ڪتاب جو نالو: سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾
مصنف: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي / مولانا محمد قاسم سومرو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1702 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 461 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • انتساب
  • • بسم الله
  • • مترجم طرفان
  • • شاهه صاحب جن جو مختصر نسبت نامون
  • • قرآن مجيد ۾ سوچ ويچار(تدبر) ڪرڻ جي اهميت
  • • قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو مقصد
  • • سياسي ۽ سماجي طاقت جو دارومدار فلسفي تي
  • • شاهه صاحب ۽ ڪارل مارڪس جي نظرين ۾ بنيادي فرق
  • • هڪ شبـــهو ۽ ان جو جــــواب
  • • زڪوات جو بحث
  • • هڪ شبهي جو ازالو
  • • قرآن جو فڪر
  • • سماج جو هر هڪ ماڻهو محنت ڪري ڪمائي کائي
  • • سماج
  • • سماج جي ارتقا ۽ اوسر
  • • سماج جا درجا
  • • سماج جي ٻي منزل
  • • سماج جي ٽين منزل
  • • سماج جي چوٿين منزل
  • • پيداوار جا ذريعا
  • • زمينداري نظام
  • • اجتماعي نظام جي ڪيفيت
  • • اجتماعي اخلاق ۽ معاشيات
  • • ضميمو: امام شاهه ولي الله جا اقتصادي ۽ سياسي اصول

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوڏهون ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت امام شاهه ولي الله جي نظر ۾حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جڏهن ته سنڌيڪار
    مولانا محمد قاسم سومرو آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • انتساب

    هن ڪتاب ۾ مصنف علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مدظله جي شاگرد رشيد قدوت السالڪين حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي نور الله مرقده المعروف ”بزرگ ٻير وارن“جي نالي ....مترجم


    • بسم الله

    فرمان الاهي

    وبالوالدين احسانا وبذي القربيٰ واليتٰميٰ والمساڪين والجار ذي القربيٰ والجار الجنب والصاحب بالجنب وابن سبيل وما ملکت ايمانکم (النساءِ 36)
    ترجمو: ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پاڙيسري مائٽ ۽ ڌارئي مائٽ ۽ ڀرسان رهڻ واري ۽ مسافر ۽ پنهنجي هٿ جي مال (غلام يا ٻانهي)سان به ڀلائي ڪريو.
    وهديته النجدين وما ادراڪ مالعقبه فاڪ رقبه او اطعم في يوم ذي مسغبه يتيما ذا مقربه او مسڪينا ذا مترب
    ترجمو:۽ اسان ( خير شر جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ ۾ نه گهڙيو۽(اي پيغمبر)توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي؟اهو غلام کي آزاد ڪرائڻو آهي يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي.مٽي مائٽي واري يتيم کي يا مٽي ۾ رليل مسڪين کي(البلد 10 کان 16)
    واذا قيل لهم انفقوا مما رزقناکم الله قال الذين کفرو للذين آمنو انطعم من لو يشاءَ الله اطعمه ان انتم الا في ضلال مبين(ياسين 47)
    ترجمو:۽ جڏهن چيو ويندو آهي ته خرچ ڪريو ان مان جيڪو الله توهان کي رزق عطا ڪيو آهي ته اهي ماڻهو جن ڪفر اختيار ڪيو.ايمان وارن کي چوندا ته آهن ته اسان انهن کي کارايون جن کي الله گهري ها ته پاڻ ئي کارائي ها بيشڪ توهان ته پڌري گمراهي ۾ پيا آهيو.
    وفي اموالهم حق معلوم للسائل والمحروم(الذاريات 19)
    ترجمو:۽ سندن مال ملڪيت ۾ گهرندڙن توڙي نه گهرندڙن (مسڪينن ۽ ضرورتمندن)جو حق آهي.

    فان لم تفعلوا فاذنوا بحرب من الله ورسوله(البقره 279)
    ترجمو:پوءِ جيڪڏهن (وياج)نٿا ڇڏيو ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول جي طرفان توهان جي خلاف جنگ جو اعلان آهي.
    سرور ڪائنات صلي الله عليو وسلم جن فرمايو
    ڪنهن مسڪين رنڙ عورت ياڪنهن مسڪين ضرورتمند جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ وارو ٻانهو (الله وٽ اجر ۽ ثواب ۾)الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ واري ٻانهي وانگر آهي(بخاري .مسلم)
    سائل جو حق آهي توڙي جو اهو گهوڙي تي سوار ٿي اچي(ابو دائود)
    سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن(مشڪوات)


    • مترجم طرفان

    قران شريف ۾ الله تعالي فرمايو آهي ته”اليوم اڪملت لڪم دينڪم واتممت عليڪم نعمتي ورضيت لڪم الاسلام دينا“ ترجمو: مون دين اسلام ڪامل مڪمل ڪيو آهي ۽ دين اسلام هڪ ڪامل نعمت ۽ الله تعالي جي رضا حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي .ان آيت مان ثابت ٿيو ته دين اسلام هر طرف کان ڪامل مڪمل دين ۽ پورو پورو ضابطه حيات آهي.ان ۾ اسلامي عقيدن ۽ نيڪ عملن جي سکيا سان گڏ انسان جا معاملا يا تعلقات به پوري طرح سمجهايل آهن.
    حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو پاڪ فرمان آهي ته ”الدين نصيحه“يعني دين اسلام خير خواهي وارو دين آهي.ان حديث مطابق ته انسان ذات جي ڀلائي ۽ خير خواهي دين اسلام ئي سيکاري ٿو.پوءِ آخرت جي ڀلائي ۽ خير خواهي هجي يا دنيا جي ڀلائي.
    انسانن جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي وارن لاڳاپن ۾ اقتصادي (مالي) نظام يا ڏيتي ليتي وارو تعلق به هڪ لازمي حصو آهي.ان جي چٽائي به دين اسلام ضرور ٻڌائي آهي.رڳو ٻڌائڻ نه پر دين اسلام جي سيکاريندڙ آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن ۽ سندن جاءِ نشين خليفن سڳورن ته ان ماليات واري ضرورتن ۽ ان جي پورائي جو عملي نمونو پڻ ڏسيو ۽ ڪري ڏيکاريو آهي.هو حاڪم به هيا ته روحاني ۽ مذهبي اڳواڻ به هيا.هو چاهن ها ته عيش عشرت جي سامان کي پنهنجي لاءِ گڏ ڪرڻ ۾ ۽ دولت جي ڪٺي ڪرڻ ۾ حصو وٺي سگهن ها ۽ دنيا جي وڏن سرمائيدارن مان ٿي سگهن ها.پر اهڙو عمل هنن کي انسانيت جي نقصان ۾ نظر آيو.تڏهن هنن پنهنجي غربت کي پسند ڪيو ۽ ميڙڻ بدران تقسيم دولت کي هنن ضروري سمجهيو.
    نه رڳو ايترو پر حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ته اهڙي سنت کي زنده رکڻ لاءِ تاڪيد به ڪيو آهي ۽ فرمايو اٿن ته ”جڏهن توهان کي ماڻهن ۾ اختلاف نظر اچي ته ان وقت توهان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن خليفن سڳورن جي سنت جي پيروي ڪجو ۽ مضبوطي سان ان طريقي تي رهجو.
    هن دور ۾ جڏهن ته ڪيترا عالم سڳورا سرمائيداري يا جاگيرداريءَ جهڙن مهلڪ مرضن ک به دين اسلام مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ٻيا عالم سڳورا انهن جي مخالفت ۾ پاڻ پتوڙين ٿا ته انهن عالمن جي اختلاف جي وقت مسلمانن تي لازم آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن ۽ سندن خليفن جي سنت کي اپنائي دولت کي ورهائن جيئن حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن سندن خليفن عملي طرح ورهايو.
    جنهن دور مان اسين گذري رهيا آهيون اهو به ڪو گهٽ فتني وارو دور نه آهي.انسان ۾ فرقه پرستي يا اوچ نيچ جو هي حال آهي جو هڪڙن جي ٽجوڙين جون ڪنجيون وڏي جماعت کڻي هلي ٿي ته ٻئي طرف دنيا جي ڪيترن علائقن ۾ بکن ۾ بيحال ٿي هزارين ماڻهو مري رهيا آهن.
    اهو ئي سبب آهي جو اسان جو نوجوان طبقو ان قسم جي غلط روش کي ڏسي دين اسلام کان بدظن ٿي ٿو وڃي.
    اهڙي فتني واري دور بابت به رسول صلي الله عليه وسلم جن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ”جنهن فتني واري دور ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سنت کي جياريو ان ڄڻ هڪ سو شهيدن جو اجرحاصل ڪيو. جڏهن ته هن دور ۾ انسان ۾ غريبي ،اميري ،مسڪيني ۽ تونگري جي تفاوت هڻي هيڏا هاڃا ڪري ڇڏيا آهن ته علماء امت جي ذميواري آهي ته ان جو اهڙو علاج دين اسلام مطابق کولي ٻڌائين جنهن سان ايڏو وڏو فرق مٽجي انسان ۾ ڪنهن طرح جي برابري قائم ٿي سگهي پر افسوس جو ان ڏس ۾ تمام ٿورن عالمن سڳورن ڪجهه لکيو آهي.
    حضرت مولانا استاد سائين غلام مصطفي صاحب قاسمي جن جو ڪتاب اردو ۾ لکيل ”سماجی انصاف اور اجتماعیت شاہ ولی اللہ کی نظر میں“ ان موضوع تي لکيل مون کي نظر آيو.دل گهريو ته هن جو سنڌي ترجمو ڪجي جيئن اسان جا سنڌي ڀائر جيڪي پوري طرح اردو نٿا ڄاڻن مذڪوره ڪتاب مان فائدو حاصل ڪري سگهن.مون ترجمو ڪندي وت آهر ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سولي سنڌي ۾ ترجمو ٿئي.پر جيئن ته ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي فيلسفوفانه ڳالهيون به آهن جيڪي تمام ڏکيون هونديون آهن انهن کي سولي سنڌي ۾ آڻڻ هڪ تمام ڏکيو ڪم هيو.انڪري اهڙا مضمون جيڪي ٿورڙائي آهن اهي ڏکيا ئي رهجي ويا آهن.
    الله تعالي ڪتاب جي مصنف جي محنت ۽ منهنجي هن ترجمي ڪرڻ واري محنت قبول فرمائي.(آمين)

    محمد قاسم سومرو
    قاسميه لائبريري
    ڪنڊيارو ضلعو نوشهرو فيروز سنڌ


    • شاهه صاحب جن جو مختصر نسبت نامون

    بسم الله

    حضرت شاهه ولي الله صاحب محدث دهلوي رحه اربع جي ڏينهن 1114هه مطابق 1703ع ۾ ڄائو.
    دنيا جي تاريخ جي ارتقاء ۾ سندن اچڻ.ڪو اتفاقي واقعو نه هيو.پر قدرت پاران اسلام جهڙي بين القوامي دين جي صحيح تشريح ۽ امت محمدي صلي الله عليه وسلم جي مختلف فرقن ۾ جيڪو اختلاف ۽ جهڳڙو پيدا ٿي پيو هو.ان کي نبيرڻ ۽ سرمائيدارانه نظام سبب جيڪا ڦرمار شروع ٿي چڪي هئي.ان کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت شاهه ولي الله جن کي چونڊيو ويو هو.
    شاهه صاحب جن جو مختصر نسبت نامون هن طرح آهي.
    قطب الدين ولي الله احمد(1) بن عبدالرحيم بن وجيهه الدين بن معظم بن منصور بن احمد العمري.
    اهڙي طرح سندن نسب جو اهو سلسلو اسلام جي عظيم فاتح ۽ عادل خليفي حضرت عمر فاروق رضي الله تعالي عنه تائين پهچي ٿو.
    ابن تيميه ۽ ابن رشد کانپوءِ يا خود شاهه صاحب جن جي زماني ۾ ئي مسلمانن ۾ جيڪو عقلي تنزل شروع ٿي چڪو هو.انڪري اهڙي ڪا اميد ئي نه رهي هئي ته ڪو اهڙو دماغ جو صاحب پيدا ٿيندو پر الله تعالي کي پنهنجي قدرت جو نظارو ڏيکارڻو هيو جو هن آخري زماني ۾ جڏهن اسلام جي وجود کي ئي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون ته حضرت شاهه ولي الله جن جهڙو ناميارو شخص پيدا ٿيو.جنهن جي عجيب نڪتن جي آڏو امام غزالي ،علامه رازي ۽ ابن رشد جن جا ڪارناما به گهٽ نظر اچڻ لڳا (2)
    شاهه صاحب جن کي قدرت پاران جيڪي علمي ۽ عملي صلاحيتون عطا ڪيون ويون هيون.انهن جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نيڪ ماحول جي موافقت جو وڏو دخل هو.سندن والد بزرگوار شاهه عبدالرحيم محدث دهلويءَ جن علمن ۽ معرفتن جي تحصيل عالمگير بادشاهه جي زماني جي عالمن صالحن ۽ تڏهوڪي اسلامي سوسائٽي وٽان ڪئي هئي ۽ کين خاص معرفتون سندن ناني شيخ رفيع الدين دهلويءَ کان مليون هيون.شيخ رفيع الدين صاحب دهلوي جن طريقت جون منزلون پنهنجي والد بحر مواج قطب عالم وٽ طئي ڪيون هيون ۽ انهن وري پنهنجي والد بزرگوار امام عبدالعزيز بن حسن دهلوي جن کان فيض حاصل ڪيو هو ۽ ان پنهنجي پيءُ حضرت ڪمال الدين حسن بن طاهر دهلوي جن کان طريقت جو فيض ورتو هو ۽ ان پوئين بزرگ جي وفات 909 هه ۾ ٿي هئي.(التمهيد مولانا عبيد الله سنڌي)
    شاهه صاحب جن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ دهليءَ جي ڏهن بادشاهن جي حڪومتن ڏسڻ جو موقعو مليو هو. (1)عالمگير اعظم(2)بهادر شاهه اول(3)معز الدين جهاندار شاهه(4)فرخ سير(5)رفيع الدرجات(6) رفيع الدوله (7)محمد شاهه (8)احمد شاهه (9)عالمگرير ثاني (10)شاهه عالم ثاني
    شاهه عالم ٻئي جي زماني ۾ ۽ شاهه ولي الله جن جي وفات کان اٽڪل ٻه سال کن اڳ (لارڊ)ڪلائيو اله آباد ۾ بنگال بهار ۽ اوڙيسه جي حاڪميت بادشاهه کان کسي ڪمپني بهادر جي حوالي ڪئي.
    حضرت استاد علامه عبيد الله سنڌيءَ فرمائن ته تاريخ جو هر هڪ طالب العلم ڄاڻي ٿو ته مٿين بادشاهن جي زماني ۾ هندستان کي ڪهڙن ڪهڙن دل ڏڪائيندڙ واقعن مان گذرڻو پيو.ٻارهن ساداتن جو تسلط ۽ فرخ سير جو انهن جي هٿان تمام بيوسيءَ جي حالت ۾ قيد ٿيڻ.وري توراني حاڪمن جي هٿان ٻارهن ساداتن جو زوال ،مرهٽن جي بغاوت ۽ انهن جو عروج سکن جي بغاوت ،نادر شاهه جي ڪاهه ۽ دهليءَ ۾ عام ڪوس.احمد شاهه ابدالي ۽ پاڻي پٽ واري جنگ ۾ حق جي باطل مٿان سوڀ.هندستان جي سياست ۾ روهيلن جي ڀائيواري ايراني ۽ توراني حڪمرانن جي پاڻ ۾ دشمني.هندستان ۾ يورپي قومن جون لالچ واريون نظرون وري انگريزن جو بنگال وغيره ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان قسم جا ٻيا انقلاب به شاهه صاحب جن پنهنجين اکين سان ڏٺا.(شاهه ولي الله اور ان ڪي سياسي تحريڪ)

    هيءَ به حقيقت آهي ته شاهه ولي الله جن جنهن فڪر ڏانهن سڏيندڙ هئا ان فڪر جو اصل ٻج ته سندن والد شاهه عبدالرحيم صاحب جن پوکيو هيو جنهن کي پاڻي شاهه صاحب ڏنو.

    (1)شيخ الاسلام خواجه قطب الدين اوشي دهلوي جن وٽان روحاني طور سان شاهه صاحب جن جي پيءُ شاهه عبدالرحيم جن کي سندن ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي.انڪري سندن هڪ نالو قطب الدين احمد به رکيو ويو هو.
    (2)”علم الڪلام“ شبلي نعماني

    ولي اللهي دعوت کي جيڪڏهن صحيح طريقي سان جاچي ڏسبو ته ان جا چار بنيادي اصول معلوم ٿيندا.سڀ کان پهريون قرآن مجيد ۾ غور ڪرڻ ۽ مفسرن جي پنهنجي ذاتي راءِ ۽ خيالن کي ڇڏي سڌو سنئون قرآن شريف مان هدايت ۽ رهبري حاصل ڪرڻ .شاهه صاحب جن ان سوچ ويچار جا ڪجهه اصول ۽ طريقا پنهنجي جوڙيل ڪتاب”الفوز الڪبير“۾ بيان فرمايا آهن.


