ٽڪرا موجود آهن. شرح محمد جي مون مڃي، الله جي رسول هي فرمايو، آئون واڻيو ناهيان، هل آئون تو جهڙو نه آهيان وغيره فقرا ملن ٿا. مخدوم جعفر جي ڪتابن جا نالا:
    1. نهج التعليم.
    2. حاصل النهج
    3. منهج العمال مختصر ڪنزالعمال
    4. عجالت الراغين
    5. فتح الدارين
    6. ارشاد الصادقين
    7. ڪشف الحق
    8. معاقد العقائد المعروف بالمڪالمات
    9. لاءِ شارات الي حل المعاقد و لمعالمات.
    10. اقل واعدل ڪلمات في حڪم فصوص الحڪم والفتوحات
    11. مقاليد الاسلام
    12. رسالا بيان بدعات
    13. تهذيب الاصول
    14. تقريب الوصول شرح تهذيب الاصول
    15. المتانت في مرمت الخرانت
    16. الحجته القويت في جواب الرسالت الحلفيه
    17. حل العقود في طلاق السنود
    18. قرنهه في حڪم الحلف بالمرنه والپرنه
    19. التنميق في توقيت المرعَت في التطليف
    20. البيان المبرم
    21. ڪميت الواقع
    22. استفتاءُ
    23. البصارت في العمل بالاءِ شارت
    24. رسالت
    25. رسالت في ارسال الندؤا بع
    26. نفي العتساب في سنت الا عتڪاف
    27. تحصيل الڪفايت
    28. شرح ميزان الصرف
    29. بدايت النحو
    30. منتخب بدايت النحو
    31. اهم النحو
    32. الهم في شرح الاهم
    33. حواشي شرح الجامي
    34. بنيت البيان
    35. بيان البنيت
    36. العراضت في علم العروض والقافيت
    37. عرض العراضت في علم العروض والقافيت
    38. رسالت في المنطق
    39. معنوت المبتدي
    40. مفيد المنطق
    41. عجالت الوقت.
    مخدوم جعفر بوبڪائي وڏو جيد عالم، بزرگ، عابد، زاهد، استاد، مفتي ۽ پرهيزگار هو. سندس جي سنڌي ماڻهن، وطن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت هئي. پاڻ سچ چوڻ وارن مان هيو. مخدوم جعفر کي ٻه پٽ هئا ڪن حوالن ۾ 3 نالا ملن ٿا، عبدالغني، بصرالدين ۽ نورالدين سندس ڏاڏو مخدوم يعقوب بوبڪائي هيو. بوبڪ شهر حافظن ۽ قضا جو شهر رهيو آهي. روايت آهي ته مخدوم نوح هالن وارو ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي پاڻ ۾ همعصر ۽ صحبتي هئا. هڪ ڏينهن مخدوم جعفر کي مخدوم نوح فرمايو ته “مون خدا تعاليٰ کي ظاهري اکين سان ڏٺو آهي.” تنهن تي مخدوم جعفر جواب ڏنس ته “اندر جي اکين سان خدا تعاليٰ جو ديدار ڪيو هوندءِ، ڇاڪاڻ ته هنن ظاهري اکين کي اهڙي ديدار ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. هاڻي هيئن ڪر جو انهي ديدار جي وقت پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي چئو ته تنهنجي اکين کي هٿ ڏئي، هٿ ڏيڻ کان پوءِ به جيڪر ديدار ٿيندو رهي ته پڪ ڄاڻج ته اندرين اکين سان ديدار ڪرين ٿو.” مخدوم نوح اهو آزمودو ورتو ۽ پڪ ٿيس ته مخدوم محمد جعفر جي ڳالهه سچي آهي پوءِ مخدوم نوح فرمايو: “جيڪڏهن نه هجي ها جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر” مخدوم جعفر جي وفات اربع ڏينهن 11:15 منٽن تي 1002هه تي ٿي. سندس مزار مبارڪ بوبڪن ۾ آهي.


    مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري

    مخدوم عبدالعزيز محدث ابري ارغونن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس رهائش تعقلي سيوهڻ جي ڳوٺ ڪاهان ۾ هئي مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري لاءِ تحفت الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته تبحر ۽ تحقيق جي مصر جو عزيز علم ۽ تدقيق جي علم جو شهنشاهه هو پاڻ ڪاهان (ڳاهان) ۾ ئي وفات ڪيائون سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    انجائي که بناء دين گردو بر هم،
    باشي تو ديني اگر کني مکني کم،
    اينک ره راست پيش روء عالم،
    کافر نثوي ملڪ خدا بنود کم.
    *


    قاضي قادن سيوهاڻي (ولادت 870هه 1463ع وفات 958هه 1551ع)

    قاضي قادن 870هه 1463ع تي پيدا ٿيو سندس والد جو نالو ابو سعيد ۽ ڏاڏي جو نالو قاضي زين الدين هو. قاضي قادن کي سنڌ جو پهريون ڪلاسيڪل شاعر سڏيو وڃي ٿو. قاضي قادن سمن جي دور جي آخر واري، وقت جو شاعر آهي. قاضي قادن جي شاعري تصوف ۽ ويدانت جي شاعري آهي. قاضي قادن جا پهريان 7 بيت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي بيان العارفين (جيڪو سندس مريد محمد رضا ڏاهري سهيڙيو هو) ان مان هٿ آيا جيڪي ڀارتي طريقي تي ٻڌل آهن ٻه دوها، ٽي وڏا دوها، هڪ سورٺو ۽ هڪ ٽو نويري دوهو هو. سنڌ ۽ هند جي مشهور ليکڪ هيري ٺڪر (هريانا) مان هٿ آيل قاضي قادن جا بيت (قاضي قادن جو ڪلام) جي نالي ڪتاب شايع ڪرايو آهي. قاضي قادن سيد ميران محمد جونپوريءَ مهدوي (وفات 910هه 1504ع) جو مريد هو. آخر ۾ قاضن سنڌ کي ڇڏي مديني منور هليو ويو ۽ اتي يڪو رهي پيو سندس وفات 958هه 1551ع ڌاري مديني منور ۾ تي. کيس کي اتي دفن ڪيو ويو سندس جي شاعري هيٺ ڏجي ٿي.

    ڪَنزُ قُدُوري ڪافيا، ڪِه ڪوهه نه پَڙِهئومِ؛
    سو پارُ تي ٻِئوڪو، جِيان پِرِي لڌومِ.

    اَکَرَ ٻِيا وسارِ، اَلِفُ اڳِهُون ئي ياد ڪَرِ؛
    سو تون ڏيئو ٻارِ جو نه اُجهنيئه ڪَڏَهين.

    جي مون ڏيئين لک ڌَڙَ، ڌَڙِ ڌَڙِ لَکَ سِران،
    سِرِ سِرِ لَکَ مُهان ٿيئين، مُههِ مُههِ لَکَ ڄِڀان،

    سڄي ڄِڀان تِکيان، هِڪَڙيان لوان،
    صِفَت تُنهنجي راڄيا، تو هَوَن ڪيئن ڪَران.

    سَچُ پيارا سائنيا، سائينءَ سَچُ سُهاءِ،
    سَچي مَنگل نه دَهه سچي سَرپ نه ڪاءِ،

    سچ سمنڊان سِرِ چَڙِ هَئه ڪوڙو ڪکائين باهه،
    جڏهون ڪڏهون ڪوڙ کي، ڏيندو سَچُ سزاءِ.

    زيران زَبران آيتان، اکر اَنت نه پار،
    هيڪڙيون ايمان ۾ لهن سڀني سار.

    پهرين پاڻ پرک، پرين پَرکَڻُ ساکڙا،
    دَر ڀي سوئي رکُ جتان دڪا نه لهين.

    پتو ڦِٿو پيٽ ۾، وڍي مُلان ماهه،
    ڌوئي ڏتي ڌوڙ ۾ الله اوري آءُ.

    قاضي ڪَٿِ ۾ ايترو مَتِ ڪيروئي پيرُ،
    پَلاڻيندو پوٽلي، مٿي ڪندو ڪير.


    شيخ مبارڪ سنڌي سيوستاني (وفات 1001هه 1592ع)

    شيخ مبارڪ سنڌي ولد شيخ خضر، هي سيوهڻ جو رهاڪو هيو. سير سفر ڪري آگرهه پهتو 500 صفحن جو ضخيم ڪتاب پنهنجي هٿن سان لکيائين. شيخ مبارڪ سيوستاني زندگي جا 50 سال آگرهه ۾ ئي گذاريا. سندس ٻه پٽ ابوالفيض ۽ شيخ ابوالفضل آهن. اهي پنهنجي وقت جا وڏا عالم فاضل، اديب ۽ شاعر هئا، اڪبر بادشاهه جي درٻار جا (رتن) وزير بڻيا. شيخ مبارڪ سنڌي سيوستاني جي وفات آگرهه ۾ ئي 1001هه 1592ع ۾ ٿي.


    مخدوم نجم الدين بوبڪائي

    مخدوم نجم الدين بوبڪائي ولد جعفر بوبڪائي جو جنم ڳوٺ تعلقي بوبڪ تعليم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو.سندس جي ڪتابن جا نالا هي مليا آهن
    (1) رسالا ثيات الا ايمان، (فارسي)
    (2) رسالا نجوم (نجوم)
    مخدوم نجم الدين کي بوبڪن ۾ مدفون ڪيو ويو سندس تي عظيم عاليشان مقبرو آهي.
    ثبات الايمان جو قلمي نسخو هن وقت دينيه دارلهديٰ ٺيڙهي جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي


    مخدوم عبدالحليم سيوستاني

    مخدوم عبدالحليم سيوستاني، هي بزرگ وڏو عالم، مفسر ۽ مفتي پڻ هو. پاڻ عالم سان گڏ سٺو شاعر به هو. سندس چار پٽ عالم هئڻ سان گڏ شاعر به هئا. چئن پٽن جا نالا وجيهه الدين، ناصرالدين، محمد رفيع ۽ ابو بڪر سيوستاني آهن.


    حڪيم عثمان بوبڪائي

    حڪيم عثمان بوبڪائي ولد شيخ ابراهيم صديقي جو جنم بوبڪ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو ابتدائي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪيائين سندس استادن ۾ پهرين والد، بعد ۾ علام مخدوم ميران آهي.حڪيم عثمان سنڌ مان پهريان 983 هجري جي شروع ۾ گجرات پهتو پوءِ گجرات مان برهانپور پهتو.گلزار ابرار جي مصنف محمد غوثي شطاري مانڊوي پڻ حڪيم محمد عثمان جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌي اولياء ۾ پڻ حڪيم عثمان جو ذڪر سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري پڻ ڪيو آهي.سندس تصنيف
    1. شرح صحيح بخاري
    2. العقائدا السنيه
    3. تفسير بيضاوي جو حاشيه
    حڪيم عثمان، ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا آهن سندس ڪتابن جا قلمي نسخا دنيا جي مختلف لائبريرين ۾ موجود آهن. سندس قلمي نسخا.
    (1) انڊيا آفيس لائبريري برطانيه ۾ 375 ورقن تي مشتمل (2) خدا بخش لائبريري پتنه انڊيا ۾ 896 ورقن تي موجود آهي (3) مڪتبه آصفيه انڊيا ۾ ان جو ڪجهه حصو موجود آهي
    *
    ____________________________________________
    هيء معلومات ڊاڪٽر مولانا عبدالله کوسو جي ڪتاب “مخدوم جعفر بوبڪائي” تان ورتل آهي


    شيخ ابو الفيض فيضي

    شيخ ابوالفيض فيضي جا وڏا سيوهڻ جا هئا. پاڻ آگري (هن وقت انڊيا) ۾ 951هه 1544ع ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو شيخ مبارڪ هو. شيخ فيضي آگري ۾ رهي ڪري سيوهاڻي سڏائيندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪيا ۽ لکيا. “طبا شيرالصبح”، “خمسه” (1003هه / 1594ع) “مواردا لکم” “سواطع المهام” (1002هه / 1593ع) “انشا فيضي” “لطيف فيضي”، “روزم گاهه”، “اٿر ويد” مشهور آهن. سندس هٿ اکر عمر ڪوٽ جي ميوزيم ۾ هن وقت موجود آهن. شيخ ابوالفيض فيضي (1004هه / 1595ع) ۾ اڪبر درٻار جو هي رتن وفات ڪري ويو سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    مطاتر قديم نوارا نشناسيم،
    مرغ ملکهوتيم هوا رانشنا سيم،
    بردانش ما انجم و افلاڪ بختدتد،
    گر صاحب لولاڪ لمارا نشناسيم.
    صد شکر ڪه ماپيرو اصحاب رسوليم،
    در شرع، و گر راه نمارا نشناسيم.


    شيخ ابوالفضل (وفات 1011هه 1602ع)

    شيخ ابوالفضل 958هه / 1548ع ۾ آگري ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ مبارڪ هو. شيخ ابوالفضل شيخ ابوالفيضي جو ننڍو ڀاءُ هو. هن جو شمار اڪبر بادشاهه جي نورتنن ۾ هو. ابوالفضل (1006هه 1596ع ۾ آئين اڪبر. تصنيف ڪيو. “اڪبر نامو”، “رقعات ابوالفضل”، “ڪچڪول”، “عيار دانش” انشاءِ ابوالفضل ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا. سندس هٿ اکر (قرآن شريف جو تفيسر) عمر ڪوٽ ميوزيم ۾ هن وقت موجود آهن، هن ناليواري ليکڪ کي اڪبر بادشاهه جي پٽ سليم و اجين جي راجا هٿان 1011هه 1602ع ۾ مارائي ڇڏيو. هن ڪتاب آئين اڪبريءَ ۾ سيوهڻ جي تاريخ لکي آهي.


    غفور بن حيدر سيوستاني

    غفور بن حيدر سيوستاني جي جنم ۽ وفات جي تاريخ نه ملي سگهي آهي. سندس تاريخي ڪتاب “مشائخ سيوستان” مليو آهي. مشائخ سيوستان سن 1039هه ۾ فارسي زبان ۾ لکيائين. پير حسام الدين کي، هي خطي نسخو، جي فوٽو ڪاپي Royal Asiatic Society London مان سندس دوست Simon Digby 1971ع ۾ موڪلي. ان کي پير حسام الدين ايڊٽ ۽ ترجمو ڪري ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپايو، ان کان پهرين مشائخ سيوستان جو ذڪر مولانا دين محمد وفائي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پڻ ڪيو آهي. مشائخ سيوستان ۾ 14 بزرگن جو ذڪر ٿيل آهي. 1. مخدوم لعل شهباز، 2. مخدوم ڇٽو آمراڻي، 3. مخدوم قاضي برهان الدين، 4. شيخ نخرج، 5. سيد محب، 6. شيخ حاجي سوڍو، 7. شيخ دودو، 8. قاضي ڏتو، 9. قاضي ادريس، 10. شيخ ٽوپڻ، 11. مخدوم سڪندر بودلو، 12. سيد سالار غازي، 13. شيخ احمد، سمداني، 14. ميان جلال خاموش وغيره جا احوال ڏنا اٿس. انهن مان سيوهڻ جي پراڻي بزرگ حضرت ڇٽو عمراڻي لاءِ هن طرح لکيو اٿس. غفور بن حيدر سيوستاني جي لکيل تحرير جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    مخدوم ڇٽو امراڻي جي پيءُ جو نالو عمران هو. ان ڪري کيس عمراڻي سڏيو ٿي ويو. عمران ٿهيم قوم مان برهمڻ آباد جو حاڪم هو. چون ٿا ته عمران کي ٻه پٽ هئا، هڪ دلو راءِ جيڪو سدائين بڇڙايون ڪندو ٿي رهيو. ٻيو ڇٽو جنهن جي پشيماني مان ننڍي لاڪان وٺي نيڪي ۽ هدايت جو نور پي چمڪيو. هي سڄي ڄمار درويشن جي خدمت ۾ رهيو. (ڪتاب مشائخ سيوستان، ترجمون نياز همايوني.)


    مخدوم عبدالرحيم بوبڪائي

    مخدوم عبدالرحيم ولد مخدوم محمود بوبڪائي بوبڪن جو رهاڪو هو. سندس ڪتاب “الاشباهه والنظائد” چوٽيا رين جي ڪتب خانه ۾ قلمي نسخو موجود آهي. ان جو ڪاتب ۽ مالڪ “ميان عبدالرحيم بن مخدوم “محمود بوبڪائي” آهي. ڪتاب جو سال 999هه ڄاڻايل آهي. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    مخدوم عبدالعليم بوبڪائي

    مخدوم عبدالعليم بوبڪائي ولد محمد جعفر بوبڪائي جو جنم بوبڪ ۾ ٿيو.سندس هڪ ڪتاب جو نالو رسالا في بيان “حڪم المتولدمن ذڪر مغصوب او مسروق” لکيل آهي.اهو رسالو عربي ۾ رکيائين


    ملا محب سنڌي (ولادت 982هه 1574ع)

    ملا محب علي سنڌي ولد مولانا حيدر علي سمرقندي جو جنم 982هه 1574ع ٿي ٿيو. سندس والد سمرقند مان لڏي سيوهڻ اچي رهيو. شاهجهان جڏهن هندستان جو بادشاهه ٿيو ته هن ملا محب علي کي پاڻ وٽ گهرائي عزت ڏني 1048هه 1638ع ۾ هندستان ۾ بارش نه پوڻ ڪري سخت ڏڪار هو. تڏهن شاهجهان جي حڪم موجب جن بزرگن برسات لاءِ دعائون گهريون (نماز استقاء) تن ۾ ملا محب علي به شامل هو. ملا محب علي سنڌي سيوهاڻي وڏو شاعر هيو. ملا محب علي جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    بي غم عشق توحيد، حيف زعمري ڪ بگذشت،
    پيش زين ڪاش گرفتار غمت مي بو دم.
    مران چون شد جواني بردو تو،
    تخواهم شد به بيري از برتو.


    مخدوم فتح الله فتحي بوبڪائي

    مخدوم فتح الله فتحي بوبڪائي ولد عبدالغني بوبڪائي جو جنم بوبڪن ۾ ٿيو. سندس جنم ۽ وفات جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ اعليٰ پايه جو انشاءِ پرداز هو. انشاءِ فارسي ۾ سندس لکيل ڪتاب “رساله فتهي”، “يا انشاءِ فتحي” ڪتبخانه گنج بخش اسلام آباد ۾ 11025 نمبر تي موجود آهي.


    مفتي عبدالواحد ڪبير (وفات 1123هه 1711ع)

    مفتي عبدالواحد ڪبير ولد عبدالرحمان قادري سيوهڻ شريف جو رهاڪو هو. پاڻ عالم، فاضل ۽ مفتي هو. پاڻ ڪتاب “ڪشف الاسرار” تصنيف ڪيائين سندس وفات 1123هه 1711ع تي ٿي. اورنگزيب عالمگير هن ليکڪ کي سيوستان جو قاضي مقرر ڪيو.


    مخدوم محمد مراد انصاري سيوستاني (وفات 1784)

    مخدوم محمد مراد انصاري سيوستاني ولد حافظ محمد يعقوب قاري جي گهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وٽان ڪجهه علوم حاصل ڪيا ۽ سندس شاگردن مان هڪ وڏو شاگرد هو. مخدوم مراد انصاري سيوستاني پنهنجي حياتي ۾ “بياض مرادي” ۽ “عرف دفينت المطالب” لکيو هو جنهن جا چار جلد هئا.
    جلد پهريون 932 صفحا
    جلد ٻيو 900 صفحا
    جلد ٽيو 754 صفحا
    جلد چوٿون 802 صفحا
    هي بياض اصلي صورت ۾ مديني منوره جي شاهه عبدالعزيز لائبريري ۾ محفوظ آهي. مخدوم مراد پنهنجي خاندان سميت سعودي عرب لڏي ويو 7 جمادي الاول 1198هه / 1784ع تي سومر ڏينهن جدي ۾ وفات ڪيائين.


    مخدوم غلام حسين عرف محمد حسين انصاري (ولادت 1747ع وفات 1814ع)

    محمد حسين انصاري بن مخدوم محمد مراد بن حافظ محمد يعقوب جو جنم 5 محرم 1161هه 1747ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. گهر وارا کيس پيار مان واليڏنو چوندا هئا. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. مخدوم غلام حسين علم طب ۽ دين جو وڏو ڄاڻو هو. سندس ڪتابن جا نالا هي ملي سگهيا آهن.
    1. ڪف الاماني عن سماع الاغاني (1225هه 1810ع ۾ لکيائين)
    2. التبيان للشرب عن شرب الدقان
    پاڻ هڪ سٺو حڪيم به هو. پاڻ پنهنجي والد صاحب سان گڏجي سعودي عرب ۾ مقيم ٿيا. جتي مديني ۽ حديده يمن ۾ محدثن ۽ عالمن کان حديث جون سندون حاصل ڪيائين. پاڻ 1230هه / 1814ع حديده ۾ وفات ڪيائين.


    احمد علي عرف غلام رسول سيوستاني ولادت (1755ع وفات 1787ع)

    احمد علي عرف غلام رسول سيوستاني ولد مخدوم محمد مراد ولد محمد حافظ يعقوب انصاري جي ولادت 9 رجب 1168هه 1755ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. پاڻ مخدوم محمد معين ٺٽوي جي رسالا “قرت العين” جي رد ۾ فارسي زبان ۾ هڪ رسالو لکيو هو. جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو. مخدوم احمد علي سيوهڻ مان هجرت ڪري اولاد سميت (سعودي عرب) ويو جتي چند سال گذرڻ کان پوءِ جدي شهر ۾ ڇنڇر جي رات 14 محرم 1202هه 1787ع ۾ وفات ڪيائين.


    مخدوم محمد عابد انصاري السندي سيوستاني (ولادت 1192هه 1778ع)

    مخدوم محمد عابد السندي سيوستاني ولد احمد علي عرف غلام رسول ولد مخدوم محمد مراد انصاري جي پيدائش 1192هه 1778ع سيوهڻ شريف ۾ ٿي. مخدوم محمد عابد مخدوم عبدالواحد صغير (محمد احسان) نعمان ثاني جو شاگرد هو. پاڻ علم طب جو وڏو ماهر هو. هن يمن جي حاڪم جو علاج ڪيو هو ۽ ان جي راضپي سبب کيس يمن طرفان مصر ۾ سفير مقرر ڪيو ويو. سندس تصنيفن جا هي نالا مليا آهن:
    1. فتح الباري شرع صحيح بخاري
    2. شرع تيسر الوصول الابن الربيع الشيباني
    3. طوالع الانوار علي الدار المختار
    4. رسال رد عقائد نجديه
    5. منحت الباري بمڪر رات البخاري
    6. المواهب اللطيفع علي مسند الامام ابي حنيفع
    7. حصر الشارد في اسانيد محمد عابد(1240هه)
    8. شرح بلوغ المرام ابن حجر عسقلاني
    9. شرع مسند الا امام الشافي
    10. ثبت، تفسير، حديث، فقه، امعاني، بيان، صرف نحو منطق طب.
    11. تراجم مشائخ: مديني ۾ رهندڙ سنڌي بزرگن جا احوال ڏنل آهن.
    شيخ محمد عابد جا ٻيا به ڪي ڪتاب ۽ رسالا پير جهنڊي جي علمي ڪتب خاني ۾ اڄ به موجود آهن. مخدوم محمد عابد 1257هه 1841ع ۾ وفات ڪئي. سندس کي مديني شريف جنت البقيع جي قبرستان ۾ حضرت عثمان رضه جي مزار مبارڪ جي سامهون رکيو ويو. مديني منور جي مڪتب ملڪ عبدالعزيز ۾ عابد انصاري سيوهاڻي جو ڪتب خانو شامل آهي.


    غضنفر بيگ

    هي شاعر ٺٽي جو رهاڪو هيو، بعد ۾ ٺٽي مان لڏي سيوهڻ آباد ٿيو. دلير مڙس هيو، سيوهڻ کي قبضو ڪرڻ لاءِ مرزا خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ ۾ جنگ لڳي. ان ۾ هي دلير سيوهڻ جي بچاءَ لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو. سيوهڻ قلعي جي در وٽ دفنايو ويو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    نمود آواره ام مرادي باقي،
    نيا سايد ومي برجاي باقي،
    زحق است عنقريب اين آزروليم،
    ڪه گوشم بشنود اي هاي باقي.


    مخدوم حامد بوبڪائي (وفات 1090هه 1690ع)

    مخدوم حامد بوبڪائي ولد ڪمالدين بوبڪائي جو جنم بوبڪن ۾ ٿيو. پنهنجي دور جو عالم، فاضل زاهد ۽ قلمڪار هو. سيوهڻ جي عالمن بزرگن سان صحبت هئس پاڻ مولوي عبدالرحيم سان گڏجي “بخاري جي شرح” لکيائين ڪتاب تجهيزالجنازه به لکيائين سندس مزار بوبڪن ۾ آهي. سندس وفات 1090هه 1679ع ڌاري ٿي.


    شيخ محمد مريد سيوهاڻي

    شيخ محمد مريد سيوهاڻي سيوهڻ جي هندو (قانون گو) جي خاندان مان هيو. پاڻ وڪالت سان گڏ شاعري به ڪندو هو. سندس پٽ محفوظ سيوستاني پڻ شاعر هو. شيخ محمد مريد سيوهاڻي. اورنگزيب جي دور جو شاعر آهي. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ مسلمان ٿيو. عالمگير حڪومت کيس کي سيوهڻ جو (وڪيل) مقرر ڪيو.


    شيخ محفوظ سيوهاڻي “سرخوش” (وفات 1150هه)

    شيخ محفوظ سيوهاڻي ولد شيخ محمد مريد سيوهاڻي جو جنم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تخلص “سرخوش” هو. اورنگزيب کيس کي ٺٽي جو قانون گو بڻايو ويو. شيخ محمد محفوظ مير علي شير قانع ۽ غلام علي مداح جو همعصر هو. غلام شاهه ڪلهوڙي کيس سفير ڪري افغانستان به موڪليو هو. پاڻ فارسي ۽ سنڌي جو شاعر هو. پاڻ ڪٿي ڪٿي فدائي به تخلص استعمال ڪيو اٿس. سندس وفات ٺٽي ۾ 1150هه ڌاري ٿي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    صلح ڪردم ببوسه وهنش،
    چه ڪنم وقت تنگ مي باشد.
    ٺٽي ۾ کيس کي دفنايو ويو.


    وجيهه الدين سيوستاني

    وجيهه الدين سيوستاني عالم، شاعر ۽ فاضل هو. سندس ٻين ڀائرن جا نالا ناصرالدين، ابوبڪر ۽ محمد رفيع هو. چون ٿا ته اهي به شاعر هئا.


    ابوبڪر لڪياري

    ابوبڪر لڪياري سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. ابوبڪر لڪياري مخدوم نوح رحه جو خليفو هو. مخدوم نوح وفات کان ٿورو اڳ ابوبڪر لڪياري کي ياد ڪندي آخري شعر چيو هو.


    مير ابوالمڪارم شهود (وفات 1037هه / 1627ع)

    مير ابوالڪارم شهود فارسي ادب جو وڏو ڄاڻو اديب ۽ شاعر هو، سندس مشهور ڪتابن ۾ سيف الملوڪ و بديع جمال، ديوان شهود، قصه پري سليمان اچي وڃن ٿا. ٺٽي ۾ گورنر رکيل هو، زندگي جو گهڻو حصو سيوهڻ ۾ گذاريائين. مير ابوالمڪارم شهود 1037هه 1627ع تي وفات سيوهڻ ۾ ٿي. سندس تربت لعل شهباز جي مزار ڀرسان آهي.


    مير عبدالله سلطان سيوستاني “عريضي” (وفات 1644)

    مير عبدالله سيوستاني ولد مير ابوالمڪارم عالم ۽ شاعر هو. سندس تخلص “عريضي” هو. سندس سيوهڻ ۾ وڏو مدرسو هو. پاڻ ٺٽي جو نواب به رهيو. شاهجهان جي ناراضگي سبب نوابي جو عهدو ڇڏي اچي سيوهڻ رهو. سندس وفات 1644ع ۾ ٿي.


    ملا نورالحق “مشتاق”

    ملا نورالحق مشتاق ولد ملا دائود جو جنم سيوهڻ ۾ ٿيو. سندس جو مدرسو به هيو جنهن ۾ مرثيي جو وڏو شاعر سيد ثابت علي شاهه ۽ ميان سرفراز خان به پڙهيا. سندس تخلص “مشتاق” هيو. هندستان جو مشهور شاعر مرزا محمد علي صائب تبريزي اصفهاني سنڌ مان ٿيندو سيوهڻ مان ٿيندو هندستان ٿي ويو ته هن ملا نورالحق مشتاق سان ملاقات ڪئي. مرزا صاحب کي شاعري پڻ ٻڌايائين ۽ کيس کي “استاد” جو لقب ڏنائين چون ٿا. ملا نورالحق مشتاق ننڍي هوندي پڙهڻ جو ڪچو هو. سندس ذهن تي ڪا ياد نه بيهندي هيس. خواب ۾ حضرت خواج خضر بشارت ڏنس ۽ ذهن کلي ويس. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    برگ سبزي برکفا آزاد گان باشدگران،
    شرط آزادي اگر اينست سرو آزاد نيست.


    محمد “وفا “سيوستاني

    محمد وفا سيوستاني جي تخلص مان خبر پئي ٿي ته ادب سان واڳيل آهي، هي ڪلهوڙن جي دور جو شاعر ۽ اديب آهي سيوهڻ جو رهاڪو آهي.سندس جو ڪتاب” نورس بهار” لکيل آهي وڌيڪ ڪٿان احوال نه ملي سگهيو آهي.


    سيد مرتضيٰ سيوستاني “قانع” (وفات 1180هه 1767ع)

    سيد مرتضيٰ ولد عبدالنبي شاهه جي گهر ۾ ڄائو مخدوم معين (ٺٽي واري) وٽ ڪيترائي سال علم حاصل ڪيائين. سندس تخلص “قانع” هو. مير غلام علي آزاد بلگرامي عرب عجم جي مشهور شاعر جو شاگرد هو. مير علي شير قانع هن سان ملاقات ڪئي، جنهن لکيو آهي ته شعر جو سليقو يا لياقت به ڪافي منجهس موجود هئي. سيد مرتضيٰ سيوستاني جي وفات 1180هه 1767ع ڌاري ٿي. نموني طور شاعري هيٺ ڏجي ٿي:
    زاشڪ ديد مرا اب تاب مي باشد،
    زچاڪ سينه مرا فتحيات مي باشد،
    شدم گداز بتدريج از فروغ زخش،
    چونخل موم که در آفتاب مي باشد.
    ڪي رود از دل خيال ياد پُر تمڪين ما،
    عڪس او در ديده آئينه مردم مي شود.


    لالا موهن داس سيوستاني

    لالا موهن داس سيوستاني سيوهڻ شريف جو رهاڪو هيو، لالا موهن داس سيوستاني ڪلهوڙا دور حڪومت جو تاريخ نويس هو. ميان عطر خان ڪلهوڙي 12 جلدن ۾ سنڌ جي تاريخ هن کان لکرائي سندس لکڻيءَ جو طريقو منفرد هو. ولين، قصن، ڪهاڻين کي بهترين انداز ۾ لکيو هيائين. لالا موهن داس سيوستاني جي تاريخي ڪتاب جي ترتيب “آئين اڪبريءَ” جهڙي هئي. پاڻ جدا جدا عنوان هيٺ تاريخ لکي، ان جو نالو “نگيران سنڌ” رکيو هيو.


    جان محمد قريشي سيوهاڻي

    جان محمد قريشي انشا پرداز هو، هي بياض “دفعات” جو مصنف آهي، جيڪو قاضي عبدالرسول سيوستاني سان گڏ لکيو هيائين، هن ڪتاب ۾ شاعري سان گڏ خط به جمع ڪيا هئا. هي خط ڪلهوڙا دور سان واسطو رکن ٿا.


    مخدوم نورالدين بوبڪائي

    مخدوم نورالدين بوبڪائي ولد جعفر بوبڪائي جو جنم بوبڪن ۾ ٿيو. مخدوم نورالدين جا چار ڪتاب يادگار آهن:
    1. تجهيز الجنازه لفور السعادت
    2. درهم الڪيس (عربي)
    3. درهم الڪيس “فارسي”
    4. الحليت الحسنيٰ والعروت الوثقيٰ
    پهريون ڪتاب 6 ذوالقعد 1099هه ۾ جوڙيائين پوءِ ان کي مختصر ڪري 19 ذوالعقد 1099 تي درهم ڪيس ٺاهيائين ٻئي ڪتاب عربي ۾ لکيائين. ڊاڪٽر مولانا عبدالله ڀٽو ڪتاب “مخدوم جعفر بوبڪائي” ۾ لکي ٿو. “ٻئي ڪتاب سنڌ ۽ هند جي مختلف ڪتبخانن ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهن. درهم الڪيس جو فارسي ترجمون پڻ ڪيو هيائين، جيڪو قاسميه لائبريري ڪنڊيارو ۽ ٻين ڪتبخانن ۾ مخطوطي جي شڪل ۾ موجود آهي. مخدوم حامد بوبڪائي 1121هه ۾ وفات ڪئي، سندس مزار بوبڪن ۾ آهي. جنهن جي قطع تاريخ لاءِ هيٺيون بيت اڪريل آهي.
    گفت هاتف يافت امداد ازاحد،
    حامد اندر جنت ماواي سرائي.


    مولانا محمد خلف بوبڪائي

    مولانا محمد خلف بوبڪائي جو والد آخوند محمد اسماعيل بوبڪائي هو. هن ڪريما جي طرز تي “رحيما” ڪتاب جوڙي شهرت حاصل ڪئي. جنهن کي شڪار پور جي پبلشر منشي پوڪرداس ڇپايو هو.


    قاضي عبدالرسول سيوستاني

    هي هڪ عالم فاضل ۽ انشا پرداز هو “بياض دقعات” جيڪو خطن تي مشتمل آهي جان محمد قريشي سان گڏجي لکيائين جي خط ڪلهوڙا دور سان تعلق رکن ٿا. هنن تاريخي خطن سان ان وقت جي خبر پوي ٿي هي ڪتاب 1123هه ۾ ترتيب ڏنو ويو.


    سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سيوهاڻي (ولادت 1153هه 1740ع وفات 225هه 1810ع)

    سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ولد سيد مدارعلي شاهه 1153هه 1740ع تي سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو (سيد مدار علي شاهه جي قبر سيوهڻ قلعي جي ويجهو بند جي ڀرسان آهي) سندس ڏاڏي جو نالو سيد نور محمد هو. سيد ثابت علي شاهه جا وڏا اصل ملتان جا هئا. “تڏهن ملتان سنڌ سان لاڳاپيل هو” فارسي جي تعليم آخوند الياس محمد صوفي وٽ ورتائين مخدوم احسان وٽ عربي جا قائدا پڙهيو ۽ مخدوم محمد مراد وٽ عربيءَ جي تحصيل مڪمل ڪيائين، سندس شاعريءَ ۾ استاد غلام علي مداح هو. سيد ثابت علي شاهي جي ڏاڏي نور محمد شاهه جي مزار سندس مزار جي چند قدمن تي اولهه طرف آهي. سيد ثابت علي شاهه جي ڀر ۾ مزار سيد پريل شاهه جي آهي. چون ٿا ته سيد پريل شاهه دودائي ضلع لاڙڪاڻو جو اصل رهاڪو هيو. سندس شاعري جو معتقد هو، جڏهن به ڪنهن جي زبان تان، سيد ثابت علي شاهه جا شعر ٻڌندو هو ته زارو زار رئندو هو ۽ وصيعت ڪئي هيائين ته مان جڏهن دنيا مان لاڏاڻو ڪريان ته مون کي سيد ثابت علي شاهه جي ڀر ۾ رکيو وڃي. سندس وفات 1962-63ع ڌاري ٿي آهي. آخر ۾ وصيعت موجب شاهه صاحب جي ڀر ۾ کيس کي رکيو ويو. سيد ثابت علي شاهه جو ڪليات مربع، مسدس، مخمس، قصيده، سلام، مثنوي، مناجات، نعت ۽ منقبت سان مالا مال آهي. سيد ثابت علي شاهه 1225هه 1810ع تي سيوهڻ ۾ وفات ڪئي. کيس کي سيوهڻ ۾ مدفون ڪيو ويو. هن ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.

    ثابت علي شاهه

    ڪربلا جي قتل جي ڪرڪا خبر اي آسمان
    ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمانا
    هي خدا جا قطب تارا عرش ڪرسي جُڙاء
    ُهي رسول الله جا شمس و قمر اي آسمان
    سر هليا نيزي چڙهي تن شام ڪيو پنهنجو سفر
    اُن پٺي ماموس قيدي همسفر اي آسمان
    ڪا ڏسي چئي هي اجهو منهنجو ادو سرور حسين
    آئون سندس همشيره، خوني جگر اي آسمان
    ڪا ڏسي چئي هي اجهو منهنجو ابو سائين حسين
    آئون سڪينه سک پلي ٿي بي پدر اي آسمان
    ڌڙ رهيا رڻ ۾ سي بي ڪفنا دفن جا طالبو
    سي دفن تڏهن ٿين جڏهن ايندا هي سر اي آسمان
    جيسي هي از هم جدا هي سڀ جلا وطنا جُدا
    هن سفر هن سفر هن رڻ وطن ڪنهن جي قبر اي آسمان
    عابدين واڳون ورائي هي وطن هو رڻ دفن “ثابت”
    ان جي در گدا شام و سحر اي آسمان
    *

    (2)
    ڪربل جو وائي ڏاڍو واقعو،
    هي ڪڏهن ٿيو ڪو نه ههڙو حادثو،
    ڇا چوي ڪو شرح هن احوال جو،
    ڪنهن کي طاقت ناهي ڪري گفتگو،
    جنهن ڪنهن هن درد ۾ ڪاماريو دم،
    روئي ڪاغذ ڳاريو ۽ ساڙيو قلم،
    ٿو ڪري راوي روايت معتبر،
    هڪڙو هو اوئي ڪنهن جو راهه بر،
    اوچتو اُن جو مديني ٿيو گذر،
    آيو جنهن محلي محمد جو گهر،
    هڪڙي نينگر اُت پيس ناگهه نگاهه،
    در لڳي دلگير رئندي رخ براهه،
    در لڳي دلگير رئندي رخ براهه،
    خط وٺي هٿ ۾ سر در تي ڌري،
    طرف اُوٺيءَ جي اشارا ئي ڪري،
    ضعف کئون آزار جي ڄڻ ٿي ڳري،
    ياڪ وڇڙيا مائٽ ساريو ٿي مري،
    هٿ کنيون ۽ ٿي ڪري دل سان دعا،
    اي ادا وٺي الله لڳ اوري آ،
    تڏهه هن ٻُڌي اوٺي ڇڪي اٺ جي مهار،
    با ادب آيو اچي بيٺو دوار،
    رات وئي ٿيو صبح بل صبح قيام،
    روز ٿيو بل روز قتل ذوالڪرام،
    هر طرف ڪيو فوج اعدا زدهام،
    ملحدان ڪونه و اشرار شام،
    ٿيا مسلح صف ۾ صف پياده سوار،
    شام ڪوفي جا ڪتا ٻاويهه هزار.
    *


    عبدالرئوف” منشي” سيوستاني

    عبدالرئوف منشي “هنڱورجا” (ضلعو خيرپور ميرس) ۾ ڄائو هو. پاڻ کي تحريرن ۾ سيوستاني لکندو هو. عبدالرئوف منشي مولانا مهر منشي سيوهاڻي جي نالي سان مشهور آهي. ان دور جي اديبن سان ملاقاتون ڪيائين. عبدالرئوف منشي، انشا پرداز لکڻ جو ماهر هيو. ان کان سواءِ خطاط ۽ خط نويسي ۾ به مشهور هو. سندس ڪتاب گلدسته نورس بهار به لکيل آهي ميان نور محمد ڪلهوڙي، عبدالرئوف کي منشي ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. سندس وڌيڪ احوال نه ملي سگهيو آهي.


    حڪيم بولچند سيوستاني (وفات 1180هه)

    حڪيم بولچند سيوستاني سيوهڻ جو رهاڪو هيو پاڻ حڪيم، ليکڪ، علم جو ڄاڻو هو سندس هڪ ڪتاب جو نالو “ گلشن اطباءَ “آهي.
    هن ڪتاب جو ڪاتب، سندس پٽ ايسر داس آهي


    اسير داس سيوستاني

    اسير داس سيوستاني ولد بولچند سيوستاني سيوهڻ شريف ۾ ڄائو.پاڻ ڪاتب، ليکڪ حڪيم هو.سندس ڪتاب حڪايات جي نالي سان آهي. “حڪايات فارسي” زبان ۾ 1196هه ۾ لکيائين.


    مخدوم محمد عارف صديقي سيوهاڻي (وفات 1916ع)

    مخدوم محمد “عارف” صديقي سيوستاني، سيوهڻ جي مشهور شاعر نورالحق مشتاق بن دائود جي اولاد مان هو. شروع ۾ آخوند غلام رسول سيوهاڻي جي مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ننڍپڻ ۾ ئي شاعري ڪرڻ لڳو. پاڻ سرڪاري ملازم ٿيو. پوليس انسپيڪٽر جي عهدي تان 1907ع تي رٽائر ٿيو. ڪريما جو سنڌي ترجمون سندس حياتي ۾ شايع ٿيو. مخدوم صاحب ٻه ديوان لکيا هڪ سنڌي ٻيو فارسي ۾ لکيو ان ۾ ٽي سئو غزل رديف وارا آهن، حمد، نعت، ثنا ۽ مداحون گهڻيون لکيل آٿس.احسن الا تشاء ڪتاب به لکيائين. مخدوم صاحب 1334هه 1916ع تي هن فاني دنيا کي ڇڏي اصلي ماڳ ڏي روانو ٿيو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    حسين سيد تنها است يارسول الله
    شهيد خنجر اعدا است يارسول الله
    خبرز حالت عباس تشنه لب داري،
    ڪه ڪشته صيد بلا هست يار سول الله،
    سرعي ڪه بوس مي روي بصد نازش،
    ڪه نو کئه نيزه اعدا هست يا رسول الله،
    بحر بگاهه تن نازڪ حسين و علي،
    يرنگ لالئه و همراهست يا رسول الله.
    رد به ايمان “عارف” ازين سراعي دني
    به يمن و برڪت شهداهمت يا رسول الله.


    مخدوم عبدالواحد صديقي سيوستاني (قاضي محمد احسان)

    سنڌ جي هي جيد عالم 1180هه 1737ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو دين محمد صديقي هو. مخدوم دين محمد صديقي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پڳ مٽ يار هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي (محمد شاهه مغل جي دور) مخدوم دين محمد صديقي کي سنڌ لاءِ مذهبي معاملن جو وزير ۽ مفتي مقرر ڪيو هو. مخدوم عبدالواحد صدقي سيوستاني جا هي خليفا هئا. 1 محمد حسن سيوستاني، 2 آخوند رزاق ڏنو3 رئيس محمد حسين کهاوڙ، 4 ميان محمد امين خيرپوري، 5 غلام رسول افغان خاموش، 6 خليفو عبدالحڪيم سيوستاني هي، 6 نالا تذڪره مشاهير سنڌ ۾ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻايا آهن. خير محمد ٻرڙي “سيوهڻ صدين کان” ۾ هي 3 نالا وڌيڪ لکيا آهن. 7 مخدوم محمد عابد انصاري 8 مولوي رشيد احمد افضل 9 مخدوم عارف سيوستاني (ڀائٽيو ۽ شاگرد) ڄاڻايا آهن. سندس همعصرن ۾ 1 مخدوم محمد انس راهوجو، 2 مخدوم فقير عبدالرحيم مدرس سيوستاني، 3 مخدوم حامد بن ڪماالدين متعلوي / مٽياروي، 5 مخدوم محمد عثمان متلوي / مٽياروي، 6 قاضي محمد شڪارپوري، 7 قاضي محمد باقر ڀٽي، 8 خليفو عبدالحڪيم سيوهاڻي، 9 مخدوم عارف سيوستاني، 10 مولانا عبدالڪريم گنجو ڦلجيءَ وارو، 11 مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي. مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا تن مان هي نالا ملي سگهيا آهن:

    1. تحرير المسائل علي حسب النوازي (بياض واحدي)
    2. حاشيه الاشباهه والمنظائر.
    3. رش الانوار حاشيه الدر المختار.
    4. ڪشف الڪامن في علم الباطن.
    5. تهديد الغافر في تعذيب الڪافر.
    6. تيسير القدير في اضحيت الفقير.
    7. القول الجلي في تذڪير البغي.
    8. حسن الفهم والتعقل في جمع الڪسب والتوڪل.
    9. جبر المسڪين في تسليت المسڪين.
    10. تسهيل الصعب.
    11. ارشاد الصواب المن وقع في بعض الا صحاب.
    12. لطف اللطيف في اعطاء الرغيق.
    13. الاربعين في فضل المجاهدين.
    14. اليسد المطلوب.
    15. ايضاح الخافيت في سوال عافيت.
    16. النص السارب في قطع الشاب.
    17. رسال در عدالت امير معاويه.
    18. رسالا حرمت دخان.
    19. ديوان واحدي.
    20. انشا واحدي.
    21. سبيل الواسطين (ڪذا)
    22. البراهين الغرض (ڪذالسنڌ) منع بيع الحر.
    23. بيسط المقال في حل الاشڪال.
    24. غايت الصراحت في تحريم الياحقه.
    25. جو دت البطع في ڪثرت البسع.
    26. طريق اسداد في وجوب الاعتداد.
    27. الا ستدراڪ الادراڪ.
    28. اَجوبه (ابوبه) دل پيوند بااسوله ملا جيوند.
    مخدوم صاحب نثر، شاعري جا ماهر پڻ هئا پاڻ فارسي ۽ سنڌي شاعري ڪيائون، 4 رمضان 1244هه 1809ع تي وفات ڪيائون. سندن لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    توڪل جي دعويٰ ڪندڙ واندن جي مذمت ۾

    تنبيهه المغترين ۾ آهي ته سيدنا عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنھ چوندو هو. اوهان مان ڪو به ائين نه ڪري ته مسجد ۾ ويهي رزق جي طلب ڇڏي ڏئي ۽ چوندو رهي “اي الله” مون کي رزق عطا ڪر. ڇاڪاڻ ته اهو سنت جي خلاف آهي. جڏهن ته اوهان ڄاڻو ٿا ته آسمان سون چاندي نه وسائيندو آهي.امام احمد بن حنبل رضي الله تعاليٰ عنھ کان پڇيو ويو ته هڪ مرد پنهنجي گهر يا مسجد ۾ ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو. آنءٌ ايستائين ڪو به عمل نه ڪندس جيستائين الله مونکي منهنجو رزق نه ڏيندو. ته چيائين ته اهو ماڻهو جاهل آهي. علم نه ٿو ڄاڻي، ڇا رسول الله وسلم جو اهوقول نه ٻڌو اٿس ته الله منهنجو رزق منهنجي تلوار جي پاڇي هيٺ رکيو آهي.
    (ڪتاب رسائل سيوستاني ليکڪ مخدوم عبدالواحد سيوستاني ترجمو سليم الله صديقي)


    ديوان ننديرام مير چنداڻي ميراڻي سيوهاڻي (ولادت 8001ع کان پوءِ)

    ديوان نندي رام مير چنداڻي سيوهاڻي جي ڄمڻ جي تاريخ نه ملي سگهي آهي. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ سنڌ جي نامياري ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي سيوهڻ جي عالمن مان هو. سندس ولادت اوڻيهن صدي جي شروعات ۾ ٿي هئي. ننديرام پهريون سنڌي عالم هو جنهن جو سرڪاري ٻاراڻو ڪتاب “باب نامو” 1853ع ۾ ڇپيو. ٻيون ڪتاب تاريخ سنڌ 1854ع تاريخ معصومي جو ترجمو آهي. تنهن دور جي حڪومت ان تي کيس انعام ڏنو هو. ايسپ جون آکاڻيون 1854ع تي ننديرام ۽ ايلس انگريز مان ترجمون ڪري ڇپايو. چٽ جي پاڙ 1854ع ننديرام ۽ ڪا ننداس ڊرائينگ جي سکيا بابت گڏجي لکيو. ليکي جي پيڙهه 1855ع ۾ ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي انگي حساب جي بابت لکيو. ڌرتي نروار. 1 ڌرتي نروار، 2 1855ع ۾ ننديرام ۽ ڪاننداس پئماشي حساب جي نالي سان لکيو. سيکائتو نروار 1856ع ديوان ننديرام سنڌي سيکارڻ جو ڪتاب لکيو. ليکي جو ڪتاب (1) ليکي جو ڪتاب، (2) 1856ع ديوان ننديرام سيوهاڻي ۽ ڪاننداس انگي حسابن جون سمجهاڻيون جي حوالي سان لکيو. جج و مقابله 1856ع ننديرام ۽ وشنو ناٿ آلجبرا جي بابت لکيو. سنساري نروار 1861ع ديوان نندي رام مطالع فطرت بابت لکيو. جغرافيه جديد-(1)، جغرافيه جديد-(2)، 1861ع ديوان ننديرام ۽ مهاديو دنيا جي جاگرافي تي لکيو. سنڌي ٻولي جو پهريون درسي ٻاراڻو ڪتاب ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻي جو آهي، جيڪو سرڪاري اسڪولن لاءِ ٻاراڻي ڪتاب طور ڇپيو. باب نامون انگريز جي اوائلي دور ۾ عربي سنڌي صورتختي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکيارڻ جي شروعات “باب نامي” يعني ٻاراڻي ڪتاب سان ٿي.
    لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    آکاڻي چنڊ ۽ ماڻس جي

    هڪڙي چنڊ، سندس ماءُ کي چيو ته منهنجي لاءِ ڪو اهڙو ڪوٽ ٺاهي ڏي جو ٺهڪي اچيم، “ماڻس جواب ڏنو” ابا! تولاءِ ٺهڪڻ جهڙو ڪوٽ ڀلا ڪهڙي طرح ٺاهي سگهبو، جو تون ڪڏهن ننڍو ته ڪڏهن وڏو، ڪنهن ڏينهن بلڪل وڏو، ته ڪنهن ڏينهن صفا چٽ!
    نصيحت: جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ طبيعت ۾ يڪسان نه آهي ۽ ڪڏهن تمام نرم، ڪڏهن تمام گرم، ڪڏهن بلڪل ڪنجوس، ڪڏهن نهايت سخي، ڪڏهن بلڪل محنتي، ڪڏهن بنهه سست، ڪڏهن انجام پاڙيندڙ، ڪڏهن ڪپت ڪندڙ، ته اهڙي شخص لاءِ ڪڏهين به ڪاهڪڙي لاءِ قائم ڪري، مٿس ڀروسو ڪري ڪونه سگهبو. ان ڪري، انسان کي گهرجي ته پنهنجي طبعيت کي سدائين هڪ رنگ ۾ رکي، ته ان ۾ سندس ئي فاندو آهي.
    (ڪتاب ايسپ جو آکاڻيون مان کنيل ٽڪرو)


    مخدوم عبدالواسع سيوستاني

    مخدوم عبدالواسح سيوستاني بن مخدوم محمد حسن قاري بن مخدوم دين محمد صديقي هڪ وڏو عالم فاضل خطاطه ۽ شاعر هو مخدوم صاحب وارا پنج ڀائر هئا. 1 مخدوم محمد عارف، 2 مخدوم عبدالواسع شاعر، 3 مخدوم محمد صالح، 4 قاضي سعد الدين ۽ مخدوم محمد مراد صديقي. مخدوم صاحب کي ٻه پٽ هئا پاڻ هڪ وڏو فقهه جو ڄاڻو ۽ صوفي الله ٿي گذريو آهي. سندس شاعري تصوف ۽ حال تي مشتمل آهي. مخدوم عبدالواسع سيوستاني ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    الا يا ايها الساقي شراب عشق رانو شان،
    زرست خويش با مستانه لق بيخودي پوشان،
    قلندر قادري با مستانه هستم به بحر معرفت مستم،
    ڪمزور راهه حق بستم روائي فيض بردو شان،
    “بعد الواسح” عاشق بدهه يڪجرهه فائق،
    ڪه خاطر زان شد شائق طريق قادري ڪوشان.


    قاضي عبدالوهاب” خاطي”

    قاضي عبدالوهاب خاطي، جهانگارا جو ويٺل هو، پاڻ هڪ سٺو شاعر هو، سندس تخلص “خاطي” هو. قاضي عبدالوهاب ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    اڻانگي عشق بيشڪ جوش ٻاريو ٿي،
    مگر آخر نتيجو نيڪ ڌاريو ٿي.
    ڏسو فرهاد هو هيران مٿي شيرين،
    جبل کي جنهن ڪهاڙيءَ ساڻ ڏاريو ٿي.
    محبت عشق ۾ مجنون موهيو ٿي،
    جڏهن ليلا سندو هن زلف ساريو ٿي.
    عزيز و حسن يوسف جو ڏسي بيبي،
    ٿئي حيران ظاهر قيد ڪاريو ٿي.
    عمر آندي ڪري باندي مئي ماندي،
    وطن پڻ مارئي سرتيون سڀناريو ٿي.
    رٺو راڻو ڏسي ڀيڻن سندو ڀاڪر،
    تڏهن مومل ڳلن تان آب هاريو ٿي.
    هٿان ليلا پئي ڇو پوءِ ليلائي،
    چنيسر ڪانڌ ڪونرو سان قراريو ٿي.
    ڏسي صورت بديعل جي وڃي سيفل،
    قضا جو سڀ ڪشالو پاڻ پاڙيو ٿي.


    مخدوم محمد “مجذوب “سيوستاني (وفات 1316هه 1899ع)

    مخدوم محمد مجذوب سيوهاڻي ولد محمد عارف سيوهاڻي جو جنم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس پڙ ڏاڏي جو نالو دين محمد صديقي (جيڪو ڀٽائي جو پڳ مٽ يار هو. ديني تعليم پنهنجي والد محمد عارف کان حاصل ڪيائين، ننڍي هوندي ئي حافظ قرآن بڻيو. نقشبندي طريقي جو پيروڪار هو. سندس شاعري ۾ عجز، مناجات، منقبت، دعائون رزميه ۽ وحدانيت ملي ٿي. هن بزرگ ٻه شاديون ڪيون. حج به ڪيائون رسالا زياره لقبور سندس لکيل آهي. هن بي بها بزرگ عارف ڪامل 15 رمضان 1316هه 1898ع 76 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. محمد مجذوب کي خانداني قبرستان ۾ دفنايو ويو پاڻ مرثيه به لکيا اٿس. سندس مرثيه شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    پوءِ ٿيو پڇڻ هي سر آهي ڪهڙي امير جو،
    اڪبر جو آهي يا سر حضرت شبير جو،
    پوٽا علي جا هي سر اصغر صغير جو،
    سو مصطفيٰ جي جان سر عباس شير جو،
    سهرن سهرون ڏسي ۽ پڇيئاين سر هي ڪنهن سندو،
    قاسم ڦٽائي سيج کي چاچي اچي رسيو.
    تڏهن چيو يزيد ناهي ڪهين کي اها خبر،
    هاڻي ته خوش خورم آهيان محشر جي ڇا خبر،
    جو منهنجو دوست سو ڪندو مون مرتبه خبر،
    دشمن ته منهنجو مون کي ٻڌائيندو بد خبر،
    تون چئه اي بيبي ڪير آهي اڄ ته بادشاهه،
    ڏس منهنجو تخت بخت هم لشڪرو سپاهه.


    ملان محمد سيوهاڻي

    ملان محمد سيوهاڻي نامياري بزرگ، قاضي ڏتي جي اولاد مان هو. ملان محمد سيوهاڻي ميرن جي دور جو عالم، بزرگ، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪتاب “دستور السياق” نهايت مشهور آهي. ملا عبدالرسول ولد ملا يوسف جو همعصر هو، جنهن هڪ ڪتاب “نفاس الفڪار في عرائس الابڪار” لکيو هو. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    آخوند ابو الحسن “بي تڪلف”

    آخوند ابوالحسن ميرن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هيو. بعد ۾ ٺٽي ۾ رهيو مير علي شير قانع ٺٽوي وٽ فارسي به پڙهايائين. هن ڪجهه وقت جهانگارن ۾ سيدن ۾ ملازمت به ڪئي. اتي سيدن جي ٻارن کي قرآن شريف ۽ ديني تعليم پڙهائيندو هو. سندس شاعري ۾ تخلص “بي تڪلف” هو.


    ابراهيم انصاري (ابري)

    ابراهيم انصاري ولد حافظ نصرالله سيوهاڻي انصاري جي پيدائش سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس تخلص “ابري” هو. سندس لکيل ڪتاب:
    1. انشا ابري (حصو پهريون 1205هه)
    2. انشا ابري (حصو ٻيو 1207هه)
    3. منهاج الشعور (حصو پهريون)
    4. مهاج الشعور (حصو ٻيو)
    ابراهيم انصاري جي انشا ابري ڪتابن ۾ مغلن، ڪلهوڙن، افغانين ۽ ٽالپرن جي دورن ۽ خطن تي روشني وڌل آهي. ان ۾ ڪجهه ذاتي خط ۽ ڪجهه سياسي خط پڻ آهن. منهاج الشعور ۾ اعزازي عبارتون آهن، جي ان دور ۾ دوستن، اميرن ۽ سرڪاري ملازمن جي خطن لاءِ سنڌ ۾ رائج هيون، ٻئي حصي ۾ تاريخي دستاويز، درخواستون ۽ خط آهن.


    مخدوم محمد صالح صوفي سيوستاني

    مخدوم محمد صالح صوفي سيوستاني بن مخدوم محمد حسن قاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. (ڀائٽيو مخدوم عبدالواحد صديقي) 11 سالن جي ڄمار کان وٺي پنهنجي چاچي بزرگ مخدوم محمد عارف مفتي سيوستاني جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري فارغ ٿيو. مخدوم صاحب گهڻو ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي ٻڌڻ جو شوقين هو. مخدوم محمد صالح صوفي سيوستاني جي تاريخ وفات جي نه ملي سگهي آهي. مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ نمبر 2 ۾ لکيو آهي ته سندس وفات 1300هه هجري جي پويون اڌ ڌاري ٿي. سندس ڪتاب:
    1. ڪتاب الناطق باالحق.
    2. اذڪار 1234هه.
    3. زبدت الحقائق في التصرف
    هن درويش کي تقويٰ ۽ پرهيز ڪري، ٽالپرن جي ساڻس ڏاڍي محبت هئي. جڏهن مير نصير خان ولد مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن مخدوم صاحب کي ديهه سامٽياڻي ۾ جاگير ڏنائين. سندس شاعري فارسي ۾ ملي ٿي.


    ديوان صوفي “دلپت” (ولادت 1777ع وفات 1841ع)

    ديوان صوفي دلپت سيوهاڻي جو جنم 1777ع سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. هو ميرن جي ملازمت جي سلسلي ۾ حيدرآباد هليو ويو. اتي هڪ مهاپوش هندو آسورام جو چيلو ٿيو، آخر نوڪري ڇڏي حيدرآباد ۾ ٺڪاڻو کولي ويهي رهيو. جو اڄ تائين “دلپت راءِ جو ٺڪاڻو” سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام سنڌو مخزن، تعليم اخبار، تذڪره لطفي ۾ ڏنل آهي. ديوان دلپت صوفي شاهه عنايت شهيد تي گهڻو ويندو هو، سندس شاعري ۾ سنسڪرت جو استعمال پڻ آهي. سندس شاعري ۾ پختگي ۽ روانگي آهي. ديوان دلپت صوفي 1841ع ڌاري وفات ڪئي.
    سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو،
    چوندا پسندا سي پرين جي عشق جي ڪٿا،
    عاشقن جي جان تي خوني خنجر چشمن کتا،
    سر ڏنو جن سرڪ تي ساقي ڪر مئه عطا،
    بي خمر مخمور ٿيا، مشتاق محبت ۾ مٺا،
    کڻي پنهنجا ننگ جانب اچي جوءِ ۾ جتا،
    فنا فاني جي ٿيا، “دلپت” دلبر جي هٿان،
    پاڻ وڃائي پاڻ ۾، وڃي رمز رانول جي رتا.

    لاغرض سان لاشڪ ڄاڻي مون نينهن جو ناتو،
    جيڏيون دعا ڪجو تا نبهي اچيم ناتو،
    هن بحر بي حدي ۾ ڪانهي ڪنڌي پڄڻ جي،
    ويئي پروڙ ڀلجي، جنهن وير پير پاتو.


    مخدوم نور محمد بوبڪائي

    مخدوم نور محمد بوبڪائي، بوبڪ جو رهواسي هو، مخدوم صاحب جو پورو احوال ته ڪٿان نه ملي سگهيو آهي. پير حسام الدين راشدي پنهنجي مقالي “مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد” ۾ لکي ٿو “بوبڪن جو جيد عالم، شاعر، شعر و سخن جو دلداده يارن جو يار، دوستن جو دلدار، مخدوم نور محمد بوبڪائي مير ڪرم علي ٽالپر جي دور جو شاعر هو ۽ مير مائل جو خاص دوست هو. سندس تخلص “نور” هو. پير حسام الدين راشدي، مخدوم نور محمد جو انتقال 1230هه ڄاڻايو آهي. سندس شاعري فارسي ۾ ملي ٿي. نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
    رخ از نقاب ڪشا با هزار نازو ادا،
    بي قرار دل بيقرار مي آيد.


    مخدوم حسن الله صديقي سيوهاڻي

    مخدوم حسن الله صديقي سيوهاڻي ولد وهاب الله جو جنم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. مخدوم حسن الله ميرن جي دور جو شاعرهو، پاڻ اديب، مفسر ۽ عالم ٿي گذريو آهي.سندس ڪتابن جا نالا هي ملن ٿا
    1. جلاءِ العنين في اظهر ثبوت علم غيب سيد الثقلين
    2. المعاروف واللطائون عربي


    محمد افضل بختياري پوري

    محمد افضل بختيارپوري ڳوٺ بختيارپور تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هيو.پاڻ بهترين ڪاتب، ليکڪ، ۽ عالم هو، سندس ڪتابن جا نالا هي مليا آهن.
    1. مجربات جديد 1342هه فارسي صفحا 362
    2. قرابادين
    3. بياض شفائي 1343هه
    4. طبي مجبر تات قديمي بمع لغت 1354هه
    5. طبه نسخجات و ڪتاب استخاره
    محمد افضل بخيارپوري غلام محي الدين جي ڪتاب بياض رشڪ رياحين جو به ڪاتب هو.سندس هٿ اکر خوبصورت آهن.


    حافظ عبدالڪريم بختيارپوري

    حافظ عبدالڪريم بختيارپوري ڳوٺ بختيارپور تعلقي سيوهڻ شريف جو رهاڪو هو.پاڻ حڪيم عالم ۽ حافظ هو سندس هڪ ڪتاب جو نالو “بياض الحڪمت “ آهي بياض الحڪمت جو ڪاتب محمد افضل بختيارپوري آهي.بياض الحڪمت تي ڪاتب ڪتابت جو سال 1343هه لکيو آهي


    مخدوم محمد بوبڪائي

    مخدوم محمدولد عبدالواحد بوبڪائي جو جنم ۽ وفات جي تاريخ نه ملي سگهي آهي. سندس هڪ ڪتاب “رسالئه تقويم” آفتاب جوڻائي لائبريري (وارهه) لاڙڪاڻو ۾ موجود آهي، جنهن تي نه ڪاتب جو نالو لکيل آهي، نه ڪتاب جو سال درج ٿيل آهي.


    مخدوم دين محمد بوبڪائي (وفات 1229هه)

    مخدوم دين محمد مخدوم نور محمد جو سڳو ڀاءُ هو. مخدوم دين محمد پنهنجي دور جو وڏو علم جو ڄاڻو هو. مخدوم عبدالواحد سيوستاني سان اڪثر بحث ڪندو هو. مخدوم دين محمد فارسي زبان جو سٺو شاعر هو. علم منطق ۾ خاص دسترس رکندڙ هو. مخدوم دين محمد بوبڪائي جي وفات (1229هه) ڌاري ٿي. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    گل محمد لنجار ولادت (ولادت 1850ع وفات 1900ع کانپوءِ)

    گل محمد لنجار ولد محمد ڇٽل لنجار جو جنم 1850ع ڌاري. تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ “کبڙوٺ” ۾ ٿيو. پاڻ مرثيه جو سٺو شاعر هو. هن وقت به شهرن ڳوٺن ۾ سندس جا مرثيه پڙهيا وڃن ٿا. گل محمد مرثيه، نوحا، منقبت، دعا، عاجزا، غم حسين گهڻو لکيو آهي، سندس وفات 1900 کان پوءِ ٿي آهي، سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    اي ڪبوتر ڪربلا جي ڪر خبر،
    ڪيترا ڏينهن ٿيا ابي کي منجهه سفر،
    آئون ابي لاءِ ئي ڪريان رويو حشر،
    ۽ ابي منهنجي لڌي ڪا ڪانهي خبر،
    اي پکي ڪر ڪو ابي جو مون سين حال،
    تاڪ جيئرو آهي يا ڪيائين وصال.
    اڳتي مونکي ناهي طاقت ناهي تاب،
    جو لکان صغران جي ماتم جو جواب،
    سيدا عالي قدر عالي جناب،
    جن ڪُٺو توکي حشر لهندو عذاب،
    ۽ جيئڻ تنهنجي مون هو سڀ ڪنهن لقا،
    جو ڪنديءَ ساري امت تي تون شفا.
    ۽ ڪجان هي عرض عاصيءَ جو قبول،
    جي ڪري مسڪين ماند دل ملول،
    ڪربلا ڏي ڪج ڪا قسمت ٿيان وصول،
    ساڻ پيشانيءَ پسان روزو رسول،
    “گل محمد” ٿو ڪري سائل هي صدا،
    ماتمين جو هٿ کان ڪجان نه هٿ جدا.


    غلام محي الدين سيوستاني (وفات 1257هه)

    حڪيم غلام محي الدين قاضي صديقي هن پنهنجي ديني تعليم مخدوم محمد عارف سيو ستاني کان حاصل ڪئي.پاڻ ديني فقهه، حديث، معقول ۽ تفسير کان علاوه شعر گوئي به ڪندو هو.شهر کان علاوه “قطع تاريخ” چوڻ تي به دسترس هيس
    سندس کي ٽي پٽ محمد زمان، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ قاضي عبدالقيم هيا.غلام محي الدين سيوستاني 1257هه ۾ وفات ڪئي سندس ڪتابن جا نالا (1) رد عليٰ الشيته (2) مجموعي وظائف (3) “بيضارشڪ رياحين ملن ٿا. مجموعي وظاعف فارسي ۾ لکيل اٿس بياض رشڪ رياحين جو ڪاتب افضل بختيار پوري آهي


    مخدوم ڪمال الدين بوبڪائي

    مخدوم ڪماالدين ولد صلاح الدين ولد نورالدين ولد مخدوم جعفر يعني مخدوم جعفر جو پڙپوٽو سندس تصنيفن ۾، “الحليت الحنيٰ والعروت الوثقيٰ” جو نالو ملي ٿو. سندس ڄمڻ ۽ وصال جي تاريخ نه ملي سگهي آهي. تاريخن مان ملي ٿو ته هي ان دور جو وڏو عالم، بزرگ ٿي گذريو آهي.


    ليلارام وطڻ مل لالواڻي

    ليلام رام وطڻ مل لالواڻي سيوهڻ جو رهاڪو هو. ليلا رام، شاهه عبداللطيف جي شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪئي.سندس ڪتاب جو نالو Greatest poet of Sindh هو. ان کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب، The life religion and poetry of Shah به لکيائين. ان ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1890ع ۾ ڇپيو.


    ملو محمد هاشم (ولادت 1855ع کان پوءِ)

    ملو محمد هاشم ڳوٺ بختيارپور تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ مرثيه جو سٺو شاعر هو. سندس هڪ لولي “ري اصغر ڪنهن کي ڏيان لولي “بيحد مشهور آهي. ان جون مصرائون غم ۽ ڏک سان ڀرپور آهن. ملو محمد هاشم ۽ گل محمد لنجار هڪ دور جا ۽ هڪ ٻئي جا پاڙيسري به آهن، “گل محمد لنجار جو پوٽو عبدالرحيم ٻڌائي ٿو اسان جو ڏاڏو ڳالهه ڪندو هو ته ملو محمد هاشم اسان جي ڳوٺ جا، روز بختيارپور مان اچي، ٻار پڙهائيندو هو. پاڻ شاعري به ڪندو هو، هڪ دفعي اها لولي کڻي ڏاڏي کي ٻڌائڻ آيو هو.” ملو محمد هاشم پنهور خاندان جو هو سندس جنم 1855ع کان پوءِ ٿيو آهي. سندس وفات جي تاريخ جي خبر نه پئجي سگهي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    جڏهن علي اصغر کي ڪٺل ڏٺو ماءُ،
    ويتر جيءَ ۾ جنهن کي درد دکيو ماءُ،
    تڏهن ڪري پٽ تي روئي چيو ماءُ،
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    بي بيءَ بانوءَ ورتو ور کان اصغر،
    هنج ۾ ويهاري پنهنجي، ننڍڙو نينگر،
    چيائين کڻي اصغر سو دل جو دلبر،
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    ڪيائين ڏسي اصغر ڏي، درد مان دانهون،
    اندر منجهان آزار ٿي ڪيون آنهون،
    چيائين جيڪس منهنجون وينديون واهون،
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    اصغر منهنجو ننڍڙو سلڙو سُسي پيو،
    اڪبر منهنجو قابل ڪونڌر ڪسي پيو،
    روئان تن لاءِ منهنجو پاند پسي پيو.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    جانب اصغر ته جواني نه ماڻي،
    صدقي ڪيو پيءُ تان سر گهرندي پاڻي،
    وهم انهيءَ سوز ۾ آهيان وساڻي.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    ڪان هڻي ڪيئن دشمن جان جدا ڪئي،
    اصغر اڄ کان پاڻيءَ جي ته صدا ڪئي،
    رب جي رضا سر تي سٺئين جيڪا خدا ڪئي.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    اصغر منهنجو ننڍڙو ناحق ماريو،
    ڪنهن نه تنهن کي هڪ ڍڪ پاڻي پياريو،
    سور سڄڻ جي اهڙي مون کي ساڙيو.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    ناحق ٻچڙو منهنجو رت ۾ ٿيو تر،
    لعل رتل لهوءَ ۾ آيو گهمي گهر،
    شال نه ٿئي دشمن سان اهڙي ڪا پر.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.

