ڪتاب جو نالو: دل جو شهر
مصنف: راشد مورائي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2783 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 927 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • دِل جو شهر گهمايان توکي
  • • ٻه اکر
  • • راشد مورائي- انسان دوست شاعر
  • • غزل
  • • گيت
  • • نظم
  • • آزاد نظم
  • • وايون
  • • بيت
  • • قطعا
  • • ٽيڙو
  • • ضمير واھ واھ ڪئي! : تاج جويو

  • • سنڌ سلامت پاران

    راشد مورائي جي شاعري ضمير کي جنجهوڙڻ لاء ڪافي هوندي آهي، مان باغي هان مان باغي هان، مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان، ضمير چهنڊڙيون هيون سميت هن ڪرترائي قومي گيت به لکيا آهن اتي سندس رومانوي شاعري به لاجواب رهي آهي۔ منهنجي پسنديده شاعرن مان هڪ راشد مورائي به آهي۔ سندس هي ڪتاب ”دل جو شهر“ سندس لاجواب تخليقن تي مشتمل شاعري جو ڪتاب آهي۔

    فتوى نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه چئو،
    سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿي، ايمان سلامت آهي اڃان​

    جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهنجي سونهن،
    منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي​

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ بدين جي دوستن احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضىٰ ڀرڳڙي ڪئي آهي. هي ڪتاب وائس آف سنڌ جي دوستن اي بوڪ جي صورت ۾ ڪمپوز ڪري پيش ڪيو آهي۔


    • ارپنا

    پنهنجي والد محترم
    سيد سعيد علي شاھ خادم
    جي نالي، جنهن جي شفقت ۽ صحبت ۾
    ٿي شاعري نصيب.

    ــــ راشد مورائي


    • دِل جو شهر گهمايان توکي

    مُنهنجي خوابن جا شهزادا!
    دِل جو شهر گهمايان توکي.


    • ٻه اکر

    سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو. اهڙي قومي شعر جي هن شعري مجموعي کي ڇپائڻ جي سعادت حاصل ڪندي مون کي تمام گھڻي خوشي حاصل ٿي رهي آهي.
    سائين راشد مورائي نه رڳو اعليٰ پائي جو شاعر آهي پر هڪ اهڙو عظيم انسان آهي جنهن سنڌ جي سوين نوجوانن کي زندگيءَ سان منهن مقابل ٿيڻ جو دڳ پئي ڏسيو آهي. مون ناچيز تي سندس جيڪي به نوازشون رهيون آهن، اهي لاهڻ کان ته ڳريون آهن پر انهن کي ڳائڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو. مون ڪجھ عرصو اڳ جڏهن المهراڻ فائونڊيشن نالي ادارو قائم ڪري ٻين ڪمن سان گڏ ڪتابن ڇپائڻ جي شروعات ڪئي تڏهن اهو سوچيو هيم ته پهريون ڪتاب پنهنجي محسن سائين راشد جو ئي ڇپائيندس ليڪن ائين نه ڪري سگھيس. ۽ پهريون ڪتاب حُر تحريڪ جي مشهور ليکڪ ملهار فقير خاصخيلي جو لکيل ”تاريخ حُريت سنڌ“ جيڪو سائين الهورائي اداسي جي خاص مهربانيءَ سان ڪمپوز ٿيل مليو اهو ڇپايم.
    پنهنجي ڪجھ ڪوتاهين سبب سائين راشد جي هن شعري مجموعي کي آڻڻ ۾ به دير ٿي وئي آهي. بهرحال ”دير آيد درست آيد“ جي مصداق سندس شاعريءَ جي هن مجموعي ”دل جو شهر“ جو ٻيو ڇاپو ڇپائي پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيان ٿو. منهنجي اها ڪوشش رهندي ته سنڌ واسين کي اهڙيون ڪاوشون پهچائجن جن جي پڙهڻ سان قومي سوچ نه رڳو پختي ٿئي پر ان لاءِ لوچ ۽ پوچ به ٿئي. اوهان جي مثبت راين ۽ رٿن جو انتظار رهندو.

    عاجز منگي
    چيئرمين
    المهراڻ فائونڊيشن، سانگھڙ


    • راشد مورائي- انسان دوست شاعر

    راشد مورائي، منهنجو دوست، منهنجو ساٿي، منهنجو همسفر، منهنجو من پسند شاعر آهي.مون راشد جي شخصيت، فن ۽ ان جي فڪر جي تمام ويجھو مطالعو ڪيو آهي. هن شاعر جي فڪر جي پختگي ۽ ان جي فن جي ارتقا ۾ جيڪي لاها چاڙها، گھٽيون گھيڙ، مرحلا ۽ مقام آيا، آئون انهن سڀني کان واقف آهيان. ساڻس منهنجي فطري هم آهنگيءَ کان سواءِ هڪ ٻي اهڙي ڪشش هئي، جنهن مون کي هن سڄاڻ شاعر کان بيحد متاثر ڪيو آهي ۽ اُهو آهي سندس صوفياڻو مزاج -! راشد هڪ اهڙي گھر ۾ جنم ورتو آهي، جتي اڇا اجرا، پاڪ ۽ پوتر روح هئا. راشد جو والد بزرگوار هڪ سچو، سپيتو صوفي هو ۽ صوفين جون دليون هر طرح جي ڪدورت، ڪيني، بغض ۽ مير مديءَ کان پاڪ هونديون آهن. راشد جي سرشت ۽ طبيعت تي ان ماحول، تربيت ۽ وسيع فڪر جو اثر ائين جرڪي رهيو آهي، جيئن صاف ۽ شفاف آئيني تي چنڊ جو اولڙو ۽ عڪس جرڪندو نظر ايندو آهي. محبت، پيار، انسانيت جو احترام ۽ ”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.!“ صوفين جو دين ڌرم ۽ بنيادي متو آهي. جيتوڻيڪ ورهين کان راشد انهيءَ ماحول مان ٻاهر نڪري، علم فن ۽ فڪر جي کليل فضا ۾ تجربي تي تجربا حاصل ڪندو رهيو آهي، پر ڪڏهن به انهيءَ بنيادي عقيدي تان سندس ايمان ۾ لغزش نه اچي سگھي آهي. هو پاڻ انهيءَ عقيدي تي اٽل ويساھ جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
    فتويٰ نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه سڏيو،
    سچ پچ ته اسان جـو سونـهـن مـٿي ايــمان سلامت آھ اڃـا.
    پهريون ڀيرو جڏهن راشد هڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ اسان کي اِهو شعر ٻڌايو ته ڪيتريءَ دير تائين مان انهيءَ شعر جي تاثر ۾ ٻڏل رهيس ۽ منهنجي ذهن تي مصري شاھ جي هيءَ عارفاڻي سِٽ سِرجي آئي ته:
    ”عشق سڄوئي اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.!“

    سچ پچ ته راشد جي پنهنجي زندگي به محبت واري مذهب جو ڪامل نمونو آهي ۽ سندس پيشانيءَ تي سونهن مٿي ايمان ۽ عرفان جو اِهو نور ۽ جوت ۽ جمال ئي کيس پنهنجي سمورن ساٿين ۽ رفيقن ۾ هر دلعزيز بنائڻ جو ڪارڻ آهي---- ۽جڏهن منهنجي دل تي ڪو بوجھ ۽ ذهن تي مونجھ تري ايندي آهي ته هن انقلابي، صوفي ۽ سماج جي غلط ريتن، رسمن، ٻنڌڻن ۽ بندشن کان باغي شاعر سان سور سلي پنهنجي اڃايل روح کي تسڪين ڏيندو آهيان.
    راشد سان منهنجي پهرين ملاقات، 14 جون 1967ع تي منهنجي هڪ دوست علي گل عباسيءَ جي معرفت ٿي ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين ساڻس روحاني تعلق قائم آهي. ان وقت مون کي راشد جھڙن باضمير، حساس ۽ انسان دوست ساٿين جي تلاش هئي. مون بقول شمشير جي ’راشد جوپيڇو ڪيو‘ ۽ اڃا تائين سندس پيڇو ڪندو ٿو رهان. هن جي آواز کي سمجھڻ، پروڙڻ، پرکڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪندو ٿو رهان. هن جي ڪوتا منهنجي دل جي ترجمان آهي. هن جي شاعري منهنجن احساسن، اڌمن، جذبن ۽ جولانن جي لفظي عڪاسي آهي. مون کي سندس ڪلام ۾ نه رڳو فني پختگي ۽ رواني نظر ٿي اچي، پر سندس ڪلام ۾ ڌرتيءَ جو درد ، زندگيءَ جي مسئلن ۽ مونجھارن جي پيڙا، سونهن ۽ سچائي جي سرهاڻ، امن ۽ ايڪتا جي بي لوث تڙپ ، انسانيت سان پيار، وطن سان بي انتها محبت ۽ پورهيت سان پنهنجائپ جي مقصد جو روح به شامل آهي ــــ ۽ مان صاف لفظن ۾ ۽ نهايت کليءَ دل سان اهو به چوندس ته راشد اسان جو جوڙ ۽ اسان جي سٿ جو هوندي به اسان کان ڪن ڳالهين ۾ اڳرو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي شاعريءَ جي عمر، راشد جي شاعريءَ جي عمر کان ڪجھ سال وڌيڪ آهي. راشد 1957ع کان مستقل طور ۽ مسلسل لکندو پيو اچي. اهو دور سنڌي ادب لاءِ سخت آزمائش ۽ امتحان جو دور هو. پاڪستان جي نقشي تان سنڌ جو نانءُ مٽائي (خاڪم بدهن) سنڌي ادب تي ڏاڍ، ڏهڪاءَ، دهشت ۽ دٻاءَ واروظالمانه طريقو مسلط ڪيو ويو هو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن وڏا وڏا استاد الشعراءَ به مصلحتن جي آڏو سر تسليمِ خم ڪري، چپن تي چُپ لائي، پنڊ پهڻ بنجي ويا هئا. ”چشم بندو لب به بندو گوش بند!“ سنڌ جي حساس، با ضمير، ترقي پسند ۽ محب وطن دانشورن لاءِ اهو دور سخت گھٽ، ٻوسٽ، اضطراب، بي يقينيءَ جي ڪيفيت جو دور هو. ذهنن تي زنجير ويڙيا ويا، سوچون صليبن تي رقصان هيون، سڄو تخليقي ادب سخت کان سخت پهرن هيٺ پلجي رهيو هو. هن سڪوت ۽ سناٽي کي سنڌ جي محب وطن شاعر اياز جي سرمستي صدائن ٽوڙيو، اياز کان سواءِ حيدربخش جتوئي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير، شمشير ۽ ٻين هڪ نئين ۽ ڀرپور عزم ۽ اتساھ سان اڳتي وڌيا ته موت هٿان مات کاڌل زندگيءَ ۾ حرڪت اچي ويئي. سنڌوءَ اٿل کاڌي، وستيءَ وستيءَ، واهڻ واهڻ اميدن جا نوان گونچ ڦلاريا. اياز هن سناٽي ۾ جو صور ڦوڪيو، سچ پچ ته اسين سڀ ان جو پڙاڏو آهيون. ادب جا اقدار بدليا، تخليق جا موضوع ۽ ڪردار بدليا، فڪر جو انداز بدليو، گل ۽ بلبل---- عارض ۽ گيسو، جام ۽ مينا جون علامتون هميشه هميشه لاءِ سنڌي شاعريءَ مان نڪري ويون --- ڌرتي، انسان، پورهيت ۽ انسانيت سنڌي شاعريءَ جا موضوع بنجي ويا. اوچتو نوان آواز اڀريا، اهي آواز الهامي آواز نه هئا، پر ڌرتيءَ جي پاتال مان اڀري آيل لهرون هيون--- ڇوليءَ ڇوليءَ جو پنهنجو ڇوھ ۽ لهر لهر جي پنهنجي لئي هئي. راشد جي شاعري به ان ڪاريءَ رات جي رئي تي آس ۽ اميد جي جرڪندڙ ستارن منجھان هئي. راشد جي شاعريءَ جي شروعات به حسن مجازيءَ کان ٿي ۽ ان جي انتها هن ڌرتيءَ جي محبت ۾ فنائيت تي ٿي آهي:

    جھڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهنجي سونهن،
    منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي.

    راشد ۽ استاد بخاري، جيتوڻيڪ اسان جي سٿ جا شاعر آهن، پر انهن ۾ هڪ اهڙي خوبي آهي، جنهن سبب هو اسان سڀني کان سَرها آهن ۽ اُها آهي لکڻ ۾ سندن مستقل مزاجي---! مون ڏٺو آهي ته اسان جي رفيقن مان اهي ٻه شاعر تمام گھڻو ٿا لکن. حالتون ڪهڙيون به هجن، انهن جي سدابهار سوچن تي اسان ڪڏهن به اداسي ڇانيل نه ڏٺي. هي لڳاتار لکندا ٿا رهن. لکڻ، هنن جي روحاني غذا بنجي چڪو آهي. لکڻ، هنن جي جبلت آهي، لکڻ، هنن جي زندگي بنجي چڪو آهي. الائي ڇو؟ ڏات هنن کان ڪڏهن به رُسي نٿي؟ هنن ڏات کي ڪي اهڙا ته ڏانوڻ وجھي سوگھو ڪري ڇڏيو آهي، جو جڏهن چاهين، لکي سگھن ٿا. شاعريءَ جي اها پالوٽ اسان پنهنجي سانڀر ۾ فقط انهن ٻن شاعرن تي ڏٺي. ’راشد‘ جو هيءُ مجموعه ڪلام سندس سڄي شاعريءَ جو جزو مس آهي. سندس بهترين ڪلام سندس انقلابي شاعري ۽ اهي نظم، جن راشد کي هند - سنڌ ۾ مشهور ڪيو آهي ۽ نون توڙي پراڻن اديبن، شاعرن ۽ نقادن کان دل کولي داد ورتو آهي، سي هن مختصر مجموعي جي زينت بنجي نه سگھيا آهن. هن مجموعي ۾ لکيل مواد جو گھڻو حصو سندس شروعاتي ڪلام تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪافي شيون پوءِ جون به آيل آهن. هي مواد اسان کي هن شاعر جي ذهني ارتقا، سندس سوچ ۽ ادب ۾ سندس نظرياتي وابستگيءَ جي تسلسل جي نشاندهي ٿو ڪري. ’راشد‘ ڪلا کيتر ۾ پنهنجي جگر جو رت ڏيئي، تخليق ۽ فن جا جيڪي سدابهار ڦول لڳايا آهن؛ هي مجموعو ان جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ پورهيئي جو نچوڙ آهي. راشد ۽ استاد بخاري، جيتوڻيڪ اسان جي سٿ جا شاعر آهن، پر انهن ۾ هڪ اهڙي خوبي آهي، جنهن سبب هو اسان سڀني کان سَرها آهن ۽ اُها آهي لکڻ ۾ سندن مستقل مزاجي---! مون ڏٺو آهي ته اسان جي رفيقن مان اهي ٻه شاعر تمام گھڻو ٿا لکن. حالتون ڪهڙيون به هجن، انهن جي سدابهار سوچن تي اسان ڪڏهن به اداسي ڇانيل نه ڏٺي. هي لڳاتار لکندا ٿا رهن. لکڻ، هنن جي روحاني غذا بنجي چڪو آهي. لکڻ، هنن جي جبلت آهي، لکڻ، هنن جي زندگي بنجي چڪو آهي. الائي ڇو؟ ڏات هنن کان ڪڏهن به رُسي نٿي؟ هنن ڏات کي ڪي اهڙا ته ڏانوڻ وجھي سوگھو ڪري ڇڏيو آهي، جو جڏهن چاهين، لکي سگھن ٿا. شاعريءَ جي اها پالوٽ اسان پنهنجي سانڀر ۾ فقط انهن ٻن شاعرن تي ڏٺي. ’راشد‘ جو هيءُ مجموعه ڪلام سندس سڄي شاعريءَ جو جزو مس آهي. سندس بهترين ڪلام سندس انقلابي شاعري ۽ اهي نظم، جن راشد کي هند - سنڌ ۾ مشهور ڪيو آهي ۽ نون توڙي پراڻن اديبن، شاعرن ۽ نقادن کان دل کولي داد ورتو آهي، سي هن مختصر مجموعي جي زينت بنجي نه سگھيا آهن. هن مجموعي ۾ لکيل مواد جو گھڻو حصو سندس شروعاتي ڪلام تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪافي شيون پوءِ جون به آيل آهن. هي مواد اسان کي هن شاعر جي ذهني ارتقا، سندس سوچ ۽ ادب ۾ سندس نظرياتي وابستگيءَ جي تسلسل جي نشاندهي ٿو ڪري. ’راشد‘ ڪلا کيتر ۾ پنهنجي جگر جو رت ڏيئي، تخليق ۽ فن جا جيڪي سدابهار ڦول لڳايا آهن؛ هي مجموعو ان جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ پورهيئي جو نچوڙ آهي.

    ڀوڳي ڀوڳي جس هجيئي، برپٽ ڪيئي باغ،
    محنت جو ڦل آهي مالهي! ساوڪ ۽ سرهاڻ!

    پنهنجي پورهئي جي ڦل تي سندس اٽل ويساھ جو اظهار هيئن ڪيو اٿس:

    ڦل منهنجي محنت جو منهنجي پونير کي مليو ته به ٺيڪ ٿيو؛
    مون پنهنجي حياتيءَ منجھه ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي!

    زندگيءَ جي اداس ۽ تاريڪ راهن تي هو هڪ سچي پورهيت وانگر محبت، وفا، اخلاص، سچائيءَ ۽ سونهن جا سرها سرها ڦول سجائيندو رهيو. هن ڌرتيءَ کي جنت بنائڻ جي عشق ۾، بهتر کان بهتر جي تلاش ۾---! هو هميشه اڳتي وڌندو رهيو آهي. انهيءَ عزم ۽ اتساھ سان ته:

    ڏئي سر حسن تي ساٿي! سلامت سونهن کي رکبو،
    اسان جي عشق تي آ حيف، جي سهڻن جو دم گھٽجي!

    جيئن داڻو ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ۽ پاڻ مٽائي گل و گلزار بنبو آهي ـــــ راشد انهيءَ جنت جي تخليق جي عشق ۾ ’سک رمز وجود وڃاوڻ دي‘ جو قائل آهي:

    ٻنيءَ ۾ اَنَ ٻيجيءَ جيان، اچو پکڙي پئون راشد!
    پڙن جانڊه جي ڳورن ۾، پيو داڻن جو دم گھٽجي!

    مقصد جي راھ ۾ اها فنائيت، مقصد سان عشق جي انتها آهي. هو پنهنجي منزل جي تلاش ۾ هن راھ جا سڀ ڪنڊا هٽائيندو، دنيا و مافيها کان بيخبر، پنهنجيءَ ڌن ۾ مست جھومندو جھومندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. هو پنهنجي آئيڊيل مقصد سان هيئن مخاطب آهي:

    مان گلڙن خاطر ڪنڊن جو ويندس اي سڄڻ ! سڀ سور سهي،
    يادن جي سهاري جيئندس پيو، ويجھو نه سهي تون ڏور سهي !

    بيداد نگر ۾ داد گھري، مان ٻٻرن کان ڇو ٻير گھران؟
    مان تاريڪين ۾ تاتيل هان، گھر تنهنجو روشن نور سهي!

    دنيا جي خبر آ، منهجو قدر هوءَ ڪونه ڪندي، پر پوءِ به صبر،
    مون عشق ڪيو انسانيت سان، صدمن کان چڪناچور سهي!

    کيس يقين آهي ته جن ماڻهن لاءِ هو سوچي ۽ لوچي ٿو، هڪ ڏينهن سندس ڪلام انهن جي دلين جي ڌڙڪنن جو آواز بنجي ويندو:

    ڪو دانشور جي دوست نه ٿيو، ڪو ميت مفڪر ڪين مليو،
    ڪو شاعر ساٿي ڪين بڻيو، هاري ئي سهي، مزدور سهي!

    ڪنهن پورهيت مون کي پيار ڏئي، پنهنجو سمجھيو ته خوشي ٿيندي،
    ڀل زاهد نــفـرت ڌاري ۽ واعظ به به وڃي وهلور سـهـي.

    ”ڪنهن پورهيت مونکي پيار ڏئي؛ پنهنجو سمجھيو ته خوشي ٿيندي:“

    اهو شعور، اهو فڪر، اها ساڃھ، اهو جذبو ۽ جنون، اها پيڙ، جهد ۽ جاکوڙ، مان سمجھان ٿو راشد جي نظرياتي، فني ۽ تخليقي ارتقا جو محرڪ آهي. اهو روح آهي راشد جي ان پيغام جو، جو هو اسان کي ڏيڻ چاهي ٿو. راشد جي هن پورهئي کي انهيءَ ئي سگھاري سوچ جي پس منظر ۾ پرکڻ گھرجي. راشد جو هيءُ ڪلام هڪ اهڙي وقت روشنيءَ جي لاٽ بنجي پڙهندڙن جي آڏو اچي رهيو آهي، جڏهن ’ادب جي غير نظرياتي‘ هئڻ جي وڪالت زور ۽ شور سان جاري آهي. اڄ سنڌ جو هر ننڍو ۽ وڏو اديب، پنهنجو پاڻ کي سارتر جو روحاني وارث ۽ جانشـــين سڏائڻ ۾ فخــــــــر محسوس ڪري رهيو آهي--- اها مهم ۽ اها پرچارڪ هڪ وڏي پلاننگ ســان ســـنڌي ادب ۾ جاري آهي--- وڏن شهرن کان ننڍن شهرن تائين اهو زهر پکيڙيو پيو وڃي ته اديب لاءِ ڪنهن به نظرئي سان وابستگي ضروري ناهي. اخبارن جا ادبي صفحا، ڪتابي سلسلا ۽ مختلف اديبن سان ملهائجندڙ شامن جا اسٽيج، مري ويل ڪن اديبن جي روحن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ لکيل تعزيتي ليک ۽ انهن جي ياد ۾ گھرايل تعزيتي گڏجاڻيون شاهد آهن ته ڪيڏي نه پلاننگ سان سارتر جي وجوديت واري فلسفي جي نانءَ تي سنڌي ادب ۾ فراريت جي پٺڀرائي جي پرچار ڪئي پئي وڃي! سنڌي ادب ۾ ’ادب براءِ زندگيءَ‘ جي ٻاريل نظرياتي لاٽ، ناموافق حالتن جي سهڪار ۽ سامراجي ذهنن جي پٺڀرائيءَ سبب هڪ دفعو وري ’ادب براءِ ادب‘ جي اٿاريل طوفان جي زد ۾ آهي! سنڌي ادب ۾ اهو نئون رجحان ادب ۾ ترقي پسند نظرئي جي بجاءِ، جدت ۽ نواڻ جي نانءَ تي ڪر کڻي رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ اهو رجحان تڏهن کان وٺي آيو آهي، جڏهن کان اسان جي ڪن لکيل پڙهيل ۽ باشعور دانشورن پنهنجو پاڻ کي عوام کان ڪٽي، انهن جي مسئلن کان منهن موڙي، پنهنجي خيالي خول جي قيدخاني ۾ پنهنجو پاڻ کي بند رکي ڇڏيو. اديب جڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪجھ وڌيڪ فلسفي سمجھي، پنهنجي فڪر کي پورهيت جي سگھارن هٿن جي پورهئي سان منسلڪ ڪرڻ جي بجاءِ، پاڻ کي ڪجھ مٿانهون سمجھڻ لڳندو آهي، تڏهن نواڻ جي نانءَ تي هر اها بڪواس، جا ڪنهن جي به سمجھ ۾ نه اچي سگھي، سا وٽس اعلى تخليق ۽ ابدي ادب بنجي ويندي آهي. شيخ اياز جي لفظن ۾ :
    ”ڪوڙهئي سماج جو روح به ڪوڙهيو ٿيندو آهي.جو اديب،
    زندگيءَ جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان منهن موڙي، اهو ڪانئر ۽ ڪميڻو
    آهي. هو پنهنجي فرار جي باوجود ادب تخليق ته ڪري ٿو،
    باقي وٽس آهي ٽڪي جو ٽامون! سرجڻهار جوٺي جڳ سان دل
    نه بهلائيندو آهي. فراري ادب، زندگيءَ جي کاري کوھ ۾ ڪوڙ
    جي ڪنگري آهي، جنهن ۾ وسوڙل آب حيات تلاش ڪن ٿا. اهڙو
    ڪو اديب ناهي، جو دلي طرح مادي زندگيءَ کي اهميت نه ڏيندو
    هجي، پر مادي زندگيءَ لاءِ انقلاب جي ڪوشش ڳڀروءَ جي راند
    ناهي۽ سسي نيزي پاند اڇلائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي.“

    اهوئي سبب آهي جو 1936ع ۾ هندستان جي ترقي پسند مصنفين، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي پهرين ڪانفرنس جي صدارتي خطبي ۾، برک اديب منشي پريم چند، ادب جي ترقي پسند قدرن جي وضاحت ڪندي چيو هو ته ؛

    ”اسان جي ڪسوٽيءَ تي اهوئي ادب، سچو ادب آهي، جنهن ۾ تفڪر،
    آزاديءَ جو جذبو، حسن جو جوهر، تعمير جو روح ۽ زندگيءَ جي حقيقتن
    جي روشني هجي؛ جو ادب اسان ۾ حرڪت، هنگامو ۽ بيچيني پيدا ڪري،
    نه اسان کي وڌيڪ سمهاري.“

    اياز جنهن جوٺي جڳ جي نشاندهي ڪئي هئي، ان مان سندس مراد يقيناً اديب جي غير جانبداري ۽ غير نظرياتي وابستگيءَ واري اُها خيالي دنيا آهي، جنهن جي انڌاري کوليءَ ۾ هو پنهنجو پاڻ کي انسانيت، زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي ڇڪتاڻ کان ڪٽي، هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. مها ڪوي ٽيگور ورهين جا ورهيه انهيءَ خيالي خول ۾ پاڻ کي بند رکي جا گھٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪئي، ان جو اظهار انهيءَ ئي ڪانفرنس ڏانهن موڪليل سندس هن پيغام مان ٿئي ٿو:
    عوام کان ڪٽجي اسين اوپرا بنجي وينداسين. اديبن کي انسانن ۾رهي، انهن کي سمجھڻو آهي. مون وانگر زندگيءَ جي مسئلن جي ڇڪتاڻ کان ڪنڊ پاسائتو رهڻ مان ڪجھ به نه ورندو. مون هڪ عرصي تائين سماج کان ڪٽجي جيڪا رياضت ڪئي آهي، هاڻ مون تي ان جي غلط هجڻ جيسمجھ اچي ويئي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو مان نصيحت ٿو ڪريان ته اوهين به ايئن نه ڪجو. منهنجي شعور مون کي هن نتيجي تي پهچايو آهي ته سماج ۽ انسانيت سان محبت ڪندا رهو. جيڪڏهن ادب انسانيت سان هم آهنگ نه ٿيندو ته ڪامياب نه ويندو ۽ نه پنهنجو مقصد ماڻي سگھندو. اها حقيقت (سچائي) منهنجي دل ۾ سچ جي ازلي جوت وانگر جرڪي رهي آهي ۽ انهيءَ کي ڪوبه دليل وسائي نٿو سگھي.“

    ان بيان ۾ اڳتي هلي مهاڪوي ٽيگور ادب جو صحيح ڪارج هيئن ٿو بيان ڪري:

    ”اڄ اسان جو ملڪ هڪ ويران رڻ پٽ آهي. جنهن ۾ شادابي ۽ زندگيءَ جو ڪوبه نالو نشان ڪونهي. ملڪ جو ذرو ذرو دک درد جي تصوير بنيل آهي. اسان کي کپي ته هن غم ۽ اندوھ کي مٽائي، زندگيءَ جي چمن جي نئين سر آبياري ڪريون. اديب جو فرض هئڻ گھرجي ته هو ملڪ ۽ قوم ۾ نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي. سجاڳيءَ جا جوشيلا گيت ڳائي. هر انسان کي اميد ۽ مسرت جا سنيها سڻائي ۽ ڪنهن کي به نااميد ۽ ويچارو ٿيڻ نه ڇڏي. ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏيڻ جو جذبو هر ننڍي ۽ وڏي ۾ پيدا ڪرڻ، اديب جو فرض آهي. قوم، سماج ۽ ادب جي بهبوديءَ جو قسم، جيستائين هر انسان نه کڻندو، تيسين دنيا جو مستقبل روشن ٿي نٿو سگھي.“
    مها ڪوي ٽيگور جي مٿئين اقتباس مان واضح ٿي اچي ٿو ته ادب ۾ غير جانبداري ۽ غير نظرياتي وابستگيءَ جو نظريو، سراسر بڪواس آهي. ڇو ته زندگيءَ جي هن ٻه- واٽي تي، جتي ٻه نظريا، ٻه مختلف طاقتون، سڌي يا اڻ سڌيءَ طور تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون جنگ ۾ رڌل آهن. هڪ راھ ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءَ، جبر- استحصال، پر ماريت ۽ استبداد جي راھ آهي ۽ ٻي راھ امن، آسودگيءَ ۽ آزاديءَ جي مسرتن ڀري منزل ڏانهن وٺي ويندڙ آهي. هڪ راھ سماجي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي راھ آهي، ٻي راھ انسان ذات جي ڀلائيءَ،
    خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي راھ آهي، هڪ راھ پيڙيندڙ طبقي جي راھ آهي ۽ ٻي راھ ڏانهن قدم قدم تي مظلوم، محڪوم ۽ پيڙيل طبقي جي پيڙ پڪاري آهي؛ ان ٻه واٽي تي زندگيءَ سان وفادار ۽ قلم جي سچي سپيتي سپاهيءَ کي پاڻ لاءِ هيءُ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو انهن ٻنهي متضاد ۽ مخالف طاقتن ۽ قوتن مان ڪنهن جو ساٿ ڏئي ٿو؟ هن جي تخليق جا ڪردار ڪير آهن؟ ۽ هو انهن کي ڪهڙي ساڃاھ ۽ شعور ڏئي ٿو؟ ظاهر آهي ته انفرادي طور تي مان ڪابه شيءِ ناهيان. منهنجو هر عمل، هر سوچ ۽ ويچار ڪنهن نه ڪنهن طبقي سان لاڳاپيل آهي ۽ منهنجو شعور ڪنهن نه ڪنهن لاڙي ڏانهن رهنمائي ڪندو هوندو! مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته منهنجون همدرديون، منهنجو ساٿ ۽ سهڪار، انهن ٻن راهن تي ويندڙ قافلن مان ڪهڙي قافلي سان آهي؟ محض ائين چئي مان جند ڇڏائي نٿو سگھان ته ’منهنجو ڪوبه نظريو ناهي!‘ يا زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ منهنجو ڪنهن به ڌر سان واسطو ناهي، مان غيرجانبدار آهيان يا انهيءَ سڄيءَ ڇڪتاڻ کي وهم/ خواب خيال ۽ فريب نظر سمجھي، نظرانداز ڪري ڇڏيان: ائين به ته منهنجو عمل سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سان ڪنهن نه ڪنهن لاڙي جي ترجماني ڪري ٿو. غيرجانبداري دوکو آهي، فراڊ آهي، فرار آهي، منافقي آهي ۽ اها منافقي سڌيءَ طرح استحصالي طبقي جي حق ۾ وڃي ٿي. سنڌ جي فراريت پسند اديبن کي ياد رکي ڇڏڻ گھرجي ته سندن هر سوچ، هر عمل، هر قدم، سندن قلم ۽ قلمي ڪاوشون، وقت جي ڪسوٽيءَ تي پرکجن پيون ۽ وقت هڪ اهڙو منصف آهي، جو ڪنهن جي به ڪاڻ نه ڪڍندو آهي.
    اها هڪ لازمي ڳالھ آهي ته جو اديب تاريخ جي ارتقائي فلسفي ۽ وهڪري کي شعوري طور تي سمجھي ٿو ۽ سماج ۾ نت نون اڀرندڙ تضادن تي جنهن جي ڪرڙي نظر آهي، ساڳئي وقت، جو اديب پنهنجو پاڻ کي هن ڇڪتاڻ واري ماحول ۾، انسانيت جي اجتماعي ضمير آڏو جوبدار ٿو سمجھي، ان جون لکڻيون، ان جي سوچ ۽ ان جي عمل، ان جو قلم توڙي قدم، پيڙل طبقي يا پيڙيل قوم جي اجتماعي جدوجھد سان ضرور لاڳاپيل ۽ ڳانڍاپيل هجي، ڇو ته هو پنهنجي طبقي جي لحاظ سان انهن جو ئي ترجمان آهي. ادب پورهيت جي پيڙا جي ترجماني ڪري ته اديب ۽ پورهيت عوام مان وڇوٽي ختم ٿي وڃي. جڳ مشهور ۽ دنيا جي نامياري انقلابي اديب ميڪسم گورڪيءَ جي لفظن ۾ ته:
    ”انسان جي سماجي ۽ تهذيبي ارتقا صرف انهيءَ صورت ۾ ئي صحيح سالم رهي سگھندي، جڏهن هٿ (پورهيت عوام)، دماغ (پورهيت، فلسفو) جي تربيت ڪندڙ هجن ۽ سکيا پاتل دماغ هٿن جي تربيت ڪن ۽ اڃا به وڌيڪ سکيا حاصل ڪيل هٿ، چڱيءَ طرح دماغ جي تربيت ڪن. پورهيت انسانن جي تهذيبي ترقيءَ جو اهو صحتمند ۽ معمولي عمل جڏهن اڳئين زماني ۾ رڪجي ويو ۽ دماغ هٿن کان جدا ٿي ويا، سوچ ڌرتيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ويئي، تڏهن پورهيتن منجهان ڪي برک ڏاها پيدا ٿيا، جي ماڻهن کي دنيا ۽ فڪر جي ارتقا جا اصول مجرد (محض تصوراتي) ۽ هوائي طريقن سان سمجھائڻ لڳا.“
    هٿ ۽ دماغ جي انهي لطيف ربط، تسلسل، اٽوٽ ڳانڍاپي ۽ مقدس رشتي جو عملي نمونو اسان کي چليءَ جي مشهور انقلابي شاعر پبلونرودا جي هن شاهڪار تخيل مان ملي ٿو، جنهن ۾ شاعر پنهنجو پاڻ کي عوام جي وچ ۾ بيهاري، پنهنجي سڃاڻپ هيئن ٿو ڪرائي:

    ”مان اوهان سان ملي هڪ ٿي ويو هان،
    مان مٽيءَ جو اهو ذرڙو هان، جيڪو توهين آهيو.
    مان اهو اٽو،
    ۽ اهو گيت آهيان، جيڪو توهين آهيو.
    مان اهو فطري ضمير آهيان،
    جنهن کي خبر آهي ته اهو ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيڏانهن ويندو!
    مان ڪا ڏور وڄندڙ گھنٽي ناهيان،
    نه وري ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل ڪو اهڙو هيرو،
    جنهن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪري سگھجي!
    مان عوام آهيان.
    مان لڪل دروازو آهيان.
    ڪاري سڙيل ماني آهيان.
    ۽ جڏهن اوهين منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ٿا،
    ڄڻ ته پاڻ کي ئي ٿا مان ڏيو.
    ڄڻ اهڙي مهمان جو آڌرڀاءُ ٿا ڪريو،
    جوڪئين ڀيرا ڪٺو ويو آهي
    ۽ بار بار پيدا ٿيندو رهيو آهي!“

    عوام سان پنهنجائپ جو اهڙو تصور آمريڪا جي هڪ غير معروف شاعر ڊان ويسٽ به ظاهر ڪيو آهي:

    ”ٻڌو! ٻڌو! مان انقلابي آهيان
    ماڻهو مون کي سرخو ٿا سڏين،
    ماڻهو ٿا چون: مان بالشويڪ آهيان
    پر اي جنوبي آمريڪا جا پورهيت ساٿيو!
    اوهين مون کي سڃاڻو ٿا ته مان ڪير آهيان؟
    اي هاريو! مزدورؤ!
    نيگرو نسل جا غريبو!
    ۽ اي تاريڪ مستقبل ڏانهن واجھائيندڙ نوجوانو!
    اوهان ڪڏهن اهو محسوس ڪيو آهي ته
    مان----- ’اوهان‘ آهيان،
    مان ڊان ويسٽ به آهيان.
    خاموش فضائن ۽ امن جو شيدائي
    هڪ پورهيت.
    جنهن جي کهرن هٿن کي پتو آهي ته پورهيو ڇا ٿيندو آهي؟
    ليڪن مان شاعر آهيان انصاف ڏانهن پڪاريندڙ -------
    مان اوهان لاءِ ڌاريو ته ناهيان
    مان اهوئي پورهيت، مزدور، جابلو علائقي جو
    ڊان ويسٽ!“
    آئون ائين به نٿو چوان ته ’راشد‘ سنڌ جو پبلونرودا يا ڊان ويسٽ آهي. منهنجي نزديڪ راشد هوچي منھ ۽ چي گويرا به نه آهي.اسين سڀ دوست کيس باغي شاعر ضرور سڏيندا آهيون، پر انهيءَ معنيٰ ۾ نه، جنهن ۾ بنگال جي نذرالاسلام کي باغي شاعر سڏيو وڃي ٿو. مون منڍ ۾ ئي لکيو آهي ته راشد جي تربيت نج صوفياڻي ماحول ۾ ٿي آهي ۽ غالباً اهوئي محرڪ آهي، انسانيت سان سندس بي پناھ پيار ۽ پورهيت سان پنهنجائپ جو.! مون لکيو آهي ته محبت کيس ورثي ۾ ملي آهي. هن جي ڪلام ۾ جو درد، سوز ۽ پيڙ سمايل آهي، سا ان ئي محبت جو نتيجو آهي، نه ته ڊان ويسٽ، پابلونرودا، هوچي منھ ۽ چي گويرا بنجڻ لاءِ جنهن سائنسي شعور ۽ تنظيمي جاکوڙ جي ضرورت آهي، راشد ۾ اڃا اُن جي کوٽ آهي. هو جن ڪردارن کي ساراهي ٿو، دل چاهيندي به اڃا انهن مان بنجي نه سگھيو آهي. هڪ ڪشمڪش ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو اظهار هن ريت ٿو ڪري:

    الا! اڃان عام جي، سوچ نه ساماڻي
    دودو، هوشو،ناهيان،هيمون ڪالاڻي،
    هيڏهن آنءٌ اڪيلڙو، هوڏانهن سَوَ ساڻي،
    پيٽ به پورت ٿو گھُري، پرت به پُراڻي،
    هوڏنهن آهي باھ ۽ هيڏنهن آ پاڻي،
    سا پَرِ شل رهجي اچي ، جا پر ڏاڏاڻي،
    سمر تي ساڻي، شال نه ٿئي سنڌ جي.
    *
    قوم گھري قربانيون، پيٽ گھُري پورت،
    اٽو، لٽو ۽ اجھو، ظاهر ضرورت،
    عشق چوي ٿو ڀانئيو، فاقي کي فرحت،
    ٻن باهين جي وچ تي، ماڻهن موڙهي مَت؟
    مٽجي وئي صورت، سرتا! منهنجي سوچ جي.

    هڪ طرف اها ڇڪتاڻ، ذهني پيڙا آهي، ته ٻئي طرف ضمير جو فيصلو آهي. راشد جو سجاڳ ضمير، کيس پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۽ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ لاءِ هر وقت جھنجھوڙيندو رهي ٿو. زندگيءَ جي مسئلن ۽ پيڙائن کان فرار هن لاءِ ناممڪن آهي. سندس نظم ’ضمير چهنڊڙيون هنيون‘ سندس سجاڳ ذهن ۽ ضمير جو آواز آهي:

    جڏهن به سوچيم؛ ته آنءُ ڇا ڪيان، ۽ ڇو ڪيان؟
    ٻين سان ڇا وڃي، رڳوئي پنهنجو ڀلو ڪيان،
    نفعو پويمِ پاڻ کي، ته ڪم رڳو اهو ڪيان،
    جڏهن به سوچيم، ته پاڻ لاءِ ڇو ڏچو ڪيان،
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،ضمير چهنڊڙيون هنيون!

    جڏهن به سوچيم، ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
    ۽ باھ ۾ ٻين جي، پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان،
    رُڳو نه مون ته بار آه، جي سچ چوان، ته ڇو چوان،
    جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان، ته ڇو سهان؟
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،ضمير چهنڊڙيون هنيون!

    زندگيءَ ۽ موت، فنا ۽ بقا، سچ ۽ ڪوڙ جي انهيءَ ابديءَ ڇڪتاڻ ۾ شاعر جڏهن کليءَ طرح سچ جو ساٿ ڏئي ٿو، پنهنجي زنگيءَ کي ٻين جي خوشيءَ لاءِ ارپڻ جو عزم ٿو ڪري، پنهنجي ذاتي مفاد کي اجتماعي ڀلائيءَ تي ترجيح ٿو ڏئي ته سندس ضمير ٽڙي پوي ٿو.

    ۽ جڏهن سوچيم، ٻين جي واسطي ستم سهان،
    ڀلي ته مان سڙان، پچان، ٻين کي سُک ڏئي سگهان،
    ٻيواچي، اچي نه ڪو، ته مان ئي راشدا اچان!
    ڀلي ته سِر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان؛
    ته ذهن ڄڻ ٽڙي پَيو،ضمير واھ واھ ڪئي!

    اها آهي زندگيءَ جي مقصد سان هن شاعر جي محبت ۽ عشق جي انتها! جنهن جي اپٽار سندس هن مجموعه ڪلام ۾ جابجا ٿيل آهي. هاڻي اسان کي راشد جي محبت جو فلسفو آسانيءَ سان سمجھ ۾ اچي ويندو ۽ سندس آئيڊيل محبوب جو تخيل چٽو ئي چٽو ٿي اسان جي آڏو آيو آهي، اهو آهي انسانيت جي خوشحالي! راشد هن مجموعي ۾ جابجا انهيءَ عزم کي ورجايو آهي! اهو پنهنجي وطن جي هر ماڻهوءَ جي دل جو دروازو ٺڙڪائي ٿو:
    ڏس ته ڪٿي کان پهتو آهيان، آنءُ ڪٿي تو ڪاڻ،
    ماڻهوءَ مان سڃاڻ پرين! ڪُجھ ماڻهوءَ مان سڃاڻ!
    پن ڇڻ موسم وانگر آهي تنهنجي سونهن اداس،
    پنهنجا سور مون کي ڏئي ڇڏ، تون منهنجون خوشيون ماڻ!
    منهنجي تصور ۾ آ تنهنجي صورت جواڻ جماڻ.
    سپنن توڙي جاڳ ۾ جاني! توسان روح رهاڻ!
    راشد! پنهنجي جنت آهي، چاهت ۾ چانڊاڻ،
    موٽي آئي آھ چمن ۾ ساوڪ ۽ سُرهاڻ!

    زندگيءَ جي ميرانجھڙي مهانڊي ۾ سونهن ۽ سندرتا جا رنگ رچڻ جي عشق ۾ هو سچ پچ ته ٻڏل آهي. انهيءَ عشق کي هو ساھ سان سانڍيندو رهيو آهي ۽ حالتن جو ڪوبه طوفان سندس دل ۾ انهيءَ جرڪندڙ جوت کي وسائي نه سگھيو آهي:
    آيا گھڻا اوچتا، طاقتور طوفان،
    روشن رهيا عشق جا، راشد! شمعدان،
    دهلي ويا دهمان، دردن ڀري دل کان!
    ـــــــــــــــــــــــــ
    دردن جي ڀرمار سان، بڻي دل درياھ،
    آيو عشق اٿاھ، ٻوڙيئين ٻن ٻيائيءَ جا.
    ــــــــــــــــــــــــــ
    محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان،
    هيس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي!


    مقصد سان انهيءَ عشق، راشد جو چين ڦٽائي وڌو آهي. ستي لوڪ هو پنهنجي مقصد جي تڪميل جي بي پناھ آرزوءَ ۾ اٿي، ڪجھ رت رُئي ٿو، انهيءَ جا پور پچائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان هيئن ٿو مخاطب ٿئي:

    پريت جي هت ڪو ريت نه ڄاڻي، ماڻهو ماڻهوءَ کي نه سڃاڻي،
    آب اکين ۾ پنهنجي آڻي، گيت لکين ٿو آڌيءَ ٽاڻي،
    لوڪ سمهي پيو چادر تاڻي، ڪيسين تائين رئندين هاڻي،
    ڇو نه وڃي ٿو ننڊ ڪرين، ڪنهن لئي ويٺو گيت لکين؟

    ڪنهن سان ديد لڙائي ويٺين، هيڏا سور پرائي ويٺين؟
    دل ۾ سوز سمائي ويٺين، پنهنجي ننڊ ڦٽائي ويٺين،
    پنهنجا سک ڀلائي ويٺين، هيڏا سُور پرائي ويٺين،
    ڇو نه سبق ٿو يار سکين، ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

    انهيءَ عشق جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهندي ڪڙهندي هن جو رت سُڪي ويو آهي. عشق جي اڙانگين راهن تي رلندي رلندي ڪڏهن ڪڏهن سوچي ٿو ته:

    ڏينهن سڄوئي ننڊ ڦٽائي، شام صبح ڦيرا پارائي،
    رڻ ۾ منجھند ٽاڪ رلائي، ڪاڙهي ۾ مون کي ڪاڙهائي،
    راتين جو آرام ڦٽائي، ٿيندي ننڊ حرام ته آخر ڇا ٿيندو؟
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو؟

    جان جو ويري جاني آهي، ها پر دل ديواني آهي،
    راشد مجنون ثاني آهي، ليلى جي نيشاني آهي،
    عاشق ۾ رت ڪاٿي آهي،خون جو ڏيندو جام ته آخر ڇا ٿيندو؟
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو؟

    راشد حالتن کان مايوس ناهي، ڇوته پنهنجي محبوب آئيڊيل (مقصد) سان سندس لڳاءُ جذباتي رومانيت جو نتيجو ناهي، بلڪه اهو عشق، ڪنهن اونهي فهم، بصيرت، سوچ ۽ ڏاهپ جو منطقي نتيجو/ ردعمل آهي. جذباتي رومانيت فقط حرص ۽ هوس آهي، پر شعوري لڳاءُ ۽ عشق جي حد تائين ان جي انتها زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي. هن اهي پٽيون/ سور سبق ۽ عشق جا اونها اسرار ڪنهن اهڙي عارف وٽ وڃي سکيا آهن، جنهن جي مهر نظر هن کي منزل جي قريب آندو آهي:

    هلو، هلو يار کان، سبق سور سکون،
    باقي چار وکون، پنڌ نه آهي پرڀرو!

    ان يار، هن کي جذباتي رومانيت بجاءِ عشق جو ادراڪ ڏسيو آهي ته:

    سوچڻ ڌاران ساٿيو، انڌو عشق عذاب،
    عقل ريءَ انسان جو، خانو آھ خراب،
    علم، عقل، عشق جو، ناتو آ ناياب،
    غرق ٿيو غورابُ، جنهن کي سڙھ،سُکان نه پاتڻي!
    ــــــــــــــــــــــ
    جي چاهيو ٿئي جڳ ۾، جيئڻ سجايو،
    علم، عقل، عشق کي، گڏي هلايو،
    عشق عقل پاڻ ۾، ڇو ٿا ويڙهايو؟
    ڪلفت گھٽايو، ميان! محبت وڌايو،
    سڀ سان نڀايو، راشد! ريت پريت جي!
    ـــــــــــــــــــ
    اچو گڏجي دوستو! ڦيرو ڪو آڻيون،
    عقل، علم، عمل کي، هڪ ٻئي سان واڻيون،
    ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان!

    گويا راشد ائين چوڻ ٿو چاهي ته پنهنجي آئيڊيل سان هن جي محبت عليٰ وجہ البصيرت آهي. اهو فقط ڪو ازل جو لکيل ليک نه هو، پر اها پسند هن وڏي جھد، جاکوڙ، فڪر، بصيرت، سرت ۽ شعور سان ڪئي آهي. اها فقط دل جي دل ڏانهن ڇڪ ناهي، پر ذهني فيصلو به آهي ۽ جڏهن عشق جي انتها انهيءَ منزل تي پهچي وڃي ته:

    جان تون جئين جيءُ، جيئڻ سک جنسار ۾،
    پيالو وھ جو راشدا! پاڻي ڄاڻي پيءُ،
    عشق جو گولو ٿيءُ، ٻانهپ ڇڏ ٻين جي!

    انهيءَ عشق راشد جي دل ۾ پنهنجي آئيڊيل لاءِ فنائيت، ارادي ۾ پختگي ۽ سوچ ۾ ايڏي ته شڪتي پيدا ڪئي آهي، جو ’راشد‘ پنهنجي مقصد جي راھ ۾ هر طرح جي طوفانن سان ٽڪر کائڻ جي پنهنجي اندر صلاحيت محسوس ڪري ٿو. هو حالتن جي آڏو سر تسليم خم ڪرڻ بجاءِ، ڪر کنيو بيٺو آهي. هو پنهنجي بي پناھ قوت اراديءَ جي آڌار تي وچ سمنڊ ۾ لهر لهر کي للڪاري رهيو آهي:




    مان اهو آهيان جبل،
    جو سمنڊ جي وچ تي اٽل
    بيٺو هجي.
    حادثا دنيا جا،
    طوفاني ڇتين ڇولين جيان
    مون ڏانهن ڌوڪيندا اچن،
    مون سان لڳن،
    پٺتي هٽن،
    ۽ بحر دنيا جي ۾ گم ٿيندا وڃن ـــــ
    مان اهو آهيان جبل،
    جو سمنڊ جي وچ تي اٽل،
    بيٺو هجي ــ ـــ ـــ !

    ڪيڏو نه عزم، استقلال، جرئت، سورهيائي، ارادي جي پختگي ۽ مقصد ۾ ڪاميابيءَ جو اتساھ ڀريل آهي،انهيءَ نظم ۾.! اهو عزم اڀاري ٿو، هڪڙيءَ هلچل، جدوجهد ۽ جاکوڙ ڏانهن، جنهن جو روح سنڌ ۽ نتيجي ۾ سڄي عالم جي آسودگي، خوشحالي ۽ مسرت آهي.
    هو پنهنجو آئيڊيل مقصد پنهنجي وطن ۾ پورو ڏسڻ ٿو چاهي. هو سنڌ کي امن، عافيت ۽ ايڪتا جي جنت بنائڻ ٿو گھري. ’راشد‘ هونئن به قوم پرست شاعر آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جو مزاج هونئن به وطن جي محبت تي ٻڌل آهي.
    وطن جي محبت اسان جي شاعريءَ جو هر دور ۾ بنيادي مقصد رهيو آهي. پر اها محبت جارحانه انداز جي ناهي، اها محبت فطري محبت آهي، جا اولاد کي پنهنجيءَ جيجل ماءُ سان هوندي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ قوم پرستيءَ جوتصور سڄي عالم جي آسودگيءَ تي ٻڌل آهي. راشد سنڌ ۾ زندگيءَ جي سونهن ڀرڻ جي جدوجهد جي آس، پيغام ۽ نيڪ تمنائن جو ذڪر هن مجموعي ۾ نهايت ڀرپور انداز سان ڪيو آهي. هو فقط ڌرتيءَ جو پوڄاري ناهي، پر هو هتي جي عوام، پورهيت، هاري، مزدور ۽ ماروئڙن کي سکيو ستايو ڏسڻ ٿو چاهي. وٽس سنڌ جي خوشحاليءَ مان مراد سنڌ جي عوام جي خوشحالي آهي. هُو عوام دوست آهي:

    منزل ٿيندي ويجھڙي،جئن جئن پنڌ ڪبو،
    ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
    هڻي هنڌ ڪبو، سج اڀاري سچ جو!

    منزل ماڻڻ ۽ سچ جو سج سنڌ تي اڀارڻ لاءِ هو چوي ٿو ته وڏي جھد ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي :

    گھر ۾ گھاريندي ڪيو، سڪڻ جون نه سڌون،
    سڀ ڪجھ گھوري سنڌ تان، اڳتي وک وڌون،
    اچ ته قول ٻڌون، قسم کڻي ڪڙم جا.

    هو پاڻ به انهيءَ جدوجھد ۾ شرڪت جو اظهار هيئن ٿو ڪري :

    مرشد منهنجو ڀٽ ڌڻي، ڀونگر منهنجو ڀاءُ،
    سنڌو ماتا جي ڪيم، سوچن سان سرچاءُ،
    نياپا آڻي نينهن جا، اڄ پڻ اتر واءُ،
    سمهڻ ڪهڙو ساءُ، جيڪو جدوجهد ۾!
    هن جي دلي تمنا آهي ته :
    الا، سنڌ جيئي! جيئي نظارو نور،
    اڪن جھليون ڦلڙيون، ٻيرين جھليو ٻور،
    چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.

    الا! سنڌ جيئي، جيئن سنڌي جوان،
    ميٽيندا هي مرد ئي، آيل جا ارمان،
    سنڌيت جا پروان، جلائيندا جان کي.

    الا سنڌ جيئي، جيئن هر هاري،
    سکن لئي ساڻيھ جي،ٻري جن ٻاري،
    ڏک جي ڏيکاري، تن کي اچي ڪين ڪِي!

    جنهن جنهن اجرڪ اوڍيو، جنهن جنهن مٿي پڳَ،
    جنهن جنهن ڌڻ رڍن جا، جنهن جنهن ڏاچين وڳَ،
    تنهن تنهن ٻَڌو سَندرو، ڏين مبارڪ جڳَ،
    ٺڳيندين اي ٺڳَ، اسان کي تون ڪيترو؟

    راشد جي اها آس، اها آرزو ۽ اها امنگ هڪ ڏينهن ضرور پوري ٿيندي. فقط عشق جي درڪار آهي. هي ساڻيھ سک جو ساھ کڻندو. خدا ڪندو ته هن ڌرتيءَ تان سڀ ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويندا ۽ سنڌ دنيا لاءِ امن ۽ آسودگيءَ جي جنت بنجي ويندي!
    مان سمجھان ٿو، راشد ايترو ته سٺو لکيو آهي، جو مان سندس مڪمل تعارف نه ٿو ڪرائي سگھان. هن جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ لاءِ جنهن بصيرت ۽ صلاحيت جي ضرورت آهي، مان پنهنجي اندر نهايت شدت سان ان جي ڪمي محسوس ڪيان ٿو. ڇو ته بنيادي طور تي مان نقاد ناهيان. بهرحال راشد جي هن مجموعي جو اڀياس ڪرڻ بعد مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته :
    • راشد جي شاعري سڌي سنئين شاعري آهي. هيءَ شاعري لفظن جي اجائي ۽ بي مقصد جوڙجڪ، خيالن جي بي ترتيب ۽ پرتڪلف سٽاءَ کان پاڪ، صاف ۽ سج جھڙي چٽي شاعري آهي.
    • راشد، جو آيو، ڳايو جو قائل ۽ سچ جو شاعر آهي. هن جي سٽ سٽ ۾ ڌرتيءَ جو درد ، پورهيت جي پيڙ، مقصد سان بي پناھ عشق سمايل آهي. هو پنهنجي فن تي ابهام جي زره ويڙهي، کل بچائڻ بجاءِ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ ٿو چوي. هو ڪوڙ جي مخملي پردي ۾ سچ جو سج لڪائڻ جو قائل ناهي.
    • مون محسوس ڪيو آهي ته زندگيءَ جي ڇڪتاڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي ابديءَ ويڙھ ۾ راشد سچ جو ساٿاري آهي. هن جي شاعري سندس سجاڳ ذهن ۽ ضمير جو آواز آهي.
    • راشد جي شاعري ان جي نظرياتي ارتقا ۽ سگھاري سوچ، پوهيت سان پنهنجائپ جو عڪس. راشد جي دل ۾ امنگ، هڪ آرزو، هڪ سوچ ۽ لوچ آهي، هو بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ آئيڊيل سماج جي تخليق جي جنون ۾ اڳتي وڌندو رهيو آهي.
    • ’راشد‘ هن ڌرتيءَ سان پنهنجو نينهن نڀايو آهي، هو هن ڌرتيءَ کي امن ۽ آسودگيءَ جي جنت بنائڻ واريءَ جدوجھد ۾ شريڪ آهي، نه رڳو ايترو پر اها جدوجھد سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ سندس تخليقي ارتقا جو روح بنجي ويئي آهي.
    • راشد جيئن ته پاڻ به هڪ پرائمري استاد آهي، انهيءَ ڪري سندس اڪثر معاشرت، هن ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن (جن جا ٻچا وٽس پڙهن ٿا) سان ٿيندي رهي آهي ۽ انهن جي زندگيءَ جو هن قريبي اڀياس ڪيو آهي، انهن جي دُکن، دردن کان هو سڌيءَ طرح واقف آهي ۽ اهوئي سبب آهي، جو هن پنهنجي ڪلام جو مخاطب مفڪرن، ڏاهن ۽ برک اديبن کي ڪرڻ جي بجاءِ هارين، مزدورن، ڪڙمين، ڪاسبين ۽ عام پورهيتن کي ئي ڪيو آهي. جنهن آئيڊيل سماج جو تصور سندس ذهن ۾ آهي، ان جي تڪميل لاءِ هو انهيءَ ئي طبقي ۾ اميد رکيو ويٺو آهي، اهي ماڻهو ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ساڻس ساٿ ڏيندا. ٻين لفظن ۾ راشد فقط تصوراتي شاعر نه آهي، پر هو هڪ آدرشواري شاعر آهي.
    • راشد مجموعي طور تي اسان کي نيڪي، نيڪ نيتي، انسان دوستي،قرباني، پراپڪاري ۽ ٻين لاءِ جيڻ جي سکيا ڏني آهي.
    • راشد محبت جو شاعر آهي، هو ڪلجڳ جو خير گھرندڙ، سچو سپيتو صوفي انسان آهي ۽ حضرت مسيح فرمايو هو ته ” محبت خدا آهي، خدا محبت آهي ۽ جيڪوشخص محبت ۾ قائم آهي، سو خدا ۾ قائم آهي!“
    • راشد جي زندگي قول ۽ عمل جو سنگم آهي. هو خود به پورهيت آهي،ان جو مخاطب به پورهيت آهي ۽ ان جو فڪر به پورهيت طبقي لاءِ آهي. هو عوام
    منجھان آهي، انهن مان شعور حاصل ڪري ٿو ۽ ان شعور کي انهن تائين ئي پهچائي ٿو. عوام، هن جو استاد آهي. عوام جي زندگي هن جي فڪر جو سرچشمو آهي ۽ عوام ئي هن جو ميدانِ عمل آهي.
    • راشد اسان کي جيڪي ڪجھ ڏنو آهي، سو ان جي بي لوث محنت ۽ عمل بلامعاوضه جو ڀرپور نتيجو آهي. ممڪن آهي ته وڏن شهرن جا وڏا اديب ۽ نقاد هن غريب استاد جي محنت کي نظر انداز ڪري ڇڏين، ممڪن آهي ته وڏن شهرن جا وڏا اديب راشد جي سوچ مان سرجندڙ سچ جو تاب سهي نه سگھن ۽ شاعريءَ ۾ راشد کي اهو مقام نه ملي سگھي، جنهن جو هو حقدار آهي، پر مون کي يقين آهي ته سنڌ جا نوجوان، سنڌ جا هاري، پورهيت ۽ مزدور؛ هن پنهنجي شاعر جي آواز کي نه رڳو پاڻ لاءِ مشعل راھ بنائيندا، پر راشد جا گيت ڳائيندا، زندگيءَ جي راھ تي وڌندا رهندا.
    • راشد جيڪو سپنو ڏٺو آهي، سو هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ٿيندو. راشد جي سوچ عمل جو روپ وٺي، سج سمان جرڪندي سنڌ تي اڀرندي. جڏهن سنڌ سائي، سکي ۽ ستابي ٿيندي، تڏهن هن گمنام، بي لوث مخلص سپاهيءَ جو روح پڪاريندو ته :

    مــون ڏاڍ جـــا ڏونگــر ڪــٽي، جـا واٽ آ ٺـاهي،
    ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    جـوکي ۾ وڌم جـيءَ، ڪـيم جـنگ امــن لاءِ،
    انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    هــر گھاءُ مــٿان گھاءُ سهــي، اف نه ڪئي مـون،
    جي ويڙھ ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    هــر جــاءِ جــدوجـھـد، هــر جــاکــوڙ ۾ شـــامـــل،
    ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    راهــــي ! تــو ڏٺـــو آھ مـــون ســاهــــي نه کـنئي آ:
    جي راھ ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    اي واٽ مسافـــر! تون ڪڏهن منهنجي قــبر کان،
    ڀلجي نه جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    جـــو سـبــق ســچــــائيءَ جو ڏنــو آھ مــون راشـــد!
    ســو سبق جي سمجھين ته مون کــي يــاد ڪندو ڪر!

