ڪتاب جو نالو: چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو
مصنف: علي نواز آريسر / زاهد اوٺو
ڇپائيندڙ: سنجها پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 3009 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 417 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ٿر جي ٻاٻيهي، نامياري راڳي صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثراتي مضمونن، ايڊيٽوريل ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جا سهيڙيندڙ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺو آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پبلشر نوٽ
  • • پنهنجي پاران
  • • مهاڳ : عشق جي راهُن مَٿي ڪَاوا اُڀا
  • • تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجي روح ۾! : عبدالواحد آريسر
  • • مان اُڀري ايندس، ڪُلهي پائي ڪينرو! : تاج جويو
  • • سنڌ جي ٻيجل جي موڪلاڻي! : مختيار ملڪ
  • • الوداع الوداع صادق الوداع...! : نصير مرزا
  • • لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري! : اياز گل
  • • گهوڙي جي ٽاپولي : ذوالفقار هاليپوٽو
  • • رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ٿي ويون : ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
  • • اهڙا ئي آهين، صادق منهنجا سپرين! : نواز شاهه ڀاڏائي
  • • موسيقيءَ جو تقدس : صادق فقير ايوب کوسو
  • • سُر مدفون نه ٿيندا آهن! : مير حسن آريسر
  • • سارو ٿر اُداس : تاج جويو
  • • مٺيءَ ۾ مذهبي رواداريءَ جو تازو مثال : پنهل ساريو
  • • لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري . . . رکيل مورائي
  • • صادق فقير جي ٿر ورڻ تي: ادل سومرو
  • • صحرا ۾ خاموش ٿي ويل سنڌ جو آواز! : ڊاڪٽر مخمور بخاري
  • • دردن جي ڀيٽا : شوڪت چاچڙ
  • • ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق! : ضراب حيدر
  • صادق جو وڇوڙو: جميل سومرو
  • • مون کي کائيندو وطن...! : نثار کوکر
  • • راجا رات رم گيو! : نور احمد جنجهي
  • • دُک جي نه پُڄاڻي آ! : ماڪن شاهه رضوي
  • • ڏونگر مون سان روءَ، پنهونءَ جا پار ڪڍي! : خليل ڪنڀار
  • • مون کي سنڌ وڻي! : ماڻڪ ملاح
  • • اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سُڳنڌ سان! : کاٽائو جاني
  • • ڏک جي خبر آئي! : مشتاق ڦل
  • • امن ۽ عشق جو سفير صادق فقير : علي زاهد
  • • هڪ سُريلي راڳيءَ جو وڇوڙو: الطاف ملڪاڻي
  • • ٿر جي ماٿي جو جهومر ٽُٽي پيو! : علي اڪبر راهمون
  • • هوليءَ جي رنگن ۾ هڪ ڪلاڪار جو آخري سفر : اشفاق لغاري
  • • تون جي ناهين سامهون...! : وجئه شرما
  • • سنڌ کي سوڳوار ڪري ويل صادق فقير : نسيم بخاري
  • • صادق فقير جي ڌرتيءَ کان موڪلاڻي ! : واحد ڪانڌڙو
  • • فضا سوڳوار ۽ هوا سانت ٿي وئي! : دودو چانڊيو
  • • گُڍِيءَ ڀِٽ جو گُڏو: سهيل ابڙو
  • • جڏهن مان نه هوندس! : ساجد سنڌي
  • • سنگت لاءِ فقير، دل جو هيو بادشاهه !: شوڪت چاچڙ
  • • توکان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار! :انقلاب ٿري
  • ستارن به روئي ڏنو : منصور سيتائي
  • • دل ڌڙڪن جو آخري گره کڻڻ لاءِ چوي ٿي : عزيز قاسماڻي
  • • سُرن جا ساهه ڪوماڻا : سائل پيرزادو
  • • ٿر جي ٻاٻيهي جو وڇوڙو : ڀڳڙو مل ’ناچيز‘
  • • توکان ٿيندي ڌار: ممتاز نهڙيو
  • • مڪي ۾ غروب ٿي ويل مٺيءَ جو سج : ساجد چانڊيو
  • • ساري ٿي تِن کي اُڀري باک بسنت جي! : اياز لطيف دايو
  • • جوڳِيڙو ٿَي تِنا جوئِيس : تولارام سوٽهڙ
  • • هُو پري آ، پري آ، پري : سرواڻ سنڌي
  • • صادق فقير بنجڻ ڏاڍو ڏکيو آ :ف هميده شرف بلوچ
  • • صادق فقير جو وڇوڙو : وحيد رزاق مستوئي
  • • مٺي اڄ اُداس آهي: امر رائيسنگهه راجپوت
  • • صادق فقير جي وڇوڙي تي لکيل نظم : علي مصطفيٰ ۽ حسن مجتبيٰ
  • • يادِ ماضي عذاب آ يا رب! : پرتاب شواڻي
  • • ٻِيجي ڪنهن نه ٻوليو : ميان گل محمد ڪلهوڙو
  • • توکان ٿيندي ڌار : فرزانه شاهين
  • • بهارن جي رُت ۾ گلن موڪلايو! : ناصر مقصود گل
  • • پرڀات جو مسافر : غريب گل سيتائي
  • • من کي اُداس ڪري ويا ’ماريا‘ ۽ ’صادق‘ : خالد ٻانڀڻ
  • • ۽ مور ماٺ ٿي ويو! : ارم درس
  • • هي جنم وڇوڙو آهي : ليکراج راهي
  • • ڀٽائيءَ جي تنبوري جي تار ڇڄي پئي! : سورٺ لغاري
  • • سنڌ جو ٻيجل صادق فقير: دولت رام کتري
  • • سُر ۽ آلاپ جي سفر جو پانڌيئڙو: صوبدار قاسمي اوٺو
  • • آهه ... صادق فقير! : نديم گلاڻي
  • • ڪلا جي موڪلاڻي : علي نواز آريسر
  • اخبارن جا ايڊيٽوريل

  • • توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار
  • • صادق کي سنڌ سدائين ساريندي!
  • • چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو
  • • صادق فقير جو وڇوڙو ۽ سوڳوار سنڌ
  • • صادق فقير جي وڇوڙي جو صدمو
  • • هُو جو ٿر جو ٻاٻيهو هو : روبينه ابڙو
  • • او راڳيَ! (گيت) : ماڻڪ ملاح
  • • وقت گذري ويو (گيت) بلاول اوٺو
  • • صادق فقير جي اوسيئڙي ۾ (وائي) وسيم سومرو
  • • صادق! توکي سڏي (وائي) : ڀارومل امراڻي
  • • صادق مُنهنجا ميت! : گل گوماڻي
  • • مهان راڳي صادق فقير کي ڀيٽا : سرمد چانڊيو
  • • (پس لفظ) صادق! منهنجي آخري خواهش جو ڇا ٿيندو؟ : واسواڻي پرشوتم

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (113) ”چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ٿر جي ٻاٻيهي، نامياري راڳي صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثراتي مضمونن، ايڊيٽوريل ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جا سهيڙيندڙ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺو آهن.

    هي ڪتاب سنجها پبليڪيشن پاران اپريل 2015ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون محترم علي نواز آريسر جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    صادق فقير جي استاد
    حسين فقير
    ۽ صادق فقير جي ساٿي
    ڪريم فقير
    جي نالي!

