ڪتاب جو نالو: گُلن جهڙي شاعري پوپٽَ جهڙا ٻارَ
مصنف: مختيار سمون
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 933 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 411 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٻارن لاءِ لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر، ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي. ڪنهن ليکڪ کي اهو حصو وڌيڪ ملندو آهي ته ڪنهن کي گھٽ ۽ ڪنهن کي بنهه نه.
”گُلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻارَ“ ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • ارپنا
  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ٻه اکر
  • • گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار
  • • دعا
  • • گُهمو لاڙڪاڻو
  • • شاگرد آھيان
  • • ڊُڪ ڙي گهوڙا
  • • لطيف جو ميلو
  • • جيئَنِ سڀ سنڌي چلڊرين
  • • وئڪيشن
  • • منهنجيءَ شاديءَ جون ڳالهيون
  • • ڀِينڊو
  • • پائليٽ ٿيندس
  • • ڌرتي روشن ٿيندي
  • • راند ڦٽائڻ وارا ڪاڪا
  • • واهه واهه سائين
  • • ڏاڍو هيل سيارو آيو
  • • مامي چنڊ جي شاديءَ جي دعوت
  • • الله واهي
  • • اچو ته ڪيون قرب جون ڳالهيون
  • • نئون سال
  • • توبهه زاري
  • • ملڪ مٺائي
  • • چڱا مڙس ٿيندؤ
  • • ٺوڙهو ٺِڪِري
  • • اڄ جو ٻار چوي ٿو
  • • دنيا آهي گول
  • • پياري امڙ
  • • کيل ناهي ٻيو ڇاهي
  • • راند رچايون
  • • راڻي باغ جو سير
  • • عيد اچي وئي
  • • دلچسپ قصو
  • • محفل
  • • بَلَي بَلَي
  • • واڱڻ وائِي
  • • هٿ هلاءِ
  • • ماءُ جي دعا
  • • سنڌي سڀئي گڏ ٿيو
  • • ڪم جون ڳالهيون
  • • محنت مٺا چڱي آ
  • • او ڍولڻ
  • • گلن جا هار
  • • ڪاميابيءَ جا اصول
  • • او ڀائو
  • • هُو به ته تو جيئن آهي ٻار
  • • پٿر تي ليڪ
  • • هُون مان هُون
  • • مرضيءَ جو مختيار
  • • هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ آهن
  • • ٻارن جهڙا پيارا ۽ وڻندڙ نظم

  • • ارپنا

    هيءُ ڪتاب
    وڏي ادب ۽ احترام سان ارپيان ٿو
    پنهنجي امان سانئڻ ۽ بابا سائين کي
    جن طرفان مليل محبت، تربيت، رهنمائيءَ ۽ دعائن
    دنيا ۾ محنت، نوِڙت ۽ عزت واري واٽ وٺرائي
    ڪاميابين سان همڪنار ڪرايو آهي،
    ۽
    جن جي وڇوڙي کان پوءِ سندن يادون
    ائين لڳنديون آهن جيئن
    اونداهيءَ ۾ روشني،
    جيئن پرهه ڦٽيءَ جي هير،
    ۽ جيئن نٽهڻ اُس ۾ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ.

    مختيار سمون


    • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (160) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”گُلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻارَ“ ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ مختيار سمون صاحب آهي.
    هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، لک قرب محترم مختيار سمون صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ٻه اکر

    ٻارن لاءِ لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر، ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي. ڪنهن ليکڪ کي اهو حصو وڌيڪ ملندو آهي ته ڪنهن کي گھٽ ۽ ڪنهن کي بنهه نه.
    سائين مختيار سمي بابت ڇا ٿا سمجھو؟ سائين مختيارُ ڀلِي ته انگريزي ٻولي سيکاريندڙ اداري “ناليج سينٽر” جو باني، “لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو سيڪريٽري آهي ۽ “آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي”، “سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي” ۽ “چائيلڊ رائيٽس ڪاميٽي لاڙڪاڻي” سان سلهاڙيل، سنڌي ٻوليءَ جو نامور شاعر، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ مشهور شخصيت به آهي، پر انهن سڀني کان اڳ ۾، هُو ٻارن جو شاعر آهي. 1974ع ۾، هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪئي ۽ ڪيترائي سهڻا نظم لکڻ بعد، ٻارن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ـــــ 1983ع ۾ “دنيا آهي گول” ۽ 1990ع ۾ “ڌرتي روشن ٿيندي” ـــــ به ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن جي اڀياس سان ڄاڻي وٺبو ته سائين مختيارَ نه صرف ٻارن لاءِ لکيو آهي، پر ٻارُ بڻجي به لکيو آهي، جيڪو انتهائي ڏکيو هوندو آهي. پر افسوس، ته سائين مختيارُ هوري هوري “مصروفيتن” جِي پَڪڙ ۾ اچي ويو ۽ ٻارن لاءِ لکڻ کان پرڀرو ٿي ويو.
    هاڻ، جڏهن انهن ٻنهي مجموعن مان چونڊيل شاعري، هن ڪتاب “گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار” جي رُوپ ۾، اوهان جي هٿن ۾ آهي، ته ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي، پر خواهش به ٿئي ٿِي، ته جيڪر سائين مختيار هڪ ڀيرو ٻيهر ٻارن لاءِ لکي، ڇاڪاڻ ته اهو ضروري آهي ته اسان جا سينئر اديب ٻارن لاءِ لکن، وڏو بڻجي به لکن ته ٻار بڻجي به لکن. اسان جي سنڌي ادب ۾، ٻارن جو ادب اڳي ئي گھٽ آهي، ويتر جو ٻارن لاءِ لکندڙ گھٽبا، ته نئين نسل کي نئون ادب ڪيئن ملندو؟ اسان جو نئون نسل ئي اسان جو آئندو آهي، اسان کي ئي ان جو ساٿ به ڏيڻو آهي ته رهنمائي به ڪرڻي آهي. ان ڪري، ايڏو ئي ڌيان ٻارن جي ادب تي به ڏيڻو پوندو جيڏو وڏن جي ادب تي ڏيون ٿا. مهرباني.

    رياضت ٻرڙو
    26 جنوري 2015ع، لاڙڪاڻو


    • گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار

    مان پنهنجي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب سنڌي ٻارن لاءِ پيش ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب منهنجي ٻن شعري مجموعن “دنيا آهي گول” ۽ “ڌرتي روشن ٿيندي” جي گڏيل صورت آهي. ٻارن لاءِ شاعريءَ وارا منهنجا اهي ٻئي ڪتاب ترتيبوار 1983ع ۽ 1990ع ۾ ڇپيا هيا ۽ جلد ئي مارڪيٽ مان ختم به ٿي ويا هيا. جن ٻارن ان زماني ۾ اهي ٻئي ڪتاب پڙهيا، اهي هاڻي ماشاءالله جوان آهن ۽ انهن مان گهڻن کي پنهنجا ٻار به آهن.
    پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو اها پنهنجي جاه و جلال سان هميشه دائم ۽ قائم رهندي پر پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دولت سان مالا مال ٿي، ٻين ٻولين ۽ دنيا جهان جي علمن جي ڄاڻ به آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهبي آهي.
    انهيءَ مٿينءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي ضروري سمجهيم ته ٻارن لاءِ شاعريءَ جي پنهنجن ٻنهي آڳاٽن مجموعن کي ٻيهر ڇپرائي، اڄ جي گلن جهڙن ٻارڙن کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪيان، پر دوستن جي صلاح تي ٻنهي مجموعن مان چونڊ شاعريءَ کي گڏ ڪري، ان کي هِن هڪ ڪتاب ۾ شامل ڪري، اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. مٿي ڄاڻايل پهرين ٻنهي ڪتابن ۾ مهاڳ وارا مضمون، جيڪي ناميارن شاعرن استاد بخاريءَ ۽ نصير مرزا لکيا هيا، اهي به پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ، شاعري جي آخر ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا اٿم.
    مون کي اميد آهي ته ٻارن لاءِ رچيل هيءَ شاعري اوهان کي به نه رڳو دلچسپ لڳندي، پر اها هميشه اوهان جي ساٿ ۾ رهي اوهان کي پنهنجين منزلن تي پڄڻ جو اتساهه به ڏيندي رهندي.