    ــــــــــ عبدالحڪيم ارشد


    • غزل

    پوپٽن ورتي پناھ گلن ۾، مِرن جھنگن ۾ پناه،
    ڪين ماڻهوءَکي ملي ٿي، هاءِ ماڻهن ۾ پناه!

    منهنجي مٺڙي يار جي، محبوب مکڙي کي ڏسي،
    شرم کان مهتاب ورتي، رات ڪڪرن ۾ پناه .

    ڏاڍ کان ڏم جي، زماني جي غمن کان تنگ ٿي،
    ذهن سهڻيءَ جي وڃي ورتي آ کَرڪن ۾ پناه .

    درد جي لشڪر ڌِڪي نيڻن مان ڳوڙهن کي ڪڍيو،
    ڊوڙنــدا اچيو وٺــن ٿــا منهنجــــي دامــن ۾ پناه .

    سور ڌرتيءَ جا سهي، سُک چنڊ تارن ۾ نه ڳول!
    ڪر اچي تڪيو هتي، وٺ منهنجي تارن ۾ پناه!

    ڳالھ ڪرڻي هئي اثر واري طريقي سان تڏهن،
    ســوچ جي اظهار ورتي، شعــر جي فــن ۾ پناه !

    زنـدگـــيءَ ڀــر آءٌ رهـندس راشـــدا! ٿــورائـتو،
    دردِ دل منهنجي ورتي آ، تنهنجي شعرن ۾ پناه .
    ***

    تون تير نظر جا هڻندو رھ، نيشان سلامت آھ اڃان،
    دل پوري آھ ، جگر جو پر ارمان سلامت آھ اڃان.

    فتوا نه ڏيو، ڪافر نه چئو،مومن کي ميان! منڪر نه سڏيو،
    سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿان، ايمان سلامت آھ اڃان!

    ساغر ۽ صراحي چَٽ ٿي ويا، مَٽَ مَئي جا کليا پيا آهن،
    ٻُڪ سان ئي پيئڻ وارا پيئندا، سامان سلامت آھ اڃان!

    اي سنڌڙي جندڙي سُست نه ٿي! ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
    جنهن تو کي دل سان پوڄيو آ، سو جُوان سلامت آھ اڃان!

    جي ڪُوماڻو ڪو گلدستو، خوشبو ٿي ختم، پرواھ نه آ!
    گل تازا آڻي رکبا ڪي، گلدان سلامت آھ اڃان!

    راشد ته مري ويو سال ٿيا، هڏڙا به ڳري ئي ويا هوندا،
    پر شاعر هو سو شَعرن جو ديوان سلامت آھ اڃان.
    ***

    اڻٽيهين اڌ رات جي اونده، ويڙها سڀ ويران لڳن ٿا،
    جهڙا ڪي ڀوتن جا پاڇا، اونده ۾ انسان لڳن ٿا.

    پابنديءَ جي پاڻيءَ تي ئي پيار سلو وڌندو رهندو آ،
    پرت تي پهرا بيهارن ٿا، ڪيڏا هي نادان لڳن ٿا،

    ڪي ڪي ڦوھ جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها،
    ڪيئي جھُور جهانَ ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا.

    هيڏا سارا ڍير مٽيءَ جا، تن ۾ ڪا تاريخ دفن آ،
    ڪئين آثار ڏٺا ٿم اهڙا، مياڻيءَ جا ميدان لڳن ٿا.

    ڪارا ، ڏٻرا، ڪنگيءَ کاڌل، ڍنڍ تي ٻار مهاڻن وارا،
    شاعر! سچ پچ سڀئي تنهنجي، شعرن جا عنوان لڳن ٿا.

    آس ۽ اوسيئڙي جا اڌما، مستقبل جا خيال ۽ خدشا،
    راشدا ! تنهنجا شعر سمورا، ڪنوارين جا ارمان لڳن ٿا.
    ***

    مان گلڙن خاطر ڪنڊن جو ويندس اي سڄڻ ! سڀ سور سهي،
    يادن جي سهاري جيئندس پيو، ويجھو نه سهي تون ڏور سهي !

    فرياد اسان جو غور طلب، لاغرض! ٻڌڻ ۾ ڇا آهي؟
    ڪو عرض اسان جو سڻ ته سهي، منظور نه، نا منظور سهي !

    دنيا جي خبر آ، منهجو قدر هوءَ ڪونه ڪندي، پر پوءِ به صبر،
    مون عشق ڪيو انسانيت سان، صدمن کان چڪناچور سهي.

    ڦَلُ منهنجيءَ محنت جو منهنجي پونئير کي مليو ته به ٺيڪ ٿيو،
    مون پنهنجي حياتيءَ منجھ ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي.

    ڪو دانشور جي دوست نه ٿيو، ڪو ميت مفڪر ڪين مليو،
    ڪو شاعر ساٿي ڪين بڻيو، هاري ئي سهي، مزدور سهي.

    ڪنهن پورهيت مون کي پيار ڏئي، پنهنجو سمجھيو ته خوشي ٿيندي،
    ڀل زاهد نـــــفـــــــرت ڌاري ۽ واعظ به وڃي وهلور سـهــــــــــــــي.

    بيداد نگر ۾ داد گھري، مان ٻٻرن کان ڇو ٻير گھران،
    مان تاريڪين ۾ تاتيل هان ، گھر تنهنجو روشن نور سهي.

    آ راشد جھليو جھول اڳيان، جو هڙ ۾ هجئي سو هن کي ڏي،
    جي قرب محبت ڪونه اٿئي، ڏي نفرت ئي ڀرپور سهي،

    ***

    ڪٿي مکڙيون مروڙن ٿا ، ڪٿي گئونچن جو دم گھٽجي،
    ٽڙي بيهڻ کان اڳ ۾ ئي ، پيو گلڙن جو دم گھٽجي.

    صبح تي رات جو ۽ راڄ تي راڪاس جو پاڇو،
    اتي رهڻو پيو آهي، جتي جذبن جو دم گھٽجي.

    ڏئي سِر حُسن تي ساٿي! سلامت سونهن کي رکبو،
    اسان جي عشق تي آ حيف، جي سهڻن جو دم گھٽجي.

    رُلي ويا رنگ سڀئي،جھنگ گھاٽي ۾ پيا ڦٿڪون،
    هتي حيوانَ خوش آهن، مگر ماڻهن جو دم گھٽجي.

    نه ايڪو آ نه همدردي، هينئر هڪڙن جو دم گھٽيو،
    سڀاڻي ڇا ٿئي ڏسجي ته، ٿو ڪهڙن جو دم گھٽجي.

    جنين جو دم گھٽڻ گھربو هئو، سي خوش وتن گھمندا،
    پراون کان اڳي پيو ٿو هتي پنهنجن جو دم گھٽجي.

    ٻنيءَ ۾ ان ٻيجيءَ جيان، اچو پکڙي پئون راشدا!
    پُڙن جانڊھ جي ڳورن ۾، پيو داڻن جو دم گھٽجي.
    ***

    هو جڏهن تيار ٿيو، مون کي ٿڏڻ جي واسطي،
    راھ جو پٿر ٿيس، ٺوڪر سهڻ جي واسطي.

    باک ويلي بوند برسايان پيو نيڻن منجھان،
    ماڪ پڻ آهي ضروري گل کِلڻ جي واسطي.

    مان سڄڻ جي منهن مبارڪ کي پڙهان هر دم پيو،
    وقت ڪاٿي آ مون کي ڪورس پڙهڻ جي واسطي.

    باھ ٿيو هُو، آءٌ پاڻي ٿي نه ٿو زد ۾ اچان،
    مان سُڪي ڪاٺي ٿيان ٿو پيو ٻرڻ جي واسطي.

    ڪاش! من ماڻهن جو ميرو، ڌوپجي اجرو ٿئي،
    داغ دل جا ڪو نه آ ڌوٻي ڌُئڻ جي واسطي.

    تنهنجي نازڪ هٿ ۾ شايد پون لکندي لڦون،
    ڪيئن ڏيان تڪليف توکي خط لکڻ جي واسطي.

    روز پرچڻ ۽ رُسڻ ۾ آھ اي راشدا! مزو،
    اچ ته ٻئي پرچي پئون، ٻيهر رُسڻ جي واسطي!
    ***

    دل منهنجي پراڻي آھ جھڳي، محلات هجي ته وڻي توکي،
    هن برباديءَ جي بستيءَ ۾ ڪا بات هجي ته وڻي توکي!

    ماڻهن جي ڏسان ٿو نيتَ بري، هَٿ ۾ قرآن، زبان ڇُري،
    جي ڪڇ ۾ ڪات هجي ته هجي، ڳڙ وات هجي ته وڻي توکي.

    تون نانھ مسيحا، جو جيارين، لقمان نه آن جو چاق ڪرين!
    بيمار ۾ چاق چڱي جھڙي، جذبات هجي ته وڻي توکي.

    ڪي معنى جا موتي نه هئا، تو شعرن تي وهوا نه ڪئي،
    هيءَ سادي سودي ٻولي آ، ڪا ڏات هجي ته وڻي توکي.

    گم آهين تون ته نظارن ۾، ڪا شيءَ نه ڏٺئي اشعارن ۾،
    ڳوڙهن جو قدر توکي نه ميان ! برسات هجي ته وڻي توکي.

    ڪو تيرن جو نه اثر ٿيندو، مان پاهڻ بڻجي ويو آهيان!
    ڪا مات هجي ته وڻي توکي، ڪا گھات هجي ته وڻي توکي.

    هِت پِٽڪو خالي پيٽ سندو، هِت رودن راشد غربت جو،
    هي ماتامين جي مجلس آ، بارات هجي ته وڻي توکي.
    ***

    لڱ لويل منهن مرجھايل،
    هئه هئه ماڻهو هِيسايل.

    پيلا ٿي ويا ڳاڙها ڳل،
    ڏاڍا ڏوٿي ڏهڪايل.

    روز جٺيون، هر روز هلان،
    چُپ جـــھــڙا چپ پٿرايل،

    زلفن سان ڪنهن کيڏ ڪئي،
    الجھي ويا سڀ سلجهايل.

    راڻي ريءَ ڇو هام هڻن،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪهڪايل.

    ليٿـــڙجي ٿيا رت ۾ لال،
    منهنجا جذبا جرڪايل.

    راشد جو هي لاش پرين!
    تنهنجي لئه آ ترسايل.
    ***

    آ چُني چمڪندڙ ٿر جي ناريءَ مٿان،
    چنڊَ جي روشني ڄڻ ته واريءَ مٿان.

    عشق تنهنجو الاڙي الڙ ڇوڪرا!
    ڪيئي بهتان آيا ڪنواريءَ مٿان!

    مون نه ڄاتو ته مُنهنجو پرين ٿو اچي،
    ٻُٽ اجرڪ جي هئي جو سُنهاريءَ مٿان.

    ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون ڄانڱريون،
    ٻير ڳاڙها ته ڏس! چهچ ٽاريءَ مٿان.

    عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪيئه راشدا !
    لاھ ڏک سور ڌرتيءَ ڏکاريءَ مٿان.
    ***

    جا دل جي بلــبـــل ڦاسايــئــــه، سا قيد رکج اُڏري ته ڇُٽي،
    رک پوري در تون پڃري جا، هڪوار وئي نڪري ته ڇُٽي.

    هي ٻير ڦريون،ڦوٽا،آڀون، پيرون ۽ پڪا هر سال ملن،
    پر مست جوانيءَ جي يارو! جي مند وئي اُڪري ته ڇُٽي.

    هيءَ رات وري ايندي نه پرين! اچ جاڳ! سندم سيرانديءَ کان،
    هيءَ رات آ منهنجي موت سندي رک ياداُها گذري ته ڇُٽي.

    جي دريا رُخُ موڙيندو آ، ۽ ويراني ئي ڇڏيندو آ،
    جي ياد رهي تا ياد رهي، جي ياد دليئون وِسري ته ڇُٽي.

    صحبت جو اثر ايڏو ته ٿئي جو اصلي حالت ٿو بدلي،
    چئو شربت يا ته مٺو پاڻي، پاڻيءَ ۾ پئي مِصري ته ڇُٽي.

    دل پاهڻ جهڙي ڪانهي جا، تڪليف جو تاب سهي ويندي،
    دل منهنجي آهي ميڻ جيان، جي تؤ آيو پگھري ته ڇُٽي.

    ڇا عشق جي آتش ساڙيندڙ، ڇا يار نرم دل راشد جي،
    ڇا باھ ڪپھ جو ناتو آ، ڄر ۾ ڄرڪي پڄري ته ڇُٽي !
    ***


    ڪچهري روبرو ٿيندي ته وڻندي،
    مٺي جي گفتگو ٿيندي ته وڻندي.

    مهانڊو آھ مکڙي، گل به ٿيندو،
    سندءِ قامت ڪَهو ٿيندي ته وڻندي!

    پُسايم پاند ڳوڙهن سان، نه پرتين!
    جڏهن دامن لهو ٿيندي ته وڻندي.

    وهِي تنهن جي وڇيري اڙل وانگي،
    اهنڊ آهي سهو ٿيندي ته وڻندي.

    مصور! هيءَ سندس تصوير ناهي،
    پرينءَ جي هوبهو ٿيندي ته وڻندي.

    رهي شل سونهن جي قائم خدائي!
    انهيءَ جي آبرو ٿيندي ته وڻندي.

    سدا راشد! رهي سنڌڙي سلامت،
    بدي هن تان رفو ٿيندي ته وڻندي.
    ***

    ڪانه مڃيسون ڪڏهين ساٿي! اونداهين جي آڻ،
    ان جو آھ نتيجو نڪتو، چوڌاري چانڊاڻ.

    ڀوڳي ڀوڳي جس هجيئي، برپٽ ڪيئه باغ،
    محنت جو ڦل آهي مالهي! ساوڪ ۽ سرهاڻ.

    اڃ اجھائي سُون ڌرتيءَ جي، رت جا ڏيئي ريج،
    آھ اڱڻ تي پنهنجي اڄ ڪلھ گلڙن جي ڳاڙهاڻ.

    آڳاٽي يا نئين کي چُهٽون،چچڙن جان ڇا لاءِ،
    ڪا ڪا ڳالھ پُراڻي بهتر، ڪا ڪا خوب نواڻ.

    وقت مقرر ڪونهي ڪنهن جي سڌرڻ جي لئه ڪوبه،
    سو به نه ڀليو، جيڪو پهتو ڀٽڪي ڀٽڪي ڀاڻ.

    سڪڻن ساهن کي هوندي آ، چُڪيءَ چُڪيءَ جي چوس،
    مٽ کي ڏيج ڪُلهو اي موکي! منهنجي آڏو آڻ.

    مُرڪي مرڪي پيئنداسين اڄ، وِھ جھڙي ڪوڙاڻ،
    جاڳي ساري رات ڪنداسين، راشد ساڻ رهاڻ.
    ***

    هيچ دنيا جي هر تشبيھ ،
    سڀ کان تنهنجي سونهن سجيھ .

    پهچان تنهنجي ڪيئن حضور ،
    وچ تي هيڏي ساري پيھ !

    هرڪو جانڊه جي پڙ هيٺ ،
    ڪير ٻڌي ٿو ڪنهن جي ڪِيھ !

    چارڻ مان هر بار ڏيانءِ !
    جيڪر سرڙا هجنم ويھ .

    دنياکي گھرجي تعريف ،
    مون کي پر تُنهنجي تنبيھ.

    اچ اچ راشد جي گھر آءُ !
    چنڊ گذر ٿي ويا اڻٽيھ.
    ***

    جنهن يار کان وڇڙي پيار وڃي، تنهن يار جي حالت ڇا هوندي ،
    جي باغ منجهان مالهي نڪري، گلزار جي حالت ڇا هوندي !

    گڏ تنهنجي هوندي هوش نه هو، اڄ ڌار جي حالت ڇا هوندي ،
    ڇو سوچيئه ڪونه ڪڏهن پيارا، بيمار جي حالت ڇا هوندي !

    ڪو اڌ ڪهاڻي مس لکي، ۽ ڪلڪ ڀڄي يا مَسُ کُٽي ،
    ۽ آڌي رات هجي ته ڪهاڻيڪار جي حالت ڇا هوندي !

    جنهن پئسو پئسو گڏ ڪيو، ۽ نيٺ ڳِڌو ڪو رانديڪو ،
    سو عيد ڏهاڙي ٽول ڀڄي، تنهن ٻار جي حالت ڇا هوندي .

    جن بنجي سخي سر ٿي گھوريا، ڪن سرن بچائڻ جا سعيا ،
    ڏاتار جي حالت آھ بُري، نادار جي حالت ڇا هوندي !

    هو ويجھو اچڻ لئه ونگ وجھي، ويجھو ٿو وڃان ٿو ڏنگ هڻي !
    جت پيار به بخشي پُور اتي، تڪرار جي حالت ڇا هوندي !

    ڪج شور نه شعر ٻڌڻ کان پو، ڏس ”راشد“ جي دل جا ٽڪرا !
    دل زار جي حالت هيءَ آهي، اشعار جي حالت ڇا هوندي !
    ***

    ڏس ته ڪٿي کان پهتو آهيان، آنءُ ڪٿي تو ڪاڻ ،
    ماڻهوءَ مانُ سڃاڻ پرين! ڪُجھ ماڻهوءَ مان سڃاڻ !

    پن ڇڻ موسم وانگر ڇو آ تنهنجي سونهن اداس ؟
    پنهنجا سور مون کي ڏئي ڇڏ، تون منهنجون خوشيون ماڻ !

    تنهنجا چار اکر منهنجي لئه ٿيندي روح ورونهن ،
    جي نه اچڻ چاهين ٿو مون ڏي، ڪوئي خط اماڻِ !

    جڏهن به ڪائي نازڪ دل تي رسندي آھي چوٽ ،
    منهنجي پيار پُراڻي ۾ ڄڻ ايندي آھ نواڻ .

    منهنجي تصور ۾ آ تنهنجي صورت جواڻ جماڻ .
    سپنن توڙي جاڳ ۾ جاني! توسان روح رهاڻ .

    ذهنن لاءِ سڌارو آهي، معياري تنقيد ،
    اهڙن گفتن ۾ او سائين! ڪانهي ڪابه ڪڙاڻ !

    راشد! پنهنجي جنت آهي، چاهت ۾ چانڊاڻ ،
    موٽي آئي آھ چمن ۾ ساوڪ ۽ سُرهاڻ .
    ***

    خيال پَرَ پائي پنهنجو اڏاڻو،
    ڪل نه آھي ته ڪاٿي ٽڪاڻو!

    ڪوئي طوفان آيو وري ڇا ؟
    ديپ آڌيءَ جو ڇالئه اجھاڻو!

    ننڊ آئي مزي سان ڇٻر تي ،
    ٻانهن منهنجي ڪئي تو وهاڻو.

    ياد ماضيءَ جي منڇر ٿي اٿلي ،
    ڪو غزل ڳائجي پيو پراڻو .

    منهنجو ارڏو تبسم لٽي ويو ،
    تنهنجو معصوم چهرو نماڻو .

    مان ته هڪڙي پنهل کي ئي ڄاڻان ،
    مون کان ڪهڙوڪيو ٿا پڇاڻو!

    ڇا هُو ڪينجھر به ڪنجوس ٿي پئي؟
    ڇو ڪنڌيءَ تي ڪنول گل ڪُماڻو!

    درد جنڊيءَ تي، چاڙهي ڇڏيو تو!
    ذهن وڻندڙ ۽ سهڻو چٽاڻو.

    تو ڪئي پنهنجي جھولي ڪشادي،
    هونئن ته راشد هو ڌرتيءَ ڌڪاڻو.
    ***

    جام ڀرجن پيا،
    پياڪ پهچن پيا.

    ڳوٺ جي هر ڳلي ،
    گيت گونجن پيا.

    مورَ ڀٽ تي وري،
    خوش ٽهوڪن پيا.

    جھُورَ آرام ۾،
    ٻار ٻهڪن پيا.

    سونهن وارا پرين،
    هاڻ سرچن پيا.

    پانهنجا پاڻ ۾،
    نيٺ پرچن پيا.

    شعر راشد پڙهيو،
    جھانگي جھومن پيا !
    ***

    نياپا آيا سونهن نگر مان،
    جاڳايو سڀ ڳوٺ ڳهر مان.

    سانوڻ ۾ ٿيو جر جالارو،
    ها، پر هنج اڏري ويا سَر مان.

    تون ئي پالڻهار دنيا جو،
    هاري هٿ نه ڪڍجان هر مان!

    مون تو ڏانهن وڌايا موتيا،
    ۽ تو چاقو ڪڍيو وَرَ مان.

    ارھ مٿان چولو چنبڙي پيو،
    پاڻي ڇُلڪي پيو گھاگھر مان.

    هُن جا هٿ اکر هِن شايد!
    خوشبو آئي آڪاڳر مان.

    راشد ڄاڻ پوي ٿي پيئي،
    ساري دنيا جي ساغر مان.
    ***


    تنهنجي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين،
    ڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين.

    چشمِ تر آيا هئاسون ۽ چمن مان هاڻي،
    کڻي اکڙين سندي آلاڻ هليا وينداسين.

    چنڊ ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي؟
    ڇا تنهنجي چورائي چانڊاڻ هليا وينداسين.

    آسرو آھ رڳو رات کٽي، پرھ ڦٽي،
    باک جي ڏسندي ئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين.

    اسان محبت جا پُڄاري، توکي نيبھ هي هجن،
    تنهنجو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين.

    مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ،
    ڪابه محسوس ٿي ڪوڙاڻ هليا وينداسين.

    عزتِ نفس سلامت رهي ته رهنداسين،
    ڪانه ڪڍنداسين ڪنهن جي ڪاڻ هليا وينداسين.

    پاڻ وڻجارا گھڙي پلڪ مسافر راشد!
    رڳو ڀرجي وهي مهراڻ، هلياوينداسين.
    ***


    آھ دل بيتاب کي ڪن خير خواهن جي تلاش،
    ٿو ڪري هر نفس پيو هم نفس ماڻهن جي تلاش!

    خط لکڻ جي واسطي ڀوڳيو اٿم ڪيڏو عذاب،
    ڪالھ کان ڪريان پيو موزون لفظن جي تلاش!

    تنهنجي زلفن تي اچي، تنهن دم پٽيو ٿي بامراد،
    جنهن به جوڳيءَ کي هئي، واسينگ نانگن جي تلاش.

    سونهن وارن کي اِئين ئي عاشقن جي گهرج آ،
    جيئن سخي ماڻهوءَ کي هوندي آھ بُکين جي تلاش.

    ٺوڪرون هڻندي بڻايئين دل کي چڪنا چور چور،
    هاڻ تون ڇو ٿو ڪرين، شيشي جي ٽڪرن جي تلاش.

    خط پڙهڻ کان اڳ ڪري پرزا، ڪيئين پڇتاءُ پوءِ،
    هاڻ پَٽ تان پيو ڪري ٿو، ذرن پرزن جي تلاش.

    جو هجي همخيال بيشڪ ساٿ سان بنجي شريڪ،
    آھ راشد کي سدائين، پاڻ جھڙن جي تلاش.
    ***

    تون اگر چاهين ته مان لکندو رهان،
    ڊوھ کي ڊاهين ته مان لکندو رهان.

    وار وکريل ٿو ڏسان، وکريو وڃان،
    زلف جي ٺاهين ته مان لکندو رهان.

    پَڪَ ڏي پنهنجي حُسن جو سُنهن کڻي!
    تون اَجھو آهين ته مان لکندو رهان.

    ڇڏ قِصي گو ديوَ ۽ راڪاس کي،
    سونهن ساراهين ته مان لکندو رهان!

    آ مٿي منهنجي تي فرقت جي ڀري،
    بار هِي لاهين ته مان لکندو رهان.

    ڇو سُتو پيو آنھ بڙ جي ڇانوَ ۾،
    ڳاھ جي ڳاهين ته مان لکندو رهان.

    ڪُوڙ کي هڻ ضرب ڪاري راشدا!
    سَچ ساڃاهين ته مان لکندو رهان.
    ***

    پيڻ کان پو سُرت آئي، پرت جي پيالي ملي،
    مئه به متوالي ملي ۽ دل به متوالي ملي.

    پرھ جي پياڪن پلاڻيو، ڪير پيئندو اڄ پِڪون،
    تنهنجي مستن کي ته موکي! شهر نيڪالي ملي.

    ڪنهن نه ڄاتو هو ته ڪو هيئن ٿيندا مئخانا اجڙ،
    جا به اڄ اک تي چڙهي، سا آھ اک آلي ملي.

    ٿورڙيون روشن اکيون ٿيون وقت کان جاڳن اڳي،
    عام ماڻهن ۾ مصيبت مهل بي خيالي ملي!

    منهنجي مفلس حال تي ٿو ٽهڪ ڏئي ٽوڪون ڪرين،
    مون کي بدحالي ملي ۽ توکي بدچالي ملي.

    رازِ دل ڪنهن کي ٻُڌايان راشدا! هن راھ ۾،
    جابه دل آهي ملي، سا درد کان خالي ملي.
    ***

    تخليقڪار خوب ڪئي تشڪيل حُسن جي،
    آئيني اڳيان پوءِ ڇو تڪميل حسن جي؟

    گل ڏسڻ جي لئه آھي، نه پيرن ۾ چٿڻ لئه،
    مون کان نه سَٺي ٿيندي هي تذليل حسن جي.

    چشمن کي ڏيان ڀيٽ ڪيئن چشمن سان پرينءَ جي،
    نيڻن ۾ سندس آھ روان نيل حسن جي!

    هُو شاھِ حسن آھ ته مان ان جو سپاهي،
    ڪرڻي ٿي پوي پَئي مون کي تعميل حسن جي.

    هِت جسم ۽ دماغ کپن تازا توانا،
    مرضي نه رکي سگھندا ڪا مرضيل حسن جي.

    هي شام سُهاني، هي فضا ۾ سندن ٽوليون،
    آهينِ نشاني هِي ابابيل حسن جي.

    ان لاءِ ته راشد مان حسين شعر ٿو جوڙيان،
    ٿي وئي آ منهنجي ذهن ۾ تحليل حسن جي.
    ***


    ڏاڍو ٿڪجي آيو آھيان،
    رڻ مان گذري آيو آهيان.

    سجھان ٿو دَر ساڳيو ناهي،
    شايد ڀُلجي آيو آهيان.

    اوجاڳن کان ڳاڙهيون اکيون،
    جھڙو ڪر پِي آيو آهيان.

    مندر، مسجد،گرجاگھر کان،
    هر هنڌان ٿي آيو آهيان.

    زخمي دل جي درد جو دارون،
    توکي سمجھي آيو آهيان.

    ڪنهن جي سر لئه سانگ رچائي،
    جوڳي بنجي آيو آهيان.

    بام تان بيهي ڏِسُ نه تماشو!
    ڪيڏو ڦٽجي آيو آهيان.

    تنهنجي عشق ۾ زيور پائي،
    ڪڙيون لوهِي آيو آهيان.

    سونهن مٿان سر گھور ڪرڻ لئه،
    راشد! سنبري آيو آهيان.
    ***

    جي ساقي! مُنهنجي لئه مُهيا هڪڙو ٻه پيالو ٿي ويندو،
    سچ پچ ته سڀن تڪليفن جو ڀرپور ازالو ٿي ويندو.

    ڪَئي دانهن ته دل تان بار لٿو،ڪجھ لڙڪ لڙيا، ٿيو هانءُ ٿڌو،
    مان خوفزده آهيان اڳتي ڪُوڪڻ به ڪشالو ٿي ويندو.

    فنڪار ته آهي ميڻ بتي، جو پاڻ جلي ٿو جوت ڏئي،
    جي ميڻ بتيون جھجھيون جلنديون، هر طرف اجالو ٿي ويندو.

    دل درد جي آڳ ۾ پڄري پئي، ڄڻ سونُ پيو ٿو اجروٿئي،
    ڏسجانءِ اسان جي جيئڻ جو انداز نِرالو ٿي ويندو.

    تنهنجي سونهن تي سوچي لکڻو آ، پر ٿوري عمر ته مواد گھڻو،
    ڪوشش جي ڪيم ته مرڻ کان اڳ هڪ تيار مقالو ٿي ويندو.

    پرچاءَ جِي مُند وري ٿي پئي، سرچاءَ جي موسم سانوڻ آ،
    پَٽ پُسندا، دليون ڀِڄنديون، چئني طرف جھڙالو ٿي ويندو.

    اڄ عشق ۾ ٿو مان گھور ٿيان، ڄڻ مفت ملي ٿي مشهوري،
    اي موت هلي آ راشد جو هيئن روشن نالو ٿي ويندو.
    ***

    محبت جي دشمن سان ڀلجي مُروت جون ڳالهيون نه ڪجان!
    ڪِيني، وير، ڪروڌ ڀريل سان، قربت جون ڳالهيون نه ڪجان!

