ڪتاب جو نالو: منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )
مصنف: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1606 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 610 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • (پٽ پيءُ جو راز آهي )
  • • تمهيد
  • 1. ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم
  • 2. “باز گشت” ڪي يادگيريون
  • 3. لاڙڪاڻي مدرسي ڏانهن روانگي
  • 4. حياتي جو ٽيون دور : لاڙڪاڻي ڏي روانگي
  • 5. لاڙڪاڻي مدرسي وارو زمانو
  • 6. نوشهره مدرسي واري زندگي
  • 7. سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي واري زندگي
  • 8. مئٽرڪ جي تياري ۽ امتحان
  • 9. ڪاليجي تعليم وارو عرصو
  • 10. ڪاليجي تعليم جو ٻيو سال
  • 11. بي اي جا ٻه سال
  • 11
  • • پهريون ضميمو : مرحوم شمس العلماءڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جي زندگي جون مختلف منزلون
  • • ٻيو ضميمو : مرحوم شمس العلماء دائود پوٽي جون تصنيفون
  • • ٽيون ضميمو : مرحوم شمس العلماء دائودپوٽي جي زندگيءَ تي ڪهڙين شخصيتن جو اثرپيو
  • • ضميمو چوٿون : مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جون تاريخون

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوويهون ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • (پٽ پيءُ جو راز آهي )

    “الولد سر لابيه”
    (پٽ پيءُ جو راز آهي )
    مرحوم شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽه جي”مختصر آتم ڪهاڻي” سندن سڀني کان ننڍي فرزند ارجمند عزيزي ميان قمر الدين عيسيٰ دائود پوٽه سلمہ تعاليٰ جي نالي منسوب ڪئي وڃي ٿي، هن ته عزيزي موصوف ۾ آهي سموريون خوبيون، خصلتون، ذهانت ۽ ذڪاوت ڏٺي وڃي ٿي، جا سندن والد بزرگوار ۾ هئي بقول سعدي رح
    “بالائي سرش زهو شمندي
    مي تافت ستاره بلندي”

    شال ڌڻي وڏي حياتي ڏيس ۽ علم جي دولت سان مالامال ڪريس آمين يا رب العالمين!
    اميد آهي ته عزيزي سلمہ وڏو ٿي پنهنجي والد بزرگوار وانگر قوم لاءِ فخر جو ڪارڻ بڻجندو ۽ والد بزرگوار جون سڪون لاهيندو.


    • تمهيد

    اڄ کان ڏهه سال اڳ جڏهن “پاڪستان پبليڪيشن” فيبروري 1950ع ۾ رسالي “نئين زندگي” کي اطلاعاتي بليٽن کان بدلائي هڪ ادبي مخزن جو روپ ڏنو، تڏهن ان کي بهتر بنائڻ لاءِاداري جي اڳين ڊائريڪٽر مسٽر عزيز احمد (حال اردو پروفيسر ۽ محقق اردو ادب لنڊن يونيورسٽي) سڀ کان اڳ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. (تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب صوبي سنڌ ۾ تعليم کاتي جا ڊائريڪٽر هئا.) مرحوم شمس العلماء “پاڪستان پبليڪيشن” جي ڊائريڪٽر کي پورو يقين ڏياري ته هيءَ ادبي مخزن ضرور ڪاميابيءَ سان هلندي ۽ هو پاڻ به ان لاءِ مضمون لکندا ۽ خريدار پيداڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. مرحوم شمس العلماء دائود پوٽه پهرين پرچي لاءِ پنهنجو تحقيقي مقالو انسان ڪامل ڀٽائي جي نظر ۾ ڏنو ۽ راقم الحروف کي فرمايو ته “ سڀاڻي ڏهين بجي منهنجي آفيس ۾ اچجو ته رسالي کي زور وٺائڻ بابت ڪي تجويزون اوهان کي ٻڌائيندس ۽ ان جي خريدارن جي هڪ لسٽ پڻ ڏيندس.” حڪم مطابق هيءُ بندو سندن آفيس ۾ حاضر ٿيو. پاڻ همٿائيندي چيائون ته “هن وقت سنڌي رسالن جي اڻاٺ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو رسالو شايع ڪونه ٿو ٿئي، تنهنڪري ڪمر ڪَشي هن رسالي جي ڪم ۾ لڳي وڃو ۽ مان هر وقت توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.۽ “پاڪستان پبليڪيشن” جي ڊائريڪٽر مسٽر عزيز احمد کي توهان جي لاءِ پارت ڪندس. پر توهان کي محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ رسالي کي پابنديءَ سان وقت تي شايع ڪرڻو پوندو.” ان کانپوءِ فرمايائون ته “هيءُ منهنجو ذاتي چندو وٺو۽ هي ٽن سون اسڪولن جي لسٽ آهي. انهن کي رسالو موڪليو ۽ بل ڊي پي آءِ جي آفيس ۾ پهچايو.”
    اهڙي نموني سان رسالي “نئين زندگي” جي شروعات ٿي. انهيءَ حقيقت کي آڏو رکندي، مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽي کي هن رسالي جو باني چوڻ بلڪل درست ٿيندو ۽ هي پڻ حقيقت آهي ته رسالي “نئين زندگي” جي ڪاميابيءَ جو سهرو مرحوم شمس العلماء جي سر آهي. سندن تاڪيدي حڪم هو ته “رسالي جي سلسلي ۾ ، جنهن وقت ضرورت پئيو ته مون سان بنا روۡ ٽوڪ جي ملندا رهو.” انهيءَ ڪري هيءُ بندوسدائين سندن آفيس ۾ ۽ سندن بنگلي تيرسالي جي سلسلي ۾ ملندورهيو. جڏهن پاڻ اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر هئا ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر لاهور ۾ سندن قيام هو تڏهن اتان ضروري هدايتون خطن ذريعي موڪليندا رهندا هئا ۽ رسالي جي ترقي ۽ واڌاري تي ڏاڍاسرها ٿيندا هئا ۽ جڏهن ڪا ڀل چڪ ٿيندي هئي ته پاڻ فرمائيندا هئا ته “ گذشته راصلوات، آينده را احتياط”
    رسالي نئين زندگيءَ سان انهيءَ دلي لڳاءُ سببان 1956ع ۾ پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي مشوري ۽ تحريڪ سان سندن خدمت ۾ هيءُ درخواست پيش ڪئي وئي ته” ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن اوهان پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي تجربا قسط وار رسالي نئين زندگيءَ جي پڙهندڙن لاءِ لکو.” پاڻ فرمايائون ته “ان بابت ڏينهن ٻن کانپوءِڪجهه سوچي پوءِ جواب ڏيندس.” نيٺ ٽن ڏينهن جي اوسيئڙي کان پوءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ کين پنهنجي “آتم ڪهاڻي” لکڻ تي تيار ڏٺم ۽ هڪ هفتي کانپوءِ پهرين قسط ڏيڻ جو وعدو به ٿيو. جا هڪ هفتي ۾ ملي ويئي ۽ جنوري 1957ع جي پرچي ۾اشاعت هيٺ اچي وئي.
    انهيءَ سلسلي جي پهرين قسط ڇپجڻ کان پوءِ پڙهندڙن جو ايڏو چاهه وڌيو جو رسالي جا هڪ هزار خريدار وڌي ويا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترائي تحسين ۽ تعريف جا خط آيا ۽ سنڌ جي جهونن جوڳين جو اهو تاڪيد ٿيندو رهيو ته اهو سڳو باقاعدگيءَ سان سرندو رهي، مرحوم شمس العلماء دائوپوپٽه ڀٽائي ره جي رسالي جي زبردست مصروفيت جي باوجود هر مهيني جي آخري آچر تي” آتم ڪهاڻي” جي قسط لکندا هئا۽ پنهنجي عديم الفرصتيءَ سببان وري نظر ثاني بيگم دائود پوٽه صاحبه ڪنديون هيون ۽ بيگم صاحبه طرفان ايندڙ قسط لاءِ کين تاڪيد ٿيندو رهندو هو.
    مرحوم شمس العلماء دائودپوٽه جي “آتم ڪهاڻي” جي مسلسل قسطن ڇپجڻ ڪري رسالو نئين زندگي ڏينهون ڏينهن اشاعت ۾ وڌيندو ويو. انهن ڏينهن ۾ جندستان مان ڪيترن اديب دوستن جا تعريفي خط پهتا ۽ انهن اهي سمورا پرچا گهرايا، جن ۾ مرحوم دائودپوٽه جي “آتم ڪهاڻي” جون قسطون شايع ٿيون هيون.
    مرحوم شمس العلماء جي “آتم ڪهاڻي” جي مقبوليت ڏسي هڪ شرارت پسند گروهه پهريائين ته ايڊيٽر نئين زندگي جي نالي گمنام خط لکڻ شروع ڪيا. انهن خط جو مضمون هڪ ئي هوندو هو ته دائودپوٽه جي آتم ڪهاڻي وارو مضمون هڪدم بند ڪيو. راقم الحروف انهن غلاظت جي پرزن ڏي ڪوبه ڌيان نمه ڏنو، ڇوته اها شرارت ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ادب جي مٺ گهرن پاران هئي. انهيءَ وچ ۾ مرحوم شمس العلماء انهيءَ بيهودگيءَ کان ڄاڻي واڻي ناواقف رکيو ويو ته جيئن پاڻ آتم ڪهاڻيءَ جون قسطون لکندا رهن.
    1958ع جي شروعات ۾ انهيءَ شرارت پسند گروهه ان وقت پنهنجن بيهودگين جو نشان مرحوم شمس العلماء دائودپوٽه کي بنايو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو مرحوم ڪم جي ڪثرت ۽ ناسازيءَ طبع جو عذر ڪري پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ بند ڪري کڏي هيل تائين مرحوم يارهن قسطون لکي چڪا هئا چار پنج مهينا گذري ويا جن ۾ مرحوم ڪجهه به نه لکيو، رسالي نيئن زندگي جي پڙهندڙن جا خط اچڻ لڳا ته شمس العلماء جي آتم ڪهاڻيءَ جون قسطون ڇو بند ڪيون اٿو ڪيترا ڀيرا کين التجائون ڪيون ويون ۽ کين خط ڏيکاريا وياته سائين توهان سنڌي ادب لاءِ چڱو نه ڪري رهيا آهيو، ڇو ته توهان پنهنجي سر گذشت بند ڪري ڇڏي آهي. پاڻ فرمائيندا هئا ته وقت اچڻ تي ان کي پورو ڪيو ويندو. هينئر ته ڀٽائي رح جي رسالي جو ڪم گهڻو آهي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ ضروري آهي.
    رسالي نئين زندگي جي پڙهندڙن جي مسلسل اسرار تي وري سندن خذمت ۾ عرض ڪيو ويو ۽ کين پراڻو وعدو ياد ڏياريو ويو ته جيئن توهان فرمايو هو ته رسالي نئين زندگي جي هر طرح مدد ڪندا رهندو. هينئر مهرباني ڪري پنهنجي سرگذشت وارو سللو وري شروع ڪريو! ( اهو واقعو شروع نومبر 1958ع جو آهي.) پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪن نوجوانن کي منهنجي آتم ڪهاڻي پسند نه آهي، تڏهن به آئون توهان جي چوڻ تي ٻيهر لکڻ شروع ڪندس. ڊسمبر 1958ع جي پرچي لاءِ ٻارهين قسط ڏيندس. ليڪن اسان عقيدتمند انهيءَ خيال ۾ خوش هئاسين ته وري علم و ادب ۽ روحانيت جو دريا پلٽ ڪندو ۽ جڏهن هيءُ ڪتاب پورو ٿيندو ته منجهس هڪ پاسي علم و ادب جا املهه ماڻڪ هوندا ته ٻي پاسي هڪ اهڙي شخصيت جي زندگيءَ جا تجربا هوندا، جنهن جي خودياوريءَ کان ڪم وٺي علم و ادب جي آسمان تي هڪ آفتاب بڻجي چمڪيو ۽ جنهن جي روشني وطن عزيز جي تاريڪ ڪنڊ ڪڙڇ کي روشن ڪيو آهي پر بقول شاعر
    مادرچه خيالم، فلک درچه خيال
    22 نومبر 1958ع جو ڏينهن ڪيڏو نه دردناڪ هو، جڏهن هيءَ سڳوري شخصيت پنهنجي عقيدتمندن، شاگردن، مداحن، اهل و عيال ۽ عزيزن کي دائمي جدائيءَ جو داغ ڏيئي رب ڏانهن راهي ٿي وئي.شال رب جون رحمتون مٿس سايه افگن هجن.
    مرحوم دائودپوٽي جهڙيون شخصيتون هر روز پيدا نه ٿينديون آهن، جيڪڏهن پيدا ٿينديون به آشهن ته زنده قومن ۾، اسان جهڙي ڪاهل ۽ بيحس قوم ۾ نه معلوم مولا ڪيئن مهر ڪري هڪ غريب گهراڻي مان اهو انسان پيدا ڪيو، جنهن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي روشني مهراڻ جي ماٿريءَ کي سدائين روشن رکندي ۽ جنهن جي چڱن لڇڻن جي سڳنڌ وطن عزيز جي ڪنڊ ڪڙڇ کي سرهاڻ بخشيندي رهندي.
    هن عظيم شخصيت جا ادبي شہ پارا، علمي تحقيقون ۽ زندگيءَ جا سبق آموز تجربا ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيندا. مرحوم شمس العلماء جي پهرين ورسيتي سندن آتم ڪهاڻي سندن قائم ڪيل سنڌي ادبي سوسائٽيءَپاران سندن ياد قائم رکڻ لاءِ شايع ڪئي وڃي ٿي. مرحوم جي آتم ڪهاڻي رسالي نئين زندگي جي صفحن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئي، جنهن کي يڪجا ڪري شايع ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ايندڙ نسل سندن زندگي جي تجربن مان ڪجهه فائدو پرائين. هوئن ته سندن شاگرد رشيد محترم پرنسپال ڊاڪٽر عارف شاهه گيلاني “عمده” نالي سان سندن هڪ تذڪرو تيار ڪري رهيو آهي، جو اميد آهي ته جلد شايع ٿيندو. تنهن کانسواءِ سندن ٻه عقيدتمند يعمي محترم رحيمداد خان مولائي شيدائي۽ محترم وروفيسر لطف الله بدوي سندن مفصل سوانح حيات تيار ڪري رهيا آهن، جا اميد آهي ته سال ڏيڍ جي عرصي ۾ شايع ٿي ويندي.
    محترمه بيگم دائودپوٽه، پنهنجي نامور خاوند وانگر هڪ طرف علم جي دولت سان مالامال آهي ته ٻئي طرف قومي احساس ۽ وطن عزيز جي علمي آثارن کي محفوظ رکڻ۾ به پيش پيش آهي. محترمه بيگم دائودپوٽه جي هدايتن هيٺ هيءُ ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. هيل تائين مرحوم شمس العلماء جي تربت ۽ مٿس لوح جو ڪم تڪميل تي پهچايو ويو آهي. هينئر مرحوم جي پهرين ورسي جي موقعي تي سڀ کان اڳ مرحوم جي خودنوشته سوانح عمري “مختصر آتم ڪهاڻي” بيگم صاحبه ئي جي نگراني ۽ هدايتن هيٺ شايع ٿي رهي آهي. اهو ڪم پوري قوم جو هو جوهن قوم جي محسن يادگار قائم ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها. يادگار قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهي آهي سي پوري قوم لاءِ فرض ڪفايه جي حيٿيت رکن ٿيون.
    محترمه بيگم دائودپوٽه جي سامهون مرحوم شمس العلماء جا سڀئي ادبي آثار جهڙوڪ آتم ڪهاڻي، خط، مضامين ۽ مختلف ڪتاب جيڪي مسودن جي صورت ۾ آهن، تن کي طباعت جي زيور سان آراسته ڪري قوم جي اڳيان پيش ڪرڻ جو پروگرام آهي ۽ انهيءَ جي سموري آمدني شمس العلماء جي برپا ڪيل سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي جي فنڊ ۾ جمع ٿيندي. اها سوسائٽي جتي هڪ طرف پنهنجن مقصدن پٽاندڙ سنڌ جي قديم ادبي جواهر پارن جي حفاظت جو فرض سرانجام ڏيندي، اتي ٻئي طرف مرحوم شمس العلماء جي علمي ۽ ادبي آٿارن جي طباعت جو ڪم پڻ هٿ ۾ کڻندي.
    سنڌي ادب جي همدردن ۽ مرحوم شمس العلماء دائودپوٽه جي شاگردن، عقيدتمندن ۽ دوستن جو فرض آهيته سندن آتم ڪهاڻي خريد ڪري سوسائٽي جي ڪم کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن ستت ئي شمس العلماء جي ادبي آثارن جو ڪم اڳتي وڌي سگهي.مرحوم جي هن آتم ڪهاڻي ۾ جتي حتي الامڪانڪوشش ڪري، سندن فوٽا جيڪي ملي سگهيا آهن سي ڏنا ويا آهن ليڪن ڪيترا شايد رهجي ويا هجن. پڙهندڙن کي خاطري ڏياري وڃي ٿي ته اهي تاريخي فوٽا ٻئي ايڊيشن ۾ ڏنا ويندا.
    مروج دستور جي ابتڙ، اهو زياده موزون سمجهيو وڃي ٿو ته بجاءِ ان جي جو هي ڪتاب ڪنهن وڏي ماڻهو جي نالي منسوب ڪيو وڃي، ان کي مرحوم جي سڀ کان ننڍي صاحبزادي عزيزي قمر الدين عيسيٰ دائودپوٽه جي نالي “الولد سر لابيہ” واري مصداق جي آڌار تي منسوب ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي پيدائش کان اڳ (سندن قول مطابق) سنڌ جي درويش شاعر ميين عيسيٰ جي قبر تلاش دوران۾، هڪ فقير کين پٽ لاءِ دعا ڪئي هئي ۽ جنهن کي مرحوم جن خود، عقيدتمندي ۽ پيار وچان ميين عيسيٰ جي نالي سان نسبت ڏيندي عيسو ڪري سڏيندا هئا. اهڙو گمان عام دوستن ۽ مرحوم جي عقيدتمندن جي راءِ پتاندڙ آهي، جن جي خيال موجب عزيزي موصوف ۾ مرحوم جون خوبيون بدرجه اتم ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ انڪري ئي هن سان ها اميد وابسته ڪئي وڃي ٿي ته انشاءَ الله تعاليٰ وڏو ٿي مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽه جون سِڪون لاهيندو. آمين

    مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر
    عمر بن محمد دائودپوٽه
    جو
    عقيدتمند
    عبدالواحد سنڌي
    22 نومبر 1959ع


    1. ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم

    لکان ٿو سچ سان آتم ڪهاڻي،
    رهي منهنجي مگر هي ياد ٻاڻي

    هن بندي جو دنيا ۾ اچڻ تاريخ 9 شوال 1313هجري ڏينهن اربع(25 مارچ 1896ع) ڌاري ٿيو، اگرچه سرڪاري دفتر ۾ ولادت جو سن 1 جون 1897ع آهي. منهنجي تولد ڪري عزيزن کي نهايت خوشي ٿي، ڇاڪاڻ جو ابي اما کي پهريون ٻار نياڻي هئي. راڄ جي پريي مڙس جو گهر هو ۽ ڏاڏو عبدالمطلب سکيو ستابو ۽ ڀاڳيو آدمي هو، آسپاس ۾ چڱي هلندي هيس. تنهن پنهنجي وحيد فرزند (حاجي) ميان محمد کي پهرين پٽ ڄمڻ تي وڏا شادمانا ڪيا. خيرات ڪيائين ۽ مستيءَ جون گنديون وراهيائين. اڃا ننڍو هوس ته ڏاڏي صاحب رضا ڪئي. مونکي پوري يادگيري آهي ته ڪهڙي طرح ان مونکي پنهنجي پوين پساهن وقت ڀر ۾ وهاريو هو ۽ ڪيئن نه نهايت آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي جان، جان آفرين کي سپرد ڪيائين. سندس وفات منهنجي معصوم دل کي سخت صدمو پهچايو. ڏاڏي مرحوم جي وفات بعد واڻين وڪالن اچي اسانجو در ورتو ۽ جيڪي ڳئون ۽ ڍڳا هئا سي قرض ۾ ڪاهي سلهاڙي ويا ۽ ڀريل ڀان خالي ڪري ڇڏيائون.
    هن حادثي بعد اسين به ڪنگال ۽ بي حال ٿي پياسين. ڪيترائي سال بابا جان پوک راهي ڪئي. پر بخت نه ڀڙايو. اما جان(سندس نالوصفورا هو) جنڊ پيهي گذران ڪندي هئي، هڪ بهدار جوڌي عورت هئي، ڇهه فوٽ ته قد هوس، ڀائي حاجي موسو جو پنهنجي پهلواني ڪري ساري پسگردائيءَ ۾ مشهور هو. تنهن جيترو بار مٿي ٿي تي کڻي ويندي هئي. جيڪڏهن هن ضعيف ۾ ڪا استقامت ۽ ذهانت آهي ته اها، “تري شناسن” جي چوڻ موجب والده شريفه جي ڪري ئي آهي. بابو سائين هڪ نهايت ساده مزاج، نيڪوڪار، متقي ۽ سخي مرد هو. ٻيو هڙ ۾ نه هوندو هوس ته ڪپڙا به لاهي محتاجن کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ رڳو چادر يا اجرڪ (ازرق) جي گوڏ ٻڌي گهر اچي نڪرندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندس اها گت هلندي آهي.
    مان اڃان پنجن ڇهن ورهين جو ٻار هوس ته مونکي اسڪول ۾ موڪليائون (اٽڪل 1902ع ڌاري، ڇاڪاڻ ته مونکي ايڊورڊ ستين جي تاجپوشي چڱي طرح ياد آهي.)اما جان مونکي خرچي لاءِ هڪ پيسو ڏنو، وڏي ماستر (نالو ڄيٺانند هوس، پيرمرد، سفيد ريش، وڏي ڏيا ۽ حشمت وارو شخص هو. سنهاري ۽ منهن پيا جرڪندا هئس. انهن ڏينهن ۾ ٽلٽيءَ جو اسڪول سنڌ ۾ برک هو. منجهس هنري اسڪول به هو. جنهن ۾ ماستر ابوالحسن واڍڪي سيکاريندو هو. ۽ ماستر محمد حسن جنڊيءَ جو ڪم سيکاريندو هو ٻئي نهايت شريف اعليٰ انسان هوا. ماستر ڄيٺانند کانپوءِ مسٽر منگهنداس سيوهاڻي هيڊ ماسٽر ٿي آيو. جو اسان کي سنڌي اشتقاق ۽ اقليدس پڙهائيندو هو. ان کانپوءِ مسٽر مدنداس دادوءَ جو ويٺل هيڊ ماسٽر هو جو نهايت فضيلت وارو شخص ۽ پنهنجي مذهب جو پورو پابند هو مونکي ازحد ڀائيندو هو.) فيءِ جي گهر ڪئي. اهو ٽڪو کيس ڏئي اچي اوڇنگارن ۾ ڇٽڪيس، جنهن تي وڏي ماستر ڪهل آڻي اهو ٽڪو به موٽائي ڏنو ۽ هميشه لاءِ في معاف ڪري ڇڏيائين.(هيستائين احوال 1948ع ۾ ڪنهن وقت لکي ڇڏيو هوم. هن کانپوءِ اڄ يعني 9 ڊسمبر 1956ع شام جو شروع ڪيو اٿم.)
    اسڪول ۾ پهريائين پنهنجي پراهين سوٽ محمد عباس جي ريس تي پڙهڻ ويو هوس، پر پوءِ انهيءَ ۽ ٻين هڪ جيڏن ، جهڙوڪ مرحوم الله بخش (عرف جمن) ۽ جعفر پڙهڻ ڇڏي ڏنو، باقي آئون پڙهڻ کي چهٽيو رهيس، ڪند فهم ڪونه هوس، ليڪن گاهه گاهي ڇيڏڪ ايندو هوم، ته اسڪول وڃڻ کان نٽائيندو هوس. ڪڏهن ڏاڏي هاشم جي ڳئن سان پهري تي ويندو هوس. ڪڏهن ناني محمد صالح جي ڪاريءَ واري کوري تي ڀڄي ويندو هوس ۽ ڪڏهين وري پنهنجي تار جي ڳاڌيءَ تي وهندو هوس. يا پيهي تي چڙهي جهار هڪليندو هوس. هڪ دفعي پٽيلي تي ٽيڪ ڏيندي ننڊ اچي ويم ۽ وڃي پڙ تي ڪريس. جيڪڏهن ڏاندن کي سمڪ نه اچي ها ۽ بيهي نه رهن ها، ته هوند سندن پيرن ۾ چچرجي مري وڃان ها. ٻئي دفعي کوري کان موٽندي ناني جي اٺ تان ڌڪو کاڌم پر گهڻو شيب ڪونه رسيو. ٽئين دفعي پيهي تي کانڀاڻي ڦيرائيندي پاڻ اچي ويم ۽ ڦهه وڃي هيٺ پيس. چاڙهو به هڪڙوئي هوس، ڪوبه ٽلٽيءَ ۾ وڻ ڪونه ڇڏيو هوندم. هڪ ڀيري هڪ تمام اتاهين ٻير ٻچڙي نالي جي چوٽيءَ تي ٻير ڌوڻي رهيو هوس، ته ٽاري تان پير ٿڙڪي ويم ۽ ٺڪ وڃي سڪل ڪسيءَ جي تري ۾ ڪريس.قدري چيلهه کي ضرب آئي. پر ٻيرن جي جهولي ڀري کلندو ڪڏندو گهر موٽي آيس.
    راند جو گهڻو شوق ڪونه هوندو هوم، پر ٻهراڙيءَ جون سڀئي رانديون کيڏي سگهندو هوس جهڙوڪ ٻلهاڙو، ونجهه وٽي، ملهه، اٽي ڏڪر، چيڪلو، اکٻوٽ، جهوڙملو ڪيڻ وغيره وغيره. اکر سٺا ڪونه هوندا هئم. شايد پهرين يا ٻئي درجي ۾ هوس ته قاضي عبدالوهاب صاحب بوبڪن وارو اسان جو امتحان وٺڻ آيو. سليٽن تي صورتخطي لکايائين. جڏهن مان پنهنجي سليٽ وٽس کڻي ويس، تڏهن مشڪي چيائين ته اکر لکيا اٿئي يا ٽنڊي ماڪوڙن جون ٽنگون. انهيءَ طعني تمام ڪري ڇڏيو پوءِ انڊن ڀرڻ ۽ مشق پچائڻ رستي پنهنجا اکر سڌاري ورتم. اهو تربيت جو اثر اڃا هليو اچي ۽ هميشه پنهنجن شاگردن کي سٺن اکرن لکڻ جي ترغيب ڏيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجو عقيدو آهي ته اکر اخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا.
    ٽئين درجي سنڌي تائين (1905ع) منهنجي ارڏائي ۽ گوشڙپائي هلندي آئي، پر والد صاحب جي هڪ سخت مار کانپوءِ ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا. هونءَ ته ٻين گوسڙو ڇوڪرن کي ماسترن جي حڪم موجب ٽنگوٽالي ڪري وٺي وينداهواسين، اگرچه مونکي اهڙو واقعو پيش ڪونه آيو، پر بعضي بعضي رڏي ڪري گهر ويهي رهندو هوس يا ڪٿي وڃي لڪندو هوس، يا ڏاڏي هاشم جي نار تي گوهي ڪري ويندو هوس. هڪ دفعي ضد ڪري اسڪول کان گسايم، مڄاڻ بابي کي خبر پئجي وئي سو زلهلي ڪري مون تي وري آيو. امڙ ۽ ناني جيڻب(زينب) ڇڏائڻ تي ۽ ابو مارڻ تي. نيٺ بيزار ٿي، ڪلهي تي چاڙهي اسڪول ڏي کڻي ويم. مون به واٽ تي کڙين سان خوب ڀڀر ڪٽيومانس، پر منهنجي پچر نه ڇڏيائين ۽ ڌوڪيندي وڃي ماستر پيسومل وٽ سٽيائينم. هي ماستر ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ اسان جي گهران ڏڌ مکڻ گهرائيندو هو تنهن ظالم به چتائي فيهه ڪڍيم ۽ سارو ڏينهن بينچ تي بيهاري ڇڏيائينم.
    انهيءَ سزا کانپوءِ اهڙو ته سڌري پيس، جو جڏهين به مسڪينيءَ سبب بابو چوندو هوم ته پڙهڻ ڇڏي اچي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيم تڏهين نابري واريندو هوس. علم اهڙي ته چاشني چکائي جو وري اسڪول کان ڪڏهن ڪون گسايم. بابا کي مدد ڏيڻ خاطر هنري ۽ جنڊي اسڪول ۾ داخلا ورتم ۽ واڍڪي ۽ جنڊي جي ڪم ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيم جوکٽون، منجيون، ويلڻ ۽ چڪلا ٺاهي ويندو هوس، ۽ اهي شهر جي هندن کي وڪڻي پيسا بابي کي پهچائيندو هوس، جنهنڪري مونکي پڙهڻ کان ڪڏهين به نه روڪيائين.
    بابا ان وقت ڪاشتگريءَ جو ڌنڌو ڇڏي ڊکاڻڪي ڪرڻ لڳو ۽ هارين جا نار آهت تي چاڙهيندو هو. مان به کيس ارڙين ٽڪڻ، مالهن وٽڻ ۽ ڍينگن لوڪڻ ۾ مدد ڪندو هوس. پاڻ جڏهين پوک پوکيندو هو، تڏهين مهل سر وڃي ڳاڌي هڪليندو هوس، هر ڪاهيندو هوس، ڪتر هڻندو هوس ۽ پاڻي ورائيندو هوس. هڪ ڀيري ڪتر هڻندي کاٻي هٿ جي آڱوٺي جو اڌ ننهن ڪپي وڌم. بعضي ته ڏاند به چارڻ ويندو هوس. هڪ ڀيري ادي وڏي جمال خاتون (جمڻ) ۽ آئون گڏجي ڍڳا چارڻ وياهياسين ته ڪي چور وجهه وٺي اسان کي لپاٽون هڻي ٻن ڀلن ڏاندن جو جوڙو زوري ڪاهي ويا، جو پوءِ بابو بلاولپور جي وڏيرن جي واهر سان ڀونگ ڏيئي ڇڏائي آيو. پڻ لغڙن ٺاهڻ، کٽولن واڻڻ ۽ جلدبندي جو ڪم سکي پيس، جنهن مان گهڻو اپراسو ٿيندو هوم. بعضي وري ڪمي به ڪمائيندو هوس، طغاريون ڍوئيندو هوس ۽ مهتن جو پاڻي ڀريندو هوس.
    مطلب ته ننڍي هوندي کان وٺي خود ياوري جو سبق پيٽ پيو. جو وڏي هوندي گهڻو مفيد ثابت ٿيو. پيسي ڪارڻ ڪنهن جي به ڪاڻ ڪان ڪڍيم، نڪي ڪنهن جي اڳيان سوال جو هٿ ٽنگيم. هڪ دفعي دهلي کان غياث اللغات جو ڪتاب ٻارهين روپئي گهرايو هوم. جنهن جي قيمت مامي عبدالڪريم ڏيڻي ڪئي هئي، پر پوءِ بابي کي مهڻا ڏيڻ ۽ ٿورا ٿڦڻ لڳو. مونکان اها ڳالهه سٺي نه ٿي، ڪمائي ڪري سڀ پئسا ڀري ڏنامانس ۽ وري ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي محتاجي ڪان ڪڍيم.
    سنڌي چوٿين درجي پاس ڪرڻ بعد (1906) مونکي پنهنجي هوشياري ڪري انگريزي اسڪول ۾ موڪليائون جتي به پنهنجو جوهر ڏيکاريم. پر ٿوري وقت کانپوءِ اما جان وفات ڪئي (1907ع) جنهنڪري دل شڪستو ٿي وري وڃي سنڌي پڙهڻ لڳس. هيڊماسٽر صاحب، مسٽر مدنداس ڏاڍو مهربان هوندو هو، ۽ پنجين درجي جو ماسترميان محمد سنجر هو، جو هڪ سوٽيڊبوٽيڊ جينٽلمين هو ۽ مونکي تما گهڻو ڀائيندو هو ۽ بعضي ته ماني، ڏڌ، مکڻ اسان وٽان گهرائيندو هو. اهڙن لائقن فائقن شخصن جي نظر شفقت هيٺ زندگيءَ جا سال سک سانت سان گذرڻ لڳا.
    اسين به ماستر صاحبن جون ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪندا هواسين. گرميءَ ۾ جهليون ڇڪيندا هواسين، سندن گهرن جو پاڻي ڀريندا هواسين۽ ٿڪا هوا ته کين ڀيڙون به ڏيندا هواسين. ٻٻرن ۽ نمن مان سندن لاءِ ڏندڻ وڍيندا هواسين. هڪ ڀيري ماستر مدنداس لاءِ ڏندڻ ڇلهيندي منهنجي کاٻي هٿ جي اشهد آڱر مٿينءَ ڏوڏي کان ڪپجي پئي. هي سڀ ڪم پنهنجي راءِ رضا سان ڪندا هواسين ۽ ماسترن جي سيوا ۾ اسان کي خوشي ٿيندي هئي. پاڻ به نهايت مهربان ۽ جفا ڪش هوندا هئا. صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين اسان کي پاڙهيندا هوا. سندين روش هاڻوڪن ماسترن کان بلڪل عليحدي هوندي هئي. موجوده وقت جا ماستر هر هر گهڙيءَ ڏي نهارين، پڙهائڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ۽ مهل کان اڳ گهر هليا وڃن. اڳيان استاد ائين نه هوندا هئا. هو مائٽن وانگر هوا، ۽ ڪڏهين نه چاهيندا هوا ته شاگردن جي حياتي اجائي وڃي. هر ڪنهن نموني ۾ ان کي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا هوا. وڏي خوبي منجهن اها هئي ته هو اخلاق جا صاحب هوندا هوا ۽ شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا.
    جڏهن سال1909ع ڌاري ستين درجي ۾ ويٺس تڏهن ماستر مدنداس جي بدلي ٿي وئي. سندن جاءِ تي آراضيءَ جو ٻائو نارائڻداس هيڊ ماسٽر ٿي آيو. هو چلمي،تند مزاج، سست ۽ پڙهائيءَ ۾ ڪاهل هو. جنهنڪري مسٽر مدنداس جي صلاح سان ڳوٺ ڇڏي، ٽي چار ميل پري ڪرمپور جي سنڌي اسڪول ۾ ماستر منگنداس جي نگرانيءَ هيٺ پڙهڻ لڳس. سيڌ ٻاڌو هفته وار گهران کڻي ويندو هوس ۽ ملا مصريءَ اوٺي جي گهر رهندو هوس. هڪ دفعي ڇڇ مان ترندي ذري گهٽ ٻڏڻ تي هوس، پر ملا مصريءَ جي سوٽ مونکي بچائي ورتو، باقي مولهاٽو اٽي سوڌو پاڻيءَ۾ پسي پيو. مان رڳو ڳجهڙ تري سگهندو آهيان ۽ ٻانهن هڻي نه ڄاڻان، تير هڻن ۽ سواري ڪرڻ ۾ به بلڪل جڏو آهيان رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڀڙ هوس ۽ آهيان سچ چيو اٿن ته
    پڙهڻ، ترڻ ، تير هڻڻ، چوٿين سواري
    جي ننڍي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري

    ڪاميٽي امتحان جومدو اچي ڀريو هو. ماستر نارائڻداس خار وچان منهنجي عمر جا انگ بدلائي ڇڏيا ۽ رجسٽر ۾ 1897ع جي بدران 1894ع ڪري ڇڏيائين ۽ اختياريءَ وان کي لکي موڪليائين مون پنهنجي عمر مٽائي آهي. تنهنڪري مونکي امتحان ۾ نه وهاريو وڃي. مان ڪاميٽي جو فارم ديوان ٿانورداس ٽهلراماڻيءَ جي صحيه سان ڀرائي لاڙڪاڻي امتحان لاءِ ويس، پر مونکي امتحان ۾ وهڻ نه ڏنائون.لاچار ٿي ڳوٺ موٽي آيس ۽ تياري ڪلاس ۾ داخلا وٺي پيوپل ٽيچر مقرر ٿيس جنهن مان مهيني سر چار روپيا پگهار ملندو هوم.
    1910ع جي آخر آهي ۽ مرحوم محمد ابراهيم سومرو اسڪولن جو انسپيڪٽر امتحان وٺڻ لاءِ آيو آهي.منهنجي هوشياري ۽ ڦڙتائي ڏسي حيرت جون آڱريون ڏندن ۾ وڌائين.چي ارمان جي ڳالهه آهي جو ههڙو املهه ماڻڪ لڏ ۾ پيو هجي. سو يڪدم هيڊماستر کي حڪم ڏنائين ته نئين سال ٿيڻ تي مونکي انگريزي اسڪول ۾ موڪيو وڃي. هتي منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو اچي ٿو. جنهن جو ذڪر انشاءَ الله اڳتي ايندو.