    • قرآن مجيد ۾ سوچ ويچار(تدبر) ڪرڻ جي اهميت

    شاهه صاحب جن قرآن مجيد جي سوچ ويچار سان مطالعو ڪرڻ کي هڪ لازمي سنت قرار ڏنو آهي. قرآن مجيد جي فارسي ترجمي ۽ ان جي حاشئي فتح الرحمان کي ان تدبر(سوچ ويچار) جو نتيجو سمجهڻ گهرجي. سندن کانپوءِ سندن پٽن شاهه عبدالعزيز ،شاهه عبدالقادر ،شاهه رفيع الدين صاحب ٽنهين پنهنجي پيءُ جي پيروي ۾ قرآن شريف جي وڏي خدمت ڪئي.شاهه عبدالعزيز صاحب جن تفسير ”فتح العزيز“ لکي قرآن مجيد ۾ غور و فڪر ڪرڻ ۽ قرآن مجيد جي آيتن کي پنهنجي دور جي ماڻهن جي حالتن سان مطابق ڪرڻ جو هڪ تمام سٺو نمونو پيش ڪيو آهي.اڳتي هلي ولي اللهي جماعت مان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن جن به شاهه عبدالقادر جن جي ترجمي ”موضح القرآن“جي اهڙي طرح اصلاح ڪئي جو اردوءَ جي پراڻن ۽ نه استمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي عام رائج لفظ وڌا ۽ ان جو نالو”موضح الفرقان“ رکيو.
    قرآن مجيد ۾ غور فڪر ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب جي ٻڌايل اصولن کي جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته هيءَ ڳالهه پڌري پت معلوم ٿيندي ته شاهه صاحب جن قرآن مجيد جي تعليمات ۾ موجود اصناعي روح ۽ اجتماعيت کي عمل ۾ آڻڻ چاهين پيا.هي صحيح آهي ته شاهه صاحب جن کلم کلا هڪ فرد جي ڀيٽ ۾ جماعت ۽ انفراديت جي مقابلي ۾ اجتماعيت کي ايترو زياده واضح نه ڪيو آهي.ان جو سبب هي هيو ته ان دور ۾ جيڪي ملڪي حالتون هيون اهي ان قسم جي فڪر پکيڙڻ ۽ ان جي ظاهر ظهور تائيد کي برداشت نه ڪري سگهن ها ڇوته اهو بادشاهن جو دور هيو ۽ بادشاهي(Imperialism) دور ۾ هڪ ڄڻو (بادشاهه) ئي طاقت جو سرچشمو هوندو آهي.پر ان سان گڏوگڏ شاهه صاحب جن قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو اصلي مقصد سرمائيدارانه نظام جي اصلاح ۽ عدل وانصاف واري نظام قائم ڪرڻ ۽ غلط اجتماعيت جي جاءِ تي صالح ۽ سڌريل اجتماعيت کي پيدا ڪرڻ قرار ڏنو.ڇاڪاڻ ته قرآن مجيد اجتماعيت تي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اچڻ واري زماني کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي دنيا جا سڌريل ملڪ ٻن بادشاهن جي حڪومت هيٺ نظر ايندا.
    (1)ڪسري يعني ايران جو بادشاهه
    (2)قيصر روم
    عراق يمن خراسان ۽ انهن جا سرحدي ملڪ ڪسري جي حڪومت هيٺ هيا.ماوراءُ النهر(بخارا سمرقند تاشقند وغيره)۽ هندستان جا بادشاهه به ڪسري کي ڍل ڏيندڙ هيا.هر سال انهن ملڪن جي آمدني جو هڪ مقرر حصو ڪسري وصول ڪندو رهندو هو.روم ۽ ان جي آسپاس ملڪن تي قيصر جو قبضو هيو.مصر ،مغرب ۽ آفريڪا جا بادشاهه قيصر روم جا تابع دار هيا. ڪسري ۽ قيصر ٻنهي بادشاهتن جو نظام سرمائيدارانه نظام هيو ۽ انهن ٻنهي حاڪمن کي شڪست ڏئي انهن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ڄڻ روءِ زمين تي قبضي جي برابر هو.انڪري ته پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن ايندي ئي اعلان فرمايو ته” هلڪ قيصر فلا قيصر وهلڪ ڪسري فلا ڪسري“ يعني قيصر اهڙو هلاڪ ٿيندو جو وري قيصر نه ايندو ڪسري به اهڙو هلاڪ ٿيندو جو وري ڪسري نه ايندو.اهڙو اعلان ڪري ڄڻ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن سرمائيدارانه نظام جي خاتمي جو اعلان فرمايو.
    هڪ جاءِ تي شاهه صاحب جو اهل فارس ۽ رومين جي عيش عشرت واريءَ زندگءَ تي تبصرو ڪندي هيئن لکيو آهي:
    ”تاريخ شاهد آهي ته رومين ۽ ايرانين جي حڪومت ڪافي ڊگهي عرصي تائين رهي انهن پنهنجي وقت جي حالت پٽاندڙ تمدن جي گهرجن ۽ پنهنجي عيش عشرت ۽ آرام پرستي واري زندگي کي وڏي هٿي ڏني.هن آخرت کي وساري پنهنجي دنيوي زندگيءَ کي عيش آرام سان گذارڻ کي پنهنج مول متو قرار ڏنو.شيطان انهن تي پنهنجو پورو قبضو ڪيو.دنيا جي مختلف طرفن مان ڪيئي خفتي ۽ هنر مند انهن وٽ پهچي ويا.سڀ امير ۽ زندگي جي لذتن بابت ڪيئي نيون شيون ۽ نوان طرياق ايجاد ڪيا ويا سڀ وڏيرا عياشيءَ ۾ مصروف هيا ۽ ان ڏس ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوششن ۾ رات ڏينهن رڌل رهندا هئا.انهن جي باري ۾ مشهور آهي ته عيش پرست ۽ خود پسند اميرن مان جنهن ڪمر بند يا چيلهه جو پٽو هڪ هزار رپين کان گهٽ قيمت جو هوندو هو ته ان کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو.هر هڪ سرمائيدار ۽ چڱي مڙس جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ان وٽ عاليشان محلات هجي.جنهن جي اڳند ۾ هڪ سهڻو باغ هجي.غسل خانه وغيره سڀ موجود هجن ۽ انهن جي دستر خوان تي قسمين قسمين لذيذ کاڌا هجن ۽ سندن چمڪندڙ پوشاڪ ٻين کان سٺي هجي.ان کانسواءِ هن وٽ سٺي نسل جا گهوڙا ۽ آرامده گاڏيون هجن ۽ انهن جي خدمت لاءِ نوڪرياڻيون ۽ نوڪر هميشه حاضر هجن.“
    شاهه صاحب جن پنهنجي دور جي بادشاهن ۽ رياستن جي نوابن جو مثال رومين ۽ ايرانين جي حالت هن طرح سمجهائي آهي.
    ”هن زماني جي نوابن ۽ بادشاهن جي ٺٺ ٺانگر کي ڏسي توهان انهن جي عياشين ۽ زندگي جي لذتن ۾ وڌاءُ ۽ حد کان ٽپي وڃڻ جو اندازو لڳائي سگهو ٿا اهو عيش پرستيءَ جو طريقو هنن جي رڳ رڳ ۾ گهڙي چڪو هو.جنهن سبب سڄي سماج ۽ معاشري ۾ هڪ لاعلاج ناسور پيدا ٿي پيو.ٻيا ماڻهو به انهن جي عيش پرستين کي ڏسي پاڻ به عياشي ڏانهن مائل ٿي پيا.ڇو ته هڪ سچي چوڻي آهي ته ”الناس علي دين ملوڪهم“يعني عام ماڻهو پنهنجن بادشاهن جي دين تي هوندا آهن.رعيت جي هر طبقي ۾ پنهنجي وت آهر عياشي جو مرض پکڙجي ويو آهي ۽ ان عام وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.اهڙي عيش عشرت جو هي نتيجو نڪتو آهي جو اهي ڪيترن قسمن جي پريشانين جو شڪار ٿي پيا آهن.ڇو ته عيش پرستي واري حياتي گذارڻ لاءِ جنهن ساز و سامان جي ضرورت هئي ان جو حاصل ڪرڻ وڏي دولت جي خرچ ڪرڻ کانسواءِ نٿي ٿي سگهيو.انڪري انهن بادشاهن ۽ نوابن پنهنجي رعيت ۽ واپارين تي ۽ اميرن پنهنجي زيردستن تي ڳرا ڳرا ٽيڪس کڻي مڙهيا.انهن حالتن ۾ غريبن لاءِ صرف ٻه ئي رستا هئا.هڪ هي ته هو باغي بڻجي مسلح ٿي حڪمرانن جو مقابلو ڪن ۽ اهو وري انهن غريبن لاءِ ناممڪن هيو ڇو ته هو ويچارا خالي هئا.۽ ٻيو رستو انهن لاءِ هي هيو جو اهي غريب بادشاهن ۽ سرمائيدارن جو جي فرمانبرداري کان ڪنڌ نه ڪڍائن ۽ چوپاين جانورن ۽ گڏهن وانگر ذلت جي زندگي گذارن.جنهن ۾ کائن سندن مرضي جي خلاف هر ڪم مثلا پاڻي ڀرڻ وغيره جو ڪم ورتو وڃي پيو۽ انهن جي ٿوري گهڻي پالنا جو خيال به رڳو انڪري ڪيو پيو وڃي جو انهن جي مالڪن جا پنهنجا مطلب انهن ۾ ڦاٿل آهن.
    بهرحال ان هيٺين طبقي جا ماڻهو پنهنجن ڀوتارن جي خدمت ۾ ايتري قدر ته مشغول هوند هئا جو کين آخرت لاءِ سوچڻ جي هڪ گهڙي به واندڪائي نه هوندي هئي.
    ان عياشي واري نظام ۽ سرمائيدارانه ذهنيت واري زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ هي به ضروري هيو.جو اهڙي قسم جا ماڻهو هجن جيڪي انهن لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪن ۽ انهن جي عياشين جي لاءِ مختلف قسمن جا ڪپڙا ۽ هار سينگار جو سامان ٺاهين ۽ انهن لاءِ شانائتا بنگلا ۽ وڏيون ماڙيون جوڙين.اڪثر ماڻهو ته ان بي فائدي ڪمن ۾ مشغول ٿي ويا.انڪري ان جو لازمي نتيجو هي نڪتو جو ڪي اهڙا ضروري هنر ۽ ڌنڌا صفا ڇڏي ڏنا ويا جن جو هجڻ اصلي تمدن ۽ تهذيب لاءِ نهايت ضروري هيو.جن ماڻهن جو وڏيرن ۽ سرمائيدارن سان تعلق هيو انهن جي دلين ۾ به هي شوق پيدا ٿي ويو هو ته اهي به سرمائيدارن سان ملندڙ جلندڙ حياتي گذارين.سڀن جي اها خواهش هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح حڪومت سان ڳنڍيل هجن ۽ جيئن به ممڪن ٿي سگهي گذارين.انڪري انهن ماڻهن جي اڪثريت نه سرڪاري نوڪريءَ کي پنهنجو خاص مقصد کڻي بڻايو هو. ۽ اهڙي نوڪريءَ کي ئي انتهائي ڪمال سمجهڻ لڳا هئا.انهن جي نظر ۾ ان ڳالهه جي ڪابه اهميت نه هئي ته ڪو حڪومت جو انتظام صحيح طريقي سان هلي ۽ تمدن کي ڪنهن بهتر معيار تي پرکيو وڃي.پر ان جي ابتڙ هن جو مکيه مقصد رڳو پئسو ڪمائڻ هوندو هيو ۽ بس.تان ته انهن ماڻهن مان ڪي ته رڳو شعر شاعري کي پنهنجو ڌنڌو بڻائيندا هئا ۽ بادشاهن جي تعريف ۾ مداحن وارو شعر چئي ۽ لکي سرڪاري خزاني تي وڏو ٻوجهه ثابت ٿيندا هئا ۽ ڪي وري ماڻهو پيري فقيري جي ظاهري ڏيک سان حڪومت ،سرڪاري آفيسرن يا عام ماڻهن کان نذر ونياز ڪمائڻ لاءِ ڄار وڇائيندا هئا.ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته اهڙا ماڻهو به حڪومت ۽ معاشري تي وڏو بار بڻبا هئا.بادشاهن يا نوابن وٽ قرب يا رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ چاپلوسي يا خوشامد ڪرڻ هڪ عام مرض يا وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي.
    مطلب ته جڏهن اهو مرض چوٽيءَ کي پهچي ويو تڏهن الله تعالي انهن تي سخت ناراض ٿيو ۽ الله تعالي جي صفت رحمت عام ماڻهن جي ان بيوسيءَ جي حالت کي ڏسي چاهيو ته (سرمائيداري) ۽ عياشيءَ واري مرض جي پاڙ پٽي وڃي.انڪري الله تعالي پنهنجو امي نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم موڪليو.پاڻ سڳورن ان مٿي بيان ٿيل عيش عشرت واري حياتيءَ جون خرابيون ٻڌايون ۽ سرمائيداران واري زندگي ۽ اهڙي طرز سان رهڻ کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مثال طور پاڻ ريشمي ڪپڙن پائڻ ،سون چاندي جي ٿانون ۾ کائڻ پيئڻ يا مردن لاءِ زنانه زيور استعمال ڪرڻ وڏيون ماڙيون ٺهرائڻ يا انهن بنگلن کي رنگين پردن يا فوٽن ،تصويرن سان سينگارڻ کان منع فرمائي.حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي پيروڪارن ۽ سڄي امت کي شروع کان ئي ٻڌايو هو ته پاڻ سڳورن جو غلبو(سرمائيدار) بادشاهن جي دولت ۽ حڪومت جي زوال جو سبب بڻبو ۽ سندس نبوت جو مقصد ڪسريٰ ۽ قيصر جهڙن بادشاهن جي حڪومت کي مليا ميٽ ڪرڻ هو بهرحال ان دور ۾ الله تعالي هي ارادو فرمايو ته ماڻهن جي حال جي درستي ڪئي وڃي.ماڻهن جي معاشي حالت جي اصلاح ڪري معاشري کي خوشحال بڻايو وڃي ۽ ان ڪم جي رهنمائي لاءِ هڪ اهڙي جماعت پيدا ٿئي جيڪا انهن ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪندي رهي ۽ براين کان روڪيندي رهي ۽ انهن جي خراب حالت کي انقلابي طرح سان مٽائي ۽ اهڙي انقلابي تبديلي تڏهن ممڪن هئي جڏهن ڪسريٰ ۽ قيصر جهڙن ٻن وڏن بادشاهن جي حڪومتن کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي معاشي مساوات انسان دوستي ۽ خدا پرستي تي ٻڌل هڪ صحيح نظام قائم ڪيو وڃي.
    حضرت رسول صلي الله عليه وسلم جن کي الله تعالي موڪليو ۽ کين اهڙي بشارت ڏني ته ڪسريٰ ۽ قيصر جو اقتدار ختم ٿيندو ۽ ان جي هيءَ صورت هوندي جو پهرين پيغمبر عليه السلام جي ذريعي عرب ۾ انقلاب برپا ٿيندو ۽ پوءِ سندن تربيت ۽ ٽريننگ ورتل جماعت مهاجرين ۽ انصارن جي ذريعي انهن ٻنهي حڪومتن کي ختم ڪري هڪ بين الاقوامي انقلاب برپا ٿيندو.
    (حجت الله بالغه باب الاقامت الارتفاقات ص 105)


    • قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جو مقصد

    شاهه صاحب جن مٿئين انقلاب کي قرآن شريف جي نازل ٿيڻ جو مقصد قرار ڏئي .معاشي بي انصافي ۽ عدم مساوات(اڻ برابري) جهڙين براين کي کولي بيان ڪيو آهي.
    جنهن سوسائٽيءَ ۾ اقتصادي توازن نه هجي ان ۾ طرحين طرحين مرض پيدا ٿي پوندا آهن.نه اتي عدل انصاف قائم ٿي سگهندو آهي ۽ نه اتي مذهب ئي پنهنجو سٺو اثر وجهي سگهندو آهي.شاهه صاحب جن به مڃين ٿا ته جهڙي طرح رسول صلي الله عليه وسلم جن جي زماني ۾ قيصر و ڪسري سڌريل دنيا کي مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو ۽ الله تعالي جي ارادي ان بڇڙي نظام جو خاتمو پئي گهريو.اهڙي طرح سندن زماني ۾ به معاشرو اهڙين اجتماعي بيمارين ڪري کوکلوبڻجي چڪو هو ۽ ان جو خاتمو به يقيني نظر اچي رهيو هو.
    (شاهه ولي الله اور ان ڪي سياسي تحريڪ .مولانا عبيد الله سنڌي ص 28)
    شاهه صاحب جن جي اصلاحي ۽ انقلابي پروگرام جو وڏي ۾ وڏو اصول اقتصاديات يا ماليات کي کولي پڌرو ڪرڻ هو.شاهه صاحب جن وٽ انسانن جي اجتماعي زندگي لاءِ اقتصادي توازن تمام ضروري ڳالهه آهي ۽ هر هڪ انساني جماعت کي اهڙي معاشي نظام جي ضرورت آهي.جيڪو انهن جي سڀني ضروريات زندگي جو ضامن هجي.جڏهن ماڻهن کي پنهنجي روزگار وارين ضرورتن کان واندڪائي نصيب ٿيندي.تڏهن اهي پنهنجي خالي وقت ۾ جيڪو کين ڌنڌي کانپوءِ بچندو.ان ۾ زندگي جي انهن شعبن ڏي به ڌيان ۽ توجهه ڏئي سگهندا. جيڪي انسانيت جو اصل مقصد آهن.پر جيڪڏهن انهن کي معاشي ضرورتون به حاصل نه هجن ۽ انسان جي سموري ڪوشش رڳو حيواني ضرورتن تائين محدود ٿي وڃي ته انسانيت واري مٿانهين درجي جو ڪنهن کي به هوش نه رهندو.اقتصادي نظام جي متوازن ۽ درست هجڻ جو هي نتيجو ٿيندو آهي جو هن دنياوي حياتيءَ ۾ انسانيت جا اجتماعي اخلاق بهترين ٿي ويندا آهن.تنهنڪري شاهه صاحب جن حجته الله بالغه ۾ هڪ جڳهه فرمايو آهي ته:
    ”انسانيت جا اجتماعي اخلاق ان وقت تباهه ٿي ويندا آهن جڏهن ماڻهن کي زوريءَ اقتصادي تنگيءَ ڏي مجبور ڪيو ويندو آهي. ان وقت هو گڏهن ۽ ڍڳن وانگر رڳو مانِيءَ ڳڀي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن.جڏهن انسانيت تي اهڙي مصيبت ڪڙڪندي آهي.تڏهن الله تعاليٰ ماڻهن کي ان مصيبت کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ ڪونه ڪو رستو ضرور الهام فرمائيندو آهي.يعني تمام ضروري آهي جو الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان انقلاب جو اهڙو سامان پيدا ڪري جنهن سان قومن مٿان ناجائز حڪومت جو بار هٽائي ڇڏي.


    • سياسي ۽ سماجي طاقت جو دارومدار فلسفي تي

    سياسي قوت اجتماعي قوت سان پيدا ٿيندي آهي ۽ سماجي طاقت جو سڄو دارومدار ڪنهن نه ڪنهن فلسفي تي هوندو آهي.جنهن به معاشري جو فلسفو اعلي ۽ اتم هوندو.انهن جون ذهني صلاحيتون به ان فلسفي جي ذريعي ڪڏهن نه ڪڏهن وڏي ڪمال تائين پهچي وينديون ۽ انهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت تي به پوندو آهي.جيڪڏهن سماجي حالت(جيڪا ذهني طاقتن جي پيداوار آهي) سٺي هوندي ته ان سان جيڪا سياسي قوت پيدا ٿيندي اها به سٺي ئي هوندي.
    ملڪيت جي برابريءَ واري تقسيم ۽ شاهه ولي الله جو فلسفو
    هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن دور ۾ به هر معاشي نظام جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن فلسفي تي رکيل آهي ته ڇا شاهه ولي الله به پنهنجي تاليفات ۾ عدل انصاف واري دولت جي تقسيم يا مساوات واري نظام تي زور ڏيندي ان نظام لاءِ ڪو فلسفو پيش ڪري ٿو يا نه؟
    ان جو جواب هي آهي ته :بيشڪ شاهه صاحب جن هڪ جامع فلسفو به پيش ڪيو آهي پر هو فلسفو ڪارل مارڪس(Karl Marks) جي فلسفي وانگر جڙتو نه آهي بلڪه شاهه صاحب جي فلسفي جو بنياد اسلام جي حڪمت ۽ ان جي روح تي رکيل آهي.
    شاهه صاحب جي نظر ۾ سڀ کان اول انسان لاءِ معاشي خوشحالي هجڻ ضروري آهي.جڏهن انسان کي ذهني سڪون ملندو آهي تڏهن اهو مذهب ۽ اخلاق جو ڳولائو ٿيندو آهي.جنهن جو اصلي سبب هي آهي ته جيسيتائين ماڻهو انسانيت واري پهرين درجي کي طئي نٿو ڪري .ان وقت تائين ٻين حيوانن کان ممتاز(الڳ) ٿي انسانيت جي مٿانهين درجي تي پهچي به نٿو سگهي شريعت ۽ اخلاق جي ذميداري انسان تي ئي هوندي آهي حيوانن تي نه.


    • شاهه صاحب ۽ ڪارل مارڪس جي نظرين ۾ بنيادي فرق

    ان مان هيئن به نه سمجهڻ گهرجي ته اهو فلسفو ڪارل مارڪس جي مادي فلسفي سان مشابهت رکي ٿو.ڇاڪاڻ ته ڪارل مارڪس به اخلاقي اصولن ۽ مذهبي حڪمن کي معاشي ضرورتن جي تابع قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته جڏهن اخلاقي اصولن ۽ معاشي گهرجن جو پاڻ ۾ ٽڪر هوندو آهي.تڏهن اخلاق ۽ مذهب کي پنهنجي شڪست مڃي معاشيات جو غلبو مڃڻو پوندو آهي.
    اصل حقيقت هي آهي ته معاشيات جي باري ۾ شاهه صاحب جن جي ٻڌايل اصولن جو بنياد قرآن شريف جي حڪمت ڀري تعليم ۽ ان جي عملي شڪل پيغمبر عليه الصلوات والسلام جن جي سنت تي آهي.انڪري ولي اللهي فلسفي ۾ معاشي ضرورتن ۽ مذهب ۽ اخلاق ۾ ٽڪراءُ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. شاهه صاحب جن اسلام جو مطلب ٻن لفظن اقتراب ۽ ارتفاق سان بيان ڪيو آهي.يعني خدا پرستي ۽ انسان دوستي کي انسانيت جو بنياد قرار ڏنو آهي.انسان دوستيءَ جو صحيح مطلب مال ۽ دولت جي برابريءَ واري تقسم آهي ته جيئن ايئن نه ٿئي جو معاشري ۾ هڪ ته وڏو سرمائيدار بنجي وڃي ۽ ٻئي کي کائڻ لاءِ ماني ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙو به نه ملي سگهي.
    فاشسٽ نظام
    فاشسٽ نظام ۾ سمورو زور هڪ فرد جي انفراد ،صلاحيت ۽ ذاتي ملڪيت تي ڏنو ويو آهي. ان سان اجتماعي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ معاشي فلاح ۽ خوشحالي جو اچڻ ناممڪن کڻي نه هجي ته به مشڪل ضرور آهي.اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب فرد جي ڀيٽ ۾ اجتماعيت تي زور ڏنو آهي.شاهه صاحب جي فلسفي ۾ سڄي ڪائنات حقيقت ۾ هڪ وحدت (هيڪڙائي) آهي جنهن جو نالو ان جي فلسفي ۾ شخص اڪبرآهي.
    شخص اڪبر
    جسماني جهان کي (پوءِ کڻي ڪيترو ئي ڊگهو ۽ موڪرو هجي ان کي) هڪ ئي جسم مڃڻ گهرجي اهو سڄو جسم خود هڪ مستقل شيءِ آهي ۽ ان ۾ مختلف جسم ايئن آهن جيئن سمنڊ ۾ موجون(لهرون) ان سڄي جسم ۾ طبعي تقاضا ڪندڙ هڪ خاص طاقت آهي.جيڪا سڀني جزن کي سندن مناسب شڪلين ۾ مٽائيندي رهي ٿي.ان وڏي جسم کي سندن سڀني طاقتن سان گڏي”شخص اڪبر“چوڻ گهرجي.