    گندي ناليءَ جي ڪيڙي ۾، اجرائيءَ جي آس نه آ،
    جو به ذلالت ۾ خوش تنهن سان، عظمت جون ڳالهيون نه ڪجان!

    سُورن سان آ سنگت پنهنجي، تڪليفن سان ياراڻي،
    مون سان ٿَئي جي گڏجي هلڻو، فرحت جون ڳالهيون نه ڪجان!

    جي آئين! نِچُ آئين جاني! ويھ ته ويهي سُورَ سليون،
    ويهڻ ساڻُ وڃڻ واريون ۽ فرقت جون ڳالهيون نه ڪجان!

    حال محرم توکي ٺاهيم، حال جو راشد خيال ڪجان!
    غيرن سان گڏ ويهي منهنجي، غربت جون ڳالهيون نه ڪجان!
    ***


    دل جي جذبن سان ٿي سهمت جاڳي ٿي،
    مون سان هڪڙي سهڻي صورت جاڳي ٿي.

    دليون قبرستان بڻي ويون ماڻهن جون،
    شهر خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي!

    مُلڪ سڄو ماٺار ۾ ويڙهيو پيو آهي،
    ها پر سنڌي ادبي سنگت، جاڳي ٿي!

    مينديءَ جي خوشبوءِ لفافي مان آئي،
    سمجھان ٿو اڄ منهنجي قسمت جاڳي ٿي.

    دودي، درياخان وتو آ روپ نئون،
    سنڌين جي اڄ قومي غيرت جاڳي ٿي.

    تنهنجي ننڊاکين اکڙين ۾ آرس آ،
    نيڻ نه کڻ! ڪا نئين مصيبت جاڳي ٿي.

    غور سان پڙھ ته مصور چوڻ گھري ڇا ٿو؟
    تصويرن ۾ راشد رنگت، جاڳي ٿي.
    ***


    ڳلڙن سان وارن جون ڳالهيون!
    گورن سان ڪارن جون ڳالهيون.

    تنهنجي نظرن جون خبرون ڄڻ،
    مُهلڪ هٿيارن جون ڳالهيون.

    تنهنجي محفل غيرن سان گڏ هئي،
    گلڙن سان خارن جون ڳالهيون.

    خواب، حقيقت جھڙا آهن،
    ننڊ ۾ بيدارن جون ڳالهيون.

    مارئي، وڦلي روز ڪندي هئي،
    ڏونرن جي ڏارن جون ڳالهيون.

    محب ملڻ جو موقعو آهي،
    پير جي سومارن جون ڳالهيون.

    اهلِ فن جي اوطاقن تي،
    فن ۽ فنڪارن جون ڳالهيون.

    دل راشد جي، ياد پرينءَ جي،
    جھنگ ۾ گلزارن جون ڳالهيون.
    ***

    تڪليف مقدر بنجي وئي، تڪليفن کان لهرايان ڇو؟
    جي پيار مُصيبت بنجي ويو، مان پيار ڪري پڇتايان ڇو؟

    هِنَ محبت جي مکڙيءَ کي وڌِي، ڪنهن وقت وڏو گل ٿيڻو آ،
    خوشبوءِ ته ظاهر ٿي پوندي، خوشبوءِ کي آنءُ لڪايان ڇو!

    ڪو ڀئونر نه لذت ڄاڻي ٿو، جو سوز مليو پرواني کي،
    هُت شمع جَلي، هِت پر ڦڙڪيا، مان باھ کان ساھ بچايان ڇو؟

    محفل، مئخاني،هوٽل ۾، ڪنهن ڪلب يا پڪنڪ، پارڪ ۾،
    جِت تون نه هجين واندو ويهي، مان پنهنجو وقت وڃايان ڇو؟

    تعريف جُڳائي سُونهن سندي، جنهن جيئڻ جو اتساھ ڏنو،
    هِن انڊلٺ رنگيءَ دنيا کي، بي رنگ ڀلا مان ڀايان ڇو؟

    مايوس تمنا جي هوندي، اي دل! توکي تحسين هجي،
    تو ساٿُ نڀايو راشد سان، گڏ تو هوندي گھٻرايان ڇو؟
    ***

    چيو هو مانءِ هٿ جوڙي، منهنجي سرندي ئي ڪانهي ڪا،
    مگر تو وٽ غريبن لاءِ ڪا ورندي ئي ڪانهي ڪا.

    نٻل، مجبور، بيوس، بيڪسن، مظلوم ماڻهن ڏي،
    مصيبت جا به ايندي آ، اها ٽرندي ئي ڪانهي ڪا.

    لڏِي لهرن ۾ ائين ٻيڙي، وڃي اوڙاھ ۾ هڻندي،
    ملاحن کان سوا ڪشتي، صحيح ترندي ئي ڪانهي ڪا.

    تتيءَ کي تـؤ نه ڏيو زياده، تپايو تنگدل ڇو ٿا؟
    تپي ويئي جڏهن جنتا، سگھو ٺرندي ئي ڪانهي ڪا.

    ڪبابن جي ڍَوَنِ کان پوءِ، اَچئي جي اوڳرائي ڪا،
    انهن تي سوچ! جن وٽ باهڙِي ٻرندي ئي ڪانهي ڪا.

    ڏهاڙن چئن جي راحت پٺيان ساري عمر جو غم،
    چيائون سچ ته عاشق کي خوشي ڦَرندي ئي ڪانهي ڪا.

    زماني ڪيترا گھوگا، گھٽا راشد، ڏنا ليڪن،
    اسان جي آس اهڙي آھ جا مرندي ئي ڪانهي ڪا.
    ***

    حيوان هيس اڳ ۾، انسان بنائي وئي،
    محبت جي جڏهن ديوي، ديدار ڪرائي وئي.

    آئي ته سڄو ڪمرو سرهاڻ سان ڀرجي ويو،
    خوشبوءِ ذرو ڏيئي هُوءَ پاڻ ڇڏائي وئي.

    ماضيءَ تي اگر سوچيان، احساس ٿئي زخمي،
    ڪهڙيون نه چڱيون ڳالهيون آ ”ڪالھ“ لڪائي وئي.

    آئي جا سنجھا ٽاڻي، سا پره ڦٽيءَ نڪتي،
    گھر منهنجو سڄو پنهنجي يادن سان سجائي وئي.

    ساڀيان ۾ اها صورت ڳولي نه لڀي ٿي پئي،
    سپني ۾ اچي جيڪا آ ڇرڪ ڀرائي وئي.

    فنڪار ڪئي سهڻي جادوگري لفظن جي،
    راشد! مون رُنو ويٺي، رئندڙ کي کلائي وئي.
    ***

    خوبصورت خيالات کي جس هجي،
    اي مُصور، سندءِ ڏات کي جس هجي!

    واھ منظر ڪشي ٿي ٿري مُرڪَ جي،
    ههڙِي ڪامل محاڪات کي جس هجي!

    هڪ جھڙا حسين جنهن ٻه ڏاڙهون ڏنا،
    ان پهاڙيءَ جي باغات کي جس هجي.

    جيڪا سهڻيءَ کي سيري وئي سِيرَ ڏي،
    تانگھ کي،تئونس کي، تات کي جس هجي.

    شوق سان نيٺ مَنصور ڦاهيءَ چڙهيو،
    عشق کي، جوش، جذبات کي جس هجي!

    جنهن مان نڪري پيو فن ڦوهاري جيان،
    تنهنجي فنڪار! فڪرات کي جس هجي.

    منهنجو رولو فڪر نيٺ يڪجاءِ ٿيو،
    راشدا هن خرابات کي جس هجي.
    ***


    اي دل اهو دلاسو دلبو به ٿي سگھي ٿو،
    هر دم هوشيار رهجان، دوکو به ٿي سگھي ٿو!

    ظاهر آ، ائڪشن جو نڪري ٿو ڪو نتيجو،
    رِي ائڪشن پيارا! ڪيڏو به ٿي سگھي ٿو.

    ڇو زهر ٿو پياري، ڀڃڻو ضرور آهي،
    مٽڪو به ٿي سگھي ٿو، مڻڪو به ٿي سگھي ٿو.

    هر ڏينهن ۾ چون ٿا ڏھ رنگ ٿو مٽائين،
    مان ڪئين مڃان ته ماڻهو سانڊو به ٿي سگهي ٿو.

    هن جي جھڪاوَ باري، سوچي نٿي سگھياسون،
    هيڏو پهاڙ، ايڏو هلڪو به ٿي سگھي ٿو.

    محبوب ڪڻڪ رنگو آهي ڇهاوَ سان پر،
    ڳاڙهو به ٿي سگھي ٿو، پيلو به ٿي سگھي ٿو.

    ڦرندو تکو يا ڍرڙو هي زندگيءَ جو ڦيٿو،
    موٽر به ٿي سگھي ٿي ڇڪرو به ٿي سگھي ٿو.

    بيڪار ناھ ڪوئي، ڪم آڻجي ته هر ڪو،
    جڳ جي مشينريءَ جو پرزو به ٿي سگهي ٿو.

    گرمي ٿڌيءَ ۾ جنهن سان سر کي ڍڪيون ٿا راشد!
    پوتي هجي يا پَٽڪو، جھنڊو به ٿي سگھي ٿو.
    ***

    هاڻ حياتيءَ جي ته اچي آ سنجھا ٿي،
    چُڙندي چُڙندي نيٺ وياسون جُهونا ٿي.

    بڻجي باب وڃن ٿا سي تاريخ سندو،
    عشق ۾ جيڪي مرندا هِن بي ڪفنا ٿي.

    تنهنجي نهڪر جي پٿر سان شيشي جيان،
    جذبا نازڪ ويندا ٽڪرا ٽڪرا ٿي.

    ڌارين جي مارڻ جا پاڻ به ناهيون پر،
    ڪُکِ ۾ ڪان هڻن ٿا ماڻهو پنهنجا ٿي.

    هِن ۾ هُن ۾ جنهن تنهن ۾ ٿو پاڻُ پَسان،
    ماڻهن جا ته مُهانڊا ويا هِن ڪاوا ٿي.

    نيٺ رمارڪ ڏيندس، ترسو ڪيس هلي،
    دل جي عدالت ۾ آ داخل دعوا ٿي.

    ڪهڙو آهي دوست ۽ ڪهڙو دشمن آ،
    وقت اچڻ تي سڀئي پوندا پڌرا ٿي.

    ماڻي وياسون هيڏي ساري مشهوري،
    موري جي گھٽين ۾ راشد رُسوا ٿي!
    ***

    سڄوئي هنڌ پُسي ويو هئو برسات ۾ رات،
    لڙڪ نيڻن مان لڙي پيا هئا جذبات ۾ رات.

    سجاڳ توڙي هئس خواب ۾ پر گذري آ،
    تنهنجي مخمور نگاهن جي طلب تات ۾ رات!

    جِئڻ جي مون ڪئي جاکوڙ پِئي گھر کان دور،
    مگر تو گھاري آ شبهات ۾ خدشات ۾ رات!

    پرين! تپرس نه وٺئي منهنجا ڏسي نيڻ ڀنل،
    ائين هرڪائي گذر ٿيندي آ فڪرات ۾ رات.

    رهاڻ سور ڌڻين ساڻ رچائي جو هيم،
    اضافو خوب ٿيو آهي منهنجي ڏات ۾ رات!

    مون کي بي گھر ڪيئي، بيچئن کي فوٽ پاٿ نصيب،
    ۽ تو فرحت ۾ گذاري وڏي محلات ۾ رات.

    گذر ٿئي شامِ غريبان ڪا چڱي اي محبوب!
    ڏئين زلفن منجھان خوشبوءِ جي خيرات ۾ رات.

    ظلم کان تنگ ٿي دنيا جي غم ڀلائڻ لاءِ،
    وڃي راشد کي پئي آھ خرابات ۾ رات!
    ***


    ملي ويندو مشڪل جو حل خوبصورت،
    ڪجي دوستو جي عمل خوبصورت .

    هجن سامهون جي غزالي اکيون ڪي،
    ته تخليق ٿيندو غزل خوبصورت .

    زبان ذائقو ٻيو قبولي ته ڪنهن پر،
    چُمي جنهن ڏٺو آھ ڳل خوبصورت .

    تنهنجي عشق ۾ ٿي آ وهمي طبيعت،
    ڏسان خواب پيو مستقل خوبصورت .

    گلابي شرابي، ننڊاکين اکين سان،
    لڳي ٿو هُو ويتر ٿڪل خوبصورت.

    اٿڻ لئه چوين ٿو، مگر سوچ ساٿي!
    ڇڏيان ڪيئن ميڙو متل خوبصورت.

    هلي ماڻجي ڪا ڪراچيءَ جي سانجھي،
    گذر من ٿئي ڪوته پل خوبصورت!

    سندم هانؤ هر جھلڪو ٺاري رکي ٿو،
    حَسين هٿ ۾ آ مورڇل خوبصورت.

    وڌي وئي آ، اڄ ڪالھ ڇڪتاڻ ذهني،
    پيو دل ۾ راشد! خلل خوبصورت!
    ***

    ڪيڏو ٿو مان ڀانيان توکي،
    ڪيئن اهو سمجھايان توکي!

    مرجھائين نه شرم ٻوٽي جان،
    هٿ نه ٿو مان لايان توکي.

    مان ٻالڪ ۽ تون رانديڪو،
    جھوليءَ منجھ لڪايان توکي.

    ڪيڏو تون ته ٿڌيرو ماڻهو،
    ڪهڙيءَ پر گرمايان توکي.

    منهنجي خوابن جا شهزادا،
    دل جو شهر گھمايان توکي!

    آزاديءَ کي نعمت سمجھين،
    اهڙو ساءُ وٺايان توکي.

    ڪاش ڏياچ بڻي پئين جاني!
    تندن سان تڙپايان توکي.

    درد وندن جي ديس ۾ هلئون!
    راشد! ساڻ ملايان توکي.
    ***


    • گيت

    هي پوه جا ساڙو پارا ڙي!
    هي ههڙا سخت سيارا ڙي!
    ٿي ٺار ٺران، پئي سيءَ مران،
    او جانب! جيءَ جيارا ڙي!

    هڪ بيماري، ٻيو تون نه هجين،
    پرگھور ولهيءَ جي ڪير ڪري؟
    هڪ ٿڌ جي ڪري بت ۾ ڏڪڻي،
    ٻيو ٻيئڙ تپ جا وارا ڙي!

    هن وقت گرم جي هنڌ هجي،
    تنهنجي ٻانهن تي منهنجو ڪنڌ هجي،
    منهنجو سرهو هرڪو سنڌ هجي،
    هيئن ڪيئن اچن اوٿارا ڙي!

    ڀل رات ٺري، ڀل برف وسي،
    تنهنجي ڪوسي ڪڇ ۾ ننڊ اچي،
    برسات پوي، بجلي چمڪي،
    سڀ نيڻن لاءِ نطارا ڙي!

    جنهن وقت اتر جو واءُ وري،
    ٿڌ ڀالا هڻندي آھ ڀري،
    رت راشد جو جي يار ٺري،
    پوءِ پڇتائيندين پيارا ڙي!
    ***

    تون واپس آءُ! تون واپس آءُ!
    تون واپس آءُ! تون واپس آءُ!
    ڪري ٿي تنگ تنهائي، تون واپس آءُ!

    زمانو زور آ مون کان، اچي منهن ڏيج دنيا سان!
    ڏيان مهڻن سان منهن ڪهڙو، چوان ماڻهن کي ڇاڇا مان!
    هلي آ هاڻ هرجائي! تون واپس آءُ!

    لکيم خط آب ڳل آڻي، اٿي آڌيءَ رنم هاڻي،
    بهاري ٿي اچين دلبر! ته دلڙي تازگي ماڻي،
    ويو آ غم اندر کائي تون واپس آءُ!

    ڦٽايئي يار چؤ ياري، ته ڳڻتين جانِ آ ڳاري،
    مريض-عشق جي اڄ ڪلھ، وڌي وئي آھ بيماري،
    آ منزل موت جي آئي، تون واپس آءُ!

    مٺا اڄ موت آيو آ، مون کي پورڻ جو سعيو آ!
    عزيزن ڄاڻُ راشد جو جڏهن توکي ڪرايو آ،
    ٿجان ڀيڙو ڀتر ڀائي، تون واپس آءُ!
    ***


    آ پهچ سگھو دلدار! ڏي آڌار،
    وڇوڙو ماري وجھندو.

    رات به روئي توکي پڪاريم،ڦٿڪي ڪيم فرياد،
    شاد هجين آباد او مٺڙا! دانهنِ جو ڪر داد،
    ٿــــا وڌنـــــدا وڃــــــــــــن آزار، او مـــنــــــٺــار!
    وڇوڙو ماري وجھندو.

    هيڻي من جو حال ڏسي وڃ، آھ ضعيفي زور،
    تون ئي منهنجي طاقت آهين، توريءَ مان ڪمزور،
    ڪيئن جيئندا هــــــي بيمـــــــار، تـــــــــوکان ڌار،
    وڇوڙو ماري وجھندو.

    آءُ وري هڪوار، اچي ڏي، دلداري دلدار!
    موت جدائيءَ ۾ ٿيو منهنجو، سهندين لوڪ ميار،
    ٻُـــــــــڌ راشــــــــد جا اشعـــــار، ڪر ويچــــــــــار،
    وڇوڙو ماري وجھندو.
    ***

    گھڻا ڏينهن لاتئه وڃي ڏور ڍولڻ!
    هلي آ ته سڀ غم ٿئي دور ڍولڻ!

    جَوَنِ، ڪڻڪ جو کُنڀُ ڪَٽبو رهي ٿو،
    ٻيو لوبُ لوسڻ جو وڍبو رهي ٿو،
    ٻنين ۾ آ پکڙي پيو نور ڍولڻ!
    هلي آءُ....

    پرين ڏِس ته پارو اَڪن کي ٿو ساڙي،
    اڪيليون هِي راتيون الاڙي، الاڙي!
    پوي تنهنجو پلپل پيو پور، ڍولڻ!
    هلي آءُ....

    الا تَھُ سيارو، اتر جون هوائون!
    اچي ڏِسُ ٿيان ٿي ٺري ٺنڀ آئون،
    ٿيا سنڌ ساڻا ۽ لِڱ چُور ڍولڻ!
    هلي آءُ....

    اچڻ لاءِ تنهنجي مون باسيون سُکائون،
    وري مند موٽي نه آئين اڃان تون،
    جھليو آھ ٻيرين وري ٻور، ڍولڻ!
    هلي آءُ....

    لهي سارَ ڏسجي لڱائي چڱائي،
    وڇوڙي ۾ راشد! عُمر وئي اجائي،
    جوانيءَ ۾ آهيون ٿيا جھُور، ڍولڻ!
    هلي آءُ....
    ***

    هئه هئه هي چانڊوڪيءَ رات،
    ڪهڙي ڪم جي، تون ناهين!

    گيت گلابي گلڙن وانگي، وايون لال ليارن وانگي،
    هئه هئه ڏاڙهونءَ ڪَڻِ هي ڏات:
    ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!

    سنڌو آهيان ڄڻ سانوڻ ۾، ٻوڏ ڪيان واهڻ واهڻ ۾،
    هيڏي طوفاني جذبات:
    ڪهڙي ڪم جي ، تون جو ناهين!

    باغ ۾ آھ بهاري ٿي وئي، سرهي ٽاري ٽاري ٿي وئي،
    بلبل ۽ ڪوئل جي لات:
    ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!

    راشد خوش آتنهنجي ذڪر ۾، ايندو ڪوبه نه فرق فڪر ۾،
    ٻي هرڪا دنيا جي بات:
    ڪهڙي ڪم جي، تون جو ناهين!
    ***

    آڌي رات لڙي وئي آهي، ڪين اڃان ٿي ننڊ اچي،
    ڪاش! اچي ڪا پلڪ سکن جي، ڪاش! گھڙي کن اک جھپڪي!

    جيئن هرڻ ڪو رُڃ ۾ ڀٽڪي، جيئن پکيءَ کي تير لڳي،
    جيئن ڪا ڪُونج ولر کان وڇڙي، جيئن ڪا بلبل بند ڪجي،
    مان بيتاب ائين جيئن ڪائي پاڻيءَ ري ڪرڙي ڦٿڪي!

    ساھ لڳو پيو آهي ساجن! اوسيئڙي ۾ هيٺ مٿي،
    سج لهڻَ سان روڄ شروع ٿيو، ڪين ختم ٿيو چنڊ لٿي،
    آءُ! هلي اڄ، ڇو ته سڀاڻي، ڪير مري ۽ ڪير بچي!

    ڀُونءِ ڀلاري ڀاڳين واري، تنهن تي ڇا لئه ڀينگَ وسي،
    ڪو ته هجي جو ڏات ڏکيءَ کي، جيئڻ ڪارڻ ڏانءُ ڏسي،
    راشد جون ڪر راس اميدون، راضي ٿيءُ ته رنگ رچي!
    ***

    نشانين ڏي تنهجي نهاري نهاري،
    کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري،

    کٽولي تي کولي خطن کي کنڊيڙي،
    ۽ تصويرون تنهنجون به ٽيڙي پکيڙي،
    پنهنجي پر ۾ تنهنجون ڳالهيون پچاري،
    کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!

    کنياتا! خبر ڪر پرين اڄ اچي ٿو،
    تنهنجي نانءَ تي ڪانءُ، ٽپڪي ڏئي ٿو،
    دلاسن تي دل کي ڌتاري ڌتاري،
    کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!

    جڏهن چنڊ پنهنجو ٿو جوڀن پسائي،
    تنهنجي ياد مون کي اچي ٿي ستائي،
    اٿي رات آڌيءَ پڪاري پڪاري!
    کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري.

    ڪري ياد ماضي، امن جا ڏهاڙا،
    وڇوڙي ۾ راشد! ڪيم روڄ راڙا،
    جي خوشيون ختم ٿيون انهن کي سنڀاري،
    کنيم ساھ ٿڌڙا، گرم لڙڪ هاري!
    ***

    ملين ته دل کي درد رسائين، جي نه ملين تڙپائين:
    توکي ڇا ٿيو آ --!

    پهريان پيار ڪرڻ لئه آتو، پاڻهئي پاڻ ڳنڍين تون ناتو،
    ڪاش مون کي سمجھائين! ڇو ٿو پيار ڪري پڇتائين:
    توکي ڇا ٿيو آ --!

    دل جو شيشو ٽڪرا ٿيندو، ڪير اهي ٽڪرا ميڙيندو،
    ڇا جي لئه ٿو نازڪ شيءِ کي اهڙي چوٽ رسائين:
    توکي ڇا ٿيو آ --!

    ’راشد‘ کي تو رڻ ۾ روليو، عاشقَ ٻاڙو پو به نه ٻوليو،
    تو لئه ساڳيا جذبا آهن، موٽي آ تون سائين:
    توکي ڇا ٿيو آ --!
    ***

    اي نيڪ دِل فرشتا!
    شيشي گرن جيان تو، جوڙي آ دل شڪسته --!

    ٻيڙي هُئي ٻڏڻ تي، توئي اچي سا تاري،
    ڪهڙيءَ طرح ڪيان مان تنهنجي شڪر گذاري،
    دربار ۾ مان تنهنجي، دربان دست بسته --!

    ويڄن جي درن تي ڪئين، جھلڻا پيا ڌڪا ها،
    بيمار ذهن جي لئه بنجي پئين مسيحا،
    دل هئي ٽڪر ٽڪر ۽ جاني جگر به خسته --!

    ٻيڻا ڏنا دنيا غم، چئوڻي خوشي ڏني تو،
    ڀرپور ڏئي سهارو، نئين زندگي ڏني تو،
    ٽوڙيا جڏهن قريبن، راشد سان ناتا رشته --!
    ***

    تنهنجي پيار ۾ سج اڀري ٿو وڃي،
    ائين دُنوي غم گذري ٿو وڃي --!

    ڪم کان جڏهين ڪڪ ٿي ٿو پوان،
    ڪڙهجي ٿو پوان، ٿڪجي ٿو پوان،
    تنهنجي جھوليءَ ۾ ته سمهي ٿو پوان،
    سڀ سور ۽ ٿڪ وسري ٿو وڃي--!

    هونئن بت تي پئي ٿي باھ ٻري،
    تون هٿ ڦيرين رڳ رڳ ٿي ٺري،
    توکي ور ور ڏئي دل دعا ٿي ڪري،
    جڏ تپ بت مان نڪري ٿو وڃي--!

    مان سونهن ته تون سينگار آهين،
    مان خوشبو تون گلزار آهين،
    تون راشد جو ٿيو يار آهين،
    هر مشڪل سان نبري ٿو وڃي--!
    ***

    جڏ ڏسان ڪو ڀئونر گل مٿان،
    دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!

    اڄ صبح سان هوس باغ ۾،
    ياد تنهنجي دل دماغ ۾،
    ڪاش گل هجين تون، ڀئونر مان،
    دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!

    شام جو جڏهن شمع جلي،
    پتنگ ٿا سڙن لڳي گلي،
    تون شمع هجين ته مان جلان،
    دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!

    آھ هو ڪٿي ۽ مان ڪٿي،
    راشدا! رئان ٿو سج لٿي،
    ڪيئن ملي چڪور چنڊ سان،
    دل چوي ٿي گيت ڪو لکان--!
    ***

    ڏاڍي ڏکي ٿي مون لئه، سڄڻن جي موڪلاڻي،
    دل درد سان ڀريل آ اکڙين آھ پاڻي--!

    هي صبح هي ٻپهريون، هر روز جون ڪچهريون،
    راتين جون محفلون ۽ شامون اهي سنهريون،
    هي راڳ روز وارو، عادت سندم پراڻي--!

    البم تي تنهنجو فوٽو، اهڙيءَ طرح لڳايم،
    سهڻن سڀن جي وچ تي، سهڻو کڻي سجايم،
    تصوير تنهنجي ٿي پئي، ڄڻ آھ راڄ راڻي--!

    يا منٿ مڃ، نه وڃ تون! يا جلد موٽجان تون!
    ’راشد‘ اڳي مري ته ناراض نه ٿجان تون!
    مون تي متان ڪڏهن تون ڪائي ميار آڻين--!
    ***

    دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا !
    ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
    سانورا! تون گھڙي کن، سڙيءَ دل مٿان،
    ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!

    منهنجي پوڄا ڏسي ديوتا ٿي وئين،
    پنهنجي پوڄا ڪندڙ کان جدا ٿي وئين،
    مان به ماڻهو هيس منهنجي دلجاءِ لاءِ،
    تون به انسان ٿين ها ڇا ٿي ٿيئي--!

    هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو،
    شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو،
    مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي،
    موت! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي--!

    ڪيترا حسرتن جا ڦٽن گؤنچ ها،
    کوڙ آسن جون مکڙيون ٽڙي ٿي سگھيون،
    منهن جي دل جي گلستان ويران جو،
    باغبان ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!

    منهنجي وندر جو باعث ٿي بڻجي سگھي،
    ڪائي تصوير تازي هجين ها کڻي،
    فون تي جي ٻه ڳالهيون نٿو پيو ڪرين،
    ڪوئي خطڙو لکين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!

    تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽڙي ٿا پون،
    ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون،
    تو جي ’راشد‘ کي روئندي ڏٺو هو پرين!
    ٿورو مرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه--!
    ***


    • نظم

    بنجي ويندس بيپرواه

    منٿ ڪيان ٿو موٽي آ تون، نڪري ويندو ساه ،
    ته، بنجي ويندس بي پرواه !

    هِنَ هُنَ جي ڪاڻ ڪڍان ٿو،هاءِ اڪيلو هانءُ !
    ڏينهن سڀاڳو ايندو، ٿيندو تنهنجو منهنجو ٺاه :
    ته، بنجي ويندس بيپرواه !

    ڊَپُ عقل کي آهه،عقل آ تيسين جيسين ڍؤ !
    پورهئي جو نه اجورو ملندو، بک کان ٿيندس پاه .
    ته، بنجي ويندس بي پرواه !

    دودو، دولھ،هوشو،هيمون، بڻجن منهنجا يار،
    شامل حال رهيو جي مون سان چئن چڱن جو چاه :
    ته، بنجي ويندس بي پرواه !

    ڪارونجھر جي ڪور تي جھڙو آنءُ اڪيلو مور،
    آءُ مسيحا ! مُرده مارن، سانگين ۾ پيو ساه :
    ته، بنجي ويندس بي پرواه !

    ذاتي ملڪيت آھ اڃا ڪجھ، جنهن جو اونو آھ،
    پورِيءَ طور جڏهن اي راشد! ٿيندس آءٌ تباه :
    ته، بنجي ويندس بي پرواه !
    ***

    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ
    هن قوم جي ڪِن ڪِن ڳالهين ڏي، جي ڏيندو آهيان ڪَنُ:
    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

    چار ورهيه جا اڳُ ساماڻي، ڇهن ورهين جي ڇوڪرَ ماڻي،
    سورهن سالن جي هڪ سياڻي، جھور وڏيري جي پَٽ راڻي،
    ککَ ڪُراڙي جي ڪڇ ۾ جي جلندو آجوڀن،
    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

    جن جي گنديءَ ۾ ڪي داڻا، تن جا چريا، ڀُوڪ سياڻا،
    ڀوتارن جا ڀريل ڀانڊا، اَنَ داتا جا ڀينگيا ڀاڻا،
    هاريءَ جي گندڙي مان جڏهين، کٽندو آهي اَنُ،
    پڄرندو منهجو آهي مَنُ.