    اصغر منهنجي ننڍڙي ڏوهه نه ڪيو هو،
    جيڪس تنهن کي ننڍڙي موت لکيو هو،
    تڏهن تارونءَ مان تنهن جي تير لنگهيو.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    منهنجو ٻچڙو اڳهين اُڃ اُساٽيو،
    ويتر تنهنجو دشمن ڪنڌڙو ڪاٽيو،
    هاءِ اکيون ٻوٽي اڄ آهي اٻاٽيو.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    اڪبر لاءِ ڀيڻ سڪينا ته سڪي ٿي،
    سوز منهنجا سينو ڪٽي هيئن چوي ٿي،
    اصغر جي سور انهيءَ سڙي ٿي.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.
    “هاشم” ماتم کان هت ماٺ ڪري ٿو،
    آل نبي جي سڪ ۾ روز سڪي ٿو،
    اصغر جو اَجل ٻڌي هئين چوي ٿو.
    ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان لوڏي مان لولي.


    مخدوم فضل الله صديقي (ولادت 1224هه وفات 1894ع)

    مخدوم فضل الله ولد مخدوم عبدالواسع صديقي جي گهر 1224هه تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس شجرو مبارڪ حضرت ابوبڪر صديق سان ملي ٿو. تعليم سندس چاچي حضرت مخدوم محمد عارف سيوستاني کان حاصل ڪيائون. وڌيڪ تعليم ضلعي بينظير آباد جي ڳوٺ کياري شريف ۾ مخدوم محمد يوسف نقشبندي کان حاصل ڪيائون. پاڻ خوبصورت شاعر هيا، ڪيترائي ڪتاب لکيائون.. سندس ڪتابن جا نالا هي ملي سگهيا آهن:
    1. اصلاح المصلح والمفتاح
    2. وحدت نامون
    3. زيور نامو
    4. ترتيب الصلوات
    5. چاليهه حديثون
    6. مجاز نامون
    7. سامونڊي سوداگر
    8. نڪاح نامو
    9. معجزو
    10. تصوف نامو
    11. بياض مخدوم فضل الله
    12. زڪوات نامو
    13. الحق الاظهار
    14. المعقه في اسبات اخر الظهر
    15. غزليات
    16.اڪشف مبهم المشڪلات
    17. مسائل نماز
    18. تحرير نامو
    ڊاڪٽر مخدوم محمد روشن صديقيءَ “حضرت مخدوم فضل الله صديقي ۽ ان جي علمي فقهي خدمتن جو تنقيدي جائزو” جي عنوان سان 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پي.ايڇ.ڊي. جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. مخدوم فضل الله جي شاعري سنڌي، فارسي ۾ ملي ٿي. سندس شاعري نموني طور ڏجي ٿي:
    حمد جڳائي حميد کي مبديءَ پاڻ مُعيد،
    مبديءَ معاد ڪُل جو مولا آهي مجيد.
    قُل کل من عندالله شاهد آهي شهيد،
    اليه يرجع الامر سڀن لاهه شديد.
    عوارض آڏا ٿيا اصل نام ڪريد،
    ڪثرت وحدت وچ ۾ ناههِ بوءِ بعيد.
    اتي مقالن جوج کي رکج سمجهه شهيد،
    “فضل الله” فضل سين تون ڪر هي تمهيد.
    مخدوم فضل الله جي وفات 1894ع ٿي. سندس کي پاٽ ۾ مدفون ڪيو ويو. مخدوم فضل الله جي مٿان عاليشان مقبرو جوڙيل آهي.


    ولي محمد سيوهاڻي

    ولي محمد سيوهاڻي سيوهڻ جو رهاڪو هيو پاڻ ليکڪ، عالم ۽ مفسر هو سندس جي ڪتاب جا نالا هي آهن
    1. تجليات اسرار معافي
    2. مورد الا سرار 1257 (فارسي)
    وڌيڪ ڪٿان احوال نه ملي سگهيو آهي


    مخدوم بصرالدين صديقي (ولادت 1863 وفات 1938ع)

    مخدوم بصرالدين اصل “نالو رڪن الدين” ولد مخدوم احمد، ولد مخدوم محمد صديقي جو جنم 29 رمضان 1282هه 17 سيپٽمبر 1863ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. مخدوم بصرالدين ماهر حڪيم هو. سندس خاندان حڪمت سان لاڳاپيل هو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس ماروٽ هو. ابتدائي تعليم عربي، فارسي ۽ ديني سيوهڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي کان ورتائين. وڌيڪ تعليم پنهنجي سوٽ مخدوم حاجي حسن الله صديقي ليوهساڻي کان حاصل ڪيائين. مخدوم بصرالدين کي پنهنجي والد سرڪاري نوڪري ڪراچي ۾ وٺي ڏني. پر سندس جي سرڪاري نوڪري سان دل نه لڳي. نوڪري ڇڏي ڏنائين، واپس سيوهڻ اچي رهيو. مخدوم بصرالدين تاريخ، سياست، تصوف، تفسير، علم جعفر، علم ابجد، علم نجوم سيميا، ڪيميا، فلسفي ۽ ديني علم جو وڏو ماهر هو. شاهه لطيف اڪثر ياد هوندو هئس. مخدوم صاحب عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان: “البصائر” نالي ڪتاب نهايت مشهور آهي. مخدوم صاحب جي ڄمار 75 ورهيه هئي. پاڻ 8 ذوالقعد 1356هه 11 جنوري 1938ع تي قاضي محلا ۾ سيوهڻ شريف ۾ وفات ڪئي. سندس مزار اباڻي قبرستان، ويجهو “عيد گاهه” سيوهڻ ۾ آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    مٺو محمد مرسل، معراج ٿيس مان،
    رب مليس روبرو، ٻيو نه ڪنهنجو شان.

    کيکاريو خوشي مان، کيس مالڪ مهربان،
    ٿيو ڳجهه اندر ڳالهڙيون، ڪل پئي ڪنهن ڪان.

    دانُ گهران ٿو، تون دان ڏي تو ئي دان،
    ٿيو احمد تي احسان ڪري ڪهڙو “بصرالدين” بيان.


    آخوند الهه ڏنو بوبڪائي

    هن ليکڪ جو ذڪر عبدالرحمان نقاش “ڏکڻ ڏٺو چنڊ” ۾ ڪيو آهي. “ڏکڻ ڏٺو چنڊ” جي مددي ڪتابن ۾ آخوند الهڏنو بوبڪائي جي ٻن قلمي ڪتابن جو ذڪر به ڪيو آهي.
    1. حقيقت احمدي
    2. مجالس حضرت احمد زمان قدس ٻه جلد
    آخوند الهڏنو بوبڪائي جو وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    مخدوم مولانا معين الدين صديقي سيوهاڻي (وفات 1948ع)

    مخدوم مولانا معين الدين صديقي سيوهاڻي ولد نصر الدين ولد مدد الله هو.سندن جي ولادت سيوهڻ ۾ ٿي هئي.ابتدائي تعليم پنهنجي والد ۽ مخدوم حسن الله کان حاصل ڪيائين پاڻ شروعات ۾ سيوهڻ ۾ درس ڏيندو هو، باقي گهڻو عرصو ضلعي ميرپورخاص ۾ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۽ جڳو ڀرڳڙي ۾ درس ڏنائين.ٻڍاپڻ ۾ سيوهڻ واپس آيو.پاڻ ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيائين.سندس هڪ ڪتاب جو نالو”قرآني تلوار برسر ڪفار” آهي سندس جي وفات 1948ع ۾ ٿي.کيس کي سيوهڻ ۾ مدفون ڪيو ويو.سندس کي پٽ جو اولاد ڪو نه سندس کي هڪ نياڻي هئي.جيڪا غلام عمر صديقي جي گهر ۾ هئي.
    *
    ____________________________________________
    (قراني تلوار جو قلمي نسخو مفيس عام لائبريري سيوهڻ ۾ موجود آهي قرآن حق جي دلائل ۾ آهي.)


    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (ولادت 1213/1882ع وفات 1361هه1948ع)

    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ولد خليفو غلام محي الدين عباسي سيوهاڻي جو جنم 1300هه 1882ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ديني ۽ پرائمري پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون. “گلستان” مولوي محمد عمر چنا وٽ پڙهيو، بعد ۾ مولوي عطا الله فيروز شاهي جي مدرسي شاهه پنجو تعلقي ميهڙ مان بوستان ۽ زليخان پڙهيو. بعد ۾ بوبڪن ۾ مولانا عبدالرئوف بختيار پوري وٽ “جامع، تعليمات پڙهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي 21 سالن جي عمر ۾ 1321هه دستار بندي ٿي. دستار بندي ٿيڻ بعد پاڻ درٻيلي ۾ سيد الهندو شاهه جي ٻارن کي ديني تعليم پڙهائيندو هو. حڪيم صاحب تاريخ، ادب، شعر، حديث، تفسير جو ماهر هو. 1925ع ۾ “الجامع” رسالو جاري ڪيائين، ان کان پوءِ “الصلاح” هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. سندس جي باري ۾ شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽو لکي ٿو “حڪيم فتح محمد صاحب جن علم ادب جي ميدان ۾ گهڻيون خوبين ۽ صفتن جا صاحب هئا ۽ نثر توڙي نظم ۾ امتيازي درجو حاصل هئن. سندن وفات کان پوءِ اهڙو جامع الصفات ماڻهو پيدا نه ٿيو آهي. جو سندس جوڙ ۽ جيس هجي ۽ سندن جتي ۾ پير پائي”. سندس همعصر مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي مولوي رحمت الله سيتائي، عبدالڪريم بختيارپوري ٻيا هئا. حڪيم صاحب سياسي، سماجي ۽ ادبي پارٽين جو پڻ ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ، انجمن علماءِ سنڌ، سنڌ مسلم ليگ، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي جو بنيادي ميمبر هو. حڪيم صاحب جي، ڪتابن جي، سنڌي ادب هڪ وڏي حيثيت آهي. سندس تي آپا شمس عباسي پي.ايڇ.ڊي. ڪئي آهي. پاڻ 13 ڊسمبر 1361هه 1942ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪيائين. سندس کي ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ڪتابن جا نالا هي آهن:
    1. حيات النبي (صلي الله عليه و آله وسلم)
    2. اخلاق محمدي (فتح محمدي)
    3. ڪمال ۽ زوال
    4. بهار اخلاق
    5. قلندر نامو
    6. خدا هڪڙو آهي
    7. دل ۾ گهاءِ ڪندڙ مناجات
    8. ابوالفضل ۽ فيضي
    9. مير جي صاحبي
    10. آفتاب ادب
    11. مقدم ابن خلدون
    12. تنوير الايمان
    13. مقدم تفسير نور الايمان
    14. ڪتاب آئينه سڪندر (مرتب ٿيل)
    15.الغياث في اثباب الطلقات الثلا 1321هه
    16. دارالعلوم ديوبندڪا معانيته اومعا ينفه
    ڪنده ڪي اثرات (اردو) سفر نامو
    17. آئينه سڪندر تذڪره لعل شهباز قلندر (اردو)
    18. داستان قوم
    19. سنڌ جي تاريخ ڀاڱو پهريون
    20. دينيات ڪلاس (ا)ڪلاس( 2)ڪلاس، (3) ۽ ڪلاس چوٿين لاءِ

    پاڻ اعليٰ پايي جو نثر نگار ۽ شاعر هو.سندس نثر ۽ شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    “جڏهن به ڪا قوم ٻيءَ قوم جي حڪومت هيٺ رهي عيش ۽ آرام سان گذارڻ لڳي ٿي ۽ ملڪي معاملات ۾ داخل ٿيڻ ڇڏي ڏئي ٿي. فقط ٽڪن ڪمائڻ کي لڳي وڃي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجي ڌن ۽ دولت، مال ۽ مايا جي زور تي وڏيون وڏيون عمارتون ۽ محلاتون ٺهرائڻ لڳن ٿا، فقط ڌنڌن کي وڌائڻ ۾ جنبي وڃن ٿا، ته انهيءَ حال ۾ رهڻ مان نتيجو اهو ٿو نڪري ته هنن مان اها قوميت ۽ اهو قومي جذبو، جنهن سان هو پنهنجا حق گهري سگهن، ۽ اها جرئت ۽ بهادري، جنهن سان هو پاڻ کي پنهنجي حقن کي بچائي سگهن، سڀ ڪجهه فنا ٿيو وڃي. (ڪتاب ڪمال ۽ زوال تان ورتل)

    غزل
    ڪي ٿين قربان پنهنجي يار تان،
    يار جي رفتار ۽ گفتار تان،
    ڪي وري گهورين سڀ ڪجهه ڪن نثار،
    يار جي سرتان ۽ هڪ هڪ وار تان،
    مال ۽ زر تان ڪي ڪن ٿا صدقي سر،
    ڪي ٿا سر گهورين دنيا دار تان،
    ۽ ٿين ٿا ڪي فنا اولاد لاءِ،
    ڪي عزيز و خويش رشتيدار تان.
    غرق ٿيا ڪي ڪنهن نه ڪنهن سوداءَ ۾،
    ڪي وڃن ٻلهار ٿا واپار تان.
    ڪي مرن اڄ پنهنجي نالي لاءِ ٿا،
    ڪي فدا ٿين ڪرسيءَ ۽ درٻار تان.
    صدقي ٿيا شل آئون خدا جي نانءُ تي،
    آئون ٿيا قربان پالڻهار تان.
    گهور ٿيا شل آئون وطن جي خاڪ تان،
    گهور ٿيان شل آئون وطن جي خار تان.
    *

    غزل
    بقا جي ۽ فنا جي سڀ حقيقت،
    اڙي غافل گل و گلزار کان پڇ.

    ڀلائي ڀائپيءَ جو ڀيد ۽ رمز،
    مهاجر کان ۽ پڻ انصار کان پڇ.

    چڪو وحدت ۽ آزاديءَ جو پيتم،
    اچي سا ڪيفيت سرشار کان پڇ.

    منهنجي همت ۽ طاقت جي حقيقت،
    رقيب رهزن و مڪار کان پڇ.

    منهنجي هن شعر جو ڪو قدر قيمت،
    وڃي تون ڪنهن در شهوار کان پڇ.
    *

    مختلف غزلن جا بند
    ڪيترو ئي نرم ٿي آزيون نيازون ٿو ڪريان
    ڪو اثر ظاهر نه ٿو ٿئي، ڄڻ ته دل پٿر اٿس.

    حال منهنجي جي خبر آهي سڄي شهر کي، پر،
    هي عجب آهي، جو تون ئي ٿو رهين ناواقف!

    در ڪينڪي ڇڏيندس، جي تون تڙين به تنهنجو،
    ساري اِتي گذاريان ڇڏ يار عمر پنهنجي.

    تون منهنجي عرض ڪرڻ تي به منهن کٽو ٿو ڪرين،
    ڇا تنهنجي مرضي اِها آ (سبي ڇڏيان آنءٌ وات).

    دفتر اخلاق جڏهن پارهه پارهه ٿو ٿئي،
    قوم جو هر فرد جڏهن صاف گهمراه ٿو ٿئي.

    عيش عشرت، ناز نعمت ۾ ٿي گذري زندگي،
    يار دل ٿي ٿئي خلق جي خدمت ۽ رب جي بندگي.

    بي مروت ملڪ وارن سان رهي جا قوم ٿي،
    ظلم کي جنهن قوم نادان جي هٿان پهچي هٿي.


    ايل.ٽي سترام داس سيوهاڻي

    ايل ٽي سترام داس سيوهاڻي جو جنم سيوهڻ ۾ ٿيو. پاڻ محقق، مولف، ناٽڪ نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. سندس هڪ ڪتاب جو نالو مونکي پهچاءِ (گر مکي) هو. سندس جي مشهور ڪتابن مان هو. اهو ڪتاب 1927ع ۾ ڇپيو، ڪتاب ناٽڪ جي موضوع تي آهي پر هن وقت ناياب آهي.


    مولوي حافظ عبدالقادر بوبڪائي

    مولوي حافظ عبدالقادر بوبڪائي بوبڪن جو رهواسي هو. سندس هڪ ڪتاب. “شان لنواري” لکيائين جيڪو 22 پيجن تي مشتمل آهي، مولوي عبدالقادر لنواري واري بزرگن جو مريد هو. لنواري شريف ٿيندڙ حج ۽ عيد تي اجتماع جو حال احوال لکيو اٿس. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    حڪيم محمد زمان سيوهاڻي (وفات 1356هه)

    حڪيم محمد زمان سيوهاڻي ولد حڪيم حاجي غلام محي الدين جو جنم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم سيوهڻ ۾ ورتائين وڌيڪ تعليم تربيت پنهنجي والد محي الدين کان ورتي هئائين. هن کي خداوند ذهن، حافظو، فهم ۽ ادراڪ عطا ڪيو، هيو. سندس لکيل ڪتاب:
    1. مجالس محمدي
    2. جواهر سرمدي
    3. مجربات زماني
    بقول حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ته “مجالس محمد” ۽ “جواهر سرمدي” ٻئي نسخا علمي ادبي اسلوب بيان جا نادر نمونا هيا، جي عزم پرستي ۽ حالتن جي ناساز گار هئڻ سبب نامڪمل رهجي ويا ۽ منظر تي نه اچي سگهيا. حڪيم محمد زمان قرآن شريف جي تلاوت اهڙي ته ڪندو هو جو ٻڌڻ وارن جا وار ڪانڊارجي ويندا هئا. هن بزرگ عالم، فاصل، اديب شاعر 63 سالن جي عمر ۾ 4 صفر 1356هه تي وفات ڪئي.


    رمضان ڪنڀر (وفات 1999-98ع)

    رمضان ڪنڀر ڳوٺ ڳنڀير يا آمڙن جو (هي ٻئي ڳوٺ هڪ ٻئي ڀرسان سيد مراد علي واهڙ جي ڀرسان آهن) رهواسي هو. رمضان ڪنڀر کي ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو. سندس ڪيتروئي ڪلام ملي ٿو جيڪو ڪافين، مولودن، نعتن، وحدانيت ۽ معجزن تي مشتعمل آهي. رمضان ڪنڀر ڪنڀار ڪو ڪم ڪندو هو. سندس ڳوٺ جي ڀرسان “ٽپٽن” جو مدرسو هو جتي ڪيترائي عالم ۽ فاضل، زاهد، عابد هئا. جن مان ميان عبدالرئوف ميان محمد يوسف ۽ ميان غلام محمد ۽ ميان محمد جا نالا قابل ذڪر آهن، ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب رمضان ڪنڀر جي ڪلام جي رس رچاءَ ۽ ميٺاج جو ذڪر ڪندو رهيو. سندس شاعري ۾ روانگي ۽ لفظن جو خوبصورت استعمال ملي ٿو. علامه دائود پوٽي جي روايت آهي ته “هڪ ڏينهن رمضان ٻنيءَ تي پاڻي ورائيندي، ٿڪجي ڪوڏر ڪنڌ هيٺان رکي سمهي پيو، ننڊ ۾ کيس اوچتو سڏ ٿيو ته “رمضان اٿي ڪجهه چئو” هو ڇرڪ ڀري اٿيو پر نظر ڪجهه نه آيس. هيڏي هوڏي ڏسي وري سمهي پيو، اک مس لڳس ته وري سڏ ٿيس، پر وري اڳ وانگي ڪجهه به نه ڏسي سمهي پيو. هن دفعي خواب ۾ هڪ نوراني شخص ڏٺائين، جنهن کيس ٿڏو هڻي چيو “اٿي ڪجهه چئو” اهي لفظ ٻڌي بيقرار ٿي اٿيو سندس قلب کلي پيو ۽ هڪ ڪافي سندس دل تي تري آئي. رمضان ڪنڀر جي وفات 1999-98ع ڌاري ٿي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    (1)
    ڪيچ وڃڻ جو پهه ڪيو ڪيچين،
    پيڙم ساجن جو نه سماءُ،
    هي هينئڙو ويراڳ ورهه لئه،
    ڏک ڏاڍو برهه بيراڳ برهه لئه،
    راتيان ڏينهن روڄ رنجاءُ.
    آهي نه سرتيون درد اوهان کي،
    مهڻن سان ٿيون ماريون مون کي،
    سورن ڪونه چکايو ساءُ.
    وقت وڃڻ جي رات به جهڻڪيو،
    جاڳيس تان ڪنواٽ ڪڻڪيو،
    پيرم ڪونه ڪنين پڙلاءُ.
    چوي “رمضان” چليا چت چوري،
    ڪنديس ڪوڪون ڏونگر ڏوري،
    گهريس گهوري ڪيچ گداءُ.
    *

    (2)
    بي حد حمد حڪيم کي جو آگو عظيما،
    غالب، رب، غفور رحيم، آهي رازق رحيما.
    پنهنجي قدرت پاڻ ڄاڻي ڪامل ڪمالا،
    ڏاتر ڏيهه خلقيا سڀ جملي جهانا،
    پيدا پاڻيءَ مان ڪيا موليٰ مخلوقا،
    ڪي اٺئي پهر الله جي ڪن وحدت وروها،
    ڪي تابع تعريفن ۾ ڪي ڦريا فرمانا،
    ڪي عابد عالم اوليا ڪي اُچا افسانا.
    ڪي ظالم زور ظلم ۾ ڪي فائق فقيرا،
    ڪي دنيا ۾ مغرور ٿيا ڪي لاغر لئيما،
    ڪي نقل وڏي سان آدمي ڪي موڳا ملولا،
    ڪي گونگا ٻوڙا گرفتي ڪي چريا چلولا،
    اهڙا سير الله جا آهن سهين سبيلا،
    موليٰ محمد موڪليو سچو سردارا،
    جو توفيق تڪيو ضامن ضعيفا،
    پير پيغمبر اوليا ملڪ مشتاقا،
    ڪيا محبت مرسل ڄام جي مڙيئي مستانا،
    ڳالهيون ڳڻ پرين جا آکاڻيون عجيبا،
    حيرت جهڙا هوت جا مٺا مذڪورا،
    ڪتاب ڪنيزالغرائب ۾ ٿا لکن ڳالهه اها،
    ته خاصو دوست خدا جو آهه مرسل مقبولا،
    هڪڙي ڏينهن حبيب جي ڪيائون دانهن دعوتا،
    هزارين حلوا ٿا چيدا چرانا،
    مرغن اچي ميڙ ڪيا چوڻي چڳڻ لا،
    مڙئي ماڻهو آئيا عرب اصحابا،
    کائي ميڙ خوش ٿيا خاص کاڄ منجهان،
    ڪانگي ڪهين ڪل وتي وڏ ٿين واتا،
    تنهن ڀريو ڀرپر ڪئي چتائي چنهنجا،
    تڏهن ڪامل ڦري ڪانگ ڏانهن ڪيو دانهن ڌيانا،
    پڇيو پيغمبر پکيءَ کان خاصي خير وريٰ،
    لڪائي لڪما خاني جا ڪڄاڙي لئي ڪانگا،
    تڏهن مرغ چيو محبوبه کي اي مرسل مجتبيٰ،
    سڻ سٻاجها سپرين منهنجو عرض احوالا،
    ته پکي پير مرد آهه هڪ ڪانگو ڪم قوتا،
    سير ڪندي سنسار ۾ گذريس ڏينهن گهڻا،
    مٿس ناهي موت جي ڪا رضا رحمانا،
    جڏو جيئڻ تنهنجو آهي عاجر عليلا،
    تر نه ترسي طعام ري ڪري ويچار واڪا،
    ڪري آهه اناج لئه جنبي جوش منجهان،
    مٿانهن ڪو ٻيلي رهبر ۾ راها،
    اوڏو ڪونه عزيز ٿئي هلي همراها،
    ٻيا پکي وڃن پهري ڪن طرحين تماشا،
    آئون هيڻو تنهنجي هور ۾ هاتڪ حيرانا،
    آئون وڃان تنهن لئه شهر ۾ ورنهه وسيلا،
    هنر حرفتون جان ڪيان هزارين حيلا،
    لڪان ۽ لوڇان گهڻو ڪريان وس وڏا،
    آڻيا ڀور اناج جا کسيو ٻارن کان،
    ڏيان داغ ظهير کي طعام طلفن جا،
    پوءِ وجهان تنهنجي وات ۾ ڦڙا آب سندا،
    تڏهن کيانتي دل خوشحالي ٿئي مگر محفوظا،
    لنوين ۽ لاتيون ڪري پکي پروازا،
    سيد سڻ سردار تون منهنجي حڪايت هرڪا،
    تڏهن عجب ٿيو اصحابن کي سڻي ايڏي عبرتا،
    پوءِ پيغمبر پکيءَ کي چيو موٽي محبوبا،
    سڻ حضرت منهنجي حال جي گويا گفتارا،
    ساگ پئي ڪنهن سير تي ويس پر ڏيها،
    پر وس ٿيس پرديس ۾ قسمت قيد الماءِ،
    شهر شهر ولايت شام ۾ هئي حسن حيرت سا،
    پرس تنهن ۾ پاتشاهه هو عادل اميرا،
    وڻ ڪنڊو هو ويجهڙو تنهن شهر کي ٻهرا،
    وڃي ويٺس تنهن وڻ تي ياحضرت حبيبا،
    اتي ٿيس اٻاڻڪو مير محمد شاهه،
    وارث ولوڙن جا مٺو محبوبا،
    ڪامل ٿيو وطن جي طلب گهڻي تنها،
    ڪامل ٿيو قوت جي طالب تنهن وقتا.


    مخدوم حڪيم محمد حسن صديقي (وفات 1957)

    مخدوم حڪيم محمد حسن صديقي ولد نصيرالدين صديقي سيوهڻ ۾ ڄائو. پاڻ حاذق حڪيم، طب جو ڄاڻو، عالم، درويش ۽ ليکڪ هو.تعليم پنهنجن وڏن کان حاصل ڪيائين پاڻ درس ۽ تدريس ڏيندا هيا سندس ڪتابن جا نالا هي ملن ٿا.
    1. تفسير عم
    2. تفسير صورت فاتح
    3. دبستان فارسي
    مخدوم محمد حسن صديقي جي وفات 1957ع ڌاري ٿي سندس کي اباڻي قبرستان سيوهڻ م دفنايو ويو.


    شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (ولادت 1897ع وفات 1958ع)

    ڊاڪٽر عمر ولد حاجي محمد دائودپوٽو، 1897ع 1313هه ۾ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ٽلٽي ۾ ڄائو. سندس ڏاڏي جو نالو عبدالمطلب هو. سندس والده جو نالو مسمات صفوران هو. هن ابتدائي تعليم 1903ع کان 1910ع تائين ٽلٽي ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ۽ نوشهري جي مدرسي ۾ پڙهيو. 1923ع ۾ بمبئي يونورسٽي مان ايم اي ڪيائين. 1927ع ۾ “عربي جو فارسي شاعريءَ تي اثر” جي موضوع تي پي ايڇ.ڊي ڪيائين. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميش جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪيا ۽ لکيا: 1 طبيات سعدي، انگريزي 1923ع، 2 شاهه ج رسالو: سرڳواسي گربخشاڻي سان شرڪت 30-1923ع 3 حصا،3 مرشد المتدي پهريون ۽ ٻيو حصو 31-1930ع، 4 روائج بوستان 1934ع، 5 سياست نام نظام الملڪ، 6 نفحات حافظ، 7 عيار دانش ابو فضل 1934ع، 8 قطعات ابن يمن ترجمو، 9 سفرنامو ناصر خسرو (ترجمو)، 10 نثر ۽ نظم 1936ع، 11 روشنائي ناصر خسرو 1938ع، 12 سرها گل 1932ع، 13 مجموعو نثر نظم عربي 1936ع، 14 چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم 3 ڀاڱا 1949ع، 15 تاريخ معصومي فارسي 1938ع، 16 تاريخ چچ نامه فارسي 1938ع، 17 منهاج العاشقين (ترجمو)، 18 بيان العارفين 1937ع، 19 ابيات سنڌي شرح سان (ڪلام خواجه محمد زمان لنواري وارو) 1939ع، 20 ڪلام گرهوڙي 1957ع، 21 عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر 1934ع، 22 سروي آف ماس ايجوڪيشن انگريزي 1937ع، 23 جمنه اصفهاني جي تاريخ مان هڪ باب جو ترجمو، 24 خود نوشت، 25 مدراج قرآئت 3 جلد 1950ع، 26 آغاز فارسي 4 جلد 1951ع، 27 دوس العربيه 4 جلد 1953ع، 28 عربي ادب، 29 مقدم ابن خلدون، 30 درسي ڪتاب، 31 منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي. شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي وفات 20 نومبر 1958ع 1377هه تي ٿي. کيس کي ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويو. سندس جي لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    پنجين درجي ۾ چڱا شاگرد هئا. مونکي مرحوم شيخ الله بخش ۽ عزيزم غلام حسين ڦل جي سنگت وڻندي هئي. ڦل صاحب سان اها اڳوڻي آشنائي ۽ محبت اڃا هلندي اچي. ڇاڪاڻ ته هو اصل کان سهڻن اخلاقن جو مجموعو آهي. سندس نهٺائي، هوشياري ۽ شيرين زباني منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويئي. هو پاڻ مون وانگر فارغ البال ٿي ويٺو آهي. ليڪن اڄ سندس مرڪندڙ منهن ۽ دلپزير مرڪ اندر جي ڦرهيءَ تي اڪريل اٿم. نوڪري جو سارو زمانو شرافت، ايمانداري پاڪدامني بي ريرائيءَ سان گذاريائين ۽ ڪنهن جي چيڙهه کي به ويجهو نه ويو. خوشاآمد برآمد کان پري هو ۽ سڀ ڪنهن کي سچي ڳالهه چئي ڏيندو هو. افسوس جو پاڪستان جي ظهور بعد حڪومت جي ڪارپردازن سندس قدر نه ڪيو (ايمانداري جو وقت ڪٿي آهي) ۽ کيس ڪليڪٽري جي عهدي تان قبل از وقت پينشن وٺڻي پئي مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب جي هڪ مشهور غزل جو بند ٿو ياد پوي:
    دغا بازن دغا بازي، چغل خورن تي سڀ راضي،
    تڙين جي آهه اڄ تازي، عجب هي دور آيو آ.
    (منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي تان کنيل ٽڪرو)


    سيد “مير” محمد شاهه گنبل لڪياري (ولادت 1897ع)

    سيد مير محمد شاهه گنبل لڪياري ولد سيد علي گوهر شاهه لڪياري جي ولادت 1319هه 1897ع ڌاري ڳوٺ علي آباد لڳ “ٽلٽي” تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. پاڻ مشهور گنبل شاهه گهوٽ جي نالي سان آهي. سندس ڪلام ۾ مجاز ثنا، قصيدا، منقبت، فضائل، توحيد، مرثيه ۽ مصائب شامل آهن. سندس شجرو ڏهين امام حضرت علي نقي عليه السلام سان ملي ٿو. سندس والده عربستان جي رهاڪو هئي. سيد گنبل شاهه پنهنجي والدين جو اڪيلو اولاد هو. پاڻ شاعري به ڪندا هئا ته پاڻ ڳائيندا به هئا، سندس آواز ۾ ميٺاج هو. سندس خاندان جو تعلق لڪي شاهه صدر جي سيدن سان به آهي. پاڻ شاعري ۾ “مير۽ گنبل” تخلص استعمال ڪندا هئا. سندس مقبرو ٽلٽي ۾ آهي. سندس ميلو به لڳندو آهي، هن درويش جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    علم اعليٰ برهه بالا، عاشق الٽو اٽاريو آ،
    قلم ڪن ۾، معنيٰ من ۾ سبق سڪ جو سيکاريو آ.
    ذوق مان ذاتي ذڪر جي ڪيو فڪر فائق فقير کي،
    ڪل قدم ڪسرت ڪرڻ مان، دم جي ڏسي وٺ دانهن کي،
    پيغمبر ٿي ڪين بندا سالڪ صحيح ڪر ساهه کي،
    ورق وحد آ وجودي، روز شب ڏسي راهه کي.

    ڪافي
    بسم الله تنهنجو بيانو تون برابر بي رياءُ،
    شاهه شافي شان تنهنجو تون قلندر ڪبيرياءُ.
    دين جو داتا دلاور درسدا دوران ڪيو،
    دانهن سندي دربار ۾ دائم اچي ديدار ٿيو،
    دشمن جي دل اندر وڃي دڪدڪو دهڪار پيو،
    داٻ تنهنجو دٻدٻو به الله بيشڪ بادشاهه.
    مرشد سائين تنهنجو “گنبل” تنهنجو گفتو تو ڪيو گلشن آ گرام،
    تو ۾ گوهر تون غضنفر تنهنجي گولن جو غلام،
    هونئن غازي گهمين غماز سان باور تنهنجي تي بادشاهه،
    شاهه شافع شان تنهنجو تون قلندر ڪبريا.


    غلام عباس سيوستاني (ولادت 1900ع وفات 1980ع کان پهرين )

    غلام عباس دائود پوٽي جو جنم 1900ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو. هي پاڻ کي سيوستاني سڏائيندو هو. هي شمس العماءُ دائود پوٽي جو هم ڪلاسي ۽ همعصر هو.پاڻ شاعري سان گڏ ترنم ۾ ڀي ڳائيندو هو. غلام عباس بئراج مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ پٽيوالو هو. غلام عباس 1980ع واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪري ويو. هن کي حيدرآباد ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سندس جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    ڪافي
    اڄ اوهان کي دوست دلبر ساهه ڏاڍو ساريو،
    ياد يارن جي ۾ آهي آب اکڙين هاريو.
    سؤ پيا دهڪاءَ دل ۾ ساهه کي آيون سٽون،
    هنڌ وهاڻا وهه ٿي ويڙا، ٿيون اچن کائڻ کٽون،
    سي هِرن ٿيون هانوَ تي ٻارڻ اچي جن ٻاريو.
    مل مٺا “عباس” سان هاڻ ستايو ياد آهه،
    دوستن ريءَ هي دنيا مون لئه بڻي برباد آهه،
    خط لکي نالي خدا هن دل جڏيءَ کي جياريو.