     طبيعت الڪل
    جسم جو هڪ حصو ته اهو آهي جو ڪنهن وقت ۾ عنصرن جي شڪل رکندو هيو پوءِ ان ٻوٽي يا گاهه وغيره جي شڪل اختيار ڪئي. مطلب ته ان جسم جا مختلف جزا جيڪي مختلف شڪليون بدلائيندا رهندا آهن.انهن سڀني جي مرڪزي طاقت ان وڏي جسم ۾ محفوظ آهي.اها مرڪزي طاقت شاهه صاحب جي فلسفي ۾ ”طبيعت الڪل“جي نالي سان سڏبي آهي.
     نفس الڪل
    جهڙي طرح هر انسان ۾ روح آهي جيڪو ان جي علم ۽ ارادي جو مالڪ آهي اهڙي طرح ان وڏي جسم شخص اڪبر کي به هڪ روح آهي جيڪو نفس الڪل(روح اعظم) جي نالي سان سڏجي ٿو.
    (سطحات:شاهه ولي الله)
    هيگل ۽ روح عالم
    هيگل جي فلسفي جو دارومدار هڪ ٻئي جي ضدن جي ٽڪراءُ تي آهي.دنيا ۾ هن وقت تائين جيتري به ترقي ٿي آهي.هيگل ان جو حقيقي سبب انهن ضدن جي ٽڪراءُ کي قرار ڏنو آهي.مثال طور مختلف خيالن يا تصورن جي پاڻ ۾ آويزش ۽ ضدن جي ٽڪراءُ مان هڪ ٽيون خيال يا تصور پيدا ٿي پوندو آهي.هيگل ان ٽڪراءَ ۽ جدلي عمل جو حقيقي سرچشمو يا محرڪ هڪ مخفي طاقت کي قرار ڏنو آهي.جنهن کي ان” روح عالم“ يا روح مطلق جو نالو ڏنو آهي.
    هيگل جي فلسفي مطابق روح مطلق پنهنجي تڪميل لاءِ ان نظام جي طلب ڪندو رهندو آهي.ڇو ته ان جدلي عمل ۽ ڇڪتاڻ سان جيڪو نئون تصور وجود ۾ ايندو آهي.اهو پهرئين تصور کان وڌيڪ جامع ۽ ڪشادو هوندو آهي.ترقيءَ جواهو سلسلو تيسين وڌندو رهندو آهي.جيسيتائين روح مطلق ترقي ۽ ڪمال جي مٿانهين درجي تي نه پهچي وڃي.هن دنيا يا عالم اجسام(جسمن واري جهان ۾)۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهي ٿو اهو رڳو روح مطلق جو هڪ مظهر آهي.جنهن ۾ به روح مطلق جي تقاضا جو ظهور پوري طرح سان ٿيندو.ان کي روح سان به مظبوط تعلق ۽ واسطو هوندو ۽ اهو پوري طرح روح مطلق جي تجلي سڏبو.
    شاهه صاحب جي فلسفي ۾ ذات بحت يا الله تعالي جي ذات ايتري ته ڪامل ۽ محيط آهي جو ان کي وڌيڪ ڪنهن ڪمال حاصل ڪرڻ جي ڪابه حاجت نه آهي ۽ اها هڪ اهڙي حقيقت قصويٰ آهي جنهن جون ٻيون سڀ حقيقتون مقابلو نٿيون ڪري سگهن(البدور البازغه شاهه ولي الله ص 1 کان 10)
    ان لحاظ کان روح مطلق شخص اڪبر جي روح جو نالو آهي .البته الله تعالي جي ذات ۾ جيترا به ڪمال آهن انهن کي هڪ بسيط وحدت نه سمجهيو وڃي.پر سڀ مختلف شيون پنهنجي اختلافي شان کي پوري طرح محفوظ رکندي ذاتي ڪمالن ۾ داخل ۽ شامل آهن.انهن مان هرشيءِ کي فلسفي ۾ الله تعالي جو نالو سڏيو ويندو آهي.روح اعظم يا نفس ڪليه انهن وجودي نالن جو هڪ مرڪزي نالو به آهي.
    اصل ۾ فلسفو نالو آهي ذهني تبديلي جو جيسيتائين ذهن کي هڪ طرف نه لڳايو ويندو.تيسين سماجي تبديلي نه اچي سگهندي.فلسفي جو حاصل مطلب هي آهي ته عقل جي سامهون هڪ شيءِ مرڪزي تصور جي طور تي پيش ڪئي وڃي ۽ ٻيون سڀ شيون ان سان وابسته ڪيون وڃن.قرآن مجيد ان بنيادي نقطي کي هر جاءِ تي فرمايو آهي ۽ سوره اخلاص ۾ ان مرڪزي هيڪڙائيءَ جي جن صفتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.اها احد يعني هڪ آهي.جنهن جو ڪوبه شريڪ ناهي ۽ ٻي صفت صمد آهي ۽ صمد به ان کي چوندا آهن جنهن جون سڀ شيون محتاج هجن ۽ اهو ڪنهن جو محتاج نه هجي.
    يوناني فلسفي ۾ حقيقت قصوي يا الله تعالي جي ذات لاءِ جيڪو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ان جو عربي ۾ ترجمو”واجب الوجود“ آهي يعني جيڪا هستي ٻين جي محتاج نه هجي پر اها پاڻ مرادو موجود هجي.اهڙي طرح فارسيءَ ۾ خدا يعني خود آمده(پاڻهي وجود ۾ آيل) چئبو آهي.
    حضرت استاد علامه عبيد الله سنڌي جي راءِ ۾ ان معني کي ادا ڪرڻ لاءِ قرآن مجيد ۾ ”صمد“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.فلسفياڻي نموني ان جو ترجمو واجب الوجود آهي.
    شاهه صاحب جن جي نظر ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ عقلي طاقت فلسفي جي پيداوار هوندي آهي ۽ اسلام جهڙي بين الاقوامي دين جو فلسفو جيڪو سڄي دنيا جي عقلن کان مٿانهون آهي ۽ ان فلسفي جي روءِ سان اسلام ۽ انسانيت لازم ملزوم آهن.جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته جيسيتائين انسان باقي رهندا تيسيتائين اسلام جو رهڻ به ضروري آهي ۽ انسانيت جي ترقيءَ سان الله تعالي جي ذات بابرڪات ۽ ان جي ذاتي صفتن جي ڪمال تي ڪوبه اثر نه پوندو.
     ذاتي ملـڪيت
    سرمائيداري نظام جي مدد يا طرفداري نه رڳو پئسي وارا سرمائيدار ڪندا رهندا آهن.انهن جو هي ڪم هوندو آهي ته دولت مند سرمائيدارن جي بي حيائيءَ وارين حرڪتن ۽ دولت کي گڏ ڪرڻ جي طريقن کي جائز ڪري ڏيڻ ۾ شريعت جي آڙ وٺندا آهن.حالانڪه اسلامي شريعت جو روح سرمائيداري نظام جي ئي خلاف آهي.قرآن پاڪ جي راءِ مطابق فرد هجي يا ڪا جماعت هجي دنيا جي ڪنهن به شيءِ جا اهي ذاتي مالڪ نٿا ٿي سگهن.هر شيءِ جو اصلي مالڪ نه رڳو الله تعالي ئي آهي جنهن ان شيءِ کي پيدا ڪيو آهي.انسان نائبن وارا فرائض انجام ڏئي ٿو ۽ ان ۾ هرهڪ شيءِ معاشري جي ملڪيت ۾ داخل آهي.جيئن ته سوره بقره جي آيت هو الذي خلق لڪم ما في الارض جميعا جو تفسير ڪندي ولي اللهي سلسلي جي هڪ مشهور علمي شخصيت شيخ الهند مولانا محمود الحسن جن لکيو آهي ته ”جهان جون سڀ شيون الله تعالي جي حڪم خلق لڪم ما في الارض جميعا مطابق سڀني انسان جي ملڪيت معلوم ٿين ٿيون.يعني سڀني شين جي پيدا ڪرڻ مان الله تعالي جو ارادو انسان جي مختلف حاجتن کي پورو ڪرڻ آهي ۽ ڪا به شيءِ ذاتي طرح ڪنهن جي به ملڪيت نه آهي پر هر شيءِ اصل پيدائش ۾ سڀني انسان جي گڏيل آهي ۽ ڪنهن طرح سان ته سڀني جي ملڪيت آهي پر جهڳڙي کي ٽارڻ خاطر ۽ نفعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪيت تي ڪنهن به هڪ جو قبضو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جيسين ڪنهن به شيءِ تي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو قبضو باقي آهي .ان وقت تائين ڪو به ان ۾ هٿ چراند نٿو ڪري سگهي.هائو ! پر مالڪ کي پاڻ مرادو هيئن ڪرڻ گهرجي جو ضرورت کان وڌيڪ تي قبضو ڄمائي نه ويهي پر ٻين کي ڏئي ڇڏي ڇو ته ٻين جا حق به ته اصولي طرح هن سان واسطو رکن ٿا.اهوئي مطلب آهي جو گهڻي ملڪيت ضرورتن کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ سٺو ڪم نه ڳڻيو ويو آهي.جيتوڻيڪ زڪوات به ادا ڪئي وڃي ۽ انبياءَ سڳورا ۽ اولياءَ ڪرام شاهوڪاريءَ کان پاسيرا پئي رهيا آهن.حديثن مان اها ڳالهه چٽي طرح سمجهه ۾ اچي ٿي بلڪه ڪن صحابن سڳورن ۽ تابعين وغيره ته ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت پاڻ وٽ رکڻ کي حرام چيو آهي.
    بهرحال ان جي مناسب ۽ خلاف اولي(مٿانهين درجي خلاف) هجڻ ۾ ته ڪنهن کي به شڪ نه آهي.ان جو هي سبب آهي ته گهرجن کان وڌيڪ دولت ان ماڻهوءَ جي ڪم جي ته ڪانه چئبي.ڄڻ ان ڪنهن طرح سان ٻين جي نفعي جي شيءِ(وڌيڪ دولت) پنهنجي قبضي ۾ رکي ڇڏي آهي ۽ ان دولت کي مال غنيمت(لڙائي ۾ دشمن جي هٿ آيل ملڪيت) وانگر سمجهڻ گهرجي.اتي به جيئن ورهاست کان اڳ مال غنيمت سڀني مجاهدن جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ ضرورت آهر هر هڪ مجاهد ان مان نفعو نه وٺي سگهندو آهي پر ضرورت کان وڌيڪ کڻندو ته ان کي ڇا چئبو آهي؟ اها توهان کي خبر آهي.
    (ان کي خيانتي چئبو آهي) (ايضاح الاوله ص 268)
    حضرت مولانا محمد قاسم نانوتي رحه جن پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”آبِ حيات“ ۾ سڀني مالن کي مباح الاصل قرار ڏنو آهي ۽ قبضي جي ڪري ان کي ملڪيت سڏجي ٿو.هرشيءِ پنهنجي اصليت ۾ الله تعالي جي ملڪيت آهي وڪڻڻ خريد ڪرڻ ،ڏيڻ ،وٺڻ اڌارو وٺڻ يا ورثو ترڪو سڀئي قبضي حاصل ڪرڻ جا سبب ته آهن پر بالذات(اصلي طرح) ذاتي ملڪيت جا ذريعا نه آهن.
    (آب حيات ص 7)
    ڪي عالم مال و دولت جي حقن جي سلسلي ۾ رڳو زڪوات کي ئي فرض قرار ڏئي سرمائيداري ۽ دولت جي ميڙڻ جي جواز جا قائل ٿيا آهن.حالانڪه اهڙي طرح معاشري کي تنگ دستي مسڪيني ۽ غربت کان ڇوٽڪارو نٿو ملي سگهي.محقق عالمن ۽ اسلام جي امامن جي هيءَ راءِ آهي ته زڪوات کانسواءِ مال ۽ دولت ۾ ٻيا حق به واجب آهن.قرآن مجيد جي سوره بقره جي ٽين آيت ۾ پرهيزگارن جي وصفن کي بيان ڪندي فرمايو ويو آهي ته ومما رزقنا هم ينفقون معني اسان جيڪو انهن کي رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن.ان آيت ۾ خرچ ڪرڻ جي باري ۾ تفسير جي امامن جا مختلف رايا آهن.حافظ ابوبڪر محمد بن عبد الله بن العربيءَ انهن مختلف راين کي نقل ڪري هن ڳالهه کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي ته هتي رڳو زڪوات مراد ناهي پر خرچ ڪرڻ مان مراد ۽ مطلب عام آهي.پوءِ زڪوات هجي يا ٻيا حق هجن ڇاڪاڻ ته يومنون بالغيب ۽ يقيمون الصلوات ۾ به غيب ۽ صلوات عام غيب ۽ عام نماز تي شامل آهن.اهڙي طرح ينفقون مان هتي مراد به عام خرچ ڪرڻ آهي.
    (احڪام القران ابوبڪر ابن العربي ص 1 کان 10)
    حافظ ابن العربي مالڪيءَ محقق جي ان قاعدي تي(هرشيءِ ۾ اصل مباح هجڻ جو اصول آهي) اعتراض ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان قاعدي کي مڃيو ويندو ته ان سان مٽن مائٽن ۽ ٻين ماڻهن جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ٿيندو.ڀائپيون ختم ٿي وينديون ۽ هڪ ٻئي ۾ جهيڙو جهٽو شروع ٿي ويندو.
    ان جو جواب ايترو ئي ڪافي آهي ته جهيڙو جهٽو ته تڏهن ٿيندو جڏهن قبضي ۽ هٿ ڪرن کي ملڪيت ظاهري جو سبب قرار ڏنو ويندو يا ان کي سڄي معاشري جي ملڪيت قرار نه ڏنو ويندو.
    ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت نه رکي وڃي
    مشهور محدث ابن حزم ظاهري اندلسيءَ ان سلسلي ۾ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”محلي“ ۾ جيڪي روايتون آنديون آهن.اهي به مولانا شيخ الهند محمود حسن جي مذڪوره تحقيق جي کليل تائيد ڪن ٿيون ته”ضرورت کان وڌيڪ مال ضرورتمند ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏجي. جيئن لکيو اٿن ته:
    عن ابي سعيد خدري رضي الله عنه ان رسول الله صلي الله عليه وسلم قال من کان معه فضل ظهر فليعد به عليمن لا ظهر له ،ومن کان له فضل من زاد فليعد به علي من لا زادله قال فذڪر من اصناف المال ما ذکر حتي راينا انه لاحق لاحد منفي فضل.
    حضرت ابو سعيد خدري رضي الله عنه جن کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ سندس ضرورت کان وڌيڪ سواري نه هجي ۽ جنهن وٽ کائڻ پيئڻ جو سامان ضرورت کان وڌيڪ هجي ته ان کي گهرجي ته ٻئي ڪنهن حاجتمند کي ڏئي ڇڏي.حضرت ابو سعيد رضه فرمايو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن اهڙي طرح مال جي مختلف قسمن جو بيان ڪندا رهيا.تان ته اسان سمجهيو ته اسانمان ڪنهن کي به ضرورت کان وڌيڪ مال رکڻ جو ڪوئي حق نه آهي.
    قال عمر بن الخطاب رضي الله عنه لو استقبلت من امري ما استدبرت لاخذت فضول اموال الاغياءَ فقستها علي فقراءَ المهاجرين.وصح عن ابي عبيده به الجراح و ثلث من لاصحابه رضي الله عنهم ان ازادهم فني فامرهم ابو عبيده فجمعوا اوزارهم في مزدوين وجعل يقولهم ايها علي السواءِ.
    حضرت عمر بن الخطاب رضه فرمايو ته جنهن شيءِ جو مون کي هاڻي اندازو لڳو آهي جيڪڏهن اڳ ۾ مون کي ان جو علم هجي ها ته مان مالدارن کان ضرورت کان وڌيڪ دولت ۽ مال وٺي مسڪين مهاجرن ۾ ورهائي ڇڏيان ها.حضرت ابو عبيده ۽ ٻين ٽن سون صحابن سڳورن کان اها روايت آيل آهي ته انهن جي کائڻ پيئڻ جو سامان ختم ٿيڻ تي هيو.تڏهن حضرت ابو عبيده بن الجراح رضه حڪم ڏنو ته جنهن وٽ جيترو به کاڌو موجود هجي.ان کي حاضر ڪري پوءِ سڀني پنهنجي سامان کي ٻن ڳوٿرين ۾ گڏ ڪيو ۽ حضرت ابو عبيده رضه ان کاڌي کي سڀني ۾ هڪ جيترو ورهائيندو هو.
    عن محمد بن علي رضي الله عنه انه سمع علي بن ابي طالب رضه يقول ان الله تعالي فرض علي الاغنيا في اقواتهم بقدر مايکفي فقراءَ هم فان جاعوا او عروا وجهدو فيمنع الاغنياءَ فحق علي الله تعالي ان يحاسبهم يوم القيامه ويعذبهم عليه.
    عن محمد بن علي کان روايت آهي ته ان حضرت علي رضه کي فرمائيندي ٻڌو ته الله تعالي شاهوڪارن جي مال تي مسڪينن جي حاجتن جو بقدر ضرورت پورو ڪرڻ فرض قرار ڏنو آهي.پوءِ جيڪڏهن هي بکيا يا اگهاڙا يا ٻي ڪنهن معاشي تڪليف ۾ ڦاٿل هوندا ڇاڪاڻ ته مالدار پنهنجو حق ادا نٿا ڪن ته الله تعالي کي اهو حق آهي ته انهن کي قيامت جي ڏينهن عذاب ڪري.
    ان مسئلي ۾ اسان پڙهندڙن جو ڌيان حنفي فقه جي هڪ وڏي محقق حجته الاسلام ابوبڪر احمد بن علي الرازي الجصاص جي جڳ مشهور تصنيف ”احڪام القرآن“ ڏي ڇڪايون ٿا.امام موصوف ان مذڪور ڪتاب ۾ هڪ باب ٻڌو آهي ”باب هل في المال حق واجب سوي الزڪوات“يعني مال ۽ زڪوات کانسواءِ ٻيا حق به آهن يا نه؟ان باب ۾ ڪجهه آيتون ۽ ڪجهه حديثون آنديون اٿس ۽ قرآني آيت”وآتي المال علي حبه ذوي القربي“ جي تشريح ڪندي ان بزرگ لکيو آهي ته:
    ”ان آيت ۾ واجب صدقو ۽ نفلي صدقو ٻئي گڏ بيان ٿيل آهن ۽ آيت ۾ ڪوبه اهڙو دليل موجود ڪونهي جنهن مان هي معلوم ٿئي ته ان آيت مان مراد رڳو صدقو واجب آهي.ان آيت ۾ ته رڳو تاڪيد ۽ ثواب جو واعدو بيان ٿيل آهي.ڇو ته آيت ۾ ”بر“جو لفظ آهي ۽ اهو لفظ فرض ۽ نفل ٻنهي کي شامل آهي.ايترو ضرور آهي ته آيت جي سباق ۽ پڙهڻيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان آيت مان مراد زڪوات جو عطف صلوات تي ڪيو ويو آهي.ڇو ته اقام الصلوات وآتو الزڪوات ۾ زڪوات جو عطف صلوات تي ڪيو ويو آهي.عطف ڪرڻ مان هي معلوم ٿئي ٿو ته ان کان پهريائين جنهن صدقي جو بيان آهي ان مان مراد زڪوات ناهي ته پوءِ ان مان زڪوات کنسواءِ ٻيا حق واجب مراد ٿي سگهن ٿا.جيئن ڪو مٽ مائٽ ڪنهن ڏک ۾ ڏڌيل هجي يا ڪو بک ۾ بيحال ماڻهو هجي ته ان کي ايترو ڏيڻ تمام ضروري آهي جنهن سان ان جي بک ۽ ڏک دور ٿي سگهي.
    شريڪ ابو حمزه کان ۽ ان عامر کان ۽ عامر فاطمه بن قيس کان ۽ ان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان روايت ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته مال ۾ زڪوات کانسواءِ ٻيا به حق آهن ۽ پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون: ليس البر ان تولوا وجوهکم قبل المشرق والمغرب ولڪن البر“الخ
    انکانپوءِ امام ابوبڪر جصاص رازيءَ حنفي زڪوات جي ضروري حقن جا چند مثال ڏنا آهن ۽ هن حضرت علي ڪرم الله وجه کان روايت ٿيل حديث جو به جواب ڏنو آهي.جنهن حديث ۾ ٻڌايل آهي ته زڪوات جي ڪري ٻيا سڀ صدقا خيراتون منسوخ ٿي ويون.
    حقيقت هيءَ آهي ته ان آيت ”واتي المال علي حبه ذوي القربي“کي جيڪڏهن غور سان پڙهبو ته اسان کي ان مان سبق ملي ٿو ته اجتماعيت يا معاشري کي وچٿرو رهڻ گهرجي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن مٿين آيت تي عمل ٿيندو.صالح(سڌريل) ۽ وچٿرو معاشرو مال ۽ دولت کي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ نه ڏيندو آهي.پر ان جو هي ڪم هوندو آهي ته قوم جي فردن کي انهن جي ضرورتن ۽ جحاجتن کان بي پرواهه بنائي ڇڏي.تمدن(پاڻ ۾ گڏجي رهڻ) جي بقا ۽ ڊگهي عرصي تائين ان جي باقي رهڻ ۽ زنده رهڻ جو اهوئي طريقو آهي.ان آيت ۾ جنهن درمياني(وچٿري) معاشري جو بيان آهي.اهڙو معاشرو مال سان محبت هوندي به ان کي پنهنجي مٽن مائٽن عزيزن اقاربن ۾ ورهائي ڇڏيندو آهي.هو انهن مان ڪنهن هڪ کي به محتاج ۽ مفلس نه ڇڏيندو آهي.
    ضروري تنبيهه
    مائٽن(ويجهن عزيزن) ۾ دولت ورهائڻ جون به صورتون آهن:پهرين هيءَ ته ان ورهاست ۾ دانائي ۽ سياڻپ جو لحاظ رکيو ويندو آهي.جنهن جي صورت هيءَ آهي ته پنهنجي سڀني مٽن مائٽن کي ڏسڻ گهرجي ۽ انهن جي لياقت آهر انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي سان لڳائي ڇڏڻ گهرجي.جيڪڏهن انهن ۾ ڪو مائٽ پئسن جي نه هجڻ سبب ڪو به ڌنڌو نٿو ڪري سگهي ته ضرورت آهر ان جي مالي مدد ڪئي وڃي.جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي روزي ڪمائڻ جي لائق بنجي سگهي.سياڻپ جي اصولن مطابق مٽن مائٽن ۾ صحيح”انفاق“ ”خرچ ڪرڻ“ان کي ئي چئبو آهي.
    ٻي صورت هيءَ آهي ته انهن کي هو ڪنهن ڌنڌي ۾ نه لڳائي ۽ انهن جي سڀني زندگيءَ جي ضرورتن جو ضامن بنجي پوي ۽ اهو طريقو مٽن مائٽن جي حق ۾ تمام خطرناڪ ۽ تباهي وارو آهي.
    مائٽن تي خرچ ڪرڻ جي بيان کانپوءِ مٿين آيت ۾ هي حڪم آهي ته قوم جي يتيمن ۽ مسڪينن تي سياڻپ ۽ ڏاهپ(حڪمت) جي اصولن مطابق خرچ ڪيو وڃي.ان حڪمت جي پيغمبر عليه السلام جن هن طرح تعليم ڏني آهي:
    هڪ ماڻهوءَ پاڻ سڳورن ﷺ کان ڪنهن شيءِ جو سوال ڪيو.پاڻ سڳورن انکياهڙي سوال ڪرڻ کان منع فرمائي ۽ انوٽ جيڪا موڙي هئي ان مان ڪهاڙو خريدڪري ڪاٺيون ڪري وڪڻي گذر ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ۽ اهو ماڻهو سندن ڏس تي هليو ۽ نيٺ پاڻڀرو ٿي ويو.
    ٽئين درجي ۾ غير قوم جا حاجت مند آزاد ماڻهو آهن. جيئن مسافر يا ڪنهن گهرج واري مجبور سائل ۽ انکانپوءِ ٻانهن ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ ۾ خرچ ڪيو وڃي.تان ته ان خرچ ۾ ڪنهن مسلمان جو هجڻ به شرط نه آهي ۽ مشرڪ ۽ ذمي ڪافرن تي به شريعت خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
    امام ابوبڪر جصاص رازي حنفي ”ليس عليک هداهم“جي شرح ڪندي به مٿين تحقيق جو بيان ڪيو آهي.
    مطلب ته مال ۽ دولت کي هڪ جاءِ تي ڪٺو نه ڪيو وڃي پر پنهنجي ضروري حاجتن کان وڌيڪ مال حاجتمند انسان تي خرچ ڪري ڇڏڻ گهرجي.جڏهن ڪنهن به قوم جو مال ۽ دولت جي باري ۾ اهوئي طريقو هوندو جيڪو مٿي ٻڌايو ويو آهي ته اها قوم تباهيءَ ۽ انقلاب کان بچي ويندي.
    جيڪڏهن ڪنهن معاشري جا ڪجهه ماڻهو دولت ۽ سرمائي کي گڏ ڪرڻ تي لڳي ويندا ۽ ضرورتمند ماڻهن جي معاملي ۾ بخيليءَ کان ڪم وٺندا ته اهو معاشرو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هلاڪت ۽ تباهي جي اهڙي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪرندو جو اتان ان جو نڪرڻ ئي مشڪل ٿي پوندو.
    مطلب ته صالح اجتماعيت ۽ وچٿري معاشري ۾ سرمائيداريءَ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو آهي.اهڙي معاشري لاءِ ڪو آپريٽو سوسائٽي(Co operative society) وانگر مضاربت جا اشتراڪي اصول ضروري آهن ۽ مضاربت(ڀائيچارو) به تڏهن ٿي سگهندو جڏهن وياج کي فقط حرام قرار ڏنو ويندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي وياج واري ڏيتي ليتي ۽ مال و دولت جي ڪني ڪرڻ کان روڪيو وڃي.ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح مال گڏ ڪرڻ سان سرمائيداري واري نظام کي هٿي ملندي ۽ سرمائيدارانه نظام اسلام جي روح جي ابتڙ آهي ۽ اسلام پئسي گڏ ڪرڻ جي ڪنهن به صورت کي برداشت نٿو ڪري جنهن ۾ دولت تقسيم ٿيڻ بدران وڃي ڪنهن هڪ طبقي وٽ گڏ ٿيندي ۽ عام ماڻهو وڃن ڪنگال ٿيندا.ان بابت سوره توبه جي آيت به موجود آهي:
    والذين يکنزون الذهب والفضت ولا ينفقونها في سبيل الله فبشرهم بعذاب اليم يوم يحمي عليها في نار جهنم فتکويٰ بها جباههم وجنوبهم و ظهورهم هذا ما کنزتم لانفسکم فذوقوا ما کنتم تکنزون
    ترجمو:۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي کي خزانو بنائي رکندا ۽ ان(الله) جي رستي ۾ خرچ نه ڪندا ته انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ جڏهن ان مال تي دوزخ جي باهه ٻاري ويندي پوءِ ان سان انهن جون پيشانيون ،پاسيريون ۽ پٺي ڏنڀي ويندي(هنن کي چيو ويندوته) هي اهو اٿئو جنهن کي توهان پنهنجي لاءِ خزانو بنائي رکيو هو ۽ چکو مزو پنهنجي خزاني ڪٺي ڪرڻ جو“
    حضرت مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي مرحوم انفاق(خرچ ڪرڻ) بابت ان قسم جون آيتون آڻي لکي ٿو ته:
    انهن آيتن جي تفسير ۾ جمهور عالمن جو اهو مسلڪ آهي ته جنهن مال مان زڪوات ۽ ٻيا مالي فرائض ادا نه ڪيا ويندا ته اهو مال احڪار ۽ اڪتناز(گڏ ڪرڻ ۽ خزانو ڪرڻ) جي لسٽ ۾ ليکيو ويندو۽ اهو خزانن لاءِ نازل ٿيل آيتن مطابق عذاب جو مصداق آهي ۽ ان قسم جي دولت ۽ پئسي جو نالو سرمائيداري آهي ۽ اهو حرام ۽ باطل آهي ۽ تباهه ڪرڻ جي لائق آهي.
    اهڙي طرح سرمائيداري نظام جون اهي خرابيون جيڪي معاشي عدل ۽ انصاف واري نظام کي بگاڙي ۽ خراب ڪن ٿيون انهن سڀني کي اسلام ناجائز قرار ڏنو آهي.ان سلسلي ۾ حضرت شاهه ولي الله جو هي هڪ وڏو دليل آهي :
    ”ڄاڻڻ گهرجي ته الله تعالي جڏهن مخلوق کي يپيدا ڪيو ۽ زمين ان جي معاشي زندگي لاءِ سڀ ڪجهه سامان تيار ڪيو ۽ اهي انهن کي سڀني لاءِ مباح ڪيو ته ان جي نفعي حاصل ڪرڻ ۾ ماڻهن جي وچ ۾ ويڙهه ۽ جھيڙو پيدا ٿي ويو.تڏهن الله تعالي حڪم ڏنو ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شيءِ کي پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ يا موروثي طرح قبضي ڪرڻ سبب ان جي ورثي ۾ اچي وڃي يا ان کنسواءِ ٻين معتبر طريقن سان ان جو قبضو ٿي وڃي ته ان صورت ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ان جي قبضي ڪيل شيءِ ۾ جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي سواءِ هڪ ٻئي جي رضامندي ۽ وڪري ۽ خريد ڪڙڻ جي جنهن جو ٻنهي کي علم هجي ۽ ان ۾ ڌوڪيبازي جو ڪو دخل نه هجي.“
    اڳتي لکيو اٿن ته:
    ”ان سان گڏ جڏهن ماڻهو شهري طبيعت وارا آهن تڏهن انهن جي معاشي زندگي هڪ ٻئي جي تعاون (مدو) ۽ اشتراڪ(ڀائيچاري) کانسواءِ ناممڪن آهي ۽ انڪري الله تعالي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ ڀائيچاري کي واجب قرار ڏنو آهي ۽ هي به واجب ۽ ضروري ڪيو آهي ته ڪنهن کي به ڪنهن اهڙي شيءِ کان الڳ ٿيڻ جو حق نه آهي جيڪا ماڻهن جي تمدن ۽ تهذيب ۾ ته داخل هجي پر ڪنهن اهڙي مجبوري جي وقت ان کان ڇوٽڪارو ناممڪن هجي.“
    پر هڪ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته شريعت جيڪا مباح مال کان فائدي حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.ان سان اڪتناز ۽ احتڪار (پئسي گڏ ڪرڻ)جي صورت ۾ ناجائز فائدو حاصل نه ڪيو وڃي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان هڪ طرف سرمائيداريءَ جي لاءِ رستو صاف ٿي پوندو آهي.جيڪو اسلام جي خلاف آهي۽ ٻئي طرف اها روش ٻين ماڻهن جي روزگار جي تنگيءَ جو سبب بنجي پوندي آهي.انڪري شاهه صاحب جن مباح مال مان فائدي حاصل ڪرڻ جا ڪجهه شرط به بيان ڪيا آهن اهي هي آهن:
    ”ويشترط في ذالک ان لا يضيق بعضهم علي بعض يحيت يفضي الي فساد التمدن“
    ترجمو۽ مباح (جائز ) مال مان فائدي حاصل ڪرڻ جو هي شرط آهي ته هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ لاءِ روزگار ڪمائڻ ۾ تنگي جو سبب نه بنجي ۽ اهڙي طرح معاشري کي خراب نه ڪري.
    پڇاڙي ۾ فرمائن ٿا ته:
    ”انهن سڀني معاملن ۾ صحيح تعاون(مدد) ۽ عملي اشتراڪ(ڀائيچارو) ضروري آهي ۽ جيڪڏهن اها مالي ترقي اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي جو ان ۾ تعاون کي بلڪل ڪوبه دخل نه هي جيئن جوا يااهڙا ٻيا طريقا جيڪي ظاهر ۾ ته تعاون معلوم ٿين ٿا پر اهي حقيقت۾اهو تعاون ڪونهي.جيئن وياج جو ڪاروبار ، انڪري جي هيءَ ڳالهه ته ظاهر آهي ته هڪ غريب مسڪين پنهنجي مالي پريشانين جي ڪري اهڙين ذميوارين کي پاڻ تي کڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهي.جن جي پوري ڪرڻ جي پاڻ ۾ طاقت نه لهندو آهي ۽ ان ماڻهوءَ جي اها رضامندي سچي رضامندي نه آهي ۽ نه وري ان کي معاشيات جي سڌاري جو سببچئجي سگهجي ٿو بيشڪ ان قسم جا معاملا تمدن جي حڪمت واري نظر ۾ باطل ظلم آهن“(حجته الله البالغه ج 2 باب رزق جي طب ڪرڻ ص 77 ڇاپو مصر)