    بابن ڏاڏن کي ساراهي، ڪوڙا ٺاھ ٺڳيءَ جا ٺاهي،
    پورهئي کان آ نفرت هِن کي، پنڻ پُٺيان پيو لاهي پاهي،
    پِير شرابي، نيڪ مريدن کان وٺندو آ ڏن،
    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

    سَرمائي جي سوڀ سدائين، غربت ڳهلي ڳوڀ سدائين،
    ماڻهو، ماڻهوءَ کي ٿو کائي، لالچ لوڙهيو لوڀ سدائين،
    سُور سماجي سهندي سهندي، ٻَلِ چڙهندو آ فن،
    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.

    جڏهن به خرچ ڪتابن جي لئه، ڇورو ٻارُ ڪو پئسن جي لئه،
    سُور مٿي جو بڻبو آهي، راشد! مامن، چاچن جي لئه،
    ڏسندو آھ پڙهڻ ويندا هِن، ٻيا سڀ هن جو سَنُ،
    پڄرندو منهنجو آهي مَنُ.
    ***


    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان

    سچ کي هر دم سچ چوان ٿو، ڪوڙ تي ڪلمو نه پڙهان ٿو،
    حقدارن لئه حق گھران ٿو، مقصد ڪارڻ جيان مران ٿو،
    جيڪو حق جو باغي آهي، وار انهي لئه ڪاري آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    لار نه ڪنهنجي لڙڪان ٿو، جھنڊو بنجي ڦڙڪان ٿو مان،
    ڀنڀٽ بنجي ڀڙڪان ٿو مان، ڪُوڙ جي ڪنڌ تي ڪڙڪان ٿو مان،
    تيلي تيلي، شعلو شعلو، ماچيسن جي ڦاري آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    ڪُوڙو مون آڏو نه ڪڇي ٿو، دل ۾ ڏاڍو سڙي لڇي ٿو،
    مُنهن تي ڪڏهين ڪجھ نه چوي ٿو، پر پرپُٺ منهنجي لاءِ پڇي ٿو،
    ڪهڙي باغ جي مورِي آهيان، ڪهڙي وڻ جي ٽاري آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    سچ چوان ٿو، مچ مچن ٿا، مون تي ڪوڙا ڪيس ٿين ٿا،
    غنڊن جا ٽولا به اچن ٿا، لوڪ ٻڌي ٿو، بڪ بڪ ڪن ٿا،
    آءٌ مڙن سان منهن ڏيندو هان، ڪين ڪندو مان زاري آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    مشڪل ۾ جو يارَ ڏسن ٿا، ڏاڍو مون کان ونءُ وڃن ٿا،
    ڏک ۾ ڪوبه نه ڏڍُ ڏين ٿا، مرڳو ڇڄيو ڌار ٿين ٿا،
    پنهنجا ڀي مون کان ته ٽهن ٿا، کِکَ جي ڄڻ ڪا کارِي آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    پوليس وارو مون لئه آقا، مون لئه آفيسر داروغا،
    مون کان مير وڏيرا ڏاڍا، پيرن جا پِٽَ ۽ پاراتا،
    هرڪو مون تي آڪڙجي ٿو، ڇو ته مان پورهيت هاري آهيان!
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!

    هاءِ زمانا! ٿو آڪڙجين، مون کي هاءِ سماج نه سمجھين ،
    ڌوڙ جي ڍيريءَ ۾ ٿو وهنجين، ڦلهيارن ۾ ڦوڪون ٿو ڏين،
    اڏري پوندو سانءِ اکين ۾، راشد! مچ جي ڇاري آهيان !
    آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
    ***

    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!

    ڏينهن سڄوئي نينهن نچائي، شام صبح ڦيرا پارائي،
    رڻ ۾ منجھند ٽاڪ رلائي، ڪاڙهي ۾ مون کي ڪاڙهائي،
    راتين جو آرام ڦٽائي، ٿيندي ننڊ حرام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

    هڪڙي ئي مجنونءَ سان جھيڙي، شهر سڄو پيو پٿر ميڙي،
    واڇون ٽيڙي، ڏند پکيڙي، هرڪو ديواني کي ڇيڙي،
    باقي دوست رهيو هو، تنهن به مڙهيو الزام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

    عشق حدون اورانگھي ويو آ، بحر جو پاڻي تانگھي ويو آ،
    جھنگ سڄي کي ڇانگي ويو آ، ڏانهن گلاجي گھانگھي ويو آ،
    عزت وارو هوس دنيا ۾، بره ڪيو بدنام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!

    جان جو ويري جاني آهي، ها پر دل ديواني آهي،
    راشد مجنون ثاني آهي، ليلى جي نيشاني آهي،
    عاشق ۾ رت آهي ڪاٿي، خون جو ڏيندو جام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
    سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
    ***


    ڪيئن لکجي!

    ڪا چوٽ لڳي ته لکي وٺجي، ايذاءُ رسي ته لکي وٺجي،
    هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

    آ ڏينهن سڄوئي وٺ وٺان، ۽ پيٽ ڀرڻ لئه پيو لوچيان،
    ڪا شام ٿئي ته لکي وٺجي، ڪا واند ملي ته لکي وٺجي!
    هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

    ٿي بجلي بند آ چنڊ لٿي، هِنَ اونداهيءَ کي ڪير ڪٿي؟
    ڪا لاٽ ٻري ته لکي وٺجي، ڪا جوت جلي ته لکي وٺجي!
    هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

    هيءَ رات انڌيري طوفاني، هر ڪنهن کي آهي حيراني،
    هيءَ رات کٽي ته لکي وٺجي، ڪا باک ڦٽي ته لکي وٺجي!
    هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!

    جي دل ۾ نئون جذبو اڀري، ۽ راشد! ڪو احساس اٿي،
    ڪو سهنجُ ٿئي ته لکي وٺجي، يا غم اٿلي ته لکي وٺجي!
    هونئن ڪيئن لکجي، هونئن ڪيئن لکجي؟!
    ***

    ڪنهن لاءِ ويٺو گيت لکين!

    پريت جي هت ڪو ريت نه ڄاڻي، ماڻهو ماڻهوءَ کي نه سڃاڻي،
    آب اکين ۾ پنهنجي آڻي، گيت لکين ٿو آڌيءَ ٽاڻي،
    لوڪ سمهي پيو چادر تاڻي، ڪيسين تائين رئندين هاڻي؟
    ڇو نه وڃي ٿو ننڊ ڪرين؟
    ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

    هي ڇا هي؟ هي آهي سُرندو! او سائين! هي سُرندو چرندو؟
    ها، چرندو پر ڪي ڪجھ گھرندو، سِر گھرندو، ٻوليندو، ٻُرندو،
    توڙي حقُ هنئين ۾ هُرندو، پوءِ به ڀاڙي ڀڄندو ڀرندو:
    ڇو ٿو سِر جي آس رکين؟
    ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

    ڪنهن سان ديد لڙائي ويٺين، ڪنهن سان دِل ڦاسائي ويٺين؟
    پنهنجا سُک ڀُلائي ويٺين، هيڏا سُورَ پرائي ويٺين!
    دل ۾ سوز سمائي ويٺين، پنهنجي ننڊ ڦٽائي ويٺين:
    ڇو نه سبق ٿو يار سکين؟
    ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!

    خود کي تو بيمار ڪيو آ، بر سر بدين بار ڪيو آ،
    ڪڏهين تو ويچار ڪيو آ؟ پٿرن سان تو پيار ڪيو آ!
    پاهڻ ڪو اقرار ڪيو آ؟ ڪنهن تي تو اعتبار ڪيو آ؟
    راشد ويٺو روز رڙين!
    ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
    ***

    زمانو مٽجي ويو آهي

    ڏک ۾ ڪو به نه ڏَڍُ ڏِئي ٿو، سُک ۾ سڀ شامل،
    اڙِي او دل! سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    هتي آ قيمت وارو ڪچُ، اَگھامِي ڪونه سگھي ٿو سَچُ،
    اڙِي دِل! بي ترسيءَ کان بَچُ، اجاين پُورن ۾ ته نه پچ،
    وري آ، ماڳين موٽي اچ!
    قرب ڪسيري ڪونه وِڪامي، محبت جو به نه مُل،
    اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    اڳي جي مصريءَ جي ها تڙ، اهي ٿيا وِهُ جي هاڻي هَڙَ،
    ڪَٽي وَئي پيار پرت جي جَڙ، الا! هي هَٿَ هَٿَ منجھ امڙ،
    ويا سڀ ڀُلجي يارَ ڀَلڙَ !
    ماکيءَ کان وڌ مٺڙا ماڻهو، زهر ٿيا قاتل،
    اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    الا! هِي اجرو اجرو تَنُ، الا هِي ميرو ميرو مَنُ،
    الا! هِي شهر به جھڙو بَنُ، جِتي سُک ناهي ڪو پل کن.
    پچي ۽ پڄري پيو ٿو فن.
    هاءِ حياتي هاڃي ۾ آ، ڪانهي هڙ حاصل،
    اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    جھليا ڪڏهين ڇا انب اَڪن؟ ڏنا ڪٿ ٻير ڪڏهن ٻٻرن؟
    کنيا ڏِسُ ڪنڊا ساڻ گلن! اجايو ڇا لئه هٿ ڇلجن.
    مگر هي سمجھو ڪي سمجھن.
    عاقل آھ عذاب ۾ اڄ ڪلھ، عيش ڪري جاهل،
    اڙي او دل،سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    الا! هِي هوڪا هوڪا هَٽَ، الا هِت کوٽا کوٽا وَٽَ،
    الاڙي! جھاٽو ڏيندا جھٽَ، گھڙِڻ ٿا گھاٽَ جھلن ٿا گھٽ،
    چِڪن ٿا چاڪ، جھُرن ٿا ڦٽ.
    دنيا، ڄڻ ته لتاڙي پيئي انڌِي گھوڙِي ڪَلُ،
    اڙِي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.

    وڌي وئي چوڌاري اونداه، وٺان مان راشد ڪهڙي راه ،
    ٻُڏن ٿا ٻُوسٽ ۾ ڪي ساه، دلين ۾ نفرت جا درياه ،
    غمن جي ڇولين جي ڀَڃَ ڊاه !
    قرب جي ڪِشتي طوفانن ۾، دُور ٿيو ساحل،
    اڙي او دل ، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.
    ***

    ضمير چهنڊڙيون هنيون!

    جڏهن به سوچيم: ته آءٌُ ڇا ڪيان، ۽ ڇو ڪيان،
    ٻين سان ڇا وڃي، رڳوئي پنهنجو ڀلو ڪيان،
    نفعو پويمِ پاڻ کي، ته ڪم رڳو اهو ڪيان،
    جڏهن به سوچيم، ته پاڻ لاءِ ڇو ڏچو ڪيان:
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
    ضمير چهنڊڙيون هنيون.

    جڏهن به سوچيم: ته آءٌ پاڻ کي سُکيو رکان ،
    نه ڏيھ جي ڏکن ڪري، ته پاڻ کي ڏُکيو رکان،
    ٻين لاءِ بهشت ٺاهيان، ۽ پاڻ کي دُکيو رکان،
    جڏهن به سوچيم، ته پاڻ کي به ڇو بُکيو رکان:
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
    ضمير چهنڊڙيون هنيون.

    جڏهن به سوچيم، ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان،
    ۽ باھ ۾ ٻين جي، پاڻ کي وجهان ته ڇو وجهان،
    رُڳو نه مون ته بار آه، جي سچ چوان، ته ڇو چوان،
    جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان، ته ڇو سهان:
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
    ضمير چهنڊڙيون هنيون.

    جڏهن به سوچيم، ته آءٌ ڇو ڪيان، ۽ ڇا ڪيان ،
    جي قوم آھ ننڊ ۾ ته مان به ڇو جفا ڪيان،
    غريب پاڻ، پاڻهئي، پيدا نه ڪربلا ڪيان،
    چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو ”خدا خدا“ ڪيان:
    ته ذهن ۾ سُيون لڳيون،
    ضمير چهنڊڙيون هنيون.

    جڏهن به سوچيم، ته عمر عيش ۾ گذارجي،
    ۽ پانهنجي ئي زندگي، سنوارجي، سڌارجي،
    مزي جون جنتون ڇڏي، نه دوزخن ۾ گهارجي،
    ٻِيو ٻڏي ته ڀل ٻُڏي، رڳوئي پاڻ تارجي؛
    ته زهن ۾ سُيون لڳيون،
    ضمير چهنڊڙيون هنيون.

    ۽ جڏهن سوچيم، ٻين جي لئه مُصيبتون سهان،
    ڀلي ته مان سڙان، پچان، ٻين کي سُک ڏئي سگهان،
    ٻيو اچي نه ڪو، ته مان ئي راشدا اچان!
    ڀلي ته سِر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان:
    ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو،
    ضمير واھ واھ ڪئي!
    *

    مون کي ياد ڪندو ڪر!

    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽِي، جا واٽ آ ٺاهِي،
    ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
    کٽڪو نه هُجي ڏينهن جو يا رات جو الڪو،
    بي خوف ٿي نڪرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    جوکي ۾ وڌم جيءُ ڪيم جنگ امن لئه؟
    انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
    هر گهاوَ مٿان گهاوَ سهي، اف نه ڪئي مون؟
    جي ويڙه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    هر جاءِ جدوجهد، هر جاکوڙ ۾ شامل،
    ڪم ڪار کان وِرچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
    راهي ! تو ڏٺو آھ مون ساهي نه کنئي آ،
    جي راھ ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    پنهنجا به جڏهن توسان رکن ويرُ ۽ ڪينو،
    ڪنهن سور کان سڏڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
    ڀوڳي مون جنهين درد جي پيڙا آ عمر ڀر،
    تنهن درد کان ڦٿڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!

    اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان،
    ڀُلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
    جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آھ مون راشد!
    سو سبق جي سمجھين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
    ***

    راشد ٿي نه اُداس!

    پنهنجي محنت جو مَنَ ڪنهن کي پيدا ٿئي احساس،
    سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.

    پنهنجي پورهئي تي پلجي ٿي پيئي دنيا ساري،
    پوءِ به پنهنجي گھر ۾ غربت جي آهي انڌاري،
    صبح چٽي کي جنم ڏئي ٿي، هر هڪ رات اماس.

    هٺ ڌرميءَ وارن جو هاڻي ڄاڻ ختم ٿيو وارو،
    ڪوڙ ڪوهيڙو گم ٿي ويندو، ٿيندو سچ سوڀارو،
    ڏور افق ڏي ڏس ته نمي پيو ڌرتيءَ تي آڪاس.

    لايا نيٺ سجايا ٿيندا، پوريون ٿينديون آسون،
    پرندا ٽرندا ڪونه ڪڏهن هي جيڪي قول ڪياسون،
    دل دل ۾ ڪا جوت ٿي جرڪي، اک اک ۾ الماس.

    دل کي ڪر درياه پيارا، گھار بڻي وڏ-گردو،
    مايوسيءَ کي مات ڪري ڇڏ، ڏک تي هيري هردو،
    وقتي گھٽ ۽ ٻوسٽ تي تون راشد ٿي نه اداس!
    سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.
    ***

    چؤُ ڇا لکان!

    چئو ڇا لکان، ڪنهن تي لکان،
    جيڪي چوين، منهنجا پرين،
    جنهن تي چوين، تنهن تي لکان،
    چئو ڇا لکان؟

    ڪنهن ڌيءُ جي اوگھڙ تي لکان، تربت مٿان پَڙَ تي لکان،
    ڏَنَ لاءِ ڏوڪڙ تي لکان، يا پِيرَ جي وَڙَ تي لکان،
    ڪنهن خون جي ڌڙ تي لکان، يا جُرم جي جَڙَ تي لکان،
    چئو ڇا لکان؟

    ڀُونگر جي ڀُونگيءَ تي لکان، رئيسن جي ماڙيءَ تي لکان،
    پورهيت جي پيڙا تي لکان، ڪمدار ڀاڙيءَ تي لکان،
    هاريءَ جي ٻچڙن جو لڇڻ، ڏسڪڻ ڏِهاڙيءَ تي لکان،
    چئو ڇا لکان؟

    مزدور محنت تي لکان، يا ان جي اجرت تي لکان،
    ڪنهن مِل جي مالڪ تي لکان، ماڻهن جي غربت تي لکان،
    ڪنهن عيش عشرت تي لکان، نيلام عزت تي لکان،
    چئو ڇا لکان؟

    ڳاڙهن ڳلن، چاندي بدن، ڪارن يا ڪوجھن تي لکان،
    ڪي پيٽ پُٺين سان لڳل يا ڀڀ ڀرين تي لکان،
    چؤ! ست رڇي ڪنهن طعام تي يا رُکن ڍوڍن تي لکان،
    چئو ڇا لکان؟
    ڪنهن تي لکان؟
    ***

    اي چنڊ توکي ڇا چوان!

    ڪين ٿو ڄاڻين اسان جي درد دل کي اي ميان!
    اڀ تنهنجو آستانو، ڌوڙ ڌرتيءَ جي اسان،
    تون به ٿو ڏورئون ڏسين ۽ مان به ٿو ڏورئون ڏسان،
    جي هجين ويجھو ته پو ڏاڍا ڪي ڏوراپا ڏيان،
    اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

    روشنيءَ جو شهر تون، اونداه جو هان بحر مان،
    منهنجا ويري کوڙ آهن، تنهنجا تارا رازدان،
    زندگيءَ جو زهر مان، سقراط بنجي ٿو پيان،
    ڪونه ڪجھ توکان پڇي ڪو، مون تي هر هر امتحان،
    اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

    تون سدا خوش ٿو رهين، خوش ٿي کلين منهنجي مٿان،
    ٿو سڙان دل ۾ پچان، پر ڪونه ٿو ڪنهن سان ڪُڇان،
    جي نه چڙ توکي لڳي، مان سوال هڪ توکان پڇان،
    ڪڏهن ڪو ڳوڙهو ڳڙيئي،ٿيو ظلم مظلومن مٿان،
    اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

    آءٌ صدين کان پيو ٿو بي رُخي تنهنجي ڏسان،
    مان سهان ٿو ڏاڍ ڏاڍن جا ته تون چُپ بي زبان،
    ڪين ٿو توکي ٻڌايان، دردِ دل جو داستان،
    حالِ دل اوريان نٿو جو بزدلي سمجھين متان،
    اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!

    ٿي سگھي ٿو منزل- مقصود کان اڳ ئي مران،
    دل چوي ٿي توکي پنهنجي پيار جو شاهد ڪيان،
    حال راشد جو وڃي محبوب کي چؤ، مهربان!
    ڄڀَ مون پنهنجي ڪَٽائي، ٻيا ٿين اهلِ زبان،
    اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ توکي ڇا چوان!
    ***

    تيئن تيئن شعر لکان!

    ٿي ڀونئر وڃان باغن ۾، گم ٿي ٿو وڃان گلڙن ۾،
    گلڙن به صفا سهڻن ۾ ، خوشبو کان شاد نشن ۾،
    جيئن جيئن واس وٺان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

    بڻجي ڪي پکي اڏران ٿو، اڀ ڏانهن وڌي اڀران ٿو،
    ڌرتيءَ جي مٿان اڪران ٿو، رنگ روپ ڏسي وندران ٿو،
    جيئن جيئن هيٺ ڏسان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

    ٿي شمع ٻري ته اچان ٿو، پروان ٿي خوب پچان ٿو،
    توري جو لڇان ڦٿڪان ٿو، پر پوءِ به ڪين مُڙان ٿو،
    جيئن جيئن جوش جلان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!

    جڏ پورهيت ٻارن رڙن ٿا، ۽ ماڻهو بُک مرن ٿا،
    جڏ هاري حق گھرن ٿا، هو آمر جيل وجھن ٿا،
    جيئن جيئن ظلم سهان ٿو، تيئن تيئن شعر لکان ٿو!
    ***

    لڙڪ اگھي سگھندين؟

    ڪين چرئي کي چور، چڱو آ،
    چوري چاڪ چڪائي وجھندين!

    هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
    مستقبل تي سوچيان ويٺو،
    آءٌ به هڪڙو ماستر آهيان،
    چند ٽڪن تي ٻار پڙهايان،
    منهنجي پٺيان ٻار به آهن،
    تن جا ڪي ويچار به آهن،
    آخر سڀ کي مرڻو آهي،
    نيٺ زمانو ڇڏڻو آهي،
    سوچيان ٿو ته مري جي ويندس،
    پويان پنهنجا ٻار ڇڏيندس،
    تن کي ڪير سهارو ڏيندو،
    کاڌو پيتو سارو ڏيندو،
    مون کان پو هي پنندا وتندا،
    گھرن گھٽين ۾ رُلندا وتندا،
    تن جو ٿو ويچار رُئاري،
    ننڍڙن جو ٿو پيار رُئاري،
    تون به ته هڪ انسان ئي آهين،
    مون جيئن پر مسڪين ته ناهين،
    تڏهين هي الزام ڌرين ٿو،
    چئين ته :” پڙهائي ڪونه ڪرين ٿو.“
    دوست! سچيءَ دل سان سوچين ها،
    منهنجي حقيقت کي سمجھين ها،
    قرضن تي ٿو وقت گذاريان،
    پيٽ پگھار مان ڪيئن ٿو پاريان،
    زهر اٿيئي منهنجي حياتي،
    پاءِ منهنجي ڇاتيءَ ۾ جھاتي.
    آخر هي اولاد به آهي،
    ست اٺ ڪو تعداد به آهي،
    تن جون ڀي ڪي گھرجون آهن،
    هي ته پگھارون پوريون ناهن،
    اٽو، لٽو، مرڻو، پرڻو!
    آھ دنيا ۾ ڇا ڇا ڪرڻو،
    اڳ ۾ جو تنقيد ڪرين ها،
    منهنجي حال تي ڌيان ڌرين ها.
    اول پگھارون پوريون گھرجن،
    پيسن آهر ڊيوٽيون وٺجن.
    دوست اوهان هي سچ فرمايو،
    ” فرَض سُڃاڻي ٻار پڙهايو! “
    ڄاڻان ٿو مان فرض شناسي،
    پيس مگر غربت ۾ ڦاسي،
    جڏهن ڏسان ٿو ٻار ٻين جا،
    اجرا ٿي اسڪول اچن ٿا،
    پنهنجا ٻچڙا ياد پون ٿا.
    وسري سڀ ڪم ڪار وڃن ٿا،
    سوچيان ٿو مون شادي ڇو ڪئي،
    پاڻ سان پاڻهي تعدي ڇو ڪئي،
    هاڻ ته ڏاڍا هٿ هڻان ٿو،
    مفلس مان ڪنهن کي نه وڻان ٿو،
    ڏاڍو آءٌ ڏکايل آهيان،
    دوست! گھڻو ڪجھ گھايل آهيان،
    ڪين چرئي کي چور، چڱو آ،
    منهنجا لڙڪ اگھي سگھندين تون؟
    ***

    پنهنجن پيارن سان ڳالهايون!

    حوالي اسپتالن جي، ٿيا آهينِ عرصي کان،
    چون ٿا ڊاڪٽرن لئه ڇا، سو بيمارن سان ڳالهايون،
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    نفعو نائوڻ تي آهي، شين جا اگھ وڌيا ڇا لئه،
    اچو اي دوستو شهري! دڪاندارن سان ڳالهايون،
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    سڄي پاڙي ۾ اوندھ آھ، بجلي بند ڇو ٿي آ!
    اچو گڏجي هَلي سڀ واپڊا وارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    پگھارون نوڪريءَ وارن جون پوريون ڪونه ٿيون پسجن،
    ادا يونين وارا ڏيھ ڏاتارن سان ڳالهايون،
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    حقن جي ڳالھ هئي ڪهڙي، ويا ڇو جيل ۾ ماڻهو،
    انهن سرڪار جي قيدي، گنهگارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    چون ڇا ٿيون سسئيون، سهڻيون ۽ مارويون موملون سنڌ جون،
    ذرا هن ديس جي زنده، ته ڪردارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    هُشيءَ ڪنهنجيءَ تي ماڻهو پاڻ ۾ پنهنجا وڙهن ٿا پيا،
    هلي هن قوم جي اڳواڻ، سردارن سان ڳالهايون،
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    ڦرون ڌاڙا ۽ چوريون هي وڌي ويون وارداتون ڇو؟
    ورن ٿا ڀُنگ تي ماڻهو ڇو؟ ڀوتارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    بٽئيءَ ويلي غريبن جو ويو اَنُ سڀ ڇو ليکي ۾،
    وڏيرن جي وڏن مُنشين ۽ ڪمدارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    هي هيڻن جا ته هڏ ڏوکي، وٺڻ جي ووٽ آيا ها،
    تباهي ڇو ٿي قومي بار بردارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    هي بدامني، غريبي، مفلسيءَ، جو راڄ آ ڇا لئه؟
    هلو يارو حڪومت جي اهلڪارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    پنهنجي فرياد مان ئي پاڻ ڀاڳيا ٽيپ پيا کائن،
    جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    وڪيو زر تي ضمير آ جن، انهن سان ڳالھ ٿئي ڪهڙي،
    وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي زردارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    گنهگارن سان ڳالهايون، دڪاندارن سان ڳالهايون،
    وڏيرن ساڻ ڳالهايون، يا ڪمدارن سان ڳالهايون.
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون؟
    يا سردارن سان ڳالهايون، ۽ ڀوتارن سان ڳالهايون؟
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.

    وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي منهن ڪارن سان ڳالهايون،
    چڱو آهي غريبن ساڻ، نادارن سان ڳالهايون!
    پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
    ***

    جوان ٿي، اي جوان جا پٽ، جوان ٿي!

    امن جي لئه جيڪڏهن ڪا جنگ ٿي،
    ڪين سورهيه جي ڪڏهن دل تنگ ٿي،
    هل ٻين سان تون به هم آهنگ ٿي،
    ديس جي دردن سندو درمان ٿي،
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

    ستن پيڙهين کي زخم پُٺ ۾ نه هو،
    ڪو جِئو اڍ مان اڳي جُٺ ۾ نه هو،
    مشڪلن ۾ ساه ٿيو مُٺ ۾ نه هو،
    تون به ٻاٻاڻن جيان ٻلوان ٿي!
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

    ڪِٿ جھُڪيو تنهنجو ابو ڏاڏو نه هو،
    اڻ ٿيڻ جهڙو ڪو ڪم آڏو نه هو،
    ڪير ٿو چئي گھلبو گاڏو نه هو،
    گھل گاڏو ڪين هيئن حيران ٿي!
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

    سر ڏئي ويو قوم تي تنهنجو ابو،
    خلق جي خدمت ڪيئين ٿي بي لبو،
    قول ڪر تان قوم جي لئه ڪم ڪبو،
    قوم قرباني گھري، قربان ٿي!
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

    واهرو واهيرڙن جو يار ٿيءُ !
    پُٽ ڀلي جو آن ڀلو بڻجانءِ پيءُ !
    پُٽ کي پاڙهج سبق، اي دوست ايءُ !
    ”قوم جي آهي شمع، پروان ٿي“ !
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

    قوم تي جي وقت آيو آ ڪٺن،
    رام ٿي سيتا جي ڪارڻ ڀوڳ بن !
    دل ٻَڌي اٿ تون ته راوڻ ٿئي دفن،
    ظالمن جي لاءِ ڪو طوفان ٿي!
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

    ملڪ جو مردن سان اوچو مانُ آ،
    ماڻهپو ماڻهوءَ جو مانُ ۽ شانُ آ،
    جس انهيءَ کي جنهن جو جذبو جوان آ،
    سوچ سڀ ڪجھ ۽ صحيح انسان ٿي !
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !

    منهنجا ڀرجھل ڀاءُ، او منهنجا مٺا !
    ڏک تنهنجي قوم ڪي ڏاڍا ڏٺا،
    ملڪ اڄ توڙي مُڪا سورن چِٺا،
    سنڌ لئه خوشين سندو سامان ٿي!
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!

    ڪارگر جي قوم جي لئه ڪم ڪرين،
    خال پنهنجي پيءُ جو جيڪر ڀرين،
    قوم جي لئه ويرين هٿان وڙهندي مرين،
    شعر جو راشد! اچي عنوان ٿي،
    جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
    ***

    نئون جھان جوڙجي

    جسم جي ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
    اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.

    انڌير ۾ نظر ڪٿي، اچي ٿو کڙ کٻيتڙو،
    مگر سڄي ئي جڳ کي، ڏئي نه جوت جيتڙو،
    ڦري ٿو گول گول هي دماغ آھ چيچڙو،
    دماغ آھ چيچڙو، ته ذهن آھ چيچڙو،
    پيو ٿو رت چوسجي ته ماس پيو ٿو روڙجي،
    اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.

    وڌي وڌي گھڻا ٿيا، هيءَ ڏيھ ۾ ڏُڪاريا،
    جي گورَ ڍور وانگيان، وتن سدا خُماريا،
    ڪٿي لٽينِ پانهنجا، ڪٿي ڦرينِ ڌاريا،
    اهو آ ڪيرُ، جنهن ڳلن تان لڙڪ ڪين هاريا،
    او پيٽ وڏا، قوم جو، ٻيڙو نه هينئن ٻوڙجي!
    اَچو! نئون سماج ڪو، نئون جھان جوڙجي.

    اڃيان رهون ٿا آب لئه، مهراڻ جي ته ڪَپَ تي،
    گذر ٿئي ٿو پانهنجي هوندي به، خير لَپَ تي،
    چئون ٿا سچ تا، رکيو وڃي ٿو ڪَپُ چَپَ تي،
    مگر نه بندشون پون ٿيون، بازَ جي ته جھپَ تي،
    اٿو! ته ظلم جي خلاف هاڻي عَلم کوڙجي،
    اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.

    اَچو ته ظالمن کي هاڻِ، مُنهن چڙهي چئي ڏيون،
    اَسان ۾ هِمتون وڏيون، نپوڙجي نٿا سگھون،
    ڏيو جواب غاصبو! اوهان کان ٿا اسان پُڇون،
    اوهان جي عيش لاءِ، طيش ۾ جيون ته ڇو جيون؟
    اَچو ته چُپ چُپات جي شيشي کي هاڻِ ٽوڙجي،
    اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.

