ڪتاب جو نالو: منهنجو ماڳ منهنجون يادون
مصنف: عطا محمد جسڪاڻي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 803 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 291 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پنهنجي پاران
  • • هڪ پس منظر
  • • مـــــــــــــــاڳ جو تعارف ۽ بيهڪ
  • • نالو دٻي ڪيئن پيو؟
  • • دُٻـــي جي جاگرافيائي لحاظ کان پسگردائي
  • • ڍنڍون
  • • علائقي جو مـــــــاحول
  • • دُٻــــــــــي ۾ رهندڙ ذاتيون/قبيلا
  • • جسڪاڻي قبيلو
  • • خاصخيلي قبيلو
  • • ملاح قبيلو
  • • زراعت فصل
  • • دُٻــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ۾ تعليم
  • • دُٻــــــــــي مان رٽائر ٿي ويل استاد
  • • ماڳ ۾ مسجدون
  • • علائقـــــــــــــــي جي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي حالت
  • • اگهن جو چـــــــــــــــارٽ
  • • پيرن ۽ فقيرن جو درگــــــــــاهون
  • • حــــــــــــــادثاتي واقعات ۾ فوت ٿيل شخصيتون
  • • هڪ نه وسرندڙ شخصيت
  • • نـــــــــــــــــــــاز ۾ نــــــــــــــــــاز
  • • نــــــــــــــــــــــاز ۾ نينهن
  • • ٿــــــــــــــــــــــــر ٿياس (سفر نـــــــــامو)
  • • ٻهراڙي جي زبان ۽ سٻاجهڙي ٻــــــــــولي
  • • ڪڏهن به _ نه ٿيڻ واري ڳالهه
  • • دل کــــــــــــــــــي ڇُهندڙ يادون
  • • نســــــــــــــــــل جي حفاظت (آگاهي)
  • • رايـــــــــــــــــا
  • • پڄـــــــــــــــــــــــــــــــاڻي

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ايڪتر (71) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.

    اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست وحيد علي جسڪاڻي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    پنهنجي ڳوٺ جي سڀني مائٽن،
    عزيزن، استادن، ۽ انهن بزرگن جي نالي،
    ارپيان ٿو جن کي مون پنهنجي زندگي دوران
    ڏٺو هو ۽ وفات ڪري ويا آهن


    • پنهنجي پاران

    ڪتابن لکڻ واري سلسلي جو هي ٻيو ۽ هڪ اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ دُٻي جي حوالي سان بنيادي نوعيت واري معلومات ڏني وئي آهي. انهي معلوماتي مواد جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي عمر وارن ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين مان معلومات حاصل ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” کي جنهن طريقي سان پيش ڪجي ٿو ان ۾ جنهن قسم جا تفصيل، نقشا، ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن، ان ڳالهه کي ڏسندي ان لاءِ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته هن ۾ پيش ٿيل ماڳ هڪ قسم جي اهميت ۽ سونهن هئڻ جي حيثيت پڻ رکي ٿو. هن کانپوءِ دُٻي بابت اگر ڪو قلم کڻي هٿ مٿي ڪندو ته هن ناچيز کي ضرور ياد ڪندو.
    ڪتاب ۾ ڪجهه مواد ٻاهران جو به شامل آهي جنهن جا حوالا لکڻ مهل موقعي تي ڏنل آهن. ڪتاب ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور بابت ٻه ڪالم به لکيل آهن جن ۾ ڪافي معلومات درج آهي. ڪجهه حقيقتون ۽ ڪجهه يادن جا دلچسپ ڪالم به لکيل آهن. آخر ۾ هڪ ٻارن ۾ وڌندڙ بيماري جي بچاءُ متعلق آگاهي به ڏنل آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ وحيد علي جسڪاڻي جو وڌ ۾ وڌ ساٿ رهيو، ننڍي عمر واري هن نوجوان کي ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪريان ٿو.
    هي سڀ ڪجهه لکي هڪ ڪتاب ٺاهي سامعين جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو اميد ته پسند ايندو. ڪتاب جئين به لڳي آگاھ ڪندا ۽ ڪا خامي رهجي وئي هجي ته نشاندهي ڪندا. ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪنهنجي دل آزاري نه ٿئي ٻي صورت ۾ معذرت ڪريان ٿو.

    عطا محمد جسڪاڻي
    تاريخ 1 جون 2013ع
    (ايڇ _ ايس _ ٽي)
    گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول
    خيرپور ميرس
    03003115194


    • هڪ پس منظر

    هر سوال جو هڪ جواب هوندو آهي، هر رات جو ڪو نه ڪو خواب هوندو آهي. هر لمحي کي هڪ صبح ۽ ان پٺيان هڪ شام هوندي آهي، اڄ سڀاڻي نه آهي ۽ ڪالهه اڄ نه هيو. سڀني حوالن سان هڪ راز آهي. جئين زندگي ۽ موت، جئين اکيون ۽ اوسيئڙو، جئين وڇوڙو ۽ ياد. اُهو وقت جيڪو گذري ويو ۽ ڪڏهن به واپس نه ٿيندو، اُهي گهڙيون جيڪي وقت جي جهولي ۾ اُڀري اسان جي مٿان لنگهي عدم فنا سان ٽڪرائجي ختم ٿي ويون. تن کي اسان صرف لفظن جي زنجير ٺاهي پنن تي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. جيتري قدر اسان جي وجود جو سوال آهي سو حقيقت ۾ هر ڪو اڪيلو آهي ۽ اڪيلي سر زندگي جي سولي ڪلهن تي کڻي ڦاسي گهاٽ وڃي رهيو آهي. اسان سڀ وجود جي ڪوٽ ۾ اڪيلا قيد آهيون. زندگي هڪ اهڙو سفر آهي جنهن جي نه شروعات جي ڪنهن کي خبر آهي ۽ نه منزل جي پوري ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر هوندي آهي زندگي جي لمحي تي ڪنهن جو به اختيار نه هوندو آهي هي سفر خود به خود طئي ٿيندو رهندو آهي زندگي روان دوان آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀاڻي نه آهي ٿري ماڻهن جي چوڻي آهي ته ڏينهن کي پويان پير نه آهن گذري ويل ڏينهن وري ڪڏهن ڪونه ايندو اهڙي طرح سڄي موج ۽ هستي کان پوءِ عمر به ڪڏهن پوئتي ڪان موٽندي آهي جواني کان اڳتي پوڙهائپ ۽ پوڙهائي کان پوءِ ان جو انت موت جي صورت ۾ اچڻو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هر جاندار کي مرڻو آهي


    • مـــــــــــــــاڳ جو تعارف ۽ بيهڪ

    منهنجو ماڳ ڳوٺ دُٻي تعلقه ميرواه ضلع خيرپور ۾ شهر ٺري کان 12 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ بوزدار وڏا کان 9 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ تقريباً ٽي ڪلوميٽر ڊيگهه تي مشتمل هڪ خوبصورت ۽ مٿاهين ريگستاني ڪناري تي تعلقي ميرواه ۽ ناري جي سرحدي سنگم تي قدرتي نظارن سان ڀريل، ڪر کنيون چو طرف کان نظر اچي رهيو آهي. انتظامي لحاظ کان ميرواه تعلقه سان واسطو رکندڙ هن ڳوٺ جي اولهه طرف ۾ هميشه وهندڙ ميرواه علائقي کي سيراب ڪندو ڏکڻ طرف وڃي ٿو، ڳوٺ جي هيٺيان سرسبز ۽ شاداب زمينن ۾ فصل ٿئي ٿو. علائقي کي خوبصورت ۽ سهولتون فراهم ڪندڙ هڪ روڊ ٺهيل آهي، جيڪو بوزدار وڏا کان ڳوٺ تلي کان دٻي اچي ٿو ۽ دٻي کان ٿيندو ميرواه جي پل ڪراس ڪري هاشم گوپانگ کان ٿيندو مينگهو فقير شر ۽ ٺري ڏانهن وڃي ٿو. ميرواه تي پل 2007 ۾ ٺهرائي وئي جڏهن ته هن کان اڳ راڄوڻي لحاظ سان واه تي هڪ ٻيڙي هلندي هئي جنهن کي پتڻ به چيو ويندو هو. واه جي هن ڀر آمد رفت جو صرف اهوئي ذريعو هو. ڳوٺ ۾ بجلي جي سهولت مليل آهي جيڪا 1985 ۾ ملي، هن ڳوٺ ۾ تقريباً اٺ يا ڏھ هزار آبادي تي مشتمل جسڪاڻي، خاصخيلي، ملاح قبيلي جا ماڻهو آباد آهن. ميرواه جي ٻئي پاسي گوپانگ رند، سومرا ۽ سيال ذاتين جا ڳوٺ آهن ماڻهن جو اسي سيڪڙو خاص ڌنڌو پوکي راهي، چوپايو مال پالڻ ۽ محنت مزدوري ڪرڻ آهي جڏهن ته ويهه سيڪڙو ماڻهو سرڪاري نوڪري ڪري رهيا آهن. يونين ڪائونسل صبڙ رند جو آبادي جي لحاظ کان وڏي مان وڏو ڳوٺ آهي تنهن ڪري حڪومت طرفان صحت لاءِ هتي هڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ (اسپتال) ڏنل آهي جنهن ۾ ماڻهن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هتي ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون مليل آهن، هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي فصل ، کاڌو، صحت، مال، تعليم، رسمون رواج، ثقافت ۽ ٻيون سهولتون وغيره لاءِ اڳتي مڪمل تفصيل پيش ٿيل آهي بحرحال هن علائقي جي ڌرتي ڪهڙا رنگ ڏٺا ۽ وري ڪهڙا رنگ ڏسندي جنهن جي خبر قدرت واري کي ئي آهي. اسان ته صرف جيتري معلومات پٽاندر معلومات فراهم ڪري رهيا آهيون.


    • نالو دٻي ڪيئن پيو؟

    سنڌ تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڳ آهن جيڪي اصل نالي ۽ تاريخي پسمنظر جي لحاظ کان مونجهاري جو شڪار آهن. اڄ تائين انهن ماڳن يا انهن جي نالن بابت ڪا به سنجيده تحقيق نه ڪئي وئي آهي. ماڳ جي غلط راٰءِ واري نالي تي ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي وڃن ٿا. زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اسين ڪنهن ڳالهه کي سمجهي نه سگهندا آهيون ۽ نه ڳالهين کي تڪي توري سگهندا آهيون پوءِ جڏهن ان ڳالهه جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسندا آهيون ته ڪجهه نه ڪجهه حقيقت سامهون اچي ويندي آهي ۽ ڳالهه ڪجهه سمجهي وٺندا آهيو. اڄ آءُ پنهنجي ڳوٺ دٻي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هن ڳوٺ تي اهيو نالو دٻي ڪيئن پيو. منهنجو اهو پيارو ڳوٺ يا ماڳ جنهن ۾ منهنجو جنم ٿيو، معصوميت ۽ بچپن گذاريم، ان وقت جا نه وسرڻ وارا واقعا ۽ لمحا چٽا ياد آهن. هڪ جيڏن سان گڏجي رانديون ڪيم. جن جو خوبصورت احساس ياد آهي. اتي پڙهيس،جوان ٿيس، ننڍن توڙي وڏن مائٽن ۽ دوستن سان گڏ گذاريم، ڏک ۽ سک نه رڳو پنهنجا ڏٺم پر مائٽن ۽ عزيزن جي زندگي جا لمحا ۽ ڏک سک ڏٺم. جيڪي هن وقت موجود نه آهن. پر مونکي ته هر ڳالهه ائين ياد آهي ڄڻ ڪالهه جي ڪا ڳالهه آهي. هر گذرندڙ لمحو توڙي ان کي سال مهينا ڏينهن توڙي گهڙيون ٿي وڃن ٿيون جيڪي ماضي جي فائيل ۾ هليا وڃن ٿا. جئين بيڪار ۽ ردي پنن کي ويڙهي ڪنهن اهڙي گدام ۾ اڇلايو ويندو آهي جيڪو ٻيهر سنڀالي نه سگهبو آهي. پر ڪي ماڻهو پنهنجي حياتي دوران پوئتي نظر ڦيرائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مان به پنهنجي احساس طبع ڪري ڪجهه سوچيندو رهندو آهيان ۽ انهن سوچن ۾ اها ڳالهه به آهي ته اسان جي ماڳ تي دٻي نالو ڪيئن پيو؟ جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس ڇو ته اسڪول جو نالو به دٻي آهي ته دٻي جو نالو ڪيئن پيو. وڏن کان پڇندو هوس ته پر ڪو به مونکي مطمعن ڪري نه سگهيو. ڪو چوندو هو ته هتي پاڻي جو دٻو هو تنهن ڪري نالو پيو پر اهو دٻو ڪٿي هو اها خبر به نه پئي پوي. ڪيتريون ئي ڳالهيون پيا ٻڌون. البته هڪ تمام وڏي عمر جي ماڻهو حاجي محمد صديق چيو ته اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو هو ته پراڻي وقت ۾ جڏهن درياه تي ڪو به ڪنٽرول نه هو ۽ پنهنجي رخ تي وهندو هو ته هتان سندس لانگهو (لنگهه) هو درياه جي ڪناري تي ماڻهو آباد هئا. سندن لنگهه جي ڪري پتڻ يا ٻيڙيون هيون جن وسيلي علائقي جا ماڻهو درياه پار ڪندا هئا. ۽ سندن لنگهه هو. انهن ٻيڙين کي ميربحر آباد ڪيون ويٺا هوندا هئا. انهن ۾ ڪجهه مرد ۽ ڪجهه عورتون هونديون هيون. سندن نالا سنهڙو، تلي، دٻي، سانيسو، هيڪل، جانهيرو ۽ ڊيڍاڻو وغيره رکيل هئا. اهي سڀئي ڳوٺ هڪ ئي قطار جي سلسلي سان اتر کان ڏکڻ طرف تقريباً ويهن ميلن جي ڊيگهه ۾ واقع آهن . سڀ کان اتر ۾ سنهڙو ۽ ڏکڻ ۾ ڊيڍاڻو آهن. باقي سڀ ڳوٺ انهي جي وچ تي هڪ خوبصورت سلسلي سان قطار ۾ آهن انهن ڳوٺن جي اولهه ۾ جھوجهاڻ جو علائقو آهي جتان درياه وهندو هو جنهن جا اڄ به واضع ثبوت ملن ٿا. وقت جي ڌارا ۾ سڀ ڪجهه مٽجي ۽ تبديل ٿي ويا ليڪن باقي نشان ۽ نالا رهجي ڳوٺن تي پئجي ويا. گذريل وقت جي هر ڳالهه عجيب لڳي ٿي ڪا به اصلي خبر نه ٿي پوي.
    هڪ دفعي منهنجي ملاقات حيدرآباد جي هڪ دوست ڊاڪٽر عزيز ٽالپور سان سندس رهائش گاه تي حيدرآباد ۾ ٿي. تقريباً ٻه ٽي ڪلاڪ گڏ رهياسون. هو صاحب لکڻ پڙهڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي ڪالم به لکندو آهي. گفتگو دوران هن صاحب مونکان پڇيو ته توهان جي ڳوٺ دٻي تي اهو نالو ڪيئن پيو. مون کيس ڪو خاطر خواھ جواب ته نه ڏنو پر رهندو کيس ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جا به عجيب نالا ٻڌايا جيئن ڪنمب، ٺري، سيري، مروڙو، موٿر، ڪڻڇي، ۽ واڳهه وغيره. تبصري مٿان تبصرو شروع ٿي ويو. هن چيو هتي حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائي ۾ اهڙا عجيب غريب نالا ڳوٺن، ذاتين، ۽ خود ماڻهن تي رکيل آهن. جن جو ڪو مقصد نه ٿو نڪري مان سندس ڳالهين کي ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس بلڪه جيڪي مون هن سان ڳالهيون ڪيون سي به ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس صرف دٻي ڳوٺ جي نالي تان اچي معاملو ۽ بيان انگهيو. ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌ ۾ اهڙيون ذاتيون آهن جيڪي ٻڌڻ سان حيرت ٿئي ٿي. جهڙوڪ کودا، کاڙڪ، کارائي، ککر، ٺوڙها، وهريا، ۽ ٻائيتال وغيره. ماڻهو جيڪي ڏسن ٻارن تي اهي نالا رکي ڇڏين ٿا. جيئن ڪرڙ، ڪانڊيرو، کبڙ، انب، ليمون، صوف، اڪ، برسات، بادل، جهڙ، آچر، سومر، خميس، جمعو، مور طوطو، ڪانگل ۽ ٻيا عجيب قسم جا نالا. ان ڳالهه تي به ڏاڍو کلياسون ته همراه جي گهر ۾ توڙي ڪوپ به ڀڳل هوندس پر نالو هوندس نواب خان، مائي ويچاري جو گهر ۾ قدر به نه هوندو پر نالو هوندس بادشاه زادي. ڪنهن ويچاري جي شڪل ڪنهن پاسي نه هوندي پر نالو هوندس پري. ڪنهن جو توڙي مڙس وٽ قدر به نه هوندو ۽ هميشه پئي مڙس جو تشدد سهندي پر نالو هوندس ڀاڳ ڀري. ڪجي ته ڇا ڪجي؟
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊا سڀ ميرن جا آهن خاص طور ٽنڊو سائينداد، ٽنڊو آدم، توڙي ٽنڊو ڪولاچي پر اتي ٽالپور ڪو به هٿ ڪونه ايندو، تلهار کان پريان وڏو شهر سيد پور آهي پر اتي هڪ به سيد نه ملندو. مون کيس چيو ته اسان جي خيرپور ۾ وري هڪ وڏو محلو آهي ڀرڳڙي ديهه يونين ڪائونسل، توڙي واھ تي ريگيوليٽر تي نالو به ڀرڳڙي آهي، پر هڪ به ڀرڳڙي نه ملندو. الائي ڪڏهن جو نالو پيل آهي مونکي چٽو ياد آهي ته ڪجهه پراڻي زماني ۾ حيدرآباد ريڊيو تان فرمائشي پروگرام هلي رهيو هو. هڪ ماڻهو رونا ليلا جي ڪلام جي فرمائش ڪئي. ڪمپئر کيس چيو ته ڦلاڻا صاحب توهان جي ڦرمائش پوري ڪيون ٿا پر خدا جي نالي پنهنجي ڳوٺ وڏا ماڇيون جو نالو ته تبديل ڪري ڇڏيو. آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب چيو ته ادا گهڻيون ڳالهيون آهن رڳو دٻي نه پر ٻيا به ڪيترائي عجيب نالا آهن ٺارو شاھ ڀرسان ڳوٺ آهي اڇي مسيت، حيدرآباد ۾ اڇي موري ۽ ڪاري موري، نواب شاھ ۾ هڪ ڳوٺ اٺهٺ موري ٽنڊو محمد خان ۾ وري ستر موري اٺهٺ موري ۽ ستر موري ڇا آهن. ڪائي خبر ڪانهي مون وري سوچيو ته خيرپور ۾ هڪ محلو آهي جنهن جو نالو اڇي کوهي آهي پر کوهي اڇي آهي به يا ناهي. بحرحال اسان کي گهڻو اهو ڏسڻو آهي ته دٻي تي اهيو نالو ڪيئن پيو. اڄ کان ڪجهه وقت اڳ جي ڪتابن ۾ به ذڪر آيو آهي ۽ عام طور اها چوڻي آهي ته هتي هڪ پاڻي جو دٻو هو جنهن تي مير شڪار ڪندا هئا ڊاڪٽر عطا محمد حامي صاحب پنهنجي ڪتاب (خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو) ۾ صفحو 212 تي اهڙو ذڪر ڪندي لکيو آهي ٻيلي ۾ ڪجهه پاڻي جا دٻا هوندا هئا جن جي ڀر سان کڏڻا ٺاهي لڪي ويهبو هو سوئر يا ڦاڙها پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا ۽ شڪارين هٿان مرندا هئا، ان ڪتاب ۾ ميرن جا ڪُها ۾ دُٻي جو وڏو ذڪر ٿيل آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ رياست خيرپور جي ڍنڍن جي ذڪر ۾ دُٻي جي ڍنڍ جو به احوال لکيل آهي. ميرن جي فصلن بابت اهو به لکيل آهي ته دُٻي ۾ ميرن جا ديرا هوندا هئا. انهي سڀ ڪجهه جي باوجود اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو ته ڳوٺ تي دُٻي نالو پراڻو آهي ميرن جي حڪومت اڄ کان سو سال اڳ هئي پر اڃا به گهڻو وقت اڳ جو نالو پيل آهي جيڪو اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو. بحرحال ان ڳالهه جي تصديق ڏيڍ يا ٻه صديون اڳ تائين پوي ٿي. خير! جيڪي به آهي هن وقت ڳوٺ دُٻي تي دُٻي نالو رهجي ويو آهي.


    • دُٻـــي جي جاگرافيائي لحاظ کان پسگردائي

    بيهڪ جي لحاظ کان ڳوٺ دُٻي جي خاص اهميت آهي ڇو ته هي ٻن تعلقن ميرواھ ۽ ناري جي سنگم تي آهي هڪ طرف سر سبز ۽ شاداب فصل ۽ باغات آهن ۽ ٻئي طرف قدرت جي سونهن سان ڀريل ٿر ۽ ريگستاني ڀٽون ۽ اڻ کٽ حسين واديون آهن هتي جيڪا زرعي زمين آهي سا مڪمل طور زرخيز ۽ آباد آهي جنهن ۾ هر قسم جو فصل سبزيون ۽ باغات پوکيا وڃن ٿا فصل ۽ سبزين ۾ ربيع توڙي خريف جا فصل ۽ سبزيون ٿين ٿيون. ٻئي طرف اوڀر واري طرف ڏانهن خوبصورت ريگستاني علائقو آهي جنهن ۾ واري جا دڙا به آهن ۽ قدرتي چشما به آهن. جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي نباتات به آهي ته حيوانات به آهي. خشڪي به آهي ته پاڻي به آهي. جهنگلي جيوت به آهي ته آبي جيوت به آهي، انهن سڀني ڳالهين جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو .
    دُٻي جي ڀر ۾ ريگستاني علائقي کي سڃاڻڻ لاءِ به علائقي جي ماٿرين ۽ دڙن تي علائقي جي ماڻهن جا نالا رکيل آهن ، جيڪي دُٻي وانگر پراڻي وقت جا رکيل آهن. لُنڊي دڙي، ڍوري وارو دڙو، ڇارٻاري وارو دڙو، وڍ، پير پڌرو، ويڪر وارو دڙو، ٻڪري وارو دڙو وغيره. انهي ريگستان ۾ جهنگلي جانور، گدڙ، جهنگلي ٻلا، لومڙ، سهو،سيڙهه رهندڙ آهن. 1980ع تائين هن ريگستان ۾ هرڻ به رهندا هئا، جن جو آبادي جي واڌ ۽ گهڻو شڪار ڪرڻ سان نسل ختم ٿي ويو آهي ريگستاني علائقي ۾ ڪجهه دائمي ٻوٽا آهن ۽ ڪجهه برسات پوڻ بعد گاھه ڦٽندا آهن. اهي ٻوٽا توڙي گاھه جيئن ڦوڳ، ٻُوھ، کپ، لاڻون، ڦير، ٿمون، سڻ، وغيره ريگستاني علائقي جي نه رڳو سونهن ۽ خوبصورتي آهن پر علائقي جي جانورن جهڙوڪ رڍ، ٻڪري، ڳئون، ۽ اُٺ جو خاص چارو به آهي.


