ڪتاب جو نالو: درد جو درياهه
مصنف: موهن ڪلپنا
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1999
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 04 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 818 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 688 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”درد جو درياهه “ نامياري ليکڪ موهن ڪلپنا جو جو لکيل ناول آهي جيڪو روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. هي ناول ورهاڱي ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ڇا ڇا ٿيو جي پسمننظر ۾ لکيل بهترين ناول آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • موهن ڪلپنا ۽ سندس ڇپيل ڪتاب
  • سيلف پورٽريٽ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (136) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”درد جو درياهه “ نامياري ليکڪ موهن ڪلپنا جو جو لکيل ناول آهي جيڪو روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
    هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ جي ويب تان کڻي سنڌ سلامت پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ۾ پيش ڪري رهيا آهيون
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    سنڌي ادب ۾ موهن ڪلپنا جي حيثيت ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس جي منفرد ۽ مٿاهين آهي. ورهاڱي کان پوءِ، هن جيڪي لاڙا پنهنجي لکڻين ذريعي پيش ڪيا آهن، اُهي نه رڳو ادبي طور تي منفرد آهن، پر پڙهندڙن ۾ اهڙي قسم جي لکڻين کي بيحد پسند پڻ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري موهن ڪلپنا هند توڙي سنڌ ۾ ريڊرشپ ۾ جيڪو واڌارو آندو، اُن جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. سندس هيل تائين 25 کن ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول ڇپجي پڌرا ٿيا ۽ سندس هر ڪتاب جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.
    مرحوم طارق اشرف جڏهن مرتيي کان ٿورو اڳ ڀارت ويو ته موهن ڪلپنا جيڪو سندس دوست هو تنهن کيس ناول ’درد جو درياه‘ سنڌ ۾ ڇپرائڻ لاءِ ان اُڪير سان ڏنو ته، ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجو هي ناول سنڌ ۾ ڇپجي.“ طارق جي مهرباني چئجي يا قرب، جنهن محترم تقي صاحب هٿان نياپو موڪلي، مون کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائين، ”جيڪر هي ڪتاب اوهان جو ادارو ڇپائي پڌرو ڪري ته مون کي خوشي ٿيندي.“ مون سندس ٿورا مڃيندي، کانئس مسعودو ورتو. پر جڏهن ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ هيو ته طارق اشرف اسان کان جدا ٿي ويو ۽ اڃا ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه گذريا ته اوچتو موهن ڪلپنا به پنهنجي دل ۾ اباڻي وطن کي وري ڏسڻ جون سموريون خواهشون کڻي اسان کان الڳ ٿي ويو. ۽ سندس اها چواڻي سچ ٿي پئي:
    ”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هيو موهن ڪلپنا جي پاڻ ۾ ملي نه سگهيا.“
    هاڻ جڏهن هي ناول ڇپجي پڌرو پيو ٿئي ته نه طارق اشرف ئي اسان وٽ رهيو آهي ۽ نه وري موهن ڪلپنا ئي پنهنجو سنڌ مان ڇپيل هي ناول اکئين ڏسي ٿو سگهي، نه ته جيڪر ادارو سندن اڳيان سرخرو ٿئي ها.
    ڪاش!

    ادارو


    موهن ڪلپنا ۽ سندس ڇپيل ڪتاب

    سڄو نالو: موهن بولچند لالا (اصل سيوهڻ جو)
    جَنم: ڇنڇر 22 نومبر 1930ع، ڪوٽڙي، سنڌ.
    تعليم: مئٽرڪ
    پيشو: اخبار نويسي. ايڊيٽر روزانه ”سنڌڙي“
    ڪٽنب: شادي شده: زال (ڪمل)، ڌيءَ (گيتا)
    ادبي سنسٿا: چيئرمن: مهراڻ ادبي سنگت
    پهرين رچنا: آتم هتيا (ڪهاڻي) 1948ع
    ناول: آواره (1953ع)، لگن (1954ع، سنڌ ۾ 1957ع)، عورت (1956ع)، زندگي (1957ع، سنڌ ۾ 1958ع)، پٿر جو جگر، ميمڻ جي دل (1958ع)، وشواش (1959ع سنڌ ۾ 1960ع)، رڃ ۽ پاڇا (1966ع، سنڌ ۾ 1967ع ۽ 1984ع)، پيار جي پڇاڙي (1969ع)، جلا وطني (1974ع، سنڌ ۾ 1975ع)، تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين (1975ع، سنڌ ۾ 1991ع)، ماءُ (1979ع، سنڌ ۾ 1989ع)، ڪانءُ ۽ سمنڊ (1981)، اٺين ڪٿا (سنڌ ۾ 1991ع)، درد جو درياء (سنڌ ۾ 1992ع).
    ڪهاڻين جا مجموعا: موهي نرموهي (1981)، چاندني ۽ زهر (1964ع، سنڌ ۾ ’چانڊوڪي ۽ زهر‘ جي عنوان سان 1971ع)، فرشتن جي دنيا (1967)، اُها شام (1981ع، سنڌ ۾ 1982ع).
    پيار ۽ پاپ (سنڌ ۾ 1977ع)،
    رپورتاج: اڃا رات باقي آهي (1955ع)
    ٻارن لاءِ ناول: سرڳ جي ڳولا (1958ع، 1981ع ۽ سنڌ ۾ 1991ع)
    مقالو: سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش (1963ع)
    جيوني: فنڪار ۽ فيلسوف (1973ع)، آفتاب انقلاب (1975ع)
    آتم ڪهاڻي: بک، عشق ۽ ادب (سنڌ ۾ 1984ع ۽ 1991ع)
    خط: منهنجا هم وطني (1975)
    شاعري: جهاز جي ڊيڪ تي (1983ع)


    سيلف پورٽريٽ

    آئيني اڳيان؟ پر ڪهڙو آئينو؟ من جو”... پر ان اڳيان ته مان يگن کان بيٺو آهيان ۽ مون پنهنجو بدلجندڙ روپ ڏٺو آهي. پر هاڻ مون ان آئيني کي ڀڃي ڇڏيو آهي. هاڻ منهنجو ڪوئي اندر وارو ڪونهي. هاڻ جو مان آهيان، اهو ٻاهر آهيان. منهنجي اندر سڙيل ماس جي بدبوءِ آهي. ذهن جون تمام شمعون وسامي ويون آهن. تصوير جي ندين پنهنجا وهڪرا ڦيرائي ڇڏيا آهن. ڪلپنا جا ڦول مرجهائي ويا آهن. پکين جا کنڀ ڪٽجي ويا آهن. وڻن کي باهيون وچڙيل آهن. ڪنهن گمنام ڌنڌ ۾ چنڊ، تارا ۽ آڪاش گم آهن.
    شايد ڏاڍو شخص آهيان، ان ڪري هر جڳهه تي مون کي انڌڪار نظر اچي ٿو. ان انڌڪار ۾ مان اڪيلو آهيان، منهنجي راهه اڪيلي آهي. راهه نه ڄاڻان ڪهڙيون راهون ڪٽين ٿيون، مون کي خود پنهنجي منزل جو پتو ناهي. منهنجي سمرتين جو سڀ پريون بيهوش ٿي ويون آهن.
    اڄ مان مئن جو دڙو آهيان. گريس جو اٿينس، اٽليءَ جو روم آهيان. کنڊر آهيان. مون ۾ ڄارا آهن. ڪوريئڙا آهن. مان ٽڪيو پيو آهيان.
    مون ۾ اجنتا جي اونده آهي، پر ڪلا نه آهي، مان شو نه آهيان پر مون زهر پيتو آهي ۽ مان ڊٺو پيو آهيان، مان چين جي ڊٺل ديوار- مصر جو شاهي مقبرو آهيان.
    مون مارڪنڊيه جي پرليه ڏٺي آهي. مان اڻ جلمئيءَ ۾ ٻڏي ويو آهيان. مون پنهنجي من جو کير ساگر ولوڙيو پر امرت جو پيالو کڻي ڪا تلوتمان ان مان نه نڪتي. اندر ۾ ڄڻ ڪورو ۽ پانڊو لڙيا ۽ سڀ سمپت ٿي ويا. ڪٿي آهي ڪرشن- ڪنهن ان کي تير هنيو؟- تير گهڻا آهن، ڪرشن جو پتو ناهي.
    ڪيترا يگ مان هليو آهيان. پهاڙن مان. برفن جي چوٽين تان. انهن تان جو مون ڏٺا آهن ۽ مان اتاهين تان ڪري پيو آهيان ۽ مون کي ڪنهن به وشنوءَ بچايو نه آهي.
    پر مان شايد اڪيلو نه آهيان. مون سان گڏ منهنجي غمن ۽ پريشانين جي فوج به آهي. مون پنهنجي حياتي جون ڪيتريون شامون مندرن ۾ گذاريون آهن ۽ هڪ عمر کان مون طوائفن جا غزل به ٻڌا آهن. بي رحم زندگيءَ جي پياس ٻجهائڻ لاءِ مون انيڪ گلاس خالي ڪيا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ انهن شيشن سان منهنجو سڄو اندر ڪپجي ويو آهي.
    مون عورت کي ڪڏهن سيرانديءَ کان نه ڏٺو آهي. ان ڪري هن جي سنجيده روپ لاءِ مان اُڃ به تڙپان ٿو. اکين ۾ ور مالها کڻي هلڻ وارين کي مون ڪلبن ۾ سويمبر ڪندي ڏٺو آهي ۽ هر ڪار جي ڦيٿن هيٺان منهنجا سپنا ڪپجي ويا آهن. ڪتاب آهن، ڇا آهي انهن ۾؟... سڀني ڪوڙ جي ڳولها ڪئي آهي ۽ انهن کي سچ نصيب ٿيو آهي. سک ڪٿي آهي؟
    نقاب جي مٿان نقاب چڙهيل آهن. جيترا گهڻا نقاب اوتري وڏي تهذيب. ڪتاب تهذيب جا گتا آهن. جيترا گهڻا ڪتاب، اوترو گهڻو نشو- سڀ تصور جي غيب ۾ گم آهن.
    ڪلا هڪ اَڻ سڙيل سگريٽ جو نالو آهي، جنهن جي ڇڪيندڙ جي ڳولها ۾ سڄو جڳ حيران آهي. سڄو فلسفو ماچيس ۽ تيلين جو آهي. هڪڙا اونده ۾ روشنيءَ کي ۽ ٻيا روشنيءَ ۾ اونده کي ڳولهي رهيا آهن.
    رات جو چنڊ نڪرندو آهي ۽ ماڻهو سمهي پوندا آهن. شاعري ان جڳهه جو نالو آهي جا مساڻن ۾ چڪر لڳائيندي آهي. تپسيا اُلوءَ جو ڌرم آهي. تهذيب ڪپڙي جو وال نه پر ان جو اگهه آهي. تاج محل مزدورن جو پگهر آهي. شاهڪار ڪمپازيٽر جي ڪمپوزنگ آهي.
    مان مڃان ٿو ته مون تهذيب جو ڏيو اڃا نه ڏٺو آهي. مان ان فن کان به غير واقف آهيان جنهن ۾ عورت ساڙهي ته پائيندي آهي پر ان ساڙهي جي اندر ڪجهه نه هوندو آهي، ان ڪري مان آمريڪا جو ”بپٽ- نڪ“ آهيان. ڪچو ۽ اڻ گهڙيل آهيان. بت- شڪن، روايت شڪن آهيان.
    مان گيت- گوندم ۾ جئه- ديوجي ڀڳتي نه پر ڪرشن جو حوس ڏسندو آهيان مون کي راڌا جي مک کان هن جو سينو وڌيڪ سندر لڳندو آهي. منهنجو آدرش بنگلا آهي، ڀرتريءَ کي مان اٽي لپ ڏيئي سگهندو آهيان.
    مون لاءِ پل ڪمزورن جو رستو آهي. مون لاءِ ميدان ٻڍن جي ڇانوڻي آهي. مان لاهين چاڙهين، آنڌين ۽ طوفانن جو طرفدار آهيان.
    مان هر جڳهه تي لڙيو آهيان ۽ هر جڳهه تي منهنجو سر ڪٽيو آهي. پر منهنجو سر به سر آهي رانوڻ جيان جو هر دفعي پنهنجي جڳهه تي بيٺو آهي. منهنجو دليل سر وٺڻ، سر ڏيڻ آهي. مان زهر پي سوچيندو آهيان ۽ خون ۾ قلم ٻوڙي لکندو آهيان.
    مون لاءِ ادب ٻڪريءَ جي شهادت آهي، مون لاءِ امرتا ڪاليءَ جو سراپ آهي.
    لهو هي جڳهه لهو آهي. آئينو ڪٿي آهي؟ هر ڪو خون ۾ لوٿ پوٿ ٿيو پيو آهي. ڪاليداس جي اُروشي جڏهن جڏهن لڪشميءَ جو پارٽ کنيو آهي تڏهن هن پنهنجي ور مالها وشنوءَ کي نه پر پرور کي پاتي آهي. بي آبرو ٿي صرف غالب ڪونه نڪتو آهي، هڪ موهن ڪلپنا به آهي. پر هر نانڪ سان مڪو پنهنجي جڳهه بدلائيندو آهي.
    سڀ پٺيون کڻي هلن ٿا. ڪنهن جو سر ڦاٽل آهي؟... مان جانسن نه آهيان. منهنجي مٿان برابر هئلمٽ جو دهو پيل آهي ۽ مان ڪيٽس جيان ٽٽو پيو آهيان ۽ منهنجو معيار هئلميٽ جي محبوب اوڦيلا جيان ڦول چونڊيندي سرن درياه ٿي ويو آهي.
    مان پريمچند جي گهر ٻاهران ڪڏهن به نه لنگهيو آهيان. ايام ٿيا جڏهن مون شرت جي گهر چلم ڇڪي هئي. مان هن جو وڃايل اندر ناٿ آهيان. مون کي هڪ رات هن جي ڪمل سان به گهارڻ جو موقعو مليو آهي. پر مون کي هن جي ڪروڻا مئي، ديواڪر بڻائي نه سگهي آهي. مون هر جڳهه سويه- ساچيءَ سان ٽڪر کاڌا. مون شريڪانت کي مساڻن ۾ راج لڪشمي کي ياد ڪندي ڏٺو آهي.
    مون کي پوري خاطري آهي ته مان سرسوتي جي چوٽيءَ مان ڪريل ڦول جي هڪ پنکڙي نه آهيان.
    پر ڪڏهن، ڪٿي ڪنهن پنهنجو پير رکيو هو، مان ان پير جو نشان آهيان ۽ مان ان پير جي ڳولها ۾ آهيان.
    مان مردانا ڪپڙا لاهي، زنانا ڪپڙا پائي رهيو هوس. مونکي تمام خراب لڳي رهيو هئو. جواني منهنجي جسم ۾ داخل ٿيڻ لڳي هئي ۽ منهنجي خوابن ۾ اُهي چهرا اُجاگر ٿي ٿيا، جن ۾ گلاب جي پنکڙين ۾ گهوٽيل مکڻ ۽ چانڊوڪيون هيون. ڪا ڄڻ، کٽ اڳيان اَچي بهندي. اکيون کوليان ته ڏسان ڪڪڙ ٻانگ ڏيئي رهيو آهي. نم جي وڻ جون ٽاريون ٻه منزلي کڏ ڀرسان ڀوت داخل ماتا جيان جهومي رهيون آهن. جهرڪين جي چهڪ. مٽيءَ جي مهڪ.
    ها منزل گاه جا فساد ٿي چڪا آهن. ڀڳت ڪنور مارجي ويو آهي ۽ سنڌ کان ٻاهر جا آيل اڳواڻ اسان جي وڏن کي سمجهائي چڪا آهن ته اسان سنڌين ۾ ڪي هندو ۽ ڪي مسلمان آهن. ته سنڌين به ائين وهسڻ شروع ڪيو آهي ته پهرين هو هندو ۽ مسلمان آهن ۽ کين وسرڻ لڳو آهي ته پهرين هو سنڌي آهن.
    مون کي خراب لڳي رهيو آهي ته مونکي هڪ ناٽڪ ۾ ڇوڪريءَ جي ڀومڪا ادا ڪرڻي آهي. مون کان ريهرسل ڪرائي ويئي آهي. مڪالما مون کي ياد آهن. سکر ۾ ڀڳتون گهڻيون ٿيون آهن ۽ هاڻ ناٽڪ به ٿيڻ لڳا آهن. ناٽڪن ۾ هندو مسلمان سڀ اچن. کُلو کُلو کلن ۽ لڪي لڪي روئن. ناٽڪ ڪلا کين هندو ۽ مسلمان بدران سنڌي بڻايو ڇڏي. دراصل اهي فرق به اسان کي ٻاهران آيلن ٻڌايا آهن. سڀني مندرن ۾ ويٺل پُڄاري اُتر هندستان مان آيل آهن. مڪي ۽ سنڌ ۾ فقط هڪ سٽ ساڳي ڳالهائي ويندي آهي: لا اِلله اِل الله محمد رسول الله. اها سٽ به سنڌ ۾ ڪعبي کان بغداد معرفت محمد بن قاسم 712ع ۾ سنڌ آندي. سو هندو ۽ مسلمان پڻا سنڌ ۾ ٻاهر کان آيا ۽ هاڻ ٻاهر کان آيل اڳواڻ اسان کي اسان جا فرق ٻڌائي رهيا آهن ته پهرين سنڌي نه پر هندو ۽ مسلمان آهيو.
    هندو اُهو جو ڀڳوان کي مڃي. مسلمان اُهو جو خدا کي مڃي. هندو ڌرم هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور آهي. جنم لاءِ برهما. پالڻ لاءِ وشنو. مارڻ لاءِ شَو. وگهن ناس ڪرڻ لاءِ گڻيش. وديا لاءِ سرسوتي. ڌن لاءِ لڪشمي. جنم کان اڳ زندگي. موت کان پوءِ زندگي. جنمن جو چڪر. اسان جي ديوتائن کي چهرا- انهن جا بت.
    محمد خدا جو پيغام پهچائيندڙ. الله هڪ. ان جو ڪوبه روپ نه. هڪ پيغمبر محمد. هڪ ڪتاب: قرآن. برابريءَ جو هڪ ئي رستو.
    هندن ۾ ويد، پراڻ، اپنشد، سمرتيون، درگا جا نَو روپ.
    مسلمانن ۾ قيامت، سڀ لاش قبر مان هڪ وقت اُٿندا ۽ خدا کين سندن ڪرمن موجب جنت يا دوزخ ۾ موڪليندو.
    منهنجو پيءُ زميندار. ان وٽ هاري ناري ۽ اڳواڻ اچن ۽ بحث ڪن. مان اُهي ٻڌان، نه ته پڙهڻ ۾ مشغول. چار درجا سنڌيءَ جا پڙهڻ بعد چار انگريزي پڙهي پنجين ۾ داخل ٿيو آهيان ۽ ان جو امتحان ڏيئي چڪو آهيان ۽ هاڻي راجا مندر کان ٿورو اڳڀرو ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو آهيان. ماستر صاحب اخبارون پڙهڻ تي زور ڏي، جنهن مان خبر پيم ته ٻي مهاڀاري جنگ چالو ٿي چڪي آهي. مهاتما گانڌيءَ، ”انگريزو ڇڏيو هندستان“ جو نعرو هنيو آهي. سباش چندر، آزاد هند فوج ٺاهي آهي ۽ محمد علي جناح مسلمانن جي هوم لينڊ لاءِ پاڪستان جي گهر ڪئي آهي. پر مان اِهو سچ چئي ڏيان ته مون اڳيان اِهي ڳالهيون وقت گذرڻ بعد کُلڻ لڳيون ۽ صحيح پس منظر ۾ سمجهه ۾ اچڻ لڳيون. گهڻا ڪوڙ سچ مون اڳيان ظاهر ٿيا آهن.
    مان پنهنجي المستيءَ ۾، سنڌ ۾ ناٽڪ جي جڙ پوڻ لڳي. مگر سکر ۾ اَڃا اِها حالت نه هئي ته ڪا ڇوڪري اسٽيج تي اَچي، جا حالت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪڏهن هئي.
    سنڌ ۾ ناٽڪن جي شروعات حيدرآباد جي ڪاسائين ڪئي. اردوءَ تان الٿا ڪري ”خوبصورت بلا“، ”دل – نادان“، ”فرياد مجنون“. تڏهن ناٽڪ اڪادميون ڪونه هيون جو کين اَڪادمي انعام ۽ سنڌ گورو پرسڪار ڏين. خيرپور رياست جي چُڪِي پي اُهي موتمار ڊائلاگ چوندا هئا جو سڄي دنيا جون نعمتون اُتي سجدا ڪنديون هيون.
    مون کي خراب لڳي رهيو هئو ته مون کي ساڙهي ٻڌي پئي ويئي. ڇاتي تي به ڪپهه ۽ ڪپڙي جون ٺهيل ٻه ابتيون شئمپين لڳايائون. اکين ۾ ڪجل، چپن تي لعلي، ڳلن تي سرخي. ڪانٽن سان لڳل لمبا وار. ڪمر وٽ ڪشي اٺ ڏهه اڳٺ ٻڌايائون، جن جا ڳن هفتا قائم رهيا ته هلي ته نانگن جيان بل کائي. پنجي پئسي سير کير ته پيسي پلو ۽ ماڻهو ڳائين: هلو ڀائي هلو پائيءَ لڳو پلو. تڏهن رپئي ۾ هڪ سئو ٻيانوي پايون هيون. هڪ پائيءَ ۾ چار پوريون ۽ دال يا نَوَ مرچائي تريل پڪوڙا ملندا هئا. سال شايد 1944 جو هئو ۽ سکر ناٽڪ منڊليءَ جو اهو فيصلو ته جيڪڏهن ناٽڪ ڪامياب ويو ته منڊليءَ کي سنڌ جو سفر ڪرائينداسين. ناٽڪ هئو اَنارڪلي. لاهور ۾ انارڪلي اسٽريٽ آهي. اُتي انارڪلي جي هڪ خيالي قبر به آهي جتي پڙهڻ ۾ نه ايندڙ اردوءَ ۾ لکيل آهي: اي بادِ صبا (صبح جي هوا) – ذارا آهستي چل – يها سوئي هئي هي انارڪلي. انارڪليءَ کي ته اڪبر جيئري چوطرف ڀتيون لڳائي پورائي ڇڏيو، جنهن ڀيانڪتا تي اڃا ڪنهن نه لکيو آهي – مگر اها جڏهن مري ٿي – سندس دم ٽٽڻ ٿو لڳي – اکيون ڦاٽل ٿيون لڳن – ڄڀ ٻاهر نڪري ٿي اَچي ته شاعر هوا کي چون ٿا – ڏس هتي انارڪلي سمهي پيئي آهي – ڏس آهستي هل – زور سان هلندينءَ ته سندس ننڊ ۾ رخنو پوندو. سو، اڪبر، دي گريٽ ته کيس مارائي ڇڏيو، مگر ماڻهن هميشہ لاءِ کيس دل ۾ جاءِ ڏيئي ڇڏي.
    ماڻهو....
    ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، اگر کين خبر پوي ته کين ڇا ڪرڻو آهي. اِهو مان ڄاڻان ٿو ۽ وقت گذرڻ سان ٻڌائيندس ته کين ڇا ڪرڻو آهي. ڇو ته مان هڪ اُهو سنڌي آهيان، جنهن کي جڙ کان ڪٽي ڪنهن اوپري جڳهه تي ڦٽو ڪيو ويو. اَنارڪلي ته ڀتين ۾ ڳاڙهي ويئي، پر تون کليل زمين، کليل آڪاس ۾ اڪيلو، بيوس، ٿڪل، اُڃايل، ماندو پيو رهه ۽ ايترو پري جو تنهنجي نظر به اسان تائين نه پهچي ۽ مون کي ڪنهن شاعر جيان چوڻو پوي: سرحد پار نظر کي وڃڻ ڏيو.
    ناٽڪ ۾ مان پرنس سليم کي انارڪليءَ جي ڀومڪا ۾ چوان ٿو: ”مان آگري جي ٻانهي. منهنجو ڪهڙو ملهه. مون کي ته اهو پريمي کپي، جنهن کي منهنجي گهرج هجي. جو منهنجون ننڍيون ننڍيون خواهشون پوريون ڪري، مان نه اچان جو وڻ هيٺان بيهي منهنجو انتظار ڪري. جو سدا سلامت هجي، مگر جو منهنجي لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار هجي. آهي ڪوئي؟ ڪوئي آهي؟“
    ته حاضرين مان هڪ جوان اُٿي چيو: ”مان آهيان. مان آهيان. انارڪلي“
    تاڙيون وڄي ويون.
    ناٽڪ ختم ٿيو ته ماڻهو اسٽيج ڏانهن ڪاهڻ لڳا. ڊائريڪٽر ٻانهن کان ڇڪي ٻاهر وٺي آيو ۽ ٽانگي ۾ وهاري مون کي گهر ڏانهن وٺي هليو. ٽانگو پنهنجي مخصوص انداز ۾ هلڻ لڳو. ٽاپ ٽاپ. ڇم ڇم. ٽاپ ٽاپ. ڇم ڇم. اگر مان ڇوڪري هجان ها ته اُن جوان تي عاشق ٿي پوان هئا.
    مون ميڪ اپ ڪونه لاٿي هئي. مٿي ٻه ماڙ تي پهچي مان دريءَ تي پهتس ته ڏٺم اهو ئي جوان بيٺو هئو. سامهون واري نم جي وڻ هيٺيان. ميڪ اَپ بدلايم وري دريءَ تي آيس ته اڃا به بيٺو هو. جمع، ڇنڇر، آرتوار. ٽي ڏينهن ناٽڪ هليو. ٽئي ڏينهن هن اُٿي چيو، مان آهيان! مان آهيان!!.
    ڪو مسلم جوان هئو. اکين ۾ درد. فراق ۾ اداس اکيون کڙڪي تي. خبر ڪونه هيم ته ڪنهن وڏيري جو پٽ هئو.
    آتوار شام وري مان مٿي ۽ هو وڻ هيٺان. مان سوچڻ لڳس ته آخر هو ڇو ٿو اچي. کيس ڇا کپي؟ اُن شام مان گهر ۾ اڪيلو هوس. مون کيس آڱر جو اشارو ڏنو ۽ هو اُمالڪ مٿي چڙهي آيو. مان کٽ تي ويٺس ۽ هو کڙڪي جي ٻني تي ويهي مون ڏانهن نهارڻ لڳو.
    ”توکي ڇا کپي. ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن تون هيٺ بيٺو آهين“؟
    ”مون کي تون کپين اَنارڪلي“
    ”مگر مان اَنارڪلي نه آهيان.“
    ”مهلقا آهين تون. جان بهار. جان بلبل. طوفان محبت. جان – من. جاني جان. . .“
    ”مگر مان مرد آهيان.“
    ائين ڇئي مان پنهنجي ساڙهي لاهڻ لڳس. وار به لاٿم. ڇاتي تان ٻڙا به.
    شايد کيس صدمو رسيو. هن درد مان چلايو، ”هي ڇا انارڪلي!“
    سندس مٿو ڦرڻ لڳو ۽ هو چڪر کائي ٻه ماڙ منزل تان هيٺ ڪري پيو. مان ڇلانگ ماري دريءَ تي پهتس، هو اُبتو ڪريو هئو. سندس مٿو ڦاٽي پيو هئو.
    ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا.
    توتاڙن تي اعلان ٿيا: هندو زميندار پرتاب راءِ جي پٽ وشنو، وڏيري نصير خان جي پٽ تنوير کي گهر ۾ گهرائي خون ڪيو. خون جو بدلو خون.
    سکر جون بزارون بند ٿي ويون. اسان جي جڳهه جي چوڌاري پوليس پهچي ويئي. ڪن هنڌان هندو مسلمان فسادن جون خبرون آيون. گهر جو هڪڙو ئي ڀاتي، پيءُ، خزانچي، سندس خانگي رکوالا، ڌارمڪ اڳواڻ ۽ پوليس عملدار پهچي ويا. مون بيان ۾ حقيقت بيان ڪئي. اٺ ڄڻا مارجي ويا. سکر ۾ اُن ئي رات ڪرفيو لڳو. فساد ٻئي ڏينهن به جاري رهيا. پوليس گوليبازي ٿي. صوبي جا هندو – مسلمان اڳواڻ سکر پهچي ويا. سکر ۾ مارشلا لڳو. شوٽ – آئوٽ – سائيٽ جا آرڊر نڪتا.
    گفتگو ڪهڙي؟-
    - آهي ڪوئي؟ ڪوئي آهي؟-
    - مان آهيان مان آهيان – انارڪلي!-
    محبت جي ناٽڪ جو هڪ مقالمو، ويهن ڄڻن جي موت ۽ ٻن سئو ڄڻن جي زخمجڻ جو ڪارڻ بڻيو.
    هڪ ناٽڪ جو مون ڪيو.
    هڪ ناٽڪ جو اتهاس ڪيو.
    هڪ وهم مان نڪتل حقيقت جو جنم ٿيو ته هڪ هندو ڇوڪريءَ جو مسلمان عاشق – اسلام جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي ويو.
    گاڏي ڇٽي ۽ ڪراچيءَ ڏانهن هلڻ لڳي. انجڻ جون سيٽيون ڪڏهن ڪڏهن اڃا به ڪنن ۾ وڄن –ڪُو ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ. ڪُو – چيڪلا هليا. گاڏي هلي. دور جا منظر هليا.
    فرسٽ ڪلاس جي اُن ڪمپارٽمينٽ ۾ فقط هڪ مان ۽ منهنجو پيءُ. ٻيو انگريزيءَ ڊريس ۾ هڪ مسلمان ۽ سندس هڪ دوشيزه ڌيءُ دريءَ وٽ ويٺي هئي ۽ هٿن ۾ هڪ اردو رسالو ”شمع“ هئس. مسلمان سگريٽ ٿي ڇڪيو.
    ڇوڪريءَ کي سلوار ڪرتو پيو هئو ۽ اسان کي گاڏي ۾ چڙهندو ڏسي دُپٽي جو پلاند مٿي تي رکيائين. ائين ڪرڻ سان سندس ڍڪيل ڇاتيءَ جو ڪجهه حصو وائکو ٿي پيو ۽ اُن جو اُڀار ڏسي ڇاتيءَ اندر هڪ ڪڏهن به نه ڄاتل جهٽڪي واري مهڪ جو احساس ٿيم. لڳم ته رت ۾ ڪجهه ٻُرڻ لڳو آهي ۽ ڇاتي ٿوري چوڙي ٿيڻ لڳي آهي. ڪوشش ڪيم ته سندس چهرو ڏسان جو ڍڪيل هو ۽ مان گهڻو وقت اوڏانهن نهاري به نٿي سگهيس.
    مون کي ان وقت ان جوان جو خيال آيو، جنهن اَنارڪلي جي ڀومڪا ۾ منهنجي نقلي ڇاتي جو اُڀار ڏٺو هئو ۽ کيس به ان قسم جي خلش ٿي هوندي ته کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايان ۽ رات جو هڪ ساهه کڻان.
    مون کي اِهو به ويچار آيو ته ان قسم جي ڪشش مون اڳ ڪڏهن به نه محسوس ڪئي. ڇا اهڙا ڪي جسم، اهڙا ڪي رت ٿيندا آهن جي ٻين کان وڌيڪ چڻنگ لڳائيندڙ روح افروز ٿيندا آهن... اهڙي ڪشش ته مون ڦٽندڙ جوانيءَ جي ڪنهن به خواب ۾ محسوس نه ڪئي هئي.
    ڪهڙو به چهرو هجي هن جو، مان به هن وڏيري جي پٽ جيان سندس پيڇو ڪندس....
    نه نه، هيءَ ڪا ناٽڪ جي اداڪار نه آهي.
    هوءَ واقعي هڪ ڪمسن دوشيزه آهي.
    سکر ڇڏي وڃڻ تي مون کي ٽي خيال آيا:
    - عشق ڌرم ۽ مذهب کان مٿي آهي.
    - ڌرم ۽ مذهب هڪ ٻئي لاءِ باعث نفرت آهن.
    - ڌرتيءَ سان پيار ايڪتا پئدا ڪري سگهي ٿو.
    اسٽيشن تي هندو چانهه – مسلم چانهه، هندو پاڻي – مسلم پاڻي، هندو تعليم – مسلم تعليم، هندو ڌرت – مسلم ڌرتي ۽ هندو راڄ – مسلم راڄ کي جنم ڏيئي سگهيا ٿي.
    اسٽيشن تي هندن سان گڏ ڪي چڱا مسلمان به آيا.
    ”ديوان صاحب صدين کان رهيا پيا آهيو سکر ڇڏي ٿا وڃو“،
    ”شهر ٿو ڇڏيان – وطن نٿو ڇڏيان.“
    ”زمينون؟“
    ”مسلمان هاري ايماندار آهن. اهي سنڀاليندا“
    ”۽ ٻه - منزلو گهر.“
    ”ڪلف هنيو اٿم. چاٻي کيسي ۾ اٿم. واپس اچي کوليندس. کيسي ۾ پيئي هوندي. سچ ته جڻئي سان ٻڌي اٿم.“
    موڪلائڻ وارن جي اکين ۾ پاڻي هئو.