    اَچو! ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڏونگرن کي ٽوڙجي،
    عياشَ لَعنتيءَ اڳيان، نه لوئجي نَه لوڙجي،
    اٿو ته ظالمن کي هاڻِ باھِ ٿي وِڪوڙجي،
    غريب کي جھنجھوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي،
    بُجو ڪو ٻُوٿَ ڏاڍَ جي تي، راشد! گھروڙجي،
    اچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.
    ***

    احسان نه کڻ!

    ڪر محنت جيئن انعام کٽين، انعام ڇڏي تون دان کڻ!
    احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

    ڪنهن سور سٽيئه؟ احسان نه کڻ! ايذاءُ رسيئه؟ احسان نه کڻ!
    ڪنهن ڏنجھ ڏڌيئه؟ احسان نه کڻ! ڪو درد وڌيئه؟ احسان نه کڻ!
    تڪليف آ روح حياتيءَ جو، سک سهنج سندو سامان نه کڻ!
    احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

    هي بار ڳڻن جو ڳورو آ، هٿ لاءِ نه زهر ڪٽورو آ،
    جنهن ٿورو سمجھيو ٿورو آ، سو ڀورو آ ڄَٽ ڪورو آ،
    پوءِ هٿ مهٽي جو پڇتائين، تون پنهنجي سِرِ ارمان نه کڻ!
    احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!

    جو گھُرجون ڪين گھٽائي ٿو، سو آخر هٿ وڌائي ٿو،
    خود ليلائي، ٻاڏائي ٿو، ۽ ارڏو ڳاٽ جھڪائي ٿو،
    اڄ آزاديءَ امڪان ڇڏي، تون ذلت جو زندان نه کڻ!
    احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
    ***

    جو چنگ اَمُن لئه چوري

    جو چنگ امن لئه چوري،
    تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

    محبت وارو مچ مچائي، پروانن جيئن پاڻ پچائي،
    قرب محبت عام ڪري، ۽ ڪلفت ڪينو ڪوري،
    ڪلفت ڪينو ڪوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

    ڪي ڪي تندون جند برابر، ڪي ڪي جانيون تند برابر،
    تار سلامت شال رهي، جا جھونا ڳڙھ کي جھوري،
    جھونا ڳڙھ کي جھوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

    آيت آيت ۾ هڪ معنى، چارڻ! تنهنجا لک شڪرانا،
    سِرُ قربان ڪيان بيتن تي، ته به نه پڄان هڪ ٿوري،
    ته به نه پڄان هڪ ٿوري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!

    ساھ برابر سنڌڙي آهي، سنڌڙي راشد! جندڙي آهي،
    ڀال ڀلايان ڀُونءِ سڄيءَ پر، مانُ ڏنو جو موري،
    مانُ ڏنو جو موري، تنهن تان ساه ڇڏيان مان گھوري!
    ***

    عشق سلامت- سدا سلامت!

    رهندي دِل وارن جي ديسان ديس اهائي دعا سلامت !
    عشق سلامت، سدا سلامت!!

    نينهن سندو جنهن نئون رنگ لايو، سورن جو جنهن سبق پڙهايو،
    دل جي جذبن کي جرڪايو، خام خيالن کي سلجھايو،
    عشق حقيقي جنهن سمجھايو، منهنجو مجازي خدا سلامت!
    عشق سلامت، سدا سلامت!!

    منهنجا مٺڙا پيارا سائين! سهڻا سائين جئين سدائين!
    هر دم هيڻن کي همٿائين، ساٿ ڏئي ٿو توڙ نڀائين،
    آھ فِڪر پهتو سڀ تائين، شال رهي هيءَ عطا سلامت!
    عشق سلامت، سدا سلامت!!

    تنهنجي نظرن نينهن ورهايو، لوه کي تو آ سون بنايو،
    زهر منجھان ترياق ٺهايو، تنهنجيءَ حڪمت فيض رسايو،
    بيمارن کي چاڪ ڪرايو، دَرُ هي دارالشفا سلامت!
    عشق سلامت، سدا سلامت!!

    تنهنجو دعاگو آھ ڀٽائي، جنهن جي تو تعليم وڌائي،
    شعرن جي تشريح ٻُڌائي، سِٽ سِٽ سڀ ڪنهن کي سمجھائي،
    ڀونءِ مٿان هي آھ ڀلائي، سنڌڙيءَ تي هي سخا سلامت!
    عشق سلامت، سدا سلامت!

    سائين! تنهنجا لک شڪرانا، تنهنجا گفتا سڀ پُر معنى،
    راشد! جھڙا ڪئي ديوانا، تنهنجي محبت ۾ مستانا،
    پُر ٿيا پياڪن جا پئمانا، نينهن جا رهندا نشا سلامت !
    عشق سلامت، سدا سلامت!!
    *

    زندگيءَ جو مزو

    ڪين سڌڙين چکيو عاشقيءَ جو مزو،
    آ جدوجهد ۾ زندگيءَ جو مزو!

    ڪن کي گھاڻن گھُٽيو ۽ ڪي سُوريءَ چڙهيا،
    ڪرٽ ڪن کي ڪپيو، قيد ۾ ڪي ڪڙهيا،
    درد وارن ڏٺو دل لڳيءَ جو مزو!

    رات کي چنڊ جڏهين ٿو روشن ڪري،
    ٻاٽ ريءَ لاٽ ڪڍيو، ڏيو ڇو ٻري،
    آھ اونده ۾ ئي روشنيءَ جو مزو!

    سچ پيو ٿو سڏي، ڳاٽ اوچو کڻي،
    آءُ وٺ تون به نروار نعرو هَڻي!
    قرب ۾ ڪات جو ۽ اڏيءَ جو مزو!

    پيار سان راشدا ! پيچ اٽڪيو نه آ،
    لوچ جي ڪنگرين سر به لٽڪيو نه آ،
    شوق ۾ ئي ته آ شاعريءَ جو مزو!
    ***

    اَچ ته پُڄايون ڊوڙ!

    اچ ته پڄايون ڊوڙ، او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    جو به تکو منزل ڏي ڊوڙي، ماڳ ڏي پنهنجون واڳون موڙي،
    خيال هلائي رت ولوڙي، ماڳ لهي ٿو سوئي ووڙي،
    منزل نيٺ پڄائيندي آ، جسمن جي جاکوڙ، او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    جو به ڪمائي سوئي کائي، محنت سڀ کي ماڳ رسائي،
    ڏس! ڪيئن هاري هر هلائي، ڌرتيءَ مان ٿو ان اپائي،
    ڪي ڪي ماڻهو همت ڀريا ۽ ڪي مانيءَ ٽوڙ، او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    آهي ڪو جو ٿو جھنجھوڙي، قوم اٿي آهي ڪَرَ موڙي،
    جيڪو ويهي ٿو کپ کوڙي، سوئي ذهن سزا ٿو لوڙي،
    رنگ لڳائيندي آ آخر، ذهنن جي ولوڙ، او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    ماڻهو محنت لئه ساماڻا، ماڻهو محنت کان ويڳاڻا،
    ڪي ڪي ماڻهو راڄن راڻا، ڪي ڪي ماڻهو سنڌن ساڻا،
    ماڻهو ڪک به نه ٻيڻو ڪن ٿا، ماڻهو لوه مروڙ او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    ڏينهن به آخر تپڻو آهي، سج منجھند تي اچڻو آهي،
    منزل تي به ته پڄڻو آهي، بچڻو آھ ته ڊڪڻو آهي،
    ڏينهن ٿڌي ۾ نڪري هَلجي، ڀورل ڀاءُ ڀلوڙ، او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!

    لاڙ، وچولو، اتر جاڳيو، ڪينجھر ۽ ڪارونجھر جاڳيو،
    ڪاڇو جاڳيو ۽ ٿر جاڳيو، سنڌڙيءَ جو آ گھر گھر جاڳيو،
    بدلايو آ راشد سائين! پاسو هاڻ اروڙ او ساٿي!
    اچ ته پڄايون ڊوڙ!
    ***

    نئون نظم ٺاهي وٺان!

    ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان،
    قرض ڌرتيءَ ماءُ جو لاهي وٺان.

    خيال جا تازا توانا هِن ڍڳا،
    ڏينهن جا هوندا اڃان نَوَ، ڏھ لڳا،
    ڇو نه مان جاٽون ٻه ٽي ڪاهي وٺان!
    قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.

    ڏور ٿي ويندو مڙئي ڏک ۽ ڏجھو،
    اَنُ خوشين جو اي پرين ملندو جھجھو،
    ڳاھ ڳڻتين جو رڳو ڳاهي وٺان!
    قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.

    منهنجي من جا مور توسان سر لڳي،
    توکي ڀاڪر ۾ ڪرڻ کان ڪجھ اڳي،
    ڏيج موڪل ملڪ کي چاهي وٺان!
    قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان!

    راشدا ! ظالم نه من مستي ڪري،
    هوڏ جي هيڻن مٿان هستي ڪري،
    ڊوھ دنيا جا سڀئي، ڊاهي وٺان!
    قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.
    *


    • آزاد نظم

    زندگي ۽ خوشبوءِ

    زندگي منهنجي آ،
    سرهي گل جيان.
    منهنجو ڪم آهي ته مان،
    خوشبو ڏيان،
    پانهنجن کي، ڌارين کي،
    دوستن کي دشمنن کي، پر
    نڪ کي ئي بوءِ ٿي محسوس ٿئي،
    بي نڪي کي بوءِ جي ڪهڙي خبر؟
    جيڪڏهن ڪو چئي ته
    خوشبوءِ ڪانه آ،
    تنهن ڪيان انڌي عقل کي آءٌ ڇا؟
    پنهنجي پر ۾ آءٌ پورو پيو رهان،
    منهنجو ڪم آهي ته مان خوشبو ڏيان،
    زندگي منهنجي آ سرهي گل جيان!
    ***

    اٽلتا!

    مان اهو آهيان جبل!
    جو سمنڊ جي وچ تي اٽل
    بيٺو هجي!
    حادثا دنيا جا،
    طوفاني ڇتين ڇولين جيان
    مون ڏانهن،
    ڌوڪيندا اچن،
    مون سان لڳن،
    پٺتي هٽن،
    ۽ بحر دنيا جي ۾ گم
    ٿيندا وڃن.
    مان اهو آهيان جبل،
    جو سمنڊ جي وچ تي اٽل،
    بيٺو هجي!

    ***

    اتساھ!

    جيڪڏهن تون ايترو،
    روز، قرب جو ذرو،
    ڏيندي رهين!
    زندگيءَ جي ويڙه ۾،
    هارجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي.
    تون جڏهن ويجھو اچي،
    پيار سان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي،
    حال دل جو ٿي پڇين،
    ڄڻ ته منهنجا بند ٿا آجا ٿين،
    ڄڻ ته مان ٿو قيد کان ٻاهر اچان.
    پيار تنهنجو ٿو ٻَڌائي منهنجي دل،
    قرب تنهنجو ٿو وڌائي منهنجو من.
    ما، نئين جذبي سان اڳتي ٿو وڌان.
    ڪاش! مان توکي سدا ريڌل ڏسان،
    اڄ جيان!
    ***

    پشيماني

    سانوِرِي سونهن جي
    ڇانوِري ۾، گھَڙِي
    مون،
    ڪئي اک ڪَڙِي
    پر،
    جڏهن اک کلي
    قافلو ويو هَلي
    ڇانوِرو ويو لڙي
    آنءُ،
    هِنَ نيستيءَ تي،
    پشيمان ٿي،
    ۽ پريشان ٿي،
    هٿ مليندو رهيس.
    ***

    گل مرڪي پيو

    رات جا لڙڪ
    گل جي ڳلن تي پيا.
    سج ڪرڻن جي رومال سان،
    سي اگھيا.
    گل مرڪي پيو،
    مرڪندي هيئن چيو:
    رات رئندي رهي،
    ماڪ پوندي رهي.
    سج اڀرندو رهي،
    ڏينهن ٿيندو رهي.
    گل کڙندا رهن،
    خوب ٽڙندا رهن.
    سونهن وڌندي رهي،
    سنڌ کلندي رهي،
    جڳ جئندو رهي،
    ۽ سدائين جيئي!
    ***

    احساس

    جونجھڪڙي جو،
    واءَ جو جھوٽو،
    تُنهنجي گھر جي،
    سرنهن منجھاران،
    خوشبوءِ ٽيڙي،
    واسي پيو ٿو،
    اوسو پاسو--
    ائين لڳي ٿو،
    شاه جي خوابن جو ڄڻ ڪوئي،
    ٿيو آهي تعبير.
    سنڌ سڄيءَ ۾،
    آھ سڪار،
    عالم سڀ،
    آباد ٿيو آ.
    ***

    بکيا ٻار

    ڪوبه گھٽيءَ ۾ ٻار--،
    نه آهي کائڻ جي لئه تيار،
    هنن جي آڏو ڪا شيءِ--
    ڇو ته،
    تڪيندا رهندا آهن
    جُوه وجھي گھُوريندا آهن
    ۽ پو شايد
    اڳلي کي آ
    پيٽ ۾ پوندو سور--
    هئي هئي هيءَ مسڪيني حالت
    منهنجا بُکيا ٻار
    ڏاڍا سڪڻا ٿي پيا آهن!
    ***

    ڪڏهن تو سوچيو آ؟

    خواهش جا ڪمدار،
    مڙها ڀوتار،
    ائين تسڪين ته ملنديئي ڪين --
    غلط تو سمجھيو آ
    بنگلا ۽ بستان رکين ٿو --،
    حورون ۽ غلمان رکين ٿو --،
    جنت جا مشتاق
    اڙي شداد!
    ڪڏهن تو سوچيو آ؟
    حورون ۽ غلمان ته،
    پنهنجو پاڻ ۾ ٺهندا
    گڏجي رهندا
    تون ته تڪيندو
    رهجي ويندين،
    چپ چٽيندو
    رهجي ويندين،
    ۽ هي تنهنجو خرچ
    اجايو ٿي ويندو.
    ***

    شاعر

    سگريٽن جا
    خالي پاڪيٽ
    ميڙي چونڊي
    بال پين سان
    تن تي لکندو
    کيسي ۾ وجھندو ٿو وڃي
    شايد ڪوئي
    شاعر آهي.
    ***

    جاکوڙ


    عام ماڻهو
    در دريون پوري
    اندر ويهي رهن
    تيز ٿئي طوفان ته
    ڏسجان پرين!
    روڊ ۽ رستا هجن
    سنسان سڀ
    اک نه گوڏي کي ڏسي
    پاڻ کي اهڙي سمي
    خوابن جي تعبيرب جي لئه
    جذبن سندي تڪميل لئه
    نڪري پوڻ گھرجي.
    ***

    ٻه احساس

    پن ڇڻ رت ۾،
    پن، پپر جو ساٿ ڇڏي ويا،
    پپر سوچيو،
    ٺيڪ ٿيو جو، ساٿ ڇڏيائون!
    واءُ لڳو ٿي، پن لڏيا ٿي،
    مون کي پڻ لوڏي ٿي وڌائون.
    اڄ مان تنها، بيٺو آهيان،
    جھڙي تهڙي واچ جي ڪا،
    پرواه نه آهي.
    . . . . . . . .
    پن ڇن رت ۾
    پن پپر جو ساٿ ڇڏي ويا
    پپر سوچيو،
    توڙي ڪچڙا، ڪومل ها پر،
    منهنجو ڍڪ ڍڪيندڙ ها پن،
    اڄ مان ننگو ٿي پيو آهيان،
    منهنجي اوگھڙ ڪير ڍڪيندو؟
    پنهنجا آخر پنهنجا آهن،
    ڪيڏا ڀي ڪمزور هجن پر،
    منهنجي لڄ لڪائڻ وارا،
    منهنجو شان وڌائڻ وارا،
    هاءِ الا! اڄ ساٿ ڇڏي ويا،
    موٽي شال اچي سا موسم
    جنهن ۾ مون سا، منهنجا پرچن!
    ***


    سوچ کي قيدي ڪرڻ جو
    خيال ڇڏ !
    سوچ بلبل ناھ،
    جا بندي سگھين!
    سوچ آهي واءُ، سا
    پڃري جي وٿين مان به،
    نڪري ٿي سگھي.
    . . . . . . . . . . .
    سوچ کي ٻُنڊا نه ٻَڌا !
    سوچ، اڏ ۾ نار جو پاڻي نه آ،
    جنهن کي تون،
    روڪي سگھين !
    سوچ آ، سنڌوندي
    جڏهن ايندي موج ۾
    تنهنجا سڀئي بند ٽوڙي،
    شهر ۽ واهڻ سڀئي،
    ٻوڙي ڇڏيندي !
    ***


    ڳڻتي
    عيدن ماءُ اٿ چانھ ته ڪاڙھ!
    مون کي تپ ڀڃي رکيو آ،
    لڱ ته ڏس، ڄڻ ٽانڊا آهن،
    کيسو جانچ ته پئسا آهن؟
    عيدن کي چؤُ گوري آڻي !
    _ _ _ _ _ _ _ _
    گيدي ۾ ڪجھ ڪونهي سائين !
    ها پر، چانھ ۽ کنڊ به ڪانهي،
    رات لئه گھر ۾ اٽو ڪونهي،
    عيد اچي وئي لٽو ڪونهي،
    ڇوڪرِ هاڻ اگھاڙي پئي ٿي،
    ڦاٽي ويا سڀ ڪپڙا هن جا.
    _ _ _ _ _ _ _ _
    ها عيدن ماءُ !
    ڄاڻان ٿو مان، ڇا ڇا گھرجي،
    چاق ٿيڻ ڏي سڀ ڪجھ ٿيندو،
    اٽو ٿيندو، لٽو ٿيندو،
    چانھ به ٿيندي، کنڊ به ٿيندي.
    _ _ _ _ _ _ _ _
    اف الا! هاڻي ڇا ٿيندو
    ڳڻتيءَ جھڙو مرض نه ڪوئي
    ڳڻتي جھڙو مرض نه ڪوئي.
    ***

    اڪيلائپ

    ڪڏهن ڪڏهن ڪي
    پيارا ماڻهو
    من پرڀائي
    ويندا آهن.
    جي نه ته، اڪثر
    ڪنڊ ۾ ويٺو
    پڙهندو آهيان
    تنهائيءَ تي
    ڪڙهندو آهيان
    وهمن سان پيو
    وڙهندو آهيان
    خيال جي چاڙهي
    ڏاڪو ڏاڪو
    چڙهندو آهيان.
    پر پوءِ ڪڏهين
    ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو آهيان
    چوٽيءَ کان پَٽِ پوندو آهيان
    چوندو آهيان
    ڪو ته هجي جو،
    ڏئيم سهارو
    تنهائيءَ جو هيئن گذارو
    ڪيسيتائين؟

    ***


    مون کان پوءِ

    هو جو مون کان پوءِ
    پڄي.
    ساڳئي تڙ تان پاڻي پئي
    مارين کان نه ڊڄي
    آزاديءَ سان گھمندي
    ات منهنجا
    پير پسي
    سمجھي شال سگھي
    ذات ڀلاري ناهي
    پر ڏات ڀلاري آهي
    ماريءَ کي ماري
    جذبات ڀلاري آهي.
    ***

    منزل ڏانهن

    چنڊ اڀريو، مگر
    رات روشن نه ٿي
    هي چؤ طرف اونده
    انڌوڪار آ
    اٿو دوستو!
    پنهنجي هٿ ساڻ
    شمعون، جلائي کڻو!
    اڄ ته اڀ تي به آهين
    ڪارا ڪڪر.
    ڪڏهن ڪڏهن وڄ جو
    ڪو چمڪاٽ آ
    خبر ٿي پوي
    آهيون پهتا ڪٿي
    اوهان، اڄ به مايوس
    ڏسجو پيا!
    نيٺ هلڻو ته آ،
    مڃان ٿو ته هي راه آ
    پُر خطر
    ۽ طوفان جو ڀي ته
    امڪان آ
    مگر ماٺ ويهي رهڻ ۽
    ڊڄڻ، روا ڪونه آ.
    هيئن ته آسان، مشڪل
    نٿو ٿي سگھي.
    اسان ڏانهن منزل
    نه ايندي هلي.
    اسان کي ئي هلڻو آ
    منزل طرف
    ذرا سوچيو!
    نا اميدي ڇڏيو.
    اوهان جيڪڏهن
    حق جي راه ۾
    جان پنهنجي ڏيو
    تا، امر ٿي وڃو
    هلندا هلو
    ڪجھ ته هلندا هلو
    پنهنجي منزل طرف
    پنهنجي منزل طرف!
    ***

    ٿڌڙا ساھ

    هئه هئه هي مسڪيني حالت
    منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن
    مون وٽ ايڏا پئسا ڪونهن
    جو مان ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي
    کين وڃان!
    روئي روئي، ڦٿڪي ڦٿڪي
    منهنجو روح رنجائن پيا ٿا
    منهنجي جان جلائن پيا ٿا،
    مون کي خود ڦٿڪائن پيا ٿا.
    ٻارن جا ڪيهاٽ هوا ۾
    منهنجا ٿڌڙا ساھ هوا ۾
    گڏجي اڄ پرواز پيا ڪن--
    رات سڄي مون ننڊ نه ڪئي آ
    مان ۽ منهنجي گھرواري ٻئي
    معصومن سان گڏجي سڏجي
    لڇيا، ڦٿڪيا جاڳيا آهيون
    هئه هئه هي مسڪيني حالت
    منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن!
    *


    • وايون

    ڀوڳيون پيا پيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    چئني طرف چُرن پيا، ڪارنهن جا ڪيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    گندين گھُگھ اونداھ جا، لهي پيا ليڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    اڀريا ارھ ٻاٽ جا، ٽٽي پيا ٻيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    ساھ نپوڙن ٿا پيا، ڀَوَ سندا ڀيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    مينهوڳيءَ جي مُند ۾، سوچيون اوچيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!

    روشن تارا پرينءَ جي، مُنهن جا موهيڙا،
    اڻٽيهين اڌرات جو!
    ***


    ڪومل ڪومل مکڙو تنهنجو، ڪُوماڻو آ ڪيئن؟
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    آڌيءَ جيڪو عشق هئو سو ساڳيو ويل وِچينءَ!
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    نيٺ رسايو منزل تي آ، سڀ کي راه سنئينءَ،
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    ڀاڪر ۾ نه ڪيو تو پهريان، ڪيڏو ڪالھ ڀُلينءَ!
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    محبت! تنهنجي مِهرَ مڃان ٿو، محنت ساڻ رهينءَ!
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    راشد! جھُومون، ڳايون ويٺا، ڀريو پيگ پرينءَ!
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!
    اسان وٽ جذبو جيئن جو تيئن!

    ***


    ٽھ ٽھ تنهنجا ٽهڪ ٽِڙن ٿا، ٻھ ٻھ مٺڙا ٻولَ پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    ڳوڙها ڳاڙها رت جا ڳاڙيم، موتي هِي انمول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    پرکين پرکَ ته ڪُوڙن جا، اڄ پڌرا ٿيندا پول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    ڪارونجھر جيئن آهيون بيٺا، ارڏا جوانَ اڏول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    ڪيسين ڪانچ اگھامي، ٽٽندا ٽوڪر سان سڀ ٽول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    ڪهڙيءَ ڪَٿَ قبول ڪرايا آهن، قيد ڪڙول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    سوچ ته راشد! ڇا لئه ڇڏيا، هيڏا رنگ رتول پرين!
    او ڍول پرين، او ڍول پرين!

    ***


    هر جاءِ حق موجود ڪري ويو، عشق اوهان جو!
    نينهن اوهان جو!

    هستي هوڏ حرام ڪيائين، نيٺ هڻي نابود ڪري ويو،
    نينهن اوهان جو!

    شوقَ شڪارَ ڇڏائي شاهي، آزادي محدود ڪري ويو،
    نينهن اوهان جو!

    پارس تون ۽ لوھُ هُيس مان، سونو آھ وجود ڪري ويو،
    نينهن اوهان جو!

    جيڏهن ڪيڏهن تنهنجي صورت، ڌرتي ڪُل مسجود ڪري ويو،
    نينهن اوهان جو!

    هوس اياز اڳي مان راشد! محبت ۾ محمود ڪري ويو،
    نينهن اوهان جو!
    نينهن اوهان جو!

    ***


    ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ آ تلاءُ، اچو ته گڏجي واهَ وَهايون!
    پاڻيءَ تي ئي پوک پچي ٿي، ساوڪ ۾ آ ساءُ،
    سايُن پوکن ۾ سرهايون!

    ڌرتي سونا سنگ ڏيڻ لئه، ماندي آهي ماءُ،
    هاري يارو هر ته هلايون!

    ٻنيءَ ونيءَ تي سر ڏينداسون، ڀيڙو ٿئي هر ڀاءُ،
    دنگ تي پنهنجو رنگ رچايون!

    آھ ٻَڌيءَ ۾ طاقت ڏاڍي، ڪم ۾ پڻ اڪلاءُ،
    ساٿي گڏجي ساٿ نڀايون!

    روڳي ماڻهن جي لئه راشد! ٿي نه ڪڏهن پوراءُ،
    محنت ڪريون ڇو پڇتايون!

    ***

    هيڻا هڏ هلائي،هٿ جي هاج ڪري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    پيٽ بُکيوآ، ديس ڏکيو آ، سُور چَري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    اڻ ڳڻيون ڳڻتيون، ڳاراڻا، پاڻ ڳري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    روشن مستقبل ٻالڪ مُنهن، ٺار ٺري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    ڏولاوا ڄڻ ڏاج مليا هِن، ڏُک ڏري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    واهڻ ۾ هر عيش خوشيءَ کان، آھ پري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    راشد! هر ساعت ۾ ڪائي، آس مري ويٺي،
    ڀرت ڀري ويٺي!

    ***

    سَوَپڙاڏا سَڏ جا، ڪنهن جا ڪُوڪَ ڪئي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    کڙٻڙ کڙٻڙ پنڌ ۾، کڙ کڙ ڇَڪڙي جي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    گونجي وئي گجگوڙ سان، هرڪا ڳوٺ ڳلي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    ڪڙڪي بجلي قهر جي، ڪڙڪڙ ڪڙڪڙ ٿي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    اندرُ چيري آھَ وئي، سِنڌ پئي سُڏڪي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    وائي ورجائِي پئي، راشد! رات سڄي،
    ڇا تو ڪانه ٻُڌي؟

    ***


    ڦٽيون پيون چونڊينِ، سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    سونَ سريکا هٿڙا، چاندي پيا ميڙينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    ميڙيو، مُٺيون ڀريو، ڪانبا خوب ڀرينِ
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    ڪنهن پر ٽهڪ ٽڙيا رهن، ڳالهيون پيون ڳولينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    نيڻ نماڻا ٻاجھ سان، نينهن نياپا ڏينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    محنت ڏي محبوبڙا، سرها ساه سڏينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    ڇڻ ڇڻ چوڙيون ٻانهن جون، ساز نوان ڇيڙينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    پورهيت شلِ پگھر ۾، ڪڪر! ڇانوَ ڪرينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!
    راشد! خوش ٿي کيت ۾، گيت پيون ڳائينِ،
    سرتيون وؤنڻن وچ ۾!

    ***

    راس نه آئي رات، راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!
    ساڙيو آھ سرير کي، هير گھلي هيهات،
    راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!

    سُڃ لڳي ٿي سرتيون، مومل جي محلات،
    راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!

    منٿ مڃي شل مينڌرو، ڏاگھ چڙهي ٿي ڏات،
    راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!

    لوئي ويندي لوڪ ۾، منهنجي ذات صفات،
    راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!

    راشد! شاهي شوق جي، آھ بُري هر بات،
    راڻي ريءَ ڙِي جيڏيون!

    ***

    ڪي ڏکن ۾ ختم، ڪي سکن ۾ لڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    زهر جون ڪي وٽيون، ڪي ته مصريءَ ڳڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    ياد ماضي ڪَنن ۾ ٻُري ٿِي چڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    ڪين وسرن اهي جيءِ سان جي جڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    هارَ سُکَ جا ڪڏهن، ڪڏهن لڙڪن لڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    قول ۾ جي ڪَڙيون، آس ۾ سي سڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    ٽهڪ ٽڙيا ڪڏهن، ڪڏهن راشد! رڙيون،
    زندگيءَ جون گھڙيون!

    ***

    ماڻهو موچارو، چپجي ويو سارو،
    ضرورت جي زد ۾.

    هڪ ئي گوڏ غريب کي، آرهڙ ۽ سيارو،
    ضرورت جي زد ۾.

    اڄ پڻ گھَرِ مسڪين جي، ڏرجي پيو ڏارو،
    ضرورت جي زد ۾.

    ڳڻتين ڳاريو حافظو، ٿي پيو ويسارو،
    ضرورت جي زد ۾.

    ماٿيلي کان ميرپور، سيوهڻ، سامارو،
    ضرورت جي زد ۾.

    آيو خون ٻچي جو، وڪڻي ويچارو!
    ضرورت جي زد ۾.

    مرندي ڏسو ٿا پيا، راشد کي يارو!
    ضرورت جي زد ۾.

    ***

    ويھ پرين! موسم کي ماڻيون، مٽجي پئي حالات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    لفظن جو آ کيت پڪو پيو، ڏاٽو هڻندي ڏات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    تنهنجي منهنجي پيار جا ويري، غاصب ٿيندا گھات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھلي پئي، پکي لنون پيا لات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    ياد جو پيالو چاڙھ چپن تي، ماضيءَ ۾ هڻ جھات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    تنهنجي پٿريلي بت ۾ ڪا جاڳايون جذبات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    راشد! گڏجي سوچڻ سان ئي، ماري ٿيندا مات،
    رھ ته اڄوڪي رات!

    ***


    لهندڙ سج لالاڻ، اکڙين ۾ ڳاڙهاڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    سهڻا ماڻهو سبيتا، ساهن جي سرهاڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    خوشروئن جي ساٿ ۾، خوشبوئن جي کاڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    ها، پر حيدرآباد جي، منگھن تي ميراڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    پَسبِي سڀاڻي، پَرينءَ - مينهنِ جي آلاڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    اچو، ڪيون دوستو! راشد ساڻ رهاڻ،
    ڦليليءَ جي ڪپَ تي!