    • ڍنڍون

    دُٻي ڳوٺ جي اصل سڃاڻ ۽ اصل خوبصورتي ان ڍنڍن ۽ شڪار گاهن جي ڪري به آهي جيڪي وسيع علائقي تي مشتمل آهن. هي ڍنڍون ضلع خيرپور ۾ وڏي ۾ وڏيون ڍنڍون ۽ مشهور شڪار گاهون آهن. جن ۾ راڻي پور جي مشهور اوليائن سخي صالح شاھ،، غازي احمد شاھ، ۽ پير عبدلقادر شاھ جيلاني آبي پکين جو شڪار ڪندا هئا. هن ڍنڍ ۾ شڪار لاءِ پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا ۽ صدر ايوب خان به شڪار ڪيو هو. هڪ هڪ ڍنڍ جي ايراضي ڪيئي چورس ڪلوميٽرن تائين آهي. جن جو ذڪر رياست خيرپور جي تاريخ ۾ به نمايان لکيل آهي. سندن پاڻي چهرو نمڪياتي، شفاف، ۽ اونهائي ۾ ڪٿي ڪٿي ويهن کان ٽيهن ڦوٽن تائين آهي. سندن سڃاڻپ لاءِ مختلف نالا رکيل آهن. سندن نالا کُٿ، ڪتڻ وارو، جمال شاھ، ڇارٻارو، ٻڪري وارو، وڏي سم، تل، ڳريڻو رکيل آهن. هر ڍنڍ جي پنهنجي پنهنجي الڳ اهميت آهي بس هنن ۾ گڏيل ڳالھ صرف هڪ آهي ته اُهي سڀ پاڻي جون ڍنڍون آهن هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي جيڪا هن طرح آهي.

    1 کٿ :
    ايراضي جي لحاظ کان هي وڏي مان وڏي ڍنڍ آهي 1970ع کان اڳ ۾ هن ڍنڍ جي ٻاهران وڏو جهنگ ۽ ڪاٺ هو آبادي جي وڌڻ ڪري اهو جهنگ ڪٽجي ختم ٿي ويو آهي هاڻي صاف ڍنڍ نظر اچي رهي آهي 1965ع ۾ هن ۾ مڇي جو ٻج وڌو ويو جيڪو تيزي سان وڌي عام ٿي ويو. نه رڳو هن ڍنڍ ۾ پر ٻين ڍنڍن ۾ به مڇي عام ٿي وئي علائقي جا ماڻهو هتان روزانو مڻن جا مڻ مڇي ماري سفر گذر ڪندا هئا هاڻي ڪنهن خاص سبب جي ڪري مڇي گهٽ ٿي وئي آهي. سياري جي موسم ۾ هتي پاڻي وارا پکي عام ايندا هئا. 1980ع تائين هتي اڻ کٽ پکي لهندا ۽ رهندا هئا پر آبادي جي وڌڻ ۽ شڪار عام ٿيڻ سبب هاڻي پکي تمام گهٽ رهي ٿو. علائقي جي ماڻهن بندوقن سان هن پکي جو شڪار ڪري انهن جو نسل گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي پکي يا ته ڪونه ٿو اچي يا تمام گهٽ ٿي ويو آهي. هن ڍنڍ جي اوڀر واري پاسي کي ڪتڻ وارو سڏيو ويندو آهي جيڪي پکي سياري جي موسم ۾ هتي اچن ٿا انهن ۾ نيرگ، رتبو، لنگهو، آڙي، ٻولاهي، ٿورانڌو، ٽگوش، ڦارهو، ۽ ٻيا پکي آهن.

    2 ٻڪري وارو ۽ وڏي سم :

    هي ٻئي ڍنڍون هڪ ٻئي جي قريب ۽ ويڪر نالي هڪ وادي سان لڳو لڳ آهن ٻنهي جي وچ تي واري جو دڙو آهي، سندن پاڻي شفاف ۽ تمام گهڻو اونهو آهي هڪ عجيب قدرت جو ڪرشمو به آهي ته هڪ ئي ڍنڍ جو ڏکڻ وارو حصو کارو آهي ته اتر واري پاسي جو پاڻي مٺو آهي توڙي پاڻي به هڪ ڍنڍ تي مشتمل ۽ ڳنڍيل آهي. هي ٻئي ڍنڍون وڏو شڪار گاهه آهن جتي عام ۽ خاص ڪامورا شڪار ڪندا آهن سندن چو طرف ريگستان جا وڏا دڙا آهن جن تي شڪاري بيهي شڪار ڪن ٿا ۽ اُڏرندڙ پکين کي نشانو بڻائن ٿا.

    3 جمال شاھ واري ڍنڍ :

    هن جو پاڻي تمام تيز ڪڙو آهي جنهن ڪري خارش يا چمڙي جي بيماري تي شفا ڪري ٿو پري پري کان ماڻهو اچي هتي وهنجندا آهن ۽ شفا ياب ٿيندا آهن هن تي جمال شاھ واري ڍنڍ جو نالو ان ڪري پيو جو سندس ڪناري تي جمال شاھ نالي هڪ اولياءَ جي مزار آهي جنهنجي ڪابه تاريخ نه آهي هڪ هڪ قسم جي گمنام ڪهاڻي آهي.

    4 ڳريڻو :

    هن ڍيڍ مان گهڻي مقدار ۾ لوڻ ڪڍيو وڃي ٿو هتي لوڻ جي کاڻ آهي. علائقي جا ماڻهو ضرورت پٽاندر پنهنجي لاءِ لوڻ گڏ ڪري ڇڏيندا آهن. برسات پوڻ سان لوڻ ڳري ويندو آهي.
    باقي ڍنڍن ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار ڪيو ويندو آهي ان کان علاوھ هنن ڍنڍن ۾ جانورن جو چارو نڙاول به عام ٿئي ٿي جيڪي ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي کارائيندا آهن پاڻي جي تري ۾ هڪ قسم جو گاھ آهي جيڪو مڇي جي خوراڪ آهي هنن سمورن ڍنڍن ۾ ڪوبه اهڙو خطرناڪ پاڻي جو جانور نه آهي جيڪو چوپائي مال، ماڻهو، پکي، يا مڇي کي نقصان پهچائي.


    • علائقي جو مـــــــاحول

    ماحول جي اهميت کان ته هر ڪوئي واقف آهي. ماحول جيڪو انساني آبادي، زراعت، آبي توڙي جهنگلي جيوت سميت ڌرتي تي رهندڙ هر جاندار شيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان جو خيال ڪرڻ نهايت ضروري آهي ڪائنات اندر ڪيترائي رنگ سمايل آهن انهي ۾ قدرت جا ڪمال ۽ ڪرشما،جبل پاڻي وڻ ۽ ٻوٽن جي شڪل ۾ موجود آهن ڪٿي درياھ ڪٿي ندين جا وهڪرا جن مان فصل اپايا وڃن ٿا ۽ پئڻ جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو. ساڳي ئي وقت اتي قدرتي حسن به من کي موهي ٿو. اهي موهيندڙ نظارا جهر جهنگ، سر سبز، چهچ ساوا وڻ، ۽ انهن وڻن ۾ ٻوليندڙ مختلف پکي تن جون مٺيون لاتون، ڪوئل جي ڪوڪ، طوطي جي ٽيون ٽيون، ڳيري جي گهو گهو، جهرڪين جي چر چر، تترن جي پير پير خضر ۽ مختلف آواز ماحول کي ڪيترو خوبصورت ۽ معطر ڪن ٿا. جڏهن اهي پکي انهن وڻن تي ويهي پنهنجو سُريلو راڳ ڳائين ٿا ته اهو آواز ٻُڌي دل کي ڪيتري ته سُڪون ۽ فرحت ملندي آهي. پر اهو سڀ ڪجهه انسان جي قرب ۽ محبت سببان ممڪن آهي ڌرتي جي پوشاڪ وڻ ۽ ٻوٽا آهن جيڪي پکين جا خوبصورت گهر به آهن ماحول کي صاف سٿرو ۽ سهڻو بنائڻ ۾ ماڻهو جو وڏو هٿ آهي جيڪي وڻن ۽ پکين جي سلامتي جو ضامن پڻ آهي. اڄ کان چاليهه پنجاھ سال اڳ ۾ اسان جي علائقي ۾ به هڪ خوبصورت رونق هئي جيڪا افسوس جو هاڻي نه آهي جڏهن به برسات پوندي هئي زمين ته سرسبز ٿي ويندي هئي پر ريگستان به ساوڪ سان ڍڪجي ويندو هو. ڌرتي تي ايترا ته وڻ هئا جو علائقي جي زمين ڄڻ ڪوڇن تي مشتمل هئي. ريگستان ۽ ڍنڍن جي ٻاهران ايتري ته وڻڪار هئي جو انهي جهنگ مان مشڪل سان لنگهي ڍنڍ جي پاڻي تائين پهچڻو پوندو هو ٿوري ايراضي تان تمام گهڻي مقدار ۾ ٻارڻ جو ڪاٺ ملي ويندو هو هر قسم جا پاليل توڙي جهنگلي جانور عام جام هئا. هر قسم جا پکي ماحول جي خوبصورتي هئي. جڏهن آبادي وڌندي وئي ۽ مسائل به وڌندا ويا ته آهستي آهستي هر قسم جا وسيلا گهٽبا ويا اهي رونقون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون وڻن ۾ واڍي جا سلسلا شروع ٿي ويا ۽ پکين لاءِ پريشانيون وڌنديو ويون. علائقي جا انسان وڻن ۽ پکين سان محبت ڪرڻ بدران نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. وڻ توڙي پکي انسان ذات جا خيرخواھ سڄڻ ۽ فائدي مند آهن انسان وري انهن جو دشمن ٿي پيو. ۽ انهن جي وجود جي خلاف اٿي کڙو ٿي پيو. نتيجو اهو نڪتو جو وڻڪار به ختم ٿيندي وئي ۽ پکين جا نسل به ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا. علائقي ۾ ڳيرا، جهرڪيون، طوطا، ۽ تتر عام هئا جن نسل ڪشي شروع ڪئي وئي هڪ وڻن جي تباهي ٻيو پکين جو شڪار ڪري انهن جي نسل کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هاڻي اهي پکي تمام گهٽ بلڪه نه هئڻ جي برابر آهن. ريگستاني علائقن ۾ پڻ وڻن کي ختم ڪيو ويو ۽ ريگستاني ٻوٽن جهڙوڪ ڦوڳ، کپ، ٻوھ، ڪرڙ، ڪنڊي ۽ لئي کي به پري پري تائين ختم ڪيو ويو آهي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وڻ ۽ ٻوٽا جيڪي ماحول کي صاف سٿرو رکندا آهن زندگي برقرار رکن لاءِ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا انهن کي تباھ ڪيو پيو وڃي صرف سرن جي بٺي کي ٻارڻ جي لاءِ ريگستان جي خوبصورت علائقي جي پوشاڪ کي ڪپي ۽ ساڙيو وڃي ٿو. هڪ ننڍڙي ڳالھه ڪندا هلون ته زندگي ۽ هي دنيا ٻئي ڏاڍا خوبصورت ۽ سهڻا آهن اسان کي سوچڻ کپي ته انسان ذات جو ٻوٽن وڻن آبي ۽ جهنگلي جيوت ۽ قدرتي عطا ڪيل ماحول سان ڪهڙو رشتو آهي. ڇا انسان ان جي تباهڪارين جي چوڌاري رهي سگهي ٿو؟ اچو ته ان خوبصورت ماحول کي بچايون. ماحول کي بچايون.


    • دُٻــــــــــي ۾ رهندڙ ذاتيون/قبيلا

    دُٻي ۾ مستقل طور ٽي ذاتيون رهن ٿيون ، جسڪاڻي، خاصخيلي ۽ ملاح قبيلي جا ماڻهو آباد آهن. جسڪاڻي هتان جي علائقي ۾ گهڻو آڳاٽو آباد آهي تاريخي حوالن ۽ وڏن جي ڪيل ڳالهين مان ايئن لڳي ٿو ته هي قبيلو سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ هت آباد هو انهي جو تفصيل هيٺ چڱي طرح بيان ٿيل آهي. خاصخيلي قبيلي جا ماڻهو هن علائقي ۾ 1932ع ۾ اچي آباد ٿيا جڏهن ته ملاح قبيلي جا ماڻهو 1940ع ۾ ڦارهيارو ناري کان لڏي اچي ويٺا ۽ مستقل آباد ٿي ويا. هر هڪ قبيلي جو هيٺ تفصيل ساڻ ذڪر ڪجي ٿو بحرحال برادري جي لحاظ ساڻ هن ڳوٺ جون ٽئي ذاتيون هڪ ٻئي سان ويجهو آهن. غمي توڙي خوشي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ آهن تعليم به هڪ جاءِ تي حاصل ڪئي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ تعليم جي باري ۾ الڳ باب هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي جنهن ۾ مڪمل تفصيل بيان ٿيل آهي.


    • جسڪاڻي قبيلو

    تاريخي پسمنظر

    جسڪاڻي قبيلي جي به ٻين بلوچ قبيلن ۽ سماٽ قبيلن وانگر هڪ تاريخ آهي بلوچستان جي تاريخ ۾ لکيل آهي ته جسڪاڻي گورچاڻي قبيلي جي چوٿون نمبر شاخ آهي. جيڪي اصل قلات رياست ۾ آباد هئا جتان وقت جي وهڪري ۾ پاڻي گاھ ۽ روزگار جي تلاش ڪندا پنجاب جي شهر بکر ۽ ليه ۾ اچي آباد ٿيا جتي اڄ به گهڻي تعداد ۾ جسڪاڻي قوم آباد آهي اڃا به وڌيڪ ڦهلجي سنڌ جو رخ ڪيائون جتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي ويا.
    ڊاڪٽر عطا محمد حامي صاحب جيڪو تعليم ۽ تاريخ جو ماهر هو ان پنهنجي هڪ لکيل ڪتاب خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ جسڪاڻي قبيلي جو ذڪر ڪندي صفحي 333 تي لکيو آهي ته جسڪاڻي بلوچ رند جي هڪ شاخ آهن سندن اصلي مقام لهڙي بلوچستان ۾ آهي ۽ اتي اڄ تائين سندن نالي به واھ ارگو ۽ ڦرگو مشهور آهن هنن جو وڏو دريا خان جسڪاڻي هالاڻي جي جنگ وقت مير سهراب خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ان کان علاوه ٻيا به تاريخن مان حوالا ملن ٿا ته هي قبيلو اصل بلوچستان ۾ آباد هو جتان ڦرندو ڦرندو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو پر هن وقت پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ هي قبيلو گهڻي تعداد ۾ موجود آهي. سندن اصلي ٻولي بلوچي هئي پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت جسڪاڻي قبيلي جا وڏا وڏا ڳوٺ آهن منهنجي هٿ ڪيل ڪتابن ۽ معلوماتي مواد تان ورتل معلومات موجب سنڌ ۽ ان سان لڳو لڳ هن وقت هيٺين علائقن ۾ جسڪاڻي آباد آهن.
    ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار، گريڪس محلا ماڙي پور ڪراچي، جوهي دادو، هوت ننگر، مراد خان جسڪاڻي ڪوٽڏجي، دُٻي تلي خيرپور ميرس، شيداڻي شريف رحيم يار خان، اُڏيرو لال، جيمس آباد، ٽنڊو محمد خان، ديرا غازي خان، ميوو جسڪاڻي بدين، بهاول جسڪاڻي، صوبدار خان جسڪاڻي، خان پور مهر گهوٽڪي، شيرخان جسڪاڻي دهلواروجنوجي نارو، حاجي شربت خان جسڪاڻي، روهڙي، علي واهڻ، امير بخش جسڪاڻي دادو، صدورو خان نواب شاھ، حاجي خان جسڪاڻي، صادق خان جسڪاڻي نواب شاھ، نئون ڪوٽ، ڳوٺ علي خان جسڪاڻي قادرپور، لاڙڪاڻو، تنوير خان جسڪاڻي، پنجل جسڪاڻي حيدرآباد، قبولو جسڪاڻي، مهتاڻي.
    تاريخ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته رند، جسڪاڻي، منڌراڻي، سرگاڻي، مهتاڻي، ممداڻي، ۽ قلندراڻي هڪ ئي قبيلي جون شاخون هيون. جيڪي اڪبر بادشاھ جي دور ۾ بکر ۽ ليه کان ڦهلجي ٻين حصن ۾ اچي آباد ٿيا.

    دُٻــي ۾ آباد جسڪاڻي

    دُٻي ۾ آباد جسڪاڻي قبيلي بابت ڪابه تاريخ ڪونه ٿي ملي ان جو واحد سبب تعليم جو نه هئڻ هو تنهنڪري ڪنهن به ان بابت نه لکيو آهي البته جڏهن اسان جي دور ۾ تعليم عام ٿي ان وقت جي وڏي عمر وارن ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين مان جيڪا معلومات حاصل ڪئي سون ان موجب سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته جسڪاڻي سترهين صدي کان ئي دُٻي ۾ ئي آباد هئا. ان جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته اسان جو هڪ وڏو امام بخش خان جسڪاڻي نوي سالن جي ڄمار ۾ 1969ع ۾ وفات ڪري ويو غالباً سندس جنم 1880ع ۾ ٿيو هو سندس چوڻ موجب سندس پيءُ الھه ڏتو ۽ ان جو پيءُ لعل بخش جون پڪيون ٺهرايل قبرون اڄ به ڍوري واري قبرستان ۾ موجود آهن ۽ سندن چوڻ موجب ته ان قبرستان کان اڳ ۾ هڪ قبرستان سوڍڙن جي ڀر ۾ پير ڳاڙهو تي واقع آهي جيڪو قديمي قبرستان چيو وڃي ٿو اتي پري پنڌ ڪري وڃي اسان جا وڏا پنهنجن وڏن کي دفن ڪندا هئا. غالباً اها سترهين صدي سمجهي وڃي ٿي، ڇو ته 1880ع ۾ جنم وٺندڙ امام بخش جي پيءُ ۽ ڏاڏي به زندگي هن ڳوٺ دُٻي ۾ گذاري ته پوءِ اها سترهين صدي سمجهڻ گهرجي. هتان جي وڏن جي گهرن ۽ حالتن جي لحاظ کان اها خبر پوي ٿي ته جسڪاڻي دُٻي ۾ گهڻي وقت کان آباد آهن ۽ اهڙو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي ته دُٻي ۾ جسڪاڻي ڪنهن ٻي جاءِ تان لڏي آيا. وڏا پڇڻ تي به اهو پيا ٻُڌائن ته سڀ اصلي هتان جا هئاسين. بحرحال هتي جسڪاڻي قبيلي جا ٻه پاڙا آهن هڪ لشڪراڻي ٻيو نرڪاڻي پر برادري رشتن ۽ رواجن موجب سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڌيل ۽ هڪئي ڳالھه ۾ آهن ڪوبه فرق نه آهي دُٻي کان سواءِ دهلوارو نارو، جسڪاڻي ڪوٽڏجي، روهڙي، ۽ اڳڙا ڀر سان مهتاڻي ۾ رهندڙ جسڪاڻين سان تعلقات ۽ برادر آهي.
    يادگيريون هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن ۾ ڪنهن ماڻهو جو سڌو واسطو سندس سماجي توڙي اخلاقي زندگي سان هوندو آهي. اهڙي طرح مون به هن ڪتاب ۾ اهڙيون نه وسرندڙ يادگيرين جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي پڙهڻ سان عجيب احساس پيدا ٿئي ٿو. 1960ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو ته مون انهن ماڻهن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي پنهنجي گهر ۾ وڏا هئا ۽ اهي گهر انهن جي نالن سان سڏيا ويندا هئا پر افسوس جو هن وقت نه اهي گهر آهن نه اهي وڏا آهن نه اهي نالا آهن جيڪي ان وقت سان وابسته هئا. سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. وڏي عمر وارن ماڻهن سان منهنجي اڪثر مُلاقات هڪ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد جي حيثيت سان ٿيندي هئي. انهن وٽان جيڪي گذريل وقت جي معلومات حاصل ٿيندي هئي ان تي مان ڏاڍو سوچيندو هوس، ۽ الهائي ڇاڇا محسوس ڪندو هوس. 1960ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو تڏهن اُهي ان وقت جا عمر رسيده ماڻهو موجود هئا جيڪي هن وقت ته نه آهن پر سندن يادون ڪردار ۽ تصويرون مونکي چٽيون ياد آهن. جسڪاڻي قبيلي سان واسطو رکندڙ اهي ماڻهو جن کي مون ڏٺو ۽ پوءِ گذاري ويا ڪجهه ياد آهن ۽ ڪي ياد نه آهن. جيڪي ياد آهن انهن جا نالا هيٺ لکان ٿو.
    وڏيرو يار محمد خان ۽ سندس سڀ پٽ محمد بخش، شهباز ڏنو، علي محمد خان، واحد بخش ۽ حضوربخش.
    حيدر بخش، غوث بخش، الله جوڙيو، حاجي علي نواز خان،رسول بخش، مريد خان حاجي فقير.
    حسيب خان، ٻڍو فقير، منهنجو والد محترم حاجي عبدالله عرف حاجي ميوو. ڏاڏو امام بخش، حاجي محمد صديق، داروغو غوث بخش، لعل بخش، محمد بخش، مشغول، الله ڏتو، ميهر خان ۽ سندس پٽ سچل، مير خان، محمد صالح، ڪرم خان.
    علي مردان، محمد سومر، بيگ محمد، خير محمد، گنهور خان، شهداد خان، صاحب خان، بچل، شير خان، نياز حسين، ۽ جيوڻ خان جيڪو تمام خوبصورت هو.
    ان کان علاوه کنڊو خان، زوار دوست علي، محمد لائق خان، سليمان خان، شفيع محمد، اوباهيو، محمد، غلام علي، قلندر بخش، ٽوھ خان، سهراب، محمد موسى. علي شير، سلطان، فقير محمد، سونو، ڀاڳيو، گل محمد، قيصر، غلام نبي فقير، لونگ خان، خميسو خان، الله بخش، محمد هاشم، مولا بخش، محمد باقر، ڪريم بخش فقير، الاهي بخش، آچر، جيئند، شبن مجاهد، عابد حسين. رحيم، بچل، استاد بهادر علي، استاد حسن بخش، استاد محمد صادق.
    هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته سن 1967ع ۾ آءُ جڏهن ستين جماعت پڙهندو هئس، ته چاچي حاجي محمد صديق مونکي اسان جي قبيلي جو هڪ شجرو لکرايو جيڪو مون اڄ تائين محفوظ رکيو آهي حاجي محمد صديق جو چوڻ هو ته هن هي شجرو سندس ڏاڏي الله ڏتي کان ٻڌي ياد ڪيو هو. حاجي محمد صديق 88 سالن جي عمر سن 1999ع ۾ وفات ڪري ويو. ان شجري کي هن ڪتاب ۾ لکي محفوظ ڪريان ٿو.