    گاڏي هلي ته بابا چيو، ”تنهنجي لاءِ سکر ٿو ڇڏيان. هاڻ اِتي رهڻ مشڪل آهي. ڪراچيءَ ۾ اِها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج.“
    گاڏي واري مسلمان انگريزي اخبار رکندي چيو، ”سائين ڪراچيءَ ٿا هلو.“
    ”ها.“
    ”اِتي ڌنڌو ڪهڙو ڪندا – زمينداري ته ڇڏي پيا هلو.“
    ”توڪل جو ترهو ٻڌو اٿم. ڪو ته رستو نڪري ايندو.“
    ”رهندا ڪٿيئ،
    ”اوهين ڪراچيءَ جا آهيو“،
    ”ها.“
    ”اوهين ٻڌايو.“
    ”پرنس روڊ تي سٺيون جڳهون اَٿوَ. چاليهن روپين تي ٽن ڪوٺين وارو فلئٽ ملي ويندوَ. پٺيان آرٽلري مئدان ۾ به سٺيون جڳهيون ٺهيون آهن. بنگلو کپيوَ ته بندر روڊ ايڪسٽينشن تي سٺو ملي ويندو.“
    ”اوهين ڇا ڪريو؟،
    ”ڪليڪٽر آهيان“،
    ”ڪٿي؟“
    ”ڪراچيءَ ۾“
    ”ته اوهين ڪجهه مدد ڪري سگهو ٿا.“
    ”هلو – مون وٽ ڪجهه ڏينهن ٽڪو – سڀ بندوبست ٿي ويندو.“
    ”پر . . . پر. . . . اوهين ته مسلمان آهيو؟،
    ”سائين سنڌي آهيان. سنڌي اگر پهرين ۽ آخرين سنڌي رهن ته مسلم ليگ، هندو مها سڀا يا خود ڪانگريس اسان جو ڇا بگاڙي سگهندي؟ هندو سنڌين ته دنيا مان ناڻو ڪمائي سنڌ کي ٺاهيو آهي. مان کين سنڌي هندو ڪونه چوان. مسلمان سنڌي به ايماندار ۽ تصوف جا ماڻهو آهن. مان ڪليڪٽر آهيان. سنڌ ۾ 67 سيڪڙو زميندار هندو سنڌي ۽ باقي 33 سيڪڙو مسلمان سنڌي آهن. زميندار هارين جو رت پيئن ٿا. جهڳڙو زميندارن ۽ هارين وچ ۾ آهي، مگر جيئن ته هندو سنڌين جو آدم گهٽ ۽ لڳ ڀڳ سڄي واپار تي قبضو اُنهن جو آهي، انڪري مسلم ليگي، مسلمان سنڌين کي ڀڙڪائي رهيا آهن ته هندو سنڌي مسلمان جو رت پي رهيا آهن. جهڳڙو طبقاتي آهي جنهن کي هتي مذهبي رنگ ڏنو ٿو وڃي.“
    اُن دوشيزه اکيون کڻي بابا ڏانهن نهاريو ۽ ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڪيائين. ڄڻ گم سم. مون ۾ نه، ڄڻ هزارين ڪوه ڪنهن ٻي منزل ڏانهن نهاريائين. مون کي لڳو اِها نظر منهنجي روح ۾ گهڙي ويئي آهي ۽ جيئن ڪِليءَ ۾ ڪپڙو ٽنگبو آهي، اِها نظر منهنجي روح ۾ اٽڪي پوندي، مون کي ائين به ٿو لڳي ته هن منهنجي اکين جي وادين ۾ هيٺ ۽ گهڻو هيٺ، ڏٺو وري به مون کي آهي. ۽ مون کي ائين به لڳي ٿو کيس ڏسڻ بعد مان هن کان پري رهي نه سگهندس. ڇا هوءَ منهنجي ٿي سگهي ٿي؟ الله سائين اِهي الڳ مذهب ۽ ڌرم ڇو ٺاهيا آهن؟ سانوري آهي. چهري ۾ گهڻو لوڻ ۽ ٽامو اٿس ته ڪنهن سان اڳ عشق نه ڪيو اٿائين. يا خد – دک ته زندگيءَ ۾ ملن پيا پر اهڙي ڪا نظر روح ۾ هڪ ٻئي روح جي ملڻ جو احساس ڏيئي اندروني طاقت کي ٻيڻو ڪري ٿي.
    اوه. . . چوي ته هلندڙ گاڏيءَ مان ٽپو ڏي ته ڏيئي ڇڏيان!-
    ها فلمن ۾ ڏيکاريندا آهن ته ٻئي عشق ۾ پهرين پيار جا احساس اُن دور جيان عارضي لڳندا آهن، مگر پهريون عشق ٻئين عشق لاءِ تيار ٿو ڪري ان جو اڃا ته مون کي ڪو انڀو ڪونهي.
    مان ڪونه ٿو ڇئي سگهان ته سندس من ۾ ڇا آهي. بس هن نهاريو ۽ مان هن جو ٿي ويس. ٿي سگهي ٿو ته مان هڪ نظر جي ڪشش ۾ پاڻ کي ٺڳيندو هجان ۽ اڳيان هلي ڪو ٺوس عشق ڪنهن ٻئي سان ڪريان، مگر هوءَ منهنجي ذهن جي نمائش گهر مان نڪري سگهي، اهو ممڪن نه آهي. چاهي مان ڪٿي به هجان، آخرين دم تائين مان کيس وساري نه سگهندس. مان کيس جيترو وساريندس – اوترو وڌيڪ مون کي ياد ايندي.
    مگر مان وسارڻ جو ڇو ٿو سوچيان؟
    وري خيال آيو: اگر مان هن ٽرين ۾ نه چڙهان ها ته هوءَ ته سکر نه اچي ها. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ڪا ٻي ملي ها ۽ مان بلڪل ان ريت سوچيان ها. پر مان ائين ڇو ٿو سوچيان؟-
    مان دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هئس. مون کي ٻنين ۾، وڻن ۾ اها ئي هڪ نظر آئي. هڪ گول آڪار رکيا. ان جا خط و خال. شايد گهرائي منهنجي اکين ۾ نه، سندس اکين ۾ هئي. هوءَ گم سم هئي يعني هن سوچي سمجهي مون ڏانهن نه نهاريو هئو.
    پر به مون کي لڳو ته هن منهنجي روح ۾ ليئو پاتو هئو، جتي هڪ مندر هئو، جتي هڪ چٽان هئي ۽ ان چٽان تي ڏسان ته هوءَ سلوار ڪرتي دپٽي ۾ ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي مخزن پڙهي رهي هئي.
    جيڪي جنگ ڪن ٿا، جيڪي فساد ڪن ٿا، جيڪي هٿيار ٺاهين ٿا تن کي ڇا ڪڏهن محبت نصيب نه ٿيندي آهي؟-
    هڪ خيالي انارڪلي جي عشق ۾ هڪ جوان مري ويو ته فساد خون ۽ مارشل لا. دڪان لٽيا ۽ بازاريون بند. ڪهاڙيون ۽ بندوقون هليون! – سڄو شهر بند! ته هڪ عاشق شهيد ٿيو آهي، اُن جي سوڳ ۾ شهر بند ڪيو ٿو وڃي – سڀ روئي گلي ملن ٿا. ڄڻ هر ڪٽنب جو هڪ ڀاتي مري ويو آهي.
    اِستري ۽ پرش جو پيار دنيا جي دائمي امن جو ظامن پئجي سگهي ٿو. عشق خدا هجي نه هجي، عشق ڀڳوان هجي نه هجي، عشق مذهب ۽ ڌرم هجي نه هجي، مگر عشق ايڪتا جو احساس آهي....
    مون سوچيو، مان جاگرافيءَ ۾ ڪمزور آهيان ۽ گاڏيءَ ۾ عشق فرمائي رهيو آهيان. نه – هر چيز پنهنجي جڳهه تي هجي. هن پل جيڪو سچ منهنجي سامهون آهي، اُن کي اُٿلايان پٿليان، سمجهان، قبول ڪريان. بابا ۽ ڪليڪٽر ڳالهيون ڪرڻ لڳا. دوشيزه به دپٽو سنڀالي مٿي وڃي ليٽي ۽ مون طرف پاسو نه ورائي سڌي سمهي پيئي. ڪليڪٽر به ڳالهيون ڪري اُتي ئي ليٽي پيو. بابا کي ويٺي ئي ننڊ کڻي ويئي.
    گاڏي هلي هي هئي. بهار سبب تپت ڪونه هئي ۽ اوچتو مان ڏسان ته پيلي دُپٽي جو آنچل ڦر ڦر ڪندو منهنجي منهن کي ڇهي رهيو آهي. ڄڻ پوپٽن جو هجوم گلن جي جهڳٽي کي ورائي ويو آهي.
    مان آهستي اُٿي اُن دپٽي جي آنچل کي مٿين جڳهه طرف رکان ٿو.
    اِها شاعري ڀل هجي مگر بدتميزي آهي جو مان هڪ ننڊ ۾ ستل خوبصورت ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريندو رهان – اگر سندس پيءُ ۽ منهنجو پيءُ جاڳيل هجن ته ائين ڪري به نه سگهان.
    اجنبيت جي پنهنجي مرجاتا آهي. اڃا ته هوءَ مون لاءِ اجنبي آهي. مگر اُهو دپٽي جو ڦڙ ڦڙ ڪري منهنجي منهن کي لڳڻ جو رومانس به مان ڪڏهن وساري نه سگهندس. مگر مان ور ور کيس وسارڻ جو ڇو ٿو سوچيان؟-
    هوءَ منهنجي بلڪل نزديڪ سمهي پيئي آهي ۽ مان کيس ڇهي نٿو سگهان، چمي نٿو سگهان. ڪي اَجنبي دوريون قائم آهن. مگر لڳي ٿو ته هوءَ اگر آهي ته منهنجي ئي آهي.
    هوائن جي خوشبوئين ۾ مون کي ننڊ کڻي وئي. حيدرآباد بعد جڏهن ڪوٽڙيءَ جي پل آئي ته گرگراهٽ جي اواز ۾ اکيون کليون. پهرين مٿي نهارين، اُتي هوءَ ڪانه هئي. پيشانيءَ تي لٽڪي آيل وارن کي ٺاهي پهرين هڪ پل سامهون ۽ اُن بعد هيٺ نهاريم. درياه شاهه کي ڏسي اڪثر منهنجي ذهن ۾ ڪي اڻ سڃاتل برفاني چوٽيون ظاهر ٿينديون ۽ مان اڪيلو برفاني وادين ۾ هلندو رهندس. ڄڻ ڪنهن جي تلاش. مگر هاڻ اُهي برفاني چوٽيون اکين ۾ نٿيون اچن. اُن موسم ۾ سنڌوءَ مان پاڻي ڪجهه گهٽ هئو. ڪٿي ڪٿي ڪي ٻيٽاريون ڄڻ تنها روح، ڪوٽڙي آئي ته نظر منگهن ڏانهن ويئي. پوءِ ڪجهه ساوڪ. اُن بعد ڪوٽڙي اسٽيشن ۽ وري سفر چالو. مان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ نيپڪن کڻي باٿ روم ۾ ويس ۽ وارن ۾ هلڪو گل ٺاهي واپس اچي جڳهه تي ويٺس.
    ڪليڪٽر چئي رهيو هو، ”ته اِها ڳالهه آهي! خوامخواه جوان جي حادثي سبب مارشل لا لڳو. ٺيڪ آهي. ڀل اوهان الڳ رهو. ڪليڪٽر آهيان بندوبست ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي، سون ۽ چاندي کڻي آيا آهيو ته وياج جو ڌنڌو سٺو ڪري سگهندا.“
    مون هن ڇوڪريءَ کي چيو، ”مان هيءَ اخبار ڏسان؟،
    هن جواب نه ڏيئي رسالو مون کي ڏنو ۽ چاهڻ جي باوجود ڪو هٿ جو ڇهاءُ نه ٿيو.
    ڪليڪٽر پڇيو ”پٽ توکي اردو اچي ٿي؟“
    ”نه.“
    ”ڪراچيءَ ۾ سکي ويندين. ڪراچيءَ ۾ اردو ائين هلي، جيئن لنڊن ۾ فرينچ.“ پائيپ مان سوٽو هڻندي پڇيائين، .تو ڪراچي ڏٺي آهي – سئيز ڪئنال جي اوڀر ۾ ايشيا جو خوبصورت ۽ صاف شهر.“
    ”هاڻ ڏسندس. ڀلا اوهان لنڊن ڏٺي آهي؟،
    ”ڏٺي اٿم. اُتان ئي آءِ.سي.ايس ڪئي اَٿم. ٿورا مسلمان سنڌي آهن جن آءِ.سي.ايس ڪئي آهي. تو جيترو هئس ته فيصلو ڪيم ته ڪليڪٽر ٿيندس. هاڻ ڌيءُ پئي چوي ته پان مئجسٽريٽ ٿيندي.“
    بابا پڇيس، ”گهڻو پڙهي؟“
    ”پهرين ۾ پهريون نمبر آئي ته ٻيو ٽيون هڪ سال ۾ گڏ ڏنائين. وري هن سال چوٿون پڻ پاس ڪري پنجين جو امتحان ڏنو اٿائين.“
    ”پٽ تون؟“
    ”مون به پنجين جو ڏنو آهي.“
    ”تنهنجو نالو؟“
    ”وشنو“
    ”هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي. نالو اَٿس سحر. کيس ماءُ جو پيار ملي نه سگهيو. گهر ۾ هڪ نوڪرياڻي ۽ هڪ گورنيس اٿس. ڪار هوندي به سائيڪل تي اسڪول وڃي. کيس احساس برتري آهي ئي ڪانه. آخر به ڪليڪٽر جي ڌي آهي.“
    ”پوءِ اوهان ٻي شادي نه ڪئي؟،
    ”مذهب ته چئن جي موڪل ڏني آهي ۽ مان ماڻهو به بهادر آهيان، مگر اولاد هوندي ٻي شاديءَ ۾ هڪ مسئلو پئدا ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. جي زال کي اولاد ٿيندو ته پهرين زال مان موهه نڪري سگهي ٿو. اِهو جوکم کڻڻ ٺيڪ نه سمجهيم.“
    سحر هرڻ جهڙيون ڪاريون اکيون کڻي پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو ۽ اکين مان چيائين ”ابا، منهنجا پيارا ابا.“
    مون چاهيو ته هن جو آواز ٻڏان، مگر هن نه ڳالهايو. ڊرگ روڊ بعد ڪليڪٽر لطف الله ڪراچي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ڪئنٽونمينٽ. لورس برج. ڪياماڙي. منهوڙو منگهو پير. ڪلفٽن. ٽائون هال. ڪارپوريشن. نه نه. ڪراچيءَ ۾ هندو – مسلم فساد ڪونه ٿئي. منهنجي ڌي ڪڏهن ساڙهي به پائي. کليل سماج ۾ ساڙهيءَ سان هندو مسلم جو پتو ڪونه پوي. ها، مان ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي پئدائش آهيان. رهيس ميٺارام هاسٽل ۾. . . . ۽ اُهي ڏينهن . . . . . . . . . . .“
    ڪراچي پوليس اسٽيشن تي کيس وٺڻ لاءِ ڪمشنر آف پوليس. ڪراچيءَ ڪارپوريشن جو ڪمشنر ۽ ٻيا اڳواڻ آيا. هڪ سندس بندوق کنئي، ڪن اسان جو سامان کنيو.
    اسين ٻاهر اچڻ لڳاسين.
    سحر چار قدم پٺيان رهجي ويئي.
    مون موقعي جو فائدو وڍي کيس چيو، ”مان توسان ملڻ ٿو چاهيان، ممڪن آهي؟“
    هن هلندي جواب ڏنو، ”ڪنهن به شام بنگلي تي اچج.“
    من ۾ ڄڻ پيانو هلڻ لڳو. لڳو ته سامهون پيانو پيو آهي ۽ مون هن کي ڇهيو ڪونهي ۽ ان وڄڻ شروع ڪيو. هڪ ڪڏهن به بند نه ٿيندڙ سنگيت. بنگلي تي اچج. مصري ته وات سان کائبي آهي مگر لڳو ته ڪنن ۾ جو آواز داخل ٿيو، ان ۾ مصريءَ جو ميٺاج هئو. اگر اکر ڀڃي سگهجن ۽ هوا ۾ ڦٽا ڪجن ته لڳي ته هڪ هڪ اکر پوري وڇوٽي ۽ دٻاءَ سان ٻاهر نڪتو آهي. اگر اکرن ۾ روشني يا مهڪ هجي ته سامهون تارن جي هڪ دنيا يا گلن جي هڪ ڦلواڙي ٺهي پوي.
    مون کي ناٽڪ ۾ ڪمر لچڪائي هلڻ لاءِ چيائون ۽ زور سان اَٺَ ڏهه اڳٺ به ٻڌائون ته ڪمر کي نانگ وانگر بل کارائيندو هل. مگر سحر جي هلڻ ۾ اهڙو ڪو ناٽڪي انداز نه هئو. البت ڏٺم ته سندس هلڻ وقت سندس پيلي ڪرتي ۾ پهرين چُڻَ هڪ هنڌ تي ٺهيا ۽ رفته رفته الوپ ٿي ٻئي هنڌ تي ٺهيا. ڪي پل سمجهيم ته ڪنهن نشي ۾ مان جهومي رهيو آهيان، مگر پان سنڀاليم جو هن پٺيان نهاريو.
    مون قدم تيز ڪيا ۽ سندس ڀر ۾ هلڻ لڳس. سوچيم ته مون دنيا کي پنهنجي نسبت ۾ کڻي ڏٺو آهي ۽ مون پاڻ کي هڪ تنها روح سمجهيو آهي. هن سان گڏ ٿو هلان ته لڳي ٿو ته اسين نٿا هلون – ڌرتي ٿي هلي، آسمان ٿو هلي.
    ڪليڪٽر گاڏيءَ ۾ ته ڏاڍي آزاديءَ سان ٿي ڳالهايو، مگر هان چپ چاپ هلي – رهيو هئو. ڪاريون اچي هڪ ڊاڪ بنگلي تي بيٺيون.
    اسان جو سامان اندر رکيو ويو.
    مون همٿ رکي ڪليڪٽر کي چيو، .سر، ڪڏهن اوهان جي دولت خاني تي اچان؟“
    ”اهو ته مان توکي چوڻ وارو هئس. ڏس مون وٽ ڏاڍا سٺا سنڌي ڪتاب اٿئي، شاهه جو رسالو پڙهيو اٿئي؟“
    ”نه.“
    ”پوءِ تون پاڻ کي سنڌي ڪيئن ٿو سڌائين؟ اڄ ئي کڻي وڃ.“
    ”بابا ڏانهن منهن ڪندي ”ڪلاڪ بعد ڪار ايندي. اوهين به اچجو. رات جو ماني اسان وٽ کائجو. پنهنجو خيال ڪجو. خدا حافظ.“
    ٻي مهاڀاري جنگ سبب ڪراچيءَ ۾ هلڪي بليڪ – آئوٽ هئي. بلبن چوڌاري ڪارا پنا. رستي تي، گهرن ۾، ڪارين جي بجلين چوڌاري – ڪراچي هڪ اها عورت لڳم جنهن وٽ ڪو زيور نه هئو، جو زيب بخشيس. پر رات جيتري وڌيڪ ڪاري اوتري رات جو گهرو احساس. اسين پيءُ پٽ سنان پاڻي ڪري تيار ٿياسين ته ڪار به اچي ويئي ۽ ڪار هلڻ لڳي. ڪار هلي رهي هئي ۽ رستو پٺيان ٿي رهيو هئو. هن جي رفتار وڌيڪ تيز هئي ان ڪري ڪار ڄڻ آهستي هلي رهي هئي. ڪار هلي ۽ هلي رهي هئي. اُن بعد به هلي رهي هئي. ڇا هن رستي جو ڪو انت ڪونهي؟- هي سفر آخر ڇو نٿو ختم ٿئي؟ پاڻي مان پي رهيو آهيان؛ مگر مون کي هيءُ ڪهڙي پياس لڳي آهي. اُساٽ اکين کي به لڳي آهي. ۽ منهنجو نالو ڪهڙو آهي؟ وشنو! بس مائٽن رکيو ۽ مون قبول ڪيو. اڄ کان مان پنهنجو نالو بدلايان ٿو. ڪو نالو جو سحر سان ٺهڪي اچي! ڪهڙونالو؟ مجنو؟ نه نه، فرهاد؟ نه نه، پنهون؟ نه نه. اِهي آخر ۾ الڳ ٿي ويا. ڪو نئون نالو. ساحر؟ ها ها، ساحر. هوءَ سحر مان ساحر. مگر هيءَ ڪهڙي پياس؟ هيءَ ڪڏهن به نه ٻجهندڙ پياس. ۽ هي رستو؟ ائين ته ڪونهي ته جو رستو مان لنگهي آيو آهيان، اُهو ڦري اڳيان وڃي هن رستي سان جڙي ٿو وڃي؟
    مان تاڻ ۾ اکيون بند ٿو ڪريان. لڳي ٿو جسم جون رڳون سخت ٿي رهيون آهن ۽ ڪا زبردست ننڊ منهنجي اکين ۾ داخل ٿي رهي آهي. مان اندر ۾ جدوجهد ٿو ڪريان. اُهي ئي برفاني پهاڙ ۽ وايون. ويراني ۽ خاموشي ۽ مان اڪيلو. مان چاهيان ٿو ته رڙ ڪريان جو ڏسان ٿو ته بابا چئي رهيو آهي، ”پٽ اُٿ. ڪليڪٽر صاحب ڇا چوندو؟“
    ته آخر هيءُ رستو ختم ٿي ويو! نه. ڪمبخت اڃا به اڳيان ٿو وڃي، البت ڪار بيهي رهي آهي. مان لهان ٿو. ڪليڪٽر خود مٿي وٺي هلي ٿو. هوءَ ڪانه آئي آهي. لڳي ٿو، مٿي ۾ سور پوڻ لڳو آهي.
    اسين هال ۾ پهچي ٿا وڃون.
    هوءَ پياني ڀرسان بيٺي آهي. کيس ڏسان ٿو ۽ هڪ کن ۾ مٿي جو سور لهي وڃي ٿو.
    بابا سان رسمي طور ڳالهائڻ بعد ڪليڪٽر چيو، ”سحر پٽ، هن کي پنهنجي لئبرري ڏيکار ۽ کيس شاهه جو رسالو ڏج“. مون ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”جنهن ڏينهن سنڌين شاهه لطيف کي وساريو، سنڌي صفحه هستيءَ تان مٽجي ويندا.“
    مان آهستي اُن پياني ڏانهن وڌيس. چاهيم ته فاصلو ڪار واري رستي جيان اٰننت ٿي پوي، جيئن مان کيس گهڻو گهڻو ڏسي سگهان مگر پتو به نه پيو ته ايترا قدم هڪ کن ۾ ڪيئن کنيم.
    هوءَ هڪ روم ۾ وٺي هلي، جتي ڪتابن جا ڪيترا ڪٻٽ هئا. انگريزي، سنڌي اردو.
    ”ڪهڙا ڪتاب پسند ڪرين وشنو؟“
    ”مان وشنو ڪونه آهيان.“
    ”پر ٽرين ۾ مون اهو نالو ٻڌو.“
    ا:ها صبح جي ڳالهه آهي.“
    هن آنچل جي ڪنڊ وات ۾ اٽڪائيندي چيو، ”اوهو، اهو صبح هئو! يعني اوهان جو نالو الڳ پهرن ۾ الڳ. صبح هڪ، شام ٻيو. منجهند هڪ، رات ٻيو. سنجها هڪ، سحر ٻيو.“ ۽ هوءَ مشڪڻ لڳي ۽ ٿورو کلي به. لڳو ڪنهن جهرڻي يا چئجي ڪنهن فائونٽين ڀرسان بيٺو آهيان.
    ”منهنجو نالو آهي ساحر. منهنجو پنهنجو چونڊيل نالو. سوچيم ته ... چئي ڏيان.“
    ”ها.“ هن مون طرف منهن ڪيو.
    ”سوچيم ته توسان مئچ ڪندو.“
    لڳو ته ڪنهن گمنام ٽارچ مان هلڪي ڳاڙهي روشني سندس چهري تي پيئي.
    ”مگر تو ته مون کي فقط اڄ ڏٺو آهي.“
    ”نالو به اڄ بدلايو اٿم.“
    ”ڇا عشق ۾ گرفتار ٿي چڪو آهين؟“
    مان چپ.
    ٻڌاءِ.“
    ”عشق ڪو انڊين پينل ڪوڊ ڀڃڪڙيءَ جو عدالتي آرڊر ڪونهي جو گرفتار ٿيان. فقط هڪ انجام ڪر.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”پنهنجي زندگي بابت ڪو به فيصلو ڪرين، اُن کان اڳ مون سان صلاح ڪج.“
    ”تيستائين توسان ملندي رهان- ڪئين؟“ اُهائي جهرڻي واري کل.
    ”اري ڀائي، مون وٽ اندر ۾ هيترو ڪجهه ٿي ويو آهي ۽ تو وٽ ڪجهه آهي ئي ڪونه!“
    هن گنڀير ٿي پنهنجو ساڄو هٿ منهنجي ٻانهن ۾ وجهي چيو، ”ٻڌ ساحر، تون ٽرين ۾ سمهيو پيو هئي ۽ مان جيءُ ڀري توکي ڏسي رهي هيس، مون کي لڳو ته تون ڪنهنجو به هجين مگر مان تنهنجي آهيان. خدا مون کي فقط تنهنجي لاءِ ٺاهيو آهي. مون کي لڳو ته تون مون وٽ ايندين- اچڻ کان اڳ اچڻ جو پڇندين.“
    ”ته سحر ٻڌ، اسين ڪا جلد بازي نه ڪنداسين ۽ هاڻ هلون بس شاهه جو رسالو ڏي. يا تون کڻي اچ، مان هلان ٿو.“
    ”نه ترس.“ هن هٿ هٽائيندي چيو، ”من ۾ ڪو گناهه جو احساس نه ڪر. بابا کي مان سڃاڻان، گڏ ٿا هلون.“
    مان اُن بنگلي جو ڪهڙو بيان ڪريان، جڏهن ته هوءَ منهنجي سامهون هئي، ڊگهي هئي، مان وڌيڪ ڊگهو ۽ قداور، ڪلها موڪرا.
    اوهه- هيءَ زندگي ڪيتري خوبصورت آهي. اُن جو درد خوبصورت آهي. ان جا زخم خوبصورت آهن. هن جي هئڻ سان مون لاءِ زندگيءَ ۾ ڪو مطلب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪر ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايانس. نه، مان فقط ايستائين سوچي ئي سگهان ٿو.
    ”توکي لڳي ٿو ته اسين اڳي به ڪڏهن مليا آهيون؟ جڏهن عمر ۾ اڃا به وڏا هئاسين؟“ سحر پڇيو.
    ”ها لڳي ٿو. مگر ڪڏهن ڪٿي، ڪجهه ياد نٿو اچي!“
    ”مون کي لڳي ٿو تون منهنجي احساس جو روح آهين ساحر.“
    ”مون کي لڳي ٿو تون منهنجي روح جو احساس آهين سحر.“
    ۽ اسين واپس هال ۾ آياسين.
    بابا ۽ ڪليڪٽر ڳالهين ۾ مشغول هئا ۽ کُلا ۽ ٻڌا ٽهڪ ٿي ڏنائون. بابا به ڌوتي نه، انگريزي پتلون پاتي. ڪليڪٽر اسان ٻنهي مان ڪنهن ڏانهن به نه نهاري پنهنجي ڪردار جي واقفيت ڏني. هو ٻئي ڪو شراب پي رهيا هئا ۽ سحر پنهنجي هٿن سان شربت جو هڪ گلاس آڻي مون کي ڏنو.
    ”۽ تون؟“
    آهستي چيائين ”مون ته ڪافي پيتي آ سائين.“
    مون کي لڳو ته هزار دفعا ٻڌل اِهو لفظ مون کي صاف، ڌوتل، اڇوتو اڳ نه ٻڌل لڳو. پورو هڪ برهمانڊ هئبسو ۾ بند آهي.
    بابا هڪ دوست وٽ مٺي در هليو، جنهن کي سکر ۾ دارونءَ جو ڌنڌو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي هئي. ٻڌم ته تنهن زماني ۾ لک ڪمايا هئائين. پيو سکر ايندو ويندو هو. نالو هئس پرسرام. بابا جون ڳالهيون ٻڌي هن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ بابا چيائين، ”سو تون بندر روڊ تي رهندين ايڪسٽينشن تي؟“
    بابا ٻئي ٽنگون ٻئي موڙي تي رکندي چيو، ”ڪراچي سهڻو شهر آهي يار. هتي ڪجهه ڏينهن گهمڻ اچجي ته مزو اچي. باقي آهي ڇا؟ ايڪسٽينشن جا بنگلا سٺا آهن، مگر گهٽيون ويران. رات جو ڄڻ راڪاس گهميو وڃي. ڪٰنٰ سکر جي گوڙ شور تي هريل. اکيون به ماڻهو ڏسن ته لڳي هتي ڪا سماج آهي. ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ انداز. ٺيڪ آهي، ٿورا گهڻا فساد ٿين ٿا. جيئن ماڻهن جي صحت ڪڏهن خراب ٿيندي آهي ته قوم به ڪڏهن بيمار پوندي آهي ۽ ”تنگ آيد- جنگ آيد“ وانگر ڪجهه ٿي پوندو آهي، سو وقتائتن فسادن تي هري ويو آهيان. پر هاڻي وشنو جي جان کي خطرو هئو، ان ڪري ڪراچي هلي آيو آهيان. ڏوهه ته هن جو ڪونه آهي پر ماڻهن کي جنون چڙهي ته ڇا ڪجي؟!“
    ”کارو در ائين اٿئي جهڙي سکر جي غريب آباد! اتي رهندين.“
    ”برنس روڊ وري به ٺيڪ آهي. ڪجهه اچ وڃ ته آهي“
    سو اسين ڪراچي شهاڻي لا ڪاليج ڀرسان مين روڊ جي هڪ بلڊنگ ۾ رهڻ لڳاسين. مون سائيڪل ورتي. روز ”جنت نما“ بنگلي تي وڃڻ شروع ڪيم.
    پريمئر هاءِ اسڪول ڇهين درجي ۾ داخلا ورتم. گهر ۾ هڪ بورچي رکيوسين جو کاڌو ٺاهيندو هو ۽ صفائي به ڪندو هئو. کيس هڪ الڳ ڪوٺي ڏني سين.
    شام ڪجهه هن ريت گذرڻ لڳي. سائيڪل. هاءِ ڪورٽ جو چڪرو. کاٻي کان وڏو مئدان ۽ وچ ۾ مٽيءَ جا ڪجهه اسپيڊ بريڪر ٺهيل. سائيڪل مٿي وڃي ۽ اٽڪل ڇهه فوٽ هوا ۾ ترندي، پٽ تي وڌيل رفتار سان هيٺ ڪري. اُن بعد صدر جو رستو. وري کاٻي ريگل طرف ايم. جي روڊ تي هاڻ محمد علي جناح روڊ آهي. ساڄي ٽرام کاٻي مان. ٽرام تيز ۽ مان اڃا به تيز.
    اسڪول جا ٻه چار گهرا سنگتي پٺيان پوندا، مگر مان کين نڪ تي هٿ رکي ويچارا ڏيندو اُڏامندو ويندس. سائيڪل جي حرڪت من ۾ شهنشاهي احساس ٿي بخشيو.
    فقط هڪ دفعو دڪان بند هئڻ سبب پنڪچر ٺهي نه سگهيو. بس ۾ ويٺس ته صدر مان ٻه ڇوڪريون چڙهيون. مون کان اڳيان واري جڳهه تي ويٺيون. نه چاهيندي به اُنهن جي گفتگو ٻڌم، جنهن ظاهر ڪيو ته ڪنواريون هيون.