    • هڪ شبـــهو ۽ ان جو جــــواب

    مغربي عالمن جي طرفان هي سوال ڪيو ويندو آهي ته اسلام ته مالن مان نفعي حاصل ڪرڻ کي حرام قرار ڏنو آهي.حالانڪه وياج به ته واپار جي نفعي وانگر آهي ۽ هي به ظاهر آهي ته جڏهن مال ملڪيت مان نفعو حاصل ڪرڻ حرام هوندو ته انسانيت پنهنجي اجتماعيت ۽ ڀائچاري واري مٿانهين تمدن جي طرف ڪيئن ترقي ڪري سگهندي؟
    ان جو جواب هي آهي ته اسلام مال مان نفعي حاصل ڪرڻ جي سمورين صورتن کي حرام ٿورو ئي ڪيو آهي ! اسلام ته رڳو نفعي جي هڪ صورت کي حرام قرار ڏنو آهي.اها هيءَ ته نفعي ۽ نقصان ۾ مزدور ۽ مالدار ٻئي ڀائيچار نه هجن.مثلن مالدار ته نفعي جو مالڪ هوندو ۽ نقصان مزدور کي پهچندو ته ان نفعي جو نالو وياج آهي.پوءِ ٿورو هجي يا گهڻو.اهو حرام آهي.ان ۾ به اٽڪل سٽڪل جي ڪابه صورت جائز ناهي ڇو ته وياج جو ڪاروبار سرمائيداري جو بنياد هوندو آهي.باقي وياج کي واپار وانگر سمجهڻ هڪ ڌوڪو آهي.عرب جا مشرڪ به ايئن چوندا هئا ”انما البيع مثل الربا يعني بيع(واپار)به وياج وانگر آهي جيڪڏهن وياج حرام آهي ته واپار کي به حرام چوڻ گهرجي.


    • زڪوات جو بحث

    قرآن شريف ۾ نماز ۽ زڪوات جي ادا ڪرڻوارن حڪمن کي گڏ آندو ويو آهي ۽ ٻئي اسلام جي عملي فرضن ۾ ڳڻيا ويندا آهن.شاهه صاحب جي فلسفي جي روءِ سان نماز جي معني آهي الله تعالي جي ان تجلي ڏي توجهه ڪرڻ جيڪا پاڪ ملائڪن ۽ پاڪ روحن جي مجلس”خطيرت القدس“تي پوندي آهي ۽ زڪوات هڪ خاص قانون جي تحت مال خرچ ڪرڻ جو نالو آهي.
    اسلام ۾ ان قانون جا ٻه درجا آهن پهريون درجو مڪي شريف ۾ هو.قرآن مجيد جي اصطلاح ۾ ان جو نالو ”عفو“آهي يعني ضرورت کان وڌيڪ مال جو خرچ ڪري ڇڏڻ ان ۾ ڪو نصاب ۽ ڪو حصو مقرر نه آهي.حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏهن مڪي ۾ رهيا ته اجتماعي حڪومت کي هي حق حاصل هو ته هو پنهنجي مڃڻ وارن کان بچت مال ملڪيت خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري.ان خرچ ڪرڻ ۾ اجتماعي حڪومت حضرت رسول صلي الله عليه وسلمجن کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو.ان جي لاءِ ڪو به بيت المال هيو ئي ڪونه جنهن ۾ دولت ۽ ان قسم جا مال گڏ ڪيا وڃن.
    قرآن مجيد ۾ زڪوات جو لفظ مختلف سورتن جي ٻٽيهن آيتن ۾ آيل آهي اهي هي سورتون آهن:
    البقره ،النساءِ ،المائده ،الاعراف ،التوبه ،الڪهف ،مريم ،الانبياء ،الحج ،المومنون ،النور ،الروم ،لقمان ،الاحزاب ،فصلت ،المجادله ،المزمل ،البينه.
    انهن سورتن مان ڪجهه سورتون مڪي ۾ نازل ٿيل آهن ۽ ڪجهه مدينه ۾ نازل ٿيل آهن.زڪوات جو مخصوص حصو ته سڀني عالمن جي چوڻ مطابق مدينه منوره ۾ نازل ٿيو انڪري ته مڪي سورتن ۾ جيڪو زڪوات جو بيان آيل آهي ان جو مطلب مفسرن هي ڪيو آهي ته زڪوات مان مراد نفلي صدقو ۽ خيرات آهي.
    حالانڪه هيءَ به حقيقت آهي ته زڪوات فرض مڪي شريف ۾ ئي ٿي هئي.باقي مقرر حصو مدينه منوره ۾ لازم قرار ڏنو ويو.
    حقيقت اهائي صحيح آهي جيڪا مٿي لکجي چڪي آهي ته شاهه صاحب جي نظرئي مطابق مڪي شريف ۾ اجتماعي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي مسلمان پنهنجا اختلافي فيصلا پيغمبر عليه السلام جن کان ڪرائيندا هئا ۽ اجتماعي حڪومت خرچ ڪرڻ(انفاق) جي معاملي ۾ مسلمانن کي خود مختيار بنائي کين پنهنجو نائب بنائي ڇڏيو هو.معاشري کي جيتري به مدد جي ضرورت پوندي هئي ان مطابق مالي معاملن ۾ انهن کي هيءُ حڪم هوندو هيو ته حاجت کان وڌيڪ مال حاجتمند مسڪينن ۾ خرچ ڪري ڇڏين.مڪه مڪرمه ۾ هجرت کان اڳ ۾ بيت المال جو وجود ئي ڪونه هو.مال غنيمت ۽ اهڙا ٻيا ذريعا نه هئڻ سبب ضرورت جي موافق خرچ ڪرڻ جو حڪم هيو.
    هجرت کانپوءِ حالتن ڦيرو کاڌو مال غنيمت اچڻ شروع ٿيو.بيت المال ٺهي ويو.مڪي وارين حالتن جي ڀيٽ ۾ خوشحالي اچي وئي ته زڪوات ۾ حديث مطابق چاليهون حصو مقرر ٿيو.سوره بقره جيتوڻيڪ مديني ۾ نازل ٿيل آهي پر ان ۾ آيت نمبر 219 ۾ هي ارشاد آهي ته ”ويسئلونک ماذا ينفقون قل العفو“ يعني اي پيغمبر صلي الله عليه وسلم توهان کان پڇن ٿا ته اهي ڇا خرچ ڪن.اوهان ٻڌايو ته ضرورت کان وڌيڪ سڀ مال خرچ ڪري ڇڏين.
    ان آيت ۾ الله تعالي خرچ ڪرڻ جو اندازو ٻڌايو آهي پر حاجتن کان وڌيڪ جي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي مسلمانن جي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنو.جيئن جهاد يا ٻين ضروري معاملن جي گهرجن آهر پنهنجي سمجهه ۽ بصيرت کان ڪم وٺي خرچ ڪن.
    مفتي محمد عبده مصري ”العفو“ جي تفسير ۾ لکي ٿو ته:
    ”وهو الفضل والزياده عن الحاجته وعليه الاڪثر .وقال بعضهم ان العفو نقيض الجهد اي ينفقون ماسهل ونيسر لهم مما يڪون فاضلاعن حاجتهم وحاجته من يعولون.
    عفو جي معني آهي ضرورت کان وڌيڪ مال گهڻن عالمن جو اهوئي چوڻ آهي ڪي عالم چون ٿا ته ”عفو“ جهد جو ضد آهي معني هي ٿيندي ته انهن کي جيترو آسان ۽ سولو لڳي اهو خرچ ڪري ڇڏين يعني جيڪو به اهل عيال جي حاجت کان وڌيڪ هجي(تفسير المنار جلد2 ص 337)
    اسلام جي ابتدائي دور ۾ ان اصول تي عمل هيو ۽ اجتماعي خوشحاليءَ جو خيال رکيو ويندو هو.معاشري ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جي معيشيت جو هڪ جهڙو حق سمجهيو ويندو هو.وقت جي خليفي(حاڪم) جو به بيت المال ۾ايترو ئي حق هوندو هو جيترو هڪ عام ماڻهوءَ جو هوندو هو.
    ابو عبيد پنهنجي ڪتاب” الاموال“(ص 266) ۾ خليفه عادل حضرت عمر رضي الله تعالي عنه جي متعلق هڪ واقعو لکيو آهي ته حضرت عمر رضه جن پنهنجي خلافت جي ابتدائي زماني ۾ مسلمانن کي گڏ ڪيو ۽ فرمايو ته ان مال(بيت المال) مان خليفي لاءَ ڪيترو کڻڻ جائز آهي؟سڀني گڏجي مشورو ڏنو ته ان کي سندس ضرورت ۽ سندس اهل عيال جي ضرورت جيترو کڻڻ گهرجي.ان ۾ ڪابه ڪمي پيشي نه هجڻ گهرجي.اهڙي طرح پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ ڪپڙي يا ٻئي مال جي ورهاست ۾ خليفي جو به سڀني جيترو ئي حق آهي.حضرت عمر رضه اهو ٻڌي فرمايو ته توهان جي بيت المال ۾ منهنجو رڳو ايترو حق آهي جيترو ڪنهن يتيم جي مال ۾ سندس پالنا ڪرڻ واري جو حق هوندو آهي.جيڪڏهن مون کي ضرورت نه پوندي ته ڪجهه به نه کڻندس ۽ جڏهن حاجت پوندي ته دستور موجب ٻين وانگر کائڻ لاءِ کڻندس.
    ڪتاب الخراج(ص 27) ۾ حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته خدا جوقسم جيڪڏهن آئون جيئرو رهيس ته عراق وارن جي بيواهه زالن کي اهڙو خود ڪفيل ڪري ڇڏيندس جو هو مون کانپوءِ ڪنهن به امير ڏي محتاج نه ٿينديون. ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ قصو نقل ڪيو ويو آهي ته جڏهن حضرت عمر رضه خليفو ٿيو تڏهن حضرت علي رضه جن کيس فرمايو ته جيڪڏهن توهان گهرو ٿاته توهان کي توهان جي ساٿيءَ(حضرت ابوبڪر صديق رضه) سان رفاقت نصيب ٿئي ته پوءِ توهان کي گهرجي ته قميص ۽ گوڏ ۾ چتيون لڳرايو(يعني پراڻا ڪپڙا پايو) جُتي به چتي لڳل پايو جورابا به پراڻا پايو.اميدن کي ننڍو ڪيو ۽ پيٽ ڀري ماني به نه کائو(ص5)
    جهڙي طرح عادل خليفي لاءِ بيت المال مان حاجت جي موافق بيت المال مان وٺڻ جي اجازت آهي اهڙي طرح حاڪمن کي به سندن حاجت جي موافق بيت المال مان وٺڻ جي اجازت آهي شاهه ولي الله جن به ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته:
    ”ثم ان کان الامام لا يستطيع بنفسه ان يباشر جبايته الصدقات واخذ العشور و فصل القضاءَ في کل ناحيته وجب بعث العمال والقضات ولما کان اولائک لمشغولون بامر من مصالح العامته وجب ان تکون کفايتهم في بيت المال“
    پوءِ جڏهن حاڪم ۾ اڪيلي سر اها طاقت ناهي جو صدقات ۽ عشر پاڻ وصول ڪري سگهي يا هر طرف جي فيصلن کي پاڻ پنهنجي سر نبيري سگهي.تڏهن ان لاءَ ضروري آهي ته ٻيا عملدار ۽ قاضي هر جڳهه تي مقرر ڪري ۽ جڏهن قاضي يا ٻيا عملدار عوام جي خدمت ۾ رڌل رهندا آهن ته پوءِ ضروري هوندو آهي جو انهن عملدارن جون گهرجون بيت المال مان پوريون ڪيون وڃن.“
    هيءَ هڪ حقيقت آهي ته معاشري ۽ سماج جي ڀلائي(سعادت) آهي ئي قومي بهبودي ۽ ڪاميابيءَ جو نالو.فرد جي سعادت اجتماعي ۽ سماجي سعادت تي دارومدار رکي ٿي.سماج جي سڀني حقن ۽ نفعن کي اسلام اجتماعيت ۽ ان جي فردن جي طبقن ۾ مشترڪ قرار ڏنو آهي.ان ڪري هر ماڻهوءَ تي فرض آهي ته هو سماج جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي.
    اجتماعيت جي سعادت عدل ۽ انصاف واري قانون سان ٻڌل آهي ۽ انصاف قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن قانون جو هجڻ ضروري آهي جهڙي طرح آسمان ۾ تارن جي جوڙجڪ يا ٻئي ڪائنات جي انتظام کي الله تعالي هڪ قسم جي ڪشش ۽ سندن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪيو آهي.اهڙي طرح انساني معاشري ۽ اجتماع جي پاڻ ۾ انتظام ۽ ربط لاءِ ضرورتون پوريون ڪرڻ هڪ قانون آهي.جنهن مطابق هر هڪ ماڻهو پنهنجن گهرجن ۾ ٻين ماڻهن جو محتاج هوندو آهي.ان هڪ ٻئي ڏانهن محتاجيءَ سبب سماج ۽ معاشرو ٺهندو آهي.
    اسلام ۾ زڪوات جو درجو به دين جي هڪ اجتماعي رڪن وارو درجو آهي.جنهن سان گڏيل معاشري جي ڀلائي ۽ گڏيل مصلحتن جو انتظام تعلق رکي ٿو.رڳو زڪوات نه پر اسلام ۾ جيترا به مالي تصرفات آهن انهن سڀني ۾ حڪمت اسلامي اجتماع ۽ سماج جي دنياوي ڀلائي جو خيال رکڻ آهي.پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن سائنسي دور جون سڌريل قومون پنهنجي قومي برتري ۽ ترقي لاءِ لکين ڪروڙين رپيا گهڙيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿيون پر مسلمانن جو ان پاسي ڪوبه ڌيان ئي نه آهي.اسان جوا ۽ وياج لاءِ ته هيئن سمجهيو آهي ته يمحق الله الربوا(الله تعالي وياج کي ختم ٿو ڪري)ته ڇا اسان تي هي واجب نه آهي جو اسان يربي الصدقات (يعني الله تعالي صدقات کي وڌائي ٿو) جي مطلب کي به سمجهون.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته:
    ترکت فيکم امرين لن تضلواما تمستکم بهما کتاب الله و سنته نبيه
    ”مون توهان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏيون آهن جيسين انهن ٻڻهي تي توهان جو عمل رهندو توهان ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندو هڪ شيءِ آهي الله تعالي جو ڪتاب ۽ ٻئي شيءِ آهي نبي عليه السلام جي سنت.
    اها حديث حضرت شاهه ولي الله ”مسوي“ ۾ آندي آهي.حضرت رسول صلي الله عليه وسلم جن جي پنهنجي اجتماعي زندگيءَ ۾ هيءَ سنت هئي ته قوت لا يموت (ايترو کائڻ لاءِ رکڻ جنهن مان ماڻهوءَ جو رڳو جياپو ٿي سگهي) تي گذر سفر هوندو هو ۽ پنهنجي سموري ڪوشش الله تعالي جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ ۽ مخلوق تان مصيبتن ٽارڻ ۾ خرچ ڪندا هئا.انساني اجتماعيت ۽ تمدن ۾ الله تعالي جو سڀ کان وڏو ڪلمو آهي مالي گهرجن ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۽ ان معني ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي سنت جي پيروي هن معاشري جي سڀني خرابين جي سڌاري جو هڪ بهترين علاج آهي.
    منهنجو استاد علامه عبيد الله سنڌي صاحب ته عيش پرستي(رفاهيت بالغه) ۽ آرام طلبيءَ جي گهڻائي کي حرام قرار ڏيندو هو ۽ ساڳئي طرح ايترو گهڻو سرمايو ۽ گهڻي دولت ڪٺي ڪرڻ کي به هو حرام چوندو هو.جيڪا دولت عيش عشرت ۽ آرام پرستيءَ جو سبب بنجي پوي ۽ اهو حرام شرعي قاعدن سان کڻي نه به ٿئي ته به اخلاقي طور حرام هجڻ ۾ ته ڪنهن کي به شڪ ناهي.حضرت استاد صاحب جي نظر ۾ هيءَ به حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن بزرگ صحابن جي سيرت هئي ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته اهڙي گهڻي دولت جو حرام هجڻ ان وقت ته اڃا به وڌيڪ ضروري ٿي پوي ٿو.جڏهن قوم جا اڪثر فرد محتاج ۽ مالي وسيلن کان محروم هجن.
    قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته:
    وانفقوا مما جعلناکم مستحقين فيه يعني جنهن مال ۾ الله تعالي توهان کي نائب ۽ خليفو بڻايو آهي ان مان محتاجن تي خرچ ڪيو.
    ان آيت ۾ الله تعالي انسان کي سندس هر مال جو نائب قرار ڏنو آهي ۽ اصل ملڪيت رڳو الله تعالي جي ئي آهي.
    ٻي آيت ۾ ارشاد آهي ته:
    وآتوهم من مال الله الذي آتاکم(يعني ۽ توهان (ضرورتمندن کي) الله تعالي جي مال مان ڏيندا ڪريوجيڪو الله تعالي اوهان کي ڏنو آهي)
    ان آيت ۾ به انسان جي ملڪيت کي الله تعالي جي ملڪيت سڏيو ويو آهي ۽ ان ملڪيت کي ضرورتمندن جي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن صحابه سڳورن به يقينن انهن آيتن تي عمل ڪري ڏيکاريو ۽ کانئن پوءِ ايندڙ انسانن لاءِ اهو اسوه حسنه جو درجو رکي ٿو.حضرت عمر رضه لاءِ مشهور آهي ته سال جي پڇاڙي ۾ پنهنجي گهر کي ٻهاري خالي ڪندو هو ته جيئن سماج جو ڪوبه فرد محروم نه رهجي وڃي (حروف اوائل السور مرتب علامه موسي جار الله ص 234)