    2. “باز گشت” ڪي يادگيريون

    باز گشت:
    مون اڳي چيو آهي ته مزاج جي استقامت مونکي پنهنجي والده صاحبه کان ورثي ۾ ملي. هوءَ هڪ بي نظير عورت هئي. سندس مرضي نه هئي ته ڪو اسين ڪکائين گهر تي قانع رهون، سو بابا کي تاهوت لائيندي رهي ته “عمر پيءُ ! ڇو نه پاڻ لاءِ ڪچين پڪين سرن جي جاءِ جوڙيون.” سندس عزم ۽ استقلال ڏسي، بابا کي همت آئي، سو يڪدم جاءِ ۾ هٿ وڌائين. دريون، دروازا، ڪامون، پٽيون پاڻ ٺاهيائين، جن تي گهڻو خرچ ڪونه ٿيو. مامي عبدالڪريم ، اوستي سائينداد ۽ حاجي امين واري واري تي اوساري هلائي ۽ لنب ڇنب جو ڪم لاٿو. اديءَ جمڻ، مون ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ غلام حسين (اول) مٽي ڍوئي ڏني. عيسيٰ پخالي کڏ تان پاڻي ڀريو، تڏا ، ڇپريون ۽ ٽوا ملهه تي ورتا ويا. باقي ٻيو سڀ ڪم ونگار تي ڪيو ويو. فقط هڪ ٻن ڪمن جي مزوري ڏيڻي پئي. ٿوري وقت ۾ جاءِ تيار ٿي وئي. مرهيات پنهنجا پويان پساهه پنهنجي هٿ سان جوڙيل جاءِ ۾ پورا ڪيا. اهو خودباوريءَ جو ڪيڏو نه وڏو سبق هو!
    بهر ڪاري ڪو همت بستہ گردد
    اگر خاري بود گلدستہ گردد

    مونکي يادگيري ناهي ته ڪڏهن کان وٺي نماز پڙهڻ ۽ روزا رکڻ لڳس. اگرچه ننڍي هوندي کان انهن ڳالهين جو پابند هوس، پر سانڀر فقط ڪرمپور واري زماني جي اٿم. ماحول اهڙو هو ملا ڇوڪرن جي صحبت ۾ سندن نيڪ مائٽن جي نگاهن هيٺ مونکي باقاعدي نمازن پڙهڻ ۽ روزن رکڻ جي چڱي عادت پئي.
    صحبت ــــــ صالح ترا صالح ڪند
    صحبت ــــــ طالح ترا طالح ڪند

    بزرگن جي دعائن جو اثر هو. اسان جي مسجد ۾، جنهن کي مخدوم بلاول(رح) جي مسجد سڏبو آهي، هڪ پنجابي بزرگ مولوي لعل محمد رهندو هو. تنهن هڪ ڏينهن منهنجي ڳچيءَ ۾ تعويذ ۽ ڳانو ڏسي چيو ته ڇا نالو “امير عمر” جو ۽ ڳچيءَ ۾ شرڪ جون شيون! سو هڪدم انهن کي ڪپي ڪڍيائين. رئيس العلماء مولانا عبدالله ٽپٽائي (ٽپٽا ميرن جي زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هو. ميون الهه بچايو ۽ ميون عبدالرئوف پنهنجي پرهيز۽ اتقاء ڪري هنڌين ماڳين مشهور هوا. ميون عبدالله انهن سلف صالح جو بقيو هو. وڏي علم جو صاحب هو. تفسير، حديث ۽ فقه سڀ بر زبان ياد هئس. پيريءَ ۾ جڏهن اکين کان سچو ٿي پيو تڏهن به طالبن کي برزبان پاڙهيندو هو.) جو پوءِ ٻنين جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. تنهن منهنجي حق ۾ دعا ڪئي. ته هي امير عمر جهڙو اخلاقي دلکير ٿيندو ۽ قرآن شريف ياد ڪندو. سو رب تعاليٰ مونکي سچ چوڻ جي جرئت بخشي آهي. اگرچه قرآن شريف جو حافظ ڪونه ٿيس، ليڪن رب العزت مونکي توفيق ڏني جو پنهنجي هوش سان عربي پڙهي ورتم، جنهن جي وسيلي قرآن مجيد جي معنيٰ پروڙي سگهندو آهيان. ولله الحمد! تنهنڪري چئبو ته بزرگ جون ٻئي دعائون ڏڻي تعاليٰ جي درگاهه ۾ مقبول پيون.

    زندگي جو ٻيو دور:

    مرحوم محمد ابراهيم سومري جي فرمايش موجب مان وري ٻيهر انگريزي پڙهڻ ويٺس. انهيءَ ۾ به وڏي ڀلائي رکيل هئي. سنڌي هيڊ ماسترن جي مرضي هئي ته مان تربيت حاصل ڪري سنڌي ماستر ٿيان، جنهنڪري منهنجي عمر جا انگ بدلايائون انهيءَ لاءِ ته مان ستت ڪاميٽي پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج ۾ وڃان، پر قدرت کي ائين منظور نه هو، نه ته اڄ سنڌي رٽائرڊ ماستر هجان ها. هيترو سارو عمر جو عرصو جو سنڌي پڙهڻ ۾ صرف ڪيم سو رائگان ڪين ويو. سنڌيءَ تي سخت ڪڙو هوم، ۽ سمجهه پڪي هيم، سو هر ڪنهن موضوع ۾ پنهنجي هم ڪلاسين کان سرس هوندو هوس، تنهنڪري اسان جو استاد ٿڌا رام مونکي گهڻو ڀائيندو هو. لائق بااخلاق شخص هو. اسان کي پهرين نصيحت هيءَ ڏنائين ته Be good & do good( چڱا ٿيو ۽ نيڪي ڪريو) اهو متو منهنجي حياتيءَ جو نصب العين رهيو آهي. ڪلاس جي ڪتب خاني ۾ جيڪي ننڍا انگريزي ۾ قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب هوا، سي سڀ پاڻي وانگي پي ويس. تنهنڪري انگريزي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ نهايت جاڪستو هشيار ٿي پيس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو سالياني امتحان ۾ اول نمبر کنيم ۽ مونکي ٽئين درجي ۾ ٽپايو ويو، جتي پڻ ٿوريئي وقت ۾ سڀني شاگردن کي شهه ڏيئي ويس.
    پهرين درجي ۾ هوس ۽ بلوغت کي ويجهو، تڏهن منهنجو طهر ٿيو، ڇاڪاڻ ته مسڪينيءَ سبب بابو راڄ رسم ڪري نٿي سگهيو. يعني ڄڃ ڪرڻ، سڄي راڄ کي کارائڻ ۽ ڀاتيءَ ڀاتيءَ کي ڦيليون ڀت جون ڏيڻ، ليڪن ختني جي محفل ڌام ڌوم سان ٿي. ۽ منهنجي پيرن هيٺان ڪلدار روپيا رکيا ويا، ڏورئي جو پهراڻ، ڦندڻن سان پٽڪو ۽ ڳاڙهي حلواڻ جي گوڏ ٻڌائي وئي. خوب سهرا ۽ مولود ۽ لاڏا ڳاياويا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيس.
    انهيءَ سال بابا هڪ ڦلاوتڻ عورت مائي نور خاتون ٻروچڻ سان ٽن چئن ورهين جي رناپي بعد شادي ڪئي.ان مان فقط هڪ فرزند پيدا ٿيس (غلام حسين ثاني) جو هينئر پوليس ۾ وڏو عملدار آهي. اگرچه اسين پهريائين ارها هواسين پر مائي صاحبه اسان کي پنهنجي ٻچن وانگي سنڀاليو ۽ ساري عمر اسان وٽ آندائين. اسين به کيس ساڳيءَ ماءُ جهڙو پيار ڪندا آهيون. هينئر اسي پنجاسي ورهيه ڄمار اٿس ۽ مون وٽ رهي پئي آهي. شل خدا عافيت بخشيس ۽ ايمان ساڻ هلائيس.
    انهي سال مان خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ جو مريد ٿيس، جنهن الله تعاليٰ کي دائما دل ۾ ياد ڪرڻ، سچ ٻولڻ ۽ پاڪ حياتي گذارڻ جي تلقين ڏني. انهيءَ بزرگ جي هدايت ڪري منهنجي زندگي هميشه لاءِ سڌري پئي، جو گذريل سٺ سالن ۾ مونکان ڪو ڪڌو ڪم ڪونه ٿيو آهي، هميشه سچار ۽ پاڪباز رهيو آهيان ۽ ڪنهن تي به اک ميري نه ڪئي اٿم. بزرگن جي نيڪوڪاريءَ ، فضيلت ۽ علميت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مريد مٿانئس اول گهول ويندا هوا. ۽ جتي ڪٿي پلاءَ سيري ۽ چاشنيءَ جون ڍوريون لڳي وينديون هيون. ڪهڙو نه مهانگائي، سڀاڳ ۽ آسودائي جو سمو هو وري اهڙو وقت اچڻ محال آهي.
    ٽئين درجي ۾ اسان جو ماستر صاحب ديوان پرسومل هوندو هو. جو هڪ عمر رسيدو، تجربيڪار ۽ نيڪ انسان هو. نهايت خوش دل ۽ ڀوڳائي هو. مسٽر ٿڌارام جو وڏو سڳو سوٽ هو. انهي وقت دستور هوندو هو ته صبح جو سبقن شروع ٿيڻ کان اڳ هندو شاگردن کان جپ صاحب جون پوڙيون ، پروٿنا طور برزبان ياد ڪرايون ۽ پڙهايون وينديون هيون. ۽ انهيءَ تي مارڪون رکيل هيون. مونکي ماستر صاحب چيو ته تون قرآن شريف جون آيتون پڙهه يا ڪريما جا بيت ياد ڪر. قرآن ڪريم مون هيل تائين ڪونه پڙهيو هو، فقط نماز لاءِ ڪي ننڍيون سورتون ياد ڪيون هيم. سو مارڪن جي لالچ تي پنهنجي عزيز آخوند احمد جي مڪتب ۾ قرآن شريف پڙهڻ لڳس، ۽ چئن مهينن اندر سارو قرآن پڙهي پورو ڪيم. قرآن شريف دير سان پڙهڻ ڪري اڃا به ڪي ٿوريون سورتون ياد اٿم. ان سان گڏ لوهارن جي مسجد ۾ مولوي ولي محمد صاحب سامتاڻي وهاريل هو، تنهن وٽان ڪريما پڙهڻ لڳس، ۽ سڄي برزبان ياد ٿي ويم. آواز سريلو هوندو هو، سو نهايت شوق سان ڪريما جا فارسي بيت ڳائيندو هوس. پڻ هندو شاگردن کان جپ صاحب جون پوڙيون ٻڌندي سارو جپ صاحب ياد ٿي ويم.
    فارسيءَ پڙهڻ جو چاهه به تڏهن جاڳيو. مولوي ولي محمد صاحب کانپوءِ مولوي شفيع محمد صاحب ڪاريانين وارو لوهرن جي مسجد ۾ آيو. ان وٽ نامه حق، پندنامو، بدايع منظوم ۽ گلستان ۽ بوستان پڙهيم. بعضي ته جلباڻين جي ڳوٺ مولوي عبدالواحد جلباڻيءَ وٽ هليو ويندو هوس ۽ بعضي وري ٻنڀن ۾ وڃي مولاناعبدالله صاحب جي درس ۾ داخل ٿيندو هوس. جتي گدو باغ جي درويش صفت مولوي شفيع محمد صاحب جو فرزند محمد عابد پڙهندو هو. آخوند ملا نور الله حڪيم ۽ مولوي محمد موسيٰ سان به انهيءَ وقت ڌاري ڏيٺ ويٺ ٿي جن سان اڃا به اهو دوستيءَ وارو رستو هلندو اچي.
    الغرض ته علم جي طلب ۾ مون گهڻا پنڌ ڪيا ۽ جاکوڙا ڪڍيا ۽ انهيءَ جو انعام اڄ تائين ماڻيان ٿو.
    شيخ سعديءَ جو هي مقولو هر ڪنهن مسلمان ٻچي کي ياد هئڻ گهرجي.
    جو شمع از پيءِ علم بايد گداخت
    ڪه بي علم نتوان خدارا شناخت

    اهي مڪتبن واريون سڪل پاروٿيون بنڊن تي سيڪيل سڻڀيون مانيون اڃا به ياد اٿم. ۽ جڏهن ڪڏهن اهي ڏينهن دل تي تري ايندا اٿم ته از خود وات لعاب سان ڀرجي ويندو آهي. ڪهڙو نه مٺو سواد هو انهن فقر جي مانين جو! ذهن ۽ ذڪاءُ جو ڇا بيان ڪجي؟ ڪتابن جا ڪتاب بي تڪلف پاڻهي ياد ٿي ويندا هوا. فارسيءَ ۾ بيت بازيءَ ڪري گهڻا ناصحانه بيت ۽ فرد ياد هوندا هئم، ۽ اڪثر کٿابين کي بيت بازيءَ ۾ آڳ ڏئي ويندو هوس. اڃا تائين به انهن ڏينهن جا سنڌي توڙي انگريزي ۽ فارسي ڪلام وسري نه ويا اٿم. ديوان حافظ جا به اهيئي غزل ياد اٿم، جي اوائل ۾ پڙهيا هئام، سبحان الله عجب وقت هو!وري هٿ نه ايندو.
    ڪرمپور واري زماني ۾ مولودن، معجزن ۽ مدحن سکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق جاڳيو، اگرچه ان کان اڳڀرو ڪيترائي مولود بابي کان سکيو هوس، جي لکندو ويندو هوس. پاڻ قرآن شريف ٿورو گهڻو پڙهيو هوائين، پر دماغ اهڙو کليل هوس، جو هيڪر ڪو مضمون پاڙهيو هوس ته پوءِ پاڻهي پڙهي ۽ ياد ڪري ويندو هو.کيس گهڻو ڪلام ياد هوندو هو. سماع جا بيت سٺا چوندو هو، انهن جون وراڻيون به اينديون هيس. ماهون پهرئين جمعي تي شاهه بخاريءَ تي وڏو شغل ٿيندو هو جتي آئون پڻ سنديس وٽ وراڻي ڪندو هوس. معراج نامو، بهڻ جو ڪلمو، ملهه جو پهريون معجزو، ڪانگ جو پهريون ڪلمو، فتح فقير ۽ حافظ پنيي جون چئن يارن سڳورن جي شان ۾ مداحون سڀيئي ڪنٺ ڪيون هوائين جهڙوڪ:
    1. هي من منهنجا سٽي مار، ڏينهن دنيا ۾ ڏون ڪي چار
    2. چار ئي سرور سين سونهن، چئني جي رک محبت من
    جن جي عبارت ۽ رنگين ڪلامي عبرت ۾ وجهندڙ آهي.
    مون ڏاڏي محمد صديق کان رمضان ڪنڀر وارو هرڻي جي معجزه ۽ ڪانگ جو ٻيون ڪلمو ۽ ڪيترائي مولود لکيا هئم سي پڻ کيس ياد هوا. محبت فقير کان ملهه جو ٻيو معجزه ۽ ڪانگ جو ٽيون ڪلمو لکيم، ۽ ملي هارون کان پيربادشاهه جي مدح، سي به ياد ڪري ويو غضب جو حافظو هوس. ازانسواءِ چاچي نظام الدين (ننده) کان ٻه ٽي قديم مولود لکي ورتم. سي سڀ مون کان ڏاڏي حوا قاضياڻي ورتا هوا. جنهن وٽان اهي منهنجو سوٽ عباس کڻي ويو ۽ وڃي پنهنجي نار جي ڳاڌيءَ تي پڙهندو هو. هڪ ڏينهن سندس پيءُ چاچي حمزه کيس ڏسي ورتو، سو ڪاوڙ وچان اهو ڪتاب ئي کڻي کوهاڏي ۾ ڦٽو ڪيائين، اهڙي طرح ورهن جو پورهيو اک ڇنڀ ۾ ڪٽ ٿي ويو. رمضان ڪنڀر جي ملهه جو ٻيو ڪلمو، ڪانگ جي ٻئي ڪلمي وانگر هڪ جواهر پارو آهي جو هينئر ناياب آهي، فقط هڪ ٻه سٽون سيني ۾ سانڍيل اٿم.
    ڇا هي وس چڙيءَ جو، ڇا عنتر عقابا؟
    چار ئي چڪ چري ويا، جئن ڪيو دزد ڌڪاءُ

    پاڙي ۾ اسان جي مائٽياڻي مائي آست (عائشه) هوندي هئي، جا نهايت نيڪ نمازڻ ۽ پڙهيل هئي. ڪيتريون ئي نياڻيون وٽس قرآن شريف جي تلاوت ڪنديون هيون. گهر ۾ نماز لاءِ خاص خونرت هوندي هيس. اها خونرت عين انهيءَ جاءِ تي هئي. جتي مخدوم بلاول رح نفلي نماز پڙهندو هو.
    وٽس ڪيترائي بمبئي سنگي ڇاپي جا ڪتاب هوندا هوا. جهڙوڪ مولودن، معجزن ۽ مدحن جو مجموعو ۽ قصص الانبياء جي مون سڀئي پڙهيا ۽ انهن مان ڪيترائي ياد ڪيا. افسوس جو اهو مجموعو به اڄ ڪونه ٿو ملي سگهي. ان ۾ ڪيترن ئي سنڌ جي قديم شاعرن جو ڪلام هو، اڄڪلهه جا شاعر غزلن وغيره کي چهٽي پيا آهن، پر مولودن ۽ معجزن۾ جيڪو مزو آهي، سو هرگز مصنوعي ڪلام مان نه ملندو.
    رمضان واڍو، سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب بابا جو دوست هو. بدن جو مضبوط ۽ جوپ. ڏاڙهي ننڍي ۽ مٿي تي وڏو ڦيڙهو ٻڌندو هو هٻار کان پنڌ ڪهي اڪثر اسان وٽ مهمان ٿي ايندو هو. چاچي محمد بچل جي دڪان تي ٽڪندو هو. مان کيس ماني ٽڪي پهچائيندو هوس. منهنجي دلچسپي ڏسي نئين ڇپايل “هاري جي مدح، سوکڙي ڪري ڏنائين جنهن جو هڪڙو بند اڃا تائين نه وسريو آهي
    اڏون نائڪا ٽڪون ٺاهه، نار تنهين تي نينهن جو وهاءِ
    ووڻ اٿل جو ڊپ نه لاهه، هاري ڪر موچاري ڪار

    سنڌ جي امي عطائي شاعر رمضان ڪنڀر پڻ اسان جي خاندان جو گهڻگهرو دوست هو، پر منهنجي زماني کان گهڻو اڳي دربقا ڏي راهي ٿي ويو هو.
    مامو عبداڪريم پڻ چڱو روحانيت وارو هو. پاڻ ملڪاڻي بزرگ ميان غلام محمد صاحب جو خاص مريد هو. مان به ساڻس بعضي بعضي بزرگن جي زيارت ۽ وعظ ٻڌڻ لاءِ ملڪاڻين ويندو هوس. بزرگن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي مريد کين عزت وچان صاحب سڳورا ڪري سڏيندا هئا. وڏيءَ ڏيا ۽ حشمت وارا هئا. جهڙو عاليشان ڏيل هون، تهڙو ئي اندر آئيني وانگر اجريل هو. ڏسنديئي هنيون پاڻي ٿي ويندو هو. ڪيترائي سنگدل ۽ هاڙها چور سندن صحبت ۾ سڌري وڌي روحاني درجي تي پهتا. سندن آواز سوزناڪ ۽ دهشت وارو هو. جڏهن وعظ ڪندي شاهه جابيت فراق مان چوندا هوا. تڏهن سندن اکين جا نار پيا ٽمندا هوا. ۽ ماڻهن ۾ سخت گريو ۽ روڄ راڙو پئجي ويندو هو. هنڌ ماڙيون ۽ حجرا سڀ انهيءَ درد جي دانهن ۾ گونجندا هوا. اجهو هينئر به الفاظ لکندي اکين مان پاڪ ڳوڙها نڪري ڳلن تي ڳڙي پيا آهن. ۽ قرآن شريف جي اها آيت سڳوري دل تي تري آئي اٿم جنهن ۾ الله تعاليٰ حضرت دائود عليه السلام جي ذڪر ۾ فرمائي ٿو ته يا جبال اوبي معہ والطير اي پهاڙو ۽ پکيو اوهين به ساڻس گڏجي منهنجي ساراهه جا گيت ڳايو. ۽ پڻ سنڌ جي شاعرن جي سرتاج سهڻي شاهه لطيف جو هي بيت ياد اٿم:
    رڃن ۾ رڙ ٿي، ڄڻ ڪوئل جي ڪوڪ؟
    ولولو ۾ ووڪ، ايءَ تان آهه عشق جي

    رحمہ الله رحمنا واسعنا
    سندن قدآور ۽ شاندار بدن تي ڊگهو ڪارو چوغو جهولدار سٿڻ ۽ سر مبارڪ تي عرق چين مٿان لونگي ڏاڍي سونهندي هئي. ۽ منجهائن سج ورنا شعاع نڪرندا هئا. وعظ جو نمونو به عجيب هوندو هون. ٿورو ڳالهائي بس ڪندا هوا ۽ سوز و گداز ۽ رقت وچان ساهي کڻندا هوا ته انهيءَ وچ ۾ مولودي پنهنجي مٺي آلاپ سان مولود چوندا هوا. پوءِ وري پاڻ عقاب جهڙي سنهي ۽ سندر آواز سان وعظ جو سڳو اڳتي سوريندا هوا. اهو ساڳيو وعظ جو طريقو علامه هدايت الله مشتاق متعلوي پنهنجي مولود النبي ۾ ڏنو آهي، جو اڪثر اڳين عالمن ۽ واعظن وٽ رائج هو
    جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، ٿا جهڙ جيئن نيڻ جهمن
    سخن ساميڙن جا، هنيڙي منجهه هرن
    سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئي

    سندن مريد پڻ مٿانئن عاشق ۽ جان فدا هوندا هئا. جڏهن ڪڏهن مريدن جي ميڙ ۽ منٿ ڪري، دعوتن تي چڙهندا هوا، تڏهن کين ڪلهن تي چاڙهيندا هوا. پٺيان مريدن ۽ ٻين مخلصن جي بهير هلندي هئي، جي مولود چوندا ۽ زيلون ڏيندا پيرن پيادي هلندا ايندا هوا. ساري فضا انهي پڙاڏي سان پر ٿي ويندي هئي. عجيب لطف هوندو هو.آخر پاڻ پنهنجي سواري لاءِ محفو ٺهريائون جو ڀلا گهوڙا ڪاهيندا هوا. اهو محفو اوستي محمد بچل خاصخيليءَ ٺاهيو هو ۽ پنهنجي نوع جو هئو. اوستو محمد بچل شهر جي سڀني واڍن ۽ رازن جواستاد هو. ۽ چٽسالي ۾ سخت مهارت رکندو هو. اسان جي مسجد جي ٽنهي گنبذن تي جيڪا نقاشي هن مصور ڪئي آهي سا بي مثال آهي. اڄ به ائين پئي ڏسجي جيئن ته ڪالهه وجود ۾ آئي آهي. کيس ڪو اولاد ڪونه ٿيندو هو يا جي ٿيندو هو ته بچندو ڪين هو. الله تبارڪ وتعاليٰ جي مهرباني ۽ بزرگن جي دعا سان کيس هڪ سدا ملوڪ فرزند ڄائو جو وڌي وڏو ٿيو ۽ جنهن کي ماڻس اوستي جي وفات کانپوءِ پار وٺي وئي خبر نه آهي ته جئرو آهي يا نه.
    باوجود ايڏي عظمت جي بزرگن ۾ ايتري قدر نهٺائي ۽ حليمي هئي جو سڀ ڪنهن ادنيٰ يا اعليٰ کي ڀاڪر پائي گڏبا هوا ۽ ڇاتي سان لڳائيندا هوا منجهن ايتري قدر مقناطيسي اثر هوندو هو جو ماڻهو حال ۽ وجد ۾ اچي ويندا هوا ۽ منجهن قلبي ذڪر جاري ٿي ويندو هو. مون تي بزرگ جي گهڻي نوازش هوندي هئي ۽ منهنجا هٿ اکر کين وڻندا هوا. مدرسي جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ قرب وچان اچي منهنجا مهمان ٿيا ۽ گهڻو خوش ٿي ويا.
    پاڻ سنڌي ڪلام به گهڻو چيو ٿو ڏسجين جو ڏاڍي سوز سان ڀريل آهي، جيڪڏهن انهي خاص انداز ۾ پڙهجي ته جگر پاش پاش ڪري ڇڏي مونکي فقط مارئيءَ جي مثنوي جا ڪي بيت ياد آهن جي هيٺ ڏجن ٿا:
    اول ڪريان ثنا ستار سائين
    وڇوڙيل کي مٺا مارو ملائين
    اباڻن جي اڪنڊ ڪيا چاڪ در چاڪ
    جگر جيرا جلي کامي ٿيا خاڪ
    اداڙي! تو عمر مون قيد ڇو ڪيو؟
    پنوهارن جي پرت جو پيچ مون پيو
    پنوهاريون هت پين پاڻي پلر پاڪ
    آئون ويڍي وسايان منهن مٿي خاڪ
    مٺو مرسل جڏهن ايندو سڄڻ سنڌ
    بندي بيڪار کان ٿيندو بدا بند

    گهڻائي سندن فيض مان رتا. سندن ڪيترائي خليفا هوا. جن مان ڪن جا نالا ياد اٿم، جهڙوڪ ميان عبدالله يمشي فقير، جو خود هڪ بلند پايي جو عالم هو، ۽ سيد خيرالدين شاهه جلباڻين وارو جو اسان جي گهر ايندو ويندو هو. مولود سٺا چوندو هو ۽ آواز نهايت سريلو هوندو هوس ۽ اخلاق عظيم جو صاحب هو. ملڪاڻين کان موٽبو هو ته واٽ تي حافظ نبي بخش يا ميان فقير محمد وٽ ساهي کڻبي هئي. هڪ دفعي ملڪاڻين کان موٽندي تمام ٿڪجي پيس (پنڌ ڪرڻ جو اصل ڪوچڙو آهيان جو پير داڦڙ اٿم. ميل کن پنڌ ڪريان ته هڦجي پوان) ۽ الٽيون ٿي پيم. سو مامون عبدالڪريم مونکي خليفي نبي بخش جي مڪتب واري اوطاق تي وٺي ويو جتي مصري جو شربت پي دل کي آٿت آيو. ميان عبدالله يمشي پهريائين ملڪاڻين ۾ درس ڪرائيندو هو پر پوءِ پار لڏي وڃي ويٺو جتي سنديس تدريس جاري هئي. منهنجا ڪرمپور جا ٻه ملا ڇوڪرادوست محمد رمضان ۽ امام بخش وٽس پڙهندا هوا. ۽ وٽائونس ئي دستاربندي ڪيائون ۽ پوءِ مولوي عبدالحي ۽ مولوي عبدالعزيز جي نالن سان مشهور ٿيا. عبدالعزيز وفات ڪري ويو آهي باقي عبدالحي اڃا جئرو آهي. يمشي فقير هڪ ڀيري ڊي پي آءِ واري زماني ۾ ڪنهن خسيس ڪم لاءِ مون وٽ آيو هو. کيس ڏسي سرهائي حاصل ٿي ٿيم ۽ اهو ڪم ڪري ڏنومانس.


