ڪتاب جو نالو: سڀ رنگ سانول
مصنف: هاشم شورو
ڇپائيندڙ: آفتابِ ادب پبليڪيشن ڪوٽڙي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1091 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 263 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ليکڪ، ادب دوست ۽ سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوست محترم هاشم شوري صاحب جي لکيل تاثراتن، شخصيتن جي خاڪن، ڪهاڻين، شاعري ۽ آٽوگراف ڪليڪشن تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • اداري پاران
  • • مهاڳ : ڪنهن ڪنهن ماڻهوءِ منجهه
  • • پنهنجي پاران
  • • هاشم شورو جي انفراديت جو اهڃاڻ سڀ رنگ سانول
  • • ڪتاب سڀ رنگ سانول تي ٻه اکر
  • • نئون جنم وٺندڙ ڪهاڻيڪار هاشم شورو
  • • منهنجو بابا جاني
  • • سنڌي ادب ۾ بي بها اضافو- سڀ رنگ سانول
  • • سنڌي ادب جي آڪاس تي اُڀرندڙ ستارو- هاشم شورو
  • • هاشم جي طبيعت ۾ ادب جو عشق
  • • خيال اُڏارون تاثراتي سٽون
  • • انٽرويو يادگيرين جا حسين پل انٽرويو وٺندڙ: فهيم فدا شورو
  • شخصيتون

  • 1. عبدالڪريم بلوچ
  • 2. هند ۽ سنڌ جو ناليوارو ليکڪ لڇمڻ ڪومل
  • • گل محمد کتريءَ جي ياد ۾
  • • اياز عالم ابڙو
  • ڪهاڻيون

  • 1. مسيحا
  • 2. پيِلا گل پلاند ۾
  • 3. وحشي جذبن جو موت
  • 4. ڀرم ڀورا ڀورا
  • 5. ماسي ڌني
  • آٽوگراف ڊائري

  • آٽوگراف ڊائري
  • شاعري

  • • بــــيـــت
  • • غــــزل
  • • قطعه
  • • ٽيڙو
  • • هــڪــيــٽــو
  • • ڪــــــــــافـــــــر
  • • آزاد نظم
  • • نظم
  • • نثري نظم
  • • آزاد نظم
  • • تاثرات: هاشم شورو جي لاءِ

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (106) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ليکڪ، ادب دوست ۽ سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوست محترم هاشم شوري صاحب جي لکيل تاثراتن، شخصيتن جي خاڪن، ڪهاڻين، شاعري ۽ آٽوگراف ڪليڪشن تي مشتمل آهي.
    هي ڪتاب آفتابِ ادب پبليڪيشن ڪوٽڙي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا سائين هاشم شوري صاحب جا جنهن هن جي سافٽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    هي ڪتاب ارپيان ٿو
    پنهنجي پياري ڏاڏيءَ زليخا کي
    جنهن جي علم جي شعور
    جي ڪري ان لائق ٿيس جو
    هي ڪتاب لکي سگهيو آهيان.
    ۽
    هڪ ٻي شخصيت سائين رحيم خان “جرس ”جوکيو
    جنهن منهنجي ادبي آبياري ڪئي .


    • اداري پاران

    اداري آفتابِ ادب پبليڪيشن ڪوٽڙيءَ پاران هي شايع ٿيندڙ ٽيون ڪتاب آهي، ان کان اڳ اداري جا ٻه اهم ڇپيل ڪتاب جن ۾ محترم اياز لطيف پليجو سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ معزز شخصيت رهيو آهي، جنهن جو ڪتاب “قانون سڀني لاءِ” ڇپي چڪا آهيون، ٻيو ڪتاب “سنڌي ڊرامه جي تاريخ” (مختصر تحقيقي جائزو) سنڌ جي نامياري محقق آفتاب حسين کوهارو جو ڇپايو ويو جيڪو به ادبي دنيا ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي چڪو آهي، ۽ هي ٽيون ڪتاب سنڌ جي نامياري، سينئر ۽ هردلعزيز شخصيت جي مالڪ سائين محترم هاشم شورو جو ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ڇپائي رهيا آهيون، هي ڪتاب انٽرويو، مضمون، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ادبي شخصيتن تي مشتمل هڪ اهم مجموعو آهي، جيڪو انشاءَالله پنهنجي معيار ۽ مواد کان تمام اهميت جوڳو ڪتاب آهي.
    اداري پاران اسان ليکڪ کي اڳواٽ مبارڪباد ٿا پيش ڪريون ته هن پنهنجي ادبي پورهيي منجهان پنهنجون ناياب تحريرن تي مشتمل ادبي گٽڪو اداري کي ڇپائي جي لاءِ پيش ڪيو، هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ لاءِ ادارو نهايت ئي شڪرگذار آهي محترم هاشم شورو صاحب جن جو جنهن اهڙو علمي ۽ ادبي ڪتاب اسان جي اداري کي ڇپجڻ جو شرف بخشيو آهي، ان دعا سان ته الله تبارڪ وتعاليٰ ليکڪ کي صحتيابي بخشي ته جيئن هو ادب جي آبياريءَ لاءِ اڃان به وڌيڪ ڪتاب لکي هن اداري کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏيندو رهندو، ۽ پڙهندڙ جو ساٿ رهيو ته ايندڙ وقت ۾ به اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي علمي، ادبي ۽ سماجي نوعيت جا ڪتاب پڻ شايع ڪندا رهنداسين.

    سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • مهاڳ : ڪنهن ڪنهن ماڻهوءِ منجهه

    هاشم شورو ادب ۽ ثقافت جي گهڻ رخي پيچرن جو پانڌيئڙو، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، هدايتڪار، ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو اداڪار صداڪار سٺو نثر نويس، انهن مڙني ڌارائن کي پاسيرو رکي سندس حياتيءَ جي حوال تي نظر وجهبي ته هڪ بينڪ آفيسر کان ويندي پنهنجي شورا برادري جي مکيه عهديدار هئڻ ڪري ڀلي ته سنجيدگي سان سلهاڙيل هجي پر ان جي ابتڙ هي پنهنجي ذات پات وارو ليڪو اورانگهي ، سوا ءِ ڪنهن لوڀ لالچ ، ذاتي مفاد، رنگ نسل ، ۽ مذهب جي انسانيت ناتي، گھڻو واڳيل نظر آيو، نه هندو نه مسلمان، نه شورو نه شاهاڻي. سنجيده سڀاٰءُ، ماٺيڻي طبع ۽ متحرڪ شخصيت جو مالڪ، هاشم مونکي ڪنهن ٻي يگ جو ماڻهو لڳو.
    انڊس سولائيزيشن جي قدامت تي ڪم ڪندڙ دنيا جي وڏن جاکوڙي محققن ۽ انٿروپايولوجسسٽس پنهنجي تحقيقي اڀياس ۾ سنڌو سڀيتا جي آگاٽن جو جيڪو هڏ ڪاٺ ۽ نڪ نقشو چٽيو آهي، هاشم مونکي انهن مان ڪنهن جو ڀٽڪيل وجود لڳندو آهي، پورو پڪو ۽ سچو “ دراوڙ” ، ڪو ڪمي ڪاسبي، ڪو واڍو ، رازو معمار، چڪ تي ويٺل ڪنڀار، يا ڪنهن ضرب خاني ۾ روڪڙا جوڙيندڙ يا اناج جي انبار جا جوال ڀرائي ، ڍڳا ڍڪائي، سنڌوء بندر ڏانهن گاڏي ڊوڙائيندڙ کيچلو ڇوڪر، وکري وڻجارو يا وڏي “غوراب” جو معلم، مهندار، سونهون، ميد (ملاح) يا ڪنهن هوڙي جا سڙه سنوان ڪندڙ ساٽي ڇورو ، گاڏيو تاريندڙ نوجوان سانورو بانورو، سانول سنگهار يا ڪنهن پتڻ آرپار ناو ڊوڙايندڙ ناکئو يا بتيلو ڪاهي سير سان سينو ساهي مڇي ماريندڙ مهاڻو جيڪو “مهين شهر” جو رهواسي هو.
    جنهن هن ڪل جڳ ۾ جنم وٺي وقت ۽ حالتن سان مهاڏو اٽڪائي جيڪو چاهيو سو وڏي ويڙهاند کان پوءِ ماڻيو ان حوالي سان جياپي جي جنگ ۾ اڄ به هو ميد ملاح يا پروهت ( پريسٽ ڪنگ) وارا پارپتا رکندڙ مهين واسي هن دور ۾ پنهنجي الڳ سوچ ۽ ساڃاه رکي ٿو، جياپي جي پهرين ڏاڪي کان هلندي هن دور تائين محنت مزدوري کان ويندي اعليٰ تعليم پرائڻ ۽ آفيسر ٿيڻ تائين ، مصروف زندگي مان ڪي پل ڪڍي ادب ۽ آرٽ جي آبياري ڪرڻ، ادب جي مختلف ڌارائن م ڪي لاڀائتيون لکڻيون سرجڻ ، ناٽڪ ڪلا جي الڳ الڳ ماڌيم سا نڀاءُ ڪرڻ، شاعري جي صنفن سان طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏو گڏ رٽائر ٿيڻ تائين اڄ به ائين لڳندو آهي ته هاشم آفيس ويندو آهي يا آفيس ويل هجي ۽ اهو غلط به ناهي، رٽائر ٿيڻ بعد به هو نهايت ئي متحرڪ نظر آيو.
    پنهنجي اجهي جي سار سنوار ۽ گهر جي پيڙه پختي ڪرڻ جي ذميواري کي نڀائيندي هن ڃڻ ته فل ٽائيم پاڻ ارپيو ۽ ان لاءِ هاشم ڪو به شارٽ ڪٽ استمعال نه ڪيو هوندو. هر حال ۾ خوش... لکا ئي نه پوندي ته ڪا ويڌن آهي. ڏک ۽ ڏجھن مان مزو پيو ماڻيندو. پر ٻئي ڪنهن کي ڏکيو ڏسندو ته ڪوشش ڪري وس آهر واهر ڪندو. واندڪائيءِ کي ڪڏهين وندر نه بڻايائين، زندگيءِ جو زهر ڪاڳرن تي اوڳاڇي ڇڏيندو ۽ اهو عمل سندس لکڻين ۾ پڌرو آهي.
    ڪنهن پورهيت جي گهر جنم وٺندڙ هاشم شورو مونکي مها ڪوي ٽئگور جي انهن سٽن جيان به لڳندو آهي ته : الهندڙ سج چيو : ڪو آهي ، جيڪو مون کان پوءِ روشني ڦهلائي ؟ !...
    ڏور ڪنهن جهڳيءَ ۾ ٽمڪندڙ ڏييي چيو : “مان ڪوشش ڪندس”......!
    پنهنجي حياتي جي اڻانگي سفر ۾ هاشم شوري جي اها ڪوشش جاري رهي/آهي ۽ رهندي.

    اياز عالم ابڙو


    • پنهنجي پاران

    جڏهن منهنجي شعور واري اک کلي، ته مون پاڻ کي غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ گهراڻي ۾ ڏٺو. منهنجو والد ڪوٽڙي اسٽيشن تي قلي هو ، روز ڪمائيندو هو ۽ روز خرچ ٿيندو هو، هوائي روزي هوندي هئي ، ڪڏهن ملندي هئي ته ڪڏهن بک تي به گذاريندا هئاسين .
    منهنجي ڪڙم ۾ منهنجي والده، والد، چاچو ۽ ڏاڏي هوندا هئا. چاچو الابالي طبيعت جو هوندو هو موڊ ٿيندو هئس ته مزدوريءَ تي ويندو هو نه ته سڄو ڏينهن صديق جي هوٽل تي تاس پيو کيڏندو هو ، هو ڏاڏي مرحومه جو دادلو هوندو هو ، منهنجي ڏاڏي مرحومه تنهن وقت جي مشهور دائي هوندي هئي ۽ اها به چاچي کي پئسو ڏوڪڙ پئي ڏيندي هئي . ڏاڏي مرحومه جو مون ۾ ساهه هوندو هو، مونکي تمام گهڻو ڀائيندي هئي، گهر ۾ آئون اڪيلو ئي ننڍو ٻار هئس.
    ڏاڏي مرحومه کي علم جو وڏو شعور هو ، هوءَ چوندي هئي ته آئون پنهنجي پوٽي کي بابو بڻائيندس، مونکي سڏيندي ئي بابو هئي، بابا چوندو هو ته ٿورو وڏو ٿئي ته ڪنهن ورڪشاپ ۾ ڇڏي اچبس جيئن ڪو هنر سکي پوي، پر ڏاڏيءَ چيو نه منهنجو پوٽو پڙهندو بابو ٿيندو، انهيءَ ڳالهه تي گهر ۾ اڪثر ڏاڏيءَ مرحومه جو ۽ بابا جو جهيڙو پيو هلندو هو . جڏهن منهنجي عمر پنج سال ٿي ته ڏاڏي منهنجي آڱر جهلي مونکي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي آئي ۽ روز اسڪول جو هڪ پئسو خرچي ملندي هئي جيڪا تمام گهڻي هئي. پوءِ اهڙي طرح پرائمري پاس ڪري جڏهن هاءِ اسڪول پڙهڻ جو مرحلو آيو ته بابا وري ڦڏو ڪيو ته مونسان گڏ ڪم تي هلي، پڙهي ڇا ڪندو، مون وٽ هن جي پڙهائڻ لاءِ پئسا ناهن، پر ڏاڏي مرحومه منهنجي ۽ بابا جي وچ ۾ ڍال بڻجي بيهي رهي ۽ چيائين بابو پڙهندو ۽ ضرور پڙهندو، هن جو سڄو خرچ مان پاڻ ڪنديس، توکان ڪجهه به نه وٺندو. گهڻي هڻ وٺ کان پوءِ بابا خاموش ٿي ويو ۽ پنهنجي مرحومه ڏاڏيءَ جي مهربانين سان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس، ڏاڏيءَ کي ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته هيڊ ماسٽر کي هڪ درخواست ڏي ته اسين انتهائي غريب آهيون، اسڪول جو خرچ نٿا ڀري سگهون ۽ منهنجو پوٽو پڙهڻ چاهي ٿو، غريب ٻارن جي فنڊ مان منهنجي پوٽي جي في معاف ڪئي وڃي، هيڊ ماسٽر مونکي سڏايو ۽ ڪجهه سوال ڪيا، جنهن کان پوءِ منهنجي في معاف ٿي، آخر 1973ع تي مون مئٽرڪ پاس ڪئي.
    اها هئي منهنجي ڏاڏيءَ مرحومه جو تعليم بابت شعور، جيڪا پاڻ مڪمل اڻپڙهيل ۽ ڳوٺاڻي عورت هئي،آئون پنهنجي رب جو نهايت شڪرگذار آهيان جو مونکي اهڙي ڏاڏي ملي جيڪا شعور جي مڪمل بلندين تي پهتل هئي ۽ وري منهنجو پيءُ جيڪو مڪمل منهنجي ڏاڏيءَ مرحومه جي ابتڙ آهي. تڏهن ته چوندا آهن ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. منهنجي ڏاڏي مرحومه 1974ع ۾ وفات ڪري ويئي جهڙي منهنجي ساري ڪائنات اوندهه ۾ ٻڏي ويئي هجي . هن وقت آئون پنهنجي ڏاڏي مرحومه کي ڏاڍو مس ڪندو آهيان، ته جيئن اڄ منهنجون ڪاميابيون، منهنجا ٻار اکين سان ڏسي ها، منهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابيون جيڪر ڏسي ها ته جڏهن مون مئٽرڪ پاس ڪئي ته منهنجو هڪ مائٽ ايريگيشن ورڪشاپ ۾ ايس ڊي او جو واقفڪار هو تنهن ايس ڊي او کي منهنجي نوڪريءَ لاءِ چيو ، تنهن مهرباني ڪري مونکي بلڊوزر جو گريسر ڪري رکيو. روز ويندو هئس بلڊوزر جي صفائي وغيره مرمت جو ڪم ڪندو هئس. ائين ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ سب انجينئر جو پٽيوالو مون کي سڏڻ آيو ته جوکيو صاحب ٿو سڏي. آئون پريشان ٿي ويس، صاحب ڇو ٿو سڏي، ڪٿي مونکان ڪا غلطي ٿي آهي ڇا؟ خير مان ويس ، هڪ سنهڙو سيپڪڙو پر رعبدار سب انجينئر سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو هو . مون سلام ڪيو . سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين، مون سمجهو نه، ته چيائين ويهه پٽ ،آئون ويهي رهيس .
    ڪير مڙس آهين ؟
    چيم ، شورو آهيان سائين.
    ڪيترو پڙهيل آهين ؟
    سائين هاڻي مئٽرڪ ڪئي آهي ، هن سال .
    اڇا......اونهون ساھ کڻي چپ ٿي ويو.
    مون توکي ان لاءِ گهرايو آهي ته تون منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪرين، پر جيڪڏهن تون ميڪينڪ جو ڪم سکڻ چاهين ته تنهنجي مرضي، جيڪڏهن تون آفيس ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ته سڀاڻي کان صاف ڪپڙا پائي اچجان ۽ اچي آفيس ۾ ڪم ڪجان، پر عهدو تنهنجو گريسر ئي رهندو، جي ڪو عهدو خالي ٿيو ته توکي ڪلارڪ به ڪري سگهجي ٿو .اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿيو .
    هي صاحب سائين رحيم خان جوکيو ۽ تخلص جرس آهي، جيڪو تن ڏينهن ۾ سب انجينئر هوندا هئا ايريگيشن ورڪشاپ ڪوٽڙيءَ ۾ . هي صاحب انتهائي شريف النفس انسان آهن، هن ماڻهوءَ جي طفيل منهنجو پير ادب جي ميدان تي پيو. پاڻ سنڌي ادب جو وڏو ڄاڻو، تاريخ جو ماهر ۽ انسان دوست ادب دوست آهي .
    ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جوکيو صاحب پڇيو، ادب پڙهندو آهين، چيم ادب ته ايترو نه پڙهيو اٿم پر اردوءَ جا جاسوسي ناول ، ابن صفي ۽ عمران سيريز جا ڪتاب ۽ ڪجهه ڊائيجيسٽ ضرور پڙهيا اٿم، پاڻ چيائين سنڌي ادب پڙهندي ؟ مون ها ڪئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن سائين ڪجهه سهڻي جا پرچا کڻي آيو ۽ چيائين پڙهي ٻڌائجان. مونکي پڙهڻ جو اڳئي شوق سو ڏاڍو دلچسپيءَ سان پڙهيم، ائين سائين جوکيو صاحب سان ادب جو مضبوط ناتو جڙي ويو. سائين مونکي ڪتاب ڏيندو ويو آئون پڙهندو ويس، ائين مون کي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهڻ جو موقعو مليو، جن ۾ علي بابا، امر جليل، قاضي خادم، خيرالنساءُ جعفري، نورالهديٰ شاه، آغا سليم، ماهتاب محبوب، تنوير جوڻيجو، غلام نبي مغل، عبدلقادر جوڻيجو، شوڪت شورو، رشيد ڀٽي، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا گهڻا.
    سهڻي، روح رهاڻ ۽ ملير ڊائيجيسٽ، سوجهرو ۽ ٻيا به ڪافي ماهوار رسالا هوندا هئا جن جو شدت سان انتظار رهندو هو ۽ ان سان گڏ حيدرآباد جي ادبي گڏجاڻين، ڪتابن جي مهورتن ۽ ڪنهن نه ڪنهن اديب سان ملهايل شام ۾ ضرور شرڪت ڪبي هئي .الله پاڪ جوکيو صاحب کي عمر خضري عطا ڪري، جو هن صاحب مونکي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو ۽ اهو چوندي مونکي فخر محسوس ٿو ٿئي ته مونکي اڳتي پڙهڻ لاءِ پاڻ آماده ڪيائون ۽ منهنجي پڙهڻ جو گهڻو خرچ به پاڻ ڪيو هئائون ۽ ٽيوشن به ڏيندا هئا، جنهن ڪري مان سنڌي ادب ۽ سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي.
    اهڙي طرح ادب سان اهڙي جند جڙي جو هر شوق ختم ٿي ويا .پوءِ دوستن جي اسرار تي ينگ رائيٽرز گلڊ ٺاهي ويئي جنهن جي پليٽ فارم تان ڪافي ادبي گڏجاڻيون ڪيون سين ، وري سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپجي وياسين ، ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل آهيون. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان زبردست گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، جن ۾ مرحوم اسير ملاح، گل ملاح، اختر رند، شهيد سومرو، قمر عباسي، مرحوم امير بخش خاصخيلي، علام رسول غرق، قمر چانڊيو ، منير سومرو، عالم سومرو، نصير سومرو ، مرحوم گلشير ڀٽي، سرور شيخ، تنوير شيخ، مرحوم اڪبر شورو مرحوم اڪرم ٻورڙائي ، علي بابا، وغيره تمام گهڻا سرگرم هوندا هيا. علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ سان شامون ملهايون ۽ مشاعره ڪندا رهندا هئاسين .سڀ کان اهم ڳالهه 1974 ۾ اسان ڪجهه دوستن جن ۾ آئون ، الطاف صديقي، عالم سومرو، منير سومرو ۽ قمر چانڊيو گڏجي شاه لطيف لائبيريري قائم ڪئي، جنهنجو پهريون لائبريري انچارج آئون هئس. لائيبريري لاءِ اسان ميونسپل ڪميٽيءَ کان چار اخبارون منظور ڪرايون، اسين سڀ دوست گڏجي لائبيريري جي مسواڙ ڀريندا هئاسين .پاڙي ۽ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کان پئسو به نه ورتو اسان ڳوٺ جي ماڻهن کي اخبارن تي ايڏو ته هيرائي ڇڏيو جو شام جوپنجين بجي جيئين ئي لائبيريري کلندي هئي ته ماڻهو انتظار ۾ هوندا هئا . هن لائبريري لاءِ اسان کي ڪتابن جا عطيه به مليا، سائين ڊاڪٽرشيرمحمد شاه صاحب ، اسان کي ڪافي ڪتاب عطيه ڪيا ، ڀيڻ خير النساءِ جعفريءَ به اسان جي ڪتابن جي حوالي سان ڪافي مدد ڪئي. سائين تاجل بيوس به ناز سنائيءَ معرفت ڪتاب موڪليا هئا.
    مونکي فخر آهي ته مون هن لائبريري ءَ کي پنهنجي عروج تائين پهچايو، پر بدقسمتي اهڙي جو منهنجي نوڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن ڪري ڪجهه دوستن کي لائبريريءَ جي چارج 1986ع ۾ ڏئي ڪراچيءَ هليو ويس، پوءِ دوستن جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ماڻهو قيمتي ۽ اڻلڀ ڪتاب کڻي ويا ۽ فرنيچر به کڻي ويا .
    تنهن وقت ۾ ادب پڙهڻ جو ايڏو جنون هوندو هو جو ڪتاب بازار ۾ ايندو ئي مس هو ته وٺبو هو ۽ ان ئي ڏينهن پڙهبو هو ، سائين سراج جو جڳ مشهور ناول “ پڙاڏو سوئي سڏ” مون سائين رسول بخش درس وٽ جهمپير ۾ سندس اوطاق تي ڏٺو هو جتان کڻي اچي پڙهيو. سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن سان به سٺا لاڳاپا هئا ، جيئن ادي خيرالنساءِ جعفري، سائين نثارحسيني، آپا زيب نطاماڻي، سائين تاج جويو ، سائين شوڪت شورو، سائين علي بابا، سائين طارق عالم ابڙو ، سائين اياز عالم ابڙو ، سائين مرحوم طارق اشرف ، سائين مدد علي سنڌي ۽ ٻيا .
    منهنجي شادي 1981ع ۾ ٿي منهنجي ٻارن جو تعداد ست آهي، پر منهنجو هڪ پٽ سارنگ 22 ورهين جي عمر ۾ بلڊ ڪينسرجهڙي موذي مرض ۾ 25 جولائي 2008ع تي وفات ڪري ويو، جنهجو ڏک جھڙ نيڻئون نه لهي جي چواڻي آهي، وڏو پٽ رابيل ماشاالله بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ ٻيو پٽ هالار اڃان پڙهي پيو .
    نياڻيون ماشاالله چار ئي اعليٰ تعليم يافته آهن، جڏهن کان اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪري ملي اتي ادبي ماحول نه هئڻ ڪري هڪ خال محسوس ٿيو، بئنڪ جي نوڪريءَ ۾ ايتري ته مصروفيت رهي ٿي جو پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر ان هوندي به سنڌي بلوچ ويلفئرايسوسي ايشن سياست ۾ اچڻ ٿيو چونڊون کٽيون سين ۽ هڪ ميگزين جي ادارت ڪئي جنهن جو نالو “پرين پچار” هو، ڪراچيءَ ۾ دوست رزاق سهتو منهنجو ڪليگ هئو، جيڪوچوندوهو ته هر آچر تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون، پر آئون ڪوٽڙي هليو ويندو هئس انڪري گڏجاڻين ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس.
    اهڙي طرح 24 سال ڪراچيءَ ۾ گذاري 01-01-2004ع تي منهنجي ٽرانسفر اسٽيٽ بئنڪ حيدرآباد ۾ ٿي ۽ هاڻي تازو جڏهن مان پنهنجي نوڪريءَ مان ريٽائر ڪيو ته ڪجهه دوستن خاص ڪري آفتاب کوهارو ۽ عبدلله بروهيءَ ٻڌايو ته نوجوان محبوب سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ڪيمبرج اسڪول شاهه لطيف چوڪ وٽ ٿين ٿيون اوهان سينئر دوست به شرڪت ڪيو ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي، پوءِ مون هنن دوستن کي ڳولهي وڃي هٿ ڪيو، تقريبن نوان دوست هئا، جن ۾ محبوب سنڌي، بهزاد سنڌي، صائب ميمڻ ،آفتاب کوهارو ايڊووڪيٽ، نور حسين ڪلهوڙو، زين تنيو، راحيل قاضي ايڊووڪيٽ، علي دوست لاکو ۽ ٻيا. باقي پراڻن دوستن ۾ عبدالله بروهي، عاشق اوڍاڻو، غلام رسول غرق جهڙا دوست هن ادبي اوطاق ۾ شامل هئا، انهن دوستن سان گڏ ٻه سٺا راڳي دوست اصغر کوهارو ۽ سرور سخيراڻي به مليا، جيڪي هر گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي مڌر آواز / آلاپن سان گيت ٻڌائي ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن.
    هن ڪتاب ڇپائڻ جو سڄو ڪريڊٽ پياري آفتاب حسين جو آهي، جنهن مون کي ڪتاب ڇپائڻ جو اتساھ ڏياريو.
    چيائين سائين ڪتاب ڇو نٿا ڇپايو؟
    مون چيو خواهش منهنجي به آهي پر هڪ ته مون وٽ ايترومواد ئي ناهي، ٻيو مونکي خبرئي ناهي ته ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.
    آفتاب چيو توهان مونکي مواد ڏيو ٻيو سڄو ڪم منهنجو آهي.
    مون ڪجهه ڪهاڻيون، ڪجهه شاعري، شخصيتن تي لکيل تاثر ،آفتاب کي ڏنا، جنهن چيو سائين ماشاءَالله تمام بهترين ڪتاب تيار ٿي ويندو.
    مون چيو بس پوءِ تيار ڪري ڇپائي ڏيو، اها سموري ذميواري مان اوهان کي سونپيان ٿو.
    اهو سچ آهي ته جيڪڏهن پياروآفتاب نه هجي ها ته شايد منهنجو هي ڪتاب جيڪو اڄ توهانجي هٿن ۾ آهي اهو شايد مان ڇپرائي نه سگهان ها.
    منهنجو پيارو دوست سائين مٺل جسڪاڻي پڻ پنهنجي تاثراتي ليک سان نوازيو، سندس وڏا وڙ جو مون مسڪين مٿان ڀلايون ۽ ڀال ڪيائين، آئون سندس تهه دل سان شڪرگذار آهيان.
    ٻيو ٿورائتو آهيان مان سائين اياز عالم ابڙي جو جنهن وڏي محبت مان ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو ۽ ٻي سڄي سنگت جا لک ٿورا جن منهنجي ڪتاب تي ڪجهه نه ڪجهه لکي مون تي احسان ڪيا، آئون سندن تاحيات ٿورائتو آهيان جن مون کي عزتون ۽ محبتون بخشيون.