    شجرو

    ___
    شجرو ڏسڻ لاءِ پي ڊي ايف ڪتاب جو معالعو ڪيو


    • خاصخيلي قبيلو

    خاصخيلي ڳوٺ دُٻي جي مرڪز واري علائقي ۾ تقريباً ٽيهن يا چاليهن گهرن تي مشتمل هڪ محلي ۾ آباد آهن تلي کان ايندڙ روڊ سندن محلي مان گذري ٿو هتي ڳوٺ جي پهرين وڏي ۽ شاندار جامع مسجد آهي پرائمري، مڊل، توڙي هاءِ اسڪول جون سرڪاري بلڊنگون پڻ هتي آهن ان کان علاوه صوفي طالب علي خاصخيلي جي مزار آهي سڀني حوالن سان هي علائقو تمام خوبصورت لڳي ٿو ۽ وڏي اهميت رکي ٿو تاريخي پس منظر جي لحاظ سان خاصخيلي دُٻي ۾ 1932ع ۾ اچي آباد ٿيا. خاصخيلي کي سرائي جي لقب سان به سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ان کان اڳ ۾ هتي خاصخيلي قبيلي جو هڪ گهر ريگستان تي آباد هو جتي هڪ پيرسن مرد ۽ سندس گهر واري ڳائو مال ۽ ڪجهه ٻڪريون ڌاري سفر گذر ڪندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو پيرسن گذاري ويو. سندس گهر واري پڻ پيرسن هئي. امام بخش ۽ لال بخش جسڪاڻي جيڪي ان وقت انهي جاءِ تي آباد هئا جتي موجوده خاصخيلي محلو آهي. ڏاڏي امام بخش مونکي ٻڌايو ته محمد صديق حاجي عبدالله عرف حاجي ميوو ( راقم الحروف جو والد صاحب)، محمد بخش، مشغول، ۽ الله ڏتو جو جنم به اتي ٿيو هو. ان پيرسن عورت کي سام ڪري پنهنجي گهر جي ڀر ۾ گهر ٺاهي ويهاريو. 1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج ٺهيو ۽ واھ وهڻ بعد ملڪ آباد ٿيو ته دُٻي ۾ مهاڙي جيڪا واھ جي ڀر ۾ هئي سا صدا بهار جي نالي تي هڪ رپيه هڪ جريب جي حساب سان نيلام ٿي. امام بخش ۽ لعل بخش مهاڙي مان ويھه جريب زمين خريد ڪري لڏي وڃي واھ جي ڀر ۾ آباد ٿيا ۽ پنهنجا گهر ان پيرسن خاصخيلي عورت کي بخش ڪري ويا بعد ۾ ان پيرسن عورت پنهنجا ڪجهه مائٽ ٻاهران لڏائي اچي ويهاريا جن ۾ اسان جي وڏن جي چوڻ موجب محمد جمن خاصخيلي سر فهرست هو، بعد ۾ مٺو خان خاصخيلي ۽ بهادر علي خاصخيلي به اچي ويٺا. علائقي ۾ زمين جو ايترو گهڻو قدر ڪونه هو ۽ سستي وڪامندي هئي. دُٻي ۾ اڪثر زمينون رند قبيلي جون هيون جنهن ۾ شاھ محمد رند جون گهڻيون زمينون هيون، خاصخيلي قبيلي وارن آهستي آهستي اهي زمينون خريد ڪندا ويا ۽ مضبوط ٿيندا ويا ۽ اولهندي پاسي مٽ واري علائقي کان ڪافي گهر لڏي اچي هتي آباد ٿيا. اڄ به سندن تعلقات ۽ واسطا گهڻي کان گهڻا ڳوٺ مٽ ۽ عبدالرحيم خاصخيلي وارن سان وابسته آهن .1960 کان پوءِ وارو منظر مونکي چٽو ياد آهي سڀ خاصخيلي صرف هڪ جاءِ تي آباد هئا جٿي هن وقت صرف مکڻ جو گهر آهي باقي سڀ آبادي وڌڻ سبب پکڙجي ڪشادگي سان ويٺا آهن. خاصخيلي بردبار جفا ڪش ۽ محنتي ماڻهو آهن . سندن وڏا سرائي سائينداد خان، سرائي بهادر علي، سرائي قلندر بخش، سرائي ڪوڙل خان، ڪيهر فقير، استاد صوفي طالب علي، محمد صالح، الله جوڙيو، قابل ذڪر شخصيتون هيون. جيڪي هن وقت دنيا ۾ موجود نه آهن هن وقت خاصخيلين ۾ پيرسن ۽ سندن وڏو سرائي گل بيگ آهي ۽ وڏي عمر وارن ۾ الله ڏنو مکڻ، رحيم داد، غلام شبير، حسين بخش، محبت ۽ ميرڻ شامل آهن. جڏهن ته نوجوانن ۾ حاجي محمد بخش، علي بخش، عطا حسين، قاصد حسين، محمد جمن، مٺل، صوفي ديدار علي ۽ ٻيا شامل آهن. سرائي بهادر علي جو هڪ صدا حيات ڪارنامو دُٻي جي ماڻهن لاءِ تعليم جو تحفو آهي جنهن جو الڳ ذڪر ڪيل آهي. ۽ ياد رکڻ جهڙو آهي. مون خاصخيلن بابت ذڪر ڪيل هي سڄي معلومات امام بخش ۽ حاجي محمد صديق کان حاصل ڪئي.
    هتي هڪ ذّڪر استاد مرحوم صوفي طالب علي جو ڪندو هلان ته هي شخصيت ڳوٺ مٽ کان لڏي اچي دُٻي کي رونق افروز ڪيو هو سائين بهترين استاد ۽ محنتي هو، ارادي جو پڪو دل جو دلير، طبيعت جو شوخ ۽ جوشيلو ماڻهو هو. جڏهن کيس ڪاوڙ ايندي هئي ته سندس اڳيان ڪوبه بيهي نه سگهندو هو سڀ کان وڌيڪ اهيا ڳالهه ته تمام هوشيار استاد اديب ۽ شاعر به هو. ڪجهه وقت اسڪول دُٻي ۾ استاد حاجي محمد ڇٽل جسڪاڻي استاد غوث بخش ملاح سان گڏجي تعليم ڏنائون. سنڌي گرامر جو ماهر استاد هو تعليم جي لحاظ سان منهنجو ان سان واسطو 1971ع ۾ پيو جڏهن آءُ خيرپور ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. مون کائونس چالهه ليسن پلان ٺهرايا. سائين مونکي چيو استاد غوث بخش ظفر آباد بدلي ٿي ويو آهي مونکي انگريزي گهٽ ايندي آهي خانگي طور انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ ٻن نياڻين کي ڪجهه انگريزي سبق توهان سيکاريو ۽ ليسن پلان مان ٺاهي ٿو ڏيان. نياڻين کي ويهن ڏينهن ۾ مون انگريزي جا پندرھ سبق پڙهايا ۽ سائين مونکي چاليھ ليسن پلان ٺاھي ڏنا. تمام گهڻين خوبين جو مالڪ استاد صوفي طالب علي خاصخيلي طبيعت ناساز هئڻ ڪري ڊاڪٽر کان انجيڪشن ڪرائي. انجيڪشن جي ردعمل ڪري وفات ڪري ويو. سندس مزار دُٻي ۾ آهي سندس پٽ صوفي ديدار علي خاصخيلي مزار مٿان مقبرو ٺهرايو آهي. هر سال سندس ورسي جي موقعي تي ميلو لڳندو آهي راڳ ۽ موسيقي جي محفل ٿيندي آهي لنگر ۽ نياز به تقسيم ڪيو ويندو آهي.


    • ملاح قبيلو

    ملاح قبيلي کي ميربحر جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي جيڪو آهستي آهستي تبديل ٿي ملاح ٿيندو وڃي ٿو. دُٻي ۾ ملاح قبيلي جي آباد ٿيڻ جي شروعات 1940ع کان ٿي. هن وقت اٽڪل پندرهن کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل استاد غوث بخش ملاح جي نالي تي هڪ خوبصورت مقام تي محلو آهي استاد غوث بخش ملاح جي هٿ جي لکيل تحرير مون وٽ موجود آهي جنهن ۾ سائين لکيو آهي. ““ اپريل 1940ع ۾ قد جو پورو پنو، بت ۾ گهاٽو، ڳاڙهي ڏاڙهي، ٻن اٺن تي لڏو کڻي، ٻن ڇوڪرن ۽ گهرواري سميت ناري تعلقه جي ڳوٺ ڦاڙهيارو مان هجرت ڪري دُٻي جي تر ۾ ميرواھ هي ڪپ تي رئيس بلاول شر جي زمين لڳ اچي ويٺو. اهو شخص هو ماھ رخ ملاح عرف محمد بخش ملاح.روزگار لاءِ ٻيڙي ميرواھ تي جهلي گذارو ڪرڻ لڳو. وڏن جي چوڻ موجب غيرتمند مرد وڏي رمز وارو عقل جو اڪابر هو. رئيس ميهر خان جسڪاڻي سان سندس واقفيت ۽ سنگت هئي. ميرواھ ڪئنال تي پتڻ جي ضرورت هئي. انهن نياپو ڪري کيس گهرائي ورتو””
    ماھ رخ ملاح کي عرف عام ۾ مارخ فقير ڪري چوندا هئا. بحرحال جئين ۽ جڏهن به ملاح دُٻي ۾ آيا دُٻي جي ماڻهن لاءِ علم جي لاٽ ٿي آيا ڇو ته هن فقير جي پٽ استاد غوث بخش تعليم حاصل ڪئي ۽ ان وقت استاد ٿيو جڏهن دٻي ۾ تعليم نه هئي ۽ دُٻي ۾ تعليم جي شمع روشڻ ڪئي. (راقم الحروف) جو استاد هو اهي هن وقت هن دنيا ۾ موجود نه آهن سندن مغفرت لاءِ الله تعالى کان دعاگو آهيون. وڏن جي چوڻ موجب ميهر خان جسڪاڻي ميرواھ تي پتڻ جي سهولت لاءِ انهن کي گهرائي مستقل آباد ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو. بعد ۾ ڪجهه ٻيا عزيز پڻ لڏي اچي ويٺا جن ۾ پنڃل فقير، صديق فقير، ۽ ٻيا شامل آهن. 1960ع کانپوءِ جڏهن مونکي هوش آيو مون ملاحن جا گهر جتي هن وقت ويٺا آهن ان کان تقريباً چار پنج سو وال اتر طرف هڪڙي دڙي تي ڏٺا. جتي هن وقت واري جي اها دڙي موجود نه آهي بلڪه زمين آباد آهي بعد ۾ اتان لڏي موجوده هنڌ مستقل طور آباد ٿي ويا. استاد غوث بخش تعليم جو چرچو شروع ڪري ڏنو نه رڳو اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندو هو پر شام جو سندس ننڍڙي اوطاق ۾ پڻ شاگرد رهائي پڙهائيندو هو آءُ خود سندس اوطاق ۾ رهي ان وٽ تعليم حاصل ڪئي. سندس ذهانت جي ڪري پري پري تائين سندس واکاڻ جو دائرو هو. رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ سندس ذهانت ڪري هتان ظفرآباد فيض گنج بدلي ڪرائي ويندو هو. بحرحال استاد صاحب جتي به رهيو علم جي شمع روشن ڪئي.
    هر انسان کي ڪجهه ڳالهيون هميشه لاءِ ياد رهجي وينديون آهن ملاحن جي حولي سان هڪ ڳالهه مونکي به اهڙي ياد آهي جيڪا هتي تحرير ڪريان ٿو اسان منجهند کان پوءِ روزانو استاد غوث بخش ملاح وٽ اوطاق ۾ پڙهندا هئاسين. اوطاق جي اڳيان هڪ ننڍي مسجد هئي جيڪا هن وقت تعمير ٿيل شاندار مسجد آهي. پنڃل فقير ملاح هڪ نيڪ صفت انسان هو. جنهن جي اسان جي وڏن سان به بيحد محبت هئي. ان مسجد ۾ ٻن پهرن جي نماز پڙهڻ لاءِ پاڻي جو وڏو ڪونئرو ڀري اچي وضو ڪندو هو. بچيل پاڻي اتي پوکيل نازبو جي ٻوٽي کي ڏيندو هو کيس کنگهه جي بيماري هئي وضو ڪندي کيس کنگهه اچي ويندي هئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ کنگهه م ٻڏي ويندو هو. جڏهن کيس کنگهه ڇڏي ويندي هئي ۽ هوش ۾ ايندو هو ته کنگهه کي مخاطت ٿيندي چوندو هو هڪ ڏينهن پاڻهي ڇڏي وينديءِ، سڏ ڪرڻ سان به سڏ نه ڏينديءَ. انهن لفظن کي وري وري دهرائيندو هو. اهو به لکندو هلان ته ان نيڪ صفت انسان وفات کان اڳ وصيت ڪئي هئي ته مونکي ناري ڪبير شاھ جي قبرستان ۾ دفن ڪجو. سندس وفات کانپوءِ منهنجو والد صاحب سندس عزيزن سان گڏ کيس کڻائي اتي دفن ڪرائي آيو هو.
    مونکي سڀ ڪجهه ياد آهي ملاحن ۾ هن دنيا کي رخصت ڪري ويندڙ پڃيل فقير، محمد صديق فقير، عبدلمجيد، غلام حسين، کبڙ، جمالاالدين، غلام قادر ۽ استاد غوث بخش ڄڻ هن وقت به نظرن اڳيان بيٺا آهن. هن وقت استاد گل حسن ملاح ۽ جنسار حسين ملاح سندن محلي جا وڏا آهن. دُٻي ۾ ملاحن جي زمين نه آهي پر سندن روزگار جو ذريعو تعليم کاتي ۾ نوڪريون ڪرڻ ۽ باقي مزدوري ۽ واپار به ڪن ٿا. شروع کان وٺي شريف ۽ غير مُتنازيه ماڻهو آهن. استاد غوث بخش جا ٻه پٽ اعلى عهدن تي آهن ۽ ڪجهه خيرپور شهر ۾ رهن ٿا. دُٻي کان ٻاهر سندن واسطا نارو، ٺڪراٺو، حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻين جاين تي ملاحن سان آهي.
    استاد غوث بخش ملاح جيڪو منهنجو استاد هو ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن جي باري ۾هٿ جي لکت ۾ ““ماڳ جا موتي”” ۾ پنهنجو اظهار ڪيو اٿس. جيئن آءُ هي ڪتاب ۽ استاد صاحب بابت ڪجهه لکيو آهي تنهن ڪري سائين جيڪو منهنجي لاءِ لکيو آهي هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس تحرير اکر به اکر هيٺ لکان ٿو.
    ““مسٽر عطا محمد ولد حاجي عبدالله جسڪاڻي 1954ع ۾ ڄائو هو. جڏهن اسڪول جهڙو ٿيو ته منهنجي استادي نصيب ٿيس. ننڍي کانئي سٻاجهو ۽ فرمانبردار هو. مون به کيس پيار ۽ حب سان سنڌي کان پوءِ انگريزي شروعاتي ڪلاس پڙهايا. 1970ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ان بعد پرائمري استاد ٿيا. پرائيويٽ محنت ڪري (ايم اي، بي ايڊ) جهڙا وڏا امتحان پاس ڪيائين 1989ع ۾ کيس HST اسڪيل مليو. هينئر پاڻ انگريزي سينئر استاد آهن. محنتي ۽ جفا ڪش استاد آهي هن سال 1990ع ۾ پنهنجي ماڳ جي اسڪول ۾ خدمت ڪري رهيا آهن منهنجي شاگردن ۾ پهريون استاد پندرھ اسڪيل ۾ ٿيو آهي. جنهن تي مونکي فخر آهي سٺو استاد ۽ سٺو ڄاڻو آهي. اميد آهي ته هي پنهنجي ڳوٺ جي خدمت ڪرڻ ۾ سٺو ثابت ٿيندو.
    دل جــــــا ڪشــــــادا ۽ سٺــــــا جــــــــن دمــــــــاغ
    مــــاڳ جــي مٽي تي ســــــي برسائيندا بـــــــــاغ
    هاڻـــــــي دلين جا داغ مٽجي ويندا ملاح چــــوي.


    • زراعت فصل

    انسان کي اڄ نه پر هزارين سال اڳ کان خبر آهي ته زندگي جو بقا پاڻي سان آهي. اهو پاڻي جيڪو قدرتي چشمن درياھن ندين، نهرن ، ۽ ڍنڍن جي صورت ۾ آهي سو نه رڳو ساھ وارن جي اڃ اجهائي ٿو پر فصلن، ٻنين ۽ باغن کي به سيراب ڪري ٿو. نه رڳو پر دنيا جي مير ۽ گند کي صاف ڪري ٿو. خوشگوار ماحول پيدا ڪري ٿو. جٿي هي نعمت آهي اتي وڏي خوشنصيبي آهي. ان لحاظ سان اسان جي ماڳ سان به الله جي اهڙي ڀلائي آهي جو زراعت ۽ فصلن لاءِ هڪ سدا وهندڙ واھ وهي ٿو ۽ ڌرتي آباد ڪري ٿو جنهن ڪري فصل اپايا وڃن ٿا. جيئن جو اسان وٽ پاڻي ٻنهي مندن سيارو توڙي انهارو ۾ وهي ٿو تنهن ڪري ربيع توڙي خريف جا فصل عمده ٿين ٿا. هتان جي زمين تمام ڀلي زرخيز نرم ۽ سم ڪلر کان آجي آهي تنهن ڪري هتي هر فصل سبزيون ۽ باغات ٿين ٿا. تاهم فصلن ۾ اڪثر اهي فصل ڪاهيا وڃن ٿا جن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ربيع ۾ ڪڻڪ ۽ خريف ۾ ڪپھ جو فصل عام ٿئي ٿو. ڪڻڪ خوراڪ طور ۽ ڪپھ ناڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وڃي ٿي ان کان علاوه باغات ۾ انب، کجي، زيتون، ڪيلا، ٻير، ڦاروا، وغيره جڏهن هر قسم جي سبزي پن اپائي ويندي آهي. چوپائي مال جي چاري جي لاءِ گاھ طور برسيم، گوار، ۽ جوئر پوکي ويندي آهي هن کان اڳ اهو به ٻڌائيندو هلان ته 1960ع ۽ 1970ع جي دوران جڏهن آبادي مختصر هوندي هئي ۽ ڪڻڪ اڻلڀ هوندي هئي تڏهن هن سڄي علائقي ۾ جوئر جو فصل عام جام ٿيندو هو ۽ جڏهن آبادي وڌي ته ان جي پورائي لاءِ ڪڻڪ جو فصل عام ٿي ويو ۽ ڪڻڪ جون اعلى گهڻي پيداوار ڏيڻ واريون جنسون حڪومت طرفان متعارف ڪريون ويون.
    مونکي انهن سڀني حوالن سان هڪ ياد آهي جيڪا اڄ به ياد پوندي آهي هتي مختصر طور بيال ڪريان ٿو. جڏهن يادن جو ذڪر آيوآهي ته هڪ ڳالهه لکندو هلان جنهن جو واسطو ياد سان به آهي، ۽ ان وقت سان به آهي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ تبديليون به آڻِيندو آهي ۽ اسان جي زندگي سان پڻ وابسته آهي اسان جڏهن به ننڍا هوندا هئا سون ته ڪڻڪ جي فصل ۾ هڪ ٻوٽو ڦٽندو هو جنهن کي ماڻهون بصرو ڪري ڪوٺيندا هئا ڇو ته بصر وانگر اهو ته ايترو ته گهڻو ٿيندو هو جو ڪڻڪ جو فصل مارجي ويندو هو وقت گذرڻ سان گڏ سندس وجود ئي ختم ٿي ويو ان بعد وري هڪ ٻيو ٻوٽو نمودار ٿيو جنهن کي انڌڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ڪجهه سالن بعد ان جو به وجود ختم ٿي ويو وري هڪ ٻيو ٻوٽو ميدان تي اچي ويو جنهن جو نالو وڻ ويڙهي هو جنهن کي جانور به شوق سان کائيندا هئا خريف جي فصل ۾ ايتري ته وڏي ول هوندي هئي جو ٻه يا ٽي ٻوڙا پٽڻ سان گاهه جي ڀري ٿي ويندي هئي، ڪافي سالن بعد اهو گاهه به ختم ٿي ويو ۽ ٻيو گاهه وجود ۾ اچي ويو جيڪو ربيع جي فصل ۾ ٿيندو هو جنهن کي سنجهه سڏيو ويندو هو، جنهن جو وجود اڄ به ڪٿي ڪٿي ٿوري انداز ۾ ملي ٿو اوج ماڻڻ بعد اهو گاهه به ختم ٿيندو ويو، وري هڪ نئون گاهه نمودار ٿيو جنهن کي ندو يا ناڙو ڪري ڪوٺبو هو جيڪو خريف جي موسم ۾ ٿيندو هو تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو هو پر وقت ان کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڄ به ڪٿي ڪٿي سندس نشان ملن ٿا بحرحال ڪافي ٻوٽا زمين ۾ اڀريا ۽ ختم ٿي ويا، پر اڄ ڪلهه جيڪو ٻوٽوعام آهي ان کي،ڪامهه ڪري چون ٿا جيڪو جهرجهنگ زمين توڙي رستا ۽ ڪڙيا هجن عام ڏسڻ ۾ ايندوآهي اهڙِي طرح هي هڪ قدرتي نظام آهي، هڪڙن جو فنا ۽ زوال آهي ۽ ٻين جو وجود آهي.


    • دُٻــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ۾ تعليم

    1950ع کان اڳ ۾ ڳوٺ دُٻي ۾ ڪا به تعليم نه هئي پوري ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو استاد حاجي محمد ڇٽل پڙهيل ۽ استاد هو. جيڪو اسڪول عثمان رند ۾ نوڪري ڪندو هو ان وقت دُٻي مان تمام ٿورا ٻار عثمان رند ۾ پڙهڻ لاءِ ميرواھ مٿان بيٺل ٻيڙي تان ٽپي دُشوار رستو پار ڪري ويندا هئا. جيڪي صحيح طرح تعليم حاصل نه ڪري رهيا هئا. ان وقت دُٻي ۾ تمام ٿورا گهر ۽ مختصر آبادي هئي روڊ رستا نه هوندا هئا تعليم کاتي جون سڀ آفيسون ضلعي هيڊ ڪواٽر خيرپور ۾ هيون جتان پوري ضلعي کي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. آفيسرن جو اچڻ وڃڻ صرف واهن جي بندن وسيلي ٿيندو هو. مونکي پنهنجن وڏن حاجي محمد صديق، امام بخش خان ۽ منهنجي والد صاحب بلڪه اڃا به علائقي جي گهڻن ماڻهن دُٻي واري اسڪول جي ڪهاڻي بڌائيندي چيو ته 1952ع ۾ هڪ ڏنهن تعليم کاتي جو وڏو عملدار جناب الله ڏتو کورکاڻي بلوچ صاحب خيرپور کان ٺري دوري تي آيل هو. جڏهن اهيا خبر دُٻي جي هڪ باشندي بهادر علي فقير خاصخيلي کي پئي ته هن چند ٻار گڏ ڪري بلوچ صاحب جي واپسي واري رستي ميرواھ جي بند تي آڏو هيٺ اچي ويهي رهيو ۽ تعليم کاتي جو آفيسر جڏهن آيو ته نهايت عاجزي واري حالت ۾ بهادر علي فقير کيس عرض ڪيو ته سائين اسان کي هڪ ننڍڙو اسڪول ۽ هڪ استاد مقرر ڪري ڏيو ته جيئن اسان جا ٻار الف ب لکي ۽ پڙهي سگهن. اسان ٻار واھ جي هُن ڀر موڪلي نه ٿا سگهون ڇو ته متان اسان جا ٻار واھ ۾ ڪري ٻڏي وڃن. عثمان رند وارن جي سخت مخالفت جي باوجود بلوچ صاحب کي رحم آيو ۽ واھ ٽپي دُٻي ۾ آيو. اتان جا حالات ۽ ماڻهن جي عاجزي ڏسي اسڪول کولڻ جي منظوري ڏني. خيرپور وڃي اسڪول جي منظوري جو حڪم جاري ڪيائين ۽ استاد مرحوم محمد مٺل سوڍڙو پهريون استاد هو جنهن کي اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ ۾ 1952ع کان علم جو چرچو شروع ٿي ويو. هوڏانهن ٻاهر جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهي آيل شاگردن کي به ماستري جا آرڊر مليا. جن ۾ استاد غوث بخش ملاح ۽ حسن بخش جسڪاڻي هئا. پر في الحال انهن کي ٻاهر ناري تعلقي ۾ مقرر ڪيو ويو. اسڪول دُٻي ۾ تعليم ڪجهه ترقي ڪئي جو هڪ مان ٻه استاد اسڪول ۾ مقرر ڪيا ويا پر ٻاهر جا ڪڏهن رندن جا ته ڪڏهن سوڍڙن جا استاد ايندا هئا.
    1958ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو ته آءُ پنهنجن وڏن ڀائرن سان گڏجي اسڪول ويندو هوس پر پڙهڻ جي اڃا خبر نه هئي 1958ع استاد حاجي محمد ڇٽل جنهن کي عرف عام ۾ استاد وڏو ڪري چيو ويندو هو. بدلي ڪري دُٻي ۾ مقرر ڪيو ويو. استاد وڏي مونکي 1959ع ۾ جنرل رجسٽر جي نمبر 81 تي داخل ڪيو هي نمبر اڳتي هلي هڪ رڪارڊ طور ان ڪري مشهور آهي جو آءُ اسڪول دُٻي جو پهريون شاگرد آهيان جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ڪاليج پڙهي استاد ٿي دُٻي ۾ نوڪري ڪري اتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. ان کان اڳ جو ذڪر ڪجي ته 1960ع کان پوءِ استاد غوث بخش ملاح به بدلي ڪرائي دُٻي پهچي ويو. جن اچي اسان کي پڙهايو هن عرصي دوران استاد گل حسن ملاح، محمد صادق جسڪاڻي، ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي بخش به نوڪري ۾ اچي ويا. اسان جو ڳوٺ تعليم جي لحاظ کان اڳتي اچي ويو ۽ آهسته آهسته تعليم عام ٿي وئي مان اڃان اسڪول ۾ شاگرد هوس ته اسڪول ۾ پنهنجي ڳوٺ جا استاد مقرر ٿي ويا. جن تمام گهڻي محنت ڪئي، انگريزي اسڪول ٺري ۽ بوزدار وڏا ۾ هئا. تنهن ڪري تعليم پرائمري کان مٿي نه پئي هلي سگهي. استاد غوث بخش کي سدائين اهيو خيال رهندو هو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائي وڃي. ان سلسلي ۾ استاد صاحب جون ڀلايون جو مونکي منهجند کان پوءِ سندس اوطاق ۾ پڙهائيندو هو منهنجي ريس تي ٻين ڇوڪرن به مونسان گڏ استاد وٽ پڙهڻ شروع ڪيو اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ ۾ انگريزي جي تعليم به شروع ٿي وئي 1970ع کان پوءِ استاد حاجي محمد ڇٽل رٽائر ٿي ويو. اسڪول استاد غوث بخش جي نگراني ۽ لوڪل استادن جي محنت رنگ لاتو جو 1972ع ۾ مونکي به نوڪري جو آرڊر ملي ويو ۽ دُٻي استاد غوث بخش ملاح صاحب کي به انگريزي پڙهائڻ جي اجازت ملي وئي. ان سان گڏ 1974ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول دُٻي به منظور ٿي ويو، هاڻي بوائز کان علاوه گرلس جي تعليم به شروع ٿي وئي 1974ع ۾ منهنجي بدلي به دُٻي اسڪول ۾ ٿي آئي ۽ استاد غوث بخش جو مددگار ٿي انگريزي تعليم کي وڌايو سين. هاڻي دُٻي ۾ تعليم عام ٿي وئي. هن موقعي تي اسان جي تعليم کي سخت ڌچڪو آيو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ اهم استاد نهايت اعلى شخصيت استاد محمد صادق جسڪاڻي 1975ع ۾ وفات ڪري ويو. سڄو ڳوٺ ڄڻ سوگوار ٿي وياسين 1976ع ۾ اسان جو اسڪول برانچ مڊل اسڪول منظور ٿيو ۽ اٺين جماعت تائين تعليم حاصل ٿي رهي هئي. سٺا سٺا نوجوان تعليم ۾ اڳتي اچي ويا ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ هڪ قسم جو نکار نظر آيو. اسان جي ڳوٺ جا شاگرد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. ڳوٺ جي شاگردن کان علاوه ٻاهر ناري ۽ روهڙي تعلقي جا شاگرد به دُٻي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. 1980ع ۾ اسان جي اسڪول ۾ ٻارهن استاد تعليم ڏئي رهيا هئا هن ئي عرصي دوران عبدالستار جسڪاڻي، محمد بخش خاصخيلي کي به نوڪري ملي وئي هن موقعي تي سينئر استاد غوث بخش ملاح، حسن بخس جسڪاڻي، ۽ بهادر علي جسڪاڻي رٽائر ٿي ويا. استادن جو تعداد اڃان به وڌڻ لڳو 1987ع ۾ وڌيڪ ڳوٺ جا ماڻهو نوڪري ۾ آيا جن ۾ محمد ابراهيم، جميل احمد، قاصد حسين خاصخيلي، دوست محمد جسڪاڻي، قطبالدين جسڪاڻي، ۽ منظور ملاح به استاد ٿي ويا. غلام محي الدين جسڪاڻي اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر ۽ خادم علي سومرو نيشنل بينڪ ۾ آفيسر ٿي ويو، جيڪو پڻ دُٻي ۾ پڙهيو هو، 1989ع ۾ منهنجو پروموشن ٿيو ۽ پرائمري مان هاءِ اسڪول ٽيچر ٿي دُٻي ۾ هيڊ ماستر ٿيس. اسان جو اسڪول اڃان برانچ مڊل اسڪول طور هلي رهيو هو. قاصد حسين خاصخيلي اسڪول کي پڪو مڊل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس ڪوشش رنگ لاتو ۽ 1998 ۾ پڪو مڊل اسڪول منظور ڪرايو، اهڙي طرح سينئر استادن جي رٽائرمينٽ ۽ نون استادن جي مقرري جو سلسلو به جاري رهيو. ادا علي بخش ۽ گل حسن ملاح رٽائر ٿيا ۽ ڪيترائي نوان استاد مقرر ٿيا، جن ۾ ظفر علي جسڪاڻي، ذاڪر ملاح، ولي محمد ملاح، علي راض ملاح، علي بخش خاصخيلي ۽ منهنجي نياڻي به پرائمري استاد ٿي. هاڻي ڳوٺ ۾ مڪمل طور نوجوان تعليم يافته هئا. تعليم کاتي کان سواءِ ڳوٺ مان تقريباً 80 نوجوان فوج ۾ ڀرتي ٿيا، 20 نوجوان پوليس ۾ ڀرتي ٿيا. اهيو سڀ تعليم حاصل ڪرڻ جو نتيجو هو. حڪومت طرفان دُٻي ۾ اسڪولن جون بلڊنگس جو ٺهڻ شروع ٿي ويو. پرائمري سان گڏ 2003ع ۾ مڊل اسڪول جي بلڊنگ ٺهي 2012ع ۾ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ٺهي ملي. هن وقت دُٻي ۾ گرلس پرائمري اسڪول جون ٻه بلڊنگون آهن. بوائز پرائمري جون ٽوٽل پنج بلڊنگون آهن. جڏهن ته بوائز مڊل ۽ هاءِ اسڪول جون بلڊنگون آهن. قاصد حسين خاصخيلي جيڪو استاد پڻ آهي وڏي جدوجهد کان پوءِ ڪراچي مان هاءِ اسڪول منظور ڪرايو جيڪو اڄ ڪلهه ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. هن وقت ڳوٺ دُٻي جا پڙهيل نوجوان ڪراچي، حيدرآباد، ۽ اسلام آباد تائين سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه دُٻي جا ست استاد هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ ويھ استاد پرائمري ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڳوٺ ۾ ستر سيڪڙو نوجوان تعليم يافته آهن.


    • دُٻــــــــــي مان رٽائر ٿي ويل استاد

    1970ع کانپوءِ اسڪول دُٻي ۾ پڙهائڻ دوران جيڪي استاد پرائمري توڙي انگريزي جا رٽائر ٿيا انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

    1؛ استاد حاجي محمد ڇٽل جسڪاڻي
    2؛ استاد غوث بخش ملاح
    3؛ استاد حاجي حسن بخش جسڪاڻي
    4؛ استاد حيدر علي سومرو
    5؛ استاد غلام الله شر
    6؛ استاد شوڪت علي ڀنڀرو
    7؛ استاد بهادر علي جسڪاڻي
    8؛ استاد نهال الدين ٽالپور
    9؛ استاد علي بخش جسڪاڻي
    10؛ استاد صوفي طالب علي خاصخيلي
    11؛ استاد گل حسن ملاح

    ماشاالله هن وقت ڳوٺ دُٻي ۾ مختلف جاين تي ٽي گرلس پرائمري اسڪو، ٽي بوائز پرائمري اسڪول ۽ هڪ بوائز هاءِ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن. هتي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته عام ماڻهن جي صحت لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ وڏي اسپتال حڪومت طرفان ٺهرائي وئي آهي. جنهن ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهي. جيڪو ماڻهن جو علاج ڪري ٿو.


    • ماڳ ۾ مسجدون

    اسان جي ڳوٺ دُٻي ۾ هن وقت عبادت ڪرڻ لاءِ 10 مسجدون آهن. جن ۾ چار جامع مسجدون آهن. جن ۾ جمعو نماز پڙهي وڃي ٿي. ان کان علاوه ٽي عيد گاهون آهن جتي عيد نماز پڙهي ويندي آهي. هتي فقيه جعفريه ۽ اهلسنت جا فرقه آهن. جيڪي پنهنجن پنهنجن عبادت گاهن ۾ عبادت ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪندا آهن بلڪه مذهبي هم آهنگي آهي.


    • علائقـــــــــــــــي جي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي حالت

    علائقي جا ماڻهو مالي لحاظ کان خوش آهن هتان جون زمينون تمام ڀليون ۽ سٺي پيداوار ڏيندڙ آهن آبپاشي نظام به بهترين آهي. تنهن ڪري مالي لحاظ کان ماڻهو خوشحال آهن. البته مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ۽ ماڻهن جي آباد وڌڻ سبب ڪجهه وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا. جنهن ڪري ڪافي ماڻهو غربت جي لڪير ۾ به آهن. تاهم هتان جا ماڻهو پندرھ کان ويھ سيڪڙو نوڪرين ۾ آهن تنهن ڪري ٻاهران ڳوٺ ۾ پئسو ته اچي ٿو پر مهانگائي سبب واضع طور ماڻهن جي ترقي گهٽ نظر اچي ٿي. جنهن جو واضع ثبوت اهيو آهي ته ماڻهو جن سادن گهرن ۾ رهن ٿا ڪافي سالن گذرڻ جي باوجود انهن ۾ ڪا خاص تبديلي نه آهي. دنيا وانگر هتي به ٻن قسمن جا ماڻهو آهن هڪڙا محنت ڪن ٿا ۽ پورهيو ڪري سٺو وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ٻيا وري سست ۽ عياشي ڪندڙ آهن. جنهن ڪري توازن درست نه ٿو رهي. تاهم موبائيل فون جي استعمال ڪري منفي اثرات ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موبائيل فون وقت جي اهم ضرورت ته ضرور آهي پر ان جو نوي سيڪڙو غلط استعمال ٿيڻ ڪري ننڍو نسل ذهني توڙي مالي يا سماجي لحاظ کان تباھ ٿي رهيو آهي موٽر سائيڪل جو به فضول ۽ حد کان وڌيڪ استعمال صحت ۽ معيشت کي تباھ ڪري ٿو. مختصر طور آءُ صرف هڪ ڳالهه ڪندس ته هتي هڪ ڪمائڻ واري جي پويان سراسري طور پنج ماڻهو صرف خرچ ڪرڻ وارا آهن. خاصخيلي قبيلي جا ماڻهو محنتي ۽ جفا ڪش آهن. سندن زمين تي محنت ٿيڻ ڪري فصل سٺو ۽ پيداوار به سٺي حاصل ٿئي ٿي. چوپايو مال ٻڪريون مينهون ۽ ڳئون ڌارڻ سان به علائقي جي ماڻهن جي آمدني وڌي ٿي ۽ کير ۽ لسي به پنهنجي ٿئي ٿي. ان کان علاوه عورتون گهرو هنر جهڙوڪ رليون، ڇٻيون، تڏيون وغيره ٺاهي ناڻو ڪمائن ٿيو ۽ مرد مزدوري به ڪن ٿا ۽ فصل به پوکن ٿا.
    سماجي لحاظ سان به ماڻهو عام رواجي آهن. هڪ ٻئي سان سندن تعلقات سٺا آهن البته ماڻهن ۾ عياشي ڪجهه وڌيڪ آهي اگر ڳوٺ ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو موٽر سائيڪل ورتي ته قرض کڻي قسطن تي وڌيڪ وياج ڀري موٽر سائيڪل ضرور وٺبي. اگر ڪنهن ماڻهو سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا ته ٻيا ماڻهو به نقصان ڏانهن نه ڏسندا ۽ اهو ڪم ڪندا. بحرحال اهي ماڻهو سٺا آهن جيڪي نيڪ ڪمن لاءِ ريس ڪن ٿا. دنيا جي دستور موجب هتي به هر قسم جا ماڻهو آهن سراسري طور ماڻهو پر امن ۽ هڪ ٻئي جا خيرخواھ آهن پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي مفاد خاطر پردي پويان بيهي ٻين کي نقصان به ڏين ٿا. ماڻهو شادين توڙي غمين جي ميڙاڪن ۾ شامل ٿين ٿا. جهيڙا جهٽا به ٿين ٿا جيڪي معاشري جو حصو آهن.


    • اگهن جو چـــــــــــــــارٽ

    مختلف وقتن تي هر شيءَ جا اگهه تبديل ٿيندا رهندا آهن. اسان جي زندگي دوران هر شيءَ جي زندگي دوران هر جي اگهن ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن، اڄ کان ڪافي وقت اڳ ۾ شين جا اگهه گهٽ هئا. آبادي جي اضافي مسئلن جو وڌڻ ۽ وسيلن جي گهٽجڻ جي ڪري اگهن ۾ ڦير ڦار ايندي رهندي آهي. منهنجي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن سان گڏ مون ڪجهه استاد غوث بخش ملاح صاحب جي لکيل تحرير وسيلي گذريل وقت ۾ شين جي اگهن بابت معلومات حاصل ڪئي آهي جيڪا هتي لکان ٿو ته مختلف وقتن تي اگهه ڪهڙي سطح تي هئا.

    نالو 1950ع 1960ع 1970ع 1980ع 1990ع
    ڪڻڪ 8 رپيه مڻ 20 رپيه مڻ 35 رپيه مڻ 50 رپيه مڻ 100 رپيه مڻ
    ڦٽيون 12 رپيه مڻ 25 رپيه مڻ 40 رپيه مڻ 100 رپيه مڻ 300 رپيه مڻ
    ٻڪر ٻه رپيه کان چار رپيه 8 کان 10 رپيه 30 رپيه 100 رپيه 300 کان 600 رپيه
    ٻڪري 15 رپيه 25 رپيه 40 رپيه 250 رپيه 1000 کان 2000
    ڳئون 40 رپيه 70 رپيه 800 رپيه 1000 رپيه 3000 کان 4000
    گهه ديسي 1 رپيه سير 4 رپيه سير 10 رپيه سير 30 رپيه ڪلو 50 رپيه ڪلو
    گوشت 12 آنا سير 1 رپيه سير 5 رپيه سير 15 رپيه ڪلو 30 رپيه ڪلو
    ڪڪڙ ديسي 8 آنا ڏيڍ رپيه 4 رپيه 15 رپيه 25 رپيه
    سون ستر رپيه تولو 100 رپيه تولو 3000 رپيه تولو 1000 رپيه تولو 3000 رپيه تولو
    چاندي هڪ رپيه تولو 2 رپيه تولو 5 رپيه تولو 15 رپيه تولو 40 رپيه تولو
    ڪپڙو بافتو 8 آنا وال 1 رپيه وال 3 رپيه وال 6 رپيه ميٽر 15 رپيه ميٽر
    ڪپڙو هرک 1 رپيه وال 2 رپيه وال 5 رپيه وال 15 رپيه ميٽر 28 رپيه ميٽر
    موٽر سائيڪل ............................... ....................... ......................... 12000 رپيه 30000 رپيه
    ڪار ................................. ......................... ......................... 80000 رپيه 135000 رپيه
    کنڊ ................................ ........................ .......................... ........................... 11 رپيه ڪلو
    گهه دڪان وارو ..................................... ...................... .............................. ............................ 20 رپيه ڪلو
    استاد جي پگهار 45 رپيه 60 رپيه 120 رپيه 750 رپيه 1000 رپيه


    • پيرن ۽ فقيرن جو درگــــــــــاهون

    دُٻي جي پسگردائي ۾ پيرن ۽ فقيرن جون درگاهون به آهن جن مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

    1؛ جمال شاھ
    ڳوٺ دُٻي کان ٻه يا ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ريگستان ۾ جمال شاھ نالي هڪ درگاھ آهي ٻه مزارون آهن انهن مٿان هڪ چو ڪنڊي ٺهيل آهي سندس ڀر ۾ هڪ وڏي ڍنڍ جمال شاھ جي نالي تي مشهور آهي سندس پاڻي کارو هجڻ ڪري ماڻهو چمري جي بيماري کان تڙ ڪرڻ ايندا آهن ۽ شفاياب ٿي ويندا آهن. جمال شاھ بابت ڪابه تاريخ وغيره ڪانه آهي هڪ غمنام ڪهاڻي آهي 1960ع ڌارا اسان پاڻ ڏٺو هو ته هتي هر مهيني جي پهرين سومر تي ميلو لڳندو هو. دڪان ٺهندا هئا ۽ ملاکڙو به ٿيندو هو جنهن جي سرپرستي استاد مرحوم محمد رمضان سومرو ڪندو هو ۽ پهلوانن کي انعام ڏيندو هو. پر آهستي آهستي ميلي وارو سلسلو ختم ٿي ويو. علائقي جا مهراڻي ۽ ويسر قبيلي جا ماڻهو اتي مُجاور آهن.

    2؛ صوفي طالب علي خاصخيلي
    دُٻي جي ڳوٺ ۾ واقع هي درڳاھ آهي سندس مزار مٿان سندس پٽ صوفي ديدار علي هڪ خوبصورت مقبرو ٺهرايو آهي. صوفي طالب علي استاد، اديب، شاعر، ۽ صوفي فقير هو. 1986ع ۾ سندس انتقال ٿيو. هر سال سندس مزار تي ورسي ملهائي ويندي آهي راڳ ويراڳ ٿيندو آهي.

    3؛ وريل شاھ بخاري
    پير وريل شاھ ميرواھ جي اولهندي پاسي دُٻي کان سامهون هڪ زيارت گاھ آهي وڏن جي چوڻ موجب هڪ قديمي پير آهي. سندس مزار مٿان مقبرو ٺهيل آهي هن پير بابت لکيل ڪا به تاريخ نه آهي سندس ٻاهران وڏو مقام آهي. درڳاھ تي سيال ۽ جسڪاڻي قبيلي جا ماڻهو مجاور آهن ابراهيم فقير کان پوءِ فقير غلام حسين جسڪاڻي ۽ هاڻي علي بخش فقير سندس مجاور آهي. هتي هر سال ننڍو ميلو لڳندو آهي.

    4؛ حاجن علي شاھ
    سيد حاجن علي شاھ جي درڳاھ دُٻي جي سامهون ميرواھ جي اولهندي ڀر ڳوٺ هاشم گوپانگ ۾ آهي. هن پير کي وصال ڪئي تقريباً ستر يا اسي سال ٿيا آهن. اسان جي وڏن جي چوڻ موجب هي پير وڏي دهشت ۽ ڪرامت وارو پير هو. گوپانگ سندس مجاور آهن، هتي هر سال ميلو لڳندو آهي.
    5؛ فقير غلام حيدرگودڙيو ۽ فولاد فقير
    هي ٻئي بزرگ صوفي فقير شر قبيلي سان واسطو رکن ٿا فقير غلام حيدر کي ڪنهن مرشد جي دعا سان اعلى مقام مليو جڏهن ته فولاد فقير هڪ درويش ۽ ذهانت ۾ وڏو عالم هو فارسي جي تعليم ۾ مهارت رکندڙ هو ۽ فارسي ۾ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. ٻنهي بزرگن جون الڳ الڳ درگاهون ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ آهن. غلام حيدر گودڙيو جي باقائدي گادي آهي فقير سڪندر علي شر گادي نشين آهي. هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي.