    3. لاڙڪاڻي مدرسي ڏانهن روانگي

    حافظ محمد صالح ، صاحب ڪرامت جو هئو. سندس وڏو ڀاءُ حافظ ميان گل محمد اسان جي مسجد ۾ قرآن شريف پڙهائيندو هو، مڪتب تمام وڏو هو، جنهنڪري سندس ڀاءُ حافظ محمد صالح ۽ سندس فرزند حافظ محمد عالم، حافظ محمد پريل ۽ حافظ نور محمد کيس کٿاب ۾ مدد ڪندا هوا. انهن سڀني کي اسان جي هڪ شاهوڪار مائٽ حاجي سائينڏني، جنهن کي پنهنجي مال ۽ دولت تي باور هوندو هو لوڌي ڪڍيو، جو پڇوءِ لڏي وڃي نئين وپهڻ ۾ ويٺا. اهڙي طرح اڳ ۾ مولوي عبدالرزاق صاحب بوبڪائيءَ ۽ حافظ محمد قاسم آري سواءِ واري کي به جهيڙو ڪري ڀڄائي ڪڍيو هوائين. مولوي حافظ عبدالرزاق صاحب مولانا عبدالله ٽپٽائي جو شاگرد هو. حديث ۽ فقه جا ڪتاب برزبان ياد هئس. ميان عبدالله سڳوروچوندو هوته “ابا ! اسان ٽيهه ورهيه علم پڙهيو، پر استادن اسان کي پڳ نه ٻڌائي” باقي اسان سو پنهنجي شاگرد کي فضيلت جي دستار ٻڌائي پر اهو اسان جو شاگرد شينهن آهي. اڄ ڪلهه ململ تمام سهانگي ٿي پئي آهي ۽ سڀ ڪو پڳ ٻڌيو مولوي ٿيو ويٺو آهي.” مولوي عبدالرزاق صاحب لنواريءَ جي درگاهه جو مريد هو. اگرچه خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ جي صحبت ۾ پڻ گهڻو ڏٺو ويندو هو. جڏهن خواجه احمد زمان جي اوائلي دور ۾ “صلوات عليٰ پير لواري” وارو فتنو جاڳيو، تڏهن ميان عبدالرزاق به قرآن ۽ حديث جي دليلن سان انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪئي. ڪوبه عالم کيس حجت ۾ ماري نه سگهيو ۽ سڀ دنگ رهجي ويا، پر جڏهن ظاهري عالم ۽ فقيه دليل بازيءَ ۾ پڄي نه سگهندا آهن، تڏهن زور هوندو اٿن تڪفير جي فتويٰ تي. سو تڪفير جي تحرير مٿس جاري ڪئي وئي ۽ انهيءَ واقعي بعد سندس وقعت گهڻو گهٽجي وئي، پر ستت ئي راهه رباني ورتائين ۽ جاهلن جي جهڙپ کان ڇتي پيو. “واليه ترجع الامور”حافظ محمد قاسم به نيم مولوي هو. کيس مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. مون کيس ڏٺو هو ته ڪيئن باوجود جهانورائيءَ جي ڪتاب سان منهن لڳائي سڄو ڏينهن ويٺو پڙهندو هو.
    حافظ محمد صالح ساري عمر ستوجتو ٿي گزاري. جوانيءَ جي جوش ۾ کانئس ڪي سهوون ضرور ٿيون، جن لاءِ خدا کيس بخشيندو، باقي ساري ڄمار پاڪدامن رهيو. قرآن شريف نهايت صاف ۽ چٽو پڙهندو هو. ۽ شايد “قول اورا لحن ني آواز ني” تي عمل پيرا ٿي، ترنم کان پاسو ڪندو هو. سندس ڦيڻي ۽ تعويذ ۾ وڏو تاثير هوندو هو. هڪ دفعي نئين وهڻ وڃڻ ٿيو، ڏٺم ته هڪ وڏي هيانچي وارو شخص تڏي تي پٺيءَ ڀر ليٽيو پيو آهي. ۽ پيٽ جي مٿان چيڪيءَ مٽيءَ جو ٿلهو لولو رکيو اٿس. حافظ صاحب پوءِ هڪ تيز ڪاتي کڻي آيو ۽ خوب مٽيءَ کي ابتا سبتا چهڪ ڏنائين. ٿوري وقت ۾ مريض بالڪل چاق ۽ نوبنو ٿي پيو. سوين ماڻهو وٽس دعا لاءِ ايندا هئا، پر هو ڪنهن کان به پائي ڪين وٺندو هو. پڇاڙي جو ڪرمپور ۾ وڃي ويٺو، جتي قرآن مجيد جي حفظ لاءِ هڪ وڏو مڪتب کوليائين، ۽ ڪيترائي طالب وٽس تعليم وٺندا هئا. مان جڏهن ڪراچي کان ڳوٺ ويندوهوس، تڏهن کيس پيادل يا اٺ تي چڙهي ملڻ ويندو هوس، ۽ سندس رس ڀري صحبت مان گهڻو حظ حاصل ڪندو هوس.
    قارئين ڪرام مونکي معاف ڪندا، جو پنهنجي حڪايت ڪندي وڃي جهاجهه ۾ پيس.”الحديث ذوشجون” مولودن ۽ معجزن سان گڏ مونکي ڪافين ۽ ڳالهين ٻڌڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. ابتدائي اسڪول واري ئي زماني ۾ گل خندان، امير حمزو، ممتاز دمساز، الف ليله و ليله، چهار درويش، گل بڪائولي ۽ خورشيد جهڙا ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئم.
    ڪافيون اوستي محمد بچل جي دڪان تي ڳائبيون هيون. پاڻ کيسن اڻڻ ۾ ڀڙ هو. گنمبٽ ۽ نصرپور جا ڪاريگر سڀئي سنديس استادي مڃيندا هوا، اگرچه شهر جي ماڻهن يا خود سندس ڀاڻيجن کانئس اهو هنر نه پرايو. ان سان گڏ علم موسيقي جو به وڏو ماهر هو. يڪتارو ۽ مدم چڱيءَ طرح وڄائي سگهندو هو. وٽس طرح طرح جا ڳائڻا ۽ گويا ايندا هوا. ۽ سج لٿي کانپوءِ وٽس راڳ جي مجلس ٿيندي هئي. جنهن ۾ شهر جا راڳيندڙ جهڙوڪ اوستو محمد امين ۽ عيسو پخالي گاني لاءِ ۽ سندس يلغاري چلم مان وزم ڀرڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هوا.
    خوب ڪچهري لڳندي هئي، ۽ مزيدار روحاني ڪافيون ۽ غزل ڳائڻ ۾ ايندا هوا جهڙوڪ:
    1. عاشقن جون ازل کان پنهنجي يار سان لائون لڌيون
    2. جي هجين عاشق، ته بر سر مينهن محبت جو وساءِ
    3. دنيا ۾ دل جو مطلب، پورو ٿيو ته ڇا ٿيو؟
    4. رخ تنهنجي روشن ڪيو جلوو ڪلام الله جو
    5. رند روز شب آهن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق
    اهڙي طرح مخدوم سنڌي سوائيءَ جي سترهينءَ تي عيسو پخالي ۽ ٻيا رات جي وقت دودي چنيسر ۽ سيف الملوڪ جو قصو ٿالهن ۽ دلن تي ڳائيندا هوا. ۽ ڏاڍي لئه لڳندي هئي. اهي سڀ واقعا من تي منقش اٿم. ڳالهيون ۽ آکاڻيون مامي عثمان کان ٻڌندو هوس. هو رات جو اسان جي پل ۾ جوئر جي ڪانن جي ڪتر هڻندو هو ۽ مان کيس ڪانا سوري ڏيندو ويندو هوس. ۽ پاڻ قصو کڻندو هو. اهڙي طرح الف ليله وليله جا ڪيترا قصه جهڙو ملڪ عجيب، علاءُ الدين، علي بابا ۽ چاليهه چور وغيره چاچي عباس جي والده مائي فاطمه کان ٻڌم. جا هڪ نهايت سنجيده متقڻ، وڏ گهراڻي عورت هئي. سندس وڏو ڀاءُ قاضي ميان عبدالرحمان صاحب پنهنجي تحرير نويسيءَ ڪري آسپاس ۾ مشهور هو ۽ اکر اهڙا هوندا هئس جهڙا موتيءَ جا داڻا، سندس ڀيڻ ڏاڏي قاضياڻي حاجياڻي مائي حوا پنهنجي پرهيز ۽ تقويٰ جي ڪري عام ۽ خاص جو مرجع هئي ۽ ننڍا وڏا سنديس عزت ڪندا هئا.

    اوٽر پيم اپار، هينڙو لٽ لٽي ويو
    هئا هنياريءَ وچ ۾، پريم تنهنجا پار
    ڪيم ڪين سنڀار، هي پڻ وهه وهي ويو

    ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ هوس (1912ع ۾) ته ڪاميٽي امتحان جي خانگيءَ طرح تياري ڪري ورتم. فقط پئماشي حساب پياري ڳوٺ واري ماستر محمد ادريس کان سکندو هوس. ڊي پي. آءِ واري زماني ۾ ماستر ممدوح کي دادو ضلع ۾ سپروائيزر (مفتش) مقرر ڪيم، پر بيڪار ثابت ٿيڻ ڪري کيس پوئتي هٽائڻو پيو، جنهن جو گهڻو ارمان اٿم. فرض ادائيءَ ۾ اهڙو سانگو اجايو آهي. سڄي لاڙڪاڻي ضلع ۾ مٿاهون نمبر آيس.
    ٽئين درجي پاس ڪرڻ بعد، چوٿين درجي ۾ ويٺس جو خود هيڊ ماستر صاحب پاڙهيندو هو. سندس نالو ديوان ڀانونداس راءِ سنگهاڻي هو. نهايت لائق پر ڪرڙو انسان هو. مارڻو به هڪ هو ۽ اسڪول جا سڀ شاگرد کائنس ڪٺو کائيندا هوا. مونکي تمام ڀائيندو هو ڇاڪاڻ ته مان سڀني شاگردن ۾ برک هوس ۽ ڪڏهن به پهريون هٿان نه ڇڏيم. منهنجو دوست ڪيول موٽواڻي جو مونکي بعضي پيسي جي به از خود ڏيندو هو ۽ تمام هوشيار هو، ۽ انهيءَ ڪچيءَ اوستا ۾ انگريزي ۾ وڏا پسٽڪ پڙهندو هو ۽ جو هينئر ڊاڪٽر ڪيولرام موٽواڻيءَ جي نالي مشهور ٿياسافي جو پوئلڳ، ڪولمبو ۾ وڏي عهدي تي آهي سو به مونکي پڄي نه سگهيو.
    اسان جي مسڪيني ايتريءَ حد تي پهتل هئي جو چوٿين درجي جي ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ مونکي موڪل جي وقت طغاريون ڍوئڻيون پيون، پر ڪنهن جي اڳيان محتاجيءَ جو هٿ ڪين ٽنگيم. ڪي ڪتاب ته پنهنجي هٿ پاڻ لکيم. جهڙوڪ ولڪنسن آلجبرا جو پهريون حصو ۽ گاڊ فري سڊنس جي جاميٽريءَ جو استعمالي پهريون حصو، جي پوءِ منهنجا سنگتي مون کان وٺي ويا. باوجود ايترين تڪليفن جي پنهنجي پڙهڻ کي چهٽيو رهيس ۽ ڪڏهن به دل شڪستو نه ٿيس.
    اسڪولي نموني جي فارسي چوٿين درجي کان شروع ٿي ۽ بادستور صرف ۽ نحو جي قاعدن موجب حڪايات لطيف جو ڪتاب جديد نموني ۾ پڙهيو ويو جنهن هيڪاري سون تي سهاڳ جو ڪم ڏنو ۽ آئنده جي اڀياس جو پختو پايو ٻڌو، تنهن هوندي به پراڻي طريقي موافق گلستان ۽ بوستان انهيءَ سال ۾ پڙهي ويس.
    هيڊ ماستر صاحب کي يقين هو ته مان ضرور چوٿين درجي ۾ به اڳ وانگر پهريون نمبر ايندس، ليڪن فقط هن ڳالهه جو هو، سال پوري ڪرڻ بعد مبادا منهنجي تعليم ختم نه ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته مونکي مٿي پڙهڻ جي وسعت ڪان هئي، ان وقت ضلع اندر لاڙڪاڻو مدرسو ئي هو جنهن ۾ هڪ مسلمان ڇوڪرو تعليم وٺي سگهيو ٿي، پر اهو مدرسو خاص زميندار طبقي ۽ وڏن ماڻهن جي ڇوڪرن جي تعليم لاءِ مخصوص هو. اتي هڪ غريب هاريءَ جي ٻار جو پهچڻ مشڪل هو.هيڊ ماستر دل نه هاري چيو ته هڪ انگريزي ۾ سٺن اکرن سان درخواست لک ته اها وڏي سفارش سان لاڙڪاڻي ضلع جي ڪليڪٽر ڏانهن ڏياري موڪليان، ڇاڪاڻ جو اهو صاحب مدرسي جي بورڊ جو به پريزيڊنٽ هو، ۽ گورا صاحبلوڪ مسلمانن جي تعليم ۾ گهڻو بهرو وٺندا هوا.
    مون هڪل درخواست سهڻي ۽ سوزناڪ انگريزي ۾ لکي ورتي جا هيڊ ماستر صاحب زبردست سفارش سان ڪليڪٽر ڏي رواني ڪئي. آسرو گهڻو ڪونه ٿي ڏٺو پر الله ۾ اميد وڏيائي هئي:
    ما کار خويش رايخداوند کارساز
    سپر ديم، که کرم اوجها کند

    سال 1913ع پوري ٿيڻ تي مان چوٿين درجي انگريزي درجي جي آخري امتحان مان نهايت ڪاميابيءَ سان پار پيس، ته رب جي لطف سان لاڙڪاڻي مدرسي ۾ فري بورڊشپ جو آرڊر به اچي مليو. اهڙي خوشي ٿيم، جو ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان ۽ يڪدم تياري جي ڦڙڦوٽ ۾ لڳي ويس.


    4. حياتي جو ٽيون دور : لاڙڪاڻي ڏي روانگي

    احوال هي هئوم جو پائڻ لاءِ سنجيدا ڪپڙا ڪون هئم. ٿلهي بافتي جو پهريان، ململ جو پٽڪو، نير ۾ ٻڏل پاچن ڀريل سٿڻ، موچڪي جتي ۽ پٺاڻن کان ڳڌل ڊگهو گڊلو يا ڪوٽ، مڙس هليو آ لاڙڪاڻي جنهن بابت ان وقت چيو ويندو هو: “هجيئي هڙ ۾ ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو”. ٻيجل وانگي واليءَ در وينتي ڪيم: “ڀلا ڀيري ڀرا پالهو پاند پينار جو.”
    پراڻا سراڻا ڪپڙا ۽ قدري ڪتاب پراڻي لوهي صندوق ۾ وجهي الله جي آس ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺس. ٽن چئن ڪلاڪن اندر اچي لاڙڪاڻي ٺڪ ڪيم ۽ پڇائيندي پڇائيندي مدرسه الاسلام لاڙڪاڻي جي ديوارن اندر داخل ٿيس. زميندارن جا البيلا ۽ خوش پوشاڪ ڇوڪرا منهنجي اها اٻالي ۽ زوليده حالت ڏسي اچي کل ۾ ڇٽڪيا چي” هي رئيس به آيو آهي پڙهڻ.”
    حقيقت ڪري هي پهريون مثال هو جو هڪ غريب هاري جو ٻار، لاڙڪاڻي مدرسي ۾ زميندارن جي ٻارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تعليم وٺي ۽ ساڻن گڏ ساڳيءَ ميز تي ماني کائي. اها انهن لاءِ وڏي اهانت ۽ ذلت هئي جو هڪ لال ڀتوت ساڻن همسري ڪري. ان وقت مدرسي جو پرنسپال مرحوم قاضي جان محمد صاحب شڪارپوري هو جو پوءِ منهنجو زبردست همرفيق ٿيو ۽ جنهن کي آئون استاد جهڙي عزت ڏيندو هوس سو مونکي ٻڌائيندو هو ته جڏهن منهنجي درخواست مدرسي جي بورڊ وٽ فري بورڊريءَ لاءِ پيش ٿي، تڏهن سڀني زميندار ميمبرن ان جي سخت مخالفت ڪئي چي “ هي غريباڻو ٻار اسان جي اوچي اولاد سان گڏ وهندو ۽ ان ۾ اسان جي شان جي گهٽتائي ٿيندي.” ڪليڪٽر هاسٽن صاحب جنهن کي منهنجي درخواست جي انگريزي ۽ اکر وڻي ويا هوا تنهن منهنجي زور سان پٺڀرائي ڪئي ۽ ميمبرن کي تسلي ڏياريائين ته اهڙي هوشيار ۽ ذهين ڇوڪري جي مقابلي ۾ پاڻ اوهان جي ڇوڪرن کي رشڪ ايندي ۽ ممڪن آهي ته اهي پڻ سنديس ذهانت ۽ هوشياري ڏسي سڌري پون.
    بهرحال ٻئي ڏينهن پنجين درجي واري ڪلاس ۾ وڃي ويٺس. ڇوڪرا مونکي ڏسي هڪ ٻئي کي پيا اکين جا اشارا ڏين ۽ آستين اندر پيا کلن ۽ کچڪن. ڪلاس ماستر ميان سبحان علي شاهه مونکي مٿي کان وٺي پيرن تائين نهاري ڏٺو ۽ حيرت جو پتلو بنجي پيو. مڙس قداور،ڀورو، مٿي تي اڇو پٽڪو ۽ شهپر وڏا، نڪ چتونءَ چهنبو، سٿڻ جهولدار ڪرڙي اک سان ڏٺائين. سڀ سن کائي وڃي رهيا. آخر پهرئين گهنٽي جو سبق شروع ٿيو. منهنجي انگريزي ۾ قرات ٻڌي سڀئي حيران ٿي ويا. اگرچه اهو ڪتاب منهنجي اڳ جو پڙهيل نه هو. سوال جواب هليو، لفظن جون هجائون پڇيون ويون، جن ۾ آئون سڀني کان ڪثر کڻي ويس ۽ انهيءَ ساعت ۾ پهريون نمبر ٿي ويٺس. سڀني جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ماستر صاحب جي ارشاد تي يڪدم چندو ٿي ويو ۽ مون لاءِ سٺا ڪپڙا ٺهرايا ويا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ مان هڪ دهقاني شاگرد مان ڦري شهري ٿي پيس.
    پنجين درجي ۾ چڱا شاگرد هئا. مونکي مرحوم شيخ الله بخش ۽ عزيزم غلام حسين ڦل جي سنگت وڻندي هئي. ڦل صاحب سان اها اڳوڻي آشنائي ۽ محبت اڃا هلندي اچي ڇاڪاڻ ته هو اصل کان سهڻن اخلاقن جو مجموعو آهي. سندس نهٺائي ، هوشياري ۽ شيرين زباني منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويئي. هو پڻ هاڻ مون وانگر فارغ البال ٿي ويٺو آهي ليڪن اڄ به سندس مرڪندڙ منهن ۽ دلپذير مرڪ اندر جي ڦرهيءَ تي اڪريل اٿم. نوڪريءَ جو سارو زمانوشرافت، ايمانداريءَ، پاڪدامني بي ريائيءَ سان گذاريائين ۽ ڪنهن جي چيڙهه کي به ويجهو نه ويو. خوشامد برآمد کان پري هو. ۽ سڀ ڪنهن کي سچي ڳالهه چئي ڏيندو هو. افسوس جو پاڪستان جي ظهور بعد حڪومت جي ڪاربردارن سندس قدر نه ڪيو (ايمانداريءَ جو قدر ڪٿي آهي؟) ۽ کيس ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان قبل از وقت پينشن وٺڻي پئي. مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب جي هڪ مشهور غزل جو بند ٿو ياد پوي!
    دغا بازن دغابازي، چغل خورن تي سڀ راضي
    تڙين جي آهه اڄ تازي، عجب هي دور آيو آ

    انهي وقت کهڙو محمد ايوب صاحب ٽئين درجي ۾ هو، جنهن کي مسٽر نواز علي “نياز” خاص طور پاڙهيندو هو. عزيزم غلام رسول ڪيهر ۽ مرحوم سردار واحد بخش خان ڀٽو چوٿين درجي ۾ هوا. انهي زماني جو قديم فوٽو اڃا تائين مون وٽ موجود آهي، جنهن ۾ سڀني سان گڏ بيٺو آهيان ۽ انهيءَ زماني جا فارسي ۾ مسٽر نيڪ محمد کان سکيل بيت اڃا تائين ياد اٿم.
    تصوير احبان مرا هردم نشاني ميدهد
    آنزمان کاندر ميان بوديم خوش بايکدگر
    آنگہ زمان کج روش شيشه وصل را بشکند
    تا نباشد غير ازين مارا نساني در نظر


    5. لاڙڪاڻي مدرسي وارو زمانو

    مرحوم نيڪ محمد صاحب هڪ نهايت قابل ماڻهو هو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان پاس ڪئي هوائين. فارسيءَ ۾ گهڻو درڪ هوس ۽ انگريزي پڻ عاليشان ڳالهائيندو هو. شيڪسپيئر ۽ ٻين انگريزي شاعرن جو ڪلام گهڻي قدر ياد هوس ۽ نثر توڙي نظم جا فقرا برزبان فرفر ڪري پڙهي ويندو هو ۽ اسان کي لکائيندو هو.فارسي شعرن مان هي بيت اڃا تائين ياد اٿم:
    کاتب قدرت دوسطر ابروانت کج نگاشت
    يا زحيرت دست او لرزيد يا مسطر نداشت

    شڪل ۽ شباهت ۾مهذب، پر عادتن جو ڇيڳرو هوندو هو.گلاب جي گلن سان ڏاڍي دل هوندي هيس. هڪ گل ڪوٽ جي ڦڙڪي جي سوارخ ۾ هوندو هوس ته ٻيو هٿ ۾ هوس، جنهنکي بار بار پيو سنگهندو هو. مان لاڙڪاڻي مان پنجون درجو پورو ڪري ويس، تنهن کانپوءِ معلوم ٿيم ته مجازي محبت ۾ ڦاٿل هو، ليڪن مجازيءَ جي پل لنگهي اڃا حقيقي تي پهتو ئي ڪين هو ته عشق نهوڙي نيس ۽ پنهنجي جواني پاڻ سان وٺي ويو. مولا تعاليٰ شال مرهيس.
    ماريندءِ مجاز، گهڻي ٿوري ڏينهڙين،
    هٿان ڇڏم باز، هاري حقيقت جو.

    مسٽر نواز علي “نياز” هڪ قابل قدر استاد هو. قطع وضع ۾ صاف سٿرو هوندو هو. اگرچه مونکي پڙهايائين ڪونه پر مون تي گهڻو راز هوندو هوس ۽ پنهنجي خاص ڪتب خاني مان سٺا سٺا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هوم. اڃا تائين سندس اها پراڻي شفقت هلندي اچي. بحر ۽ قافيي تي ٻڌل شعر ٺاهڻ ۾ ماهر آهي. رب تعاليٰ شل ڏينهن ڏئيس.
    مطلب ته مدرسي ۾ داخل ٿيڻ بعد ٿورن ئي ڏينهن ۾ مدرسي جا شاگرد توڙي ماستر منهنجي هوشياريءَ تي موهت ٿي پيا ۽ بورڊنگ ۾ رهندڙ اڪثر زميندارن جا ٻار مون کان انگريزي سکندا هوا. محترم محمد ايوب کهڙوپنهنجي اوطاق تي رهندو هو. ان سان منهنجي گهڻي لهه وچڙ ڪانه هوندي هئي ليڪن هو مون کي پري کان عزت ۽ پيار سان ڏسندو هو. سندس اها دلي محبت ۽ شفقت اڃا هلندي اچي. مون سان سندس مهرباني ۽ رغبت اڳي کان به اڳري آهي. ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ساڻس گرندو ڀوندو آهيان ۽ بعضي بعضي ته تلخيءَ سان سچ چوندو آهيانس پر پاڻ مون سان ڪڏهن به کهرو نه پيو آهي. جڏهين به کيس ملڻ ويندو آهيان تڏهن ٻيا ڪم ڇڏي به مونکي هڪدم پاڻ وٽ گهرائيندو آهي ۽ جيڪي به چوندو آهيانس تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍائيندو آهي. هڪ دفعي سندس ۽ قاضي فضل الله جي وچ ۾ رقابت هئڻ سبب هڪ سياسي نظم ۾ هئن لکيم
    وزارت جي وني آهي ڏاڍي ڏائڻ ڏنگي ڏندري
    مگر ناهي صبر ذرڙو ادي ايوب ثاني کي

    ڪن ڇيڻي ڀورن اهو شعر وڃي کيس ڏيکاريو پر پاڻ ڪجهه به نه ڪڇيائين۽ نڪي مونسان ان جي شڪايت ڪيائين.شل رب العزت کيس مادر وطن جي عزت برقرار رکڻ ۽ ان جي استقلال حاصل ڪرڻ جي جرائت بخشيس ۽ دنيا جي ظاهري مرتبي جي لوڀ لالچ کان برطرف رکيس.
    ليڪن منهنجو خاص انس مرحوم الله بخش شيخ ۽ غلام حسين ڦل سان هو. جي منهنجا همدرد به هوا.
    انهن زمينداري فرزندن جا والد به مونتي گهڻا مشفق ۽ مهربان هوندا هوا. هو وڏي ڏيا ۽ حشمت جا صاحب هوا. منجهائن شرافت ۽ وڏ ماڻهپائي پئي بکندي هئي. مطلب ته هر عزت ۽ احترام جا لائق هوا. هيٺين صاحبن جو خاص مون تي مهربانيءَ جو هٿ هوندو هو.
    (1) مرحوم قائم خان شيخ
    (2) مرحوم ڀائي خان ڦل
    (3) مرحوم شاهه محمد خان کهڙو
    (4) مرحوم شاهه محمد لاهوري
    (5) مرحوم الله بخش ٻگهيو
    (6) وڏيرو غالم قادر انڙ
    (7) شاهنواز خان ڀٽو
    مدرسي جي بورڊنگ هائوس جو ناظم مولوي عبدالڪريم صاحب ڀٽو مونکي ازحد پيار ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽن عبدالغفور ۽ عبدالمجيد جهڙو ڪري ليکندو هو. اڪثر پاڻ سان ڳوٺ وٺي ويندو هوم. منهنجو فارسي سان چاهه ڏسي. مونکي يوسف زليخا پاڙهڻ شروع ڪيائين. سر تمام مٺو هوندو هوس ۽ ٻئي ڄڻا الحان سان گڏجي پڙهندا هواسين. ڏاڍو رس ايندو هو. هو مسجد جو پڻ امام هو ۽ سڀني بورڊرن کي پنج ئي وقت نماز جا پڙهائيندو هو. صبح جو يا عشاء جي نماز بعد باقاعدي دعائن سان گڏ سوره الملڪ (تبارڪ الذي بيده الملڪ) ٿورو ڏاڍيان پڙهندو هو جا مونکي ٻڌي ٻڌي ياد ٿي وئي ۽ هينئر آئون هميشه صبح جي نماز بعد پڙهندو آهيان ۽ سندس روح بر فتوح تي رحمتون موڪليندو آهيان. ضابطو به سٺو رکڻ ايندو هوس ۽ سڀ شاگرد سنديس مڃتا ۾ رهندا هوا. عجب انسان هو
    احب الصالحين ولست منهم لعل الله يرزقني صلاحا
    هڪ دفعي لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر مسٽر هاٽسن صاحب پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ آيو.مان جو طوطن جي وچ ۾ ڪانگ هوس، سو مونکي ڏسڻ لاءِ گهرائي ورتائين. سوالن جا جواب ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ قاضي جان محمد صاحب کي حڪم ڪيائين ته مونکي ڪپڙا ۽ ڪتاب جلد ڏياريا وڃن. انهيءَ اختصاص جي ڪري پاڻ شاگردن ۾ منهنجو رسوخ وڌي ويو ۽ سڀئي اڳئين کان به وڌيڪ مونکي چاهڻ لڳا.
    بورڊر سڀئي زميندارن جا فرزند هوا، تنهنڪري ماني نهايت سٺي ملندي هئي. رات ڏينهن ٻوڙ پلاءُ جام ملندو هو. مولوي عبدالڪريم صاحب ٽئي چار ئي وقت ميز جي مهڙ تي وهندو هئو ۽ سڀئي فضيلت سان کائي اٿندا هوا. نشست برخاست جا دستور سڀ اتي سکيا هواسين. هڪ دفعي قاضي صاحب اوچتو معائني لاءِ آيو. سڀني شاگردن “مچ مچ” ڪري پئي کاڌو اڻ سڌي طرح چيائين ته هتي ڪي ڪتا آيا ٿا ڏسجين سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ چيائون ته هتي ڪي ڪتا ڪون آيا آهن. پاڻ فرمايائون ته “تڏهين هي مچڪو وري ڇا جو آهي؟ سڀ سمجهي ويا ۽ آئنده سڀئي چپ ڀيڙي کائيندا هئا، مان ننڍي هوندي کان گوشت نه کائيندو هوس، جو هڪ دفعي پنهنجي عزيزن ابوالحسن ۽ جمن جي طهر تي دنبي جي گگرين کائڻ ڪري دل خراب ٿي پئي ۽ پوءِ گوشت کائڻ ڇڏي ڏنم جنهن ڪري مونکي مائٽ چوندا ئي هئا ٻانڀڻ. هڪ دفعي پنهنجي پالتو ٻڪريءَ کي آڦري ٿيڻ تي سير وڌيم پر مٽڪي تائين ڪاتي نه پهتي ۽ ٻڪري مردار ٿي وئي. ڪڪڙ کي به شايد هڪ دفعو تڪبير وڌي هونديم پر ٻئي ڀيرا ايتري قدر ارمان ٿيم جو سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. انهيءَ ڪري اڄ تائين گوشت کان نفرت هوندي اٿم پر لاچار کائيندو آهيان. مدرسن ۾ ته گوشت جي بازي هئي سو مان به زميندارن جي پٽن وانگي مانس آ هاري ٿي پيس.
    زمينداري ٻچا ۽ رياضي علوم، کوڙوئي نه لڳي سو لاڙڪاڻي مدرسي ۾ حسابن ۽ ڏيهي ليکي کانسواءِ الجبرا ۽ اقليدس نه سيکاريا ويندا هوا. مون الجبرا لاءِ “ولڪنس آلجبرا” جوٻيو حصو ۽ “گاڊ فري سڊني جاميٽري” جو ڪتاب حاصل ڪيا ۽ اهي ئي پاڻيهي پڙهڻ لڳس. اقليدس جا 48 سڌيان اڳئي پڙهيل هئم باقي مثال سڀئي مفتاه جي مدد سان حل ڪري ڇڏيم. الجبرا پڻ پاڻهي ڪندو هوس پر جيڪڏهن ڪا مشڪلات پيش ايندي هئم ته لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول جي هيڊماستر مسٽر ڪوڏو سنگ وٽ ويندو هوس جو پڻ مونکي گهڻو ڀائيندو هو. مطلب ته هاءِ اسڪول جي معيار موجب سڀئي پنجين درجي جا ڪم پورا ڪري ڇڏيم. انهي لاءِ ته آئنده جي ترقي ۾ رخنو نه پوي. باقي لاڙڪاڻي مدرسي ۾ سنڌي جو معيار تمام بلند هو. اسان کي مرحوم قليچ بيگ صاحب جو مقالات الحڪمت پڙهايو ويندو هو جو “بيڪنس ايسيز” جو نهايت عمدو ترجمو آهي. وري جو مرزا صاحب جو مناسب هنڌن تي فارسي شعر جا عمدا مثال منجهس وڌا آهن تن انهيءَترجمي جي قيمت دوبالا ڪري ڇڏي آهي. فارسيءَ ۾”صد حڪايت” پاڙهي ويندي هئي جنهن مان هيٺيان بيت اڃا ياد اٿم:
    1. چوب تر را چنانکہ خواهي پيچ
    نشود خشک بجز آتش راست

    2. خورش بده بد دراج و کبک و حمام
    ڪه روزي بيفند هماي بدام
    3.دل شکستن بد ترين جرمهاست
    زانکہ دل منظور انظار خداست

    اهي ٽيئي بيت منهنجي زندگيءَ جو نصب العين ٿي رهيا آهن.