    ”ته توکي ڪهڙو گانو پسند آهي؟“
    ”ڇڪ ڇڪ سيان- سيان- ڇڪ ڇڪ....“
    ”ته پوءِ هو به وڻيو هوندءِ؟“
    ڪهڙو؟“
    ”جواني ڪي ريل چلي جائي ري. يهه چلي. يهه چلي....“
    هه هه... ۽ توکي!“
    ڇاتيءَ تي هٿ رکي، ”مار ڪٽاري مر جانا. يهه اکيان ڪس ڪو دکانا نا!....“
    لهندڙ سج جي پيلي روشني ۾ سون جي ٺهيل ڪراچي. وڏا شاهي رستا. فٽ پاتون ۽ تنهائي. اُهو شهر جو خود ۾ هل اسٽيشن. پاسن کان وڻ. مارچ جا پيلا گل. وڻن ۾. زمين تي. اکين ۾. ڪا به گپا گيهه نه. هلندو وڃجي. ڪلفٽن وڌيڪ تنها ۽ صدر بزار ڄڻ وهندڙ سنڌو. ماڻهو بيٺا آهن ۽ رستو هلندو ٿو وڃي. بورڊن تي فقط ٻه ٻوليون؛ سنڌي ۽ انگريزي، اُردو لائيٽ هائوس ۽ ڪارپوريشن بعد ڏسڻ ۾ اچي.
    اسان مئٽرڪ پاس ڪئي سين مگر سحر نه ڪڏهن منهنجي گهر آئي ۽ نه ڪڏهن مان کيس سندس گهر کان ٻاهر وٺي ويس.
    مان بنگلي جا ڏاڪا چڙهندس ته ڏاڪا ڄڻ سنگيت جا پد بڻجندا هوا ۾ سنها پردا لهرائيندا. هوءَ اهو ڄاڻندي ته منهنجو وقت ٿي ويو آهي، پيانو وڄائڻ شروع ڪندي. ڪنڌ ۽ ڪلهن ۾ لوڏ. اکيون کاٻي- ساڄي مون ۾.
    پوءِ ايندي وهندي ۽ شعر ٻڌائيندي. ڪڏهن ڳائيندي؛ جب من ۾ ستائي غم- تو ڇيڙ سکي سرگم.....
    مان اڪثر چپ- سوچيندس: مون زندگي ڏٺي آهي ۽ زندگي ٿوري وقت ۾ مخصوص ماحول ۾ ڏٺل رومانچڪاري آهي. محبت ڪجهه بچائي رکجي. پوري محبت ختم ڪرڻ بعد زندگيءَ ۾ ڪو خاص مطلب نٿو رهي. ڪجهه هجي، جو مسلسل هجي. ۽ نئون هجي. پيار ڀل پهرين اکين تائين هجي. ا:هي ڦهليل گيسو. اِهي اُڀار. هاٿيءَ جي رانن جهڙيون لچڪ ڀريل ٽنگون- مرمري ٻانهون. پري ڏسندڙ اکيون. رس ڀريل چپ ۽ هڪ محبت جو اظهار ڪندڙ ننڍو وات. ڀاڪر ۾ ڀري کيس آڪاس کڻي وڃي، اهڙي دعوت ڏيندڙ نوڪ وٽ معمولي وراڪو کيئيندڙ نڪ. خوابن ۾ سمايل هئڻ جو احساس ڏيندڙ ڊگهي ڳچي. سانوري. ڄڻ ته رات ۽ پرڀات وچ ۾ سرجڻ جو تلخ احساس ڏيندڙ پرهه ڦٽڻ جي شروعات.
    ڪڏهن مان به ڳائيندس.
    وه ڪون آج آيا- سويري سويري،
    ڪ دل چونڪ اُٺا- سويري سويري.
    سحر سان منهنجي پهرين ملاقات مون لاءِ ڏينهن جي شروعات آهي.
    ڪليڪٽر ايندو ته اسانجي شربتن جا گلاس خالي ٿي چڪا هوندا. ٽوپلو هٿ ۾، ڪنڌ سان هيلو ۽ هڪ مشڪ ۽ سڌو اندر. ٻه سال مون اِن جنت نما بهشت ۾ ماني کاڌي. هڪ ئي ڊائيننگ ٽيبل. ڪليڪٽر جون ڳالهيون: هٽلر کي آخر روس ماريندو. مگر حيدرآباد جا هندو سنڌي ڇتا ٿي پيا آهن. ڪراچيءَ ۾ بارود گڏ ڪري رهيا آهن. اري ڀائي، جي گڏ رهڻو اٿوٰ ته اِهي ڦوٽ جون ڳالهيون ڇڏيو. شاهه پڙهو، ڪنور ٻڌو ۽ سحر ۽ ساحر ڏسو. ڀائي هاڻ تون لڄ ڇڏ. صرف مون کي نه ڏس، کاءُ به. ڀلا هاڻ توهان مئٽرڪ پاس ڪئي آهي ۽ هاڻ ٿورو ٻاهر به ڏسو. مون کي هڪ هندو ڇوڪري نه ملي؟ منهنجو ڏوهه؟ مان مسلمان هئس! پوءِ مون حليما سان شادي ڪئي. ڀائي اڪبر جوڌ ٻائيءَ سان شادي نه ڪري ته پوءِ انصاف جو فرشتو جهانگير ڪيئن پيدا ٿئي؟- اڙي ٻئي شرم ٿا ڪريو؟- ٻن الڳ نسلن جو رت اعليٰ انسان پيدا ڪندو آهي.... ان ڪري گاڏيءَ ۾ اک ٽيٽ ڪري مون توکي ڏٺو ۽ خدا جو قسم تون مون کي جچي وئين ۽ جڏهن ڪراچيءَ اسٽيشن تي سحر چار قدم پٺيان رهجي وئي ۽ تون به مون ڏانهن نهاري پيلي شڪل سان چار قدم پٺيان ٿِئين ته مون فيصلو ڪيو اگر اوهين دوست ٿيو ٿا.......
    دوست!..... ها ها ها..... ته مان وچ ۾ نه ايندس! عورت ۽ مرد دوست رهي سگهندا آهن. شادي ڪجي نه ڪجي اُها ٻي ڳالهه آهي. ملاقات جي پهرين شام تون جڏهن سحر سان لئبرري مان ٻاهر نڪتين ته نه تنهنجو چهرو سهميل هئو ۽ نه اکين ۾ چمڪ هئي. اِهو سنڌي ڪلچر آهي. اشرافت.
    اِن ڪري تون هتي اَچڻ لڳين ته وڻڻ لڳين. مان لبرل آهيان جو يورپ ڏٺو اَٿم. مون کي هندو عورت نه ملي ته اُن هڪ سبق سيکاريو ته مذهب رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. اُهو سڀ قبول ڪجي، جنهن مان ڪجهه جُڙجي. ڪم جوڙڻ جو ڪرڻ گهرجي.
    مان توهان کي سچ پچ ڪار ڏيئي نه سگهندس جو سرڪار جي آهي ۽ خانگي ڪمن لاءِ ڪم آڻڻ ايمان جي ڳالهه نه ليکبي. مون طرفان ڪا بندش نه آهي. اوهين دنيا ڏسو.
    سو اسين هاڻ ٻاهر نڪرڻ لڳاسين. اڪثر اَتوار صبح ۽ ڪنهن شام.
    ساون ڪي نظارﻵ هين
    اَها- ها آ..........
    پتو نه پوندو هئو ته اَسين ڪير آهيون.
    هڪ دفعي ائين ٿيو ته اسين لورس برج تي ويٺا هئاسين مون کي خيال ٿيو ته سڀاڻي لاءِ بچايل خزاني مان هڪ چمي چورائي کيس ڏيان. اسين ڪلفٽن طرف ويندي آمريڪي هاسٽل ڀرسان هڪ بنگلي مان رستو ڪڍي، ڪنهن طرح اُتي پهتا هئاسين. اسان کي دين دنيا جي ڪا خبر نه هئي. آزاديءَ جي هلچل کان به ٻاهر هئاسين. اسان جي محدود دنيا پوري برهمانڊ کان وڏي هئي جو دل ننڍي آهي پر من جو سنسار وڏو آهي.
    مون هن طرف منهن ڪيو ته هن مشڪيو. هن پنهنجو هٿ وڌائي منهنجي چپن تي رکيو. ”سائين ڪجهه سڀاڻ لاءِ به ڇڏيو.“
    ”مگر هيءَ آگ......“
    هو کلڻ لڳي. هن ڪنڌ مٿي آڪاش ڏانهن ڪيو.
    ۽ اهو سڀ مون کي سندر لڳو.
    ۽ اُن کن.....
    اوچتو هڪ جيپ سامهون بيٺي. اڳيان ٻه ۽ پٺيان چار آمريڪي سولجر بيٺا هئا.
    ڊرائيور سحر کي اک هڻندي چيو، ”ڪم. ڪم هيئر. آءِ ول گِوِ يُو مني.“ (هيڏانهن اچ. مان توکي پئسا ڏيندس.)
    سحر ٻني تان هيٺ لهي چيو، ”ساحر، سائيڪل کڻ ۽ هل. هتي خطرو آهي.“
    ”تون منهنجي سائيڪل تي اڳيان ويهه. مان سائيڪل اُڏايان ٿو.“
    هوءَ اُمالڪ سائيڪل تي اڳيان ويٺي ۽ مون سائيڪل تي سوار ٿي نيٺي جيٽي طرف ڀڄڻ شروع ڪيو. تيز. ۽ تيز سحر جا وار منهن تي اَچڻ لڳا. هن جي پُٺي منهنجي ڇاتي کي لڳي رهي هُئي ۽ مان من ۾ چئي رهيو هوس: پرڀو، هن کن بچاءِ، وري کيس وٺي هتي نه ايندس. هيءَ فقط منهنجي دنيا نه آهي مگر هن جي پنهنجي دنيا به آهي. کيس ڪک جو به ايذاءُ اچي، مان سهي نه سگهندس.
    پٺيان جيپ اچي رهي هُئي. هنن رفتار تيز نه ڪئي. اُن طرف رستي تي بتيون نه هيون ۽ رستو بنهه سنسان هئو. آخر جيپ اڳيان اچي بيٺي. ٻن ڄڻن سائيڪل بيهاري مون کي جهليو ۽ کڻي رستي جي پاسي کان پريان ڦٽو ڪيائون. ٻن آمريڪي سولجرن سحر کي کڻي جيپ ۾ ويهاريو ۽ جيپ وراڪو کائي پٺيان آمريڪي هاسٽل طرف ڊڪڻ لڳي. مان اُٿيس. سائيڪل کنيم ۽ جيپ پڍيان ڊڪڻ لڳس. جيتري طاقت هيم سا لڳايم. سائيڪل تمام تيز هلي رهي هُئي ۽ جيپ اڃا به تيز. پر مان اُن جي نزديڪ ٿيڻ لڳس. اوندهه ۾ خبر نه پيئي. ڪنهن بندوق کنئي. گولي هلائي. مان زخمي ٿي ڪري پيس. ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم: جيپ وڃي رهي هئي. جيپ وڃڻ لڳي هئي. جيپ وڃي چڪي هئي. پٺيون ڳاڙهيون بتيون جهڪيون ٿينديون ويون. اوندهه ٿيندي وئي ۽ ڳاڙهي روشني گم ٿي ويئي. پر مون کي لڳو ته اڃا به اُن اوندهه واري رستي جو سڄو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.
    منهنجون اکيون پوسرڻ لڳيون، ڪلهي ۾ سور پوڻ لڳو ۽ مان بيهوش ٿي ويس.
    ڪراچي سول- هاسپيٽل ۾ اکيون کوليم ته ڏٺم بابا پاسي کان ويٺو هئو. پريان ٻه پوليس وارا بيٺا هئا. مون ڪنڌ پٺيان ورائي نهارڻ جي ڪوشش ڪئي مگر سحر اُتي ڪانه هئي. چؤطرف نهاريم: نه سحر هئي ۽ نه ڪليڪٽر.
    ”بابا، آمريڪي سولجر مون تي گولي هلائي!“
    ”تون اِن پاسي وئين ڇو؟“
    ”ڪالهه دل ٿي.“
    ”ڪالهه؟ ٽي ڏينهن اڳ.“
    ”بابا سحر ڪٿي؟“
    ”ٻه ڏينهن اڳ ان جو لاش......“
    ”سحر جو لاش! بابا سحر جو لاش! بابا سحر مري ويئي.“
    ”هن جو لاش لورس برج هيٺان ريل جي پٽن تي ڏٺو ويو!“
    ”بابا...... سحر مري ويئي!“
    ”رات جو دير تائين ڪليڪٽر توهان ٻنهي کي ڳولهيندو رهيو. پوليس پهرين توکي ڏٺو. توکي هتي ڪليڪٽر ئي آندو. تون بيهوشيءَ ۾ چئي رهيو هئي: پرڀو، سحر کي بچاءِ. پرڀو، سحر کي سولجرن کان بچاءِ.....“
    ”پوءِ بابا؟“
    ”ڪليڪٽر کي ٽيون ڏينهن پوليس ٻڌايو ته.......“
    ”۽ پوءِ؟“
    ”ڪليڪٽر واردات تي ويو. هن ڌيءَ جي لاش جا ٽڪر ڏٺا ۽ هن بندوق کڻي پاڻ کي ماري ڇڏيو.“
    منهنجي اکين اڳيان، منهنجي اکين ۾ آيل ڳاڙهاڻ سبب، اُهو لال ٿيل رستو نظر آيو...... منهنجي پنهنجي اکين جي سامهون منهنجي دنيا برباد ٿي ويئي. ان جو مون کي غم ته آهي مگر سحر کي ڪيڏي تڪليف ٿي هوندي ۽ هو گريٽ ڪليڪٽر.... ڪجهه به ته نه آهي زندگيءَ ۾. باقي مان ڇو بچيس. گولي ڪلهي تي ڇو، سيني ۾ ڇو نه لڳي!
    جنهن منهنجي چپن تي هٿ رکيو، اُن سان ڇا ٿيو.....؟ منهنجو لڱ لڱ ڪنبڻ لڳو. مان ئي ڏوهار آهيان. مون کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي. مان جيئڻ نٿو چاهيان.... مان جيئڻ نٿو چاهيان.... جيئڻ ۾ ڪجهه آهي به ته ڪونه.
    ۽ هڪ دفعو وري مان بيهوش ٿي وڃان ٿو.
    پوليس بيان بعد عدالت ۾:
    ”تنهنجو سحر سان ڪهڙو ناتو هئو؟“
    ”شايد اَنام........“
    ”تون هتي کيس ڇو وٺي وئين؟“
    ”ڪڏهن به ته نه ويو هوس هتي.“
    ”پر تون ويو هئين، کيس وٺي. اُن جو ڪهڙو ثبوت آهي ته کيس تو نه ماريو آهي؟“
    ”ثبوت ته ڪونهي ۽ مان اِن جرم کي مڃان ٿو ته هن جي موت جو ڪارڻ مان آهيان ۽ مان چاهيان ٿو ته مونکي اِن جرم لاءِ ڦاسي ڏني وڃي.“
    ”ڇا تو کيس ريپ نه ڪيو؟“
    ”مان سنڌي آهيان.“
    ”ڇا مطلب آهي تنهنجو!“
    ”مان اشراف آهيان“
    ”توکي گولي ڪنهن هنئي؟“
    ”آمريڪي سولجر.“
    ”اُهي اُتي ڪيئن آيا؟“
    ”جيپ ۾ آيا، ڪٿان آيا؟ دوزخ مان.“
    ”مذاق ٿو ڪرين؟“
    ”سچ ٿو چوان.“
    ”تو کين ڇا ڪندو ڏٺو؟“
    ”ته هو زبردستي منهنجي سحر کي کڻي وڃي رهيا آهن.“
    ”تو کي خبر آهي ته دنيا کي بچائڻ لاءِ آمريڪا دنيا ۾ سڀ کان اڳتي آهي؟“
    ”مون گردن اوچو ڪيو، پر کيس جواب نه ڏنم. هو پاڻ بادشاهه کان وڌيڪ بادشاهه جو وفادار ٿي لڳو.
    ”تون مڃين ٿو ته ڪليڪٽر لطف الله جي موت جو ڪارڻ تون آهين؟“
    مون ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ته تون چاهين ٿو ته توکي ڦاسي ڏني وڃي؟“
    مون اکيون ٻوٽي ۽ کولي نهار سان ها ڪئي.
    ”تو کي ٻه ڦاسيون اچڻ گهرجن.“
    مون هلڪو مشڪيو.
    ”سکر ۾ تون وڏيري جي پٽ کي ڪٽهڙي مان ڦٽو ڪيو! قبول ڪرين ٿو؟“
    مون ڇرڪ ڀريو، پر لڳايل نئين الزام تي ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿيس.
    ”اوهين ته سڀ ڄاڻو ٿا.“
    ”يعني تون اُهو گناهه به قبول ڪرين ٿو؟“
    ”مان اُهي سڀ گناهه قبول ڪريان ٿو جي مون نه ڪيا آهن؟“
    ”ڪهڙو گناهه آهي جيڪو تو نه ڪيو آهي؟“
    ”اوهين ٻڌايو.“
    ”تون هن ڌرتيءَ تي بار آهين.“
    ”بار ڊوهيو؟“
    ”توکي موت جو ڊپ نٿو ٿئي؟“
    ”اوهين منهنجو گناهه ثابت ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ مقالميبازي ڪرڻ پسند ڪريو ٿا. لڳي ٿو اوهان سڪندر ۽ پورس جا ڊئلاگ ٻڌا آهن. پر مان به اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان. مرڻ وارو ڪڏهن پنهنجو موت نٿو ڏسي اِن ڪري موت کان ڊپ نه ڪجي. هڪ ته جي اُهو نه ايندو ته ڊپ ڪرڻ جي ڳالهه ڪونهي ۽ ٻيو ته جڏهن ايندو ته مرڻ واري کي اُن جي خبر ڪونه پوندي. ڪوبه چئي نه سگهندو ته هن پنهنجو موت ڏٺو آهي، اِنڪري موت جو ڊپ ڪرڻ جو ڪو سبب ڪونهي.“
    هن ڦڙتيءَ سان پاسو ورائي جج ڏانهن منهن ڪيو ۽ چيو مي لارڊ! هن کي اهڙي نموني سان ڦاسي ڏني وڃي، جيئن هن کي پنهنجي گناهه سان گڏ پنهنجي موت جو احساس ٿئي.
    جج مون ڏانهن نهاريو. شايد مان کيس وڻيس. جي قلم مون مٿان لڳايا ويا، اُن تي اڀياس ڪرڻ لاءِ هن فتويٰ لاءِ هڪ ڏينهن ڪارروائي بند رکي ۽ ٻئي ڏينهن ڄڻ مون تي احسان جتائڻ لاءِ هن مون کي چوڏهن سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ته خون هن تي ثابت ٿي چڪو آهي مگر اُهو هن جي معصوم شڪل مان ظاهر نٿو ٿئي. مگر قانون جي عزت رکڻ لاءِ مان کيس سزا ڏيڻ لاءِ مجبور آهيان.
    مقدمو ٻڌڻ لاءِ سکر جا به ڪي ماڻهو آيا هئا. فتويٰ ٻڌي بابا مٿي تي هٿ رکي پَٽَ تي ويهي رهيو ۽ مان هٿن ۾ هٿڪڙي ڏانهن نهاري چپ چاپ پوليس جيپ ۾ وڃي ويٺس. مون کي جيلي ڪپڙا پارائي ڪنڊ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو ته مون کي لڳو ته مان هٺ ۾ ۽ جوانيءَ ۾ پهريون دفعو سڏڪا ڀري روئي رهيو هئس. سحر. سحر. سحر. منهنجي پياري. منهنجي مٺي. منهنجي جان.... سچ ته منهنجي توسان سچي محبت نه آهي جو تون نه آهين ۽ مان زندهه آهيان!
    مان پَٽَ تي اونڌو ٿي سمهي پيس. مون کي لڳو منهنجي اکين مان گرم گرم پاڻي وهي رهيو هو.
    سوچيم ته پَٽَ سان مٿو ڀڃي پاڻ ماري ڇڏيان. مان روئي رهيو هئس. رات گذري رهي هئي ۽ مان بنهه خالي، اَڇاترو اطرفو ٿي رهيو هوس. رات آئي پر ننڊ نه آئي. مون ساڄي بانهن ڊگهي ڪئي ۽ کاٻيءَ تي سر رکي سوچڻ لڳس ته ڇا ا:هو ممڪن آهي ته مون کي ڪي بم ملن ۽ مان جيل مان ڀڄي پوري آمريڪي هاسٽل اُڏائي ڇڏيان....
    ٿي سگهي ٿو ته اوندهه ۾ سحر ڏٺو هجي ته مون کي گولي لڳي آهي ۽ مان ڪري پيو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته سحر سمجهيو هجي ته مونکي گولي لڳي آهي ۽ مان مري ويو آهيان. هن چيو هوندو : خدا، مون کي ڪجهه به ٿئي مگر منهنجي ساحر کي ضرور بچائج.
    ڀلا کيس ترسڻ کپندو هئو. اگر سندس بي حرمتي ڪئي به وئي ته اُن ۾ هن جو ڪو ڏوهه ڪونه هئو. ظلم به هن سان ٿئي ۽ هوءَ سزا به پاڻ کي ڏئي. برابر جسم پاڪ ٿيندا آهن، مگر حرامين جي حرڪتن سبب اُهي خراب ليکجڻ نه گهرجن، ڇو ته پاڪيزگي جون جڙون روح ۾ ٿينديون آهن. ٿورو مون لاءِ ترسي ها، مان کيس ڀاڪر پايان ها. چمان ها. سندس اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهان ها. چوان ها: مون لاءِ تون اهڙي ئي آهين جهڙي هئينءَ. مان توکي اوترو ئي پيار ڏيندس. نه جسم تجارتي چيز آهي نه تو تجارت ڪئي آهي.
    تون مون لاءِ ٿورو ترسين ها مهنجا پريم.
    ٿورو....
    هڪ پل....
    منهنجي پيار جي ڪجهه وصعت ڏسين ها.
    ڇهان نه ها توکي، اگر تون نه چاهين ها.
    بس قريب رهان ها تنهنجي، هڪ ڇت هيٺان.
    ٿورو ترسين ها.
    خدا توکي مون لاءِ ٺاهيو اهڙو
    جو کيس مون تي رشڪ ٿيو
    ۽ هن توکي پاڻ وٽ گهرايو
    ۽ پنهنجي خدائيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو!
    مان اُن رات جيل ۾ ڦٿڪندو رهيس. مونکي لڳو ته هن برهمانڊ ۾ ڪا تنظيم هجي نه هجي، مگر هتي اهڙو ڪو ’گاڊ‘ ’خدا‘ ’ڀڳوان‘ڪونهي جو پالڻهار، دک سک ۾ مدد ڪندڙ ۽ مجبور جي دانهن ٻڌندڙ هجي. يا شايد هو ڊپ ۽ خوف جي پئداش آهي شايد هو ڊپ ۽ خوف کان ڀڄڻ جو رستو آهي. پيغمبر، سنت فقير، درويش فقط زخمن تي ملم هڻڻ لاءِ پئدا ٿيا آهن.
    بابا، سيٺ پرسرام ۽ سکر جي هڪ مسلمان دوست سان گڏ آيو. ڪجهه وقت ڪجهه چيائين ڪونه..... فقط شيخن پٺيان بيٺل پٽ کي ڏسندو رهيو ۽ اُن بعد آهستي چيائين:
    ”جڳهه جي چاٻي جڻئي سان ٻڌي رکي اٿم. ان تي تنهنجو حق. ٻنيون يار الله بخش کي ڏنيون اٿم. جي زمين تي هر کيڙين زمين تي اُن جو حق. وقت گذري ويندو. تون آزاد ٿيندين ته پوءِ مان تيرٿن لاءِ هردوار هليو ويندس. هاڻ نٿو وڃان جو ٿي سگهي ٿو گهڻي دک سبب واپس ئي نه اچان. تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي، ۽ تون جيل ۾ بند آهين. آزادي ايندي ته نوان قانون ٺهندا. آزادي ايندي ته تون آزاد ڪيو ويندين.
    ڏک نه ڪر. اَڃا مان آهيان. سڀ ڌن دولت تو لاءِ ڪمائي اَٿم. فقط ڌڻي جو نالو کڻ. هوئي تنهنجا دک دور ڪندو.“
    مان هن جي ان اٽل وشواس اڳيان ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس. اگر ڀڳوان ڪوڙ آهي ته اهو ڪوڙ ڪيترو طاقتور آهي جو من چاهي ٿو ته اُنکي مڃجي.....
    ڀل اهو هجي، انهن لاءِ جن لاءِ هو سهارو آهي. مون لاءِ اَهو ٿي نٿو سگهي.
    مون آهستي چيو، ”بابا، ٻنيون ڏيئي اوهان سٺو ڪيو. حق کي مڃڻ سان هيءُ ملڪ خوشحال ٿيندو.“
    الله بخش مٿي تي هٿ رکيو.
    ڪراچي جيل ۾ گهڻا قيدي سياسي هئا. هو اِن ڪري جيل ۾ بند هئا جو هنن ديش جي آزادي چاهي ٿي. گيت ڳائيندا، بحث ڪندي، ڪتاب پڙهندي ۽ وقت گذرندي آزاد ٿي ويندا. منهنجو ڪم چڪي پيهسڻ مان چڪيءَ کي پيسهيان. چڪي مون کي پيسهي. وقت مون کي ڪڻڪ جو ڏڏر ڪندو رهي.
    انقلابي هڪ اڌ ڪتاب منهنجي ڪوٺيءَ ۾ ڦٽا ڪندا وڃن. سال بعد سيڪنڊ ورلڊ وار ختم ٿي. سال بعد مون کي جيل جي ان حاطي وارن اَٺ ڪوٺين جو وارڊرن بڻايو ويو ته ٻين قيدين تي اک رکان. مون لاءِ مشهور ٿيو ته مان بي گناهه هوس.
    ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ پاڪستان جي تقاضا کي تيز ڪيو ۽ بنگال ۽ پنجاب جلڻ لڳا. 15 آگسٽ 1947 هندستان جو ورهاڱو ٿيو پڌرائي اڳ ٿي ۽ جون ۾ جيلر گهرايو.
    ”توکي پنهنجي جوکم تي هڪ موقعو ڏيئي سگهان ٿو.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”سنڌ پاڪستان ۾ وڃي رهي آهي“.
    ”ها.“
    ”اگر تون پاڪستان مان هندستان هليو وڃين ته توکي مان ڇڏي سگهان ٿو.“
    ”پر مان سنڌ مان ڇو وڃان؟“
    ”لڏ پلاڻ ته ٿيڻي آهي. مان چوندس ته تون جيل مان ڀڄي ويو آهين.“
    ”اِهو ڪم توهان ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟،
    ”ڇو ته تون بي قصور آهين.“
    ”۽؟“
    ”۽ تون منهنجي قوم جي هڪ ملسم عورت سان عشق ڪيو آهي. مان مسلمان آهيان، سو ايمان جي تقاضا آهي ته مان توکي ڀڄڻ ۾ مدد ڪريان؟،
    ”وڌيڪ؟“
    ”تون چاهين ته تون مسلمان ٿي سگهين ٿو. توکي مان سهڻي ڇوڪري وٺي ڏيئي سگهان ٿو.“
    ”اِهو توهان جو ايمان چوي ٿو؟،
    ”نَه!“
    ”توهان مون کي ائين به ڀڄائي سگهو ٿا.“
    ”ويندين ڪيڏانهن؟“
    ”وار ۾ اَڌ ڪراچي خالي ٿي ويئي. ڏاڙهي مڇون به رکايون اٿم، نالو بدلائي ڪٿي رهي پوندس.“
    ”ٺيڪ آهي.“
    سو پاڪستان ٿئي، اَن کان اڳ راتو واهه مان جيل مان ڀڄايو ويس. مون جيلر صاحب کي وينتي ڪئي ته ٿورا پئسا ڏينم ۽ هڪ ٽئڪسيءَ جو بندوبست ڪري ڏي.
    ۽ مان رات جو اٽڪل ٻي بجي ڪراچيءَ ايڪسٽينشن تي ڪليڪٽر لطف الله جي بنگلي پريان واري فوٽ پاٿ تي هيٺ لهي بيٺس.
    بنگلي ۾ ڪا روشني نه هئي. مان ڪافي وقت يڪ ٽڪ اوڏانهن نهاريندو رهيس. ڪو پيانو نٿي هليو.
    ٽئڪسي ڊرائيور چيو، ”صاحب، هلندا؟ لهندا؟،
    ”تون ڪٿان چانهه پي اچ. مان ڪجهه وقت هتي بيهندس.“
    لائيٽ هائوس وڃان، اُتي ئي چوويهه ڪلاڪ چانهه ملي. اوهان لاءِ وٺي اچان.“
    ”نه.“
    ٽئڪسيءَ واري پئسا نه گهريا. پٺاڻ هئو اِن ڪري هو نه بي ايماني ڪري ٿي سگهيو ۽ نه ٻئي مان اهڙو انديشو رکي ٿي سگهيو ٿو. جوان جي زبان تي هڪ پشتو گيت آيو ۽ هو هليو ويو.
    اُهو لنبو ڪارو رستو، ان تي لال لال رت - ۽ پوءِ ٻه پٽا. سامهون گاڏي. پٽن وچ ۾ سحر. ڪليڪٽر جو پاڻ کي بندوق هڻڻ. پياني ۾ ڀيانڪ آواز ٿا ٻڌڻ اچن. اوندهه ڄڻ چنبا کڻي کائڻ ٿي اچي.
    اوڪي. ڊارلنگ، الوداع.
    مون پاسو بدلايو. ٽئڪسي آئي. مان ان ۾ چڙهي ويٺس. پڇيائين، ”ڪيڏانهن؟،
    ”برنس روڊ.“
    بابا حيران ٿي ويو. سڄي ڳالهه ٻڌائيمانس. صبح جو رتن تلاءَ ڀرسان هڪ منزل تي مسواڙ تي فلئٽ وٺي آيو. چاٻي ڏنائين ۽ اُن ئي ٽئڪسيءَ ۾ اوڏانهن موڪلي ڏنائين.
    پوءِ نوڪر هٿان وڪٽوريا ۾ سامان موڪليائين. رات آيو ته چيائين، ”تون ڪجهه ڏينهن ٻاهر نه نڪرج، وقت خراب آهي. پرسرام کي چئي مانيءَ جو بندوبست ڪندو سانءِ ۽ کير وغيره موڪليندس. چانهه پاڻ ٺاهجانءَ. سنڌ ۾ اسان جو داڻو پاڻي ختم ٿيڻ تي بيٺو آهي. چنتا نه ڪج. اسين وقت جي آزمائش مان تري پار پونداسين.“
    مان ٻين کان ته ڀڄي سگهيس ٿي، پر پاڻ کان ڀڄي نٿي سگهيس. مون وٽ ڪتاب هئا. ريڊيو هئو.
    اخبارون لڪائي گهرائڻ لڳس. هندستان فرقيوار آگ ۾ جلي رهيو هئو ۽ 15 آگسٽ 1947 تي ان جو ورهاڱو ٿي ويو.
    مگر مون ضد ڪيو ته مان سنڌ نه ڇڏيندس. بابا منهنجي ڳالهه مڃي ته ٺيڪ آهي – توڪل کي ترهو ٻڌي رهي ٿا پئون.
    ڪليڪٽر وٽ مون اردو سکي ۽ ڪي ڪتاب به پڙهيم. جيل ۾ سڄو قرآن شريف پڙهيم. شريعتي قائدا پڙهيم. گيتا پڙهيل هئم، پوءِ بائيبل پڙهيم. جارج برنارڊشا، برٽينڊ رسل پڙهيم. ڪي ڪتاب فيلسوفيءَ جا به پڙهيم.
    مون کي لڳو ته:
    - هندستان قوم جي نئين تصور موجب نئين قوم بڻجڻ جي اوسر ۾ هئو.
    - هندستان جي سڃاڻپ اُن جو ڪلچر هئو.
    - پهرين هتي دراوڙ پوءِ آرين ڪلچر هئو. ٻنهي ڏي وٺ ڪئي. هندو ڪلچر ۽ مسلم ڪلچر مان هڪ مرڪب ڪامپوزٽ بڻيو هو، جنهن موجب سڀ هندستاني برابريءَ جي سطح تي ساڳيا هئا.
    - ڪلچر ائين ته ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ويس وڳي، رسم رواج، اُٿڻ ويهڻ، کاڌي پيتي سان لاڳو هئو، مگر ڪلچر پٺيان تاريخ جو اثر هئو ۽ ان مٿان آرٿڪ ۽ سماجڪ دٻآءَ ڪم ڪري رهيا هئا، مگر ڪلچر مکيه طور زمين جي هڪ خطي ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏ ڀوڳيل انڀون مان اُپجيو ٿي. جو جوڙڻ جو ڪم نه ڪري اُهو ڪلچر نه آهي ۽ اُن ڪري هندو ڪلچر ۽ مسلم ڪلچر ٽڪَر ۾ اچن بدران هڪ ٻئي کي پنهنجو بهترين علم ڏين. ٽڪراءُ ورهاڱي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ورهاڱو وڌيڪ درد ۽ مسئلا پئدا ڪندو.
    - هندستان جي صوبن جو به ڪلچر مرڪب آهي. سنڌ جو ڪلچر صوفي آهي ڇو ته اهو ڪامپوزٽ ڪلچر آهي.