    • حــــــــــــــادثاتي واقعات ۾ فوت ٿيل شخصيتون

    دنيا وانگر اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجهه پيش آيل حادثا ۽ ان جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ڪجهه شخصيتن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
    1؛ وڏيرو شهباز ڏنو جسڪاڻي
    شهباز ڏنو ولد وڏيرو يار محمد خان جسڪاڻي راڄ جو چڱو مڙس هو سريلو، سمجهدار، ۽ تعليم يافته شخص هو. سڀني خوبين سبب راڄ کيس چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌرائي حالانڪه چئن ڀائرن ۾ ننڍي مان ننڍو هو. 1980ع ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ پنهنجي ئي ٽريڪٽر تي شڪار ڪرڻ لاءِ مٿي اوڀر طرف ريگستان ويا ڪنهن سبب ڪري ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو ۽ وڏيرو شهباز ڏنو ان هيٺان اچي ويو. دوستن کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي نه سگهيو. سندس فوت ٿيڻ سبب راڄ ۾ وڏو خال پئجي ويو ان کانپوءِ سندس پڳ سندس پٽ فيض محمد خان کي ٻڌرائي وئي.
    2؛ داروغو غوث بخش جسڪاڻي
    آبپاشي کاتي ۾ نوڪري ڪندڙ داروغو غوث بخش پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ دوران 1986ع ۾ ڪوٽ بنگلو وٽ ان وقت حادثي جو شڪار ٿي ويو جڏهن هو هڪ سوزوڪي تي اچي رهيو هو. ۽ اڳيان ٻه سانھ (پاڏا) وڙهندي اچي سوزوڪي ۾ لڳا. ۽ سوزوڪي ڪلٽي ٿي وئي. ۽ اتي وفات ڪري ويو. داروغو صاحب ڊيوٽي جو پابند والدين جو فرمانبردار سچ ڳالهائڻ جي ڪري خاص طور سڃاتو ويندو هو. راڻيپور واري درگاھ جو سچو مريد هو سندس وفات ڪري راڄ هڪ اهم شخصيت کان محروم ٿي ويو.
    3؛ صوفي طالب علي خاصخيلي
    صوفي طالب علي خاصخيلي هڪ هوشيار، ذهين ۽ شوخ طبيعت وارو رٽائر پرائمري استاد هو. 1986ع ۾ طبيعت صحيح نه هئڻ سبب ڊاڪٽر کان انجيڪشن ڪرائي سئي جي ردعمل سبب انتقال ڪري ويو. سندس وفات سبب خاصخيلي قبيلي ۾ اهم شخصيت جو خال پئجي ويو.
    4؛ محمد صالح ولد ميهر خان جسڪاڻي
    محمد صالح جسڪاڻي ميرواھ ڪئنال مان هڪ ڇوڪري کي ڪلهي تي کڻي واھ مان تري پار اچي رهيو هو، ته واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، اها ڇوڪري معجزانه طور بچي وئي.
    5؛ ناري ڏانهن ڃڄ کڻي ويندڙ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ گاڏين سان ايندڙ حادثن سبب ٻه ننڍي عمر وارا ڇوڪرا ظفر ولد بيگ محمد جسڪاڻي ۽ جنسار ولد الله ڏتو جسڪاڻي پڻ فوت ٿي ويا.


    • هڪ نه وسرندڙ شخصيت

    اسان جي ڳوٺ دُٻي جي هڪ هر موڙ تي ياد ايندڙ شخصيت مرحوم محمد صادق ولد حاجي محمد ڇٽل جسڪاڻي هو. جنهن جي رهنمائي ۽ ساٿ منهنجي تعليم ۾ فائدي مند ثابت ٿي ياد ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس جنم 1944ع ۾ ٿيو، دُٻي کان ٻاهر تعليم حاصل ڪيائين 1963ع ۾ پرائمري استاد ٿيو اهل قلم وارن سان سندس دوستي جو وسيع دائرو هو. شڪل ۾ خوبصورت تمام گهڻو صبر وارو عقل ۾ اڪابر، مهمانواز ۽ هر ڪردار ۾ بهترين هو. مذهبي جماعت اهلسنت سان واسطو رکندڙ صوم ۽ صلوات جو پابند هو قوم جي تنظيم ٺاهي ڳوٺ وارن کي هڪ پليٽ فارم تي آندائين، هر ڪنهن جو خير خواھ هي شخص 1975ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات ڪري سڄي علائقي جي ماڻهن کي صدمو پهتو ۽ وڏو خال پيدا ٿي ويو. سندس والده صدمو نه سهي وفات ڪري وئي سندس نشاني سندس پٽ قطب الدين آهي.
    استاد غوث بخش ملاح سندس هم ڪلاسي دوست ۽ ساٿي هو، استاد صاحب سندس شان ۾ ڪجهه بيت چيا آهن جن مان چند بيت هتي تحرير ڪري رهيو آهيان.

    1
    اڄ تنهنجي عروج جو مون ويهي ڪيو ويچـــــــــــــــــــــــــــار
    سيبتو، سُريلو، سهڻو سواءِ ڪنهن سنـــــــــــــــــــــــــــــــــيگار
    مــــــــــــــڳ، مـــــــــيو، معتبر، هئيــــــــــــن بـــــــــلوچ بردبــــار
    ڪـــاوڙيل ڏٺم ڪــــي نه ڪــي توڙي هئين ٻروچڪو ٻــــــار
    عادي هئين عبادت جو توکـــي ڪافــــــــي هــــــــــو قــــــــــرار
    مونسان ملي هر هر هلـــــي شوقون ڪيــــــــــا شڪـــــــــــــار
    مند مٽبـــي ڪين هئــــــــــــي ڄـــــــــــڻ سدا هـــــــــــو بهـــــار
    موهر ڇڪـي موت جــــــــي ڪــــــــري وئين خــــــــان خبردار
    صدمين ۽ سورن جي ڏنئـي ججهي مــــــــــون جهونگــــــــــــار
    غوثل غــــم نه ڪــــــــــــر اهڙا ڪئـــــــــــي عشق جا آچــــــار
    ادا ملاح ڏيندئي ميــــــار جڏهن ملياســـــــــون محــــــــــــشر ۾

    2

    مرد تنهنجــــــــــــي مائٽــن ۾ هئــــــــي هاڪــــــاري هڪــــــــــل
    پدر کـــي پيــــــارو هئين جو آهـــــي حاجــــــي محمد ڇُٽـــــــــــل
    مير ســــــان محبت هئــــــي صـــــــــــــالح ســـــــــــاڻ سچـــــــــــل
    علــــــــــي مــــــردان، ابــــو هــــــــو، بيگو خــــــــــان ۽ بنگُــــــــــــل
    گل حسن نظر ســــــان نينهن هو بيشـــــــــڪ تنهن بچـــــــــــــــل
    سليمان سان سڪ هئي ســـــــاڻ سونـــــــــي صدر سيفــــــــــــــل
    ميــــوو، مٺو، مريد، مختيـــــــــار ۽ ملنگ ســــــــان محفــــــــــــــل
    لائق، شفــي، شيـــــــر، کنڊو هئي خاصـــــــــي کــــــــــل کـــــــــــل
    هــــاشم، حيدر، حسن بخش ۽ حاجـــــــــي ســـــــــان هلچـــــــــل
    مبـــــــــارڪ يــوسف ڪمــــــــــال ۽ هئــــــــــي درڻ ســــــــان دل
    رستــــــــــــم، تاجـــــــــو، طالــــــــب ۽ ڏوريــــــــو هــــــو ڏنــــــــــل
    علـــــڻ، عطا محمد، علـــــــي محمد ۽ پيـــــــــارو هو پنهـــــــــــــل
    غـلام سرور ســـــــان گڏ هئين قــــــاسم، قــــــــادر، پيـــــــــــــــارل
    سهراب، علـــــــي شير، اوبـــــــــاهيو ۽ قـــــرب هو ڪـــــــــــــوڙل
    مراد، مــــــــير حسن، ڌڻـــــــي بخش، جانـــــــــــي هو جــــــــــــــاڙل
    صديـــــــــــق توســــــــــــان ســــــــاٿ ڏنو ۽ نبــــــــــاهيو نيــــــازل
    سلـطــــــــان کـــــــــي صدمـــــــــــو رسيــــــــو ڏاڍو ڏک آ ڏتــــــــل
    قول هئا قرب جا قائم خان، ڪريم بخش، قطب سان ڪـــــــــيل
    دائـــــــــم دوســـــت مـــــحمد کـــــي درد آ ۽ پدر کــــي پـــلپـــــــل
    سڀئـــــــي تنهنجــــــا سڄــــڻ هئا پر ادا گهور اٿئـــــي غوثــــــــــل
    جــــــي تنهنجـــــا ٿــورا ٿيــــل ســـــي داخــــــل اٿـــــم دمـــــــاغ ۾


    • نـــــــــــــــــــــاز ۾ نــــــــــــــــــاز

    درحقيقت انسان هن دنيا ۾ ڪن ٿورن ڏينهن لاءِ آيو آهي ۽ هڪ اڏامندڙ پکي وانگر جيڪو ڪنهن وقت ڪنهن وڻ جي لام تي ويهي آرام ڪري وري اٿي ٻي وڻ تي وڃي ويهندو آهي ائين انسان ويچارو به ڪنهن اهڙي جاءِ تي ايندو آهي جتي هن جا اڻ واقف ماڻهو به دوست ٿي پوندا آهن جن جو هن ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هوندو. مان به پنهنجي زندگي ۾ ان پکي وانگر نوڪري ۽ روزگار جا مرحلا طئي ڪندو پنهنجي اصلي ماڳ کان بدلي ڪرائي ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان. جنهن جا ڪجهه خاص سبب آهن جيڪي يادگار طور هتي لکي رهيو آهيان پنهنجي نوڪري جا ٻٽيھ سال ڳوٺ ۾ گذاريم ۽ ان بابت تفصيل سان لکيو اٿم ليڪن نوڪري جا آخري ڪجهه سال ناز ۾ رهيو آهيان ان ڪري ان بابت به لکي ڪتاب کي خوبصورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ناز هاءِ اسڪول ۾ تقريباً نو سال ۽ ڪجهه مهينا ٿيا آهن جڏهن ته رٽائر ٿيڻ ۾ چند مهينا رهجي ويا آهن.دعا آهي الله نصيب ڪندو. ان کان اڳ جو مان ناز هاءِ اسڪول جي باري ۾ لکان ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندو هلان.
    تاريخي ناز هاءِ اسڪول ۾ مونکي نوڪري ڪرڻ جو ايترو شوق رهندو هو جيترو ڪنهن ٻار کي رانديڪي حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو آهي. ڇو ته شهر جو بهترين ماحول، اسڪول جي بلڊنگ، استادن ۽ شاگردن جو معيار، گل ٻوٽا پارڪ وغيره سڀئي ڳالهيون دل کي بي حد وڻندڙ ۽ پسند آهن. دل ۾ هميشه اهيا حسرت رهندي هئي ته پٽ وحيد علي کي هن تاريخي اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرايان. خيرپور ۾ ان وقت ڪا خاص واقفيت به ڪانه هئي. ٺري ۾ هڪ رٽائر استاد محمد صالح منگي صاحب جيڪو منهنجو محسن به هو ۽ همدرد به هو. جنهن سان ٺري ۾ اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. ان سان حال احوال اوريندي مون اهڙو ذڪر ڪيو. سائين چيو ته منهنجو پٽ امان الله ناز هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ان معرفت ڪم ٿي ويندو بحرحال هڪ نڪتو نڪري پيو. ان دوران استاد محمد صالح منگي صاحب وفات ڪري ويو. دعا آهي الله سندس مغفرت ڪري. سندس اوطاق تي استاد امان الله سان ملاقات ٿي جنهن وڏي دلچسپي سان منهنجي بدلي به ڪرائي ۽ منهنجي پٽ جي داخلا به ڪرائي ڏني. خيرپور شهر ۾ رهائش ۽ نوڪري سبب آءُ صرف گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول جو ذڪر ڪندس ڇو ته هن اسڪول ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان. ۽ هن تمام وڏي اداري سان روح جا رشتا آهن اسڪول جي رڪارڊ موجب جيڪو بلڊنگ اندر هڪ بورڊ تي خوبصورت نموني سان لکيل آهي هن اسڪول جو بنياد 1906ع ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جي حيثيت سان ٿيو. 1915ع ۾ اپگريڊ ڪري هاءِ اسڪول ڪيو ويو. 1923ع ۾ خيرپور رياست جي والي هز هائنيس مير علي نواز خان ٽالپور ناز جي نالي پٺيان ناز هاءِ اسڪول سان منصوب ڪيو ويو. موجوده ناز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ جو پيڙھ جو پٿر 1953ع ۾ ان وقت موجود هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپور (ثاني) نصب ڪيو. 1960ع ناز هاءِ اسڪول کي پائلٽ اسڪول جو درجو ڏئي گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ڪيو ويو. اسڪول جي بلڊنگ جي وڏي دروازي کان اندر داخل ٿيندي هڪ بورڊ تي انهن ماڻهن جا نالا لکيل آهن جيڪي هن اسڪول ۾ پڙهي وڏن وڏن عهدن تي پهتا آهن. 1915ع کان هن وقت تائين هيڊ ماستر صاحب جن جي آفيس ۾ ٽوٽل هيڊ ماسترن جو رڪارڊ لکيل آهي جن جو تعداد 35 آهي، 1915ع ۾ پهريون هيڊ ماستر عبدلمجيد حبيب الله درشاڻي لکيل آهي ۽ هن وقت موجوده هيڊ ماستر استاد نثار احمد ميمڻ صاحب جن آهن جيڪو تمام سٺي نموني سان انتظامي معاملا هلائي رهيا آهن. هن اسڪول ۾ هن وقت هڪ سو کان وڌيڪ استاد ۽ تقريباً 2500 کان وڌيڪ شاگرد آهن. ۽ هر هڪ ڪلاس جا ست سيڪشن آهن. هيڊ ماستر جي سجايل خوبصورت آفيس ۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽ سابق والي آف رياست خيرپور هز هائينس مير علي نواز خان ٽالپور ناز جون تصويرون لڳل آهن. مير علي نواز خان ناز جي هڪ خوبصورت وڏي تصوير اسڪول جي مکيه گيٽ اڳيان اسٽيشن روڊ تي به لڳل آهي. اسڪول جي اڳيان توڙي پويان تقريباً ويهن ايڪڙن تي مشتمل پارڪ خوبصورت وڻ ۽ هزارين قسمن جا گل ۽ ٻوٽا لڳل آهن. جنهنڪري هن اسڪول کي صدارتي ايوارڊ پڻ مليل آهي. اسڪول جي پارڪن وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي خوبصورتي جو سهرو استاد نظير احمد سولنگي جي مٿان آهي. جنهن پنهنجي سڄي نوڪري جو عرصو هن ڪم ۾ گذاريو آهي. تمام پري پري کان گل ۽ ٻوٽا آڻي وڏي مهارت سان انهن کي هتي نصب ڪيو آهي ڪوبه ماڻهو انهن کي ڏسي تعريف کان رهي نه ٿو سگهي.
    ناز هاءِ اسڪول بابت هڪ پني تي لکيل مڪمل تاريخ استاد اقبال جتوئي صاحب کان ملي آهي جيڪا سندس والد صاحب استاد مرحوم فتح محمد جتوئي جيڪو ناز هاءِ اسڪول جو اڳوڻو هيڊ ماستر پڻ رهي چڪو هو جي لکيل آهي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان. ““گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور مير علي نواز ناز جي نالي سان ياد ڪيو پيو وڃي. اهو سن 1915ع کان خيرپور رياست جي عوام جي خدمت ڪندو پيو اچي. هن اسڪول مان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد تعليم حاصل ڪري نڪتا آهن. جن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي علمي صلاحيتن جو سڪو جمايو آهي. اڄ به هن اسڪول کي سنڌ جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. نه رڳو عمارت جي خوبصورتي سبب بلڪه تعليمي نصابي سرگرمين کان علاوه غيرنصابي مشغولين ۾ به سندس نالو عيان آهي.
    سن 1894ع ۾ رياست خيرپور جي والي مير فيض محمد خان ٽالپور جن قادرداد خان کي رياست خيرپور جو اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو. جنهن 1896ع ۾ سنڌ مان جاهليت ۽ بي علمي کي ختم ڪرڻ جو مسمم ارادو ڪري رياست ۾ تقريباً 37 پرائمري اسڪولن جو بنياد وڌو. خان بهادر گل محمد خان کي رياست جي پرائمري اسڪولن جو سپريڊينٽ مقرر ڪيو. خان بهادر قادرداد خان رياست جي ماڻهن جي عملي صلاحيتن ۽ لاڙن جو اڀياس ڪندي جلدئي محسوس ڪري ورتو ته رياست ۾ هڪ هنري اسڪول پڻ قائم ڪيو وڃي جتي پرائمري تعليم سان گڏ شاگردن کي هنري تعليم پڻ ڏني وڃي سن 1902ع ۾ تعليم جو درد رکندڙ هڪ هندو شخصيت ديوان سخاوت راءِ اينگلو ورينڪيولر اسڪول جو رياست ۾ بنياد رکيو. جتي انگريزي مضمون کي پڻ تجرباتي طور نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ۽ ان اسڪول جي جملي خرچ برداشت ڪرڻ جو ٻيڙو پڻ رياست پنهنجي ذمي کنيو. سن 1903ع ۾ خان بهادر قادرداد خان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ۽ سردار يعقوب خان کي اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو ويو جو پڻ تعليمي لاٽ کي روشن ڪرڻ جو درد رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان 37 کان وڌائي 45 تائين پرائمري اسڪولن جي انگ کي وڌايو. سن 1906ع هڪ ٻيA.V اسڪول کي قائم ڪيو ويو. ۽ سخاوت راءِ جي قائم ڪيل اسڪول کي پڻ ان اسڪول ۾ شامل ڪيو ويو. ان اسڪول پنهنجو ڪم پراڻي فوجداري جي عمارت ۾ شروع ڪري ڏنو. جتي تقريباً پنجاھ شاگردن تعليم حاصل ڪرڻ لڳا جملي شاگرد فري بورڊر تي رهڻ لڳا. ان اسڪول ترقي جون منزلون طئي ڪندي موجوده ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي نالي سان قدم ڄمايو. ان پراڻي بلڊنگ کي ڊهرائي ان جاءِ تي پي. سي اسڪول ٺهرايو ويو آهي. سن 1952ع ۾ هن اسڪول کي ان وقت جي وزير تعليم جناب الله ڏنو سيال صاحب ڪرنل شاھ ھاسٽل خيرپور ڏانهن منتقل ڪيو. سست ئي موجوده ناز هاءِ اسڪول جو بنياد هاڻوڪي والي رياست مير علي مراد خان ٽالپور 1953ع ۾ رکيو. هي شاندار عمارت تقريباً ڏيڍ يا ٻن سالن ۾ جڙي راس ٿي. سن 1955ع ۾ ناز هاءِ اسڪول نئي بلڊنگ ۾ ڪم شروع ڪيو. 1960ع ۾ هن اسڪول کي ترقي ڏئي پائلٽ اسڪول بنايو ويو.””
    یہ دن نصیب نہ ہوتی تو کتنا اچھا تھا
    بچھڑ کر تجھ سے بھی جینا ھے یہ نہ سوچا تھا