    لاڙڪاڻي مدرسي وارو عرصو نهايت آرام ۽ فرحت ۾ گذريو. جمعه ۽ آچر ڏينهن شهر يا پسگردائيءَ ۾ نزهت (تفريح) لاءِ گڏ يا جدا جدا ويندا هواسين. شهر ۾ بعضي سرائي شاهه محمد لاهوتيءَ جي باغ ۽ بنگلي تي ۽ بعضي گهاڙ واهه جي ڪپ تي نزهت لاءِ وڃبو هو يا بعضي سيئو بازار ۾ ضروري شين جي خريد لاءِ وڃڻ ٿيندو هو. بعضي وري غلام محمد صاحب وڪيل ۽ صوبيدار نبي بخش جي بنگلن تي ويندا هواسين جي صاحب شاگردن کي گهڻو ڀائيندا ۽ گهڻي خاطري ڪندا هوا. لاڙڪاڻي جو شهر انهن ڏينهن ۾ تمام برسيل ۽ چهچٽي دار هوندو هو. وڏن ڏڻن تي وري پنهنجن دوستن سان گڏجي سندن ڳوٺن ۾ ويندو هوس. اهڙيءَ طرح عاقل، ڦل، آباد ۽ شيخ قائم خان جو ڳوٺ سڀ گهمي ڏٺا هئم.
    وڪيشن تي ڳوٺ ايندو هوس ۽ گهر جي ڪم ڪار، گاهه پٺي ۽ پاڻي ڀرڻ سان گڏ پنهنجي اڀياس ۾ مشغول هوندو هوس. پهرينءَ اونهاري واري وڪيشن ۾ جئن رات جو ڇڏ تي ستو پيو هوس تينءَ هڪ عجيب خواب ڏٺم. ڇا ٿو ڏسان ته قيامت برپا آهي مئا قبرن مان ائين پيا اٿن جيئن ماکيءَ جون مکيون ماناري مان، سج چنڊ تارا سڀ تي پيا ڪرن ۽ هر هنڌ نفسي نفسي لڳي پئي آهي. انهيءَ خواب جو تعبير پنهنجي مرحوم دوست پروفيسرظهورالدين احمد کان ٻڌايم جنهن اهو پنهنجي انگريزي ڪتاب “خوابن جي نفسيات” ۾ درج ڪيو آهي ۽ ڏياکريو اٿس ته جيڪو ماڻهو قيامت جو خواب ڏسندو آهي سو وڏي مرتبي کي پهچندو آهي. بهرحال انهيءَ وقت ته مون انهيءَ خواب جو وهڃاڻو ڪونه وجهايو پر اها ڳالهه سچي آهي ته
    ساليکه نيکوست از بهارش پيدا ست
    ٻئي ٽرم جي شروع ۾ پهرين عالمگير جنگ شروع ٿي جنهن ڪري ساري ملڪ ۾ٿرٿلو پئجي ويو. تنهن هوندي به ان جو ايترو خراب اثر نه پيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ملڪن ۾ باهمي آمد رفت جا ذريعا ايترا گهاٽا نه هوا اگرچه ترڪيءَ جي جنگ ۾ گهڙڻ ڪري مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪري ڏني ۽ منجهن وڏو هيجان پيدا ٿيو.
    قاضي صاحب جي وڃڻ کانپوءِ مرحوم عبدالغني چوڌري سنڌ مدرسي مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي مدرسي جو پرنسپال مقرر ٿيو. تمام ڪرڙو ۽ تند مزاج هو ۽ شاگردن توڙي پٽيوالن کي ڏاڍيون مارون چاڙهيندو هو. سندس اچڻ کانپوءِ زميندار ڇوڪرن پنهنجي روءِ سوءِ سندس اجازت بغير فوٽي ڪڍائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ مونکي به سنبرائي پنهنجي وچ ۾ بيهاريائون. ٻئي ڏينهن جو مسٽر عبدالغني کي خبر پئي سو ڏاڍو ڪاوڙيو. سڀني ڇوڪرن کي سخت ڦيهه ڪڍيائين ۽ مونکي به ڪلاس ۾ جهلي جي رسي وهائي ڪڍيائين پر پوءِ منهنجي هوشياري ڏسي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيس ۽ آئنده لاءِ مونکي تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ پڻ مونکي حسابن جي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو رياضي دان ۽ سائنسدان هو. 1911ع ۾ جڏهن اتفاق سان سنڌ مدرسي ۾ آيو تڏهين مونکي ستين درجي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جاميٽريءَ جو وارو هو، سو شاگردن کان هي سوال پڇيائين ته “جيڪڏهن ٽڪنڊي جي ڪنڊ کي اڌ ڪندڙ ليڪن جي ڊيگهه معلوم هجي ته ٽڪنڊو ڪيئن ٺاهجي؟” سڀ ائين ڪڇن جيئن ڀت تنهن تي مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري هٿ مٿي ڪيو چيائين ته “ بس بس هي ته منهنجو شاگرد آهي.”
    انهن ڏينهن ۾ اسڪولي درجا ڊسمبر ۾ مٽبا هوا ۽ نئون سال جنوري کان شروع ٿيندو هو.سو ٻئي ٽرم جي دوران ۾ هي فڪر اچي دامنگير ٿيم ته ڇهون درجو ڪٿي ۽ ڪيئن پڙهبو. سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي جي پرنسپال کي فري بورڊري جي درخواست ڪري ڇڏي هيم پر جواب ڪونه آيو هو. حالتون مايوسي جهڙيون هيون، پر ان مهل مالڪ تعاليٰ اڙين جي آڌار۽ بي واهرن جو واهرو جو تڪيو هوم، ۽ دل کي آٿت ڏيندو ٿي آيس.
    هان! مشو نويد چون واقف نه اي ازسر غيب
    باشد اندر پرده بازيهاي پنهان غم مخور

    ۽ پڻ لاثاني شاعر شاهه لطيف جو بيت نظر ۾ هوم:
    هل اميدان اڳ ۾ ناميدي نيج
    هاڙي ڌڻي هيج، آهي آزارين سين

    عين انهيءَ وقت حاجي محمد ميمڻ سيوهاڻي نوشهري مدرسي کان بدلي ٿي ٿوري وقت لاءِ لاڙڪاڻي مدرسي جو پهريون نائب مقرر ٿي آيو. جو تن جو ڊگهو ۽ لوڪڙ ننڍي سونهاري رکندڙ، ڪرڪيٽ جو شوقين ۽ پاڙهڻ جو قابل هو. سندس والد صاحب جي اسان جي وڏن سان واقفيت هئي. منهنجو ذهن ۽ ذڪاءُ ڏسي منهنجي بي بسي ۽ بي ڪسي جون حالتون محسوس ڪري يڪدم نوشهري فيروز واري مدرسي جي پرنسپال (مرحوم) رئيس قاضي غلام نبي صاحب ڏي هڪ سفارش جو خط لکيائين ته مونکي مدرسي جي محمدن فنڊ مان در ماهو ٽي رپيا ملن ته باقي خرچ ڀري اتي ڇهين درجي ۾ داخل ٿيان. ٿوري ئي وقت ۾ جواب باصواب اچي ويو ۽ مان پنجين درجي جي امتحاني نتيجي ظاهر ٿيڻ بعد ٽپڙ کڻي ٽلٽيءَ راهي ٿيس.
    در بيبان گر بشوق ڪعبہ خواهي زد قدم
    سر زنشها گر کند خار مغيلان غم مخور


    6. نوشهره مدرسي واري زندگي

    “باز ميخواهم ز سر گيرم ره بيموده را”
    ڳوٺ پهچي نوشهره فيروز ڏانهن وڃڻ جي سنبت ۾ لڳي ويس، تياري ڪرڻ ديرڪان ٿي.” سڃي جي مڏي، هڪ ڏندڻ ٻي تڏي” سو ڪتاب ڪڙا ڪاٺ جي صندوق ۾ قابو ڪري، جهڙا تهڙا ڪپڙا لوهه جي پيتيءَ ۾ وجهي، رلين ۽ چادرن جو بستر ويڙهي لاڏو اٺ جي ٻنهي پاسن کان ڪڙي، پلاڻ جي وچ ۾ ٽنگون ٽيڙي، اڳيان جت ۽ پٺيان آئون، صبح جي پهر نوشهري روانو ٿيس.
    واٽ تي خيري ديري جو پتڻ پار لنگهڻو هو. پور تيار هو. اٺ مس مس گرندي گڙندي ڪامون کائي ٻيڙيءَ تي چڙهيو مهاڻن ٻيڙي ڌڪي ٻار ۾ وڌي ۽ ونجهه ۽ ڳن هلائڻ لڳا. درياه جو جلوو ۽ جوش ڏسي دل دهلجي وئي ۽ بي اختيار هي بيت پڙهيم
    جت سڄي ڀيڙ تک، ٻيڙِو اتي ٿيلهي وڌوم
    لهر لوڏي کان الاهي، امن سان پهچاءِ پار.

    هيءَ حياتي ۾ پهريون ڀيرو هو، جو درياء جو منهن ڏٺو هوم. نه ته هن کان اڳ ڪيترائي دفعا ٻوڏن هوندي ٻيڙي ۾ چڙهي سيوهڻ لعل شهباز جي ميلي تي ويندا هواسين ۽ ستن اٺن ميلن جي پاڻيءَ جي مسافري کل خوشيءَ ۽ راڳ روپ ۾ گذري ويندي هئي پر هتي ته قصو ئي اور هو. ڪو مائٽ مٽ اوڏڙو ڪونه هئو ۽ نڪو ڪو دڙ دلاسي ڏيڻ وارو، رڳو رب جي تاري ۽ توه هئو. جڏهن وچ درياء ۾ پهتاسين ته ٻيڙي سير ۾ اڀڙ پئي ته آخر الله الله ڪندي اونهي مان اڪري پار پياسين ۽ باري تعاليٰ جا شڪرانا بجا آنداسين.
    پتڻ لنگهڻ کانپوءِ وري هل هلان ۽ ڪاهو ڪاهه. ڀلا ، اٺاويهن يا ٽيهن ميلن جو پنڌ، سو لاڏو اٺ جي جهوپن ۽ جهپڪن ڪري چيلهه ٿي ٽڪر ٿي پئي. آخر هاهر ڪندي مورو ڳچيرو واٽ تي لتاڙيندي، سج لٿي مهل اچي نوشهري مدرسي جي اڱڻ ۾ جمل جهڪايم ۽ سفر جو پهريون پائو پٽ پورو ٿيو، يڪدم پرنسپال صاحب کي خبر ڏني وئي ته ههڙن حالن سان هڪ ڇوڪر ڇهون درجو پڙهڻ آيو آهي. قاضي صاحب کي اڳيئي مسٽر حاجي محمد، خط جي رستي خبر ڏني هئي. سو هڪدم حڪم ڏنائين ته مونکي وچين هال ۾ رهايو وڃي. انهي وقت ۾ مدرسي جي بورڊنگ ۾ ٽي ڊارميٽري (خوابگاهه)هوندا هئا، هر هڪ ٽڪندڙ شاگرد کي کٽولو ڏنو ويندو هو. سو مان به هڪڙي کٽولي تي هنڌ وڇائي ڍيري ٿي پئجي رهيس، جو اٺ جي ڌوڏن ۽ ڌڏڪن هڏ گڏ چور ڪري ڇڏيا هوا، ۽ هلڻ کان هلاڪ هوس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو قدري ٿڪ لهڻ بعد قاضي صاحب جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيس جنهن مونکي محمدن فنڊ مان هر مهيني ٽي روپيا ڏيڻا ڪيا ۽ ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا جو اذن ڏنائين، تنهنڪري يڪدم وڃي ڪلاس ۾ ويٺس. ڪلاس ۾ ڇوڪرن جو چڱو تعداد هئو ۽ سڀئي ڪپڙين لٽين ٺهيل ٺڪيل ۽ مهذب ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پهريون ئي گهنٽو قاضي صاحب جو هو، ڇاڪاڻ ته هو صاحب ڇهين درجي جي انگريزي وٺندو هو. اصل پاٽ جو ويٺل ۽ عليڳڙهه جو پڙهيل هو، مڙس بت ۾ ڀريل ۽ عمدو لباس ڍڪيل ننڍي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکيل ۽ ڀڀڪي دار هو. سندس ڳالهاءُ ڳنڀير، ڌنڪ وارو ۽ بلند هو ۽ حرف حرف چٻي چٻي چيئي ٿي ڪڍيائين. سندس پيشاني مان نهايت ۽ نياءَ جو نور پئي بکيو.سندس گهڙڻ تي سناٽو لڳي ويو، ڄڻڪ سڀني مٿان ڇپ پئجي ويئي ڪنهن کي مجال جو سندس اساري کانسواءِ ڪڇي سگهي. آخر درس جو دور شروع ٿيو. ٿوريئي وقت ۾ منهنجي هوشياري ۽ فلڪ ڏسي سڀني کي تيرس وٺي ويو ۽ انهيءَ ئي گهنٽي اندر مون وڃي پهريون نمبر والاريو، اگرچه مون وٽ نڪي ڪلاس جا ڪتاب هوا ۽ نڪا ڪا ڪنهن قسم جي اڳ تياري ڪئي هيم. قاضي صاحب نهايت خوش ٿيو ۽ يڪدم مونکي ڪلاس ۽ هال جو مانيٽر مقرر ڪيائين. سڄي اسڪول ۽ بورڊنگ ۾ ڌوم مچي ويئي ولله الحمد.
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تا نه بخشند خداءِ بخشنده

    مطلب ته ٿوريئي وقت ۾ مدرسي جا ماستر توڙي شاگرد منهنجا گرويدا ٿي پيا، جا سچائي ۽ محنت مون انهن ۾ ڏٺي، سا ڪا ورلي نظر ايندي.
    بورڊنگ جي زندگي نهايت خوشگوار گذري ماني سادي، ليڪن نهايت سٺي ۽ سوادي ملندي هئي. مهيني جي ويسي فقط ڇهه روپيا هوندي هئي. پر اڄ اهڙي خوراڪ هوند سٺ روپئي ۾ به ڪانه ملي. برڪت ڀريو زمانو هو. هٿ ۾ جس ۽ شيريني هوندي هئي.وري جو هڪ بورچي يونس نالي تيون تلو بلڪل سٺو ۽ عمدو تيار ڪندو هو. ٻوڙ ۾ ايڏي ته لذت هوندي هئي جو ڍئو ڪرڻ کانپوءِ به دل چوندي هئيته اڃا به کائجي. بورچيخاني جي نظر داريءَ تي آخوند ڪريم بخش نالي سنڌي شده (Domicile) پنجابي هو، جو هڪ نهايت پاڪباز ۽ متقي شخص هو. مسجد ۾ نماز به اهوئي پڙهائيندو هو. جمعي جي ڏينهن خطبي مهل وڏي درد ۽ سوز سان وعظ ڪندو هو. اکين جا نار پيا ٽمندا هئس ۽ ايترو ڊپ هوندو هوس جو ڀائنبو هو ته ڄڻ قيامت جي ميدان ۾ بيٺل آهي. انهن ٻنهي کي ڊي پي آءِ واري زماني ۾ وري مليس ڏاڍي حب ۽ اڪير سان پيش آيا ۽ مون به سندين وڏي مرحبا ڪئي آخوند صاحب پوءِ ستت ئي وفات ڪئي. اڃا تائين سنديس نوراني شڪل مونکان نٿي وسري.
    بورڊر سڀ نيڪ نمازي هوندا هئا. پاڻ ۾ قرب ڏاڍو هوندو هون. سڀ ڪنهن جمعي رات مسجد ۾ شغل ٿيندو هو ۽ سڀ سومهياڻي جي نماز کانپوءِ گهڻو وقت مسجد ۾ ويٺا هوندا هوا. سيد عالم شاهه (جو پوءِ ٻيلائي آفيسر ٿيو) محمد رمضان (جو پوءِ مولوي عبدالواحد جي نالي سان سڏجڻ ۽ عمر ڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ عربي پڙهائيندو هو) ۽ آئون گڏجي مولود چوندا هئاسين. منهنجو خاص سنگتي نور محمد انصاري گهيڙ گجوءَ وارو ۽ مرحوم محمد رمضان منهنجا ذڪريات (احوال لکندي) بيان ٿا ڪن ته مان انهن ڏينهن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ باقاعدي مراقبي ۾ وهندو هوس ۽ بعضي بعضي ذڪر جلي يا خفي ڪندي مونکي اهڙو ته حال اچي پوندو هو جو دنيا ۽ ماسوا جي سڌ نه رهندي هيم. ڇوڪرا ڀائيندا هوا ته مونکي جنڙيءَ ورتو آهي. پر هيءَ هڪڙي قلبي ۽ روحاني ڪيفيت هئي، جنهن ۾ اهي انوار ۽ تجليون نازل ٿينديون هيون. جن جو بيان ڪرڻ نه جڳائي. انهي زماني ۾ ڪيترائي سنڌي توڙي فارسيءَ ۾ ڪلام چيم جي هڪ چوپڙيءَ ۾ قلمبند ڪندو ويندو هوس. افسوس اها چوپڙي عزيزم نورمحمد انصاريءَ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، جا پوءِ کانئس مجذوبيءَ جي حالت ۾ گم ٿي وئي. فقط هڪ سنڌي غزل جو ٿل ياد اٿم، جنهن ۾ پهرين سٽ گل خندان جو مصنف آخوند لطف الله جي هڪ بيت مان تضمين طور ورتل آهي
    منهن ۾ تنهنجي ڪو پيارا هو تجلو نور جو
    ٿيو پسڻ سان پهڻ پارا، ويو جلي ڪه طور جو
    اهو غزل گم ٿيڻ بعد ٽي ڀيرا جدا جدا نمونن ۾ چيو اٿم ۽ هيٺيون ٻه ٽي مصراعون اڃا ياد اٿم:
    1. ڪاڻ تنهنجي ڪارڻي، ووڙيم، گهڻا صحرا وندر
    هٿ وٺي دڳ لائيو، رولو لهي رنجور جو

    2. لن ترانيءَ کي ڇڏي، منهڙو پسائج مون پرين
    وصل جو وعدو ڏيو، من مهت ٿئي مهجور جو
    3. پاڻ کان پاسي ڀڄي، محبوب جو منظر ڏٺم
    ويو وچان پردو حيا جو، منهن ڏٺو مستور جو

    افسوس جو ڪاغذ تي نه لکڻ ڪري ٻيا بند نالي سوڌا وسري ويا اٿم، شايد وري ڪنهن بسط جي حالت ۾ دل تي اتري اچن.
    موضوع کان ٻاهر نه ٿيندو، جيڪڏهن چند سٽون ماسترن صاحبن جي باري ۾ لکان. ميان عبدالعزيز تنيو نهايت هڪ ڀلو انسان هو. سنڌي لباس پائيندو هو. اندرٻاهر هڪ جهڙو هو. سندس فرشتن جهڙي صورت ڏسي دل کي گهڻي راحت ايندي هئي. صوم و صلوات جو بلڪل پابند هو. قاضي عبدالغفور صاحب نوشهرائي پڻ هڪ نيڪ شخص هو. آواز چيچاٽي ۽ انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. مولوي امام بخش صاحب جو اسان کي فارسي پاڙهيندو هو، سو انشاء پردازيءَ ۾ ڀڙ هوندو هو. ڳالهائڻ اهڙو ته مٺو هوندو هوس، جو چئجي ته ويٺو ٻڌجيس. انگريزي سکڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس، پر اچار عجيب هوندا هئس. اسٽمڪ کي اسٽوميچ ڪري پڙهندو هو. مرحوم نصير محمد نظاماڻي ۽ مرحوم الله بخش ٽالپر جي پٿوري واري مدرسي مان سيد محمد علي شاهه وٽان پڙهي هتي پنجين درجي ۾ داخل ٿيا هوا تن ۽ منهنجي وچ ۾ انگريزيءَ ۾ مناظرو ڪرائيندو هو ۽ اسان جي گفتگو ٻڌي پنهنجي انگريزي سڌاريندو هو. بدن جو ٿلهو ۽ نهايت ظريف هوندو هو. مرحوم قاضي صاحب رئيس غلام نبي جي فضيلت، شرافت ۽ قابليت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پنهنجو مٽ پاڻ هو. انجو منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو هٿ آهي.
    مونکي بابي هلڻ وقت خرچ پکي لاءِ فقط چوڏهن روپيا ڏنا هوا. جن مان پتڻ جو ڀاڙو به ڏنو هوم. ۽ باقي رهيل ڪتابن ۽ نوٽبڪن ۽ پهرئين مهيني جي ويسيءَ تي خرچ ٿي ويا. اها پهرئين ۽ پوئين رقم هئي جا مون کي بابي کان پڙ پئي هئي. ان کانپوءِ سارو طالب علميءَ جو وقت مون کانئس پائي به نه گهري، پاڻ کيس خرچ کاٻار پهچائيندو هوس. مون قاضي صاحب جن سان پنهنجي کٽلائيءَ جو احوال ڪيو، تنهن ڇا ڪيو جو باقي بورڊنگ جو اڌ رهيل ماهيانو مواجه به معاف ڪري ڇڏيائين، پوءِ هڪ منو ٿي پنهنجي پڙهڻ کي لڳي ويس.
    مرحوم قاضي صاحب جو مونتي گهڻو راز هئو. اڪثر پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو هو ۽ پنهنجا سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون پڙهي ٻڌائيندو هوم. جي نهايت دلپذير هوندا هئا. هڪ دفعي ڪلاس ۾ ڪنهن موضوع تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکڻ لاءِ ڏنائين. مون اهو مضمون اهڙي دلڪش پيرايي ۾ لکيو جو کيس حيرت وٺي وئي ۽ جڏهن پڪ ٿيس ته مون پنهنجا خيال ڪنهن تان نقل نه ڪيا آهن، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو مضمون مدرسي جي سڀني ماسترن ڏي مطالعي لاءِ ڏياري موڪليائين چي “ اهڙو مضمونم ڪو ايم اي پاس ٿيل به لکي ڪين سگهندو.” قاضي صاحب اها ڳالهه پڇاڙيءَ تائين سڀني کي ٻڌائيندو ۽ ساراهه مان ڪين ڍاپيندو هو، حقيقت ۾ انگريزيءَ سان منڍ کان وٺي گهڻو چاهه هوندو هوم. نوشهري مدرسي جي ڪتب خاني ۾ ڪو اهڙو ڪتاب مشڪل هوندو جو مون نه پڙهيو. ڇهين درجي جي اوائل ۾ سر سيد امير علي جو معرڪته الآراء ڪتاب Spirit of Islam “اسلام جو روح” پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڪا سٿري ڳالهه نه هئي.
    مئي مهيني ۾ اونهاري جي موڪل ٿي. مان پيادو ئي پيادو واٽ تي پنهنجي دوستن سيد پيرل شاهه (جو هن وقت خيرپور رياست ۾ وڪيل آهي) ۽ ملڪن جي وڏيرن ڇوڪرن وٽ منزلون ڪندو، ملڪن وارو پتڻ پار پئي، ڦلجيءَ کان باقي رستو ريل گاڏيءَ ۾ طي ڪري، بوبڪ اسٽيشن کان ڳوٺ پهتس. جتي تعطيل جا ڏينهن گزاري جولاءِ جي شروعات ۾ گرمي سخت هجي، ساڳيو رستو وٺي وري به پنڌ ئي پنڌ نوشهري ۾ پهتس. جڏهن اها ڪشالا ياد پوندا اٿم، تڏهن حيران ٿيندو آهيان، ته اهي ڏاکڙا مون ڪيئن ڪڍيا. ايڏو ڪو علم لاءِ اڳانجهو عشق جو ، جو انجي راهه ۾ ٿڪ ئي نه ٿيندو هوم.
    هيچ گہ ذوق طلب از جستجو بازم نداشت
    دانه مي چيدم دران روزي ڪه خرمن داشتم

    آخر اها ڪهڙي ڌن هئي، ڪهڙو ذوق هو، جن مونکي ايتريون سفر جون سختيون سهائيون؟ انهيءَ ڪڙائيءَ ۾ ڪا اهڙي مٺائي هئي، جنهن مونکي ماٺ ڪري وهڻ نٿي ڏنو. يار خدايا! ڪهڙي هن ناتوان کي طاقت آهي، جو تنهنجا شڪرانا مڃي؟
    من ازين رنج گرانبار چہ لذت يابم
    کہ باندازه آن صبر و نباتم دادند

    اسڪول جو ڪم جديت سان شروع ٿيو. هاڻي وانگر ڪونه هئو، جو اسڪول ۽ ڪاليج کلي وڃن، ۽ تنهن کانپوءَ به ڪيترائي ڏينهن ڇوڪرا ۽ ماستر پيا هوائون کائن. نوشهري مدرسي ۾ فقط ڇهين درجي تائين تعليم هئي، جنهن کان پوءِ ڇوڪرا وڌيڪ پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچيءَ ۾ ويندا هئا. مون کي اها جهوري رهندي هئي ته سال پوري ڪرڻ بعد ڪيڏانهن ويندس، پر قدرت پرده پٺيان پنهنجو ڪم خاموشيءَ سان پئي ڪيو. جنهن جي مون کي ڪل ئي ڪانه هئي. هيترو ضرور چوندس ته منهنجي دل ڪڏهين ڪان ڌڏي ۽ پورو يقين هوم ته جڏهن وقت ڀريو. تڏهن ڪارساز پاڻهي ڪونه ڪو بندوبست ڪندو.
    سعيء ما در کار ما آزار ما
    کارساز ما بفکر کار ما

    نيٺ آگسٽ مهيني ۾ آرڊر اچي ويو ته مون کي لاڙڪاڻي ضلع مان سنڌ مدرسي ۾ فري بورڊري ملي آهي. اها خبر وڄ وانگر مدرسي ۾ پکڙجي وئي ۽ سڀني کي ڏاڍي سرهائي حاصل ٿي. اگرچه ارمان به ٿين، جو مان ستت نوشهري جا وڻ ڇڏڻ وارو هوس. مون به دير ئي ڪان ڪئي. يڪدم ٽپڙ ٻڌي، اٺ تي ڪشي، وڃڻ جي تياري ڪيم. سڄي مدرسي جا ماستر ۽ شاگرد احاطي کان ٻاهر نڪري موڪلائڻ لاءِ آيا.دوستن جي اکين مان پاڻي زار زار پئي وهيو. مطلب ته هڪ عبرت خيخ نظارو هو. منهنجي دل به ڀرجي آئي ۽ سڀني سنگتين کي ڀاڪر پائي ۽ ٻين کي هٿ جي اشاري سان خير بادچوندي، اٺ تي چڙهي، جرپٽيون جهاڳنيندي پڊ عيدن جي اسٽيشن تي پهچي ۽ وڃي آگگاڏيءَ جي انتظار م ويٺس.
    چه خوش باشد ڪه بعد از انتظاري
    به اميدي رسد اميد واري

    نيٺ گاڏي به آئي ۽ اوساس ڀريندي ان ۾ ٽپڙن سوڌو ٽپ ڏيئي اٺن ڏهن ڪلاڪن جي ٿڪائيندڙ مسافريءَ بعد اچي ڪراچيءَ ۾ پر گهٽ ٿيس.
    کس نمي گويم از منزل آخر خبري
    صد بيابان بگزشت و دگري در پيش است


    7. سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي واري زندگي

    تو ميندار کہ اين قصه از خود ميگويم
    گوش نزديک لبم آر کہ آوازي هست

    منهن اونداهيءَ جو وقت هو، جو ڪراچي شهر جي اسٽيشن تي پهتس مدرسو ويجهو هو، سو ٽانگي ڪرڻ بدران مزور کان ٽپڙ ٽاڙي کڻائي ۽ ڪجهه پنهنجي مٿي تي رکي، اچي مدرسي جي دروازي تي پهتس. بورڊنگ هائوس جي سپرنٽنڊنٽ صاحب خواجه علي محمد کي رپورٽ ڪئي وئي. جنهن حال في الحال هڪ اڪٺ جي ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني، ڇاڪاڻ ته حسن علي هائوس ۽ خيرپور هائوس ٻئي ڀريل هوا، اها ڪاٺ جي ڪوڍين جي قطار ساڳئي موقع تي هئي، جتي هينئر سردار هائوس اڏيل آهي، ٻي ڪاٺ جي ڪوٺين جي قطار وري راند جي ميدان تي هئي، جا بنسبت وڌيڪ صحتمند ۽ روشن هئي. مان به هوند کي ان هوند تي ترجيح ڏني. انهيءَ پوسل واري ڪمري ۾ توڪل ڪري رهي پيس. ان وقت شاهه جو هي صوفياڻو قول دل تي ڪون هوم.
    هونديا هوت پري، اوڏو تان ان هوند کي

    مان جو ٿڙي ٿڦڙي، سفر جا ڏاکڙا ۽ ڏولاوا ڏسندي، هتي اچي پهتو هوس، جو ڀانيم ته هاڻ اطمينان ۽ راحت جي زندگي نصيب ٿيندي ۽ وري شهر شهر رلڻو ڪون پوندم.

    چندانکہ دست ويا زدم آشفته تر شدم
    ساکن شدم، ميانہءِ دريا کنار شد

    منهنجو حال به بي بي عائشه رضه جهڙو هو، جا جمل جي جنگ کانپوءِ سڀ ڏک ڏاکڙا وساري اچي مدينه شريف ۾ متمڪن ٿي.

    فالقت عصاها واستقرت بها النوي
    کما قر عينا بالاياب المسافر

    ڪم ته ڪٺن هو، پر مالڪ تعاليٰ مشڪل کي آسان ڪري ڏنو.

    کار مشکل بود، مابر خويش آسان کرده ايم

    رات جي مانيءَ جو گهنڊ وڳو ۽ سڀ ڪو ڊائيننگ هال ڏي ڀڳو. ان وقت مانيءَ جا ٽي قسم هوا، ان موجب بورڊرن جا به ٽي طبقا هوا. غريب، متوسط ۽ شاهوڪار درجي جا شاگرد جدا جدا ميزن تي وهاريا ويندا هوا. اهو ڪلاس بنديءَ جو طريقو ڏسي، دل کي سخت نفرت آئي. لاڙڪاڻي ۽ نوشهره وارن مدرسن ۾ مسڪينن ۽ توانگرن جي وچ ۾ ڪو سنڌو سيڙهو ڪونه هوندو هو، سڀ شاگرد پاڻ کي هڪجهڙو ڪري سمجهندا هوا ۽ ذات پات جو ڪو لحاظ ئي ڪونه هوندو هو. جنهنڪري منجهن اخوت ۽ مساوات هوندي هئي. هتي ته ليکو ئي ابتو هو. مال تي مٺائي هئي. فري بورڊرن ۽ غريب شاگردن جو کاڌو تمام غليظ ۽ بي سوادو هوندو هو. صبح جو ٽشي جهڙي چانهه ۽ رکي ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽڪر، ٻن پهرن جو سڪل اڀوڳي ڪڻڪ جي ماني، دال، ڀاڄي ۽ بي سوادي گوشت ۽ رات جو چانورن سان تازا پلاء دال يا پٽڙي شروي وارو گوشت يا سائي اڻڀي ڀاڄي يا اڌ پاڻي ملايل کير ملندو هو. مطلب ته هڪڙي ڏينهن ۾ ئي لاڙڪاڻي ۽ نوشهري وارا چورما ۽ قورما وسري ويا. ڀرسان متوسط ۽ اعليٰ درجي وارن کي پلاءَ، بريانيون ۽ يخنيون کائيندو ڏسي، غريب شاگردن جو پتو پاڻي ٿيندو هو ۽ ڪيترا ته پيا واجهائيندا هوا ته من ڪو سڻڀو ٽڪر ڀور، ٻوڙ يا پالءُ سامهون دوستن کان پلئه پوين. مان سڪل ڍوڍن تي هريل هوس سو مونکي ته انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ئي ڪانه رهندي هئي.