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    هاشم شورو
    ڪوٽڙي
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • هاشم شورو جي انفراديت جو اهڃاڻ سڀ رنگ سانول

    سؤلو ته ڳالهائڻ به ڪونهي، لکڻ اڃا به گهڻو ڏکيو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي، ته هر ڪو، جڏهن به ڳالهائي ته وڻي ۽ جڏهن به لکي ته وڻي، پر ائين نه آهي، نه ئي ممڪن آهي.
    هاشم شورو، جنهن سان پهرين ملاقات پرپٺ به ته روبرو به ٿي، پر ائين ته، نه اسان هڪ ٻئي کي ڏسي پئي سگهياسين، نه ئي هڪ ٻئي کي ٻڌي پئي سگهياسين! اسان هڪ ٻئي لاءِ جيڪو لکيو پئي، اهو پڙهيو پئي، ۽ پڙهندي ئي پاڻ کي گڏ ويٺل محسوس ڪيو پئي.
    آئون “مٺل” هوندي به “هاشم” کي ڪيئن لڳس، سا “هاشم” کي خبر، مون کي “هاشم”، اسان جي پهرين ملاقات ۾ ئي “مٺل” لڳو، جنهن ڪري رابطو ۽ واسطو وڌندو ويو ۽ آخرڪار روبرو به ملڻ ٿيو.
    اسين روبرو ملياسين ته، ساڳئين طرح “هاشم” کي “مٺل” ڪيئن به لڳو، پر “مٺل” کي “هاشم” “مٺل” لڳو، جنهن ڪري ملڻ به جاري آهي ۽ ملڻ بنا به رابطو هلندڙ آهي.
    هاشم جون مختصر تحريرون مون پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي پڙهيون، جتي گهڻو ڪري کيس داد ئي ڏيڻو پيو، پر ڪٿي ڪٿي ممڪن آهي، ته ڪا مون پنهنجي راءِ به ڏني هوندي، جيڪا عالمي اوطاق تان پڙهي سگهجي ٿي.
    اسان جي پهرين روبرو ملاقات حيدرآباد شهر ۾ ٿي. انتهائي وڻندڙ ۽ انوکي انداز ۾ ٿي ۽ اها ملاقات به يادگار رهي، ته ان کان پوءِ واريون ملاقاتون به نه وسرنديون.
    واسطا وڌڻ ۽ رابطا روان رهڻ جي ڪري، سوچيو مون پئي ته هاشم شورو کان انٽرويو وٺان، پر مون کان اڳ فهيم فدا شورو انٽرويو ورتو، جيڪو مون عالمي اوطاق تي پڙهيو. اهو انٽرويو عالمي اوطاق تي پڙهي، مون کي ارمان ٿيو، ته اهڙو يادگار ۽ معلوماتي انٽرويو، صرف عالمي اوطاق تي هجڻ بدران، ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ به ڇپجڻ گهرجي ها.
    هاشم جو اهو انٽرويو ٻئي ڪنهن هنڌ ڇپيو يا نه، سڀ رنگ سانول، جنهن ۾ هاشم شورو جا مختلف مضمون، ڪهاڻيون، انٽرويو، شاعري ۽ شخصيتن تي مشتمل تاثر موجود آهن، پنهنجي جاءِ تي گهڻن رنگن سان ڀرپور، هڪ رنگين ادبي مجموعو آهي. هن ئي مجموعي، هن ئي ڪتاب جي پهرين ڪڙي طور هاشم جو اهو انٽرويو شامل ٿيل ڏسي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اهو انٽرويو به ڄڻ ته هاشم جي هن مجموعي جو مهاڳ آهي، پيش لفظ آهي، ليکڪ پاران آهي، انتساب آهي. پڙهندڙ کي اهو انٽرويو پهرين ۽ ڪتاب جو مواد ان کان پوءِ پڙهڻ گهرجي. ان سان پڙهندڙ اڳيان هاشم شورو جو ماضي ۽ حال، ۽ پڙهندڙ کي هاشم جو خيال سمجهڻ ۾ سولائي پيدا ڪندو ۽ ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ ۾ دلچسپي جو باعث بڻجندو.
    سڀ رنگ سانول ۾ شخصيتون جي سري هيٺ پهرين عبدالڪريم بلوچ، پوءِ لڇمڻ ڪومل، ان کان پوءِ گل محمد کتري ۽ آخر ۾ اياز عالم ابڙو جي حوالي سان، هاشم ڪجهه اهڙي نموني ويچار ونڊيا آهن، جن کي اوهان تاثر به چئي سگهو ٿا، مضمون به سمجهي سگهو ٿا، آئون مقالو چوڻ ۾ به وڌاءَ نه سمجهندس. ڇاڪاڻ ته اهي نثر جون ٽي الڳ صنفون آهن، پر هاشم شورو لکيو ئي اهڙي انداز ۾ آهي، جنهن سان هر صنف جي گهرج جو پورائو به ٿئي پيو.
    گهڻ پاسائين شخصيت عبدالڪريم بلوچ، هند ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ لڇمڻ ڪومل ۽ منهنجي خيال ۾ “شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سمجهي سگهندڙ مصور” گل محمد کتري تي، هاشم شورو صاحب تڏهن لکيو، جڏهن اهي املهه موتي، هن فاني جهان مان سدائين لاءِ موڪلائي ويا، ۽ جڏهن هاشم ننڍو نيٽو، نوجوان ۽ نئون ليکڪ هو، تڏهن لکيو هئائين اياز عالم ابڙو تي. سندس هر تاثر، هر مضمون، هر مقالو، هر شخص جي بهتر واقفيت به ڪرائي ٿو، ته هر شخصيت کي بهترين ڀيٽا جو هڪ پنهنجو انداز به پيش ڪري پيو.
    هن مجموعي جو هڪ ڀاڱو ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شروعاتي چار ڪهاڻيون “مسيحا”، “پيلا گل پلاند ۾”، “وحشي جذبن جو موت” ۽ “ڀرم ڀورا ڀورا”، هاشم شورو جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ڪهاڻي “ماسي ڌني” “امرتا پريتم” جي ڪهاڻي جو ترجمو آهي.
    هاشم شورو جي ڪهاڻي “مسيحا”، مون سڦلتا ميگزين جي نومبر 2014ع واري شماري ۾ پڙهي، ڏانهنس موبائيل نياپي ۾ لکي موڪليو هو ته “واه واه سائين هاشم شورو واه. واه جي ڪهاڻي آهي. مسيحا به اهڙا کپن ۽ ليکڪ به اهڙا. ڇا ته ڪهاڻي ۾ مسلسل دلچسپي، رواني، تجسس، سنجيدگي به ته مزاح به، پر انتهائي وڻندڙ انداز ۾. سچ ته ڪهاڻي تمام گهڻي وڻي. صرف هڪ اعتراض: هاڻ بيروزگار نه ٿا وڻن”. منهنجو اهو اعتراض، يعني بيروزگار ڇو نه ٿا وڻن؟ ان جي وضاحت ضروري به سمجهان پيو ته غير ضروري به. ضروري ان ڪري، ته اڳي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٻڌي رشتا طئه ڪري ڇڏبا هئا، هاڻي پهرين اهو پڇيو ويندو آهي، ته ڇوڪرو، يعني ڪنوارو ڊاڪٽر يا ڪنوارو انجنيئر ڪندو ڇا آهي؟ سندس پگهار، آمدني ڪيتري آهي؟
    “نسيم توکي ياد هوندو توسان گڏ هوندي آئون ڪو به ڪم پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪندو هئس.” اهو در اصل هاشم شورو جي ٻيءَ ڪهاڻي “پيلا گل پلاند ۾” جو هڪ ڊاءِ لاگ آهي. ۽ ان ئي ڪهاڻي جا ٻيا ڊاءِ لاگ آهن:
    چيم “زندگي ڪيئين پيئي گذري؟”
    “بس جيان پيئي.” نسيم ٿڌو ساه ڀريندي چيو .
    “ڇو مايوس پيئي لڳين؟ پهريان ته تون مايوسيءَ کي گناه سمجههندي هئينءَ.”
    “وقت انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو ڇڏي، ماڻهوءَ کي هميشه وقت جي ڦيٿي سان گڏ ڦرڻ گهرجي.”
    “پر انکي به تون منافقي سمجهندي هئينءَ”
    “ها ! آئون غلط هئس، مون زندگيءَ ۾ سدائين غلط سوچيو آهي”.
    بهترين ڊاءِ لاگس چئجي يا بهترين ملاقات تي مشتمل اها ڪهاڻي، پڙهندڙ پڙهندا ته کين ٻه احساس ضرور ٿيندا. هڪ اهو ته ڪهاڻي ساهه کڻي پئي ۽ ٻيو اهو ته ڪهاڻي سبق جو ڪم ڪري پئي. ڪهاڻي کي ساهه کڻائڻ ۽ سبق جو ڪم ڪرائڻ ۾ هاشم شورو به شامل آهي.
    “وحشي جذبن جو موت” هاشم شورو جي هن مجموعي ۾ ٽئين نمبر تي شايع ٿيل هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا هاشم جي هم عمر نوجوان واري وهيءَ جي به آهي، ته هاشم جي اولاد ۽ ان کان به ننڍي ٽهيءَ وارن جي به ڪهاڻي آهي.
    “ڀرم ڀورا ڀورا” هاشم جي لکيل اها ڪهاڻي آهي، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان ڪجهه مهينا اڳ، هن مون ڏانهن اي ميل ڪئي هئي. مون هي ڪهاڻي پڙهي کيس جيئن چيو، تيئن هتي نه ٿو لکان. پڙهندڙ پاڻ پڙهن. سچ ته هي ڪهاڻي به مختلف دورن جي هڪ اهڙي سچي ڪهاڻي آهي، جنهن کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي.
    جيتوڻيڪ مون امرتا پريتم جي ڪهاڻي “ماسي ڌني” اردو ۾ نه پڙهي آهي، پر هاشم شورو پاران ڪيل سنڌي ۾ ترجمو پڙهيم، ته مون کي ڪٿي به ائين محسوس نه ٿيو، ته ڪو هاشم اها ڪهاڻي اردو مان سنڌي جي صورت ۾ پڙهائي آهي. هاشم ترجمي سان ته نڀايو ئي آهي، پر ترجمو ڪرڻ لاءِ سندس انتخاب به ساراهڻ جهڙو آهي.
    ڪهاڻيون ختم ٿيڻ کان پوءِ واري حصي ۾، خيال اُڏارون عنوان سان هڪ اهڙو مختصر تاثر شايع ٿيل آهي، جيڪو پڙهندي ٿڌو ساهه کڄي ٿو ۽ پڙهندڙ سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ان کان پوءِ آهي سنڌو شورو جي تحرير “منهنجو بابا جاني”، جيڪا به هن مجموعي جي سونهن ۽ پڙهڻ جهڙي تحرير آهي.
    ٻين جي مرضي، آئون هاشم کي “ساڃاهه وندن کان مليل آٽوگراف (يادگيريون)” سنڀالي رکڻ ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪري، انهن جي حياتي ۽ ڪارج واڌائڻ واري فيصلي تي شاباس ٿو ڏيان. بظاهر ۽ گهڻن جي نظر ۾ هي مواد ڀلي ته گهٽ اهميت جو هجي، پر منهنجي نظر ۾، منهنجي خيال موجب، اهڙيون شيون به شايع ٿيڻ کپن، ضايع نه ٿيڻ گهرجن.
    سڀ رنگ سانول جو آخري ڀاڱو هاشم شورو جي شاعري تي مشتمل آهي، جنهن ۾ بيت، غزل، قطعه ۽ ٽيڙو ته آهن، پر سنڌي شاعري ۾ متعارف ٿيل نئين صنف “هڪيٽو” به هن مجموعي جي سونهن جو سبب بنيو آهي. مجموعي جي پڄاڻي هڪ مقصد ڀرئي آزاد نظم سان ٿئي ٿي، پر ان کان اڳ “ڪافر” به پڙهڻ جهڙو، احساساتي ۽ جزباتي آزاد نظم آهي.
    سڀ رنگ سانول، منهنجي نظر ۾، پنهنجي نوعيت جو هي پهريون اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به هڪ رنگ يعني صرف نثر يا صرف نظم نه، صرف مضمون يا صرف ڪهاڻيون ئي نه، شاعري به، انٽرويو به، تاثر به، ۽ هڪ سيبتي شخص (هاشم شورو) لاءِ ساڃاهه وندن جا لکيل آٽوگراف ۽ ٻيون يادگيريون به، هن مجموعي ۾ شامل آهن. سڀ رنگ سانول ڪتاب جي اها انفراديت، در اصل هاشم شورو جي انفراديت جو به اهڃاڻ آهي.

    مٺل جسڪاڻي
    ٽنڊوڄام
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • ڪتاب سڀ رنگ سانول تي ٻه اکر

    سنها ڀائينم سپ سُڪا جنين پيٽ،
    تنين جي جهپيٽ جنگن کي جوکو ڪري.
    (شاهه)
    چوڻي آهي ته مڙسن جا قد نه ڪڇبا آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ سائين هاشم شورو قد جو پورو پنو ڀريل هاٺي وڏين اکين ۽ ڪڻڪائين رنگ جو مالڪ آهي،. سندس تخليق سگهاري ۽ قدآور آهي. پاڻ کلمک سُٺو سڀاءُ رکندڙ-سُوڀر-سنڌ جي مٽيءَ جو ڳوهيل مجسمو آهي ۽ صفا سولو ۽ سڌو ماڻهون آهي.
    سال 2014ع جي ڊسمبر مهيني ۾- سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جي شروعاتي ويهڪن ۾ سائين سان ڄاڻ سڄاڻ ٿي. ليکڪ آفتاب حسين کوهارو جيڪو منهنجو عزيز آهي، سو هڪ ساهي ۾- سائين جي شخصيت ۽ علمي ادبي سفر تي ڳالهائيندو ويو. سائين سان ملندي، پنهنجائپ محسوس ٿي، ائين لڳو ڄڻ سالن کان واقف آهي، آفتاب تعارف ڪرائيندو رهيو- ۽ محمد هاشم مشڪندو رهيو. پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين آءُ هاشم شورو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهيان. شايد سال 1970ع ۽ 1980ع جي ڳالهه ڪري رهيو هُيو.
    کلندي وراڻيائين. جنم ڀومي ڪارو کهو ڪوٽڙيءَ اٿم. بابا نانگولائين ۾ شفٽ ٿي آيو، بچپن نانگولائين جي گهٽين ۾ ڪڏندي گذريو. ويندي ڦوه جواني به هتي گذري. مئٽرڪ انٽر ڪوٽڙيءَ مان ڪيم. گريجوئيشن ۽ ماسٽر سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. غريب جو ٻار هئس. پڙهڻ جوشوق هيم، منهنجي ڏاڏي، منهنجي پڙهائي ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. پهرين ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسٽور ڪيپر ٿيس. بعد ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر ٿيس. 25 آڪٽوبر 2013ع تي رٽائر ٿي، پنهنجي پراڻن پڊن نانگولائين ڪوٽڙيءَ ۾ پهتس. بچپن کان هينئر تائين، ڪتابن پڙهڻ جو شوق اٿم. ڪراچيءَ ۾ رهندي، سنڌ جي ناميارن اديبن سان ڪچهريون ۽ رهاڻيون ٿينديون رهيون. ڪتابي ذوق ۽ ادبي صحبت لکڻ تي اُتساهيو ۽ سانده لکندو پيو اچان.
    محمد هاشم شورو ادب جي سڀني صنفن تي لکندو پيو اچي. پر سائينءَ جون ڪهاڻيون ۽ شاعري شاندار آهن.
    اسانکي سائين جي تخليقن سان به پيار آهي ۽ سائين سان به پيار آهي، ڇو ته سائين صفا سڌو، سُٺو ۽ سولو انسان آه، پاڻ کلمک، سُٺو سڀاءُ رکندڙ، سنڌ جي مٽيءَ جو ڳوهيل مجسمو آهي، هاشم شورو جي ڪهاڻين ۾ پلاٽ پڌرو ڪردار چٽا واضح ڄڻ جيرا جاڳندا آهن. منظر ڪشي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڪئي اٿائين.
    ڪهاڻي- پيلا گل پلاند ۾:
    ڪهاڻيءَجي شروعات هنن لفظن سان ڪري ٿو.
    “حيدر چوڪ پار ڪندي پويان سڏ ٿيو ، آواز زنانو ۽ ڄاتل سڃاتل پڻ هو، آئون بيهي رهيس ۽ مڙي پوئتي نهاريو هڪ عورت مونڏانهن اچي رهي هئي، آئون هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    “ ڪون سڃاتئي ڇا؟ ويجهي ايندي چيائين.”
    ڪهاڻي پڙهندي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڊرامو اکين سان ڏسي رهيو آهيان.
    ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
    15 سال پهرين جي شوخ ۽ شرير نسيم ياد آئي ، جيڪا ڳالهه يون ۽ شرارتون ڪندي ڪانه ڍاپندي هئي ، پر هيءَ نسيم خاموش ڪنڌ جهڪائي چانهن ٺاهي رهي هئي ۽ ڪجهه سوچي به رهي هئي ڄڻ سندس دل تي ڪو بار هجي ، هيءَ نسيم هن نسيم خان گهڻو مختلف هئي .
    “ چانهن” نسيم مونکي چانهن جو ڪپ ڏيندي چيو . مون ڪپ ورتو ۽ نسيم جو جائزو وٺڻ لڳس، اکين تي چشمو ، ڪجهه بت به ڀرجي ويو هئس . ”
    هاشم جي لکڻيءَ جي منظرڪشي ڏاڍي زبردست ۽ خوبصورت آهي، وڌيڪ لکي ٿو ته:
    “ منهنجي جدائيءَ کان پوءِ ڏاڍي شڪتي اچي ويئي اٿئي ، چهرو ڏسي دل جا راز به پڙهيو وٺين ،” مون هن ڏانهن نهاريو ، هوءَ رئي جو پلئه آڱرين تي ويڙهي رهي هئي ”.
    ڪهاڻيءُ ۾ ڇا ته غضب جو سٽاءُ آهي، ڪهاڻيءَ جي End به به ڏاڍي زبردست آهي.
    “نسيم چشمو لاهي ڳوڙهن ۾ ڀريل اکين کي ٽشوءَ سان اگهندي چيو. چڱو الله حافظ.. نسيم وڃڻ لڳي ۽ آءُ پاڻ کي ڀڄندو ڀرندو محسوس ڪيو. ”
    هن ڪهاڻيءَ ۾ پيار، وصال درد، وڇوڙو، پيڙا، ٽٽل آدرش، سڪ ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿو ٿئي ته انسان وقت جي هٿان ڪيڏو مجبور ۽ محڪوم آهي.
    هاشم شورو ڪمال ڪاريگريءَ سان، ڪهاڻيءَ جا ٽئي حصا يعني، مُنڍ، وچ ۽ آخر ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هاشم شوري جي ڪامياب لکڻين جو شايد اهو به سبب آهي، جو پاڻ PTV تي سٺن اداڪارن، صداڪارن، ڪهاڻيڪارن ۽ ڊرامه رائيٽرس سان گڏ، ڪم ڪري چڪو آهي ۽ ان سان گڏ غضب جو مطالعو به اٿس. زندگيءَ جي وڏي حصي ۽ زماني جي اُٿل پٿل جو عيني شاهد آهي. جيئن پينٽر پنهنجي ڪاريگريءَ سان فطري حسن چٽيندو آهي، تيئن هاشم شورو پنهنجي لکڻين ۾ منظر ڪشي ڪندو آهي.
    سندس ڪتاب “سڀ رنگ سانول” مستقبل ۾ مثالي ڪتاب ثابت ٿيندو، سائين هاشم شورو، طبيعتاً تمام ماٺيڻو سُوڀر ۽ قربائتو انسان آهي. سندس شخصيت ۾ سنڌ جو خمير آهي، محمد هاشم شوري سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن سان گڏ گذاريو آهي، شايد تڏهن ته سندس تخليقي سگهه مضبوط آهي.
    سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ سائين پنهنجي شاعري، عنوان “ڪافر” سان پڙهي ٻڌائي ته واهه واهه ٿي وئي. ڌاڪو ڄمي ويو، هن موضوع تي سائين طويل آزاد نظم لکيو آهي، جيڪو هن ريت ورجائجي ٿو:

    مان به ڪافر
    تون به ڪافر
    گلن جي خوشبو به ڪافر
    لفظن جو جادو به ڪافر
    هيءُ به ڪافر، هو به ڪافر
    فيض ۽ منٽو به ڪافر
    نورجهان جو گانو ڪافر
    مئڪڊولين جو کاڌو ڪافر
    برگر ڪافر، ڪوڪ به ڪافر
    کلڻ بدعت، جوڪ به ڪافر
    طبلو ڪافر، دهل به ڪافر
    پيار ڀريا ٻه ٻول به ڪافر
    سر به ڪافر، تال به ڪافر
    ڀنگڙو ۽ ڌمال به ڪافر
    مُگرمان ۽ جمالو به ڪافر
    ڌاڌرو، ڀيروي ٺمري به ڪافر
    ڪافي ۽ خيال به ڪافر
    شاهه لطيف جي مارئي به ڪافر
    سسئي ۽ سهڻي به ڪافر
    چاهت جي زنجير به ڪافر
    زنده مرده پير به ڪافر
    نذر نياز جو کير به ڪافر
    پُٽ جي ڪتابن جو ٿيلهو به ڪافر
    ڌيءَ جي گڏي به ڪافر
    کلڻ، روئڻ ڪفر جو سودو
    غم ڪافرخوشيون به ڪافر
    جينز ۽ گٽار به ڪافر
    ڀيڏيءَ کان هيٺ پنهنجي شلوار به ڪافر
    فن ۽ فنڪار سڀ ڪافر
    جيڪي منهنجون ڌمڪيون نه ڇاپين
    سي سڀ اخبارون به ڪافر
    يونيورسٽي سڄي ڪافر
    ڊارون جو ڀولو ڪافر
    فرائڊ پڙهائڻ وارا ڪافر
    مارڪس جا سڀ متوالا ڪافر
    ميلا ملاکڙا ڪفر جو ڌنڌو
    ڳائڻ وڄائڻ سارو ڦندو
    مندر ۾ تون بت هجين ٿو
    مسجدن جو به حال برو آ
    ڪجهه مسجد جي ٻاهر ڪافر
    ڪجهه مسجد جي اندر ڪافر
    مسلم ملڪ ۾ اڪثر ڪافر
    ڪافر ڪافر مان به ڪافر
    ڪافر ڪافر تون به ڪافر
    جيڪو مڃي اهو به ڪافر
    جيڪو نه مڃي اهو به ڪافر.
    سائين محمد هاشم شورو، پنهنجي هن آزاد نظم ۾، مذهبي انتهاپسندي جي پت وائکي ڪئي آهي، ته اُهي پنهنجي مطلب ۽ شخصي مفاد لاءِ هر شيءَ کي ڪافر قرار ڏيئي سگهن ٿا.
    هاشم شورو وقت گو سچ گو فقير منش انسان ۽ سڌو سئون صوفي آهي، بُلا شاه اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي ته “اڙي ملان تمهارا ڪيا، مين جانو ميرا خدا جاني” پيغام ساڳيو ئي آهي.
    هاشم شورو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن مان ڊپ ۽ خوف ڪڍڻ ٿو چاهي، نفرتون ختم ڪرڻ ٿو چاهي ۽ محبت ونڊڻ ٿو چاهي، انهيءَ کي ئي ماڻهپو چئبو آهي. دنيا جي ڏاهي هربرٿ سپنر چيوآهي ته: “زندگيءَ جا ٿاٻا ۽ تجربا تعليم جا ذريعا آهن.”
    محمد هاشم شورو نه صرف ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي، پر هن زماني جو به مشاهدو ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس تحرير پڪي ۽ پختي آهي، نبي صلعم جي حديث آهي: “مفلسي ۽ غربت منهنجو فخر آهي.”
    حضرت عليءَ جو قول آهي ته: “بي عقلي سڀ کان وڌيڪ غربت آهي.”
    ماڻهن محلاتون اڏيون . هاشم علم جا مينار اڏيا.
    دنيا جي ڏاهي فرينڪلن چيو آهي ته: “هر مذهب سُٺائيءَ جي تعليم ڏيندو آهي، خرابي ته پنهنجي ذهنن جي پيداوار آهي.
    امام غزاليءَ چيو آهي ته: “عبادت جي ديوار سُٺي علم تي هُوندي آهي.”
    دنيا جي ڏاهي پيٽر بارنم چيو آهي ته: “جيڪڏهن بيوقوف بازار نه وڃن ته، خراب شيون ڪير خريد ڪندو.”
    مذهبي بنياد پرستيءَ ۽ ذهني فطور پيدا ڪري دنيا کي دوزخ بڻايو ويو آهي. خدا تعاليٰ قيامت جو ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سزا ۽ جزا جو عمل اُن وٽ آهي. پوءِ اسان ڇو انسانذات کي رنجائي، پنهنجي آخرت خراب ڪيون. تڏهن ته لطيف سرڪار چيو آهي ته:
    ڪوڙين ڪتابن ۾ حرف مڙيو ئي هيڪ،
    جي تو نظر نيڪ ته بسم الله ئي بس اٿئي.
    جيڪڏهن حق سچ لکڻ وارا، حق سچ نه لکن ته، دنيا جيئري ئي دوزخ بڻجي وڃي. هاشم شورو، دهل جي ڏاڪي تي حق سچ لکيو آهي ۽ ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي.
    اسان جي دُعا آهي ته، هاشم شورو، لکندو رهي، هن قوم هن ڌرتيءَ هن ملڪ تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي لکندو رهي.
    اُستاد بخاري چيو آهي ته:
    چيائون او شاعر، اوهان ڌرتتيءَ جو،
    مٿي تي تغاري، کڻي ڪو نه سگهندو،
    مڃيوسون او سائين، مگر رات آڌي،
    اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪو نه سگهندؤ.
    حق موجود سدا موجود.، ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي.

    خادم الفقراءَ

    نور حُسين ڪلهوڙو
    ڪوٽڙي
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • نئون جنم وٺندڙ ڪهاڻيڪار هاشم شورو

    سڀ رنگ سانول جي عنوان سان لکيل پنهنجي ڪتاب جو مواد هاشم شورو صاحب يو ايس بي ۾ ڏيندي گهر ڪئي ته آءُ سندس ڪتاب تي ٻه اکر لکان، حاضر جا لفظ اوچاري يو ايس بي کڻي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ مواد محفوظ ڪري مطالعو شروع ڪيم پر ڪتاب جي مواد کان وڌيڪ ڌيان ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل “عوام کي لوڊشيڊنگ جا لڳندڙ شاڪ” ڏانهن ان ڪري ڇڪبو پيو وڃي ته ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ مونکي مسلسل ٽي ڏينهن انتظار ڪرڻو پيوڇو ته مواد پڙهڻ جو واحد ذريعو ڪمپيوٽر ئي هو ۽ ڪمپيوٽر وري بجلي کان سواءِ نه پيو هلي پر بجلي وري صرف ايترو وقت مس پئي هلي جو ڪمپيٽر کولي اڃا مواد پڙهڻ مس پيو شروع ڪريان ته وري بجلي گم، بجلي جي اهڙي اک ٻوٽ جنهن ۾ زندگي جو ٻيو ڪو وهنوار ته هلڻ مشڪل آهي پر ان سان اهو فائدو ضرور ملندو آهي جو ڪو مزاحمتي قلمڪار نيٺ برداشت جي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري حڪمرانن يا سندس ساٿاري سياستدانن جي (شان ۾) ٻه چار قصيدا لکي وٺندو آهي اهڙي ريت مزاحمتي ادب ته بهتر انداز ۾ سرجي رهيو آهي پر ان مان فائدو حاصل ڪندي سياست جا نوان گس گهڙيندڙن سياستڪارن جا ضمير مئل هجڻ ڪري ان سرجندڙ ادب مان عوام کي ڪو لاڀ نه پيو ملي پر اهو لاڀ عوام کي ملي به ڪيئن جڏهن ته اهڙن سياستڪارن کي پڻ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ عوام جو ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي. شام اخبار ۾ ايڊيٽوريل پيج جي انچارج واريون ذميواريون نڀائيندي ايترو موقعو ميسر نه ٿيندو هو جو ڪنهن مانائتي دوست جي پيار ۽ پاٻوهه مان تحفي طور مليل ڪتاب جو مطالعو ڪري سگهان ان ڪري اتان داڻو پاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو بهتر سمجهيم ته جيڪڏهن ادبي لڏي سان سڏ ۾ سڏ ڏئي گڏ هلڻو آهي ته هاڻي ڪنهن به اخبار يا ٻئي اداري ۾ ملازمت ناهي ڪرڻي، ڇو ته زندگيءَ جو ڳچ حصو ايئن ئي سستي ۾ گذاري ڇڏيو يا وري جيڪو ڪجهه لکيو ان کي جيتوڻيڪ لطيف سرڪار جيان ڪراڙ ڍنڍ ۾ ته نه اڇليو پر اهو سهيڙي به نه سگهيس ۽ هاڻي يادگيرين جي سمنڊ ۾ غوطا هڻي ڪي ٻه چار سپون ڪڍي ان ۾ سمويل موتين کي ڌوئي اڇو اجرو ڪري ٻيهر پنهنجي خزاني کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان. اها ڳالهه صرف ان ڪري ئي ڪرڻي پئي جو مون جهڙا ڪيترائي شاعر يا قلمڪار پنهنجي مواد کي سانڍي يا سهيڙي ان ڪري نه سگهيا آهن جو سرڪاري توڙي خانگي اشاعتي ادارن ۾ رڳو ياري باشي جي ڌم متل آهي باقي جيڪي سنڌ جا هزارين بي پهچ بخاري، ارڏا اياز، يا سڃا سرڪش پنهنجي اندر جا اڌما يا قوم جو درد اکرن جي روپ ۾ اوتي ڪاڳر ڪارا ڪري ويا انهن جي سار لهڻ وارو ڪو ادارو بچيو ئي ڪونهي، نه صرف ايترو پر اديبن ۽ شاعرن کان اهڙا ادارا اڌ رقم جي آڙ ۾ تقريبن پوري ڪتاب جو خرچ اوڳاڙي ۽ پوءِ تيسين اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي جسارت ناهن ڪندا جيسين کين اهڙو ڪو ٻيو خرچ ڪرڻ وارو مومن هٿ نه اچي. بهر حال ڳالهه پئي هلي ٽن ڏينهن ۾ 64 صفحا پڙهڻ جي ملڪي سياستڪارن اهڙي ريت ملڪ کي لتي ڪنگال ڪيو آهي جو هاڻي صرف وٽن عوام کي ڏيڻ لاءِ ٺلها دلاسا ئي بچيا آهن نه ڪي ملڪي خزاني ۾ ڪا رقم يا عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪا نيڪ نيتي واري اخلاقي جرئت، ان ڪري ئي بجلي جو بحران ته پنهنجي جاءِ تي پر اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جنهن جاءِ جي عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري ملڪي معيشيت پڻ تباهه ٿي چڪي آهي جو کڻي اميد ساري سگهجي ته ڪو سال ٻن ۾ اهي بحران ختم ٿين، اهڙي ريت جڏهن بحرانن جي بازار گرم هجي ته ڀلا ڪو ان سماج ۾ رهندڙ قلمڪار انهن بحرانن کان ڪيئن ٿو آجو رهي سگهي ان ڪري ئي اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسري جي ڪرسي تي هوندي به هاشم شورو صاحب ايترو ته مسئلن ۾ گهيريل هو جو هو ملازمت دوران پنهنجو هڪ به ڪتاب نه ڇپرائي سگهيو پر جڏهن ڪوٽڙي ۾ 14 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ ٻيهر ادب ۽ شعر و سخن جو دور شروع ٿيو ته هن جا به جذبا جاڳي پيا ته پنهنجي خيالن کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ ڇونه ڪو ڪتاب ڇپرائجي. هونئن ته هاشم شورو شعرو شاعري سان به دلچسي رکي ٿو پر هي سندس ڪتاب نج نثر ۾ آهي جنهن جي 64 صفحن مان 21 صفحا سندس انٽرويو تي ٻڌل آهن جيڪو انٽرويو کائنس آن لائن ورتو ويو هو. ان کان علاوه ٽي مضمون عبدالڪريم بلوچ، اياز عالم ابڙو، هند ۽ سنڌ جي ڪهاڻيڪار لڇمڻ ڪومل ۽ لطيف سائينءَ جي بيتن کي تصويري روپ ڏيندڙ گل محمد کتري تي لکيل آهن. جڏهن ته ساڳيو تعداد مطابق ڪتاب ۾ پنج ڪهاڻيون شامل آهن ، ڀرم ڀورا ڀورا ۽ وحشي جذبن جو موت،مسيحا پيلا گل پلاند ۾ ۽ هڪ ڪهاڻي مشهور ليکڪا جي ترجمو آهي ماسي ڌنيءَ جي نالي سان . جنهن جاءِ تي هاشم شورو ڪهاڻي ڀرم ڀورا ڀورا ذريعي هڪ مذهبي اڳواڻ جي اندر ۾ لڪل وحشي روين جي بهتر انداز ۾ اپتار ڪئي آهي ته ساڳي جاءِ تي هن وحشي جذبن جو قتل ڪهاڻي ۾ پنهنجي اندر ۾ لڪل هڪ اهڙي خواهش جيڪا پوري ڪرڻ جي هو هر ممڪن ڪوشش ۾ رڌل هو پر اها پوري ڪري نه سگهيو ۽ ان جي پوري نه ٿيڻ تي هو جنهن مصيبت کان بچي ويو اها پڻ سبق آموز حقيقت آهي ته اهڙي خواهشن جي ور چڙهندڙ ڪيتري ڀوڳنا ڀوڳيندا آهن . هڪ لکاري جي حوالي سان هاشم شورو بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي لکڻ ۾ توڙي جو ڪنهن کي امر جليل جو روپ نظر اچي ٿو ته ڪنهن کي وري موهن ڪلپنا ۽ علي بابا جي لکڻين جا اولڙا ۽ عڪس نظر اچن ٿا پر تنهن هوندي به هو ڪهاڻي کي بهترين اندار ۾ نڀائڻ ۾ مهارت رکڻ کان علاوه ٻولي پڻ اهڙي ئي استعمال ڪندو آهي جيڪا ڪهاڻي جي ڪردار جي گهرج هجي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جي دستوري گڏجاڻين ۾ هو پنهنجي ڪهاڻي پڙهندو آهي ته اها تمام گهٽ تنقيد پر ڀرڀور داد حاصل ڪري کيس ٻيهر ڪا ڪهاڻي لکڻ تي اڪسائيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس اندر جو اهو ڪلاڪار جيڪو زماني جي لاهن چاڙهن جي دز ۾ دٻجي دفن ٿي ويو هو هاڻي ان کي نئون جنم نصيب ٿيو آهي ۽ هاڻي هاشم شورو ٻيهر جوان جذبن سان پنهنجي قلم کي جلا بخشي اهو پهه ڪيو آهي ته هو پنهنجي وڃايل وقت جو ضرور پورائو ڪندو ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري هو ايترو ڇپيل مواد سنڌ واسين کي ارپيندو جو ايندڙ وقت ۾ ڪو هاشم شورو کي بهترين دوست يا مائٽ بجاءِ بهترين قلمڪار جي نالي سان ضرور ياد ڪري. منهنجي دعا آهي ته الله سائين کيس سندس ان نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.