    • هڪ شبهي جو ازالو

    مٿئين تحقيق مان هرگز هيئن نه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سماج ۽ اجتماع جو ڪوبه فرد ڪنهن به مادي شيءِ يامال کي حلال طريقي سان ڪمائي ٿوپوءِ به هو ان کي استمال جو ڪوبه حق نٿو رکي ايئن سمجهڻ بلڪل غلط آهي ڇو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي محنت مزدوري سان ڪجهه ڪمائي ٿو ته ان کي هو کپائڻ جو به پورو حق رکي ٿو.ڇو ته ملڪيت کي قبضي ۾ ڪرڻ سان ظاهري طرح ته ماڻهو مالڪ ٿي وڃي ٿو پر ان کي کپائڻ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ هي شرط لڳايو ويو آهي ته ان سان اجتماعي حقن جي مخالفت نه ٿئي.ورنه کانئس ان متعلق پڇاڻو ضرور ٿيندو.ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ماڻهوءَ جي نائب هجڻ واري فرض ۾ ڪوتاهي لازم ايندي ۽ ان سان ذخيره اندوزي جهڙي لعنت پيدا ٿي پوندي ۽ آهستي آهستي هڪ خاص طبقي جي ماڻهن جي هٿن ۾ دولت گڏ ٿيندي ويندي ۽ دولت جي صحيح تقسيم نه ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جا برابريءَ وارا حق ختم ٿي ويندا ۽ رڳو چند خاندانن وٽ عيش عشرت جو سامان گڏ ٿي ويندو.اهڙي معاشري لاءِ شاهه ولي الله جن جيڪو ڪجهه پنهنجن ڪتابن بدور بازغه ،حجته الله البالغه تفهيمات الاهيه،خير ڪثير ۾ لکيو آهي ان جا ڪجهه ٽڪرا ترجمو ڪري هيٺ ڏجن ٿا ۽ وڌيڪ تفصيل اصل ڪتابن ۾ ڏسڻ گهرجن.
    شاهه صاحب جن لکيو آهي ته :”زمين جوحقيقي مالڪ الله آهي.ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو ايئن آهن جيئن ڪو مسافرخاني ۾ رهندو هجي.اهڙو حياتي جو نظام جنهن ۾ چند ماڻهن وٽ يا چند خاندانن وٽ عيش عشرت سبب
    دولت جي صحيح تقسيم ۾ خلل پوي.ان لاءِ مناسب آهي ته ان کي جلدي ختم ڪري عوام کي مساوات ۽ هججهڙائي واري نظام مان فائدي وٺڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.دولت جو اصلي بنياد محنت آهي.جيسيتائين ڪو ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ محنت نٿو ڪري ملڪ جي دولت ۾ ان جو ڪوبه حصو نه آهي.قوم جو عيش پرست طبقو قوم جي لاءِ هڪ وڏو بار بنجي پوندوآهي.پورهيتن جي ڪمائيءَ تي نڪمن ماڻهن جو قبضو انقلاب جو سبب بڻبو آهي ۽ جيڪو معاشرو پنهنجي عوام جي بنيادي گهرجن کي پورو نٿو ڪري سگهي اهڙي معاشري کي ختم ٿيڻ ئي گهرجي.قوم جي وڏن ماڻهن جو دنياوي لذتن ۾ ڦاسي پوڻ هڪ اڻ ڇٽندڙ مرض وانگر آهي ۽ طبقي بندي اسلام جي روح جي خلاف آهي.انساني فرد جون بنيادي ٽي ضرورتون آهن اٽو ،لٽو ،اجهو يعني کاڌو پيتو لباس۽ رهائش لاءِ گهر اهي ٽيئي گهرجون ته سڀ کان اول پوريون ٿيڻ گهرجن.جنهن معاشري ۾ ماڻهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جو پورو بندوبست نٿي سگهي ان معاشري وارن ماڻهن جي اخلاقي حالت به بڇڙي ٿي پوندي آهي ۽ انهن ماڻهن جي دماغي ۽ ذهني حالت به پٺتي بنجي ويندي آهي.اعتدال پسندي ۽ وچٿرو آرام معاشري لاءِ تمام اهم شيءِ آهي.هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ رهڻ لاءِ اهڙي جڳهه هجڻ گهرجي جنهن ۾ سردي ۽ گرميءَ کان بچاءَ ۽ ڀاتين جي سامان سڙي جي حفاظت جو اجهو هجي.ان جي ڊيگهه موڪر مناسب هجي.هوا جو گذر سٺو ۽ اڱڻ به مناسب هجي ۽ اهڙو گهر ماڻهوءَ کي آساني سان ملڻ گهرجي.تمدن جو ڪمال ۽ سندس ڀلائي ان ۾ آهي ته هو ترقيءَ جي اصولن(ارتفاقات) تي هلي ۽ روحاني ترقيءَ جي اصولن(اقترابات) مان فائدو وٺي.


    • قرآن جو فڪر

    حضرت شاه ولي الله رحه جن جي مٿين حڪمت ڀري تعليم ۽ اهڙو فڪر اصل ۾ قرآن پاڪ جي تعليم جو نچوڙ آهي.هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته قرآن شريف انسان لاءِ هڪ جامع فڪر پيش ڪري ٿو جنهن سان انسانن کي معاشي مصيبتن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ ان سان خدا پرستي جي راهه به کلي پوي ٿي ۽ دنيا ۽ آخرت ٻئي سموارجي پون ٿا.اسلامي اجتماعيت ۽ مادي اشتراڪيت ۾ اهوئي فرق ته آهي جو سوشلزم
    (مادي اشتراڪيت)انسان لاءِ رڳو هڪ مادي ضرورت کي پورو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته اسلامي اجتماعيت انسانن لاءِ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي ڪاميابيءَ ۽ ڀلائي جو پيغام آهي.قرآن مجيد جي ان فڪر بابت منهنجي استاد حضرت علامه عبيد الله سنڌي جن جو هي وضاحتي اشارو به اجهو هيءُ آهي:
    ”قرآن حڪيم انسانيت جي ترقيءَ لاءِ هڪ اهڙو صالح فڪر پيش ڪري ٿو.جنهن ۾ انسانيت جا سڀ پاسا اچي وڃن ٿا.ان سان انساني سوسائٽي جي معاشي اصلاح به ٿئي ٿي ته اخروي سڌاري جي تياري به.ان فڪر کي مڃڻ واري جماعت دنيا ۾ ڪامياب ٿي انساني سوسائٽي ۾ انصاف قائم ڪندي آهي.اها غريبن ۽ مسڪينن جي هر قسم جي انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ذمو کڻندي آهي ۽ انهن کي سڀني معاشي مصيبتن کان بچائيندي آهي.جيئن ماڻهن جو الله تعالي سان تعلق پيدا ڪرڻ جو رستو آسان ٿي پوي اهڙي انصاف ۽ خدا پرستيءَ جو نتيجو هي نڪرندو آهي جو مرڻ کانپوءِ واري زندگي ۾ به ان جو رستو صاف ٿي پوندو آهي.۽ ان جي ترقي ءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ آڏو نه ايندي آهي ۽ اها جماعت اهڙي ذميواري پاڻ تي انڪري کڻندي آهي جو هوءَ سمجهندي آهي ته انسانيت جي خدمت به خدا پرستيءَ جو جزو آهي ۽ خدا پرستي جو لازمي نتيجو آهي.اهوئي سبب آهي جو اها جماعت ان انساني خدمت جو بدلو دنيا جي ڪنهن مال ملڪيت يا عزت ۽ مان مرتبي جي شڪل ۾ وٺڻ پنهنجي لاءِ ضروري سمجهندي آهي.
    پنهنجي خلاف ڏسي ان فڪر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي ته سرمائيداري جي مخالف قرآني جماعت جي اصطلاح ۾ ان کي ”ڪافر“ چيو ويندو آهي.۽ اها قرآني جماعت پنهنجو فرض سمجهندي آهي ته ڪافرن کان اهڙي طاقت کسي کين ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏي جو ٻيهر هو اڀري ئي نه سگهن.قرآن حڪيم ڪافرن سان لڙڻ ان ڪري ضروري نه ڪيو آهي جو اهي ان فڪر کي نٿا مڃڻ.پر رڳو انڪري هنن سان لڙڻو آهي جو اهي طاقت وٺي ماڻهن کي انسانيت واري رستي تي هلڻ کان نه روڪين.جنهن جي دعوت قرآن شريف ڏئي ٿو ۽ پنهنجي غلط رستي تي ماڻهن کي هلائڻ لاءِ مجبور نه ڪري سگهن
    (جنگ انقلاب تفسير سوره قتال(ص28)


    • سماج جو هر هڪ ماڻهو محنت ڪري ڪمائي کائي

    اسلام جي ٻڌايل صالح معاشري جي هر فرد لاءِ هٿ جي پورهئي سان ڪمائي کائڻ ۽ محنت مزدوريءَ سان پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ تمام ضروري آهي.جيڪڏهن ڪي ماڻهو محنت مزدوري ڇڏي ٻين جي ڪمائيءَ ۾ اک وجھي ويهي رهن ته اهڙو معاشرو سڌريل ۽ صالح معاشرو نه سڏبو ۽ جنهن حڪومت جو بنياد اهڙي اڻپوري ۽ بيمار معاشري تي هوندو.اها حڪومت هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور تباهه ۽ برباد ٿيندي ۽ اهي مفت خور نڪما به پنهنجو برو حشر ضرور ڏسندا.شاهه ولي الله صاحب ان جي وضاحت ڪندي پنهنجي جڳ مشهور تصنيف”حجته الله البالغه“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”۽ هن دور ۾ حڪومت جي برباديءَ جو وڏو سبب ٻه ڳالهيون آهن پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته خزاني تي مفت خورن جو ڳرو بار پيل رهي ٿو.انهن مان ڪجهه ماڻهو ته پاڻ کي مجاهد ۽ غازي سمجهي خزاني جي مال کي ڦرڻ ۽ ڦٻائڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهن ۽ ڪي وري پاڻ کي عالم جي حيثيت سان خزاني جو حقدار سمجهن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جن کي انعامن ۽ عهدن سان نوازڻ يا انهن کي رقمون ڏيڻ سرمائيدارن جي عادت هوندي آهي. جيئن ڪي صوفي ،زاهد ( بزرگ) يا درٻاري شاعر ،ڪي اهڙا به هوندا آهن جن کي ٻين لفظن ۾ پينو يا گداگر چئي سگهجي ٿو.انهن جو مقصد به رڳو پيسو ميڙڻ ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ هوندو آهي.هو اهو خيال ئي نه ڪندا آهن ته سماج(سوسائٽي) جي ضرورت ۽ مصلحت ان مان پوري ٿئي ٿي يا نه.نيٺ ان جو نتيجو نڪرندو آهي جو هڪ جماعت ٻي جماعت جو مقابلو ڪندي آهي ۽ پوءِ اهي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ معاشي اڻ برابريءَ جو سبب بڻبا آهن ۽ هلندي هلندي اهڙي قسم جا ماڻهو شهر ۽ معاشري تي وڏو بار بنجي پوندا آهن.
    ٻي هيءَ ڳالهه ته هارين ،واپارين ۽ ڪاريگرن تي حڪومت وڏا وڏا ٽيڪس وجهي ڇڏيا آهن ۽ ان جي وصول ڪرڻ ۾ انهن تي سختي ۽ تشدد پڻ ڪيو وڃي ٿو.جنهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته حڪومت جو وفادار طبقو به انهن ٽيڪسن جي بار هيٺيان پيڙيو ۽ پوئتي پوندو آهي.ٻئي پاسي ٻئي هڪ اهڙي ٽولي به هوندي آهي.جيڪا ان ناجائز سختيءَ کان تنگ اچي بغاوت جي واٽ وٺندي آهي.بهرحال سماج جو سڌارو ان ۾ آهي ته ٽيڪس گهٽ لڳايو وڃي ۽ ماڻهن جي حقن جي حفاظت جو گهڻو خيال رکيو وڃي.(حجته الله البالغه ص 45)
    شاه صاحب جن ان قسم جي ٻي به عبارت آندي آهي.جنهن ۾ سرمائيدارانه نظام جي بيڪار معاشري بابت فرمائن ٿا ته:
    ”ملڪ جا گهڻا ماڻهو بادشاهه جو ڄڻ عيال بنجي ويندا آهن.ڪڏهن اهي هيئن چئي وڏيون رقمون حاصل ڪندا آهن ته اهي غازي ۽ مجاهد آهن ۽ ملڪ جي سياست جا مدبر آهن ۽ انهن رقمن سان هنن جي ڪنهن ضرورت يا حاجت کي پورو ڪرڻ مقصد نه هوندو آهي پر ابي ڏاڏي واري مفت خوريءَ واري رسم کي برقرار رکڻو هوندو آهي ۽ ڪڏهن هيئن چوندي خزاني تي ڳروبار بنجي پوندا آهن ته اسان درٻاري (سرڪاري) شاعر آهيون.بادشاهن جي ته عادت هوندي آهي ته شاعرن کي انعام اڪرام ڏيندا آهن ۽ ڪي وري ماڻهو وري پاڻ کي زاهد درويش ظاهر ڪري خيرات گهرندا وٺندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ ٻئي لاءِ تنگيءَ جو سبب بنجي پوندا آهن ۽ انهن جي ڪمائي جو ذريعو رڳو بادشاهن (سرمائيدارن) جي ڪچهري چاپلوسي ۽ تعريف ڪرڻ هوندو آهي.نيٺ اهو هڪ اهڙو هنر بنجي ويندو آهي جو انهن ماڻهن جا فڪر ۽ سندن ذهني صلاحيتون رڳو ان سوچ ۾ رڌل هونديون آهن.ان ۾ سندن وقت وڃائبو رهيو آهي.جڏهن سماج ۾ اهڙي قسم جي ماڻهن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي تڏهن ماڻهن جي خيالن ۾ اها بلند پرواز ۽ سٺي سوچ نه رهندي آهي ۽ اهي سٺن اخلاقن کان پاسيرا ٿي پوندا آهن.“


    • سماج

    هتي مناسب معلوم ٿئي ٿو ته اجتماعيت تي بحث سان گڏ ڪجهه انساني اجتماع ۽ سماج تي به شاهه صاحب جن جي راءِ معلوم ڪئي وڃي ته جيئن اهو بحث اڻپورو ۽ اڌورو نه رهجي وڃي.
    شاهه صاحب انساني اجتماع يا معاشري جو اصل بنياد به خود انسان کي مڃي ٿو.اها صلاحيت سندس فطري تقاضا آهي.جيسيتائين انسان جي ضرورتن ۽ گهرجن جو تعلق آهي مثلا کائڻ پيئڻ ،جنسي لاڙو ،سخت سردي يا گرمي کان بچاءُ وغيره.انهن سڀني گهرجن ۾ انسان به ٻين جانورن وانگر آهي.قدرت پاران هر هڪ حيوان کي طبعي الهام ذريعي اها سمجهه عطا ڪئي وئي آهي ته هو ڪهڙي طرح انهن گهرجن کي پورو ڪري سگهي ٿو.انهن طبعي خواهشن ۾ سڀ انسان هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا.انهن اڌورن ماڻهن کانسواءِ جن ۾ انسانيت اڃا پوري طرح نه آئي آهي ۽ اهو طبعي الهام رڳو ماڻهن لاءِ خاص ڪونهي جو ٻين حيوانن کي به ٿيندو آهي.جيئن ماکيءَ جي مک کي الهام ٿيو آهي ته اها ڪهڙي طرح اجتماعي زندگي گذارن مثلا ميون ۽ گلن جي چونڊ ۽ رهڻ لاءِ مانارو ڪيئن ٺاهي.ماناري ۾ رهڻ جو خاص اجتماعي طريقو ۽ راڻيءَ جي رهنمائي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ماکي کي گڏ ڪرڻ وغيره ماکيءَ جي مک کي اها سڀ سکيا سندس فطرت کان پيدائشي طرح مليل آهي.اهڙي طرح پکين کي به سندن گهرج مطابق سيکاريو ويو آهي ته اهي ڪيئن داڻي پاڻيءَ جي تلاش ڪن ۽ ٻلي ۽ شڪاريءَ کان ڪهڙي طرح ڀڄي وڃن ۽ جيڪڏهن سندن گهرج جي طلب ۾ ڪا رڪاوٽ آڏو اچي ته ان سان ڪيئن منهن ڏين .نر ۽ ماديءَ جو هڪ خاص طريقي تي آنن کي ڦوڙڻ ٻچن کي چڳائڻ آهي اهي سڀ ڳالهيون سندن فطرت کين سيکاريون آهن.اهڙي طرح هر قسم جي مخلوقات جون ڪي طبعي گهرجون هونديون آهن.جيڪي انهن جي نوعي طبيعت طرفان انهن جي فردن کي سمجهايل هونديون آهن (حجته الله البالغه ص 38)
    اهڙي طرح انسان کي به سندس فطرت طرفان ان قسم جي تعليم ڏني وئي آهي ته هو دنيا جي مادي شين مان ڪهڙي طرح فائدو حاصل ڪري ۽ انهن کي پنهنجي ڪم ۾ لائي.ان کي شاهه ولي الله صاحب جي فلسفي ۾ ارتفاق چئبو آهي.
    انسان جي نوعي صورت جڏهن ته ٻين جانورن کان مٿانهين آهي.انسان نفس ناطقه(علم جي صلاحيت رکندڙ نفس) جي نعمت سان نوازيل آهي.ان سان گڏ انسان ۾ زمين تي عدل ۽ انصاف واري نظام قائم ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ ان کي علم سان روشن ڪرڻ جي صلاحيت به منجهس آهي.انڪري انسان کي ٽي خاص گهرجون اهڙيون مليل آهن جيڪي ٻين حيوانن کي نه آهن.
    1.انسان کي ظاهري ۽ باطني حواسن کانسواءِ ذهني طاقت به عطا ٿيل آهي.جنهن سان هو راءِ جي اظهار ۽ سوچ ويچار جي صلاحيت رکندو آهي.هو ظاهري شين کي ته معلوم ڪري سگهي ٿو.پر سوچ ويچار سان نا معلوم شين کي به ڄاڻي سگهي ٿو.مطلب ته انسان جي هيءَ خوبي آهي ته هو ڪنهن به شيءِ ڏي پنهنجو لاڙو يا توجهه پنهنجي ارادي سان ڪري سگهي ٿو.۽ ٻين حيوانن ۾ رڳو سندن طبيعت سان ڪنهن محسوس يا وهمي غرض مثال طور اڃ ،بک ، جنسي لاڙي وغيره ڏي شوق پيدا ٿيندو آهي.انسان ڪنهن معقول نفعي کي سامهون رکي اٿندو آهي.طبيعت خاموش هوندي آهي.مثلا گڏيل زندگيءَ(اجتناع) ۾ صالح نظام رائج ڪرڻ يااخلاقي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ يا آخرت جي عذاب کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ فڪر ڪرڻ وغيره
    2.انسان جي ٻي هيءَ خوبي آهي ته اهو مادي شين مان نفعو حاصل ڪرڻ لاءِ لطافت ۽ شوق کان ڪم وٺندو آهي.مثال طور جانور ته رڳو هي چاهيندا آهن ته کين اها شيءِ ملي وڃي جنهن سان سندن ضرورت پوري ٿئي پر ماڻهو رڳو پنهنجي ضرورت جو خيال نه رکندو آهي پر سهڻائي ،سيبتائي ۽ سٺائيءَ جو طالبو رهندو آهي.مثلن هو هڪ تمام سهڻي عورت ،وڻندڙ لذيذ کاڌو سٺو عمدو لباس ،۽ بهترين گهر کي پسند ڪندو آهي.
    3.ٽين هيءَ خاصيت آهي ته انسان ۾ ڪي ماڻهو وڏي عقل ۽ مٿانهين سمجهه وارا به هوندا آهن.جيڪي انسان ذات لاءِ نيون نيون ايجادون ڪندا رهندا آهن ۽ اها ڳالهه ٻين حيوانن ۾ نه آهي.
    ان مان سمجهه ۾ آيو ته انسان ٻي مخلوق جي ابتڙ اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي کيس نه ته ظاهري پنجن حواسن سان معلوم ٿين ٿا نه وري اهي شيون وهم ۽ خيال ۾ اچي سگهن ٿيون پر انهن شين کي رڳو انسان جو عقل ئي پسند ڪري ٿو.جيئن اخلاق کي سڌارڻ ،پنهنجي نفسياتي حالتن تي قابو پائڻ ۽ وڏيون وڏيون حڪومتون قائم ڪرڻ ۽ اهي سڀ ڳالهيون انساني فطرت جون تقاضائون آهن.جيڪڏهن ايئن هجي ها ته مخلوق جو ڪوبه قسم جيڪڏهن پنهنجين فطري گهرجن مطابق عمل ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته ان جي طبيعت درست رهندي آهي.