    اي قناعت تونگرم گردان
    کہ و اي تو هيچ نعمت نيست

    رات جي مانيءَ بعد باقاعده ٽيوشن ٿيندي هئي ۽ سڀ بورڊر بلا استثناء جي هڪ گهنٽي لاءِ مدرسي جي مٿئين هال ۾ هڪ پگهاردار ماستر جي نظرداريءَ هيٺ ڪلاس جا ڪم پڙهندا هوا. ۽ پنهنجون مشڪلاتون ماستر صاحب کان حل ڪرائيندا هوا. ٽيوشن کان موٽڻ بعد عشاء جي نماز جي ٻانگ ايندي هئي ۽ سڀ ڪو نماز پڙهي پنهنجي پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن راهي ٿيندو هو ۽ يارهين بجي بتي وسامڻ تي بستري داخل ٿيندو هو.
    نماز جو خاص تاڪيد هوندو هو ۽ اڪثر سڀئي وقتن تي باقاعده حاضري ورتي ويندي هئي. ان وقت مسجد جو مانيٽر مسٽر علي محمد سيال هوندو هو جو پوءِ ڊي پي آءِ واري زماني ۾ منهنجو شخصي معاون (پرسنل اسسٽنٽ) ٿيو. نهايت سچائيءَ، خلوص ۽ وفاداريءَ سان سارو قوت نباهيائين. مسجد جو خطيب مولوي عبدالرحيم مگسي هو جو نهايت معقول شخص هو ۽ پنهنجو وظيفو تمام پابنديءَ ۽ صدق سان بجا آڻيندو هو. هن بزرگ جو منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو هٿ هو. جئن اڳتي هلي جا بجا موقع آهر سندس ذڪر ڪندو رهندس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ڇهين درجي جي پهرئين حصي ۾ وڃي پهتس. ان وقت ڪلاس جو ماسٽر مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پارسي هو، جو مدرسي جو نائب پرنسپال به هو، مگر پرنسپال ٽي ايچ وائينس جي موڪل تي وڃڻ ڪري پرنسپاليءَ جو عهدو پڻ هلائيندو هو. نهايت لائق ۽ فائق شخص هو. اگرچه مذهبي نقطه نظر کان زرتشتي هو ليڪن ٿياسافٽ هئڻ سبب ، وٽس مذهبي مت ڀيد ڪونه هوندو هو ۽ سڀني کي هڪ جهڙو ڪري ڀائيندو هو. اڪثر چوندو هو ته الله پاڪ مرڪز آهي ۽ اسين آهيون گهيري تي مختلف ٽٻڪا جيڪي مرڪز کان برابر فاصلي تي آهن.، انهيءَ وقت عمر جو ڪروڙڍ هو، اونهاري سياري ڇٽي ڪلهي تي رکندو هو. سندس ڊگهي ڏاڙهي ۽ لڙيل مڇون سندس وات ڍڪي ڇڏينديون هيون. ڪنڌ هميشه هيٺ هوندو هوس ۽ اکيون مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيس. سندس زيرلب گفتي ۾ ايڏو ته اثر هوندو هو جو ڪوبه شاگرد ساڻس گستاخ نه پئجي سگهندو هو. ميهڙ جو هڪ ڇوڪرو مينهون نالي ۽ ٻيا ساڻس گستاخ پوندا هئا ته چوندو هون “بيوقوف ڇوڪرا ويهي رهو.” پاڻ انگريزي، تاريخ ۽ حساب سيکاريندو هو. انگريزي ۾ سخت ماهر هوندو هو.
    مان کيس پيرين پئي مليس ۽ ادب سان سندس آڏو بيهي رهيس. مون ڏي گهوري نهاريائين ۽ منهنجا کٿل ڪپڙا ۽ ڏنگي ڦڏي جتي ڏسي قياس اچي ويس. يڪدم حڪم ڏنائين ته مونکي هڪ ڪپڙن جو وڳو ۽ ڪاري علي ڳڙهه شيرواني نما ڪوٽ ۽ هڪ بوٽ ڏنو وڃي ۽ سندس اشاري تي وڃي پوئين بينچ جي آخري نشست تي ويٺس جيئن اڳئين زماني جو دستور هوندو هو ته نئين شاگرد کي پوئين جڳهه تي وهاريندا هوا. سندس گهنٽي ۾ پوئين قطارٽپي، اچي انهي کان اڳينءَ تي ويٺس. ٻيو گهنٽو مسٽرٽرميڪ لال مرهٽي جو هو، جو اسان جي ڪلاس کي مضمون نويسي ۽ جاميٽري سيکاريندو هو. جوان ، شڪل جو ٺاهوڪو، ڪپڙين لٽين ٺهيل ٺڪيل، وڏن شهپرن وارو نهايت شانائتو ۽ ڀڀڪي دار مڙس هو. ڏاڍو چتر زبان ۽ پنهنجي موضوع ۾ ماهر هو. ڪو سوال ڪلاس کان پڇيائين جو ڪنهنکي به نه آيو آڱر ڱڻندو، مونکي به ڇڏي ويو ڇو ته مان اتي جي قاعدن قانون کان واقف نه هوس. سو جواب لاءِ کڙو ٿي بيٺس، جنهن تي کيس ڏاڍي خار آئي ۽ ڪاوڙ مان تريءَ تي هڪ بيد جو لڪڻ وهائي ڪڍيائين. منهنجون ته متيون ئي منجهي ويون ۽ پهرئين ڏينهن پنهنجي غفلت جو نتيجو پاتم. سڀ نمبر لتاڙي، اچي پهرئين جڳهه تي ويٺس تڏهين ڏاڍو ارمان ٿيس، ۽ ڪلاس ۾ علي الاعلان پنهنجو پڇتاءُ ظاهر ڪيائين ۽ آئنده لاءِ منهنجي گهڻي عزت ڪرڻ لڳو، حتاڪه اسڪول کان خارج ٿيڻ بعد به جيڪڏهن مونکي ڏسندو هو تڏهين مونکي بيهاري حال احوال پڇندو هو ۽ گهڻو پيار ڏيکاريندو هو. سندس خارج ٿيڻ جو به هڪ عجيب واقعو آهي.
    وائينس صاحب ولايت کان موٽي آيو آهي. انکان ٿوروئي وقت پوءِ مسٽر ٽرميڪ لال جو اسان جي هڪ چڱيءَ عمر واري هم ڪلاسيءَ ايراني شاگرد سيد جواد سان جهيڙو ٿي پيو جو هڪ ڊرلک مانيٽر هوندو هو ۽ وائينس صاحب کيس گهڻو ڀائيندو هو. حقيقت ڪري راندين جا سڀ مانيٽر توڙي ڏڏ دودستا هوندا هوا ته به کيس تمام وڻندا هوا. اڪثر رانديگر سمجهه جا ڪوتاهه ۽ ڪمن جا ڪچا هوندا آهن. سو سيد جواد ويو وائينس صاحب وٽ شڪايت کڻي. مسٽر ٽرميڪ لال به تڙ تڪڙ ۾ ڪلاس ڇڏي چوٽي لوڏيندو گهڙي ويو وائينس صاحب وٽ ۽ جوش ۾ چيائينس ته يا جواد کي اسڪول مان ڪڍ يا منهنجي استعفا قبول ڪر. وائينس صاحب چيس ته تون ڀلي نڪري وڃ، تو جهڙا گهڻيئي ماستر ملندا پر جواد جهڙو شاگرد ڪو مشڪل ملندم.مسٽر ٽرميڪ لال کي ڏاڍي بڇان لڳي، سو پنهنجي بيعزتي ڏسي يڪدم استعفا ڏئي هليو ويو، ليڪن حقيقت ۾ مدرسي کي وري ٽرميڪ لال جهڙو برجستو ۽ لائق ماستر ڪونه مليو.
    ڇهين درجي جو پهريون پراٽ ڪوٽوال صاحب جي ڪري سڄي مدرسي جو نڪ ليکبو هو. سو منهنجي پهرئين ڏينهن اول نمبر وٺڻ ڪري ساري اسڪول ۾ هائس پئجي ويو ۽ ماستر توڙي شاگرد مون ڏي حيرت ۽ اچرج جي نظر سان ڏسڻ لڳا. ڪلاس جا شاگرد اڪثر وڏي عمر وارا هئا جن مان سيد جواد جو ذڪر اڳيئي اچي چڪو آهي، باقي ٻن ڄڻن جا نالا هئا حبيب دشتي ۽ محمد رضا. پهريون سڀني ڪلاسن ۾ تکو هو ۽ منهنجي ساڻس چٽا ڀيٽي هلندي آئي. اگرچه مونکان مارڪن ۾ ڪڏهين به ڪثر نه کنيائين ۽ بعضي ته کيس فارسي ۾ به ماري ويندو هوس، باقي مئٽرڪ ۾ سو مون کان فارسيءَ ۾ سرسيون مارڪون کڻي ويو ڇاڪاڻ جو سندس مادري زبان هئي. محمد رضا هڪ خاموش، متاوضع ۽ مٺڙو آدمي هو، منهنجي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي. سنڌي شاگردن ۾ منهنجي از غيبي رغبت سيد ميران محمد شاهه ۽ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جي پوٽي ۽ مرحوم خانبهادر ولي محمد جي فرزند حسن عليءَ سان هئي ۽ هوبه مونکي گهڻو ڀائيندا هوا. شاهه صاحب سان، باوجود زماني جي تقلبات ۽ بيوفاين جي، ساڳيو ڀائپيءَ ۽ دوستيءَ جو رشتو هلندو اچي.
    دوردستان را بنعمت ياد کردن همت است
    ورنه هر نخلي بپاي خود ثمرمي افگند
    مطلب ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ مدرسي جا اڪثر شاگرد ۽ ماستر صاحب مونکي گهڻو ڀانئڻ لڳا. بورڊر ته ڄڻ منهنجا شاگرد بڻجي پيا، حسابن توڙي ٻين ڪن ۾ جيڪي مشڪلاتون هونديون هين، سي مون کان حل ڪرائيندا هئا. ۽ مونکي پيار وچان “ڪاڪا، ڪري سڏيندا هئا جئن ڪوٽوال صاحب کي قرب وچان “ڪاڪا” ڪوٺيندا هوا.انهيءَ زماني جا ماستر به عجيب، هڏ ڏوکي ۽ اعليٰ خيالن جا آدمي هوا. آغا محمد خان پٺاڻ ۽ ميرزا غلام دستگيرٻئي جوشيلا جوان هوا. ٻنهي کي ترڪن سان گهڻي همدردي هوندي هئي، جنهن ڪري وائينس صاحب کين گهڻو ڪين چاهيندو هو، ليڪن انهن جي برخلاف ڪري ڪجهه نه ڪري سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ٻئي بلند خيال ۽ محنتي استاد هوا. ميرزا غلام دستگير اسان کي سمائيل صاحب جو ڪتاب SELF HELP خودياوري سنڌيءَ ۾ ميرزا قليچ بيگ صاحب جو ترجمو ٿيل پاڙهيندو هو، ۽ نهايت جوش ۽ خروش سان ان ۾ آيل ڳالهين جي وضاحت ڪندو هو. هڪ ٻه دفعو مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ به سندس غير حاضري ۾ خودباوري پاڙهي پر ان جهڙو اثر پيدا ڪري نه سگهيو. فارسي وري ميرزا سليمان صفوي پڙهائيندو هو جو ايران جي مشهور شاهي خاندان صفويءَ جي اولاد مان هو. سندس والد ميرزا آصف مشڪين قلم وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ميرزا سليمان مرحوم هڪ نهايت بااخلاق ۽ بافضيلت انسان هو. قدري مي گساري به ڪندو هو جنهن ڪري سندس سيکارڻ ۾ وڏي موج ۽ مستي هوندي هئي. مونکي گهڻو ڀائيندو هو، ۽ ايراني شاگردن کان فارسيءَ ۾ گهڻيون مارڪون ڏيندو هوم. جنهن ڪري انهن کي ساڙ وٺندو هو. مون فارسي نستعليق لکڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪئي مگرا ن کي پختو ڪري نه سگهيس، تنهنڪري هميشه سنڌي توڙي فارسي ، عربي نسخ ۾ لکندو آهيان. 1912ع ، 1915 ۽ 1916ع جا اکر اڃا پاڻ وٽ محفوظ اٿم.ماسوف عليه مسٽر وائينس مونکي اوائل کان وٺي ڀانئڻ لڳو. هو هفتي ۾ هڪ دفعو ڇهين درجي جي عام انگلش وٺندو هو. مونکي سڀني شاگردن کان زياده مارڪون ڏيندو هو. ۽ بعضي بعضي ته اسي يا نوي في صد به ڏئي ڇڏيندو هو. باقي مسٽر ڪوٽوال سو ٿورڙيون مارڪون ڏيندو هو. مان چوندو هوسانس “ته سائين ڏسو وائينس صاحب کي منهنجي انگريزي پسند آهي هو مونکي هيتريون مارڪون ڏئي ٿو اوهين ايتري ڪنجوسائي ڇو ٿا ڪريو. مرهايت چوندو هو ته احمق هو انگريز آهي، اسان ديسين کي سليس، سادي، پر اصطلاحي انگريزي لکڻ گهرجي ته اها اسان لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ٿيندي. اها سنديس سونهري نصيحت مونکي ڏاڍي وڻي۽ آئنده اجائي گل ڪاريءَ کي ڇڏي، سادي، سهڻي ۽ اصطلاحي انگريزي لکڻ لڳس ۽ اڄ تائين سولي ۽ سادي انگريزي لکندو آهيان. ڪاليج واري حياتي ۾ پڻ اها سادي ليڪن صحيح انگريزي ڪم آيم ۽ سڀني شاگردن خصوصا انگريزي ادب وارن کان به سبقت کڻي ويس. اهو سڀ ڪوٽوال صاحب جي نيڪ مشورن جو نتيجو هو، پر سڀ ڳالهه ۾ مالڪ تعاليٰ جو هٿ هو:
    نه گلم، نه برگ سبزم، له درخت سايه دارم
    همه حيرتم ڪو دهقان بچه کار ڪشت مارا


    8. مئٽرڪ جي تياري ۽ امتحان

    سبک زجاي نگيري کہ بس گران گهر است
    متاع من کہ نصيبش مباد ارزاني!

    لائق استادن جي نور نظر هيٺ منهنجي زندگي به عجب ٿي پئي. محنتي ۽ سخت ڪوش ته اصل کان هوس. پر مدرسي منهنجي انهيءَ وصف کي وڌيڪ مهميز ڏني. ڪوٽوال صاحب جو رويو هوندو هو ته هوشيار شاگردن کي آزاد ڇڏي ڏيندو هو ته ڀل حساب ، الجبرا ۽ جاميٽري پنهنجي روءِ سوءِ ڪن، انهي ڪري سواءِ گهڻي رهبري جي مون ڇهين درجي جو سارو نصاب ختم ڪري ڇڏيو. حياتيءَ جو هڪڙو دم به اجايو خرچ نه ڪيم. سستيءَ ۽ بطانت ۾ پنهنجو وقت نه وڃايم، خوامخواه ٽوٽيائي ڪري خدا تي توڪل ڪانه رکيم، بلڪه واجپي آرام ۽ راحت بعد، هڪ گهڙي به بيڪاريءَ ۾ نه گذاريم
    از توکل درسبب کاهل مشو
    رمز الکاسب حبيب الله شنو
    گر توکل ميکني در کارکن
    کسب کن بس تکيه بر جبار کن

    اسڪول جي راندين روندين م به برابر بهرو وٺندو هوس. خاص طرح صبح جو ڊرل مونکي وڻندي هئي ۽ جڏهن ستين درجي ۾ وائينس صاحب مونکي مدرسه ڪرائيڪل جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ۽ راندين کان معافي ڏنائين تڏهن به ڊرل جو وارو نه گسائيندو هوس. هر روز شام جو اسٽيشن وارو ڦاٽڪ پار پئي سمنڊ ڪناري تي گردش ڪرڻ ويندو هوس. رات جو ڏهين بجي مهل بستري داخل ٿيندو هوس ۽ صبح جو پاڻهي پنجين بجي اٿندو هوس. اسڪول جي برج جو گهڙيال ان وقت برابر پنج ڌڪ هڻندو هو، بيماريءَ بڙي کان الله تعاليٰ مونکي رکيو. جيڪڏهن بعضي لڱن تي ڪڻس جو اثر محسوس ڪندو هوس ته پاڻ کي رلي ياسوڙ ۾ ويڙهي ٿورو وقت ليٽي پوندو هوس. پگهر اچڻ تي تپ توءُ سڀ رفع ٿي ويندو هو. تمام آڳاٽي وقت کان منهنجو نيم ٿي رهيو هو ته صبح جو ورزش، تخليه ۽ وهنجڻ کانسواءِ نيرن نه کائيندو هوس. اڃا اهو وضع هليو اچي. مطلب ته سڀڪا ڳالهه پنهنجي وقت تي ڪئي ويندي هئي، جنهنڪري ٻين ڪمن لاءِ به ڪافي فراغت ملندي هيم. اگرچه دوستن سان مهل سر ورونهه ڪبي هئي. پر اجائي کيچل ۽ گوڙ سان ڪانه پوندي هيم:
    آنکس ڪه زغوغا نرهد، واي برو
    بر خلق جهان دل بنهد واي برو
    دردست فقير نيست نقدي جز وقت
    آن تيز گر از دست دهد ، واي برو

    نتيجي ۾ ڪيترائي بورڊر حسابن توڙي ٻين ڪمن ۾ مونکان پنهنجون مشڪلاتون حل ڪرائيندا هئا. هڪ ٻن ڄڻن کي پيسن تي به ٽيوشن ڏيندو هوس. جهڙوڪ محمد باقر جوڻيجو ۽ ڪريم بخش ٽانوري، سيد ميران محمد شاهه حسابن ۾ بلڪل چٽ هوندو هو. تنهن کي باقاعده حساب سيکاريندو هوس. پاڻ اڃا به علي الاعلان ماڻهن کي ٻڌائيندو آهي ته جيڪڏهن ميٽرڪ ۽ ڪاليج جي پهرئين سال دائود پوٽه مونکي حساب نه سيکاري ها ته هر گز هن منزل کي نه پهچان ها. ڪنهن سان به وير وروڌ ڪونه هوندو هوم. سڀ ڪنهن سان نمي کمي هلندو هوس. بغض ۽ ڪينو منهنجي مذهب جي به خلاف هو بلڪه ڪفر جي برابر هو:
    کفر است در طريقت ما کينه داشتن
    آئين ماست سينه چون آئينه داشتن
    سني توڙي شيعا، هندو خواه ڪرستان منهنجي نظر ۾ يڪسان هوندا هوا. سيد عطا حسين شاهه موسوي، جو منهنجو هم ڪلاسي هو، ۽ نهايت فضيلت وارو، ٿورو ڳالهائو ۽ محتشم هو، تنهن سان منهنجي دوستي انهيءَ وقت کان وٺي جاري آهي
    کفر کافر را و دين ديندار را
    قطرهء دردت دل عطار را
    سوال ڪرڻ يا گهرڻ منهنجي عادت نه هئي. ڏيڻ وڻندو هوم ۽ وٺڻ کان ونءُ ويندو هوس اڃا تائين اهو شيوو هليو اچي

    ڏٺي ڏکويا، اڻ ڏٺي راضي رهيا
    سامي تي ٿيا، جينء ڪين کنيائين پاڻ سان
    هڪ دفعي مرحوم شيخ قائم خان مدرسي ۾ آيو.کيس پيرين پئي وڃي مليس. هلندي وقت مونکي هڪ روپيه يا ٻه ڏيڻ چاهيائين، پر مون ادب سان انڪار ڪيو. چيومانس ته اوهان جي شان وٽان نه آهي جو ايتري خسيس رقم ڏيو. مون ننڍي هوندي جي هڪ فارسيءَ ۾ پڙهيل حڪايت ٻڌائي مانس ته اسڪندر اعظم کان ڪنهن شخص هڪ درهم جو دان گهريو جو هن ڏيڻ نه قبوليو. چي هي منهنجي شان وٽان نه آهي تنهن تي سائل عرض ڪيس ته ڀلا فلاڻو ڪي فلاڻو علائقو مونکي عطا ڪريو چيائينس ته تون انهيءَ جو لائق ناهين.
    غريب شاگردن جي سهائتا لاءِ وائنس صاحب بعضي بعضي ڪي ڇوڪرا شهر جي متمول ماڻهن ڏانهن موڪليندو هو. هڪ ڀيري مان به وفد سان گڏجي مرحوم حاجي عبدالله هارون وٽ امداد لاءِ ويس، جنهن جي ڪاثر خيرات رو ورياء تي ٻڌل هوندي هئي. مان سڀني جو سرڪردو هوس. سو مونکي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍيائين چي اوهان سويل ئي پنڻ تي سندرو ٻڌو آهي. اڳتي هلي ڪهڙا ڪٻر جا کنڀ کوهيندا؟ تنهن تي مون نهايت لهر سان چيومانس ته سائين لقاء تو بعطاء تو بخشيدم. اسين پاڻ لاءِ اوهان وٽ ڪشتو کڻي ڪونه آيا آهيون. بلڪ ڪن مستحق غريب ۽ محتاج شاگردن جي مدد لاءِ صدقو گهرڻ آيا آهيون. جيڪڏهن اوهان کي ڏيڻ جي نيت ناهي، ته پوءِ هروڀرو اسان جي دل ڇو ٿا ڏکويو؟ ائين چئي سندس ڪوٺيءَ مان نڪري آياسين ۽ اگرچه پوءِ پاڻ پڇتائي ڪيتريون ئي منٿون ڪيائين پر اسان پرواهه ئي ڪانه ڪيس:

    مبين حقير گدايان عشق را کاين قوم
    شبهان بي کمر و خسروان بي کلهند

    اگرچه پوءِ مرحوم مون سان گهڻي قدر مهربان رهيو ڇا پرنسپاليءَ جي زماني ۾ ، ڇا ڊي پي آءِ هئڻ وقت. پر مون کانئس ڪڏهين به غريبن لاءِ امداد نه گهري. رب جو لطف آهي، جو اڃا اها استغنا هٿان نه وئي آهي، ۽ اها هستيءَ جي ڪيميا اڇا به دل کي مالامال ڪري رهي آهي:

    زپادشاهه و گدا فارغم بحمد الله
    گداي خاک در دوست پادشاه منست

    ۽ انهيءَ وقت کان وٺي فجر جي نماز بعد هي دعا پڙهندو ايندو آهيان

    يا رب تو چنان کن ڪہ پريشان نشوم
    محتاج براد ران و خويشان نشوم
    بي منت مخلوق مرا روزي دهه
    تا از در تو بدر ديگران نروم

    ۽ رب العزت ڪڏهين به ڪنهن جي در اڳيان هٿ نه ٽنگايو آهي پر جڏهن ڪڏهين سعيي خاطر مخلوق کي منت ڪئي اٿم، ته محروم ئي ٿيڻو پيو آهي. حقيقت ڪري انهيءَ يڪتا مالڪ جو در ڇڏي غير جي دروازي تي وڃڻ ئي عبوديت جي خلاف آهي
    پوريا درم پن، جن پنيي پورت نه ٿئي
    نانءُ انهيءَ جوڳن، جو ڏئي ڏرمائي ڪينڪي
    ۽ پڻ هيٺين دعا جا ننڍي هوندي پنهنجي مرحوم چاچي نطام الدين (ننده) کان سکي هيم. سا به ٻين دعائن سان گڏ پڙهندو آهيان، اگرچه اها شاهه جي رسالي ۾ داخل ناهي ۽ رڳو فقيرن جي واتان ٻڌي اٿم
    جو دم جيارين، هادي حفظ ۾ رکين
    هدايت هاشمي، مونکي ڏاتر ڏيارين
    محتاجي مخلوق جي، قادر نه ڪارين
    آگا، عبداللطيف چي، ويل نه وسارين
    پرڪش پيارين، پاجي دران پانهنجي

    ڇهين درجي ۾ ئي خودباوريءَ جا سبق حاصل ٿيا. جي ابعمر وسرڻ جا ناهن. سڀ ڪم پنهنجي هٿان پاڻ ڪندو آهيان ۽ ٻئي تي هرگز نه پاڙيندو آهيان. اهو انهيءَ عظيم الشان نالي جو اثر اٿم جو اٺ تان لهي ڪريل لڪڙي پاڻ کڻنندو هو۽ جنهن عمرو بن العاص جهڙي زبردست فاتح کي چئي ڏنو ته:
    متيٰ اتعبدتم الناس وقد ولدتهم امهاتهم احرارا

    “اوهان ماڻهو ڪڏهن ٻانهو بنايو آهي، حالانڪ سندن مائرن کين آزاد ڄڻيو آهي. انهي ڪري هر حالت ۾ سچ چئي ڏيڻ ۽ ٻئي تي ڀروسو نه ڪرڻ منهنجي حياتيءَ جو نصب العين رهيو آهي.
    هڪ دفعي وائينس صاحب سڀني بورڊرن کي ڊائننگ هال ۾ ڪٺو ڪري “خودباوري” تي وياکياڻ ڏنو، چي هر ڪنهن بورڊر کي پنهنجي ڪمري جي پاڻ صفائي ڪرڻ گهرجي، تنهن تي منهنجو دوست ميران محمد شاهه بگڙي پيو چي اسين پنهنجي رهايش ۽ خوراڪ لاءِ خرچ ڏيون ٿا، پوءِ جو نفرن جو ڪم ڪريون. اهڙي طرح فري بورڊرن مان الهڏني (علاءُ الدين) سمي مخلافت واري، جنهن تي وائينس صاحب کي ڏاڍي بڇان لڳي. فري بورڊرن مان فقط مون ۽ هڪ اٻاوڙي جي مسڪين ڇوڪري هام هنئي ته اسين پنهنجي ڪوٺين جي پاڻ صفائي ڪنداسين ۽ ٻيو به جيڪو ڪم اسان تي ڌريو ويندو سو خوشيءَ سان بجا آڻينداسين. تنهن تي وائينس صاحب اسان کي برقي بتين صاف ڪرڻ ۽ شمعدانن ۾ تيل ڀرڻ جو ڪم سونپيو ۽ ڀيو جيڪو اهو ڪم ڪندو هو تنهنکي نوڪريءَ مان ڪڍي سندس پگهار اسان کي ڏياريائين. ازانسواءِ مونکي کٽون ۽ کٽولا واڻڻ ايندا هوا، سو بورڊنگ جي ڇنل کٽولن جي واڻڻ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيائين، جنهن مان هر هڪ کٽولي تي ٻه چار آنا ملندا هئم. انهيءَ ڪري ايتري قدر پيسو ٿيندو هوم جو نه فقط ڪتاب ڪڙا خريد ڪندو هوس ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڀاڙو ڪندو هوس، جي ٻين فري بورڊرن کي مدرسي جي خيراتي فنڊ مان مفت ملندا هوا.پر مهيني ڀر ڪجهه روپيا پنهنجي والد صاحب کي به گهر جي خرچ پکي لاءِ موڪليندو هوس مطلب ته:
    تا دستر سم بود زدم چاک گريبان
    شرمندگي از خرقئه پشمينه ندارم
    انهيءَ سال (1915ع) ڇهين درجي ۾ ٽي مهينا وڌائي آئينده لاءِ انتهائي امتحان مارچ مهيني ۾ رکيائون، جنهن ڪري مقرر نصاب کان به وڌيڪ ڪم ڪيو ويو. مونکي پاڻ بيروني مطالعي لاءِ چڱو موقعو ملي ويو ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڇيدا ڪتاب پڙهي ورتم. سالياني امتحان ۾ هر هڪ موضوع ۾ پهريون نمبر آيس ۽ مدرسي ۾ هيڪاري منهنجي قابليت جو ڌاڪو ويهي ويو ۽ ماستر مڙا سڀ مونکي تحسين جي نظر سان ڏسڻ لڳا:
    نابرده رنج گنج ميسر نمي شود
    مزد آن گرفت، جان برادر کہ کار کرد
    ڏاڍي جوش ۽ خروش سان ستين درجي م داخل ٿياسين. اسان جهڙو هشيار ٽولو ڪڏهين به مدرسي جي مئٽرڪ ڪلاس ۾ نه ويٺو هو. بيشڪ اڳئين سال ۾ شيخ عبدالستار لطف علي (هينئر پروفيسر اي ايل شيخ، جنهن سان منهنجي انهيءَ وقت کان الفت هلي اچي) مدرسي جو ڪر مٿي کنيو هو. جو سڄي يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ پاس سده مسلمانن ۾ پهريون نمبر آيو هو ۽ جيراز ڀائي اسڪالر شپ کٽي هوائين.
    پر ڪيترائي ڇوڪرا امتحان ۾ ناڪامياب ٿيا هوا. جهڙوڪ منهنجو مرحوم دوست عبدالرزاق ميمڻ، امان تنيو(نوشهري مدرسي واري ماسٽر عزيز الله تنيي جو مائٽ) حامد علي ولد علامه عبدالله هالاڻي وارو وغيره جن کي اسان وڃي پڪريو ۽ کانئن گهڻي قدر ڪثر کڻي وياسين.
    انگريزي اسان کي خود وائينس صاحب سيکاريندو هو. جنهن جو صحيح تلفظ ۽ صرف و نحو تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو. هو صاحب مدرسي جو ٽيون پرنسپال هو ۽ عليڳڙهه مان پروفيسري ڪمائي هتي آيو هو. مدرسي جيڪا نمايان ترقي هن صاحب جي ايامڪاري ۾ ڪئي، تنهنجي تاريخ شاهد آهي. ڏاڍو هڏ ڏوکي هو ۽ هشيار شاگردن تي ساهه ڏيندو هو. پنهنجي هڙان وڙان غريبن جي مدد ڪندو هو. پڇاڙيءَ تائين مدرسي جي خدمت ڪيائين ۽ خدمت ڪندي پنهنجا پران تياڳيائين. وائينس صاحب جو مون تي گهڻو هٿ هو ۽ جيڪي به چوندو هوسانس، تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍائيندو هو. باقي انگريزي ۽ حسابن جو ڪم مسٽر محمد رضا شيرازيءَ جي سپرد هو، جنهن جي هشياري ۽ مهارت جي تعريف منڍ کان وٺي ٻڌندا ايندا هواسين. پاڻ اصل ايراني بهائي هو، مگر نهايت صاف دل ۽ گهڻگهرو انسان هو جاگرافي ۽ تاريخ مسٽر نهالچند پاڙهيندو هو پر هو هڪڙو ڍٻ هو۽ اگرچه پنهنجووظيفو پوري طرح بجا آڻيندو هو تڏهن به سندس پڙهائي ۾ ڪو جس ڪونه هوندو هو.
    هر کسي آن کند کہ لائق اوست
    فارسي جئين اڳي چيو ويو آهي، مرحوم مرزا سليمان صفوي پاڙهيندو هو. هو وڏي ذوق جو صاحب هو ۽ فارسي پڙهائڻ ۾ وڏي دلچسپي ڏيکاريندو هو. حقيقت ۾ فارسي لاءِ محبت هن ئي شخص اسان ۾ پيدا ڪئي ۽ اسان کي ايترو استعداد حاصل ٿيو جو في البديهه فارسي ۾ شعر چئي ويندا هواسين. هڪ دفعي ميران محمد شاهه ۽ مون ويٺي ئي ٿوري وقت ۾ ٺٽي ننگر بابت وڏو نظم ٺاهي ورتو جنهن جي پهرين مصرع شاهه ٿي چئي ته قافيي واري مصرع مون ٿي پوري ڪئي. ميران محمد شاهه اڳيئي چڱو شاعر هو سو مون پنهنجو مٿي جو سوربه کيس ڏئي ڇڏيو. مرحوم ميرزا صفوي اسان کي حافظ ۽ ٻين شاعرن جا چيدا غزل انگريزي ترجمي سان لکائيندو هو، جن مان اڪثر اڳيئي منهنجا پڙهيل هوا جهڙوڪ:
    1. در سرود زدستم صاحبذلان خدارا
    2. اگر آن ترک شيرازي بدست آرد دل مارا
    3. مخوان زديرم بکعبہ زاهد

    نثر ۾ وري اخلاق محسنيءَ جهڙو ادق ڪتاب رکيل هو، جو پڻ وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهندا هواسين، انهي مان مثنوي جون هيٺيون سٽون ياد اٿم. جن جي پڙهڻ ڪري اڃا به اکين مان آب ايندو آهي ۽ دل ڌوپي صاف ٿيندي آهي ۽ سڀ اولا لهي ويندا اٿم
    ايکہ خواهي کزيلا جان و آخري
    جان خود را در تضرع آوري
    کان تضرع رابر حق قدر هاست
    وآن بها کا نجاست زاري را کجاست
    اي خوشا چشمي کہ آن گريان اوست
    وي همايون دل کہ آن بريان اوست
    آخر هر گريہ ما خنده ايست
    مرد آخر بين مبارک بنده ايست


    9. ڪاليجي تعليم وارو عرصو

    سحر در شاخسار بوستاني
    چه خوش ميگفت نغمه خواني
    بر آور هرچه اندر سينه داري
    سر ودي نالئه آه فغاني

    ستين درجي وارو سال سيگهه ۽ سانت ۾ گزري ويو. سڀ ڪو پساهه سجايو ۽ سڀ ڪو سانگ سڻائو هو. ظالم زماني به اهي ساعتون پنهنجا سر ۽ سنڱ سانڍي رکيا دل ٿڌي ٿانهري ۽ دماغ سالم رهيو. دنيا جي ڪنهن به ڏک يا سور هردي تي هلان نه ڪئي سڀ ماحول مشڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ نظر آيو. علم جي طلب ۾ پاڻ کي پچائي ڇڏيو هوم. محنت ۽ مشقت منهنجي طبيعت جو ڀاڱو ٿي پئي هئي. قدرت واٽ سنواري ڏني هئي. جنهن ڪري هر مشڪل ڪم آسان ٿي پيو. دوست دمساز هوا ۽ استاد مهر پرور، حياتي گلاب جي گل وانگر ٽڙي سرهي ٿي پئي، پر اها پوري خبر هيم ته ڪنڊن جي ڏنگن بغير گل هٿ نه ايندو ۽ ڪسالي کانسواءِ مقصد هاصل نه ٿيندو، تنهنڪري بيش از بيش هٿ حاج ۾ ۽ دل يار ۾ڪم کي لڳي ويس.
    بيخار گل نباشد و بي نيش نوش هم
    تدبير چيست، وضع جهان اينچنين فتاد

    اونهاري جي موڪل ڳوٺ گذاريم پر سياري واري تعطيل ۾ منهنجي دوست سيد ميران محمد شاهه زور ڀريو ته سرديءَ جو وقت هلي اسان وٽ ٽکڙ شريف ۾ صرف ڪر ۽ مونکي پڻ حساب سيکار. سندس صلاح مڃي ساڻس ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي راهي ٿيس. کٿڙ جي اسٽيشن تي ٻه اٺ هڪيا تڪيا بيٺا هئا جن تي سوار ٿي وڃي ٽکڙ شريف پهتاسون، مونکي اوطاق تي رهايو ويو جتي منهنجي گهڻي خاطري ڪئي وئي ۽ ويڪيشن جو سارو عرصو کل خوشيءَ راحت ۽ محنت ۾ لنگهي ويو.
    انهن ڏينهن ۾ ٽکڙ جي بستي نهايت وسندڙ ۽ آباد هئي. چوڌاري چراگاه ۽ سايون ٻنيون هيس. اولهه طرف درياء هوس، ته اوڀر طرف جبل، جنهنجي ڪارونڀار منظر کي وڌيڪ چهچٽي وارو بنائي ڇڏيو هو. جبل ۽ شهر جي وچ ۾ سرهندي خواجگان جي آرامگاهه ۽ سيدن جو مقام هو جتي گهڻائي ماڻهون زيارت لاءِ ايندا ويندا هوا. ٽکڙ جا سيد ساوا ستابا ۽ مهمان نواز هوا. ميران محمد شاهه جو والد سيد زين العابدين شاهه عرف چڱل شاهه ۽ چاچو محمد شاهه مون تي گهڻو مهربان هوا. پڻ سنڌي جي وڏي اديب سيد اسد الله شاهه ۽ سيدن جي پڳدار سيد عبدالحڪيم شاهه مون تي هٿ رکيو. سڀ مڻيادار ۽ ڳڻن جا ڳهير هئا. سندن منهن موڪرا، سلوڻا ۽ سونهن وارا هئا. سندن مٿن تي اچيون پڳون يا زردار لونگيون نهايت سهڻيون لڳنديون هيون. سندن شهمور يا سفيد ڏاڙهيون سندن ڏيل کي وڌيڪ ڏيادار بنائينديون هيون. هينئر ته سندن پوين ۾ زماني جي ڦيري اها سونهن ۽ سوڀيا نه رهڻ ڏئي آهي. جڏهين ورهين کانپوءِ ميين عيسي جي تربت جي تلاش ۾ ٽکڙ مان لنگهڻو پيم، تڏهن ڏٺم ته شهر ۾ اها رونق ئي ڪانه هئي. سڀ ڪنهن هنڌ سناٽو لڳو پيو هوڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. سچ ته وڏن کانپوءِ سڃ آهي.
    مان هر روز پنهنجا ڪم به پڙهندو هوس ۽ سيد ميران محمد شاهه کي به حساب، الجبرا ۽ جاميٽري سيکاريندو هوس. هر جمعي جي ڏينهن فجر نماز کانپوءِ خواجگان جي مقبري تي دعا پنڻ ويندو هوس ۽ گچ ٿيل ديوارن تي پنهنجي عقيدت جا فارسي زبان ۾ شعر لکندو هوس جي هينئر قطعا وسري ويا اٿم.
    جئن مون شروعات ۾ بيان ڪيو آهي ته اسين ابي ڏاڏي کان نقشبندي طريقي جا آهيون اگرچه هاڻ منهنجي ڪنهن خاص طريقي سان وابستگي ڪانهي ۽ نڪي پيريءَ مريديءَ ۾ ڪو وسواش اٿم، هوئن ته سڀني طريقن جي بزرگن ، عالمن ۽ اولياء الله جي وڏي عزت ۽ تعظيم ڪندو آهيان. ليڪن انهي زماني ۾ جڏهن دلي ۽ دماغي ڪيفيت اور هئي تڏهن اهي سڀ ڳالهيون وڻنديون هيون ۽ شڪ يا گمان کي اندر ۾ جاءِ نه هئي. هينئر به اهو يقين اٿم ته اهي انسان جي روز شب الله تعاليٰ جي يادگيري ۾ گذراين ٿا ۽ دنيا جي لوڀ ۽ لالچ کان دور آهن ۽ جن جو سارو وقت خلق جي هدايت ۾ خرچ ٿئي ٿو تن جي صحبت اڪسير ۽ دعا تاثير واري آهي.