    عمرالدين واڻيجو (ولادت 1900ع کان پوءِ)

    عمرالدين واڻيجو ولد ميڙائو ڳوٺ باجارا تعقلي سيوهڻ شريف جو رهاڪو هو. سندس جو شعر مرثيه جي صورت ۾ ملي ٿو. سندس جو جنم 1900ع کان پوءِ پهرين ڏهاڪي ۾ ٿيو آهي. سندس جي ذات ترڪ هئي، ترڪ اڃان به باجارن ۾ رهن ٿا پاڻ به باجارن ۾ مدفن آهي. وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي، سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    وٺيو روضي جو در روئي زار صغران،
    اي نانا ڏکن کان تون نئي مار صغران،
    بنا بابا صاحب جي لاچار صغران،
    پئي روئي ڏک ۾ بيمار صغران،
    اچو ڪونه مون وٽ لڇان پئي آئون تنهان،
    هي ٻانهي ڪيوَ پنهنجي ڇو ڌار صغران،
    ابا هڪڙي بيماري ۽ ٻي آ جدائي.
    ٿيو مٽ نه مائٽ نه ڪو ڀيڻ ڇائي،
    ابا هن جدائي کان وجهان ڇو نه ڀائي،
    فقط آسري تي آ هوشيار صغران،
    چيائين آيو اڄ آهه خطبي جو مالڪ،
    ٻڌو جڏهن هو صغران نالو مبارڪ،
    اتي ڊوڙي اندر ۾ ڪري ياد خالق،
    ڪري ضعف کان هاءِ بيمار صغران،
    ڏٺائين جو ماتم اتي مثل محشر،
    چوڻ جي نه طاقت چوي ڇا ثناگر،
    نه اٿئي تاب هاڻي کڻي بند قلم ڪر،
    “عمرالدين” مدد تنهنجي هر بار صغران.


    يعقوب فقير دائود پوٽو (وفات 1949ع)

    يعقوب فقير دائود پوٽو جو جنم ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. يعقوب فقير حافظ گل محمد وٽ، قرآن شريف پڙهيو ۽ سنڌي چار درجا به پڙهيا هيائين. پاڻ فقيرن جي صحبت ۾ گهڻو رهندو هو. اولياءَ حضرت بودلي بهار جي فقير سيد خير شاهه سان عقيدت هئس. سندس ڪلام پڪو،پختو ۽ پرسوز آهي. پاڻ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جلد ئي گذاري ويو. سندس وفات 1949ع ڌاري ٿي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    هميشه حياتي ۾ فاني فڪر ڪر،
    ڪو طالب توحيد ذاتي ذڪر ڪر.
    هردي هل هلائي، جسي جهاتي پائي،
    شباتي نڀاهي، اشباتي اندر ڪر.
    طالب ٿي طريقت، حق چئه حقيقت،
    سمجهه تون مام معرفت، شريعت شڪر ڪر.
    سڀني کي سنڀاري، “هئڻ” ڪڍ هاڪاري،
    پنهنجي مستي ماري، نفيءَ ۾ نظر ڪر.
    “يعقوب” ڏينهن ڪو آهين، متان پاڻ ڀائين،
    ڪوڙا ٺاهه ٺاهين سدائين صبر ڪر.


    غلام حسين “سيلاني” گهڙيالچي (ولادت 1907ع کان پوءِ)

    غلام حسين سيلاني گهڙيالچي اصل ۾ ميهڙ جو رهاڪو هو، بعد ۾ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. غلام حسين ناڪي منشي هو. پاڻ ڪاتب به هو. شاعري به ڪندو هو، نعت، نوحا، قصيدا لکندو هو. پاڻ تخلص “سيلاني” لکندو هو درگاهه قلندر شهباز جي قديم گهڙيال تي وقت جي پهرن ۽ گهڙين جا ڌڪ هڻي ڊيوٽي ڪندو هو ان ڪري کيس گهڙيالچي سڏيندا هئا. هن جي وفات 1970ع ڌاري ٿي چڪي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    اول بسم الله چئي لِک پاڪ پرور ثنا،
    جو آهي رزاق ۽ ستار قادر جي ثنا،
    جنهن جي حق دنيا و ما فيها خدا پيدا ڪيا،
    رحمت الااعالمين محبوبه داور جي ثنا.


    نارائڻ “شيام” قلندري (ولادت 1913ع)

    نارائڻ شيام قلندري جو جنم 1913ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ شاعر هيو، وڌيڪ احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي.


    جليل سيوهاڻي (ولادت 1913ع وفات 1995ع)

    جليل سيوهاڻي جو اصل نالو جلال الدين مغل جو جنم 1913ع تي سبزواري محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ سڄي زندگي علم ۽ ادب سان وابسطا رهيو. پاڻ چئن ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس ڪتابن جا نالا هي آهن:
    1. المصائب (شاعري جو ڪتاب)
    2. سيد الشهداءِ (حضرت امام حسين عليه سلام جي سوانح)
    3. ميخانه لطيف عرف موکي متارا
    4. الشهباز (اردو ۽ سنڌي ۾) سوانح قلندر شهباز
    پاڻ 15 جولاءِ 1995ع 1416هه صفر المظفر تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. هن کي (سيد مير ڪلان) جي مقام سيوهڻ ۾ مدفن ڪيو ويو. سندس جي لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    قلندر لعل شهباز جي روضي اقدس ۾ اندر ۽ ٻاهر علم جي هيٺان هر سال ميلي جي دوران 18، 19 ۽ 20 شعبان تي قلندر جا فقير ڌمال هڻندا “نچندا” آهن. اڳ ۾ نقارن جي آواز تي قلندر جا فقير گڏ ٿي “ڌمال” نچندا ۽ رقص ڪندا آهن، پر هاڻي ائين نه آهي، سڀني ڪافين جي فقيرن جو الڳ الڳ ٽائيم رکيل آهي. (ڪتاب “الشهباز” تان ٽڪرو کنيل)


    شهباز علي “ملازم” سروري (ولادت 1234 هه 1915ع وفات 1995ع)

    شهباز علي ملازم سروري والد عبدالڪريم خاصخيلي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هو. سندس جنم 1234هه 1915ع ۾ ٿيو. مرحوم سيد حبيب الله شاهه لڪياري جي خاص خدمتگارن مان هو. سندس نيپاج شاهه صاحب جي ڀائٽيءَ بيبي صاحبه جن جي هٿ هيٺ ٿيو. تعليم قران شريف، پنج درجا سنڌي ۽ ڪجهه سبق فارسي به پڙهيا هيائين. شهباز علي ملازم هالا ۾ مخدوم محمد فقير کٽياڻ ۽ فقير الله بخش جي صحبت ۾ رهيو ان کان پوِ سندس طبيعت شاعري طرف مائل ٿي. سندس استاد مخدوم طالب الموليٰ هو. سندس ڪلام ۾ غزل، ڪافي، بيت، گيت، رباعيون، مرثيه، حمد، نعت، ڏور ۽ نظم وغيره موجود آهن. سندس ڪتابن ۾:
    1. نغمئه دل
    2. لڙڪ
    3. حسين گُل
    4. حمد ۽ نعت (سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو)
    سندس ڪافي ڪلام اڻ ڇپيل موجود آهي. سندس ڪجهه ڪلام ريڊيو پاڪستان تان هلن ٿا جيڪي محمد جمن، مصري فقير، جلال چانڊيو ۽ حميرا چنا وغيره جا ڳايل آهن. پاڻ 27 شوال 1415هه مطابق 28 مارچ 1995ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي. سندس شاعري جو نمونو شامل ڪجي ٿو:
    مرسل جو ڪير همسر ڪرڻو سوال ڪونهي.
    مطلب ته ڪنهن ٻئي جو اهڙو ڪمال ڪونهي.
    برعرش اسم احمد، هن فرش تي محمدصه،
    وصف و ثنا ۾ لاحد، ڪو ٻيو بحال ڪونهي.
    نور خدا فراهم، خلق خدا جو همدم،
    فياض فخر آدم، جنهن کي زوال ڪونهي.
    براق جي سواري، قدرت جي سازگاري،
    هي رمز راز واري، جنهن جو مثال ڪونهي.
    آهي حسين ڪهڙو، منهنجي حبيبصه جهڙو،
    شمس و قمر کي اهڙو، حاصل جمال ڪونهي.
    اعليٰ عجيب عظمت روئي زمين جي رحمت،
    ڪوئي ڪَٿي نه قيمت، ياقوت لال ڪونهي.
    جن ڄاڻ سهڻو ڄاتو، تن پڙ ۾ پير پاتو،
    سڪ واري دل سڃاتو، رنج و ملال ڪونهي.
    خاموش رهه “ملازم” آهين نحيف نادم،
    دنيا ۾ راز محرم ڪو هم خيال ڪونهي.


    قاضي عبدالمجيد “عابد” (ولادت 1915ع وفات 1996ع)

    قاضي عبدالمجيد عابد ولد عبدالقيوم، عباسي جي ولادت 2 مارچ 1915ع تي قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿي. 1932ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪيائين ۽ پوءِ صحافت ۾ پير پاتائين. محمد عثمان ڏيپلائي کان عبرت اخبار خريد ڪري سنڌي صحافت کي نوان موڙ ڏنائين. هزارن جي تعداد ۾ ڪالم ۽ تجزيه لکيائين. ان بعد ڪجهه ڪهاڻيون به قسطوار اخبار ۾ لکي شايع ڪيائين. جن پڙهندڙن ۾ سٺي مقبوليت ماڻي. قاضي عبدالمجيد عابد سياستدان به هو. ابتدا ۾ بلدياتي عهدن تي فائز رهيو. 1988ع ۾ سنڌ جو وزير مواصلات مقرر ٿيو. صوبائي وزير جي حيثيت ۾ هن سڄي سنڌ جو دورو ڪري جنرل ضياءَ الحق کي ريفريڊم ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ورڪ ڪئي. 1985ع ۾ غير سياسي بنيادن تي ڪرايل چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. محمد خان جوڻيجي جي ڪابينه ۾ وفاقي وزير اطلات مقرر ٿيو. 1988ع ۾ ضياءَ جي موت کان پوءِ هو مسلم ليگ ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. پ پ جي ٽڪيٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ هي گوشئه نشين ٿي ويو. سندس ادبي ڪم واکاڻ جوڳو آهي. سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن:
    1. سفر يورپ جي ڊائري
    2. مونکي ياد آهي ته....
    3. سنڌ جي سياست
    قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.


    سيد مظهر سيوهاڻي (ولادت 1918ع وفات 1985ع)

    مظهر سيوهاڻي جو اصل نانءُ سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو والد جو نانءُ سيد روشن علي شاهه هو، سندس جنم 18 جولاءِ 1918ع باجارا ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ باجارا جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائون، انگريزي تعليم سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ مان پرايائون. ادبي شروعات 1932ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ شعر چوڻ سان ڪيائون. قرباني اخبار ۾ سياسي ڪالم مظهر ڪاظمي جي نالي سان لکندو هو. کيس جو اڻ ڇپيل مجموعو “جذبات مظهر” جي نالي سان سهيڙيل آهي. سندس وفات 1985ع ۾ ٿي. سندس آخري آرام گاهه باجارا ۾ آهي. سندس شعر نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
    ٽيڙو ڪَتي ويا نجهري، پر هو پرين نه آيو،
    ڏسندي ٿي، رات گذري، پر هو پرين نه آيو.
    همدرد چنڊ بڻيو، تارن کي رحم آيو،
    پرڀات آئي اڀري، پر هو پرين نه آيو.
    آيو بهار موٽي، آيا چمن ۾ ٻيهر،
    گونٽو گلاب نسري، پر هو پرين نه آيو.
    اميد آسري تي واعدي وچن سندس تي،
    ويا ڏينهن راتيون گذري پر هو پرين نه آيو.
    جوڳي فقير ڀيٽيم، پيرن تي باسون باسيم،
    ڪيم رسم ريت پوري، پر هو پرين نه آيو.
    تنهائي بيقراري حاوي هُئي انتظاري،
    “مظهر” اچي وئي پيري، پر هو پرين نه آيو.


    زينت چنا (ولادت 1919ع وفات 1974ع)

    محترما زينت چنا جو جنم 1919ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس گهرواري جو نالو عبدالله چنا هو. زينت چنا، ڪهاڻيون، اخباري ڪالم ۽ مقالا پڻ لکيا. ماهوار رسالي “ماروي” جي ايڊيٽر پڻ رهي. سندس ڪتاب “يادگار لطيف” جي نالي سان لکيل آهي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون پڻ لکيون سنڌ جي پهرين ليکڪا آهي جيڪا ورهاڱي کانپوءِ ڀارت جو دورو ڪرڻ وئي. پاڻ 2 جولاءِ 1974ع تي وفات ڪيائين. حيدرآباد ۾ پٺاڻ ڪالوني جي مقام ۾ آرامي آهي.


    محمد علي”عيان” دائودپوٽو (ولادت 1919ع، وفات 1997ع)

    محمد علي دائود پوٽي جنم 1919ع تي ٽلٽي ۾ ٿيو محمد علي دائودپوٽو شمس العلماءِ دائود پوٽي جي عزيزن مان آهي. پاڻ پرائمري استاد کان سرڪاري نوڪري جي شروعات ڪيائين آخر ۾ پروفيسر ٿي رٽائرڊ ڪيائين. شعر ۾ تخلص “عيان” ڪم آڻيندو هو. سندس ڪتابن جا نالا هي ملن ٿا: سندس وفات 1997۾ ٿي
    1. هٻڪار
    2. موتين جي مٺ
    3. جاگرافي تعلقي جوهي


    علي احمد قريشي (ولادت 1920ع وفات 2013ع)

    علي احمد قريشي ولد رحمت الله قريشي جو جنم 1920ع تي ڳوٺ بختيار پور تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. علي احمد قريشي تعليم آراضي، سن ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي مان حاصل ڪئي. پاڻ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. سائين جي ايم سيد جي ساٿين مان هو. پاڻ مختلف ملڪن (شهرن) جو دورا پڻ ڪيائين. جن ۾ بيروت، دمشق، استمبول، اٿينس، روم، لنڊن، پئرس، جنيوا پڻ ويو. سندس جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انگلش ۾ G.M. Syed as I knew him. سنڌي ۾ 1 جمنا ڪناري، 2 يادن جا ورق. پاڻ نامياري اديب، محقق تاج صحرائي جو صحبتي هو علي احمد قريشي سنڌ جو سچو سپاهي ۽ محب وطن هو. انسان دوست، هاري اڳواڻ پڻ رهيو. مظلومن جوساٿاري هو. حق سچ چوندو هو، ڪوڙ کان نفرت ڪندڙ هو. منهنجي سندس سان ملاقات ٿي هئي. خوش اخلاق، يار ويس هو. علي احمد قريشي 6 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي. سندس کي ڪراچيءَ جي هڪ قبرستان ۾ رکيو ويو. سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    “1843ع ۾ انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، ته جلد ئي سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍيو ويو ۽ سنڌ وري 1947ع ۾ آزاد حيثيت ۾واپس ملي يعني 100 ورهيه سنڌ بمبئي سان گڏ رهي، انهيءَ وچ ۾ دادو ضلعو جيڪو ڪجهه وقت ڪراچي ضلعي سان ۽ ڪجهه وقت لاڙڪاڻي سان گڏ هو. 1931ع ۾ دادو آزاد ضلعي جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو.”
    (ڪتاب “يادن جا ورق” تان کنيل ٽڪرو)


    علي محمد “ساغر” سيوهاڻي (ولادت 1920ع وفات 1988ع)

    علي محمد ساغر سيوهاڻي ولد محمد هاشم قريشي 1920ع تي سيوهڻ ۾ ڄائو. علي محمد ساغر سيوهاڻيءَ، 1951ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاعري ۾ پهرين تخلص “شائق” بعد ۾ ساغر سيوهاڻي رکيائين. هي پورهيت شاعر ڪباب ٺاهڻ ۽ پڪوڙن جو ڪم ڪندو هو. سيوهڻ جا ماڻهو کيس “شاعر علي محمد ڪبابي” به چوندا هئا. سندس وفات 31 جنوري 1988ع تي ٿي. کيس اباڻي قبرستان لڳ “تجر” سيوهڻ ۾ دفنايو ويو. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    سدا بحر جلال الله جو، جو هر قلندر آ،
    سخي شهباز سيوهاڻي، پرين پرور قلندر آ.
    شريعت ڇا، طريقت ڇا، حقيقت معرفت جو سڀ،
    خدا جي راز جو سارو ٿيو مظهر قلندر آ.
    مٿي شهباز جو رتبو سما تي آشيانو آ،
    سڄي ملڪوت ۽ لاهوت جو سائر قلندر آ.
    صحيح سالڪ، صحيح عارف صحيح عالم ۽ قاري آ،
    سدا علماءُ ۽ سلفا جو، سندو رهبر قلندر آ.
    زبان تي سنڌ وارن جي رهي نالو قلندر جو،
    سندس نعرو سدا قائم ٿيو قادر قلند رآ.
    نه رک ڀؤ تون ادا “ساغر” قيامت ۾ به رهبر آ،
    اٿئي هي ساقي ڪوثر سندو ساغر قلندر آ.
    *
    ____________________________________________
    خير محمد ٻرڙي “سيوهڻ صدين کان” ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ساغر سيوهاڻي 1973ع ۾ وفات ڪئي. سندس پوٽي ماجد سنڌي جو چوڻ آهي ته ڏاڏا جي وفات 1988ع تي ٿي آهي.


    در محمد قريشي بوبڪائي (وفات 1973ع)

    در محمد قريشي سنڌ جي قديم شهر بوبڪ جو هو. سندس تخلص “قريشي” هو. پاڻ اڪثر وڏن بندن تي شعر لکندو هو. قلندر لعل شهباز جو عقيدتمند هو. در محمد قريشي 1973ع تي بوبڪن ۾ وفات ڪئي. پاڻ پرائمري استاد هو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    الاهي عشق جو قلزم قلندر،
    رسولي راز جو محرم قلندر.
    هو بحر غيب جو غواص آهي،
    رهي ٿو حق سان هر دم قلندر.
    سمورا علم ڄاڻي ۽ سڃاڻي،
    جي حافظ آ ته پڻ عالم قلندر.
    حقيقت ۽ طريقت، معرفت سان،
    شريعت تي سدا محڪم قلندر.
    نه ڏنڊي، نه ڪونڊي سان محبت،
    نشي کان دور هو، دمدم قلندر.
    خدائي ملڪ جا وارث ولي سڀ،
    مگر هن سنڌ جو حاڪم قلندر.
    ڏسي غاصب جي دشمن، سنڌ ڏي ڪو،
    ته ان جي لاءِ ائٽم بم قلندر.
    وٺي ويو فيض هن در تان ڀٽائي،
    ولي ڪيئي ٿيا خادم قلندر.
    سَتو ٿي عمر ساري جنهن گذاري،
    برائي کان پري هر دم قلندر.
    “قريشي” مصطفيٰ شافع آهه منهنجو،
    جو آهيان خاص مان خادم قلندر.


    پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي (ولادت 1922ع وفات 1977ع)

    سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ شاعر پروفيسر محبوب علي چنا 13 مارچ 1922ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، جتان هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ڊي جي ڪاليج حيدرآباد مان بي اي جو امتحان ڏئي بمبئي يونيورسٽي مان سنڌي، عربي، فارسي ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري دڪ شا فيلوشپ ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين، بي ٽي ۽ ايس ٽي سي جو امتحان به پاس ڪيائين. هن پنهنجي عملي زندگي جو آغاز هڪ استاد جي حيثيت سان 1942ع ۾ ميونسپل مڊل اسڪول سيوهڻ کان ڪيو، ان کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۾ ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ استاد ٿي رهيو 1948ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هن هالا ۾ سروري ڪاليج جو بنياد وڌو، جنهن جو هي پرنسپال رهيو. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي عربي ۽ فارسي جو پروفيسر منتخب ٿيو. پروفيسر محبوب علي چنا سنڌ جي مختلف ڪاليجز جو پرنسپال پڻ رهيو. هي 1973ع کان 1975ع تائين پهريون سنڌي هو، جيڪي سيڪريٽري نيشنل بوڪ ڪائونسل اسلام آباد مقرر ٿيو. پروفيسر محبوب علي چنا ڪيترن ڪتابن جو مصنف، مولف ۽ مرتب ڪندڙ هو. سندس مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾:
    1. سيوهاڻي بادشاه 1972ع (حضرت عثمان تي هڪ تحقيقي جائزو)
    2. اسلامي تاريخ
    3. سردار قلندر
    4. هڪ شخص ٻه پهلو
    5. سنڌي ادب جا جديد رجحانات
    6 حضرت نوح جا سهيوڳي ۽ همعصر
    سنڌو ماٿري جا اصل باشندا درواڙ ٽه ماهي مهراڻ 1973ع مڪلي جي ٽڪري مقالو نئين زندگي 1955ع پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي نالي سنڌالاجي جي تحقيقي لائبريري ۾ 17 آڪٽوبر 1981ع تي ڪارنر قائم ڪئي وئي. سندس انگريزي، اردو، فارسي، ۽ عربي ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن. محبوب علي چنا “فردوس” رسالي (هالا) جو ايڊيٽر، انجمن فروغ ادب هالا جو سرپست، سنڌي ادبي بورڊ، شاهه لطيف ڪلچر ڪائونسل ۽ شهباز ڪلچرل ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. پروفيسر محبوب علي چنا 1977ع تي مڪي (سعودي عرب) ۾ وفات ڪئي. سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    حضرت مخدوم بلالرحه سمو سنڌ جي سرزمين جي انهن مايه ناز فرزندن ۽ سڀاڳ سپوتن مان آهي، جن ديس واسين کي قرآن شريف، تفسير، حديث شريف، فقهه، شريعت ۽ غزا جي شين کان روشناس ڪيو. هي بزرگ اصل (ٽلٽي تعلقي سيوهڻ) جي واهڻ جو واسي هو. سندس ولادت جو پتو نه ٿو پوي پر سندس وفات سن 929هه مطابق 1522ع ۾ ٿي. اهو سندس وفات نظر ۾ رکندي ڏسون ته سندن تواريخي سمو ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن اسان هن زماني کي تواريخي عينڪ سان بغور مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته هي عرصو سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو. سمن بادشاهه جو سونهارو ۽ سونهري سمو، ڄام نظام الدين (متوفي 914هه – 1508ع جي وفات حسرت آيات تي هڏڪيون کائڻ لڳو. جنهن ڪري 928هه 1522ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو اهو تسلط ٿيو، جو تقريباً اڍائي سو سالن تائين سنڌ، پاڻ کي ٻاهرين جي غلامي کان ڇڏائي نه سگهي. سن 927هه 1521ع جي پريشان ڪن شام هئي. جڏهن شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز سمي کي شڪست ڏئي ارغونن جو جهنڊو هن سرزمين تي بلند ڪيو...
    (کنيل ٽڪرو “ڪتاب شهيد مخدوم بلاول مرتب آزاد قاضي ليکڪ پروفيسر محبوب علي چنا”)


    ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي (ولادت 1924ع وفات 1972ع)

    ماستر محمدپريل سولنگي سيوهاڻي ولد الهڏنو سولنگي جو جنم 1924ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيائين. سنڌ جو ناميارو اداڪار نور محمد لاشاري سندس شاگردن مان هو. سندس مشهور ڪتاب “گلزار قلندر” آهي. گلزار قلندر جو اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. ڊراما پاڻ لکندو به هو ته ان ۾ اداڪاري به ڪندو هو پاڻ پرائمري اسڪول مين بوائز جو هيڊ ماستر به رهيو. سندس وفات 11 رمضان 1382هه ڏينهن جمع 20 آڪٽوبر 1972ع تي ٿي. سندس تربت سيد ثابت علي شاهه جي مقبري جي پٺئين پاسي واري مقام ۾ آهي، جتي سندس جي نالي جي تختي به لڳل آهي. ماستر محمد پريل سولنگي جي لکت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “هر قلندر ۾ جا خاص خوبي هوندي آهي، سا هيءَ هوندي آهي ته هو ڪنهن جي گهر ۾ وڃي کاڌو نه کائيندو آهي، خواهه هو سفر ۾ هجي يا حضه ۾ پر جيڪڏهن ڪو سندس رهائش واري هنڌ تي کاڌو يا ڪا ٻي شيءِ خلوص سان پيش ڪندو آهي ته اها قبول ڪندو آهي. بشرطيڪ صدقو، نياز، زڪوات، يا خيرات مان نه هجي، بلڪه خاص نذراني ڪرڻ جي نيت سان آندو هجيس. کاڌو اڪثر سادو کائيندا آهن. جوَن جي ڪش، کچڻي، ماکي، ڌونئرو، کٽاڻ، سائي ڀاڄي ۽ دال هنن کي وڌيڪ پسند ايندا آهن. قلندر جي مجلس ۾ دنيا جون فضول ڳالهيون قطعاً نه ڪندا آهن. هوءِ نهايت پاڪباز، خود دار ۽ غيور ٿيندا آهن. شرڪ، فسق، بدعت، نفاق ۽ اختلاف کان پري ڀڄندا آهن. سياسي خواهه غير سياسي تحريڪن، منافقانه سرگرمين ۽ فرقه بنديءَ جي اُلجهنن سان هنن جو ڪو واسطو ڪونه هوندو آهي، نفاق ۽ اختلاف کان بلڪل پاڪ هوندا آهن. تعويذن ۽ اهڙين ٻين ٽڪساٽن کان پري هوندا آهن. قلندر وڏا صابر شاڪر ۽ باهمت هوندا آهن، هو ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو دست سوال دراز نه ڪندا آهن. هر حال ۾ خوش نظير ايندا آهن. هنن جي زندگي نهايت ئي خاموش ۽ پرسڪون هوندي آهي.
    (ڪتاب “گلزار قلندر” پهرئين ڇاپي تان کنيل ٽڪرو)


    آپا شمس عباسي (ولادت 1924)

    آپا شمس عباسي جو جنم 10 جنوري 1924ع تي قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس گهر واري جو نالو محسن عباسي هو. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي ٽي هئي. 1944ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر طور پنهنجو تدريسي ڪيرئير شروع ڪيائين. اڳتي هلي هيڊ مسٽريس، پرنسپال، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪالجيز سنڌ جي عهدن تي فائز رهي.1984ع ۾ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ جي منصب تان رٽائر ڪيائين. ملازمت دوران لا تعداد اهم تعليمي پروجيڪٽس جي تڪميل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين ۽ ڪيترائي نوان ادارا برپا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون.”اپوا” ۽ ٻين اهڙين سماجي بهبود جي تنظيمن کي سندس لاڳيتو رهبري حاصل رهي. عورتن جي متعدد بين الااقوامي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. بنگلاديش، آسٽريليا، ماسڪو، ايران، ترڪي، انگلينڊ ، فلپائن، ڀارت، چين، برلن، بروسيلز لئگسمبرگ، نيروبي وغيره ملڪن ۾ مختلف تعليميءَ عورتن جي ڀلائي دوران سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ اجلاسن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. آپا شمس عباسي قاضي عبدالقيوم جي ڌي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ڀائيٽي هئي. پاڻ “مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت جي موضوع تي Ph.D سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. آپا شمس عباسي جون خدمتون ادب، تعليم ٻين شعبن ۾ ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. سندس جي 2 سال کن اڳ وفات ٿي چڪي آهي. آپا شمس عباسي جي لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    “حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1908ع ۾ سيوهڻ شريف جي ۽ معزز قريشي خاندان مان شادي ڪئي. سندس لکڻ جو نمونو هميشه سليس ۽ بامحاوره هوندو هو. ڪتابن ۾ اصلاحي زبان ڪم آندي اٿس، صفائي ۽ سادگي سندس خاص طور هوندي هئي، ۽ مختصر لفظن ۾ طويل مفهوم کي بيان ڪري وڃڻ سندس ممتاز خصوصيت هئي. عبارت جي ساختگيءِ رواني عنوانن بيان جي دلڪشي ۽ شيريني، لفظن جو تلاش ۽ خراش، جملن جي جوڙجڪ، بندش جي چستي ۽ فقرن جي هڪ ٻئي سان پيوستگي ڪجهه اهڙي نموني واقع ٿيل آهي جو حڪيم صاحب جو ڪوبه ڪتاب مطالع ڪرڻ سان پڙهڻ واري جي طبعيت گهٻرائي نه ٿي ۽ نه دماغ ٿڪ محسوس ڪري ٿو.جتي ڪٿي رنگينيءَ کان ڪم ورتو اٿس. پر اهڙي اعتدال سان جو عبارت جي خوبي ۽ حسن چمڪي ويو آهي. مناسب هنڌن تي اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا ڪم آندا اٿائين. جيتوڻيڪ انگريزي پڙهيل ڪونه هو.پر سندس تصنيف ۾ جيڪو مواد آهي تنهن مان ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻڪ مغربي زبانن ۾ ڏاڍو وسيع مطالعو ڪيل اٿس.حڪيم صاحب جي لکڻيءَ ۾ اهي سڀئي وصفون موجود آهن جي هڪ صاحب ڪمال ۽ صاحب طرز ۾ هجڻ ضروري آهن اهوئي سبب هو جو سندس لکيل سمورا ڪتاب گهڻو ڪري تعليم کاتي جي مختلف نصابن ۾ داخل هوندا هئا.
    (ڪتاب مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت Ph.d تان کنيل ٽڪرو ليکڪ آپا شمس عباسي)


    حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي (ولادت 1925ع وفات 1999ع)

    حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي ولد محمد حسن صديقي ولد حڪيم مخدوم نصيرالدين صديقي جو جنم 1925ع تي قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ مخدوم معين الدين صديقي کان حاصل ڪيائين. حڪيم صاحب ادب کان سواءِ سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ 1960ع کان 1963ع تائين، ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ جو چيئرمن پڻ رهيو. مخدوم صاحب قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس، ثقافتي شو، هنري شين، ملاکڙو، سيوهڻ ۾ شروع ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. سڀئي تقريبون سرڪاري سطح تي شروع ٿيون. جيڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن. سندس هڪ ڪتاب “مخدوم عثمان مروندي” جي نالي سان لکيل آهي، جيڪو سندس جي لائبرري ۾ موجود آهي. مخدوم محمد مراد صديقي شاعر به هيو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. هن شعر ۾، دواخاني ۽ پٽن جي ڪاميابي لئه “دعا” ڪئي اٿس:
    تبارڪ اسمڪ يا ذا الجلال والاڪرام،
    صلاتون احمد مُرسل تي ۽ هزارين سلام،
    الاهي تنهنجي توڪل تي ٿو کلي هي در،
    انهي کي پنهنجي ڪرم سان شفا جو مرڪز ڪر،
    مفيد عام دواخاني کي ترقي ڏي،
    ڪرم سان تنهنجي اڃان ڀي وڌيڪ اڳتي وڌي،
    “مفيد عام” کي يا رب مفيد عام بڻاءِ،
    “نصير دين” کي پڻ تون ئي نيڪ نام بڻاءِ،
    “نصير دين” ٿئي شال ڪامياب حڪيم،
    هتان شفا وٺي، سڀڪو ۽ لا علاج سقيم،
    “حسن”، “حسين” ۽ “اَحسن” کي علم سان سينگار،
    انهن کي راهه هدايت الاهي پڻ ڏيکار،
    انهن کان پوءِ ننڍا جيڪي محسن و حسان،
    “فواد” “فهد” به تنهنجي حوالي يا رحمان،
    “مراد” سر بسجود آهي يا خدا تو در،
    جو ان تي نعمتون تنهنجون شمار کان ٻاهر.
    مخدوم محمد مراد صديقي هي “دعا” جمع 31 آگسٽ 1984ع تي پنهنجي فرزند نصير الدين کي دواخانو کولي ڏيڻ مهل “پڙهي ٻڌائي” هئي. سندس جي وفات 19 ربيع الاول 1420هه 6 جولاءِ 1999ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. کيس کي سيوهڻ ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


    سيد فيروز شاهه “دڙائي” بوبڪائي (ولادت 1925ع وفات 1999ع)

    سيد فيروز شاهه دڙائي بوبڪائي ولد سيد ذوالفقار علي شاهه لڪياري جو جنم 24 جنوري 1925ع تي ڳوٺ سيد ذوالفقار علي شاهه “دڙو” لڳ بوبڪ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم مولوي عبدالقادر بوبڪائي جي مدرسي ۾ ورتائين. جيئن ته سندس کي عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو. سندن ابا ڏاڏا حضرت خواجه محمد زمان لنواري شريف ضلعو بدين جي درگاهه جا معتقد هئا. ان ڪري سندن مرشدن پير صاحبن ننڍپڻ ۾ پاڻ وٽ رهائش جي خواهش ڏيکاري. سندس والد صاحب راضپو ڏيکاريو ان بعد پير صاحب جي ڪراچي واري بنگلي تي خدمت جا فرائض انجام ڏنا. اتي ئي وڌيڪ تعليم (فلٽ هاءِ اسڪول) گارڊن ڪراچي ۾ حاصل ڪيائون. پاڻ سوشل ورڪر ۽ سياستدان هو. سياسي پليٽ فارم تي پهرين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي صاحب سان بعد ۾ پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽيءَ ۾ رهيا. پ پ تعلقي سيوهڻ جا بنيادي صدر پڻ رهيا. پاڻ بزم باب الاسلام جو بنياد وڌائون. پاڻ “دڙائي” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس وصيعت موجب کيس کي لعل باغ سيوهڻ ۾ مدفون ڪيو ويو. سندس وفات 23 جون 1999ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي.سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ڀرپور جڏهن هئين ته خوشحال سنڌ هئي،
    سنڌو توکي پنهنجن ڪنارن ڇڏي ڏنو.

    اکيون پٽي ڏسان پيو چوڌاري ڪو به ناهي،
    کيسا ٿي ويا خالي ساٿ يارن ڇڏي ڏنو.

    آواز بند ٿي ويو، ڳٽڪر ڏئي نه سگهيا،
    مجبور ٿي آ ڌڻ کي ڌنارن ڇڏي ڏنو.

    پاڻي ختم ٿيو ته هارين به ڏاند ڇوڙيا،
    آواز سوز وارو نارن ڇڏي ڏنو.

    اضلاق تي قدم بک ۾ رهي نه سگهيو،
    پنهنجا به ويا ڀڄي ۽ پيارن ڇڏي ڏنو.

    وچڙڻ ڄنگهون اسان جون سمجهي وڃو سبب،
    اٺ تي هلڻ ٿيو مشڪل سهارن ڇڏي ڏنو.