    بهزاد سنڌي
    نيو شهباز ٽائون- ڪوٽڙي
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • منهنجو بابا جاني

    جڏهن بابا مونکي پنهنجي ڪتاب لاٰءِ لکڻ جو چيو ته مان حيران ٿي ويس، ڇو ته مونکي لکڻ جو ڪڏهن به ڪو تجربو نه هو خاص طور تي ادبي شخصيت تي، ڇا لکبو، ڪهڙي طريقي سان لکبو ڪو به اندازو نه هو، پر مون ها ڪئي ڇو ته منهنجي جاني بابا لاءِ مان ڪجهه ڪريان ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻيو ڪجهه ناهي .
    جنهن معاشري ۽ فيملي بيڪ گراونڊ سان آئون تعلق رکان ٿي ان ۾ وسيع ذهن رکندڙ انسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مليا آهن. مون هتي ڪڏهن به ناهي ڏٺو ته ڪنهنجو به بابا پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم لاءِ زور ڀري، ڪو ايجوڪيشن فخر ۽ ڀروسي سان پڙهائڻ لاءِ موڪلي، پنهنجي مرضيءَ اڳيان رکڻ لاءِ همٿائي، پنهنجي چوائس تي زندگي گذارڻ جي آزادي ڏي، توهين اهو پڙهي سوچ ۾ پئجي ويا هوندا ته واقعي ائين ٿي سگهي ٿو ؟؟ جي ها اها حقيقت آ.
    بابا شروع کان ئي محنت تي يقين رکيو آ، پاڻ پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ مزدوري ڪندي پنهنجي پڙهائيءَ جو بوجهه پاڻ کنيو، بابا جڏهن پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندو آ ته پنهنجي ڏاڏيءَ جو ذڪر ضرور ڪندو آهي، جنهن بابا جو گهڻو ساٿ ڏنو، هن کي مئٽرڪ تائين پڙهايائين، بابا کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا زندگيءَ ۾ ڇو ته بابا روايتي ماڻهن وانگر نه سوچيندو هوپر مزدوري کان علاوه پنهنجي زندگيءَ کي علم سان روشن ڪرڻ جي حق ۾ هو ۽ ان علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش بابا جي ذهن کي وسيع ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نه وهم نه وسوسو بس حقيقت سان ڀريل سوچون شامل آهن.
    مونکي ياد ٿو اچي ته جڏهن بابا جاني ڪراچيءَ جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندا هئا ته هر هفتي ڇنڇر جي شام جو اسان سان ملڻ ايندا هئا ته اسان لاءِ نيون نيون شيون وٺي ايندا هئا، هڪ ڀيري عيد ملهائڻ آيا ته اسانجي لاءِ کوڙ ساري عيد جي شاپنگ ڪري آيا، سٺاڪپڙا، سينڊل، پرس، جيولري، مطلب ته ڪا شئي بابا گهٽ نه آندي، پوءِ جڏهن اسان بابا جي ٽٽل چپل ڏٺي ته ڏاڍو ڏک ٿيو ته بابا اسان جي لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ورتو ائين آ منهنجو بابا جاني.
    بابا کي مون سدائين اسان جي بهتر مستقبل جي لاءِ سوچيندي ۽ پريشان ٿيندي ڏٺو آهي انهن جي ترجيح تعليم آهي جيتوڻيڪ گھڻن ماڻهن بابا کي گهڻو ڪجهه چيو ته ڇوڪرين کي ايترو پڙهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ۽ اهو به ڪو ايجوڪيشن ۾، بابا جاني انهن کي چوندو آهي ته منهنجون نياڻيون منهنجو فخر آهن ۽ مونکي پنهنجي پرورش تي پورو پورو ڀروسو آهي ، اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو . بابا مونکي اتساهه ڏياريندو آهي ته مان ڪجهه ڪري سگهان ٿي ۽ مون انهن جي يقين تي يقين ڪيو ۽ الله جي فضل ڪرم سان بغير ڪنهن پريشانيءَ جي پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪئي .
    بابا جانيءَ جو اسان سڀني سان رويو دوستاڻو آهي پنهنجو ادبي ڪم اسان سان شيئر ڪندو آهي ، ۽ اسان کي کلي طرح ڪمينٽ يا تنقيد ڪرڻ جي آزادي آهي بابا سان اسين ڪنهن به موضوع تي ڳالهه ائيندا آهيو ۽ پوءِ انکان سندن راءِ وٺندا آهيون ته بابا کان هميشه مثبت ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي، ضد ۾ ته اسان ٻئي هڪجهڙا آهيون، ۽ سڀ کان بهترين ڳالهه تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اسان سڀ مڳلي ڪري هڪ ٻئي کي ٽيز ڪندا آهيون، جنهن ۾ نه ڪاوڙ ۽ نه ڪنهن جو رسڻ هلندو آهي .
    بابا کاڌو کائڻ ۽ پچائڻ جو ڏاڍو شوقين آهي هر شئي بابا کي پسند نه هوندي آهي جڏهن بابا کي ڪا شئي سٺي نه لڳندي آهي ته چوندو ته بس ٺيڪ آهي ، ۽ جڏهن سٺي لڳندي ته بار بار سڏي تعريف پيو ڪندو ۽ پٺي ٺپيندو شابس ڏيندو .
    بابا کي ادب سان ڪافي لڳاءُ آهي، بابا جي لاءِ سڀ کان سٺو تحفوسٺو ڪتاب آهي، ۽ بابا کي اهڙا گفٽ ڏاڍي خوشي ڏيندا آهن ، بابا جو لکيل شارٽ اسٽوريون ۽ شاعري ڏاڍي سٺي هوندي آهي ۽ حقيقت جي گهڻو قريب هونديون آهن، بابا جاني وٽ ڪتابن جو وڏو ڀنڊار لڳو پيو آهي، ۽ ڏاڍي خوبصورت ڪليڪشن آهي، فيمس ڪتابن جي جنهن سان هو پنهنجو سٺو وقت گذاري وٺندا آهن .
    ويجهڙائيءَ ۾ بابا سوشل ميڊيا تي ڪافي ايڪٽو ٿي ويا آهن، ۽ هنن جو اهو ايجنڊا آهي ته غريب ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، بابا ۽ انهن جي ٽيم تمام گهڻي ڪاميابي ماڻي آهي ڇو ته انهن جي ذريعي گھڻن ماڻهن کي مفت علاج، دوائون، ۽ پئسن جي سهائتا به مهيا ٿي آهي .
    مان ته الله سائينءَ جي ڏاڍي شڪر ٿي ادا ڪيان ته ايترو ڪوآپريٽو، پيار ڪرڻ وارا ۽ روشن خيال والدين اسان کي مليا آهن، جنهنجو ڪو ملهه ئي ناهي، الله سائينءَ کان دعا آهي ته توهانجو سايو اسان جي سر تي هميشه قائم رهي . آمين
    منهنجي دلي خواهش آهي ته مان پنهنجي والدين کي حج ڪريان ۽ الله پاڪ ڪندو ته منهنجي اها تمنا ضرور پوري ٿيندي .

    سنڌو شورو
    ڪوٽڙي
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • سنڌي ادب ۾ بي بها اضافو- سڀ رنگ سانول

    تخليق هميشه پيڙاهه واري پاسي کان اُڀرندي، اُسرندي سَرجندي ۽ نپندي آهي پوءِ ڀلي اهو ڌرتي ماءُ جي ڇاتي چيري ڪو گلابي گونچ کڙي پئي يا سائو سلو ٽڙي پئي ماءُ جي هنج ۾ نئون ڄاول ٻار هجي يا سالن پُڄاڻان ادبي پورهيئي جو ڪو ثمر پچي راس ٿيو هجو.
    خيال جي ڪينواس تي لفظن جا رنگ (سڀ رنگ سانول) وکيريندڙ ادب دوست وطن دوست سائين هاشم شورو جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها اضافو ۽ سندس ادبي پورهيئي جو پهريون فصل آهي. جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجو منفرد مزاج ۽ سواد رکي ٿو. اميد آهي ته سائين هاشم شورو جا ٻيا ڪتاب به جلد ڇپجي پڌرا ٿيندا. هي ڪتاب انساني احساسن جو ڳوڙهو اڀياس ۽ پڙهندڙن لکندڙن جي لاءِ اتساهه جو باعث آهي.

    ايڊووڪيٽ راحيل قاضي
    ڪوٽڙي
    14 اپريل 2015ع


    • سنڌي ادب جي آڪاس تي اُڀرندڙ ستارو- هاشم شورو

    انساني شعور منجهان اُڀرندڙ سٽون ادب جي هن زرخيز زمين کي جا آبياري بخشي ٿي تنهن جو ٻيو ڪو اعليٰ مثال ملڻ بنهه مشڪل آهي، انسان پنهنجي شعوري آبياري کي جا جلا بخشي آهي، تنهن تاريخ جهڙي موضوع کي جنم ڏنو آهي، اهڙي ريت سائين هاشم شورو پڻ پنهنجي ادبي سفر جي تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” واري جستجو ۽ جاکوڙ ڪندي، ادبي ميدان ۾ پنهنجو نالو رقم ڪرڻ جي تمام بهترين ڪوشش ورتي اٿس، سندس ڪتاب ۾ موجود
    سائين هاشم شورو جيئن ته ڪوٽڙي شهر جي ادبي دنيا ۾ هڪ ناميارو ۽ سينئر اديب آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻ شاعر جي حيثيت پڻ ماڻي اٿائين، سندس ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ته سندس انداز ئي منفرد ۽ بالا آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻ هر فن مولا، خداد صلاحيتن سان مستفيض فنڪار پڻ آهي، سندس ماضي هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ گذريو آهي، جيڪو پڻ سندس چواڻي ته تمام دلچسپ واقعن سان منسلڪ آهي، ان سان گڏوگڏ توڙي پاڻ هڪ سماجي ادارو پڻ آهي، سندس فيس آف شورا جي حيثيت ۾ عالمي اوطاق (فيسبڪ) تي سندس پاران ڪيل ڪوششون ان جو ثبوت آهن، پاڻ هڪ مخلص انسان ۽ سچي دوست جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار نڀائيندو اچي، پاڻ هميشه ڪوٽڙي شهر جي ادبي سرگرمين ۾ ته هميشهه اڳڀرو رکندو اچي. سندس ڪتاب “ سڀ رنگ سانول ” ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون، شاعري، شخصيون، انٽرويو ۽ ڊائري تي مشتمل مواد ادبي شعبي ۾ هڪ واڌارو آهي ۽ اسان کيس اهڙي ڪاوش تي جس ڏيون ٿا.

    اصغر علي کوهارو
    (فنڪار/ ڪوٽڙيءَ جو صدا بهار گلوڪار)
    14 اپريل 2015ع


    • هاشم جي طبيعت ۾ ادب جو عشق

    مان استاد بخاري جي انهن لفظن سا سوَ فيصد متفق آهيان ته جون جي تيز تپش رکندڙ سج هيٺيان تگاري کڻڻ وارو عمل ڏکيو برابر آهي، پر رات جو جاڳي، اکين کي اوجاڳا ڏئي لڇي، پچي لکڻ اڃا به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، قلمي پورهيو واقعي هر زندگي گي عام ڪم کان ڏکيو ڪم آهي، ڀٽائي سرڪار جي ڌرتي جي خوشبو ۽ مٽيءَ جي هٻڪار جو ڪمال آهي، جو سنسار اندر هر دور ۾ هزارين قلم ڌڻي جنم وٺي سنڌي ادب ۾ واڌارو پيدا ڪن ٿا ۽ هاشم شورو به انجي هڪ ڪڙي آهي.
    ادب جي گلستان ۾ هزاري گلن جي سرهاڻ جو واس ڪراچي کان ڪشمور، ڪارونجهر کان ڪينجهر نه رڳو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڦهلجي چڪي آهي ۽ هن چمن جو هر گل پنهنجي سڱنڌ سان گڏ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ظاهر ڪري ٿو، هاشم شورو به ادبي چمن جو هڪ گل آهي، جنهنجي خوشبوءِ ۽ سونهن جي سڃاڻپ توهان پڙهندڙ سندس هن ڪتاب کي پڙهي محسوس ڪري وٺندو ها باقي هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هر گل جي پنهنجي خوشبو هوندي آ، مان جس ٿو ڏيان هاشم شورو کي جنهن پنهنجو قلمي پورهيو گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آ، جيڪو تعريف جوڳو عمل آهي ۽ اميد رکان ٿو ته هي ڪتاب ادب جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ضرور ولاريندو.

    محبوب سنڌي
    ڪوٽڙي
    اڱارو 14 اپريل 2015ع


    • خيال اُڏارون تاثراتي سٽون

    ]انسان ڪنهن سمي ڪهڙو نه بيوس ٿي ويندو آهي، مايوسين، نااميدين ۽ محرومين جا ڪارا واسينگ خيالات ول جيان وجود کي وڪوڙي ويندا آهن. تنهن سمي من چاهيندو آهي ته هر احساس کان عاري ٿي بن ۾ بنواس ڪجي، پر ائين ٿيندو ناهي پنهنجين مجبورين جو صليب پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻڻو پوندو آهي ۽ زوري جيئرو رهڻو پوندو آهي! ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ........ڇو ٿو ٿئي ائين.........؟
    پر اهو ته جڳن کان ٿيندو رهيو آهي، روايت بڻجي ويئي آهي ته غريب سدائين پنهنجي مجبورين آڏو اميرن جي دئوس لتن ۾ رهيا آهن ۽ جڏهن به هنن ڪنڌ مٿي کڻڻ جي جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن دئوس لتن هيٺان اچي چيڀاٽجي مئا آهن......[

    هاشم شورو


    • انٽرويو يادگيرين جا حسين پل انٽرويو وٺندڙ: فهيم فدا شورو

    مون کي چٽي طرح ياد آهي ته، هو منهنجي اوطاق (شورا هائوس مسڻ وڏي) تي چوڪڙي سان چِٽيل مشهور سنڌي رليءَ جي سيج تي، ديوار سان ٽيڪ لڳائي ويٺل هو. سندس هڪ پاسي ساڻس گڏ آيل سندس پيارو دوست نجيب اقبال شورو ۽ ٻئي پاسي منهنجو والد ماجد مولانا محمد يامين شورو ويٺل هئا. آئون سندس سامهون گوڏا ٻڌي نهايت ئي نماڻائي ۽ نهٺائي سان ويٺو هئس.
    جڏهن هن عام رواجي دعا، سلام ۽ مختصر واقفيت کان پوءِ پنهنجي آتم ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي ته محفل ۾ هڪدم ماٺار اچي وئي ۽ مون سوڌو سمورين مجلسين تي ڪا گهڙي سڪتو طاري ٿي ويو. سندس هر هڪ لفظ کان پوءِ دل انهي تجسس سان ڀرجي ٿي آئي ته اڳتي ڇا ٿيو؟ اڳتي ڇا ٿيو؟ اهڙي ريت هن پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌائيندي تام ڪندي چيو ته “معاف ڪجو! منهنجا جذبات ٻڌي محفل تي خاموشي ڇانئجي وئي.” ٻڌندڙن جي نيڻن ۾ لڙڪن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ڪجهه دير لاءِ سُڪي ويو هو. منهنجي لاءِ اها ڪالههه جي ڳالهه آهي ته، سندس ڪهاڻي ٻڌڻ مهل منهنجي نيڻن ۾ اٽڪيل لڙڪن مون کان ان وقت وچن ورتو هو ته “فهيم! توکي اسان بي يار و مددگار لڙڪن جو قسم آهي ته، جيڪڏهن چاهين ٿو ته منهنجي قلم کي تقويت ملي ته هن سنڌي سٻاجهڙي ۽ ڏاهي انسان جي زندگي جون ساروڻيون ضرور بضرور قلمبند ڪندو رهجانءِ.” مون پنهنجي ڀِنل نيڻن سان اهو عهد رچايو ته آئون هن آدرشي انسان کي پڙهڻ ۽ اوهان سان انهي واعدي وفائي جي ڪوشش ڪندس. سوچيو هئم ته سندس دردن جو درمان ٿيان، سندس دل تان هماليه جي بار کي هلڪو ڪرڻ جي ڪجهه قدر ڪوشش ڪريان.
    انهي پيار ۽ پريت ڀريي محفل ۾ منهنجي والد ماجد مولانا محمد يامين شوري کان متاثر ٿي هو مون ڏي به متوجهه ٿيو، پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو هئائين ته “فهيم! تون ڪيڏو نه ڀاڳن ڀريو آهين جو توکي آزاد ذهن، علم جا ڀنڊار ۽ پُرتشخص شخصيتن ۽ اعلى خوبين جا ماءُ پيءُ مليا آهن. توکي انهن والدين تي هڪ ڀيرو نه صد بار فخر محسوس ڪرڻ کپي، وڌ کان وڌ انهن جي خدمت کي پنهنجي آخرت جو ثمر سمجههجهانءِ!. اهڙن والدين تي پوري دنيا مون سميت رشڪ ڪندي رهي آهي. فهيم ! تون واقعي ڀاڳن وارو آهين.”
    رفته رفته وقت گذرندو ويو، آئون اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئس . کيس ڪافي بار اهڙي التجا ڪئي به هئم، پر پاڻ “لڀيس لوڻ به ڪونه، سڏائي سون ٻائي” وانگر وراڻيائين ته، “فهيم! مون وٽ اهڙو ڪو ثمر ڪونهي، اهڙي ڪا به خدمتِ خلق يا ڪارنامو ناهي جنهن کي منهنجو قوم مٿان قرض سمجههيو وڃي جنهن کي آئون قلمبند ڪرائيندو وتان.” آئون اهڙي ريت کيس بار بار اها وينتي ڪندو رهيس. آخر ڪار هڪ دفعو سندس دل ڀرجي آئي ۽ پنهنجي زندگي جون ساروڻيون قلمبند ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو. سندس راضپو ڏسي دل باغ و بهار ٿي ويئي، پنهنجي وچن جي وفا ۽ اکڙين ۾ سجايل خواب جي ساڀيان ٿيندي ڏٺم.
    اها شخصيت ڪير آهي جنهن ۾ مون کي پنهنجي لاءِ ايترو قرب ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟!!
    جنهن ۾ بيڪ وقت ايتري پنهنجائپ ۽ سندس درد ڀري ڪٿا هڪ تجسس ڀري ڪهاڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي!!
    جي ها! منهنجو اشارو ڪوٽڙي شهر جي رهاڪو ادا هاشم شورو ڏانهن آهن. سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ٿي سگهي ٿو ته ڪا اهم ڳالهه رهجي به وئي هجي. پر پوءِ به دلي اطمينان آهي ته ڪجهه قدر سندس زندگي جون يادگيريون سهيڙي سگهيو آهيان.
    ف/ش: ادا هاشم اوهان پنهنجو مختصر تعارف ٻڌائيندا؟
    هاشم شورو: منهنجو نالو محمد هاشم، پيءُ جو نالو خميسو خان، ذات شورو، پاڙو ٻِتڙ آهي. منهنجي رهائش ڪوٽڙي شهر ۾ آهي. تعليم ڊبل ايم اي آهي. هڪ ايم اي سوشيالوجي ۾ ڪيم ڇاڪاڻ ته مون کي تنهن وقت سماجي ڪمن ۽ عام ڀلائي وارن ڪمن ۾ دلچسپي رهندي هئي. سوچيم ته سماجي ڪمن کي نئين نظريي ۽ سائنس کي سامهون رکي ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو سنڌي ادب طرف شوق هجڻ ڪري سنڌي ۾ ايم اي ڪيم. تازو بئنڪ افسري تان رٽائرڊ ٿيو آهيان.
    ف/ش: شورا برادي جي ماضي، شان۽ حال بابت ڪجهه چوڻ چاهيندا؟
    هاشم شورو: ها ادا بلڪل. شورا قبيلو سنڌ جو سدا حيات قبيلو آهي. شورا برادري جي شاندار ماضي رهي آهي. هن قبيلي جا افراد هر دؤر ۾ مالدار، سکيا ستابا، ماني مڇي وارا، مالوند مارُو رهيا آهن. ۽ الله جو شڪر آهي اڄ به آهن. پر هڪ ڳالهه جو افسوس ضرور آهي ته جڏهن هن قبيلي جي تاريخ جي پسمنظر جو مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته، شورا برادري جي ماضي شاندار ۽ سونهري تاريخ سان لکڻ لائق آهي پر (ادا هاشم ٿڌو شُوڪارو هڻندي چوي ٿو ته) سندس حال ماضي وانگر شاندار نه آهي. سندس ماضي ۽ حال ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ماضي قريب ۾ ڪوٽڙي جي مٿير مرد ۽ سنڌ جي سچي سپوت حاجي محمد صديق شوري هن قبيلي جي اتحاد، ٻڌي، ترقي لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو. هي صاحب شورا برادري وٽ لنگهي انهن جا پراڻا اختلاف ختم ڪري منجهن هميشه لاءِ ميٺ محبت پيدا ڪري دلي دعائون کٽيائين. پنهنجي قبيلي کي متحد ڪرڻ لاءِ حاجي صاحب “آل سنڌ شورا تنظيم” جو وجود وجهي پاڻ پتوڙيو. پر حاجي صاحب جي گذري وڃڻ کانپوءِ اسان هڪ دفعو ٻيهر ڇڙوڇڙ ٿي وياسين. اختلافن ۾ ڪاهي پياسين. دعا ڪيو جو وري ڪو حاجي محمد صديق شوري جهڙو موڀي پٽ ۽ پنهنجي قبيلي جو حقيقي هڏ ڏوکي پيدا ٿئي جو اسين هڪ دفعو وري دنيا جي آڏو متحد ٿي پاڻ ملهايون.
    ف/ش: حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ شورا برادري ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جو سبب ڇا هو؟
    هاشم شورو: ادا انهي جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ آل سنڌ شورا تنظيم پاڻمرادو ختم ٿي وئي ڇوته پوين جي عدم دلچسپي ۽ منجهن اهي لياقتون، جيڪي حاجي محمد صديق شوري ۾ هيون، نه هجڻ ڪري اها تنظيم اڳتي وڌي نه هلي سگهي. جڏهن اها تنظيم (جيڪا هڪ بنيادي پليٽ فارم جي حيثيت رکندي هئي) ختم ٿي ته شورا برادري ۾ آهسته آهسته ايڪو، اتحاد ۽ ٻڌي ختم ٿيڻ لڳي.
    ف/ش: بئنڪ افسري دوران ڪهڙي عهدي تي فائز رهيا ۽ سروس ڪهڙي سال ۾ ملي.
    هاشم شورو: ادا اسٽيٽ بئنڪ ۾ منهنجي اپائٽمينٽ 1986ع دوران ٿي. ان کان پهرين آئون ايريگيشن کاتي ۾ اسٽور ڪيپر رهيس. اتي منهنجي سروس 13 سال رهي ۽ بئنڪ ۾ منهنجي سروس 25 آڪٽوبر 2013ع تائين رهي.مون آفيسر گريڊ ون ۾ ريٽائرڊ ٿيس.
    (سالم شوري وچ مان رڙ ڪندي چيو ته سائين منهنجي ڄم جي پيدائش 1986ع آهي. ادا هاشم سالم جي ڳالهه تي کلندو رهيو)
    ف/ش: سائين اوهان جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
    هاشم شورو: ادا منهنجي ولادت نانگو لائن ڪوٽڙي ۾5 جون 1955ع ڌاري ٿي. منهنجو ڏاڏو جنهن جو نالو مائٽن مون تي رکيو، اهو جمعون ٻِتڙ نزد ڪارو کهو ۾ رهندو هو.پوءِ مائٽن سان اختلافات جي ڪري اتان لڏي نانگو لائن ڪوٽڙي ۾ اچي رهيو. منهنجو ڏاڏو محمد هاشم، جڏهن انگريزن ريلوي جي پٽڙي وڇائي ٿي، ان وقت اتي مزدوري ڪندو هو.
    ف/ش: ادا هاشم شورا برادري ۾ اوهان جو ڪهڙو پاڙو آهي ۽ اوهان جي پاڙي کي شورا برادري جي راڄ نيتي نظام ۾ ڪهڙو مقام آهي؟
    هاشم شورو: ادا اسان جو شورا برادري ۾ پاڙو ٻِتڙ آهي ۽ راڄ نيتي نظام ۾ ارباب جو جيڪو وزير چونڊيو ويندو آهي اهو ٻِتڙ پاڙي مان هوندو آهي. هتي ياد دهاني ڪرائيندو هلان ته شورا قبيلي جون ٻه اهم شاخون “پسايو” ۽ “مُنو” آهن. پسائي ۾ چوڏهن پاڙا ۽ مُني ۾ ست پاڙا آهن. اسان جو ٻِتڙ پاڙو پسائي واري شاخ ۾ اچي ٿو. شورا برادي جي انهي تاريخي ڳالهه بابت وڌيڪ معلومات تاريخ شورا ڪتاب ۽ فيس بڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ فيس آف شورو گروپ ۾ اپلوڊ ڪيل فائيلن مان اوهان (فهيم فدا شورو) جي تحرير ڪيل تاريخي مواد “هڪڙو هو پسايو-هڪڙو هو مُنو” تان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    ف/ش: اوهان جو خانداني پسمنظر ۽ حسب نسب منهنجو مطلب شجرو (جيڪڏهن ياد هجي)؟
    هاشم شورو: ڀاءُ منهنجو ڪو خاص خانداني پسمنظر نه آهي. آئون هڪ اڻپڙهيل مزدور جو اڪيلو پٽ آهيان. منهنجي نه ٻي ڪا ڀيڻ ۽ نه ئي ڪو ڀاءُ آهي. مائٽن جو اڪيلو آهيان ۽ مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اها منهنجي ڪوتاهي چئجي ته آئون پنهنجو شجرو هٿ نه ڪري سگهيو آهيان. ڪوشش ۾ آهيان ته پنهنجي خاندان جو شجرو هٿ ڪريان.
    ف/ش: اوهان پنهنجي هن تاريخي انٽرويو ۾ پنهنجي والد محترم جي زندگي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا ته بهتر ٿيندو.
    هاشم شورو: ادا منهنجي پيءُ جو نالو خميسو خان شورو هو. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ مزدور ماڻهو هو. سندس سوچ به ڪافي قدر محدود هئي. منهنجي والد صاحب جي مطابق آئون به بس اهي سنڌي جا پنج درجا پڙهي ساڻس مزدوري ۽ گهر جي گاڏي هلائڻ ۾ هٿ ونڊيان.
    ف/ش: اوهان جي پرورش ڪنهن ڪئي؟جڏهن ته اوهان جو چوڻ آهي ته اوهان جي والد صاحب جي سوچ مطابق اوهان کي بنيادي تعليم هجڻ کپي ها؟ جيڪو ڪجهه اڄ اوهان اسان جي سامهون آهيو. بنيادي تعليم و تربيت سان ائين هجڻ نا ممڪن هجي ها.
    هاشم شورو: اوهان بلڪل صحيح چيو. جيئن آئون پهرين بيان ڪري چڪو آهيان ته منهنجو والد صاحب انتهائي غريب هيٺئين طبقي جو ماڻهو هو. سندس پيٽ گذر معمولي مزدوري تي هوندو هو. نصيب جي ڳالهه هوندي آهي.منهنجي والد جو چوڻ هو ته آئون پنج درجا پرائمري پاس ڪري تعليم ختم ڪريان ۽ مزدوري ڪرڻ لڳان. پر منهنجي ڏاڏي مرحومه جو آئون دادلو هئس. هن ئي منهنجي نشو و نما ۽ پرورش ڪئي. مون کي تعليم ڏياري هن منزل تي پهچائڻ ۾ سندس ئي جفاڪشون آهن. ڏاڏي مون کي پيار مان “بابو” سڏيندي هئي. منهنجي ڏاڏي چوندي هئي ته منهنجو بابو پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿيندو. هي مزدوري نه ڪندو بلڪه پڙهي لکي هڪ وڏو ماڻهو ٿيندو. اهڙي ريت ڏاڏي مون کي وڏي جدوجهد کان پوءِ هاءِ اسڪول تائين تعليم ڏياري. اسڪول جي في وغيره ڪتابن جو خرچ، ڊريس ۽ خرچي وغيره سڀ اخراجات ڏاڏي برداشت ڪندي هئي. آئون يقين سان چوان ٿو ته، منهنجي ڏاڏي نه هجي ها ته آئون جنهن منزل تي آهيان، نه هجان ها! ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته منهنجي ڏاڏي هڪ مڙس ماڻهو ، بي ڊپي ۽ دلير عورت هئي.
    ف/ش: لڳي ٿو ته اوهان پنهنجي پياري ڏاڏي جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ چوڻ گهرو پيا؟
    هاشم شورو: جي ها بلڪل آئون هن سڄاڻ ، سگهڙ ۽ روشن خيال عورت جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ گهران ٿو. منهنجي ڏاڏي مون کي جنون جي حد تائين ڀائيندي هئي، پيار ڪندي هئي. منهنجو هر انگل پورو ڪندي هئي. مون کي ڪڏهن به ناراض نه ڪيائين. پاڻ ناليري مشهور دائي هئي. عورتن کي ويم ڪرائڻ ۽ دائپي جي حوالي سان سن شهر تائين سندس وڃڻ ٿيندو هو. پاڻ سنڌ جي قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي خانداني دائي Family Midwife هئي. هڪ ڀيرو ڪنهن سيد جي گهر ۾ پٽ ڄڻايائين ته سيد سڳوري کيس پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ هڪ ڀلي ڳئون ڏني. پاڻ اڻ پڙهيل ٿي ڪري مون کي دل لڳائي پڙهايائين. دلير به ڏاڍي هوندي هئي. مون تي ته اصل ساهه ڇڏيندي هئي. شل نه مون تي ڪو آڱر کڻي وجهي، سڌو ٿاڻي تائين هلي ويندي هئي. مان سندس صفتن ۽ خوبين جو اوهان سان ڇا ڇا ذڪر ڪريان. هڪ افسوس مون کي عمر ڀر تائين ڪاريهر بنجي ڏنگيندو رهندو جو مون وٽ سندس ڦوٽو نه آهي. مون به ته ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته ايترو جلدي مون کان منهنجي ڏاڏي جدا ٿيندي.
    ف/ش: اوهان پرائمري تعليم، سيڪنڊري، هاير سيڪنڊري ۽ اعلى تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟
    هاشم شورو: ادا مون پرائمري تعليم نانگو لائين اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان، انٽر سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ڊبل ايم اي (ايم اي سوشيالوجي+ ايم اي سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيم.
    ف/ش: ادا هاشم اوهان جي ڪن استادن ۽ همڪلاسي ڌوڙين جا نالا ٻڌائيندا؟
    هاشم شورو: ادا فهيم مون کي استاد تمام بهترين ۽ شفيق مربي مليا. جن ۾ استاد محمد قاسم سمون، سائين عبدالستار انصاري کان سواءِ پي ٽي وي جو بهترين پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سائين محمد بخش سميجو، سائين غلام علي رند، سائين امير علي قادري، سائين خالد ۽ ٻيا استاد ٿي تعليم جي زيور سان سينگاريائون. جيڪي منهنجا همڪلاسي ڌوڙي رهيا انهن ۾ جڳ مشهور مزاحيه فنڪار قادر بخش مِٺُو، غلام رسول، حميد دُراني، گلشير ڀٽي، دوست محمد ڀٽي، ۽ انهن کان سواءِ ٻيا به ڪافي ڌوڙي ۽ همڪلاسي رهيا ڪن جا نالا في الحال ياد به نه اٿم. ڪي ته ويچارا الله کي پيارا به ٿي ويا.
    ف/ش: ادا هاشم اوهان جي ننڍپڻ جو ڪو واقعو جيڪو اڄ به اوهان کي وسريو نه هجي؟
    هاشم شورو: ماڻهوءَ جي زندگي ۾ ڪافي اهڙا واقعا ٿيندا آهن جيڪي زندگي ڀر حافظي تي حاوي رهندا آهن پوءِ اهي واقعا ڀلي کڻي ننڍپڻ جا ڇونه هجن. منهنجي ننڍپڻ جو ئي هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو اڄ به ياد اٿم. واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري دير سان رات جو گهر آيس. ڊپ ۾ لڪندي لڪندي ته من ڪير مون کي ڏسي دير سان اچڻ جو سبب نه پڇي ۽ مار نه ڏي. انهي ڊپ مان آئون هنڌن (بسترن) جي لاءِ ٺهيل پيهي تي، بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي سمهي پيس. صبح جو منهنجي ڏاڏي ڏٺو ته آئون نه آيو آهيان. هوءَ ويچاري ڏاڍي پريشان ٿي وئي ته خدا خير ڪري بابو خبر ناهي ڪيڏانهن ويو؟ انهي پريشاني جي عالم ۾ هو منهنجي دوست عالم سومري جي گهر ويئي ۽ کيس چيائين ته “ڪيئن به ڪري منهنجو پوٽو مون کي پيدا ڪري ڏي، تو ئي ڪٿي گم ڪري کيس لڪايو آهي.” هن ويچاري کي ته ڪا ڪَل ئي ڪانه هئي. هو انڪار ڪندو رهيو ته مون کي سندس باري ۾ ڪا خبر ڪانهي. پر منهنجي ڏاڏي مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي کيس چوندي رهي ته منهنجو بابو تو وٽ ئي آهي. آئون وڃان ٿي پوليس اسٽيشن توکي ٻڌرايان ٿي. منهنجي دوست ويچاري عالم کي سندس گهروارن به انهي ڳالهه تي خوب ڦيهه ڪڍي. آخر ڪار اهو دوست مون کي جڳهه جڳهه ڳوليندي ڳوليندي ٿڪجي پيو. جڏهن منهنجي گهر آيا ته آئون گهر خير خوبي سان با سلامات ويٺو هئس. اهو واقعو منهنجي ننڍپڻ جو تاريخي واقعو آهي جيڪو اڄ به مون کي ياد آهي.
    ف/ش: سائين اوهان جي مذهبي تعليم ڪيتري آهي؟
    هاشم شورو: ادا منهنجي مذهبي تعليم واجبي آهي. اسان جي ڀرواري واري مسجد ۾ سائين محمد قاسم شاهه کان قرآن شريف ناظره جي تعليم ورتيم جيڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي ڇو ته سگهو ئي سائين محمد قاسم شاهه گذاري ويو ۽ راهه رباني ورتائين. پوءِ ڪافي عرصي تائين اسان جي مسجد ۾ ڪو به مولوي نه آيو. اهڙي ريت منهنجي مذهبي تعليم نالي ماتر رهجي وئي. الحمد لله نماز پوري ايندي آهي ۽ مذهب اسلام جي باري ۾ به ڪافي ڄاڻ آهي.
    ف/ش: ادا هاشم اوهان زندگي ۾ ڪهڙين شخصيتن کان متاثر ٿيا؟
    هاشم شورو: ادا فهيم! تعليم ۾ آئون سائين شاهجهان کان متاثر آهيان. ادبي حوالي سان ڪافي شخصيتن جهڙوڪ ڪهاڻي ۾ علي بابا، امر جليل، سراج، خير النساءَ جعفري ۽ ٻيا به ڪافي آهن. سياست ۾ آئون سائين جي ايم سيد کان متاثر آهيان. شاعريءَ ۾ لالئون لال لطيف، شيخ اياز، اياز گل، استاد بخاري ۽ ٻين کان متاثر آهيان.
    ف/ش: جڏهن اوهان هوش سنڀاليو ان وقت جي ملڪي سياسي، سماجي، ادبي صورتحال ڪهڙي هئي؟
    هاشم شورو: جي ها ادامنهنجي جڏهن 1973ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ تقرري ٿي. اتي هڪ ادبي ذهن جو ماڻهو رحيم خان جرس جوکيو سب انجنيئر هو. هن مون کي ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا جيڪي مون پڙهيا. پوءِ ته اسان تي ائين سمجههيو کڻي ڪتابن جو رسُ چڙهي ويو. هر نئين ڪتاب جي ڳولا ۾ مختلف بُڪ اسٽالن جا چڪر ڪاٽڻ اسان جو پارٽ جاب بنجي ويو. تنهن وقت ملڪي صورتحال جي حوالي سان عرض ڪندو هلان ته ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت هئي. هن سنڌي ڪتابن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جيڪا مون سميت هر ادبي ۽ روشن خيال ماڻهو کي بري لڳي. اڳتي هلي اها پابندي ڪافي دير تائين نه هلي سگهي ۽ ختم ٿي وئي. بهر حال ان وقت سنڌي ادب جي هر صنف تي بهترين لکيو ويندو هو. ادبي رهاڻيون ۽ گڏجاڻيون تقريبن هر واهڻ وستي، ڳوٺ شهر ۾ ٿينديون رهنديون هيون. اسان جو به تنهن وقت ۾ ڪوٽڙي ۽ ڀروارن علائقن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ شوق سان وڃڻ ٿيندو هو.
    ف/ش: ادا هاشم ڳالهه نڪتي سنڌي ادبي سنگت جي، اوهان سنڌي ادبي سنگت ۾ باقائده ڪڏهن شموليت ڪئي ۽ وقت بوقت اوهان کي سنڌي ادبي سنگت ۾ عهديدار رهڻ جو موقعو مليو يا نه؟
    هاشم شورو: ادا آئون سنڌي ادبي سنگت ۾ باقاعده 1976ع ڌاري شامل ٿيس. ڪوٽڙي ۾ دوستن (عالم سومرو، الطاف صديقي، منير سومرو ۽ مشتاق عباسي) جي ساٿ سان شاهه 76-1975ع ڌاري لطيف لائبريري جو انعقاد ڪيم. مذڪوره لائبريري جو پهريون لائيبريري انچارج مون کي ڪيو ويو. ٿورڙي ٽائيم انهي لائبريري جي شهرت ايتري ته پکڙجي وئي جو اسان وٽ سنڌي ادب جو مشهور شاعر استاد بخاري به قرب جا قدم ڀري آيو. استاد بخاري کان سواءِ علي بابا، اسير ملاح، عبدالڪريم بلوچ، گل ملاح، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا نالي وارا ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار وقت بوقت ايندا رهيا. ياد رهي ته اتي ئي اسان ادب دوستن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي جنهن جو پهريون سيڪريٽري به آئون ئي ٿيس. آئون سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهيان.
    ف/ش: شاهه لطيف لائبريري جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائيندا؟
    هاشم شورو: اسان دوستن ميونسپل کان لائبريري جي لاءِ ڇهه اخبارون منظور ڪرايون. جيڪي پڙهندڙن جي لاءِ لائبريري ۾ رکيون ويون. فرنيچر ورتو ويو، ڪتابن لاءِ در در تي وڃڻ ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف اديبن، ليکڪن سان ملاقاتون ٿيون. ادب سان چاهه هئڻ ڪري سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيم. شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ تقريبن هزار کن ڪتاب گڏ ڪياسين. لائبريري ۾ هر موضوع شاعري، افساني، ڪهاڻي، فلسفي، تاريخ، ناول تي ڪتاب موجود هئا.
    ف/ش: ادا هاشم هاڻي اوهان جي زندگي جي حسين ترين باب عشق و جواني تي اوهان سان ڳالهه ٻولهه ه ڪندي مون کي مشهور فارسي ڪتاب گلستان سعدي جو پنجون باب ياد اچي ويو آهي جنهن جو به عنوان “باب پنجم در عشق و جواني” (پنجون باب عشق ۽ جواني جي باري ۾) آهي. اوهان سان انهي موضوع تي ڳالهه ائيندي مون کي پنهنجي طالب علمي جو اهو دور سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ اسان مذڪوره باب پڙهندي مست و مگن ٿي ويندا هئاسين. . . خير اسان پنهنجي سوال جواب جي سلسلي کي اڳتي وڌائينداسين. جي ها! ته ادا هاشم اوهان زندگي جي انهي حصي يعني جواني کي ڪيئن محسوس ڪيو؟
    هاشم شورو: اوهان جي جذبات کي ڏسي ڪري منهنجي دل ته چوي ٿي ته پهرين اوهان جي حياتي کي ڏسڻ گهرجي ها. پر جيئن ته سوال مون کان آهي ته ٺيڪ آهي. فهيم جاني! ڪڏهن ائين ڀلا ٿيو آهي جو ڪو وڻ هجي ۽ ان کي واءُ نه لڳو هجي. جي وڻ هوندو ته کيس واءُ ضرور لڳو هوندو، جيڪڏهن واءُ نه لڳو هوندو ته پوءِ اهو وڻ ئي ڪونه هوندو. اهڙي ريت زندگي جي انهي حسين لمحي کي به خوب انجواءِ ڪيوسين جنهن ۾ ڪنهن کي خاص الخاص محسوس ڪيو ويندو آهي.
    ف/ش: اوهان جي نظر ۾ عشق ڪهڙي احساس جو نالو آهي سندس انتها آهي يا نه؟
    هاشم شورو: پيار جهڙي حسين احساس جو نالو عشق آهي جنهن جي ابتدا ته آهي پر سندس انتها جو ڇيهه ئي ڪونهي يا ائين کڻي چئجي ته سندس انتها آهي ئي ڪونه.
    سالم شورو: واهه سائين واهه پيار جو ٽاپڪ آهي ڇا؟
    هاشم شورو: بلڪل تنهنجو پسنديده موضوع آهي.
    سالم شورو: پوءِ آئون به ڪجهه اکر چوندس. نه سائين منهنجو نه بلڪه ادا فهيم جو پسنديده موضوع آهي.
    هاشم شورو: خير عشق ته هر پياري ماڻهو جو پسنديده موضوع آهي پوءِ اوهان هجو يا فهيم يا ڪو ٻيو.
    ف/ش: ادا هاشم عشق ۾ وصال ڇا کي چئبو آهي ۽ وصالِ حبيب جي ڇا اهميت آهي؟
    هاشم شورو: پيارا عشق ۾ وصال جي وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته وصال معشوق ۽ عشق سان متصل آهي. عشق لاءِ وصالِ حبيب ائين آهي جيئن رُکي مانيءَ لاءِ ٻوڙ ضروري هوندي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ميلاپ عشق لاءِ زهر قاتل آهي ۽ وصل ۽ وڇوڙو عشق کي دوام بخشي ٿو.
    ف/ش: ادا اوهان مختصر لفظن ۾ وصالِ حبيب ۽ عشق جي باري ۾ تمام سٺو ٻڌايو. ڀلا پهرئين دور جي عاشق ۽ موجوده دور جي عاشق جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته؟
    هاشم شورو: جي ها جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پهرئين دور ۽ موجوده دور جي عشق ۽ عاشق ۾ وڏو فرق آهي . پهرئين دور ۾ عاشق جي اندر محبوب جي لاءِ هڪ بي مثال تڙپ هوندي هئي. سندس ذهن تي هر وقت پنهنجي محبوب جي وصال جي تڙپ رهندي هئي. اها تڙپ بغير ڪنهن مطلب ۽ نفس پرستي جي هوندي هئي. پر موجوده دور جي عاشق کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته سندس عشق ۽ محبت ۾ ڪو نه ڪو مطلب ضرور هوندو. بغير مطلب جي اڄ ڪوبه عشق جي ميدان ۾ نٿو ڪُڏي. ايتري قدر جو عشق جهڙي پاڪيزه جذبات ۾ اڄ نفس پرستي ۽ حوس پرستي به ڪاهي پئي آهي. زندگي ۾ عشق ڪافي بار ڪيو ويندو آهي. جيئن عمومن چيو ويندو آهي ته هي منهنجو پهريون عشق هي ٻيو اهڙي طرح عشق ڪافي بار ٿيندو رهندو آهي.
    ف/ش: سائين اوهان پهرئين دور ۽ موجوده دور جي عاشقن جي ڀيٽا تمام بهتر انداز ۾ ڪئي پر آئون اوهان سان انهي ڳالهه ۾ بلڪل سهمت نه آهيان ته اوهان جي بقول عشق ڪافي بار ٿيندو آهي. منهنجو چوڻ اهو آهي ته زندگي ۾ عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي پر محبت ۽ پيار بار بار ٿي سگهي ٿو ۽ اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته محبت جو مقام عشق کان گهٽ آهي. عشق جو مقام مٿانهون آهي.
    هاشم شورو: بلڪل آئون اوهان سان انهي ڳالهه ۾ اتفاق رکان ٿو ته عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي ۽ محبت بار بار ۽ عشق جو جهڙي ريت مقام مٿانهون آهي اهڙي طرح عشق جو مان به مٿانهون آهي. پر سچ اهو آهي ته اسان عشق ڪيو ئي ڪونهي اسان ته اڃا صرف محبت ۾ ئي من مستيون ڪريون.
    ف/ش: ادا هاشم اوهان کي پهريون لنئون ڪيئن لڳو ۽ ان وقت اوهان جا ڇا احساسات Feelings هئا؟
    هاشم شورو: ادا پهريون لنئون ننڍي هوندي پاڙي جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان لڳو. پر جيئن ته اها ننڍپڻ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ ڪنهن به احساس جي ڪا ڪَل نه پوندي آهي. باقي 1975ع ۾ باقائده محبت ٿي. محبت وري اهڙي ٿي جو بس ٻئي انتها درجي تائين هڪ ٻئي کي چاهيندا هئاسين. محبت جي فيلنگس ۽ احساسات کي لفظن سان ادا نٿو ڪري سگهجي بس ڪنهن سان محبت ٿيڻ سان ئي سڀ ڪجهه محسوس ٿي ويندو آهي ته محبت جا احساسات ڇا درجو رکن ٿا.
    سالم شورو: ادا هاشم اوهان کان ۽ ادا فهيم کان منهنجو سوال آهي ته عشق ۽ پيار ڇا آهي؟
    هاشم شورو: ادا سالم انهي ڳالهه تي پهرين به ڳالهه ٻولهه ه ٿي آهي ته عشق جو درجو محبت کان مٿانهون آهي. عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي ۽ پيار بار بار ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. پيار ۾ حاصلات ممڪن آهي پر عشق ۾ حاصلات جو سوچڻ به پاپ سمجههيو ويندو آهي.
    سالم شورو: بهترين ادا هاشم. ڀاءُ فهيم اوهان ڪجهه ٻڌايو انهي باري ۾؟
    فهيم فدا شورو: ادا سالم پهرين ڳالهه ته اسان ادا هاشم سان ئي شام ملهائي رهيا آهيون مون کي سونهي ڪونه ٿو جو آئون ادا هاشم کان پڇيل ڪنهن سوال جي جواب ڏيڻ ۾ ساڻس شرڪت ڪريان. پر اوهان جي گهڻو اصرار ڪريو ٿا ته ڀاءُ ادا هاشم اوهان کي تمام سٺو جواب ڏنو آهي. اها حقيقت آهي ته محبت ۽ پيار بار بار ٿيندو رهندو آهي پر عشق جي مسند تي صرف هڪڙي ئي معشوق کي ويهاري جلوه افروز ڪري سندس پوڄا ڪئي ويندي آهي. پوءِ ڪُسڻ، مرڻ ۽ پچڻ سڀ ڪجهه انهي هڪڙي ئي معشوق تان هوندو آهي. انهي معشوق کان سواءِ ٻي ڪنهن جو اهو شان نه هوندو آهي ته اها جاءِ وٺي سگهي. منهنجي ننڍڙي علم مطابق عشق جا ٻه درجا آهن هڪ حقيقي عشق ۽ ٻيو مجازي عشق. حقيقي عشق پنهنجي حقيقي مالڪ الله رب العزت سان ٻانهي کي ٿيندو آهي ۽ مجازي عشق خدا پاڪ کان سواءِ ڪنهن ٻي سان به ٿي سگهي ٿو. مجازي عشق کي اصل حقيقي عشق پهچڻ تائين هڪ ڏاڪي جي حيثيت حاصل آهي يا ائين کڻي چئجي ته مجازي عشق حقيقي عشق ڏانهن ويندڙ هڪ راهه آهي جتي هلي انسان حقيقي عشق تائين پهچي ٿو. اهڙي طرح مجازي عشق جا وري ٻه درجا هوندا آهن هڪ عقلي عشق ٻيو طبعي عشق. عقلي عشق ۾ انسان بي وس نه هوندو آهي. عقلي عشق هي آهي ته خدا پاڪ، دين اسلام، نبي پاڪ سان ڪيو وڃي. جيئن قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته ترجمو: “اوهان ايسيتائين پوري طرح سان مومن نٿا بڻجي سگهو جيسيتائين محمد رسول الله اوهان کي سڀني کان وڌيڪ پيارو ۽ محبوب نه هجي.” طبعي عشق ۾ انسان جو ڪوبه وس يا اختيار نه هلندو آهي. هو بيوس ۽ لاچار هوندو آهي. جيئن حديث ۾ اچي ٿو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو “اي الله! مون پنهنجي سڀني گهر وارين سان برابر جو حق ادا ڪيو آهي . پر دلي معاملي ۾ آئون بي وس آهيان منهنجي دل ٻين گهر وارين جي مقابلي ۾ عائشه ڏانهن وڌيڪ مائل آهي. انهي ڳالهه ۾ آئون مجبور آهيان”
    سالم شورو: واهه ادا فهيم زبردست اوهان ته عشق جو فلسفو واضع طور بيان ڪري ڏيکاريو. هاڻي ته يقين ٿي ويو ته اصل عاشق ته آهيو ئي اوهان، جو صرف عشق جي باري ۾ هيتري معلومات ۽ فلسفي کان واقف آهيو.واهه واهه
    هاشم شورو: جي فهيم عشق کي تمام سٺي انداز ۽ جامع معلومات سان بيان ڪيو.
    ف/ش: مهربانيون ادا هاشم ۽ ڀاءُ سلام قرب اوهان جا. ادا هاشم اوهان کان هڪ سوال: ڇا جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي (ميلاپ) ڪجي ؟
    هاشم شورو: آئون انهي خيال جو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ هر روشن خيال ۽ سٺي سوچ رکندڙ به اهو ئي چوندو ته جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي يعني ميلاپ نه ڪجي. سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نامياري ليکڪ امر جليل هڪ هنڌ لکيو آهي ته جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي نه ڪيو ڇاڪاڻ ته ميلاپ (شادي) محبت کي ڪاري ڪلر جيان تباهه ڪريو ڇڏي. تنهن ڪري جنهن سان پيار ڪريو ان سان شادي نه ڪريو ته جيئن محبت جو وڻ وڇوڙي ۾ وڌي.
    ف/ش:سائين هاشم صاحب! اوهان شايد شاعري جي شروعات به عشق جون منزلون طئي ڪندي ڪئي هوندي؟
    هاشم شورو: جي ها ڪجهه اتساهه اهو به هو ۽ ٻيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ اچڻ ڪري ۽ ادب سان لڳاءُ جي ڪري شاعري جي شروعات ٿي پئي.
    ف/ش: محبوب سان گهاريل گهڙيون ڪيئن محسوس ڪريو ٿا؟
    هاشم شورو: پنهنجي محبوب سان گهاريل گهڙيون منهنجي زندگي جو اهو سرمايو آهن جن کي آئون مرڻ گهڙيءَ تائين، تا دمِ زيست ساهه سان سانڍي رکندس.
    ف/ش: زندگي جي ڪنهن موڙ تي محبوب سائين سان ملاقات ٿي ته اوهان کي ڇا محسوس ٿيو؟
    هاشم شورو: تقريبن 25 سالن کان پوءِ ساڻس ملاقات ٿي هئي. محبوب سان گذاريل ڏينهڙا فهيم وسريا ئي نه آهن ڇوته ساربو ان کي آهي جنهن کي وساربو ئي نه آهي.
    ف/ش: محبوب سان پنجويهه سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ ملاقات ؟؟؟ اُف ايترو ٽائيم محبوب کان سواءِ گذري ويو. سائين اوهان کي تنهائي ۽ اڪيلائي ته محسوس ٿي هوندي؟
    هاشم شورو: ها فهيم محبوب کان سواءِ گهاريل هڪڙو پل به ڏاڍو ڏُکائي ٿو ، ڏاڍو ڏُکيو گذري ٿو. اوهان اندازو لڳايو محبوب کان سواءِ منهنجي حسين زندگيءَ جا پنجويهه سال ڪيئن گذريا هوندا؟ اوهان سوچي به نٿا سگهو ته اهو وڍُ وجهندڙ وقت ڪيئن لنگهي ويو. ان ايتري وقت ۾ اڪيلائي ۽ تنهائي جو ڪاريهر مون کي پل پل ڏنگيندو رهيو. پر يار وقت ڏاڍو ظالم آهي، آهستي آهستي زخم ڀرجي ويندا آهن. اڳتي هلي منهنجي شادي به ٿي وئي ۽ غمِ جانان کان غمِ دوران جي چڪر ۾ پئجي وياسين.
    ف/ش: ادا هاشم هاڻي اينداسين علم و ادب جي موضوع تي. سنڌي ادب ۾ اوهان ڪڏهن پير پاتو؟
    هاشم شورو: انهي سوال جو جواب آئون پهرين به ڏيئي چڪو آهيان. پر وري هتي ورجايان ٿو. 1973ع ڌاري مون کي ايريگيشن ۾ ملازمت ملي وئي. اتي هڪ سب انجنئير رحيم خان جوکيو جي انڊر ۾ آئون ڪم ڪندو هئس. هڪ ڀيري صاحب جو پٽيوالو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهان کي صاحب سڏي رهيو آهي. پهرين ته پريشان ٿي ويس ۽ عجيب سوچون اينديون رهيون. سوچيم ته شايد ڪا غلطي ٿي وئي آهي جو صاحب ڪاڙجي گهرايو آهي. آخرڪار خوف ۽ ڊپ جي ڪيفيت ۾ آئون صاحب جي آفيس ۾ ويس ته دعا سلام کان پوءِ صاحب پڇيو اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ چيو مانس ميٽرڪ. وراڻيائين ته مون وٽ هتي آفيس ۾ ڪم ڪندين. ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ يڪدم ها ڪيم. اهڙي طرح منهنجي ڊيوٽي هاڻي آفيس ۾ مقرر ٿي. اهڙي طرح سان ساڻس ويجهڙائي ٿي. صاحب پاڻ به علم و ادب طرف مائل هو. هن مون کي سنڌي ادب کان روشناس ڪيو ۽ مون کي پڙهڻ لاءِ ڪجهه ڪتاب ڏنائين اهڙي ريت مون کي ادب جو شوق پيدا ٿيو ۽ مون سنڌي ادب ۾ پير پاتو.
    ف/ش: سنڌي ادب ۾ اوهان سڀ کان پهرين نثر تي لکڻ شروع ڪيو يا نظم تي؟
    هاشم شورو: سنڌي ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ مون سڀ کان پهرين ڪهاڻي صنف کي پسند ڪيو ۽ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪيم. منهنجي لکيل ڪهاڻين جو تعداد ڏهه کن آهي.
    ف/ش: اوهان ڪهاڻي کان سوءِ ادب ۾ ٻيو ڪهڙي ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪئي؟
    هاشم شورو: ڪهاڻي کان سواءِ مون ڊرامو لکيو. ان کان پوءِ غزل، بيت، ٽيڙُو، آزاد نظم وغيره به لکيم. نثر ۾ ڪجهه مقالا ۽ مضمون به لکيم. مون مشهور مصور کتري (جنهن شاهه لطيف جي بيتن کي تصويري رنگ ڏنو هو.) ان جي مرتيي تي مون هڪ مضمون لکيو جيڪوان وقت جي مشهور سنڌي اخبار هلال پاڪستان ۽ اردو اخبار امن ۾ شايع ٿيو هو.
    ف/ش: اوهان پهريون “ٽيڙُو” ڪهڙو لکيو؟
    هاشم شورو: جي ها منهنجو پهريون ٽيڙُو هي هو.
    انبن به جهليو آ ٻُور،
    سوچي پئي سُهاڳڻ
    ڪانڌ آهي ڇو ڏُور.