    مختيار سمون
    03003410640
    03337568330


    • دعا

    منهجا سائين الله سائين
    هيل به شل ڪي مينهن وسائين

    هارين جي گهر ۾ اَنُ ڪونهي
    تن جون ٻنيون سبز بڻائين

    بي گهر آهن بادل وارا
    تن کي شل ڪنهن ڇپر لائين

    ڏونگر ڏاڍو آهه ڏکويل
    تنهن کي خوشيون کوڙ رسائين

    روز روئي ٿي ماءُ مُني جي
    اُن جا سڀئي درد مٽائين

    ويجهو آ امتحان اسان جو
    محنت ۾ ڪا سوڀ سمائين

    بابو کوڙ ڪمائي پئسا
    شال انهيءَ جو ڀاڳ وڌائين

    جيڪو به جت منجهيل آهي
    ٻيڙ ان جا ٻَني لائين

    غربت جي ڪا پاڙ پٽيندين
    ‘ڪينجهر’ کان ‘ڪارونجهر’ تائين

    هڪٻئي تي ٿا بم وَسائن
    دنيا وارن کي سمجهائين

    جڙيو رکين جڳ سڄي کي
    تنهن سان گڏ هي ديس وَسائين

    *


    • گُهمو لاڙڪاڻو

    ڇڏيو ٻارو نخرا، ڪيو ڪين ماڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    هي ڦاٽڪ، هو جائيلس جي بازار آهي،
    هي جاڙل بخاريءَ جي درٻار آهي،
    ھي بنگلو ڀُٽي جو، ھو اسڪول انڊس،
    ھي اسٽاپ بس جو ۽ هو آهي ٿاڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    ھي ناليج سينٽر، هو ڪاليج ڊگري،
    ھو سمبارا ھوٽل ڏسو ٿورو نڪري،
    ھتي چانهه چُشڪي، ختم کنگهه خشڪي،
    گهرايون پيالا، هجي ها جي ناڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    ھي وچ روڊ تي آهي سئڪارنو ٽاور،
    ٻه ٽي گامون اڳتي آ هائوس پاور،
    هي بئنڪون، وڏا روڊ، جايون هزارين،
    گهمو ڪيو بَهاري، نه ٿيندو سڀاڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    هي ڪئنال آهي، مگر رائيس سڏجي،
    وڃي ٿو سڌو پر نه ٿو ڪنهن سان گڏجي،
    هتان کان ڏسو هو آ لاهوري محلو،
    جٿي ڪاڪو ٺوڙهو ٿو کائي هنداڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    خدا آباد محلو، هي محلو دڙي آ،
    هتي ٽينڪ جنگ واري پڪڙيل کڙي آ،
    هي اسٽيشن جو رستو سڌو آهي پيارا،
    انڌو به نه ڀلجي، نه ڪو ڀلجي ڪاڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    هي ڪالوني مَينهِنِ جي، هو رحمت پور آ،
    هتي کوڙ شاعر ۽ منهنجو به گهر آ،
    هتان ريل گذري آ ويندي قنبر ڏي،
    ڀڳل جو ٿو ڏسجي سو ڪوٺو اباڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    هي گوڙوءَ جو گهر آ، هو مومل جي ماڙي،
    اسان کي ڏسي ڪيئن کنهي ٿو ڪِياڙي،
    پِنِيءَ تي سُٿڻ، پيٽ ڍولڪ بڻائي،
    رُلي ٿو پيو ڪيڏو، هو آهي اياڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    مڇي مارڪيٽ ۽ سبزي منڊي هو،
    هي چاچو پٽاٽو ۽ خيران کنڊي هو،
    رپئي پاءُ پالڪ، ٽَڪي سير کاڄا،
    مري وئي آ مومل، بچو ڪو نه راڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    اسان کي آ ويجهو موهن جو دڙو هت،
    وڃي ٿي هي لاري، تڪڙ ۾ چڙھو هت،
    ڪرايو ڏجو هاف، اسڪولي آهيون،
    اچي ٿو هو منشي لڳي ٿو ڪو سياڻو،
    گهمايان توهان کي ٿو مان لاڙڪاڻو.

    *


    • شاگرد آھيان

    منهنجو پيار ڪتابن سان،
    ۽ تن کي پڙهڻ وارن سان،
    مان شاگرد آھيان، شاگرد آهيان.

    پين جي آھي مون سان ياري،
    مون کي ڀي ھوءَ آھي پياري،
    لکندي آھي لامارن سان،
    مان شاگرد آھيان، شاگرد آهيان.

    ڪاري مَسُ ۾ ساهه آ منهنجو،
    بوڪ ته ڄڻڪ ڀاءُ آ منهنجو،
    سنگت آھي ستارن سان،
    مان شاگرد آھيان، شاگرد آهيان.

    ڪنهن سان منهنجي ڪلفت ناھي،
    سڀ سان منهنجي محبت آھي،
    اڇن توڙي ڪارن سان،
    مان شاگرد آھيان، شاگرد آهيان.

    منهنجا ساٿي هيڻا ناهن،
    سڀ بهادر ٻيڻا آھن،
    سچ چون ٿا نعرن سان،
    مان شاگرد آھيان، شاگرد آهيان.

    *


    • ڊُڪ ڙي گهوڙا

    شهر جا رستا آهن سوڙها،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    رستي ۾ ڪِٿِ رُڪڻو ناهي،
    ڪنهن جي آڏو جُهڪڻو ناهي،
    وٺ هوشياري، ڇڏ تون موڙا،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    جُمن جهڙو جوان چڙهيل آ،
    گهر جو ڏئي اَنُ پڙهيل آ،
    ياد ڪيائين ڪڏهن نه کوڙا،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    اچو ڙي يارو گرمي آهي،
    ڀاڙي ۾ اڄ نرمي آهي،
    ياد ڪندئو ڇا پڪا، پوڙها،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    رستو ڇڏ ڙي او گوپالا،
    مفت مري ويندين او لالا،
    ٺوڙهه ٺڙنگ ٺنگ ٺا ٺا ٺوڙها،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    گھوڙو ھي راڪيٽ آهي ڄڻ،
    لَڪڻ ڏيکاريان پوءِ ته هڻ کڻ،
    ڀڄي پري ٿيو سڀ ئي ٻوڙا،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    واھه واھ گيت خوشيءَ جا ڳايان،
    تنهن کي مفت ۾ سير ڪرايان،
    کاڌا آهن جنهن ڀي ڪوڙا،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    تون جي خوش آن، مان خوش آهيان،
    تون جي ڊوڙين، آءٌ ڪمايان،
    گاھ تون کائين، آءٌ پڪوڙا،
    ڊڪ ڙي منهنجا پيارا گهوڙا.

    *


    • لطيف جو ميلو

    ڇا لاءِ ٻُوٿ ڪرين ٿو ڀيلو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    مولا پنهنجو مالڪ آهي
    کوڙ ڏيندو پئسا پهچائي
    نه ته کپائينداسين ڇيلو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    ڀٽ ڌڻي کي ڀيٽا ڏيئي
    پيار جو خوب ڀرينداسي هي
    يار ڪتابن وارو ٿيلهو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    نچندا ڪڏندا، کلندا ٽلندا
    ڇوڪرا سڀ اسڪول جا هلندا
    هلندو ساڻ سائين اربيلو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    گُلو ڦُلو ولو هلندو
    رمون هلندو ڪمون هلندو
    ڪيئن رهبو هت پاڻ اڪيلو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    شعر ڏنو مختيار آ ٺاهي
    هاڻ ٻڌاءِ تون ان کي ڳائي
    پوءِ گڏ ويهي کائون ڪيلو
    آيو ڄاڻ لطيف جو ميلو

    *


    • جيئَنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    اَي بِي سِي ڊِي اِي اَيف اَين
    جيئنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    ڊاگ ڪتي کي، ڪئٽ ٻليءَ کي
    ڪڪڙ کي ڪوٺيون ٿا هَين
    جيئنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    قلم سليٽ جو دَور ويو نڪري
    اڄڪلهه آيو بوڪ ۽ پين
    جيئنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    وِنجڻا ڪاٺيون ڪين لڀن ٿا
    هر گهر ۾ آ هيٽر فين
    جيئنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    محنت پنهنجي هلندي رهندي
    واءُ لڳي يا وسي رَين
    جيئنِ سڀ سنڌي چلڊرين

    *


    • وئڪيشن

    ماڻيو موڪلن جو مزو ڙي ..... هلو ڙي،
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.

    ائين گهر ۾ ويهي ڪُڪُڙ بڻجي وڃبو،
    گهمڻ ۽ ڦرڻ جو ڪيو ڪجهه بِلو ڙي ..... هلو ڙي.
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.


    کڻو سِيٽيون باجا، هلي اُتِ وڄايون،
    وٺو صوف ۽ نارنگيون پنج ڪلو ڙي ..... هلو ڙي.
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.

    نه پئسي جي پرواھ، نه مانيءَ جي ڳڻتي،
    اسان سان جو گڏ آهي سائين ڀلو ڙي ..... هلو ڙي.
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.

    سنڌو ڀي اتان ويجهو آ تنهنڪري،
    هلي کائجي ڪو سنڌوءَ جو پلو ڙي ..... هلو ڙي.
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.

    ڏسو ڪيئن ٿي زرڙاٽ سان بس هلي،
    ڏيئي زور سان ٽهڪ سڀئي کِلو ڙي ..... هلو ڙي
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي .....هلو ڙي.

    اچي ڄاڻ پهتاسين منزل تي هاڻي،
    لڳائي سِيني ساڻ سِينو مِلو ڙي ..... هلو ڙي.
    موهن جي دڙي تي هلو ڙي ..... هلو ڙي.

    *


    • منهنجيءَ شاديءَ جون ڳالهيون

    مڙس ته مان اڻموٽ ڀلو ميان،
    هڪ ڏينهن ٿيندس گهوٽ ڀلو ميان.

    منهنجي شاديءَ جون هي ڳالهيون،
    ڳائيندو پيو ڳوٺ ڀلو ميان.

    ڪاريون، جيپون، لاريون هلنديون،
    هلندس پائي ڪوٽ ڀلو ميان.

    يار ٻار سڀ جهمريون پائي،
    گهوريندا پيا نوٽ ڀلو ميان.

    چاچي کي پرچائي ايندو،
    سوڍل منهنجو سوٽ ڀلو ميان.

    ٻڪريون ڪسنديون ديڳيون لهنديون،
    نالو ٿيندو چوٽ ڀلو ميان.

    من آ منهنجو موتين جهڙو،
    ناهي تنهن ۾ کوٽ ڀلو ميان.

    *


    • ڀِينڊو

    دال نه کائي، کائي ٽينڊو،
    هن سان ملجو هي آ ڀينڊو.

    ننڊ مان سج اُٿاري هن کي،
    روز پِڻَهس به ماري هن کي.

    ماني کائي منهن پوءِ ڌوئي،
    پئسن جي لاءِ روز ٿو روئي.

    ٺوڙھ گليلو، پير اُگهاڙا،
    رُلي شهر جا سڀئي پاڙا.

    ڪونه پڙهيو هڪ لفظ به ڏائڻ،
    سِکيو رڳو ئي ماني کائڻ.

    ڪوئي هن سان ڪونه ڳالهائي،
    ڪنهن سان هن جو ٺاھ ئي ناهي.