    آئي خزان ته بلبل ۽ ڪوئل به موڪلايو،
    بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو.

    اي سنڌ تنهنجو رت پي دشمن ٿلهو ٿيو،
    خالي ٿيو جسم جڏهين ته ڌارين ڇڏي ڏنو.

    خوش ڪيئن رهي “دڙائي” تو کانسواءِ سنڌڙي،
    حاذق هليا ويا ۽ چارن ڇڏي ڏنو.


    سيد نجف علي شاهه لڪياري (ولادت 1926ع وفات 1976ع)

    سيد نجف شاهه لڪياري ولد سيد سومر علي شاهه، 1926ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد نجف علي شاهه لڪياري صوفي صفت، ڪامل ولي، الله لوڪ انسان، بزرگ ۽ بهترين شاعر هو.سندس شاعري ۾ صوفيت، وحدانيت، علي جو عشق نظر اچي ٿو. پاڻ ڪيترائي ڀيرا لاهوت لامڪان ويو هو. پاڻ سيلاني فقير ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي، سيد نجف علي شاهه لڪياري جا ٽي تڪيه خاص هئا. 1 ناري وارو مڪان، 2 ڀانن وارو مڪان ۽ 3 باجارا وارو مڪان. هن بلند پائيه بزرگ جا سال ۾ ٽي ميلا لڳن ٿا، ناري واري مڪان تي، ڀانن واري مڪان تي ۽ باجارن واري مڪان تي. سندس شاعري ۾ سلاست، بلاغت، نفاست ۽ الاهي عشق آهي. چون ٿاهي درويش انگريزي پڙهيل ڪونه هو. سندس شاعري سنڌي سان گڏيل انگريزي ۾ ملي ٿي. سيد نجف علي شاهه لڪياري جي وفات 1976ع ۾ ٿي. پاڻ باجارا ۾ پنهنجي ڀائرن جي ڀر ۾ مدفون آهن، سندس تي مقبرو ٺهيل آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ماءِ ڊيئر، ڪم هيئر، نالي خدا جي قياس ڪر،
    ماءِ گاڊ، توکي سڀ خبر، آهيان هتي مان دربدر.
    ريڊ ڏس ليٽر سڄڻ، ڪجهه زرا تون ڌيان سان،
    بي ڪئڪُ جواب ڏي، نه ته خون پوندئي سر.
    شو مي، الله جي نام تي، منهنڙو سڄڻ،
    انگلش ۾ منهنجا مٺا، اها ڳالهه ڪئي مون سر بسر.
    آءِ هيوِ “نجف چئي” درد دل ۾ يار جو،
    قاصد ادا ٿئنڪس گو برنگ اين انسر.
    چوسٽو
    پيارا ڪندي، پريت تنهنجو نام نظر آيو،
    بس دل ٿي پئي مسجد ٺام نظر آيو،
    دُوريءَ تان دلربا تي جڏهن پيون نگاهون،
    پوءِ پنهنجو بدن پاڻ کي مقام نظر آيو.

    غزل
    ڀانيان ٿو اي پرين، تنهنجو اڳيون مون سان پيار ڪونهي ڪو،
    سوا تنهنجي سڄڻ، سائين منهنجو ٻيو يار ڪونهي ڪو.
    ڪندو دانهون آيس تو در، نمائي سر ڪيم سجدو،
    وڍيو سر ته آهيان حاضر، مون کي انڪار ڪونهي ڪو.
    ڏنم دلڙي جڏهن توکي، بنا دل جي ويراڳي ٿيس،
    ڪيو مون ڪونه آ اهڙو، ڪنهن سان واپار ڪونهي ڪو.
    باجارن ۾ جيڪر جاني، “نجف شاهه” مون سڏايو ٿي،
    سوا الله محمد جي ٻيو غم ٺار ڪونهي ڪو.

    غزل
    اوچتو مان ٿيس جدا، پنهنجي دلبر يار کان.
    اُتي پڪاريو مون گهڻو ٿي، دل سندي آزار کان.
    ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، ڪنهن کي ٻڌايان حال هي،
    شل جدا مان ٿيان نه جيئري، من گهرئي منٺار کان.
    روئي روئي رات ساري، مون گذاري هاءِ هاءِ،
    ٿي بدن ۾ باهه جاري، عشق جي خمار کي.
    “شاهه نجف” تون به جانب، جي اڳيان سر کي نوا،
    گهُر شهادت جو شرف، تو سيدي ابرار کان.
    *


    سيد فيروز شاهه “ظفر” سيوهاڻي (ولادت 1345هه 1926ع)

    سيد فيروز شاهه ظفر ولد سيد محمد هاشم شاهه جو جنم 1345هه 19 سيپٽمبر 1926ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس جو پهرين تخلص “تاثير” هو بعد ۾ “ظفر” رکيائين تاثير تخلص سان ڪافي مشهور هو. بعد ۾ “ظفر” سان به مشهور ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي ۽ پاڻ استاد هو. سندس همعصر شاعرن ۾ استاد بخاري، اسحاق راهي، الهنواز رڪڻائي، اشرف منصور دائود پوٽو، احمد خان مدهوش نشتر ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي محسن ڪڪڙائي، راز ناٿن شاهي ۽ ٻيا هئا. سيد فيروز شاهه ظفر “بزم شهباز” جو سرگرم ڪارڪن هيو. سيوهڻ شريف ۾ سنڌ ليول تي وڏا وڏا هر سال مشاعرا ڪرائيندو هو. اهي مشاعرا سندس جاءِ تي ٿيندا هئا. پاڻ بزم شهباز جو صدر به رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليوزن تي هر سال محرم مهيني ۾ مرثيه ۽ سوز وارا شعر به پڙهندو هو. پاڻ مرثيه، نوحا، منقبت، دعائون، ڪافيون، غزل ۽ چو سٽا لکيائين سندس جي وفات 1994 ڌاري ٿي. هن کي باجارن ۾ دفنايو ويو، سندس جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تو شريعت کي ٻڌايو عشق جو آواز لعل،
    تنهنجي طرز زندگي مذهب ڏٺم شهباز لعل.
    تو سڏايو سڱ حيدر مان چوان باب علي،
    مرتضيٰ محمودِ تنهنجو، تون سندس اياز لعل.
    ڪوڏڙيون، ڪڙيون وجهي، ناگا نفيلن سان نچن،
    اهڙي الفت جو اچي تو ئي ڪيو آغاز لعل،
    لا مڪان باغ ارم جي، منزلن جو آشنا،
    ذري ذري تي زمين جي، ٿو ڪري پرواز لعل.
    ڇيرين جا ڇم ڇما ڇمڪار، پيرن جي وڄن،
    ڪير ٿو ڄاڻي سگهي، هن عشق جو انداز لعل.
    چور نه ته چاڪي سهي، هت اهڙو ئي بيداد هو،
    انڌي نگري ۾ وڄايئه صلح وار ساز لعل.
    سنڌ ۾ پهچي قلندر تون سنڌي ٿي ويئن
    ڪيئن نه سنڌيئڙا ڪندا، توتي سندائين ناز لعل.
    سوچ منهنجي کان مٿي آهه، سندءِ رنگ ڌمال،
    ڇا “ظفر” سمجهي ته ڪهڙو آهي هن ۾ راز لعل.


    سيد نظر علي شاهه جيلاني (ولادت 1926ع وفات 1989ع)

    سيد نظر علي شاهه جيلاني ولد اَبن علي شاهه (تخلص “طالب”) جو جنم 1926ع تي بستي نظام الدين ۾ ٿيو.سندس ڳوٺ شهر دهلي جي ڀرسان آهي.پاڻ هندستان جا راهوڪوهيا.سندن جي ابتدائي تعليم هندستان جي شهر دهلي جي بستي نظام الدين جي اسڪول ۾ ٿي.جتان چار درجا پاس ڪيائين. حفظ ۽ تجويد پنهنجي نانا غلام ڪبريا کان حاصل ڪيائين.سندس طريقت جو سلسلو حيدري، قادري، قلندري چشتي هو. سيد نظر علي شاهه جيلاني حضرت پير سيد مهر علي شاهه “ گيلاني گولڙا شريف” وارن جي فرزند سيد غلام محي الدين گيلاني المعروف (بابو جي) جي دست حق پرست تي قادري چشتي طريقي ۾ بيت ڪئي.پاڻ وحدت الوجودي صوفي هو.سندس شاعري ۾ تخلص (ا)نظر (2 )ڌڻار (3) گُڊريا (4) چرواها هو. پاڻ سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ پنجابي زبان ۾ مضمون ۽ شاعري ڪئي اٿس سندس جا هي ڪتاب لکيل آهن.
    1. ديوان سنڌي (شاعري) اڻ ڇپيل
    2. ديوان اردو (شاعري) اڻ ڇپيل
    3. ديوان پنجابي (شاعري) اڻ ڇپيل
    4. اسرار الطائف تصوف (سنڌي) اڻ ڇپيل
    5. خفي الخفيٰ تصوف اڻ ڇپيل
    6. انتهه الفقراءُ (اردو) اڻ ڇپيل
    7 فقر نامو حيدري، قادري، قلندري، (سلوڪ) اڻ ڇپيل، سيد نظر علي شاهه 9 اپريل 1989ع 2 رمضان المبارڪ 1409هه ڏينهن اڱاري تي ڳوٺ بچل چنا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ وفات ڪيائون. سندس درگاهه ڳوٺ بچل چنا جي اتر طرف آهي پاڻ ڪيترائي سال ڳوٺ بچل چنا ۾ رهيو سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    بي صورت آيو منجهه صورت جي ڳالهه عجب گفتارعجب
    بي رنگي ويٺو رنگ بڻائي گل عجب گلزار عجب
    روح جسم جو جوڙ بنائي، مَلڪن کان پيو سجدا ڪرائي
    تنهن ۾ پنهنجو پاڻ لڪائي حال عجب اسرار عجب
    ويس گهڻائي پاتا دلبر جامون، بشري پسند آيو پر
    شڪل آدم ۾ پاڻ هلائي، حڪم عجب سرڪار عجب
    ماڙيون بنگلا خوب اڏايو، سير ڪرڻ لئه صاحب آيو
    ڌرتيءَ تي پيو دل وندرائي باغ عجب ۽ بهار عجب
    باب برهه جو پڙهي ٿو پيارو، نيهن نظر سان نه ڪري نظارو
    “ڌڻار” حُسن جي جوت جاڳائي، نور عجب انوار عجب
    (شاعري ديوان سنڌي تان ورتل)


    مولوي رحيم بخش قمر

    مولوي رحيم بخش قمر تعلقي سيوهڻ جو رهاڪو هو. نوابشاهه ۾ گلزار مسجد ۾ پيش امامت ڪندو هو. سندس جا هي ڪتاب ڇپيا آهن:
    1. آخرت جي پوک
    2. جمال مصطفيٰ
    3. زين الرجال
    4.منجهان ولڙين واس
    وڌيڪ سندس احوال ڪٿان نه ملي سگهيو آهي. پاڻ 1966ع ۾ نواب شاهه جي مسجد گلزار ۾ پيش امام هو.پاڻ قلندر لال شهباز جي ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ اچي شعر پڙهندو هو.


    گورڌن محبوباڻي “ڀارتي” (ولادت 1929ع، وفات 2010ع)

    گورڌن محبوباڻي جو تخلص “ڀارتي” ولد آسومل محبوباڻي لوهاڻو، سندس جنم 13 جنوري 1929ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو پرائمري تعليم سنڌ مان حاصل ڪيائين. بي اي آگرا يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. گورڌن محبوباڻي جو ڪيترين ئي ادبي تنظيمن سان تعلق رهيو. سندس شاعري ۾ استاد نارائڻ شيام هيو. “گورڌن محبوباڻي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان ڪجهه نالا هي آهن: 1 عمر ماروي (هندي ڊرامو) 2 گل ۽ مکڙيون (شاعري)، 3 پيلو چند لال داغ (ڪهاڻيون) 4 اٺا مينهن ملير تي (گيت)، 5 طوفاني رات (ناٽڪ)، 6 لاتيون (انعامي ڪتاب ٻارن جا گيت)، 7 نئين بستي (انعامي ڪتاب ٻارن لاءِ آکاڻيون)، 8 پانڌي پراڻو واٽ نئين (ڪهاڻيون).
    گورڌن محبوباڻي “ڀارتي”کي هندستان سرڪار جي وزارت تعيلم پاران ٻارن جي ادب تي 1957ع، 1962ع 1966ع، واسواڻي ايوارڊ، قومي گيتن جي سلسلي ۾ آل انڊيا ريڊيو کان ايوارڊ ملي چڪا آهن. هو سال 2010ع ۾ اجمير شهر (هندستان) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي غزل جي اوسر ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو. گورڌن ڀارتي جي شاعري انهن ارڏن شاعرن مان هڪ آهي، جن شاعري ۾ نواڻ جو رنگ ڀريو آهي. گورڌن جي غزلن ۾ نئون رنگ نمايان آهي. هو دل جي زخمن کان زياده جهان جي دک جو ذڪر ڪري ٿو. هو داخلي الجهنن بجاءِ خارجي حالتن کي وڌيڪ بيان ڪري ٿو. جو ڏسي ٿو سو ٻڌائي ٿو. هن جي غزلن ۾ گلن جي نزاڪت بجاءِ گلن جي ڪنڊن واري تيزي ۽ تکائي آهي.” سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تون بيقرار دلين کي قرار ڏيندو وڃ،
    نه جن کي پيار مليو تن کي پيار ڏيندو وڃ.

    چپن سان لال ڳلن تان گلاب چونڊ اچي،
    پسي گلي کي به ٻانهن جو هار ڏيندو وڃ.

    يقين “ڪلهه” جو ڪٿي؟ ڀروسو سڀان جو ڪٿي،
    اسان کي “اڄ” جو رڳو اعتبار ڏيندو وڃ.

    سڪن ٿا توکي ڏسڻ لاءِ جيڪي سالن کان،
    انهن کي عمر سڄي انتظار ڏيندو وڃ.

    سکن جو نور نه يا راهت جي روشني نه سهين،
    ڏکن جي ڌوڙ، غمن جو گبار ڏيندو وڃ.

    اسان جي درد جي تو وٽ نه جي دوا آهي،
    اُداس، روح جگر داغدار ڏيندو وڃ.


    فقير حسين بخش “خادم” (ولادت 1931ع وفات 1992ع)

    فقير حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ 1349هه 1931ع تي پيدا ٿيو. پاڻ مختصر تعليم ڳوٺ آراضي مان حاصل ڪيائين. شاعري جو شوق مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ ٿيس. جيڪو سندس مرشد ۽ شاعري ۾ استاد پڻ هئس. حسين بخش خادم بيت، غزل، نظم، ڪافي ۽ وائي خاص طور لکي آهي. پاڻ شاعري سان گڏ سٺا فنڪار پڻ هيا، سندس سوز ۽ جذب وارو والهانه ۽ دلڪش آواز هزارن دلين ۾ وجد ۽ رنگين فضا آڻي ٿو. پاڻ طبيعت جي لحاظ کان فقير ۽ خوش مزاج هوندا هئا. پاڻ پاڪستان جي ڪنڊڪنڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان کان سواءِ پاڻ، آمريڪا، فرانس جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. حڪومت پاڪستان طرفان کيس لطيف ايوارڊ ۽ سهڻي ايوارڊ سان نوازيو ويو. پاڻ رمضان مهيني ۾ صوفي بزرگ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي ۾ ڳائيندو وڄائيندي 12 مارچ 1992ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه مخدوم طالب الموليٰ جي اوطاق آراضي ۾ آهي. جتي هر سال 9 رمضان تي صوفي راڳ جي محفل مچائي ويندي آهي. سندس همعصرن ۾ فقير عبدالغفور، ڍول فقير، فقير يار علي، فقير عنايت علي، فقير امير بخش ۽ مصري فقير وغيره شامل آهن. سندس شاعري ۾ پختگي، روانگي، نفاستي ۽ ميٺاج واري آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    مون کي سدائين تنهنجو هي انتظار آهي،
    توکي ڏسڻ لاءِ دلبر دل بيقرار آهي.

    لالا جا گل ڪري پيا، لالي ڏسي لبن جي،
    هر گل ۾ خوشبوءِ تنهنجي تو ۾ بهار آهي.

    توکي گهڻو وساريم پر پوءِ به ياد آئين،
    مون کان نٿو جو وسري سو تنهنجو پيار آهي.

    پياري پرينءَ جو پاتو، بيهوش ٿي ويس مان،
    پو هوش کي سنڀاليم، ٻانهن جو هار آهي.

    دلبر مريض عشق جو دارون دوا به تو وٽ،
    منهنجو علاج دلبر، تنهنجو ديدار آهي.

    ڪروڙين حسين آيا، محبوب کي ڏسڻ لئه،
    سڀني چيو ته سهڻو “خادم” جو يار آهي.
    *

    چوسٽو
    اهو ڪٿي آهي جو دل ۾ راز کي سانڍي،
    اڃا ته هڪڙو به اهڙو نه رازدار ڏٺو.
    الائجي ڪيئن ڀلا ڀلجي ويو غير وٽ “خادم”،
    خدا جو شڪر جو ماحول ساز گار ڏٺو.


    محمد اشرف “منصور” دائودپوٽو (ولادت 1932ع وفات 2010ع)

    محمد اشرف منصور دائودپوٽو ولد حاجي محمد ادريس دائودپوٽو جو جنم 15 اپريل 1932ع تي سنڌ جي مشهور ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٽلٽي مان ئي حاصل ڪيائين وڌيڪ تعليم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود جي صلاح تي نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. ان بعد سنڌ مدرسي ڪراچي مان فائنل پاس ڪري، پرائمري استاد ٿيو. دادو ضلعي جي غزل گو شاعرن تي ايم فل پڻ ڪيائين. لکڻ جي شروعات 1952ع کان ڪيائين. محمد اشرف منصور صاحب وڏن شاعرن ۽ اديبن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهيو جن ۾ حضرت زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مظفر حسين جوش، عبدالله خواب، احسن الهاشمي،مرزا افضل بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قلندر شاهه لڪياري، ميهر فقير، احمد خان مدهوش، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، پروفيسر محبوب علي چنا،شمشير الحيدري، استاد بخاري، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا سندس ساٿي هيا. پاڻ شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽو جي سڳي مامي حاجي محمد ادريس جا فرزند هئا، محمد اشرف منصور دائودپوٽي جي ڪتابن جا نالا هي آهن:
    1. دارو رسن (غزلن جو مجموعو ڇپيل) 1971ع
    2. رهنماءِ سالڪين (ڇپيل) 1976ع
    3. نواردر الڪرامات (ڇپيل) 1985ع
    4. نالئه سحر (ڇپيل) 2004ع
    5. لاهوتين جي لات ننڍي سائز (اڻ ڇپيل)
    6. لاهوتين جي لات وڏي سائز (اڻ ڇپيل)
    7. نسيم سحر (اڻ ڇپيل)
    8. مشڪ ختن (اڻ ڇپيل)
    9. شعله سخنُ (اڻ ڇپيل)
    10. لوڪ سخن (اڻ ڇپيل)
    11. ديوان منصور (اڻ ڇپيل)
    12. ابيات اشرف (اڻ ڇپيل)
    13. ذڪرِ حبيب (اڻ ڇپيل)
    14. قلندر نامه (اڻ ڇپيل)
    15. مرشد نامه (اڻ ڇپيل)
    16. شان رسول (اڻ ڇپيل)
    17. شان علي (اڻ ڇپيل)
    18. گل هائي عقيدت (اڻ ڇپيل)
    19. مثنوي محبوبي (اڻ ڇپيل)
    20. سوز نغمان (اردو غزل) (اڻ ڇپيل)
    21. افڪار پريشان (اڻ ڇپيل)
    22. رهنماءِ طالبين (اڻ ڇپيل)
    23. محبت ۽ عقيدت (اڻ ڇپيل)
    24. نغمئه وطن (اڻ ڇپيل)
    25. ساروڻيون (آتم ڪٿا) (اڻ ڇپيل)
    26. تذڪره خلفاءِ راشدين درگاهه ويهڙ شريف (اڻ ڇپيل)
    27. تذڪره خلفاءِ راشدين درگاهه ملڪاڻي شريف (اڻ ڇپيل)
    28. نعت رسول (اڻ ڇپيل)
    29. دادو ضلعي جا غزل گو شاعر (ايم فل) (اڻ ڇپيل)
    30. ڪليات منصور (اڻ ڇپيل)
    محمد اشرف “منصور” جو تخلص منصور هو. پاڻ شاعري ۾ اصلاح حافظ محمد احسن چنا کان ورتائون. سندس شاعري ۾ فارسي لفظ تمام گهڻا آهن ڪي ته کين کي فارسي شاعر به چوندا آهن. منصور صاحب غلام محمد ملڪاڻي جا مريد هيا. پاڻ حڪمت جا ڄاڻو، ماهر هئا پر حڪمت کي پيشو نه بنايائون، پاڻ اڪثر لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف هوندا هئا. بزم شهباز جا صدر پڻ رهيا. 2010ع ۾ عمري جي سعادت پڻ ماڻيائون، ان کان پوءِسندس طبيعت ناساز ٿي پئي. هن يگاني شاعر،اديب محقق محب وطن 22 نومبر 2010ع تي وفات ڪئي.کيس کي ٽلٽي جي “سندو سوائي” قبرستان ۾والد جي ڀرسان دفنايو ويو. سندس تي وصيت ڪيل هي شعر لکيل آهي:
    ويو “منصور” ٿي خاموش آخر،
    وڃي ٿيو نيٺ خلدِ آشياني.

    سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تاجدار مرسلين و انبيا توکي چوان،
    احمدِ مختيار محبوب خدا توکي چوان.

    دائما دلگير لئه مان دلربا توکي چوان.
    صاحب جو دوسخا لطف و عطا تو کي چوان.

    باعث تخليق دو عالم سدا تو کي چوان.
    ابتدا توکي چوان ۽ انتها توکي چوان.

    خالق هر دو جهان جي آهه ذات ڪبريا،
    ڪشورِ مولا جو پرفا نروا توکي چوان.

    آهه فرق ازهيم ظاهر احد و احمد ۾ ڏسو،
    عالم حيرت ۾ آهيان محو ڇا توکي چوان.

    دشت ويران آهه ۽ ٻيو پيش گرداب عميق،
    رهبر منزل ۽ نرمل ناخدا توکي چوان.

    آهه ڪافي مرض ڪنهن لئه نگاهه ڪيميا،
    هر مريض جان لئدوران دوا توکي چوان.

    حشر جي حالات آهي لرز ۽ انام ڪيو،
    مان شفيق و شافع روز جزا توکي چوان.

    آسرو آڌار اڙين جو، ڇورڙن جو تون ڇپر،
    مونسِ جان محسن و مشڪل ڪشا توکي چوان.

    قلب مضطر لئه تسلي آ سدا صلوات ٿي،
    دائما ٿو رافع درد و بلا توکي چوان.

    مدتن کان آرزو ۽ خاڪ بوسي ٿي اٿم،
    ڪرنگاهه فيض و ڪرم ٿو بارها توکي چوان.

    هي غلامي پنجتن ۽ خاڪ پاءِ اهلبيت،
    مهر ڪر “منصور” تي مشفق مٺا توکي چوان.


    محمد ابراهيم ڀلائي (ولادت 1932ع وفات 2012ع)

    محمد ابراهيم ڀلائي ولد محمد رضا ڀلائي ڳوٺ گاهي ڀلائي تعقلو سيوهڻ. ضلعو ڄام شورو 1932ع ۾ پيدا ٿيو. سنڌي فائنل 1952ع ۾ دادو مان پاس ڪيائين پاڻ پرائمري استاد هو. شاعري ۾ استاد سردار علي شاهه ذاڪر ۽ مخدوم غلام محمد هئا. سندس شاعري گهڻي مذهبي آهي. سندس ڪتاب “سندي آس الله” 2012ع ۾ ڇپيو آهي. سندس وفات، ڪتاب ڇپجڻ کان پهرين ٿي چڪي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    اچ امير محمد، منهنجا جيءَ جيارا،
    آهيان دلگير، ورج وير، لهج سار سونهارا.
    چوان سچ، ڪيم ڪچ، سگهو اچ پيارا،
    ڏسي ڏوهه ڳرن ڳچ، رهبر رس خدارا.
    ڪري ڏوهه ٿيس لوهه تڳان توهه توهان جي،
    ڪريان ڪوهه ڇُٽم ڇوهه، رسج شاهه سچارا.
    هيڻا هڏ ڪريان سڏ آهيان ڏڏ ڏوهاري،
    غمن گهر آهيان نڌر، ويم سڀ سهارا.
    سنگت ساٿ، ڇڏيو ساٿ، ڀڳا مِٽَ مڙيئي،
    سڳن ساهه ويو لاءُ ڏين ڏک اپارا.
    سڻي سوال ڪريو ڀال، ڀلا ڪريو “ڀلائي”
    ڪريو ٻاجهه سَرَن ڪاڄ وڃن غم گذارا.


    اسلم مصراڻي (ولادت 1938ع وفات 200ع )

    عبدالسلام اسلم مصراڻي ولد محمد هاشم مصراڻي جو جنم ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ ۾ 1938ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم ٽلٽي مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪيائين. 1960ع ۾ محمدعلي “عيان” دائودپوٽي جي ڪوشش سان استاد مقرر ٿيو. آخر ۾ ٽلٽي جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ ٿيو.سندس پهريون ادب ۾ استاد حافظ محمد احسن چنا هئس بعد ۾ مخدوم احمد مجتبيٰ غالب هئس. اسلم مصراڻي 2000ع ۾ وفات ڪئي اسلم مصراڻي جا 5 ڪتاب لکيل آهن، جيڪي اڻ ڇپيل آهن:
    1. چڪو جن چکيو (اڻ ڇپيل)
    2. ساغر آتش (اڻ ڇپيل)
    3. مڙيو ئي (اڻ ڇپيل)
    4. ساقي نام (اڻ ڇپيل)
    5. ساز الست (اڻ ڇپيل)
    اسلم مصراڻي جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    مونکي خدا غرور نه ڏي،
    ادراڪ بي حضور نه ڏي.
    اعجاز آ اطاعت ۾،
    ناپاڪ دم امور نه ڏي.
    در پرده ۽ حجاب رهي،
    جلوه کي تاب طور نه ڏي.
    جنهن سان نه توکي ڳولي سگهان،
    اهڙي نگاهه جي نور نه ڏي.


    نور محمد “نياز” سولنگي (ولادت1943ع وفات 2003)

    نور محمد نياز سولنگي ولد محمد پريل سولنگي جو جنم 1943ع تي سيتا (دادو) ۾ ٿيو. پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي اچي سيوهڻ ۾ رهيو. پاڻ عبرت اخبار ۾ ڪالم ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکندو هيو. سيوهڻ جي صحافت جي بانيڪارن مان هيو. سيوهڻ پريس ڪلب جو بنياد به رکيائين نور محمد نياز سولنگي سنڌ جي مشهور اخبار “عبرت” ۾ 35 سال صحافت ڪئي. ان کان سواءِ پاڻ اردو اخبار نواءِ وقت جو به صحافي هيو. نور محمد “نياز” سولنگي جي وفات 8 آگسٽ 2003ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي کيس کي سيوهڻ شريف ۾ دفنايو ويو.


    ناز ڀٽي (ولادت 1944ع وفات 2001ع)

    ناز ڀٽي جو اصل نالو غلام نبي ڀٽي ولد محمد سومر ڀٽي هو، سندس ولادت 4 اپريل 1944ع تي ڳوٺ باغ يوسف تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. پاڻ هر سال قلندر لعل شهباز جي ادبي ڪانفرنس ۾ شاعري پڙهندو هو. هن غزل تمام گهڻو لکيو. پاڻ علم عروض جو ڄاڻو ۽ پختو شاعر هو. پيشي جي لهاظ کان ٽيچر هو. ناز ڀٽيءَ استاد بخاري، احمد خان مدهوش، ظفر سيوهاڻي، مظهر سيوهاڻي، محسن ڪڪڙائي، نشتر ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، سان گڏ مشاعرا پڙهيا. ناز ڀٽي بلند پايه شاعر هو، دوستن ڏي خط به شاعري ۾ لکندو هو. افسوس جو سرڪاري ادارن هن خوبصورت شاعر جو مواد ڪتابي صورت ۾ نه ڇپايو. سندس ڊائريون شاعري جون خاندان وٽ آهن.پاڻ ٻارن لاءِ به شاعري ڪيائين. نعتون به لکيائين، هي ڀلوڙ شاعر اسان کان 11 اپريل 2001ع تي وڇڙي ويو. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.

    غزل
    جٿي تنهنجي پايل جا ڇمڪار ٿيندا،
    اتي تنهنجي يارن جا انبار ٿيندا.
    سڀاڳو اهو ڏينهن مولا ڪو آڻي،
    بدلجي هي انڪار اقرار ٿيندا.
    روش طرش تنهنجي اها بد مزاجي،
    ڦري، يار ڀي، نيٺ اغيار ٿيندا.
    تنهنجي حسن جي هاڪ هر هنڌ هلي پئي،
    گهڻن کي پيا خواب ۾ ديدار ٿيندا.
    مٺا يار محبوبه هيڪر جي ملندي،
    ته پوءِ دور دل تان هي آزار ٿيندا.
    نوان “ناز” نخرا وري مسڪراهٽ،
    گهڻا عشق تنهنجي ۾ بيمار ٿيندا.

    غزل
    پري کان پنڌ خالي پيٽ، پروانا هلي آيا،
    مٺا مارو ملنگ ۽ مست مستانا هلي آيا.
    اتر کان لاڙ کان پنجاب سرحد کان سڄي سنڌ مان،
    قلندر تنهنجي نگري ۾ ڪي ديوانا هلي آيا.
    گهٽا، گابا، ٻڪر، ڇيلا، ڳئون، ميهون ۽ ڀت ديڳيون،
    ڏيڻ هت قسمين قسمين يار نذرانا هلي آيا.
    ڪنا ڪوجها، صفا سرڪش، مها مجرم، ڪٽا ڪافر،
    قلب ڪاري، منهنجا ڪوري، ڪڍڻ ڪينا هلي آيا.
    مري مگسي، ڀٽا، ڀٽي، سمان، سيد، منگي، ماڇي،
    لغاري، چانڊيه، بڙدي، چنا، شينا، هلي آيا.
    شهر شهباز جا شائق، ٻڌي پٽڪا اوڍي اجرڪ،
    ڪنين کاڌو ڳڀو ماني، ڪي نيرانا هلي آيا.


    پروفيسر منظور علي “حقير” سيوهاڻي (ولادت 1944ع)

    پروفيسر منظور علي حقير سيوهاڻي ولد محمد عثمان شورو جو جنم 4 جولاءِ 1944ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ مير پور ساڪرو هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. حقير سيوهاڻي جي شاعري، مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهياآهن. پاڻ ادبي سرگرمين کان سواءِ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن لياري برانچ جو صدر پڻ رهيو. سندس تخلص “حقير” هو. پروفيسر منظور علي حقير سيوهاڻي، حاجي عبدالله هارون ڪاليج ڪراچي ۾ پرنسپل پڻ رهيو. سندس وفات 17 مئي 2008ع تي ٿي سندس کي سيوهڻ ۾ اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، حقير جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    جان پنهنجي ڪانه پياري پر وس ڪيان جي وس پڄي،
    پري رهي سگهجي نه ٿو، مان وس ڪيان جي وس پڄي.
    ڪلڪ ڪاٺي ڪا ڪري، جي ڪانهه مان ڪانو ڪڍي،
    تنهن ڪلڪ جي لاءِ خون پنهنجو، مس ڪيان جي وس پڄي.
    ناز مان نازڪ بدن، ناگاهه نڪري ٿو جتان،
    مان راهه ٿيان مان رند ٿيان، مان گس ٿيان جي وس پڄي.
    لال سي لبڙا ڏسي، دلبر جي لئه سڀ ڪو ٿو چئي،
    ٿي مکو اڏري وڃان، مان رس پيان جي وس پڄي.
    ظلم ڪيئي ٿو ڪري، پوءِ به چوندو ٿو وتي،
    “حقير” کي تڙپائي مان بيوس ڪيان جي وس پڄي.


    فتح الدين شاهه حسيني (وفات 1992ع ڌاري)

    فتح الدين شاهه حسيني باجارن جو رهاڪو هو. پاڻ سٺو شاعر هو، ڪافي شاعري ڪئي هيائين پر هينئر اها شاعري ناياب آهي. فتح الدين شاهه حسيني کي پنهنجي وصيعت موجب باجارن ۾ ننڍي امام بارگاهه ڀر سان دفنايو ويو. سندس وفات 1992ع ڌاري ٿي.