    رابيل ڪئي آ دير،
    ماڻس من وسوسا
    الله ڪري خير.
    ڪڃري پئي نچي،
    وڏيري جي جوان زال
    دل ۾ پئي پچي.
    ڪري هار سينگار،
    بيٺي آهي در تي
    ويچارن ۾ ويڙهيل نار.
    ف/ش: هڪ ڀلوڙ شاعر جي حيثيت سان مشاعرن ۾ڪٿي ڪٿي وڃڻ ٿيو؟
    هاشم شورو: جي ها اسان پنهنجي لائبريري ۾ خود هر مهيني باقاعدگي سان مشاعرا ڪرائيندا هئاسين. جنهن ۾ ناميارا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. ان کان سواءِ حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو ڄام، ڪراچي تائين مشاعرن ۾ وڃڻ ٿيو. جتي نالي وارن شاعرن تاجل بيوس، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نصير مرزا، شهيد سومرو، اسير ملاح ۽ ٻين سان ملاقاتون به ٿيون.
    ف/ش: علم و ادب کان سواءِ ماضي ۾ اوهان جون ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون رهيون؟
    هاشم شورو: مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ شايد 1976ع دوران آرٽسٽ جي حيثيت سان ٻه-ٽي سال ڪم به ڪيم. پي ٽي وي تي اداڪاري ڪرڻ جو موقعو به مليو. ان کان علاوه مون اسٽيج تي1988ع ڌاري اداڪاريءَ جا جوهر به ڏيکاريا. اداڪاري دوران هيرو ۽ وِلين جي ڪردار کان سواءِ سڀ ڪردار ادا ڪيم. ڊائريڪٽر ۽ هدايتڪار مختلف رهيا. انهن ۾ سائين هارون رند، محمد بخش سميجو، اقبال سعيد انصاري جا نالا اڃا به ياد اٿم.
    ف/ش: زندگي ۾ ڪهڙين سماجي، فلاحي ۽ عام ڀلائي وارن ادارن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو؟
    هاشم شورو: مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي نالي ۽ سماجي ورڪر محترم جناب خان محمد پنهور جي جماعت ڳوٺ سڌارڪ سنگت جي سينٽرل ڪاميٽي جو مون کي ميمبر ٿيڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ اسان رهي ڪري وڏي پئماني تي فلاحي ڪم ڪيا. پنهنجي علائقي ۾ بجلي جي نظام کي بهتر بنائڻ، ٽرانسفارمر لڳرائڻ، اسڪولن ۾ وڃي استادن جون حاضريون چيڪ ڪرڻ ۽ استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ اسان جا فلاحي ۽ عام ڀلائي وارا ڪم هئا. ان کان علاوه سنڌ گريجوئيٽ ايسوسي ايشن جي پليٽ فارم تان اکين جون مختلف ڪيمپون، شاگردن کي مفت ٽيوشن سينٽرن جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيوسين. سماجي، فلاحي ۽ ڀلائي وارن ادارن ۾ 1986ع تائين رهڻ ٿيو.ان کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ ڪراچي ۾ ملازمت ملڻ جي ڪري ڪٽجي وياسين.
    ف/ش: فيسبڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ گروپ فيس آف شورو جو بنياد وجهڻ ۽ ان ۾ پنهنجي سرگرمين کي وائکو ڪندا.
    هاشم شورو: جي ها فيس آف شورو گروپ فيسبڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ واحد گروپ آهي. ۽ انهي ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته فيس آف شورو گروپ کي پنهنجي ئي شورا برادري مان اوهان جهڙا علم و ادب دوست نوجوان ۽ ساٿي مليا جن جي اڻٿڪ ڪوششن سان آئون چئي سگهان ٿو ته هي گروپ ۾ پوري فيسبڪ تي هڪ مثالي گروپ آهي. هن گروپ جي بنياد وجهندڙ ڪاميٽي ۾ مون (هاشم شورو) کان سواءِ نجيب اقبال شورو، حيدر علي شورو، علي رضا شورو شامل هئا. هن گروپ جو نالو مون تجويز ڪيو. اڳتي هلي ڪري اوهان (فهيم فدا شورو) ۽ سالم شورو ۽ ٻين دوستن جي اچڻ جي ڪري هي گروپ ڏينهون ڏينهن ترقي طرف وڌڻ لڳو. مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته انٽرنيٽ تي شورا قبيلي بابت جامع معلومات اوهان کي هن گروپ جي پليٽ فارم تان ئي ملندي رهندي. هن گروپ ۾ منهنجي (هاشم شورو) ۽ اوهان (فهيم فدا شورو) جي اپلوڊ ڪيل مواد کي نمايان مقام حاصل آهي. ان کان سواءِ گروپ ۾ ادا نجيب اقبال شوري جي ڪوششن کي به ساراهيون ٿا. فيسبڪ تي شورا برادري جو جيڪو به فرد ايڪٽو آهي اهو هن گروپ جو ميمبر آهي. جڏهن ته گروپ جي ايڊمن ڪاميٽي چئن ڄڻن هر هڪ آئون (هاشم شورو)، فهيم فدا شورو، نجيب اقبال شورو ۽ هارون شورو تي مشتمل آهي. جڏهن ته سرگرم ميمبرن ۾ سالم شورو، علي شورو، پرويز شورو، احمد شورو، شهزاد شورو ۽ ٻيا موجود آهن. گروپ جي تاريخ جيڪڏهن ورجائجي ته هن گروپ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن گروپ جي مٿان ڪئين لاها چاڙها آيا. ڪيترائي بهترين دوست ۽ ميمبر گروپ ڇڏي هليا ويا ۽ ڪجهه اڃا تائين باوجود ميمبر هجڻ جي به سرگرم نه آهن. جن دوستن ڪافي ڪوشش ڪئي ته هن گروپ جو فيسبڪ تان وجود ئي ختم ڪيو وڇي پر وقت ثابت ڪيو ته اڄ انهن جو فيسبڪ تي نالو نيشان نه آهي. اسان هر وقت هن گروپ جي پليٽ فارم تان پنهنجي قبيلي جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهياسين ۽ رهيا آهيون. گروپ ۾ جيڪو به مواد هينئراپلوڊ ٿئي ٿو اهو معياري ۽ بهترين آهي. اسان اوهان سميت سمورن ساٿين کي گروپ جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. اوهان اسان جي لاءِ وڏي وَٿ آهيو ۽ اميد ته رهندا. ياد رهي ته گروپ کي سرگرم بنائڻ جي لاءِ وقت بوقت مون وٽ ڪوٽڙي ۾، حيدرآباد ۾ ادا نجيب اقبال شوري وٽ ۽ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار ۾ اوهان وٽ ميٽنگون ٿيون جن ۾ گروپ کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي نه صرف غور ويچار ڪيو ويو پر گڏوگڏ عملي اقدامات به کنيا ويا.
    ف/ش: سائين هاشم صاحب اوهان تمام مفصل نموني گروپ جي باري ۾ ٻڌايو. اميد ته پڙهندڙ کي وڌ ۾ وڌ گروپ جي باري ۾ معلومات ملي هوندي. اسان جو ايندڙ سوال اوهان جي ازدواجي زندگيءَ جي باري ۾ آهي.
    هاشم شورو: ادا منهنجي شادي پنهنجي رشتيداري کان هٽي ڪري پنهور خاندان ۾ 1981ع ڌاري ٿي. جنهن مان هڪ پٽ سارنگ شورو 2008ع ڌاري ڪينسر جهڙي موذي مرض وگهي نوجواني جي عمر تقريبن 22 سالن ۾ گذاري ويو. جنهن جي وڃڻ جو صدمو هر وقت جيءُ جهوريندو رهندو آهي. ان کان علاوه ڇهن ٻارن (ٻن پُٽن هر هڪ رابيل ۽ هالار شورو ۽ چئن نياڻين) جو اولاد آهي. وڏو پٽ رابيل شورو هڪ نجي (پرائيويٽ) بيئنڪ ۾ ملازم آهي ۽ ننڍو پٽ هالار تازو انٽر پاس ڪئي آهي. في الحال شام اخبار ۾ نوڪري ڪندو آهي.
    ف/ش: سائين هاڻي اوهان کان انٽرويو جو تمام اهم ۽ انتهائي نازڪ سوال : “پنهنجي زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ يا ائين کڻي چئجي ته ڇا اوهان پنهنجي مطمئن زندگي گذاري؟”
    هاشم شورو: (اوهان پنهنجي زندگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ سوال جو جواب ڏيڻ کان پهرين ادا هاشم هڪ اردو شعر پڙهي ٿو تنهن بعد سوال جو جواب ڏئي ٿو.)
    جو لطفِ زندگي پايا هي مين ني فقر و فاقه مين،
    تصور اس ڪا هو سڪتا نهين هي ڪَج ڪُلاهون مين.
    (نوٽ: ڪَج ڪُلاه فارسي لفظ آهن جنهن جي معنى آهي پيشاني تي فخر ۽ وڏائي سان رکيل ڏنگي ٽوپي. ڪَج: ڏِنگي. ڪُلاه: ٽوپي (ڪُلاه واحد آهي) . ترجمه از: فهيم فدا شورو)
    ها فهيم! هاڻي اوهان جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندو هلان ته، نه ادا آئون پنهنجي زندگي مان بلڪل مطمئن نه آهيان. ڇوته پنهنجي زندگي ۾ مون جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي افسوس ته اهو غريب گهراڻي سان تعلق هئڻ جي ڪري نه ٿي سگهيو. ٻيو ته ادا مون چاهيو ٿي ته سموري زندگي سنڌي ادب جي نانءُ ڪري ڇڏيان.پر جيئن ته مون پهرين ذڪر ڪيو ته منهنجو تعلق انتهائي غريب گهراڻي سان هو انهي ڪري پنهنجي پيٽ گذر ۾ پنهنجي زندگي پوري ڪري پنهنجي من جي آس به پوري نه ڪري سگهيس ته سنڌي ادب کي پنهنجي سموري زندگي ارپي ڇڏيان. ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين ۽ مزدوريءَ کان وٺي آفيسريءَ تائين منهنجي زندگي مسلسل جدوجهد جو اڻ کٽ سلسلو رهي. مون تي ايترا ته بار پئجي ويا جو پنهنجي خواهش کي عملي جامو به نه پارائي سگهيس.
    ف/ش:دوستن ۽ شورا برادري جي لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
    هاشم شورو: سڀني دوستن سميت سموري سنڌ جي شورا برادري کي سندن اختلافات وساري، هڪ ٻئي جي لاءِ ڍال بنجي ڪجهه ڪرڻ لاءِ نماڻو عرض هڪ بار نه بار بار ڪندو رهندس. اهو ئي منهنجو پيغام آهي. خاص ڪري شورا هائوس جي وڏڙن کي به عرض ڪندو هلان ته اوهان معاشري ۽ سماج ۾ اثر رکندڙ شخصيتون آهيو. مهرباني ڪري حاجي محمد صديق شوري وانگر پنهنجي قبيلي جي ايڪتا، ٻڌي ۽ يڪجهه تي لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان وٽ پليٽ فارم آهي. اوهان وري آل سنڌ شورا تنظيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر فعال ڪريو. اسان جون سموريون نيڪ خواهشات اوهان سان گڏ آهن. جنهن وقت به اوهان جو سڏ ٿيو. لبيڪ چئي حاضر ٿينداسين.
    آئون پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ،
    سندي ڪُن ڪڙڇ، من هون سلامت سُپرين.
    (شاهه)
    ]هڪ تاريخي آنلائين انٽرويو جنهن ۾ ادا هاشم جي زندگي جا حسين لمحا قلمبند ڪيم[