    - هندستان جي آزادي ۽ پاڪستان جو جنم پنهنجي ڪک ۾ اُهي لعنتون کڻي ايندو، جي برٽش راڄ کان اڳ هتي قائم هيون. اسان کي آزادي گهرجي. سڄي مڪمل.
    - صوبن جا ڪلچر - سب ڪلچر آهن.
    - ورهاڱو تاريخ جي وڏي تجربي، ڪامپوزٽ انڊين ڪلچر کي ختم ڪري سگهي ٿو.
    مون اِسڪول جا ٻه چار يار ڳولهي ڪڍيا ۽ جيپ کڻي سنڌ جي سفر تي نڪري پياسين. 15 آگسٽ آئي ۽ ويئي. اسان جو سفر چالو مون چندر شيکر آزاد ڪٽ ڏاڙهي قائم رکي ۽ سلوار پائڻ شروع ڪيم. سفر ۾ ڏٺم ته سکر ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه تاءُ هو. پاڪستاني جهنڊا جتي ڪٿي لڳي ويا هئا. عام ماڻهن ۾ ڪجهه اتساهه هو ته هاڻ اسين هر هندو ظلم کان بچنداسين، جو هنن زمينداري ۽ ڪامورا شاهيءَ ۾ مٿن ڪيو هو. مگر هندو سنڌي سنڌ ڇڏي وڃن اهڙي ڪا ڪالهه نه هئي.
    مون سکر ۾ اُها جڳهه به ڏٺي، جنهن جي چاٻي بابي جي جڻئي ۾ ٻڌل هئي. ڪٿي ترشي ٿي پيئي ته قوم پرست مسلم سنڌي، هندو سنڌين جي بچاءَ ۾ ٿي آيا.
    واپس ورندي نوابشاهه ٻاهران هڪ هنڌ جهنگل ۾ ڪنهن جڳهه هلڪو ٿيڻ لڳس ته جهنگل مان ڪنهن پڪاريو:
    ”هندو هندو، پڪڙيو پڪڙيو.“
    ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا. هڪ جنونيءَ چيو، ”هي ماڻهو هندو آهي، مسلمان هجي ها ته هن جو طهر ٿيل هجي ها. هن مسلم ويس ڌارڻ ڪيو آهي. اڙي او واڻيا ڪلمو ته پڙهي ٻڌاءِ....“
    مون قلمو پڙهيو.
    چيائين، سڀني اڳيان سلوار لاهه“
    جوان اڳيان آيا. هڪ چيو، ”هندو آهي ته ڇا سنڌي ته آهي. انهن سنڌين سنڌ کي ٺاهيو آهي. ٿورائيءَ ۾ آهن، ته ڇا ٿيو. اسان ته پاڻ کين بچايون!“
    ”نه، هندو هندستان وڃن. اسان کي سندن زمينون ۽ مڪان ملندا. اسين سندن واپار تي قبضو ڪنداسين. سنڌ جو سڄو ڪاروبار اسين هلائينداسين. ماريو ماريو....“
    ٻئي جوان لٺيون کڻي اسان جو بچاءُ ڪرڻ لڳا. اسين جيپ ۾ چڙهياسين ۽ ڀڳاسين. هنن مان ٻئي چيو، ”اسين پنهنجي جان ڏيئي به اوهان کي بچائينداسين، خدارا ڊپ سبب سنڌ نه ڇڏجو ۽ مذهب نه بدلائجو.
    6 جنوري 1948
    ڪراچيءَ ۾ اسپيشل گاڏين مٿان گاڏيون اَچي رهيون هيون. اُتي روز هزارن ۾ گجرات، اُتر پرديش ۽ بهار مان مسلمان پهچي رهيا هئا. هنن اعلان ڪيو ته هنن پاڪستان برپا ڪيو آهي. اُنهيءَ جو عيوضو کين ملڻ گهرجي. هندن کي ماريو، سکن پنجابي مسلمانن کي ماريو آهي - سڄي سنڌو ندي رت سان ڀريل آهي.
    اُنهن مهاجرن پڃرا پور وٽ نون سکن کي ماري ڇڏيو. صدر ۾ بزار لٽيائون. رتن تلاءَ تي ڦرون ڪيائون. اسين مٿي پهرين منزل تي هئاسين: مان ۽ بابا.
    بابا چيو، ”پٽ، پوليس اڳ ۾ ئي تنهنجي پٺيان آهي. هل ته هندستان هلون. جڏهن حالتون ٺهنديون وري واپس اينداسين. ڪڏهن ته منهنجي به ٻڌ پٽ. اگر ٻه ڀائر گڏ رهي نٿا سگهن ته ڀل الڳ ٿين. هل ته کليل ۽ آزاد هندستان هلون“
    ”ٺيڪ آهي بابا، جيئن اوهان چوندا.“
    ڪراچيءَ ۾ پهريون ڪرفيون ۽ پوءِ مارشل لڳو. ٿورن ڏينهن ۾ ٺاپر آئي. مان بدليل ويس ۾ جيلر وٽ ويس. هن سڃاتو.
    ”ڪيئن آهين؟،
    ”وڃان ٿو هندستان.“
    ”ٺيڪ ٿو ڪرين.“
    ”هڪ عرض آهي...“
    ”ڪهڙو؟،
    ”مون کي ڪليڪٽر لطف الله ۽ سحر جون قبرون ڏسڻيون آهن.“
    ”هتي ڪراچيءَ ۾ ئي آهن.“ جيلر چيو، ”مسافر خاني ڀرسان بندر روڊ تي ئي آهن.“
    ”اوهان ڏٺيون آهن؟“
    ”تون اُٿ.“
    هن مون کي جيپ ۾ وهاريو. مان ڪراچي ڏسڻ لڳس. لڳو ته اڳ ڄڻ نه ڏٺل اٿم.
    مون کي لڳو ته مان اُتي هڪ ڌاريو شخص هئس. سڀ ڪجهه اجنبي. اکين تي هريل منظر پنهنجي فطرت بدلائي رهيا هئا.
    هڪ هنڌ جيپ روڪائي مون نرگس جا پيلا گل ورتا. جيلر مون کي ٿورو پريان بيهي ٻئي قبرون ڏيکاريون.
    ”مان ترسان ٿو.“
    ”نه، توهان وڃو. خدا ڪري اوهين خوش هجو. پنهنجو خيال ڪجو سلام.“ مون کيس سلام ڪيو.
    سندس اکين ۾ پاڻي آيو ۽ جڏهن سندس درد مشڪ ۾ تبديل ٿيو، هن چيو: .خدا حافظ.“
    مان پهرين ڪليڪٽر جي قبر وٽ آيس ۽ اُتي هڪ گل رکي، اُن قبر کي سلام ڪيم.
    اُن بعد مون جهڪي باقي گل سحر جي قبر تي چاڙهيا ۽ مون ڏٺو ته مان ٻئي ٻانهون ڦهلائي اُن قبر کي لپٽي پيو هوس. اکين جي ڪنڊن ۾ تيزاب... ڄڻ اُتي رت جمع... منهنجي سحر، منهنجي مٺي پياري سحر.... هتي نه بڻجندو ڪو تاج محل، مگر تنهنجي ياد هڪ تاج هوندي. منهنجي جان. . . مان توسان ۽ ڌرتيءَ سان دغا ڪري وڃي رهيو آهيان، اگر ٻيو جنم آهي ته مان تنهنجي زره بڻجندس.... مون هڪ آواز ٻڌو: جب من ڪو ستائي غم. . . اُهو گيت هلندو رهيو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي پيو رهيس ۽ ٻئي ڏينهن بابا سان گڏ ٻنهي گهرن مان ٽپڙ گهرائي، اُٺَ گاڏيءَ ۾ رکايم. اُٺَ جي کنيل هڪ هڪ قدم تي مان پنهنجي وطن کان دُور وڃي رهيو هوس. دور ٿي رهيو هوس ۽ دور ٿيندو پي ويس.
    رت جو هڪ درياه پريمين جي پل واري رستي تي وهيو هئو ۽ هڪ درياه ڪراچي بندرگاه ڏانهن ويندڙ رستي تي وهي رهيو هئو.
    ڪراچيءَ جو رنگ روپ بدلجي رهيو هئو. اُتي ڪيترن هنڌن تي خيما لڳا ۽ ميرين شيروانين ۽ جناح ڪئمپ سان سنهڙا سيپڪڙا مهاجر اخبارن جون سرخيون بڻجي رهيا آهن. پاڪستان لاءِ اسان قرباني ڏني آهي. پاڪستان لاءِ اسان هندستان ۾ گهر ۽ ڌنڌا ۽ جائدادون ڇڏيون آهن. هر ٽرين جا هندستان کان پاڪستان اچي ٿي، اُن ۾ پاڪستان کي جنم ڏيندڙ بهادر آهن. ڪي زخمي آهن، ڪن جا لاش آهن. هندستان ويندڙ فقط هڪ گاڏيءَ تي حملو ڪيو ويو آهي. سنڌي مسلمان هندن جو بچاءُ ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي سنڌي مسلمانن کان بچايو وڃي، ۽ اسان جو ازم آهي: هنس هنس ڪي ليا (هﻵ) پاکستان- لڙ لڙ (کﻵ) لين (گﻵ) پاکستان!
    فوٽ پاٿن تي هوٽلون کلي ويون آهن: هوٽل اسلاميه! کاڌي مٿان ڍير مکين جا. چؤطرف برقعن جون قطارون جي اڳ ڪراچيءَ ۾ نه هيون ۽ بندرگاهه ڏانهن ويندڙ اُٺ گاڏين جو ڪاروان.....
    ڇاتي ۾ نشتر ٿا هلن ته ڇا فرقي پرستي هندستان ۽ پاڪستان جو مقدر آهي؟..... ڌرتي پتر ڌرتي کان اُکاڙيا ٿا وڃن........ ٻار هوا ۾ ۽ هيٺ نيضا. ڪنهن نه ڏٺيون شرم گاهن ۾ ڪعبيٰ ۽ ڪاشيون.......
    او وطن او وطن..... اِها ته اسان جي منزل نه هئي ته اسين توکان ئي الڳ ٿي وڃون!......
    منهنجون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. مون کي لڳو ته مان ڪو زخمي پکي آهيان ۽ هيٺ وڻن کي باهه وڪوڙي ويئي آهي، سڄي سنڌ مان دونهان اُٿي رهيا آهن. ڪن پاسن ۾ بادلن مِهَر جو مينهن وسايو آهي. دونهين ۾ اکيون پوسرڻ ٿيون لڳن. بارش سبب چيڪي مٽيءَ جي خوشبو نڪ ۾ گهمڻ ٿي لڳي. مان شيخن پٺيان بند آهيان ۽ ڪير پيانو تي ڳائي رهيو آهي: جب دل ڪو ستائي غم........
    هڪ ڪار، رستو، رت ڇڻڪائيندڙ جيپ ۽ مان......
    مان اکيون کوليان ٿو: ڪراچيءَ ۾ ڪيترو ڪجهه سهڻو هئو، جو گم ٿي ويو آهي. سحر، ڪليڪٽر ۽ سنڌ؟ لڳي ٿو ته جو ”شاه جو رسالو“ ڪپڙن ۾ لڪائي کنيو اٿم، اُن کي سنڌ وساري ڇڏيو آهي.
    ۽ مان ۽ مون جهڙا هزارين ڌڪبا، ڌڪاڻبا، ليٿڙيون پائيندا ڪنهن سياهه اونهائي ۾ ڪرندا ٿا وڃون.....
    اُن اونهائي جو ڪو ڇيهه آهي يا نه، ڪجهه پتو نٿو پوي، جو اوسان خطا آهن ۽ ڪرڻ بدستور جاري آهي.
    ڪراچي مان نڪرڻ وقت ڏٺم ته ماڻهو ڪجهه اِن ريت بهاري رهيا هئا ڄڻ ته اسين هنن لاءِ اوپرا هئاسين. نه اکين ۾ حَسرت نه مسرت. نه عجب، نه خوشي. ڄڻ حالتن تان استعفيٰ ڏنل.
    اوٺين جي اکين ۾ ڪجهه چمڪ هئي، شايد ايترو هنن اڳ ڪمايو نه هئو.
    بندر گاهه تي پاڪستاني آفيسر چست. پاڻيءَ جا جهاز بيٺا هئا. لنبيون قطارون. ڪي ماڻهو سامان پٽ تي رکي چادرون وڇائي ويٺا هئا. ٻڍن جون اکيون البت آليون.
    اسان سان گڏ الله بخش ۽ پرسرام به هئا ۽ مان کين هڪ هنڌ ڇڏي اُن ڦهليل ميدان تي چڪر هڻڻ لڳس. اُتي هر قسم جا ماڻهو هئا. عامل، ڀائيبند، واڻيا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي جا. هزارين ڳوٺن جا.
    دل ٿي ته هڪ سگريٽ ڇڪيان ۽ مون پنڌ ڪري هڪ دڪان تان گولڊ فليڪ ورتو. لٽڪندڙ نوڙيءَ جي جليل پڇڙيءَ تان دُکايم ته ڌيان ٽن ڪاليجي جوانن ڏانهن ويو، جي ڪنهن بحث ۾ مشغول هئا.
    مون کي لڳو ته اُهي ٽي جوان ڄڻ هندو سنڌين جي خيالات جي ترجماني ڪري رهيا هئا.
    - مان؟ نه، هميشہ لاءِ نٿو وڃان، هسٽريءَ ۾ اهڙا ڪئي دور آيا آهن، جڏهن جاتيون ۽ قومون هاليڊي ڪن- مان ڄاڻان ٿو ته مان وري واپس ايندس. هيءُ وڇوڙو عارضي آهي.
    - گهٽ ٻوسٽ ۽ بند سماج واري پاڪستان کان آزاد کليل سماج وارو آزاد هندستان، اسان جو دائمي اجهو رهندو. هندو هئڻ سبب اسان کي تناؤ ۾ نه رهڻو پوندو. ٿورو وقت تڪليف ٿيندي ۽ پوءِ اسين سک ۽ آزاديءَ جي زندگي جئنداسين.
    اَڃا ٻه سال اڳ سيڪنڊ ورلڊ وار ختم ٿي آهي، جنهن ۾ ڇهه ڪروڙ ماڻهو مري ويا آهن. تاريخ اڳ ڪڏهن گئس چئمبر، زوري زنا ۽ عالمگير بربادي نه ڏٺي آهي. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽمي بمن جو ڪرڻ ۽ جرمني، ڪوريا، هندستان جو ورهاڱو، هن صديءَ جون وڏيون دکدائڪ حقيقتون آهن. هاڻ اسان بي وطن، بنا ڌرتي وارا اڀاڳا جلا وطن شخص ٿي ويا آهيون. هندستان اسان کي پناهه خير ڏيندو، مگر اسان جي آتما اُتي کاڄڻ لڳندي ۽ اسين اندران پورا ٿيندا وينداسون.
    مون کي سگريٽ ڇڪڻ ۾ مزو آيو، پر من هڪ نامعلوم خوف ۾ ويڙهجي ويو. اسين هڪ اُن زمين ڏانهن وڃي رهيا هئاسين جا شاهي مگر اڻڄاتل هئي. پتو نه هئو ته اسان جو مستقبل ڪهڙو ۽ ڪيئن هئو. من ۾ گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي.
    ۽ مون پنهنجو هلڻ جاري رکيو.
    چؤطرف نظر ڦري رهي هئي. اُٺَ گاڏيون، وڪٽوريا ٽرڪون ۽ موٽرون اچي رهيون هيون. پاڪستاني هوم پوليس ۽ گارڊس نهايت فضيلت ۽ انتظام سان ملڪ بدر ٿيندڙ ماڻهن کي مدد ڪري رهيا هئا. کاڌي، چانهه، پان لاءِ الڳ قطارون هيون. البت ڪن ڪسٽم وارن جون ڀرون تاڻيل هيون.
    هڪ ڪٽنب، زال مڙس ۽ ڌيءُ مزدور کان سامان کڻائي پي ويا. اوچتو ڌيءُ ماءُ کي ڪجهه چئي رڪجي ويئي. ته هڪ جوان اچي اڳيان بيٺس. مان هلندي پٺ ڀرو بيهي رهيس. جوڙو هڪ ٻئي ۾ ائين مهو هو ڄڻ ليلا مجنون قبر مان نڪري اُتي پهچي ويا هئا، ۽ الڳ ويسن ۽ ٻولن ۾ هڪ ٻئي کي مخاطب ٿيا هئا.
    ”رجني، چاهيان ٿو مان به انڊيا هليو هلان، سنڌ جا اصل مالڪ هندو آهن، سنڌ ديس مان نيڪالي مون کان سٺي نه وڃي. ٻڍن ماءُ پيءُ سبب مان هلڻ کان مجبور آهيان.“
    ”هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. تون به اجايو نوابشاهه کان لڪي لڪي پيو پٺيان اچين. توسان محبت ڪئي اٿم ته اُن تي ثابت قدم رهديس. هميشہ تنهنجي ٿي رهندس.“
    ”خدا جو قسم- مان به تنهنجو ٿي رهندس. مان قيامت تائين تنهنجو انتطار ڪندس.“
    ڇوڪريءَ جو اکيون ڄڻ هڪ هنڌ بيٺل. ڪيڏانهن ڦريون ڪونه. اُها گفتگو ٻڌي منهنجو من سحر ڏانهن ڊڪڻ لڳو. ڏسان ٿو ته ورهاڱو آدم کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، مگر دلين کي الڳ ڪري نه سگهيو آهي. هي ٻه شخص جن جي محبت ورهاڱي جو شڪار ٿي آهي، اُها محبت پنهنجي صداقت سبب ورهاڱي کي رد ڪري چُڪي آهي.
    مان وري هلڻ لڳس. هڪ ڪسٽم آفيسر مُڇ کي تاءُ ڏيئي، آڪڙ مان هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ سنڌيءَ کي چيو، ”ديوان، هٿين خالي پيو وڃين؟“
    مسيحا جيان اکيون کڻي ديوان مشڪي چيس، ”تلاشي وٺندين جهلجي پوندس! هٿين خالي ڪونه ٿو وڃان- مان پنهنجي سيني ۾ شاهه، سچل ۽ سامي کنيو پيو وڃان.“
    پرڏيهي فوٽو گرافر ڳجهن جيئن لامارا ڏيئي رهيا هئا. هڪ جوان کيسي مان سنڌ جو نقشو ڪڍيو ۽ فوٽوگرافر ڏنهن نهاري مشڪڻ لڳو، ته سنڌ ڇڏي ٿو وڃان ۽ سنڌ پاڻ سان کڻي ٿو وڃان!
    ٻه ٻڍيون مٿي تي هٿ رکي ويٺيون هيون. سندن اکين سامهون ڪا چتا هئي، جتي سندن سپنا جلي ڀسم ٿي رهيا هئا ۽ هو ڊگها ساهه کڻي رهيون هيون.
    مان اُتي بيهي رهيس.
    ”اوچتو ڄڻ ڌرتي ڌڏي آهي! سنڌڙي کي لوڏا اڳ به آيا، پر ائين ڪونه ٿيو جو ملڪ ڇڏڻو پوي.“
    ”اڳواڻ ته هوائي جهازن ۾ ڀڄي ويا! نه ته مسلمان ڀائر سڳن کان به وڌيڪ. عيد جا طعام موڪلن. شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿين. هاڻي ڌاريا آيا آهن ته کين رهڻ لاءِ جڳهه، زمين واپار ڌنڌا کپن، سو وٺي ويل وهايو اٿن. جناح ۽ نهرو کي ڇا، اِهي ته بنگلن ۾ رهندا- دربدر فقط ماڻهو ٿي رهيا آهن.“
    اهڙو ڪو شخص نه هو، جنهن پنهنجي شهر، گهر ۽ ڳوٺ جي ڳالهه نٿي ڪئي. اِن ڪري مون فيصلو ڪيو ته هاڻ ڪٿي بيهندس ڪونه ۽ سڌو بابا وٽ ويندس.
    سيٺ پرسرام فلحال لڏڻ جو ارادو ڪونه ڏيکاريو. چيائين ته مون پاسي هندو گهڻا آهن، ٻيا نڪتا ته پوءِ مان به نڪرندس. هفتو ٻه ڏسان.
    رات جو فراسي تي ليٽيس. رات جو اکين ۾ واگهو ۽ چيتا ڏسڻ ۾ آيا. مون کي لڳو ته مان ڊڪندو پي ويس ته بچان. ساڄي پاسي کان هڪ ڊگهي ڪاري ڀت ۽ مان اُن ڀرسان تيز ڊڪي رهيو هوس.
    صبح جو مختصر سامان کڻي جهاز ٻاهر وڇايل ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳاسين.
    بابا ۽ الله بخش ڀاڪر پائي موڪلايو.
    ”ته پرتابراءِ هميشہ لاءِ ٿو وڃين.“
    ”نه!“ بابا چيو، ”مان واپس ايندس. جڻئي ۾ چاٻي ٻڌي پيئي آهي. جڻيون بدلبو، چاٻي قائم رهندي، ڇو ته سنڌ تي فقط سنڌين جو حق آهي. اُهو ڏينهن ايندو، جڏهن مانهو اِها ڳالهه سمجهندا.“
    اُن وقت مون کي خيال آيو ته مون دنيا تي سوچيو آهي، تاريخ ۽ ادب پڙهيو اٿم، پر مون ڪڏهن پنهنجي بابا تي نه سوچيو آهي. اڪيلو هن ڪيترو سَٺو آهي. ورهاڱو تاريخ جو ڏاڍو وڏو دکدائڪ حادثو آهي. مگر اُن کان وڏو وشواس آهي، جو بابا پاليو آهي ته سنڌ سنڌين جي آهي. ته سنڌي پهريون سنڌي آهن، پوءِ هو هندو يا مسلمان ٿي سگهن ٿا. ڀلي اِن سچ جو سبب نڪرڻ ۾ هڪ يُگ گزري وڃي.....
    ماڻهن سان ٽمٽار جهاز آهستي آهستي هلڻ لڳو. اسين آهستي آهستي ڪراچي کان پري ٿيڻ لڳاسين. ڏٺم ته سمنڊ ۾ پاڻي ڪجهه وڌيڪ ئي هئو ۽ اُن جو رنگ ڳاڙهسرو هئو......
    لطيف جي هڪ سٽ ڪنن ۾ وڄڻ لڳي:
    اکين ڪجهه نه ڪيو- رت نه رنائون!......
    من ۾ گفتگو هلي، ”هي ماڻهو روئن ڇو ٿا؟ نه ته وطن ڇڏي ڇو رهيا آهن!“
    ”وطن ڇڏي رهيا آهن، اِن ڪري روئي رهيا آهن.“
    ڪراچي دور ٿيڻ لڳي.
    ڪراچي دور ۽ دور ٿيڻ لڳي.
    ۽ ڪراچي دور ٿي ويئي.
    رات جو اڪيلو جهاز جي ڊيڪ تي بيٺو آهيان. هزارين ماڻهو جوان، ٻڍا، ٻار، زالون، مرد، هڪ ٻئي سان ڀرسان ڪريا پيا آهن: ڇا خدا، قيامت اچي ويئي آهي؟- هتي ته هر ماڻهو هڪ قبر آهي ۽ سڀ روح تنهنجي فتويٰ لاءِ منتظر آهن. تون آهين يا نه آهين، اُهو تون ڄاڻ- اگر آهين ته يا خدا ڌرتيءَ جي هن خطي کي امن بخش......
    رات ڪاري آهي. جهاز هزارين لاش ڍوئي رهيو آهي. تاريخ جي گهري غفا ۾ هڪ لنبو سفر آهي منهنجو – پوءِ اِن جو انت ته هوندو...... ڪٿي ته روشني هوندي- منهنجي اکين جي سامهون منهنجو وطن آهي- مگر اُن کي ڏسي نه ٿو سگهان- اکين ۾ ڪارو ڌنڌ آهي جو ڪجهه ڏسڻ نٿو ڏي. جهاز رت جي سمنڊ مٿان هلي رهيو آهي....... هلندو ٿو رهي، هلندو پيو وڃي..... ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. ۽ مون کي خيال ٿو اچي ته ڀڳوان کي مڃڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي، مگر انارڪلي ناٽڪ حادثي بعد مون کيس اڪثر ياد ڪيو آهي ۽ پوءِ ٿيو ائين آهي ته منهنجو پاڻ منهنجو ڀڳوان مون لاءِ خدا ٿي ويو آهي ۽ منهنجي خيالات ۾ پنر- جنم بدران قيامت جا تصور پيا اُڀرن. ڇا اِهو ئي ڪنهن قسم جو نئون ڪلچر آهي، جنهن ڏانهن ڪليڪٽر ڌيان ڇڪايو هئو.......
    هاڻ ڏسان ٿو ته جهاز جي ڊيڪ تي مان اڪيلو نه آهيان ٻيا به ڪافي بيٺا آهن، ان ڪري چاهيان ٿو ته سوچ جي رفتار کي گرفت ۾ آڻيان.
    منهنجي اکين جي سامهون منهنجو وطن مون کان کسجي ويو آهي ۽ مان ڪجهه ڪري نه سگهيو آهيان. مان هڪ ٿڪل، بيوس ۽ لاچار شخص.
    ڪراچيءَ جون هلڪيون روشنيون ائين ٿيون لڳن ڄڻ سنڌ جي سينڌ تي ڪا ڪهڪشان ڪري آهي.
    اکين ۾ ڪجهه صبح ٿيڻ ٿو لڳي ۽ مان من ۾ چوان ٿو: اوڪي- مادرِ وطن گڊ باءِ........
    بمبئيءَ جي پهرين ڪنارِي ۽ پوءِ ڪنارو نظر آيو. پرهه ڦٽڻ تي هئي ۽ لڳندڙ هير بدن کي فرحت بخشي رهي هئي. هڪ کن لاءِ لڳم ته جو ڪجهه اکين سامهون آهي، خوبصورت آهي.
    اُن کن، کن جي هڪ ٽٽل حصي جيتري اُڏامندڙ پول ۾ مون کان پنهنجو وطن، پنهنجي سحر، پنهنجي جلا وطني وسري ويئي. مان هڪ ڪولمبس ۽ منهنجي سامهون هڪ نئين دنيا، نئين اُميد، نئون اُتساهه...... خوبصورت زندگي. لڳو ته مان پنهنجي ماضيءَ کان صفا ڪٽجي ويو آهيان. هڪ خيالي ليڪ کان هڪ نئين شروعات. پٺيان نهارڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي. سڀ اُن ليڪ کانه شروع ٿئي ٿو. خواب. پور. وهم. اٺسٺا. چاهنائون. اُمنگ. آس....... ڀرم! سنسا- ڌنڌلا ۽ مبهم احساس.
    ڏسان ته قبر تي ٻئي بانهون ڦهلائي ڪو شخص ڦهليو پيو آهي.
    ڇا مان پنهنجي اڳلي شخص کان الڳ ٿي سگهان ٿو؟ شايد ٿي سگهان ٿو. پر اُهو مان نه هوندس ڪو ٻيو هوندو ۽ مون کي ٻيو نه بڻجڻو آهي، زندگي جيئن آهي، تيئن تلخ، شيرين، بي مروت قبول ڪندس. پل پل جيئندس، چاهي ڪيترو به ڀوڳيان. مان زندگي هٿان هار نه کائيندس. مان حقيقتن کان ڀڄندس ڪونه! منهنجي پريمڪا کي ريپ ڪيو ويو، هن آتم هتيا ڪئي. هڪ جوان وهمي عشق ۾ حادثي جو شڪار ٿيو. اِهي ٻئي درد مون لاءِ بي پناهه هئا ۽ پوءِ به مون کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو.
    ڇو؟-
    هن سماج جي رچنا ۾، تاريخ ۾، قانون ۾، مذهب ۾، سنسڪرتيءَ ۾ ڪٿي ڪجهه غلط ضرور آهي، جو مون کي سمجهڻو آهي چاهي ته مان اڪيلو جڳ بدلي نٿو سگهان مگر هڪ نئين سوچ مون کي رستو ڏيکاريندي ته مون کي ورثي ۾ جو مليو آهي، اُهو ڪيئن ۽ ڪيترو سخت ۽ گهرو غلط آهي، اُن کان مان ڪٿي ٽٽان ۽ ڇا سندر آهي، بامطلب آهي، جنهن ۾ عجب ۽ آنند جو انڀو آهي، اُن کي پڪڙڻ جي، قابو جهلڻ جي ڪوشش ڪريان
    هيڏو آدم، جنهن کي ڌرتيءَ کان ڌڪيو ويو آهي، ۽ هڪ آدم جو مذهب جي نالي وطن ڇڏي پاڪستان آيو آهي، اُن ۾ ڪا ته نئين سوچ پئدا ٿيندي ته رام سون جي لنڪا ڇڏي، غريب اَيوڌيا موٽي ويو. ائين ته هيءَ ڌرتي سڄي خوبصورت آهي مگر الڳ الڳ مٽين جو الڳ الڳ هڳاءُ آهي جو ٻنڌن ۽ موهه ۾ جڪڙي ٿو ۽ اِهو جيون جو هڪ سچ آهي.
    چاهيان ٿو ته هڪ سگريٽ هجي ته ڇڪيان. دونهين ۾ پنهنجي تنهائي ڦوڪيان، پر ڦوڪيندس دونهون. هڪ مان هوندس ۽ هڪ منهنجي تنهائي هوندي. مان هڪ تنها روح- مون کي اُن نسبت ۾ پنهنجي وجود ۽ دنيا کي سمجهڻو آهي. مون کي اتهاس جي دور، اُن جي روح ۽ مزاج کي پڙهڻو آهي-
    ڪراچيءَ جا قدرتي ڪنارا، جهاز بندر سان لڳل. بمبئيءَ ۾ جهاز پريان بيٺو. جڏهن پاڻي چڙهيو ته جهاز اڳيان وڌيو.
    هيٺ بمبئي جي پوليس نيوي آفيسر ۽ کاڌي ٽوپي پاتل اڳواڻ يا سيواڌاري بيٺا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نالو نه پڇيو، هتي به اِئين اَنام. ماڻهن کي کاڌي جا پاڪيٽ ڏيئي ٽرڪن م چاڙهيو ويو.
    اسان جي ٽرڪ بئلرڊ پيرڊ کان جنرل پوسٽ آفيس جو پاسو وٺي وڪٽوريا ٽرمينس ڏانهن هلڻ لڳي، مگر موڙ وٽ بيهي رهي.
    مان حيرت ۾ پئجي ويس. ساڄي پاسي کان هڪ لنبي ويڪري ڪاري ديوار، اُها جا ڪراچي بندر تي مون خواب ۾ ڏٺي ته واگهو ۽ شينهن منهنجي پٺيان ڪاهي پيا هئا ۽ مان ديوار جي ڀرسان تيز رفتار سان ڊڪي رهيو هوس- ديوار قائم هئي مگر شينهن ۽ واگهو گم هئا.
    اسان سامان لاهي هڪ لوڪل گاڏيءَ ۾ رکيو ته گاڏي بنا انجڻ جي هلڻ شروع ڪيو. اها هڪ فاسٽ لوڪل هئي.
    مون کي بمبئيءَ جي جڳهن ۾ هڪ چيز اکين کي کائڻ لڳي. ڇتين تي ڳاڙهيون مئنگلور ٽائيلس، ڪراچيءَ ۾ اک سنوت وارين ڇتين تي هريل هئي. ماڻهو به اڪثر رنگ جا ڪارا ۽ صفا اوپرا. سندن زبان اسان لاءِ فارسي. ٻئي پل هو ڪجهه پنهنجا لڳا.
    مون بابا کي چيو، ”اوهين سمجهو ٿا ته اسين وري واپس هلنداسين؟“
    ”ها.“
    ”تڏهن جڻئي ۾ سکر جي گهر واري چاٻي رکي اَٿو.“
    ”ڇا؟“
    ”مون جهاز جي ڊيڪ تي پهچي اها چاٻي الله بخش کي ڏني ته اِها منهنجي امانت اٿئي.“
    ”ڇا!........“
    ۽ الله بخش چيو: مان اوهان جو چوڪيدار آهيان. اوهين جڏهن به ايندا، مان بدن تي پيل ڪپڙن سميت ڪٽنب سان ٻاهر هليو ويندس.“
    بابا جي اکين ۾ اڻ لکي پاڻياٺ ڏسي مون ڪنڌ ورائي ڇڏيو.
    ۽ گاڏي منزلون هڻندي تيز رفتار سان هلي رهي هئي.
    پاڻي منهنجي به اکين ۾ آيو. اُن ڏينهن بابا الله بخش کي چيو ته ورهاڱو ته عارضي آهي. واپس ايندس مان سنڌ سنڌين جي آهي.