    طارق عزيز مورياڻي (ولادت ...... وفات 2007ع)

    طارق عزيز مورياڻي ولد ڪريم بخش ميمڻ مورياڻي جو جنم محلا سخي پاڻ سلطان سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ سخي پاڻ سلطان جو متولي به هو. پاڻ پرائمري استاد هو. آخر تائين ادب سان لڳاءُ رهيس. سندس شاعري جو ڪو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو آهي. سندس وفات 14 ڊسمبر 2007ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    قلندر ولين جو سرتاج آهي.
    دنيا ساري جنهن در تي محتاج آهي.
    لکين لک اچن ٿا، تنهنجي در سوالي،
    اچن ٿا چون ٿا تنهنجو ڪاڄ آهي.
    تون هيرو اهو جو جنهن جو مٽ نه موتي،
    نڪو لعل نيلم يا پکراج آهي.
    طواف تنهنجو هڪڙو، برابر آ حج جي،
    غريبن يتيمن لئه معراج آهي.
    مٽي هن جي “طارق” سُتي ۽ ڦَڪي آ،
    مرض لا دوا جو، سا عيلاج (علاج) آهي.
    (شاعري ڪتاب گلزار قلندر تان ورتل)


    ڊاڪٽر خان محمد پنهور (ولادت 1949ع وفات 1999ع)

    ڊاڪٽر خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور 27 جون 1949ع سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پهرين پرائمري استاد ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي سان وابسطا رهيو. هن ادبي دنيا ۾ ٻاراڻي ادب سان شروعات ڪئي “بزم گلشن”، “منڇر ادب”، “ٻارن جي ٻاري”، “ٻالڪ”، “نئون نياپو”، “سرتاج”، ۽ پارس نالي ننڍا ننڍا يونٽ کوليائين جن مان ننڍا رسالا ڪڍيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور عبدالمجيد سنڌي تي ايم فل ۽ الوحيد اخبار تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتاب:
    English
    1. Shaikh Abdul Majeed Sindhi Life & Achivements.
    سنڌي
    1. هوندا سي حيات
    2. ٻري جن ٻاري
    3. الوحيد جو، سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو 1991ع
    4. لطيفي لات
    5. نعره مستانه
    ڊاڪٽر خان محمد پنهور سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي تنظيمي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ انتهائي محنت ڪش جاکوڙي انسان هو. باني چيئرمن ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي پڻ هو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور 27 مئي 1999ع تي وفات ڪئي. سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “الوحيد” 15 مارچ 1920ع ۾ جاري ٿي. هي اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري ۽ انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو ته جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي. سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس 1919ع ۾ حيدرآباد ۾ علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي. جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد اسلام مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو، مولانا حامد الله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق ڪراچي، مولانا محمد صديق مورائي، پير غلام مجدد مٽياري، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر نور محمد وڪيل ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي، سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏينهن اچي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو.”
    (ڪتاب “الوحيد جو سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم و ادب ۾ حصو- صفحو 68” تان کنيل ٽڪرو ليکڪ ڊاڪٽر خان محمد پنهور)


    زندهه ادبي شخصيتون

    حاجي غلام حيدر سولنگي (ولادت 1938ع)

    حاجي غلام حيدر سولنگي ولد محمدرجب سولنگي جي ولادت 7 فيبروري 1938ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سندس تعليم بي ٽي ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ سيوهڻ، دادو، جوهي، ڀان سعيد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ هيڊ ماستر طور فرائض انجام ڏيندو رهيو آهي. انکان سواءِ ايس ڊي اي او سيوهڻ ۽ ميهڙ به رهي چڪو آهي. حاجي غلام حيدر سولنگي جا ڇپيل ڪتاب:
    1. قيمتي قطرا
    2. سڙيل لاش
    3. ڪوئل تنهنجي ڪوڪ
    4. سنڌڙي جو سڏ
    ان کان سواءِ قلندر لعل شهباز تي مقالا سندس جا لکيل اهميت وارا آهن، انهن مان هي مشهور آهن:
    1. قلندر جي ميلي جون فقرائي رسمون
    2. قلندري فقراءِ جون ڪافيون
    3. لعل ڪنوار
    4. سيوهڻ جا ڪي پراڻا هنر
    5. سيوهڻ شريف ۾ ڪاشي جو هنر
    6. سيوهڻ شهر جا زيارت گاهه ۽ يادگار
    حاجي غلام حيدر جي لکڻ جي ٻولي ڏاڍي سادي ۽ سلوڻي آهي. پڙهڻ وارو ڪڏهن به اٽڪاءُ محسوس نه ٿو ڪري ۽ مقصد کي جلد سمجهي وڃي ٿو. سندس لکڻي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
    “ڪاريگرن جو چوڻ آهي ته سيوهڻ شهر ۾ ڪاشي جو ڪم وڌيڪ ڪامياب انهيءَ ڪري آهي، جو هتي خام مال مُيسر آهي. جيڪو ٻئي ڪنهن شهر ۾ مُيسر نه آهي. لعل باغ جي ڀرسان ڳاڙهي واري جا زخيرا موجود آهن. اتي ڦڪي ميٽوڙي مٽيءَ جا وڏا زخيرا آهن. ڀڳي ٺوڙهي جبل ۾ اڇي کڙي موجود آهي، جيڪا استري جي ڪم ۾ ايندي آهي. انهيءَ جبل ۾ چيروليءَ جا به زخيرا آهن. جن منجهان سانچا ٺهندا آهن. سيوهڻ شهر ۾ ڪاشيءَ جا رانديڪا وڏي پيماني تي ٺهندا آهن ۽ انهن جي خريداري بين الاقوامي مارڪيٽ تائين ٿيندي آهي. اهي رانديڪا شوڪيس جو سينگار ٿيندا آهن.تنهن ڪري ماڻهو شوق سان خريد ڪندا آهن. سيوهڻ ۾ اٽڪل 50 ڪارخانا آهن، جن ۾ ڪاشي جا رانديڪا ٺهندا آهن. چيرولي کي پچائي پيهي ان مان ڳار ٺاهي ماڊل ذريعي سانچا تيار ٿيندا آهن. پوءِ سانچن ۾ چيڪي مٽي جو ڳار ڀريندا آهن. اهڙي مٽي سيوهڻ جي آس پاس ملي ٿي. جيڪا نج چيڪي مٽي هوندي آهي. ٻن ڏينهن کان پوءِ سانچو کولي ان مان ڪچو رانديڪو ٻاهر ڪڍندا آهن. انکي پسيل ڪپڙي سان لسو ڪندا آهن. پوءِ اڇي ميٽوڙيءَ جو تهه ڏيندا آهن.
    (مقالو سيوهڻ شريف ۾ ڪاشيءَ جو هنر تان کنيل ٽڪرو)


    شيخ حسن علي “حيدري” (ولادت 1938ع)

    شيخ حسن علي حيدري ولد امام علي شيخ جو جنم 1938ع تي شيخ محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائنل آهي. پاڻ هن وقت رٽائرڊ پرائمري استاد آهي. حسن علي حيدري سيد نجف شاهه باجارن واري جو شاگرد آهي. پاڻ سٺو ڪاتب به آهي سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    اڄ ٿيو فضا فيضور آواز عشق جو،
    الله ۽ محمدصه اٿئي آغاز عشق جو.
    ڪُن بعد ٿي فَيڪوٰن ارض سماءُ سڀ،
    هر چيز ۾ آ نئون نئون انداز عشق جو.
    عرشي ۽ فرشي سڀني ڪيو عشق جو سلام،
    سر کي نمائي ڪيائون صد نياز عشق جو.
    عاشق نه اوچي ڳاٽ اُت آيا ايوان ۾،
    عين شمس هو تن تي هي راز عشق جو.
    اول العزم هڪ عاشق صادق ته واهه واهه،
    نيزي تي ناز ڪيو رخ بي نياز جو.
    عقل عشق اٿئي “حيدري” هڪ ٻئي جا مخالف،
    ڀڳو ڪان عقل جو ڏسي شهباز عشق جو.
    *


    عبدالسميع “سالڪ” دائودپوٽو (ولادت 1940ع)

    عبدالسميع سالڪ دائود پوٽو ولد امام بخش دائود پوٽو جو جنم 27 مارچ 1940ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. عبدالسميع دائودپوٽو، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود جو سڳو ڀائٽيو آهي. سندس شاعري ۾ استاد منصور دائود پوٽو هو.پاڻ ايس. آر. ٽي. سي ۾ نوڪري ڪيائين سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    هن دل ناشاد کي ڪا دلبري ڏيندا وڃو،
    برهه جي بيمار کي ڪا دلبري ڏيندا وڃو.
    قرب جي قيديءَ مٿان ڪا ڦر ڪرڻ ناهي روا،
    پرت جي پارت اٿوَ جيڪا سري ڏيندا وڃو.
    دل اوهان جي ديد ۽ ديدار لئه دم دم سڪي،
    وصل جا ڪا هڪ گهڙي واري وري ڏيندا وڃو.
    حجر جانان کان اڳي غم ها جهان جا ڪيترا،
    غمزده انسان کي ناغم وري ڏيندا وڃو.
    آهه اوکو عشق جي اوڙاهه ۾ ڪا هي پوڻ،
    چاهه ۾ چريو ڪري، چاهت چري ڏيندا وڃو.
    مئه گري جي راهه ورتم دل بهلجڻ لاءِ اڄ،
    ساقيا، بحرِ خدا ڳاڙهي پري ڏيندا وڃو.
    غم گم ٿي اڄ وڃن سڀ، جام تي تون بس جام ڏي تون،
    هڪ صحرائي ڇا ڪندي ڀاڪر ڀري ڏيندا وڃو.
    هوش مند ڪو ئي نه آ مدهوش پڻ “سالڪ” ٿيو،
    ميڪدو جهومي پوي سا مئ زري ڏيندا وڃو.


    عنايت الله ڀٽو (ولادت 1942ع)

    عنايت الله ڀٽو ولد اميد علي خان ڀٽو 1 جنوري 1942ع تي ڀٽا محلا سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي ۽ زولاجي، ايل ايل بي اٿس. 1964ع ۾ ليڪچرر زولاجي گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور، ان بعد لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. لکڻ جي شروعات 1960ع کان ڪيائين. ڇپيل ڪتاب: “درٻار قلندر” (سنڌي 1974ع)، “ديار قلندر” (اردو 1976ع)، دي ٽيڪسٽ بوڪ آف زولاجي (انگريزي 1977ع)، “جهونگار” 1981ع، “ڇلڪندڙ ادائون” (ڪهاڻيون 1983ع)، “شان قلندر” 2013ع ۾ لکيائين. سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “سيوهڻ سنڌ جي قديم شهر مان هڪ آهي. هي شهر قديم دؤر ۾ پڻ تمام مشهور ۽ اهم شهر رهيو آهي. سيوهڻ شهر جو نالو ايترو ته پراڻو آهي جو جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي تاريخ جو پهريون باب شروع ٿئي ٿو ته سيوهڻ جو بيان پڻ منجهس نمايان ڏسجي ٿو ۽ سيوهڻ کي سيوستان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. ان وقت ۾ به سيوهڻ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو. قديم سنڌ جي قديم قومن جهڙوڪ: ڪول منگول، ستال، ڀيل، دراوڙ، سنتال، ميد ۽ جات سيوهڻ کي آباد ڪيو. انهن قومن کان پوءِ آريه پڻ سيوهڻ ۾ آيا ۽ انهن شهر کي خوب وڌايو ۽ ويجهايو، يوناني تاريخدانن هن کي سنديمانا سڏيو آهي. عرب تاريخدانن ۽ ٻين تاريخدانن هن کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو آهي. جهڙوڪ: سدوسان، سيوستان، شرومان، سدوستا، سادوستان. هن وقت “سيوهڻ شريف” آهي.”
    (ٽڪرو ڪتاب شان قلندر تان ورتل)


    پروفيسر فتح الله صديقي (والدت 1943ع)

    مخدوم فتح الله صديقي ولد ضياءِ الدين صديقي جو جنم قاضي محلا سيوهڻ شريف 1943ع ۾ ٿيو.سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۾ آهي. سال 1966ع ۾ ٻارڙن لاءِ پهرين اخبار “ٻارن جو خبر نامو” جاري ڪيائين. 1969ع ۾ عالمي معلومات ڀاڱو پهريون ۽ 1970ع ۾ ساڳئي ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو شايع ڪرايائين. اڳتي هلي سيوهڻ ۾ پنهنجو اشاعتي ادارو شهباز اڪيڊمي جي نالي سان قائم ڪيائين. بعد ۾ سنڌي ڪتابي سلسلو گلشن سريز جي نالي سان پڻ جاري ڪيائين. 1973ع تي پاڻ ليڪچرر مقرر ٿيو. سندس جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب:
    1. ايفل ٽاور جي چوري
    2. عالمي معلومات
    3. سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (1) (ڇپيل 2005ع)
    4. سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد (2) (اڻ ڇپيل)
    5. وسري ويل لفظ (اڻ ڇپيل لغت)
    مخدوم فتح الله صديقي سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي انسائڪلو پيڊيا لکي آهي. سندس ڪتاب جو پهريون جلد الف ۽ ب تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ 1200 پيجن تي ڪتاب آهي. پاڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو آهي. سندس لکڻيءَ ۾ روانگي آهي. سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    آب پيما Hydro Meter هڪ قسم جو اوزار جنهن سان پاڻيءَ ۾ شامل ڪچرو معلوم ڪبو آهي، انهيءَ اوزار جي ايجاد جو سهرو “آرڪمڊير” جي سر تي سونهين ٿو. هن جو سادو سودو اصول اهو آهي ته جڏهن ڪا شيءِ پاڻيٺ ۾ ٻڏي وڃي ٿي ته ان جو وزن به گهٽجي ويندو آهي. پاڻيٺ جيتري گهاٽي هوندي، ٻاهرين شيءِ، اوتري ان جي اندر گهٽ ٻڏندي. ان مان اها خبر پئجي ويندي آهي ته پاڻيٺ ڪيتري خالص يا ڪيتري ان ۾ ملاوٽ ٿيل آهي. هي اوزار شيشي مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي پيٽ ٿلهو بلب جيئن ٿيندو آهي. انجي نلڪيءَ تي نمبر لڳل هوندا آهن. عام طور تي سنڌ ۾ ميونسپالٽين وارا کير ۾ پاڻيءَ جي ملاوت جو پتو، هن اوزار مان ئي لڳائيندا آهن.
    (ڪتاب سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جلد-1 پيج 20 تان کنيل ٽڪرو)


    خادم حسين سومرو

    خادم حسين سومرو ولد حاجي حاڪم سومرو جو جنم سبز واري محله سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. خادم حسين سومرو سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. پاڻ پبلشر به آهي. سندس پبليڪيشن جو نالو “سائين” آهي سندس اداري مان ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. پاڻ مختلف ملڪن جا سفر پڻ ڪري چڪو آهي. آمريڪا، انگلنڊ، فرانس، هالينڊ، اسڪاٽ لينڊ سويئزرلينڊ ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. سندس جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    سنڌي ۾:
    1. شهيد الله بخش سومرو
    اردو ۾:
    1. جي ايم سيد آدرشي انسان سي او تار تڪ
    2. بابا گرو نانڪ اور سنڌ ڪي صوفياءِ
    3. سر ڪيڏارو اور سنڌي مرثيي ڪي مختصر تاريخ.
    English
    1. The path not taken (G.M. Syed) (vision and velour in politics)
    2. Allah Bux Soomro (appositive of secular Harmony)
    3. Sibguatullah Shah Pir Pagaro
    4. Seth Harchandrai (Father of Modern Karachi)
    5. Seth Vishind as (A Great Philanthropist)
    6. The British in Sindh (Immoral Entry an Exit)
    7. Sufi Shah Inayat (A symbol of interfaith harmony and civil liberities)
    خادم حسين سومرو برجستو لکيڪ آهي. هتي سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “الله بخش سومري جو سنڌ جي حڪمران خاندان سان تعلق هجڻ جي ڪري سياست ۽ عوامي خدمت هن جي خون ۾ سمايل هئي.پاڻ 1923ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جا ميمبر ٿيا. جيڪب آباد ميونسپالٽي جا ساڳي وقت ميمبر ٿيا. 20 صدي ۾ ابتدا ۾ صرف الله بخش سومري جنم نه ورتو پر ان جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ ٻن اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد 1904ع ۽ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو 1909ع ۾ جنم ورتو منهنجي راءِ آهي ته هنن ٽن شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي جديد سياسي، سماجي ۽ تهذيبي نامڪمل آهي.
    ڪتاب (الله بخش سومرو پيج 24 تان ٽڪرو کنيل،
    ليکڪ خادم حسين سومرو)


    جمال ميراڻي (جنم 1943ع)

    جمال ميراڻي ولد ملوڪ ميراڻي جو جنم 1943ع تي بندر محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. جمال ميراڻي جو اصل نالو جمال الدين ميراڻي آهي. پاڻ پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪئي، بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. لکڻ جي شروعات 1962ع کان ڪيائين. جمال ميراڻي 1962ع کان 1985ع تائين. قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، ڪانفرنسن جو اسٽيج سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. پاڻ “سڪن” جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر آهي. سندس وٽ هندو دور جا سڪا، سمادور جا سڪا، مغل دور جا سڪا، ۽ ٻين دورن جا ڪافي سڪا موجود آهن. سندس وٽ 13 هجري جو هڪ چاندي جو سڪو به موجود آهي، سڪندر اعظم جي دور جو به هڪ سڪو موجود اٿس. جمال ميراڻي جيالاجيات ارضيات جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر پڻ آهي. ياقوت، نيلم، فيروضو، عقيق ۽ پٿرن تي گهڻو ڪم ڪيو اٿس. سندس مقالا ٽي ماهي مهراڻ ۾ ڇپيا آهن 1976ع ۾”منڇر ڍنڍ جا پکي” جي نالي مقالو ڇپيو جنهن تمام گهڻي مشهوري ماڻي. پير حسام الدين راشدي، منڇر ڍنڍ جا پکي جي مقالي جي تعريف ڪندو هو ۽ چوندو هو جمال ميراڻي ٻولي ڏاڍي سٺي ۽ سلوڻي استعمال ڪئي آهي. نئين زندگي 1971ع ۾ سندس مقالو “منڇر جو شڪار” ڇپيو ان به تمام گهڻي شهرت ماڻي.

    ضلعي دادو حڪومت 1968ع ۾ مشاعرا ڪرايا. هڪ مشاعرو دادو ۾ ٿيو، جنهن ۾ جمال ميراڻي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعري پڙهي. ججن جا فرائض تاج صحرائي ۽ وڪيل شمشاد جوڻيجو ڏئي رهيا هئا. ان ۾جمال ميراڻي شعر ترنم ۾ پڙهيو “اُٿ ڙي مرد مجاهد هاري” ته جمال ان ۾ پهرين پوزيشن کنئين ۽ استاد بخاري ٻي پوزيشن ماڻي. جمال هلال پاڪستان اخبار ۾ 1994ع ۾ روزانو هڪ قطعو به لکندو هو. پاڻ پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. پاڻ نيشنل بئنڪ ۾ مئنيجر ۽ ايريه مئنيجر پڻ رهيو، اطلاعات نشريات کاتي ۾ پڻ ڊائريڪٽر حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ نوڪري ڪيائين. جمال ميراڻي 2002ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ نيشنل بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. جمال گيت غزل، قطعا، نظم پڻ لکيا آهن، سندس شاعري قومي ۽ مزاحمتي ۽ رومانس واري آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    هلڪا هلڪا پير کڻي ٿي،
    چيٽ جي فصلن منجهه ڦري.
    ڊيل ٽلي ٿي باغن ۾،
    ۽ مورن کي ٿي مست ڪري.
    هن جا وار ته ڪارا ڪڪر،
    ڀرون ته ڪاريهر اَلا،
    صورت هن جي کنوڻ جو تجلو،
    اکيون ڄڻ ڪا باهه ٻري،
    سرنهن جا گلڙا سينڌ ۾ ڏس ته،
    سونهن ڪيڏا سهڻي کي،
    سورج گل ٽڙيو هاڻي آ،
    سج ڏي بيٺو مهڙ ڪري.
    مند مٽر جا کائيندي ٿي،
    سينو تاڻين نيڻ کڻين،
    بري ٿي ٻڪري ٺاري کائي،
    هرڻي ٿي ڄڻ گاهه چري،
    اک ٿي ڦيري ڌرتي تي پر
    مکڙيءَ جيان منهن بند ڪري،
    بيٺل پاڻي شهر نه ٻوڙي،
    گونگو مت ڪو مينهن وري،
    ڳالهائي ٿي ڄڻ خدا سان،
    موتين جو ٿو مينهن وسي،
    ڪونج ٿي ڪرڪي ڪوئل ٻولي،
    هنجن جي ٿي اهل ڪري،
    وارياسي جو گل آهي ڄڻ،
    هاڻ ڪري پيو پوٺن تي،
    پاپي آ سنسار سڄو ئي،
    ڪير ٿو ڪنهن جي ڪهل ڪري،
    سيڪ”جمال” اتي ايندو،
    جاٿي ڪائي باهه ٻري.


    پروفيسر اعجاز قريشي (ولادت 1948ع)

    پروفيسر اعجاز قريشي ولد علي احمد قريشي جي ولادت 2 جنوري 1948ع تي ڳوٺ بختيار پور تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. سنڌ يونيورسٽي مان اقتصاديات ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ ملڻ تي لنڊن يونيورسٽي مان معاشيات ۾ ايم اي ڪري موٽيو پروفيسر اعجاز قريشي ڪيترائي ڪتاب ترجما، تصنيف، مرتب ڪيا ۽ لکيا آهن.
    English
    1. Canal Irrigation in Sindh and its significance.
    سنڌي
    1. جنين ڏاند نه ٻج (ترجمو)
    2. سنڌ جو آواز (ترجمو)
    3. سنڌجي تاريخ (ارغون ۽ ترخان دور)
    4. تاريخ ڪيئن لکجي
    5. تاريخ جو سبق
    6. هي جي واڪا واءَ ۾
    7. ڏاها هن ڏيهه جا
    8. سنڌ اتهاس جي آئيني ۾
    9. تاج صحرائي
    10. اچو ته نيئن سنڌ جي تعمير ڪريون.
    11. ڪوميلا کان اورنگي تائين (ترجمون)
    12. سنڌ جي اقتصاديات (شريڪ مصنف)
    13. چار مارچ ۽ اڄ جي سنڌ (ترتيب)
    14. سنڌي ٻولي جو ماضي، حال ۽ مستقبل (مرتب)
    15. ون يونٽ ۽ سنڌ (مرتب)
    پروفيسر اعجاز قريشي سنڌ ۾ آبپاشي جا مسئلا ۽ زراعت جي موضوع تي ٿيسز لکي. اها انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ ڇپي آهي. اعجاز قريشي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جو ڊائريڪٽر، سنڌ يونيروسٽي ۾ “سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊي” جو ڊائريڪٽر،مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر “پلاننگ”، سنڌ يونيورسٽي جي آءِ بي ايس جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن جو چيئرمين، ايس آر ايس جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ “فل برائيٽ” به کيس ملي چڪو آهي.
    سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “4 مارچ سنڌ لاءِ ڇوٽڪاري ۽ نجات جو ڏينهن آهي، جو ان ڏينهن تي سنڌي شاگردن مزاحمتي تحريڪ هلائي سنڌ کي پاتل ون يونٽ وارن زنجيرن کي ٽوڙيو ۽ نيٺ انهيءَ ڊگهيءَ ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ پاڪستان سرڪار 1 جولاءِ 1970ع ۾ ملڪ مان ون يونٽ وارو قانون واپس وٺي صوبن جي اڳين حيثيت بحال ڪري ڇڏي. هونئن ته سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ پڻ ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ جو ڊگهو عرصو آهي. پر 4 مارچ جي ڏهاڙي سنڌ جي شاگردن جيڪا مزاحمت ڪئي سچ ته ان مزاحمت جو ئي نتيجو هو. جو سرڪار کي آخر ون يونٽ وارو قانون واپس وٺڻو پيو. پاڪستان ۾ون يونٽ قائم ڪرڻ جي نوبت ڇو آئي؟ اهو هڪ الڳ ۽ طويل بحث آهي. پاڻ هتي ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ ون يونٽ واري دور تي نظر ڊوڙائينداسين ته جيئن اسين اهو سمجهي سگهون ته ون يونٽ قومي آزادي لاءِ ڪيترو هاڃيڪار هو ۽ ون يونٽ قومن تي ڪهڙا ڪهڙا منفي اثر ڇڏيا ۽ اهو به ته ون يونٽ جي ڪري قومي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ڪلچر تي ڪهڙا ڪهڙا ناڪاري اثر پيا. ان ڪري اسين تفصيل ۾ وينداسين ته سنڌي قوم سان ان ذڪر ڪيل عرصي ۾ ڪهڙا ويل وهايا ويا ۽ سنڌ ڇاڇا، ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن ڀوڳيو.”
    (ڪتاب “4 مارچ ۽ اڄ جي سنڌ” تان ورتل، ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي)


    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي (ولادت 1949ع)

    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي ولد حبيب الله ٻرڙو جو جنم 4 اپريل 1949ع تي ڳوٺ ڪاڇو واهڻ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ملا محمد چني کان حاصل ڪيائين ان کان سواءِ بي اي، بي ايڊ، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايم اي سوشيالاجي ۾ به حاصل ڪيائين. ملازمت جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ائڊزون ڊولپمينٽ اٿارٽي (سازدا) گورنمينٽ آف سنڌ ان بعد اسٽنٽ چيف، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، ڊسٽرڪٽ آفيسر پلاننگ دادو، ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس ۽ پلاننگ سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز، جتان سرڪاري نوڪري چاليهه سال ڪري رٽائرڊ ٿيو. خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جا ڪتاب:
    1. ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا جلد پهريون 2005ع
    2. سيوهڻ صدين کان ڇاپو پهريون 2009ع
    3. اسماء الله الحسنيٰ (الله تعاليٰ جا نالا) 2013ع
    4. حضرت لعل شهباز قلندر جي سوانح ۽ شاعري اردو ۾ ترجمو 2013ع
    5. اسماء المصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم (اڻ ڇپيل)
    6. سنڌو درياءُ (اڻ ڇپيل)
    7. ٻارن جا اسلامي نالا (اڻ ڇپيل)
    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ سگا جو مالياتي سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. سندس کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. تعريفي شيلڊ 2008ع طرفان حاجي خدا بخش راڄڙ ضلعي ناظم سانگهڙ، سگا طرفان تحقيقي اسڪالر ايوارڊ 2010ع، ڪتاب “سيوهڻ صدين کان” تي مليل شهباز ايوارڊ 2012ع ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄام شورو. خير محمد ٻرڙي جي لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “انگريز 1259هه 1843ع ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قابض ٿيا. سيوهڻ شهر اڳ ۾ تخت گاهه پئي رهيو. ليڪن هن دور ۾ ڊپٽي ضلعي جي حيثيت مليس. انگريزن طرفان (صاحب لوڪ) (گورا) آفيسر مقرر ٿيندا رهيا. هي تعداد ۾ ايترا ته هوندا هئا، جو چند سالن ۾ موت اچڻ سبب سندن هڪ وڏو قبرستان ٺهي ويو، جيڪي سيوهڻ قلعي جي ڀر ۾ اولهه طرف هو جنهن کي (ڀورن جو مقام) چوندا هئا. هن وقت هن مقام جا رڳو تباهه ٿيل نشان نظر اچن ٿا. حقيقت ۾ انگريز ميان غلام شاهه جي دور حڪومت ۾ پنهنجا قدم سنڌ اندر رکي چڪا هئا، جن سان 11 آڪٽوبر 1758ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ واپاري ٺاهه ڪري کين رعايتون ڏنيون هيون. ڪلهوڙن جي حاڪميت جي بعد انگريز، ٽالپرن کي 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ۾ شڪست ڏئي سنڌ تي قابض ٿي ويٺا. سندن اهو قبضو 1259هه، 1843ع کان 14 آگسٽ 1367هه 1947ع تائين هليو. سربارٽل فريئر سنڌ۾ ڪمشنر ٿي آيو ته هن شهر جي صفائي ۽ سٿرائي خاطر ميونسپالٽين جو بنياد وڌو اهڙي طرح 1855ع ڌاري سيوهڻ کي به ميونسپالٽيءَ جو درجو مليو.
    (ڪتاب “سيوهڻ صدين کان” تان ورتل ٽڪرو صفحو 365 ليکڪ خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي)


    مدد علي سنڌي (ولادت 1951ع)

    مدد علي سنڌي ولد الله بخش قريشي جي ولادت 12 آڪٽوبر 1951ع تي حيدرآباد ۾ ٿي. مدد علي سنڌي جو اصل ڳوٺ سيوهڻ آهي. سندس شاعري ۾ تخلص “سانگي” آهي. مدد علي سنڌيءَ شاعري، ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ترجما ۽ سفرناما پڻ لکيا آهن. پاڻ صحافت ۾ به نالو ڄمائي چڪو آهي. روزانو هلال پاڪستان، سچ ۽ خلق جو چيف ايڊيٽر سنڌ نيوز، عبرت مئگزين، جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. 1970ع ۾ “اڳتي قدم” جي نالي سان رسالو به ڪڍيائين. سياست ۾ به حصو ورتائين. ٻه ڀيرا جيل ۾ ويو، 1973ع ۾ کيس کي سنڌ يونيورسٽي مان ڪنووڪيشن ڪيس ۾ 3 سال ۽ هڪ ٻئي سياسي ڪيس ۾ 5 سال رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ان ڪري M.A نه ڪري سگهيو. 1973ع کان 1978ع تائين روپوش رهيو. 1975ع ۾ وزير بديع الحسن زيدي جي اغوا ٿيڻ سبب سندس 80 سالن جي والد کي 27 ڏينهن بنا ڏوهه جي لاڪب ڪيو ويو. مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “پکا پکن سان منهڙا اوري اچي اڏ” 1970ع ۾ ڇپي،ان وقت ان ڪهاڻي سنڌ بلڪ هند ۾ به وڏي مشهوري ماڻي. سندس لکڻ جو ڏانءُ منفرد ۽ جداگانه آهي. اهڙو دل پزير آهي جو پڙهندڙ سندس لکڻي پوري. نه پڙهي ته سندس اندر ۾ آندمانڌ هوندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “پنر ملن” مدد علي سنڌي جو آهي. سندس ڪتابن جا نالا هي آهن:

    1. دل اندر درياوَ (ڪهاڻيون)
    2. هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾ (ڪهاڻيون)
    3. هو جي مئا ماڳ ۾ (ناوليٽ)
    4. شهر صحرا ڀانيان (سفر نامو)
    5. پنر ملن (شاعري)
    6. اوندهه ۾ جرڪن جيون جا سپنا (پورٽريٽ)
    7. قلندر- قرت العين حيدر (ترجمو)
    8 خط
    9. دل اندر درياوَ (سڀئي گڏيل ڪتاب)
    مدد علي سنڌي سنڌي ٻولي جو سچو سپاهي آهي. سندس لکڻيءَ ۾ سنڌ سان محبت ائين جرڪي ٿي جيئن چوڏهين جو چنڊ چمڪندو آهي. سندس ڪهاڻيون به اهڙيون خوبصورت آهن جو ويهي سٽ سٽ تي ڳالهائجي. سندس شاعريءَ ۽ ڪهاڻي جو ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو:

    “نظم”
    “رات جي ڪاراڻ تيزيءَ نظم سان ڇانئجندي پئي وڃي دوستو!
    دشمنو!
    ڪا روشني ته ٻاريو
    هيءَ اماس جي رات
    هن اداسيءَ جي شهر کي اونداهو ڪري ڇڏيندي
    پوءِ ڪوئي ڪنهن کي ڳولي نه سگهندو
    دوستو- دشمنو!
    رات جي ڪاراڻ ۾ ڪا اميدن جي شمع ته ٻاريو.”

    مٿي آڪاس ۾ پهرين ڪهاڻي تاريخ جو سنهڙو چنڊ کڙيل هو ۽ شام اڃا هينئر ئي ڪا مهل اڳ اڌ پنڌ۾ سندن ساٿ ڇڏيو هو. اپريل مهيني جي ٿڌي ٿڌي هوا ڌيري ڌيري ساڻن گڏ هلي رهي آهي. هو چئن ٻين ساٿين سان گڏ هن وشال ميدان کي اوندهه ۾ پار ڪري رهيو هو. هر ڏنل ٻنين جي وچ مان هلندي هلندي هو ڪنهن مهل ٿاٻڙجي ڪريو ٿي ۽ وري اٿي پنڌ ڪرڻ لڳو ٿي. هن جي پيرن هيٺان کيڙيل ڌرتي هئي. مٿان وِشال آڪاس هو، چنڊ هو تارن جي ٿڌي ٿڌي ڇانوَ هئي ۽ چئني پاسن کان ڦهليل ڪاري ڪاري اوندهه هئي. اوچتو کيس پنڌ ڪندي ڪندي محسوس ٿيو. ڄڻ هنن اڻانگن پيچرن تي هلندي هلندي کيس الائي ڪيترا ورهيه گذري ويا آهن. پر ڌرتي ماءُ جو سينو ڪشادو هجي ته پوءِ دل چوندي آهي ته هلندي هلندي ۽ ڊڪون پائيندي هڪ ڏينهن ڌرتي ماءُ جي ڪڇ ۾ سمهي پئجي.اهڙي وايو منڊل ۾ جتي کليل کليل آڪاس هجي. ڌرتي ماءُ جو وشال ميدان هجي.”
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي”دونهين، ڌنڌ نه لاٽ” تان کنيل ٽڪرو.

    (اڻ پورو سپنو)
    “نظم”
    گهايل نيڻن ۾
    گم ٿيڻ جو
    چوڏهين جي چنڊ سان
    گڏ هلڻ جو
    چهچ شاخ تان،
    گلابي گل ڇني
    کليل وارن ۾ هڻڻ جو
    سانوڻ جي مند
    هن گهر مٿان
    برکا ٿي لهڻ جو
    پرهه فٽي ۾
    چنبيليءَ جو گل
    ٿي ٽڙڻ جو
    مون به ڪوئي
    سپنو ڏٺو هو.


    ڊاڪٽر عابد مظهر (ولادت 1951ع)

    ڊاڪٽر عابد مظهر جو اصل نالو سيد محمد عابد شاهه، والد جو نالو غلام مصطفيٰ شاهه (مظهر سيوهاڻي) آهي. سندس جنم ڳوٺ باجارا تعقلي سيوهڻ شريف ۾ 1951ع تي ٿيو. ادبي نالو عابد مظهر اٿس. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين. پاڻ مختلف صنفن ۾ لکي چڪو آهي. سندس جا هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. پکا ۽ پيرون (مضمونن جو ڪتاب)
    2. گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون)
    3. وڇوڙي جو آٽو گراف (شاعري)
    4. شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (پي ايڇ ڊي)
    ڊاڪٽر عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽي مان “شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيترائي سال سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو رهيو آهي. ۽ آخري سالن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو ۽ اتان ئي تازو رٽائرمنٽ ڪئي اٿس. سندس لکڻ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    “هو شهر وڃڻ لاءِ ائين پريشان هو، جيئن ڪوئي ٻار پنهنجي ماءُ جي گود ۾ وڃڻ لاءِ آتو هوندو آهي. هو اهڙي طرح پنهنجي دل ۾ شهر لاءِ اهڙائي سُڪون ڏيندڙ احساس کڻي بس ۾ چڙهيو هو. هروقت بس جي دريءَ مان لوڻا هڻي روڊ تي لڳل پٿرن ڏانهن باقي بچيل پنڌ وارن ميلن جي پٿرن تي نظر وجهندو رهيو هو. آخر هن جو پنڌ کٽو. جڏهن بس شهر جي روڊ تان گذري رهي هئي ته گاڏي کاتي ۾ بس پهچندي ئي لهي پيو هو. بريف ڪيس هيٺ رکي هن شهر جي فضا ۾ ٻانهون ائين لهرايون هيون ڄڻ هو پنهنجي وڇڙي ويل اوچتو ملندڙ ڪنهن پياري دوست کي ڀاڪر پائيندو هجي. هو بريف ڪيس کڻي، پنهنجي دوست جي گهر وڃڻ لاءِ رڪشا ۾ويٺو، لطيف آباد ستين نمبر ۾ پهچي رڪشا کي روڪرائي رڪشي واري کي ڪرايو ڏئي. روڊ تي بريف ڪيس کي گهليندي، هن پهرين نظر ان گهر ڏي وڌي جنهن ۾ هن جي محبوبا رهندي هئي.
    (ڪهاڻي “پيار کان خالي شهر” مان کنيل ٽڪرو ليکڪ ڊاڪٽر عابد مظهر)


    غلام رباني اوٺو (ولادت 1951ع)

    غلام رباني اوٺو ولد ڀائي خان اُوٺو جو جنم 15 آگسٽ 1951ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. تعليم، ايم اي ۽ ايم ايڊ اٿس. پاڻ ڪرم پور هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر پڻ رهيو آهي. شاعري جي شروعات 1974ع کان ڪيائين. سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجي چڪي اٿس. سندس شاعري ۾ استاد ساغر ۽ مظهر اٿس. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    او ساقيا تون منهنجي خمارن جي ڳالهه ڪر،
    ڪيفي ڪٽڪ چڙهيا، مون اشارن جي ڳالهه ڪر.
    گل ڦل جي ڳالهه ڪر ۽ گلستان جي ڳالهه ڪر،
    ڳالهيون ڇڏي خزان جون بهارن جي ڳالهه ڪر.
    هوشو ۽ هيمون، دودي پارن جي ڳالهه ڪر،
    مونسين ڪرين ته عظمت انسان جي ڳالهه ڪر،
    ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جي ڪنارن جي ڳالهه ڪر،
    سنڌوءَ جي ماٿري جي نظارن جي ڳالهه ڪر.
    درد و فراق هجر ۽ ارمان جي ڳالهه ڪر.
    مون حال بي قصي ۽ پريشان جي ڳالهه ڪر.
    “باجاري ربانيءَ” جي سهارن جي ڳالهه ڪر.
    ساغر ۽ سائين مظهر پارن جي ڳالهه ڪر.