    • سماج جي ارتقا ۽ اوسر

    شاهه صاحب مخلوقات جي ارتقائي ڏاڪن جي مثال سان اجتماعي ادارن جي مختلف درجن جو پاڻ ۾ تعلق ۽ ڳانڍاپو سمجهائي ٿو.جنهن مان هيءَ خبر پوي ٿي ته شاهه صاحب جن انساني سماج ۾ ارتقا کي اهڙي طرح وڌندڙ مڃي ٿو.جهڙي طرح ڪائنات جا ٻيا نظارا آهن جيئن بدور بازغه ۾ لکيو اٿن:
    ”انساني معاشري جي پهرين مرحلي ۾ اجتماعي ادارن جي جوڙجڪ جانورن جي گڏجي رهڻ کان ڪو گهڻو مختلف نه ٿيندي آهي فرق رڳو هيترو هوندو آهي ته حيوانن ۾ اهو ارتفاق(ارتقائي ڏاڪو)معمولي ۽ براءِ نام هوندو آهي ۽ انسان ۾ ان ارتفاق پوري طرح اوسر ورتي آهيجنهن سبب انساني معاشرو ان ابتدائي شڪل ۾ به حيوانن جي اجتماع جي بنسبت سٺو ۽ مٿانهون درجو هوندو آهي.حيواني معاشري کانپوءِ انساني معاشري جواهوابتدائي مرحلو بلڪل ايئن ٺهندو آهي جهڙي طرح ڪائنات جي عنصرن مان جبل ۽ بي جان شيون پيدا ٿينديون آهن.انسان ۾ معاشري جو ٻيو درجو ان پهرئين درجي کانپوءِ ايندو آهي.ان کان اڳ ۾ نه اچي سگهندو آهي.ان جو مثال صفا ايئن سمجهڻ گهرجي جيئن بي جان شين کان پوءِ نباتات جو وجود ۾ اچڻ.انساني معاشري جي ان درجي ۾ پهرئين درجي جون سڀ ڳالهيون ملن ٿيون.پر هاڻي ان ۾ لطافت ،سٺائي ۽ بهتر تنظيم پيدا ٿي ويندي آهي.ٻئي درجي کانپوءِ انساني معاشري جي ٽئين درجي جو اچڻ.نباتات کانپوءِ حيوانن جي پيدائش وانگر آهي.جهڙي طرح حيوانن ۾ به وڻن ٻوٽن واريون ڪي خوبيون ۽ خاصيتون ملن ٿيون.ساڳئي طرح ان ٽئين درجي ۾ ٻئين درجي جون صفتون به هونديون آهن پر ڪجهه ٻئي نموني ۾ حيوانيت کانپوءِ انسانيت جي منزل ايندي آهي.ارتفاقات(اجتماعي ادارن) ۾ ان جو مثال ٽئين درجي ۽ چوٿين درجي کي سمجهڻ گهرجي.


    • سماج جا درجا

    ”بدور بازغه“ جي مٿين تحقيق مطابق شاهه صاحب جي نظر ۾ انساني معاشري يا اجتماع کي سندس ارتقا ۾ چئن مرحلن يا درجن مان گذرڻو پوندو آهي ۽ شاهه صاحب جي فلسفي ۾ ان کي”ارتفاقات“جي نالي سڏيو ويندو آهي.انهن مان انسانن جي گڏجي رهڻ جو پهريون درجو اها بنيادي منزل آهي جنهن کان انساني معاشري جو ڪوبه فرد بي پرواهه نٿو ٿي سگهي.انسان جون مٿي ڄاڻايل خاص صفتون سڀني فردن ۾ هڪ جهڙيون نه هونديون آهن انڪري شاهه صاحب ”ارتفاقات“ جون ٻه حدون قائم ڪيون آهن.هڪ اها آهي جنهن کان ماڻهن جو ننڍو معاشرو به بي پرواهه نٿو رهي سگهي.پوءِ ڇو نه کڻي اها ماڻهن جي ڪا جماعت جبلن جي چوٽيءَ تي ڇو نه رهندي هجي يا سڌريل ملڪن کان تمام پري دنيا جي پاسن ڪنڊن ۾ رهندي هجي.شاهه صاحب جن جي اصطلاح ۾ ان جو نالو ارتفاق اول آهي.ان درجي جي هڪ بنيادي شيءِ زبان يا ٻولي آهي.جنهن سان انسان پنهجي دل جي ڳالهه ٻين کي سمجهائي ٿو ۽ پنهنجي خيالن کان ٻين کي واقف ڪري ٿو.جيڪڏهن ڪنهن معاشري يا جماعت ۾ پنهنجي دل ۾ آيل ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ ڪا زبان نه هجي ته اهڙو معاشرو ڪنهن به ڪم کي اجتماعي طور تي سرانجام نٿو ڏئي سگهي.
    شاهه صاحب جن ان درجي ۾ جنهن ۾ زبان کي ضروري قرار ڏنو آهي اها ان جي ابتدائي شڪل آهي.مثلن جن شين سان ڏسڻ تي اثر پوندو آهي يا اهي ڳالهيون جن سان انسانن جي وجدانن ۽ احساسن ۾ هلچل پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ انسان ڪوشش ڪندو آهي ته ڪنهن مناسب آواز ۽ لفظن سان پنهنجي ان وجدان يا احساس جو اظهار ڪري ۽ ٻين کي سمجهائي.ان قسم جي لفظن ۽ جملن کي ڪنهن به ٻوليءَ جو پهريو ڏاڪو سمجهيو ويندو آهي.ان کانپوءِ ان ٻوليءَ ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو رهندو آهي.
    سماج جي ان پهرئين ڏاڪي جون ٻيون شيون هي آهن : پوکي راهي ،کوهه کوٽڻ ،کاڌي پچائڻ جي ترڪيب معلوم ڪرڻ ،ٿانو ٺاهڻ .مال ڌارڻ۽ چارڻ ،انهن کي سواريءَ جي ڪم آڻڻ ۽ ان جي گوشت ،کل ،پشم ،وارن ،کير مکڻ ۽ ان جي نسل مان نفعو حاصل ڪرڻ وغيره رهڻ جي جاءِ ۽ لباس ڍڪڻ به ان پهرئين درجي جي ضرورتن ۾ داخل آهن.ان درجي ۾ ماڻهوءَ لاءِ هڪ زال جي پڻ ضرورت هوندي آهي.جنهن ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو ان ۾ رڪاوٽ نه وجهي سگهي.ان سان هو جنسي جذبن جي پورائي سان گڏ نسل جي بقا ۽ گهريلو ڪم ڪار ۾ ٻانهن ٻيلي جو ڪم به وٺندو آهي.“
    انساني معاشري جي پهرئين درجي جي پابندي سڀني قومن ۽ قبيلن جي لاءِ تمام ضروري آهي.ان جي پابندي کانسواءِ انهن جو اجتماعي زندگي بسر ڪرڻ ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي.


    • سماج جي ٻي منزل

    انساني اجتماع سماجي ارتقا ۽ اوسر جو پهريون ڏاڪو ٽپي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ رستو هموار ڪندي جڏهن اڳتي وڌندو آهي ته انساني اجتماع جي اها ٻي منزل سڏبي آهي ۽ ولي اللهي فلسفي ۾ انج نالو ”ارتفاق ٻيو“ آهي.
    ان درجي ۾ انسان پنهنجي پهرئين درجي واري سادي سودي شڪل تي بس ڪري نٿو ويهي پر پنهنجن گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ سٺن وسيلن جي ڳولاجاري رکي ٿو ۽ ان عرصي ۾ سندس تجربن ۽ فطري عملن ۾ برابر واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ اڳتي هلي سماج جي اجتماع جي ٻي منزل يا ٻيو درجو پيدا ٿيندو آهي.
    ارتفاق ٻئين يا سماج کي ترقيءَ جر رستي تي هلائڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت پوي ٿي؟ان جي پڌرائي لاءِ ضاهه صاحب جن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجته الله البالغه ۾ ٽي باب رکيا آهن.

    1.فن آداب معاش(حياتي گذارڻ جو طريقو)
    2.تدبير منزل(سماج ۾ اٿڻ ويهڻ جا طريقا)
    3.اقتصاديات يا فن معاملات(واپار يا مالي وسيلا)

    1.فن آداب معاش(حياتي گذارڻ جو طريقو)

    ان فن مطابق زندگيءَ جا اهڙا اصول ۽ مناسب طريقا ٻڌايا ويندا آهن.جن جي رهبريءَ ۾ سماج جي پهرين ڏاڪي وارين زندگيءَ جي ضرورتن کي صحيح تجربن ۽ آزمودن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو آهي.۽ پوءِ انهن مان اهي ڳالهيون اختيار ڪيون وينديون آهن جن مان نفعو گهڻو ۽ نقصان ٿورو ٿئي ۽ اهي طريقا عام خيال ۽ طبيعت جي موافق هوندا آهن.مثلن کائڻ پيئڻ ،رهڻ سهڻ ،اوڇڻ اوڍڻ ۽ گذر سفر جا مناسب طريقا اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي پسند جو خيال رکڻ.اهي سڀ ڳالهيون رفاعيت ياخوش حاليءَ سان ئي حاصل ٿي سگهنديون آهن.پر شرط هي آهي ته ان ۾ حد کان وڌيڪ آرام طلبي ۽ پاڻ ۾ اختلاف جي صورت پيدا نه ٿئي.
    2.تدبير منزل(سماج ۾ اٿڻ ويهڻ جي طريقا)
    اهو حڪمت ۽ دانائي جو هڪ فن آهي جنهن سان ڄاڻبو آهي ته گهر ڀاتين جا پاڻ ۾ تعلق ۽ ضابطا ۽ لاڳاپن ۾ ارتفاق جي ترقيءَ يافته شڪل جي حفاظت جي ڪهڙي صورت هجڻ گهرجي.ان ۾ سهڻي تدبير ۽ ٻين جي مرضيءَ(ڪلي راءِ) جو خيال رکيو ويندو آهي.تدبير منزل جو بنيادي اصول هي آهي ته انسان کي پنهنجي نسل جي بقا لاءِ ٻارن ڄڻڻ جي ضرورت هئي.جنهن ڪري ضروري هيو زال مڙس ٻئي پاڻ ۾ سٺي تعلق ۽ وڻندڙ ماحول سان گڏ گذارن.جڏهن کين اولاد پيدا ٿيندو آهي ته طبعي طرح انهن جي دلين ۾ اولاد تي به ٻاجهه ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ ٻئي گڏجي اولاد جي پالنا ڪندا آهن.مرد ۽ عورت جو طبيعتون فطري طرح ڪجهه هڪ ٻئي کان جدا جدا خاصيتن واريون هونديون آهن.عورت کي گهرو ڪم کي سٺي نموني سان ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ قابليت آهي ۽ مرد وري ڪجهه سخت محنت ۽ تڪليف وارا ڪم ڪري سگهندو آهي.انهن ٻنهي جو پنهنجي فطري گهرجن مطابق گهرو وهنوار هلائڻ.سٺي معيشيت جو بنياد آهي.۽ ان تعلق کي برقرار رکڻ لاءِ هي به ضروري آهي ته گهر جي ڀاتين ۾ برابريءَ جو احساس سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي مرتبن ۽ درجن جي عزت ۽ احترام به صحيح طريقي سان موجود هجي.شاهه صاحب جن حجته الله البالغه ۾ ان تدبير منزل جي فن تي وڏو ڪشادو بحث ڪيو آهي وڌيڪ تفصيل ان ۾ ڏسڻ گهرجي.

    3.اقتصاديات يا معاملات جو فن(واپار يا مالي وسيلا)
    اجتماع جي ٻئي درجي جي هيءَ خاصيت هئي ته زندگيءَ جي ضرورتن کي سٺي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي حاصل ٿيڻ کانپوءِ ئي سماج کي سٺو ۽ خوشحال چئي سگهجي ٿو.ان صورت ۾ سماج جي هر هڪ ماڻهوءَ جي مرضي هوندي آهي ته سندس حياتيءَ جي سڀني گهرجن جي پوري ڪرڻ ۾ سهڻائي ،سٺائي ۽ سيبتائي جو خيال رکيو وڃي.جڏهن ماڻهن جون ضرورتون وڌي ويون ۽ انهن جي سٺائي ۽ سهڻائيءَ جو خيال به آڏو آيو تڏهن اها ناممڪلن ڳالهه ٿي پئي ته ضرورت وارين شين کي اڪيلو ماڻهو پنهنجو پاڻ تيار ڪري.انڪري جدا جدا ماڻهو انساني گهرجن جي شين ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ان ريت مختلف ڌنڌا پيدا ٿيا ۽ انلاءِ هي به ضروري ٿي پيو ته هڪ ٻئي سان ڏيتي ليتي وارو معاملو ڪري اجتماعي زندگي گذارين.
    ڌنڌن جي ايترن قسمن سان هيئن ٿي پيو ته هر شخص ضرورت وارين شين امن ڪابه هڪ شيءِ ٺاهڻ لڳو.جڏهن ته جيئڻ لاءِ کيس ٻين به ڪيترين شين جي ضرورت هئي.انڪري سماج جي سڀني ماڻهن لاءِ سڀني ضروري شين مان فائدي وٺڻ جو سهڻو ۽ آسان طريقو اهو ئي هيو ته هڪ جنس کي ٻي جنس سان مٽا سٽا جو طريقو رواج ۾ آندو وڃي مثلن هڪ هاري ٻئي ڌنڌي واري کي اَنُ ڏيئي بدلي ۾ پنهنجي ضرورتن جون شيون وٺي.ڪنهن وقت تائين ماڻهن پاڻ ۾ ايئن مٽا سٽا سان گذر پئي ڪيو.پر ايئن ڪرڻ سان هڪ ته ٻنهي ڌرين کي ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي ٻيو ته هيئن به ٿي پيو جو مثلن هڪ ماڻهوءَ وٽ اَنُ آهي پر کيس ڪپهه جي ضرورت پوي پئي ۽ ٻئي وٽ ڪپهه ناهي پر ان کي ان جي ضرورت نه آهي انوٽ اڳ ۾ ئي جام آهي.جڏهن ان قسم جون تڪليفون آڏو آيون تڏهن ان جو حل هي ڳوليو ويو ته سون ۽ چاندي کي مٽا سٽا جو ذريعو بنايو ويو.ان ڪري جو سون ۽ چاندي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ نهايت مناسب هئا.ڇو ته انهن جي هيڏي هوڏي آڻڻ نيڻ ۾ سهولت هئي ۽ انهن جي جزن ۾ڪنهن حد تائين هڪ جهڙائي به هئي.ڄڻ ته سون ۽ چاندي جي تخليق ان مقصد لاءِ ته انهن کي پئسن جي جاءِ تي ڪم آندو وڃي.ٻي ڪنهن شيءِ۾ هي خاصيتون ٻئي هڪ هنڌ ڪونه پئي لڌيون.
    معاشري جي ان ٻئي ڏاڪي ۾ قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ اصلي ڌنڌا ٿورا هئا پر جيئن ته انساني گهرجون وڌنڌيون پئي رهيون ته ڌنڌن ۽ ڪمائڻ جي مفهوم ۾ به ڪشادگي ٿيندي وئي.ماڻهن جي گهرجن جي پورائي جا طريقا به بدلجي ويا.انڪري هر اهڙي محنت کي ماڻهو ڌنڌو چوڻ لڳا جنهن سان ماڻهن جي اجتماعي زندگي گذارڻ ۾ آساني پيدا ٿئي.ان ڪري سماج جي هر هڪ ماڻهو جو فرض آهي ته ٻين ماڻهن کان جياپي جي ڊڪ ڊوڙ ۾ ڌار نه رهي پر پنهنجي ۽ ٻين جي ضروريات زندگي حاصل ڪرڻ جي محنت ۾ هڪجهڙو ڀاڱي ڀائيوار رهي.ان لاءِ مضبوط قسم جي تنظيم ۽ جوڙجڪ جي ضرورت آڏو آئي.جنهن سان سماج جو ٽيون درجو ٺهي ٿو.


    • سماج جي ٽين منزل

    سماج جي اها ٽين منزل ٻي منزل جو فطري نتيجو آهي جنهن ۾ سماج هڪ ڪشادي ۽ متحد نظام جي شڪل وٺندو آهي ۽ ان سان ئي حڪومت جو بنياد پوندو آه.مثال طور جڏهن هر ماڻهو جوڌنڌو ٻئي کان الڳ ٿي ويندو آهي ۽ کين هڪ ٻئي جي مدد جي گهڻي ضرورت پوي ٿي ته ان وقت هڪ مضبوط سياسي نظام جي تمام گهڻِ ضرورت پوندي آهي.اهڙي مضبوط نظام ۽ حڪومت کي شاهه صاحب جن ارتفاق ٽيون ياسماج جو ٽيون ڏاڪو قرار ڏئي ٿو.ان حڪمت جي باري ۾ شاهه صاحب جن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”البدور بازغه“۾ جيڪا تشريح بيان ڪئي آهي اها هتي لکڻ نهايت مناسب آهي.
    ”بيشڪ جڏهن ماڻهو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏيتي ليتي ڪن ٿا ته ان جي نتيجي ۾ واپار جي سامان جي مٽا سٽا جون ڪيتريون ئي صورتون پيدا ٿين ٿيون.ان سان هيءَ ڳالهه پڌري پٽ سمجهه ۾ اچي ٿي ته ماڻحن جي وچ ۾ مثلن هارين ۽ واپارين،ڪپڙڻ اڻندڙڻ ۽ ٻين جو پاڻ تعلق ۽ ٻڌي ملي ٿي.حقيقت هيءَ آهي ته انهن ماڻهن جي هڪ ٻئي سان تعاون سان حڪومت جو ڻطام ٺهي ٿو.حقيقي حڪومت چوديواري ۽ ڪوٽن قلعن ۽ واپار جي مارڪيٽن جو نالو نه آهي.جيڪڏهن ڪيترا شهر هڪ ٻئي جي پرڀاسي ۾آهن ۽ انهن جي شهر واسين جي پاڻ ۾ ڏيتي ليتي جاري آهي ته اها به هڪ حڪومت ئي چئبي.