    يک زمانه صحبتي باوليا
    بهتر از صد سال بودن بااتقيا
    گر تو سنگ صخره اي مرمر شوي
    چون بصاحبدل رسي گوهر شوي

    اولياء الله جي ڪرامتن ۽ ڪرشمن ۾ به اعتبار اٿم. جڏهن جوڳي ۽ سنياسي جي تپسيا ڪرڻ پاڻ ماري اچرج جهڙا ڪم ڪري ٿا ڏيکارين، تڏهن بلڪل ممڪن آهي ته رسول الله ﷺ جي سچن دوستدارن هٿان اهڙا ڪرامت جا ڪم صادر ٿي سگهن.
    انهي وقت خواجگان جي مقام ۾ فقط خواجه عبدالرحمان صاحب رح جي مزار هئي. منهنجو والد صاحب انهيءَ بزرگ جو مريد هو. جنهنڪري مان به انهي روحاني ڪشش کان سندس مقبري جي زيارت لاءِ ويندو هوس. ۽ گهڻو حظ حاصل ڪندو هوس. هيءُ بزرگ پنهنجي زماني جو وڏو اهل الله ۽ پهتل شخص ٿي گذريو آهي. سندس فيض مان گهڻائي ماڻهو وڃي راس ٿيا ۽ سندس ڪرامتن جون اڳلهيون عام مشهور آهن. هيءَ روايت مون پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين کان ٻڌي آهي.
    هڪ دفعي خواجه صاحب جن سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي زيارت لاءِ آيا هوا. هڪ ڪڃري ان وقت پئي ناچ ڪيو ۽ ڏاڍيءَ لئي سان پئي حافظ شيرازيءَ جو هيٺيون غزل ڳايائين:

    دل مير و دز دستم صاحبدلان خدا را
    دردا کہ راز، پنهان خواهد شد آشکارا
    جڏهن تال ڪندي، هيٺئين بيت تي آئي:
    در کوي نيکنامي مارا گذر نداند
    گر تو نمي پسندي، تغير کن قضارا
    تڏهن خواجه صاحب جن ڏانهنس نهاري آڱر جو اشارو ڪيو ته اڦٽ عش ٿي زمين تي ڪري پئي. سڀ حاضرين هائس ۾ پئجي ويا. جڏهن سامت ۾ آئي. تڏهن توبه تائب ٿي وڃي سندن پيرن تي پئي. ۽ پنهنجو گندو پيشو ڇڏي وڃي شادي ڪيائين ۽ عزت عفت جي زندگي بسر ڪرڻ لڳي.
    ٻي ڳالهه ڪندا آهن هڪ سال درياء شاهه ٽکڙ کي پائڻ لڳو، ماڻهن ۾ لڏ پلاڻ پئجي وئي. سيد پڻ ٿرٿلي ۾ اچي ويا ۽ اچي خواجه صاحب جن کي اها روبڪار ٻڌايائون. تڏهن خواجه صاحب جن پائيندڙ درياء جي ڪپ تي مصلو وڇائي ساري رات پنهنجي رب کي ٻاڏائڻ لڳا. صبح جو ماڻهو اچي ڏسن ته درياء ڏنيون ڏئي پيو وهي.
    چوبشنوي سخن اهل دل مگو کہ خطاست
    سخن شناس ته اي دلبرا خطا اپنجاست

    مولانا روميءَ ته ا نهيءَ باري ۾ صاف صاف چيو آهي:
    کار پاکان را قياس از خود مگير
    گرچه مانند در نوشتن شير شير
    جملہ عالم زين سبب گمراه شد
    کم ڪسي زابدال حق آگاه شد
    اشقارا ديدهء بينا نبود
    نيک و بد در ديده شان يکسان نمود
    عمري با انبيا برداشتند
    اوليا را همچو خود بنداشتند
    گفتہ اينک ما بشر ايسان بشر
    ماو ايشان بستہء خوابيم وخور
    اين نداشتند ايشاناز عمي
    هت فرقي درميان بي منتهي

    ڏيپلائي صاحب ۽ سندس هم خيال ڀلي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ آڻين
    بيا ڪه رونق اين کارخانه ڪم نشود
    ززهده همچو توئي با بفسق همچومني

    القصه موڪل جو مدو خير خوبيءَ سان ختم ڪري جنوري 1917ع جي شروعات ۾ اٺ رستي کٿڙ جي اسٽيشن تي پهچي. حيدرآباد روانو ٿيس. گاڏيءَ ۾ مرحوم عبدالمالڪ گارڊ چڙهيل هو، جو مدرسه ۾ ايندو ويندو هو ۽ مونکي سڃاڻندو هو. تنهن چيم ته هن گاڏيءَ کي ڪراچي ڏانهن ويندڙ ٽرين سان اتصال ڪونهي، تنهنڪري بهتر ٿيندو ته اها رات حيدرآباد رهي، ٻئي ڏينهن ڪراچي روانو ٿيان. حيدرآباد مون اڳي ڪانه ڏٺي هئي، سو مونجهاري ۾ پئجي ويس ته ڪٿي رهندس. شيخ عبدالمالڪ مونکي دلداري ڏيئي ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب جي دواخاني تي وٺي آيو، جو ان وقت اسٽيشن روڊ تي واقع هو ۽ پاڻ به اتي رهجي پيو. ڊاڪٽر صاحب سان انهيءَ ڏينهن کان وٺي سڃاڻ اٿم.
    ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب تازو مسلمان ٿيو هو. هندن کانئس سندس ٻار ٻچا کسي ورتا هوا ۽ مٿس مقدمو دائر ڪيو هوائون. پاڻ انهيءَ شش و پنج ۾ هو، پر مهمانداريءَ جا شرط پوري طرح بجا آندائين. وٽس هڪ پنجابڻ مائي هئي، جا سندس ماني ٽڪي ۽ ٽهل ٽڪور ڪندي هئي. کيس بوئا ڪري سڏيندا هئا. ۽ اڃا تائين ساڻس ڳنڍي اچي. ڊاڪٽر صاحب کي پاين کائڻ جو شوق هوندو هو، جو پڻ اڃا هليو اچيس. اسان به صبح جو پايا کائي رڄ ڪيو، پوءِ کانئس موڪلائي ڪراچي واري ٽرين ۾ ويٺاسين ۽ خير سان اچي پهتاسين.
    ميٽرڪ امتحان ۾ باقي 3 مهينا کن اچي رهيا هوا. مون به مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي. مان نٿو ڀانيان ته ڪنهن شاگرد اهڙي استعداد ۽ ذوق سان تياري ڪئي هوندي. آخر امتحان مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ مون به بي خوف ٿي منهن ڏنومانس. سڀني ڪمن ۾ سٺو ڪيم. رڳو تڪڙ سببان انگريزي ۽ الجبرا وارن پيپرن ۾ ڪي چڪون ٿي پيون. پيپر نهايت سولا هوا پر اتساهه ۽ تڪڙ ڪري انگريزي ۾ سڌي بيان کي مخاطب جي بدران غائب ۾ اڻ سڌو ڪري ويٺس ۽ الجبرا جي منسابت وارن حسابن جي طريقي۾ گهوٽالو ٿي پيو. ليڪن پنهنجي ڪيتي جو ڪهڙو علاج؟ جيڪڏهن اجائي تڪڙ نه ڪريان ها ته جيئن جاميٽري ۾ 99 سيڪڙو مارڪون کنيون هيم تئن الجبرا ۾ ايتريون ئي مارڪون کڻان ها ۽ پڻ انگريزيءَ ۾ سيڪڙو مٿي ٿئيم ها ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ اعليٰ نمبر حاصل ڪريان ها. افسوس ڏاڍو ٿيم پر صبر کانسواءِ چارو ڪونه هوم.
    وائينس صاحب مونکي چيو ته امتحان جي نتيجي تائين بورڊنگ هائوس ۾ رهي پئو. آخر نتيجو ظاهر ٿيو. سنڌ ۾ هندو مسلمان شاگردن ۾ پهريون نمبر بيٺس ۽ سنڌ نمايش انعام حاصل ڪيم. مدرسي جي ماسترن ۽ شاگردن سڀني مبارڪون ڏنيم، پر مان اچي رئڻ ۾ ڇٽڪيس ۽ مس مس سڀني جي سمجهائڻ تي ماٺ ڪيم:
    رضا بداده بده وز جبين گره بکشاي
    ڪہ برمن وتو در اختيار نکشاد ست


    10. ڪاليجي تعليم جو ٻيو سال

    “لختي ز حال خويش بسيما نوشتہ ايم”
    مئٽرڪ جو اونو لٿو ۽ اسڪول جي تنگناء کان آزادي ملي. اندر ۾ طرحين طرحين تمنائون اٿيون ۽ امنگ جاڳيا. ڪاليج جي پرصحت فضا (کليل فضا) ۾ دم کڻڻ لاءِ دل ٽپا ڏيڻ لڳي. پر بي برگي ۽ بي سامانيءَ جي حالت ۾ ڇا ٿي ڪري سگهيس.
    کليد قدر نيست در دست کس
    تواناي مطلق خدا هست و بس
    ٻيا رفيق سڀ پنهنجي پونجيءَ وارا هئا کين سرڪاري ادرار يا وظيفي جي ضرورت ڪان هئي. انهن لاءِ تعليم جو ميدان صاف هو، مون لاءِ سنگلاخ ۽ خارزار هو. اهي گهوڙي سوپار ته مان پياده رهگذار هوس.
    تو دستگير شو اي خضر پي خجستہ که من
    پياده مي روم و همر هان سوارانند

    ان وقت مستحق مسلمان شاگردن کي فقط چار سرڪاري اسڪالرشپون هيون. مان جو سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو هوس، سو يقين هوم ته انهن مان هڪڙي اسڪالرشپ ضرور ملنديم، ليڪن انهيءَ وقت اسڪالرشپ جي ماهوار رقم رڳو ويهه روپيا هئي. ازانسواءِ ڪاليج مان ڏهه روپيا اسڪالرشپ ملڻ جي اميد هئي. پر ٽيهن روپين مان ڇا ٿو سري ۽ ڪاليج جون ڳريون فيون ۽ هاسٽل ۾ رهايش جو خرچ ايتري مبلغ مان ڪئن پورو ٿئي ها، تنهنڪري هاسٽل جي عيشي زندگي جو خيال لاهي ڇڏيم. ازانسواءِ گهر جي توڻ کي پڻ منهن ڏيڻو هوم. عين انهيءَ حيص بيص ۾ لاهي هٿ غيب جي پردي مان هويدا ٿيو. مرحوم حاجي عبدالرحيم صاحب سچي نيت سان آڇ ڪئي ته اچي اسان وٽ رهه، جيڪڏهن هي صاحب اها راءِ ۽ بزرگ منشي انهيءَ وقت نه ڏيکاري ها ته هوند آوارو ٿي وڃان ها:
    من بسر منزل عتقا نه خود بردم راءِ
    قطع اين مرحلہ با مرغ سليمان کردم

    مولوي صاحب با قبائل سني مسجد جي سامهون هڪ ٻه طبقائين جاءِ ۾ رهندو هو، ۽ مان هيٺ رهندو هوس. ماني ٽڪي حال سارو مونکي سندس گهران ايندي هئي. مولوي صاحب هڪ باسليقي ۽ ملڻسار انسان هو.پاڻ مولوي خير محمد صاحب پاٽائي ۽ ٻين بزرگن جوشاگرد هو ۽ پڻ مولانا غلام محمد صاحب ملڪاڻي جي صحبت مان گهڻو فيض حاصل ڪيو هوائين. مطلاعي جو گهڻو شوق هوندو هوس. وائينس صاحب وٽ به گهڻي چڱي هلندي هيس. ڇاڪاڻ ته اڪثر بورڊر سني هوندا هوا ۽ اسڪول توڙي بورڊنگ ۾ پوري اخلاقي ضابطي رکڻ ۾ مولوي صاحب جو گهڻو وڏو هٿ هوندو هو. باوجود ايتري رسائيءَ جي هو ٽوٽي نه هوندو هو ۽ فقه سيکارڻ، خطابت ۽ امامت جي فرض ادائي پوري طرح سان ڪندو هو ، اگرچه ڇوڪرا ساڻس ظرافت به ڪندا هوا. صبح جو فجر نماز بعد قرآن شريف جو ترجمو سيکاريندو هو ۽ اڪثر شمس العلماء نذيراحمد صاحب واري جمائل سندس هٿ ۾ هوندي هئي. ڪي ذوق وارا شاگرد جهڙوڪ مرحومان نصير الدين نظاماڻي ۽ مير الله بخش خان ٽالپر، علي محمد سيال ۽ مان باقاعدي انهيءَ درس جي حلقي ۾ حاضر هوندا هواسين. عربي سکڻ جو ذوق به انهيءَ ريت پيو. جمعي نماز کان اڳ وعظ نئين نموني ڪندو هو ۽ سندس تقرير دلپذير هوندي هئي. قرآن شريف جي قرائت هڪ خاص لهجي ۾ ڪندو هو ۽ سندس الحان به موچارو هو. اڪثر عشا ۽ جمعي جي رڪعتن ۾ اقم الصلواة ۽ ڪهف وارو پويون رڪوع پڙهندو هو جي ٻڌي ٻڌي ياد ٿي ويا.
    مطلب ته مولوي صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ قدامت جوجامع هو. سندس وڌيڪ احوال اڳتي جاءِ بجاءِ ايندو. مونکي پٽن وانگر ڀائيندو هو ۽ مان به سنديس خدمت کان ڪين ڪيٻائيندو هوس، اگرچه اردو سان ڪا دلچسپي ڪانه هوندي هيم ۽ نڪا اڄ تائين اٿم. تڏهن به مون سندس لاءِ ڪيترائي اردو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جهڙوڪ تفسير حقاني يا فيروزي جو عم جو سيپارو. فقهي ڪتابن جو سلسلو ۽ ارڪان اسلام، جي سڀ درياتي ۽ عقلي نموني ۾ لکيل هوا.انهي ڪري اردوءَ ۾ محاورو ٿي ويم. جو پروفيسر محمد علي جو مشهور ادق ڪتاب دين و دانش سوليءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي ويندو هوس. اگرچه ڳالهائڻ ۾ لکڻ جي مشق نه هئڻ ڪري منهنجي اردو تمام سقيم آهي، ۽ اڄ به اردو تقرير توڙي تحرير ۾ ايتري تڪليف محسوس ٿيندي اٿم. جيتري هڪ ڏاٺ ڪڍائڻ تي هوند ٿئي. خدا جي مهرباني آهي جو عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ چڱيءَ طرح پنهنجي خيالن جو تعبير ڪري سگهندو آهيان، پر جيڪڏهن اردو ۾ ڪير تقرير لاءِ چوندم ته ڄڻ ته مٿم ڇپ ڪري زبان ئي نه اڪلندي.
    تاريخ 20 جون 1917ع جي ڏيرام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جو پهريون ٽرم شروع ٿيو. ڏاڍي اتساهه ۽ هيج سان داخلو ورتم. سڀني پروفيسرن ۾ اها خبر بجليءَ وانگر پکڙجي وئي، ته ههڙي قسم جي دهقاني فرزند ڪاليج اندر قدم رکيو آهي. سڀئي مون ڏي چاهه سان نهارڻ لڳا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن توجه مون ڏانهن وڌندو رهيو. مالي مشڪلاتون پڻ گهڻي قدر حل ٿي ويون. اسڪالرشپن جي علاوه ڪاليج جي پارسي شاگردن پاڻ ۾ مڙي مون لاءِ هڪ ماهوارو چندو مقرر ڪري ڇڏيو. جو بي اي جي آخر تائين ڏيندا آيا. مان پارسي قوم جو انهي ڪري از خود شڪر گذار آهيان. مولا پنهنجي مهر سان سڀ اولا لاهي ڇڏيا ۽ مان ذوق شوق سان پڙهڻ کي لڳي ويس:
    شکر خدا کہ هرچه طلب کردم از خدا
    بر منتهاي همت خود کامران شدم

    اڳي ڪاليج جو پهريون ڏينهن عيد وانگر هوندو هو. سڀ شاگرد وڃي ليڪچر ٿئيٽر ۾ جمع ٿيندا هوا، ۽ قابل ڪار پروفيسرن مان هڪ فرد سال بسال واري واري تي سڀني شاگردن کي خطاب ڪندو هو، جنهن ۾ کيس اڀياس ۾ محو ٿيڻ جي علاوه اخلاق ۾ ضابطي جا اعليٰ مثال پيش ڪندو هو. انهيءَ سان خود پرنسپال صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻيءَ شاگردن کي وياکاڻ ڏنو. مڙس جهڙو هو قداور ۽ شاندار تهڙو هو سندس ڳالهائڻ جو نمونو اثردار. پنهنجي ڪاري علمي جبي ۾ نهايت حشمتناڪ ۽ ڏيا وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون تي سندس هٿ هوندو هو ۽ پڇاڙيءَ تائين اهو استاداڻو پرڀاءُ رکندو آيو. منهنجا اکر وڻندا هئس ۽ فارسي ۽ سنڌيءَ جا شعر لکائي پاڻ وٽ رکندو هو. سندس اصلي پيشو زمينداري هو ۽ ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو گذاريو هوائين، تنهنڪري ڳوٺاڻن جون ورجيسون ۽ اصطلاح پورا ياد هئس. سنڌي تمام سٺي ڳالهائيندوهو ۽ ان جو مظاهرو ڪندو هو. مونکي سندس گيديءَ جي باري ۾ اها هڪ گفتو ياد آهي:
    ڏکو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، ترار کڻي ترور ڪجي
    پوءِ هو نه پڄي، ته پاڻ کڻي ڀڄجي

    شيڪسپيئر جي تمثيلات تي خاص ڪڙو هوس ۽ وقت بوقت انگريزي ادب جي وسيع شعر مان شواهد ڏيندو هو. نه فقط ايترو، پر پارسيءَ ۾ به گهڻو درڪ هوس. هڪ دفعي صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي هي بيت پڙهيائين. جو ان وقت کان وٺي مونکي ياد آهي ۽ منهنجو نصب العين ٿي رهيو آهي:
    گويند سنگ لعل شود در مقام صبر
    آري شود و ليک اخون جگر شود

    سندس ڳالهائڻ ۾ هڪ خاص ڌنڪ هوندي هئي، جنهن جي ڪيترائي شاگرد تقليد ڪندا هوا.
    پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي سندس انگريزي سيکارڻ ۾ معاون هو. ان جي محبت ۽ پيار به هيل تائين هلندو اچي. اڄ ڪالهه هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. جو هڪ سنڌيءَ لاءِ وڏي فخر جو باعث آهي. انهن ڏينهن ۾ ڳڀرو جوان هو. شڪل ۾ شيلي شاعر جهڙو شڪيل، ڪپڙين لٽين پوشيدو ۽ مکيو چکيو، هلت چلت ۾ نرالو، ڪوڪيدار ۽ عمدو ضابطو رکندڙ هو. ڏسڻ سان اڳلي جي نظر ۾ سندس لاءِ عزت گهر ڪري ويندي هئي. انگريزيءَ ۾ پهريون وارو سندس هو. اچڻ سان نوواردن جي سيبائتن لفظن ۾ مرحبا ڪيائين ۽ تنهن کانپوءِ هڪ نهايت نصيحت آميز شروعاتي تقرير ڪيائين، جنهن ۾ تازه آيلن کي وقت سجايو صرف ڪرڻ لاءِ هيٺيون بائبل جو جذبي وارو جملو چيائين جو اڃا تائين ڪنن ۾ ٻري رهيو آهي.For the night cometh, when no man can work
    “يعني (عمل ڪريو) ڇاڪاڻ ته رات اچڻ واري آهي جڏهن ڪوبه ماڻهو ڪم ڪري نه سگهندو.”
    چه ساز بود کہ برده ميز دآن مطرب
    کہ رفت عمر و هنوزم دماغ پرزصداست

    تازو جڏهن وائيس چانسلر ٿيڻ تي خط ۾ مبارڪ لکندي انهن لفظن ڏي ڌيان ڇڪايو هومانس، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس.
    پروفيسر ٽرويڊي ۽ لاکو صاحب اسان کي حساب سيکاريندا هوا. سابق الذڪر صاحب تي منهنجو اڳيئي ڌاڪو ويٺل هو، جو جاميٽري جي پيپر ۾ مونکي 99 مارڪون ڏنيون هوائين. سندس چوڻ تي ئي مون انٽرميڊئيٽ آرٽس ۾ حساب کنيا هوا. جي پوءِ شخصي سببن ڪري ڇڏڻا پيم. ٻئي ڄڻا مونکي گهڻو ڀائيندا هوا ۽ آخر تائين اهو سلوڪ نباهيندا آيا.
    فارسي جو پروفيسر انهيءَ وقت آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي هو، پر پهرين سال وارن سان انجو واسطو ڪون هوس. سندس ناتو هن ضعيف سان گهڻو ۽ گهاٽو رهيو آهي، جو اڳتي هلي نرواز ڪيو. سندس پدرانه شفقت يا عمر نه وسرندي. کيس مدد ڪرڻ لاءِ انهيءَ سال اسان جو مدرسي وارو استاد مسٽر محمد رضا شيرازي نائب مدرس مقرر ٿيو. ڪاليج ۽ اسڪول جي پڙهائيءَ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. پاڻ اسانکي مولانا جامي جو بهارستان ۽ ديوان سرخوش جو انتخاب پڙهائيندو هو پر واءِ ايراني ڪيڪاٽي تلفظ جي منجهس پيو جس خير ڪو هو، اگرچه بحيثيت انسان جي هو هڪ ڀلاين جو ڀنڊار ۽ شفقت ۽ رافت جو پتلو هو. سندس هڪ فارسي بيت اڃا نه وسريو اٿم:
    گر بخير بکنندم بقيامت کہ چه خواهي
    دوست مارا و همہ نعمت فردوس شمارا

    علم طبيعي ۽ ڪيميا جا پروفيسر وري بٽائي ۽ آڏواڻي صاحب هواجي ٻئي لائق ۽ پنهنجي موضوع ۾ ماهر ۽ سخت گير هوا. ٻنهي جو نينهن اڳئين کان به اڳرو هليو اچي. جڏهن بي اي پاس ڪرڻ بعد هاسٽل ۾ رهڻ لڳس تڏهن بٽائي صاحب مونکي سوٽ ڪري سڏيندو هو ڇاڪاڻ ته هو سيوهڻ جو ويٺل هو ۽ آئون ٽلٽثيءَ جو جي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن.
    القصه پهريون سال انهيءَ سهائيندڙ ماحول ۾ پورو ٿيو. امتحان ۾ پهريون نمبر بيٺس. پر هڪ هندو شاگرد سان منهنجي چٽا ڀيٽي هلندڙ هئي، جنهن جو نالو رامچند آجواڻي، پروفيسر لالسنگهه آجواڻيءَ جو ڀاءُ هو. ۽ مئٽرڪ جي امتحان ۾ مون کانپوءِ ٻيو نمبر آيو هو. تنهن چرچ ڪئي ته فلاڻي کي فقط فارسي ۾ گهڻيون مارڪون مليون آهن. جنهن جي ڪري مونکي آڳ ڏيئي ويو آهي. پروفيسر شيرازي جنهن سڀني شاگردن کي دل کولي مارڪون ڏنيو هيون. تنهن همت جهلي چيو ته جيڪڏهن اهو ضد آهي ته آئون سڀني شاگردن جو مارڪون تناسب آهر گهٽ ٿو ڪريان. انهيءَ ڪري هندن جا ڇهه ڇڄي پيا ۽ مونکي هيٺ ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.
    گو هر پاک ببايد که شود قابل فيض
    ورنه هر سنگ و گلي لولو و مرجان نشود


    11. بي اي جا ٻه سال

    مدتي اين قصہ اي تاخير شد
    مهلتي بايست تا خون شير شد

    جئن مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي جو محرڪ مولانا حسام الدين هئو، تئن منهنجي رام ڪهاڻي جو باعث وري عبدالواحد صاحب سنڌي (ايڊيٽر نئين زندگي) آهي. جنهن جي ئي اصرار تي چند پريشان خيال هر مهيني آخري آچر تي قلم بند ڪندو آهيان. بعضي ته سنڌي صاحب جي الحاج ۽ تاڪيد هوندي به ناغو بڻجي ويندو آهي پر ڇا ڪجي؟
    کليد قدر نيست در دست کس
    تواناي مطلق خدا هست و بس

    گذريل ڊسمبر تي آخري ڌاري اسلامي مذاڪري ۾ مشارڪت لاءِ لاهور وڃڻو پيو، جتان 10 تاريخ جنوري جي واپس آيس. مقدمه ابن خلدون جي انگريزي جي پروفن تصحيح ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارين ۾ سرتاپا مشغول رهيس، سوانح عمريءَ جي قسط لکي نه سگهيس. 25 تاريخ اوچتو دل جي هڪ خسيس نليءَ ۾ خون بستگيءَ ڪري مهينو کن بستري ۾ رهڻو پيو ۽ الله الله ڪندي اجل جي اري کان رهائي ملي. اڃا به طبيعت ۾ سخت نقاهت آهي ۽ لکڻ ۾ اچڪ ٿئي ٿي. بارالٰها تنهنجي نعمتن جو ڪيترو شڪرانو ڪجي! شايد هي جيئندان به ڪنهن ڪارگذاريءَ لاءِ آهي.
    از دست و زبان کہ بر آيد
    کز عهدء شکرش بدر آيد

    پل پل ۾ سنديس مهربانيون نت نيون آهن. عاجز بندي کي ڪهڙي طاقت آهي، جو انهن جو ورنن ڪري:
    هردمش بامن دلسو ختہ لطفي دگر ست
    اين گدا بين کہ چه شايستهء انعام افتاد

    ليڪن هي خود بينيءَ جو ٺڪر ڪيترو هلندو ۽ هن ديواني درياهه جون ڌمالون گهڻو وقت جهليندو؟ منهنجو حال ڀائي حسام الدين ، (عبدالواحد سنڌي) چوي ٿو ته اهو سڳو ضرور سوريو، پر بندي ۾ ڪهڙو ست جو ان کي توڙ تائين تائيندو رهي.
    گفتي کہ چرا حال دل زار نه گوئي
    من خود کند آعاز، به پايان کہ رساند

    ليڪن پنهنجي دوست جي ارشاد جي عدولي کي عار سمجهي وري نئين سر هيءَ تند تنوار جي ٿي.
    “گر قبول افتد زهي عز و شرف”

    حکايت از قد آن يار دلنواز کنيم
    باين فسانہ مگر عمر خود دراز کنيم

    جون 1918ع جي ويهينءَ ڪاليج جي ٻئي سال ۾ داخل ٿياسين. مون منطق جي بدران رياضي کنئي. جنهن ڪنوار کي راضي رکڻ وڏو ڪٺن ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ کن جي غفلت ڪري جدائيءَ جو ڏاگهه ڏيو ڇڏي. منطق سان دل ڪانه هيم، جو اهو هڪ غير معين موضوع هو ۽ رياضي ۾ صحيح ڌڪولڳو ته سو في سيڪڙو مارڪون رکيون هونديون. ازانسواءِ قانون ۽ حقوق سان به ڪو چاهه ڪونه هوم، جنهن ڪري منطق کي ڇڏي ڏنم. اها عظيم غلطي هئي، جا هاڻ محسوس ڪري رهيو آهيان،هينئر فلسفي ۽ تصوف جي عشق ۾ ايتري قدر فاني آهيان جو ٻيو اڀياس واقئي نٿو اچي، اگرچه انگريزي شعر ۽ حافظ ، روميءَ ۽ شاهه سان ساڳيو ئي نينهن اٿم، پر منطق جي مدد کانسواءِ اهي فلسفي ۽ تصوف جا اکر واڳن جيان اڀري اڳيان وريو اچن ۽ منطق جون پيچيدگيون ۽ موشگافيون مغز ۾ ئي نٿيون ماپن. افسوس اهي جوانيءَ جون گهڙيون وري هٿ نه اينديون، جن ۾ هر ڪا ڏکي شيءِ آسان هئي:
    نگہ دار فرصت کہ عالم دميست
    دمي پيش دانا بہ از عالميست

    پر جيڪو ٿيو، ان ۾ چڱائي هئي. ماضي تي افسوس ڪرڻ اجايو آهي، آئينده ۾ اعتبار ڪونهي، فقط حال جو ئي خيال رکڻ گهرجي ۽ جيڪي عمر مان رهيو کهيو آهي، تنهن مان ئي ڀرپور فائدو وٺجي.
    در باب کہ عمر بس عزيز است
    گر قوت شود دريغ باشد

    هن سال جي شروعات ۾ مسلم شاگردن پروفيسر شاهاڻيءَ جي خلاف هڙتال ڪيو، جنهن جو سرڪردو مرحوم عبدالرحيم پيرزادو هو. سندن تقاضا هئي ته پروفيسر شاهاڻيءَ کي پرنسپاليءَ جي درجي تان لاهي دستور موجب هڪ انگريز کي پرنسپال مقرر ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هن صاحب ڀري ڪلاس ۾ ڪن مسلم شاگردن کي “پيگن” ڪري پڪاريو هو. پيگن لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي “اڻ سڌريل يا “ڄٽ” پر ثانوي معنيٰ اٿس ڪافر يا بي دين انهي ڪري مسلم شاگردن کي سخت خار لڳي هئي. ان وقت جي مسلم مهندارن خصواصا محمدن ڪاميٽي جي ميمبرن شاگردن جو ساٿ ڏنو ۽ سرڪار تي زور ڀريائون ته ڪاليج جي قاعدن پٽاندڙ هڪ لائق انگريز کي ڪاليج جو مدبر بنايو وڃي. سرڪار مسلمانن جي راءِ رکي مسٽر اي سي ملر کي پرنسپاليءَ جي منصب لاءِ چونڊيو ويو. هندو شاگردن مڪمل اعتصاب ڪيو، پر ٿوريئي عرصي اندر سندن جوش ڍرو ٿي ويو ۽ سڀئي باقاعده لڪچرن ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
    ملر صاحب هڪ لائق، فائق ۽ قداور شخص هو. مڇون وڏيون ۽ ڪڪيون هيس ۽ علمي جبو مٿس چڱو سونهندو هو. سولجر ٿي رهيو هو. تنهنڪري پاڙهڻ جو گهڻو افعال ڪونه هوندو هوس. جيئن اسڪولي ٻارن کي ڏکين لفظن جي معنيٰ سيکاربي آهي تئن هو به انگريزي منشور ڪتابن جو مطلب سمجهائيندو هو، تنهنڪري سندس خطابت جو نمونو گهڻن کي ڪونه وڻندو هو. آخر علمي ماحول کي ناموافق ڏسي پرنسپاليءَ کان پاڻهي دستبردار ٿي ويو ۽ ٻئي ٽرم کان وري شاهاڻي صاحب وڏي شان و شوڪت سان عهدي تي برقرار ٿي ويو. هڪ دفعي جو پنهنجي هوڙائي ڪري ڦيٽ کاڌي هوائين، سو آئينده مسلم شاگردن سان چڱو سلوڪ ڪرڻ لڳو.
    ملر صاحب ۽ مونسان گهڻي قدر مهربان هو، سندس ايامڪاريءَ ۾ مون لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر کي هڪ درخواست ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجون زمينون جن تي ڪورين جا زميندار وڏن جي وسوڙائي ۽ سادگيءَ ڪري تغلب ڪري ويا هئا. سي وري ملن. پاڻ منهنجي عريضيءَ جي شد مد سان تائيد ڪئي هوائين. ۽ منهنجي هوشياريءَ ۽ لياقت جي وڏي ساراهه ڪئي هوائين. اهڙي طرح آنجهاني مسٽر وائنس به ان تي هڪ عاليشان نوٽ هنيو هو. چي ته دائودپوٽو ته فقط سنڌ ۽ سنڌين جي سونهون آهي، پر ساري هندستان جي مسلمانن لاءِ فخر جو باعث آهي. اگرچه اها درخواست ڪليڪٽر جي دفتر ۾ ئي دفن رهي، تڏهين به انهن ٻنهي صاحبن پنهنجو وڙ ڏيکاريو:
    تو و طوبيٰ، ما وقامت يار
    فکر هر کس بقدر همت اوست