    عبدالڪريم “دلِ” دائودپوٽو (ولادت 1954ع)

    عبدالڪريم دائودپوٽو ولد محمد صالح دائودپوٽو جو جنم 11 آگسٽ 1954ع ۾ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. عبدالڪريم دائودپوٽي پرائمري تعليم ٽلٽي، ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. بي اي آنرز اڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سندس تخلص “دلِ” آهي. عبدالڪريم دلِ محمد اشرف منصور جو ڀائيٽيو آهي. 1975ع کان يونائيٽڊ بئنڪ ۾ نوڪري جوائن ڪيائين. هن وقت ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل آهي. سندس شاعري تي منصور دائود پوٽي جي شاعري جو اثر ۽ رنگ حاوي آهي. پاڻ شاگرد به منصور دائود پوٽي جو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    اچانڪ قاصدِ صياد هي پيغام آندو آ،
    بت بي پير ڄڻڪ زندگي جو جام آندو آ.
    قفس ۾ ڪيئن اميد سحر آهي هلي آئي،
    خدايا خير ڪر صياد هي انعام آندو آ.
    صراحي، جام، بامِ لب رکي پرده نشين آڻي،
    لڳي ٿو زندگي منهنجيءَ جو هن انجام آندو آ.
    خيال يار کي پوشيده رکيو مون، مگر ظالم،
    سزاءِ زندگيءَ جو حڪم بر سري عام آندو آ.
    سري مقتل مون گردن کي ڪيو نم بي خبر آهي،
    لڪائي پردي ۾ هٿيار هن گمنام آندو آ.
    ويو تبديل ٿي ماحول، زندان خاني جو هڪدم،
    خبر پئي آ ته قاتل پاڻ سان گلفام آندو آ،
    دعا دستِ خدائي سان گهري پيو اڄ صنم مون لئه،
    “دل” مضطر لئه حاتف ڪو نئون الهام آندو آ.


    مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين “فاروق” صديقي (ولادت 1955ع)

    مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين فاروق صديقي ولد مخدوم محمد مراد صديقي 1955ع ۾ قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. مخدوم صاحب تعليم سيوهڻ، جوهي، نواب شاهه ۽ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائون. مخدوم صاحب نعت، حمد، مداحون پڻ لکيون آهن. طب جي سند اعظم طبيه ڪاليج حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مخدوم صاحب پاڻ سيوهڻ جي قديمي تاريخي مرڪزي عيد گاهه جا متولي، خطيب ۽ پيش امام پڻ آهن. سندس جي شاعري ۾ پختگي آهي. مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين جو ننڍو ڀاءُ مخدوم محمد حسن صديقي پڻ ادبي ذوق رکي ٿو، پنهنجي خانداني لائبريري کي هن وقت سنڀاليو اٿس ۽ حڪمت ڪري ٿو، مخدوم حڪيم محمد نصير الدين “فاروق” صديقي جي شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
    شروع نانءُ تنهنجي، جهانن جا سائين،
    سهڻي مصطفيٰ تي صلواتون سدائين،
    نبي پاڪ عربي محمدصه ڏنائين.
    فضل آهي مالڪ جو مونتي سدائين،
    رحم سان رکيائين ڪرم سان ڏٺائين،
    مهربانيون مون تي ته اهڙيون ڪيائين،
    هيس ڪين لائق پنهنجي ٻاجهه ڪيائين،
    مشڪل ڪشا ئي به اهڙي ڪيائين،
    پاڻ مشڪلن مان مون کي پار نيائين،
    سدائين سڏيان ٿو مان توکي او سائين،
    دعائون سڀئي منهنجو تون ئي اگهائين،
    آهي عرض “فاروق” جوهي رب سائين،
    جنت ۾ به گهرڙو به مونکي ڏجائين.


    پروانو سيوهاڻي (ولادت 1958ع)

    پروانو سيوهاڻي جو اصل نالو منظور علي سومرو ولد گل محمد سومرو آهي سندس جنم 21 جولاءِ 1958ع ۾ کڏ محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين. استاد بخاري جو شاگردي ۾ رهيو ۽ ان کان ڪافي سکيائين .تعليم ايم اي (سنڌي ادب اٿس) سندس ڇپيل ڪتاب: 1 ٽياسي جا ٽي ناٽڪ، 2 تماشو، 3 پکين جي ديس ۾، 4 چنڊ ۽ چڪور (ٻاراڻين ڪهاڻين جومجموعو)، 5 هلو ته هلون چنڊتي (ٻاراڻو سائنسي ناول)، 6 منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ (آتم ڪٿا)، 7 اڏام (ٻارن جون ڪهاڻيون).ان کان سواءِ سلسليوار سرهاڻ (ٻارن جو رسالو) جو ايڊيٽر رهيو. ان جا 100 پرچا ڪڍيائين هن وقت سرهاڻ پبليڪيشن طرفان ٻارن جو سلسليوار رسالو “گل تارا” جاري ڪندو رهي ٿو، پرواني سيوهاڻي کي شهباز ايوارڊ، لطيف ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ ۽ لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان ايوارڊ ملي چڪا آهن. پرواني شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ، ناول ۽ ترجما پڻ لکيا آهن، سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ڪيڏا پيارا چهرا آهن،
    چهرن تي ڇو؟ پهرا آهن.
    مٺڙا مٺڙا پيارا پيارا
    ماڻهو من جا ميرا آهن
    مونکان منهنجو حال نه پڇ
    گهاوَ اندر جا گهرا آهن
    من جي آ ڳنڌ تي او سائين
    خوشبو خوشبو پيرا آهن
    تنهنجي ڪوچي مان او ساجن
    هر هر منهنجا ڀيرا آهن


    آفتاب رضا مغل (ولادت 1958ع)

    آفتاب رضا مغل ولد جليل سيوهاڻي جو جنم 29 نومبر 1958ع تي ٿيو. پاڻ مئٽرڪ ۽ بي اي جي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائون. پاڻ سپاف جو اڳواڻ ۽ شهيد محترم بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو. پاڻ هن وقت روزنامه عبرت ۽ سنڌو ۾ ڪالم لکندو آهي. سندس ڪالمن ۾ وطن پرستي نمايان آهي. سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “هر ماڻهوءَ جو پنهنجي شهر يا ڳوٺ ۾وقت گذرندو آهي. منهنجا 35 سال به سيوهڻ ۾ گذريا آهن. هن شهر ۾ مونکي ڪيتريون ئي گرميون ۽ سرديون گذاريندي گذريون آهن.هي شهر منهنجو اباڻو شهر آهي. هن شهر جي مقامن ۾ منهنجا 2 ڏاڏا ۽ 82 سالن ۾ منهنجو پيءَ گذري ويل دفن آهي. مان (Un mature) ماڻهو آهيان. ڪڏهن جيل ۾ ڪڏهن ريل ۾ ڪڏهن روڊن تي منهنجي زندگي گذري آهي. ڪجهه وقت لاءِ مون سياست ڪئي. ان ۾ به مون کان منافقي نه ٿي. ان ڪري مون واري سياست نه هلي پوءِ جو منهنجو مخالف سيد عبدالله شاهه گذاري ويو ته مون هي شوق ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هن سيوهڻ شهر ۾ مونکي سردين ۾ گرمي لڳندي آهي۽ وري گرمين ۾ سردي لڳندي آهي. (روزانه سنڌو 12 جنوري 2010ع مضمون “سٺ خادم ۽ گبنذ تي مٽي” تان کنيل ٽڪرو.)


    ڊاڪٽر زاهده “زرين” دائودپوٽو (ولادت 1958ع)

    ڊاڪٽر زاهده زرين دائودپوٽو ولد رجب علي دائودپوٽو جو جنم 2 فيبروري 1958ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس جو تخلص “زرين” آهي. سندس شاعري ۾ استاد محمد اشرف منصور دائودپوٽو آهي. سندس شاعري اديون، عبرت مئگزين، هالار ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ڊاڪٽر زاهده زرين دائودپوٽو سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندي رهي آهي. هن وقت 19 گريڊ ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    آزاد نظم
    وڇڙي ڪونج ولر کان
    هن آڪاش ۾
    هن وايو منڊل ۾
    گهڻئي ڪونجون،
    وڇڙي ويون
    اڪيليون اڪيليون
    جدائي جا صدما
    دلين ۾ وسائي محبت
    گهڻو ڏور
    پنهنجي ولر کان
    ڌار ٿينديون رهيون
    تڙپنديون رهيون
    ڦٿڪنديون هيون
    سڀ ڪنهن به نه ڪڇيو
    تن کي تو به ڏٺو
    ۽ مون به ڏٺو
    پر .................
    هو لڇنديون رهيون
    سڙديون رهيون
    جهرنديون رهيون
    تون به هڪ ڪونج آن
    جا مون وانگي
    اڪيلي اڪيلي
    وياڪل وياڪل
    رلندي رهينءَ
    ۽ مان ..............
    خاموش، چپ چاپ، چپ چاپ
    نهاريندي رهيس
    نير ڪيرائيندي رهيس
    پل پل ولر لاءِ
    واجهائيندي رهيس
    چري ..............
    وڃڻ وارن به ڪڏهن
    پٺتي نهاريو آ!
    ڪڏهن به نه،
    ڪڏهن به نه،
    تون ۽ مان
    ازل کان
    اڪيليون اڪيليون
    وياڪل وياڪل
    ويڳاڻيون ويڳاڻيون
    ويچاريون
    “ڪونجون”


    ڪامريڊ انور پنهور (ولادت 1959ع)

    ڪامريڊ انور پنهور ولد محمد صالح پنهور جي ولادت 18 آگسٽ 1959ع ڳوٺ “ٻڌڙ” تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. انور پنهور ايم اي عالمي سياست ۾ ڪئي آهي. پاڻ پاڪستان ٽريڊ يونين سنڌ جو صدر پڻ رهيو آهي. سندس جا هي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. انقلاب 2004ع
    2.وڏ چريو جزيرو
    3. ڪارڪن ڪهاڻي
    4. عوام پنهنجي انقلاب جي ڳولا ۾
    6. سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ پاڪستان (ترجمو)
    ڪامريڊ انور پنهور مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجا مقالا ۽ مضمون لکندو رهيو آهي، سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    20 آگسٽ 1866ع تي آمريڪا جي شهر بالٽي مور ۾، آمريڪي ٽريڊ يونين جي قويم وفاقي اداري کي مستحقم ڪرڻ لاءِ اجلاس سڏايو ويو جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ مختلف شعبن جي پورهيتن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ قومي مزدور تحريڪ جو بنياد وڌو ويو. هن اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته مزدورن کي غلامي مان نجات ڏياري وڃي ۽ اهڙو وقانون منظور ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪم جا 8 ڪلاڪ مقرر ڪيا وڃن. جنهن وقت 1871ع ۾ فرانس ۾ پيرس ڪميون جو انقلاب جاري هو، ته ساڳي وقت آمريڪا ۾ پڻ مزدور گهٽين ۽ رستن تي هئا ۽ خاص ڪري شگاگو ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جا مظاهرا جاري هئا. جن جو خاص نعرو هيوته “بکين کي ماني” اگهاڙن کي ڪپڙا ۽ بي گهرن کي اجها ڏيو” هن بيچيني واري صورتحال کي ڏسندي سرمائيدار ويتر مڇريا،جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ پورهيتن کي سخت سزائون ڏنيون ويون.
    (مضمون شڪاگو مزدور تحريڪ ليکڪ ڪامريڊ انور پنهور)
    *


    پروفيسر امداد علي “امداد” سروري (ولادت 1959ع)

    امداد علي امداد سروري جو جنم 1959ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو مهر علي “تابع” خاصخيلي آهي. سندس خاندان جو تعلق راڳي گهراڻي سان آهي. سندس شاعري ۾ استاد مخدوم طالب الموليٰ آهي، سندس تخلص “امداد” به مخدوم طالب الموليٰ ئي رکيو هو. هن وقت تائين سندس جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    1. حسين ۽ ڪربلا (شاعري)
    2. سنڌ جي سونهن (شاعري)
    پاڻ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپل آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    توکي ساريندي غزل لکجي ويو،
    لڙڪ هاريندي غزل لکجي ويو.
    تڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻندي رات جو،
    شمع ٻاريندي غزل لکجي ويو.
    تنهنجي جلون کي تصور ۾ ڏسي،
    پاڻ ڳاريندي غزل لکجي ويو.
    شهر تنهنجي ۾ مٺا اڄ اوچتو،
    ڏينهن ٺاريندي غزل لکجي ويو.
    پنهنجي محبت جي لکان تاريخ ٿو،
    قول پاريندي غزل لکجي ويو.


    نظير حيات سيوهاڻي (ولادت 1960ع)

    نظير حيات سيوهاڻي والد رسول بخش سومرو جو جنم 1960ع ۾ ٿيو، سندس تعليم ايم اي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. پاڻ تاريخ جو ڄاڻو. سٺو مقرر ۽ بهترين پرائمري استاد آهي. ۽ سندس نئين زندگي مقالا ۽ مضمون ٽه ماهي مهراڻ (سنڌي ادبي بورڊ) عبرت مئگزين، ڪينجهر، پيغام، ۽ بين رسالن ۾ پڻ لکندو رهيو آهي، اخباري ڪالم عبرت، هلال پاڪستان، شام، عوامي آواز ۾ پڻ لکندو رهيو آهي. تازو سندس ڪتاب: “سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري” ڇپيو آهي تحقيق ۽ تاريخ سان سندس دلچسپي آهي سيوهڻ جو سٺو سماجي ورڪر ۽ انسان دوست شخص آهي سندس جو شمار سيوهڻ جي سٺي استادن ۾ ٿئي ٿو اسڪولن ۾ اسٽيج ڊرامن لاءِ سٺيون ڪهاڻيون لکي وٺندو آهي اسڪولن ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهي ٿو. سندس لکڻ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “مصري، يوناني، عبراني، عربي، فارسي، چيني ۽ سنسڪرت سميت دنيا جي اڪثر ادب ۾ مرثيه ۽ رزميه شاعري جا نمونا ملن ٿا. سنڌي ادب ۾ پڻ مختلف رزميه حالات ۽ واقعات کي آڳاٽي دور کان قلمبند ڪيو ويندو رهيو آهي. اهو سلسلو پراڻن ڳاهن، ڏوهيڙن، اوسارن، ويڻن مان گذرندو سُر ڪيڏاري کان ٿيندو سنڌي مرثيه تائين پهتو. هاڻ مرثيو ان شعر کي سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي شجاعت، صبر، حوصلو، حالات ۽ واقعات سان گڏ شهيدن جي اوصاف ۽ مرڻ جو قصو بيان ڪيو وڃي ٿو.”
    (ڪتاب سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي، ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري تان کنيل ٽڪرو)


    اسلم منصور دائودپوٽو (ولادت 1960ع)

    اسلم منصور دائود پوٽو ولد محمد اشرف منصور دائود پوٽو جو جنم 15 ڊسمبر 1960ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽلٽي، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين پاڻ پيشي جي لحاظ کان ٽيچر آهي، سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تنهنجي ياد مون کي ستائي ٿي هرهر،
    دل سندم بي قرار ڪرائي ٿي هرهر.
    گهڻو ئي نظر کي هٽايان ٿو ان کي،
    مگر ڌيان منهنجو ڇڪائي ٿي هر هر.
    تنهنجي مست جوڀن جي مستي الستي،
    محبت سندو مچ مچائي ٿي هر هر.
    هيڻن تير نظرن جا گهائين ٿي مونکي،
    مون کان هوش منهنجو ڇڏائي ٿي هر هر.
    ڪيو زلف تنهنجي کڻي قيد مونکي،
    مُٺيءَ دل کي ويتر رلائي ٿي مون کي.
    ٿو جئندو وتان مان الفت تنهنجيءَ ۾،
    مگر غير آڏو جهڪائي ٿي هرهر.
    ڪري وٺ تون دل کي پڪو پاڻ “اسلم”،
    نه لڳ آسري هن جي ڀلائي ٿي هر هر.


    محمود مغل (ولادت 1961ع)

    محمود الحسن مغل ولد نور محمد مغل جي ولادت 1961ع تي قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ ٿي. ادبي نالو “محمد مغل” اٿس. سندس تعليم ايم بي بي ايس آهي. محمود مغل ڪهاڻيون، ناول، ترجما، شاعري، ڪالم، ڊراما ۽ مضمون لکيا آهن. پاڻ بهترين ڪمپئر پڻ آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هفتيوار پروگرام سڳنڌ ۾ پڻ ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو آهي، پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ تي ساڍا يارهن سال پرک پروگرام ڪيو اٿائين. جنهن ۾ 783 پروگرام رڪارڊ ٿيا. پي ٽي وي تان سندس ڊراما به نشر ٿيندا رهيا. سندس ڪتابن ڊرامن،ناٽڪن ۽ ناولن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪهاڻيون)
    2. تون سنگ تو بن ڏينهڙا (ڪهاڻيون)
    3. اسين جيئرا آهيون
    4. هٿ ريکائن کان خالي (ناول)
    5. محمود مغل جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)
    6. خواب نگر (پهريان 100 ڪالم جيڪي ڪاوش ۾ ڇپيا)
    7. هڪ يادگار منصف برڪت بلوچ
    8. عوام جو نمائندو (ترجمو)
    9. سرءُ (ناول)
    10. ٽي وي ناٽڪ 39
    11. سيريل (اردو) 13
    12. سنڌي سيريل 2
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ۽
    عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان.
    13 اسان ڏاڍو ڪڏهن کلندا هئاسين (آتم ڪٿا) اڻ ڇپيل
    محمود مغل جي سنڌي سيريل ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اردو ۾ به پي ٽي وي تان “سمجهوتا” جي نالي سان هلي. سندس کي ڪهاڻين تي سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. پاڻ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد مقرر آهي. پنهنجون خدمتون Center for helath and physical education ۾ ڏئي رهيو آهي. سندس لکڻ جو نموهيٺ ڏجي ٿو.
    “ريلوي اسٽيشن، بسن جا اڏا ۽ ڪڏهن هوائي اڏا، منهنجا ساهه ڀڪوڙيندا رهيا آهن. مون حياتي ۾ ڪوٽڙي حيدرآباد، بُوبڪ، ڀان سعيد آباد، لاڙڪاڻو، سکر، روهڙي، حبيب ڪوٽ، شڪارپور، ميرپورخاص جي اسٽيسن جو انيڪ ڀيرا ديدار ڪيو آهي. حياتي ۾ هڪڙو ڀيرو لاهور راولپنڊي، خيرپور ميرس ۽ ڪراچي ڪينٽ اسٽيسن تان مسافري شروع يا ختم ڪئي اٿم، لارين جا اڏا رڳو مون حيدرآباد، ميرپورخاص، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ سکر جا ڏٺا آهن. ڏٺا مان وري اها مراد آهي ته يا ته اتان سواريءَ ۾ چڙهيو آهيان يا وري اتي سفر جو اختتام ٿيو آهي. هوائي اڏا مون رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڏٺا آهن. جتان مٽ مائٽ رخصتيءَ ۾ صدا بلند ڪندا رهندا آهن، خيرن سان فاطمه جو سڄو ڪهول آمريڪا ۾ رهي ٿو. انهن جي اچ وڃ تي حاضريءَ جي رنگ ۾ رنگجي ايئرپورٽ جي ديدار جو شرف ملي ئي ويندو آهي.”
    (آتم ڪٿا “اسين ڏاڍو ڪڏهن کلندا هئاسين” مان کنيل ٽڪرو)


    غلام سڪينه سمون (ولادت 1961ع)

    غلام سڪينه سمون ولد لال محمد جو جنم قاضي محلا ۾، 30 اپريل 1961ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم سيوهڻ، ايم اي (سنڌي) ڪراچي يونيورسٽي ايم ايڊ ڪراچي يونيورسٽي، بي ايڊ ۽ بي ايس سي ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. غلام سڪينه سمون، ٽيچر پڻ رهي آهي. گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ڪراچي ۾ 10 سال پڙهايائين ان بعد گورنمينٽ گرلس انٽرميڊيئٽ سائنس ۽ آرٽس ڪاليج لياري ۾ 6 سال پڙهايائين، ان بعد گورنمينٽ رونق اسلام ڪاليج ڪراچي ۾ 16 سال ايسوسيئيٽ پروفيسر، ايس.ايم.بي.بي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عظيم بستي 2 سال “پرنسپل” پڻ رهي چڪي آهي. پاڻ تحقيقي مضمون ڪهاڻيون ۽ شاعري پڻ لکي ٿي. غلام سڪينه سمون ڪراچي يونيورسٽي مان ايم فل پڻ “سنڌي ادب ۾ سيوهڻ جو حصو” جي موضوع تي ڪئي آهي. هن وقت پي ايڇ ڊي پڻ ڪري رهي آهي.


    عبدالفتاح صالح ڪاڪيپوٽو (ولادت 1961ع)

    محمد صالح عرف عبدالفتاح ڪاڪيپوٽو ولد حاجي مير محمد ڪاڪيپوٽو 5 نومبر 1961ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ اٿس. شاعري جي شروعات 1976ع کان ڪيائين. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي اهي. پاڻ استاد تنظيم (پ ٽ الف) جو مرڪزي اڳواڻ آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    توکي سهڻو چوان يا چنڊ پرين،
    مون تي ڪهڙو پڙهيئي الائي منڊ پرين.
    جڏهن حسن جي ڪا خيرات ڪريو،
    مون کي سهڻا ڏجان ٿورو ونڊ پرين.


    گل سيوهاڻي (ولادت 1961ع)

    گل سيوهاڻي جو اصل نالو غلام حسين ملاح، ولد محمد جمن ملاح جي گهر 10 ڊسمبر 1961ع ۾ “ڪوٽ مياڻي” ڳوٺ محمد عيسيٰ ملاح ويجهو بوبڪ تعلقي سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ڪالم نويس، شاعر ۽ صحافي آهي. سندس ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا هن جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    يا چوڻ مونکي اوکو، يا ڏيئڻ توکي ڏکيو،
    ٻن مان هڪڙي ڳالهه پيارا! آ ضروري آ ضروري.

    تون چوين ته مان مڃان، مان چوان تو نه مڃين،
    تون گهرين توکي ڏيان، مان گهران مون کي نه ڏين،
    هي اهو ئي آ جواب، سوال جنهن کي پيو چوين،
    ٻن مان هڪڙي ڳالهه پيارا! آ ضروري آ ضروري.

    تو ڏني، مون کي ڏني، ڇا ڏني ۽ ڇو ڏني،
    جي ڏني ۽ جا ڏني تو ڏني مون کي ڏني،
    مون چيو آ چاس چپڙن جي تو چيو چم چمان،
    ٻن مان هڪڙي ڳالهه پيارا آ ضروري آ ضروري.

    گل مڪم، اڄ گل توڏي، “گل” وڃج، گل کڻي،
    گل ڏجائين، گل کي تون، “گل” اچج گل کڻي.
    مون چيو هي زلف تنهنجا، تو چيو واسينگ هي،
    ٻن مان هڪڙي ڳالهه پيارا آ ضروري آ ضروري.


    رجب ٻگهيو (ولادت 1963ع)

    سندس اصل نالو محمد رجب ٻگهيو آهي والد جو نالو حاجي محمد صفر ٻگهيو اٿس. ادبي نالو “رجب ٻگهيو” اٿس. ڄمڻ جي تاريخ 12 مارچ 1963ع ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ باجارا تعقلو سيوهڻ آهي. تعليم بي ايس سي، ايم اي، ايم ايڊ اٿس. پاڻ هاءِ اسڪول باجارا جو هيڊ ماستر پڻ رهيو آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين. سندس هڪ ڪتاب شاعري جو “خواب آئينا ٿيا” ڇپيل آهي. هن جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    هيڏي اڻ تڻ يار ڀلا ڇو؟
    پيار جي عيوض خار ڀلا ڇو؟
    عشق عنايت عين عبادت،
    عشق وڏو آزار ڀلا ڇو؟
    خوشبوءِ پوپٽ رنگ ستارا،
    سڏڪي ٿو سنسار ڀلا ڇو؟
    آڌيءَ اڏري دل وڃي ٿي،
    سمنڊ جي هن ڙي پار ڀلا ڇو؟
    ڄاڻان ٿو تون مور نه اچڻين،
    ساجن تنهنجي سار ڀلا ڇو؟
    دل ڪٿي آ رانديڪو جو،
    ٽوڙي ٿي، ٿي ٻار ڀلا ڇو؟


    ڊاڪٽر اڪرم منصور دائود پوٽو (ولادت 1964ع)

    اڪرم منصور دائود پوٽو ولد محمد اشرف منصور دائود پوٽو جو جنم 9 نومبر 1964ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ٽلٽي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۽ ايم بي بي ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. سندس کي ننڍي هوندي کان شاعري جو شوق هيو، پنهنجي والد محمد اشرف منصور کان رهنمائي ورتائين. ڊاڪٽر اڪرم غزل، ٽيڙو، هائيڪو، ترائيل ۽ نظم لکيا آهن. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    پيار محبت،
    آهي دنگ.
    دوکي پنهنجو،
    پکڙيو، رنگ.
    ڪانهي چاهت،
    ڪونهي ڍنگ.
    اجڙيو من هي،
    ويران جهنگ.
    ڏات هنيو،
    زهريلو ڏنگ.


    همراز ڀٽي (ولادت 1967ع)

    محمد عيسيٰ ڀٽيءَ جو ادبي نالو همراز ڀٽي آهي. سندس والد جو نالو نهال خان ڀٽي. سندس پيدائش 5 مارچ 1962ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪيائين. سندس شاعري جو ڪتاب “سونهن کي سجدا” اڻ ڇپيل آهي. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
    غزل
    سونهن جي سنسار ڏي هلو ته هلون،
    اهڙي ڪم ڪار ڏي، هلو ته هلون.
    پيار ئي پيار رڳو پيار هجي،
    سڄڻ جي سار ڏي هلو ته هلون.
    دل چوي ٿي ته اکيون پير ڪري،
    يار جي پار ڏي هلو ته هلون.
    ڳالهه “همراز، جي مڃو به کڻي،
    گيت گفتار ڏي هلو ته هلون.
    چوسٽو
    ڪو به اظهار هو ڪري نه ڪري،
    واعدو اقرار هو ڪري نه ڪري،
    پاڻ وٽ پيار آ سو پيار ڪبو،
    موٽ ۾ پيار هو ڪري نه ڪري.


    امداد سومرو (جنم 1969)

    امداد سومرو ولد الهه رکيو سومرو جو جنم 17 جون 1969ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم M.A ۽ L.L.B آهي. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکي ٿو. هلال پاڪستان، جنگ نيوز، امت ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس جا ڪالم ڇپجي چڪا آهن، پاڻ صحافت به ڪري ٿو.


    ناصر پنهور (ولادت 1970ع)

    ناصر پنهور ولد الهه ڏنو پنهور جو جنم 21 سيپٽمبر 1970ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي ۾ آهي. سماجي ڪارڪن پڻ آهي. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو رهيو آهي. سندس جا هي ڪتاب مرتب ٿيل آهن:
    سنڌي
    1. ڊاڪٽر خان محمد پنهور- شخصيت (مرتب)
    English
    1. Indus flood 2010.
    2. Sindh at cross roads of disasters 2011
    ناصر پنهور جي لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ڪچي جا ٻيلا پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيلا ختم ڪري اتي زراعت ڪرڻ سبب ختم ٿي رهيا آهن. ٻيلن تي قبضا روز جو معمول آهي ۽ قبضه خورن لاءِ ٻيلا جنت لڳا پيا آهن. ٻيلو کاتو اهڙي صورتحال ۾ ته خاموش آهي. يا وري سهڪاري ڏٺو وڃي ٿو. جيئن ٻين شعبن مان ايماندار ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪندڙ آفيسر ختم ٿيندا پيا وڃن. تيئن ٻيلي کاتي ۾ به چڱا آفيسر چند وڃي بچيا آهن. جيڪي به رٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڪنهن دور ۾ هاءِ ويز تي به وڻ نظر ايندا هئا. ان جي سار سنڀال لاءِ الڳ عملو به هوندو هو. هاڻ روڊن رستن تان وڻ غائب آهن. ساڳي طرح واهن جي ڪنارن تي شاندار وڻ هوندا هئا. سي به آهستي آهستي وڍي وڪرو ڪيا ويا. نتيجي ۾ شاخن ۽ واهن جا پاسا ڪمزور ٿي ويا. شهر ۾ پبلڪ پارڪ ختم ڪري پلازا ٺاهيا ويا.
    (ڌرتيءَ سان محبت جي اظهار جو بهتر طريقو 14 فيبروري 2014 تي روزانا ڪاوش تان کنيل ڪالم جو ٽڪرو.)


    منور سلطانه قريشي (ولادت 1970ع)

    منور سلطانه قريشي جو اصل نالو منور بيگم قريشي آهي. سندس جنم 1970ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو تعليم ايم اي اٿس. منور سلطانه پرائمري استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1997ع کان ڪيائين. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ادب، هزار داستان، هالار، سرتيون ۾ ڇپجي چڪي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تنهنجا سپنا ڏسان پئي هر دم،
    شعر تو تي لکان پئي هر دم.
    توکي هڪ نظر ڏسڻ لاءِ او ساٿي،
    مان تو لئه مران پئي هر دم.
    جي نه ٿي توکي ڏسان هر دم،
    مڇي وانگر ڦٿڪان پئي هر دم.
    تنهنجون ڳالهيون ياد اچڻ تي،
    پنهنجي منهن مان کلان پئي هر دم.
    تنهنجي آهيان “منور” تنهنجي رهنديس،
    وچن وفا جو ڏيان پئي هر دم.


    مفتي خليل احمد جان نقشبندي الاشرفي الازهري (ولادت 1971ع)

    مفتي خليل احمد جان نقشبندي ولد مخدوم محمد اشرف نقشبندي (مصلي ڌڻي) ڳوٺ درگاهه عاليه ويهڙ شريف، تعلقي سيوهڻ شريف ۾ پهرين شعبان المعظم سن 1391هه 22 سيپٽمبر 1971ع تي جنم ورتائين. سندس تعليم انٽر 1989ع سند التجويد 1992ع سند الفراغ 1993ع، ايم اي اسلاميات 1996ع اعليٰ تعليم جامعت الازهره يونيورسٽي “مصر” مان 1997ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. مفتي خليل احمد جان نقشبندي عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آهي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب وڃي چڪو آهي. پهريون حج 2004ع ٻيو حج 2011ع ٽيون حج 2013ع تي ڪيائين. ان کانسواءِ عمرا به ڪافي ڪري چڪو آهي. سندس طبيعت سادي درويشن واري آهي. ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي، زبان ايڏي ته مٺي اٿس جو جڏهن به تقرير ڪندو آهي ته ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويندا آهن. سندس شاعري ۾ مديني جي واري سڪ، وحدانيت ۽ صوفيت شامل آهي. مفتي خليل احمد جان نقشبندي 17 سالن جي عمر ۾ پهرين فتويٰ ڏني. پاڻ ڪيترائي مقالا، مضمون، ترجما، تفسير، سيرت ۽ تصوف جا ڪتاب لکيا ۽ تصنيف ڪيا اٿس. سندس جا هي ڪتاب ڇپيل آهن:
    1. القرآن (ترجمو سرائڪي ۾)
    2. القول الڪوثر (تفسير)
    3. الاربعين (حديث)
    4. اشرف الفتاويٰ (فقهه اسلامي)
    5. القول المعتبر (فقهه)
    6. اشرف البيان (فقهه)
    7. نماز پڙهن جو صحيح طريقو (فقهه)
    8. القول الاظهر في الاذان عليٰ القبر (فقهه)
    9. اشرف الاقوال في التختم للرجال (فقهه)
    10. ڪشف الغين عن مسئلت العين (فقهه)
    11. اشرف التحريرات (فقهه)
    12. عقائد اهلسنت (عقائد)
    13. حق جي سڃاڻ- عقائد
    14. ڪشف مبهم مشڪلات عقائد (سنڌيءَ ۾ ترجمون)
    15. طارق عبادالله عقائد (سنڌي ۾ ترجمو)
    16. شان سيدنا صديق اڪبر به زبان موليٰ علي حيدر
    17. مقالات اشرفي (سيرت)
    18. وصال اشرفي (سيرت)
    19. اخلاق اشرفي (تصوف)
    20. افعال اشرفي (تصوف)
    21. اقوال اشرفي ملفوظات مصلي ڌڻي (تصوف)
    22. حضرت مصلي ڌڻي جو هزار ڪرامتون (تصوف)
    23. الشجرت المبارڪ (تصوف منظوم)
    24. اشرف الاسرار (نظم سنڌي سرائڪي، اردو، فارسي، عربي)
    25. گلزار خليل (مجموعه شاعري)
    26. تحفئه ويهڙ شريف نظم.
    27. واهه ويهڙ جا ولي (طرحي مشاعرا)
    مفتي خليل احمد جان نقشبندي جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    مٺو مرسل نبي نرمل مٺو مَهر مُبين آيو.
    شفاعت جو ٻڌي سهرو شفيع المُذنبين آيو.
    نبوت جو جنهن جي سرتي رکيل آ تاج نوراني،
    مُزمل جي ڍَڪي چادر امام العارفين آيو.
    ستارا، چنڊ، سج، روشن سندس ئي نور سان آهن،
    ڪري پردا حجابن جا جڏهن ماهه جبين آيو.
    سندس امت کي غم ڪهڙو قيامت ۽ قبر جو آ،
    ڪڪر بڻجي ڪرم جو پاڻ رحمت عالمين آيو.
    “خليل الاشرفي” خوش ٿي وسيلو دوجهان مليو،
    گنهگارن کي بخشائڻ اهو عرش مَڪين آيو.
    (2)
    مدينو مدينو مدينو ٿو ساريان سدا ياد دل ۾ نه ويلو وساريان.