    شخصيتون

    1. عبدالڪريم بلوچ

    عبدالڪريم بلوچ (مرحوم) کي مرحوم لکندي الائي ڇو منهنجو قلم اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته عبدالڪريم بلوچ صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي . اسين ڪوٽڙيءَ وارا خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ علم ادب ۽ عرفان جا خزانه آهن جن ۾ سائين عبدالڪريم بلوچ،عبدالطيف ساقي، عبدالله ڊي بلوچ، علي بابا، هارون رند، چاچا غلام رسول بلوچ، ملڪ سڪندر، اسير ملاح، شهيد سومرو محمد بخش سومرو قادربخش مٺو ۽ ٻيا انيڪ ماڻڪ موتي لعل ڪوٽڙيءَ ۾ پئدا ٿيا ، جن پنهنجي ڪوٽڙيءَ جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي عزت ۽ نالو ڪمايو .
    عبدالڪريم بلوچ جا وڏا بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙيءَ کان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجو ڳوٺ يوسف بلوچ اڏي اچي آباد ٿيا.۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب 1938 ۾ ڪراچي جي بغداديءَ ۾ پئدا ٿيو.
    عبدالڪريم بلوچ هڪ باڪردار ۽ انتهائي شريف النفس شخصيت جو مالڪ هو، پنج وقت نمازي هو ، سٺو ڊرامه نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو ، بلوچ صاحب سنڌي ساز چنگ ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو .بلوچ صاحب جي هڪڙي ڳالهه جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اها ته پاڻ ڪٿي به هجن پر عيد ڪوٽڙيءَ ۾ ضرور ڪندا هئا ۽ پنهنجي ننڍي هوندي جي دوستن سان عيد ملڻ پاڻ هنن جي گهر ويندا هئا، اها انهن جي وڏي خوبي هوندي هئي.
    عبدالڪريم بلوچ جو وڏو ڀاءُ عبداللطيف ساقي، جيڪو پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو معتبر نالو هو، هن جي ڪريڊٽ تي تمام گهڻيون پاڪستاني فلمون آهن، هن هڪ هاليوڊ جي تنهن وقت جي مشهور فلم ڀاواني جنڪشن ۾ به ڪم ڪيو هئو. عبدالڪريم بلوچ شيردل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان مئٽرڪ ڪئي۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو . جهونن کي ياد هوندو ته ريڊيوتي هڪ مشهور پروگرام هوندو هو جنهن کي پوري سنڌ وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌندي هئي ۽ اهو پروگرام آهي “فتح خان جي ڪچهري” ان ۾ ريڊيو جو ليجيند فنڪار صداڪار سائين صالح محمد شاه مرحوم فتح خان جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ سائين عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ڪندا هئا . ريڊيو تي ڊراما به ڪندا هئا . ٻارن جي مشهور پروگرام “ٻارن جي ٻاري “ پروگرام ۾ ما ما ملوڪ جو ڪردار ڪندا هئا . ان ۾ ٻارن کي آکاڻي ٻڌائيندا هئا ۽ جانورن جا آواز به ڪڍندا هئا.۽ پوءِ کين ريڊيو تي ئي پروڊيوسر جي نوڪري ملي ، جنهن ۾ پاڻ ڪافي نالو۽ عزت ڪمائي. 1966ع ۾ بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر اپائينٽ ٿيا. هي پي ٽي ويءَ جو اوائلي دور هو ۽ سنڌي پروگرام هفتي ۾ صرف اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ غير سنڌي پروڊيوسر ۽ فنڪار هوندا هئا جيڪي اچار صحيح ڪڍي نه سگهندا هئا ، بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي اچڻ سان پاڻ سان گڏ ريڊيو جا سنڌي فنڪار ڳولهي ڳولهي وٺي آيو ۽ انهن کان سنڌي پروگرام ڪرايائين . جيئن سليمان شاه، علڻ فقير، نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪافي فنڪار متعارف ڪرايائين ، اڄ جيترا به سنڌي فنڪار توهان ڏسو ٿا سي سڀ بلوچ صاحب جا متعارف ڪرايل آهن .
    اهڙيءَ طرح بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي سنڌي ماڻهن کي تمام گهڻيون ملازمتون ڏنيون جيڪي اڄ به بلوچ صاحب کي دعائون ڏين ٿا . هارون رند پي ٽي ويءَ تي سنڌي ڊرامي جو هڪ وڏو نالو آهي، جيڪو سندن ڀاڻيجو هو ، جنهن علي بابا جو بين القوامي شهريت حاصل ڪندڙ ڊرامو (دنگيءَ منجهه دريا) جنهن کي جرمنيءَ ۾ عالمي شهريت ملي ۽ پوري دنيا ۾ ٽيو نمبر وڏو ايوارڊ ماڻيو، ۽ هن جي ڪريڊٽ تي ڪافي بهترين ڊراما آهن پر هارون سان زندگي وفا ڪانه ڪئي . اهڙيءَ طرح ڪوٽڙيءَ جو هڪ ٻيو نالو نظير چنا کي به پاڻ اڳيان آندائون. سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا کي به سائين بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ لاءِ لکرايو ۽ اهڙا ته شاهڪار ڊراما لکيا آهن جو وسرن ئي نٿا . اسانجي ڪوٽڙيءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي سابق سيڪريٽري نوجوان شاعر ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نگار اختر رند کي به پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو ۽ سندن تربيت به ڪئي ، جنهن جو اعتراف اختر هر ڪچهريءَ ۾ ڪندو رهندو آهي .
    هڪ دفعي بلوچ صاحب شاه لطيف لائبروريءَ ۾ آيو ( جنهن جو مان انچارج هئس) ۽ لائبريري کولڻ تي اسانجي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ حوصله افزائي ڪئي . مون سائينءَ کي موقعي مان فائدو کڻندي چيو سائين مان پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ چاهيان ٿو . پاڻ پڇائون “ڪيترو پڙهيل آهين”
    چيم “سائين ايم اي سنڌي ادب ۾ آهيان “ چيائون ،” زبردست توهان وٽ اخبارون اينديون آهن، باقائيدگيءَ سان ڏسندا رهجو جيئين ئي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي ايڊ اچي اپلائي ڪري مونکي اطلاع ضرور ڪجو ۽ ٻين دوستن کي به ٻڌائجو جيڪي ماسٽرز آهن .” ڪجهه ڏينهن بعد اخبار ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون مون اپلائي ڪري ڇڏيو ۽ سائينءَ به نياپو موڪليو ته پي ٽي ويءَ ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون آهن اپلائي ڪري ڇڏيو. وري ڪجهه ڏينهن ۾ رٽن ٽيسٽ لاءِ وڃڻ ٿيو . هڪ ڏينهن پهرين مان سائينءَ سان سندن آفيس ۾ مليس ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڪجهه ٽپس ڏنائون، ٻئي ڏينهن ٽيسٽ تي پاڻ آيا ۽ مون وٽ اچي چيائين جيڪو نه اچي مونکان پڇي وٺ ۽ ڪجهه اهم شيون ٻڌائي هليا ويا. مان ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيس ، وري انٽرويو جي ڪال آئي ويس ۽ بلوچ صاحب سان مليس چيائين صحيح صحيح جواب ڏجان هيڊ ڪوارٽر مان مينيجنگ ڊائريڪٽر آيل آهي اهو انٽرويو ڪندو . انٽرويو ٿيو مان ڏاڍو پر اميد هئس ، مونکي فيل ڪري ڇڏيائون ۽ دادوءَ مان هڪ ٻيو سليڪٽ ٿي ويو ، پوءِ خبر پئي ته تنهن وقت جي منسٽر ظفرالله جماليءَ جي سفارش تي همراه ضلع دادوءَ جي سيٽ تي کڄي ويو . خير جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو ، ان تي مونکي ڏک ناهي ، پر مونکي ان ڳالهه جي خوشي ۽ فخر آهي ته بلوچ صاحب پوري سچائيءَ سان منهنجي مدد ڪئي.
    گھڻن ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته پي ٽي ويءَ جو جڳ مشهور پروگرام جيڪو اڄ به جاري آهي “ نيلام گهر” عبدالڪريم بلوچ جو آئڊيو هو . پاڻ هڪ دفعي ڪچهري ڪندي چيائين ته صدر ڪراچيءَ ۾ گهمندي مونکي ماڻهن جو هڪ ميڙ نظر آيو ، ويجهو وڃي ڏٺم ته هڪ ماڻهو ٽيپ، واچون ، ريڊيا، ڪئميرائون ۽ ٻيون شيون نيلام ڪري رهيو هيو، منهنجي ذهن ۾ آيو ته اسين به ڪو اهڙو پروگرام ڪريون جنهن ۾ ماڻهو سوالن جي جواب عيوض اهڙيون شيون گهر کڻي وڃن. مون اهو آئڊيو هيڊڪوارٽر ۾ ڊسڪس ڪيو ، هنن چيو آئڊيو ته بهترين آهي پر شيون پي ٽي وي ڪون ڏئي سگهندي، ان جو ذمو مون کنيو ۽ ڪراچيءَ جي واپارين سان ميٽنگ ڪئي هنن کي سمجهايو ته توهين هونئن به اشتهار ته ڏيو ٿا انهن جا پئسا به ڏيو ٿا هي به هڪ اسپانسر شپ آهي توهان کي هن ۾ وڏو فائدو آهي توهان جي وڏي سيل ٿيندي، واپارين کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ انهن ها ڪئي . هاڻي ٻيو مرحلو هو ڪمپيئر جو جيڪو اسان انٽرويو ڪرايا ڪافي ماڻهن انهن ۾ حصو ورتو پر مان ڪنهن مان مطئمن نه ٿيس، تن ڏينهن طارق عزيز ڪراچي آيل هو، پي ٽي ويءَ تي آيو هو. مونسان ملاقات ٿيس ته مون هن کي نيلام گهر جي ميزبان لاءِ چيو جنهن منهنجي آئڊيا ٻڌي ۽ تيار ٿي ويو ۽ اهڙي طرح نيلام گهر پي ٽي ويءَ کي ڪروڙن روپين جو فائدو ڏنو ۽ طارق عزيز بلوچ صاحب جي دريافت آهي .
    عبدالڪريم بلوچ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري ادبي شخصيتون هونديون هيون، هنن جي بيٺڪ گهڻو ڪري ايلفي اسٽريٽ هاڻي جي (زيب النسااسٽريٽ ) تي حميد ڪاشميري جي بڪ اسٽال تي يا ايلفي هوٽل تي جن ۾ پير حسام الدين راشدي، امر جليل، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، اقبال جتوئي، نظير چنا سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هئن ، ڪڏهن ڪڏهن عبيدالله عليم ۽ جون ايليا ۽ ٻيا اردوءَ جا اديب به ايندا هئا ۽ اتي ادبي ڪچهريءَ کان سواءِ ڊرامه جون ڪهاڻيون ۽ انهن ڊرامن جا مشهور ڪردار به ايندا هئا، بلوچ صاحب غريبن ۽ اميرن جو مشترڪه دوست هو. بلوچ صاحب جا جتي مرد حضرات دوست هوندا هئا ۽ اتي عورتون به دوست هونديون هيون جن ۾ سلطانه صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، ميڪ اپ آرٽسٽ ليليٰ رضا، حسينه معين، منينزه بصير شامل هيون ۽ پي ٽي ويءَ مان قاسم جلالي، حيدرامام رضوي، ڪنور آفتاب، بيدل مسرور وغيره ۽ ٻيا .
    عبدالڪريم بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي1966ع ۾ پروڊيوسر ٿيو۽ ترقي ڪري 1973 ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو۽ پوءَ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ترقي ورتائون ۽ پوءِ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ترقي ڪري ڊائريڪٽر پروگرامس جهڙي وڏي عهدي تان 1999ع تي ريٽائر ڪيائون۽ 2007 ۾ تنهن وقت جي صدر جنرل پرويزمشرف بيسٽ پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو .هيڏن وڏن عهدن تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءَ به هن وٽ ڪجهه به نه هو. پاڻ باڪردار انسان هئا صاف هٿن سان ويا ۽ صاف هٿن سان عزت سان ريٽائرڊ ٿيا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ جي عوام جي بي حد اصرار تي يو سي نانگولائين 2 تي ناظم چونڊيا ، پر جلدي ئي هنن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هنن پنهنجا هٿ ڪارا ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ اتان به استعفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ 07 آگسٽ 2008 ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.


    2. هند ۽ سنڌ جو ناليوارو ليکڪ لڇمڻ ڪومل

    اڄ صبح جو سائين اياز عالم ابڙي ميسيج تي اطلاع ڏنو ته ناليوارو ليکڪ لڇمڻ ڪومل لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مونکان ڇرڪ نڪري ويو ۽ يادن جا اڻ کٽل سلسلا شروع ٿي ويا.
    لڇمڻ ڪومل سان پهرين ملاقات جا ساروڻا چٽا ٿي ويا، 80ع جي ڏهائيءَ جي ڳالهه آهي ته آفيس ۾ ويٺو هئس ته فون جي گهنٽي وڳي، صاحب فون کنئين ۽ مونکي سڏي چيو
    “شورو صاحب توهانجو فون”.
    مون فون کنيو
    “اسلام عليڪم چيو”.
    “وعليڪم سلام ، هاشم ڪٿي آهين ؟”
    ٻئي پاسي تي ادي خيرالنساءُ جعفري هئي.
    “ ادي آئون آفيس ۾ آهيان، حڪم؟”
    “ شام جو گهر اچي سگهين ٿو؟”
    “ جي ادي بلڪل ، ڪيڏي مهل اچڻو آ؟ ”
    “ شام جو ڇهين بجي، مون وٽ هند جو وڏو ليکڪ لڇمڻ ڪومل آيل آهي. انڊيا کان، اچ ته توکي ملايان”
    “جي ادي مان بلڪل ٽائم تي پهچي ويندس.” رسيور رکڻ وارو هئس ته “ ٻڌ هاشم” “ جي ادي”.
    “هاشم هڪ سٺي رلي به کپي، مون تنهنجي گهر تنهنجي اميءَ جون ٺاهيل رليون ڏٺيون آهن انهن مان هڪ کپي؟”
    “ ٺيڪ آهي ادي کڻي ايندس .”
    شام جو گهر ويس امان کي چيم پنهنجي گهر ۾ ڪا ڀلي رلي هجي ته مونکي ڏي .
    “ ڇو ابا؟” امان پڇيو .
    “ امان سوکڙي ڏيڻي آهي .”
    “ پر ابا اهي رليون ته مون تنهنجي شاديءَ لاءِ وڏي سڪ ۽ اڪير مان ٺاهيون آهن.” امان حسرت سان چيو .
    “امان انڊيا مان هڪ وڏو ليکڪ آيو آهي، ادي خيرالنساءُ وٽ ترسيل آهي، ان کي سوکڙي ڏيڻي آهي، تون وري ٻي رلي ٺاهي وٺجان .” امان اٿي هڪ بهترين رلي ڪڍي ڏني.
    مان اها رلي کڻي ادي خيرالنساءُ جعفريءَ جي گهر پهتس ، اتي ڪافي ناليوارا اديب ويٺل هئا، جنهن ۾ نصير مرزا، طارق عالم ابڙو ، اياز عالم ابڙو طارق اشرف ۽ ٻيا اديب ويٺا هئا.
    ادي خيرالنساءُ جعفريءَ منهنجو تعارف لڇمڻ ڪومل سان ڪرائيندي چيو . “هي هاشم شورو آهي ، اڀرندڙ ليکڪ ۽ شاعر ، اڄ توهان لاءِ رليءَ جو تحفو کڻي آيو آهي ” لڇمڻ ڪومل مونکان رلي ورتي ۽ ويجهو ٿي مونکي وڏي گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پاتو ۽ ڳل تي چمي ڏني، جيڪا منهنجي زندگيءَ جي يادگار چمين مان آهي.
    موڪلائڻ مهل مون کيس آٽوگراف لاءِ عرض ڪيو پاڻ آٽو گراف ڏنو ۽ پنهنجي ٽائيمس آف انڊيا جي ايڊريس به لکي ڏني جيڪو اڄ به منهنجي ساه سان سانڍيل آهن، پر افسوس آئون سائين لڇمڻ جا خط سانڍي نه سگهيس، جنهنجو سڄي زندگي افسوس رهندو.
    ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ مونکي لڇمڻ ڪومل جو خط مليو، جنهن ۾ منهنجي رليءَ جي تمام گهڻي تعريف ٿيل هئي ، “ هاشم! آئون ۽ گوپي (سندن گهر واري) جڏهن ڇت تي تنهنجي سوکڙي رلي مٿان ڪندا آهيون ته مونکي سنڌ ۾ پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائيندي آهي.” ۽ پوءِ اسان جا خط و ڪتابت شروع ٿي ويئي. ڪڏهن هو مونکان ڪو ڪتاب گهرائيندو هو ۽ ڪڏهن مونکي موڪلي ڏيندو هو.
    81 ع ۾ جڏهن منهنجي شادي ٿي ته مونکي مبارڪن سان گڏ لکيو هئائين ته هاشم پنهنجي ڪنوار کي هني مون لاءِ هتي وٺي اچ آئون ۽ گوپي تنهنجا ميزبان هونداسين.
    ان وقت منهنجا ايترا وسيلا ڪونه هئا جو مان پنهنجي ڪنوار کي انڊيا وٺي وڃان. وقت جي لاهن چاڙهن ۾ خط وڪتابت به آهستي آهستي بند ٿي ويئي.
    اڄ سندس وڇوڙي جيءُ جهوري ڇڏيو .


    • گل محمد کتريءَ جي ياد ۾

    اسين سنڌي ڪيترا نه مرده پرست آهيون، جيئري ته ڪنهن فنڪار جو قدر نه ڪندا آهيون، باقي مرڻ کان پوءِ هاءِ گھوڙا واويلا ۽ منهن مٿا پٽي، تعزيتي گڏجاڻيون ڪوٺائي پاڻ تان بار لاهي ڇڏيندا آهيون .
    کتري اسانجي عظيم شاعر لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي تصويري روپ ڏئي شاه جي شعرن ۽ پاڻ کي امر بڻائي ويو . هن پنهنجو رت ست ڏئي تخليقي دنيا تي اڻمٽ چٽ چٽيا، ان جي عيوض اسان هن کي ڇا ڏنو ؟ غربت، ڊگھي بيماري، تنگدستي ۽ زماني جي بيقدري.
    کتري اعليٰ صلاحيتن هوندي به همت افزائي نه ٿيڻ ڪري سخت مايوس هو، پريشان هو. آخر هن ڪوڙي سماج سان گڏ ڪيترو هلي ٿي سگهيو، ٿڪجي پيو، هونئن به هيءَ دنيا دارالفنا آهي هر ڪنهن کي هلڻو آهي، هن کي به وڃڻو هو سو هليو ويو .
    مرحوم گل محمد کتري 1921ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ کان هن کي چترڪاريءَ جو شوق هوندو هو، سو تڏهوڪي برک چترڪار “چرن جيت سنگهه ويرديءَ” جو شاگرد ٿيو . 1942ع ۾ هن پنهنجو ڪمرشل اسٽوڊيو کوليو جتي هو بورڊ لکڻ، ڊزائينون ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ، جتان کيس چڱي اپت هوندي هئي، پر هن زنده دل شخص جي تخليقي ۽ تخيلي حس سڄاڳ ٿي ۽ هن فائن آرٽ ڏي رخ ڪيو.
    سندس چترڪاريءَ جو باقائدي آغاز تڏهن ٿيو جڏهن 1982ع ۾ هن شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي مصوريءَ ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو . لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو هي پهريون ترجمان هو .
    کتري پنهنجو مشاهداتي مشن 1959ع ۾ شروع ڪيو ، هن پاڪستان جي هر ڳوٺ هر واهڻ ۾ زندگيءَ جي سموري رخن کي نهايت ويجهڙائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏٺو . انکان پوءِ هن محنت مشقت ڪري 500 کن تصويرون بليڪ ۽ وائيٽ ۾ ٺاهيون ، سندس تصويرن جون ملڪ ۾ ڪيتريون ئي نمائشون ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي انعام ، ڪپ ، ٽرافيون ، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ کٽي چڪو آهي .
    کتري معاشري جي انهن ماڻهن مان هو جن جي زميواري معاشري ڪڏهن ڪانه کنئي . هن ڏکن سکن سان پاڻ سنواري هڪ فنڪار جو احساس پئدا ڪيو اها ٻي ڳالهه ته هن جي انهيءَ آرزوءَ کي ڪڏهن به پورو نه ڪيو ويو ته هو ٻي زبان جي فنڪارن جيان ڪجهه سهولتون ماڻي ها ، يا آرٽ گئلريون قائم ڪري ها، پر هو انهيءَ کان محروم رهيو، هن گهڻيون دانهون ڪيون پنهنجو حق گهريائين پر وريو ڪجهه به نه، کيس نهايت بيدرديءَ سان نظرانداز ڪيو ويو پنهنجن به کيس لفٽ نه ڏني ، گهرجائو کائنس ڪيتريون ئي تصويرون نمائش لاءِ وٺي ويندا هئا خبر ناهي ته ڪيترن تي هن جا پئسا رهيل هوندا .
    کتريءَ کي آخري وقت ۾ کيس زندگيءَ بجاءِ انهن 500 تصويرن جو فڪر هو جيڪي لياريءَ ۾ سندس جهوپڙيءَ ۾ پيل هيون، هن کي فڪر هو ته برسات ۾ خراب نه ٿي وڃن. کيس ڪنهن دوست صلاح ڏني ته اهي تصويرون ڪنهن آرٽ گئلري ، ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز يا آرٽ ڪائونسل کي وڪڻي ڇڏ، ان مان توکي چار ڏوڪڙ به ملي پوندا . انهيءَ تجويز تي بيماريءَ جي ماريل ۽ حالتن جي ستايل کتريءَ کلي چيو “اسانجي آرٽ وارن ادارن جي ته پوري خبر اٿّوّ ، ۽ مان پنهنجو پاڻ کي آرٽ وڪڻندڙن وٽ نه وڪڻندس.”
    مرحوم گل محمد کتري هڪ سٺو چترڪار هئڻ سان گڏ هڪ سٺو انسان به هو، هو خوش مزاج، مٺو ڳالهائو، نرم مزاج ۽ شريف انسان هو، دوستن جو سٺو دوست هو سڀني جو يار هو ، دل جو صاف نيت جو سچو هو .
    بي وسيءَ جو هي عالم هو ته ڪيترن ادارن کائنس تصويرون ورتيون هيون تن جا پئسا هن جي بيماريءَ جي وقت به نه ڏنا جڏهن کيس سخت ضرورت هئي. اهوئي صلو آهي جيڪي اسين پنهنجي فنڪارن کي ڏيندا آهيون .
    هن جا سمورا خواب پورا نه ٿيا ، پر هو اهڙو به اڀاڳو ڪونه هو جو زندگيءَ جي سمورن عذابن جي پيڙا مٿس نازل ڪئي وڃي ، هو ته سڌو سنئون فنڪار هو جنهن حياتيءَ جا ڪجهه پهر پنهنجي برش ۽ اسٽروڪ سان گھارڻ ٿي چاهيا، انهيءَ جي لائق به نه هو.
    هو ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ اکيون ٽمڪائيندي دم ٽوڙي ڇڏي . ڪاش اسين مرده پرستي ڇڏي پنهنجن کي جيئري سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
    بي وسيءَ جو موت ۽ کتري


    • اياز عالم ابڙو

    سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي پاران جڏهن مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس اياز عالم ابڙي سان شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو ته دوستن چيو ته تون به ايازعالم تي لک ، هاڻ سائين ڏيو منهن ، هاشم شورو ٿو اياز عالم ابڙي تي لکي .
    ڪنهن تي لکڻ به ڄڻ قرض چڪائڻ آ، شايد آئون اياز جو قرض چڪائي نه سگهان. قرض جيڪڏهن يڪمشت ادا نه ڪيو ويندو آهي ته قرض جو قسطون ٻڌبيون آهن ۽ اسان به جيڪڏهن اياز جو قرض يڪمشت ادا نه ڪيو ته قسطن ۾ ئي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين . همٿ ڪري ٻه اکر لکيا اٿم ، مڙئي ٿيو آڱر ڪپائي شهيدن ۾ نالو لکرائڻو .
    اياز سان پهرين ملاقات جا ساروڻا چٽا اٿم، اياز علي بابا سان ڊاڪٽرنواز قمر عباسيءَ جي ڪلينڪ تي آيو ( اياز دوا هرگز هرگز وٺڻ نه آيو هئو پر علي بابا سان سندس گهر ويندي ڪجهه دير لاءِ ترسي پيو ، اسين ادب دوست شام جو ڊاڪٽر نواز قمر عباسيءَ جي ڪلينڪ تي ويهندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن علي بابا به اچي نڪرندو هو ) مونکي زوار نقوي ڪجهه ڪتاب ڏنا ته وڪڻي ڏي، سو ڪجهه وڪيا ڪجهه مون وٽ پيا هئا جيڪو هڪ ڪتاب علي بابا کي پرزينٽ ڪيو ۽ هڪ اياز کي ، “سائين نالو ڇا لکان؟ مون اياز کان سوال ڪيو ، “اياز عالم ابڙو” “ڇا؟” اياز سمجهو ته مون نالو صحيح طرح نه ٻڌو آهي سو ڏاڍيان چيائين “اياز عالم ابڙو ”. مون اياز لاءِ پنهنجي ذهن ۾ جيڪا تصوير جوڙي هئي سا هرگز هن اياز جهڙي نه هئي . منهنجي ذهن ۾ اياز جي شبيهه مرحوم نسيم کرل جهڙي ڳري ليکڪ جهڙي هئي ، پر هيءُ ته سنهڙو سيپڪڙو ۽ جيتامڙو اياز اهڙيون دئوس ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ٿو لکي، عجب آهي .
    اياز جي شخصيت تي ڀيڻ ثميره زرين جو گهڻو اثرٿو ڀائنجي، آئون اها نصيحت هيٺ تحرير ٿو ڪريان جيڪا نئون نياپو جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1977ع جي پرچي ۾ هئي .
    اياز........!
    تون جيڪو پاڻ کي مٽيءَ جو ذرو ٿو سمجهين (يا دنيا توکي محسوس ڪرايو آهي ته تون فقط ذرو آهين)
    ڪير ڄاڻي ڪائنات جي ڌڻيءَ هيءَ دنيا تولاءِ جوڙي هجي . ها فقط تولاءِ ۽ تنهنجي وجود جو ذرو قوت ۾ ايٽم جهڙو هجي !
    ڳالهه ته رڳو پاڻ کي قبول ڪرڻ جي آهي .
    تون پنهنجي هستي پاڻ وٽ ته مڃ اول ...... پوءِ ڏس دنيا ڪيئين نٿي توکي قبول ڪري ، فخر سان ۽ سربلنديءَ سان.
    زندگي هڪ وار ملندي آ. انڪري ئي بيحد مهانگي به، انکي ملهه وارو بنائڻ تنهنجو پنهنجو ڪم آهي ۽ يقينن تون انکي بڻائيندي، اها منهنجي آس آهي ، ننڍڙا ڀاءُ اها منهنجي آس...............
    ثميره زرين
    02-02-1977ع
    ڪيڏي نه سچائيءَ سان لکيل اهي چند سٽون ، اڄ اياز پاڻ کي دنيا اڳيان مڃائي چڪو آهي انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته اياز جي اپيل تي هند ۽ سنڌ ۾ هن سال کي سنڌي ناٽڪ سال ڪري پيو ملهايو وڃي ، ڀيڻ ثميره جو روح ڪيترو نه خوش هوندو ، ڪاش هن وقت ڀيڻ ثميره اسان سان هتي موجود هجي ها .
    اياز مونکي ڇو گهٽ ڳالهه ائو اديب لڳندو آهي ، ( شايد ٻين کي نه لڳو هجي ) نه ته اديب ۽ گهٽ ڳالهه ائو کوڙو ئي نٿو لڳي، ڀلا هاڻي علي بابا کي ئي کڻي ڏسو آهي سنهڙو سيپڪڙو پر ڳالهه ائڻ ۾ ڪير پڄندس، سوال ئي پئدا نٿو ٿئي . هي مونکي پهريون اديب مليو جيڪو گهٽ ڳالهه ائو آهي .
    ايازڪهاڻي ، چترڪاري، شاعري ، فوٽو گرافي ۽ ناٽڪ نويسيءَ ۾ ورهايل آهي ، انهن پنجن فيلڊن ۾ اياز جو چڱو چوکو حصو آهي .
    اياز سنڌي ناٽڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي ، پاڻ سنڌي ناٽڪ تي ڇهه سئو 600 صفحن تي ٿيسيز لکي اٿس، جنهن جو تت هلال پاڪستان اخبار ۾ هليو هئو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اياز ٿيسيز تي وڏي محنت ڪئي آهي .
    اياز ٽي ويءَ (پي ٽي وي) تي تمام سٺا سٺا ناٽڪ تحرير ڪيا آهن جنهن ۾ ٻه ٽي وي ناٽڪ “ ڏات جي ڏيھه ۾” ۽ “اسڪائي ليب” ڏاڍا مشهور ٿيا . “ڏات جي ڏيهه ۾ ” جيڪو ٽي ويءَ تان ڪيئي دفعا ٽيليڪاسٽ ٿيو آهي. هن ناٽڪ ۾ اياز سڀني ناٽڪ نويسن کان اتر لهڻي، هن ناٽڪ ۾ هن سنڌ جي اديبن جي ابتر حالت ڏيکاري آهي . “ ڏات جي ڏيهه ۾ ” جتي ارشد جهڙا ابن الوقت ايڊيٽر ۽ پبلشر آهن اتي ساگر لطيف جهڙا هارڊ اسٽيل جهڙا اڏول به آهن، جيڪي ٽٽي ته سگهن ٿا، پر جهڪي نٿا سگهن، سڄي زندگي ۽ وطن واسين کي سونپڻ جي باوجود به ڪلاڪار کي اجوري ۾ پيٽ ڀري ماني به نٿي پلئه پوي . سندس ڪهاڻيون ۽ ناول سندس اولاد جي نگهداشت نٿيون ڪري سگهن، هڪ حساس ڪلاڪار اها ڪڙي حقيقت محسوس ڪري ڀڄي ڀري پوي ٿو .
    ناٽڪ “ ڏات جي ڏيهه ۾ ” هڪ هنڌ لطيف ساگر جو پٽ پيءَ کي چوي ٿو ته “آئون شاعر ٿيندس” تڏهن ساگر پٽ کي ڳراٽڙي پائي چوي ٿو “ تون شاعر نه ٿيندين پٽ ، مون کي ڏس.! ....... مان ڪهاڻيڪار آهيان نه، پنهنجي ملڪ جو ڄاتل سڃاتل ڪهاڻيڪار، مونکي عظيم ڪهاڻيڪار چوندا آهن، پر هڪ ڪهاڻيڪار بڻجي مونکي ڇا مليو آهي؟ مون کان پڇي ڏٺو اٿئي ........ ته شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيڻ لاءِ ڪيڏا نه اڻانگا پنڌ پيچرا ڪرڻا ٿا پون .”
    منهنجي به پهرين ڪهاڻي هڪ رسالي ۾ ڇپي هئي .... مان ڏاڍو خوش ٿيو هوس . پر هڪ ڪهاڻيڪار ٿي مان توهان لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، مان توکي ان اوڙاهه ۾ ڦٽي ڪرڻ نٿو چاهيان پٽ ....... ! جنهن ۾ مان خود سڙي کامي پڄري رهيو آهيان .
    هي ڏس اکر اکر ووڙي ..... لفظ جوڙي مون ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آهن، هنن مان ڪيتريون ڪهاڻيون اڏوهيءَ جي بک ٿي....... منهنجي اندر جيان سڙي کاڄي ويون آهن، مان ملڪ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي به ڦرڻي ڪرسيءَ وارن ايڊيٽرن ۽ پبلشرن وٽ ڊوڙون پائيندو رهيو آهيان مان توکي ادب پڙهڻ کان نه روڪيندس پر....... هن صديءَ ۾ جيڪڏهن تون دنيا جي ٻين اديبن جو اثر قبول ڪري شاعر يا اديب بڻجين ، سو مان ٿيڻ نه ڏيندس .”
    هڪ سنڌي اديب جي هن ڊرامي ۾ ڪيتري نه صحيح عڪاسي ڪئي ويئي آهي. اسانجي معاشري ۾ جيتري چور ڌاڙيل جي ويليو آهي سا هڪ اديب جي ايتري به ناهي. اياز معاشري جي هڙن ئي ڪردارن جي منهن تان ماسڪ لاهي انهن جا اصلي چهرا اسانکي ڏيکاريا آهن .
    هر فنڪار حساس هوندو آهي، پر اياز مڙني کان سرس آهي . اياز رڳو اديب ڪونهي هڪ سٺو شاعر ، فوٽو گرافر ، اسٽيج ۽ ريڊيو فنڪار ناٽڪ نويس ۽ هڪ سٺو چترڪار پڻ آهي . اياز آرٽ جي هر فن کان واقف آهي .
    سندس ڀائر به ڪنهن نه ڪنهن فن سان لاڳاپيل آهن، جيئين دارا ابڙو ، قيس ۽ منصور عالم ابڙو مڃيل چترڪار آهن، ساقي ابڙو سٺو اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي ءَ اداڪار آهي طارق عالم ابڙو سٺو ڪهاڻيڪار ناٽڪ نويس ۽ شاعر آهي ، طارق ڳائيندو به آهي، امداد، شيخ اياز ۽ ترقي پسند شاعرن کي طارق سٺو ڳائيندو آهي . مطلب ته ابڙو برادرن کي آرٽ جي ميدان ۾ خداداد صلاحيتون آهن . دعا آهي ته ابڙو برادران علم، ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ سج جيان چمڪندا رهن بقول اردوءَ جي ته دن دوگني ۽ رات چوگني ترقي ڪن.