    رڙيون ڪُوڪُون پار ڪڍي پيو،
    ڪم نه ڪوئي ڪار ڪري ٻيو.

    گهر ۾ سڏجي چونڪ جو چنڊو،
    ٻاهر انڌو منڊو کنڊو.

    جمعا، سرمد، مرچ، سوڀارا،
    ڳالھ ٻڌو هي منهنجي پيارا.

    رُلندر ٻار نه پڙهندو جوئي،
    ڀينڊي وانگر رُلندو سوئي.

    *


    • پائليٽ ٿيندس

    لکي پڙهي آءٌ ته سائين،
    پائليٽ ٿيندس، پائليٽ ٿيندس.

    سنڌ مٿان راڪيٽ اڏائي،
    دادُ سنڌين کي ڏاڍو ڏيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    پنهنجي ساٿين کي ويهاري،
    دنيا جا مان سير ڪرائيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    گهوٽ ڀٽائي جي روضي تي،
    گُل ڇٽيندس، ڦيرا ڏيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    وطن جي غدارن تي مان،
    وڏا وڏا بم ڪيريندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    س ۾ ڪنهن تي ظلم نه ٿيندو،
    پاڻ بيهي مان پهرا ڏيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    کلندو رهندو سڀڪو هتڙي،
    روئيندو ڪنهن کي ڪونه ڇڏيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس،
    آءٌ ته سائين پائليٽ ٿيندس.

    *


    • ڌرتي روشن ٿيندي

    سجَ ڪڍيو مُنهن، آءٌ به جاڳيس،
    جذبو آهي مون سان ساڻ
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.

    لَش پَش ٿي اسڪول ڏي وڃبو
    پڙهبو لکبو وڌندي ڄاڻ
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.

    چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏبا،
    همت هشمت محنت ساڻ،
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.

    ڪين کپي ڪنهن ٻئي جي قوت،
    پنهنجو ڪم ڪندس مان پاڻ،
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.

    شال رهي آباد سدائين،
    سنڌڙي منهنجو آهي وٿاڻ،
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.

    *


    • راند ڦٽائڻ وارا ڪاڪا

    راند ڦٽائڻ وارا ڪاڪا،
    گهرڙا ڊاهڻ وارا ڪاڪا.

    ڪنهن سڏايئي، ڪاڏهون آئين،
    ڪهڙو حق ٿئي، ڇا ٿو چاهين.

    سسئي جا رانديڪا ساڙي،
    ڪهڙو بيٺين وير تون پاڙي.

    گهر جو تاب اسان تي هاريئي،
    مومل کي ڏَس ڇا لاءِ ماريئي.

    رات گُڏي جي ٿئي ها شادي،
    ان جي آندئي ڇو بربادي.

    معصومن جو ڏِيل ڏري ٿو،
    ڏس ڇا تنهنجو هيانءُ ٺري ٿو.

    تنهنجو ڀي جي گهر ڪو ڊاهي،
    ۽ سڀ سک آرام ڦٿائي.

    پوءِ تون روئندي لڇندين پڇندين،
    ڏَس او ڪاڪا ڪجهه به نه ڪُڇندين.

    بيهه ته مان بابَي کي سڏيان،
    ڀائو کي ڀي اُن سان گڏيان.

    پوءِ ڏسون ٿا ڪاڏي ويندين،
    ڏنڊا وَسندا جاڏي ويندين.

    *


    • واهه واهه سائين

    لاڙ جو پلو، ڪوٽ جي گوبي، ڀِٽ جو ميلو،
    اهڙو آ جو، واهه واهه سائين.

    ڪچو گوگڙو، رڌيل تُوري، پَڪل ڪيلو،
    اهڙو آ جو، واهه واهه سائين.

    اَڇي ٻڪري، ڳاڙهي ڪُڪڙ، ڪارو ڇيلو،
    اهڙو آ جو، واهه واهه سائين.

    قلب جي سائيڪل، تنهنجي عينڪ، منهنجو ٿيلهو،
    اهڙو آ جو، واهه واهه سائين.

    ڏينهن آچر جو، ۽ وري ڀائو شام جو ويلو،
    اهڙو آ جو، واهه واهه سائين.

    *


    • ڏاڍو هيل سيارو آيو

    سدري جرسي سوئيٽر پائي تنهن مٿان مون ڪوٽ لڳايو،
    پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هَيل سيارو آيو.

    ڪوسِي پَلي ماني کائي، چانهن جو آ مون ڊوز لڳايو،
    پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

    چُلهه تي باھ جو مچ لڳائي، اجرڪ سان مون پاڻ لڪايو،
    پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

    خط لکي مون ادا وڏي ڏي، ڪوئِٽا مان آ ڪمبل گهرايو،
    پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

    ڪَنڌين بدران ڀتيون ٺاهي، توڙي جاءِ کي در وجهرايو،
    پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

    سج لٿو آ سيءُ لهي پيو، ڦتو ڦڪڙ راند ڦِٽايو،
    ڇو جو کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

    *


    • مامي چنڊ جي شاديءَ جي دعوت

    اچ ڙي ماما چنڊ لهي آ،
    تارن کي ڀي ساڻ وٺي آ.

    موسم ڪائي واندي ناهي،
    اوندهه ڪئي دل ماندي آهي.

    رات گُڏي جي شادي ٿيندي،
    تون جي نه هوندين تعدي ٿيندي.

    توکي ڪا تڪليف نه ايندي،
    تننهنجي ڏاڍي خدمت ٿيندي.


    تو کان پيارو ناهي ناڻو،
    تنهنجو سهبو هر هڪ ماڻو.

    تنهنجا تارا بور نه ٿيندا،
    ٻارن سان خوش ڏاڍو ٿيندا.

    تارن کي کنڊ کير پياري،
    خرچيون کوڙ ڏينداسين ساري.

    مولُو، ڀولُو، ڍولُو، وارا،
    ايندا ڳوٺ جا ڇوڪرا سارا.

    مريم، راڻي، سهرا چونديون،
    ڀَتَ مٺي جو ديڳيون لهنديون.

    تو تان گهورون گهور گهمائي،
    نچندا ڄاڃي ڇيريون پائي.

    هر ڪو کِلندو ٽِلندو رهندو،
    ماما ڏاڍو مزو ايندو.

    ڀاڻيجيءَ جو عرض مڃيندين؟
    ڏَسِ او ماما، پڪ سان ايندين؟

    *


    • الله واهي

    تاڙين جو آواز ملايو، پيار وچان پوءِ سڀئي ڳايو
    ساجن سوڍا گامون گاهي، الله واهي الله واهي.

    جت هجو اُت سوڀون ماڻيو، سوڀون ماڻي سينا تاڻيو،
    ڪا نه ٿئي ڪنهن سان ڏاڍائي، الله واهي الله واهي.

    محنت سان ائين ماڳ به ايندو، ماڳ ته ڇا گڏ ڀاڳ به ايندو،
    ملندي هر ڪنهن کي واڌائي، الله واهي الله واهي.

    ڏُکڙا سُکڙا گڏ گهارياسين، قول سڀ ئي پنهنجا پاڙياسين،
    ڪڻو ڪڻو ڪيو هاءِ جدائي، الله واهي الله واهي.

    ڀاڪر پايو سيني لايو، معاف ڪجو هي کِليو کِلايو،
    مِلون الائي ڪَلَ نه ڪائي، الله واهي الله واهي.

    خانو کبڙ تيار ٿيا هن، گيت گهڻا مختيار کنيا هِن،
    اٿو هلو هوءَ گاڏي آئي، الله واهي الله واهي.

    *


    • اچو ته ڪيون قرب جون ڳالهيون

    ڇڏيو ڙي چانهن جي پَچَر، ڀڄو ڙي پان کان ٻارو،
    کائي مکڻ مکيل ماني، پيئون ٿا ڏُڌَ جو جهارو.

    اسان کان ڪونه ٿي کاڌي ٿئي هر روز پئي ماني،
    رڌايون ڀَتُ پَٽِڙو ٿا ڪري اڄ ڪڻڪ جو ڏارو.

    پَلي ڏاڍي ڀلي ٿي آ، سرنهن جو ساڳ به پهتو،
    اچي اسڪول کان موٽي، وٺون ٿا واهه جو وارو.

    سچا آهيون، سچي محنت، سچي گِهه ۾ سچيون بسريون،
    سچي نيت سان کائو ڙي، ڇڏيو نخرا کڻي ٻارو.

    پڙهون ٿا رات جو ويهي، ڏڪون ٿا سيءَ ۾ ڏاڍو،
    ڪري ڪاٺيون هڻون ڪو مچ، پوي ٿو پيو وڏو پارو.

    اسان سنڌي سٻاجها سڀ، اسان جو ڇا قدورت سان،
    اچو ته ڪيون قرب جون ڳالهيون، هڻو ڪو نينهن جو نعرو.

    *


    • نئون سال

    ڌرتيءَ باغ بهاري ٿيندي
    ماروئڙا ٿيندا خوشحال
    آيو نئون نڪورو سال

    ڏک جا پاڇا مِٽجي ويندا
    لهندو هر ڪنهن تان جنجال
    آيو نئون نڪورو سال

    ديس دروهي بيگانن ۾
    مولا پاڻ ئي وجهندو قال
    آيو نئون نڪورو سال

    سچ جون ڳالهيون هلنديون رهنديون
    ڪوڙن جي ڪين ڳرندي دال
    آيو نئون نڪورو سال

    جيئڻ خاطر ڇا ڪرڻو آ
    اچ ته ونڊيون ويهي هال
    آيو نئون نڪورو سال

    گامون، ڀولُو جهومر پايو
    بابي آندو آ نئون بال
    آيو نئون نڪورو سال

    *


    • توبهه زاري

    سچ چئبو توڙ ٽٽي ياري،
    ڪوڙ وڏي آهي بيماري،
    توبهه زاري.