    ڪورين جا وڏيرا اسان جي شهر ٽلٽيءَ جي پسگردائي ۾ احمدن جي ڳوٺ جا زميندار هئا. کين وڏي ، جائداد ۽ ملڪيت هئي. ننڍن زميندارن کي دلبو ڏئي ته اسين اوهان جون ٻنيون سنڀالينداسين. آهستي آهستي انهن جي هڙ ئي هضم ڪري ويندا هوا. منجهائن ڪيترائي علم ۽ فضيلت جا صاحب هئا ۽ اڪثر حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. وڏيرو حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو زماني جو بقراط ۽ جالينوس ٿي گذريو آهي. طب جي مهارت سان گڏ ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب به هئو. پري کان مريض کي ڏسي سنديس بيماري هڪ دم پروڙي وٺندو هو ۽ تمام خسيس دوا سان سندس درد دفع ڪري ڇڏيندو هو. سندس ٻه ٽي حيرت انگيز ڪرشما مونکي به والد صاحب جي واتان ٻڌل آهن. جن جو بيان ڪرڻ تطويل جو باعث ٿيندو. سندس ڀائيٽو ميان جمال الدين مون به ڏٺو هو جو ڳوٺ احمدن ڇڏي اچي ٽلٽيءَ ۾ رهيو هو. وڏو قابل ۽ عالم شخص هو ۽ طب ۾ خاص ڪڙو حاصل هوس. مان سندس اوطاق تي ايندو هوس ۽ بابي سان دوستي ڪري مونکي گهڻو ڀائيندو هو. ننڍي هوندي منهنجو هيانچو وڌيل هو. ڏس ڏنو هوائين ته رات جو سرڪي ۾ انجير پسائي صبح جو نيراني کائي ڇڏ. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٻرهل جو نالو نشان نه رهيو، افسوس جوهو جوانيءَ ۾ گذاري ويو. سندس ٻيا عزيز، جهڙوڪ وڏيرو خير محمد ۽ رضا محمد به اسان جي شهر ۾ اچي رهڻ لڳا پر پڇاڙيءَ ۾ پنهنجن اونڌن افعالن جي ڪري قرضي ۽ ڪنگال ٿي پيا ۽ پار لڏي ويا. پنهنجون نياڻيون سيوهڻ ۽ جيڪب آباد جي ڪوريجن ۾ ڏنيون هوائون جي آخر سندين ملڪيتن جا مالڪ بڻجي ويا ۽ ڪي زمينون وري ٽلٽيءَ جي واهن جي قبضي ۾ اچي ويون. حرام جو مال کي جٽاءُ نه آهي ۽ مايا اچڻي وڃڻي آهي.
    خيري کن اي افلان و غنيمت شمار عمر
    زان پيشتر کہ بانگه بر آيد فلان نماند

    ملر صاحب جي تقرر ڪري ڪاليج جي تعليمي نظام ۾ به ڪيتريون ئي ڦيريون ڦاريون عمل ۾ آيون. مثلا آنجهاني پروفيسر گربخشاڻي کان انٽر جي فارسيءَ جو ڪم ڇڏائي مرحوم پروفسير شيرازيءَ کي ڏنائون، اگرچه گربخشاڻيءَ جي اسلام ۽ مسلم دوستي عالم آشڪار هئي. ويچارو ارڙهين صدي جا انگريزي مقالات پاڙهي ڪڪ ٿي پوندو هو ۽ هو جو حافظ ۽ رومي جو ڪوڏيو هو. تنهنکي انگريزي پاڙهڻ ۾ ڪو حظ نه ايندو هو ۽ سندس اڪثر ليڪچر نهايت ڦڪا ۽ بي مزا هوندا هوا. هوڏانهن شيرازي صاحب جو به برو حال هو. نظام الملڪ جو سياست نامو ۽ جاميءَ يوسف زليخا پاڙهڻا هئس. پهريون ته نهايت خشڪ ڪتاب هو. باقي يوسف زليخا جو فلسفو ۽ ترنم سندس طبيعت کان سئو ڪوهه پري هو. جن کي پروفيسر گربخشاڻي جو ترجمو ۽ تمهيد ملي سگهيا، تن لاءِ مزو هو مون نه يوسف زليخا اڳيئي سال 1914ع ۾ مرحوم عبدالڪريم ڀٽي جي ماتحت لاڙڪاڻي مدرسي واري زماني ۾ ڏاڍي سر سان پڙهي هئي، سو مونکي ڪلاس ۾ دوباره پڙهڻ جي ضرورت ڪانه هئي. باقي وحدت ۽ ڪثرت جو مسئلو، ذات پاڪ جو ڪائنات ۾ ظهور، ساري خلقت جو نور محمدي جي ذريعي پسارو، الاهي حسن ۽ جمال جو جلوو ۽ ديدار، انهن سڀني مسئلن جو چڱو چوکو مطالعو ڪيو ويو. سونهن ڪٿي ٿي لڪي؟ دروازو بند ڪيو ته دريءَ کان ليئو پائيندي، مخفي ڪنز جو اشارو انهيءَ مان پڌرو آهي
    نکو رو تاب مستوري ندارد
    جو در بندي سر از روزن برآرد

    واه ڙي جامي ڪمال ڪيو اٿئي!
    هن سال ۾ وائينس صاحب مونکي ڇهين درجي جا حساب سونپيا. انجي عيوض 30 روپيا ماهوار وظيفو ۽ هڪ ڪاٺڳڙهه واري ڪوٺي به رهڻ لاءِ ڏنائين. جنهن مونکي پئسي جي تنگي کان گهڻي فراغت ڏني، اگرچه دو طرفي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ ٻين شاگردن کي به خانگيءَ طور پڙهائڻو پوندو هو. حسابن سان ڏاڍو چاهه هوم، مسٽر عبدالله چنا ۽ مسٽر نور محمد ڀٽي جي ٻئي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي پهتا ۽ پروفيسر شفيع محمد قريشي ۽ ٻيا منهنجا انهيءَ وقت جا شاگرد آهن. ڪلاس ۾ حسابن جي علاوه اسلامي تاريخ ۽ تمدن تي اڻ سڌي طرح روشني وجهندو هوس، جنهنڪري منهنجا شاگرد گهڻو ذوق پرائيندا هوا.
    ان وقت مدرسي ۾ گهڻيون اخلاقي خرابيون هيون. مسٽر ضياءُ الدين ، ميرزا علي حسن ۽ ٻيا پنهنجي رتبي جو فائدو وٺي، حسين ڇوڪرن کي هرکائيندا هوا. ڪي بد اخلاق بورچي وري ڪن غريب شاگردن کي لڪ ڇپ ۾ سڻڀا کاڌا کارائي برائي ڏي مائل ڪندا هوا. منهنجي تمنا هئي ته انهن بڇڙن جي بيخ ڪني ڪجي ان وقت ڪاليج ۾ شيڪسپيئر جا سانيٽ ۽ ٻيا اخلاقي شعر پڙهندا هئاسين تن جو مون تي گهاٽو اثر ٿيو. انگريزي ۾ هڪ ٻه زبردست مضمون لکي، ٽائيپ ڪرائي.، مدرسي بورڊ جي ميمبرن ڏانهن گمنام ڏياري موڪليم. ٽائيپ جو ڪم منهنجو ايراني شاگرد علي آقا ڪندو هو. مدرسي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. وائينس صاحب گهڻي ڪوشش ڪئي ته مضمون لکندڙ ۽ ٽائيپ ڪندڙ جو پرو پئي پر گهڻي مارڪٽ بعد به کيس سراغ نه مليو، علي آقا پنهنجو ٽائيپ رائيٽر ايراني تاجرن وٽ رکي آيو ۽ خفيه پوليس نا اميد ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي. مرحوم مير ايوب خان بارسٽر مدرسي ۾ هلي آيو ۽ هال ۾ وڏي زبردست تقرير ڪيائين. آخر سڀني خرابين جي تحقيقات ٿي ۽ سڀ ڳالهيون صحيح نڪتيون. ماسٽر ضياءُ الدين مرزا علي حسن ۽ مفسد بورچين ۽ پٽيوالن کي هميشه لاءِ ٽڪس وڍائي وئي. اها وڏي ڪاميابي هئي.
    حسابن سان سخت دلچسپي هيم. مدرسي ۾ هڪ ماستر ضياءُ الله هو جنهن بي اي جوامتحان رياضي ڪمن ۾ ڏنو هو ۽ منهنجي ڪوٺيءَ سان لڳ رهندو هو سو گهڻي مدد ڪندو هو. منهنجي دوست مسٽر (هاڻ پروفيسر) عبدالستار شيخ پنهنجا سڀ نوٽ بوڪ منهنجي حوالي ڪيا هئا. رياضي ڪتابن جو هر هڪ حساب حل ڪري ڇڏيو هوم ۽ اميد هيم ته انٽر ميڊئيٽ جي حسابي پيپرن ۾ ضرور بالضرور سو في صد مارڪون کڻندس. ٻين ڪمن ۾ پڻ سڀني کان برک هوس. پر تقدير پرده پٺيان منهنجي انهيءَ گهمنڊ تي کلي رهي هئي.
    آنچه سعيست من اندر طلبت بنمايم
    اين قدر هست کہ تغير فضا نتوان کرد

    امتحان جا ڏينهن ويجها هئا پر مان سخت محنت ڪري اڻ چڱو ٿي پيس. مولوي عبدالرحيم صاحب مرحوم مونکي گيهه ۽ ماکيءَ سان گڏ ڪچا بيضا کارائيندو هو، پر امتحان لاءِ واٽ ويندي کانگهاري ۾ رت ڳاريندو ويندو هوس. دماغ ڪم کان جواب ڏيئي بيهي رهيو، ۽ حسابي پيپر لکندي نهايت سولا نظريا به حافظي مان نڪري ويا. اگرچه ٻين ڪمن ۾ چڱيرو ڪيم، پر حسابن، جن تي ايترو ناز هوم، تن پوئواري نه ڪئي ۽ وري به مئٽرڪ وانگي دعا ڏنائون. امتحان ۾ سيڪنڊ ڪلاس کنيم.اگرچه پهريون ڪلاس ڪنهن کي نصيب نه ٿيو، ته به منهنجو دوست يار محمد جوڻيجو مون کان نمبر کڻي ويو، جنهن ڪري سنڌ ڪاليج اسڪالرشپ به کيس ملي. گهڻو ئي اوندهه ۽ ارمان ٿيو، پر هرگز دل نه لوڙهيم، ڇاڪاڻ ته وسئون ته ڪين گهٽايو هوم. سوڀ ۽ هار خدا جي هٿ آهي ۽ ناتوان دل مقابلو خوب ڪيو
    “فعل الحڪيم لا يخلوعن الحڪمت”
    تي ڀروسو رکي ، اميد ڪيم ته ايندو اڳي کان اعليٰ ٿيندو.
    نقاب چهره اميد باشد گرد نوميدي
    غبار ديدهء يعقوب آخر توتيا گردد


    11

    دريا و کوه در ره و من خستہ و ضعيف
    اي خضر بي خجستہ مددکن بهمتم

    رياضي علومن ، باوجود انتها محنت جي ٻه دفعا ڌوڪو ڏنو هوم. سو پڪو ارادو ڪيم ته اڳتي وڌيڪ ساڻن ڇيڙڇاڙ نه ڪندس. جون 1919ع ۾ بي اي ۾ داخل ٿيڻ شرط رياضي علومن کي ڇڏي فارسي زبان ۽ ادبيات هٿ ۾ کنيم، ڇاڪاڻ ته اڳيئي فارسي زبان تي گهڻو عبور هوم رياضي علومن جي مدرسن پروفيسر ٽرويڊي ۽ پروفيسر لاهو گهڻو ئي هرکايو پر آئون عزم بالجزم تان ڪين مڙيس. هڪ جاهلي عرب شاعر ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
    فاذا لم تسطع شيئا فدعہ
    وجاوزه الي ما تستطع

    (يعني جيڪڏهن ڪا شيءِ ڪري نه سگهين ته ان کي ڇڏي ڏي ۽ انهيءَ کان درگذر ڪري اها شيءِ هٿ ۾ کڻ، جنهن سان پڄي سگهين)
    تنهنڪري رياضي علومن کي ڇڏي اگرچه اڃا به ساڻن گهڻي دلچسپي اٿم ۽ مئٽرڪ وارا حساب ڀلجي ڪون ويا اٿم.
    فارسي نصاب ۾ ڪيترائي ڪتاب منهنجي دل وٽان هئا جهڙوڪ ڪيمياءِ سعادت، مثنوي مولانا روم، تذڪره دولت شاهي ۽ قصائد قاآني وري پاڙهيندڙ پروفيسر گربخشاڻيءَ جهڙو ماهر مليوسين، جو خاص مثنوي پاڙهيندي مست ٿي ويندو هو ۽ سندس ڪيف ۽ نشو پڙهندڙن کي به مخمور ڪري ڇڏيندو هو. هم رفيق سڀ فارسيءَ ۾ هشيار هئا، جهڙوڪ سيد ميران محمد شاهه، سيد عطاحسين شاهه، قاضي نواز علي نصرپوري ۽ محمد اسماعيل قادري، محراب شاهه شهدادزئي، هندو همدرسن جا نالا هينئر وسري ويا اٿم انهي ڪري علمي چٽا ڀيٽي چڱي هلندي هئي. پر مان سڀني امتحانن ۾ کانئن گوءِ کڻي ويندو هوس. هينئر ته اهي هڪ ئي وقت مخلص دوست گهڻو ڪري منهن مٽي ويا آهن ۽ سڀڪو دنيا جي چڪر ۾ اچي ويو آهي:
    رفيقان چنان عهد صحبت شکستند
    کہ گوئي نبودست خود آشنائي

    مالي حالت گهڻي قدر درست هئي اگرچه پاڻ کي ۽ عزيزن کي خوشحال رکڻ ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. وائنس صاحب مهرباني ڪري ستين درجي جي اتاليقيءَ سان گڏ حسن علي هائوس جي مٿين طبقي جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ واري ڪوٺي رهايش لاءِ ڏني هئي، جا اولهه ڏي منهن هئڻ ڪري نهايت هوادار هئي. ان جي عوض انهيءَ طبقي جي نگراني منهنجي حوالي ڪئي هئي. انهيءَ وقت مسٽر پيرزادو ۽ صديقي محمد حنيف به انهيءَ طبقي ۾ رهندا هئا ۽ مونکان حسابن جون مشڪلاتون حل ڪرائيندا هوا. ازانسواءِ چرچ مشن هاءِ اسڪول ۾ به حساب ۽ فارسي سيکاريندو هوس. پڻ پرنسپال شاهاڻيءَ شفقت فرمائي ڪاليج جي في معاف ڪري ڇڏي هئي، جنهن ڪري خرچ جي تنگي ۽ تون ڪانه هوندي هئي.
    هرگز بيمن عاطفت پير مي فروش
    ساغر تهي نه شد ز مي صاف روشنم

    الحمد لله وقت نهايت سٺو گذرندو هو.
    ضروري ۽ اختياري انگريزءَ ۾ خود انگريز ادبيات جي شاگردن کان به عبارت آرائيءَ فهم ۾ گهڻو سرسو هوندو هوس، اگرچه انهن جيتري فراغت نه هوندي هيم جو عام ڪتب پڙهي سگهان. حاتنڪه سينٽبري تنقيد نگار جي نالي پڻ غير واقف هوس.انگريزيءَ ۾ شاهاڻي صاحب شيڪسپيئر جي الميه ميڪبيٿ ۽ اوڻهين صديءَ جا انتقادي مقالا پڙهائيندو هو آڊواني صاحب گولڊن ٽريزريءَ جو چوٿون حصو نهايت ذوق ۽ شوق سان پاڙهيندو هو ۽ انگريزي ادب ۽ خاص شعر جي مطالعه لاءِ ترغيب ڏياريندو هو. اختياري پيپرن جا ڪتاب هڪ گجراتي ليڪچرر ۽ ان بعد مسٽر لالسنگ آجواڻي پاڙهيندو هو. مطلب ته انگريز ادب توڙي فارسي م سڀني شاگردن کان اعليٰ هوندو هوس.
    تلقين درس اهل نظر يک اشارت است
    کردم اشارتي و مکرر نمي کنم

    هن سال اسان جو مدرسي وارو استاد مسٽر ڊي بي ڪوٽوال پيريءَ ڪري پنهنجي وائس پرنسپاليءَ جي عهدي کان سبڪدوش ٿيو. اگرچه مدرسي جي اختياريءَ وارن کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر پاڻ وڌيڪ رهڻ پسند نه ڪيائين. سندس جاءِ تي ڪجهه وقت مرحوم مسٽر جمعه تيجاڻي ۽ ڪجهه وقت مسٽر مريد علي ڪم ڪيو. سال جي آخر ڌاري مدرسه بورڊ کي اچي هن جنون کنيو ته وائيس پرنسپال جي جڳهه لاءِ اشتهار وجهجي. سو بمبئي جو هڪ ماهر تعليم پارسي، جنهن هڪ اسڪول اتي ڪاميابي سان هلايو هو، تنهن کي کڻي مقرر ڪيائون. ملا صاحب هونءَ ته گهڻوئي چڱو ڏسڻ ۾ ٿي آيو پر هو انگريزن جو خوشامدڙو هو. پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ هڪ جلسو ڪيائين، جنهن ۾ هڪ خاص ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکي شاگردن ۾ ورهايائين. ان ۾ انگريزن سان وفاداررهڻ جي تلقين هئي ۽ ڪتاب جي سري تي هيءَ ڪمزور حديث به هئي ته “السلطان ظل الله في الارض” يعني بادشاهه زمين تي الله جو سايو آهي. ان مان العادل جو لفظ عمدا وساري ڇڏيو هوائين انهيءَ تي مون مدرسي جي سڀني بورڊرن کي اشتعال ڏياريو. چي اهڙو ڪتاب ساڙڻ گهرجي. مدرسي ۾ منهنجي گهڻي هلندي هئي سو سڀني شاگردن سنجها وقت سڀيئي ڪتابچا ميڙي ميدان جي وچ ۾ گڏ ڪيا ۽ انهن کي وٺي باهه ڏنائون جو سارو ميدان مچ جي ڪري روشن ٿي پيو.
    وائينس صاحب مون تي تمام گهڻو مهربان هو. اڳيئي انهيءَ سال جڏهن عام مسلمانن خلافت تحريڪ جي ڪري شهزادي ايڊورڊ جي آجيان کان انڪار ڪيو هو، تڏهن خار وچان جن ماسترن انهيءَ ۾ بهرو ورتو هو تن کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو هوائين. خصوصا منهنجن دوستن مرحوم تاج محمد ٻگهيي، مسٽر عبدالرحمان مغل ۽ مسٽر احمد بخش راهوءَ کي مان وائينس صاحب وٽ ميڙ کڻي ويس ته اهڙا ستاد اوهان کي ڪٿان ملندا، جنهن تي وري انهن کي پنهنجن جاين تي برقرار رکيائين. پر هي ته انتظامي معاملو هو. وائينس صاحب مرحوم مولوي عبدالرحيم مگسي کي اچي ڀيڙيو ۽ منهنجي شاگرد مسٽر حاجي محمد بلوچ کي ڪشي مار ڏنائين. آخر انهن سچي ڪئي ته اها سڄي شرارت منهنجي هئي. وائينس صاحب ٻيو مونکي ڪجهه نه چيو. پاڻ قدري بيمار هو ۽ مدرسي وارو بنگلو ڇڏي وڃي ڪچهري روڊ تي هڪ جاءِ ۾ رهيو هو. جا پيلس هوٽل جي سامهون هوندي هئي. مونکي پاڻ وٽ گهرائي چيائين ته اونهاري جي وئڪيشن (1920) کان اڳ مدرسو ڇڏي وڃي ٻاهر رهه ۽ مونکي هڪ عاليشان سرٽيفڪيٽ ڏنائين. ان کانپوءِ پاڻ ستت ولايت هليو ويو، جتي وڃي وفات ڪيائين. جزاه الله خيرا. هو مسلمانن جو وڏوهڏ ڏوکي هئو، ۽ ڪيترائي سال مسلمانن ٻچن جي تعليم لاءِ پاڻ کي گهڻو پتوڙيو هوائين. ۽ انهي محنت ڪشيءَ ڪري ئي سندس صحت جهري پيئي “عجيب مردي بود”.
    منهنجي انهيءَ ڪارستاني ڪراچيءَ جي مسلمانن ۾ گهڻو ڄوٻول پيدا ڪيو. مرحوم ولي محمد صاحب حسن علي هڪدم مدرسي ۾ هليو آيو ۽ چيائين ته “پٽ ٽپڙ کڻي هلي منهنجي جاءِ “خورشيد لاج” جي چوٽي تي رهه.” هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ مونکي جاءِ ڏنائين. ۽ ماني ٽڪي به مونکي اتي ملندي هئي. سندس فرزند حسن علي جو منهنجو ڇهين درجي کان وٺي دوست هو، تنهن مسين مسين انهيءَ سال مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. ۽ ڪاليج جي پهرئين سال ۾ داخلو ورتو هو. سو مرحوم مونکي فرمايو ته کيس ايف اي جا حساب سيکاريندو رهه. مرحوم مونکي پنهنجي پٽن وانگر ڀائيندو هو. مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، مرحوم الله بخش سومري، حاجي مولابخش سومري ۽ سندن والد صاحب حاجي عمر سان به انهيءَ وقت ڏيٺ ٿي هيم. جي بعضي بعضي اتي اچي رهندا هئا.
    سڄو سال سندس شفقت جي نظر هيٺ رهيس. سندس قرب ۽ سندس ناصحاڻا نڪتا اڃا مون کي ياد آهن. مرحوم مسلمان قوم جو وڏورهبر ۽ خيرخواه هئو ۽ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو. نهايت ڪرڙو، پر باسليقه انسان هو. منهنجا اکر وڻندا هئس، ۽ گاهه گاهي مون کان خط لکائيندو هو. سندس انگريزي عاليشان ۽ ڪڙڪي دار هئي. سندس اک اڪري ۽ آواز رعبدار هو. سب کانئس ڪنبندا هئا. پر مونسان ڪڏهن به کهرو نه پيو.
    ان وقت ڌاري مان الوحيد ۾ مضمون موڪليندو هوس، وائنس صاحب جي وفات بعد بورڊ جي ممبرن وري خانهدار ڪنٽرا ڪٽر جون خدمتون سرڪار کان اڌاريون ورتيون. مدرسي ۾ هڪ بدران ٻه آتش پرست ٿي پيا. منهنجي قلم ۽ قلب کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ دل ۾ پهه ڪيم ته ڪيئن به ڪري مدرسي کي مسٽر ملا جي مدمستيءَ کان آجو ڪجي. الوحيد ۾ ڪيترائي زبردست مضمون لکيم، جن مان ٻن جا سرا اڃا مونکي ياد اٿم. “مدرسي جي ڇيلي جي ڳچيءَ تي ٻه لڙڪا” ۽ حسن علي آفنديءَ جو روح قبر مان پڪاري رهيو آهي.” اهي مضمون منهنجي دوست مرحوم قاضي عبدالحي وڙ رهجي ويا. ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. الوحيد باقاعده مرحوم خانبهادر ولي محمد وٽ ايندي هئي. اهي ليک پڙهي کيس ڏاڍ جڪ ايندا هوا چوندو هو ته “ڇورا هي تنهنجا ئي ڪم آهن.” مان باادب جواب ڏيندو هوس ته سائين “اهڙي سنڌي مان ڪيئن لکي سگهندس” پر کيس ويساهه نه ايندو هو. آخر مدرسه بورڊ فيصلو ڪري مسٽر ملا جي خدمات جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
    هڪ ڏينهن ملا صاحب ڪاغذ ڪڇ ۾ کڻي خانبهادر وٽ آيو جيئن هيٺ ٿي لٿو، تئن مونکي ڏاڪڻ تي گڏيو. آکڻ لڳو ته هي سڀ تنهنجي مهرباني آهي. چيومانس ته گبر جا ٻچا ياد ڪجانءِ ته ڪنهن مڙس سان هٿ اٽڪايو هيئه. پوءِ ستت ئي بسترو ويڙهي بمبئيءَ راهي ٿيو. “وما بکت عليه السماء والارض” باقي خانبهادر ڪنٽر ڪٽر هليو آيو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ نهايت مدبر ۽ ڪاردان تعليمي ماهر هو ۽ سندس ايامڪاري ۾ مدرسي چڱي ترقي ڪئي.
    هي منهنجو بي اي جو آخري سال هو. ان وقت خلافت تحريڪ جو سخت زور هو. سياسي ڪم ڪندڙن ڪاليج جي شاگردن کي ڀڙڪايو ته تعليم جو بهشڪار ڪن. مان پڻ سياسي تحريڪ ۾ چڱي دلچسپي وٺندو هوس. هڪ دفعي مولوي عبدالرحيم مگسي صاحب سان گڏ جي دادو ويو هوس. جتي خلافت ڪانفرنس جي صدارت بزرگ ملڪاڻي کان ڪرائي هيائون. مون اتي هڪ نهايت جوش ۽ درد ڀريو نظم پڙهيو هو. وري خيرپور ناٿن شاهه ويو هوس، جتي جلسي جو مير مجلس مرحوم جان محمد جوڻيجو هو. ڪاليج جي شاگردن ۾ سخت تاءُ هو ۽ ڪيترن ئي جهڙوڪ منهنجي دوست علاءُ الدين سمي پڙهڻ کي ترڪ ڪري پاڻ کي نقصان پهچايو ڇاڪاڻ ته خلافتين ۾ صداقت ڪانه هئي. مان به آماده ٿيو هوس ته تعليم کي تياڳ ڏيان پر سرهندي بزرگن، خواجه حسن جان صاحب کي ڪنهن انهيءَ ڳالهه کان آگاهه ڪيو. سو مون ڏي هڪ تنبيه نامون لکي موڪليائون ته متان اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو اٿئي؟ مرشدن جو چيو ڪري مان پڙهڻ کي چهٽو رهيس:
    نه هر درخت تحمل کند جفاي خزان
    غلام همت سروم که اين قدم دارد

    انهن جي دعا جو اثر آهي، جو انهي منزل تي پهتو آهيان نه ته جئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
    سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا
    چلڙ جي چوئين، تن ساگوٽا ۽ سپيون

    انهيءَ سال ۾ مسلمانن جي مهندارن کي پئرس ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ڪوٺ ٿي. مولانا محمد علي صاحب ، حڪيم اجمل خان، مولانا سيد سليمان ندوي صاحب ۽ سندن سيڪريٽري مسٽر شعيب قريشي ڪراچيءَ ۾ براجمان ٿيا. ڪاليج جي مسلمان شاگردن سندن دعوت ڪئي ۽ ميٺا رام هاسٽل پٺيان سندن عڪس ورتو ويو. مدرسه اولڊ بوائز ايسوسئيشن ۾ پڻ سندن آجيان ڪئي وئي. ۽ مونکي ارشاد ٿيو ته مان سندن شان ۾ تقرير پڙهان. تقرير جي آخر مان مرحوم حاليءَ جي مسدس جو پهريون حصو ترنم سان پڙهيم ۽ خصوصا هن بند حاضرين تي وڏو اثر اثر ڪيو.
    یہی حال دنیا میں اس قوم کا ہے
    بھنور میں جہاز آکے جس کا گھرا ہے
    کنارہ ہے دور اور طوفاں بپا ہے
    گماں ہے یہ ہر دم کہ اب ڈوبتا ہے
    نہیں لیتی کروٹ مگر اہل کشتی
    پڑی سوتی ہیں بے خبر اہل کشتی

    ۽ مرحوم حڪيم اجمل خان مون کي آفرين چئي.
    پڇاڙي وارو سال اچي خير سان ختم ٿيو. مون تياري تمام سٺي ڪئي هئي. ان وقت بي اي آنرس جوامتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندو هو،پر ترڪ موالات جي تحريڪ زور هئي. عام طرح افواه هو ته جيڪڏهن اسين اتي امتحان لاءِ وينداسين ته ڪانگريسي ڪم ڪندڙ يونيورسٽي هال جي دروزي تي پئجي رهندا ته ڀل اسان کي لتاڙي پوءِ اندر وڃو. ڪوبه باغيرت انسان اهو روش اختيار ڪري نٿي سگهيو، انهي ڊپ ۾ منهنجا ٻيا سنگتي اتي رهجي ويا، فقط مان جهاز ۾ چڙهي سامونڊي سفر ڪري وڃي بمبئي نڪتس. پروفيسر شيرازي منهنجي رهائش جو بندوبست بهائي هال ۾ ڪيو هو. بهائين جي فاضل مشنري آقا محمود زرقانيءَ منهنجي وڏي مرحبا ڪئي ۽ امتحان جا ڏينهن اتي نهايت آسودگيءَ سان گذاريم.
    بهائي هال يونيورسٽي جي نزديڪ هو، تنهنڪري امتحان هال ۾ پهچڻ لاءِ دات ڪانه ٿيندي هئي. ڪوبه شور و شر ڪون هئو ۽ نه ڪنهن اسان کي امتحان ۾ وهڻ کان روڪيو. پيپر سڀ نهايت سٺا ڪيم.
    هي قصو وڏو آهي تنهنڪري

    همچو پيش تو اي مختصر پسند
    در ناله اي تمام کنم ماجراي دل


    • پهريون ضميمو : مرحوم شمس العلماءڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جي زندگي جون مختلف منزلون

    سبک زجائي نگيري کہ بس گران گهر است
    متاع من کہ نصيبش مباد ارزاني!