    ۽ مون کي لڳو هئو ته ورهاڱي جي دکدائڪ حادثي کان وڏو بابا جو وشواس هئو، ۽ بابا اِهو سوچي ته واپس موٽي پنهنجي چاٻيءَ سان پنهنجو گهر کوليندس، اُها چاٻي ئي ڏيئي ڇڏي!؟
    يا بابا ائين سوچيو ته مهاجر سکر به پهچندا ۽ اسان جي گهر جو تالو ڀڃندا، اِن ڪري هن ايمان جو نالو وٺي چاٻي الله بخش کي ڏني ته سنڌ جو ٽَڪر، ٽڪر جو هڪ ٽٻڪو، ٽٻڪي جو هڪ ڇلڪو، ڇلڪي جو هڪ خاڪو ۽ اُن جو به هڪ جزو ته هڪ سنڌيءَ کي هجي ته هندو سنڌي ۽ مسلم سنڌيءَ ۾ جڏهن ڪو فرق ڪونهي ته چاٻي وٽس ڇا ته هن وٽ ڇا؟
    ۽ هو هڪ ايماندار شخص، چوڪيدار بڻجي امانت جو بچاءُ ڪندو- ختم ٿي ويو نظريه پاڪستان، ڀل اُن جو بوتو باقي هجي.
    ڪي ننڍا مندر، هڪ هنڌ مسجد. زمين ڪاري. اوچا جبل. وچ ۾ سرنگهون. سوا ڪلاڪ بعد گاڏي هڪ اسٽيشن تي بيٺي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ لکيل هئو، ڪلياڻ. ٻاهر آياسين ته وري هڪ ٽرڪ ملي ۽ اسين اُن ۾. اُن اڌ ڪلاڪ ۾ پٿرائين رستي تي جهٽڪا کائيندي هڪ هنڌ هلي ڇڏيو ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته اُها جڳهه انگريز فوجين جي خالي ڪيل: ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ هئي. جنهن کي سنڌين پوءِ سنڌونگر ڪوٺيو، مگر سرڪار اُن جو نالو الهاس نگر رکيو.
    منجهند جو وقت. مکيه رستي تي ڪي وڻ هئا، باقي ڄڻ ڦٽل شهر، هڪ کنڊهر، آسمان ۾ ڪي ڳجهون. ڪابه هڪ ماڙ منزل نه. اُن کي ڪابه اسٽيشن نه، نه ڪا پوسٽ آفيس. رستا اُکڙيل ۽ ڪٿي به بجليءَ جي ٿنڀي ۾ ڪو بلب نه. سئنيمائون بند.
    هڪ پراڻي اسپتال، جيمس سائيڊنگ وٽ ٻه ٽي کاڌي ۽ چانهه جا دڪان. هتي گهر نه هئا، بئرڪون هيون ۽ ڪوٺيون فقط ڪِن ڪِن بئرڪن ۾ هيون. اڳ ۾ آيل شخص ڳوڻيون هٿ ڪري وچ ۾ هڻي، هڪ بئرڪ ۾ اٺ اَٺ ڪوٺيون ٺاهيون هيون. ڪٿي به ڪو باغ نه. پکي نه. ٿورا سوئر جي مون سنڌ ۾ ڪونه ڏٺا. ڪاڪوس ٿورا ۽ بئرڪن کان ٻاهر. ٻاهر ئي سرڪاري نل. گهرن ۾ ڪوبه رنڌڻو ۽ سنان جاءِ ڪون.
    سرڪار طرفان ڪي تنبو لڳل. اُتان مفت کاڌو. کاءُ ۽ کسڪ. اسان ٻنهي سامان کڻي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ سنيما ڀرسان هڪ خالي بئرڪ م هڪ ڪوٺي ڏسي سامان اُتي رکيوسين.
    بابا چيو، ”پٽ- هي ٿورا پئسا وٺ. ڪلياڻ وڃي پنهنجي لاءِ سائيڪل خريد ڪر ۽ گهر لاءِ ٿورا برتن، مٽ گلاس ۽ اناج وٺي اچ. فڪر نه ڪر، ڏک جا ڏينهن گذري ويندا. تون وڃ ته مان ٿورو ليٽي وٺان. ڏهه سال ٿيا ته تنهنجي ماءُ گذاري ويئي، اُن بعد ڪڏهن سک جي ننڊ ڪونه ستو آهيان ۽ هاڻ هتي مان هڪ لمبي ننڊ ڪرڻ ٿو چاهيان.“
    مون پئسا ورتا ۽ مون هلڻ شروع ڪيو. اڍائي ميل پنڌ ڪري سائيڪل ورتم ته ياد آيو ته آمريڪي سولجرن مون کي گولي هنئي ته مان زخمي ٿي سائيڪل تان ڪري پيو هوس، اُها سائيڪل اُتي ڇٽي.
    مون سائيڪل سان گڏ اُن جي جوڙڻ جو، پنڪچر ٺاهڻ جو سامان به ورتو. گهر لاءِ ٻيو سامان خريد ڪيم. اُتي هڪ ٽانگي ۾ رکايم ۽ گهر..... جو به چئجي....... کڻي آيس.
    نه چاهيندي به هڪ نه جهڙي زندگيءَ کان ٻيهر زندگي جيئڻ جي شروعات ڪيم. سائيڪل جي گديءَ ڀرسان انگريزي ۾ هڪ نالو لکايم: سحر.
    چڪر لڳائي هڪ نل ڳولهيم. مٽ ۽ بالٽيون ڀريم ته ڪجهه سنان وغيره ڪجي. سوچيم ته سڀاڻ بابا لاءِ کٽ وٺي ايندس. مان ڏيندس کيس آرام.
    ۽ رات جڏهن بابا پٽ تي ليٽيو ته مون فراسيءَ جي ڪنڊ تي ويهي کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا. هن اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو. مون کي لڳو، ته کيس سٺو لڳو ته مون سمجهيو ٿي ته مان سندس سک جو سوچي رهيو هئس ۽ جڏهن کيس ننڊ آئي ته مون لال ٽين جي وٽ هيٺ ڪئي ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل فراسيءَ تي ليٽي پيس.
    پتو نه پيو ته اکيون بند ٿيون. هاڻ ته ڪي واگهو ۽ شينهن نه هئا، پر مان تيز رفتار سان ڊڪي رهيو هوس. پاسي کان هڪ لمبي اوچي ڪاري ديوار. شايد اڳيان هڪ چڙهه، پهاڙ جي چوٽي. خال. کاهي. پٿر.
    مان جهٽڪي سان اُٿيس. سوچيم ته چانهه ٺاهيان مگر گهر ۾ نه کير، نه چانهه، نه کڻڊ ۽ نه اِسٽووَ. گهر بنا عورت جي گهر ڪوٺي ڪيئن ٿو سگهجي؟ بابا ٻي شادي نه ڪئي ۽ جا منهنجي هئي، سا ته رهي نه هئي. ڪجي ڇا؟-
    مون هٿ منهن ڌوتو، ڪنگو کنيم ۽ سائيڪل ٻاهر ڪڍيم. سڌو ڪلياڻ ويس. اُتي هوٽل ۾ چانهه پيتم. اُتي نه مکڻ، نه ڊٻلروٽي، نه پڪوان، نه سيرو ۽ نه پوري. فقط بصرن جا پڪوڙا ۽ پٽاٽن وارا. مون سگريٽ جو هڪ پاڪيٽ ورتو ۽ ٻي چانهه پيتم.
    شهر کليو ته بابا لاءِ هڪ کٽ ورتم. هڪ وهاڻو ورتم. هڪ ڪرسي ۽ ٻيون شيون وٺي ٽانگي ۾ رکايم ۽ موٽيس گهر. ريجمينٽ سينما رستي کان اندر هئي. چوطرف فقط سڪل گاهه ۽ ٿوهر ۽ اڪن جا وڻ.
    سامان کڻائي گهر رکايم. ۽ اسٽوف ۾ گاسليٽ وجهي اُهو ٻاريم. ڪڏهن چانهه ٺاهي نه هئم مگر خبر هئم ته ڪيئن ٺهندي آهي.
    بابا کي اڃا ننڊ هئي.
    مون سوچيو ته منهن ۾ اجايو جهنگ کڻي ٿو گهمان، مڇون به وڌي ويون آهن، سو وڃي لهرائي ايندس ۽ اُهو ٿيندس جو سحر ڏٺو هئو.
    چانهه ڪوپ ۾ ڀري بابا اڳيان رکيم.
    ”بابا“.
    هو اُٿي ويٺو. ٽنگون سڌيون هئس. چيائين، ”پٽ کڙيون پوسري رهيون آهن.“ سو هڪ هڪ ڪري ڏٺائين ۽ ڏک مان چيائين، ”هتي شايد گُسون آهن. پير چَٽي ويون آهن.“
    ڏک مون کي ٿيو. مون بابا کي ٽوال ڏنو. هن اهو ورتو ۽ آهستي آهستي اُٿي ٻاهر وڃي منهن ڌوئي آيو. مون سندس فراسي کڻي اُن کي ڇنڊيو ۽ کٽ تي اُن کي وڇايم. ڏکڻ پاسي وهاڻو رکيومانس ۽ چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ جهلي بيٺس.
    هو آيو ۽ کٽ تي ويٺو. چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيائين، ”اوه! تنهنجي ماءُ ياد اچي ويئي. چانهه کي کير ۾ چڱو گهمايو اَٿئي. ٻيو ڪوپ آهي؟“
    ”ها.“
    ”ڏاڍي محنت ڪري هيڏو سامان آندو اَٿئي.“
    ”بابا- خيال نه ڪريو- مان گهر ٺاهيندس.“
    اسان سنڌ مان فقط هڪ بئگ آندي. اُن ۾ ٿورا ڪپڙا ۽ گينيون هيون. شاهه جو رسالو هئو. باقي ٻه فراسيون ۽ ٻه چادرون هيون.
    ”سرڳ مان سڌو نرڳ ۾ ڪريا آهيون.“
    مان چپ.
    ”مفت ۾ ته ڪا شيءِ نه آندي اَٿئي نه.“
    ”نه بابا.
    ”متان ڪجهه ورتو اٿئي. ڌرتي وڃائي اٿئون تهذيب نه وڃائينداسين.“
    مون بابا کي ٻيو چانهه جو ڪوپ ڏنو ۽ هو سڪون سان پيئڻ لڳو. رکي رکي پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو.
    ”پاسي ۾ ڪو ڪاڪوس آهي؟“
    ”نه!“
    ”انگريز ڇا ڪاڪوس ڪونه ڪندا هئا ڇا؟“ ٿورو مشڪيائين.
    ”خيال نه ڪريو، سامهون خالي سينما آهي. جيستائين اسين پنهنجو ٺهرايون........“
    هو اٿيو ۽ ٻاهران ٿي آيو. انگريز ڪپڙا پائي چيائين، ”هل ته ڪو ڊاڪٽر ڳولهيون.“
    هن گهڻي نه نه ڪئي، مگر کيس سائيڪل تي اڳيان وهاريم. ساڄي کاٻي، هيٺائين مٿائين هڪ به دڪان نه هئو. ڪي سنڌي ماڻهو ڏٺم جن ٻڌايو ته فلاڻي طرف هڪ پراڻي سرڪاري اسپتال هئي.
    اُتي ڪافي ماڻهو هئا. اسان کان اڳ آيل ماڻهن کي بدليل پاڻيءَ سبب خارس ٿي پيئي هئي ۽ گهڻن کي ڦٽ ٿي پيا هئا. اُنهن لاءِ الڳ قطار هئي. اسين اِمرجنسي وارڊ ۾ وياسين. ٻاهر بيٺل، هڪ مائي بينچ تي ويٺي هئي.
    اندر ڪي ماڻهو هئا.
    ”امان تون روئين ڇو ٿي؟“
    ”پٽ ڇا ٻڌايانءِ! منهنجي نُنهن کي هفتو اڳ پٽ ڄائو. رات دروازو کليل هئو. هڪ سوئر آيو، جيڪو ٻار کي وات ۾ کڻي ڀڄي ويو. مان پٺيان پئي مانس ۽ سوئر کي ڏسي وڃي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وڌيون مانس. هن زور سان پاسو ورايو. مان هڪ پاسي ته ٻار ٻئي پاسي ڪريو. ڀڳوان ٻار کي وڏي حياتي ڏئي. پڻهس اندر ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو اٿس، ملڪ ڇا ڇڏيو اٿائون، اچي نرڳ ۾ پيا آهيون!“
    ”امان.“ هڪ جوان ٻاهر آيو. ”ڊاڪٽر چئي ٿو ته ٻار مري چڪو آهي.“
    مون سمجهيو ته هوءَ روئندو مگر هوءَ شايد اڳ ئي اُميد لاهي ويٺي هئي. هن چيو، ”هڪ پتيورتا اِستري آهيان. ڀڳوان جناح کي..... جو اَسان کي ماري پورو ڪيو اٿائين.“
    هو ويا ته اسين اَندر وياسين. مون ڊاڪٽر سان انگريزيءَ ۾ ڳالهايو. ڊاڪٽر بابا جا پير ڏسي اُن کي لوشن وغيره هڻي مٿان ملم هنيو ۽ ٿورو ملم بابا کي ڏنو ۽ چيائين، ”گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪونهي. ٻ ٽن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندا، پر پٽ تي نه سمهو. لڳو ته خانداني ٿا.“
    مون چيو، ”سنڌ ۾ اسين زميندار هئاسين.“
    ”نوڪرَ چاڪر هوندوَ؟“
    ”اُتي هئا.“
    ”هتي؟“
    ”اڃا ڪالهه آيا آهيون.“
    ”ماني ۽ جهاڙو پوچي لاءِ مائي کپيوَ ته وٺي ڏيانوَ.“
    ”اوهان جو احسان ٿيندو.”
    ”آهن به اَوهان وانگر سنڌي“
    ”اوهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“
    ”هتي سسٽرس جي نوڪري ڪرڻ آيون ۽ پوءِ چيائون ته ڪو به ڪم ملي......“
    ڊاڪٽر اَوهان جو نالو؟“
    ”ڊاڪٽر گاوڙي.“
    ”مان آهيان ساحر.....“
    ”ساحر لڌيانوي؟......
    ”اُهو ڪير آهي؟“
    ”شاعر آهي.“
    ”نه“ مون چيو، ”مان پناهگير آهيان.“
    ”ٿورو ترسو مايون اَچي وينديون.“
    اَٽڪل چاليهن سالن جي هڪ مائي ملي. اُن کي وٺي گهر آياسين.
    ”پگهار گهڻو ڏيندا؟“
    ”جيتري توکي گهرج هوندي“
    ”تڏهن به ٻڌايو. ويهه رپيا مهينو؟“
    ”ڀيڻ پاڻ کي نوڪرياڻي نه سمجهه. مان تنهنجو ڀاءُ. تنهنجو پگهار پنجاه!“
    ”اوهه، اَوهان ڪالهه ڪٿي ها؟“
    ”ڇو؟“
    ”ڪالهه اڃا ٻن تولن جو آخري چوڙو وڪيم. چاليهه رپيا مليا!“
    ”محنت ڪرين ٿي ته برڪت پوندءِ. ڪڏهن ضرورت پويئي ته حجاب نه ڪج ڀيڻ.“ اِئين چئي بابا کيس ڏهين ڏهين جا ٻه نوٽ ڏنا. ”هيءَ وٺ سوٿي!“
    هن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مان سائيڪل کڻي ٻاهر هليو ويس.
    ڪئمپ چڱي کليلي ۽ ڦهليل هئي. ريلوي پٽن جي ٻئي پاسي ڪافي سنڌي هئا، اُتي هڪ ڪڇيءَ جي سئلون به هئي. مون ڏاڙهي ۽ وار لهرايا.
    سامهون ٻه وڏا جبل هئا. ڏٺم ته ماڻهن اُن چونڪ جو نالو گانڌي چونڪ رکيو هئو. ڪي ڪئبنون هيون، جن ۾ هوٽلون کلي ويون هيون، جتي اُهو سڀ ٿي مليو، جو ڪلياڻ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيم. هڪ پئڪٽ ۾ ٿورا شيخ ڪباب ۽ ڊٻل روٽيون ورتم. سائيڪل تي چڙهيس ۽ اُڏامندو گهر پهتس.
    بابا کي لڳو ته وطن ڇڏڻ بعد مون اُهو سڀ ٿي ڪيو، جيڪو مون اڳ ڪڏهن نه ڪيو هئو ۽ جو ڪيو ٿي ان سندس من جو بار گهٽايو ٿي. گهر صاف ڏسڻ ۾ آيم. بابا به ڏاڙهي لاهي سنان ڪيو هئو ۽ قميص پتلون پائي کٽ تي ويٺو هئو. هن مشڪيو.
    لڳو ڄڻ اوندهه ۾ نوري روشني جرڪي اُٿي هئي.


    مون ٽي ڏينهن رفيوجي ڪئمپ جا چڪر هنيا. هڪ پهاڙيءَ تي چڙهي ويس ۽ وسيع منظر ڏٺم.
    هڪ ڪئمپ ۾ ڪل پنج ڪئمپون هيون. ايراضي اٽڪل چوڏهن چورس ميل. ٽن قسمن جي ماڻهن لاءِ، هر ڪئمپ ۾ ٽن قسمن جون اڏاوتون هيون.
    آفيسر ٽريننگ ڪالوني، جنهن کي سنڌين او. ٽي سيڪشن سڏيو، اُن ۾ هر بئرڪ ۾ فقط چار ڪوٺيون ۽ ڇت هيٺيان سنوت ۾ لڳل سيمنٽ جا پترا. اِهي آفيسرن لاءِ هيون. ان بعد بئرڪون، جن ۾ انگريزي سولجر رهندا هئا. اُن بعد فالوئرس لائين، جن ۾ انگريزن جا مڪاني مراٺا ملازم رهندا هئا.
    او، ٽي سيڪشن ۾ ڪوٺين ۾ بجلي ۽ ٿورو پرڀرو سهڻا ڪاڪوس ۽ سنان جايون. بئرڪن ۽ فالوئرس لائين ۾ ڪاڪوس ٿورا. اولهه ۾ ڪلياڻ ته اوڀر ۾ اَمبرناٿ شهر. پهرين ڏکڻ ڪئمپ کلي يعني چوٿون ۽ پنجون، ڇو ته اُن پاسي اٽڪل هزار سال پراڻو شو مندر هئو. ريل پٽن ڀرسان برساتي پاڻي م ڦاٽندڙ هڪ نهر. هڪ وڏي نهر اُتر ڪئمپ کان ٿورو پَرڀرو.
    ڪئمپ جي حدن کان ٻاهر اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ڳوٺ. جهوپڙين جو نمونو سنڌ جهڙو، پر جهوپڙيون ڪجهه ننڍيون ٺهيل هيون ۽ آدم به قد ۾ سنڌين کان ٿورو ننڍو هئو. زمين ڪاري ۽ پٿرائين هئي اِن ڪري اُهي ڳوٺ اکين کي اڳ ڏٺل ڪونه لڳا ۽ وڻڻ ۾ لمبي وقت جي گنجائش هئي.
    سرڪار پنج ڪئمپ ڪمانڊنٽ مقرر ڪيا ته ڏسن ته هر ڪئمپ ۾ سنڌين کي کاڌو ۽ پاڻي ضرور ملي.
    ماڻهو گهڻا ۽ ڪاڪوس سنان جايون گهٽ هئڻ سبب زالن ۽ مردن لاءِ الڳ ڪچا ڪاڪوس ۽ سنان جايون ٺاهيون ويون. چار وڪڙا. ٽن پاسي ڳوڻيون ۽ منهن ۾ ڪچي ڪاٺ جو اڌ دروازو.
    هڪ صبح مون ڏٺو ته زالن جي اِنهن سنان جاين جو حساب اَهڙو هئو جو ڪا اُتي سنان ڪري ته سندس مٿيون اڌ بدن ڏسڻ ۾ اچي. ڪاڪوس ۾ اُلٽو حساب. اڌ دروازو اچي پر مٿي ڀل جسم جو هيٺيون حصو ڏسڻ ۾ اچي، پر منهن لڪل هئڻ کپي!
    مان ويهن سالن جو جوان هئس. سحر مون کان ٻه سال ننڍي هئي. قطارن ۾ سنان. قطارن ۾ ڪاڪوس. اَڌَ دروازا. ڪٿي ڇاتيون ظاهر، ڪٿي بدن جو هيٺيون حصو. مون فقط هڪ دفعو هڪ منظر ڏٺو. شرم وچان منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو! اِن روپ ۾ ماءُ ڀيڻ ته ڇا پر ڪير پنهنجي پريمڪا کي به نه ڏسندو. هڪ بند ۽ تنگ سماج کي ڇڏي اسين هڪ کليل ۽ آزاد ملڪ ۾ آياسين؟ پر اهڙي آزادي ته اَسان ڪڏهن چاهي نه هئي.
    اُن بعد ان طرف مون ڪڏهن منهن نه ڪيو ۽ ڏٺم ته اُن طرف ڪنهن به مرد نٿي نهاريو ته سمجهيم ته اسان جي تهذيب ته باسلامت ۽ مضبوط مگر اسين وقت ۽ تاريخ ۾ کليءَ طرح وائکا ۽ اُگهاڙا ٿي ويا هئاسين. پنهنجي وطن ۾ ته مون نه ڪڏهن اِهو ڏٺو نه ٻڌو ۽ نه پڙهيو، اگر اتي ڳوٺ هئا ۽ شهري سهولتون نه هيون ته اُتي وڻ، ٻوٽا ۽ ڌرتي جا ننڍڙا دڙا ۽ لاهه هئا، جتي شرم ۽ مرم قائم رهيو ٿي.
    ڪيتري مختصر گذاريل زندگيءَ ۾ ڪيترو ڏٺو آهي مون. مان هڪ خسيس مانهو، مگر ڇا مان همت ۽ چاهت سان هت ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهان؟
    مان راڄنيتي ڪونه ڄاڻان، مگر هڪ سڀيه سماج جي سڀيتا قائم رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ جدوجهد نٿو ڪري سگهان؟ هيءَ زندگي جا اَسان جي مرضي جي خلاف اَسان خلاف مڙهي ويئي، اُن کان ڇوٽڪارو پائڻ ناممڪن آهي؟
    يا مان فقط اُڀامان ٿو ۽ منهنجي سورهيائي فقط منهنجي سوچ تائين محدود آهي؟
    ٺيڪ آهي. مان شايد ڪو سورهيائيءَ جو ڪارنامو نه ڪري سگهان مگر مان صحيح سوچان ته مون لاءِ اوترو ڪافي آهي.
    مان ڪو رام نه آهيان جو هٿ ۾ تير جهليان ۽ سمندر ديوتا هٿ جوڙي اڳيان اچي بيهي. مان ڪو هنومان به نه آهيان، جنهن هٿ ۾ جبل کنيو- مان ڪرشن به نه آهيان جنهن سُدرشن چڪر سان وناش ليلا رچائي، پر مان آهيان. منهنجو هئڻ هنن ماڻهن جي نسبت ۾ مون کان تقاضا ٿو ڪري ته مان اُهو ڪريان. جو کين اِن زندگيءَ کان بچائي ۽ هڪ مان ته نه آهيان، هن غيرت مند سماج ۾ مون جهڙا لکين هوندا. اسين هڪٻئي کي ڳولهي لهنداسين، پر اهو سلسلو جڙڻ کان مان، ڀل اڪيلو، سوال ڪندس ته هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جنهن اسان کان وطن ڇڏائيو، مگر اسان جي رهائش لاءِ ڪا رٿا نه بڻائي؟ هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جا جيئڻ جا وسيلا ميسر نٿي ڪري ۽ مفت جو راشن کارائي اسان جي هڏ ۾ ڀريل محنت جي جذبي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي؟-
    پنڌرهن لک سنڌي هندو ڪيڏانهن ويندا؟
    هڪٻئي کان الڳ ۽ ڪٽيل رهي اسين پنهنجو وجود ۽ سڃاڻپ قائم رکي سگهنداسين؟
    فيصلو وقت ڪندو ته جن دارا، سڪندر ۽ هزارن حمله آورن کي منهن ڏنو آهي ائين سٿرا مرڻ وارا ڪونه آهن. مارڻ وارا ختم ٿي ويا ۽ سنڌي اڃا قائم آهن ۽ اُهي قائم رهندا، ايڏي سگهه هنن جي تهذيب ۾ آهي.....
    هڪ ڀريل وڻ هيٺان بيهي مون سگريٽ دکايو. نه فقط سوچڻ سان ڪجهه ٿيندو. مان ڪجهه ڪندس ۽ مان اُهو سڀ ڪندي، پنهنجي وطن ۽ هنن ماڻهن کي ڏسي ڪندس! اِتهاس ڀل چوي ته هندو سنڌين سنڌ وڃائي آهي، مگر سنڌ سنڌين ۾ وَسي ٿي.
    دل ٿي ٿئي ته گهر موٽي لطيف جي ڪوتا پڙهان. مگر ڏسان ٿو ته مون ٻه ڪلف ورتا آهن ۽ او. ٽي سيڪشن ۾ اُهي ٻن ڪنڊن وارين ڪوٺين ۾ هنيا اَٿم. ڀرسان نل، پٺيان ڪاڪوس ۽ سنان جاءِ. ساوڪ بدران سڪل گاهه.
    مان سوچڻ ٿو لڳان جو مون کان ٿيو اُهو ڪيئن ٿيو؟ مون کي هڪ ڪوٺيءَ جي ضرورت آهي مگر مون ٻه ڪوٺيون ڇو والاريون؟- ڇا وڏن جي زميندار ذهنيت جو رنگ منهنجي رت ۾ آهي ته جڏهن ٻيا ڳوڻين جو ڀتيون هڻي سٿيا پيا آهن، تڏهن مون به ڪوٺيون قبضي ۾ ڪيون آهن؟ اگر رت ۾ ڪا خرابي آهي ته ڪا چڱائي به هوندي، جنهن ۾ هزارين سالن جي شرافت ڀريل هوندي. ٺيڪ آهي، هڪ روم م اسين پيءُ ۽ پٽ رهنداسين ۽ ٻئي ۾ منهنجو انقلاب رهندو. اُها ٻي ڪوٺي اُنهن جوانن جي نالي رهندي، جي پنهنجي سماج جي حقن لاءِ لڙندا. صرف کائڻ ۽ سمهڻ زندگي نه آهي.....
    مون بابا کان ڪجهه پئسا ورتا.
    هڪ روم ۾ بابا ۽ مان ۽ سڀ سامان. ٻي روم ۾ هڪ ٽيبل، هڪ ڪرسي، هڪ ريڍيو، ٻه بينچ ۽ ٽيبل تي رکيل شاهه جو رسالو. ڀرسان پيلا گل ۽ سحر جو هڪ خيالي چتر.
    آهستي آهستي سنڌي ايندا ويا. آدم اَڌ لک جو انگ اورانگي ويو..... ايترا سنڌي فقط ڪراچيءَ ۾ هئا ۽ ٻيو ڪٿي به نه هئا. هت حيدرآبادي هجي يا واڻيو، ٻئي دٻو کڻي هڪ قطار ۾ ٿي بيٺا. لاڙڪاڻي جا بيهه به هتي پهچي ويا. مڇي پهتي مگر ڪوٽڙيءَ جو پلو نه پهتو. پاسي واريون ٻه ڪوٺيون به ڀرجي ويون. شايد حيدرآبادي هئا. ڪافي دڪان کلي ويا. ڪي اِسڪول به کليا.
    ڍنڍورو ڏياريو ويو ته اَئڊمنسٽريٽر جي آفيس مان راشن ڪارڊ ۽ رفيوجي سرٽيفڪيٽ وٺي وڃو. مون ’سحر‘ کنئي ۽ اُن جڳهه تي پهتس جنهن کي هاڻ ’پوائي’ چيو وڃي ٿو.
    سرڪار ماڻهن کي مفت راشن ڏيڻ جا الڳ ته پيسن تي راشن ڏيڻ لاءِ الڳ دڪان کوليا ته خبر پوي ته گهڻا سنڌي غيرت وارا آهن ۽ گهڻا سنڌي مجبور يا لالچي آهن. خبر پيئي ته آيل اَئڊمنسٽريٽر چيف منسٽر جو ڀائٽيو هئو.
    مون کي ٿورو عجب لڳو ته راشن ڪارڊ جي قطار تمام وڏي هئي، مگر رفيوجي سرٽيفڪيٽ کڙڪيءَ ٻاهران هڪ به ماڻهو ڪونه بيٺو هئو. سمجهيم ته شايد ڪلارڪ موڪل تي هوندو مگر اُتي پهچي ڏسان ته ڪلارڪ ٽيبل تي پنهنجي معشوقا سمجهي آرام سان اُن تي ٻانهون رکي، اکيون ٻوٽي پٿاريو پيو آهي.
    شايد وري منهنجا زمينداري سنسڪار جاڳڻ لڳا.
    ”اي مسٽر، تون پگهار ڇا حرام جو ٿو کائين؟“
    طاقتور ڪلارڪ ڳاڙهين اکين سان سڌو ٿي چيو، ”ڀيڻان، پاڪستان مان ڀڄي آيو آهين هتي داداگيري ٿو ڏيکارين؟“
    اِن جو جواب مون وٽ آهي مگر اهو ڪنهن چيف منسٽر يا پرائيم منسٽر کي ڏيندس. تون اِن لائق ڪونه آهين.“
    ڪلارڪ جون اکيون ڪنن تائين ڦاٽي ويون.
    ”پر توکي کپي ڇا؟“
    ”رفيوجي سرٽيفڪيٽ.“
    ”راشن ڪارڊ اٿئي؟“
    ”نه!“
    ”ته پوءِ مون کي ڪهڙو ثبوت ته تون رفيوجي آهين.“
    ”ڪلارڪ آهين پنهنجو ڪم ڪر.“
    پهرين راشن ڪارڊ ڪڍاءِ.“
    ”مگر راشن ڪارڊ وٺندڙ به ته رفيوجي آهن.“
    ”ها.“
    ”ته ڪهڙي ثبوت تي ڏنا ٿا وڃن.“
    ”اِهو پاليسي مئٽر آهي مان ڇا ڪريان؟“
    مان ڇهه فوٽ ڊگهو. ڪراچيءَ ۾ اڇي ڊريس، اڇو بوٽ هئو، اَڇا جوراب پائيندو هوس ۽ رومال به اڇو کڻندو هئس. هڪ دفعي سحر چيو هئو:
    هڪ فرشتو.
    منهنجي گهر ۾
    گيت ڳائڻ ٿو اَچي......
    پر هتي ڪنهن مل جي چوڪيدار جيان سخت تري وارو بوٽ ورتو هئم، جو چڀندڙ پٿرن پيرن جون کلون لاهي ڇڏيون هيون، جو هڪ شاعر کي دانهن ڪندي ٻڌو هئم:
    جبلن تي ٿا جتيون گسايون.
    لوهه جا بوٽ وٺي ڪي پايون.
    ۽ سحر به ته نه رهي هئي جا بوٽ جي ڪپڙن سان نسبت ڏسي.
    مان سڌو ائڊمنسٽريٽر وٽ ويس ته چپراسيءَ روڪيو ۽ اندران موڪل وٺي پوءِ ڇڏيائين.
    صاحب گول ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ويٺو هئو. هٿن ۾ ’ٽائيمس آف انڊيا‘ هئس. اها هيٺ ڪيائين ته ڏٺم ته وات ۾ چروٽ هئس. وات جي هڪ ڪنڊ کولي چيائين ”چئه.“
    ”وهڻ لاءِ ڪونه چوندا.“
    ”ڪم جي ڳالهه ڪر.“
    ”سر، اگر رفيوجي سرٽيفڪيٽ لاءِ راشن ڪارڊ کپي ته راشن ڪارڊ لاءِ رفيوجي سرٽيفڪيٽ کپي، مگر اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته بنا هڪ جي ٻيو ملي سگهي.“
    هن چروٽ کاٻي هٿ ۾ جهلي چيو، ”رفيوجي سرٽيفڪيٽ لاءِ ماڻهو موڪلي جاچ ڪرڻي پوندي آهي، ڇو ته فري راشن ڪارڊ ته فقير به وٺي سگهندا ۽ رفيوجي سرٽيفڪيٽ سان ڀارت جي ناگرتا ملي سگهندي آهي.“
    منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ لڳيون.
    هن مشڪيو ۽ ناٽڪي انداز ۾ چيائين، ”ڳلا ڦوڪليل اٿئي يعني گهڻن سان ئي سمهيو آهين ۽ هتي ته حسن جي بزار کلي پيئي آهي ڪنهن کي به هٿ کان جهلي ڪيڏانهن وٺي وڃ..... هڪ مون کي آڻي ڏي ته جو گهرين سو ڏيانءِ.......“
    مون طوفان جي رفتار سان رکيل ڪرسي کنئي، مٿي ڪئي ۽ پوريءَ طاقت سان کيس هنئي. هن ٻئي هٿ مٿي ڪري ڪرسي ڦيري ۽ زور سان ڪرسي لڳڻ سبب پاڻ پنهنجي ڪرسيءَ سوڌو پٽ تي ڪريو. جوان هئو، اِن ڪري ترت اُٿڻ لڳو ۽ پاسي ۾ لٽڪيل روالور ڪڍڻ لڳو.