    ڪهاڻيون

    1. مسيحا

    مومل جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هن کي ٿوري دير پهرين ماءُ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه پريشان ڪري ڇڏيو، جنهن صاف صاف چيو هئس “سرمد وارن کي چئي ڇڏ ته تنهنجي سڱ لاءِ نه اچن ، پڻهين کي ڏاڍي ڪاوڙ آهي سرمد تي .”
    “ پر امان!” مومل احتجاج ڪيو.
    “ پر ٻر ڪجهه به نه، اڄ جڏهن مون ڳالهه ڪئي ته پاڙي وارا سرمد جي سڱ لاءِ ٿا اچن، خبر اٿئي پڻهين ڇا چيو؟ سرمد جو نالو ٻڌي اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس ۽ چوڻ لڳو اهو ٽرڙو ڇورو، ٽڪي جو ڪلارڪ، سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي، هليو آهي منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ، خبردار جو هو منهنجي در تي مومل جي سڱ لاءِ آيا آهن، پنجون گريڊ ڇا مليو آهيس ڄڻ گورنري ملي هجيس، منهنجي ڌيءَ کائنس ڏهه گريڊ مٿي آهي، منهنجي ڌيءَ لاءِ سٺا سڱ کوڙ .”
    “آخر امان، سرمد سان بابا جي ڪهڙي دشمني آهي ؟ هن کي چئي ڇڏ ته مومل به سرمد کي پسند ٿي ڪري .”
    “چري ٿي آهين ڇا ؟ آئون پڻهين کي چوان ته مرڳوئي پاڻ ٻنهي کي ماري وجهي .”
    “مونکي مرڻ قبول آهي پر پنهنجي پسند جي شاديءَ جي ته مذهب به اجازت ٿو ڏي، پوءِ آخر اسان سان هيءُ انياءُ ڇو؟ “مومل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
    “بس ڪر منهنجي ڌيءَ ڀلا ٻڌاءِ آئون ڇا ٿي ڪري سگهان، منهنجي ڀلا هن گهر ۾ ڪهڙي ٿي هلي، منهنجي ڀلا ڪهڙي مرضيءَ سان شادي ٿي هئي، مونکان ڪنهن پسند پڇي هئي، مردن سدائين پنهنجي مرضي هلائي آهي .” ماءُ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڇيو .
    “پر امان تون هڪ ڳوٺاڻي ۽ علم کان وانجهيل عورت هئينءَ، آئون هن ڪمپيوٽر ايج جي جي پڙهيل لکيل ڇوڪري آهيان، هاءِ اسڪول ٽيچر آهيان، پنهنجو برو ڀلو پاڻ بهتر ڄاڻان ٿي .”
    “ اهوته ٺيڪ آهي ڌيءَ پر تون ڪو به اهڙو قدم نه کڻندينءَ جنهن سان تنهنجي پيءَ ۽ ڀاءُ جا ڪنڌ دنيا آڏو جهڪن، هو سدائين ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جا عادي آهن، ماڻهو چوندا ته هيءُ هئس ماءُ جي پرورش، ڌيءَ سڄو الزام مونتي ايندو.” ماءُ هٿ ٻڌندي چيو .
    “امان .....امان هي تون ڇا ٿي ڪرين، اهڙي غلط خيال جومان سوچي به نٿي سگهان، نه امان تون مونکي غلط نه سمجهه، تون بيفڪر ٿي وڃ، آئون تنهنجي ڌيءَ آهيان، توکي مون تي اعتماد هئڻ گهرجي.” مومل ماءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو .
    “مونکي توتي ڀروسو آهي ڌيءَ، چڱو تون آرام ڪر رات گهڻي ٿي ويئي آهي صبح جو اسڪول به وڃڻو آهي، الله مڙئي چڱي ڪندو”، ماءَ کيس پيشانيءَ تي چمي ڏيندي ڪمري مان نڪري وئي .
    ٿوري دير پهرين جي اها گفتگو کيس ڏنگي رهي هئي، اوچتو کيس ڪو خيال اچي ٿو، هوءَ ٿورو انهيءَ تي سوچي ٿي، سندس مک تي مرڪ پکڙجي وڃي ٿي ۽ سائڊ ليمپ وسائي سمهي رهي ٿي. ٻئي ڏينهن مومل سرمد سان ملي .
    “ چڱو ٿيو مومل تون اچي وئينءَ،” سرمد مسڪرائيندي چيو
    “ ڇو ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟”
    “ ها بلڪل خاص ، ٻڌنديئنءَ ته بي اختيار ٽهڪ ڏاڍا ٽهڪ ڏينديئنءَ .”
    “ کلڻ کان پهرين روئڻ جي تياري ڪر.”
    “ ڇو خير ته آهي .” سرمد مان ڏانهس نهاريو.
    “نه پهرين تون ٻڌاءِ ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو آئون وڏا ٽهڪ ڏئي کلندس، يار واقعي ڪافي عرصو ٿيو آهي وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ئي ناهن .”
    “نه مومل پهرين تون ٻڌائي ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، تون ڏڍو اداس ۽ پريشان آهين .”
    “سرمد پهرين تون ٻڌاءِ ته کلي وٺون ۽ وري آئون ٻڌائيندس ته ٻئي گڏجي روئينداسين.”
    ته پوءِ ٻڌ! آئون ورهين کان پوءِ ڪالهه جمعي نماز تي ويس، اهو سوچي ته راڻو ريجهائي وٺان، سو تنهنجي پيءَ جي بلڪل ڀرسان بيهي نماز پڙهڻ لڳس، تو واري پيءَ جو مونکي پنهنجي ڀر ۾ ڏٺو ته، منهن خراب ٿي ويس ۽ اڌ نماز مان نڪري هليو ويو ..” سرمد ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ مومل جي چپن تي به مرڪ اچي وئي .
    “ڀلا هاڻي تون ٻڌاءِ ، ڪهڙي ڳالهه آهي بيچيني لڳي پئي آهي ؟”
    “ روئڻ لاءِ تيار آهين ؟” مومل مرڪندي چيو
    “ پليز مومل ايترو نه ستاءِ .” سرمد بيچينيءَ سان چيو .
    “ سرمد بابا سختيءَ سان سڱ لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو آهي” ، مومل اداسيءَ مان چيو
    “ آخر مون تنهنجي پيءَ جو ڪهڙو گناه ڪيو آهي ، جو کڻي ايڏي دشمني وڏي اٿس.”
    “ تو وڏو گناه ڪيو آهي سرمد، جو ڪلارڪ ٿي پئين، جيڪڏهن هجين ها سي ايس پي آفيسر، انجينير يا ڪسٽم آفيسر ته ڪا ڳالهه نه هئي ، پنهنجي شادي به ٿي وڃي ها ۽ .........”
    “۽ ٻن ٽن ٻارن جا ماءُ پيءُ هجون ها ،” سرمد وچ ۾ جملو ڪٽيندي چيو .
    “ هل بيشرما .” مومل شرمائڻ لڳي .
    “مومل پوءِ يارڇا ڪريون .”
    “ڪنهن درگاه تي ملنگ ٿي وڃي دونهين دکائي ويهه الله الله ڪر” مومل کلندي چيو .
    “ مومل تون به ٿي منهنجي بيوسيءَ ۽ غربت تي چرچا ڪرين،” سرمد ڳنڀير ٿيندي چيو .
    “ منهنجي ذهن ۾ هڪ ترڪيب آهي ، آزمائي ٿا ڏسون، ڪم ٿي ويو ته ٺيڪ آهي نه ته جدائي پنهنجو مقدر آهي ئي .” مومل اٻاڻڪي ٿيندي چيو .
    “ ڪهڙي ترڪيب جلدي ٻڌائي .” سرمد اٻهرو ٿيندي چيو
    “چڱو ٻڌ .” مومل سرمد کي آهستي آهستي ڪجهه سمجهائڻ لڳي ، ٿوري دير پهرين سرمد جو ڪوماڻيل مک ٻهڪي اٿيو .
    “ترڪيب ته ڀلي آهي ، پر ڊاڪٽر انهيءَ تي راضي ٿيندو ؟ “
    “ڊاڪٽر کي راضي ڪرڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ تنهنجو ڪم آهي .”
    “ ٺيڪ آهي آئون ڊاڪٽر سان ملي توکي ايس ايم ايس ڪري ڇڏيندس .”
    “ اسلام عليڪم ڊاڪٽر صاحب ” سرمد ڪلينڪ ۾ داخل ٿيندي چيو .
    “ وعليڪم سلام ” ڊاڪٽر سرمد سان هٿ ملائيندي چيو
    “ ڪهڙا حال آهن سرمد ؟ طبيعت ته ٺيڪ آهي .”
    “ها ها ڊاڪٽر صاحب سڀ خير آهي. بس مڙئي ذاتي ڪم آهي وڏي اميد کڻي آيو آهيان .”
    “ ها حڪم ڪر” ۽ ڪمپائونڊر کي چانهن آڻڻ لاءِ چيو .
    “ڊاڪٽر صاحب توهانجي مدد جي سخت ضرورت آهي، توهانجي مدد جي ڪري ٻه حياتيون بچي سگهن ٿيون .”
    “هڪ ڊاڪٽر جو وڏو اعزاز هوندو آهي حياتيون بچائڻ، ۽ جيڪڏهن منهنجي مدد جي ڪري ٻه حياتيون بچن ٿيون ته اهو منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هوندو.” ڊاڪٽر مرڪندي چيو
    “ڊاڪٽر صاحب توهان کي ڊرامو ڪرڻو پوندو ۽ رول به نهايت اهم آهي” سرمد مسڪرائيندي چيو .
    “ ڊرامو ڪرڻو آهي ؟ مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ڪجهه کلي ڳالهه ڪر .”
    “ چڱو ڀلا ٻڌو.” سرمد ڊاڪٽر کي سڄي ڳالهه سمجههائڻ لڳو .
    “ سرمد، منهنجي هن پروفيشن جي ڪاميابي صرف ماڻهن جو مون تي اعتماد ۽ اعتقاد آهي ، مرڳو ائين نه ٿيئي جو نيڪي منهنجي گلي ۾ پئجي وڃي ، مون هيءَ ڪلينڪ وڏي محنت سان ڄمائي آهي .” ڊاڪٽر ڳنڀير ٿيندي چيو .
    “ ڊاڪٽر صاحب، هي ڪم ڪنهن به غلط ارادي يا نيت سان نه پيو ٿئي ، هن ۾ نيڪ نيتي شامل آهي ، هي ڪم بلڪل اسڪيم مطابق ٿيندو ، توهان تي ڪنهن جو شڪ ئي نه ٿيندو ، ڇو ته هنن جو گهر توهانجي گهر ڀرسان آهي ۽ يقينن هو ايمرجنسيءَ ۾ توهان کي ئي گهرائيندا.” سرمد ڊاڪٽر کي مطئمن ڪندي چيو .
    “ ٺيڪ آهي سرمد ، پوءِ سڀاڻي ئي هن اسڪيم تي عمل ٿا ڪيون ، واقعي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي توهانجي مدد ڪري. ڪم ٿيڻ کانپوءِ مٺائي ته کارائيندي ؟ ” ڊاڪٽر مرڪندي چيو .
    “ توهان مٺائي ٿا چئو ڊاڪٽر صاحب ، وڏي دعوت ڪبي ، شاديءَ جي دعوت .” ٻئي کلن ٿا .
    صبح جا ساڍا ست ٿيا هئا، مومل بظاهر اسڪول وڃڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ تياري ڪري رهي هئي، سندس پيءُ نوڪريءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ناشتو ڪري رهيو هو، ماءُ بورچيخاني ۾ هئي، سندس ڀاڄائي پنهنجي ٻارن کي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪري رهي هئي، ڀاڻس نوڪريءَ تي وڃي چڪو هو. مومل موقعو سٺو ڏسي وٺي رڙ ڪئي ۽ لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳي، مومل جي رڙ ٻڌي ماڻس ۽ پڻس گهٻرائجي سندس ڪمري ۾ ڊوڙندا آيا.
    “ڇا ٿيو مومل ، ڇاٿيو ” مومل جي ماءَ ۽ پيءَ ساڳي وقت هڪڙو ئي سوال ڪيو . مومل عجيب قسم جا آواز ڪڍي ۽ وار وکيري ڦيرائڻ لڳي ۽ مردانه آواز به ڪڍي رهي هئي جيڪي سمجهه ۾ نه پئي آيا.
    “هي منهجي ڌيءَ سان ڇا ٿيو ؟ الله سائين رحم ڪر، مومل جا پيءَ وڃ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏس ” مومل جي ماءُ روئيندي مڙس کي چيو .
    “ پر هن مهل صبح صبح ڪهڙو ڊاڪٽر ويٺو هوندو ، ڪنهن جي اسپتال کليل هوندي .” پڻس پريشان ٿيندي چيو
    “ڊاڪٽر فهيم کي گهران سڏي اچ سامهون ته رهي ٿو .”
    “ چڱو وڃان ٿو وڃان ٿو، تون مومل جو خيال پيئي ڪرينس .” ائين چئي مومل جو پيءُ ڪمري مان نڪري ويو، پريشاني هن جي مک مان صاف بکي پئي . مومل وٺي وڏي ڪيڪ ڪئي .
    “ مومل ، ڌيءَ، او راڻي ڇا ٿيو آهي توکي “ ماڻس پريشانيءَ ۾ وڃي کيس چنبڙي.
    “ ڪجهه به نه “ مومل اکيون کوليندي ۽ مسڪرائيندي چيو .
    “پر هي ڇا؟ هيءُ وري ڪهڙو ٽڪساٽ آهي” ماڻس حيرت ۾ چيو . هوءَ ڪجهه به نه سمجهي سگهي .
    “ ڪجهه ناهي امان ڀلي ڊاڪٽر اچي ، تون چپ ڪري ويهي رهه ، پاڻهي سڄي خبر پئجي ويندئي. او اها ڀاڄائي پئي اچي .” انهئين ڪري مومل وري اها ساڳي ائڪٽنگ ڪرڻ لڳي .
    “مومل، مومل ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو مومل کي چاچي؟ خير ته آهي ؟ .” سندس ڀاڄائيءَ ايندي سان بيچينيءَ مان پڇيو .
    “بس امان ! الاهجي ڇا ٿي ويو اٿس، چوي ٿي ته چڪر ٿا اچن ۽ مٿي ۾ سخت سور آهي گڦ به اچيس ٿي، الاهجي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪري، هاڻي آئون ڇا ڪيان؟ منهنجي جواڻ جماڻ ڌيءَ کي الاهجي ڪنهنجي نطر لڳي ويئي آهي .” ماڻس مومل تي نظر وجهندي چيو جيڪا اڃان تائين عجيب عجيب آواز ڪڍي رهي هئي، ٿوري دير ۾ پڻس ڊاڪٽر فهيم کي وٺي آيو، جنهن چڱي طرح اسٽيٿسڪوپ سان تپاسيو بلڊ پريشر جو اوزار لڳائي رت جو دٻاءُ معلوم ڪيو ۽ هڪ سئي ڀري ٻانهن ۾ لڳائي ۽ ڪجهه دوائين لکي پڻس کي ڏيندي چيو .
    “ سائين ٻه منٽ اڪيلي ۾ توهان سان ڳالهائڻو اٿم .”
    “ مومل جي ڪمري مان نڪري ڊاڪٽر ۽ پڻس وڏي ڪمري ۾ وڃي ويٺا .”
    “ سائين مون مريضه جي چڱي طرح تپاس ڪئي آهي .”
    “ ڊاڪٽر صاحب منهنجي نياڻي ٺيڪ ته ٿي ويندي نه ؟” مومل جي پيءَ بيچينيءَ مان پڇيو .
    “سائين توهان پڙهيل لکيل سلجهيل انسان آهيو، توهانجي نياڻيءَ کي هسٽريا جي بيماري آهي، انهيءَ مرض جا دورا ايڏا خطرناڪ ٿيندا آهن جو مريض کي پاڳل بنائي ڇڏيندا آهن، هاڻي مون في الحال وقتي آرام لاءِ انجيڪشن هڻي ڇڏي آهي، ۽ هي دوائون اسٽور تان وٺي با قائدي استعمال ڪرائيندا. پر اهو سڀ ڪجهه وقتي آهي ،” ڊاڪٽر وقتي تي زور ڏيندي چيو .
    “ڊاڪٽر صاحب توهانکي پڪ آهي هيءُ هسٽريا ئي آهي ؟” پڻس غير يقيني انداز ۾ پڇيو. سائين بلڪل هن مرض جو مونکي وسيع تجربو آهي ۽ هيءُ سبجيڪٽ منهنجو فيوريٽ رهيو آهي منهنجي هن مرض ۾ سٺي اسٽڊي آهي، ” ڊاڪٽر سنجيده ٿيندي چيو .
    “ ڊاڪٽر صاحب پوءِ هن مرض جو ڪوئي علاج ته هوندو ؟”
    “ ها آهي ضرور آهي ، صرف ۽ صرف شادي .”
    “ شادي ؟ ” مومل جي پيءَ حيرت مان پڇيو
    “ جي ها شادي ، انهيءَ مرض جو آخري ۽ ڪامياب علاج صرف ۽ صرف شادي . مون اڳي به عرض ڪيو ته اوهين لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل انسان آهيو ، تنهنڪري توهان کي اهڙي صلاح ڏيان ٿو ته مريض جي جيترو جلد شادي ڪرايو اوترو بهتر آهي نه ته پاڙو پتي آهي مٽ مائٽ آهن جيترا ماڻهو اوتريون ڳالهيون ، سائين توهان منهنجي ڳالهه سمجهو پيا نه.” ڊاڪٽر سنجيدي ٿيندي چيو.
    “ جي جي ها مان سمجهان ٿو ” پڻس هٻڪندي چيو .
    “جيڪڏهن اهڙا ٻه چار دورا ٻيا به پيا ته ٿي سگهي ٿو مريض سڄيءَ زندگيءَ لاءِ پاڳل به ٿي سگهي ٿو .” ڊاڪٽر پڻس کي ڊيڄاريندي چيو .
    “ڊاڪٽر صاحب، ڀلا شاديءَ کان سواءِ ٻيو ڪو علاج ناهي ڇا؟ ميڊيڪل سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي، ڪجهه ته علاج ڪڍيو هوندو .”
    “نه سائين توهان صحيح آهيو ته ميڊيڪل سائنس وڏي ترقي ڪئي آهي، پر هن جو علاج خود ماڻهوءَ وٽ آهي ۽ اهو علاج صرف شادي آهي ۽ ٻيا علاج وقتي آهن ۽ ها! شادي به اها فائدو ڪندي جنهن ۾ مريض جي پسند شامل هجي ۽ جيڪڏهن پسند جي شادي نه ٿي ته فائدي بدران نقصان ٿيندو، اهو ان مرض ۾ اهم آهي، ڇو ته مريضه کي خوش رکڻو آهي، توهان ان ڳالهه جو خاص خيال رکجو مريضه هر حال ۾ خوش رهي، چڱو مان هاڻي هلان ٿو، وري جي تڪليف ٿئي ته مونکي سڏائي وٺجو، گهٻرائڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي .” ائين چئي ڊاڪٽر هليو ويو پر پڻس کي سوين سوچون ۽ وسوسا ڏيئي ويو . ڊاڪٽر جي وڃڻ کان پوءِ مومل جي ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿي .
    “ مومل ڪيئن آهي” مومل جي پيءَ بيچينيءَ مان پڇيو
    “ هاڻي ڪجهه آرام اٿس ، ڊاڪٽر ڇا چيو ؟ ”
    “ مومل جي ماءُ مومل کي هسٽريا جي بيماري آهي. ڊاڪٽر چيو آهي ته جيترو جلدي ٿي سگهي مومل جي شادي ڪرايو ، نه ته مومل چري ٿي سگهي ٿي ۽ چيائين شادي مومل جي پسند جي هجي”
    “پوءِ سرمد وارن ڏانهن نياپو ڪيان ته اچي ڳالهه پڪي ڪري ڏينهن وٺي وڃن .” مومل جي ماءُ مسڪرائيندي چيو
    “پر ڪهڙي خبر مومل سرمد کي پسند ڪري به ٿي يا نه؟ ”
    “ مومل انهيءَ شاديءَ ۾ راضي آهي ۽ سرمد کي پسند به ڪري ٿي .” مومل جي ماءُ مرڪندي مومل جي پيءَ کي حيرت ۾ ڏسندو ڇڏي مومل جي ڪمري طرف وڌي وڃي ٿي .........”


    2. پيِلا گل پلاند ۾

    حيدر چوڪ پار ڪندي پويان سڏ ٿيو ، آواز زنانو ۽ ڄاتل سڃاتل پڻ، آئون بيهي رهيس ۽ مڙي پوئتي نهاريو هڪ عورت مونڏانهن اچي رهي هئي، آئون هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
    “ ڪون سڃاتئي ڇا؟ ويجهي ايندي چيائين.”
    “اوه نسيم تون ! ......” آئون حيرت ۾ پئجي ويس.
    “شڪر آ سڃاتئي ته سهي ، جيڪڏهن سڃاڻڻ کان انڪار ڪرين ها ته آئون ڇا ٿي ڪري سهگيس.”
    “اهڙي ته ڪا به ڳالهه ناهي ” چيم
    “ ٿورو وقت ڏيئي سگهندين؟” چيائين.
    “ها، هل پاسي واري چائينيز ۾ هلون.”
    اسين هلندا چائينيز جون ڏاڪڻيون چڙهندا اچي هڪ ميز تي ويٺاسين، آسي پاسي صرف ٻه جوڙا ويٺل هئا ،
    “ڇا هلندو ٿڌو يا گرم؟”
    “جيڪو گهرائين.”
    “نسيم توکي ياد هوندو توسان گڏ هوندي آئون ڪو به ڪم پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪندو هئس.”
    هوءَ مرڪي پيئي “چانهن ۽ سينڊوچ گهراءِ ”
    مون بيري کي چانهن ۽ سينڊوچ جو آرڊر ڏنو، ۽ هوءَ خاموش مونکي تڪي رهي هئي.
    چيم “زندگي ڪيئين پيئي گذري؟”
    “بس جيان پيئي.” نسيم ٿڌو ساه ڀريندي چيو .
    “ڇو مايوس پيئي لڳين؟ پهريان ته تون مايوسيءَ کي گناه سمجههندي هئينءَ.”
    “وقت انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو ڇڏي، ماڻهوءَ کي هميشه وقت جي ڦيٿي سان گڏ ڦرڻ گهرجي.”
    “پر انکي به تون منافقي سمجههندي هئينءَ”
    ها ! آئون غلط هئس ، مون زندگيءَ ۾ سدائين غلط سوچيو آهي .
    “احساس اٿئي؟”
    بيرو چانهن ۽ سينڊوچز کڻي آيو ، نسيم چانهن ٺاهڻ لڳي، آئون نسيم کي چانهن ٺاهيندي ڏسي رهيو هئس، مونکي 15 سال پهرين جي شوخ ۽ شرير نسيم ياد آئي ، جيڪا ڳالهه يون ۽ شرارتون ڪندي ڪانه ڍاپندي هئي ، پر هيءَ نسيم خاموش ڪنڌ جهڪائي چانهن ٺاهي رهي هئي ۽ ڪجهه سوچي به رهي هئي ڄڻ سندس دل تي ڪو بار هجي ، هيءَ نسيم هن نسيم خان گهڻو مختلف هئي .
    “ چانهن” نسيم مونکي چانهن جو ڪپ ڏيندي چيو . مون ڪپ ورتو ۽ نسيم جو جائزو وٺڻ لڳس، اکين تي چشمو ، ڪجهه بت به ڀرجي ويو هئس .
    “ مونڏانهن ڇا ڏسي رهيو آهين ؟” مسڪرائيندي پڇيائين ، مون سينڊوچز جي پليٽ نسيم ڏانهن وڌائي ۽ چانهن جو سپ ڀريو .
    “ نسيم! ڏسي رهيو آهيان ته وقت سان گڏ تون به ڪيترو نه بدلجي ويئي آهين.”
    “ها! لطيف آئون هاڻي پوڙهي ٿي ويئي آهيان ، ۽ تون ته صفا ناهين بدليو، ساڳيو ئي جوان هينڊسم.”
    “ گهڻا ٻار اٿئي؟” پڇو مانس
    “ ٻه، هڪ ڌيءَ آهي، پنجن سالن جي ۽ پٽ ٽن سالن جو” ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنائين،
    “ نالا ڪهڙا رکيا اٿئي ؟ ”
    “ ڌيءَ جو سحر آهي ۽ پٽ جو نالو جمشيد آهي ، پر پيار مان کيس جمي ڪوٺيندا آهيون.”
    “ اد اٿئي نسيم ، پاڻ ناداني ڪري پنهنجي ٿيندڙ ٻارن جا نالا اڳواٽ سوچي ڇڏيا هئا.”
    “ ها چڱيءَ طرح ياد اٿم پارس ۽ سرويچ.” نسيم ڪنڌ هيٺ ڪري ڀڻڪو ڪيو ، آئون خاموش ٿي ويس ۽ يادن جا کنڊر کوٽڻ لڳس ، پر مونکي انهن کنڊرن مان صرف پنهنجي ارمانن جا هڏاوان پڃرا ئي مليا.
    “ نسيم مڙس مان ته خوش آهين؟”مون اوچتو سوال ڪيو
    “ آئون گهڻي دير کان وٺي انهيءَ سوال جي منتظر هئس.”
    “ ڇو”
    “ ڇو ته ڪوبه شخص پنهنجي وڇڙيل محبوبه سان ملندو آهي ته هن جي محبوبه پنهنجي مڙس سان خوش نه هوندي ، ۽ آئون ئي هن کي خوش رکي سگهان ٿو.”نسيم ڦڪي کل کلندي چيو.
    “ ها! تون صحيح ٿي چوين نسيم، اها انساني فطرت آهي ، پر مونکي لڳي ٿو تون واقعي خوش ناهين “ مون چيو
    “ ڪيئين ٿو چوين؟”
    “ تنهنجو چهرو پيو ٻڌائي .”
    “ منهنجي جدائيءَ کان پوءِ ڏاڍي شڪتي اچي ويئي اٿئي ، چهرو ڏسي دل جا راز به پڙهيو وٺين ،” مون هن ڏانهن نهاريو ، هوءَ رئي جو پلئه آڱرين تي ويڙهي رهي هئي .
    “ لطيف ! هڪ ڳالهه پڇان؟”
    “پڇ”
    “ تو اڃان تائين شادي ڇو نه ڪئي آهي ، ڇا توکي ڪڏهن اڪيلائپ جو احساس نٿو ٿئي ؟” نسيم ڪنڌ هيٺ ڪري ڀڻڪو ڪيو .
    “ نسيم مون توسان شاديءَ جو وچن ڪيو ڪيو هو ته شادي ڪندس ته توسان ڪندس ، نه ته سڄي عمر تنهنجي ياد جي سهاري گذاري ڇڏيندس، آئون پنهنجو وچن نڀائي رهيو آهيان ، مون ته توسان لائون لهڻ جا سپنا ڏٺا هئا نسيم ۽ اهي سپنا ساڀيان نه ٿيا.باقي تنهائيءَ جو احساس، ته مون ڪڏهن به پاڻ کي تنها ناهي سمجهيو، مون سان گڏ تنهنجي ياد آهي، ڪتاب آهن جن مونکي ڪڏهن به تنهائيءَ جو احساس ناهي ڏياريو ، ڪتاب منهنجا بهترين ساٿي آهن جيڪي ڪڏهن به ڪنهن کان تنگ نه ٿين ، ڪڏهن به بي وفائي نه ڪن ۽ نه ڪڏهن ڪنهن تي الزام هڻن ۽ نه ئي انتقام وٺن .”
    “ آئون بي وفا نه آهيان ، مونتي بيوفائيءَ جو الزام نه هڻ، آئون سمجههان پئي ته تون مون تي طنز ڪري رهيو آهين ، پر تون وساري چڪو آهين ته بيوفا آئون نه پر تون آهين ، آئون ته سماج جي هر ديوار ڪيرائي تو وٽ آئي هئس......پر .....پر تون بزدل نڪتين، ڊڄي ويئن ، تو پاڻ تي شرافت جو ڪوڙو خول چاڙهي ڇڏيو هو، آئون جن کي ٺڪرائي تو وٽ هلي آئي هئس ، تن جي اڳيان تو مونکي ٺڪرائي ڇڏيو “ هوءَ زاروقطار روئڻ لڳي .
    “ تون جذباتي آهين چري! مون پيار کي رسوا ڪرڻ نٿي چاهيو ،”
    “ باقي مونکي رسوا ڪري ڇڏئي. ” ڀڙڪندي چيائين
    “ نسيم پاڻ هن سماج جا فرد آهيون ۽ رهڻو به هن سماج ۾ اٿئون ، مون نٿي چاهيو ته توتي ڀاڄوڪڙ جو الزام لڳي ، تنهنجي اولاد کان صرف تنهنجي ڪري نفرت ڪئي وڃي ، مون پيار جي جي عظمت کي ڇيهو رسائڻ نٿي چاهيو ، پيار حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي ، پر هن ۾ ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي ، امر جليل هڪ هنڌ لکيو آهي ته ؛- اذلي رشتن جو وڻ وڇوڙن ۽ وڌندو ۽ وڏو ٿيندو آهي ، قربت ڪاري ڪلر وانگر ازلي رشتن جي شجر کي ساڙي ڇڏيندي آهي، تنهنڪري لازمي آهي ته اهي شخص اهي انسان جيڪي ازلي احڪامن مطابق هڪ ٻئي لاءِ عالم وجود ۾ آيا آهن هڪٻئي کان جدا رهن جيئن محبت جو جو وڻ وڇوڙن ۾ وڌندو رهي”
    “ اهي سڀ ڪتابي ڳالهه يون آهن انهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي ، پريڪٽيڪل لائيف ۽ افسانوي لائيف ۾ فرق آهي ” نسيم چيو
    ادب ۾ انساني زندگيءَ جي اپٽار ئي ڪيل هوندي آهي ۽ حقيقتن کي نظر ۾ رکي افسانو لکيو ويندو آهي ”
    “ هونئن اديب ئي بزدليءَ کي شرافت جو ويس پهرائيندا آهن ۽ تون به اديب آهين لطيف .” نسيم طنز ڪندي چيو .
    “بحرحال سمجهه سمجهه جو ڦير آهي، تون سماج جي معاملن کي نٿي سمجههي سگهين .” مون اٻاڻڪي لهجي ۾ چيو
    “ شايد تون ٺيڪ ٿو چوين ، پر مرد به اهو سمجههي نٿا سگهن ته عورت پنهنجو پهريون پيار ڪڏهن به نٿي وساري سگهي ، هوِءَ زندگي ته ڪنهن سان به گهاري سگهي ٿي ، مگر پيار صرف هڪ کي ۽ صرف هڪ ڀيرو ڏيندي آهي .” نسيم ٽشوءَ سان اکيون اگهندي چيو.
    آئون خاموش هئس هوءَ به خاموش ٿي ويئي ماحول تي غم جي چادر وڇائجي وئي. آخر انهيءَ ڪيفيت کي ٽوڙيندي مون چيو.
    “ چاهت ۾ گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي ، مون ڀوڳيو ،تو ڀوڳيو، اهائي ته زندگي آهي .”
    “آئون گهڻو ڪجهه ڀوڳي چڪي آهيان هاڻي مون ۾ وڌيڪ ڀوڳڻ جي طاقت ناهي ، آئون وري به تنهنجي اڳيان التجا ٿي ڪيان ته تون منهنجو ساٿ ڏي پاڻ وري هڪ ٿي وڃون .”
    “ آئون تنهنجو مطلب نه سمجههيس نسيم؟” مون ڇرڪ ڀريو
    “ ها لطيف ! ارشاد هڪ نهايت ئي شڪي مزاج آهي ، هروقت مونکي تنهنجا طعنه مهڻا ڏيندو رهندو آهي اڪثر ڪري شراب پي مونکي ماريندو ڪٽيندو رهندو آهي ، هاڻي آئون هن سان زندگي نٿي گذاري سگهان “ نسيم چشمو لاهي اکيون اگهڻ لڳي. آئون پولارن پاتارن ۾ گم ٿي ويس .
    “ لطيف !”
    “هون ”
    “ ڇا پيو سوچين ؟” نسيم پڇيو .
    “ سوچيان ٿو نسيم تون اهائي 15 سال اڳ جهڙي چري آهين ، تو اهو جيڪو سوچيو ان جي خطرناڪ اثرن کان واقف آهين .” مون ٿڌو ساه کڻدي چيو .
    “ آئون هر خّطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان .”
    “ پر آئون تيار ناهيان ،”
    “ ڇو ؟ ”
    “ ڇو ته آئون توسان پيار ٿو ڪيان .”
    “ ڇا مونکي توسان پيار ناهي .؟”
    “ پرپيار جا به ڪي اصول ٿيندا آهن ۽ انهن اصولن پٽانڊڙ اها نهايت ڪريل ۽ ذليل حرڪت آهي ، تون ڪنهنجي زال آهين ، ڪنهنجي ماءُ آهين .... تون سوچ تو ڪيتري نه غلط ڳالهه ڪئي آهي .”
    نسيم مشڪي پئي “ اهائي بزدلي ، اهو ئي شرافت جو ڍنگ ....”
    “ نسيم تون مونکي ذليل ڪندي پئي وڃين، تون اهو سوچين ڇو نٿي ته تنهنجي ٻارن جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو، تنهنجا ٻار توکان نفرت ڪندا، تنهنجي سحر کي به جوان ٿيڻو آهي، جڏهن هن جي شاديءَ جو مسئلو ايندو ته اها ڳالهه تنهنجي اڳيان ايندي، پوءِ تون پڇتائيندينءَ، پنهنجن ٻارن جي نفرت جي سامهون ٿي سگهندينءَ، تون اهو برداشت ڪندينءَ ته تنهنجي ٻارن جو مستقبل صرف ۽ صرف تنهنجي ڪري خراب ٿئي .” هوءَ خاموش هئي ۽ مون ڏانهن تڪي رهي هئي . خاموشي جڏهن اڻوڻندڙ لڳڻ لڳي ته چيم.
    “ ڇا پئي سوچين .؟”
    “ تون ٺيڪ ٿو چوين لطيف، واقعي آئون اهو وساري وئي هئس ته آئون ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ اسان هن سماج ۾ رهون ٿا .” نسيم ٿڌو ساه ڀريندي چيو .
    “ ۽ نسيم هاڻي توکي مونسان هڪ واعدو به ڪرڻو پوندو ته پاڻ وري نه ملون ، تنهنجي خوشگوار آئيندي لاءِ اهو نهايت ضروري آهي .” من ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو .
    “ هي تون ڇا چئي رهيو آهين ؟ “ نسيم هٻڪندي جواب ڏنو
    ها نسيم ! منهنجي چري چاهت اهو فيصلو ڪيو آهي ته وري پاڻ اتفاق سان هڪٻئي سان ملون به کڻي ته هڪ اجنبيءَ جيان هڪ ٻئي جي ڀر مان لنگهي وڃون ۽ منهن تي شناسائيءَ جي هلڪي ڪا لهر به نه اچي، صرف تنهنجي آئيندي لاءِ ، تون هڪ اهڙي مڙس جي زال آهين جيڪو انتهائي شڪي مزاج آهي ، جيڪڏهن هن کي پنهنجن ملاقاتن جي خبر پئجي وڃي ته اجايو تنهنجو جيئڻ جنجال ڪري وجهي .” مون وضاحت ڪئي .
    “ ته ڇا پنهنجي مقدر ۾ ڪي گهڙيون گڏ گذارڻ به منظور ناهي؟” نسيم اٻاڻڪي لهجي ۾ چيو
    “ شايد خدا کي اهو ئي منظور آهي ” مون ٿڌو ساه ڀريندي چيو .
    “ ٺيڪ آهي آئون تنهنجون سڀ ڳالهه يون مڃيندس پر توکي به منهنجي هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي .” نسيم مسڪرائيندي چيو
    “ ڪهڙي ڳالهه ؟”
    “ تون شادي ڪري ڇڏ .” نسيم ڪنڌ هيٺ ڪندي ڀڻڪو ڪيو .
    “ اهو تون پئي چوين؟ ”
    ها اها منهنجي خواهش آهي ” نسيم هُجَ ۾ چيو
    “ سوچيندس،”
    “ نه ها يا نه ۾ جواب ڏي .”
    “هاڻي پوڙهپڻ ۾ شادي ڪرڻ ڪو ٺهي ٿو ڇا؟”
    “ ڪجهه به آهي توکي مونسان واعدو ڪرڻو پوندو.”
    “ ٺيڪ آهي تنهنجو حڪم اکين تي .” مون مسڪرائيندي چيو ۽ بيري کي سڏ ڪري بل آڻڻ لاءِ چيو .
    “ منهنجي هڪڙي ٻي به خواهش آهي .” نسيم مسڪرائيندي چيو .
    “ تنهنجي هر جائز خواهش منهنجي لاءِ احترام جوڳي آهي ،”
    “ اڄ بل جي رقم آئون ڏيندس ،” .نيڪيءَ جي ڪم ۾ دير ڇاجي ؟” مون کلندي چيو.
    نسيم بل ۽ ٽپ بيري کي ڏنو بيرو هليو ويو .
    نسيم منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندين” اڄ جي هيءَ ملاقات منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهي ۽ اهو عهد ڪري ٿا اٿون ته جيڪي هڪٻئي سان وچن ۽ واعدا ڪيا اٿئون نباهينداسين .”
    “انشاالله” مون چيو ۽ اٿي نسيم سان گڏ هلڻ لڳس ، هوٽل جي ڏاڪڻ لهي هيٺ آياسين .
    “ چڱو لطيف الله جي امان” نسيم چشمو لاهي ڳوڙهن ڀريل اکين کي ٽشوءَ سان اگهندي چيو .
    “الله حافظ ” ۽ نسيم وڃڻ لڳي ۽ مون پاڻ کي ڀڃندو ڀرندو محسوس ڪيو ......