    ***

    منهنجو سر بسجود، تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!
    واءَ جو جھوٽو اک جو اشارو، منهنجو ڪکُ وجود،
    تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!

    تنهنجي آڏو ڪجھ به نه آهيان، نسورو نابود،
    تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!

    ڀل ته کڻي فرعون هجي ڪو، نمي پوي نمرود،
    تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!

    هيچ نظر آيو هرڪو، دنيا جو بارود،
    تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!

    نعرا هڻندو، چوندو ايندو، هرڪو ”حق موجود“ !
    تنهنجي نيڻ نهار اڳيان!

    شهرت، عزت، دولت راشد! هرڪا شيءِ بي سود،
    تنهنجيءَ نيڻ نهار اڳيان!

    ***

    کليو ڪنهن جو وَرُ، چمڪيو چاقوءَ ڦَر،
    ريلا وهيا رت جا --!

    ڪنڌ ڀڄي ڪمدار جو، اجاڙيائين گھرُ،
    ريلا وهيا رت جا --!

    ڀاڙين ماڻهن کي مليو، ڀوتارن جو ڀر،
    ريلا وهيا رت جا --!

    بَڇ تي ڪيڏو ٿو وڙهي، ڪُتو يا نوڪر،
    ريلا وهيا رت جا --!

    اَن داتا جي خونَ جو، ڌرتيءَ پيتو جَرُ،
    ريلا وهيا رت جا --!

    سوريءَ چڙهِي سچ چئي، ”راشد“ آ شاعر،
    ريلا وهيا رت جا --!

    ***

    آخر سنڌوءَ جَل، کاڌي نيٺ اڇل،
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    هُرندا رهيا هانوَ ۾، پيارا ماضيءَ پل،
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    نا اميديءَ لهرِ ٿِي، ٻوڙيا آس- ڪنول،
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    ڪنهن ڪنهن سِپَ جي پيٽ ۾، آهن لعل لڪل،
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    جابر جوءِ ڇڏي وڃ ، سُجھي ڪابه نه ٽل،
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    ترسيا ڪهڙيءَ تاڙ ۾، ٻاٻاڻن جا ٻَلَ!
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    راشد! منهنجي رنج جي، ڪنهن کي ڪهڙي ڪل!
    ڳوڙهن ڳل پسائيا.

    ***


    هلجي ڪهڙي هَٽِ، مَڌ نه ڪنهن جي جي مَٽِ،
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    گڏجي متارا هلي، مرجي موکيءَ وٽِ!
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    هئه هئه! سُڪر ڏينهڙا، گھاءَ نه ڪنهن کي گھٽ،
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    مئخاني جي ماڪ کي، چِري دل پئي چٽِ،
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    دلڙي! صبر ساڻ هِي، گوندر گھڙيون ڪَٽِ!
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    راشد! سَري لاءِ تون، سر جو سانگُ به سٽِ!
    ٺڪر سڀ ٺلها ٿيا.

    ***

    متان لوڪ ميار، سهين سِرِ ميهار،
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    لونءَ لونءَ ڪانڊاري وئي، ٻڏندِيءَ جي ٻاڪار:
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    محبت کائي مات ڇو، هوڏ نه ڄاڻي هار!
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    دلي کي ته نه دل کي، ڇڪنِ دريا آر :
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    ڪاهي پئي ڪُنن ۾، الفت جي آڌار:
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    تاتِ نه ڏسي راشدا! تانگھا توڙي تار:
    سهڻيءَ سان مل سير ۾.

    ***

    جھيڻو ڳالهايو،
    متان جاڳايو،
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    مَسَ مَسَ آهي ماڳ ڏي، منٿن موٽايو:
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    سرچِي سُتو سيج تي، پلنگ پرچايو:
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    منزل هڻي ڏور کان، آڌيءَ جو آيو:
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    شايد اٿڻ سان ڪري، وڃڻ جو سعيو:
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    رکي يا نه رکِي سگھي، راشد جو رايو:
    سرتيون، منهنجو سپرين!

    ***

    ڊاءَ ڏياري ڊپُ، ننڊ به ڪيئن ايندي؟

    دريا پائيندو اچي، هِي گھَرُ ۽ هو ڪَپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    لولي، گوليءَ بَکُ ٿي، ڪونه چُري ٿو چَپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    سيني سيني جي مٿان، سُرندو رهندو سَپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    ويڄ به ويچارا ٿيا، ڪهڙو ڪُهنو تپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    ڳيري ڳيري جي مٿان، بازن جو آ جھپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    هُو ڄڻ سپنا سورَ جا، باقي تنهنجو کپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:

    سيءَ جھل جي لئه راشدا! ڪوبه نه ٽارو ٽپُ:
    ننڊ به ڪيئن ايندي:
    ***


    ڳوليندي راهون، سج لهي ويندءِ!

    منزل پسنديون ڪينڪي، انڌيون نگاهون:
    سج لهي ويندءِ!

    ڪاٿي رهيو قافلو، ڪاٿي ٿيون ڪاهون:
    سج لهي ويندءِ!

    ڪُڌِي! ڪرهي ڪنڌ ۾، ٻئي وجھُ ٻانهون:
    سج لهي ويندءِ!

    سڻندءِ ڪوبه نه سُڃَ ۾، اڪيلي آهون:
    سج لهي ويندءِ!

    رهبر نه ٿئي راھ ۾ پنڌ به پراهون:
    سج لهي ويندءِ!

    راشد! شل سمجھي سگھين، سڄڻن صلاحون:
    سج لهي ويندءِ!

    ***

    محنت هاڻا هٿڙا جنهن جا، محبت وارو من:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    پورهيت پورهئي ساڻ بڻائي، ڌوڙ منجھاران ڌن:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    ڏيھ کي پائڻ، کائڻ لئه ڏئي، ڪپڙو توڙي اَن:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    ماکيءَ جي مک وانگر ڌن ۾ پنهنجي مست مگن:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    پاڻ ڏسي ڏُک پر نه سهي جو، ٻئي تي غم پل کن:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    ڌرتي سيتا جي لئه راشد! ڀوڳي آيو بنُ:
    سکي ڙي! سو منهنجو ساجن.

    ***

    ڌاڙو ڙي ڌاڙو اَلا! جيڏيون مون سان جاڙ ٿي --!

    پاڻي مٺڙو پيار جو، بنجي ويو ٻاڙو:
    جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!

    سُکي ننڊ سمهي پيو، اوڙو ۽ پاڙو:
    جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!

    منهنجي من مستان جو لالڻ ڏي لاڙو،
    جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!

    سُکُ سمهان ڪيئن سيج تي، سيني ۾ ساڙو:
    جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!

    راشد! راڻل ڏئي ويو، روڄ اهو راڙو:
    جيڏيون، مون سان جاڙ ٿي --!

    *


    • بيت

    الا! اڃان عام جي، سوچ نه ساماڻي،
    دودو، هوشو،ناهيان،هيمون ڪالاڻي،
    هيڏهن آنءُ اڪيلڙو، هوڏانهن سَوَ ساڻي،
    پيٽ به پورت ٿو گھُري، پرت به پُراڻي،
    هيڏهن آهي باھ ۽ هوڏهن آ پاڻي،
    سا پَرِ شل رهجي اچر، جا پر ڏاڏاڻي،
    سمرتي ساڻي، شال نه ٿئي سنڌ جي.
    ***

    قوم گھري قربانيون، پيٽ گھُري پورت،
    اٽو، لٽو ۽ اجھو، ظاهر ضرورت،
    عشق چوي ٿو ڀانئيو، فاقي کي فرحت،
    ٻن باهين جي وچ تي، ماڻهن موڙهي مَت؟
    مٽجي وئي صورت، سرتا! منهنجي سوچ جي.
    ***

    بک برابر بڇڙي، ماڻهو نِئي مانُ،
    پوءِ به چوي انسان، ڀلي بُک ڀرم جي.
    ***

    آيا گھڻا اوچتا، طاقتور طوفان،
    روشن رهيا عشق جا، راشد! شمعدان،
    دهلي ويا دهمان، دردن ڀري دل کان.
    ***

    دردن جي ڀرمار سان، بڻي دل درياھ،
    آيو عشق اٿاھ، ٻوڙيئين ٻن ٻيائيءَ جا.
    ***

    محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسانُ،
    هوس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي.
    ***

    کريل هئو خيال سو، صحبت سڌاريو،
    اندر اجاريو، اسان پنهنجو عشق سان.
    ***

    ڪنڌ ورائي ڪونه ٿو، ڪيڏهن سوئر ٻَٺ،
    ڪيرائي ڪِوِليون سگھن، هيڏو هاٿيءَ هَٺ؟
    وارو ڪري وَٺ، شينهن به ٻليءَ پونگڙو!
    ***

    ڪونڌر ڀڄي ڪينڪي، گدڙ ڀڀڪيءَ ڀر،
    جوڀن جھوٽو واءَ جو، ڪرڻو ٿئي سو ڪَر!
    پيارا! ڇڏج ڪينڪي، پنهنجي پياري پَرِ،
    اوري، ڌيان نه ڌرِ، منزل جو پَھُ مَنَ ۾.
    ***

    ميدانن مان وئين هليو، کائي ڀاڙ ڀَڄي؟
    جي تو غداري نه ڪئي ڇو ٿيئي اک لَڄي؟
    سچي ڳالھ سَڄي، سُڻائي مون ساٿ کي.
    ***

    اڏرڻ ڇڏي عرش تان، لالچ ۾ لهندو؟
    ڦاسي پکي راشدا! ڦاهيءَ ۾ پوندو؟
    ٻوريءَ مٿان زهر جي، وَرَ وَرَ ڏئي چڙهندو،
    ڳڙي نه ڳهندو، مرندو ڪڏهن ڪينڪي.
    ***

    ٻاهر بوتو باز جو، اندرُ جھِرڪيءَ جيئن،
    ڪانئر ٿيندو ڪيئن؟ راشد! راکو ديس جو.
    ***

    آيو آھ ڏمرجي، ڏات مٿاهون ڏيھ،
    ڇڏيو ڇوھ ڇنڊڻ سان، ڇسن ڪري ڇيھُ،
    غفلت جي گرداب مان، ڪڍڻو آ ساڻيھ،
    ٿڌي سيني ساڻُ جِي ٻُڌين اچي ويھ،
    منهنجي اکِ ۾ پيھُ، ته سُڃاڻين تون سچ کي.
    ***

    ماڻهو منهنجي ملڪ جا، مٺا مصريءَ تَڙَ،
    دشمن جي لئه رُڪَ ۽، سڄڻن لاءِ رَٻَڙ،
    يارن لاءِ ٿڌا گھڙا، ويرين لاءِ امڙ؟
    اوڏهن ملڪ اجڙ، جيڏهن ڪاهِن جوش مان.
    ***

    جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن مچي مُڙس ٿي،
    شينهڻ آهي سنڌڙي، تون پُٽ تَنهن جو شينهن،
    ڏاڍا اٿم آسرا، نڀائيندين نينهن،
    محنت سندو مِينهن، وسائج تون وڏڦڙو!
    ***

    جنهن جنهن اجرڪ اوڍيو، جنهن جنهن مٿي پڳَ،
    جنهن جنهن ڌڻ رڍن جا، جنهن جنهن ڏاچين وڳَ،
    تنهن تنهن ٻَڌو سَندرو، ڏين مبارڪ جڳَ؟
    ٺڳيندي اي ٺڳَ، اسان کي تون ڪيترو؟
    ***

    ويهو ڇو ٿا ويسرا، ڀڙڪايو ڀنڀٽ،
    لڳي ويئي ذهن جي، ڪهاڙين کي ڪٽ؟
    اڃا ڀي چئو ٿا ڀلي، سنڌي سڏجي ڄٽ؟
    لاهي اچو لٽ، ماضيءَ جي تاريخ تان.
    ***

    ڏوتا آيا، ڌڱ اٿو، ڌرتي ساري ڌوڌ،
    ڪينو، وير، ڪروڌ، ڪڍڻو آهي ڏيھ مان.
    ***

    ڳڀرو ڳاڙها ڳوٺ جا، هارين جا ٻچڙا،
    سدا سونهنِ کيت ۾، سخن جا سچڙا،
    لڙيو سج، اوطاق تي، مچائيون مچڙا،
    ڪهاڙيون تکيون ڪيئون، ڪير چوي ڪچڙا،
    ڳچي ٿِئي ڳچڙا، ته به ساٿ هميشه سچ سان.
    ***

    اچ ته ڪريون اي پرين! ڊپ ۽ لالچ ناس،
    دانهون ڪري درد مان، دوزخ آھ اداس،
    پاڻهئي پيا فرشتا، وٺندا جنت واس،
    هڻي هام، حراس، لاهيون ساري لوڪ تان.
    ***

    حقيقت آ حال جي، غربت گذارو،
    اصل ائين آھ جيئن، اَڪن تي پارو،
    نه سوکو سيارو، نه ڪو سُک سانوڻ ۾.
    ***

    ڪوھ ڪرين ٿو ليٽ، قاصد قريبن جا،
    چئج چاھ چريو ڪيو، چوکي ڏئي چپيٽ،
    سندي ڀورل ڀيٽ، ڪنهن سان ڪريان ڪينڪي.
    ***

    وَرُ ڙي، قاصد وَرُ! متان ڪو مري وڃي،
    جُدائيءَ ۾ يار جي، جال وهايان جر،
    جھَليو گھر جو دَر، ويٺو واٽ نهاريان.
    ***

    ڏاڍي آھ اڪير، تنهنجي ڏسڻ جي مون کي،
    وڇوڙو وَڌِ موت کان، نيڻ وَهائن نير،
    جُدائي جا تير، اَچي ڪڍ اندر مان.
    ***

    اکڙيون رت رُئن، ساريو توکي سپرين،
    تارا تڪن رات جو، ڏينهان راه ڏسن،
    جدائي ڏئي ٻن، موٽي اچ مون ڏي پرين!
    ***

    گھوريا سانوڻ ڏينهن، پرين جي پرديس ۾،
    وَر ريءَ وانڍين کي ڏين، ڪهڙو مزو مينهن،
    نهوڙيون جي نينهن، سي ڪيئن سُکُ پسنديون!
    ***

    ٻن پيا سانوڻ ڏينهڙا، پرين آ پرديس،
    اڌما آڌيءَ جو اچن، ساريو ساريو کيس،
    شل ڪو رحم پويس، ورڻ جي وائي ڪري.
    ***

    وريو سانوڻ سهنج ٿيا، ڏک جا ڀڳا ڏار،
    سرتين لڱ آگھاريا، ڪيئون رات قرار،
    منهنجو سڄڻ ڌار، بدن بدبودار ٿيو.
    ***

    موٽيا سانوڻ ڏينهڙا، موٽي آءُ، ميان!
    پسيو پاڙي واريون، وِھ جا ڍُڪ پيان،
    سڙي سيخ ٿيان، ان کان اڳي آءُ تون!
    ***

    سانوڻ آيو سهنج ٿيا، مهلون مينهن ڪيون،
    ورن ورڻ جون گھرين، خبرون اڳ پيون،
    لاهي ساڳ ڪُنا ڪيون، سرتين تيار سَيون،
    اسان ڪالھ ڪيون، مهٽي ماٽيءَ جي مٿان.
    ***

    پرين کي پڄاءِ، کنياتا! منهنجو خطڙو،
    ويٺو جنهن جي لاءِ، راهون روز نهاريان.
    ***

    کڻي خط اڏام، کنياتا! خوش ٿي خيال سان،
    پرت جو پيغام، پهچائج پرينءَ کي.
    ***

    ڪانگا! قاصد ٿيءُ، وڃ پرينءَ جي پار ڏي!
    جڳُ جڳُ جڳُ ۾ جيءُ، جلدي آڻ جواب کي!
    ***

    ڪانگا! قرب ڪري، ڪاغذ نيجُ قريب ڏي،
    اڳيان دوست ڌري، آزيون ڪج عجيب کي.
    ***

    آءُ ڪانگا! ڪَر ٻاجھَ، وڃ تون محبوبن ڏي،
    وِجھان ويٺو واجھَ، سگھو آڻ سنيهڙو.
    ***

    ڪانگا! ڪَر نه آوير، سگھو پهچ پرينءَ کي،
    ڍونڍين متان ڍير، کچڻي کائج خوش ٿي.
    ***

    سوچڻ ڌاران ساٿيو، انڌو عشق عذاب،
    عقل رِيءَ انسان جو، خانو آھ خراب،
    علم، عقل، عشق جو، ناتو آ ناياب،
    غرق ٿيو غوراب،جنهن کي سِڙھ،سُکان،نه پاتڻي.
    ***

    انسان لئه علم آ، قيمتي زيور،
    بي زرن لئه زر علم، بي پَرن لئه پر،
    شهر به آهي بَر، علم ڌاران دوستو!
    ***


    جي چاهيو ٿئي جڳ ۾، جيئڻ سجايو،
    علم، عقل، عشق کي، گڏي هلايو،
    عشق عقل پاڻ ۾، ڇو ٿا ويڙهايو،
    ڪلفت گھٽائي ڇڏيو، محبت وڌايو،
    سڀ سان نڀايو، راشد! ريت پريت جي.
    ***

    اچو گڏجي دوستو، ڦيرو ڪو آڻيون!
    عقل، علم، عمل کي، هڪ ٻئي سان واڻيون،
    ريتون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان.
    ***

    ليکي ۾ ير لوڪ جي، اڄ پڻ آهي عيد،
    پر هن موقعي مهل ۾، عاشق جي نه اميد،
    ٿيندي عيد سعيد، جانب اچي جُوءِ ۾.
    ***

    کاڌا ماڻهن عيد تي، خوش ٿي کنڊون کير،
    اڳيان رکيو راشدا، پرينءَ جي تصوير،
    توريان پيو تقدير، پنهنجي ۽ ٻئي لوڪ جي.
    ***

    جن سان سڄڻ ساٿ ۾، سي ڀل عيدون ڪن،
    عيد مبارڪ ڏيڻ لئه، مرڪي مرڪ ملن،
    پرين جي پرچن، اسان پڻ عيدون ڪيون.
    ***

    اچي عشق اندر ۾، ڪيا اوتارا،
    فاتح ٿي دل جي مٿان، نينهن هنيا نعرا،
    ختم خوشين جا ٿيا، ڪوٽ قلعا سارا،
    کسجي ويا خيال کان، سکن سهارا،
    اچن اوٿارا، ساريو سورن سلسلو.
    ***

    هڪ ته پري آ مون کان، پيارن جو پاسو،
    ٻيو ته آهي پيار جو، پنڌ به وارياسو،
    ٽيون دکيءَ دل ۾، وهمن جو واسو،
    قربن ڪاسي تي نه ملي، محبت جو ماسو،
    راشد دلاسو، من ڪو ملي دوست کان.
    ***

    لنئون لڳي، لوري وڌي،لونءَ لونءَ اندر لات،
    جھڄڻ جھوراڻو رڳو، تن من تنهنجي تات،
    سنڌ سنڌ ۾ آ سور ۽ ساھ کي آ سڪرات،
    راشد، شل اڄ رات، اهنجن کان آجا ٿيون!
    ***

    اچي اڄ دلگير تي، دردن لاتي دڙَ،
    سکن کي ساڙي ڇڏيو، آڻي عشق امڙ،
    من ۾ مچ ٻرن پيا، اکين ۾ ته به جھُڙ،
    لهن راشد! لڙ، پرين جي پهچي پوي!
    ***

    پاري ساڙيو اَڪ کي، لڳو اتر واءُ،
    سرتيون وٺن سگھريون، سِيءَ ۾ سمهڻ ساءُ،
    مون وَرَ، موٽي آءُ! ماڻهو ماڳين موٽيا.
    ***

    هي ڪوڇو، هن هنڌ، هتي منهنجو ساٿ آ،
    پاڻهيءَ ايندس پنڌ، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    هي ماڻهو، هي ماڳ، هتي منهنجو ساٿ آ،
    کٽي منهنجو ڀاڳ، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    هي ويڙهيون، وڻراھ، هتي منهنجو ساٿ آ،
    سٽون کاڌيو ساھ، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    هي جھنگل، هي جُوءِ، هتي منهنجو ساٿ آ،
    سرهي آيم بُوءِ، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    هي ڀٽون، هي ڀُون، هتي منهنجو ساٿ آ،
    ڇو ٿو تاڻين تون، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    هي چارا، هي گَسَ، هتي منهنجو ساٿ آ،
    مطلب مليو مَسَ، لاري جھل ته لهي پوان!
    ***

    گھر ۾ گھاريندي ڪيو، سڪڻ جون نه سڌون،
    سڀ ڪجھ گھوري سچ تان، اڳتي وک وڌون،
    اچ ته قول ٻڌون! قسم کڻي ڪڙم جا.
    ***

    مرشد منهنجو ڀٽ ڌڻي، ڀونگر منهنجو ڀاءُ،
    ٿي ويو سچي ساٿ جي، سوچن سان سرچاءُ،
    نياپا آڻي نينهن جا، اڄ پڻ اتر واءُ،
    سمهڻ ڪهڙو ساءُ، جيڪو جدوجهد ۾.
    ***

    جن جي پرت اڇاتري، تن کي حال چوان؟
    ماٺي محبت جن سندي، مائٽ سي نه مڃان،
    اگھاڙو ٿي راشدا! آڏو عام اچان،
    اهڙي جُوٺي جيئڻ کان، ٻڏي ڇو نه مران،
    ڪرڻو آھ اڃان، پيار لڪائي لوڪ کان.
    ***

    ماڻڻ ڪارڻ ماڳ جي، ڪيڏو پنڌ ڪيوم،
    ڪنهن کي ڏسيم ڪينڪي، ڪهڙو سور سٺوم،
    تيئن ئي چنڊ مٿي چڙهيو، جيئن ئي سج لٿوم،
    منزل کي ته مَيوم، وک وڌائي وتري.
    ***

    ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته سڀ ڪنهن وٽ،
    هلي پيو ٿو ڪوڙ جو، هوڪو هر ڪنهن هٽ،
    ملان مير ۽ پير ڏس، ڪانهي ڪنهن ۾ گھٽ،
    موڳا مور نه مٽ، سچ کي ڪڏهن ڪچَ تي.
    ***

    ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته سڀ جي سونهن،
    قلب ڪارا ٿي ويا، دلين مٿان دونهن،
    منهنجي روح ورونهن، راشد! سُوجھڻ سچ کي.
    ***

    ڳالهائيندڙ ڳهلا ٿيا، نه ته سچ ته بيٺو نچ،
    سچن هيرا پلئه پيا، ڪوڙن حاصل ڪچ،
    سچن جي رھ سنگ ۾، بد صحبت کان بچ،
    مردن آھ مچائيو، محبت سندو مچ،
    سچا، اچي مچ تي، پتنگن وانگر پچ!
    اوري اٿي اچ! ته ڏسين سچ جي سونهن کي.
    ***

    عاشق مست فقير، سودو ڪن ٿا سر جو،
    هيڏهن سينا سپر ٿيا، هوڏهن تکا تير،
    سورهيه سيني گھاوَ ۽ ڪانئر نيڻين نير،
    مرڪن ٿا مهمير، شهادت جي شوق ۾.
    ***

    اَلا، سنڌ جيئي! جيئي نظارو نور،
    اڪن جھليون ڦلڙيون، ٻيرين جھليو ٻور،
    چشم بد دور، سدا رهي سنڌ کان.
    ***

    الا! سنڌ جيئي، جيئن سنڌي ٻار،
    سنڌي لکن، سنڌي پڙهن، بڻجن سنڌ سڌار،
    الف- بي اچار، اچارن اسڪول ۾.
    ***

    الا! سنڌ جيئي، جيئن سنڌي جوان،
    ميٽيندا هي مرد ئي، آيل جا ارمان،
    سنڌيت جا پروان، جلائيندا جان کي.
    ***

    اَلا سنڌ جيئي، جيئن سنڌي جُھورَ،
    سما جي انصاف لئه، سوين ڏٺن سور،
    پوڙها ويٺا پور، پچائن پرھ جو.
    ***

    اَلا سنڌ جيئي، جيئن هر هاري،
    پورهئي سان جن پانهنجي، جُوءِ سڄي جياري،
    ڏک جي ڏيکاري، تن کي اچي ڪينڪي.
    ***

    جيئن سي آهن پاڻ ۾، سنڌوندي، سنڌ،
    تيئن آ منهنجي جند، جڙيل تنهنجيءَ جان سان.
    ***

    ساري توکي سپرين، اکيون ٻوٽيون مون،
    اڳيان آئين تون، ٺهي نقشو سنڌ جو.
    ***

    هڪڙو نقشو سنڌ جو، ۽ ٻيو آهين تون،
    جن جي ڪري مون، جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
    ***

    جھڙو نقشو سنڌ جو،تهڙي تنهنجي سونهن،
    منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي.
    ***

    هوڏنهن سور سنڌڙيءَ جا، هيڏنهن ٻيا صدمان،
    اچن ٿا اڌمان، ساريو سورن سلسلو.
    ***

    هوڏنهن سنڌ جا سور، هيڏنهن سور سڄڻ جا؟
    هوڏنهن غيرن گھاوَ ڏنا، هيڏنهن پنهنجن پور؟
    وڃن ڀلا ڪيڏهين، مون پارا مجبور؟
    نسورا ناسور، عوشاقن جي اندر ۾.
    ***

    تنهنجو منهنجو ٺاھ، شايد ڪڏهن ڪين ٿئي؟
    مون کي مٺڙي سنڌڙي، توکي مٺو ساھ،
    ٿيندو ڪيئن نباھ، ڪانئر ۽ ڪنڌار جو!
    ***

    تنهنجو منهنجو واسطو، ناهي جٽادار،
    تون ڪيئن منهنجو ٿي سگھين ، ڀاڱي ڀائيوار،
    مون کي آهي ملڪ سان، پاڻان زيادھ پيار،
    توکي پنهنجو خيال، جيئن ونگو نه ٿئي وار،
    ڪانئر ۽ ڪنڌار، گڏجي رهندا ڪينڪي.
    ***

    هونئن ته آهيون ٻئي ڄڻا، مٽيءَ پنوڙو،
    پوءِ به نه ٺهي ٿو ڪڏهن، پنهنجو هي جوڙو،
    آڏو مشڪل کي ڏسي، مُنهن کي ڏين موڙو،
    سڏي پيئي قوم ۽ تون ٻڌڻ کان ٻوڙو،
    تيار ڪيو گھوڙو، سڏ سڻي مون سنڌ جا.
    ***

    حيف هجيئي لالچي! لالچ لڙھ لڳين،
    آڏو ڏسي ڏکڙا، ڏيئي پُٺ ڀڳين،
    ناهئي سورهيه،پيءُ جو، شايد رَتُ رَڳين،
    پڌر پئين جڳين، ڪانئر هڪڙو ڪڙم مان.
    ***

    هلو هلو ساٿيئو! ساجھر ئي سنبرو،
    نيرانا نڪرو، مانجھاندو محبوب سان.
    ***

    هلو هلو يار کان، سبق سور سکون،
    باقي چار وکون، پنڌ نه آهي پرڀرو!
    ***

    ايندا سچا عاشقو! باھ ڪيو ڀڙڪو،
    ڊيڄن جي لئه کوڙ آ، دوزخ جو دَڙڪو،
    ور ور ڏئي وڙڪو، پتنگ جيان مچ تي!
    ***

    جي تون عاشق آهين، دوزخ ڏي ئي ڊوڙ!
    پچڻ چاهين، پنڌ پؤ، ٽانڊن تي ڪر توڙ!
    ماڻهن کي منهن ٽوڙ، جنت لاءِ جواب ڏي.
    ***

    نالو وٺين نينهن جو، ته نڪري ٿي نروار!
    ڪات ڏسي ڪانئر ڀڄي، سورهيه سوريءَ سوار،
    ڪونڌر ڪنڌ ڪٽار، ٻيئي ٻکيا پاڻ ۾.