    • سماج جي چوٿين منزل

    شاهه صاحب جن وٽ اها منزل شهري سياست جي هڪ شاخ آهي ۽ سماج جي اوسر دوران جيڪا بين الاقوامي حڪومت ٺهندي آهي.اها سماج جي چوٿين منزل آهي.اها هڪ اهڙي هيڪڙائي آهي جيڪا ڪيترن ايڪن (حڪومتن ،رياستن) سان گڏجي جڙندي آهي.اصل هيءَڳالهه آهي ته هر هڪ ملڪ ڌار ڌار حڪومت هجي ۽ هر هڪ جي آمدني جا ذريعا ،انهن جا خزانا ۽ سندن رکوال فوج الڳ هجي ته انهن جي مختلف طبيعتن ۽ انهن جي الڳ الڳ لياقتن سبب انهن ۾ ظلم جو رواج پوندو آهي ۽ سنت راشده کي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ هر ڪا حڪومت لالچ جي جذبي سبب چرپر ٻي حڪومت تي سوڀ حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندي آهي.مختلف حڪومتن جي ان روش سبب هڪ وڏي طاقتور نظام ۽ بين الاقوامي حڪومت جي ضرورت پيدا ٿيندي آهي جنهن ۾ اها صلاحيت هجي ته سڀني حڪومتن کي امن سان رکڻ لاءِ قابوءَ ۾ رکي.اها ضرورت هڪ وڏي خلافت جي شڪل ياهڪ بين الاقوامي حڪومت سان پوري ٿي ويندي آهي.
    ارتفاق چوٿون يا سماج جي چوٿين درجي متعلق شاهه صاحب جي مٿين تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته رڳو هڪ امير جي فرمانبرداري مرڪزيت لاءِ تمامم ضروري آهي.هن دور جا نوجوان ان کي ضروري سمجهن نٿا سمجهن .ان سلسلي ۾ علامه عبيد الله سنڌي رحه جي طرفان ان مسئلي جي تشريح ٻڌائي وڃي ٿي .
    استاد صاحب جن لکيو آهي ته:
    ”اڄ ڪالهه جي سيسي نظامن ۾ اهل علم هڪ امير جي اطاعت کي مرڪزيت لاءِ ضروري نٿا سمجهن.انهن جي نظر ۾ ان شيءِ سان خرابيون پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.شاهه صاحب جن ان جو علاج ٻڌايو آهي ته:”هڪ بورڊ(ڪميٽي) هجي جنهن جي ميمبرن جي هٿ ۾ الڳ الڳ اختيار هجن“مون کي جيتري خبر آهي ته هڪ به مذهبي مولوي وٽ ان قسم جو فڪر ڪو نه ٿو لڀي.شاهه صاحب فرمائي ٿو ته هڪ ڪامل رياست ۾ جنهن ۾ ڪيترائي فرد هوندا آهن.نظام قائم رکڻ لاءِ هڪ اهڙو ماڻهو هجڻ گهرجي جيڪو اڪيلو سڀني
    ڪمن جي پرگهور لهي ۽ اهو ئي ”امام الحق“ هوندو آهي.پر ان سان گڏ هي به لکيو اٿن ته ”وقلنا يوجد ذالک“معني اهڙو ماڻهو گهٽ ملندو آهي. تنهن ڪري گهڻو ڪري ٻه ٽي ڪم هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هوندا آهن ۽ باقي ٻيا ڪم ٻين ماڻهن وٽ هوندا آهن.
    شخصي حڪومت بدران قوم جي دانشورن جي اها تجويز پارلياماني نظام جي شروعات ٿي سگهي ٿي.(ڪاش)ان پاسي تڏهن ڌيان ڏنو وڃي ها“
    ”اقترابات“جنهن مان مطلب الله تعالي جو قرب حاصل ڪرڻ جا ذريعا ۽”ارتفاقات“جنهن جو مطلب آهي معاشي ،سياسي ۽ اجتماعي فڪير ۽ سوچ شاهه صاحب وٽ انهن ٻنهي لاءِ اسلام سڌو رستو ٻڌائي ٿو.
    اسلام قيصريت ۽ ڪسرويت کي ختم ڪري ارتفاقات ۾ وچٿري واٽ پيدا ڪئي.شاهه ولي الله صاحب جي حڪمت ۽ دانائي واري طبيعت جو هي خاص ڪمال آهي ته انهن هي ٻڌايو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي اچڻ جي مقصدن مان هڪ هي به هيو ته معاشي اڻبرابريءَ کي ختم ڪرڻ فرمائن
    (ماهوار الرحيم اردو ص13 اپريل 1964ع)


    • پيداوار جا ذريعا

    سماج جي معاشي نظام جي بهتريءَ جو دارومدار پئداواري وسيلن تي آهي ۽ ان جو مکيه ذريعو زمين يا ٻني آهي.قرآن مجيد ۾ زمين جي باري آيل آهي ته:
    ”ولقد مکناکم في الارض وجعلنا لکم فيها معايش“(اعراف)
    ترجمو:اسان توهان کي زمين تي حڪومت ڏني آهي ۽ توهان لاءِ زمين ۾ زندگيءَ جو سامان رکيو اٿئون.
    شاهه ولي الله صاحب ڪمائڻ جي بنيادي وسيلن مان پوکي راهيءَ(زراعت) کي ايتري اهميت ڏني آهي جو جنهن به ملڪ ۾ ان جا وسيلا موجود نه هوندا ۽ ان کان بي پرواهي ڪئي وئي ته ان ملڪ جي حالت ڪڏهن به سڌري نه سگهندي. ان ملڪ جي تباهي لازمي آهي ڇاڪاڻ ته ڪچي مال جي پيداوار کان سواءِ واپار هلي ئي نه سگهندو ۽ نه وري هنر ۽ ڪاريگريون ئي ڪارائتيون ٿي سگهنديون.
    جيئن شاهه صاحب جن فرمايو آهي ته:
    ”پوءِ جيڪڏهن (ڪنهن به) ملڪ جي رهواسين جي گهڻائي هنر ۽ ڪاريگري ۽ شهري سياست ۾ رڌل رهندي ۽ پوک يامال جي حفاظت ۽ پالنا ڏي ٿورا ماڻهو ڌيان ڏيندا ته انهن جي دنياوي شهري زندگي خراب ٿي پوندي.“ (اسلام ڪا اقتصادي نظام .مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي ص 168)
    حجته الله البالغه ۾ شاهه صاحب لکيو آهي ته:
    ”پوءِ جڏهن ڪنهن ملڪ جي رهواسين مان گهڻا ماڻهو ان قسم جي(بي فائدي)ڪمن ۾ لڳي ويندا آهن ته پوءِ واپار ۽ زراعت جهڙا ڪم ۽ هنر ڇڏي ڏيندا آهن ۽ جڏهن شهر جا رئيس ۽ امير معاش جي غلط طريقن تي خرچ ڪندا آهن تڏهن اهڙا ماڻهو شهريت جي انتظام ۽ ضرورتن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن ۽ آهستي آهستي اهي خراب ڪم انهن لاءِ مصيبت جو سبب بنجي پوندا آهن جيڪي مکيه ۽ ضروري ڪمن ۽ ڌنڌن ۾ مشعول آهن.مثلن پوک ،واپار ۽ هنر وغيره اهڙا (غير هنري) خراب ڪم ،پورهيتن ۽ ڌنڌوڙين لاءِ ڳرن ٽئڪسن جو سبب بنجي ويندا آهن.جيترو هڪ عضوي جي تڪليف ٻين عضون تائين پهچي ويندي آهي يا جيئن ڇتي ڪتي جي گگ وچڙندڙ هوندي آهي.“


    • زمينداري نظام

    زمين جي پيداوار جي اهميت کانپوءِ زراعت جي شرعي اهميت به سمجهڻ ضروري آهي.
    زراعت ٻن نمونن جي هلي رهي آهي هڪ هيءَ ته ماڻهو پنهنجي ٻني پاڻ آباد ڪري ٿو ۽ ٻيو هي ته پنهنجي ٻني ٻئي کي بٽئي تي ڪاهڻ لاءِ ڏني وڃي.ان ٻي صورت کي شرعي اصطلاح ۾ مزارعت(ڪڙمت) چئبو آهي.ملڪ ۾ ان صورت جون جيڪي ظالمانه حالتون جاري آهن.جنهن مطابق هاريءَ تي تمام گهڻا ظلم ڪيا ويندا آهن ۽ هاري زميندار جو هڪ وڪاڻل غلام بنجي ويندو آهي.ان صورت کي صحيح مڃڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.باقي مزارعت جي اها صورت جيڪا اسلام جي پهرين صديءَ ۾ هلندڙ هئي ان جو حڪم به ٻڌو.
    مسند امام ابو حنيفه ۾”ڪتاب المزارعه“ ۾ ٻه روايتون آنديون ويون آهن.هڪ حضرت جابر رضه کان ۽ ٻي حضرت رافع بن خديجه رضه کان انهن ٻنهي روايتن ۾ زمينداري کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي.حديثون ۽ انهن جو ترجمو اجهو هيٺ ڏجي ٿو:
    ”ابو حنيفه عن ابي الزبير عن جابر رضه قال نهي رسول الله صلي الله عليه وسلم عن المخابرت“
    ترجمو:ابو حنيفه ابوالزبير جي واسطي سان حضرت جابر رضه کان روايت ڪري ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن مخابرت کان منع ڪئي آهي.
    مزارعته۽ مخابرت ٻئي هڪ جهڙي معني وارا لفظ آهن زمين کي ڪرائي(مسواڙ) تي ڏيڻ جون ٻه صورتون آهن
    (الف)مزارعه:معني پيداوار جي ڪنهن حصي جي عيوض ۾ مثلن اڌ يا ٽهائي يا چوٿين پتي جي عيوض زمين ڪرائي تي ڏني وڃي ۽ ٻج زمين جي مالڪ جو هجي.
    (ب)مخابره:ان ۾ به ساڳئي صورت هوندي آهي پر ان ۾ ٻج هاريءَ جو هوندو آهي.
    زرعي زمين ڪرائي تي ڏيڻ جون اهي ٻئي صورتون امام ابو حنيفه رحه امام مالڪ ۽ امام شافعي وٽ ۽ ان قسم جي ٻين حديثن مطابق ناجائز آهن.
    ابو حنيفه عن ابي حصين عن رافع بن خديجه عن النبي صلي الله عليه وسلم انه مربحائط فاعجبه فقال لمن هذا؟ فقلته لي فقال من اين هو لک؟قلت استاجرنه قال.......الخ
    (حضرت امام ابو حنيفه ابي حصين جي واسطي سان حضرت رافع بن خديجه کان روايت ڪئي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن هڪ باغ جي ڀرسان لنگهيا ۽ حضور جن کي اهو باغ ڏاڍو وڻيو پاڻ پڇيائون ته هي باغ ڪنهن جو آهي؟مون چيو ته هي منهنجو آهي پوءِ پاڻ فرمايائون ته تو هي ڪٿان آندو؟مون چيو ته مون ان کي ڪرائي تي ورتو آهي پاڻ فرمايائون ته ان باغ جي پيداوار جو ڪوبه حصو ڪرائي تي نه وٺجانءِ)
    وفي راويته ان النبي صلي الله عليه وسلم مربحائط فقال لمن هذا؟ فقلت لي و قد استاجرته فقال فلا تستاجر
    (۽ هڪ روايت ۾ هيئن آيل آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن هڪ باغ وٽان لنگهيا ته پاڻ فرمايائون هي ڪنهن جو آهي؟(حضرت رافع فرمائي ٿو ته)مون چيو ته هي منهنجو آهي.۽ مون اهو ڪرائي تي ورتو آهي پاڻ فرمايائون ته ڪرائي تي نه وٺندو ڪر.

    امام مسلم نيشاپوري پنهنجي ڪتاب صحيح مسلم ۾ حصرت جابر رضه واري روايت ڪيئي طرقا آندا آهن.ان مسئلي کي وڌيڪ چٽي ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيون روايتون لکجن ٿيون.
    عن جابر بن عبدالله قال نهي رسول الله صلي الله عليه وسلم عن ڪراءِ الارض
    حضرت جابر بن عبدا لله کان روايت آهي ته رسول صلي الله عليه وسلم جن زمين کي ڪرائي تي ڏيڻ کان منع ڪئي آهي.
    عن جابر رضه قال قال يا رسول الله صلي الله عليه وسلم من ڪانت له الارض فليزرعها فان لم يزر عها اخاء
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول صلي الله عليه وسلم ته جنهن وٽ زمين هجي ته ان کي پاڻ آباد ڪري ۽ جيڪڏهن پاڻ پوک نٿو ڪري ته پنهنجي ڀاءُ کي(بناعيوض) پوک لاءِ ڏئي ڇڏي.
    حضرت جابر بن عبالله رضه کان روايت آهي ته رسول صلي الله عليه وسلم جن جي صحابه مان هڪ صحابي وٽ زمين هئي.حضور جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ وڌيڪ زمين هجي ته پاڻ ڪاهي ياپنهنجي ڀاءُ کي ڏئي ڇڏي.جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهي ته پنهنجيزمين پاڻ وٽ ئي جهلي ڇڏي(اهو هڪ قسم جو دڙڪو آهي)
    عن جابر رضه قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم من کانت له ارض فليزر عها فان لم يستطع ان يزرعها وان عجز عنها فليمنحها اخاه المسلم ولا يواجرها اياه
    حضرت جابر رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ته جنهن وٽ زمين هجي ته ان ۾ پاڻ پوک ڪاهي جيڪڏهن پاڻ پوک نٿو ڪاهي سگهي ۽ ڪاهڻ کان عاجز آهي ته پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي اها زمين(مفت)ڏئي ڇڏي ۽ اها زمين ڪرائي تي نه ڏئي.

    زمينداري امامن جي نظر ۾
    زمين کي بٽئي تي ڏيڻ جي اها صورت جيڪا هن دور ۾ هلي پئي ان کي امام ابو حنيفه،امام مالڪ ،۽ امام شافعي ٽنهي وٽ ناجائز آهي .البته هڪ صورت اهڙي آهي جنهن کي جائز قرار ڏنو ويو آهي.اهاهيءَ ته روڪ پئسا وٺي زمين ڪرائي تي يا ٺيڪي(مقطعي) تي ڏني وڃي.ان ۾ زمين جي پيداوار جي ورهاست نه ٿيندي آهي.حضرت حسن بصري ته ان کي به ناجائز قرار ڏنو آهي ۽ امام طائوس جي به اها راءِ آهي.جيئن امام نوويءَ صحيح مسلم جي شرح ۾ ان جو بيان ڪيو آهي.
    امام مالڪ ان سلسلي ۾ هڪ روايت حضرت رافع بن خديجه کان هن طرح آندي آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن زمين کي ڪرائي تي ڏيڻ کان منع فرمائي آهي.حنظله بن قيس جيڪو حضرت رافع رضه کان هي روايتڪري ٿو چوي ٿو ته مون حضرت رافع بن خديجه رضه کان پڇيو ته ڇا سون ۽ چانديءَ جي عيوض به زمين کي ڪرائي تي ڏيڻ ناجائز آهي؟حضرت رافع فرمايو ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي(موطا ڪتاب المزارعه)
    زمينداريءَ جي هلندڙ صورت کي امام محمد رحه ۽ امام ابو حنيفه رحه جي ٻن شاگردن امام ابو يوسف ۽ امام محمد رحه جائز قرار ڏنو آهي.مناسب آهي ته ان اختلاف جي هت ڪجهه چٽائي لکي وڃي.
    علامه سمرقندي(وفات 539هه)پنهنجي مشهور ڪتاب”تحفته العلماء“ ۾ فرمايو آهي ته:
    ”المزارعته عبارت عقد الزراعته ببعض الخارج وکذا المعامله هواجارت العامل ليعمل في کرمه واشجاره من السقي والحفظ ببعض الخارج فقال ابو حنيفهکلتا هما فاسدتان غير مشروعتين وقال ابو يوسف و محمد کلتا هما مشروعتان“(تحفته الفقهاء جلد 3 ص 442)
    ترجمو:مزارعت چئبو آهي زمين جي بٽئيءَ تي ڏيڻ کي ۽ اهو معاملو به ان طرح هجي جو ان زمين ۾ انگورن ۽ ٻين ميويدار وڻن جي حفاظت ۽ پاڻي ڏيڻ جي لاءِ مزدور ان ڪرايه جي بدلي ورتا ويندا آهن ۽ باغ جي ميونجو هڪ مقرر حصو ان کي ڏبو آهي.امام ابو حنيفه ٻنهي صورتن کي ناجائز ۽ غير شرعي ڪم قرار ڏئي ٿو ۽ امام ابو يوسف ۽ امام محمد جو قول آهي ته ٻئي صورتون جائز ۽ شرعي آهن.
    ملڪ العلماء علامه ابوبڪر بن مسعود ڪاسانيءَ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”البدائع واصنائع“ ۾ امام ابو حنيفه جي راءِ کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي ۽ امام ابو يوسف ۽ امام محمد جي دليل جو جواب ڏنو آهي
    علامه ڪاسانيءَ لکيو آهي ته امام ابو يوسف ۽ امام محمد مزارعت(ٻني بٽئي تي ڏيڻ) جي جائز هجڻ لاءِ خيبر وارين زمينن جو دليل ورتو آهي.جيڪي پيغمبر عليه السلام خيبر جي يهودين کي باغ مقاطعي تي ۽ زمينون بٽئيءَ تي ڏنيون هيون.سندن ان ڪم مان گهٽ ۾ گهٽ جائز هجڻ ته معلوم ٿي ويو ۽ ٻيو ته اڳين۽ پوين عالمن جو ان تي تعامل رهيو آهي ۽ ان جو انڪار به نه پئي ڪيو اٿن.
    امام ابو حنيفه جو هيئن چوڻ ته خيبر جو معاملو مزارعت(ڪڙمت)نه هيوپر هو ته جزيو(ڍل يا ٽيڪس) هيو جيڪو يهودين کان ورتو ويندو هو.ان کي مزارعت سمجهڻ صحيح نه آهي.ڇو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن يهودين کي فرمايو هو ته ”اقرکم ما اقرکم الله“يعني آئون تيسيتائين توهان کي ان زمين تي رکان ٿو جيسيتائين الله تعالي توهان کي رکندو“ان ۾ ته وقت ڄاڻايل ناهي ۽ ان معاملي لاءِ ڪو وقت مقرر نه آهي ان ڪري ان کي با الاتفاق(سڀني عالمن وٽ)ناجائز آهي.
    باقي اڳين پوپن عالمن جي انڪار نه ڪرڻ سان به جائز لاءِ دليل نٿو وٺي سگهجي.ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته اها ماٺ ان ڪري هئي جو اهو مسئلو به اجتهادي نوعيت جو هو.


    • اجتماعي نظام جي ڪيفيت

    شاهه صاحب جي نظر ۾ فرد وانگر سڄي انسانيت جو نظامبه ٽن طرزن جوهوندو آهي.
    1.ڪامل صحت
    2.ناقص صحت
    3.مرض مهلڪ
    انساني صحت جي اصل تقاضا هيءَ آهي ته هو سٺي تندرستيءَ سان رهي.ان ۾ ڪا گڙ ٻڙ ٿئي ٿي ته (انساني اجتماع جي) صحت خراب ٿي پوندي آهي.ان حالت ۾ يا تندرستي اڻپوري رهندي آهي يا هڪ بڇڙي
    بيماري ان کي لڳي پوندي آهي.جيڪا نيٺ سماج کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي (ان سان گڏ هي به ڄاڻڻ گهرجي ته) ارتفاق جي پهرئين ڏاڪي کان ڪوبه ماڻهو خالي نٿو ٿي سگهي پوءِ کڻي ڇو نه هو جبلن جي چرن ۽ غارن ۾ رهندو هجي يا رڻن پٽن ۾ رهندو هجي.اهڙي طرح ارتفاق جي ٻئي ڏاڪي کان به گهڻا فرد بچي نٿا سگهن خاص طور تي وڏن شهرن ۾ رهندڙ ۽ مهذب ماڻهو ته ان ڏاڪي کي ضرور اپنائن ٿا.جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي اهو ارتفاق جو ٻيو ڏاڪو ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان جو ڪارڻ اتي جي ماڻهن جي طبيعتن جي ڪوتاهي هوندي ۽ ارتفاق جي ٽين منزل(قوميت) کي به الله تعالي ظاهر ڪندو رهندو آهي.
    ان مختصر تمهيد کانپوءِ هي ڄاڻڻ ضروري آهي ته انساني سماج جي صحت جو دارومدار مال ۽ ملڪيت جي انصاف واري ورهاست تي آهي.هي ٽئين ارتفاق ۾ جڏهن هڪ حڪومت(قومي رياست) ٺهي پوندي آهي ته انجو به پهريون فرض ملڪيت کي انصاف سان ورهائڻ آهي.انبياءَ عليه السلام ته رڳو انسانن جي آخرت جي ڪاميابي لاءِ ايندا هئا پر انهن جي دعوت جو هڪ پاسو انسانيت جي دنياوي ڪاميابي به هيو.اهوئي سبب آهي جو حضرت يوسف عليه السلام جي جڏهن مصر جي بادشاهه جي سامهون پاڪدامني ۽ ايمانداري ثابت ٿي تڏهن پاڻ هي چئي وزير خزانه جو عهدو ورتائون.
    ”قال اجعلني علي خزائن الارض اني حفظ عليم“
    ترجمو:مون کي زمين جي خزاني جو محافظ بنايو ڇوته مان مال دولت ۾ حفاظت ۽ انصاف واري ورهاست کان باخبر آهيان.
    حضرت ابراهيم عليه السلام کان وٺي حضرت يوسف عليه السلام تائين ان گهراڻي جي خوشحالي جو دارومدار مال چارڻ ۽ ڌڻن ڌارڻ تي هيو.ان ۾ هر قسم جي تعليم موجود آهي.مثلا مال جي ڀلائي جو خيال رکڻ ۽ اهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ جن سان انهن جي پيدائش ۾ واڌارو ٿيندو رهي.ٻيو ته حضرت يوسف عليه السلام جي تعليم ۽ تربيت هڪ امير گهراڻي ۾ ٿي هئي.انڪري به هو ماليات جي ترقيءَ جي رازن رمزن کي وڌيڪ ڄاڻندو هو.انڪري بادشاهه کي چيائين ته مان(معاشي معاملي ۾) سٺي ڄاڻ رکندڙ آهيان.
    شاهه صاحب جي راءِ ۾ ته جيترا به انبياءَ عليه السلام آيا هئا.انهن سڀني جي نبوت ،الاهي تدبير جو هڪ حصو هوندي هئي.انسان ۽ انساني سماج کي مصيبتن کان بچائڻ لاءِ جيڪي طئي ٿيل الاهي تدبيرون آهن.نبوت جو هڪ جزو هيون.اهوئي سبب آهي جو تدبير الاهي انهن کي اختيار ڪندي آهي ۽ نبي سڳورا مبعوث ٿيندا آهن.۽ ان ضرورت کي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن قرآن مجيد جهڙي ڪامل وحيءَ سان آسماني ڪتاب ۽ شريعت سڳوري کي قائم ڪري پورو ڪيو.
    شاهه صاحب جي اصطلاح”اقتراب“۽”ارتفاق“ مان اصلي مقصد ۽ مراد انساني اجتماع جي فڪري وحدت ۽ اقتصادي اشتراڪ آهي.قرآن مجيد جي سوره روم ۾ فڪري وحدت جي خلاف ورزيءَ جي مذمت هنن لفظن ۾ بيان ڪئي وئي آهي.”ان الذين فرقوا دينهم و کانو شيعا لست منهم في شيءِ (جن ماڻهن ٽولا ٽولا بنايا توهان جو انهن سان ڪوبه تعلق ناهي(ڇو ته اهي فڪري هيڪڙائي کي خراب ۽ برباد ڪري رهيا آهن)
    ان آيت جي مضمون کي سمجهڻ لاءِ ”اقيموالصلوات ولا تکونو من المشرکين“جي لفظن تي غور ڪيو يعني الله تعالي سان تعلق پيدا ڪريو ۽ نماز ان تعلق جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ اهوئي ”اقتراب“ آهي يعني اهڙي جماعت پيداڪريو جنهن جو الله تعالي سان تعلق هجي.ولا تکونو من المشرکين جو مطلب هي ٿيندو ته الله تعالي کانسواءِ پنهنجا پنهنجا سردار ٺاهي انهن کي نه پوڄيو يعني انهن سرادرن جي حڪمن ۽ اشارن تي هلي فطرت الاهي کي نه ڦيرايو.اهي سردار توهان کي پاڻ ۾ ويڙهائي فرقي بازي جو مرض پيدا ڪري ڇڏيندا.
    ان لحاظ کان ”من المشرکين“ مان مراد ”من الذين فرقوا دينهم وکانو شيعا“ٿيندي مطلب ته اهي پنهنجي سردارن جي پاس خاطري ڪن ٿا ۽ ان فرقه بازي جي هيءَ صورت ٿيندي ته ڪن ماڻهن ،ماڻهن جي پيروي قبول ڪري انهن کي پنهنجو معبود کڻي بڻايو آهي ۽ انهن جا تابعدار ٿي هڪ فرقو ٺاهي ورتو ۽ ٻين ماڻهن وري ڪنهن ٻئي انسان کي پنهنجو سردار بنايو.فرقه پرستي ايئن وڌندي رهي ۽ ايئن ڪرڻ فطرت جي خلاف آهي.هر سردار پنهنجي جماعت کي وڌائي ان کي ٻي جماعت سان ٽڪرائيندو آهي.انساني سماج پاڻ ۾ لڙڻ ،وڙهڻ ،رتو ڇاڻ ڪرڻ جي موڪل نٿو ڏئي.جڏهن انساني اجتماع يا گڏيل صورت پرزا پرزا ٿي ويندي آهي ته پاڻ ۾ جنگيون ۽ رتو ڇاڻ ٿيندي آهي.جيڪڏهن سماج کي فطرت جي موافق رکڻو آهي ته ان سماج جو ديني سردار رڳو هڪ ئي هجڻ گهرجي ۽ اهوآهي به هڪ ان سان هيءَ ڳالهه صاف صاف سمجهه ۾ اچي ٿي ته شرڪ انساني اجتماع واري فطرت جي خلاف آهي ۽ شرڪ ان معاشري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ويڙهائي ٿيندو آهي.
    انساني اجتماع جي لاءِ فڪري اتحاد کانپوءِ اقتصادي اشتراڪ ۽ مالي تعاون تمام ضروري آهي.ان سان انساني سماج مضبوط ٿيندو آهي.جيسين ڪنهن سماج ۾ ان جي پورائي نه ٿيندي ۽ دولت جي ورهاست انصاف واتري ۽ مساوات تي ٻڌل نه هوندي ته اهو سماج وڏي بحران ۾ ڦاسي پوندو ۽ ان مان صحيح ڳالهيون جنم نه وٺنديون ۽ نه اهو صحيح طور تي ترقي ڪري سگهندو.
    اقتصادي اشتراڪ يا ڀائيچاري رکڻ لاءِ جماعت جي هر ماڻهو جو فرض آهي ته اهو پنهنجي گهرج کان وڌيڪ مال و دولت اهڙي طرح ورهائي ڇڏي جو اول ته هن جي مٽن مائٽن جون گهرجون پوريون ٿين.۽ انهن کي حصي رسيءَ سان ڏئي ڇڏي.”فآت ذي القربي حقه“آيت ۾ ان ڏانهن اشارو آهي.انکانپوءِ قرآن مجيد ۾ ”والمسکين“ فرمائي هي حڪم ڪيو ويو آهي ته مٽن مائٽن سان گڏ مسڪينن ۽ غريبن کي به پنهنجي مال ۾ ڀائيوار ڪريو.پوءِ ”وابن السبيل“ يعني مسافرن جو انلو آيو آهي ته ان کي به سندس حق ڏيو ۽ ان کي به پنهنجو ڀائيوار بنايو.هڪ خاندان کي ٻئي خاندان سان ۽ هڪ قوم کي ٻئي قوم سان ڳنڍڻ لاءِ مسافرن جي ضرورت پوندي آهي.سياحت ڪندڙ ماڻهو هميشه قومن ۾ ايندا ويندا رهندا آهن ۽ هڪ سماج جي حالتن کان ٻين قومن کي آگاهه ڪندا آهن.انڪري اهي به سماج جو هڪ فائديمند حصو آهن.سماج جو هر ماڻهو جڏهن مسافرن کي سندن گهرجن وقت ڪم اچي ٿو تڏهن انساني اجتماع ۽ سماج ۾ هڪ قسم جو ڀائيچارو پيدا ٿيندو آهي.هي هڪ اهڙو قانون قانون آهي جنهن سان انسان ۾ آهستي آهستي محبت ۽ مالي ڀائيچارو ۽ تعاون پيدا ٿيندو ويندو آهي.ان ريت انساني دماغ تي ڪنهن به قسم جو بار نه پوندو آهي.
    اسلام هڪ اهڙو اقتصادي نظام پيدا ڪيو آهي جڏهن ان تي عمل ٿيندو هو تڏهن هڪ مسلمان اسپين کان وٺي چين تائين پئسي پائي کڻڻ کانسواءِ سفر ڪري سگهندو هو.نوجوانن کي سندن طبيعت جي موافق جنهن به فن جو شوق پيدا ٿيندو هو ته ان جي سکڻ لاءِ بنا پئسي سفر ڪندا هئا.ان ريت نه ته ڪنهن ماڻهوءَ تي بار پوندو هو ۽ نه وري مسلمان مسافر مالي مدد وٺڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ۽ عار سمجهندو هو ۽ يورپ پنهنجي ترقي واري زماني ۾ به اهو روح پيدا ڪري نه سگهيو.
    افسوس آهي جو اهو اقتصادي ڀائيچارو ۽ تعاون آهستي آهستي مسلمانن مان نڪرندو ويو جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان پنهنجي تحزيب جو ورثو ڇڏي تنزل ۽ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا آهن.دنيا جي آباديءَ جا اڪثر نوجوان سوشلزم ڏي مائل آهن پر انهن جي روش دينداري جي نيڪ بختي کان پالهي آهي .ان حالت ۾ جيڪڏهن مسلمان نوجوان پنهنجي اقتصادي ڀائيچاري جي ورثي کي ٻيو دفعو هٿ ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش شروع ڪئي ته پوءِ کين ڪوبه غلام نه بنائي سگهندو.مسلمانن جي ڪنهن به جماعت يا قوم ۾ جيڪڏهن اهو ڪم شروع ٿي ويو ته اميد آهي ته مسلمانن جون ٻيون قومون به ان ۾ جلدي ڀائيوار ٿي پونديون ۽ هڪ اهڙو زبردست بين الاقوامي اسلامي مرڪز بنجي ويندو جنهن جو مقابلو دنيا جي ڪاب ه طاقت نه ڪري سگهندي.