    ”مادر...... تون منهنجي ماءُ ڀيڻ کي وئشيا ٿو ڪوٺين؟“
    ”هٿ مٿي ڪر، نه ته شوٽ ڪندوسانءِ.“
    مون به پنهنجي قميص لاهي کيس پنهنجو ڪلهو ڏيکاريو ۽ پوءِ قميص هٿ ۾ جهلي چيم، ”تو هڪ بندوق جي گوليءَ جو نشان ڏٺو، هڪ ڪميڻي آمريڪي هنئي. هاڻ آزاد هندستان جو آفيسر مون کي ڇاتيءَ تي گولي هڻندو. هڻ! منهنجو هڪ خون منهنجي سنڌين کي بيدار ڪندو....“
    ”پاڪستان ۾ مسلمان سان وڙهي ڪو نه سگهيا ۽ هت بهادري ٿا ڏيکاريو.“
    ”مسلمان بدمعاش ڪونه هئا! هڪ مت – ڀيد سبب ورهاڱو ٿيو آهي. ٻڌ مان تنهنجي روالور کان ڪونه ٿو ڏڪان. مون کي ٻڌاءِ ته اوهين سنڌين کي ذليل ڇو ڪري رهيا آهيو؟،
    ”مون کي خوشي آهي ته سنڌين ۾ غيرت آهي. ڪرسي سڌي ڪري ويهه ته چانهه ٿا پيئون.“ هن پنهنجي ڪرسي سڌي ڪئي ۽ پريان پيل پائيپ کڻي هٿ ۾ جهليائين.
    ”چانهه؟ - قائدو بدلايو ۽ تون معافي وٺ. هت حسن جون بزاريون ڪونهن – ڪي ديويون آهن جي مندر مان نڪري اوجهڙ ۾ هلڻ ٿيون لڳن.“
    ”مان اڄ ئي ٿو قائدو ڪڍان. پر تون ويهه.“
    ”مهرباني.“ اِئين چئي مان قميص ڪلهي تي رکي آفيس کان ٻاهر نڪري ويس.
    ٻاهر نڪري مان سائيڪل وٽ آيس. قميص پاتم. ڏسان ته سيٺ پرسرام ٿو اچي، هٿ ۾ چمپل هئس.
    ”انڪل“ مان هن ڏانهن وڌيس، ”اوهين ۽ هتي، ڪراچيءَ مان ڪڏهن آيا؟ ۽ هٿ ۾ چمپل ڇو کنيو اٿوَ؟“
    ”پٽ ڪراچيءَ ۾ دڪان لٽيو ويو. مهاجرن سکر ۾ منهنجي بٺيءَ تي قبضو ڪيو. هٿين خالي هندستان آيو آهيان.“ هن چمپل ڏانهن نهاريندي چيو، ”رستي تي ڪير پيرين اُگهاڙو ڏسندو ڪون – پر آفيسر اڳيان ته چمپل پائي وڃڻ گهرجي.“
    ”پر ڇو؟“
    ”رستي تي هلڻ سان پير ڪونه گسبا، مگر جي چمپل ڦاٽي پيو ته مان ڏهه آنا ڪٿان آڻيندس جو ٻيو چمپل وٺان....“ اِئين چئي هن چمپل پاتو ۽ دفتر ڏانهن وڇڻ لڳو. ڪنڌ ورائي پٺيان ڪونهَ نهاريائين.
    مون کي اسپتال واري مائي خيال ۾ آئي جنهن جو ڏوهٽو سوئر کڻي ويا ۽ مائي دانهن ڪئي: شل جناح کي....
    مون کاٻي هٿ سان وار مٿي ڪيا ۽ فلڪ سان سائيڪل هلائڻ لڳس.
    مون چاٻيءَ سان انقلاب جي ڪوٺي کولي. پهرين ڀت جي ان خالي حصي تي لڳايم جتي مرجهايل پيلا گل پيا هئا. مون تيز نگاهن سان چني جي خيالي نقش ڏانهن نهاريو. سندس نگاهن ۾ ڍير موهه پيو هئو. پوءِ نقش گم.
    مون شاهه جو رسالو کنيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ڇاتيءَ سان لڳايم. اکيون ٻوٽيم. لڳم ته ڀٽ شاهه ۾ سائين جي درگاهه ۾ بيٺو آهيان.
    پوءِ مان بينچ تي ليٽي پيس، پاسو ورائي کاٻي ٻانهن تي مٿو رکي شاه جو ڪلام پڙهڻ لڳس.
    برسات جي موسم آئي. برسات پوي ته پوندي رهي ۽ اُن بعد بند نه ٿئي ۽ پوندي ئي رهي. چؤطرف پاڻي. ڳوٺن پاسي هيٺائين تي ڄڻ هڪ سمنڊ. جهوپڙيون مٿي. ڄڻ هيٺ برف ۽ هماليه اُن ۾ هڪ الڪا پوري ۽ مٿي هڪ يڪش. ڪاليداس ڪجهه اُلٽو ئي ڏٺو هوندو. برسات جا الڳ الڳ رنگ. ڪڏهن اولهه کان اچي ڪڏهن ڏکڻ کان. پاڻي هيٺ اچي ڪري ۽ هوا زمين سان ٽڪرائجي وڃي. ڌوتيون ۽ سلوارون گوڏن تائين مٿي ۽ ڇٽيون اُلٽيون. هوائن کي پاڻيءَ جا چنبا. اوچتو ڳلي تي زور سان چماٽ لڳندي ۽ ڳاڙهي ڳلي مان برساتي پاڻي وهڻ لڳندو. گرمي لاپتا. ٿڌچالو. وڄ ائين ڪڙڪندي ۽ ڪڪر گرجندا ڄڻ اِجهو ٿو آڪاش جو ورهاڱو ٿئي. وري هڪ سانت. صبح چؤطرف ساوڪ. وري تانسين جي تانيءَ جو: برس برس ڪر برسو....
    مگر سيني جي اندر جا آگ لڳل آهي اُن کي اِها بارش اڃا به تيز ڪري ٿي ۽ ڪام شرير کي ستائڻ ٿو لڳي.
    مون مستقبل مان هڪ چمي چورائي کيس ڏيڻ چاهي، هن وات تي هٿ ۽ ڳچيءَ کي ڊگهو ڪري آڪاش ڏانهن نهاريو. تڏهن ته اهڙي برسات نه هئي.
    واچوڙا مون سنڌ ۾ ڏٺا. هتي برسات ۾ واچوڙا. ڄڻ ڦوهارا چالو. برسات بند. هڪ ڌوتل آسمان ۽ وري مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا هتي به ڀاشڻ. پاڻيءَ جا تلاءَ. ڏيڏرن جي ٽان ٽان ڪجهه ائنٽي- هسٽري ۽ ڪجهه ائنٽي- ميوزڪ.
    بمبئي ۾ برسات معنيٰ بسين جا ڦيٿا پاڻيءَ ۾ گم ۽ لوڪل ٽرينون وچ رستي تي بند. آدي رشين ڪنهن تلاءَ ۾ ٻار ڏٺو ۽ برسات ۾ هنن چيو: جلمئي- پرليه! ڪجهه ڪونهي. بدليل زمين تي بدليل موسم جو رنگ آهي. ماري ته ڀيانڪ، جي جذبا جاڳائي ته خوبصورت.
    مون ته سحر سان ڪلفٽن ويندي فقط محسوس ڪيو: ساون کي نظاري هين. پرڪرتيءَ جو بدلجندڙ روپ آهي. اُن ۾ ڀاوَ اسان جا ڀريل آهن.
    ۽ هيءَ ڪڏهن به بند نه ٿيندڙ برسات
    لڱ لڱ ۾ ٿي ڪام جاڳائي.
    مهامتا گانڌيءَ کي گولي لڳي چڪي هئي. هن چيو: پاڪستان منهن جي لاش تي ٺهندو، مگر سندس لاش پاڪستان تي ٺهيو ۽ ڪراچيءَ مان خبر آئي ته جناح ڪئنسر جي ڪيئين جو شڪار ٿي مري ويو آهي.
    شهر ۾ دڪانن جون قطارون ٺهي ويون. ڪچا دڪان. ڪي ڪتابن جا. ٻار لوڪل ٽرين ۾ بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا وڪڻندا ۽ ڪي هلندڙ لوڪل مان ڪرندا رهيا. زالون ڏوڏيون ڀڃڻ لڳيون ۽ ڀرت جو ڪم ڪرڻ لڳيون. مرد دڪي تي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڪي ڪلارڪ ٿيا. بابا هنڊيءَ جو ڪم چالو ڪيو جو ٻيو ڪم کيس نٿي آيو.
    اُهو هڪ وقت هئو، جڏهن ڪئمپ ۾ هڪ فقير ڪونه هئو. ماڻهو يا روزگار ۾ لڳل هئا يا تلاشي رهيا هئا.
    ڪٿي ڪا غلط ڇوڪرين جي بزار نه هئي.
    سحر چيو ته هوءَ مئجسٽريٽ ٿيندي. مون سوچيو ڪليڪٽر ٿيندس. لبطف الله وانگر. انڊيا آيس ته خيال آيو ته يا ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪريان يا جي. جي اِسڪول آف آرٽس ۾ جرنلزم جو ڪورس ڪريان. اُن سوال طرف اڃان گنڀير فيصلو نه ورتو هئم.
    ڏٺم ته سنڌين سنڌ مان ڪتاب ضرور گهڻا آندا هئا. هزارين هٿين خالي هئا. ٿورن وٽ بابا جيان ٿورو ڌن هئو. گهڻا ته لکاپتي مان ڪکا پتي ٿي آيا هئا، جيئن سيٺ پرسرام هئو. چمپل هٿ ۾ وايون بتال. ڪيترا ماڻهو اهڙا ڄڻ وائڙن وانگر هلندا هجن. جو هنن سنڌ ۾ ماڻيو، اُهو هڪ خواب هئو ۽ ڏسن ته خواب ختم ٿي ويو آهي ۽ جو وٽن آهي، اُهو خواب بعد آهي ئي ڪونه.
    ٻن سالن ۾ الهاس نگر وسي ويو، چاهي ته ان ۾ ڪي ناگرڪ سهولتيون ميسر ڪونه هيون. سوئرن ۽ گسين جا اُپاءَ ڪڍيا ويا. جيتوڻيڪ اڃا به ڪي سوئر ڀاڄي مارڪيٽ ۾ زالن کي بي خيالو ڏسي سندن ٽوڪري کڻي ڀڄي ويندا ۽ پوءِ ڪا مائي سوئر پٺيان ڪاهي پوندي: اوشل خدا جو قهر پويئي.
    جيمس سائيڊنگ وٽ هڪ اسٽيشن ويٺلواڙي کلي. سينمائن ۾ ٽي شو هلڻ لڳا. پوسٽ آفيس کلي مگر ڪو ڪاليج ڪونه هئو. خانگي ڊالترن به هٽ لڳايا ۽ کاڌيءَ وارا ليڊر به شهر ۾ اچڻ لڳا.
    هڪ ميڙ ۾ هڪ سنڌي اڳواڻ آيو، جنهن لاءِ خبر پيم ته ڪٿي گورنر ٿيو هئو.
    هن سنڌين جي قربانين تي ڳالهائيندي آسمان کي ٿالهه سمجهي مٿي تي رکيو ۽ آڱر سڌي ڪري چيائين، ”هاڻ سنڌ کي ياد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو. جتي آهيو، اُتي سمائجي وڃو. مرهٽن ۾ مرهٽا، گجرات ۾ گجراتي، اِئين ڪڇي ڀيل ٿي هندستان ۾ سمائجي وڃو......“
    هڪ جَوان وچ ميڙ مان اُٿي بيٺو. هن زور سان رڙ ڪري چيو، ”ڇو؟“
    اڳواڻ گهٻرائجي ويو ۽ جئي هند چئي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڄڻ ته هن سوال ٻڌو ڪونه. ڪئمپ جو نالو اڳئين سال اُلهاس نگر ٿيو. ماڻهن مظاهرا ڪيا، پوليس لٺ هلائي ۽ سرڪاري نالو قائم ٿي ويو. جن لٺيون کاڌيون تن فرياد نه ڪئي. شايد هنن ذهن ۾ اُن کان وڌيڪ مارون کاڌيون هيون.
    وچ ۾ ڪي ڏينهن راشن نه آيو. ماڻهو روز دڪان تي بيهن، پرڪا ٽرڪ نه اچي ۽ ڪن ڏينهن بعد راشن آيو ته ماڻهن قطارن کي ٽوڙيو. پوليس لٺ هلائي ۽ جڏهن ماڻهو دڪان تان زبردستي راشن کڻڻ لڳا ته پوليس گولي هلائي. ڪي جوان زخمي ٿيا ۽ هڪ مائي مري ويئي.
    مگر هڪ جوان کان اِهو ٻڌو برداشت نه ٿيو ته اَسين وساري ڇڏيون ته اسين سنڌي آهيون. اُٿڻ جو خيال مون کي آيو مگر هو مون کان ۽ مون جهڙن ٻين کان زياده چست ۽ برجستو نڪتو ۽ هن سوال ڪيو- ڇو؟-
    مون کي لڳو ته جڏهن من نراس ٿئي، اُن کي مايوسيءَ جون چادرون ويڙهيون وڃن ۽ چؤطرف اوندهه ڏسڻ اچي ته هڪ سوال ڪجي: ڇو؟-
    بيٺل برهمانڊ به هلڻ لڳندو، اگر ڪو سوال ڪندو: ڇو؟
    انقلاب ۾ لطيف پڙهي رهيو هئس ته هڪ ڇوڪري اچي سامهون بيٺي، سائي سلوار، نارنگي ڪرتو، سائو ڊپٽو، ڇاتي اڀريل. ڊگهي اڳيان وڌيل چوٽي. مون کي لڳو سکر کان ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان ۽ سحر هڪ پَل لاءِ منهنجي اکين ۾ ڪنهن گهري واديءَ جي تلاش ڪئي هئي. جنهن نظر کي وساري نٿي سگهيس ۽ جنهن جهڙي نظر مون کي اُن دوشيزه ۾ ڏسڻ آئي.
    ”مان اندر اچان؟“
    ”اچ.“ اِئين چئي مون رسالو ٽيبل تي رکيو ۽ ڪرسيءَ تي ويٺي ئي سگريٽ دکايم ۽ کيس بينچ تي وهڻ لاءِ اِشارو ڪيم.
    هن بينچ تي وهندي ڊپٽي جي ڪنڊ وات ۾ وجهندي چيو، ”مان بنهه تنهنجي گهر جي پاسي کان رهندي آهيان، مگر تو ڪڏهن به مون ڏانهن نه نهاريو.“ ۽ هن ڊپٽي کي آزاد ڪيو.
    مون شايد مشڪيو.
    ”تمام گهڻا ڪتاب پڙهندو آهين ۽ خوابن ۾ جيئندو آهين.“
    ”تون واقعي سندر آهين.“
    ”بس، هڪ نظر ۾ ختم!؟“
    ”نه توتي عاشق ڪونه ٿيو آهيان.“ ٿورو مشڪي، ”ٿورو بي تڪلفي ڏيکاريم ۽ تنهنجي طنز جو شڪار ٿيس.“
    ”هي تازا توانا پيلا ڳل، روز سائيڪل تي وڃين ۽ رومال ۾ گل کڻي اچين. تصوير ته آهي ڪونه، پر پوءِ هيءُ گل ڀت وٽ ڇو؟“
    مان کلڻ لڳس.
    ”ڳالهائين ائين ٿي ڄڻ گهڻي وقت کان سڃاڻين ٿي. شايد اِها جوانيءَ جي هڪ ادا آهي- کن پل ۾ گهرائي.“
    ”تون ڳالهه کي لنوائي رهيو آهين.“
    ”چئه، ڇاٿي ڄاڻڻ چاهين؟“
    ”جڏهن تصوير ڪونهي، ته پوءِ هي گل ڪنهن لاءِ؟“
    ”خدا جي ته ڪا تصوير نه ٿيندي آهي.“
    ۽ مان مشڪڻ لڳس.
    هن گهرين اکين سان نهاريو. ”اوهه. وڏي چوٽ کاڌي اٿوَ.“
    ”وڌيڪ چئه.“
    ”حيدرآباد ۾ گهڻا ڪتاب پڙهندي هئس. هتي ملن ڪونه ٿا. تو وٽ ته جام ڪتاب آهن: مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندين؟“
    اِها ته پڇڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي.“
    ”پَر تنهنجي هيءَ روم اڪثر بند.“
    ”مون کيسي مان چاٻي ڪڍي کيس ڏيندي چيو، ”وٺ رک. مون کي ٻي چاٻي آهي.“
    هن چاٻي ورتي. ميز وٽ بيٺي گلن ڏانهن نهاري هن اُن خالي ڀت تي هٿ لڳايو، ”نالو ڇا اٿس؟“
    ”سڀ اڄ ئي پڇندينءَ؟“
    ”سڀ ته اِن ۾ نٿو اَچي.“
    ”ڪافي تيز آهين.“ مون چيو، ”حيدرآباد علم ۽ تهذيب جو مرڪز رهيو آهي ۽ تون به سُٺي آهين. دل چاهي ٿي ته توکي چانهه پياريان. پيئندينءَ؟“
    هاڻ هن کليو.
    ”تنهنجي چانهه پيارڻ واري توکي ٿي ڏسڻ اَچي، مون کي نٿي اچي. اِن ڪري چانهه مان ئي ٿي کڻي اچان.“ ۽ هوءَ چاٻي کي تريءَ تي کڻي ويئي.
    مون هن طرف نه نهاريو، پر لڳم ته هڪ ڦهليل رڻ پٽ ۾ هڪ تلاءُ اُڀريو ۽ اُتي وڻڪار به آهي. ڄڻ رات جي راڻيءَ جي خوشبو ڦهلي آهي. هن نه ڏٺي آهي منهنجي سحر، پر هن کيس ڄاڻي ضرور ورتو آهي. هوءَ سوچيندي هوندي ته اِهي پيلا گل فقط اَمبرناٿ ۾ شو مندر ٻاهران ملندا آهن ۽ جڏهن شو اُتي آهي ته هن روم ۾ ڇا آهي؟ ۽ هن ڪتاب به ڏٺا آهن. کيس هڪ ڪوتا جي تلاش. ڪوتا ڪتابن ۾ ۽ پاڻ به هڪ ڪوتا. بي تڪلف هلي آهي. جن وٽ گل ۽ ڪتاب هوندا آهن، تن وٽ شايد ان ريت وڃي سگهبو آهي.، مان نٿو ڄاڻان- پر مون ڏٺو ته هوءَ مون وٽ آئي ۽ مون ڏٺو ته هوءَ ٻن ڪوپن ۾ چانهه کڻي اچي رهي آهي.
    مان اُٿي بينچ تي ويٺس ۽ کيس ڪرسيءَ تي وهڻ جو اشارو ڪيم ۽ پوءِ چانهه جو هڪ ڍڪ ڀريم. جوان ٿيو هوس ته نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جون، هوٽلن جون چانهيون پيتيون هئم. سحر وٽ شربت پيتا هئم ۽ هاڻ.....
    مون چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو، ”آهه.........“
    ”ته شايد تون پنهنجي خدا کي سنڌ ۾ ڇڏي آيو آهين.“
    ”اُهو پل نه جيئان جو اکين سامهون آهي؟“ سوال ڪيم.
    ”ڪير هئي؟- مسلم؟“
    مون چانهه جو اڌ ڪوپ پيتو ۽ سگريٽ دکايم. ”ڪير آهي تنهنجي گهر ۾.“
    ”مان آهيان، ماءُ پيءُ اٿم. ننڍو ڀاءُ به اٿم. پر ڳالهه بدلائين ڇو ٿو؟“
    ”ڳالهه بدلايان ٿو جو ماحول بدليل آهي.“
    ”تون به تيز آهين.“
    ”ڪنهن ڳالهه ۾ ته برابر آهيون.“
    ”تنهنجي اکين ۾ رات جو اوجاڳو ۽ اوندهه آهي.“
    ”مگر تون.......“
    ”راڌا.“
    ”مگر تون مون لاءِ ننڊ ۽ چانڊوڪي نه آهين!“
    هوءَ کلڻ لڳي.
    هڪ بي باڪ مهذب گفتگو ۽ اُن مٿان پيار جو رنگ.“
    ”نه راڌا.“ مون چانهه جو ڪوپ ختم ڪيو، ”تون اهڙي آهين جنهن کي آڪاش ۾ اُڏائي وڃجي. اڳ ڪنهن کي اُڏايو هئم، بلڪل تو جيان هئي، سهج ۽ سڀاويڪ. پوءِ ڪنهن منهنجا کنڀ ڪٽي ڇڏيا، آڪاس مان هيٺ اهڙو ڪريس جو پتو ئي نه پيو ته مان ڪٿي آهيان.“
    ”هئي؟“
    منهنجي اکين ۾ هلڪي پاڻياٺ جو احساس ٿيو.
    ”نه هوءَ آهي، هي پيلا گل ۽ هوءَ منهنجي سحر. ۽ مان ساحر.“
    ”معاف ڪج- مون کي خبر نه هئي ته تنهنجا زخم ايترا گهرا آهن.“
    ”۽ راڌا، مان جڏهن آهيان چوان ٿو ته هوءَ آهي ته توکي احساس نه ٿيندو ته هن جو نه هئڻ جو سلسلو ڪيترو ڀيانڪ هئو. مان ڪجهه ڀاوڪ آهيان. هن کي ڪجهه ڪجهه تو ۾ ڏٺم.....“
    ”پوءِ به چئي ڇڏيئه ته مان ڪا ننڊ، ڪا چانڊوڪي بڻجي نٿي سگهان.“
    ”توکي ڏکويو اٿم.“
    ”بلڪل نه.“
    ”هر استري ڪنهن نه ڪنهن لاءِ ننڊ ۽ چانڊوڪي هوندي آهي. ڇو ته مان تو وٽ آيس ته تو شايد سمجهيو ته ڪنهن راڌا جو موهن تون آهين. اگر سحر تنهنجي راڌا آهي ته منهنجو به ڪو موهن هوندو. تو ڇو سمجهيو ته مون لاءِ اُهو تون آهين.“
    ”واهه!“ مان اُٿيس ۽ مون ڇيو، ”اڄ مون سان منهنجو وطن، مون سان منهنجي تهذيب ٿي ڳالهائي- چاهي ته مان ڪو عمر نه آهيان، مگر تون واقعي مارئي آهين.“
    هن مشڪيو، لڳو ته هن ۾ جا سحر هئي، سا هاڻ ڏسڻ نٿي آئي ۽ مون کي اهو وڻڻ لڳو.
    ”تون سٺي آهين، ايندي ڪج.“
    ”ته مان اُٿان.“
    ”نه مان وهان ٿو.“ مون بينچ تي وهندي ٻيو سگريٽ دکايو.
    ”هڪ ڪم ڪر“.
    ”چئه.“
    ”هڪ فئن وٺي اچ.“
    ”هن روم ۾ آهي.“
    ”“ ته ڇا مان گرميءَ ۾ اچي ڪتاب پڙهان.“
    ”تون ويهه، مان اچان ٿو.“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”بس فئن آيو ڪِ آيو.“
    ”ايڏو ڀاوڪ؟“
    ”تون چاهين ٿي، اِن ڪري.“
    ”مگر هاڻ ته سيارو آهي.“
    ”تون ايندي رهندينءَ ته پتو نه پوندو ته ڪڏهن اونهارو آيو.“
    ”ڇا شاهه لطيف کي تو گهوٽي پڙهيو آهي؟“
    ”گهوٽيو مون لطيف کي ڪونهي، زندگيءَ مون کي گهوٽيو آهي.“
    هڪ ٽنگ تي ٽنگ رکي ۽ گوڏي تي ٺونٺ ۽ بند ٿيل هٿ تي منهن رکندي هن چيو، ”اهو ڪهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان تون ٻاهر نڪتو آهين؟،
    مون به هن جو نقل ڪندي مشڪي چيو، ”جيئن مان ڄاڻان ٿو، اهو ڪتاب اڃا لکيو نه ويو آهي.“
    ”اُن ڪتاب کان ٻاهر ڪا زندگي آهي؟“
    ”في الحال ته هڪ مان آهيان، هڪ منهنجو خدا آهي، ڪي گل آهن ۽ تون آهين.“
    ”ساحر.“ هن اُٿندي چيو، ”ساحر- تون واقعي اُهو آهين، جنهن کي حاصل ڪرڻ گهرجي. پر توکي ڪنهن حاصل ڪري ورتو آهي، ان ڪري اُن سلسلي ۾ مون طرفان ڪا ڪوشش نه رهندي. جيترو وقت ملي سگهياسين ملنداسين، اگر مان هلي ويس ته توکي پنهنجي من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ کڻي ويندس. اکين ۾ جيئن ڪو خواب اچي، چپن تي گيت يا مسڪراهٽ اچي، آسمان ۾ اوچتو ستارن جي روشني ٿي وڃي ۽ گهٽيل فضا ۾ تازي هوا گهلڻ لڳي، تون ڪجهه اِئين آهين. چاهيان ٿي ته نه وڃان- مگر چاهڻ پنهنجون سيمائون ڏسي ورتيون آهن...... اِن ڪري وڇان ٿي.“
    ”توکي مان روڪي نٿو سگهان. سيمائون منهنجون به آهن. لڳي ٿو ۽ لڳي اِئين به ٿو ته تون اَسيم آهين.“ هن باءِ ڪئي ۽ هوءَ هلي وئي.
    هن مونکي ’باءِ‘ ڪئي مگر مون ته ڪنهن کي ’گڊ باءِ‘ ڪئي هئي مون کي اِئين ته نه لڳو هوءَ هڪ زخم ڇٽائي ٻيو ڪري هلي ويئي، مگر هڪ پل لاءِ مون کي لڳو ته شايد منهنجي محبت جي صداقت ڏسي سحر جو روح هن ۾ هليو ويو آهي. هوءَ وڃي چڪي هئي- پر مون کي لڳو هوءَ اڃا به وڃي رهي هئي. ڪرسيءَ تان اُٿي، هلي ۽ ٻاهر ويئي. وري ڪرسي تي. وري هلڻ. وري ٻاهر.....
    مان اُٿيس ۽ ٽيبل جي کاٻي پاسي هيٺ گوڏن ڀر جهڪيس. مون کي سنڀال سحر. تو بنا هيءَ زندگي زندگي نه آهي مگر مان اَها بي- زندگي جيئندس- تو کان هڪ پل دور نه ٿيندس، مگر تون هن ۾ داخل نه ٿج. نه ٿج سحر. اگر مان ڪنهن موڙ تي ڦران ته تون آواز ڏج..... هيءَ دنيا سندر به آهي، اُن ۾ خزانا به آهن- مون کي نه کپن. تون نه آهين ته تنهنجي ياد آهي- منهنجي تنهائي ناهه تنهائي ۽ او منهنجا خدا، مون کان اهڙي غلطي نه ڪرائج، جنهن سڀڀ راڌا کي ڪو رنج ٿئي. منهنجو توسان اهو ڪهڙو پيار، جو مون کي مهان نه بڻائي. چاهي ته ڪنهن ڪتاب ۾ منهنجو ذڪر نه ٿيندو- چاهي ته ڪنهن کي خبر نه پوندي ته سحر جي محبت ۾ هڪ اِنسان فرشتو ٿي پيو........
    رات جڏهن بستري تي ليٽيس ته مون پاسي واري دري کولي ڇڏي. بابا ڀت پاسي منهن ڪري سمهيو پيو هئو. مون بتي وسائي. اها منهنجي عادت هئي ته سمهڻ کان اڳ چڱي طرح هٿ منهن ۽ ٺوٺن تائين ٻانهون ڌوئيندو هوس. اندران ڪن صاف ڪندو هوس ۽ ڪنن پڍيان ڪافي پاڻي هنندو هوس ۽ آهستي اهي صاف ڪندو هوس. پيرن جو آڱريون مٿي ڪري نهن اندر پاڻي وجهندو هوس. ڪياڙيءَ ۽ ڳچيءَ تي به ٿڌو پاڻي هڻندو هوس. مون کي گنجي پائڻ جي عادت نه هُئي ۽ رات جو هڪ اڇو چوغو ۽ پتلون ۽ پيرن ۾ اڇي چمپل، سمهڻ کان اڳ ڪنگو ضرور ڪندو هوس.
    ٿڌ ۾ پنکي جي رفتار گهٽ هئي. مان سڌو سمهيس ته لڳو بدن ۾ گرمي وڌي رهي آهي ۽ ٿوري هوا سبب انگ انگ ۾ راحت ٿي آئي. باهر به ڪا بجلي نه.
    اُن ڪاري اونده ۾ ڏسان ته راڌا منهنجي انقلاب ۾ گهڙي آهي. پاڻ مرادو ٻه قدم اڳيان ٿي ويئي آهي. مان ڏسان ٿو ته چوطرف اونده آهي، مگر هن جي شرير ۾ ٽيج جي چانڊوڪي آهي. ڪجهه روشن ۽ ڪجهه سياه ۽ ڌنڌلو آهي. کيس ساڙهي پيئي آهي.
    مون نه ڏٺو آهي اِستري جو شرير.
    ۽ ڏسان ٿو ته پاڻمرادو سندس شاڙهي هيٺ ڪرڻ بدران آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳي آهي. مان هن جو چهرو، هن جا ڪلها، ڇاتي، ٽنگون، پير ڏسي سگهان ٿو. ڏسان ٿو ته هن جي ڇاتي جيتري اُڀريل آهي اوتري سخت آهي ۽ هوءَ اڳيان ٿيندي ٿي وڃي.
    ڏسان ٿو ته منهنجو شرير پچڻ ٿو لڳي. چاهيان ٿو ته کيس ڇڪيان ۽ ڀر ۾ ليٽايان. منهنجون مٺيون بند ٿي وڃن ٿيون- اُهي ڪٿي کوليان ۽ دٻايان ۽ مهٽيان. مان چوغي کي گوڏن تائين ڇڪيان ٿو ته ظاهر نه ٿئي ته مان واسنا ۾ چڪنا چڳور ٿي چڪو آهيان. کيس ڇڪيان. چمان. مهٽيان. گردن ورايان.
    مان اکين تي هٿ رکان ٿو: مان فرشتو آهيان؟- ڇو...... مان هڪ انسان آهيان ۽ انسان بڻجڻ ۾ ڪيتري خلش، ڪيترو جوش، ڪيتري شدت آهي: ڪَير ڪنهن جي احساسن جو روح آهي. ڪير ڪنهن جي روح جو احساس آهي. مان پنهنجي شرير جي هر انگ سان محسوس ڪريان ته هوءَ آهي. ته منهنجي شرير ۾، رت ۾، ماس ۾، هڏن ۾، اَندر نسن ۾ هڪ ڇڪ آهي ته مان کيس پنهنجي شرير ۾، رت ۾، ماس ۾ هڏن اندر هڏين ۾، هڏين اندر، ڪنڊن ۾، ڪنڊن اندر، سَنڌن ۾، سنڌن اندر تنتن ۾، تنتن اندر پاڻياٺ ۾ محسوس ڪيان ته هوءَ منهنجي مڪمل وجود ۾ سمائجي ويئي آهي. هوءَ بنهه منهنجي سامهون پوري اُگهاڙي بيٺي آهي.
    مگر ڪير به ته ڪونهي. باهر هڪ کڙڪي آهي. هڪ ڌرتي، هڪ آڪاش ۽ هڪ سمنڊ آهي. اُن بعد هڪ ڌرتي آهي. هڪ قبر آهي. اُتي پيلا گل پيا آهن.
    اُن قبر کي ڏسي مان چاهيان ٿو ته منهنجو جوش مري وڃي. جوش مري ٿو، نٿو مري، خبر نٿي پوي، مگر مون کي احساس ٿئي ٿو ته اگر مون ۾ ڪو فرشتو آهي ته يا اُن جو هئڻ وهم آهي يا اُن جو مون کي ڇڏي وڃڻ حقيقت آهي.
    مان مٿي تي هٿ ٿو رکان. مون کي لڳي ٿو ته مون کي بخار آهي. مان ڄاڻان ٿو مون کي بخار ڪونهي. پهريون دفعو ڪام پنهنجي پوري زور ۽ رفتار سان، قوت ۽ تلخيءَ سان مون مٿان حاوي پيو آهي ۽ مان اُن کان نجات حاصل ڪريان: اُن لاءِ مون وٽ ڪو وسيلو ڪونهي. سحر جي قبر ۾ به مون کي راڌا ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
    ڪير آهي راڌا؟
    ڪاش اچي. ٿورو وقت. بس ٿورو، مون کي منهنجي تپت کان نجات بخشي. مون کي راحت بخشي. مان آخر ڪيترو تڙپان؟- سڀاڻ هوءَ ايندي، مان در بند ڪندس. مان کيس پٽ تي سمهاريندس. اگر رڙ ڪندي ته مان سندس وات تي هٿ رکندس ۽ مان اُهو ڪجهه ڪندس، جو پهريون دفعو هوندو ۽ منهنجي اندر شرير جي پوري ڍانچي جي پياس ٻجهندي.