    علي نواز آريسر
    زاهد اوٺو


    • پبلشر نوٽ

    صادق فقير سنڌ جو سدا حيات راڳي، اسان جو ساٿي هو.گورنمينٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ نه رُڳو گڏ پڙهياسين، پر مٺيءَ جي سماجي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ گڏ رهيا هئاسين. سائين پرشوتم داس واسواڻي، سائين تاج جويو ۽ سائين حاجي محمد دَل، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جا سرڪردا هئا ۽ اسان سندن ننڍڙا ڪارڪن، مٺيءَ جون ادبي ۽ سماجي سرگرميون، صادق جي سُريلي آواز ۽ گائڪيءَ سان وڌيڪ رونقدار بنجي ويون، صادق فقير اُهو سُريلو راڳي هو، جنهن بازاري ۽ سطحي شاعريءَ کي ڪڏهن به نه ڳايو. هن ڪلاسيڪل شاعرن؛ ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، شاهه لطيف، سچل سرمست، صوفي صادق، کان وٺي جديد شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، اياز گُل، ادل سومري، سائينداد ساند، بلاول اوٺي تائين هن اعليٰ شاعريءَ کي ڳائي، سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي.
    صادق جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ جو هانءُ جهوري وڌو آهي. اسان کي هن جي ڪُمهلي جدائيءَ جو يقين ئي نه ٿو اچي. هو اسان جي رُوح جو حصو هو_ هن کي ڪهڙي ڀيٽا ڏجي! بس، اسان جي دوستن علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي صادق جي ياد ۾ هيءُ جيڪو ڪتاب ”چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو“ سهيڙيو آهي، اُن کي ڊسٽرڪٽ ڊيولپمنٽ ائسوسيئيشن، ٿرپارڪر (DDAT) پاران ڇپائيندي، صادق جي دوستيءَ جي قرض جو هڪ حصو ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اميد ته هي نذرانو سنڌي قوم قبول ڪندي.

    ڪرشن شرما
    مٺي، ٿرپارڪر


    • پنهنجي پاران

    ڪي ماڻهو دنيا ۾ ٿوري وقت لاءِ ايندا آهن ۽ انهيءَ ٿوري وقت ۾ هو ڀرپور زندگي جيئندا آهن، خوشيون ماڻيندا آهن ۽ خوشيون ونڊيندا آهن. اهڙا ماڻهو ئي تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهجي ويندا آهن. سنڌ جو قومي راڳي صادق فقير به اهڙن ماڻهن مان هو، هو هڪ ئي وقت گهڻ پاسائين شخصيت هو، هن دوستيون به نباهيون ته محبتون به ماڻيون. علم، ادب سان به سلهاڙيل رهيو ته راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي الڳ ڇاپ به ڇڏيائين. تمام ٿورن ماڻهن کي ايتري مختصر زندگيءَ ۾ ايڏي وڏي مڃتا ملندي آهي، جيتري صادق فقير کي ملي هئي. صادق ۽ ڪريم فقير جي راڳ جو سنگم ڇا هئو، پوري سنڌ سندن آواز جي سحر ۾ جڪڙيل هئي. اڪثر دوستن جو خيال آهي ته صادق فقير، شيخ اياز جي شاعريءَ کي امرتا بخشي، پر اسان چونداسون ته هن جنهن کي به ڳايو، دل سان ڳايو. هن وقت تائين صادق تي ڪيترا ئي ليک لکيا ويا آهن، سڀني پنهنجي پنهنجي حساب سان صادق بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، پر اسان کي هڪڙي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. صادق فقير سنڌ جي هڪ اهم شاعر نياز همايونيءَ جي شاعريءَ کي نهايت خوبصورت انداز ۾ ڳايو، ۽ ڪريم فقير ۽ صادق جي سنگ ۾ نياز جي نظم ’سنڌ جاڳي پئي سنڌ جاڳي پئي‘ کي جيڪا مڃتا ملي، اوتري شايد ڪنهن ٻئي ڪلام کي ملي هجي. صادق ۽ ڪريم فقير جي گائڪيءَ جو نج انداز هن نظم مان ئي اُڀريل نظر اچي ٿو. اسان جڏهن اڃا ٻاروتڻ ۾ هئاسين، تڏهن کان ئي صادق جي آواز ۾، نياز جا هي ٻول ٻُڌا هئاسون:
    ڪوئي معصوم پينگهي ۾ مُرڪي جيئن،
    ڪوئي محبوب يادن ۾ مُشڪي جيئن،
    ماءُ جي رُوح ۾ راس لوليءَ جيان،
    ڪُنوار جي ذهن ۾ ڪنهن پِروليءَ جيان،
    سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي!