    • نــــــــــــــــــــــاز ۾ نينهن

    وقت بي پرواھ بادشاھ آهي. وقت نا نرالا رنگ ۽ مختلف رخ آهن، وقت خوشين جا خزانا به آڇي ٿو ته غمن جي اوڙاھ ۾ به غرق ڪري ٿو. ليڪن وقت جي وهندڙ درياھ ۾ اسان سڀ مسافر چانڊوڪي ڳولڻ جو خواب ساڻ ڪري منزل جا پنڌ ڪيون ٿا ڪي مسافر خوشين جا خزانا ميڙي وڏين بلندين جو سير ڪن ٿا. ته ڪي وري اڙانگهي پيچري ۾ ڦاسي غمن جا سڏڪا ڀريندا آهن. بحرحال بقا ڪنهن کي به ميسر نه آهي. مان اڪثر ناز جي هيڊ ماستر جي آفيس ۾ جڏهن ويهندو آهيان ته خبر نه آهي گهڻو وقت ويهي نه سگهندو آهيان. جڏهن منهنجي نظر مير علي نواز ناز جي تصوير ۽ اها سڀني هيڊ ماسترن واري لسٽ وارا ٻه بورڊ ڏسندو آهيان. ته دل تي عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. مجبور ٿي اٿي ٻاهر هليو ويندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته دل ۾ اهڙا خيال ڪهاڻيون افسانا ڏک ۽ درد دل ۾ پيدا ٿيندا آهن، جو ان وقت لکڻ ويهي رهان ته الهائي ڪيترو لکي وڃان. هر هڪ هيڊ ماستر جي عرصي دوران ڪيترائي استاد هوندا جئين اسان هن وقت آهيون پر اهي ڪير هئا؟ ڪيڏاهن ويا؟ ڇو ويا؟ سو سوال جو صرف هڪ جواب وقت ئي آهي هڪڙا ويندا ٻيا ايندا. ان سلسلي ۾ مان هتي هڪ ڪالم لکي رهيو آهيان ته موجوده وقت ۾ ڪهڙا ڪهڙا استاد ۽ دوست هن اسڪول ۾ سروس ڪري رهيا آهن جئين جو منهنجو هي لکيل ڪالم يا تحرير تاريخ طور پڙهي ۽ ياد ڪئي ويندي جنهن ۾ انهن استادن جا نالا لکيل آهن جيڪي موجودھ وقت ۾ هن اسڪول ۾ استاد آهن. ۽ وقت جي گذرڻ جي لحاظ کان ياد ڪيو ويندو ڇو ته وقت تبديلي آڻي ٿو مان ڪافي سالن کان اهيا ڳالهه نوٽ ڪندو آيو آهيان ته اسان جي اسڪول ۾ استاد نظير احمد سولنگي گل ۽ ٻوٽا پوکيندو آهي زمين جو هڪ حصو محنت ڪري تيار ڪندو آهي ۽ وڏي شوق سان رنگ برنگي گل پوکيندو آهي گل تيار ٿي جڏهن جوڀن ۾ ايندا آهن ته انهن ۾ ايڏي ته ڪشش هوندي آهي جو اسان ٿوري فرصت ۾ انهن وٽ وڃي خوبصورت نظارو، دل کي موهيندڙ مختلف رنگ ۽ پوپٽن جا لامارا ڏسندا آهيون. وري موسم گذرڻ بعد اهي گل ۽ ٻوٽا جيڪي استاد شوق سان تيار ڪيا هئا بيدردي سان پٽرائي ۽ تباھ ڪري ٻي موسم جا گل رکرائيندو آهي. اهڙي طرح هر موسم جا پنهنجا پنهنجا رنگ هوندا آهن اهڙي طرح استاد به اهي وقتي گل وانگر هوندا آهن جيڪي هن اداري ۾ پوکيل آهن. پوءِ ڪنهن جو پروموشن، بدلي، رٽائرمينٽ، يا موت جي ڪري هتان هليا ويندا آهن. پوءِ ڪير ڪنهن کي ياد ڪندو آهي يا وري ياد ئي نه ڪندو آهي وقت انهن کي وساري ڇڏيندو آهي. ان لحاظ سان ٽوٽل استادن جا نالا لکي ڪجهه وقت لاءِ انهن کي هن اداري ۾ ڪنهن خاص وقت دوران رهڻ جو ثبوٽ ڏئي رهيو آهيان. هيڊ ماسترن جو مڪمل رڪارڊ ته آفيس ۾ هڪ يادگار بورڊ تي موجود آهي پر پڙهائڻ وارن استادن جو ڪو خاص رڪارڊ نه آهي جيڪي ويو سو ويو ڪجهه وقت بعد مڪمل طور وسري وڃي ٿو بحر حال هن وقت جيڪي منهنجا پيارا دوست ۽ ساٿي هن اسڪول ۾ آهن ۽ ماضي قريب هئا سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    سڀ کان پهريائين آءُ پنهنجي ان ٻن دوستن جو ذڪر ڪندس جيڪي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا.
    1؛ استاد مرحوم عبدالرشيد شيخ؛
    جيڪو سروس دوران اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو. هي استاد منهنجو بهترين ۽ مخلص دوست هو جنهن سان پنجويهن سالن کان نينهن جا ناتا هئا.
    2؛ استاد مرحوم الله بخش چانڊيو؛
    هي ڀلوڙ استاد جيڪي ماضي قريب ۾ رٽائر ٿيو بعد ۾ بيمار ٿي لاڏاڻو ڪري ويو. بهترين دوست هو.
    ٻنهي لاءِ الله سائين کان دعا آهي ته سندن مغفرت فرمائي آمين.
    ماضي قريب ۾ رٽائر ٿي ويل استاد صاحبان جيڪي منهنجي هن اسڪول ۾ نوڪري دوران رٽائر ٿيا گل محمد جاگيراڻي، مرحوم الله بخش چانڊيو، رضا محمد سومرو، امداد علي سومرو، شير محمد لاڙڪ، عبدالطيف سومرو، ظفر سومرو، عبدالستار ميمڻ.
    اسانجي اسڪول جو هيڊ ماستر جناب سائين نثار احمد ميمڻ صاحب جيڪو منهنجي هن اداري ۾ ٽوٽل مقرري دوران مسلسل تقريباً 8 سالن کان هيڊ ماستر رهيو آهي.
    هاڻي انهن دوست ۽ ساٿين جا نالا جيڪي هن اداري کي روشن ڪيون بيٺا آهن اهي استاد جيڪي منهنجا دوست ته آهن پر نالن لکڻ جو هڪ ٻيو خاص مقصد اهيو به آهي ته جڏهن مستقبل ۾ انهن بابت پڙهيو ويندو ته ماضي جي هڪ مخصوص دورانيه 2004ع کان 2014ع تائين هن اداري ۾ ڪم ڪندڙ استاد جي خبر پوندي ته ڪير ڪير هن اسڪول ۾ سروس ڪندا هئا. جيڪو هڪ يادگار رهندو.
    نظير احمد سولنگي، الطاف حسين شاھ، اختر حسين ڀٽو، محمد نواز پنهور، گلشن وساڻ، شفقت حسين مغل، عطا محمد جسڪاڻي، نظر حسين سومرو، وزير احمد سولنگي، سوڍو خان جوڻيجو، ساجد حسين سرائي، مظهر علي ڪانهر، مير ارشاد علي ٽالپور، غلام شبير ڦلپوٽو، اسد الله سومرو، ارشاد علي ملاح اعجاز علي ملاح، محمد انور جکرو، علي گوهر جاگيراڻي، عبدلحفيظ سومرو، محسن علي خواجه، شير علي وساڻ، حزب الله گهمرو، ولي محمد سيال، محمد شريف بڙدي، غلام شبير مغل، الاهي بخش خاصخيلي، عبدالشڪور ميمڻ، الطاف حسين جلباڻي، محمد ايوب مري، مير شهداد خان ٽالپور، رياض احمد وساڻ، غلام اصغر ميتلو، غلام قادر سومرو، قربان علي ڪانهر، سليم الله چنه، رفيق انڙ، نبي بخش مڪول،عاصم رضا شاھ، غلام مصطفى ڳنڀير، محمد اعظم سولنگي، گل حسن ڦلپوٽو، امداد حسين ابوپوٽو، سلطان خان ميتلو، شوڪت علي سيال، سعيد احمد لاڙڪ، امان الله منگي، عبدالرحيم ونڊير، علي حسن جاگيراڻي، شرف علي چانڊيو، نور محمد ڏهوٽ، عبدالغفور جاگيراڻي، عارف رضا شاھ، شڪيل احمد ميمڻ، غلام مصطفى مڱڻهار، ظهير احمد سومرو، احسان احمد سومرو، مجيب الرحمان مهيسر، سائين ڏنو مهر، محمد يعقوب ونڊير، شفقت حسين مهيسر، فهيم الدين گهمرو، نعمت الله شيخ، فخرالحسنين شاھ، معراج الدين آرائين، ثناءُالله ميمڻ، محمد ايوب چانڊيو، محمد اقبال جتوئي، عبدالقادر شيخ، حسين بخش ناريجو، طالب علي شاھ، حسين بخش ڦلپوٽو، واجد علي چنه، رحيم خان جمالي، الله بچايو ميتلو، الله بخش مڪول، سعيد احمد ڀيو، عبدالمجيد منگي، امجد علي سيال، وحيد احمد سومرو، غلام اصغر ٽالپور، سڪندر علي منگي، فياض علي مري، سعيد اختر کوسو، نجم الدين منگي، اعجاز علي ميساوا، سيد هدايت حيدر رضوي، عبدالحڪيم جاگيراڻي، آصف علي فاروقي، محمد رفيق پلھ، مصري لاشاري، شمس علي سومرو، عبدالله مغل، وحيد احمد چنه، منور علي تنيو، مير بشير علي ٽالپور، عرض محمد مري، شهمير عباسي، سيف الله راجپوت، غلام رضا سوهو، غلام علي مڪول، محمد هاشم ڀٽي، محمد انور سولنگي، بشير احمد شر، مشتاق علي ڪانڌڙو، طالب علي سروري، رشيدالله ميتلو ڪلارڪ، احمد علي جمالي ڪلارڪ، علينواز ڇڄڙو ڪلارڪ، عبدالوحيد شيخ ڪلارڪ..


    • ٿــــــــــــــــــــــــر ٿياس (سفر نـــــــــامو)

    گهمڻ ڦرڻ نت نوان نظارا ڏسڻ انوکيون ۽ منفرد شيون پسڻ. ٻين علائقن ۽ ماڻهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ انسان جي هڪ اوائلي ۽ فطري خواهش آهي، ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سفر ڪاروبار يا پيٽ گذر لاءِ ڪرڻ گهرجي. ڪي چون ٿا ته سفر ذريعي عقل وڌي ٿو ۽ دل جي وندر لاءِ دروازو کلي ٿو. اسان جهڙن مستانن جو وري چوڻ آهي ته سفر صرف دل جي وندر ۽ ورونهن آهي ڇو ته سفر دوران ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪئميرا کڻي ٿو ۽ هر دلچسپ جاءِ تي بيهي پنهنجو ڦوٽو ڪڍرائي ٿو ۽ ان ريت پنهنجي موجودگي کي ان مقام جي تاريخي اهميت سان مشاهبت ڏئي ٿو. بحرحال ان کان ڪو به انڪاري نه آهي ته اڄ ڪلهه سڀ کان گهڻي اهميت سير ۽ تفريح کي ڏني وڃي ٿي جنهن کي عرف عام ۾ ٽوئر چيو وڃي ٿو. ٽوئر ۾ مسلمان اوليائين جون زيارت گاهون ۽ هندن جي عبادت گاهن جا نظارا پڻ ڪيا وڃن ٿا. مونکي به پنهنجي زندگي ۾ سير و تفريح جي لاءِ ٻه ٽي اهڙا موقعا نصيب ٿيا آهن. هڪ ٽوئر 1983ع ۾ بي_ايڊ پڙهڻ دوران ڪاليج طرفان لاهور، اسلام آباد، مري پشاور ۽ سوات لاءِ ٿي. جيڪا ڏاڍي دلچسپ هئي ڇو ته ان وقت نوجواني هئي ۽ ٿڪ محسوس نه پيو ٿئي پر هاڻي صحت ۽ عمر جي لحاظ سان تمام اِهو سڀ ڪجهه ممڪن نه آهي جيڪي دل چاهي ٿي. پر پوءِ به چوندا آهن ماڻهو ڀلي ڪراڙو ٿي وڃي پر دل جوان هوندي آهي واري بنياد تي دل جون حسرتون باقي رهن ٿيون. مون کي خبر پئي ته اسانجي اسڪول جي ڪجهه استادن ٽوئر لاءِ ٿر جو پروگرام ٺاهيو آهي مون هڪ دم استاد شهمير عباسي سان رابطو ڪيو ته مونکي به ان ٽوئر تي وٺي هلو. استاد سُٺي موٽ ڏني ۽ آُءُ ذهني طور تيار ٿي ويس، پروگرام موجب 23 مارچ 2013ع تي هتان ناز هاءِ اسڪول مان روانو ٿيڻو هو، استادن هڪ ويگن جي بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي شهمير عباسي اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو هو قافلي ۾ هيٺيان استاد هئا.
    حزب الله گهمرو
    عبدالشڪور ميمڻ
    گل حسن ڦلپوٽو
    نبي بخش مڪول
    احسان علي سومرو
    محمد رفيق انڙ
    محمد اعظم سولنگي
    عطا محمد جسڪاڻي (سفر لکندڙ)
    سعيد احمد لاڙڪ
    اسد الله سومرو
    محمد اقبال جتوئي
    عبدالمجيد منگي (فوٽو گرافر)
    غلام قادر سومرو
    خادم حسين ڪٽوهر
    شهمير عباسي (اڳواڻ)
    دستور موجب هر ڪنهن کائڻ پيئڻ ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي صبح جو اسڪول ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا ڪي دير ڪي سوير ڪي خوش ڪي اداس پر هلڻ لاءِ سڀ بي تاب. الهائي ڪهڙين مجبورين سبب اسان جي گاڏي ستين بجاءِ ٻارهين بجه آئي اسان سڀئي سفر جي دعا پڙهي گاڏي تي سوار ٿي خير سان روانا ٿياسين. سي اين جي تي رش سبب چونڊڪو ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ دير ٿي وئي ۽ چانهه پيئڻ جو وقت ملي ويو. اسان جي قافلي ۾ اڪثريت انهن استادن جي هئي جيڪي نماز جا پابند هئا تنهن ڪري نماز جو وقت ڏسي گاڏي روڪي نماز پڙهون پيا. اهڙي طرح ٻن پهرن جي نماز چونڊڪي ۾ پڙهيسون. گاڏي ۾ گئس ڀرائي تقريباً ٽين بجي ڌارا گئس فيلڊ واري روڊ سان روانا ٿياسين. اهڙي طرح تجل کان ٿيندا دلچسپ ماحول ۾ منڍ جمڙاهو تائين پهتاسون گاڏي جو ڊرائيور اڳتي جو واقف نه هو تنهن ڪري اڳتي ڏس پتي تي هلڻ لڳو، اسان جي ڀاڳ ۽ مقدر جو انداز به ڪجهه نرالو هو جو اڳيان اپر ۾ استاد عبدلشڪور ميمڻ ۽ استاد حزب الله ويٺا. مولوي ميمڻ صاحب ويهڻ سان ننڊ ڪندو هليو ۽ حزب الله جي ڳالهائڻ ۾ رنڊڪ هئي تنهن ڪري ڪو ڪنهن جي ڳالهه ڪون نه پيو سمجهي. اگر ڪنهن کان روڊ جو پڇن پيا ته اهو ماڻهو نه پيو سمجھي ته سنڌڙي يا سِنجهورو. بحرحال جمڙائو جو منظر ڏسي سانگهڙ تائين آساني سان پهچي وياسين. سانگهڙ ۾ ڪجهه وقت ترسي گاڏي ۾ گئس وجهرائي پاڻ کاڌو به کاڌوسين، نماز به پڙهي سون. اتان فارغ ٿي سنڌڙي جو رُخ ڪيوسين ۽ آساني سان سنڌري پهتاسون. هتان مير پور خاص اچڻ بجاءِ غلطي ۾ کپرو واري روڊ تي اچي وياسين. مون وٽ هڪ نقشو هو ڪجهه نه ڪجهه خبر ته پوي پئي پر جڏهن آءُ اهو نقشو دوستن کي ڏئي نشان دهي ڪيان پيو ته نقشو ڏسي يڪدم واپس ڪن پيا ته ۽ ڳالهه نه پيا سمجهن. آخر غلطي محسوس ڪيائون ته ميرپور خاص هلون ها، رستي ۾ عام ماڻهن کان رستو پڇڻ شروع ڪيوسين ته گروڙ شريف ڪٿي آهي مختلف رستن کان فرندا گرندا وڃي رهيا هئاسون. استاد گل حسن جي ذهن ڪم ڪيو ۽ هڪ دوست جنهن جو نالو ارشد محمود هو ڏانهن فون ڪيائين. جيڪو پٿورو لڳ هڪ ننڍڙي شهر بچاءءُ بند ۾ رهندو آهي سندس رهائش ميرپور خاص ۾ به آهي. بس ان دوست فون وسيلي جيئن رموٽ ڪنٽرول ڪندو آهي اسان کي ڦيرائي بچاءُ بند ۾ آندو. تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي استاد ارشد محمود صاحب اسان لاءِ سٺو انتظام ڪيو، رات جي ماني هوٽل ۾ کارائي ۽ چانهه پياري، ۽ رهائش جو بندوبست ڪيائين پر اتي اسان هڪ مسجد شريف م رهياسين ان جو خاص سبب نماز وضو ڪرڻ ۽ باٿ روم جو سٺو انتظام هيو. رات اتي گذاري صبحُ جو نماز پڙهي 24 مارچ تي سفر جي تياري ڪئي، غسل ڪري، ڪپڙا تبديل ڪري عمر ڪوٽ روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ ناشتو به اتي بچاءُ بند ۾ ڪيوسين اڳتي جي رهنمائي لاءِ هڪ واقف ماڻهو امير علي شر به ساڻ کنيوسين جيڪو علائقي جو واقف هو. گاڏي ۾ عمر ڪوٽ جو رُخ ڪيوسين تقريباً هڪ ڪلاڪ جي سفر باد عمر ڪوٽ پهتاسين. اتان گئس نه ملي سگهي ۽ اسان پيٽرول جو بندوبست ڪيو. عمر ڪوٽ جي قلعي جي گيٽ وٽ گاڏي بيهاري ڪوٽ گهمڻ وياسون، ڪوٽ پُراڻو ۽ زبون ٿيل آهي. پر پنهنجي وقت جي اوج جو ذڪر ڪري رهيو آهي. هڪ تاريخ آهي، هڪ ڪهاڻي آهي ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جو منظر آهي. جيڪو اسان لاءِ هڪ سبق آهي ته وقت ڇا آهي ۽ الله تعالى جي ذات کانسواءِ سڀ شئي فنا آهي. اسان جي فوٽو گرافر عبدالمجيد منگي صاحب تاريخي ماڳ جا يادگار منظر پنهنجي ڪئميرا جي اک م بند ڪيا. هن ڪوٽ جي اندر حڪومت طرفان هڪ عجائب گهر ٺهرايو ويو آهي جنهن ۾ تاريخي نوادرات رکيل آهن ڪوٽ گهمي ۽ عجائب گهر ۾ نوادرات ڏسي ڪافي دير بعد ٻاهر نڪري آياسون. عمر ڪوٽ جي شهر جو ڪجهه حصو گهمياسون، ريگستان تي آباد هي وڏو ۽ خوبصورت شهر نظر آيو . جئين جو اسان جي منزل اڃا اڳتي هئي تنهن ڪري ٽائيم بچائي گهڻي مقدار ۾ پيٽرول وٺي اڳتي وڌياسون. عمر ڪوٽ کان ريگستان شروع ٿي ويو. رڻ ۽ ريگستان جي وچ ۾ بهترين روڊ ٺهيل آهي روڊ جي ٻنهي پاسي واري جا وڏا وڏا پهاڙ جيترا دڙا نظر اچي رهيا هئا. پر چوندا آهن ته ٿر آهي ئي برسات پوڻ سان ٻي صورت ۾ رڳو بر. پر جئين جو هي موسم بهار جي هئي ته ٿر ۾ وڻڪار ۽ ساوڪ جي وڏي رونق هئي. سڀ کان وڌيڪ ٿر جي ڌرتي تي ڦلڙين سان ڀريل اڪ جا گهاٽا ٻوٽا هئا، ڦوڳي سان ٽمٽار ڦوڳ هئا، ڪنڊين ۾ ٻور، ٻج وارين ڦرين سان ڀريل کپ، ڪرڙن ۾ پسي، ڦير، ٿوهر ۽ سڻ ۾ گل هئا. کبڙن ۾ پيرون ۽ هڪ خوبصورتي ۾ اضافو ڪندڙ لوهيڙي جو وڻ هو جنهن ۾ ڳاڙهن پيلن ۽ ناسي رنگ جي گلن جي هُٻڪار هُئي ڪٿي ڪٿي ته هڪ خوبصورت وادي جو منظر نظر اچي رهيو هو هن موقعي تي استاد نظير احمد سولنگي ڏاڍو ياد اچي رهيو هو سفر دوران انور جکرو کي به ياد ڪريون پيا. هوڏانهن ريگستاني سفر ۾ استاد گل حسن، خادم حسين، اسد الله ڳاڙهو ۽ غلام قادر سومري هڪ ٻئي سان ڀوڳ ۽ چرچا ڪري وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪري چڏي. هڪ طرف کل ۽ مسخري ٻئي طرف استاد عبدالشڪور جي ننڊ محفل ۾ چار نه پر چوڏنهن چنڊ لڳائي چڏيا. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم ۾ ڊرائيور گاڏي کي اچي اسلام ڪوٽ شهر پهچايو. اسلام ڪوٽ جو شهر صاف سٿرو ۽ خوبصورت لڳي رهيو هو هن شهر مان مختلف شهرن ڏانهن روڊ پيا نڪرن اسان جي گاڏي پيٽرول پمپ تي اچي بيٺي اسان سڀ لهي علائقي جي خوبصورتي مان مزو وٺي رهيا هئاسون. ڪجهه ٽائيم ترسي اڳتي ننگر پارڪر جيڪو اٽڪل 90 ڪلوميٽر پري هو جوسفر شروع ڪيوسين. بهترين روڊ هو خوشي مان ڊرائيور به گاڏي کي ڇڪيو اسان سائيڊ سان وڏا دڙا خوبصورت وڻ ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جون بستيون جيڪي ٿر جي ثقافت موجب چوءَ نرن تي مشتمل هيون ڏسندا وڃي رهيا هئاسين. اٽڪيل اڌ پنڌ تي ڳوٺ لوڻيون سما واري علائقي ۾ اسان جي گاڏي خراب ٿي پئي سڀ پريشان ٿي وياسون گهڙي کن لاءِ ڀوڳ چرچا به بيهي ويا جن کي ننڊ هئي سي به جاڳي پيا. سٽون سٽڻ لڳاسين هاڻي ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي؟ ڪو ڪهڙي صلاح پيو ڪري ته ڪو ڪهڙي؟ اتي هڪ ننڍڙو هوٽل هو ان جي مالڪ تعاون ڪيو ٽيلفون ڪري اسلام ڪوٽ مان ڪيڪڙو گاڏي گهرائي ڏنائي. جنهن وسيلي اسان پنهنجي گاڏي ٽوچن ڪري ٺهڻ لاءِ اسلام ڪوٽ موڪلي. امير شر جيڪو اسان سان سونهون ٿي آيو هو انکي به گاڏي سان واپس ڪيوسين جئين ڊرائيور جي مدد ڪري سگهي. ڊرائيور سان پروگرام سيٽ ڪري اسان لوڪل سواري ۾ ننگر شهر لاءِ سوچيو. بس ۾ ڪجهه دير هوئي موقعي جو فائدو وٺي مسجد ۾ نماز به پڙهي سون ۽ هوٽل ۾ چاءِ به پيتي سون. وقت مسئلو حل ڪيو ۽ بس به اچي وئي سامان کڻي بس تي چڙهي اچي ننگر شهر ۾ داخل ٿياسين هي علائقو انڊيا جي سرحد سان ويجهو آهي تنهن ڪري ٻن ٽن جاين تي سڪيورٽي وارن چيڪنگ ڪئي. ننگر پارڪر جو شهر ڪارونجهر جبلن جي دامن ۾ بلڪل ننڍڙو شهر ۽ جايون گهڻي ڀاڱي ساديون ۽ ننڍيون هيون. البته سرڪاري جايون شاندار هيون اسان ٽولي جي صورت ۾ هڪ واقف ڪار سان گڏجي ان شخصيت جي بنگلي تي وياسون جنهن جو نالو ڪاپڙي خان کوسو هو سندس ڀائٽيو مليو جيڪو علائقي جو چڱو مڙس هو ۽ پاڻ تعلقه ناظم به رهي چڪو هو. اسان کي پاڻي به پياريائون ۽ عزت به ڪئي خوشي مان رهائش ۽ ماني جو بندوبست به ڪيائون. اسان سامان اتي رکي شهر جو چڪر به ڏنو ۽ مغرب جي نماز هڪ مسجد ۾ پڙهي. بعد ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ اتان جي هڪ ڪلارڪ سان واقفيت ڪري وياسون اسڪول جي ڇت تان شهر ۽ انڊيا جي بجلي جي روشني جو نظارو ڪري موٽي ساڳي رهائش گاھ تي آياسين. جتي اڳ ۾ ئي اسان لاءِ رهائش کٽون بسترا ۽ رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. سٺي نموني ماني کائي سڪون ڪيوسين. ٿڪل هئاسون ڏاڍي ننڊ آئي، خادم ڪٽوهر جيڪو ننڊ جي ٽڪي کائيندو هو ان کي ٽڪي کائڻ بغير ننڊ اچي وئي. ڪجهه استادن گوگهرا هڻي گهري ننڊ ڪئي. هتي مونکي اهيو ٻڌائڻ وسري ويو ته اسان جڏهن ننگر شهر پهتاسون ته موبائل سروس خراب هئڻ سبب بند هئي جنهن ڪري اسان کي پنهنجن علائقن ۽ مائٽن سان رابطو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيوهو. ٻئي ڏينهن سروس بحال ٿي وئي ۽ رابطي ۾ آساني ٿي وئي ايندڙ ڏينهن جي مصروفتن کان اڳ ۾ ٿر جي معلومات بابت ڪجهه لکان ته ٿر جو علائقو خوبصورت ضرور آهي پر اتي پاڻي جي سخت کوٽ آهي تنهنڪري اتان جي ماڻهن جو گذارو اڪثر مزدوري محنت ۽ چوپايو مال آهي. ٿر ۾ اونهيون کوهيون آهن جن مان مشڪل سان پاڻي ڪڍي مال کي پيارين. جر جو پاڻي به اڪثر کارو آهي نه ته پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ وارو سلسلو آهي. ماڻهن جي اڪثريت هندو قبيلي جي ماڻهن جي آهي جن ۾ ڪولهي، ڀيل، مينگهواڙ، ۽ ٺاڪُر قبيلي جا ماڻهو آهن. مسلمان به آهن. سندن رهڻي ڪهڻي پوشاڪ ۽ ثقافت ۾ فرق آهي ڳالهائڻ جو لهجو به مختلف آهي. ڇوڪري کي ڏوڪري پيا ڪوٺين جڏهن ته ڪچي علائقي جي رستن کي چيلهو پيا چون. اهڙي طرح ٻيا به دلچسپ لفظ ڳالهائين پيا ٿر ۾ چوپايو مال ڳئون، ٻڪريون ۽ اُٺ گهڻي تعداد ۾ نظر اچن پيا پر ڏٻرا هجن. شايد برسات نه پوڻ ڪري ٿر ۾ گاه جو نه هئڻ هو، ماڻهو سادا ۽ ڪجهه گدلا هئا، جيڪي پڻ ٿر ۾ پاڻي گهٽ هئڻ جو احساس ڏيارين پيا بحرحال جيڪي به هو. تاريخ 25 مارچ 2013 تي صبح جو آغار نماز پڙهڻ سان ٿيو ان بعد سير تفريح لاءِ تياري ڪئي وئي تڙ ڪري پوشاڪ تبديل ڪري ميڪ اپ ڪيا ويا. ڪن تيل هنيا ڪن سينٽ هنيا ۽ گنجن به وارن کي فڻي ڏني. سامان بنگلي تي ئي رکيل هو گهمڻ نڪتاسين صبح جو ناشتو هڪ هوٽل تي ڪيو ويو گهمڻ لاءِ لوڪل سوارين جو بندوبست ڪيو ويو ٻه جيپون ڪرائي تي ڪري ننگر کان ڏکڻ طرف ڪاسبو جو علائقي ڏانهن وياسين ڪارونجهر جي هيٺيان ڪچو رستو وٺي اٽڪل پنج يا ڇهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ ننڍي آبادي تي مشتمل ڳوٺ هو ڪچا گهر ۽ ٻاهران لوڙها آيل هئا. هتان جون ٻه خاص ڳالهيون هيون هڪ ته کوهن جي پاڻي تي ڪجهه ايڪڙ زمين تي بصر، هيرڻ، ڪجهه ڪڻڪ ۽ سبزيون پوکي ماڻهون گذارو ڪن ٿا. ٻيو ته هتي هندن جي هڪ عبادت گاھ آهي جتي گهڻي تعداد ۾ مور آهن. اسان جڏهن لهي هتي علائقي ۾ داخل ٿياسون گهڻا ماڻهو ڏسي مور پکين ۾ ڀاڄ پئجي وئي سٺ ستر مورن جو ٽولو اڏامي هليو ويو. مشڪل سان انهن کي ڏٺوسين پر فوٽو به نه ڪڍي سگهياسين. پري پري وڻن ۾ وڃي ويٺا. عبادت گاھ تي ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪري معلومات وٺي واپس انڊيا جي سرحد جي قريب هڪ ڪچو رستو وٺي اٽڪل چاليهه ڪلوميٽر پري چوڙيون جي علائقي ۾ آياسون. اتي ماڻهن جي ٿوري آبادي هئي هن عرصي دوران رينجرس جي چيڪنگ مان به گذرڻو پوي پيو چوڙيون جي هڪ خاص ۽ عجيب اها ڳالهه آهي ته اتي وڏا وڏا عجيب قسم جا ڳاڙهي رنگ وارا جبل هئا. ۽ نرالي انداز جا ٺهيل ڏسي حيراني ٿئي پئي. پٿر جو وڏيون وڏيون ڇپون ڄڻ کڻي ڪنهن ڪاريگر ڪنهن نموني سان ٺاهيو هجي. صفائي ايتري هئي جو ڄڻ مثال هو. جبل تي چڙهڻ لاءِ سيمنٽ جي هڪ ڪشادي ڏاڪڻ ٺاهيل آهي جنهن تي چڙهڻ کان پوءِ اوچائي جي لحاظ کان هڪ خاص قسم جو خوف طاري ٿي وڃي ٿو مٿي وڃڻ کان پوءِ آساني سان هيٺيان هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي باڙ ڏسجي ٿي . سرحد باڙ سفيد رنگ ۾ نظر کٽي وڃڻ تائين ڪڇ جو رڻ ڏسجي پيو. باڙ جي قريب انڊيا جو روڊ ۽ سيڪورٽي جون گاڏيون ۽ مورچا وغيره ويجها ڏسجن ٿا، ڦوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هئي. ٻي اتان جي اها ڳالهه هئي ته اتي جبل جي اندر هڪ غار ۾ هندن جي عبادت گاھ هئي جنهن ۾ هڪ خوبصورت ۽ سجايل مورتي هئي. دروازا بند هيا. صرف پري کان اسان گرل مان ڏسي سگهياسون ڪجهه وقت اتي رهي واپس لهي آياسون ۽ ننگر شهر ڏانهن واپس آياسون. رستي تي ماڻهن جا ڳوٺ بستيون ۽ چوپايو مال پاڻي لاءِ کوهن تي بيتاب ڏٺوسين. عجيب رنگ ڏسي واپس موٽي آياسون منجهند ٿي چڪي هئي اڃا هڪ گهمڻ جي جاءِ گاڏيون اسان کي ڪارونجهر جبلن ۾ وچ تي وٺي آيون. جتان چوءَ طرف ڪارونجهر جا اوچا اوچا جبل هئا ائين محسوس پيو ٿئي ڄڻ اسان ڪنهن ويڪري کوھ جي سڪل تري ۾ بيٺا آهيون. اتي تمام هيٺاهين تي هندن جو مندر هو. مان اوڏانهن ان ڪري نه ويس جو تمام اونهي جڳهه تي وڃڻو پوي پيو ۽ واپسي ۾ مٿي چڙهڻو پيو پوي. استاد گل حسن، استاد شهمير ۽ خادم ڪٽوهر به اوڏانهن نه ويا. باقي جيڪي ويا انهن جي واپسي جو انداز ائين هو جو ساڻا بي حال ٿي پيا. سندن حالت ڏسي ڏاڍو رحم آيو پر ڪري به ڇا پئي سگهياسون. اسان ته کين روڪيو پر هليا ويا. گاڏين تي چڙهي لاهيون چاڙهيون ڪراس ڪري کوسي صاحب جي بنگلي تي اچي لٿاسون. ٿورو ساھ پٽي پاڻي پي پنهنجي اصلي گهرن کي ياد ڪيوسين ته واپس هلجي. تڪڙ تڪڙ ۾ بنگلي جي مالڪ کان موڪلائي سامان کڻي اچي واپسي واري بس ۾ ويٺاسون. مونکي هڪ ارمان دل ۾ رهجي ويو ڳوٺ ڀالوا جيڪو مارئي جو تاريخي ماڳ هو اتي سندس نالي تي اهو کوھ به هو جتان کيس عمر سومري کنيو هو نه ڏسي سگهياسون. انهي جو خاص سبب اسان جي گاڏي جو خراب ٿيڻ هو پر ان ۾ سڀ الله جي حڪمت هوندي آهي ۽ نصيب جي ڳالهه آهي.
    ٺيڪ سوا ٻي بجه ننگرپار کان بس اسلام ڪوٽ ڏانهن رواني ٿي اسي نوي ڪلوميٽر ٿر جو پنڌ ڪري اچي اسلام ڪوٽ پهتاسون. جتي ويگن موجود هئي اڳئين ڏينهن خراب ٿيل ويگن کي ڊرائيور وڏي تڪليف سان ٺهرايو، هوٽل تي ويٺاسون ماني کائي ٽي پهري جي نماز پڙهي ويگن ۾ سوار ٿي مٺي جو سفر ڪيوسين. وچ وارا منظر ڏسندا رات جو مٺي پهتاسين. مٺي ۾ به هڪ دوست رات رهڻ جي آڇ ڪئي ليڪن سنگت اڳتي هلڻ پئي چاهيو. مٺي ۾ تمام مختصرترسياسون ۽ شهر هلندي ڏٺوسين. ريگستان جو هي صاف شهر تمام گهڻو وڻيو ۽ خوبصورت شهر آهي. استاد عبدالمجيد منگي جو هڪ دوست استاد ڀورو مينگهواڙ نئون ڪوٽ ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو اڳتي روڊ تي اچي اسان جو انتظار ڪيائين رات جي انڌيري ۾ منزل ماري نئون ڪوٽ ۾ آياسون جتي دوست اسان سڀني جو دوست بڻجي ويو تمام گهڻي خوشي وچان اسان کي پنهنجي جاءِ تي وٺي آيو. ڏاڍو قرب ڏنائين اهو استاد اڳ ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ به آيل هو. اتي ريفريشمينٽ ٿي. سومهڻي جي نماز نئون ڪوٽ جي هڪ مسجد ۾ پڙهي سون. جيڪا بس اسٽينڊ وٽ آهي. عاليشان مسجد ٺهرايل آهي ڪافي دير تائين ان جي خوبصورتي ڏٺي سون ۽ ان ۾ ڪجهه دير تائين رهياسون. رهائش جو انتظام ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ رکيل هو. استاد ڀورو مينگهواڙ موٽر سائيڪل تي چڙهي اڳ ۾ سونهون ٿي اتي ڇڏي ويو. جتي ڳوٺ نصير هنڱورجو ۾ محمد منظور مولائي هنڱورجو اسان جي رهائش جو مڪمل انتظام ڪيون انتظار ۾ ويٺو هو. اوطاق جي اڳيان جيترا ماڻهون هياسون اوتريون کٽون بسترن سان سجايون پيون هيون. اسان جا ڪجهه ساٿي اهڙا ته ٿڪل هئا جو پنهنجو پاڻ کڻي بستري تي ڇڏيايون. ماني جو لاجواب انتظام ٿيل هو همراهن کي ننڊ مان جاڳائي ماني کارايائون محمد منظور مولائي ڪچهري به ڪئي پر استاد ٿڪ سبب ننڊ پئجي ويا. صبح جو تاريخ 26 مارچ 2013ع تي اٿي اڳ ۾ الله کي ياد ڪري نماز پڙهي تياري ڪئي سون. صبح جو سويل ميزبان اسان کي ناشتو ڪرايو ۽ چاءِ پياري. ان دوست کان موڪلائي واپسي جو سفر جاري رکيوسين. هي ڏينهن اسان جي ٽوئر جو آخري ڏينهن هو ۽ تقريباً ڏينهن جو گهڻو حصو گاڏي ۾ ويهي سفر ڪيوسين. صبح جو گاڏي ۾ سوار ٿي نئون ڪوٽ آياسون ۽ قلعو گهمياسين. جيڪو مير ڪرم علي خان ٽالپور جي نالي سان منصوب آهي. گهڻو وقت گذرڻ ۽ انتظاميه جي عدم دلچسپي سبب هن ڪوٽ جي خوبصورتي گهٽ نظر آئي. هن موقعي تي اسانجي اسڪول جو هڪ استاد مير شهداد خان ٽالپور به ياد آيو. اتان ٿي جهڏو شهر آياسون رستي جي واقفيت گهٽ هئڻ سبب ڪجهه پريشاني ٿي. جهڏو کان سامارو ۽ اتان وري بچاءُ بند کان ٿيندا پٿورو پير تي آياسين جيڪو هندن جو مرشد هو تعميراتي ڪم هلندڙ هو ڏاڍو پسند آيو اتان گرهوڙ شريف آياسون جتي مخدوم عبدالرحمان گرهوڙي جي زيارت ڪئي سون هن جڳهه تي اسان جو ساٿي امير شر اسان کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو اسان سفر کي تمام مختصر ڪندا وياسون ۽ ميرپور خاص آياسون ۽ اتي گاڏي ۾ گئس ڀرائي سون. اسان جو پهريون دوست ارشد محمود بچاءُ بند وارو موجود هو جنهن اسانکي ٿڌو پاڻي پياريو. ان کان موڪلائي ٽنڊو الهه يار وري اتان ٽنڊو آدم ۾ آياسون اتي هوٽل تي ماني کائي ۽ نماز پڙهي سون. ٽنڊو آدم کان ڀٽ شاه آياسون شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي زيارت ڪري وري هالا شريف ۾ اچي مخدوم نوح رح جي زيارت ڪئي سين هالا ۾ استادن ڪجهه شاپنگ به ڪئي اتي گهمي ڦري گاڏي ۾ ويهي واپسي جو سفر ڪيوسين. ڊگهو سفر ڪري ڪنڊياري ۾ رات جو ڏهين بجه اچي چاءِ پيتي سين جيڪي سفر جي آخري مصروفيت هئي. ڪنڊياري مان گاڏي تي چڙهي سڌو خيرپور آياسون ۽ استاد عبدالشڪور کي ننڊ مان جاڳائي سندس بيڪري وٽ لاٿوسين ۽ باقي استاد صاحب به پنهنجي پنهنجي منزل تي لهي ويا. شڪر الحمدُالله سفر خير سان پورو ٿيو.