    چوري ۽ چُغليءَ سان ڀائو،
    نيڪين ته پوندي آ واري،
    توبهه زاري.

    مَيرن ماروئڙن کان نفرت،
    قيامت ڪرڻي آهي ڪاري،
    توبهه زاري.

    ديس لاءِ محنت کان ڪِيٻائڻ،
    سنئين سڌي آهي غداري،
    توبهه زاري.

    ڳاٽ جُهڪيو جي هيڪر پيارا،
    داغ نه لهندو عمر ساري،
    توبهه زاري.

    *


    • ملڪ مٺائي

    گهوڙو کائي گاهه سدائين،
    جيئي منهنجو ڀاءُ سدائين.

    مکڻ رپئي سير کپي شل،
    پَلو پئسي پاءُ سدائين.

    تون ته اسان جو ڍولڻ آهين،
    اچ اسان وٽ آءُ سدائين.

    ڀيڄ ڀٽائي، ملڪ مٺائي،
    پيٽ ڀري تون کاءُ سدائين.

    ڪُوڙَي جي شل ٺوڙهه ڀڄي ڪا،
    بک مري، ٿئي پاھُ سدائين.

    جيئو جيئو، سال ۽ صديون،
    لڳي نه ڪوسو واءُ سدائين.

    جُڳ جُگ جيئي بابو منهنجو،
    مُرڪَي ويٺي ماءُ سدائين.

    سنڌ کان جيڪو منهن موڙيندو،
    ان سان ناهي ٺاهه سدائين.

    *


    • چڱا مڙس ٿيندؤ

    وڏي دل ڪيو ٻارو، هلو سينا تاڻي،
    اوهان ئي وڏا ماڻهو ٿيندَو سڀاڻي.

    وڙهڻ ۽ لڙڻ سان، چڱو ڪو نه ٿيندو،
    پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ وارو منزل ٿو ماڻي.

    هي غربت جي حالت هميشه نه رهندي،
    آ همٿ اها شيءِ جا سوڀون ٿي آڻي.

    نه پئسو، نه ملڪيت، نه ئي ٺٺ ٺانگر،
    وٺي ٿو سو عزت، جو عزت ڏئي ڄاڻي.

    چڱا ڪم ڪندو جو، چڱائي سان رهندو،
    برا ڪم ڪندو جو، سو پوندو آ ٿاڻي.

    توهان جو چيو پوءِ، سڀڪو مڃيندو،
    توهان ڀي وڏن کي، مڃيندؤ جي هاڻي.

    اٿو هاڻي ٿيلها کڻو ڪيو تياري،
    توهان کي وٺي ٿو هلان لاڙڪاڻي.

    *


    • ٺوڙهو ٺِڪِري

    پاڙي وارو ڪاڪو ڪَنڊو
    اک کان ڪاڻو، ڄنگهه کان منڊو

    ڪالهه صبح جو ٺوڙهه ڪرائي
    تنهن کي ڏاڍو تيل هڻائي

    ٺاڪ ٺوڪ سان ڪپڙا پائي
    ٺوڙهه کي شيشي جيان چمڪائي

    ڇولن جو هڪ ٿالهه رڌائي
    تنهن کي ٽانگي ۾ وِجهرائي

    جيئن جو ڪلهه اسڪول ۾ آيو
    ٻارن ڏاڍو شورُ مچايو

    ٺوڙهو ٺِڪري ساهه ويس نڪري
    چئي ٿي ڪاڪي کي چيڙايو

    ڪنهن ٿي مَس سان ليڪو پايو
    ڪنهن تي ٺوڙهه تي ٺونگو لڳايو

    ڪاڪو ڪاوڙ ۾ ويو ٺري
    ڪونه آيو اسڪول ڏي وري

    \*


    • اڄ جو ٻار چوي ٿو

    ڇو ويهي ٺاهيون ڪاٺ جا گهوڙا،
    ڪاغذ جون ٻيڙيون ڇو ٺاهيون؟
    اڄڪلهه ائٽمي دَور آ پيارا،
    گڏجي ساڻس ڊوڙ پڄايون.

    ڇو ويهي گڏين سان کيڏون،
    ڇا لاءِ ڪاغذ جا گل ٺاهيون؟
    جن مان جڳ جڳ خوشبوءِ ٿئي،
    اچو ته اهڙا گل اپايون.

    ٻي دنيا راڪيٽ اڏائي،
    اسان اڃا رانديڪا ٺاهيون!
    اچو اچو او پيارا ٻارو،
    ترقيءَ ڏانهن اڄ قدم وڌايون.

    *


    • دنيا آهي گول

    سنڌ اسان کي پياري آهي
    ٻارڙا ٻولن پيا هي ٻول
    اچ ته ڀائو هلون اسڪول

    پڙهندو جيڪو مانُ سو لهندو
    رُلندو جيڪو سڏبو رول
    اچ ته ڀائو هلون اسڪول

    ڪوڙ ٺڳي ۽ نفرت کي ڇڏ
    پيار جا دل ۾ درڙا کول
    اچ ته ڀائو هلون اسڪول

    بيهي سهڪُ نه، هلندو رهه
    ڇو جو دنيا اهي گول
    اچ ته ڀائو هلون اسڪول

    جيڪو حق ۽ سچ ٻڌائي
    اهڙا پنهنجا رهبر ڳول
    اچ ته ڀائو هلون اسڪول

    *


    • پياري امڙ

    ڪيڏي آهي پياري امڙ
    جيءَ جي آهي جياري امڙ

    ڇرڪ ڀريان جي ننڊ ڪندي مان
    ويهي رات گذاري امڙ

    دير اچان اسڪول کان ڪڏهن
    ويٺي پير سنڀاري امڙ

    ڪين کاوان جي ڪاوڙ کان ڪجهه
    زوريءَ کير پياري امڙ

    ڌڪو ايندي ڌڪُ لڳي جي
    لڙڪ اکين مان هاري امڙ

    مختيار جندڙي گهور انهيءَ تان
    جا جِندُ تو تان واري امڙ

    *


    • کيل ناهي ٻيو ڇاهي

    ڏس ڪيئن ٽَئپ ڳالهائي پيارا
    اهو کيل ناهي، ٻيو ڇاهي پيارا

    ڪَئسِٽ وجهي ٿو بٽڻ دٻايان
    هيءَ ڏاڍا راڳ ٻڌائي پيارا
    اهو کيل ناهي ٻيو ڇاهي پيارا

    هُو ڏس ٽي وي ڪيئن هلي ٿي
    ڪيئن ٿو ڪاڪو ڳائي پيارا
    اهو کيل ناهي ٻيو ڇاهي پيارا

    آفت جيڏي ريل کي ماڻهو
    ڪيئن ٿو ڏس هلائي پيارا
    اهو کيل ناهي ٻيو ڇاهي پيارا

    ٻارهن پورا ٿيڻ تي گهڙيال
    ڪيئن ٿو بيل وڄائي پيارا
    اهو کيل ناهي ٻيو ڇاهي پيارا

    ڪيو ڪمال آ انسانن ڀي
    اهڙيون شيون ٺاهي پيارا
    اهو کيل ناهي ٻيو ڇاهي پيارا

    *


    • راند رچايون

    پري رکي رانديڪا اڄ سڀ
    ڇو نه حقيقت کي ڳل لايون
    اچو ته ٻارو راند رچايون

    گُڏي گُڏِي جا هار لاهي
    هلي ڪمونءَ کي ٿا پارايون
    اچو ته ٻارو راند رچايون

    عاشو بک کان ليلائي ٿو
    کيس هلي ماني کارايون
    اچو ته ٻار راند رچايون

    سبق وٺي استاد کان پوءِ سڀ
    شاهد کي ٿا هلي پڙهايون
    اچو ته ٻارو راند رچايون

    ڪوڙي گاڏي ڪونه هلي ٿي
    سچيءَ تي ڪي چڪر لڳايون
    اچو ته ٻارو راند رچايون

    *


    • راڻي باغ جو سير

    ڇو منڊيءَ جو يا ڪاڻيءَ جو
    اڄ باغ گهمون ٿا راڻيءَ جو

    هي گدڙ آ پَر گيدي آهي
    شينهن به هتڙي قيدي آهي
    واڳون مالڪ پاڻئ جو
    اڄ باغ گهمون ٿا راڻيءَ جو

    مورن جو هتي مانُ نه آهي
    بگهڙ به ٿو خانَ سڏائي
    ڀاڳ برو مالهياڻيءَ جو
    اڄ باغ گهمون ٿا راڻيءَ جو

    ڏس باندر ڍول وڄائي ٿو
    ۽ ڀولو ڪلٽيون کائي ٿو
    بس انَت ٿيو آکاڻيءَ جو
    اڄ باغ گهمون ٿا راڻيءَ جو

    *


    • عيد اچي وئي

    جيئين سدائين جيجل ماءُ
    جلدي ڪر اٿ عيد اچي وئي

    ديڳڙا سڀ جا ڇون ڇون ڪن ٿا
    تون به ڪي حلوا ڊڳڙ پچاءِ
    جلدي ڪر اٿ عيد اچي وئي