    ٻاروتڻ ۾ ٻُڌل اهي ٻول اڄ تائين اسان جي ڪنن ۾ گونجن پيا. انهن ٻولن ۽ صادق جي آواز جو اهڙو ته اثر آهي، جو چپ ازخود ’سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي‘ جو وِرد ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهو نظم، صادق ۽ ڪريم فقير جي آواز ۾ گڍيءَ جي ڀِٽ تان ڇا گونجيو، پوريءَ سنڌ جي گُونج بڻجي ويو. پوري سنڌ جاڳي اُٿي، اها چونڊ هُن جي پنهنجي دل جي چُونڊ هئي. صادق فقير شعوري طور سنڌي راڳداريءَ جي کيتر ۾ آيو هو ۽ سندس اها شعوري ڪوشش رهي ته هو قوم کي اُهو ڪُجهه ڏئي، جنهن سان سنڌ جي مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي هانءُ تي ڇنڊو به پوي، ته قوم ۾ بيداري به پيدا ٿئي. اڄ جڏهن اسان سڄيءَ سنڌ جي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته: پوري سنڌ سندس آواز جي رِدم تي شعوري طور سُجاڳ آهي.
    موسيقي، جيتوڻيڪ پوريءَ دنيا ۾ ٻُڌي ۽ ڳاتي وڃي ٿي، پر سنڌ جي ماڻهن جي مزاج ۾ موسيقي ڄڻ ته رت جيان گردش ڪندڙ آهي. اوائلي دور کان وٺي سنڌ ۾ راڳ جا اُهڃاڻ ملن ٿا، موهن جي دڙي جي آثارن مان به راڳ جا اُهڃاڻ مليا آهن، ناچڻي ’سمبارا‘ جي مورتي ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هتي ناچ/رقص ۽ راڳ جون محفلون ٿينديون رهيون آهن. راڳ جي دنيا هميشه آباد پئي رهي آهي ۽ انهيءَ دنيا ۾ ڪيترائي شوقين/شائقين آيا، ويا، پر اسان جو صادق فقير راڳ جي دنيا ۾ منفرد انداز ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي منفرد انداز سان راڳ جي کيتر ۾ نوان لاڙا آڻي ماڻهن جي دلين کي موهيو. ڪيتر فنڪار پئسن ۽ شهرت جي لاءِ ڳائيندا آهن، پر هيءُ عجيب راڳي هو، جيڪو محبت لاءِ ڳائيندو هو، چاهت وچان ڳائيندو هو، سنڌ امڙ جي سُورن کي سوريندي هن کي بيحد سُڪون ملندو هو. هن جو گلو ته جُڙيل ئي موسيقيءَ لاءِ هو، هُن جي ٽهڪن ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جو رِدم هو. اڄ جڏهن هو اسان جي وچ ۾ موجود ناهي ته اسان هن تي ڳالهايون ويٺا، هن لاءِ ويٺا روئون، پر ڇو؟ ڇو ته هو سنڌي موسيقار هو؟ هو اسان جو دوست هو؟ نه هرگز نه، اسان ان ڪري ٿا روئون ته هن جيڪا سنڌ کي جاڳائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي هئي، اُها اڃا ابتدائي ڏاڪا مس چڙهي هُئي، ان کان اڳ ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو آهي. اڃا هن کي جيئڻو هو، اڃا هن جي گلي ۾ ڪيترائي سُر ۽ سنگيت جا ساز وڄڻا هئا.
    صادق فقير 26 فيبروري 2015ع تي سنڌ کان ڇا وڇڙيو، سنڌ جي ماڻهن انهيءَ تاريخ تي ئي منڌيئڙو پائي ڇڏيو آهي، ڄڻ انهيءَ تاريخ کي هنن ڪئلينڊر مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي. هو ته بهار بي چئيءَ کي به ميارون ڏئي رهيا آهن، هو هاڻي بهارن جي آمد تي ڪڏهن به جشن نه ملهائيندا، اڄ هر ماڻهوءَ جي چپن تي حليم باغيءَ جون هيءُ سِٽون تري رهيون آهن ته؛
    گُلابن جي موسم ڪليون نه آنديون،
    بهار آندا پُٽن جا لاشا.
    جيڪا بهار صادق جهڙا پُٽ کسي، انهيءَ بهار جي آمد ڇا معنيٰ؟ صادق پوري سنڌ جو محبوب راڳي هو ۽ سندس المناڪ وڇوڙي تي سڄيءَ سنڌ جو هٿ قلم ۽ ڪاغذ بڻجي ويو آهي، شاعرن، شاعريءَ ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي، اخبارن ايڊيٽوريل لکيا، دوستن لُڙڪن جي آبشارن سان طويل مضمون لکي ڀيٽا پيش ڪئي. اسان جڏهن سنڌ جي ماڻهن جي پيار مان ڏنل اهڙي ڀيٽا تي نظر وڌي ته اهو ئي فيصلو ڪيو سون ته انهن محبتن کي ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪجي ۽ اهڙي محفوظ ٿيل محبت جو تحفو اوهان سڄڻن جي هٿن ۾ آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ صادق سان پيار جي گواهي آهي!