    • اجتماعي اخلاق ۽ معاشيات

    انسانيت جا اجتماعي اخلاق ان وقت بلڪل تباهه ٿي ويندا آهن جڏهن ڪنهن طاقت يا ڏاڍ ذريعي کين اقتصادي بدحاليءَ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.ان صورت ۾ انسان انسان نه رهندا آهن بلڪه ڍورن وانگر ٻن ٽڪن جي سڪل ٽڪرن لاءِ تڪليفون برداشت ڪندا آهن.جڏهن انسان مصيبتن جي ان منزل تي پهچندو آهي ته الله تعالي کين نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن ٻانهي جي دل ۾ الهام ذريعي هيءَ تجويز وجهندو آهي(ته ان نظام کي بدلايو وڃي) فرعون ،قيصر و ڪسريٰ جو خاتمو بهاهڙي ئي هڪ الهام جو صريح نتيجو هيو.(حجته الله البالغه جلد پهريون ص 106)


    • ضميمو: امام شاهه ولي الله جا اقتصادي ۽ سياسي اصول

    سهڙيندڙ:مولانا محمد ميان رحه

    1.دولت جو اصل بنياد محنت آهي.مزدور ۽ هاري ڪمائيندڙ قوت آهن.باهمي تعاون مدنيت(شهري زندگي) جو روح روان آهي.جيڪو ماڻهو جيسيتائين ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم نه ڪري ملڪ جي دولت ۾ ان جو ڪوبه حصو ناهي.(حجته الله البالغه باب سياست المدينه )
    2.جوا ،سٽي ۽ عياشي جا اڏا ختم ڪيا وڃن جن جي موجودگي ۾ دولت جي ورهاڱي جو صحيح نطام قائم ٿي نه سگهندو.عياشي جي اڏن جي ڪري قوم ۽ ملڪ جي دولت ۾ واڌارو ته ڇا پر دولت ملڪ جي گهڻائي وارن جي کيسن مان نڪري ٿورڙن ماڻهن جي ٽجوڙين ۾ گڏٿي ويندي.(حجته الله البالغه باب ابتغاء الرزق)
    3.مزدور ،هاري ۽ جيڪي ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ دماغي ڪم ڪن.دولت جا اصل حقدار آهن.انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي آهي جيڪو به نظام حڪومت انهن حقدار قوتن کي دٻائي يا ڪمزور ڪري يا محروم ڪري ته اهڙو نظام ملڪ لاءِ خطري جو سبب ٿيندو ۽ اهڙي نظام کي ختم ڪرڻ گهرجي.(حجته الله البالغه باب ابتغاء الرزق)
    4.جيڪو به سماج محنت اجورو ادا نه ڪري مزدورن ۽ هارين تي ڳرو ٽيڪس لڳائي اهو قوم جو دشمن آهي انکي ختم ڪرڻ گهرجي.(حجته الله البالغه سيست المدينه ۽ باب الرسوم السائره بين الناس)
    5.حاجت مند مزدور جو اجرت تي راضي ٿيڻ اعتبار لائق ناهي جيسيتائين ان جي محنت جي ايتري مزدوري يا قيمت ادا نه ڪئي وڃي جيتري امداد باهمي جي اصولن مطابق لازم نه ٿئي ٿي.(ڇو ته حاجتمند ماڻهو مجبوري سبب ٿوري تي به راضي ٿي ويندو آهي انڪري ڪنهن جي مجبوري جو فائدو به وٺڻ نه گهرجي.)
    6.ڪم جا وپقت محدود ڪرڻ گهرجن پورهيتن کي اترو وقت ملڻ گهرجي جنهن سان هو اخلاقي ۽ روحاني سڌارو ڪري سگهن ۽ انهن ۾ آئيندي جي باري ۾ غور۽ فڪر جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.
    7.باهمي تعاون جو وڏو ذريعو واپار آهي.انڪري ان کي تعاون جي اصولن تي جاري رهڻ گهرجي پوءِ جهڙي نموني واپار ين لاءِ هي جائز ناهي ته هو بليڪ مارڪيٽ ياغلط قسم جي گوءِ سان تعاون واري روح کي نقصان پهچائين.اهڙي نموني حڪومت لاءِ به هي صحيح ناهي ته ڳرا ٽيڪس هڻي واپار جي واڌاري ۾ رڪاوٽ ۽ رخنو وجهي(حجته الله البالغه باب البيوع المنهي عنها)
    8.اهو ڪاروبار جيڪو دولت جي هير ڦير کي ڪنهن خاص طبقي ۾ بند رکي ملڪ لاءِ تباهه ڪندڙ آهي.
    9.اهو شاهي نظام زندگي جنهن ۾ چند ماڻهن يا چند خاندانن جي عيش عشرت سبب دولت جي صحيح ورهاست ۾ خلل ٿئي اهو ان لائق آهي ته ان کي جلد از جلد ختم ڪري عوام جي مصيبت ختم ڪئي وڃي ۽ انهن کي مساواتي نظام زندگي جو موقعو ڏنو وڃي.
    سياست ۽ نظام حڪومت جا بنيادي اصول
    1.زمين جو حقيقي مالڪ الله آهي (۽ ظاهري انتظام جي لحاظ سان رياست)ملڪ جي رهواسين جي حيثيت اها آهي جيڪا ڪنهن مسافرخاني ۾ رهندڙن جي هوندي آهي.ملڪيت جو مطلب هي آهي ته ان جي نفعي وٺڻ واري حق ۾ ٻئي جي دخل اندازي قانوني طور منسوخ هجي
    .2.سڀ انسان برابر آهن ڪنهن کي به هي حق نٿو پهچي ته هو پاڻ کي ملڪ جو مالڪ بادشاهه قوم جو مالڪ يا انسانن کي غلام ۽ ملڪيت قرار ڏيئي.انهن جو پاڻ کي مالڪ تصور ڪري ۽ نه وري ڪنهن کي هي به حق ٿو پهچي ته اهو ڪنهن اقتدار واري حڪمران لاءِ اهڙا لفظ يا لقب استعمال ڪري.(منصب امامت از مولانا شاهه محمد اسماعيل رحه)

    3.رياست جي سربراهه جي حيثيت اها آهي جيڪا ڪنهن وقف جي متولي(سنڀاليندڙ) جي.متولي جيڪڏهن ضرورتمند هجي ته ايتري پگهار کڻي سگهي ٿو جيتري سان ملڪ جو عام شهري زندگي گذاري سگهندو هجي.
    (ازالته الخلفاء جلد2 عهد فاروق اعظم)
    بنيادي حق:
    (1)کاڌو ،لٽو ،اجهو ۽ اهڙي سگهه جنهن سان نڪاح ڪري سگهي۽ ٻارن جي تعليم ۽ پرورش ڪري سگهي بنا لحاظ مذهب ۽ نسل جي اهو هر انسان جو هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو پئدائشي حق آهي.
    (2)اهڙي نموني مذهب ،نسل يا رنگ جي ڪنهن تفاوت کانسواءِ عام ملڪي رهواسين جي معاملن ۾ هڪجهڙائي سان عدل ۽ انصاف انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ،انهن جي عزت ۽ ناموس جي حفاظت حق ملڪيت م آزاد ۽ شهري حقن ۾ هڪجهڙائي ملڪ جي هر شهري جو حق آهي.
    3.زبان ۽ تهذيب جو زندهه رکڻ هر قوم جو بنيادي حق آهي.
    بين الاقوامي تحفظات
    (1) بين الاقوامي حقن حاصل ڪرڻ جي شڪل هيءَ آهي ته خود مختيار علائقا ٺاهيا وڃن.اهي خود مختيار اڪيون يا علائقا پنهنجي معاملن ۾ آزاد هوندا ۽ هر هڪ اڪائي يا علائقي ۾ ايتري طاقت هجڻ ضروري آهي ته هو پاڻ جهڙي يونٽ جي اڳرائين جو مقابلو ڪري سگهي ۽ اهي سڀ اڪايون هڪ اهڙي بين الاقوامي نظام(بلاڪ) ۾ ڳنڍيل هجن جيڪو طاقت جي لحاظ سان اقتدار اعلي جو مالڪ هجي.انکي هي حق نه هوندو ته ڪنهن مخصوص مذهب يا مخصوص تحزيب جي ڪنهن ميمبر يونٽ کي زير بار ڪري سگهي.هائو پر ان تي هي فرض ضرور آهي ته ڪنهن قوم يا يونٽ کي هي موقعو نه ڏيئي ته ڪنهن ٻي قوم جي مذهب يا تهذيب تي حملو ڪري سگهي.


    مذهبيات
    (1)دين ۾ سچائي جو اصل بنياد هڪڙو آهي انکي پيش ڪرڻ وارا هڪ سلسلي جون ڪڙيون آهن.
    (2)حق ۽ سچ جي داعي هر ملڪ ۽ قوم ۾ گذريا آهن انهن سڀن جو احترام ضروري آهي.
    (3)سچائي ۽ دين جا بنيادي اصول لڳ ڀڳ سڀن فرقن ۾ مڃيل آهن مثال طور پنهنجي پروردگار جي عبادت ، انهيءَ جي نالي نذر نياز ،صدقو،خيرات ۽ روزو وغيره اهي سڀ ڪم سڀن وٽ پسند ڪيل آهين پر عملي صورتن ۾ اختلاف آهي.
    (4)ساري مهذب دنيا جا سماجي اصول ۽ انهن جو مول متو هڪ آهي.مثال طور هر هڪ مذهب ۽ فرقي ،جنسي بي راهه روي کي ناپسند اخلاقي ڏوهه قرار ڏنو آهي.جنسي لاڳاپن لاءِ مرد ۽ عورت ۾ معاهدو هر هڪ فرقي ۾ ضروري آهي.البت معاهدي جون صورتون مختلف آهن.اهڙي نموني هر هڪ فرقو پنهنجي مردي کي نظرن کان گم ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو.اختلاف هن ۾ آهي ته زمين ۾ پوري نظرن کان گم ڪجي يا باهه ۾ ساڙي.
    (5) جهاد هڪ مقدس فرض آهي انجي معني هي آهي ته مقدس اصولن لاءِ انسانپاڻ کي قربان ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ايتري تائين جو پنهنجي هستي انهن اصولن لاءِ فنا ڪري ڇڏي.
    (تحريڪ شيخ الهند از مولانا محمد ميان تان ورتل)
    فرقيواريت جو خاتمو
    تنهنجي متعلق(شاهه صاحب بابت) الله تعالي جو ارادو هي آهي ته هو تنهنجي ذريعي امت مرحومه جي ٽڙيل پکڙيل جزن(فرقن)کي گڏ ڪري تنهنڪري هي جيڪا چوڻي آهي ته صديق تيسيتائين صديق نٿو ٿي سگهي جيسيتائين هڪ هزار صديق کيس زنديق نه چون توکي ان شيءِ کان بچڻ گهرجي.ان سان گڏ وگڏ تنهنجي لاءِ هي به ضروري آهي ته فروعي ڳالهين ۾ پنهنجي قوم جي هرگز مخالفت نه ڪر ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ خانداني ارادي جي خلاف آهي(فيوض الحرمين
    نيڪي جا بهترين عمل
    اجتماعيت پسند ماڻهن تي فرض آهي ته هو حق جي پچار ڪرڻ ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۽ باطل جو زور ٽوڙڻ ۽ ان جو نفاذ روڪڻ ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪن.اڪثر ڪري اهي ڪم ممڪن نٿي سگهندا آهن جيسيتائين انهن لاءِ سموري سگهه سان نشر واشاعت نه ڪئي وڃي ۽ ان جي خاطر قتال نه ڪيو وڃي.انهيءَ ڪري ئي اهي سڀ ڪم نيڪيءَ جا بهترين عمل شمار ٿين ٿا.
    شريعت جا ٻه درجا
    شريعت جا ٻه درجا آهن پهريون درجو ۽ مرتبو هي آهي ته اصل فرضن تي عمل ڪرڻ جيڪي شيون قطعي حرام آهن.انهن کان بچڻ.اسلام جي شعائر کي(دنيا ۾ غالب ۽)قائم ڪرڻ شريعت جو هي درجو سمورن ماڻهن لاءِ تمام ضروري آهي.پوءِ انهن جو تعلق شهر ۾ رهندڙن سان هجي يا ڏورانهين عالئقن جي رهاڪن سان هجي.انهن جو تعلق بادشاهن حڪمرانن ۽ مجاهدن سان هجي يا هارين صنعتڪارن ۽ واپارين سان هجي.دين جو هي درجو انتهائي سولو ۽ سادو آهي.ان ۾ ڪابه سختي يا شدت جي ڳالهه ڪونهي.دين ۽ شريعت جو ٻيو درجو ۽ مرتبو هي آهي ته جيڪو انسان ان مرتبي کي حاصل ڪري وٺندو آهي اهو تمام گهڻو سنت تي عمل ڪندڙ ،عبادت گذار ۽ نيڪ پارسا شمار ٿيندو آهي.ان درجي ۾ سموريون سنتون ۽ آداب شامل آهن ۽ اهڙيون تقوي ۽ پرهيزگاري جون ڳالهيون جيڪي پاڻ سڳورن يا سلف صالحين کان نقل آهن يا نقل ٿيل ڳالهين تي قياس ڪرڻ وڌيڪ پرهيزگاريءَ جون ڳالهيون ڪڍيون ويون آهن.اهڙيون سموريون ڳالهيون به هن درجي ۾ شامل آهن.
    شريعت جي انهن ٻنهي مرتبن ۽ درجن ۾ وڏو فرق آهي ۽ ان فرق کي نظر انداز ڪرڻ انتهائي جهالت ۽ بيوقوفي آهي ۽ ان فرق جو لحاظ نه رکڻ ڪري ئي عام طور تي علماءَ ۾ اختلاف ٿيا آهن.
    هيءَ ڳالهه مناسب ناهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي معاش جي حصول ۾ مشغول آهن.کين شريعت جي پهرئين درجي کان واڌاري دين تي هلڻ جو حڪم ڏنو وڃي.خاص طور تي اهڙا ماڻهو جن جو تعلق هارين ،هنرمندن ۽ صنعت جي ڌنڌي سان آهي.ڇاڪاڻ ته جيلڏهن کين شريعت جي ٻئين درجي تي عمل ڪرڻ لاءِ چئجي ته ان صورت ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو.نتيجو هي ٿيندو ته شريعت جو حڪم منڍ کان ئي ڇڏائجي ويندو ۽ ان حڪم کان کين نفرت پيدا ٿي پوندي ۽ اهڙيءَ ريت شريعت جي ٻئي درجي جو حڪم ڏيندڙ ان تنبيهه جي ضمن ۾ اچي ويندو.جنهن ۾ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو آهي ته ”ان منکم منفرين يعني توهان مان اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ماڻهن کي دين کان نفرت ڏيارين ٿا.
    حالانڪه قرآن سنت ۾ خاص ماڻهن جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهن جي حالت جي وڌيڪ رعايت رکي وئي آهي ۽ هيءَ ڳالهه مناسب به ناهي ته عام ماڻهن کي پڙهائيندڙ علمن ۾ صوفين جا مخصوص علم ۽ فلسفي جا انتهائي دقيق علم شامل ڪيا وڃن.بلڪه انهن تي فقط اهو واجب آهي ته جيڪو ڪجهه قرآن سنت مان ظاهري طور تي سمجهه ۾ آيو ان تي اڪتفا ڪن.


    امام شاهه ولي الله جو فڪر
    جيڪڏهن ماڻهوغور ۽ فڪر سان شريعت سان شريعت بابت منهنجو تفسير(۽ تشريحون)پڙهن ته ڀليءَ ڀت ڄاڻي وٺندا ته اهو عقل ،نقل ،۽ رجحان تي بلڪل پورو لهي ٿو ۽ ان سان گڏ باهمي اختلافن لاءِ ذري جيتري به گنجائش نٿي رهي.(تفهيمات الاهيه جلد پهريون ص 83)
    نبوت جا پهلو
    نبوت جا ٻه پهلو آهن پهريون الله تعالي کان سڌو سنئون علم جو فيض حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو ان حاصل ٿيل علم جي انسان ذات ۾ مناسب پرچار ڪرڻ آهي.جيسيتائين الله تعالي کان علم حاصل ڪرڻ جو تعلق آهي ته هيءُ مرتبو فقط اڪيلي نبي جو ئي حق آهي.باقي رهيو ان علم جي پرچار ۽ اشاعت جو معاملو ته اهو سهڻي طريقي سان فقط سياست تنظيم ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ سان ئي حاصل ڪريسگهجي ٿو.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي وصفون پاڻ سڳورن صه جي زماني ۾ ۽ کانئن پوءِ وڌ ۾ وڌ حصرت ابوبڪر رضه۽ حضرت عمر رضه ۾ موجود هيون.(حجته الله البالغه جلد ٻيون ص 215)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259783
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386716
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