    مان پاسا ٿو ورايان- ننڊ نٿي اچي. هڪ هوءَ آهي، ٿوري چانڊوڪي آهي. هڪ قبر آهي ۽ ٿورا گل آهن ۽ مان اُن سڀ سامهون پنهنجي شرير ۽ آتما سان بنهه ننگو آهيان.
    مان پاسا ورائيندو ٿو رهان.
    نه هوءَ ٿي اَچي، نه هن جي ڇڪ ختم ٿي ٿئي. ڪاش! هن کڙڪي وٽ اچي ۽ مان کيس ڇڪيان يا مان ئي ٻاهر هليو وڃان.
    مان آهستي اُٿان ٿو. دروازو کولي ٻيڪڙيان ٿو. وري گهر اندر وڃي انقلاب جي ٻي چاٻي ٿو کڻان. مان ڪافي وقت سندس گهر ڏانهن نهاري رهيو آهيان، ڪاش ٻاهر اچي. ڪاش ٻاهر اچي. يا خدا اگر تون آهين ته ڪڏهن ته منهنجي ٻڌ.
    مون کي پڪ ٿيڻ لڳي ٿي ته هوءَ ايندي. مان پنهنجو دروازو کولي ٿو ڇڏيان. بتي ٻاريان ٿو. گلن ۽ اُن خالي جڳهه تي ٻه ٽي ڪتاب ٿو رکان. ٻئي بينچ ملايان ٿو. مون کي ايترو جوش آهي جو اِهي تختا مون کي نه لڳندا.
    مان بيٺو آهيان.
    مان بيٺو آهيان.
    مون کي لڳي ٿو ته روشني ۽ اوندهه ۾ وڏو فرق آهي. روشنيءَ ۾ ٻهروپ آهي. اونده ۾ سچائي آهي. روشنيءَ ۾ سنسڪار آهن- اوندهه ۾ سنسڪار مڪتي آهي.
    مان نه معلوم ڪيترو وقت بيٺو آهيان، اڪيلو. هوءَ نٿي اچي، مان بتي بند ڪريان ٿو. مان دروازو بند ڪري ان کي تالو لڳايان ٿو. واپس موٽي ٻيو در کوليان ۽ ٻيڪڙيان ٿو ته متان ڪنهن وقت به اچي.
    مون کي پڪ ٿي چڪي آهي ته برهمانڊ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير ڪونهي، مثل هن ۾ خواهشون جاڳي سگهن ٿيون، پر هوءَ نٿي اچي. جيئن مان هن وٽ وڃي نٿو سگهان تيئن هوءَ مون وٽ نه ٿي اچي سگهي ۽ جڏهن آئي ته ياداشت جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويس، ۽ فرشتي بڻجڻ جي خوش خيالي ڪرڻ لڳس. اهو روشني جو دوکو هئو ۽ اوندهه جو يٿارت اِهو آهي ته مون کي خبر ٿي پوي ته منهنجي زندگي اڃا بي- زندگي نه ٿي آهي. اُن بي زندگيءَ کان ٻاهر به زندگيءَ آهي، جتي دک آهي يا سک آهي مگر ڪو خدا يا گاڊ ڪونهي. ان جي ڪا ضرورت به ڪونهي. فيصلا ملائين يا الڳ ڪن، فيصلا اسان کي ڪرڻا آهن.......
    ڏسان ٿو ته آسمان اڇاڻ طرف مائل ٿيو آهي ۽ اوجاڳو منهنجي اکين مان گم ٿيڻ لڳو آهي مگر اُن گم ٿيندڙ اوجاڳي م ڏسان ٿو ته هڪ جسم آهي، جو منهنجي اکين کي چڀي رهيو آهي.
    برتنن جي آواز تي اک کلي. بابا هليو ويو هئو ۽ مٿان ڪمبل وجهي ويو هئو.
    مائي چيو، ”پٽ چانهه کڻي اچان.“
    ”نه-“
    ”هونءَ نيرن به تيار آهي.“
    مون مٿي تي هٿ رکيو ۽ اڱرين سان اکين تي زور ڏنم.
    ”ڏينهن جي ماني به تيار آهي.“
    ”ته پوءِ آنٽي تون ڀل وڃ.“
    مان اُٿيس ٽوال ۽ پيسٽ کنيم. ٻاهر آيس. ٿلهي تان اڳيان وڌي ڏاڪي تان هيٺ لٿس. ڪيڏانهن نهاريم ڪونه ۽ تازو ٿي وري اچي بستري تي ليٽيس.
    ”اگر مان ڪنهن موڙ تان ڦران ته تون مون کي آواز ڪج.... سحر“
    شايد هن ڌرتي کان ٻاهر پتو نٿو پوي جو آڪاش ۾ چڙهڻ آهي اُهو آڪاش ۾ ڪرڻ ته ڪونهي- ته جو پاتال آهي اُهو به هڪ آڪاس آهي ۽ چڙهڻ يا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي، جڏهن ته ٻئي احساس فطري آهن.
    مان چاهيان ٿو ته مان ان ڪوٺيءَ ۾ وڃان، جا ڪلهه تائين مون لاءِ انقلاب هئي، هڪ مندر هئو، شايد مسجد به هئي، مگر هاڻ شايد هڪ لئبرري هئي، جا پهرين هڪ ۽ پوءِ ٻن تائين محدود هئي. انقلاب ختم ٿي ويو ۽ فرشتو انسان ٿي پيو. سورهيائين سوچ تائين محدود!
    چاهيان ٿو ته وڃان متان راڌا آئي هجي. مون کي هن جي ڇڪ ٿي آهي. اندر ۾ اڪير جاڳي آهي ته کيس ڏسان. بس فقط پنڌرهن ويهه فوٽ پري هن جو گهر آهي. مگر هوءَ نه هوندي. هوءَ فقط مون کي ڌتارڻ آئي ۽ مون کي ٿيڙي پاڻ هلي ويئي. هن ڏيکاريو ته عشق ۾ منهنجي ثابت قدمي اوستائين هئي جسيتائين اُن جي آزمائش نه ٿي هئي ۽ آزمائش ۾ مان ڏسان ٿو ته مان هڪ ٻئي عشق ۾ اُلجهي ويو آهيان- هن صحيح چيو: بس، هڪ نظر ۾ ختم!
    مان ٻيهر منهن ڌئان ٿو. ڪنگو ڪريان ٿو. آرسيءَ ۾ ڏسان ٿو ته اوجاڳي ۽ ڪاري ڏاڙهي، بس مان شڪل مان ڪجهه وحشي لڳي رهيو هئس. اکيون جي ڪنهن درويش جيان ٿوريون وڏيون، اڇيون ۽ نوراني لڳنديون هيون، اُنهن ۾ تناءُ ۽ ڳاڙهاڻ هئي. پوءِ به مون اُن روم جي ٻي چاٻي کنئي ته ٿورو وقت خلوت ۾ گذاريان.
    ڏسان ته دروازو کليو پيو آهي. هوءَ ڪرسيءَ تي ويٺي آهي. ٽنگون بينچ تي رکيون اٿس، ڪتاب پڙهي رهي آهي. کيس ڏسڻ سان موڳائي دور ٿي ٿئي.
    منهنجي آهٽ سان هوءَ شايد منهنجي هئڻ جو وحشت ڀريو احساس ٿي ڪري. هوءَ ڪتاب رکي ٿي ۽ ٽيبل تان ٽنگون هٽائي سڌي ٿي ٿئي. سندس چپن تي مشڪ ٿي اچي، مگر هوءَ ڄڻ پاڻ کي ڇڪي پاڻ ۾ اَندر ٿي وڃي ٿي ۽ اجنبي هئڻ جو احساس ٿي ڏئي.
    منهنجي ڇاتي ٿوري ڦولجڻ ٿي لڳي. مان چاهيان ٿو ته ٻاهران دروازو بند ڪريان ۽ وڌي کيس ٻانهن ۾ کڻان ۽ کيس بينچن تي ليٽايان ۽ رات جي تڙپ کان ڇوٽڪارو ۽ راحت پايان.
    مگر مان اِئين ڪريان، اُن کان اڳ هوءَ چوي ٿي، ”اڄ ڪجهه وڌيڪ سهڻو پيو لَڳين.“
    لڳي ٿو اُهو آواز منهنجي روح کي ٺنڊڪ ٿو پهچائي. اکين ۽ ڪنن رستي منهنجي ڪجهه ڪام ترپتي ٿئي ٿي.“
    ”سڄي رات جاڳيو آهين؟“
    مان سندس بنهه سامهون بينچ تي وهان ٿو.
    ”تو کي خبر آهي؟“
    مان اُٿي دروازو بند نٿو ڪريان، پر اهو ٻيڪڙيان ٿو ۽ اڳيان وڌي هن جي گوڏن سامهون اوڪڙو وهان ٿو.
    ”واقعي جو ڇا مطلب- جاڳيو ته مان آهيان.“
    ”مون کي خبر آهي.“
    ۽ هوءَ اُٿي بيهي. ”ته واقعي تون جاڳيو آهين.“ مان اُٿي هن جي ٻانهن ۾ هٿ ٿو وجهان.
    ”ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون قبر مان اُٿي آيل منهنجي سحر آهين؟“
    ”نه- مان پنهنجو الڳ وجود رکان ٿي ۽ مان ڄاڻان ٿي ته رات تو منهنجو انتظار ڪيو. تون ٻاهر آئين. تو بتي ٻاري.“
    مون هن جون ٻانهون ڇڏيندي ڄڻ دٻيل چيخ ڪئي، ”پوءِ به تون نه آئينءَ!“
    ”تون مون کي مارئي ڪوٺي منهنجي چوڌاري لڇمڻ ريکا کينچي ڇڏي.“
    مون وٽ ڪو جواب ڪونهي.
    مان کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايان ٿو ۽ بينچ تي وهان ٿو. هوءَ به وهندي چئي ٿي، ”تو سمجهيو يا نه، مگر تنهنجي انتر مَن تو ۾ گناه جو احساس جاڳايو، ان ڪري تو پنهنجي خدا جي خيالي تصوير اڳيان ڪتاب رکيا ۽ تون خود پنهنجي خدائيءَ کان دور ٿي وئين. اڄ به شو جي مندر ۾ ڪونه وئين. پيلا گل به ڪونه آندءِ ۽ اهو به ڪونه سوچيئه ته مان ڪيتري لمبي عرصي کان تنهنجو انتظار ڪري رهي آهيان.“
    ”راڌا.......“
    ”اِهو نالو منهنجي مائٽن رکيو آهي. مون توکي چتائي ڏٺو. مونکي ڪجهه سندر لڳو. مون چاهيو ته توکي مان موهن ڪوٺيان، مگر تو منهنجي اڳيان سيمائون رکيون. اِن ڪري مون پنهنجو نالو سيما رکيو آهي.“
    مان حيرت ۾ پئجي ويس. مون به ته سحر جي محبت ۾ پنهنجو نالو بدلايو هئو.
    ”نه راڌا، تون آسيم آهين. رات مون کي تنهنجي گهرج هئي.“
    ”۽ مان تنهنجي لاءِ ڪا چانڊوڪي، ڪا ننڊ بڻجي نه سگهيس.“
    ”ڏينهن ۾ ٻهروپ آهي، رات ۾ ئي ڪجهه نئون ڪجهه اَڻ ڇهيل، ڪجهه اَصل آهي.“
    ”شايد رات جو ڪير حاضر نه ٿو ٿئي ۽ ماڻهو پاڻ سان ساکيات ٿئي ٿو. ان ڪري ماڻهو ڏينهن جو ۽ تپسوي رات جو جاڳندا آهن.“
    ”راڌا.“
    ”پر رات جو توکي ٿڌ ۽ زڪام ستايو ۽ ڪام جي گرمي توکي مون طرف ڇڪيو.“ ۽ هن مرجهايل پيلن گلن ۽ ڀت تي آڏو رکيل ڪتابن ڏانهن نهاريو.
    مون کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايو. مون کي لڳو ته مون کي سمپورڻتا جو انڀو ٿي رهيو هو. هن پهرين پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪيا ۽ منهنجي ڇاتيءَ تي رکيا ۽ آهستي آهستي مون کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پوءِ ڏٺم ته هن به مون کي ڀاڪر پاتو هئو ۽ هوءَ منهنجي کاٻي ۽ ساڄي چمي رهي هئي.
    ”تون فڪر نه ڪر، مان آهيان. ويهه، ڪجهه سڀاڻي لاءِ بچاءِ. مان چانهه کڻي ٿي اچان.“ هوءَ آهستي آهستي الڳ ٿئي ٿي.
    منهن ۾ لوڻ ۽ ماکيءَ جو پوچو لڳائي، مشڪي ٿي ۽ هلڻ ٿي لڳي.
    هوءَ هلي ويئي آهي ۽ مان ٻنهي ڳلن تي هٿ رکي ويٺو آهيان. مون کي شڪ ٿو پوي ته اِهو هڪ خواب آهي ۽ مان زور سان پنهنجو پير ڪرسيءَ کي هڻان ٿو. ڪرسي ٿورو مٿي ٿي پريان ڪري ٿي. مون کي پير ۾ ڌڪ ٿو لڳي ۽ مون کي خوشي ٿي ٿئي ته مان سالن بعد پاڻ کي خوش ڏسي رهيو هوس.
    مان اڳلي شخص کي ڇڏيان ۽ نئون شخص بڻجان؟ نئون بڻجڻ خود ۾ جوڙجڻ آهي. اگر مان ڪٿي ٽٽان ٿو ته ڪٿي جڙان به ٿو. اِن ڪري مون کي ضد نه ڪرڻ کپي ته مون کي ڪجهه نئون نه گهرجي. جنهن ۾ کليل من، جذبات وانجهيل سوچ ۽ نئين روپ- ريکا هجي.
    اِهو طئي ٿي چڪو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته خدا يا ڀڳوان ڪونهي. آهي يا نه آهي، اهو هڪ بي سود بحث آهي. هو نه چاهڻ تي مصيبت کان بچائي ٿو ۽ نه چاهڻ تي سک ئي ڏئي ٿو. هو نه ڀل ته ستين آسمان يا کير ساگر ۾ ويٺو هجي. منهنجي سامهون ٻه ڳالهيون آهن- هڪ مان آهيان ۽ ٻيو منهنجا سنسڪار آهن. هڪ حالتون آهن جن پٺيان سماج ۽ تهذيب جا پنهنجا دٻاءَ ۽ اثر آهن. اِتهاس ۽ سنسڪرتي آهي. اُٿلائي پٿلائي ڏسان ۽ بهتري ۽ جوڙڻ جي اُميد ڏسي ڪو ويچار، مت يا نقطو قبول ڪريان. ورهاڱو جوڙي نٿو اِن ڪري اهو غلط آهي. اِن غلطيءَ جي سزا سبب اُهو نه ڇڏڻو آهي جو سريشٽ آهي......
    مون کي خيال ٿيو ته رات مون روشني ۽ اوندهه تي سوچيو، ٻهروپ ۽ اصل تي سوچيو. ڇا مان صحيح آهيان؟ مگر ڪالهه راڌا طرف منهنجو هڪ رخ هئو ۽ اڄ ٻيو آهي. ٻيو به ته ڏينهن آهي. ڪالهه به ڏينهن هو. وچ “ هڪ رات هئي، جنهن تبديل آندي، پر اُهو ڏينهن هئو، جڏهن مون سحر کي ڏٺو ۽ مون کيس پنهنجي نسبت سان هن جي پرک ڪئي ۽ مون کي هڪ هئڻ جو احساس ٿيو.
    اهو ئي احساس راڌا سان ٿيو اٿم. ٻن مان هڪ هئڻ جو احساس، اِهو انڀو سيکاريم ٿو ته هڪ هئڻ جو احساس پنهنجي دائري ۾ وسيع ڦهلاءُ کنيو بيٺو آهي. اُن سان سحر جي ڀيانڪ اَنت جو درد گهٽ نٿو ٿئي.
    مگر اُن دردر ڀرسان بنهه اُن کان مختلف راحت ماڻي سگهجي ٿي. وفا صادق پيار جي ضامن آهي مگر ٻئي پيار جي قوت ۽ وسعت بي وفائي نه آهي.
    مان هڪ ٻي سچائي کان منهن نٿو موڙي سگهان. بلڪ مان اُن کي چاهڻ لڳو آهيان.
    وري هوءَ آئي، ٻه ڪوپ کڻي.
    ”تنهنجو فادر ڏسڻ ڪونه اچي ۽ ٻيا؟“
    ”حيدرآباد ۾ پرنسپال هو، کيس ليڪچرشپ جي آڇ آيل آهي. مگر نوڪري اڃا ملي نه اٿس. ڀاءُ نائين ۾ آهي ۽ منجهند واري اِسڪول ۾ داخل آهي. ماءُ آهي، اُها سمهي پيئي آهي. مون به مئٽرڪيوليشن ڪئي آهي. فادر ئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا. شرت ۽ ٽئگور پڙهيو اٿم.
    ڪي فارين جا رائيٽر به پڙهيا اٿم. شرت چندر ڀاوڪ آهي. مون کي گهٽ وڻي. مون کي ڪجهه اصل ۽ نئون کپي. ڪوبه دهراءُ نه هجي.“
    مون اهستي چيومانس، ”ته ڇا تون وري ڪڏهن منهن نه چمندينءَ!؟“
    هن ڳل تي هٿ رکي نظرون هيٺ ڪيون ۽ چپ ڀيڙيا.
    ”جواب ڏي.“
    روز سنان ڪرڻ دهراءُ ڪونهي. ٻه ڪجن. وڌيڪ ڪجن.“
    ”ته هڪ ڳالهه مڃ منهنجي.“
    ”چئه.“
    ”اچ ته هن بينچن تي ليٽي پئون.“
    ”منهنجي جان- سر ڪٽي ڏيانءِ!“
    ”نه، سر نه، تنهنجو شرير کپي.“
    ”سڀ ڪجهه هڪ وقت، هڪ هنڌ؟“
    ”مان شايد ڏاڍو سڀاويڪ آهيان.“
    ”نه.“
    ”ته؟“
    ”تون پياسو آهين، شروع کان.“
    ”تون پياسي نه آهين؟“
    ”آهيان......“
    ”تو پوءِ اچ......“ مون چانهه نه پيتي ۽ هن پيئڻ شروع ڪئي.
    وري اُٿي دروازو بند ڪيائين ۽ ڪڙو به پاتائين.
    مون پنهنجو چوغو لاهي ڦٽو ڪيو. پر هوءَ مون وٽ نه اچي ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي.
    ”اَچ.“
    هوءَ کلڻ لڳي.
    ”نه.“
    ”ته پوءِ در ڇو بند ڪيئه.“
    ”متان اِن حالت ۾ توکي دنيا جو پتو نه پوي.“
    ”پتو ته هاڻ نه پوندو.......“
    ”هڪ هئو گوتم........“
    ”ڪير، ڪو پير مرد؟“
    هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
    نه هڪ راجا هئو. هن ڪڏهن ڪو بيمار، ڪو ٻڍو ۽ ڪو مئل اِنسان نه ڏٺو هئو........“
    منهنجو تناءُ گهٽيو. سندس اکين جو تيج ڏسي مان اُٿيس. مون قميص پاتي. چانهه جو ڍڪ ڀريم ۽ ڪوپ رکي، مشڪي هٿ جوڙي کيس چيم، ”ان چيو آهي ته ترشنائون دک جو ڪارڻ آهن.“
    هن ڪرسي اڳيان وڌائي ۽ منهنجي ٻنهي ٻڌل هٿن کي پنهنجي هٿن سان جهلي پنهنجي ڳلي لڳايائين. هن اکيون بند ڪيون ۽ هن هڪ لمبو ساهه کنيو ۽ ڇڏيو ۽ پوءِ منهنجا هٿ به ڇڏيا. هن پوءِ منهنجو ڪوپ کڻي مون کي ڏيندي چيو، ”پي.“
    مون چانهه کي ختم ڪندي چيو، ”پوءِ؟“
    ”واقعي تون سٺو آهين.“
    ”پر تون ڪنجوس آهين.“
    ”تون چاهين ٿو ساڙهي لاهي ڦٽي ڪريان.“
    ”ها.“
    هوءَ کلڻ لڳي.
    ”چڱو بابا- معافي! گوتم ٻڌ ڇا چيو آهي. ساڙهي نه لاهيو“ هوءَ وري به کلڻ لڳي.
    مون سگريٽ دکايو ۽ اڳيان ٿي کيس چيم،
    ”هن چيو آهي: ترشنائن جو غلام نه ٿجي. هن چيو آهي: ترشنائن جو تياڳ به نه ڪرڻ گهرجي.“
    ”ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي: ٻڌم شرڻم گڇامي؟“
    ”نه.“
    ”ته.......“
    ”يڪي ٻولي يا حسين، هڪدم ٽٻي نه ڏجي، ڪجهه ڀرت جو ڪم ڪرڻ گهرجي: چٽ ساليءَ جو- سنگتراشيءَ جو.......“
    مان کيس سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    ”سمهي مان سگهان ٿي. توکي چاهيان ٿي. هينئر به چئه ته ساڙهي لاهي ڦٽي ڪريان. ڪنهن پهاڙ تي مان وئي نه آهيان، پر جيڪر چاهيان ته ٿورو مٿي وڃان، هيٺ ڏسان، اڃا ٿورو مٿي وڃان. اڃان ڪجهه مٿي. اُن ياترا ۾ سرجڻ آهي. سنتوش آهي.“
    هاڻ مان کلڻ لڳس.
    ”ته تون چاهين ٿي ته سڀ ڪجهه قسطن ۾ ٿين گهرجي.“
    ۽ هن ساڙهي لاهڻ شروع ڪئي. هوءَ اُٿي ته رات جي ياد آئي.
    ”تون مون کي نٿو سمجهين ته اَچ......“
    ”نه راڌا.........“
    ”بس؟“
    ”مون کي لڳي ٿو ته مهان اِهو شخص آهي، جو رواجي ۽ سڀاويڪ شخص آهي. سڀاويڪ بڻجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي-
    مان ترشنائن جو تياڳ ته ڪري نه سگهندس، مگر سفر ڪندي ڪٿي بيهندس ۽ پٺيان نهاريندس.“
    هن ساڙهي ٺاهي. اسين ٻئي ڪافي وقت ماٺ ويٺا رهياسين.
    ”تون بمبئي ڪونه وڃين؟“
    ”سائيڪل آهي، هتي ئي ڀٽڪندو رهيو آهيان. پڙهائي به پنهنجو پاڻ رهجي ويئي آهي.“
    ”۽ سائيڪل تي تو هن جو نالو رکيو آهي.“
    ”راڌا.....“
    ”نه سيما.“
    ”سيما! سيما ختم ٿي چڪي آهي.“
    ”نه، شرير سيما نه آهي.“
    ”هل ته ڪڏهن گهمڻ هلون. سائيڪل تي. ڪڏهن مندر. ڪڏهن حاجي ملنگ.....“
    ”ڪڏهن بمبئي. ڪڏهن سينٽرل لئبرري. ڪڏهن آرٽ گئلري. ڪڏهن ميوزيم. ڪڏهن مرين ڊرائيو ۽ ڪڏهن هئگنگ گارڊن- ايليفنٽا- ڪنهيري ڪيوز- مڌ آئلئنڊ........“
    ”مگر هڪ ڳالهه آهي سيما.“
    ”ڪهڙي ساحر؟“
    ”اسين ڪنهن اڪيلي جڳهه تي نه وهنداسين.“
    ”ٺيڪ آهي. پر ڇو؟“
    ”اها هڪ ڪاري رات هئي، جڏهن مان ۽ سحر........“
    مان جڏهن هوش ۾ آيس ته ڏٺم، هوءَ بينچ تي ويٺي هئي ۽ مان ڪرسيءَ تي منهنجو منهن هن جي گوڏن ۾ هئو. هن جو هڪ هٿ منهنجي منهن تي هئو ۽ هوءَ آهستي اهو هٿ هلائي رهي هئي.
    مون گردن مٿي ڪئي.
    ”ايترو درد....... تو مٿان ايترو ظلم؟“
    ”تو کي ڏٺم ته لڳو سحر آهي.“
    ”هڪ ڏينهن مان هلندس- اُن قبر تي. مان اُتي گل رکندس. پر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا اُن ٻڌايو ته تنهنجا زخم ڪافي گهرا آهن. ۽ تنهنجا ڳوڙها اُنهن گهرائين جي وٿين ۾ گم ٿي ويا اهن.“
    ”تون نه ڇڏج.“
    ”اِئين نه چئه.“
    ”ڇا چوان؟“
    ”ڪجهه به نه منهنجا راجا.“
    هن اُٿي مون کي چمي ڏني، وارن ۾ هٿ ڦيرايائين ۽ پوءِ چيائين، ”سوچينداسين ڪونه.“ هن منهنجو منهن پنهنجي سٿرن ۾ آندو. ”ڪراچي هلنداسين، ڪڏهن رستو کلندو، ڪڏهن حيدرآباد جي هير الهاس نگر پهچندي. تاريخ کي پنهنجو منطق آهي.“
    هن دروازو کوليو ۽ هوءَ هلي ويئي.
    هڪ جنت هوءَ پاڻ ۾ کڻي ويئي ۽ هڪ جنت هوءَ مون ۾ ڇڏي ويئي.
    مون انقلاب ۾ هڪ آرام ڪرسي آندي ته منهنجي سيما وهي. هڪ پنکو آندم. هڪ گهگهي ۽ ٻه گلاس آندم. آرسي وٺي واپس ڪيم. سوچيم نه، اُهو اِنقلاب منهنجو بيڊ روم نه ٿيندو. هڪ ٽئبل لئمپ آندم. ڪي نوٽ بوڪ، خالي پنا ۽ فائونٽين پينون ورتم. مون خود گهر کي ٺاهيو.
    مون مرجهايل پيلا گل کنيا ۽ شاهه جي رسالي ۾ وجهي رسالو شيلف جي هيٺئين حصي ۾ رکيم، جتي رامايڻ مهاڀارت ۽ ڀاڳوت پيا هئا. اُن خيالي جڳهه جي ٻن پسان کان هئنڊي ڪرافٽ جا ٻه هاٿي رکيم ۽ اُن وچ ۾ ڪي ڪتاب رکيم: ان کان اڳ ان خالي جڳهه کي سلام ڪيم.
    ٻاهر چار ڪوٺيون هيون. باقي ٻن ۽ اَسان جي وچ ۾ ٺهيل ٿلهي مٿان خانگيت جي خيال کان ڀتيون. ٻن ڪوٺين لاءِ هڪ الڳ ڪاڪوس ۽ سنان جاءِ. پر مون شروع ۾ اِهو بندوبست ڪيو ته هڪ پاسو فقط زالن ۽ ٻيو فقط مردن لاءِ هجي.
    پاڻيءَ لاءِ لازمي طور قطار.
    سائيڪل تي سحر هيٺان به سنهڙا نالا ٻيا به لکايم.
    سحر- سيما- ساحر. اُها ڀت پاسي رکندو هوس.
    بابا جي چهري تي سک واريون خوشيون واپس ورڻ لڳيون. شايد هن جي ڌيان جو مرڪز مان هئس ۽ سمجهائين پي ته مان خوش هوس. اها ڪوٺي هن ئي ٺهرائي. ڪنڊ ۾ رنڌڻو، پاسي کان کليل ٿلهو ۽ هيٺان نيسارو. پٺيان نالي.
    هن هنڊين تي پئسا ڏنا ٿي. وري اهي هنڊيون بئنڪ ۾ جمع ڪرائي اُن تي پئسا ٿي ورتائين. ان ريت هن گهڻو پئسو ڪمائي ورتو. کيس فرسٽ ڪلاس جي پاس هئي.
    هن پرسرام کي ڪافي ڳوليو، پر اُهو کيس ڪونه مليو. هن سنڌ ۾ الله بخش کي خط لکيو. جواب ايس ته جڳهه ته سلامت آهي، مگر مهاجرن ماري ڇڏيو آهي، هنن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪيا آهن. سنڌين جون لئبرريون جلايون اٿن. سنڌين جي خالي ڇڏيل جڳهن تي قبضو ڪيو اٿن. ڳالهائڻ ۾ شدت ڏيکارين ٿا. پاڪستان سرڪار اردو ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏنو آهي. حالانڪ پاڪسان ۾ ڪو اردو صوبو ڪونهي. سنڌوءَ ۾ اکو پائڻ وارا، پپل ۾ ڌاڳا ٻڌڻ وارا، ڇيڄ ۽ جهمر هڻڻ وارا هليا ويا آهن ۽ سنڌ مان اوچتو ڪافي سونهن گهٽجي ويئي آهي.
    خط جو نفس مضمون پڙهي مان جذبات ۾ نٿو اچان. تاريخ ۾ وڏا لوڏا آيا آهن ۽ اسين، اسان ۾ جو سريشٽ آهي، اُن کي بچائي رکون. ٻنهي طرفان گڏيل ڪوشش جو رستو ڪڍندي، هندستان ۽ پاڪستان جي مسئلن جو حل جنگ نه، مگر ٻنهي ملڪن جو ملي هڪ ٿي وڃڻ آهي. راڄنيتي ڦوٽ پئدا ڪري ٿي. ڪلا شايد ايڪتا پئدا ڪري. نه کپن ورهاڱا. نفرتون- سرحدون- شڪ ۽ فوجون. قومي زندگيءَ ۾ مذهب کي جڳهه هجي، مگر سياست ۾ نه هجي. ڪو رستو ضرور نڪرندو. وقت لڳندو؟ لڳي.
    هڪ دفعي ڪلياڻ مان ٿي آيس ته هڪ مسلم جوان سائيڪل سان ريس ڪئي. هن جا رستا سڃاتل هئا ۽ هو اڳيان نڪري ويو. مون به هن جو پيڇو ڪيو. هن ڪلياڻ جي ريلوي پل ڪراس ڪري ٺاڪرليءَ ڏانهن رخ رکيو. رستو سٺو هئو. هن اڳرائي قائم رکي. هو ڊميبولي تائين اڳيان رهيو. مون کيس ڪلوا وٽ جهليو ۽ شيل ڦاٽڪ تي پهچي مان هن جو انتظار ڪرڻ لڳس.
    هو سهڪي سائيڪل تان لٿو.
    چيائين، ”هل ته سامهون هوٽل ۾ هلون. ڏس جو رستو ساڄي ٿو وڃي اوڏانهن بمبئي آهي، ٻئي طرف پونا، گوئا، حيدرآباد دکن، بئنگلور ۽ مدراس آهي. اگر تون هارائين ها ته توکي هڪ ڳالهه چوان ٿو.“
    اسين هوٽيل ۾ اَچي ويٺاسين.
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    هندستان جا مسلمان هندستان سان فقط ٽن شرطن تي وفادار رهي سگهن ٿا.“
    ”ڪهڙا ٽي شرط؟“
    ”هڪ ته اردو ٻوليءَ کي قائم رکيو وڃي. ٻيو ته مسلمان جو اهو حق قائم رکڻ گهرجي ته هو شريعت موجب زندگي جيئن......“
    ۽ ٽيون؟“
    ”۽ ٽيون عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي جو اِسلامي ڪردار قائم رکيو وڃي.“
    مان کلڻ لڳس.
    ”تون کلين ٿو؟“
    ”مان ته هندستان جو پرائيم منسٽر ڪونه آهيان.“
    ”اسان شرط پڄائي.“
    ”شرط مون کٽي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هندستان جو عوام ٻن قومن جي اصول کي نٿو مڃي؛ ان ڪري نه رڳو مسلمان ڀائرن جا اِهي شرط مڃيا ويندا، مگر کين آرٿڪ ۽ سماجڪ نياءَ پڻ ڏنا ويندا.“
    هو مايوس ٿي ويو. چانهه پيئندي چيائين ”“ توکي خبر آهي ته هندستان جو وڌان پاس ٿيو آهي؟“
    ”ها.“
    ”توکي خبر آهي ته وڌان ۾ سنڌي ٻولي ڪونهي!“
    مان چپ.
    ”ٻه سال اڳ هنن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي تسليم ڪئي.“
    اُها خبر اٿم!“
    ”هيءَ ڪهڙي سرڪار آهي جا اوهان جي ٻوليءَ لاءِ اُها لپي تسليم ٿي ڪري، جنهن ۾ اوهان جو ڪو ادب، تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب موجود ڪونهن، مگر اِها ئي سرڪار اوهان جي ٻولي تسليم نٿي ڪري. اها چاهي ٿي ته سنڌي هندستان ۾ سمائجي وڃن.“
    ”پر توکي اُن جي چنتا ڇو آهي؟“
    ”مان سوشلسٽ آهيان.“
    ”مگر تو ته مسلمانن جي حقن جي ڳالهه ڪئي.