    چئن مندن ۾ پورو سال وري به ٿئي ٿو ساڳيو حال
    عطا محمد جسڪاڻي
    خيرپور ميرس
    تاريخ 29 مارچ 2013ع


    • ٻهراڙي جي زبان ۽ سٻاجهڙي ٻــــــــــولي

    هميشه اهو ياد رکڻ گهرجي ته سياڻو ماڻهو ڳالهائڻ کان اڳ ڪجهه سوچي پوءِ ڳالهائيندو آهي. پر جڏهن ته جاهل ماڻهو ڳالهائي پوءِ سوچيندو آهي. تنهن ڪري اسان کي اهڙي غلطي نه ڪرڻ گهرجي هر ڳالهه اسان جي ذهن ۾ هميشه هئڻ گهرجي ته اسان ڳالهائڻ ۾ ڪمي اختيار ڪريون ڇو ته قدرت طرفان اسان کي زبان هڪ ڏني وئي آهي پر ڪن ٻه ڏنا ويا آهن انهي لاءِ ته اسان ڳالهائڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٻڌون. اسان کي گهرجي ته هميشه زبان جو استعمال سٺو ڪريون ڇو ته پير جي ترڪڻ سان پاڻ کي سنڀالي سگهجي ٿو پر زبان جي ترڪڻ سان پاڻ سنڀالڻ مشڪل ٿيندو آهي. اهي ته هئا ڳالهائڻ جا آداب. پر ٻهراڙي جا سٻاجهڙا ماڻهو زبان به سٻاجهڙي ۽ ٻولي به سٻاجهڙي ڳالهائيندا آهن. منجهن سونهن، وسعت، لهجو ۽ مزاج عجيب ۽ نرلي لڳندي آهي. سندن ٻولي جو اگر جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۾ گفتگو انتهائي سادي سٻاجهي ادب ۽ خلوص سان ڀريل اهڙا اهڙا محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪندا آهن جيڪي عجيب ۽ دل کي وڻندڙ لڳندا آهن. مون هڪ رسالي مان پوائٽ وٺي هي مضمون ترتيب ڏنو آهي. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو
    . ٻهراڙي ۾ جڏهن ڪنهن ٻار کي بخار ٿئي ته سندس ماءُ چوندي ““اڄ دشمن تپيا اٿس، يا ڪڻس اچي وئي اٿس”” گهر مان چور چوري ڪري وڃن ته چون “باقي الله جو ناءُ ڇڏي ويا آهن” يا چون “ چورن لوڙهو لتاڙيو آهي” جيڪڏهن عورت کي حمل ٿئي ته چون “ دوپستي آهي، يا پيرين ڀاري آهي” ويم کي ويجهو اچي ته چون “پنهنجا مهينا اٿس يا پورن مهينن سان آهي” ۽ جڏهن عورت جو ويم ٿيندو ته چون“پير لڌا اٿس يا هلڪي ٿي آهي” ٻار کي پٽڻو هوندو ته چوندس“ پاڙ سائي ٿيئي يا دشمن مرني يا الله سولي ڪرئي” دعا ڪرڻي هجيس ته چون “الله جي امان هجئي يا الله نگهبان هجئي، الله جي ۽ ان جي حبيب جي آسري، شل آڍڙو ٻڍڙو ٿيندي، ڪوڙي ول وانگر وڌندين يا جبل جيتري عمر ماڻيندي، عرشون اڏبين، شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳندئي.” نوڪري يا روزي سان لڳل هوندو ته چوندس“ بس ماني مڇي جي لائق آهي” گهر جو ڀاتي بيمار ٿيندو ته “الله راض ٿيندس” اگر ڪو مرڻ کي ويجهو هوندو ته چوندس“ هيئر الله سان ڳالهيون اٿس، هيئر شيءَ مالڪ تائين پهتل آهي” اگر مري وڃي ته چون “رضا ڪري ويو آهي” وڏي ماڻهو جي مرڻ تي چوندا “ پيالو ڪري ويو يا وصال ڪيو اٿس” مرشد وفات ڪري ويو ته چوندس ته “برقعو مٽايو اٿس” ڍور ڍڳن کي مال ڀٽارو چون. مينهن لڳي ته چون “مينهن سائي ٿي آهي” کير ڄمائڻ لاءِ لسي ملائڻ کي “سباڻ” چون بچيل ڏڌ کي اگر هارڻو آهي ته چون “ڏڌ وڌائي ڇڏ” زمين ۾ ٻج گڏائڻ يا رونبو ڪرڻ کي چون “ٻنو سائو ٿي ويو آهي” ان تورڻ ۽ ڀرڻ کي هڪ جي بدران چون“ووهي برڪت يا ڪل جو ڀلو” ٻن کان پوءِ ٻيانوي ۽ ٽن جو نالو نه وٺندا جو ان ۾ طلاق جو دخل هوندو آهي، تنهن ڪري انکي “وڌين تون ” اهڙي طرح پنجن کي گنج ۽ نوانوي کي وڌانوي چون مسجد کي “الله جو گهر” ۽ قرآن شريف کي وري “ڀلو سونهارو يا ٻنهي جهانن جو وسيلو” چون. ڏاڙهي کي “سونهاري” ڳالهائڻ جي واري وٺڻ لاءِ اڳلي کي چون “الله ڀلو ڪرئي يا تنهنجي وات ۾ مصري”، ماٺ ڪرائڻي هوندي ته “ادا وڏو ٿي پٽڪي کي ڏس”، خدا نخواسته نانگ چڪ هڻي ته چون “ڪک سنگهيو اٿس” ڏيئو وسائڻو آهي ته“ڏيئو گل ڪر” اهڙي قسم جا ٻيا به هزارين مهاورا ۽ اصطلاح ۽ استعمال ٿيندا آهن. جيڪي اسانجي ثقافت جا وڻندڙ رنگ آهن.


    • ڪڏهن به _ نه ٿيڻ واري ڳالهه

    هي مضمون مونکي پنهنجي اڳ ۾ لکيل ڪتاب “زندگي جو ساٿ ” ۾ لکڻو هو پر پبلشر، پريس، يا ڪنهن ٻي غلطي سبب ڇپجي نه سگهيو. ڪافي ٻيا به ڪجهه احوال ۽ بيان رهجي ويا جن جو ڏاڍو ارمان ٿيو. بس ان جو خاص اهيو سبب محسوس ڪيم ته ڪتاب ڇپرائڻ جو تجربو نه هو. هن مضمون کي لکيل ڏسي دل ٻيهر لکڻ لاءِ جوش وٺندي هئي. ان احساس جي پورائي لاءِ هن ڪهاڻي کي توڙي ٺهي يا نه ٺهي واري بنياد تي هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان. ته جئين ڪم از ڪم ياد ته رهجي وڃي.
    پريشانين ۽ ڏکن کان ڏور مونکي جڏهن پنهنجو بچپن ياد ايندو آهي، سکن واري ۽ ڳڻتين کان بلڪل بي خبر واري زندگي ٻيهر ياد اچي ويندي آهي. حيرت ٿيندي سوچيندو آهيان ڪاش اهو زمانو ٻيهر موٽي اچي جيڪو ڪڏهن به اچي نه ٿو سگهي پر يادون اڃان ياد آهن. انهن يادگيرين کي مان هن طرح ياد ڪندو آهيان. بس ٿوري گهڙي لاءِ اهي بچپن ۽ معصوميت وارا ڏينهن موٽي اچن. گهڙي کن لاءِ ٻار ٿي وڃجي. زندگي ۾ مليل سمورا ڏک،درد گهڙي کن لاءِ وساري ڇڏجن. چند لمحن لاءِ هڙئي پڇتاءُ، سور، کٽڪا، ۽ ڳڻتيون ڀلائي ڇڏجن ۽ ڪجهه لمحن لاءِ ارڏاين، انگلن، ۽ کيچلن جي جيءُ ۾ وڃي جايون جوڙجن. ٿورين گهڙين لاءِ دل جا زخم، هياءُ جا ڦٽ، سمورا گهاءُ ۽ رنج لڪائي ڇڏجن ۽ ڪجهه لمحن لاءِ خوشين جي وطن ۾ وڃي بي پرواھ گهارجي. ٿوري دير لاءِ موجوده مصروفيتن کان منهن موڙي وڃي ٻارن سان گڏ ٻارن جي خوبصورت دنيا ۾ گذارجي. ڳوٺن جي ميدانن، واھن ۽ ڪڙين جي ڪپرن تي ڊوڙون پائجن برسات جي پاڻي ۾ راند ڪجي لڪ ڇپ رانديون ڪجن. وڻن ۽ ڀتين تي چڙهجي. ڀتين تي ليڪا ڪڍجن. پکين ۽ پوپٽن کي پڪڙڻ لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪجن. واھ جي ڀر ۾ ٺهيل کامن ۾ راند ڪجي آلي مٽي مان رانديڪا ٺاهجن. حياتي جي خفن کان آجو ٿي وڻن ۾ پينگهه ٺاهي ان ۾ لڏجي. چيڪلا ٺاهي انهن تي چڙهي هڪ جيڏن کي ڦيرائجي ۽ ڪيرائجي ۽ ڌڪ ڏجن. انبن ٽارين ۽ نمن جي ڇانو ۾ ويهي ڪاٺين جا گهر ٺاهجن ٻير جي وڻ مان ٻير پٽجن، ٻٻرن مان کئونر لاهجي. مٽي جا ٿانو ۽ رانديڪا ٺاهي کيڏجن. چانڊوڪين راتين ۾ چور ۽ ڀاڳين واري ۽ اکٻوٽ راند ڪجي. سمورين ڳڻتين کان پري ٿي مائٽن سان انگل ڪجن، مارون کائجن، فرمائشون ڪجن، کيٽا ڪجن، امان ۽ ابي جا دڙڪا سهجن. ٿوري ٿوري ڳالهه تان رسي پئجي. ڀائرن ۽ ڀينرن سان وڙهڻ، ناني ۽ ڏاڏي جا قصا ٻڌجن. ڪهاڻين سان روح ريجهائجي بارش م ڪپڙا پسائجن. اسڪول وڃجي وري گسائجي، استادن جو مارون کائجن ۽ ڪن گوشيون ڪجن هڪ جيڏن سان جهيڙا ڪجن وري روئي روئي دانهون ڏجن، هڪ ٻئي جو سليٽون ڀڃجن، ڪتاب ڦارجن، اکين تي هٿ رکي روئي دانهون ڏجن، چغليون هڻجن، فيصلي کان پوءِ سائين جا ڏنڊا جهلجن چدا راند کيڏجن بس ڇاڇا ڪرڻ وغيره وغيره ٿوري دير لاءِ بس ڪاش ٿوري دير لاءِ اهو وقت موٽي اچي جيڪو بلڪل ناممڪن، ناممڪن بلڪه ڪڏهن به نه ٿيڻ واري ڳالهه..