    • قطعا

    وري ڌرتيءَ تي ڪو سقراط نه ماريو ويندو،
    ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
    ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
    جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
    ***

    وري ڌرتي تي ڪو سقراط نه ماريو ويندو،
    ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
    ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
    جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
    ***

    اسان سقراط ٿي وِھَ جو وٽو پي وينداسين،
    اسان منصور ٿي سُوريءَ تي چڙهي وينداسين،
    لبن تي ڪلمه حق جاري سدائين رَهندو،
    اسان سرمد ٿي راهِ حق ۾ ڪُسِي وينداسين.
    ***

    اسان به عشق جي ٻارڻ ۾ ٻري ڏسنداسين،
    اسان به درياھِ محبت ۾ تري ڏسنداسين،
    عشق فرهاد ۽ مجنونءَ جو مقاطعو ناهي،
    اسان بلال و عنايت ٿي مري ڏسنداسين.
    ***

    پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
    بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
    سنڌوءَ جي ڄڻين ساڻ ڪو ليکو نه اٿئون،
    پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئون نه ڪبو!
    ***

    ڪم ظرف جي تائيد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
    انصاف جي اميد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
    چوندن کي نه آ جھل، نڪا پرواه ئي آهي،
    الزام جي ترديد ڪئي ٿئون نه ڪبي.
    ***

    رڳوئي غير جي ظلمن ته ستايو ناهي،
    مگر افسوس جو پنهنجن به گھٽايو ناهي،
    اسان کي آس هُئي ٺارڻ جي، مگر ٻاري ويا،
    اهو آ ڪير جهين درد دُکايو ناهي.
    ***

    ستايو خوب ستايو ۽ ظلم برسايو،
    نٿو غيرن کان پڄي غم ته، پنهنجا ورسايو،
    اچي هُو منهنجو پرين مون کي ٻٽي تير هڻي،
    شهيدِ ناز سندو لاش، گھڙي ترسايو.
    ***


    سچي تي ڪوڙ جي ڪاهيو ته ڇا ٿيو؟
    وري بهتان ڪنهن ٺاهيو ته ڇا ٿيو؟
    نمڪ جو حق ادا ڪرڻو هو هن کي،
    ڪُتي مون تي اگر باهيو ته ڇا ٿيو؟
    ***

    هِن ديس ۾ دستورجو نالو نه هجي ها،
    ڪاراڻ هجي ها ۽، اجالو نه هجي ها!
    هيءَ قوم انڌيرن ۾، ڌِڪا کائي ها هر دم،
    راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
    ***

    تهذيب جو ڪنهن جي به هَٿ، ڀالو نه هجي ها،
    غيرن جي زبانن تي به تالو نه هجي ها،
    لولي آ ملي جنهن ۾، سا ٻولي نه هجي ها،
    راشد! جي ڀٽائيءَ جو رِسالو نه هجي ها.
    ***

    دستور مئه نوشن جو نرالو نه هجي ها،
    هر لب تي جيئي سنڌ جو پيالو نه هجي ها،
    تهذيب، ثقافت به اسان جي نه رَهي ها،
    راشد! جي ڀٽائي جو رسالو نه هجي ها.
    ***

    سنڌيءَ ۾ ڪو مضمون، مقالو نه هجي ها،
    ڪو لوڪ گيت، بيت، جمالو نه هجي ها!
    ڪو نثر، نظم قوم کي، زنده نه رکي ها،
    راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
    ***

    سسئيءَ جو ڪٿي ياد ڪشالو نه هجي ها،
    سهڻيءَ جي ترڻ سيرَ جو، نالو نه هجي ها،
    مارئيءَ جي وطن لاءِ حُب، معلوم نه ٿئي ها،
    راشد! جي ڀٽائي جو رِسالو نه جي ها.
    ***

    جي شاه جو قوميت لئه، حوالو نه هجي ها،
    سنڌيت جو ڪو مستان موالو نه هجي ها،
    نه ڏات رَهي ها، نه ڪائي بات ٿئي ها،
    راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
    ***

    اسان وٽ اڃا آس اميد واري،
    اوهان وٽ ظلم روز پيو ٿو وِيامي،
    شرافت اتي ليٿڙي ساهُ ڏئي ٿي،
    جتي پير جي ٿي ڪرامت وڪامي.
    ***

    ڦِٽي ڪين اس تي گلابن جو رنگ،
    ڪڙهي ٿئي ٿو ڪارو ڪبابن جو رنگ،
    ٽِمي نور ٿو پِيرَ جي مُنهن منجھان،
    کڻن هَرُ ته ڏسجي نوابن جو رنگ.
    ***

    ڪنڌ تي ڪاتي ڏسي ڪانئر ڪُڌو ڪُرڪِي پيو،
    لالچي ڳِجھَ وانگيان آ، ڍُونڍ تي ڍُرڪي پيو،
    خوش نصيبي آھ سر ٿو قول تي قربان ٿئي،
    مون کي مقتل ۾ ڏسي، محبوب اڄ مُرڪي پيو.
    ***

    ڀري پيٽ پنهنجو ڪتا ڀي سگھن ٿا،
    ڪو چوندو ڪُتي لئه ته حيوانُ ناهي؟
    جو ڏک ۾ ڏسي ٻين کي خوش رهي ٿو.
    اهو سمجھ انسان، انسان ناهي.
    ***

    جگر چاڪ ٿي پيا گلن جا خزان ۾،
    ۽ مالهيءَ جي دل تي ڪو داغ ئي نه آهي،
    آ غدار جنهن باغ جو باغبان ٿيو،
    اهو باغ سمجھو ته باغ ئي نه آهي.
    ***

    غريبن کي ظلمن جو گھيرو ڏسو ٿا،
    هي چؤطرف ڄڀين جو ڄيرو ڏسو ٿا،
    مصيبت ۾ هاري ۽ مزدور آهن،
    رڳو خوش سِرائي، وڏيرو ڏسو ٿا.
    ***

    چون ٿاظلم هي ختم ٿي نه سگھندو،
    غريبن تي رحم ۽ ڪرم ٿي نه سگھندو،
    چوان ٿو نسل نئون سجاڳيءَ ۾ آهي،
    ڪنهن جو مال هاڻي هضم ٿي نه سگھندو.
    ***

    گذريون جي اوهان ساڻ گھڙيون، ياد ڪنداسين!
    مکڙيون جي محبت جون ٽِڙيون، ياد ڪنداسين!
    ڪن ٽوڙي ڇڌيون ٿي، ڪنين مضبوط ڪيون ٿي،
    سي قرب ۽ الفت جون ڪڙيون، ياد ڪنداسين.
    ***

    وڻ جنهن به هيٺ ويهجي، ان کي به ڪجي ياد،
    ساٿين جي ذڪر ساڻ، سدائين رَهي دل شاد،
    ڪنهن سک ته ڪنهين سور ڏنا، پو به اي راشد!
    منهنجي ته دعا آھ ته سڀ خوش هجن آباد.
    ***

    انسان آهيون، دوست هر انسان اسان جو،
    هندو به اسان جو ته مسلمان اسان جو،
    ماڻهن ته اسان کي گھڻن ڪافر به چيو آ،
    پر امن ۽ محبت ۾ آ ايمان اسان جو.
    ***

    زندگيءَ ۾ شعر هن جو ڪنهن ڇپڻ چاهيو نٿي،
    مرڻ کان پوءِ چون ٿا، واقعي وڏو شاعر هئو،
    محب وطنيءَ جو مليو مرحوم کي سرٽيفڪيٽ،
    جڏهن جِئرو هو تڏهن غدار هو، ڪافر هئو!
    ***

    محفل ۾ اڄ راشد جو ڪو گيت ڪنهين آ ڳاتو،
    واتُ وڏيري جو گِڦ ڀريو آھ چڙيو چؤ واتو،
    نانءِ جنهين جي ملڪيت ناهي، ناھ جهين جو کاتو،
    مُلڙن جي لئه مِهڻو آهي، پيرن لئه پاراتو.
    ***


    • ٽيڙو

    اچ، اچ، اوري اچ!
    سمجھُو ماڻهو پاڻ ڏي
    سڏي پيو ٿو سچ.

    ***

    ماڻهوءَ ماڻهوءَ مَنُ،
    اهڙو هجي اجرو،
    جھڙو ٻيجِي اَنُ.
    ***


    مَسُ کٽي وئي آ،
    لکيم ريٽي رتَ سان
    باک ڦٽي وئي آ .
    ***


    اچ اچ اوري اچ!
    سمجھو ماڻهو پاڻ ڏي
    سڏي پيو ٿو سچ.
    ***


    بيٺڪ يارن جي،
    جيئن ڪا ڪاري نُڀَ ۾
    ٽم ٽم تارن جي.
    ***


    شمع ڏني ڪانڍ ،
    هلي آئي سيگھ ۾
    پروانن جي لانڍ .
    ***


    لکڻ جي لئه چَس،
    روح گھُري ٿو محبتون
    پين گھري ٿي مس.
    ***

    مايا موهيئي من،
    تڏهن تنهنجي روح ۾،
    ڦٿڪي مُئو فن.
    ***


    سائين لَپَ ڇڙهِي،
    نه روءِ منهنجا ٻچڙا!
    اِجھا رَٻَ چڙهي.
    ***


    رنڙ جواڻ جماڻ،
    روئي ۽ رڌي پئي،
    ٻاڪُڙ ٻارن ڪاڻ.
    ***


    ڪيڏي آس امنگ،
    ڪٽي ڪڍندي ان ڪڻا.
    ميڙي کِرَ جا سنگ.
    ***


    ڇپر ڀنا بوند،
    ڏسجي ٿي چٽي پٽي
    اکين ۾ اڻهوند .
    ***


    ڌرتي ناهي سَنڍ،
    بِھَ ۽ لوڙھ ڏئي پئي،
    موريون، بصر ڳنڍ .
    ***

    ماڻيندؤ فرحت،
    ضامن آهن سُک جا،
    ايڪو ۽ الفت.
    ***


    ڌڙڪي پيئي دل،
    مان ۽ اوسيئڙو ٻئي،
    دادو مورو پل.
    ***


    چانڊوڪيءَ سان چاھ،
    اڻٽيهينءَ جي چنڊ ۾
    ڪوڙو هي ويساھ.
    ***


    چور پيا جاڳن،
    ڀاڳيا ننڊ نڀاڳ ۾
    ڪتا پيا ڀؤنڪن.
    ***


    اکيون ائين چمڪن،
    ڄڻ ڪي آس اميد جا،
    ڏيئا پيا ٽمڪن.
    ***


    جرڪي پيئي جوءِ،
    اوسو پاسو واسيو،
    بيد مشڪ جي بوءِ.
    ***

    ڪڻڪون نِسريون،
    پوکون پنهنجو ڇا چوان
    ڇوريون سانوريون!
    ***


    پڪيون ڄاڱريون،
    وري رتايون اسان
    پنهنجون آڱريون.
    ***

    سيڪي رکيا مون،
    سهڻا! تولئه سوکڙي،
    کاءُ اچي آڀون!
    ***


    لوڏي کٻڙ لام،
    ٽٻ ڪنداسون ٽٻڻا،
    پٽبا پيرون جام.
    ***


    پير پيا ٽچڪن،
    جيئن ڪي تتل تئيءَ ۾،
    ڦُلا پيا ڦٿڪن.
    ***


    مون کان ڪيئن وسرن،
    ساين سارين جي مٿان،
    ڪنگ پيا اڏرن.
    ***

    وسريون تشبيهون،
    ظلم زورِي سونهن سان،
    ٻُڌيون مون ڪيهون.
    ***


    ڪڍي سج ڪني،
    پهتو وَرُ ٻنيءَ تي،
    وٺي ساڻ وني.
    ***


    ڪيئن ٿو ڪم اڪلي،
    ڪانڊا ٽانڊا اڀ مان،
    سجُ پيو اڇلي.
    ***


    پاري ساڙيا اڪ،
    ههڙيءَ سرديءَ سامهون،
    سسئيءَ لنگھيا لڪَ!
    ***


    ڏونگر ڏکيرا،
    ظاهر ڪن ٿا ڪينڪي،
    پنهل جا پيرا.
    ***


    پُري پئبو پنڌ،
    اوڏنهن جيڏهن جوءِ جا،
    جوڌا هڪ ئي هنڌ.
    ***

    ٿيندي ڪا چرپر،
    راشد! آهي راڄ جي
    هانون ۾ هُرکر.
    ***


    گڏيا آهيون گڏ،
    آنءُ پڙاڏو ان جو،
    تون جو آهين سڏ .
    ***


    لکندي رات لڙي،
    هڻي هڻي نيٺ مون،
    ڪئي تاريخ کڙي .
    ***


    چوڌاري چڻ ڀڻ،
    رنگ لڳايو راشدا!
    اندر جي اڻ تڻ.
    ***


    ڄرڪي پيئي ڄاڻ،
    ٻريا ڇيڻا سوچ جا،
    ڀڙڪيا ڀُتا ڀاڻ.
    ***

    مٽبو نيٺ سماج،
    ٿوري ٽوڪر سان اهو،
    ٽٽي پوندو عاج.
    ***

    ماڻهن کي پڪڙي،
    جھلي سگھندؤ ڪين ڪي،
    جذبن کي جڪڙي.
    ***


    پختو آ ايمان--
    جيڪو پاڻ سڃاڻندو
    آجو آ انسان.
    ***


    پڃري ۾ چوڦير،
    گھمندي ڇا سوچين ٿا
    باندي ببر شير.
    ***


    ٻُڌو ڪن کولي!
    کنيو اسان ڪونه آ
    ٻانهپ کي ٻولي.
    ***


    اڏريا ابابيل،
    هيڻي جيون جي هٿان
    فنا ٿيندا فيل.
    ***


    وڏي ٿئي ويڙهاند،
    ڏين ماڻهن کي رڳو،
    وسوسا ويساند.
    *


    روح نه ٿيندءِ رَڄُ!
    اِن اڍنگي ساٿ کان،
    مٺيون ڀيڙي ڀڄ!
    ***


    ڇا ٿو چئي راوي،
    ماڻهن ۾ جا ماٺ آ،
    تپي پئي آوي.
    ***


    مل ۾ ٿيو لولو،
    وڪڻي ويٺو زال جو
    بُکَ مَرِي، بولو.
    ***


    ڪاريگر جو موتُ،
    ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا،
    ساري گھر جو موت.
    ***


    ڪيڏي آ پٽ کوھ،
    ڪن ماڻهن جا ذهن ڄڻ،
    ڏوهل ٻڪرين اوھ.
    ***


    پُرجھي مون به پڙهيو،
    ڪاريگر جي قرب سان،
    جنڊيءَ ذهن چڙهيو.
    *


    هر ڪنهن طور تڪڙ--
    سڀ ڪو سيري پاڻ ڏي
    سياري جي ته سَوڙِ.
    ***


    روشن هُئي راھ،
    ليڪن لٿي ڪانه ڪا،
    انڌن تان اونداھ.
    ***

    ڍينگوئي ڍيري،
    سچائيءَ جي سامهون
    ڪوڙ بڻيو ڪيرِي.
    ***


    ڀل تون ٻانهون لوڏ!
    آئي آهي ڪچي ۾،
    ورهين کان پوءِ ٻوڏ.
    ***


    الا! هي اک ٽيٽ،
    هڻي چور نگاھ سان،
    نظرن جا ٿو نيٽ.
    ***


    دوڌاري تلوارَ،
    چنيسر دهليءَ پڳو،
    دودي لئه آزار.
    ***

    موٽي وڃ ميان!
    ملندو ڪو محمود ڇو،
    قاضي قاضن سان!
    ***


    سي ڪيئن ڪبا سيڻ،
    جن ماڻهن جي منهن ۾،
    نائونمل جا نيڻ!
    ***


    آڪڙ نه ڏيکار،
    رئيس وڏا مسڪين تي،
    دوڏا نه ڦوٽار!
    ***

    رئيس جي پگھر ۾ شل،
    هڪل هاريءَ کي ڪيئين،
    جھلي مور نه جھل!
    ***


    ائين ته نه ڀاڙي ٿيءُ!
    رئيس وڏا! پنهنجي هٿين،
    پاڻي اٿي پيءُ!
    ***


    کائڻ لاءِ کرو،
    انگين عضوين سيبتو
    ڪم کان سيٺ! ٻرو.
    ***

    سوئي ڪميڻو،
    جيڪو ڪري ڪونه ٿو
    ڪک ڀڃي ٻيڻو.
    ***


    ڏاڍا وڏا پيٽ،
    ها پر وڏي رئيس سان
    ڪنهن جي ڪهڙي ڀيٽ.
    ***


    ڦري ويا ٿئي هاڻ،
    تو جي چمچا ڌاريا،
    ٽانڊي ٽوپيءَ ڪاڻ.
    ***


    ڇڪي هڻ ڇوڪر!
    ڪري پوندا ڪيترا،
    ساٽي ساڻ سڱر.
    ***

    ڪک به وڏي وَٿ،
    هيڻو ناهين ڇوڪرا
    هلائي ڏس هٿ!
    ***


    همٿ ڪر هيڪر!
    ڇاڻن ڳاڙها ٻير پيا
    ڇاڙپ سان ڇوڪر.
    ***

    ٽاريءَ ٽاريءَ بُلَ،
    ڇنيو کائن ڇوڪرا،
    وڻ ويڙهيءَ جا گل.
    ***


    ٺاهي جوڙ، جٿا،
    ٻار هليا ميدان ڏي،
    آٽي تان نه لٿا.
    ***


    موجون پيا ماڻن،
    ڇوڪر تتل ڏينهن ۾،
    سڱريون پيا ڇاڻن.
    ***


    انٽرويوءَ ۾ پاس،
    ڇا مان ڇاهي ٿي ويو
    رزلٽ نه آئي راس.
    *


    • ضمير واھ واھ ڪئي! : تاج جويو

    شاعر؛ فطرت جو عڪاس ۽ سونهن ۽ سچ جو پارکو آهي. سماج جي ڪوجهائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري، ان ۾ سونهن ڀرڻ شاعر جو ڪم آهي. شاعر، جنهن سماج ۽ جنهن ماحول ۾ اک پٽي ٿو، ان سماج ۽ ماحول ۾ ئي هن جي شاعري سرجي ٿي. ان ڪري، ضروري آهي ته شاعر کي پنهنجي سماج جي سڌاري ۽ سنوار لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي وسيلي طور ڪم آڻڻ گھرجي. هڪڙن جي راءِ آهي ته شاعر، پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ ۽ سماج جي اصل تصوير پيش ڪري ٿو، پر ٻين شاعريءَ کي زندگيءَ ۽ سماج جي تنقيد ڪوٺيو آهي. سندن نظر ۾ شاعريءَکي رڳو سماج جي آرسي نه ٿيڻ گھرجي، پر بهتر سماج ۽ بهتر زندگيءَ جا چٽ چٽڻ ۽ تخليق ڪرڻ به شاعريءَ جو ئي ڪم آهي.
    شاعريءَ لاءِ قائم ڪيل پوئين راءِ ئي بهتر ۽ موزون آهي، ۽ اڄ جي هر شاعري، اِن ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گھرجي. سماج ۾ موجود تضادن ۽ انساني درد ۽ پيڙا کي محسوس ڪري، انساني زندگيءَ ۾ سک، سانت ۽ امن جي آڻڻ لاءِ جدوجھد جو سبق ڏيڻ هڪ صحيح شاعر جو ڪم آهي. شاعر جيئن ته عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور ۽ ساڃاھ جو مالڪ هوندو آهي، ان ڪري انساني درد ۽ پيڙا کي به ٻين کان وڌيڪ محسوس ڪندو آهي. شاعر کي پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گھرجي، ٻين جا ڏک ۽ سور، پنهنجا ڏک ۽ سور سمجھڻ گھرجن. سائين محمد ابراهيم جويي هڪ ڀيري چيو هو ته ”جيڪو ٻين لاءِ جيئڻ جو سنيهو ڏئي ٿو، اهو ئي سچو شاعر آهي.“
    منهنجي نظر ۾ راشد جي شاعري، محمد ابراهيم جويي جي پيش ڪيل مٿئين نقطي جي وضاحت ۽ تفسير آهي.
    راشد سان منهنجي سڃاڻپ 1966ع کان آهي ۽ راشد، شاعريءَ ۾ منهنجو استاد به آهي. سندس ذاتي زندگيءَ ۽ عملي ڪردار کي به مون تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آهي. سندس گھڻي ڀاڱي سموري شاعري به پڙهي اٿم. ان ڪري، مون لاءِ راشد ۽ سندس شاعريءَ محمد ابراهيم جويي جي راءِ جي روشنيءَ ۾ پرکڻ ڏکيو مسئلو نه آهي.
    راشد، هڪ سادو، سٻاجھو ۽ صوفي منش ڳوٺاڻو ۽ ٻين جو هڏ ڏوکي شاعر آهي. ذاتي طرح به هڪ نيڪ ۽ ڀلو ماڻهو آهي، ان ڪري ٻين لاءِ پڻ نيڪيءَ ۽ ڀلمانسيءَ جا جذبا رکي ٿو. هن پنهنجيءَ توڙي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي گھرائيءَ ۽ ويجھائيءَ کان ڏٺو آهي، ان ڪري هڪ شاعر جي حيثيت ۾ زندگيءَ ۾ سونهن ڀرڻ جو جذبو هن جي دل ۾ سدائين موجود رهيو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي پڻ اِن پس منظر ۾ سرجيو آهي ته زندگيءَ ۾ سونهن ڪيئن ڀرجي. هن جيترو پنهنجي داخلي زندگيءَ ۽ جذبن کي شاعريءَ ۾ پرٽايو آهي، ان کان وڌيڪ خارجي زندگيءَ ۾ مشاهدن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. راشد جي شاعري، شمشيرالحيدريءَ چواڻي ”موجوده سنڌي شاعريءَ وانگر داخلي- خارجي ميل جو نمونو آهي. ”پاڻ-پرک ۽ جڳ-پرک، راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو آهي. راشد جي اک، هڪ پارکو شاعر جي اها روشن اک آهي، جيڪا وقت کان اڳ جاڳي ٿي ۽ زندگيءَ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڪردارن کي اصل روپ ۾ ڏسي ٿي. راشد جي شاعريءَ مان سماجي زندگيءَ جي عڪس سان گڏ ان زندگيءَ جي مقصد جو ڏس ملي ٿو. سماج ۾ رهندي، هن جي شاعراڻي اک، جيڪي ڪلور ۽ انساني درد ۽ پيڙا جون تصويرون ڏسي ٿي، ان جو احساس ٻين کي به ڏياري ٿو. ٻين کي به ٻڌائي ٿو ته عام ماڻهوءَ تي سماج ۽ ان جا ٺيڪيدار، مذهب، رسمن ريتن، نظرين، چڱمڙسيءَ ۽ ٻين ٻنڌڻن جي نالي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪن ٿا، ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڇو ۽ ڪيئن ضروري آهي؟
    راشد جي شاعري، بي مقصد نه آهي، پر مقصد سان ڀرپور آهي. راشد رڳو ڇپر ۾ ڇڙهيون، ڪونه ٿو هڻي، پر هڪ مقرر مقصد ۽ واٽ تي هلي ٿو، جا سچ ۽ سونهن جي ماڳ ڏانهن وڃي ٿي. سندس مقصد، معاشري، قوم ۽ ڌرتيءَ جي ڀلائيءَ سان واڳيل آهي. ان مقصد لاءِ نه رڳو ڏس ڏئي ٿو، پر راشد جو عملي ڪردار پڻ ان جو واضح ثبوت آهي.
    راشد جي شاعري، لفظن جي هيرا ڦيريءَ ۽ خيالن جي ورجاءَ واري نه آهي، جيئن اڄڪلھ جي ڪيترن شاعرن جي شاعري ائين محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن وٽ خيالن جي نواڻ ۽ موضوعن جي جھجھائي آهي. سندس شاعري بيٺل پاڻيءَ جو دٻو نه پر مست سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. سندس شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ روح ۽ جان آهي. لفظن ۾ جان وجھڻ، هڪ پختي شاعر جو ئي ڪمال آهي.
    راشد، 1957ع کان شاعري ڪري پيو. سندس سموري شاعريءَ جي ڳوڙهي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته ڪيئن نه حالتن جي ارتقا سان گڏ سندس شاعري پڻ ارتقا ڪندي رهي آهي.
    راشد جيئن ته مذهبي (سيد) گھراڻي ۾ جنم ورتو آهي، ۽ سندس ڏاڏو نورشاھ توڙي والد سعيد علي شاھ خادم پڻ شاعر هئا، جن جي شاعري، مذهب ۽ مجاز جو ميل هئي، ان ڪري جڏهن 1957ع ۾ راشد شاعري شروع ڪئي ته اباڻي ورثي موجب سندس شعر تي مذهبي اثر غالب رهيو. ان وقت طرحي مشاعرن ۽ ”بزم صابر“ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري، سندس شاعريءَ، زماني سازيءَ ۽ مجازي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. هن جي ابتدائي شاعريءَ مان مذهبي رنگ ۽ حضرت عشق جي تذڪري جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:


    چاڙهي چڙهي مجازي، حاصل ڪيم حقيقت،
    هئي اڳ ۾ بت پرستي، پائي آ حق پرستي،
    حق هر جا آھ شهود، جوئي عبد، اهو معبود!
    راشد ٻيو موجود نه آ، حق موجود آ، حق موجود!
    ــــــــــــــــــ
    دڪان دل جي ۾ دردن جو ثمر ڪافي آ،
    ڪو خريدار هجي، ڏيانس، وکر ڪافي آ.
    ـــــــــــــ
    راشد، 1962ع کا ماستري ڪري رهيو آهي، اِن سلسلي ۾ گھر کان ٻاهر رهڻ ڪري، عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ويجھي کان ڏسڻ جو کيس موقعو مليو. ان زماني ۾ هن جي شاعريءَ، مذهبي رنگ ۽ ”فڪر يار“ کان ٿورو ٻاهر نڪري، عام زندگيءَ جو معائنو ڪيو. هن کي عام سنڌي ماڻهو، وڏيرڪي ۽ پيرڪي سماج ۾ ڦاٿل نظر آيو. هن ڏٺو ته پورهيو هڪڙي ڌر ڪري ٿي ۽ ان پورهيي جو ڦل، ٻيا ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو کائي ٿا وڃن.اِن ڏاڍ جي نظام، هن جي ذهن ۾ بغاوت پيدا ڪئي، ۽ هن جي شاعريءَ عوامي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. 67 ـــ 1966ع وارو زمانو ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف عوامي اُڀار جو دور هو. 4 مارچ 1967ع واري واقعي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جي تحريڪ کي نوان لاڙا ڏنا. راشد جي سوچ جيئن ته عوامي رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي. ان ڪري هن جي شاعري، آسانيءَ سان قومي سوچ سان هم آهنگ ٿي وئي. ان دور جا ڪجھ مثال ٻڌو:

    هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيرن جي،
    مان باغي هان سو باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي،
    هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هت توکي تياري نيرن جي،
    اڄ دنيا ڏسندي ڪيئن ٿيندي آ، جھڙپ بکايل شيرن جي
    مان باغي هان، مان باغي هان!

    اپيل آ نوجوان کي ۽ سنڌ جي پاسبان کي،
    وري چوريو زبانن کي، ڏڪايو آسمانن کي،
    ڀڄــــايو بدگــــمانـــن کي، رهايو رازدانن کي.
    ته جيئي سنڌ، ته جيئي سنڌ!
    موجوده دور ۾ راشد جي شاعري پراڻن ماپن، جذباتي ۽ هنگامي اظهار کان وک وڌائي، فني پختگيءَ، نواڻ ۽ حقيقت جي ويجھو پهچي چڪي آهي. راشد جي هن دور ۾ فني اوسر ايتري ته تيز رفتاريءَ سان ٿي، جو سندس شمار هن وقت سنڌ جي جديد شاعرن جي سٿ ۾ ٿئي ٿو.
    مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو، ”ٻين لاءِ جيئڻ“ پئي رهيو آهي. هن جي سوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل پئي رهي آهي. هو پنهنجي جيوت کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور ئي نه ٿو ڪري. ضمير جي خوشي، قوم جي خوشيءَ ۽ ڀلي لاءِ سوچڻ ۾ لڪل آهي. ان موضوع تي سندس هيٺيون نظم بهترين آهي.
    جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
    ۽ باھ ۾ ٻين جي پاڻ کي وجھان ته ڇو وجھان،
    رڳو نه مون تي بار آ، جي سچ چوان ته ڇو چوان،
    جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
    ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
    ـــــــــــــــ
    جڏهن به سوچيم ته آءٌ ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان،
    جي قوم آھ بيوفا ته مان به ڇو وفا ڪيان،
    غريب پاڻ، پاڻهئي پيدا نه ڪربلا ڪريان،
    چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو خدا خدا ڪريان!
    ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
    ـــــــــــــــــ
    ۽ جڏهن سوچيم: ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
    ڀلي ته مان سڙان،پچان، ٻين کي سک ڏئي سگھان،
    ڀلي ته سر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان،
    ٻيو اچي اچي نه ڪو ته مان ئي راشدا اچان،
    ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو، ضمير واھ واھ ڪئي!
    راشد، سونهن ۽ سچ جو تذڪرو، پنهنجي شعر جو موضوع بنايو آهي ۽ خوب نڀايو آهي:

    سونهن تي سچ جي ٿيا سڀ سوچ جا دفتر ختم،
    پيار ان ۾ ٿي ويا ڪئين پير، پيغمبر ختم!
    سونهن تي تنهنجيءَ سڀئي تشبيھ جا دفتر کُٽا،
    عشق جن توسان ڪيو، سي دين،دنيا کان ڇٽا!

    راشد، سونهن ۽ سچ ڇاکي ٿو سمجھي ۽ وٽس سونهن ۽ سچ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، ان جو جواب سندس شاعريءَ مان ئي ملي ٿو. راشد ڌرتيءَ جي سونهن کي ئي سچ ٿو سمجھي. هن جي سوچ، ڌرتيءَ (سچ) کي پنهنجو مرڪز بنايو آهي. هن سچ کي ڏٺو ۽ ان جي سونهن کي پسيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو هن گل ۽ بلبل جي قصي ۽ حسين تصور کي ٺڪرائي، پنهنجي شعر کي ڌرتيءَ جي محبت سان واڳيو آهي:


    گل ۽ بلبل جي قصي تي پاڻ ڇو جھومي اٿون،
    دانهن جي ڌرتيءَ جي هوندي، شعر تي وهوا ڪبي!

    اڃا آ ساھ جان ۾، اڃا نظر نشان ۾،
    ۽ تير آ ڪمان ۾،اي سنڌ تنهنجي شان ۾،
    نه ڳالھ بد سٺي اٿم، اڃا ته زندگي اٿم!

    راشد سمجھي ٿو ته ڌرتيءَ جو آواز، سچ جو آواز آهي، ۽ ان تي وقت جي آمرن طرفان پهرا ۽ بندشون وڌيون وينديون. پر بندش جي کيس پرواه نه آهي:

    ساٿ سان اورڻ سورتي بندش،
    ٻڙڪ ڪڍڻ ٻاڦور تي بندش،
    هاري ۽ مزدور تي بندش،
    ڪوڏر ۽ چنجور تي بندش،
    نئين ٽهي، نئين تور تي بندش،
    سرمد ۽ منصور تي بندش،
    اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !
    ـــــــــــ

    ڪنهن دل جي ايوان تي بندش،
    نظرن جي نيشان تي بندش،
    شمعن کان پروان تي بندش،
    ڀونئرن کان گلدان تي بندش،
    مانجھي مرد مهان تي بندش،
    ”حب وطن ايمان“ تي بندش،
    اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267699
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387994
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