    ”مون سنڌين جي حقن جي به ڳالهه ڪئي.“
    ”تنهنجو نالو؟“
    ”اڪبر ۽ تنهنجو؟“
    ”ساحر“
    ”اوهه، مون سمجهيو تون سنڌي آهين.“
    ”مان سنڌي آهيان.“
    ”مون سمجهيو تون هندو آهين.“
    ”مان هندو آهيان.“
    ”مگر يار، اِهو نالو ته مسلمانڪو آهي.“
    مون مشڪي چيو، ”مان هندستان جي مرڪب ڪلچر کي مڃان ٿو. اِن ۾ منهنجي تعليم ٿي آهي. پاڪستان هڪ شڪ، هڪ نفرت جي پئدائش آهي، جنهن جو فائدو انگريزن ورتو. ههن 1905ع ۾ بنگال جو ورهاڱو ڪيو، مگر اُن ۾ ڪامياب نه ٿيا. اُن بعد اُنهن وڏو منصوبو سٽيو ۽ ورهاڱو ٿي ويو. ڀلا پاڪستان کي ڪو الڳ ڪلچر، ڪا الڳ تاريخ، ڪا الڳ زبان يا پنهنجو ڪجهه الڳ آهي؟ انگريز سامراجي طاقت جي سازش کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندو. اولهه پاڪستان ۾ رابندر سنگيت بند ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان بغاوت ڪئي.......“
    ”هنن بنگال لاءِ عربي لکڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو، جو هنن قبول نه ڪيو. ٺيڪ جئين اوهين هندي لپي قبول نه ڪريو. پنجاهه سٺ سالن ۾ هڪ نئون جهموري سيڪيولر سماجوادي هندستان وجود ۾ ايندو؛ چاهي اسين هجون نه هجون ورهاڱا ختم ٿي ويندا. فيصلو حڪمرانن کي نه، عوام کي ڪرڻو آهي. اُن کي وقت لڳندو.“
    مون هن سان هٿ مليو. اسين ڪلياڻ ۾ الڳه ٿي وياسين ۽ منهنجي وشواس جي ٻوٽي کي پاڻي ملي ويو.
    مون کي لڳو ته مان سيما جي سرير جي سونهن، سندس جواني، سندس انداز آواز، ڇهاءُ، هلڻ جو سرگم، هن مان ايندڙ ڪچي انب جي خوشبوءَ، ڊگهن کليل وارن مان هڪ خيالي نم جي وڻ جي ڇانوَ ۽ سندس مڌ ڀريل جسم جي مهڪ مان اکين، ڪنن، نڪ، وات ۽ چمڙيءَ جي حواسن سان دماغ تائين پهچائي، کيس ذهن سان ڀرپور نموني ماڻي رهيو هوس. ڪئلاش تي گنگا جو ڪرڻ ۽ اُڇال ڄڻ رشيڪيش وٽ سانت ۽ ڦهليل پرواهه جو روپ ورتو آهي.
    هاڻ صبح جو چانهه کڻي اچي. خود پيئي ۽ پيئاري. آرام ڪرسي تي ليٽي. نه هن ۾، نه مون ۾ ڳالهائڻ جو ڪو ناٽڪي انداز. ڪابه اهڙي ڪوشش نه، جنهن ۾ اسين پنهنجي شخصيت جو بهترين حصو ڏيکاريون.
    هن پاڻ ڪنڊ واري دري ۽ هڪ ئي در لاءِ پردا ٺاهيا آهن. وري به ڪڏهن اچي ڪو ڪتاب کڻي وڃي. بابا ٻاهران ئي چوي ته پٽ هلان ٿو.
    هڪ دفعي سيما، روي ۽ مان صبح جو سويل امبرناٿ مندر مان پنڌ موٽي رهيا هئاسين ته هڪ هنڌ جهڳڙو ڏٺوسين. زالن ۽ مردن مان ڪي گهاگهرون کڻي ڪنهن وقت هڪ ٻئي ڏانهن اولاري ته ڪي هڪ ٻئي کي هڻي رهيا هئا. ٽي ڏينهن پاڻي گهٽ ٿي آيو ۽ ان جو دٻاءُ به گهٽ هئو.
    روي بيهي رهيو ۽ چيائين، ”جيجاجي، هي ماڻهو وڙهن ڇو ٿا؟“
    مون کيس هڪ دفعو چيو ته فلمون گهڻيون ٿو ڏسين اِن ڪري مون کي جيجاجي ٿو ڪوٺين، اڙي چريا: اَڃا ته سيما ۽ مون شادي به نه ڪئي آهي!
    جهڳڙي ۾ سڀني جو آواز بلندين تي هئو.
    مون کيس چيو، ”هيءَ ماڻهو وڙهن ٿا، اِهو ڏاکاري ٿو ته هنن ۾ وڙهڻ جي طاقت آهي.ڏس ايتري ۾ پاڻي اچڻ لڳو آهي ۽ هو قطارن ۾ بيهڻ لڳا آهن. هن هنن ماڻهن کي خبر نه آهي ته اُن طاقت جو صحيح استعمال ڪجي. اڄ هو پاڻيءَ لاءِ لڙندا، سڀاڻي هو ڌرتيءَ لاءِ لڙندا. ۽ ڌرتي سڀني کي پناهه ڏيئي سگهندي آهي. اِن طاقت جو صحيح استعمال ٿيڻ گهرجي. جڏهن ان جو غلط استعمال ٿيو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ جڏهن صحيح ٿيندو......“
    روي پنهنجي ڀيڻ سيما ڏانهن نهاريو. هن چيو، ”پپا جو هڪ دوست حيدرآباد ۾ ئي رهي پيو. چيائين ته مان ڪڪڙيون پاليندس- مگر سنڌ نه ڇڏيندس. پپا جي هڪ انقلابي دوست کي مهاجر شهدادپور ۾ ڳولهڻ لڳا. اُتي جي مسلمان ڀائرن کيس ٻڪريون ڏنيون ته جهنگل ۾ چار ۽ هو پروفيسر ٻڪرار ٿي پيو ۽ اڃان اُتي ئي رهيو پيو آهي ۽ پپا کي خط لکندو آهي.“
    اسين هلڻ لڳاسين.
    ”يونان ۾ هڪ راڪاس پئدا ٿيو. اُن کي ڪير به ماري نٿي سگهيو.“ سيما چيو، ”هن جا پير زمين ۾ تي پختا هئا. هرڪيولس بهادر هئو. هرڪيولس به هن کي ماري نه سگهيو. پوءِ کيس ڪنهن چيو: اِن بهادر جا زمين ۾ پير پختا آهن. هرڪيولس کي ڪنهن ڏاهي چيو: هن جا پير زمين تان پٽ، هن جي طاقت ختم ٿي ويندي! هرڪيولس کيس زمين تان کڻي مٿي ڪيو ۽ کيس ماري ڇڏيو. اسين اگر سنڌ جي زمين تي پنهنجا پير پختا ڪيون ها ته اَسان جو وار به ونگو نه ٿئي ها- ۽ زمين فقط مٽي ڪونهي.
    ماڻهو آهن. طاقت ماڻهن وٽ آهي. هنن وٽ طاقت هئي مگر کين خبر نه هئي ته اُن جو ڪيئن اِستعمال ڪجي- ۽ پوءِ اَسان کي اِتهاس جڙن کان اُکوڙي هتي ڦٽو ڪيو. پر ڏس هتي سڀني جا ڪنڌ مٿي آهن. گهڻا ٻار آهن، جي اسڪول پڙهي نه سگهيا ۽ گهر هلائڻ لاءِ لوڪل ٽرين ۾ بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا وڪڻ شروع ڪيائون. ڪن ٽي. ٽيءَ جي ڊپ کان گاڏو بدلايو، هو ڪري پيا ۽ مري ويا. ڪجهه ته مهان آهي سنڌين ۾. وطن ڇڏي آيا آهن، پوءِ به هنن جيڪو پهريون ڪاليج کوليو آهي، اُن جو نالو رکيو آهي! جئه- هند. هند جي جئه هجي. تاريخ ۾ هندستان جو نقشو هميشہ بدلبو رهيو آهي- اسان کي اهو هندستان کپي جو 15 آگسٽ 1947ع کان هڪ رات اڳ هئو ۽ اُهو سڄو سمورو هڪ آزاد گهرجي.“
    مون هلندي آهستي تاڙيون وڄايون. کلندي چيو مانس، ”اگر تون چاهين ته ليڊر ٿي سگهين ٿي.“
    ”نه- اسان کي ليڊرن ئي ماريو آهي.“
    ”ته پوءِ ڇوٽڪارو!“
    ”بئلٽ پيپر.“
    ”ته تنهنجو به ڪو خواب آهي.“
    ”هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن هندستان اُپکنڊ جا ماڻهو بئلٽ پيپر ذريعي ووٽ ڪندا ۽ هڪ متحد هندستان وجود ۾ ايندو.“
    ”مگر خواب زندگيءَ جا ڀيانڪتا کي ٿڌو ڪن ٿا.“
    ”ڄاڻان ٿي. ڪڏهن هتي نانگ گهمندا هئا. ڪافي ماڻهو ماريائون. هتي سوئر هئا ۽ اڃا به ٿورا آهن. گهڻا ٻار وات ۾ کڻي ويا. گيسون هيون، ننڊ اَچي ته پير چٽين ۽ پوءِ پيرن جا ٽڪر کائي وڃن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻيون نديون هندستان ۾ آهن. هتي برسات به مهينن جا مهينا پوي. پوءِ به هتي سوڪ گهڻي آهي ۽ ماڻهو پاڻيءَ لاءِ لڙن ٿا، کين پوري زندگي هڪ خالي گهاگهر ۾ ڏسڻ اچي ٿي. اَڃا به ماڻهو هتي جي پاڻيءَ تي هريا ڪونهن، ۽ کين ڦٽ ٿي پيا آهن. کين رات جو ننڊ به نصيب نه ٿيندي هوندي ۽ هتي گهر ڪونهن اڪٿر طنبيلا آهن..... رستي تان هل ته پيرن مان کلون لهي وڃن. مگر مڪاني ماڻهو سٺا آهن، هو اسان کي مهاجرن جيان ڦورو ۽ لٽيرو ڪونه ٿا سمجهن. اَسين محنت ٿا ڪريون.
    ماڻهن ان ٺهي ٺڪي هلون ٿا. الڳ الڳ لڳون ٿا. اهي سڀ زندهه رهڻ جون نشانيون آهن.
    روي هوا ۾ بانهن مٿي ڪئي ۽ آهستي مگر مضبوط آواز ۾ چيائين: بولو ڀارت ماتا ڪي...... ۽ پوءِ پاڻ ئي چيائين: جئه جئه.......
    هڪ خانگي بس لنگهي. جهٽڪا کائي هلي رهي هئي. ڇت ڪلهن تائين. ٽمٽار ڀريل. ڪي ماڻهو لٽڪيل. هڪ وڏي جهٽڪي سبب پوڙهو وڃي پريان ڪريو ۽ گول ڪلابازيون کائي پئجي رهيو.
    ڪي ماڻهو اُتي جمع ٿيا.
    ڏسون ته مئو پيو آهي.
    مون سيما جي چوڻ تي، جنهن کي شايد سندس پروفيسر پيءُ ڪشنچند آڏواڻي چيو هو، مان هڪ درخواست ٺاهي ايس اي. ايس اِسڪول جي چيئرمين وٽ ويس ۽ جنهن نوڪري جي اِنٽرويو لاءِ هڪ سنڌي ڪميونسٽ ٽرسٽي ڏانهن موڪليو، جنهن ڪجهه هن طرح سوال جواب ڪيو.
    ”تون انگريزيءَ جي فائدي ۾ آهين يا خلاف؟“
    فائدي ۾ آهيان، پر جتي سنڌي آدم گهڻو هجي اُتي پڙهائيءَ جو ميڊيم سنڌي هجي. جتي ٿورائي ۾ آهي اُتي هو سنڌي وشيه ضرور کڻن.“
    ”لپي؟“
    ”لپيءَ جو فيصلو سنڌين کي ڪرڻو آهي. فرقي پرست ۽ موقعي پرست، هندي لپيءَ جو طرف وٺندا، مگر ماڻهو اُن لپيءَ کي قبول نه ڪندا.“
    ”سنڌي هڪ جاتي آهي – قوم آهي – قوميت آهي؟،
    ”هندستان جي قوم ٺهڻ تي هئي ۽ هندستان ۾ اُن جو بنياد پئجي چڪو آهي، جڏهن فرقيوار بنياد تي ورهاڱو ٿيو. هندو مسلمان ٻئي فرقا نه جاتيون آهن ۽ ٻين سان ملي هو قوم بڻجن ٿا. سنڌي نه قوم آهن، نه جاتي آهن – اُهي هڪ قوميت آهن – جيئن بنگلا ۽ پنجابي آهن. ڪشميري ۽ دراوڙ آهن.“
    ”تون سمجهين ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي بعد اسٽابلشڊ سنڌين کي کائڻ لڳندو؟،
    ”مگر فقط ميڊياڪر ان جو کاڄ ٿيندا.“
    ۽ پوءِ ڪجهه تعليم ڏيڻ ۽ پڙهائي جي ٽيڪنڪ بابت – اُن بعد مون کي نيتاجي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي ويئي. اُن شام اُن ڪامريڊ مون کي چانهه تي گهرايو ۽ سيما سان ڪن ڪلاڪن جو موهه ڇڏي هن وٽ ويس. رستي تي خيال آيم ته جيتوڻيڪ ورهاڱي اَسان کي ڳٿڙ کان جهلي ڪنهن اوجهڙ ۾ اُڇلايو آهي، مگر سنڌين ۾ سياسي سجاڳي اچڻ لڳي آهي. ٽيهن ڪئمپن ۽ چوطرف پندرهن لک سنڌي ڦهلجي ويا آهن، مگر جتي ڏس اُتي سنڌين بابت سوچ.
    چانهه جي ڪوپ پيئڻ بعد مون ڪامريڊ کان پڇيو، ”اڳ ڪٿي هئا؟،
    ”ٻيا ڪانگريسي اڳواڻ ته دهليءَ ۾ طاقت کي چهٽي پيا، مگر ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ريفيوجي فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن مون کي بيڪانير سنڌي رفيوجي ڪئمپ، ضلعه مارواڙ جنڪشن ۾ جونيئر رفيوجي آفيسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگهار ٽي سئو سٺ ۽ اُهي به رپيا! ڪئمپ جو نالو صبحان ڳڙهه. اُتي ڪل چار هزار سنڌي پناهگير، جن ۾ ٻه هزار واگهڙي هئا.
    ٻين کي ته ڌرم شالائون مليون مگر واگهڙين کي وڏين ڇٽين جيان گول طنبن ۾ رهايو ويو. ان جا پڙدا زمين کان هڪ فوٽ مٿي، ڀل ڪير اندر گهمي اچي. زمين وارياسي، تپي ته ڄڻ تتل تئو. روز ماڻهو سوڪ پلي جيان پچندا رهيا ۽ هر روز چار پنج سنڌي مرندا رهيا!
    اُها آزاديءَ جي قيمت هئي!
    اُتي بيڪانير جي مهاراجا جو محل ٺهي چڪو هئو، جنهن ۾ گهوڙين هاٿين، سهسن، پهلوانن ۽ نوڪرن جي اجهي جو به بندوبست ڪيل هو ۽ اُن وقت خالي هئو.
    مون جواهر لعل نهروءَ کي خط لکيو ته جڏهن ته اُهو محل خالي آهي، اُن ۾ اجهو ڏيئي سنڌ جي آدي – واسين کي بچائي نٿو سگجي؟
    پرائيم منسٽر نهرو اُهو خط هوم منسٽر سردار ولڀ ڀائي پٽيل کي ڏنو. پٽيل جنهن ڇهه سئو رياستون هندستان ۾ شامل ڪيون هيون، هن بيڪانير جي مهاراجا کي گهرايو ۽ کائنس خالي پني تي صحيح ورتائين. مون کي نهرو ۽ پٽيل ٻنهي الڳ خط لکيا ته تون اُن محلات تي قبضو ڪر. مون واگهڙين کي اوڏانهن لڏايو. هو منهنجي جئه جئه ڪار ڪرڻ لڳا. پر پوءِ مهاراجا پنهنجي روينيو منسٽر معرفت منهنجي اُتان بدلي ڪرائي ۽ مان جڏهن بوري بسترو کڻي بس اسٽاف ڏانهن هلڻ لڳس ته محلات جي ڪوٺڙين مان آواز آيو. وير بهادر زنده باد – وير بهادر زندهه باد...“ ۽ هن پنهنجو نالو به نه کنيو.
    ”آدي – واسين جي خاتمي لاءِ مڪاني سرڪار طريقو به آدي – واسي قبول ڪيو هو.“
    هو مشڪڻ لڳو ۽ هن سان منهنجي ملاقاتن جو سلسلو قائم هليو.
    پهريون پگهار مليو ته سائيڪل تي اُڏاميس. سيما انقلاب ۾ ئي هئي، مون چيو: هٿ کول ۽ مون پنهنجو پگهار هن جي هٿ تي رکيو. هن اُن پگهار کي پهرين پنهنجي دل وٽ، پوءِ ٻنهي اکين تي واري واري رکيو. اُن کي چُميائين ۽ پوءِ اُهو واپس ڪندي چيائين، ”بابا کي ڏي اُهو خوش ٿيندو ته پٽ ڪمائڻ لڳو آهي ۽ پهريون پگهار مون کي ڏنو اٿائين ۽ اُن مان هڪ رپيو به نه کنيو اٿائين!“
    مون پئسا وٺي پئنٽ جي پٺئين کيسي ۾ رکيا. هن منهنجي اچڻ جي وقت جو اندازو لڳائي. ٽري ۾ چانهه جو ڪوپ ۽ جڳ ۽ ڪوپ آڻي رکيا هئا.
    مون سوچيو. خدا هِيلا هلائي فقط هڪ جنت ٺاهي آهي، اسان پنهنجون به بڻائيون آهن.
    ڪنڌ کي ساڄي ڪيرائي چوانس ٿو، ”رات ايندينءَ؟“
    ”پهرين پگهار جي خوشي ملهائڻ ٿو چاهين؟،
    ”نه توکي.“
    ”مان ته آهيان.“
    ”پر به رات اچ...“ مون چيو، ”ڪڏهن ته منهنجي ڳالهه مڃ.“
    ”اينديس!“
    مان آرام ڪرسيءَ، تي ليٽي ٽيبل لئمپ ٻاري ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هوس، جو سگريٽ دکائڻ وقت ڏٺم ته اُبتو هئو. مون اُن ڪتاب کي سبتو ڪرڻ بنا ئي ٽيبل تي رکيو. ساڄي ٻانهن ورائي مٿي ڪيم ۽ مٿي هيٺان هٿ رکيم. کاٻي هٿ جي چيچ ۽ ٻاچ ۾ ست سال اڳ مون پهريون سگريٽ ڪراچي پورٽ تي ڇڪيو هئو. نظر پردي لڳل کليل در تي آهي ۽ آڌي رات گذري چڪي آهي.
    هوءَ بنهه ڀر ۾ ئي آهي. پر لڳي ٿو ته تمام پري آهي. اسان جي وچ ۾ لمبي کاهي اهي. اکين اڳيان اُهو بندر ٿو ڏسڻ اَچي. مون ته ٽي. ايس.اليٽ جو ”دي ويسٽ لئنڊ“ کنيو هو جو اڳ پڙهي چڪو هئس، پر مون کان پڙهڻ نه ٿيو. بس ٿورو وقت ٿيو ته آيو هئس. اُها ئي ڪاري رات، اَڇا جرڪندڙ ڪپڙا، هٿ ۾ سگريٽ جو دٻو، مون آڪاش ڏانهن نهاريو. اهو ئي ته هئو جو سنڌ ۾ ڏٺو هئم. جڏهن ته آڪاش ساڳيو آهي ته پوءِ ڌرتي ٻي ٻي ڇو آهي؟ بس بندر تي اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ جيلر جي جيپ مان لهي، هڪ قبرستان ويو هوس. ڪافي لمبو عرصو ٿيو. وري اُتي ڪڏهن وڃي سگهندس؟- آڪاش ساڳيو آهي، ڌرتي ٻي ڇو آهي؟
    ۽ سيما ڇو اڃا نه آئي آهي؟
    ”ڪراچيءَ هلنداسين، ڪڏهن رستو کلندو؟ ڪڏهن هيرآباد جي هير اُلهاس نگر ۾ لڳندي....“ سيما چيو هو. تڏهن منهنجو منهن هن جي سٿرن ۾ هئو. مون کي اُنهن رانن ۾ هڪ اِسپرنگ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن من جي ڪليش کي گهٽ ڪيو هئو. اڄ وري من ۾ درد ڀرجڻ ٿو لڳي.
    سحر ڳايو هئو، ”هڪ فرشتو منهنجي گهر ۾ گيت ڳائڻ ٿو اچي.“
    ۽ هڪ اهڙي ئي رات هن چيو، ”سائين ڪجهه سڀاڻ لاءِ به ڇڏيو....“
    منهنجي هٿ مان سگريٽ ڪري ٿو پوي. مان اُن کي کڻان. ٿو.
    هن به ته ڪجهه سيما وانگر ڳالهايو. ڪو اوچو پهاڙ. منزل. منزل مٿي. اُن ۾ سرجڻ آهي. چٽ سالي. سنگتراشي....
    مان ٻيو سگريٽ دکايان ٿو.
    ڇا سيما اَڀيسارڪا بڻجي ايندي؟- هو در تي بيهندي ۽ آهستي آهستي هن جي ساڙهي بنا هيٺ ڪرڻ جو گم ٿيڻ لڳندي. منهنجي ڇاتي ڦنڊڻ ٿي لڳي.
    ڏسان ٿو، سامهون پردو هٽي ٿو. هن پهرين منهن اندر ڪيو آهي. هاڻ هوءَ خود اندر آهي. کيس هاڻ پيلي سلوار ۽ سائو ڪرتو پيو آهي ۽ دوپٽي ۾ سائو پيلو ٻئي رنگ آهن. ڪويتا سندس شرير ۾ مٿي به آهي. هيٺ به آهي. پر مان اُٿان نٿو.
    کيس هٿ ۾ ٿرماس آهي.
    اڳيان اچي ٿي. مان کيس ٻانهن ۾ وڪوڙي زور ٿو ڏيان. هوءَ بدن جو مٿيون حصو پٺيان ٿي ڪري. ٻانهن مٿي، هٿ ۾ ٿرماس، هن جو شرير جو بار منهنجي کاٻي ٻانهن تي آهي، مگر مون کي سندس ڇاتيءَ جو اُڀار محسوس ٿو ٿئي.
    ”سيمان، منهنجي سيما تون اَچي وئينءَ؟“
    ”ڪجهه سڀاڻ لاءِ به ڇڏ راجا...“
    مون کي لڳي ٿو ته مون پنهنجي ڳل تي پاڻ کي چماٽ هنئين آهي.
    هاڻ هوءَ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي آهي ۽ مان ڪرسيءَ تي، ٽيبل لئمپ جي روشنيءَ جو دائرو ڪجهه گهڻو ڦهليل ڪونهي. ڄڻ هن مٿان چانڊوڪي پئجي رهي آهي. ٻئي رات جي ٽئين پهر ۾ چانهه پي رهيا آهيون.
    ”ست سال ٿيا آهن، مون ڦليلي نه ڏٺي آهي.“
    مان کيس ڏسڻ ۾ ٿو لڳان. پتو نٿو پوي ته هن جون اکيون مون ۾ آهن يا منهنجي اَندر منهنجي روح ۾.
    ”ڪڏهن ته هلنداسين ڪڏهن ته ملنداسين.“ هوءَ منهنجو هٿ ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکي ٿي، اُن کي چمي ٿي.
    مون کي لڳي ٿو ته هوءَ مون وٽ هوندي به مون کان ڪجهه پري آهي، اُتي مان به آهيان. ڪرسيءَ تي منهنجو فقط شرير آهي.
    هوءَ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي ٿي. منهنجو هٿ ڇڏي ٿي، مگر هوءَ ڳالهائي رهي آهي ۽ مان سگريٽ ڇڪي رهيو آهيان.
    ”ڪڏهن کلندو اُهو رستو؟- ڪڏهن هيراباد جي هوا پنهنجو طرف بدلائي مون طرف ايندي ۽ مان لمبو ساهه کڻي اندر ڪندس ۽ تنهنجو وات کولي، اُن هير جو هڪ ٽڪر تنهنجي وات ۾ وجهندس. تون ساهه اٰندر کڻندينءَ ته اُهو ٽڪر به تنهنجي اندر ويندو ۽ توکي وطن ۾ هئڻ جو احساس ٿيندو.“
    هوائي جهاز ۾ ويٺا آهيون، تون ۽ مان!
    بس ٿورو پري، ٿورو، اِجهو ٽڪر پري تنهنجي ڪراچي، منهنجي حيدرآباد آهي، مگر هي جهاز جهرڪيءَ جي رفتار جيان ڇو ٿو اُڏامي...“
    منهنجي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجڻ لڳي.
    .بس، هن چمڪندڙ تاري جي هيٺان سنڌ آهي. مگر جهاز اڃا سڌو هلي رهيو آهي، ڪا به پڌرائي نٿي ٿئي. ڪٿي پهتا آهيون“ – ڪو هلڪو جهوٻو نٿو اچي ته محسوس ٿئي ته جهاز هيٺ ٿي رهيو آهي...
    ماڻهو وطن جي پيار لاءِ لڙندا آهن. اُهو پيار ڏسي کين سونا ٻلا ڏنا ويندا آهن. اسان جو پيار ته ڪير ڏسي نٿو. وطن مان ڪڏهن ڪنهن آواز ڪونه ڏنو آهي: ”اَچو – پنهنجي ڌرتيءَ تي اچو. ست سال ٿيا آهن. سنڌ اوهان کي نه ڏٺو آهي. هتي ڪجهه کٽل آهي، اهو اوهين ڀريو...“
    پر به، آخر هي سفر ختم ڇو نٿو ٿئي ساحر! منهنجا وشنو، منهنجا موهن؟- منهنجا آڪاش!
    جهاز هلي رهيو آهي. سنڌو. جنهن کي هر ٽين رات خواب ۾ ڏٺو اٿم، آهي ڪجهه ڌنڌلو.... ڪجهه مبهم ٿي رهيو آهي. ستن سالن ۾ سنڌ برهمانڊ جي آخرين ڇيڙي تي وڃي بيٺي آهي ۽ اڃان ته اڳي جو ڪو پتو ڪونهي.
    هڪ دفعو، بس هڪ دفعو تلڪ چاڙهي ڏسان. ٽانگو تيز مٿي چڙهندو وڃي. ڪمبخت هي جهاز آهي جو هيٺ نٿو لهي. ڪيترو پري آهي سنڌ. اڃان ته ان جو ڪنارو، ڪا سرحد ڏسڻ نٿي اچي.
    ڇا اسان هسٽري ۾ هاليڊي تي آهيون؟
    ڇا اسين هتي پڪنڪ ڪرڻ آيا آهيون؟
    اهڙو ڪهڙو هاليڊي، اها ڪهڙي پڪنڪ جو واپس موٽڻ جو ڪو رستو ئي نٿو ڏسڻ اچي...
    چوطرف ويراني آهي. ڪٿي ڪو وڻ ڪونهي. ڪٿي ڪو رستو ڪونهي. آسمان ۾ ڌنڌ آهي. طرف جي خبر نٿي پوي.
    آخر به اسين ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟، هندستان جي وڻ جو پاڇو اُتي پهچي سگهي ٿو. هوا جو جهونڪو، اڏامندڙ پنو اتي پهچي سگهي ٿو. اسين نٿا پهچي سگهون!“
    هيءَ ڪهڙي واهي آهي، جتي بن ڪونهي؟ هڪ گهري ڦهليل؟ رڃ ۽ چوطرف ڀڄندڙ ڊڪندڙ پاڇا آهن.... نااميدين جا جلسا. مايوسي جا پردا اُميدن جا ڦاها...“
    مون هن کان چانڊوڪي ۽ ننڊ جي طلب ڪئي هئي، مگر اُن جي کيس به اوتري ضرورت هئي. هن جو آواز جهيڻو پوندو وڃي ٿو. کيس ننڊ اچي ويئي آهي.
    مان به ٽيبل لئمپ جو بٽڻ مٿي ڪري بينچ تي ليٽان ٿو. مون کي به محرومين جو اَحساس ٿئي ٿو. چاهي ته اٰسين خود ۾ ٻه جنسون آهيون، مگر اَسان ٻنهي لاءِ هڪ ٻي به جنت آهي. بس ٿورو ڀرسان اِجهو اِتي ڪٿي ئي، ٻه قدم اڳتي اها آهي... هي ٿورو پنڌ ڪرڻو آهي. بلڪل ٿورو -آخر به برهمانڊ جي آخرت ايتري پري ته ڪونهي.
    اسين هلي رهيا آهيون، يا بيٺا آهيون ۽ وقت هلندو ٿو وڃي.
    چوطرف ويراني آهي. نه ڌرتي آهي ۽ نه آڪاش آهي. وچ ۾ ڪو جهُولو آهي. اُن جون رسيون الاءِ ڪيترو مٿي آهن. ڌرتي الاءِ ڪيتري هيٺ آهي.
    سيما ۽ مان جهُولي تي ويٺا آهيون. مان مٿي ٿو نهاريان. هوءَ هيٺ ٿي نهاري. ڪڏهن ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن. پوءِ لڳي ٿو اسين ڪنهن خوف هيٺ هڪ ٿنڀي تي چڙهي رهيا آهيون. مان مٿي چڙهي ويو آهيان ۽ هوءَ مون کي جهلي بيٺي آهي.
    مون کي لڳي ٿو، هينئر، بس هينئر اسين عدن جي باغ مان هڪاليا ويا آهيون. اسان جو وڃايل سرڳ، اسان جو پنهنجو وطن سنڌ آهي. پر ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. ڪو ڄاڻڻ وارو ڪونهي. ڪو انتظار ڪري، اهڙو به ڪو ڪونهي.
    هڪ جهاز آهي جو آڪاش ۾ هلندو ٿو وڃي.
    آرنڀ پٺيان رهجي ويو آهي.
    اَنت جو ڪو اُهڃاڻ ڪونهي.
    جهاز جا پَرَ ڪرڻ ٿا لڳن.
    اڳيان پٺيان سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.
    پل. گهڙيون. پهر. موسمون. حسرتون.
    ڪو وقت، ڪا جڳهه ڪانهي.
    روشني ۽ اوندهه ڪونهي.
    ڪو چت، ڪا چنتا، ڪو چنتن، ڪا چيتنا ڪانهي.
    هڪ تختو آهي جو هوا ۾ هلي رهيو آهي.
    اُن مٿان هڪ آرام ڪرسي آهي ۽ بينچ آهن.
    هڪ آهي سيما. ٻيو اُن جو آڪاش آهي.
    هڪ خاليپڻو آهي جو شونيه ۾ داخل ٿي ارٿ هيڻ بنجي ويو آهي.
    ۽ هڪ سيما کڻي هڪ تختو آڪاش ۾ انت – هيڻ ياترا ۾ برهمانڊ جي تسلسل کي اورانگي رهيو آهي ۽ اُڏامي ۽ اُڏامي ۽ اُڏامي رهيو آهي....
    موهن ڪلپنا
    14 اپريل 1991
    2 جون 1991
    لفظن جي سمجهاڻي (Glossary)
    (الف) (س)
    اڀيسرڪا = اها عورت جيڪا رات جو لڪي محبوب سان ملي. سڀيه سماج = عام سماج
    سريشٽ = اعليٰ، اتم
    ارٿ هيڻ = بي معني سمپورڻتا = تڪميل
    اسيم = لاحد سنسا = ڀرم
    انڀو = تجربو سيمائون = سرحدون
    انت – هيڻ = لا محدود (ش)
    اَدي رشي = ولي شونيه = پولار
    شرير = جسم
    (ب) (ر)
    برهمانڊ = ڪائنات رومانچڪاري = رومانٽسزم
    (ٻ) (ن)
    ٻڌم شرڻم گچامي = ٻُڌ جي پناهه وٺان ٿو ناگرڪ سهوليتون = شهري سهولتون
    (پ) (ڪ)
    پتيورتا استري = باوفا زال ڪام = جنسي خواهش
    پرليه = يوم حساب، حساب جو ڏينهن ڪام ترپتي = جنسي خواهش جو پورو ٿيڻ
    پرَڪرتي = ڪائنات ڪليش = دک
    (ت) (و)
    ترشنا = اڃ واسنا = خواهش
    (ج) وڌان = آئين
    جلمئه = پاڻي جو سيلاب وشيه = مضمون
    (چ) (ي)
    چيتنا = شعور يٿارٿ = سچ، حقيقت


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258327
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386416
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