    • دل کــــــــــــــــــي ڇُهندڙ يادون

    تاريخ جو قائل وقت جو قائل هوندو آهي تنهنڪري مان به هر غم توڙي هر خوشي هر ارمان يا نئين اميد کي بيحد محسوس ڪندو آهيان. هر ڳالهه کي ذهن ۾ رکي ياد ڪري ڇڏيندو آهيان هر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڏک سک درد ۽ صدمه ته ايندا رهندا آهن پر جئين فرنيچر مٿان ڪجهه وقت کانپوءِ مٽي جي دز ڄمي ويندي آهي ۽ ڪپڙي سان صاف ٿي ويندي آهي تئين وري انسان جي زندگي جي خاڪي تي انهن ڏکن صدمن ۽ دردن واري دز جا ڄميل تهه ڪڏهن صاف نه ٿيندا آهن وقت گذرڻ سان اهي ڄميل تهه يادن جي صورت ۾ هوندا آهن مان صرف پنهنجي ڳالهه ڪندس ته مان جڏهن به پنهنجي بچپن يا جواني جي يادن جي ڳوٿري جي ڳنڍ کوليندو آهيان ته پراڻيون بچپن واريون شرارتون عادتون ماضي جا قصا ۽ روح جا راز ياد اچي ويندا آهن. ڪجهه هتي لکي دل تان بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.
    1؛ مونکي ياد آهن پنهنجي زندگي ۾آيل اولاد جا ڏک ۽ تڪليفون پر انهن کي هتي هر گز نه لکندس ڇو ته دل برداشت نه ٿي ڪري سگهي
    2؛ مونکي ياد آهن اهي بچپن ۽ ناسمجهي وارا ڏينهن جو مان سڄو ڏينهن جهنگ ۾ اڏرندڙ ڪبوترن جي پويان ڊوڙندو هوس ته انهن کي پڪڙيان. پر پڪڙي نه سگهيس.
    3؛ مونکي ياد آهن اهي خوبصورت ڏينهن جڏهن اسان ننڍپڻ ۾ واري جي دڙن تان هيٺ ليٽهڙيون ۽ گسڪڙيون ڏيندا هئاسين جڏهن ته ڪابه نفعي ۽ نقصان جي خبر نه هئي.
    4؛ مونکي ياد آهن گرمي جا اهي ڏينهن جڏهن ٻاراني زندگي ۾ هڪ جيڏن سان گڏجي سڄو ڏينهن ميرواھ ۾ وهنجندا ۽ تڙڳندا هئاسين ۽ اڃ ۽ بک جي به پرواھ نه هوندي هئي.
    5؛ مونکي ياد آهي استاد مرحوم محمد ابراهيم ڪُٻر صاحب واري مار جيڪا هن مونکي نائنٿ ڪلاس ۾ ورڊ پڪا نه ڪرڻ تي ڏني جو مان بيمار ٿي پيس. پڙهڻ تان روح لهي ويو پر پندرهن ڏينهن بعد ٻيهر وڃي اسڪول ۾ پڙهيم.
    6؛ مونکي ياد آهي جڏهن سورهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته پئسه ختم ٿي ويا محمد سومر سومرو وٽ ويس ته پر ان وٽ به نه هئا، بحرحال ان سان گڏجي هڪ ٺڪر وڪڻندڙ دڪاندار کان ٻه رپيه اُڌارا گهريم ته ڪرايو ڪري گهر وڃان. هن سڄي ڏينهن ۾ اٺ دلا وڪڻي ٻه رپيه ڏنا ۽ ڪرايو ڪري گهر آيس.
    7؛ مونکي ياد آهي ٿر جي ڀٽن جي تتل واري ۾ ڪنڊي جو اهو وڻ جنهن ۾ شنڱرين سان ڀريل لامون هوا ۾ لُڏن پيون ۽ هڪ اُٺ اچي اهي شنڱريون پٽي کائي پيو. ۽ آءُ هڪ دڙي تي ڪرڙ جي ڇانو ۾ ويٺو ڏسي رهيو هوس.
    8؛ مونکي ياد آهي اها چانڊوڪي رات جو مان پنهنجي ريگستاني اوطاق آڏو ويٺو هوس ۽ ٿوري مفاصلي تي هڪ لومڙي چانڊوڪي ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي ڊپ وچان ننڍري ٻار جي روئڻ جهڙي آواز ۾ دانهون ڪري رهي هئي ۽ مان محظ تماشي خاطر لٺ کڻي ان لومڙي جي ڪڍ لڳس. ۽ ٻه ماٿريون اڳتي ڀڄائي هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڍنڍ کٿ ۾ ڇڏي آيس.
    9؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن ذولفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي گهر واري ۽ ڌيءُ کي منهن ڏسڻ به نه ڏنو ويو.
    10؛مونکي ياد آهي جڏهن مان بي ايڊ ڪاليج سکر ۾ پڙهندو هوس ته چار دوست هڪ مرحوم قمرالدين ساريو، نثار رند، ولي محمد شر، گل مير انصاري سدائين گهيري يا دائري ۾ مونسان گڏ هئا پر پوءِ الڳ ٿي وياسين.
    11؛ مونکي ياد آهي برسات واري موسم جڏهن مان دوستن سان گڏ سوات جو شهر مرگزار گهمون پيا منهنجي خريد ڪيل ڇٽي مونکان ((هڪ دوست)) وٺي برسات کان بچڻ لاءِ پنهنجي مٿان کولي.
    12؛ مونکي ياد آهي اُهو خوبصورت ڏينهن جڏهن ايوبيه گهمون پيا جبل جي هيٺان بادل هوا ۾ اڏري اچي رهيو هو، مون هڪ دوست سان گڏ ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇهي نه سگهياسين.
    13؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن بصيري ۾ نوڪري دوران خليفي عرض محمد راڄپر وٽ رهون پيا شام جو سير ۽ تفريح لاءِ اسان ٽي استاد محراب علي ويسر، عبدلحڪيم شر، ۽ آءُ گڏجي هڪ ريگستان جي هڪ دڙي تي وياسون علائقي جي ماڻهن اسانکي ڌاڙيل سمجهي فائرنگ ڪئي ۽ اسان اتان بچي نڪتاسون.
    14؛ مونکي ياد آهي اهو وقت جڏهن آءُ ڪراچي ۾ ڪرفيو دوران پنهنجي پٽ دامن علي سان گڏ هڪ فليٽ ۾ موريل عباسي وٽ پنج ڏينهن ڦاٿل هئاسين. پنجن ڏينهن بعد ڪرفيو ۾ 2 ڪلاڪن جي نرمي ٿي ۽ پٽ کي ڪلهي تي کڻي لياقت آباد مان گرومندر تائين نڪري آيس.
    15؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جو راولپنڊي ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪيو ويو ۽ هوءَ بچي نه سگهي.
    16؛ مونکي ياد آهي اُهو ڏينهن منهنجو پيارو دوست قمرالدين ساريو پنجاب جي شهر قصور ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٻئي ڏينهن سندس اباڻي شهر باڊھ کڻي آيا.
    17؛ ۽ ها........... اگر الله چاهيو ته مونکي اهو ڏينهن ڪيترو ياد رهندو جڏهن آءُ نوڪري تان رٽائر ٿيڻ وقت حاضري رجسٽر تي آخري ڏينهن واري صحيح ڪندس ۽ مونکي احساس ٿيندو سٺ سال جي عمر جو. (الله نصيب ڪندو) آمين.


    • نســــــــــــــــــل جي حفاظت (آگاهي)

    ڪنهن خاص عنوان سان هي ضروري ڪالم لکي ڪتاب کي پورو ڪري رهيو آهيان. اگر هي ڪالم نه لکان ها ته شايد ڪتاب اڻپورو ۽ نامڪمل ٿي وڃي ها. هن جي لکڻ جو خاص مقصد عام توڙي خاص خاندانن لاءِ هڪ دورانديش سوچ ۽ سوچڻ جو فڪر آهي. اهيو آهي هڪ خطرناڪ ننڍن ٻارن جي موتمار بيماري جو ذڪر جنهن جو نالو آهي ٿيليسيميا ميجر ۽ سندس ٻيو نالو آهي هڪ جسماني اذيت ڏيندڙ بيماري. جنهن جي ڪري انهي بيمار ٻار جا مائٽ ذهني طور پريشان، جسماني طور مفلوج، معاشي طور تباھ ۽ سماجي طور انتهائي ڪمزور ٿي وڃن ٿا. بلڪل دردناڪ ڪهاڻي آهي هن قسم جي ڪهاڻي منهنجي يادن ۾ به شامل آهي ڇو ته مون پورا ويھ سال هن مرحلي ۾ ڪراچي جي هڪ اداري فاطميد فائونڊيشن ۾ گذاريا آهن. جتي بيمار ٻارن کي رت ڏنو ويندو آهي. مان به پنهنجي ٻارن کي ان اداري مان رت ڏياريندو هوس. ان سلسلي ۾ منهنجو ملڪي ۽ غير ملڪي ڊاڪٽرن سان واسطو رهيو انهي معلومات جي لحاظ سان هي سڀ ڪجهه لکي رهيو آهيان.
    هن بيماري کان بچڻ لاءِ صرف ۽ صرف احتياط تمام ضروري آهي. بيماري کان بچڻ لاءَ آءُ هن ڪتاب پڙهندڙن ۽ پنهنجي خاندان لاءِ صرف نصيحت يا آگاهي ڏيان ٿو ته جئين ان نصيحت واري ڳالهه تي عمل ڪري پنهنجي نسل جو تحفظ ڪري سگهن. پنهنجي نسل جي حفاظت ته اهي حيوان پکي ۽ جانور به ڪن ٿا. انسان ته وڏي سمجهه رکندڙ ۽ اشرف المخلوق آهي.
    1؛ ٿيليسيميا ميجر؛
    هي هڪ خطرناڪ موروثي يا خانداني بيماري آهي هن قسم جي مريض ٻار کي هر مهيني رت لڳايو ويندو آهي ۽ خاص دوائون ڏنيون وينديو آهن، اگر وقت تي رت نه لڳايو ويو ته ٻن مهينن دوران موت ٿي ويندو آهي پاڪستان ۾ هن وقت سال ۾ 4000 ٿيليسيميا ميجر جا ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ ٽوٽل هن وقت لک کان به وڌيڪ ٻار ٿيليسيميا ميجر ۾ مبتلا آهن.
    2؛ ٿيليسيميا مائينر
    پاڪستان ۾ هن وقت ميڊيڪل جي انگن اکرن موجب 5 سيڪڙو آبادي ٿيليسيميا مائينر ۾ آهن، ليڪن هن قسم جي مريض کي علاج ڪرائڻو نه پوندو آهي بلڪه ان متعلق ماڻهو کي خبر به نه هوندي آهي ته ڪو ان ۾ مبتلا آهي. هي خبر صرف هڪ ٽيسٽ وسيلي معلوم ڪئي ويندي آهي جنهن جو نالو آهي (Hb-Electrophorisis) ٿيليسيميا مائينر اگر ڪنهن ۾ آهي ته پنهنجي خاندان يا اهڙي جوڙي جي شادي نه ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ هي مرض آهي. ڇو ته ٿيليسيميا مائينر جي جوڙي جي شادي سان انهن جو اولاد وري ٿيليسيميا ميجر ۾ جنم وٺندو آهي جيڪا هڪ دردناڪ ۽ اذيت ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
    پنهنجي اچڻ واري نسل کي ٿيليسيميا ميجر کان بچائڻ لاءِ واحد طريقو اهيو آهي ته مرد ۽ عورت ٻئي ٿيليسيميا جي ٽيسٽ ڪرائن ۽ ٿيليسيميا مائينر جي صورت ۾ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کان پرهيز ڪن ان گفلت کان بچاءِ جي لاءِ (Hb-Electrophorisis) ٽيسٽ ڪرائڻ تمام ضروري آهي.
    اگر ڪنهن خاندان ۾ هڪ به ٿيليسيميا ميجر جو مريض پيدا ٿيل آهي ته ان خاندان ۾ دوران حمل هيٺين ٽيسٽ ڪرائڻ تمام ضروري آهي جنهن جو نالو، (Chorianic Villus Sampling) CVs) حمل واري ٻار ۾ هن ٽيسٽ جي ذريعي خبر پوي ته پوءِ اهو حمل ضايع ڪرائڻ گهرجي. شرعي عالمن جي فتوى موجب ڪوئي شرئي ڏوھ نه آهي هي ٽيسٽ حمل جي اڍاين کان ٽن مهينن جي دوران ٿيندي آهي.
    اگر سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود به غفلت کان ڪم ورتو ويو ته ٿيليسيميا جو مرض انهن مريضن ۽ سندن مائٽن لاءِ سڄي زندگي آزمائش بڻجي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سمجهه جو گهٽ هجڻ ۽ لاپرواهي تمام گهڻين خرابين ۽ پريشانين کي جنم ڏين ٿيون. الله سڀ جو حامي ۽ ناصر رهي. آمين.


    • رايـــــــــــــــــا

    ....ڪتاب موضوئي مناسبت سان چٽيل آهي. استاد عطا محمد تمام جهونو سنڌي ٻولي جو ڄاڻو، سياڻپ، سهپ رکندڙ ۽ ڪچهري جو مور آهي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ خاص ڪري ناز هاءِ اسڪول جي سونهن ۽ سوڀ جي واکاڻ ۽ تاريخ ظاهر ڪئي آهي، جئين ناز ۾ ناز ۽ ناز ۾ نينهن تعريف جوڳا عنوان آهن.

    نثار احمد ميمڻ
    هيڊ ماستر گورنمينٽ ناز پائلٽ
    سيڪنڊري اسڪول خيرپور ميرس


    2.... استاد عطا محمد جسڪاڻي جي ڪتاب منهنجون ماڳ منهنجون يادون سولي ۽ سهڻي ٻولي ۾ بيان ٿيل آهي جنهن ڪري هر ماڻهو دلچسپي سان پڙهندو ۽ سمجهندو، مواد ڪهاڻي نما آهي جنهن مان لکندڙ جي ڏاهپ ۽ ياداشت ظاهر ٿئي ٿي ڪتاب جا سڀ موضوع تاريخي ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهن

    ارشاد علي ملاح
    ايڇ ايس ٽي
    ناز هاءِ اسڪول خيرپور



    3....... الله تعالى هر هڪ ماڻهو کي ڪيتريون ئي صلاحيتون ڏنيون آهن جنهن مان لکڻ به هڪ ڏات ۽ ڏانءُ آهي. ڏات الله تعالى ڏيندو آهي ۽ ڏانءُ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن ۾ پيدا ڪندو آهي. استاد عطا محمد کلڻو ملڻو مهمان نواز، سٻاجهڙو ۽ محنتي استاد آهي آءُ کيس تمام گهڻي عرصي کان ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. سائين محنتي جفاڪش۽ هر دلعزيز ماڻهو آهي. هي ڪتاب سندس صلاحيتن جو چٽو ثبوت آهي.

    امان الله منگي
    ٺري ميرواه

    4 ... استاد عطا محمد جسڪاڻي جو هي ڪتاب بعنوان منهنجو ماڳ منهنجون يادون به سندس پهرين ڪتاب وانگر دلچسپ ۽ مزيدار آهي، ڳوٺ جي تاريخ ۽ ناز اسڪول جي تاريخ لکي معلومات پيش ڪئي اٿس. آءُ ته ائين چوندس سڄي جو سڄو خالص سون آهي.

    لطيف ساگر سومرو
    خيرپور ميرس


    5.... استاد عطا محمد منهنجو پراڻو دوست آهي مون کيس ويجهي کان سڃاڻان ٿو سندس لکڻيون ڏاڍيون دلچسپ آهن، سندس ڪالم ڪڏهن به نه ٿيڻ واري ڳالهه مونکي ڏاڍو وڻيو. مان سندس ڪهاڻيون بار بار پڙهندو آهيان.

    محراب علي ويسر
    جانهيرو ٺري ميرواھ


    6....ناز هاءِ اسڪول جو هي استاد عطا محمد جسڪاڻي جو ڪتاب پڙهيم سندس سفر نامو (ٿر ٿياس) ڏاڍو پسند آيو ٿر جي باري ۾ سٺي معلومات ڏني اٿس.
    ڀورو مينگهواڙ
    نئون ڪوٽ ميرپور خاص

    7... جسڪاڻي صاحب جو ڪتاب زندگي جو ساٿ بهترين لکيل آهي سندس ٻئي ڪتاب جو ڪالم دل کي ڇهندڙ يادون نظر مان گذريو سندس سمورو مواد سٺو ۽ پڙهڻ وٽان لڳو.

    پون ڪمار ۽ روي ڪمار
    خيرپور ميرس

    8...عطا محمد منهنجو سٺو دوست آهي پنهنجي باري ۾ يا ڳوٺ بابت جيڪا تاريخ لکي اٿس سا قابل تعريف آهي سندس هر هڪ لفظ چٽو ۽ ماکي کان مٺو لڳو. سندس محنت جو قدر ڪيان ٿو.

    استاد محمد انور جکرو
    خيرپور ميرس

    9. استاد عطا محمد جسڪاڻي جو ڪتاب زندگي جو ساٿ پڙهيم، تمام گهڻو پسند آيو. سندس لکڻيون معياري ۽ وڻندڙ آهن. آءُ ته صرف سائين لاءِ الله کان دعاگو آهيان ته سدائين خوش هجي ۽ اهڙا ڪتاب لکندو رهي.

    صاحب خان تمراڻي
    ڪنب، ڪوٽڏجي

    10.. قدرت هر انسان ۾ انيڪ ۽ اڻڳڻيون صلاحيتون ڏنيون آهن. جن کي هو لفظن جي موتين سان سهيڙي زندگي جي سُونهري ڪتاب ۾ هڪ باب جو اضافو ڪري ٿو. سائين عطا محمد اندر جي ڪتاب جا انمول پنا ظاهري روپ ۾ لکيا آهن. جيڪي نج ٻهراڙي جي فطرتي سونهن کي پيش ڪن ٿا.

    گل بهار ڪٽوهر
    خيرپور ميرس


    11...عطا محمد منهنجو بچپن کان ساٿي ۽ همدرد رهيو آهي اسان تقريباً زندگي جو سڄو عرصو هڪ ٻئي سان گڏ گذاريو آهي. عطا محمد صاحب ڳوٺ دُٻي ۽ اتي رهندڙ قومن جي هي تاريخ لکي علائقي جي ماڻهن تي احسان ڪيو آهي اسان سندس محنت جو قدر ڪيون ٿا ۽ مبارڪ ڏيون ٿا.

    استاد عبدالستار جسڪاڻي
    ڳوٺ دُٻي ميرواھ


    • پڄـــــــــــــــــــــــــــــــاڻي

    ڪاش! منهنجي زبان ۽ منهنجو قلم انهن خيالن جو اظهار ڪري سگهن ها جيڪي مون ۾ پيدا ٿي رهيا آهن. ڳوڙها وهائن بيڪار آهن. خبر نه آهي اُهي ڇو، ڪيئن، ۽ ڪٿان اچي اکين ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ سندن مقصد ڇا آهي؟. شايد اُهي ڏينهن سوچن ٿا جيڪي باقي نه رهيا آهن وقت اسان کي اڪيلو ڇڏيندو پاڻ اڳتي تيزي سان وڌي رهيو آهي. ڪهڙي شئي آهي جيڪا باقي رهندي؟ هڪ غم کان نجات ملي ٿي ته ٻئ غم ۾ گرفتار ٿي وڃون ٿا، مون هيئر تائين گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي ۽ گهڻو ڪجهه معلوم ڪيو آهي.
    آخر ۾ آءُ جليس فاطمه جو لکيل هي غزل لکي ڪتاب جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪيان ٿو.

    ہر گز نہ سن سکو گے ا‌‌فسانہ زندگی کا ۔۔۔ ہم نے دیا ھے تم کو نذرانہ زندگی کا
    تکمیل آرزو کا اک مرحلا کٹھن ہے ۔۔۔ یہ راز تم بھی دل کو سمجھانہ زندگی کا
    تجھ سے بچھڑ کر کے ساتھی ہر شی اداس ہے ۔۔۔ اس دل پہ چھا گیا ھی ویرانہ زندگی کا
    جس جس کو ہم نے چاہا اس سے جدا ہوۓ ھیں ۔ یوں بھی دیا ہے ہم نے جرمانہ زندگی کا
    سمجھا جلیس اب تک کوۓ نہ راز ہستی ۔ پھر بھی ہے سارا عالم دیوانہ زندگی کا


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267777
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388003
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