    3. وحشي جذبن جو موت

    اڄ سهي سنڀري نڪتو آهيان گهران فوٽو کڻڻ، بي اي جي سپليمينٽري فارم ڀرائڻ لاءِ ڪالهه فوٽو ڪڍايا هئا. کيسي ۾ پنجن سون جو نوٽ ۽ چاليهه روپيا کلا اٿم، گول بلڊنگ تي لهي سوزوڪيءَ واري کي ڀاڙو ڏنو ۽ لجپت روڊ تان بمبئي فوٽو شاپ تان فوٽو کنيا ۽ هيٺ لهي آيس .
    “ هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ گهر ٿو وڃان، نه يار گرمي ڏاڍي آهي واپس گهر وڃي ڇا ڪندس؟، ڪنهن ايئرڪنڊيشند سيئنيما ۾ فلم ٿو ڏسان ! پر اڪيلو آهيان ۽ اڪيلو فلم ڏسڻ ۾ مزو ئي نه ايندو اٿم ، پوءِ ڇا ڪريان؟ ( سوچيان ٿو) حيدرآباد جي ئي ڪنهن دوست کي صلاح ٿو هڻان ...... نه يار هڙ ۾ مرڳو آهن پنج سئو ٻن ماڻهن جي ٽڪيٽ به سئو ڏيڍ چانهن پاڻيءَ جو خرچ الڳ، وري دوست به اهڙا نڀاڳا جو ننڍي ڪلاس ۾ فلم ڏسڻ پسند ئي ڪون ڪندا، گهر ۾ ڀلي ويلا هجن، پر فلم ضرور گئيلريءَ ۾ ڏسندا. آخر اسٽينڊرڊ به رکڻو اٿن. اسٽينڊرڊ، اسٽينڊرڊ، بڪواس آهي ٻيو ڪجهه به ناهي، رڳو پيٽ ڀرئي جو ڳالهيون آهن.”
    “ڇا ڪريان؟ (سوچيان ٿو) فلم ڏسان؟ .... نه نه نٿو ڏسان اجايو اڪيلو بور ٿيندس (ويچاريان ٿو) پوءِ ڀلا ڪيڏانهن وڃان ؟ ڪا تفريح ڪجي، موڊ پيو ٿئي، پر ڪهڙي تفريح ڪجي؟ هن ملڪ ۾ ته تفريح جي ڪابه جاءِ ڪانهي سواءِ چڪلي جي. ڀينگيو ملڪ ڀيڻسان وڏن وڏن اميرن لاءِ ته هزار تفريحون، پر اسان لوئر مڊل ڪلاس وارن لاءِ صرف چڪلو ۽ ان تي به پابندي، اسين صرف وائٽ ڪالر جو ڀرم رکڻ ۾ پورا آهيون” .(بيزاريءَ جو احساس)
    “ چڱو ڀلا چڪلي ٿو وڃان، ڪجهه ديدار ئي ٿي وڃي، نه نه اتي ڪندس ڪجهه به نه ..”
    “ وڃان ......( ٻڏ تر ۾) .... ها ... ها پوءِ ڇاهي ...... جيڪڏهن خيال ٿي پوي ته؟...... (ويچاريان ٿو) پوءِ ڇاهي هليو وڃبو ...( بت ۾ هلڪي ڏڪڻيءَ جو احساس) نه نه نٿو وڃان.(ڊپ جي لهر وجود ۾ ڊوڙي ٿي وڃي) چڱو ڀلا ريشم گليءَ ٿو وڃان ...” (ويچاريان ٿو)
    “ ڇڏ کڻي ريشم گليءَ ۾ ڪهڙو مزو؟ ، مزو ته آهي اتي.؟
    “ ڪنهن ڏسي ورتو ته؟ .....( ڊپ ٿو ٿئي ڪنهنجي ڏسي وٺڻ جو ) اي نه نه هاڻي وري اڍائي وڳي ڏينهن تتي جو ڪير هوندو اتي؟ ٿي سگهي ٿو ڪو اوڙي پاڙي وارو خفتي جوان يا دوست واقفڪار ملي وڃي .( وري سوچيان ٿو) اهي وري ڪهڙا چڱا مڙس هوندا جيڪي مونکي اتي ڏسندا. ٺيڪ آهي چڱا مڙس ته برابر ڪون هوندا پر جيڪي هنن جي دل م منهنجي عزت ۽ احترام آهي سو ته .........تي چڙهي ويندو..... بس ٺيڪ آهي ريشم گلي ٿو وڃان، ٻيو نه ته ديدار بازي ئي ڪري وٺندس. ( سوچيان ٿو)
    “ چڱو ڀلا ريشم گليءَ مان ڦري شاهي بازار مان ٿيندو سري گهاٽ ويندس.”
    آئون ريشم گليءَ جي چاڙهي چڙهي ريشم گليءَ ۾ پهتو آهيان ، هاءِ هاءِ.... سبحان الله ريشم ئي ريشم پکڙيو پيو آهي جيتوڻيڪ مهيني جون آخري تاريخون آهن پر خريداري اهائي چوٽ چڙهيل آهي، هر طرف نوجوان، سامايل، اڌسامايل، اڌڙوٽ، پوڙهيون، ڪاريون، ڀوريون، ڪڻڪ رنگيون ۽ مشڪي رنگ هاءِ هاءِ هر رنگ هر ورائيٽي هتي موجود آهي، مال مڻين لڳو پيو آهي. هڪ انگريز جوڙو اچي ڀرسان لنگهي ٿو، مرد کي جين جي پئنٽ ۽ پلي بوائي شرٽ پهريل هئس، ۽ سندس مئڊم کي اڌ اگهاڙو اسڪرٽ ۽ انهيءَ اسڪرٽ مان هنجون اڌ اگهاڙيون اڇيون ڀريل رانون (هڪ ٿڌو ساه ڀري ويچاريان ٿو) هيءَ انگريزياڻي نه هڪ رات لاءِ ملي وڃي ته ڏاڍو مزو اچي وڃي..(بدن مان سيسراٽ نڪري ويس) هي وري ڀڙوو.....جهڙي رن .. هي زنانو وري هن جي بک ڪيئين مٽائيندوهوندو .... منهنجي ٻانهن ۾ اچي ته پيڙهي ڇڏيانس وري ڀلجي به هن ڀولڙي جو خيال نه اچيس. ( ٿڌو ساه کڻي من ئي من ۾ مرڪان ٿو) پر يار اسانجي اهڙي قسمت ڪٿي ،( رقابت جو احساس محسوس ڪريان ٿو) هتي جون عورتون ۽ مرد ڪيئين نه اکيون ڦاڙي ولائتي جوڙي کي پيا ڏسن، عورتون انگريزياڻيءَ کي ڏسي ۽ مرد وري هن باندر جهڙي انگريز کي ڏسي رشڪ پيا ڪن، مرد ڪيئين نه بکايل بگهڙ جيان عورت جي لسين لسين رانن طرف ڏسي رهيا آهن، پر آئون ڇو پيو انهن کي ڏوه ڏيان، منهنجا خود ٽپڙ ٽيشن تي آهن.”
    آئون ولائتي جوڙي جي پٺيان هلندو رهان ٿو، هو هڪ هينڊي ڪرافٽ جي دڪان تي چڙهي وڃن ٿا ۽ اتي سنڌي ڀرت سان چولا ۽ ٻيو شيون ڏسن ٿا ۽ خريد ڪن ٿا.آئون ٿوري دير بيهي رهان ٿو، جوڙي کي ڏسندي ڏسندي چڪلي ۾ وڃڻ واري خواهش جاڳي پوي ٿي. هو دير ڪن ٿا، آئون اڳتي نڪري وڃان ٿو .
    “ ڀلا پئسا گھڻا وٺندي”( من ئي من ۾ سوچيان ٿو) ( سوچ جواب ڏي ٿي ) شايد ٻه سئو روپيه الاهجي. چون ٿا کير جا پئسا به وٺن ٿيون.........الائي ڇا جا کير جا پئسا؟ ڪمال آهي! طاقت به اسانجي خرچ ٿئي ۽ کير جا پئسا به پاڻ وٺن پر مون وٽ ته آهن چار سئو روپيه، ٽي سئو هن کي ڏيندس ۽ بس ( ويچاريان ٿو ) جيڪڏهن کير جا پئسا گهري ته؟ چوندس ڪونهن .... نه يار متان بيعزتي نه ڪري وجهي، ڀينسان رنڊيون ته آهن ئي مرڳوئي ٿوري ڳالهه جي ڪري بيعزتي نه ڪري وجهن، ها ها نٿو وڃان ڪجهه ڏينهن ترسان ٿو، بس هاڻي شادي به جلد ٿيڻ واري آهي ، پوءِ پيا لئي ڪنداسين، نه ڪنهن جو ڊپ نه ڇا، وري يڪدم ڪو خيال اچيس ٿو .
    “ اڙي يار رخسانه جو گهر به کائي روڊ تي ئي آهي، ( رخسانه جو خيال ايندي ئي رخسانه ذهن تي سوار ٿي وڃي ٿي ، رخسانه جنهن سان منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي، رخسانه جيڪا مونسان بي انتها پيار ڪندي آهي، مونکي پنهنجي من مندر جو ديوتا چوندي آهي، جنهن صرف مون لاءِ ڪيئي امير رشتا ٺڪرائي ڇڏيا، جيڪڏهن هوءَ اهي رشتا نه ٺڪرائي ها ته اڄ ٻن ٽن ٻارن جي ماءُ هجي ها ۽ ٺٺ سان ڪنهن سهڻي بنگلي ۾ رهي ها. پر هوءَ ويچاري ته انتظار ڪري رهي آهي مونسان لائون لهڻ جو ۽ مونکي صبر ئي ڪونهي ...... ڇاهي يار الائي ڇاڇا پيو سوچيان، ٺيڪ آهي شادي به پئي ٿيندي، ٿوري گهڻي لئي ته ڪري وٺون پوءِ الائي نصيب ٿئي يا نه. نه يار ڪير ڏسي نه وٺي ... رخسانه جو ڀاءُ ، هن جو پيءُ يا ڪو هن جي ڪنهن عزيز ، مرڳو ئي ڦڏو نه ٿي پوي، مس مس ته شاديءَ لاءِ راضي ٿيا آهن ، ٺهيل جڙيل ڪم خراب نه ٿي پوي، ڪهڙو فائدو ؟ هلندو ۽ سوچيندو پيو وڃان ، سگريٽ جي ٻاڙ محسوس ٿئي ٿي . گولڊ ليف جو سگريٽ ورتو ۽ ڪئبن واري کان چالو ماچيس وٺي دکايو اٿم ، گهرو ڪش هنيو اٿم .
    “....... پاڻ کي ذهن ۽ ضمير جي ٻه واٽي تي بيٺل محسوس ڪيو اٿم ، وڃان ....نه ڀلا نٿو وڃان .....ڀلا کڻي وڃان ٿو هتي پهچي وري ڀڄڻ ڀاڙيائي آهي ( وحشي پڻي جو احساس ٿيو اٿم) چڱو ڀلا وڃان ٿو (ذهن يڪدم فيصلو ڪري ورتو ۽ ضمير جي فيصلي کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ) آئون چڪلي طرف وڌي رهيو آهيان ضمير جي هر خيال کي سختيءَ سان چيڀاٽيندو ، هڪ خانگي اسپتال جي پاسي کان لنگهندي مونکي ڪنهن زناني آواز ۾ “ادا” ڪري سڏيو، مڙي پوئتي ڏٺم هڪ خوبصورت ڳوٺاڻي عورت عمر اٽڪل پنجويهه ڇويهه سال، هنج ۾ ڇهن، ستن مهينن جو خوبصورت ٻار جيڪو ماءُ جي هنج ۾ سڏڪي رهيو هو ۽ ڪنهن سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿي ڏٺو ۽ ماءُ جي اکين ۾ التجا آهي، عورت مونکي مخاطب ٿيندي هڪ پرچي مون ڏانهن وڌائي “ادا ڇاپ تان دوا وٺي ڏي ” مون نسخو ورتو ۽ پاسي واري ميڊيڪل اسٽور تان دوائون ورتيون ۽ ميڊيڪل اسٽور جي سيلزمين کان پئسا پڇيا “ڀائي چار سئو تيس روپيه”، مون مائيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو “ ادي چار سئو ٽيهه روپيه دوا جا ٿيا سي ڏي” مائيءَ مون ڏانهن نماڻن نيڻن سان ڏسندي ۽ روئيندي چيو “ ادا، جيڪي به پئسا هئا اهي ته هن مئي ڏاڪتر وٺي ڇڏيا، هاڻي ته مون وٽ ٽڪو به ڪونهي، ڏاڪتر منهنجي ٻچي کي تپاسي هيءَ پرچي ڏني اٿس ۽ چيائين ته ڇاپ تان وڃي دوا وٺ مئي سڄا سارا چار سئو روپيه وٺي ڇڏيا، شل ڪا ٽنگ ڀڃيس ۽ اهي پئسا به آئون پنهنجي ڏيرياڻي مٺان کان اڌارا وٺي آئي هئس، ادا هي چانديءَ جا ڪڙا اٿئي اهي وڪڻي پنهنجا دوا جا پئسا لاهجان ” مائي ٻانهن جا ڪڙا لاهڻ لڳي ۽ زاروقطار روئڻ لڳي. مائيءَ کي چيم “ ادي ڪا ڳالهه ناهي، تون ڪڙا ٻانهن ۾ پائي ڇڏ، اهي تنهنجي ٻانهن ۾ ئي سونهن ٿا “سيلز مين اسانکي گهوري رهيو هو ۽ نيٺ چئي ڏنائين “ڀائي پئسي ديدو اور گهر جاکر رونا.” مونکي سيلزمين تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ مون هن کي پئسا ڏنا ۽ تڪڙو ميڊيڪل اسٽور تان ٻاهر نڪري گهر هليو آيس ۽ انسانيت تي سوچي سوچي پنهنجو دماغ خراب ڪرڻ لڳس.
    ٻئي ڏينهن اخبار ڏٺم اخبار جي پهرين سرخي سياسي هئي ۽ ٻي سرخي هن ريت هئي .
    ڪالهه بازار حسن تي پوليس جو ڇاپو، ويهه کان مٿي ويئشائون ۽ تماشبين گرفتار.....


    4. ڀرم ڀورا ڀورا

    خيرن سان ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ٿيو، هر ماڻهو خوش هو ته ٻيلي هاڻي اسلامي نظام لاڳو ٿيو آهي ، هن نظام ۾ ڪنهن سان به ظلم نه ٿيندو، ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿيندي ، هر ماڻهو اسلام جي سنهري اصولن مطابق پنهنجي زندگي سک ۽ سانت سان گذاريندو .
    جنهن ڏينهن اسلامي نظام لاڳو ٿيو ، تنهن ڏينهن کان شراب جا دڪان ، نائيٽ ڪلب، جوا جا اڏا سيل ڪيا ويا، چڪلن تي پوليس ڪاهي پئي، موتي ٻائيءَ جي ڪوٺي کي به سيل ڪيو ويو جيتوڻيڪ اتي مجري جي محفل ٿيندي هئي ، ۽ انجو لائيسنس پڻ موتي ٻائيءَ وٽ هو، پوليس اتي ويٺل تماشبينن کي ٻڌڻ لڳي ، موتي ٻائي وڌي وڃي ڊي ايس پي کي چيو “اهو اسان تي سراسر ظلم آهي ، انڌير آهي ، اهو ڪٿي جو انصاف آهي ، منٿليون به اسان کان وٺو ۽ ٻڌو به اسان کي ؟ مون وٽ ته باقائدي لائيسنس آهي.” “ بابا ! هينئر نوڪري خطري ۾ آهي ، ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ٿي چڪو آهي ، تنهنڪري موتي ٻائي تنهنجي هن لائيسنس کي ڪير به نه پڇندو “ ڊي ايس پيءَکتو جواب ڏنو .
    موتي ٻائيءَ جا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا، هي وري ڇا ؟ ڪلثوم جو ڇا ٿيندو ؟ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پئي آيو . هن جي ڪوٺي کي سيل ڪيو ويو ۽ هن کي اهو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ويو ته جيڪڏهن وري هن انهي گندي ڪاروبار کي جاري رکيو ته سنگسار ٿي ويندي . هيءَ پنهنجي سدا ملوڪ ڌيءَ کي وٺي اچي شهر جي پوش علائقي ۾ اڳي ئي ٺهرايل بنگلي ۾ رهڻ لڳي . هن کي رهي رهي ڪلثوم جو خيال ستائيندو هو . ٽي ڏينهن پهرين ته سيٺ ڪريم کيس پنج لک ڪلثوم جي نٿ لهرائڻ جا ٿي ڏنا ، پر هن انڪار ڪيو هو۽ هن ڏھ لک گھريا هئا جيڪي سيٺ نه ڏنا هئا، هن سوچيو هو ته سيٺ هونئن ئي ڪلثوم تي گگ ڳاڙي ويٺو آهي ، پاڻهي جيئن دير ٿيندس بک ڀڙڪي اٿندس پوءِپاڻهي پڪل ميوي جيان اچي ڦهڪو ڪندو . ڪلثوم هئي به ته اهڙي ، سندر مک تي ٻه ڪٽاريون اکيون، موسميءَ جي ڦاڪ جيان سندس رس ڀريل چپ ، ڄڻ امرت ڌارا اوتڻ لاءِ آتا هجن ، ڊگھي ڳچي ، جنهن ۾ سدائين اڇن موتين جو هار پيل ۽ ڊيل جيان ٽلندڙچال ۽ وري کلڻ ، مندر۾ وڄندڙگھنٽين سمان ، پهرين نظر ۾ هر ڪنهن کي ديوانو بڻائي ڇڏيندي هئي ، سڄيءَ بازار ۾ جهڙس ڪا ن هئي ، ماڻس بي اي تائين پڙهايو هئس ، ڇوريءَ کي شوق ته فلمن ۾ هيروئن ٿيان ، پر ماڻس ڪڏهن به سندس همت افزائي ڪانه ڪئي هئي . ماڻس وٽ ڪي پارٽيون به آيون هيون ، پر هن هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ،هن کي اهو ڊپ هوته متان فلم لائن ۾ وڃڻ ڪري ڪلثوم کيس اڪيلو ڇڏي نه وڃي ، موتي ٻائيءَکي افسوس ٿيو ته ناحق سيٺ ڪريم کي انڪار ڪيم ، اهي ڪجهه پئسا به نڪري پون ها ،پر هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهي . جي ٿي لڪ ڇپ ۾ ڪم هلائي ته ڪوڙن ۽ سنگسار ٿيڻ جي ڊپ هڻي دل جي ننڍي ڪري ڇڏي هئس ، روز اخبارن ۽ ٽي ويءَ ٻڌائيندا هئا ته اڄ فلاڻي کي ڪوڙا لڳا، اڄ فلاڻيءَ کي سنگسار ڪيائون . سندس ڪجهه ساٿياڻيون لڪ ڇپ ۾ ڪم هلائينديون هيون ، پر هيءَ ڊني ٿي ، چڱن چڱن ڪامورن ۽ سيٺين کيس صلاح ڏني ته اسين تنهنجا واهرو ويٺا آهيون، تون ڌنڌو هلائي، پر هن سڀني جا ٿورا مڃي انڪار ڪري ڇڏيو هو هن جون ڪجهه جايون مسواڙ تي هليون پئي تن مان گذارو ڪرڻ لڳي، هاڻي ٺاٺ جو رهڻ ته ڪون هو پر مڙئي زندگي پئي گذرندي هئي .
    هاڻي ٽي ويءَ تي صرف اسلامي پروگرام اچڻ شروع ٿي ويا هئا، هي به گهر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي رڳو ٽي ويءَ ڏسڻ ۾ گذاريندي هئي. ٽي ويءَ تي هر روز هڪڙو ڏاڙهي وارو ملان قدوس اچي اسلام بابت ڳالهه يون ٻڌائيندو هو ته مسلمان هڪ دفعو جيڪڏهن سچيءَ دل سان توبهه ڪري ته الله سائين هن جا سمورا گناه معاف ڪري ڇڏيندو آهي، موتي ٻائي هن ملان مان آهستي آهستي متاثر ٿيڻ لڳي سوچيندي هئي هئي ملان ڪهڙو نه شيرين زبان آهي، هن جي ڳالهه ۾ ڪيترو نه وزن آهي ۽ ڳالهه ائڻ ۾ خوداعتمادي. ٽي ويءَ تي جڏهن ٻه ننڍڙا ٻارڙا قران شريف پڙهندا هئا ته هن کي پنهنجو ٻالڪپڻ جو دئورياد اچي ويندو هو، جڏهن هوءَ به انهن ننڍڙن پتڪڙن ٻارن جيان پتڪڙي هوندي هئي۽ مڪتب ۾ سيپارو پڙهڻ ويندي هئي ، هن کي اهو ماڻهو به ياد آيو جنهن هن کي مٺائي کارائي هئي۽ وٺي ريلوي اسٽيشن تي آيو هو ۽ پوءِ هن شهر ۾ مشتري ٻائيءَ کي وڪڻي ويو ، مشتري ٻائي هن کي پالي نپائي وڏو ڪيو، نچڻ ۽ ڳائڻ جي تربيت ڏني. ۽ جڏهن هوءَ جوان ٿي ته سندس ڌيءَ جيان هن جو چرچوبه پري پري تائين پکڙيل هئو. هن جي نٿ به هڪ شرابيءَ سيٺ 5 هزارن جي عيوض لاٿي، هوءَ ان ڏينهن ڏاڍو رني هئي سيٺ جي اڳيان نيزاريون ڪيون هئائين، پر سيٺ سندس هڪ به نه ٻڌي ڇو ته هن پئسا ڏنا هئا، هن کي الاهجي ڇو جنسي ميلاپ مان پاروٿي گوشت جي ڌپ ايندي هئي ۽ پوءِ هيءَ هر رات ڪنوار بڻجي صبح جو ڏهاڳڻ بڻجي ويندي هئي، آخر هن جو جوڀن به لهندڙ سج جيان موڪلائي ويو ۽ پاڻ وري صبح جي روشن سج جيان ڪلثوم جي شڪل ۾ جوان هئي . هيءَ ڪلثوم کي رڳو مجرو ڪرائيندي هئي، ڪجهه ٻيو ڇوڪريون به هئس جن مان چڱي ڪميشن ملي ويندي هئس، اهو سڀ ڪجهه سوچي هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو .
    “آئون پنهنجي ڌيءَ کي اها گندگي ٿاڦڻ ڪون ڏيندس، آئون هن جي شادي ڪنهن شريف ۽ لکيل پڙهيل نوجوان سان ڪرائيندس” سندس مک تي عزم جي پختگي نمايان هئي .
    ٻئي ڏينهن هن بازار مان سيپارو آندو ۽ هڪ ملان رکي سيپارو پڙهڻ لڳي ، ملان روز اچي هن کي سبق ڏيندو هو ۽ کيس ديني ڳالهه يون ٻڌايندو هو ، هاڻي هوءَ پنج وقت نماز پڙهڻ لڳي هئي ، روزا به رکندي هئي ، خير خيراتون به جام ڪندي هئي ۽ سوچي ڇڏيو هئائين ته ڪلثوم جي شادي ڪرائي پوءِ حج تي ويندي ، ڪيتري نه آس هئس حج تي وڃڻ جي، هن جي زندگي ئي بدلجي ويئي هئس، ڪيترو نه سڪون ملندو هئس نماز ۽ قران ۾ . اهو سڀ ان ڏاڙهيءَ واري ملان قدوس جون ڪرامتون هيون، جيڪو روز ٽي ويءَ تي اچي ديني ڳالهه يون ڪندو هئو، جڏهن ٽي ويءَ تي ايندو هو ته هي سڀ ڪم ڪار ڇڏي اچي ٽي ويءَ جو پاسو جهليندي هئي، هن جي سمجههائڻ جو انداز ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ هو. اڄ تقرير ڪندي چيائين ته “جيڪڏهن عورت ڪنهن غيرمرد جي هڪ دفعومنهن پئجي وڃي ته هن جي لاءِ جنت حرام آهي، ٻي صورت ۾ اها عورت توبهه تائب ٿئي ته معافيءَ جي لائق سمجهي سگهجي ٿي.” هي انهيءَ وقت سجدي ۾ ڪري پئي ۽ الله سائينءَ کان روئيندي پنهنجي گناهن جون معافيون وٺڻ لڳي ۽ سڄي رات الله کي ٻاڏائيندي رهي .
    1. ملڪ ۾ اليڪشن هجي هن ٻڌو ته اهو ملو قدوس به اليڪشن ۾ بيٺو آهي، هيءَ ڏاڍو خوش ٿي . مولانه قدوس ۽ ان جماعت لاءِ ڏينهن رات دعائون گهرڻ لڳي، “ياالله پنهنجي محبوب جي صدقي انهيءَ خدا ترس بزرگ جو حامي ٿجئين، هن ۽ هن جي جماعت اسلام جي وڏي خدمت ڪئي آهي ، منهنجا مولا انهيءَ بزرگ کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪر” هيءَ هر نماز کان پوءِ ملي قدوس جي ڪاميابي دعا گهرڻ لڳي هئي . هن مولانه قدوس جي جماعت جو جهنڊو تمام مٿي ڪري پنهنجي گهرتي هڻي ڇڏيو هو . آخر اليڪشن به ٿي وئي، مولانه قدوس ۽ سندس جماعت وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ، هن جڏهن اها خوشخبري ٻڌي ته اوڏي مهل ٻه نفل شڪراني جا پڙهيائين هزار رپين جي مٺائي ورهائي ، هاڻي ته مولانه قدوس روز ٽي ويءَ تي ڀڳو بيٺو هوندو هو ، سندس چهري تي نور وڌي ويو هو ۽ وڌيڪ اسلامي ڳالهه يون ڪرڻ لڳو هو . هر طرف امن هو ، هر طرف شانتي هئي ، شينهن ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئندا هئا.
    هڪ رات هوءَ ستي پئي هئي ته ٻاهرين گيٽ تي گهنٽي وڳي، هن اٿي در کوليو، گيٽ تي باوردي ايس پي بيٺو هو، هن ايس پيءَ کي سڃاتو، هي اهوئي ايس پي هو جنهن سندس ڪوٺو سيل ڪيو هن سواليه ايس پي ڏانهن نهاريو .
    اندر اچڻ نه ڏينديئنءَ موتي بائي، موتي بائيءَ کيس رستو ڏنو . “اچو اچو، خير ته آهي” موتي ٻائي ڊرائينگ روم کولڻ لڳي .
    “ها سڀ خير آهي” ايس پي صوفي تي ويهندي چيو .
    “پر هينئر ايتري رات ۾ .” موتي ٻائي گهٻرائيندي چيو
    “ اسانجو تو ۾ ڪم آهي موتي ٻائي .” ايس پي هٿ جي لڪڻ کي آڱرين تي گهمائيندي چيو .
    “ حڪم سرڪار .”
    “ تنهنجا ڀاڳ کليا آهن موتي ٻائي .” ايس پيءَ سگريٽ دکائيندي چيو
    “ سرڪار توهين حڪم ته ڪريو “ موتي ٻائي منجهندي چيو
    “ موتي ٻائي اسان جي ملڪ ۾ اسانجو هڪ نهايت ئي دوست ۽ اسلامي ملڪ جو سربراه آيو آهي مونکي حڪم مليو ته آيل مهمان جي خاطر لاءِ ڪو هيرو پيش ڪريان، مونکي ڪلثوم ٻائيءَ کان وڌيڪ ڪو هيرو هن شهر ۾ سجهي ئي نٿو ، وري توسان منهنجي پراڻي عليڪ سليڪ به آهي ، ۽ مولانه قدوس جي خاص پارٿ آهي ته مهمان کي هر طرح خوش ڪرڻو آهي ، پئسن جو تون فڪر نه ڪر تنهنجي توقع کان وڌ ملندا توهانکي ...........”
    هوءَ ڪجهه به ٻڌي نه رهي هئي هن جي دماغ ۾ ايٽم جا ڌماڪا ٿي رهيا هئا .