    مديني جو مالڪ مٺو مصطفيٰ آ، اڙين ۽ اٻوجهن جو آڌار ادا آ،
    غريبن يتيمن جو واهر سدا آ، تنهن دلربا کي تهه دل تنواريان.

    مٺي مصطفيٰ جو مدينو منور، سدا مُلڪ سهڻي جو مهڪي معطر،
    تنهين جو شب و روز تن ۾ تصور انهيءَ پار لئه ٿو پلپل پڪاريان.

    سندا سبز گنبذ جا نوري نظارا، وڻن واهه دل کي ٿا منبر منارا،
    مٿان چنڊ چمڪي ۽ چمڪن ستارا، نبي نور نرمل جون نيلون نهاريان.

    ڪندو آس پوري هي رب جليل مٺو ملڪ مدني جو ڏسندو خليل،
    هتي انتظاري ۾ آهي عليل، سدا ويٺو “ويهڙ” ۾ سيد سنڀاريان.


    سرور دائود پوٽو (ولادت 1972ع)

    غلام سرور ولد ولي محمد دائود پوٽو جو جنم 5 مئي 1972ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽلٽي، ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڀان سعيد آباد انٽر ڊگري ڪاليج سيوهڻ شريف مان حاصل ڪيائين. هن وقت سندس جي رهائش مڪلي ٺٽو ۾ آهي. پاڻ ايڪسائيز پوليس ۾ آهي. سرور دائود پوٽو محمد اشرف منصور دائود پوٽي جو ڀائٽيو آهي. هن جا هي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. رامون
    2. چتيون لڳل چولو
    3. زندگيءَ جي وڻ هيٺان (شاعري)
    سرور راهپوٽو جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    تنهنجي زلفن ۾ سنواريل گلاب هجان،
    تنهنجي نيڻن جو ناز ۽ حجاب هجان.
    تنهنجي خيالن جي خاني ۾ محفوظ رهان،
    تنهنجي پسند جو اهڙو ته ڪتاب هجان.
    توکي سونهن سرهاڻ جي مان راڻي چوان،
    تنهنجي حُسن جو راڻو ۽ نواب هجان.
    تنهنجي جوڀن ۽ جمال جو رکوالو ٿيان،
    تنهنجي چهري تي اوڍيل نقاب هجان.
    تنهنجي خواهش ۽ فرمائش تي پورو لهان،
    تنهنجي هر سوال جو “سرور” جواب هجان.
    (ڪتاب “زندگي جي وڻ هيٺان” تان ورتل شاعري)
    *


    فضا غزل (ولادت 1974ع)

    فضه غزل جو اصل نالو فضه شاهه ولد سيد غلام سرور شاهه آهي، سندس جنم 22 سيپٽمبر 1974ع ۾ ڳوٺ باجارا ۾ ٿيو. تعليم ايم اي، ايم ايڊ اٿس پاڻ پرائمري ٽيچر آهي، شاعري جي شروعات 1990ع کان ڪيائين. سندس شاعري ماهوار بختاور، هزار داستان، سرت، ادب، ڪينجهر ٽه ماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپي آهي. سندس ڇپيل ڪتاب “چنڊ ۽ چاهتون” آهي، کيس کي سگا طرفان ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ، ريڊيو پبليڪيسن ڦلجي۽ ماهوار هالار پاران سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    غزل
    ڏاڍو پيارو هڪڙو ماڻهو،
    ساهه سهارو هڪڙو ماڻهو.
    مون کي هر دم ياد رهي ٿو،
    مرڪن وارو هڪڙو ماڻهو.
    منهنجي نظر ۾ سڀني کان،
    آهي نيارو هڪڙو ماڻهو.
    مون جيان ٿو تنها ڀوڳي،
    هو ويچارو هڪڙو ماڻهو.
    گهڻن کي چاهيو ناهي پرين،
    آهي دل وارو هڪڙو ماڻهو.
    *

    غزل (2)
    سونهن نگر ۾ تنهنجو عڪس،
    من اندر ۾ تنهنجو عڪس.
    يادون تنهنجون ساڻ سدائين،
    سوچ نگر ۾ تنهنجو عڪس.
    بهار آيو مکڙيون ٽڙيون،
    لهر لهر ۾ تنهنجو عڪس.
    چنڊ ۾ پڻ ٿا توکي ڳوليون،
    نيڻ نظر ۾ تنهنجو عڪس.


    آسيه گل سيوهاڻي

    آسيه گل سيوهاڻي جو جنم ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو سندس تعليم بي اي آهي، ابتدائي تعليم ڳوٺ بابارا ۽ وڌيڪ تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪيائون سندس جي شاعري سنڌ جي مختلف رسالن جهڙوڪ عبرت مئگزين، ادب، هالار، پيغام، هزار داستان ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هن جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    چار گهڙيون جي ڪنهن سان گهاربيون آهن
    سڄي زندگي نه وساربيون آهن.
    پاڻ کي ڌار ڪري جو هليو آ ويو
    ان جون راهون به نهاريبون آهن.
    ڀريل محفل جو ڀرم ته رکبو آهي،
    اک ۾ لڙڪن لارون نه ڌاربيون آهن.
    سڄي رات پرين جو چنڊ کان پُڇي،
    راتيون جاڳي به گذاربيون آهن.
    کڻي ڪٽبو آ ڪيڪ جنم ڏڻ تي
    “آسيه” ميڻ بتيون به ٻاربيون آهن


    الهنواز نوحاڻي (ولادت 1974ع)

    الهه نواز نوحاڻي ولد حاجي آدم نوحاڻي 15 ڊسمبر 1974ع تي ڳوٺ ڪوٽ ٻاروچو تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي آهي. شاعري جي شروعات 1993ع کان ڪيائين. پاڻ شاعري، ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿس، سندس شاعري جو مجموعو “تنهنجي اوسيئڙي ۾” اڻ ڇپيل آهي. هن جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    هر ڪلي مرڪي سکي تنهنجي اچڻ سان،
    هر ڳلي مرڪي سکي تنهنجي اچڻ سان.
    ڊيل جون گڏ مور سان چلولايون،
    آ ٽلي مرڪي سکي تنهنجي اچڻ سان.
    روز تڙ تي روز پاڻي هوءَ ڀري ٿي،
    ٿي ملي مرڪي سکي تنهنجي اچڻ سان.
    ڪيترن سالن پڄاڻان هيءَ اڪيلي،
    دل جلي مرڪي سکي، تنهنجي اچڻ سان.


    وفا محرم اوٺو (ولادت 1975ع)

    محرم اوٺي جوادبي نالو وفا محرم اوٺو، سندس والد جو نالو ڀورل خان اوٺو، جنم 12 فيبروري 1975ع تي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ٿيو. تعليم ايل ايل بي، ايم اي اٿس پاڻ هوم ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 1992ع کان ڪيائين. هن جي شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:

    نيڻن لڙڪن لارون آهن،
    تنهنجو هر پل سارون آهن.
    واهڻ، واهڻ، وستي وستي،
    تنهنجو يار پچارون آهن.
    پل ڀي نيڻن ننڊ نه آهي،
    تو لئه هت پڪارون آهن.
    نيڻ ٻرن ٿا ديپ جيان،
    تو لئه راهه نهارون آهن.
    مون وٽ خار خزانا آهن،
    تو وٽ ڦول بهارون آهن.


    شبانه سنڌي (ولادت 1976ع)

    شبانه سنڌي جو اصل نالو شبانه ولد سيد عطا حسين شاهه لڪياري، جنم 20 مارچ 1976ع تي ڳوٺ باجارا ۾ ٿيو. تعليم ايم اي، ايم ايڊ پاڻ پرائمري ٽيچر آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين، پهرين لکڻين مارچ 1991ع بختاور ۾ ڇپي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون ماهوار بختاور، ڪينجهر، ادب، سوجهرو، سرتيون، امرتا عبرت مئگزين ٻين رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. شبانه سنڌي سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ شامل ٿئي ٿي سندس ڪهاڻين ۾ اهي سڀ خوبيون موجو دآهن. جيڪي سٺي ڪهاڻيڪار ۾ هونديون آهن. سندس جا هن وقت تائين 4 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. (1) اداس سانجهي (ڪهاڻيون) 2001ع، (2) “سپنو ساڀيان ساڻ” ناوليٽ 2005ع، (3) “چنڊ سمنڊ ۽مان” (شاعري) 2006ع (4) ٻه ناوليٽ 2011ع. شبانه سنڌي شاعري سنجها سرواڻ جي نالي سان ڪئي آهي. شبانه کي سگا طرفان ايوارڊ ماهوار هالار طرفان ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس ڪهاڻيءَ جو ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو:
    “هو سلهه جو مريض هو ۽ سندس بيماري آخري اسٽيج تي پهچي چڪي هئي. علاج ته ڏاڍا ڪرايا هيائين، مائٽن به وسان ڪين گهٽايو هو پر بيماري کي به هيءَ اهڙو ته وڻي ويو هو جو جان ئي نٿي ڇڏيائين، غربت الڳ ته بيماريون الڳ. ڪمائڻ وارو هڪڙو هن جو ننڍو ڀاءُ... گهر جا خرچ، ثانيه جي پڙهائي جو خرچ، ڪپڙو لٽو، الئه ته ڪيئن پئي پورت ڪيائون. ڪجهه ته ڀاڻس جي پگهار جا پئسا ته ڪجهه وري ڀيڻس راڻي، جنهن جي شادي ته ٿيل هئي، پر مڙس ڇڏي ڏنو هيس. ان جي ڀرت ۽ سلائيءَ جا پئسا گڏ ڪري پيا گهر جو خرچ هلائيندا هيا.” (ڪهاڻي “چپن تي رهجي ويل چمي” مان ٽڪرو ليکڪ، شبانه سنڌي)


    فرزانه سنڌو (ولادت 1976ع)

    فرزانه سنڌو جو اصل نالو فرزانه ولد لونگ خاصخيلي، سندس جنم 10 مارچ 1976ع تي ڳوٺ باجارا ۾ ٿيو. لکڻ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين، سندس پهرين لکڻي ماهوار بختاور ۾ ڇپي. تعليم ايم اي ۽ايم ايڊ اٿس. سندس شاعري ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي، جهڙوڪ: ڪينجهر، ادب، بختاور، عبرت مئگزين، نئون چنڊ، سنڌ دوست وغيره ريڊيو پبليڪيشن ڦلجي. پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ کيس مليل آهي، نموني طور سندس شاعري هيٺ ڏني ٿي:

    تنهنجي زندگيءَ مان جي نڪري وينداسين،
    پوءِ توکان به وسري وينداسين.
    مليا سين ڪٿي جي اوچتو او سائين،
    اجنبيءَ جيئن گذري وينداسين.
    تنهنجي سار جي هوا جڏهن گهلندي،
    اسان بن پن ٿي وکري وينداسين.
    تنهنجو ساٿ رهيو جي “سنڌو”
    هر راهه ڏکي پو اُڪري وينداسين.


    غلام مصطفيٰ سولنگي (ولادت 1976ع)

    غلام مصطفيٰ سولنگي، ولد احمد خان سولنگي جو جنم 8 مارچ 1976ع تي تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو. پاڻ صحافي شاعر، ڪالم نويس، مضمون نگار آهي. سندس جا هيٺان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. درد جي موسم (شاعري)
    2. سنڌي ٻاراڻي شاعري جي اينٿالاجي (تحقيق)
    3. چئبو سچ (صحافتي ادب مزاح)
    4. منهنجو شهزادو سمهي پيو (چونڊ مضمون)
    5. اسيمبليءَ جو راڳ
    6. محمد صديق مسافر جي شاعري ۽ تحقيق
    ان کان سواءِ غلام مصطفيٰ سولنگي سنڌ راڻي، ريڊيوپبليڪيشن، سنڌياڻي، ڪنول ۽بين رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
    اکيون جاڳن ٿيون،
    يادون جاڳن ٿيون.
    در مان پاتل ڪنهن جون،
    جهاتيون جاڳن ٿيون.
    چانڊوڪيءَ ۾ ورتل،
    چميون جاڳن ٿيون.
    گوريءَ گج اندر،
    ڇاتيون جاڳن ٿيون.
    تو سان گهاريل سانئڻ،
    راتيون جاڳن ٿيون.


    ساجده جبين (ولادت 1978ع)

    ساجده جبين جو اصل نالو ساجده ادبي نالو ساجده جبين ولد سيد غلام سرور شاهه، جنم 27 مارچ 1978ع تي باجارا تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو. تعليم بي اي، بي ايد پاڻ پرائمري استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪيائين. ساجده جبين جون ڪهاڻيون ۽شاعري ماهوار بختاور، نئون چنڊ عبرت مئگزين، هزار داستان، هٻڪار، ادب هالار، امرتا ۽بين رسالن ۾ شايع ٿي آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو “جذبن جهوريو جيءُ” 2003ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ريڊيو پبليڪيشن ۽هالار پاران کيس کي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. نموني طور شاعري هيٺ ڏجي ٿي.
    پري هڪ گهڙي ڀي صدي ٿي لڳي،
    صفا بي مزي زندگي ٿي لڳي.
    هتي مون کي پنهنجا پراوا لڳن،
    پرائي سڄڻ، هر سکي ٿي لڳي،
    ٻسو گهر ۽پنهنجو شهر ٿو لڳي،
    ۽ ويران هرڪا گهٽي ٿي لڳي.
    اچي ڪاش! ڀر ۾ سدائين رهين،
    اها آرزو هڪ سٺي ٿي لڳي،
    خوشيءَ مان ٿو قاصد کنيو اڄ اچي،
    اهو خط يا تنهنجي چٺي ٿي لڳي.


    عابد سيوهاڻي (ولادت 1978ع)

    عابد حسين سولنگي، ولد محمد عارب سولنگي 15 جولاءِ 1978ع تي محلا گل محمد شاهه سيوهڻ شريف ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر سائين آهي. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. ٽه ماهي “مڃتا” جو اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. سندس شاعري ۾ پسنديده صنف غزل اٿس. 1998ع کان دفاع پاڪستان سان وابسطا آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    ڪنهن صدا وانگي سڳنڌ آهي ڀري سنسار ۾،
    شخص ڪنهن مرڪي ڏٺو آهي سنجها جو پيار ۾.
    هوءَ هٺيلي نينگري، نازڪ بدن نازڪ ادا،
    پيار جا پيرا کڻي ڀوڳي ٿي رسي ڄار ۾.
    شهر جي نازڪ ڳلين ۾ دهشتون ۽ وهشتون،
    ديس منهنجي جي خبر آهي رني اخبار ۾.
    ڀاڪرن جي آرزو ته جهور پوڙهي ٿي وئي،
    هاءِ خوشبو خواب گم ٿيا بي رخيءَ جي غار ۾.
    ساڀيائن کان اڳي ئي خودڪشي خوابن ڪئي،
    درد “عابد” ٿا ملن جهومي صدين کان سار ۾.


    مير حاجن مير (ولادت 1979ع)

    مير حاجن مير ولد محمد سليمان پنهور جو جنم 3 ڊسمبر 1979ع تي ڳوٺ محمد يعقوب پنهور لڳ لڪي شاهه صدر ۾ ٿيو. منهنجو اصل نالو حاجي خان پنهور آهي. ادبي نالو دوستن مير حاجن مير رکيو. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيم. سنڌ جي سڀني رسالن کي لکي چڪو آهي. جهڙوڪ ٽه ماهي مهراڻ، سوجهرو، عبرت مئگزين، هالار، ادب، هزار داستان، پرک ۽ ٻيا رسالا۽ اخبارون، منهنجا هي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. رنگ خوشبوءِ گل (شاعري) 2008ع
    2. نيرا خواب (شاعري) 2012ع
    3. سيوهڻ جون ادبي شخصيتون 2014ع
    ان کان سواءِ قلندر لعل شهباز ادبي ڪانفرنس جو ڊپٽي ڪنوينر پڻ آهيان. مون سيوهڻ مان 2006ع ۾ “سيوهڻ سماچار اخبار، سلسليوار جاري ڪئي. جيڪا ڪن سببن جي ڪري پوءِ بند ٿي وئي. ٽه ماهي “مڃتا” رسالي جو به جوائنٽ ايڊيٽر پڻ رهيوآهيان. سنڌي ادبي سنگت ضلعي ڄامشوري جو 3 دفعا 6 سال ضلعا رابطا سيڪريٽري پڻ رهيو آهيان. (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو دور، يوسف سنڌي جو دور ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو دور ۾ رهيس. ان کان سواءِ شهر جي الشهباز دڪاندار ايسوسيئيشن جو نائب صدر پڻ آهيان. سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهيان. شاعري، تحقيق کان سواءِ ڪهاڻيون به لکيون اٿم جيڪي ماهوار سوجهرو ۽ “سنگت” رسالي ۾پڻ شايع ٿينديون رهيون آهن. شاعري جون مختلف صنفون، غزل، وائي نظم گيت، ترائيل، ڏيڍوڻو، ٽيڙو، دوهو، تروينون، پنجڪڙا، چوسٽا، پڻ ڀرپور لکيا آهن. آئون پنهنجي شاعري جو نمونو هيٺ ڏيان ٿو:
    يادن جا ڪي ديپ ٻرن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    ننڍپڻ جا ڪي عڪس اچن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    رابيلن جي ديس جي راڻي توبن لمحا،
    دل کي ڏاڍا جهير ڏين ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    ٽانڊاڻن جي ٽِم ٽِم ٽِم، درد اُٿن ٿا،
    تنهنجا گهنگهرو ڇن ڇن ڪن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    سمنڊ ڪناري هن سان گڏجي پهر ڪٽيا مون،
    هاڻي ويٺي پور پون ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    شيشي جهڙا، شهر جا ماڻهو پٿر ٿي پيا،
    خواب اسان جا پن ٿي ڇڻن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    چيچ سنهيءَ ۾ سونو ڇلڙو سندر ڪيڏو،
    هن جي ايندي شور مچن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.
    “حاجن” هاڻي دل کي ڏيندي سيبا ڪهڙا،
    دل به لڇي ٿي نيڻ وسن ٿا چانڊوڪيءَ ۾.


    ثمرن سومرو (ولادت 1980ع)

    ثمرن سومرو ولد گل محمد سومرو 13 جنوري 1980ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿي. سندس تعليم بي اي آهي. ادبي سڃاڻپ شاعره طور اٿس پاڻ لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪيائين. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي، جهڙوڪ عبرت مئگزين هزار داستان، ادب، هالار ۽ٻين رسالن ۾ لکيو اٿس. سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
    تنهنجي ياد مون کي رُلائي ڇڏيو آ،
    مون دنيا کي هاڻي ڀلائي ڇڏيو آ.
    وسريا جو توکان سڀ واعدا،
    ڪيل قولن کي به تو وساري ڇڏيو آ.
    زماني جي پرواهه هئي ڪٿ اسان کي،
    مگر تنهنجي محبت ته ماري ڇڏيو آ.
    تنهنجون سڀئي يادون سهارو بڻيون هن،
    رڳو تو ئي “ثمرن” کي ڀلائي ڇڏيو آ.
    *


    علي اصغر اوٺو (ولادت 1980ع)

    اصغر اوٺو ولد علي اڪبر اوٺو جو جنم 20 جنوري 1980ع تي ڳوٺ ڪرمپور تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۾ آهي. پاڻ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ شريف ۾ ليڪچرر آهي. اصغر اوٺي تازو سنڌ يونيورسٽي مان ايم فل، پروفيسر محبوب علي چنا جي شخصيت تي ڪئي آهي. سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    “هر قوم جو معيار سندس ادب جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو آهي. ان جي قومي وقار ۽ نيڪ نيتي جو دارومدار به علم جي اعليٰ بلندي جي منزل کي ماڻڻ ئي آهي، ادبي تاريخ جا موجد هر قوم جا دانشور، مفڪر، محقق اديب ۽ شاعر آهن. جن جون ذهني سوچون ادبي عمارت ۾ پيڙهه جي ڀٿر جو ڪم ڏين ٿيون. ادب جي خالق کي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جن جو ذڪر نه ڪرڻ واري قوم، تاريڪ جي کڏ ۾ ڪري پئي ٿي)


    “وفا” ممتاز بلوچ

    وفا ممتاز برهماڻي ولد غلام رسول برهماڻي جو جنم 1982ع تي ڳوٺ جهانگارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي پاڻ لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪيائين پاڻ نثري نظم جو شاعر آهي. سندس تخلص “وفا” آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    “نثري نظم”
    مونکي تنهنجي اچڻ جو انتظار هميشه رهندو
    پر مان ڄاڻا ٿو
    تون ڪڏهن موٽي نه ايندي
    تنهنجي اچڻ جي سڀن دروازن تي حالتن جا پهرا آهن
    ۽ تنهنجي وجود کي جڪڙيل، ريتن رسمن جون زنجيرون آهن
    پر هڪڙي ڳالهه تون ياد رکجان
    مان تنهنجو انتظار ڪندس
    “هزار جنمن تائين” .....


    شهمير عرف حاجن اوٺو (ولادت 1983ع)

    شهمير اوٺو ولد ڀورل خان اوٺو جو جنم 1983ع ڳوٺ ڪرمپور تعلقه سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم بي اي آهي. شاعري جي شروعات 1998ع کان ڪيائين سندس شاعري ماهوار ادب، عبرت مئگزين، هالار ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.
    سندس پسنديده شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، استاد بخاري، گلوڪونڌر، مير حاجن مير ۽ وفا محرم اوٺو آهن. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    (1)
    غزل
    پيار مان توسان ڪرڻ ٿو چاهيان،
    دور توکان نه رهڻ ٿو چاهيان،
    پيار بدلي پيار ڏي پيارا پرين،
    رنج نه توکي ڏسڻ ٿو چاهيان،
    دور مون کان نه ٿي مٺا ماڻهو،
    ڌار تو کان نه جيئڻ ٿو چاهيان،
    اي پري وٺ! گلاب جا گل،
    تحفو توکي هي ڏيڻ ٿو چاهيان
    اوٺا شهمير شهر پنهنجو هي،
    مان ڪرمپور نه ڇڏڻ ٿو چاهيان،
    *

    (2)
    غزل
    پري تو کان پيارا رهي ڪونه سگهبو
    جدائي جو صدمو سهي ڪونه سگهبو
    ڀلي ڏي تون ڏکڙا مگر بي وفا او
    سڄڻ توکي سنگدل چئي ڪونه ٿو سگهبو
    اڪيلو ڪري وئين، اڪيلو چڱو هان،
    قرب تو جيان ٻين کي ڏئي ڪونه سگهبو
    مٺا مڃ تون آذيون، پئه پرچي پيارا،
    چوين ڇو ٿو؟ ضد تان لهي ڪونه سگهبو


    نديم عمراڻي (ولادت 1984ع)

    نديم عمراڻي ولد منظور حسين عمراڻي جو جنم 1984ع ڳوٺ مير محمد سهڙو تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ٽهمڻي، ميٽرڪ هاءِ اسڪول جهانگارا، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ديس اسان جو منڇر جهڙو،
    بڻيو ڪاڇي ٿر بر جهڙو.
    سچ هو، يا هو، خواب ڏٺو مون،
    پر هو وڻندڙ منظر جهڙو.
    يادن سان ٿو دل بهلائي،
    ماڻهو پاڳل شاعر جهڙو.
    ماڻهو هو پٿر کان ڏاڍو،
    ناهي ڪوري ڪاڳر جهڙو.
    هن جي هٿ جو زهر ڏنل ڀي،
    مون لاءِ سنڌوءَ جي ساگر جهڙو.
    *


    ڪجهه ٻيا ادب دوست ليکڪ شاعر


    ڪامل سيوهاڻي

    ڪامل سيوهاڻي جو اصل نالو (محمد ڪامل اوٺو) ادبي نالو ڪامل سيوهاڻي، ولد حاجي هارون اوٺو جو جنم 1939ع تي سيوهڻ شريف ۾ٿيو. ڌنڌي جي لحاظ کان پاڻ زميندار آهي. ادب ۾ سڃاڻپ شاعر طور اٿس.پاڻ ٿوري گهڻي شاعري ڪري ٿو.


    ابو اسد محمد پنهل اوٺو ڪرمپورائي

    ابو اسد محمد پنهل اوٺو والد علي محمد اوٺو جو جنم 20 مارچ 1940ع تي ڳوٺ ڪرمپور تعلقي سيوهڻ ۾ ٿيو. پهرين محمد سنڌي جي نالي سان به لکڻيون لکيائين. عربي فارسي، به ڪجهه ڄاڻي ٿو سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي. پاڻ ٿوري گهڻي شاعري ڪري ٿو


    عبدالله عبد

    عبد الله عبد ولد حاجي مصري انصاري جي ولادت ڳوٺ باجارا تعقلي سيوهڻ ۾ 1936ع تي ٿي.سندس تعليم ايم اي بي ايڊ آهي. 1954ع ۾. ادب لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪو به ڪتاب هن وقت تائين نه ڇپجي سگهيو آهي.پاڻ ٿوري گهڻي شاعري ڪري ٿو.


    امجد علي دائود پوٽو

    امجد علي ولد محمد حيات دائود پوٽو 11 فيبروري 1961ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم اي اٿس، پاڻ ٿوري گهڻي شاعري ۽ڪهاڻيون لکي ٿو.


    منظور علي سحر سومرو

    منظورعلي سحر سومرو ولد رسول بخش سومرو جو جنم 15 سيپٽمبر 1963ع تي ڀٽي محلا سيوهڻ ۾ ٿيو. پاڻ هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو سيڪريٽري پڻ آهي. ادب ۾ 1985ع کان شروعات ڪيائين. ٿوري گهڻي شاعري ڪري ٿو. ادب سان محبت گهڻي اٿس. پاڻ پرائمري استاد آهي.


    ذوالفقار سولنگي “راز”

    ذوالفقار راز ولد حاجي نور محمد نياز سولنگي جو جنم 18 فيبروري 1974ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. سندس تعليم بي ايس سي آهي. پاڻ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سينئر صحافي آهي، ذوالفقار راز کي شاعري ڪرڻ جو شوق به آهي. سندس اخباري ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سنڌي ادب سان وڏو لڳاءُ اٿس. پاڻ ڪيترائي مرتبه پريس ڪلب سيوهڻ جو صدر رهي چڪو آهي.


    ماجد سنڌي

    ماجد علي سنڌي ولد دلشاد علي قريشي جي ولادت قاضي غلام رسول محلا 8 ڊسمبر 1986ع تي ٿي، ماجد سنڌي، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو جوانئٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڏاڏو ساغر سيوهاڻي به سٺو شاعر هو. سندس کي ادبي ماحول سندس گهر مان مليو. پاڻ ٿوري گهڻي شاعري ڪري ٿو.


    مقصود احمد اداسي

    مقصود احمد اداسي ولد خير محمد ٻرڙو جي ولادت 1953ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. 1970ع کان ادب ۾ پير پاتائين. سندس استاد سيد نجف علي شاهه لڪياري ۽ مظهر سيوهاڻي هئا. مقصود احمد اداسي ٿوري گهڻي شاعري لکي ٿو.


    سيوهڻ جون P.H.D ڪندڙ شخصتيون

    نالو P.H.D ڪندڙ جو ۽ موضوع

    شمس الماءِ ڊاڪٽر بن محمد دائوپوٽو عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر

    ڊاڪٽر آپا شمس عباسي مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

    ڊاڪٽر خان محمد پنهور الوحيد جو سنڌ جي صحآفت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو

    ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه عبدالطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا


    سيوهڻ جون M.phil ڪندڙ شخصتيون

    نالو M.phil ڪندڙ جو موضوع

    محمد اشرف منصور دائود پوٽو دادوضلعي جا غزل گو شاعر

    غلام سڪينه سمون سنڌي ادب ۾ سيوهڻ جو حصو

    اصغر اوٺو پروفيسر محبوب علي چنه جي شخصيت


    مددي ڪتاب

    1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2066ع .
    2. مولانا عبدالله کوسو ڊاڪٽر،” مخدوم جعفر بوبڪائي” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2012ع.
    3. فتح الله صديقي پروفيسر، “سنڌي انسائيڪلو پيڊيا” انسائيڪلو پيڊيا پبليڪشن سيوهڻ 2005ع.
    4. خادم حسين سومرو، “الله بخش سومرو” سائين پبلشر سبز واري محله سيوهڻ 2013ع.
    5. مدد علي سنڌي، “دل اندر درياوَ” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2008ع.
    6. نظير حيات سيوهاڻي، “سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي “ ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري، ثابت علي شاهه ڪربلائي اڪيڊمي حيدرآباد 2013ع.
    7. نياز وگهيو (مرتب)، “سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾” سرجڻهار پبليڪشن دادو 2011ع.
    8. امير احمد مخدوم، “تفته الڪرام”، سنڌي ادب بورڊ 2004ع.
    9. امير احمد مخدوم، “تاريخ مخصوصي” سنڌي ادب بورڊ 1953ع.
    10. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،”ابوالفضل فيضي” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    11. خان محمد پنهور ڊاڪٽر، “الوحيد جو سنڌ جي صحافت” سياست ۽ علم ادب ۾ حصو، انڊس پبليڪشن ڪراچي 1996ع.
    12. جليل سيوهاڻي، “شهباز” ادارو شهباز حيدرآباد 2013ع.
    13. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، “چونڊ سوانحي خاڪا” علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    14. محمد احسن چنا حافظ،”قطب قلندر” (مرتب)، قلندر لعل شهباز ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي حيدرآباد
    15. سيد عابد مظهر،”پڪا ۽ پيرو”
    16. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو،”سيوهڻ صدين کان” مراد پبليڪشن سيوهڻ 2009ع
    17. شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر “منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي” سنڌي ساهت گهر 2005ع
    18. ڀلائي محمد ابراهيم، “سندي آس الله” ساڻيه پبليڪشن ڄامشورو 2012ع
    19. منگهارام ملڪاڻي،”سنڌي نثر جي تاريخ” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو
    20. اعجاز علي قريشي، پروفيسر، “ٻوليءَ جو ماضي حال ۽ مستقبل” سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    21. ذوالفقار سيال ڊاڪٽر، سنڌي شاعري جو سفر سنڌي ادبي سنگت سنڌ 2013ع
    22. غفور بن حيدر سيوستاني، مشائخ سيوستان ايڊٽ پير حسام الدين راشدي ۽ لاکو غلام محمد مترجم نياز همايوني
    23. آزاد قاضي، ڊاڪٽر، “شهيد مخدوم بلاول” گلشن پبليڪشن، حيدرآباد 2006ع
    24. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ، “سنڌي ادب جي تاريخ” جلد 3،2،1 سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    25. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” گلشن پبليڪشن حيدرآباد لاڙڪاڻو 2004ع.
    26. هيرو ٺڪر،”قاضي قادن جو ڪلام” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 1996ع.
    27. محمد عرس سولنگي، “اظهر” دادو تعلقي جو ماضي . حال سرجڻهار پبليڪشن دادو 2006ع.
    28. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، “آفتاب ادب عرف ساهت جو سج” سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1983ع.
    29. مرزا قليچ بيگ، “قديم سنڌ اُن جا مشهور ماڻهو 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    30. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2002ع
    31. غلام علي الانا ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي تاريخ” سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 1999ع.
    32. ڀٽو عنايت الله، “شان قلندر” پبليڪشن شهباز فوٽو اسٽيٽ سيوهڻ 2013ع
    33. محمد پريل سولنگي ماستر، “گلزار قلندر” ڇپائيندڙ، قلندر لعل شهباز ڪميٽي 1972ع.
    34. اياز قادري ڊاڪٽر، سنڌي غزل جي اوسر.
    35. وفائي مولانا دين محمد، “تذڪره مشاهيرا سنڌ” 3،2،1.
    36. علي احمد قريشي”يادن جا ورق” منڇر پبليڪيشن دادو
    37. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قلندر نامو پبلشر ڀٽائي بڪ شاپ حيدرآباد
    38. امير احمد مخدوم، “تاريخ فيروز شاهي” سنڌي ادبي بورڊ
    39. شمس عباسي آپا، “مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1988ع.
    40. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي “ڪليات”
    41. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد5،4،3،2،1، لنگويج اٿارٽي حيدرآباد
    42. يوسف ميرڪ، تاريخ “مظهر شاهجهاني”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    43. علي شير فانح ٺٽوي مير، “مقالات شعرا” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    44. طالب الموليٰ مخدوم، “ياد رفتگان”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    45. مير حاجن مير،”نيرا خواب”، سچاڻي اشاعت گهر دڙو 2012ع
    46. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر سوانح قلندر پبلشر اقاف کاتو
    47. سليم الله صديقي مخدوم،”خزينته المخطو تات” (مرتب) جلدا سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2006ع
    48. سليم لله صديقي مخدوم، خزينته المخطوتات (مرتب) جلد2 سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2010ع
    49. محمد غوثي شطاري مانڊوي “گلزار ابرار” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2009ع
    50. سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري “برهانپوري سنڌي اولياءِ” سنڌي ادبي بورڊ 2006ع
    51. سليم الله صديقي، “مخزن المخطوتات” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جلد (2) 2013ع
    52. سليم الله صديقي مخدوم،” مخدوم فضل الله جو ڪلام” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2009ع
    53. عبدالواحد سيوستاني مخدوم، رسائل سيوستاني سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    54. ميان مير چانڊيو، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2003ع.
    55. مير حاجن مير “رنگ، خوشبو ۽ گل”، سنڌ ادبي سنگت سنڌ 2008ع.
    56. ديوان ننديرام ميرچنداڻي ميراڻي سيوهاڻي “ايسپ جون آکاڻيون” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2004ع.


    مددي رسالا ۽ اخبارون

    1. ٽه ماهي مهراڻ جا مختلف پرچا (سنڌي ادبي بورڊ)
    2. عبرت مئگزين جا مختلف پرچا (عبرت گروپ)
    3. ماهوار ادب جا مختلف پرچا (ايڊيٽر گل ڪونڌو)
    4. نئين زندگي جا مختلف پرچا (اطلاعات کاتو)
    5. هالار جا مختلف پرچا (ڪاوش گروپ)
    6. روزانو “شام” حيدرآباد (ڪاوش گروپ)
    7. روزانو “ڪاوش” حيدرآباد (ڪاوش گروپ)
    8. سيوهڻ سماچار (ايڊيٽر مير حاجن مير)
    9. طبقاتي جهدوجهد جا مختلف پرچا ڇپائيندڙ پاڪستان ٽريڊ يونين
    10. ماهوار “سوجهرو” جا مختلف پرچا ايڊيٽر تاج بلوچ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259757
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