    خرچي مون کي کوڙ ڏجانءِ اڄ
    نوٽن سان ٻيا نوٽ ملاءِ
    جلدي ڪر اٿ عيد اچي وئي

    ڳاڙهي ميندي هڻ هٿن کي
    خوب خوشيءَ جا سهرا ڳاءِ
    جلدي ڪر اٿ عيد اچي وئي

    صابو راڻو ڏس جرڪن ٿا
    مون کي به ڪي وڳا ڍڪاءِ
    جلدي ڪر اٿ عيد اچي وئي

    *


    • دلچسپ قصو

    سانوڻ مرچو راما ٻائي
    ڊوڙي اچي ڳالهه ٻڌو هي
    ڏاڏيءَ مون کي ڪالهه ٻڌائي

    اڄ کان ڪي ئي سال اڳي
    اونهاري ۾ ڪنهن جمعي تي
    شام جو شايد ڇهين وڳي
    تيز ڏکڻ کان آئي واءُ
    جهوپيون ڍنگر سڀ اڏي ويا
    ۽ اُڏي وئي گوڪل ماءُ
    گوڪل موٽي گهر جو آيو
    ماءُ کي گهر ۾ ڪو نه ڏسي
    پاڙي ۾ هي پڙهو گهمايو
    جيڪو امڙ کي ڳولهيندو
    پاپڙ تنهن کي کوڙ ڏيندس مان
    سوئي ٻالڪ سورهيه ٿيندو

    سانوڻ مرچو هاڻي اٿو
    هڪ ڪري ڏيو اُڀ ۽ ڌرتي
    گوڪل ماءُ کي ڳولهي اچو

    *


    • محفل

    ڳوٺ جا ڇوڪر سڀ سڏائي
    ڪالهه قلب هت مزا مچايا

    مهمانن کي مانُ ڏيڻ لاءِ
    عارب اٿي هٿ ملايا

    ٽوپي اجرڪ پائي حاڪم
    ڳچيءَ هار گلن جا پايا

    لالڻ ڳايا شعر لطيف جا
    ساجن ويهي ساز وڄايا

    جهومي جهومي جوش مان جانڻ
    جيئي لطيف جا نعرا لڳايا

    محفل جي آخر ۾ آدم
    ڳاڙها ساوا ڪيڪ ورهايا

    *


    • بَلَي بَلَي

    هُو ڏس ڪيئن ٿي رَيل هلي،
    واهه واهه سائين بلي بلي،
    واهه واهه سائين بلي بلي.

    ڪٿي ڪراچي، ڪٿي آ ڪوئٽا،
    شهر ڇڏيا ٿئين رَلَي رلَي،
    واهه واهه سائين بلي بلي.

    ڀڄندي منزل ڏانهن وڃي پئي،
    خوشيءَ مان ٿي ٽِلي ٽِلي،
    واهه واهه سائين بلي بلي.

    ماڻهن کي هوءَ تيار ڏسي پوءِ
    ڪُوڪَ ڪري ٿي کِلي کِلي،
    واهه واهه سائين بلي بلي.

    پاڻ تي ڪيڏو بار کڻي ٿي،
    سور نه ڪنهن سان سَلَي سَلَي،
    واهه واهه سائين بلي بلي،
    واهه واهه سائين بلي نلي.

    *


    • واڱڻ وائِي

    مولو تڳيا گلان خيري
    وقتَ ڏسو ڪيئن کاڌي ڦيري
    ڀائو ويٺو ٻوڙ رڌي ٿو
    ڀاڀِي کٽ تي آهي ڍيري

    لونگ متيرا جمعا لالُو
    وقت ڏسو ڪيئن ٿي پيو چالو
    گڏهه ڪلهي تي، پاڻ پيادل
    اهو وڃئي ٿو ڪاڪو قالو

    ڦڪڙ شفو ميران زادي
    وقت ڏسو بولاٽي کاڌي
    واڱڻ ڪنهن کي وائي ڪن ٿا
    ڪنهن کي بصر ڪن ٿا بادي

    ڀورل پيارا، ڀيڻ صفيه
    وقت ڏسو اڄ سڀ وڄي ويا
    مڇيون وڻ تي چڙهيون آهن
    رائيس ڪئنال کي باهه لڳي آ

    *


    • هٿ هلاءِ

    پيارا ائين نه وقت وڃاءِ
    هلندو هل ۽ وک وڌاءِ

    کيڏ ڀلي پر پڙهه به ضروري
    لک لکان ڪري هٿ هلاءِ

    پنهنجو منزل ماڻڻ جي لاءِ
    ٻئي ڪنهن ڏي تون ڪين واجهاءِ

    اڄ جا ٻالڪ جوان به ٿيندين
    ڪجهه ٿيڻ لا ڪجهه اپناءِ

    شعر پڙهي مختيار جو جاني
    ان کي پنهنجي دل سان لاءِ

    *


    • ماءُ جي دعا

    ڏک نه ڏسين ڪڏهين
    جيئندو رهين شال... او ٻَچڙا

    جيئندو رهين شال

    خوشيون ساڻ سدائين هوندئي
    هر پل ۽ هر سال... او ٻَچڙا

    جيئندو رهين شال

    پنهنجي مقصد ۽ منزل جي
    ڳائيندو هل ڳالهه... او ٻَچڙا

    جيئندو رهين شال

    راهه تنهنجيءَ جو پٿر بڻجڻ
    ڪنهن جي ناهي مجال...... او ٻَچڙا

    جيئندو رهين شال

    مختيار ماضي ڪين وساريج
    حاصل ٿئي جي حال... او ٻَچڙا
    جيئندو رهين شال... او ٻَچڙا

    جيئندو رهين شال

    *


    • سنڌي سڀئي گڏ ٿيو

    کڻي نئين خبرن کارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    دهشتگردن مَن منجهايو،
    شهر سڄو سنسان بڻايو،
    وقت اچي ويو آهي نيارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    ڌاڙيلن جو ويلُ وڌي ويو،
    ماروئڙن جو سک ڦٽي ويو،
    دادو، ميهڙ توڙي گهارو،
    آيو آ اخبارن وارو.


    ٻوڏ ڪري وئي ڏاڍي تعدي،
    گهر ڪري پيا ٿي بربادي،
    همٿ ريءَ ٻيو ناهي چارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    روزگار کي آهن موڙا،
    اَن مهانگو پرين ڪوڙا،
    توبهه زاري ظالم آ يارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    سال سڄو لوڊ شيڊنگ آهي،
    اوندهه جو ڄڻ ٺيڪو آهي،
    روشن ڪيو سڀ ڏيا ٻارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    دل نه لاهيو سڏ ٿيو ڙي،
    سنڌي سڀئي گڏ ٿيو ڙي،
    پڙهو اچي هي ڪالم پيارو،
    آيو آ اخبارن وارو.

    *


    • ڪم جون ڳالهيون

    جيڪو سدورو ٻار او پيارا
    ان جو ٻَيڙو پار او پيارا

    ساجهر جيڪو اُٿندو تنهن کان
    ڀاڳ نه ٿيندو ڌار او پيارا

    روزانو اسڪول جو ويندو
    ڪين جهليندو مار او پيارا

    پنهنجي قوم جي ويرين ۾ شل
    مولا وجهندو ڳار او پيارا

    سچ جو چوندو ڪين ڪي ٿيندو
    وِنگو ان جو وار او پيارا

    ساڙ حسد کي رکجانءِ پاڻ کان
    هر پل، هر هنڌ ڌار او پيارا

    بس رڳو تنهنجي ئي خاطر
    شعر لکيو مختيار او پيارا

    *


    • محنت مٺا چڱي آ

    ڪجهه هيٺ تون نهارج، مغروري ڇڏ او ڀائي،
    ڪوئي چڱو نه چوندئي، ايڏي نه ڪر وڏائي.

    سَرهو نه ٿيءُ ڪڏهين، ڏک ۾ ڏسي ٻين کي،
    انسان سوئي آهي، جنهن ۾ نه آ ٻيائي.

    نفرت ڪجي نه ڪنهن کان، محنت مٺا چڱي آ،
    هڪ ڏينهن مري آ وڃڻو، آڪڙ آهي اجائي.

    آهي حديث هڪڙي، جنهن ۾ اهو چيل آ،
    “ستر تو ڊاهيا ڪعبه، دل ڪنهنجي جي رنجايئي”.

    نالو انهن جو سهڻو، تاريخ ۾ ٿو لکجي،
    جيڪي بنا تعصب، آهن ڪندا سچائي.

    لالچ ۽ لوڀ کي جن، ڌڪا ڏئي ڌِڪاريو،
    تن جي وڏي آ مڃتا، هر جاءِ آ رَهائي.

    پنهنجي نه ساڙ جُهوپي، ماڙيون ڏسي ٻين جون،
    غربت سان گهارِ پيارا، جلدي نه ٿي توائي.

    مختيار، ساڙ ڪيني، حسد مان ڪجهه نه ورندئي،
    ڪر نانءُ پنهنجو پيدا، محنت به ڪري سوائي.

    *


    • او ڍولڻ

    اٿ، نه ويهي جَلُ او ڍولڻ،
    هِير ٿڌيءَ جيان، گُهل او ڍولڻ.

    ساجن سوڍل، شفن شوڪت،
    آيا ساٿي، ڪُل او ڍولڻ.

    ڌرتي ڪيئن ٿو کيڙي بيٺو،
    هُو ڏس چاچو ڦُلُ او ڍولڻ.

    مايوسي آ موت برابر،
    وِک وِک ئي پر هل او ڍولڻ.

    جُوءَ سڄيءَ کي جاڳائي وجهه،
    ٻول مٺا ڪجهه کُل او ڍولڻ.

    پنهنجا آخر پنهنجا آهن،
    ماروئڙن سان مل او ڍولڻ.

    خوشبوءِ خوشبوءِ سنڌ سڄي آ،
    تون ته گلابي گل او ڍولڻ.

    هل ته هلي ٿا چانهن پيون اڄ،
    بادل ڏيندو بِلُ او ڍولڻ.

    *


    • گلن جا هار

    ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار،
    اچي پاءِ گلن جا هار.

    هلندين جي اخلاق سان ڀائو،
    تو سان ٿيندو سڀ جو پيار.

    اڄ تنهنجو آ بار ٻين تي،
    هڪ ڏينهن توتي پوندو بار.

    لکي پڙهي جوان جي ٿيندين،
    ٿيندو تنهنجو ناماچار.

    سچ سان ساٿ سلامت رکجانءِ،
    ڊاهجانءِ دوکي جي ديوار.

    ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار،
    اچي پاءِ گلن جا هار.

    *


    • ڪاميابيءَ جا اصول

    سوچي سمجهي وک وجهي جو
    ڪين ڪڏهن سو کائي ٺوڪر
    پاڙي جو ڪجهه خيال به رکجي
    شور مچائڻ وارا ڇوڪر

    چنڊ نه لاهيو خوابن ۾ ۽
    خيالن ۾ ڪين تارا ٽوڙيو
    پڙهو لکو ۽ منهنجا ڀائو
    ان کي ويهي ڪجهه پروڙيو

    ويهڻ مان ڪجهه ورڻو ناهي
    هل هلان جو دَور آ پيارا
    جيڪو ماڻهو رت ولوڙي
    سو ئي ماڻهو زور آ پيارا

    راند ڇڏي ڪجهه لوچ او موڳا
    ڇو آن غلطي ۾ غلطان
    اک پٽ ڏس دنيا ڪاٿي آ
    چنڊ تي پهتو آ انسان

    *


    • او ڀائو

    اونداهين جي پاڙ پٽڻ لئه
    جيئن اُڀري ٿو سج
    او ڀائو تون ڀي اهڙو ٿج

    ڏيهه ته روشن ٿيندو ليڪن
    ميڻ بتي جيان رِجُ
    او ڀائو تون ڀي اهڙو ٿج

    شاهه ڀٽائي جي ڌرتيءَ تي
    پوک پريت جو ٻج
    او ڀائو تون ڀي اهڙو ٿِج

    ننگر ڀونگر سوڍي جهڙا
    ڳولِهج ساٿي نِج
    او ڀائو تون ڀي اهڙو ٿج

    پيڙهيل هيسيل ماروئڙن کي
    ڳولهي آٿت ڏِج
    او ڀائو تون ڀي اهڙو ٿج

    *


    • هُو به ته تو جيئن آهي ٻار

    واهڻ جو هُو ننڍڙو ٻار،
    ڏِس ڪيئن بيٺو هَڪلي جَهارِ.

    مينهُون ٿو ويچارو چاري،
    هو ها هُش جي آ هڻڪار،
    هو به ته تو جيئن آهي ٻار.

    ڪاش اچي اسڪول ڏي هي پڻ،
    علم ادب سان ٿئي سرشار،
    هو به ته تو جيان آهي ٻار.

    ڪين ڪندو آ اَنگلَ ڪنهن سان،
    ڪندو رڳو آهي ڪم ڪار،
    هو به ته تو جيئن آهي ٻار.

    *


    • پٿر تي ليڪ

    ڏس آئيندو تو لاءِ آتو
    ٿا ڪوس ٿين ارمانن جا
    اٿ لاٽ امن جي روشني ڪر
    ٿا لاش رَلن انسانن جا

    ٿي ڏيهه مان ڪوسي ڄر اچي
    ڄڻ ڏئي ويو ڪوئي باهه مٺا
    تون پرهه ڦٽيءَ جي هيرَ سندو
    ڪو جهوٽو بڻجي آءُ مٺا

    پيار بنا پرچار نه ٿيندو
    گهٽيءَ گهٽيءَ ڀل گهاڻا ٺاهن
    ٻاراڻا هي ٻول نه سمجهو
    پٿر تي ڄڻ ليڪو آهن
    *


    • هُون مان هُون

    هَل ڀٽاري جيئين تون،
    هُون مان هُون، هُون مان هُون.

    گاھ هلي ٿو توکي چاريان،
    چاري پوءِ پاڻي پياريان،
    امڙ ڏهندي توکي شون،
    هُون مان هُون، هُون مان هُون.

    جيڪو تنهنجو پيئندو کير،
    هڪ ڏيهن ٿيندو سو ته امير،
    موٽر ان جي هلندي زُون،
    هُون مان هُون، هُون مان هُون.

    تون جو هلندينءَ چڙو وڄائي،
    ماڻهو درين مان ليئا پائي،
    ڳالهيون ڳائيندا تنهنجيون،
    هُون مان هُون، هُون مان هُون.

    توڙي آهين ڪاري ڪُنڍي،
    ڪيڏي آهين پياري ڪُنڍي،
    تو کي چاهيو آهي مون،
    هُون مان هُون، هُون مان هُون.

    *


    • مرضيءَ جو مختيار

    توڙي ننڍڙو ٻار آهيان مان،
    همت سان سرشار آهيان مان.

    ظالم کان آ نفرت مون کي،
    مظلومن جو يار آهيان مان.

    علم ادب سان چاھ آ منهنجو،
    جيجل جو سنگار آهيان مان.

    قلم ڪتاب آ ملڪيت منهنجي،
    لکڻ پڙهڻ لاءِ تيار آهيان مان.

    منهنجون سوچون قيد نه آهن،
    مرضيءَ جو مختيار آهيان مان.

    *


    • هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ آهن

    استاد بخاري

    هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ حب الوطنيءَ جا اهڃاڻ آهن
    (شاعريءَ جي مجموعي “دنيا آهي گول” جو مهاڳ)

    ڊگري ڪاليج ۾ جلسو ـــــ مشاعرو ـــــ هڪڙو سانورو سنهڙو سِيپڪڙو نينگرو اسٽيج تي ايندي ئي پنهنجن تيز تِکن، بي ڊپن لفظن ۽ گجگوڙي گيتن سان مون کي ته ڇا، پر سڄي ميڙ کي ڇرڪائي ويو. سندس انگ اهڃاڻ ته ويسر ۾ وکري ويا، باقي جذباتي آواز ۽ انداز منهنجي ذهن ۾ رهجي ويو. هي هو مختيار، خود مختيار، بي اختيار، تان جو مکيار. اهي هڪ ٻئي جا پاڙيسري لفظ آهن، ڏيل ڏيک ۾ نه سهي، قافئي ۾ ئي سهي.
    مختيار جو ضد مجبور آهي، ۽ مختيار پنهنجو ضد به آهي. هو هڪڙو ته مختيار ان ڪري آهي جو مائٽن اهو نالو رکيو اٿس ۽ ٻيو ته هو پنهنجي مرضيءَ جو مختيار آهي، اهو به ايتري تائين، ته ڪتاب جو مهاڳ استاد بخاريءَ کان لکرائي يا فيض بخشاپوريءَ کان. باقي بيباڪ شاعري به ڪري ۽ ڇپرائي به سگهي، ان ۾ بي اختيار لڳي ٿو، ۽ مکيار وري ان ۾، ته منهنجي مهاڳ کي لکڻ کان پوءِ ڇپرائي نه ڇپرائي، مرضيءَ جو مختيار آهي.
    “دنيا آهي گول” مختيار جي ننڍڙي شاعراڻي ڪتابڙي جو نالو آهي، جو سنڌي ٻارڙن لاءِ سوکڙي آهي. دنيا ته گول ته آهي ئي، پر منهنجي شاعراڻي نظر ۾ وقت به گول آهي. سج جا روزانا اوڀر اولهه ڦيرا، چنڊ تارن جي گردش، ڇنڇر کان جمعي تائين هر هفتي جو چڪر ۽ جنوري کان ڊسمبر تائين هر سال جو گھيرو، لڳي ٿو ته وقت به گول آهي.
    ڌرتي گول ته آهي ئـي پر وقت به آهي گول،
    آچـر کان هـر ڏينهـن ڦـري آ ويندو ڇنڇر ڏي.
    حب الوطني، ساڻيهه سڪ، ڌرتيءَ ڌيان يا وطن ويچار سڀاويڪ ۽ سگھارو جذبو آهي. اهو آدي جڳادي ناتو نئين سج نئون، روز بروز تازو توانو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ ساراهه ۽ تر جي تار رڳو سجاڳ سنڌي شاعرن ئي نه، پر سڀني ليکيارن، فنڪارن، ڪڙمين ڪارين، ٻڍن ٻارن، نرن نارين جو جيون ڄار بڻجي چڪي آهي. ان ڪري حب الوطني ـــــ ايمان جي نشانيءَ جا پڪا پرياڻ، اهڃاڻ هنن ٻاراڻن ٻولن ۾ به آهن ۽ انهيءَ ايماني جذبي ئي هن جوان شاعر کان ٻارن لاءِ ٻول لکرايا آهن. هن ٻارن سان گڏجي مسڪيني، مجبوري ۽ رنجوري هوندي به رنگينيءَ جا گيت ڳايا آهن.
    ويهارو سال اڳ سنڌي ٻارن لاءِ نظماڻا ڪتاب ڳولِئي به نه لڀندا هئا. هاڻي “هڪ ڳوليو، ته هيڪاندا” وارو مثال آهي. اهو والدين جو فرض آهي ته اولاد لاءِ گھرن ۾ ٻاراڻي ننڍڙي لائبريريءُ جو بندوبست ڪن، ته جيئن سندن نونهال پنهنجي پسند جا مزيدار معلوماتي وندر وارا ڪتاب پڙهندا رهن ۽ “سلا انگورين ڀلا” سرجندا رهن.
    مان شاعر جي شاعريءَ کان وڌيڪ، شاعريءَ واري ماحول تي لکي ويو آهيان. ڪجهه به هجي، ڪجهه لکي ضرور ويو آهيان.
    چونڊ ڪري، اُچيون سُٺيون سِٽون ڳولي، مُهاڳ مُرڪائڻ هڪڙي پاسي ڀلي ڳالهه آهي ته ٻئي پاسي ڄڻ مواد کي لُٻڻو آهي، يا پلاءَ جي پليٽ مان سُٺيون ٻُوٽيون مٿان ئي ڪڍي، باقي ڀَتُ ڀاتين آڏو رکڻو آهي. گھڻا پاڙها رڳو مهاڳ ڏسي ڪتاب ٺپيندا آهن. سمجهندا آهن ته پنڊال ڏٺي جلسي جو پتو پئجي ويو، تنهنڪري ٻُجيل، پوش پهريل سڄو ڪتاب اوهان جي آڏو آهي. ڳاڙهي پينسل کڻي پڙهندا به وڃو ۽ اهي سِٽون، سوچون، جي اوهان کي دل سان لڳن يا وڌيڪ وڻن، تن کي ٽِڪِ ڪندا هلو. ائين ئي شاعر جي سُور ۽ سَرور جو وڌيڪ وچور سان مطالعو ٿي سگهي ٿو.