    5. ماسي ڌني

    امرتا پريتم/ هاشم شورو

    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن چانديءَجا اڇا روپيه هوندا هئا ۽ ڳوٺ ۾ اٺياني کي آڌيو۽ چئن آنن کي پاولي چوندا هئا ۽ تڏهن ماسي ڌني چوندي هئي ‘عورت کي ته خدا شروع کان ئي آڌيو بڻايو آهي، رپيو ته ڪا ڪا ڀاڳن واري ٿئي ٿي، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ جو مڙس ملي ٿو پر اهڙي عورت ته نه ڪنهن ڏٺي۽ نه ٻڌي، بس جتي ڏس اتي آڌيون ئي آڌيون بس رڳو ٻن ٽن پاولين کي جنم ڏنئون ۽ دنيا مان کڄي ويون.‘
    ‘ڪيتري نه وات جي ڪني آهي هيءَ ڌني’ ڪا مائي هن جي پرپٺ برو چوندي پر ڳوٺ جون سڀ مايون ڌنيءَ جي اڳيان گنگيون بڻجي وينديون. سڀني کي ياد هئو ته هڪ دفعي شاهن جي بيبيءَ اهڙي ڪا ڳالهه ڌنونءَ جي سامهون چئي هئي ۽ پوءِ جيڪا حالت ڌنيءَ ڪئي هئس تنهن کان توبهن ڀلي چيئن ‘ تنهنجي وات مان ته گلاب ٿو هارجي باقي ما ن وات جي ڪني آهيان ۽ خراب، آڌيو ته تنهنجو به منهنجي ڀيڻ رات جو اهڙيءَ طرح کلو ٿيندوآهي، جيئن منهنجو! ‘۽ پوءِ ڌني ڳوٺ جي هڪ هڪ عورت جا عيب آڱرين تي ڳڻي ٻڌايا هئا هي اسيڙو ته منهنجي سامهون اچي ته سهي. جنهنجي پوڙهي مڙس کان سندس آڌيو
    کليو نٿو ٿئي تڏهن پنهنجي جوان ڏير کان پنهنجوآڌيو کلو ڪرائيندي آهي .........۽ چيمونءَ جي بلونتي ڪيئن وساريندس جيڪا ڏوليءَ مان الٽيون ڪري لٿي هئي ۽ ستين مهيني پٽ به ڄڻي ڏيکاريئن........۽ وڙائچن جي ڪرتار، جنهن چئن سالن کان مڙس جي شڪل ڪا نه ڏٺي هئي جيڪا روز ميٿي اوٻاري پئي پيئي .‘ ڌنيءَ کي جن ماين جا عيب نه ملي سگھيا ته انهن جي ڪنوارين ڇوڪرين جا نالا ڳڻائي ڇڏيائين.‘ آئي وڏي سياڻي! پنهنجي سگوءَ کي ته سنڀال جيڪا سنڌوئن جي جڳتار کان پنهنجو آڌيو کلي ڪرائڻ لاءِ بيچين لڳي پئي آهي....... ۽ تون الله جي بندي! پنهنجي اٺ جيڏي ڇوريءَ جي شادي ڇو نٿي ڪرائين، گودواري
    جي ڀاءُ سان ڪلها گسائيندي گھمي .......۽ ........۽ ڳوٺ جون مايون ٻڌي ڏڪي وينديون هيون ۽ پوءِ ڪنهن کي به ڌنيءَ جي منهن تي ڪجهه چوڻ جي جرائت ڪا نه ٿيندي هئي . هونءَ به ڌنيءَ ۾ هنن جو مطلب ڦاٿل هوندو هو جنهن گھر ۾ ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو گلو سڄي پوندو هئو ته هو بنفشي ۽ سونف سوٻاري پيارينديون پر مهينن جا مهينا ٻارن جا گلا ٺيڪ نه ٿيندا هئا ۽ ٻارن جي نڙيءَ مان گرھ به نه لهندو هو، ٻارن کي بخار چڙهي ويندو ۽ مائون بيزار ٿي آخر ٻارن جي آڱر جھلي ڌنيءَ جي دروازي تي پهچي وينديون.
    پٽ ماسيءَ کي چئو ته تنهنجي گلي جو ساٺ ڪري، ۽ ڌني گرم گيهه ۾ پنهنجو آڱوٺو ۽ هڪ آڱر ٻوڙي جنهن ٻار جو ساٺ ڪندي ته ٻئي ڏينهن اهو ٻار مڪمل تندرست ٿي ويندوهو.‘ گلي جو ساٺ هميشه مداڻا ڪندا آهن ‘ ڌني جڏهن کلي اها ڳالهه چوندي ته خبر پوندي ته ڌني کترين ۽ مداڻن جي خاندان سان تعلق ٿي رکي نه ته نه ڪنهن هن جي ماءُ پيءَ کي ڏٺو هئو نه ڪنهن مائٽ کي.
    صرف اها روايت مشهورهئي ڌني ڪنهن سکئي گھر جي ڌيءَ، هن تي به جواني آئي هئي ۽ ان عمر ۾ هن به ڪنهن سان نيڻ اڙايا هئا.
    پر هن جي ماءُ پيءَ جي گھر مان ڪڍي اچڻ وارو پيشه ور بد معاش هئو جيڪو ڏهين ويهن ڏينهن رهڻ کان پوءِ هن کي ڪٿي وڪڻي وڃڻ ٿي چاهيو، تنهن تي ڌنيءَ رڙ ڪري چئي ڏنس ‘پاند ۾ ٻڌل آڌئي کي کلو ڪرائي ئي جيڪڏهن پيٽ جو دوزخ ڀرڻو آهي ته پوءِ ويندي ويندي تنهنجا کيسا ڇوڀري وڃان؟ ‘ ۽ اهڙي طرح کيس پير مان ڪنڊي جيان ڪڍي ڦٽو ڪيائين اهڙيءَ طرح نه هن سان جنم ڏيڻ وارا ئي رهيا ۽ نه سنڀالڻ وارا.
    ۽پوءِچون ٿا ته ڪنهن زميندار هن تي عاشق ٿي پنهنجي گھر ۾ اچي وهاريو هئس ، پر جڏهن زميندار جي پٽن گھر ۾ جھيڙو ڪري ڏنو تڏهن هن ڌنيءَ کي پٽن کان چوري پري هن ڳوٺ ۾ ٻني وٺي هن جي نالي ڪري ڇڏي ۽ جيستائين جيئرو رهيو هن جي خيريت پيو پڇندو رهندو هو پر هاڻي ته هو ڪڏهن ڪو مري چڪو هو ۽ ڌني پنهنجي ٻل تي جيئري رهي.
    ائين ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ايترو چئي ڏيندي هئي ته ‘ڪنهن ڳالهه جو فڪر آهي! پاند ۾ آڌيو ٻڌل آهي ڪڏهن ڪا مشڪل گھڙي آئي ته کلو ڪرائي وٺندس.‘ پر هڪڙي ڏينهن جڏهن هڪ ڳڀرو جوان ڌنيءَ جي ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻندي چيو هئو،‘آڌيو ته ڏيکار سچو به آهي يا’ ڌنيءَ هن جي گلي ۾ هٿ وجھندي چيو هو ‘هل ته ڏيکارئين ماڻهين جي شلوار ۾ آهي ......’ ۽ پوءِ ڳوٺ جي ڪنهن به مرد ۾ اها همٿ نه ٿيندي هئي ته هو ڌنيءَ طرف اک کڻي به ڏسي ۽ ڌني بيخوف جيئندي رهي.
    هاڻي جيتوڻيڪ هن جي عمر موٽڻ لڳي هئي پي هن جي نڪ جي ڦلي هن جي مزاج جيان اڄ به نروار هئي ، سڀني جي سامهون ٻنيءَ ۾ هر هلائيندي هئي ۽ کترياڻي هوندي جاٽن وانگر آڪڙي رهندي هئي.
    هڪ دفعي هن کي مدي جو بخار اچي گھيريو، هونءَ ته بخار ايڪيهين ڏينهن ٽٽي ويو پر ڌنيءَ جو شايد پنهنجي زندگيءَ تان اعتبار کڄي ويوهئو. هوءَ هڪ ڏينهن هڪ ويجھي شهر ۾ ويئي ته پنهنجي زمين جا ڪاغذ به پاڻ سان گڏ کڻيو وئي، هتي اها ڳالهه عام ٿي وئي ته ڌنيءَ پنهنجي زمين جي وصيت لکي ڇڏي آهي.
    ‘ائي ڪنهن جي نالي لکي آئي آهي؟.‘ ڳوٺ جي ماين پاڻ ۾ سس پس پئي ڪئي پر ڌنيءَ کان پڇڻ جو حوصلو ڪنهن ۾ به نه هئو.
    هڪ ڏينهن ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري سيمون کي ٿوري همٿ ٿي ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ شام سيمون ٻنين مان واپس پئي آئي ته چوڌريءَ جي شرابي پٽ هن جو رستو روڪي بيهي رهيو ۽ ڪٿان ڌني به ڪٿان آئي پئي، سيمون هن کي ڏسي کيس مدد لاءِ سڏيو، ڌني به سينو تاڻي وڃي پهتي ۽ ڇوڪري حفاظت سان وڃي پنهنجي گھر پهتي.
    سيمونءَ ان ڏينهن جي ڳالهه مان فائدو کڻندي هڪ ڏينهن ڌنيءَ کان پڇي ورتائين ‘ائي ماسي ٻڌو اٿم تو پنهنجي زمين ڪنهن جي نالي ڪري ڇڏي آهي ؟‘ ڌنيءَ ڪاوڙ ۾ چيو‘ تنهنجي ناني مونکي پهنهجي هٿن ۾ پاليو هو تڏنهن ته تنهنجي ماسي ٿي لڳان.‘۽ سيمون ڦڪي ٿيڻ لڳي ‘ڪاوڙ ڇو ٿي ڪرين ماسي ماڻهون ٿا چون ته زمين گورواري جي نالي ڪري ڇڏي آهي، مون ته هوئين پئي پڇيو ڪيو ته تو نيڪ ڪم آهي .........‘
    ڌني اهو ٻڌي ڀڙڪي پئي ۽ چوڻ لڳي ‘گوردواري جو ڀاءُ ته رنوڙ آهي، حلوو پوريون ٿو کارائي ۽ انهيءَ حلوي لاءِ توهان جون مائيون جو آهن، هيءَ تنهنجي ماسي اهڙا نيڪ ڪم ڪون ڪري.‘ سيمون ڀڄي جان ڇڏائي.۽ پوءِ ڌنيءَ کان ڪجهه پڇڻ جي همٿ نه ٿيس’.
    لڳو ٿي ڌنيءَ پنهنجي قسمت جو لکيو پڙهي ڇڏيو آهي، شايد پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن به پڙهي ويئي هئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس وري مدي جو بخار ٿيو، هن دفعي سڄي ڳوٺ کي هن جي بچڻ جي اميد ڪان هئي.
    هڪ ڏينهن ڳوٺ جي هڪ بزرگ مائي همٿ ڪئي ، ان مائيءَ کي ڳوٺ وارا جيوي ڀڳتي چوندا هئا،ننڍي عمر ۾ ئي رنوڙ ٿي وئي هئي، هن پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن نهايت عزت ۽ آبروءَ سان گذاريا هئا هن تي اڃان تائين ڪنهن آڱر به نه کنئي هئي.
    جيوي ڀڳتي ڌنيءَ کي پڇڻ وئي ۽ نرم لهجي ۾ چيائين ‘جيڪا گذري سا گذري ڌني! هاڻي آخري عمر ۾ ته توبهن ڪر ڪجهه به نه ٿينديئي چون ٿا جنهن ساري عمر رام جو نالو به نه ورتو هئو ته مرڻ وقت به انهن جي منهن مان ماڻهن توبهن ڪرائي ڇڏي.‘
    ڌني آخري پساهن ۾ هئي پر هوءَ کلي پئي ، چوڻ لڳي ‘ڀڳتي! منهنجو فڪر ڇو ٿي ڪرين، ڀڳوان کي حساب ڏيڻو آ ڏيئي ڇڏيندس هي آڌيو جو پاند ۾ ٻڌل آهي ڀڳوان کي چوندس وٺ کلو ڪري پنهنجو حساب ڪتاب چڪتو ڪر.‘ ۽ جيوي ڪنن ۾ آڱريون وجھي اتان ڀڳي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ٻن پهرن جو ڌني مري ويئي.
    ڌنيءَ جي چوٿين ڏينهن جڏهن ماڻهن هن جي صندوق کولي ته ان مان وصيت جو ڪاغذ ملي ويو، ڌنيءَ پنهنجي سڄي زمين ڳوٺ جي اسڪول کي ڏئي ڇڏي هئي ۽ لکيو هئو ‘منهنجي هڪ ئي خواهش آهي ته ڇوڪريون ٻه چار اکر پڙهن ته جيئن هنن جي زندگي خوار نه ٿئي،‘

    روزانه امن جي تاريخ 11جون 1981 جي ٿورن سان


    آٽوگراف ڊائري

    آٽوگراف ڊائري

    آٽوگراف ڊائريءَ لاءِ پي ڊي ايف ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو

    ساڃاهه وندن کان مليل آٽوگراف (يادگيريون)

    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد:
    سائين محمد عثمان ڏيپلائي صاحب کان سندن ادبي شام تي ورتل آٽوگراف

    بتاريخ 1980ع-01-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ڀيڻ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورت جي موقعي تي محترم تاج بلوچ کان ورتل آٽوگراف

    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد:
    سائين سليمان شيخ کان محمد عثمان ڏيپلائي سان ادبي شام تي ورتل آٽوگراف.
    سکن واري سڌ متان ڪا مون سان ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.(شاهه)


    بتاريخ: 1987ع-07-29 تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ساٿي ٻارڙا سنگت پاران منعقد ڪيل سيمينار جي موقعي تي سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز کان ورتل آٽوگراف.
    اڙيا ڪن اُپاءُ، هڻيان هانءُ جهلي ڪري،
    وَري وَرندو واءُ، وَري ڦِرندا ڏينهڙا.


    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد:
    محترمه سانئڻ عابده پروين کان محمد عثمان ڏيپلائي سان ادبي شام تي ورتل آٽوگراف.
    وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن،
    وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترا.(شاهه)


    بتاريخ: 2000ع-05-04 تي ڀيڻ رخسانه ابڙو عيني جي دوست کان ورتل آٽوگراف.
    ڀيڻ جي دعا ڀاءُ لاءِ:
    منزل ٿئي جي ڏور سڄڻ،
    پر ٿيندي تنهنجي پهچ،
    دل گهريا ڀاءُ وچ وسين،
    شل ورهين تائين.


    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ملهايل شام جي موقعي تي سائين محمد ابراهيم جويو صاحب کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1987ع-07-29 تي سنڌ جي ڏاهي، مزاحمتي ڪردار ۽ بيباڪ انسان سائين قمر شهباز صاحب کان ورتل آٽوگراف.
    نئون نياپو آيو آهي، ماضي هاري سونو ملندو،
    جيڪي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو، اڄ ئي ٿيندو.


    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ملهايل شام جي موقعي تي سائين ظفر حسن صاحب کان ورتل آٽوگراف.
    ڌرتيءَ جي پريت کان، وڌيڪ ٻي ڪا پريت ڪانهي.

    بتاريخ: 1987ع-07-29 تي سنڌ جي نامياري ليکڪه محترمه سانئڻ تنوير جوڻيجو کان ورتل آٽوگراف.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.


    بتاريخ: 1979ع-09-06 تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ملهايل شام جي موقعي تي سائين قاضي خادم صاحب کان ورتل آٽوگراف.
    خدا ڪري جلدي گرئجويٽ ٿيو.


    بتاريخ: 1979ع-12-27 پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ مس تنوير جوڻيجو سان ملهايل ادبي شام جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ سائين عبدالقادر جوڻيجو صاحب کان ورتل آٽوگراف.
    آٽوگراف لکڻ نه ايندو اٿم، دُعا ڪرڻ ايندي اٿم.


    بتاريخ: 1979ع-12-27 پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ مس تنوير جوڻيجو سان ملهايل ادبي شام جي موقعي تي سنڌ جي نامياري فنڪار علڻ فقير کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1979ع-12-27 پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ مس تنوير جوڻيجو سان ملهايل ادبي شام جي موقعي تي نامياري ليکڪه محترمه خيرالنساءَ جعفري کان ورتل آٽوگراف.
    زندگيءَ ۾ انڪساريءَ سان آهسته هلندي، اسين پٺيان رهجي ويا آهيون.

    بتاريخ: 1979ع-12-27 پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ مس تنوير جوڻيجو سان ملهايل ادبي شام جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ تاج جويو کان ورتل آٽوگراف.
    نيڻن جي تاڃيءَ تي اُڻيم،
    سنڌو ماتا تنهنجا سپنا!

    بتاريخ: 1979ع-12-27 پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ مس تنوير جوڻيجو سان ملهايل ادبي شام جي موقعي تي نامياري ليکڪ محترم نذيرناز کان ورتل آٽوگراف.
    زبان تي نالو سنڌ جو جاري اکين مان لڙڪ،
    آهيون نماز عشق لاءِ باوضو ڪٿي.

    جيڪو لکڻ چاهيان ٿي سو لکي نه ٿي سگهان- باقي آٽوگراف ڪنهن کان ٿو گهرين-
    منهنجا مٺڙا ڀاءُ مون کي گذري ويل لمحن جي شڪست جو اعتراف آهي. سنڌ جي نامياري ليکڪه خيرالنساءَ جعفري کان ورتل آٽوگراف.


    سنڌي ادبي سنگت برانچ ڪوٽڙي جي گڏجاڻي جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ محترم علي بابا کان ورتل آٽوگراف.
    اٽو کتو اٿئي ڇا جو آٽوگراف ٿو گهري سئين سڌي اٽي لٽي جي ڳالهه ڪر.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ حميد سنڌيءَ کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪه ماهتاب محبوب کان ورتل آٽوگراف.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ناهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونڌاهه پير نه لهين پرين جو.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري آرٽسٽ/ ليکڪ شرجيل کان ورتل آٽوگراف.
    پنهنجي ڌرتي- پنهنجا ماڻهو، انهن لاءِ ئي جيون جو سڀ ڪجهه هئڻ گهرجي.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ طارق اشرف کان ورتل آٽوگراف.

    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ سائين عبدالڪريم بلوچ کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري راڳي قمر سومرو کان ورتل آٽوگراف.
    مُوسيقي روح جي غذا آهي، سُر زندگي آهي.


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ رشيد ڀٽي کان ورتل آٽوگراف.

    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري شاعر سرفراز راڄڙ کان ورتل آٽوگراف.
    ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ. (شاه)


    بتاريخ: 1980ع-01-06 انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ ماهتاب محبوب جي ڪتاب “مٺي مراد” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪ پروانو ڀٽي کان ورتل آٽوگراف.
    آءُ اکين وارن لاءِ عبرت آهيان.


    بتاريخ: 1980ع-04-09 نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب “جلا وطن” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه کان ورتل آٽوگراف.
    دُعائن سان.


    بتاريخ: 1980ع-04-09 نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب “جلا وطن” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي ڀيڻ فهميده حسين کان ورتل آٽوگراف.
    اُهو ڪي نه چئو، جيڪو ٻڌي نه سگهو.


    بتاريخ: 1980ع-04-09 نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ نورالهديٰ شاهه جي ڪتاب “جلا وطن” جي مهورتي تقريب جي موقعي تي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه کان ورتل آٽوگراف.
    تنهنجو ديش منهنجو ديش،
    جيئي سنڌوديش، جيئي سنڌوديش.


    بتاريخ 1980ع-11-04 تي سنڌ ۽ هند جي نامياري ليکڪ لڇمڻ ڪومل کان ورتل آٽوگراف.
    پياري ڀاءُ هاشم شوري جي سڪ ڀريءَ سوغات کي مان هميشه ساهه سان سانڍي رکندس.


    بتاريخ: 1983ع-01-07 تي ماهتاب محبوب جي ڪتاب “جيءَ جهروڪا” جي مهورتي تقريب جيڪا هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ نامياري فلم اسٽار، مشهور فنڪار مصطفيٰ قريشيءَ کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1983ع-01-07 تي ماهتاب محبوب جي ڪتاب “جيءَ جهروڪا” جي مهورتي تقريب جيڪا هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ هندستان کان آيل سنڌي مهمان نامياري ليکڪ گردواس واڌواڻيءَ کان ورتل آٽوگراف.


    بتاريخ: 1983ع-01-07 تي ماهتاب محبوب جي ڪتاب “جيءَ جهروڪا” جي مهورتي تقريب جيڪا هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ نامياري ليکڪ سائين محترم علي احمد بروهيءَ کان ورتل آٽوگراف.
    اڇي پڳ پس اندر مڙوئي اڳڙيون.


    بتاريخ: 1983ع-01-07 تي ماهتاب محبوب جي ڪتاب “جيءَ جهروڪا” جي مهورتي تقريب جيڪا هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ڀيڻ روبينه قريشي کان ورتل آٽوگراف.


    سنڌ جي مزاحممتي ۽ برک شاعر سائين محمد خان مجيديءَ کان ورتل آٽوگراف.
    قومن آڏو شاهه جُهڪن ٿا، تومون تن جا ڪنڌ مٿي،
    شاهه سفر ۾ ٿڪجي ويهن، قومون تن جا پنڌ مٿي.


    بتاريخ: 1983ع-01-07 تي ماهتاب محبوب جي ڪتاب “جيءَ جهروڪا” جي مهورتي تقريب جيڪا هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل هئي، تنهن ۾ نامياري ليکڪ نصير مرزا کان ورتل آٽوگراف. اڄ اسين اِن وچن تي وڇڙون ٿا ته هئڙين خوبصورتن شامن جو ملندا رهنداسين جئن ٻه دوست ملندا آهن.



    گدڙ جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي


    شاعري

    • بــــيـــت

    آهــــي ڇــو عـــار، تــوکـي سـر ڏيــڻ ۾.

    تــــون ســنـڌي، ســنـڌي پـــاڻ ســڏاءِ
    سنڌي ٻولي پنهنجي ٻوليءَ کي به پڏاءِ
    خدا در ٻاڏاءِ ته سنڌڙيءَ ۾ سک ٿئي.

    ســــــنڌڙيءَ ۾ ســـک ٿئـــي اٿــم اها دعـــا
    جـــي وطــن لاءِ مئـــا ســي ســـڌا جـنـت ۾.

    اهــڙو ســڄڻ سـنـڌ سـان ڏِٺّـُوّ انـــڌوڪــار
    پنـهـنـجو پـنهـنـجي قـوم کـان ٿـيـو آ غــدار
    اهڙو ڪو بدڪار، ماءُ نه ڄڻي ڪو سنڌ ۾.

    نـــاري ڏســي نـاز مـان، نـهـوڙي وئــي مــن
    ڪـيئي گـهايـا تــو گـهور سـان، ٿيـا سـڀ سـن
    اهڙي تهڙي زن، ڪڏهن نه ڪئي مون اک ۾.

    محبت جي ميدان ۾ ڪئي سين مڙسي يار
    ڪري پياسين کڏ ۾ اهڙي کاڌيسين مار
    اچي ويهه مون پار ته دور سڻايئين دل جا.


    • غــــزل

    1.

    ســوچـن تـي ڇـو پـهـرا آهـن؟
    پــيـلا ســڀ ڇــو چـهـرا آهـن؟

    توسان وڙهبو، مور نه جھڪبو
    زخـم توڻــي سـڀ گــهرا آهـن

    رڻ مـان رڙ اچـي ٿـي اڃـان!
    ماڻـهو ٿـيا سـڀ ڇـا بهـرا آهن؟

    ماريءَ کي به سمجهن ٿا پنهنجو
    الا مـاڻـهون ڏاڍا ٿـيا ڳهرا آهن.

    ڌرتـيءَ سـان لائـون لـڌيون جن
    ڳـائـبا هميـشه تـن تي سهرا آهن.


    غزل 2

    هاءِ ايــــــــڏو ڪــــــــــــــلاپ
    جنهنجو نـــاهـــــــــي جــــواب

    ايــــم بــــــي جــــي ڊگــــــري
    پـــر ملــــينٿــــي ڪــا جاب

    ڌرتــــيءَ سان ناتو نه ڇـــنبـــو
    سهـــــي ويــــندس تنهنجا عتاب

    اهــــا زندگي ئــــــــي گهــوري
    ڏيئــي نه ســگهي جيـــڪا لاڀ

    جيـــون منهنجو ســڄو ڪسارو
    ڏيـن ٿــي جڏهن تــــــون عذاب

    چــــپ ته تنـــهنــجا اهڙا آهــــن
    آهـــــــــن ڄـــــــڻ لال گـــــلاب

    سنـــــڌ الاجي جـي ڊائــريـڪٽر
    خــــــبر اٿـــــــئي هئي مهتـــاب.

    غزل 3

    مـاري مـحـبــت ۾ ڪــا ڪـهل ته ڪـر،
    ڏسـي نــاز منجهان ڪـــا مـهل ته ڪـر.

    آهيــان ازل کــان مـان بدنصـــيب مـــٺا،
    اچـــي عاشــق جــي ڪــا ٽهل ته ڪـر.

    آهـي منـهنـجي حـياتي وڻ ٿــوهر جـو،
    اچـــي اڱـــڻ حيــاتي ســـهل ته ڪــر.

    تنــهنـجي عــام ٻـــڌيســين فراخـــدلي،
    پــيارا پيــار سـندي ڪـا پـهل ته ڪـر.

    مــان ته بـن ۾ مـٺا ڀٽـڪندو ئي رهـان،
    توکان ٻيو نه پڄي منهنجي اهل ته ڪر.

    اهــو ڊپ آ مــٺا مــتان هـيـئن چـويـن،
    هـاڻ مـاٺ به رھ ايـڏي گـهل نه ڪر


    • قطعه

    مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان
    تـون به سـنڌ آهـين مـان به سـنڌ
    پـوءِ به اهـڙي قـهـري وقــت ۾
    رکـيـو ويـٺـو آهـين هـڪ جنـد.

    ســـــنــــڌ ۽ ڀــــٽـــائــــي
    مــڙئــي ڳالهه هـڪــڙي
    رهـنــدس ڪـــون جــدا
    هـڪ امـڙ هڪ جندڙي


    • ٽيڙو

    انبن به جھليو آ ٻور،
    سوچي پئي سهاڳڻ
    ڪانڌ آهي ڇو ڏ ور.

    رابيل ڪئي آ دير،
    ماڻس من وسوسا
    الله ڪري خير.

    ڪڃري پئي نچي،
    وڏيري جي جوان زال
    دل ۾ پئي پچي.

    ڪري هار سينگار،
    بيٺي آهي در تي
    ويچارن ۾ ويڙهيل نار.

    تارن ڀريل رات
    محبوب جي ملڻ جي
    آهيس نه ڪيڏي تات.

    رڻ سڄو رت ڦڙا
    قوم پرست جو آواز
    ڀڃي ڇڏيو نيئر ۽ ڪڙا.

    لبن لالي لڳل
    ڀاسن ٿا ڄڻ
    ٽڙيا لال ڪنول،

    گھڙو ڀڳو
    نينگر ٽهي
    پويان ڍڳو.

    اسين سنڌي سٻاجها ماڻهون
    ديس پنهنجي لاءِ
    سوليءَ تي به چڙهي ڄاڻون .

    تون ۽ مان سنڌوءُ ڪناري
    سنڌوءَ جو قسم کڻي
    پياسين هڪ ٻئي جي پناري .

    خنجر جا نّوّ وار
    اي عبدالرزاق
    امڙ سنڌ ڪڍي ويٺي پار.

    دودو ٻيهر نه ورڻو آ
    منهنجا ڏهيسر
    توکي سنڌوءَ لاءِ سر ڏيڻو آ


    • هــڪــيــٽــو

    1- توکي منهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه اينديون.
    2- سچ ٻڌڻ تنهنجي وس ۾ ئي ناهي.
    3- ڇا اهو سڀ ڪجهه ائين ٿيندو رهندو؟
    4- تون پاڻ گوڏي جيڏي گپ ۾ گَتَل آهين.
    5- ياد ڪندين ته ياد ايندس نه.
    6- لوھ کي لوھ ئي ڪٽيندو آهي.
    7- توکي چيم ته ائين نه ڪر.
    8- صرف سوچڻ سان ٿيءُ نه ويندو آهي.
    9- ائين ڪندين ته ائين ٿيندو.
    - تون پيار مان ڇا ڄاڻين.10
    11- وس ۾ هجي ته توکي ياد ئي نه ڪريان.
    12- وٺڻي اٿئي ته سنڌ وٺ ، آٽوگراف وٺي ڇا ڪندين؟
    13-تون ۽ مان ڄڻ ٽچ بٽڻن جي جوڙي


    • ڪــــــــــافـــــــر

    مان به ڪافر
    تون به ڪافر
    گلن جي خوشبو به ڪافر
    لفظن جو جادو به ڪافر
    هيءُ به ڪافر، هو به ڪافر
    فيض ۽ منٽو به ڪافر
    نورجهان جو گانو ڪافر
    مئڪڊولين جو کاڌو ڪافر
    برگر ڪافر، ڪوڪ به ڪافر
    کلڻ بدعت، جوڪ به ڪافر
    طبلو ڪافر، دهل به ڪافر
    پيار ڀريا ٻه ٻول به ڪافر
    سر به ڪافر، تال به ڪافر
    ڀنگڙو ۽ ڌمال به ڪافر
    مُگرمان ۽ جمالو به ڪافر
    ڌاڌرو، ڀيروي ٺمري به ڪافر
    ڪافي ۽ خيال به ڪافر
    شاهه لطيف جي مارئي به ڪافر
    سسئي ۽ سهڻي به ڪافر
    چاهت جي زنجير به ڪافر
    زنده مرده پير به ڪافر
    نذر نياز جو کير به ڪافر
    پُٽ جي ڪتابن جو ٿيلهو به ڪافر
    ڌيءَ جي گڏي به ڪافر
    کلڻ، روئڻ ڪفر جو سودو
    غم ڪافرخوشيون به ڪافر
    جينز ۽ گٽار به ڪافر
    ڀيڏيءَ کان هيٺ پنهنجي شلوار به ڪافر
    فن ۽ فنڪار سڀ ڪافر
    جيڪي منهنجون ڌمڪيون نه ڇاپين
    سي سڀ اخبارون به ڪافر
    يونيورسٽي سڄي ڪافر
    ڊارون جو ڀولو ڪافر
    فرائڊ پڙهائڻ وارا ڪافر
    مارڪس جا سڀ متوالا ڪافر
    ميلا ملاکڙا ڪفر جو ڌنڌو
    ڳائڻ وڄائڻ سارو ڦندو
    مندر ۾ تون بت هجين ٿو
    مسجدن جو به حال برو آ
    ڪجهه مسجد جي ٻاهر ڪافر
    ڪجهه مسجد جي اندر ڪافر
    مسلم ملڪ ۾ اڪثر ڪافر
    ڪافر ڪافر مان به ڪافر
    ڪافر ڪافر تون به ڪافر
    جيڪو مڃي اهو به ڪافر
    جيڪو نه مڃي اهو به ڪافر


    • آزاد نظم

    ماڻهو ٿا چون
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجي اکين ۾ ڌنڌ ڇائنجي وڃي ٿو !
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجي مک تي سرءُ جي موسم جهڙي اداسي ڇائنجي وڃي ٿي .
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجا چپ ڪنهن اڻڄاتل افساني کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏڪڻ لڳن ٿا .
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجن پنبڻين تي تارا چمڪڻ لڳن ٿا!
    ماڻهو ڇا ڄاڻن جانان، ڳالهه ڳالهه تي تون جو ايڏو ياد اچين ٿي .


    • نظم

    پيٽ ۾ بک،
    اسون ۽ جھولا،
    پوءِ به،
    مرڪي ويٺي.
    پيٽ ڀريل،
    ايرڪنديشند بنگلي ۾،
    پوءِ به ڪرڪي ويٺي.


    • نثري نظم

    منهنجي مرڻ جي سالن پڄاڻان،
    جيڪڏهن ڪٿي،
    منهنجو ذڪر ٿئي
    ۽
    تنهنجي نيڻن ۾ آلاڻ اچي
    ته پڪ ڄاڻجان،
    توکي به مونسان پيار هو....


    • آزاد نظم

    ماڻهون ٿا چون،
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجي اکين ۾ ويرانيون نظر اچن ٿيون!
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجي مک تي سرءُ جي موسم جهڙي اداسي ڇائنجي وڃي ٿي،
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجا چپ ڪنهن اڻ چيل افساني کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏڪڻ لڳن ٿا!
    ڳالهه ڳالهه تي ڇو؟
    تنهنجين پنبڻين تي تارا چمڪڻ لڳن ٿا،
    ماڻهون ڇا ڄاڻن جانان،
    ڳالهه ڳالهه تي تون جوايڏو ياد اچين ٿي.


    • تاثرات: هاشم شورو جي لاءِ

    هاشم شورو ڪوٽڙي جو هڪ سينئر اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، فنڪار توڙي سماجي حلقن ۾ سڃاڻ دوست ۽ خاص ڪري شهر جي ادبي سرگرمين ۾ ته هميشهه اڳڀرو نظر ايندو آهي. جنهن جي لکڻين ۾ به پختگي، نواڻ ۽ وسعت خيالي نمايان نظر اچي ٿي... سندس ڪتاب بعنوان “ سڀ رنگ سانول ” ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون، شاعري، شخصيون، انٽرويو ۽ ڊائري تي مشتمل مواد ادبي شعبي ۾ هڪ واڌارو آهي ۽ کين ان تي مبارڪون ڏجن ٿيون.

    غلام رسول غرق


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259590
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