    “لائق استادن جي نورِ نظر هيٺ منهنجي زندگي به عجيب ٿي پئي محنتي، ۽ سخت ڪوش ته اصل کان هوس، پر مدرسي منهنجي انهيءَ وصف کي وڌيڪ مهميز ڏني. ڪوٽوال صاحب جو رويو هوندو هو ته هوشيار شاگردن کي آزاد ڇڏيندو هو ته ڀل حساب، الجبرا ۽ جاميٽري پنهنجي روءِ سوءِ ڪن. انهي ڪري سواءِ گهڻي رهبري جي مون ڇهين درجي جو نصاب ختم ڪري ڇڏيو. حياتيءَ جو هڪڙو دم به اجيوخرچ نه ڪيم، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ ۾ پنهنجو وقت نه وڇايم. خوامخواه ٽوٽيائي ڪري خدا تي توڪل ڪانه رکم، بلڪه واجبي آرام ۽ راحت بعد هڪ گهڙي به بيڪاريءَ ۾ نه گذاريم”
    از توکل در سبب کاهل مشو
    رمز “الکسب حبيب الله” شنو
    گر توکل ميکني دو کار کن
    کسب کن پس تکيہ بر جبار کن
    (مرحوم دائود پوٽا)

    مرحوم شمس العلماءڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جي زندگي جون مختلف منزلون

    مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هي عالم ، اديب ، فاضل ۽ محقق، پنهنجي عالمانه انداز ۽ محققانه محنتن سان نه رڳو سنڌ ۽ هند، بلڪه پوري مشرق جي ادبي دنيا ۾ جو نالو ڪڍيو هو، ان لاءِ سندس تصنيفات ۽ تحقيقات پنهنجي پر خاموش زوردارزبانيءَ سان شهادت ڏيئي رهيون آهن. هونئن ته سندس حاصل ڪيل علم وفضل سڀني ادبي راهگيرن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکن ٿا، مگر جنهن خصوصيت مرحوم کي نهايت نمايان ڪيو هو. اها هئي سندس مالي طرح اهڙي طبقي سان وابستگيء جنهن ۾ عام طرح پنهنجي تعليم جاري نه رکڻ لاءِ غربت کي ذميوار ٺهرايو ويندو آهي ۽ اڻ هوند کي عذر قرار ڏيئي پنهنجي بي همتيءَ کي بچايو ويندو آهي. هو جنهن غريب خاندان جو فرد هو ۽ جنهن مايوس ڪن ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي، مالي طرح جن مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو، مگر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي” من جدو جد” واري قول تي ڪاربند رهي، جي علمي منزلون ۽ منصب حاصل ڪيا ۽ جي ڪٺن ڪشالا ڪڍي، سور سهي بين لاءِ جنهن معياري مثال ۽ قابل تقليد حياتي کي تشڪيل ڏئي، اهي سڀ ڳالهيون غريب طبقي جي شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهن. اهي انهن جي اونداهي عالم ۾ سدا روشنيءَ جا مانند آهن، انهن جي سياه زندگيءَ ۾ اميد جي جهلڪ واري معنيٰ رکن ٿيون. انهن جي منجهيل منزلن تي راهگيري جا راز آهن، انهن جي پست همتيءَ ۾ “همت مرادن مدد خدا” واري قول جو ڪم ڏين ٿيون، “لاتقنطوا من رحمة الله” ۾ ايمان آڻ لاءِ آماده ڪن ٿيون ۽ سستي واري وقت ڀٽائي جي هن بيت تي فقط فقط تقويت ڏين ٿيون ته:
    “تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهي پرينءَ جو”

    ايڏا سهڻا سبق ۽ ناياب نصيحتون هن شخص جي زندگيءَ ۾ ملن ٿا، جن جي يادگيريءَ لاءِ مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي علمي منزلن ۽ ماڻيل منصبن جو مختصر خاڪو هيٺ ڏنو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت متنبي جي هن شعر ۾ پناهه وٺجي ٿي ته:
    “ان في الموج الغريق لعذرا واضحا ان يفوتہ تعداده”
    (ترجمو: بيشڪ ٻڏندڙ لاءِ موجن ۾ عذر آهي ته (تڪليف سان) انهن جو عدد ڇڏي ڏنو (ڳڻي نه سگهيو)
    ولادت: ٽلٽي تعلقو سيوهڻ، ضلع لاڙڪاڻو (هاڻ دادو) پهرين جون 1897ع (سرڪاري دفتر موجب) نه ته صحيح 25 مارچ 1896ع.
    ابتدائي تعيلم: سنڌي اسڪول ٽلٽي 1902ع کان 1910ع تائين
    ابتدائي انگريزي تعليم اي وي اسڪول ٽلٽي
    ثانوي تعليم: مدرسو لاڙڪاڻو 1914ع
    مدرسه: نوشهر فيروز 1915ع
    سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي 1915ع کان 1917ع جتان مئٽرڪ نهايت شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين ۽ ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر اچي سنڌ ايگزيبيشن پرائيز کٽيائين (1917ع)
    اعليٰ تعليم: ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا (1917ع) سڄي سنڌ ۾ بي اي فارسي سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين جنهنڪري ڪاليج جي ڊڪشنا فيلوشپ سٺ روپيه ماهوار مليس (1921ع) سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ ايم اي جو امتحان پهريون نمبر فرسٽ ڊويزن پاس ڪيائين ۽ چانسلر ميڊل کٽيائين (1923ع)
    هي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز سمجهيو ويندو آهي. جو هن وقت تائين ٻئي ڪنهن سنڌي شاگرد کي حاصل نه ٿيو آهي. 1924ع ۾ هند سرڪار کان ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ اسڪالرشپ ملڻ ڪري انگلينڊ ويو، جتي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ايمونيل ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتي مسلسل ٽي سال رهي نهايت محنت ۽ تجسس سان پنهنجو محققانه مقالو
    The influence of Arabic Poetry on Persian poetry
    پيش ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌ ۾ مرحوم علامه دائودپوٽه پهريون پي ايچ ڊي آهي ۽ ٻين سنڌين کانئس پوءِ پي ايچ ڊي جو امتحان پاس ڪيو. (1924ع کان 1927ع )
    ولايت کان واپسي: سيپٽمبر 1927ع
    ملازمت: پرنسپال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي 1927ع کان 1930ع تائين.)
    ٽن سالن جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي جو تعليمي معيار بلند ڪيائين ۽ ان جي مالي حالت سڌاريائين. سندس وقت ۾ ڪيترن شاگردن بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن حاصل ڪيا. انهي کان سواءِ غريب شاگردن جي پرگهور لڌائين ۽ مدرسي جي شاگردن ۾ عربي ادب جو شوق جاڳايائين.
    عربي پروفيسر: اسماعيل ڪاليج انڌيري بمبئي (فرسٽ ڪلاس ايڊوڪيشنل سروس) 1930ع کان 1939ع) بمبئي جي دوارن قيام ۾ نهايت محنت ۽ مشقت سان عربي۽ فارسي ٻولين جي خدمت ڪيائين. پنهنجي شاگردن ۽ اهل علم طبقن ۾ انهن ٻولين لاءِ شوق پيدا ڪيائين. بمبئي يونيورسٽي جي علمي حلقن ۾ پنهنجي علمي قابليت جو ڌاڪو ڄمايائين.
    شمس العلماء مرحوم ڊاڪٽر صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين لاءِ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ انهيءَ ڪم ۾ نهايت گهڻي دلچسپي ورتائين.
    Bombay University's Nominated ordinary fellow ٿيو (1928ع)
    بمبئي جي پرسڪون علمي ماحول ۾ ڪيترا عربي، سنڌي ڪتاب تصنيف ڪيائين ۽ ترتيب ڏنائين. اڄ به بمبئي يونيورسٽيءَ جي رڪارڊ ۾ سنڌ جي فاضل جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي.
    ڊي پي آءِ سنڌ: (1939ع کان 1950 ع تائين)
    سڄن سارن يارهن سالن جو طويل عرصو “ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي اعليٰ عهدي تي فائز رهيو. ايترو عرصو ڪوبه مٿئين عهدي تي نه رهيو آهي. ان وقت ۾ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جون پوريون ذميواريون مرحوم جي ڪلهن تي هيون. مٿيون عهدو هن نهايت خوش اسلوبيءَ ۽ قابليت سان بنا خوشامد ۽ پاس خاطري جي نڀايو. انهيءَ عرصي ۾ سندس اڻ ٿڪ ڪوششن پنهنجي صوبي جي تعليمي ميدان ۾ گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۾ ابتدائي تعليم لازمي ٺهرائي ويئي ۽ ڪجهه وقت بالغن جي تعليم به جاري رهي. مرحوم علامه موصوف سنڌي جي تعليمي ترقي لاءِ سنڌ سرڪار کي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي عملي رٿون پڻ ڏسيائين. ڊي پي آءِ واري زماني ڪن ماڻهن جي مخالفت هوندي به هو نهايت ڪامياب رهيو. ان لاءِ سندس شخصي انتظامي خوبيون ۽ عزم اراديت ذميوار آهن. هي هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته کانئس پوءِ تعليمي کاتي ۾ هڪ خال محسوس ٿيڻ لڳو. جنهن کي هن وقت تائين ڪو به ڀري نه سگهيو آهي. مرحوم ڊاڪٽر صاحب ڊي پي آءِ جي عهده لاءِ زيب ۽ زينت هو ۽ نه ڪه مٿيون عهدو هن لاءِ باعث عزت هو، جيئن عام طرح ٿيندو آهي.
    شمس العلماء (1940ع)
    سرڪار سندس علمي خدمتن جوقدر ۽ علمي عظمت جو اعتراف ڪندي کيس 1940ع ۾ شمس العلماء (عالمن جو سج) جوخطاب ۽ خلعت بخشي، علامه مرحوم سنڌ جو چوٿون شمس العلماء آهي جنهن علمي خدمتن ذريعي اهو اعزاز حاصل ڪيو. سڄي سنڌ ۾ چار شمس العلماء ٿيا آهن هڪ پارسي ۽ ٽي مسلمان .

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبري (1950ع کان 1955ع )
    هن جليل القدر عهدي جون ذمه واريون نهايت ايمانداريءَ ، ديانت داريءَ ۽ تندهيءَ سان بجا آندائين. انهيءَ سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي خدمتون لڳاتار ڪندو رهيو.
    بيت الله جو حج ۽ اسلامي ملڪن جو سي و سفر(1955ع)
    1955ع ۾ ڪجهه مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي ڪٽنب سميت حج ۽ اسلامي ملڪن جوسفر ڪري خير ۽ سلامي سان موٽيو.
    اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ممبري(1955ع کان 1956ع تائين)
    ون يونٽ جي عمل ۾ اچڻ کانپوءِ علامه مرحوم اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن تي ممبر طور کنيو ويو. جنهن کي هڪ سال عرصو ڪاميابيءَ سان نڀائي، 1956ع ۾ پينشن ورتائين. تنهن کانپوءِ هو ڪراچي ۾ موٽي آيو ۽ وري پاڻ کي سرگرمين سان علمي ۽ ادبي خدمتن سان وابسته رکيائين.
    لاهور جي دوران قيام ۾ هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ اهم حصو وٺندو هو ۽ اتي جي اهل علم ۽ فضلاء کي پنهنجي علمي قابليت ۽ اعليٰ اخلاق جو قائل بڻايو.
    سنڌي ادبي بورڊ جي ادبي “مخزن مهراڻ” جي ادارت ۽ شعبه تصنيف و تاليف جي نگراني:
    رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ مرحوم علامه دائودپوٽه جون خدمتون سنڌ جي مشهور ادبي اداره سنڌي ادبي بورڊ جي شعبه تصنيف و تاليف ۽ ادارت مهراڻ رسالي رسالي لاءِ حاصل ڪيون ويون. هن پيرانه ساليءَ جي عمر ۾ به هو نهايت محنت ۽ مشقت سان علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
    مرحوم علامه دائودپوٽه ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي ثقافتي ادارن جو رڪن هو ۽ سنڌ لاءِ باعث ناز هو. هو مصر جي فواد يونيورسٽي جو مراسل ميمبر هو. پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر هو. سنڌ تاريخي سوسائٽي ۽ ٻين ڪيترن ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو سرگرم رڪن هو. هو سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي جو باني هو. ۽ انهيءَ سوسائٽي جي ڪم جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. ٿورن لفظن ۾ هيئن چوڻ واجب ٿيندو ته “ڊاڪٽر صاحب مرحوم پاڻ هڪ انفرادي شخصيت کان بلند هڪ علمي ۽ ادبي تحريڪ يا علمي ادارو هو.”
    پڇاڙي تائين جنهن جانفشاني ۽ محبت ڀريل محنت سان، هن ايمانداريءَ ۽ اخلاق جي مجسمي ، شاهه ڀٽائي جي رسالي تي پورهيو ڪيو، اهو يادگار رهندو. علمي عشق ۽ ادبي اوساٽ اهڙي هئس جو ڪتابن سان اڪثر وقت وهڻ جي باوجود دل نه پئي ڍاپيس. فيبروري 1958ع واري دل جي دوري کانپوءِ ڪيترن موقعن تي کيس هي چوندو ٻڌو ويو ته موت کان، في الحال، نجات شايد انڪري ملي آهي جو قدرت کي مون کان ڪو اهم ڪم وٺڻو آهي.، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو ۽ هي “ ڪت به ڪنب به” واري اصول تي پنهنجي زندگي بسر ڪندڙ انسان،هڪ هڪ منٽ کي غنيمت ڄاڻندي پنهنجي ڪوششن کي تيز تر ڪندو ويو. ايتري قدر، جو روزانه ايندڙ دوست ۽ احباب، سندس جوانن واري جوش و خروش کي ڏسي حيرت ۾ پوندا هوا. آخر 19 نومبر 1958ع جو اهڙو ڏينهن به آيو جنهن ۾ پنهنجي هڪڙي دوست سان فون تي ڳالهائيندي نهايت اطمينان ۽ دلي صدق سان کيس هي چوندي ٻڌو ويو ته “منهنجي طبيعت ته درست آهي پر مان موت جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته هن وقت وڃڻ تي مونکي افسوس ڪونه ٿيندو، مون کان جيڪي ٿي سگهيو ٿي سو مون ڪيو آهي.” شايد هن ساده ۽ صاف دل رکندڙ دائودپوٽي کي پنهنجي موت جي پيالي جا پرون پئجي ويا هئا ۽ انڪري ٿي اهڙي صاف گوئي(جا سندس عادت هئي) ۽ نهايت ستت ايندڙ واقعي جي خبر سندس پنهنجي واتان اعلان ٿي رهي هئي ان کانپوءِ ٽئين ڏينهن يعني 22 نومبر 1958ع تي، هن سنڌ جي محبوب ۽ مقبول شخص پنهنجي عزيزن، دوستن، شاگردن ۽ عقيدتمندن کي هميشه لاءِ الوداع چئي دائمي فراق جو غم ڏيئي راه رباني ورتي. (انا لله وانا اليہ راجعون)
    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
    هو، جي جيءَ کي جيارين. سي لاهوتي لڏي ويا

    (عزيز الرحمان ٻگهيو)


    • ٻيو ضميمو : مرحوم شمس العلماء دائود پوٽي جون تصنيفون

    “هڪ دوست خبر ڪئي ته جڏهن هندستان جي مشهور محقق ۽ موجوده اسلامي دنيا جي وڏي مفسر۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد (رح)“تاريخ معصوميءَ” مرتبه ڊاڪٽر دائودپوٽي جي مقدمي ۽ تعليقات کي ڏٺو تڏهن فرمائڻ لڳو ته “سر زمين اڃا محققن ۽ عالمن کان خالي نه آهي.”
    (مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي)

    مرحوم علامه دائود پوٽي جون تصنيفون

    ڇپيل ڪتاب:
    1. طيبات سعدي، متن ،تعليقات ۽ انگريزي ترجمو(1923ع)
    2. شاهه جو رسالوسرڳواسي پروفيسر گربخشاڻي سان شرڪت (3 حصا) (1923 ـ30ع)
    3. مرشد المبتدي پهريون ۽ ٻيو حصو (1929 ــ 31ع)
    4. روائح بوستان منتخبات، تمهيد، تعليقات ۽ ترجمو (1934ع)
    5. سياست نامه نظام الملڪ
    6. نفحات حافظ ،منتخبات مع تمهيد
    7. عيار دانش ابوالفضل (1934ع)
    8. قطعات ابن يمين منتخبات، تمهيد، تعليقات ۽ ترجمو (1938ع)
    9. سفرنامه ناصر خسرو (1938ع)
    10. روشنائينامه ناصر خسرو (1938ع)
    11. سنڌي نثر ۽ نظم فارسي (بمبئي يونيورسٽي لاءِ( 1936ع)
    12. انتخابات نثر ۽ نظم فارسي (بمبئي يونيورسٽي لاءِ) 1936ع
    13. سرها گل تمهيد، تراجم ۽ تعليقات (1932ع)
    14. مجموعه (نثر و نظم عربي) 1932ع
    15. سنڌي نظم (1944ع)
    16. چونڊ نثر ۽ نظم (3 ڀاڱا)
    17. تاريخ معصومي (فارسي) تهميد حواشي تعليقات ۽ استدراڪات ۽ فهارس (1938ع)
    18. تاريخ چچنامه (فارسي) 1939ع)
    19. منهاج العاشقين
    20. بيان العارفين (1937ع)
    21. ابيات سنڌي (_شرح سان) 1939ع
    22. ڪلام گرهوڙي تمهيد، تعليقات وغيره 1957ع
    23. عربي ساعري جو فاسري تي اثر (انگريزي) 1934ع
    24. سروي آف ماس ايڊوڪيشن(انگريزي) 1937ع
    25. حمزه الاصفهاني جي تاريخ مان هڪ باب جو ترجمو (انگريزي)
    26. مدارج القرات العربيه (3 حصا9 1950ع
    27. دروس العربيه (4 حصا) 1953ع
    28. آغاز فارسي (4 حصا) 1951ع
    زير طبع:
    1. ابن خلدون جي مقدمه جو انگريزي ترجمو
    2. عربي ادب و تمدن اندلس ۾ (انگريزي)
    زير ترتيب:
    1. شاهه جو رسالومع فهارس و ڪنوز(سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ)
    2. بنا بيع الحيواه الابديه 0سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ)
    3. ڪتاب النجات (ابن سينا) جو سنڌي ترجمو (سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ)
    4. مقدمه ابن خلدون جو سنڌي ترجمو(سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام هيٺ)
    5. ميين عيسي جو ڪلام(سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جي اهتمام هيٺ)
    6. غلام محمد خانزئي جو رسالو (سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جي اهتمام هيٺ)
    7. مرشد المبتدي (ٽيون حصو) (خود)


    • ٽيون ضميمو : مرحوم شمس العلماء دائودپوٽي جي زندگيءَ تي ڪهڙين شخصيتن جو اثرپيو

    “اسين به ماستر صاحبن جون ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪندا هواسين. گرميءَ ۾جهليون ڇڪيندا هواسين، سندن گهرن جو پاڻي ڀريندا هواسين ۽ ٿڪبا هوا ته ڀيڙون به ڏيندا هواسين. ٻٻرن ۽ نمن مان سندن لاءِ ڏندڻ وڍينداهواسين.هڪ ڀيري ماستر مدنداس لاءِ ڏندڻ جهليندي منهنجي کاٻي هٿ جي اشهد آڱر مٿينءَ ڏوڏي کان ڪپجي پئي. اهي سڀ ڪم پنهنجي راءِ رضا سان ڪندا هواسين ۽ماسترن جي شيوا م اسان کي خوشي ٿيندي هئي. پاڻ به نهايت مهربان۽ جفا ڪش هوندا هوا. صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين اسان کي پاڙهيندا هوا. سندن روش هاڻوڪن ماسترن کان بلڪل علحدي هوندي هئي.”
    (مرحوم دائودپوٽه)

    مرحوم شمس العلماء دائودپوٽي جي زندگيءَ تي ڪهڙين شخصيتن جو اثر پيو!
    (سندن لفظن ۾)

    1. سندن ڏاڏو مرحوم ميان عبدالمطلب دائودپوٽه:
    اڃا ننڍو هوس ته ڏاڏي صاحب رضا ڪئي. مونکي پوري يادگيري آهي ته ڪهڙي طرح ان مونکي پنهنجن پوين پساهن وقت ڀر ۾ وهاريوهو ۽ ڪئن نه نهايت آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي جان، جان آفرين کي سپرد ڪيائين. سنديس وفات منهنجي معصوم دل کي سخت صدمو پهچايو.”

    2. سندن والده ماجده مرحومه مائي صفورا:
    اما جان، جنڊ پيهي گذران ڪندي هئي. هڪ بهادر جوڌي عورت هئي. ڇهه فوٽ ته نسدس قد هوس، ڀاڻس حاجي موسو جو پنهنجي پهلوانيءَ ڪري ساري پسگردائيءَ م مشهور هو، تنهن جيترو بار مٿي تي کڻي ويندي هئي. جيڪڏهن هن ضعيف ۾ ڪا استقامت ۽ ذهانت آهي ته اها تري شناسن جي چوڻ موجب والده شريفه جي ڪري آهي.”

    3. سندن والد ماجد مرحوم ميان حاجي محمد دائودپوٽه:
    “بابو سائين هڪ نهايت ساده مزاج، نيڪوڪار، متقي ۽ سخي مرد هو. ٻيو هڙ ۾ نه هوندو هوس ته ڪپڙا به لاهي محتاجن کي ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ رڳو چادر يا اجرڪ (ازرق) جي گوڏ ٻڌي اچي گهر نڪرندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندن اها گت هلندي آئي.”

    4 سندن پهريون استاد ماستر ڄيٺانند:
    پير مرد سفيد ريش،وڏي ڏيا ۽ حشمت وارو شخص هو. سنهاري ۽ منهن پيا جرڪندا هئس. انهن ڏينهن ۾ٽلٽيءَ جواسڪول سنڌ ۾ برک هو.”

    5 مرحوم قاضي عبدالوهاب بوبڪن وارو:
    “پهرين يا ٻئي درجي ۾ هوس ته قاضي عبدالوهاب صاحب بوبڪن وارو اسان جو امتحان وٺڻ آيو.سليٽن تي صورتخطي لکايائين.جڏهن مان پنهنجي سليٽ وٽس کڻي ويس تڏهن مونکي چيائين ته اکر لکيا اٿئي يا ٽنڊي ماڪوڙن جون ٽنگون.انهيءَ طعني تمام ڪري ڇڏيو. پوءِ انڊن ڀرڻ ۽ مشق پچائڻ رستي پنهنجا اکر سڌاري ورتم. اهو تربيت جو اثر اڃان هليو اچي ۽ هميشه پنهنجي شاگردن کي سٺن اکرن لکڻ جي ترغيب ڏيندو آهيان.ڇاڪاڻ ته منهنجو عقيدو آهي ته اکر اخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا.”

    6 مرحوم محمد ابراهيم سومرو اسڪولن جو انسپيڪٽر:
    1910ع جي آخر آهي ۽ مرحوم محمد ابراهيم سومرو اسڪولن جو انسپيڪٽر امتحان وٺڻ لاءِ آيو آهي. منهنجي هوشياري ۽ ڦڙتائي ڏسي حيرت جون آڱريون ڏندن ۾ وڌائين. چي ارمان جي ڳالهه آهي جو ههڙو املهه ماڻڪ لڏ ۾ پيو هجي. سو يڪدم هيڊماستر کي حڪم ڏنائين ته نئين سال ٿيڻ تي مونکي انگريزي اسڪول ۾ موڪيو وڃي. هتي منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو.

    7 ماستر سرڳواسي ٿڌا رام سندن انگريزيءَ جو پهريون استاد:
    “اسان جو استاد ٿڌا رام مونکي گهڻو ڀائيندو هو. لائق بااخلاق شخص هو. اسان کي پهرين نصيحت هيءَ ڏنائين ته Be good & do good( چڱا ٿيو ۽ نيڪي ڪريو) اهو متو منهنجي حياتيءَ جو نصب العين رهيو آهي.

    8 حضرت خواجه حسن جان سرهندي عليه الرحمه:
    مان خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ جو مريد ٿيس، جنهن الله تعاليٰ کي دائما دل ۾ ياد ڪرڻ، سچ ٻولڻ ۽ پاڪ حياتي گذارڻ جي تلقين ڏني. انهيءَ بزرگ جي هدايت ڪري منهنجي زندگي هميشه لاءِ سڌري پئي، جو گذريل سٺ سالن ۾ مونکان ڪو ڪڌو ڪم ڪونه ٿيو آهي، هميشه سچار ۽ پاڪباز رهيو آهيان ۽ ڪنهن تي به اک ميري نه ڪئي اٿم.

    9 حضرت مولانا غلام محمد ملڪاڻي رح:
    مامو عبداڪريم پڻ چڱو روحانيت وارو هو. پاڻ ملڪاڻي بزرگ ميان غلام محمد صاحب جو خاص مريد هو. مان به ساڻس بعضي بعضي بزرگن جي زيارت ۽ وعظ ٻڌڻ لاءِ ملڪاڻين ويندو هوس. بزرگن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي مريد کين عزت وچان صاحب سڳورا ڪري سڏيندا هئا. وڏيءَ ڏيا ۽ حشمت وارا هئا. جهڙو عاليشان ڏيل هون، تهڙو ئي اندر آئيني وانگر اجريل هو. ڏسنديئي هنيون پاڻي ٿي ويندو هو. ڪيترائي سنگدل ۽ هاڙها چور سندن صحبت ۾ سڌري وڏي روحاني درجي تي پهتا. سندن آواز سوزناڪ ۽ دهشت وارو هو. جڏهن وعظ ڪندي شاهه جا بيت فراق مان چوندا هوا. تڏهن سندن اکين جا نار پيا ٽمندا هوا. ۽ ماڻهن ۾ سخت گريو ۽ روڄ راڙو پئجي ويندو هو. هنڌ ماڙيون ۽ حجرا سڀ انهيءَ درد جي دانهن ۾ گونجندا هوا. اجهو هينئر به الفاظ لکندي اکين مان پاڪ ڳوڙها نڪري ڳلن تي ڳڙي پيا آهن.

    10 مرحوم عبدالڪريم ڀٽو:
    “لاڙڪاڻي مدرسي جي بورڊنگ هائوس جو ناظم مولوي عبدالڪريم صاحب ڀٽو مونکي ازحد پيار ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽن عبدالغفور ۽ عبدالمجيد جهڙو ڪري ليکندو هو. اڪثر پاڻ سان ڳوٺ وٺي ويندو هوم. منهنجو فارسي سان چاهه ڏسي. مونکي يوسف زليخا پاڙهڻ شروع ڪيائين. سر تمام مٺو هوندو هوس ۽ ٻئي ڄڻا الحان سان گڏجي پڙهندا هواسين. ڏاڍو رس ايندو هو.

    11 مرحوم قاضي غلام نبي پاٽائي (اڳيون ڊي پي آءِ سنڌ)
    اصل پاٽ جو ويٺل ۽ عليڳڙهه جو پڙهيل هو، مڙس بت ۾ ڀريل ۽ عمدو لباس ڍڪيل ننڍي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکيل ۽ ڀڀڪي دار هو. سندس ڳالهاءُ ڳنڀير، ڌنڪ وارو ۽ بلند هو ۽ حرف حرف چٻي چٻي چيئي ٿي ڪڍيائين. سندس پيشاني مان نهايت ۽ نياءَ جو نور پئي بکيو.

    12 مسٽر ڊي پي ڪوٽوال وائيس پرنسپال سنڌ مدرسه ڪراچي:
    “ مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پارسي هو، جو مدرسي جو نائب پرنسپال به هو، مگر پرنسپال ٽي ايچ وائينس جي موڪل تي وڃڻ ڪري پرنسپاليءَ جو عهدو پڻ هلائيندو هو. نهايت لائق ۽ فائق شخص هو. اگرچه مذهبي نقطه نظر کان زرتشتي هو ليڪن ٿياسافٽ هئڻ سبب ،وٽس مذهبي مت ڀيد ڪونه هوندو هو ۽ سڀني کي هڪ جهڙو ڪري ڀائيندو هو. اڪثر چوندو هو ته الله پاڪ مرڪز آهي ۽ اسين آهيون گهيري تي مختلف ٽٻڪا جيڪي مرڪز کان برابر فاصلي تي آهن، انهيءَ وقت عمر جو ڪروڙڍ هو، اونهاري سياري ڇٽي ڪلهي تي رکندو هو. سندس ڊگهي ڏاڙهي ۽ لڙيل مڇون سندس وات ڍڪي ڇڏينديون هيون. ڪنڌ هميشه هيٺ هوندو هوس ۽ اکيون مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيس. سندس زيرلب گفتي ۾ ايڏو ته اثر هوندو هو جو ڪوبه شاگرد ساڻس گستاخ نه پئجي سگهندو هو.

    13 سيد ميران محمد شاهه ۽ حسن علي خانبهادر ولي محمد:
    سنڌي شاگردن ۾ منهنجي از غيبي رغبت سيد ميران محمد شاهه ۽ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جي پوٽي ۽ مرحوم خانبهادر ولي محمد جي فرزند حسن عليءَ سان هئي ۽ هوبه مونکي گهڻو ڀائيندا هوا. شاهه صاحب سان، باوجود زماني جي تقلبات ۽ بيوفاين جي، ساڳيو ڀائپيءَ ۽ دوستيءَ جو رشتو هلندو اچي.
    دوردستان را بنعمت ياد کردن همت است
    ورنه هر نخلي بپاي خود ثمرمي افگند
    14 ٽکڙ جا سيد:
    ٽکڙ جا سيد ساوا ستابا ۽ مهمان نواز هوا. ميران محمد شاهه جو والد سيد زين العابدين شاهه عرف چڱل شاهه ۽ چاچو محمد شاهه مون تي گهڻو مهربان هوا. پڻ سنڌي جي وڏي اديب سيد اسد الله شاهه ۽ سيدن جي پڳدار سيد عبدالحڪيم شاهه مون تي هٿ رکيو. سڀ مڻيادار ۽ ڳڻن جا ڳهير هئا. سندن منهن موڪرا، سلوڻا ۽ سونهن وارا هئا. سندن مٿن تي اچيون پڳون يا زردار لونگيون نهايت سهڻيون لڳنديون هيون. سندن شهمور يا سفيد ڏاڙهيون سندن ڏيل کي وڌيڪ ڏيادار بنائينديون هيون.

    15 مسٽر وائينس پرنسپال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي:
    هو صاحب مدرسي جو ٽيون پرنسپال هو ۽ عليڳڙهه مان پروفيسري ڪمائي هتي آيو هو. مدرسي جيڪا نمايان ترقي هن صاحب جي ايامڪاري ۾ ڪئي، تنهنجي تاريخ شاهد آهي. ڏاڍو هڏ ڏوکي هو ۽ هشيار شاگردن تي ساهه ڏيندو هو. پنهنجي هڙان وڙان غريبن جي مدد ڪندو هو. پڇاڙيءَ تائين مدرسي جي خدمت ڪيائين ۽ خدمت ڪندي پنهنجا پران تياڳيائين. وائينس صاحب جو مون تي گهڻو هٿ هو ۽ جيڪي به چوندو هوسانس، تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍائيندو هو.

    16 مولانا عبدالرحيم منگسي:
    ان وقت مستحق مسلمان شاگردن کي فقط چار سرڪاري اسڪالرشپون هيون. مان جو سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو هوس، سو يقين هوم ته انهن مان هڪڙي اسڪالرشپ ضرور ملنديم، ليڪن انهيءَ وقت اسڪالرشپ جي ماهوار رقم رڳو ويهه روپيا هئي. ازانسواءِ ڪاليج مان ڏهه روپيا اسڪالرشپ ملڻ جي اميد هئي. پر ٽيهن روپين مان ڇا ٿو سري ۽ ڪاليج جون ڳريون فيون ۽ هاسٽل ۾ رهايش جو خرچ ايتري مبلغ مان ڪئن پورو ٿئي ها، تنهنڪري هاسٽل جي عيشي زندگي جو خيال لاهي ڇڏيم. ازانسواءِ گهر جي توڻ کي پڻ منهن ڏيڻو هوم. عين انهيءَ حيص بيص ۾ لاهي هٿ غيب جي پردي مان هويدا ٿيو. مرحوم حاجي عبدالرحيم صاحب سڄي نيت سان آڇ ڪئي ته اچي اسان وٽ رهه، جيڪڏهن هي صاحب اها راءِ ۽ بزرگ منشي انهيءَ وقت نه ڏيکاري ها ته هوند آوارو ٿي وڃان ها:
    من بسر منزل عتقا نه خود بردم راءِ
    قطع اين مرحلہ با مرغ سليمان کردم

    17 پرنسپال صاحب سنگ چندا سنگ شاهاڻي:
    مڙس جهڙو هو قداور ۽ شاندار تهڙو هو سندس ڳالهائڻ جو نمونو اثردار. پنهنجي ڪاري علمي جبي ۾ نهايت حشمتناڪ ۽ ڏيا وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون تي سندس هٿ هوندو هو ۽* پڇاڙيءَ تائين اهو استاداڻو پرڀاءُ رکندو آيو. منهنجا اکر وڻندا هئس ۽ فارسي ۽ سنڌيءَ جا شعر لکائي پاڻ وٽ رکندو هو.

    18 پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي:
    سندس محبت ۽ پيار به هيل تائين هلندو اچي. اڄ ڪالهه هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. جو هڪ سنڌيءَ لاءِ وڏي فخر جو باعث آهي. انهن ڏينهن ۾ ڳڀرو جوان هو. شڪل ۾ شيلي شاعر جهڙو شڪيل، ڪپڙين لٽين پوشيدو ۽ مکيو چکيو، هلت چلت ۾ نرالو، ڪوڪيدار ۽ عمدو ضابطو رکندڙ هو.

    19 پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي:
    سندس ناتو هن ضعيف سان گهڻو ۽ گهاٽو رهيو آهي، جو اڳتي هلي نرواز ڪيو. سندس پدرانه شفقت يا عمر نه وسرندي.

    20 پروفيسر مسٽر رضا محمد شيرازي:
    “ بحيثيت انسان جي هو هڪ ڀلاين جو ڀنڊار،شفقت ۽ رافت جو پتلو هو سندس هڪ فارسي بيت اڃا نه وسريو اٿم
    گر مخير بکنندم بقيامت که چه خواهي
    دوست مارا، وهمه نعمت فردوس شمارا


    • ضميمو چوٿون : مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جون تاريخون

    غريق ـــ رحمت


    هر گز نه ميرد آنکه دلش زنده بعشق
    ثبت است بر جريدئه عالم دوام ما


    مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات جون تاريخون
    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل:
    ڪيم فڪر تاريخ رحلت “خليل” اڄ
    ته هاتف چيو مونکي لکه مدح مغفور
    1378هه
    چراغ بزم ادب گل ڪيو جو ياد اجل
    ٻڌي اديب ٿيا سنڌ جا گهڻو محزون
    “خليل” لکه سر اخلاص سان وفات جو سال
    ڀٽائي شاهه جي ويجهو وڃي ٿيو مدفون
    1377 + 1= 1378
    خليل ان جي مزار تي لکه
    تون سال رحلت غريق رحمت
    1958 ع
    سليم ڳاڙهوي:
    عالمن جو شمس روشن اوچتو اڄ ٿيو غروب
    22 نومبر 1958ع
    جنهن هٽايو هوانڌارو، موڪلائي ويو


    حافظ محمد احسن چنه
    سال رحلت چيو هاتف ته غريق رحمت
    1958ع
    حق جو طالب ديدار ويو ڪين وريو

    رشيد احمد لاشاري
    ڊاڪٽر دائودپوٽه درجنان بوده منجهان
    1378هه
    آه هجري اي رشيد احمد سندس رحلت جو سال

    عبدالله اثر لاڙڪاڻوي:
    شمس بر شمس راز عزلت گفت
    روز ادب در پيام فرقت گفت
    7
    ماه هو اي اثر زهي تاريخ الإنشاء
    11 22
    سال رحلت غريق رحمت گفت
    1958ع

    پروفيسر لطف الله بدوي
    غريق رحمت
    1958ع
    زنده جاويد دنيا ۾ رهي اهل ڪمال
    ان جي قدسي ذات ان کانپوءِ به مسجود حيات
    جي ائين آهي “عمر دائودپوٽه” زنده آهه
    قبر جي تاريڪ سايه ۾ به او تابنده آهه

    مولانا محمد صادق راڻيپوري:
    سال نقلش ز عقل طلبيدم گفت “صادق” غريق رحمت دان
    1958ع
    چنان سال تاريخ صادق نوشت فضيلت پناه شد بدارالقرار
    1378هه
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259679
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386678
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