    (16 سيپٽمبر 1983ع ۾ لکيل)


    • ٻارن جهڙا پيارا ۽ وڻندڙ نظم

    نصير مرزا
    ٻارن جهڙا پيارا ۽ وڻندڙ نظم
    (شاعريءَ جي مجموعي “ڌرتي روشن ٿيندي” جو مهاڳ)

    مختيار جا وڻندڙ نظم، ڪرفيوءَ واري ڏينهن، گهر واري پينگهي ۾ ليٽي پڙهان ويٺو. صبح کان وينٽيليٽر تي مستيءَ خور جهرڪيون چرِ چرِ لايون ويٺيون آهن. جهرڪين جي چرِ چرِ ڀَرئي ان پس منظر ۾ موسيقيءَ وارا هي نظم پڙهندي، ڀاسيم پيو هي نظم به انهن جهرڪين وانگر ئي آهن سٻاجها. پيارا. سادا ۽ معصوم. جيئن جهرڪين جي ان جهرمٽ ۾ مختلف سائيز ۽ سڀاوَ واريون جهرڪيون موجود هيون، مختيار جي هنن نظمن ۾ وري بنهه ائين ئي مختلف سڀاوَ ۽ قسمن جا ٻار پيا نظر اچن؛ قوم پرست ٻارِ، بي پرواهه ٻار. ڪِن جي هٿن ۾ رانديڪا، اکين ۾ شرارتون، چپن تي ٽهڪن جا جرڦل، ڪنِ جي هٿن ۾ وري جهنڊا ۽ نرم چپڙن تي هي اُتساهيندڙ نعرا:
    ڌرتي روشن ٿيندي هـاڻ،
    ڌرتي روشن ٿيندي هاڻ.
    ياد اٿم، 1979ع کي جڏهن “ٻارڙن جي عالمي سال” طور ملهائڻ جو اعلان ٿيو هو، تڏهن سڄيءَ سنڌ ۾ ٻارڙن جي ادب ۽ شاعري سرجڻ لاءِ نوجوان شاعرن جي هڪ کيپ اڀري ائين ظاهر ٿي هئي، جيئن برسات کان پوءِ انڊلٺ ظاهر ٿيندي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته ٻارڙن لاءِ ادب لکڻ وارن انهن ليکڪن ۽ شاعرن جي فهرست ۾ سال بَه سال گهٽتائي اچڻ بدران، ان جي انگ ۾ اضافو ئي ايندو پئي ويو آهي. 1983ع کان جڏهن ان قافلي ۾ مختيار به نئين اُمنگ ۽ موتين جهڙا اُجرا جذبا کڻي داخل ٿيو، تڏهن نهايت جلد دنيا جي گول دائري ۾ مڃتا ماڻيندي، پنهنجن مزيدار نظمن سان، ٻارڙن جي ذهنن ۾ نقش ٿيندو ويو. اهي 1983ع وارا مختيار جا نظم جن جن معصوم ٻارڙن پڙهيا هوندا، ماشاءالله اهي ته هاڻي خير سان اچي جوان ٿيا هوندا. خوشيءَ جهڙيء ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته مختيار وري ٻارڙن جي نئين کيپ لاءِ به نت نئين اتساهه سان نت نوان نظم لکڻ ۾ اڳرو پيو نظر اچي. اِن لاءِ دل بي اختيار مختيار کي شابس ڏيڻ ٿي چاهي، جنهن پنهنجي ڏات ۾ ٻارڙن لاءِ به حصو مخصوص ڪري، کين نظر انداز نه ڪيو آهي. هونئن سنڌي ٻار تعليمي، تفريحي ۽ ثقافتي ميڙن ۾ سرڪاري نمائندگيءَ جي سطح تي ڪهڙيءَ ڪهڙيءَ ريت نه نظر انداز پئي ڪيا ويا آهن. اڄ سنڌي علمي ادبي ادارن، لڳي ٿو پَڪو پَھ ڪيو آهي ته سندي ٻارڙن لاءِ ڪجهه به نه ڪنداسين. باوجود سنڌي ٻارن سان اِنهن زيادتين جي، مختيار جي نظمن واري ٻار وٽ مايوسي بنهه ڪنهن به قسم جي ناهي... ۽ هجي به ڇو؟ مختيار جي نظمن وارو ٻارڙو ته پنهنجي همٿ ۽ محنت تي ئي ڀاڙيندڙ آهي.
    چوڏهــن چنڊ لڳائي ڇـڏبا،
    همٿ حشمت محنت ساڻ،
    ڌرتي روشن ٿينـدي هـاڻ.
    سنڌي ٻارڙن جي اها سوچ، انا ۽ خوداعتمادي ڏسي من خوشين سان ڀرجيو ٿو وڃي. خوشيءَ جهڙي ڳالهه هتي هيءَ به آهي ته پنهنجن وڏڙن سان گڏ ڌرتيءَ کي روشن ڏسڻ جي خواهش سنڌي ٻارڙن جي به اڄ تهائين وڌي رهي آهي، باوجود ان جي ته هو اڄ هر پاسي غير محفوظ آهن. ٻهراڙين ۾ اغوا ٿيڻ جو ڊپ، شهرن ۾ وري دهشتگرن جون قاتل نگاهون هنن کي گُهورين پيون. روز روز ڪرفيوءَ واري صورتحال الڳ، ٻارڙن جي ايڪٽِوِٽِيز کي ٻنجو ڏئي هنن جي ذهني ۽ جسماني اوسر ۽ تربيت ۾ رخنو وجهي ڇڏيو آهي، ۽ ڏسو هر پاسي هو ڪيڏو نه مجبور ۽ بيوس پيو نظر اچي.
    ڪرفيوءَ آهي مَن منجهـايـو،
    شـهـر سـڄـو سـنـسـان بنـايو.
    ڌاڙيـلـن جـو ويل وڌي ويو،
    ماروئڙن جوسُک ڦٽي ويو.
    ٻارڙن لاءِ مختيار جا هي نظم سنڌ ۾ ظاهر ٿيندڙ هاڻوڪي نئين صورتحال جا نمائندا نظم آهن، ۽ اڃا به اتساهيندڙ حقيقت هيءَ آهي ته مختيار جي نظمن ۾ موجود ٻار ايترا ته سجاڳ ۽ باشعور ٿا نطر اچن جو پنهنجي آئندي کي سنڌ جو آئندو سمجهندي، راندين ۽ رانديڪن مان هٿ ڪڍي، سنڌ جي بقا لاءِ جنگ جوٽڻ لاءِ هينئر کان ئي وڏي واڪ، هم آواز ٿي، هي نعرو هڻڻ جو شعور رکن ٿا ته:
    دل نه لاهيو سـڏ ٿـيـو ڙي،
    سنڌي سڀئي گڏ ٿيو ڙي.
    يا هي چتاءُ ڏسو!
    ڳاٽ جهڪيو جي هيڪر پيارا،
    داغ نــه لـهـنــدو عــمـــر ســـــاري.
    هاڻوڪي دَور جي هاڃن کان اڃا به ڏهه ٻارهن سال اڳ سنڌ ۽ سنڌ جي اٻوجهه عوام ۽ سياسي ڪارڪنن، يارهن سال آمريت جا جيڪي ڏاڍ، جبر ڏٺا ۽ ڀوڳيا پئي، مختيار جي نظمن جو سجاڳ ٻار هتي ڪهڙيءَ نه سادگيءَ ۽ دل موهيندڙ انداز سان انهن کي راند روند ۾ خراج عقيدت پيو ٿو پيش ڪري:
    واهه واهه گيت خوشيءَ جا ڳايان،
    تنهن کي مفت ۾ سيـر ڪرايـان.
    کــاڌا آهـــن جـنـهـن ڀــــي ڪـــوڙا،
    ڊُڪُ ڙي مـنـهـنـجـا پـيـارا گهـوڙا.
    اهي ته خير سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾، ٻارڙن لاءِ مختيار جي لکيل ڪجهه نظمن جي پس منظر ۾ ڳالهيون ٿيون. هن جي هنن نظمن جي البم ۾ ڪي ٻيا به وندرائيندڙ، هلڪا ڦلڪا، جيءَ جهوريندڙ ۽ دل ڀِڄائيندڙ موضوع ٽـڙيا پکڙيا پيا آهن. خير نظم جو موضوع کڻي ڪهڙو به هجي، مختيار ان ۾ ڪو نه ڪو سنيهو رکيو ضرور آهي. مثال طور، انهيءَ ساڳي مٿئين نظم “ڊُڪ ڙي گهوڙا” ۾ مختيار ڪهڙي نه ذهانت سان ٻارڙن ۾ خوداعتمادي، همٿ ۽ شجاعت ڀرڻ لاءِ هي نصيحت ڀريو نقطو به رکيوآهي:
    رستي ۾ ڪِــٿ رڪـڻــو نـاهي.
    ڪنهن جي آڏو جهڪڻو ناهي.
    شاعري ڪنهن لاءِ به هجي، وڏن لاءِ يا ٻارڙن لاءِ، پيغام ان ۾ اَوس هجڻ گهرجي. ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ ته اڃا به اها ڳالهه ضروري آهي جو ٻار ته هوندو ئي آهي “مڇ جو وار”. ان ڪري ٻار جي ذهنيِ ۽ اخلاقي تربيت لاءِ نصيحت تِهائين ضروري به آهي. مختيار پنهنجي اڌ کان وڌيڪ نطمن ۾ نهايت ڏانوَ سان سهڻيون سهڻيون نصيحتون به ڪيون آهن ۽ جائز ڪيون آهن. ڇا جي لاءِ جو، ٻارڙن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ لاءِ آسمان تان ڪي فرشتا ڪونه ايندا. اهو ڪم استادن، مائٽن ۽ مختيار جهڙن سجاڳ ذهن رکندڙ شاعرن کي ئي ڪرڻو آهي:
    انــســان ســو ئــي آهي جـنـهـن ۾ نه آ ٻـيـائـي،
    سَرهَو نه ٿيءُ ڪڏهن، ڏک ۾ ڏسي ٻين کي.
    وڙهڻ ۽ لڙڻ سان وڏو ڪونه ٿينـدو،
    پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ وارو منزل ٿو ماڻي.
    مختيار جي نظمن تي نگاهه وجهڻ ۽ پڙهڻ سان ڪهڙن نه ٻارڙن سان ملاقات ٿئي ٿي. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ، پورهئي جي ڳاهه ۾ ڳهندڙ ٻار. اهڙن ٻارڙن سان به ملاقات ٿئي ٿي جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڦوڪڻو ناهي ڏٺو، جن کي ڪڏهن راند کيڏڻ لاءِ رُپئي وارو بال به ميسر ڪونهي، ۽ جيڪي گند جي ڍير تان اڳڙيون ٿڳڙيون ميڙي بال ٺاهي راند کيڏندا رهندا آهن. زندگيءَ جي ڳاهه ۾ ڳهندڙ، انهن مسڪين ٻارن جو بيان مختيار ڪهڙيءَ نه دل ڀڄائندڙ انداز ۾ ڪيو آهي:
    پـيـر اگهـــاڙا لــيــــڙون ڪـپــــڙا،
    اکـيـون ڳــوڙهــن سـان ٽــمـٽــار.
    ڏڪندو ڏڪندو سيءَ ۾ ننڍڙو،
    ڏس ڪيئن ويٺو هڪلي جهار.
    ڪــڏهــن ڪـڏهـــن روئـيـنـــدو آ،
    پــوڙهـــو پـــيءُ ڏســـي بــيـــمـار،
    هـــو بــه تــه تــو جـيـئـن آهي ٻار.
    ڄاڻڻ گهرجي ته ٻار ڪهڙي به طبقي مان، ڪهڙي به نسل جو هجي، جيستائين هو ٻار آهي هيءَ دنيا هن لاءِ پڪنڪ پوائنٽ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ٿي رکي. درياهه جي ڪناري تڙڳڻ، باغن ۾ وڃي ڪچا زيتون، ڪچيون انبڙيون ڇاڻڻ، گاهه مٿان ڊوڙڻ ۽ ڀولڙن ۽ رڇ جا ڪرتب ڏسڻ ٻارڙن کي ڪيترو وڻندا آهن! نچندڙ مور، ڊُڪندڙ هرڻيون، ترندڙ رنگين مڇيون، ٻڪرين جا ڇيلڙا، ڪارٽون فلمون، ڊسڪو ميوزڪ، سرڪس ۽ ٻيون اهڙيون شيون ٻارڙن جي من ۾ ڪيئن نه خوشيون ڀري ڇڏينديون آهن، ۽ جي انهن مان ڪا شيءِ ٻارڙن کي اوچتو ڏسڻ لاءِ ملي ٿي، ته هو ان کي اهڙي حيرانيءَ سان ڏسندا آهن ڄڻ اها دنيا جي ڪا عجيب شيءِ آهي. يقين ڪريو، ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مون ڪيئي اهڙا ٻار به ڏٺا آهن، جن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ريل ناهي ڏٺي، بس ۾ ناهن چڙهيا. اهڙا ٻار جڏهن مختيار جو هي نظم پڙهندا، اڃا به ڪيڏو نه حيران ٿيندا:
    ڪٿي ڪراچي، ڪٿي آ ڪوئٽا،
    شــهـــر ڇــڏيــا ٿَـئـيــن رَلــي رَلي.
    هُــو ڏس ڪيئــن ٿـي ريـل هلـي.
    جيئن فوٽ بال راند ۾ سڀ کان اهم شيءِ هوندو آهي فوٽ بال، ائين ٻارڙن جي نظمن ۾ سڀ کان دلچسپ شيءِ هوندو آهي خود ٻار، ۽ سندس حيرت ۾ وجهندڙ حرڪتون، ڳالهيون ۽ معصوم خواهشون. مثال طور “پائلٽ ٿيندس” نظم ۾، مختيار جون هڪ ٻارڙي واتان چَورايل مزيدار ڳالهيون ۽ سندس هيءَ خواهش ڪيڏي نه نئين ۽ متاثر ڪندڙ ٿي لڳي:
    گهوٽ ڀٽائي جي روضي تي،
    گـل ڇـٽـيـنـدس، ڦـيـرا ڏيندس،
    آءٌ ته سـائـيـن پـائـليٽ ٿـيـنـدس.
    ڪاش! سنڌ جا سڀ ٻاراهڙو جذبو رکي، وڏي هوندي سنڌ جا، ڀٽائيءَ جي روضي ۽ ٻوليءَ جا محافظ بڻجي ڏيکارين. خير منهنجي اها خواهش ۽ دعا ته پنهنجي جاءِ تي، مختيار ۽ ان جي نظمن جا ٻار بهرحال پُراميد آهن ۽ چون پيا ته...
    منهنجا ساٿي هيڻا ناهن،
    سـڀ بـهـــادر ٻــيـڻــا آهن.
    مختيارَ پنهنجن نظمن ۾ جيڪا ٻارن جي دنيا ڏيکاري آهي، ان ۾ هر طرح ۽ قسم جو ماحول نظر اچي ٿو. ڪٿي ٻار نعرا پيا هڻن، ڪٿي رُسن پرچن پيا، ڪٿي اجهو وئڪيشن ملهائڻ لاءِ پڪنڪ تي به پيا وڃن.
    ماڻيو موڪلن جو مـــزو ڙي ـــــ هلو ڙي،
    موهن جي دڙي تي، هلو ڙي ـــــ هلو ڙي.
    جيئن چئبو آهي ته اخبار شهرت ۽ ٻار حرڪت کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي، هن نظم ۾ ٻارڙا پنهنجين حرڪتن ۽ شرارتن سان وندرائيندا، بينڊ باجا وڄائيندا، کلندا کلائيندا اچيو موهن جي دڙي تائين ٿا پهچائين. ان ڏَس ۾ مختيار جا نظم “ڀينڊو” ۽ “منهنجي شاديءَ جون ڳالهيون” پڻ ٻارڙن لاءِ وڏي وندر جو سامان ٿا فراهم ڪن. مختيار جا ڪجهه نظم ته پٺين پندرهن سالن کان مسلسل ٻارن لاءِ لکجندڙ نظمن جي ڍڳ ۾ بنهه نوان ۽ منفرد ٿا نظر اچن. مثال طور سندس نظم “هون مان هون” نه فقط پيارو نظم آهي پر ساڳي وقت بنهه نئين موضوع تي به آهي:
    گاهه هلي ٿو توکي چـاريان،
    چـاري پـوءِ پـاڻــي پـيــاريان،
    امڙ ڏهنــدي تــوکــي شُــون،
    هُــون مــان هُـون مــان هُون.
    مختيار جو هڪ ٻيو، اهڙو ئي نئين موضوع وارو نظم آهي “واهه واهه سائين”. هن نظم ۾ ڪهڙي نه دلچسپ انداز ۽ ٻارن کي هن وڻندڙ معلومات فراهم ڪري باخبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪي آهي:
    لاڙ جو پلو، ڪوٽ جي گوبي، ڀٽ جو ميلو،
    اهڙو آجو واهه وا، سائيـن!
    اڇي ٻڪري، ڳاڙهي ڪـڪـڙ، ڪـارو ڇـيلــو،
    اهڙو آجو واهه وا، سائين!
    ٻار عجيب شيءِ هوندا آهن. ڏسڻ سان هر دفعي پنهنجي ڪنهن نئين حرڪت، ڪنهن نئين معصوميت سان موهي وجهندا آهن. ٻار جيستائين ٻار هوندا آهن انهن سان ملندي، ڳالهيون ڪندي، دل ڪڏهن به ناهي ڀربي. سنڌي ٻوليءَ جي سانوري بانوري شاعر مختيار جا هي بنهه ٻارڙن جهڙا نظم به ٻارڙن وانگر ئي وڻندڙ ۽ پيارا آهن. پڙهڻ سان هر دفعي منجهائن وڌيڪ لطف ماڻيو اٿم. مختيار جي هن مجموعي “ڌرتي روشن ٿيندي” جا ڪجهه نظم اهڙا به آهن جن منجهان ڪجهه ٻارڙا پنهنجون نماڻيون اکيون کولي انگل ڪندي چونم پيا ... نصير چاچا! اسان کي موڪلائڻ کان اڳ آٽوگراف نه ڏيندَو؟ ۽ مان کلندي مرڪندي، کين مختيار جي نظمن مان هڪ نصيحت ڀريو شعر چونڊي، آٽوگراف طور ڏيندي، انهن کي تاڪيد ٿو ڪريان ته اُن تي عمل ڪرڻ بلڪل نه وسارجو. منهنجي پاران انهن ٻارن لاءِ اهو نصيحت ڀريو آٽوگراف اجهو هن ريت آهي ته:
    محنت سان ئي ماڳ به اينـدو،
    مـاڳ تـه ڇـا گـڏ ڀـاڳ به ايندو،
    ملندي هر ڪنهن کي واڌائي.
    چڱو، الله واهي،
    الله______ واهي.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566187
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215635
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