    اوهان جي محبتن جا طالب
    علي نواز آريسر
    زاهد اوٺو
    26 مارچ 2015ع


    • مهاڳ : عشق جي راهُن مَٿي ڪَاوا اُڀا

    متان ڏوراپو ڪو ڏيو،ڙي ساٿيو، مون کي!
    هيءُ ڪنيزڪُ مُلهه خريدڻ، ڪيئن مَٿيئون مون ٿيو،
    حَرف اسان تي آهي اصل لئون، ويسر ۾ ويو،
    ”سچوءِ“ ڪوٺي پانهنجو، پاڻ قريبَن ڪيو.

    (سچل)
    ’بينجي‘ کي آمريڪن `Appalachian balladeer` چون ٿا. دنيا جي بي حساب هنڌن تان، طرح طرح جي بيشمار ماڻهن اچي هڪ اهڙو آمريڪا وسايو، جيڪو هاڻ هڪ گهڻ رنگي، گهڻ نسلي، گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ مذهبي رياست بڻجي چڪو آهي. هن رياست اندر جيڪي به پناهگير آيا، سي رڳو پنهنجا پير ۽ جسم نه کڻي پهتا، پر اهي پاڻ سان گڏ پنهنجون عادتون، علتون، حضلتون، ثقافتون، ٻوليون، لهجا، آرٽ، ميوزڪ، سياست ۽ گهڻو ڪجهه کڻي پهتا. آمريڪا ۾ ’بينجي‘ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ڪن آفريڪي قبيلن سان گڏ ريڊ انڊين تائين پهتو ۽ ائين اصلوڪن آمريڪين سان گڏجي آفريڪن ’ايپلاچين بلاڊير‘ يعني ’بينجي‘ جي ميوزڪ جي روايت وڌي. سال 2014ع ۾94 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويل آمريڪا جو مشهور ’بينجي نواز‘، پيٽ سيگر، هڪ زبردست گائڪ هئڻ سان گڏوگڏ امن ۽ سول رائيٽس جو وڏو ورڪر به هو. هن ’بينجي‘ ذريعي ان قديمي فوڪ ميوزڪ جي بحاليءَ لاءِ ڌنون جوڙيون، وڏا وڏا ڪنسرٽ ڪيا ۽ هن جو خيال هو ته دنيا ۾ امن ۽ انصاف لاءِ ضروري آهي ته ثقافت ۽ اُن ۾ به آرٽ جو ڀرپور استعمال ڪجي.
    مشهور اسڪاٽش صوفي گائڪ جين ريڊ پاٿ ’اسڪاٽ لئنڊ‘ جي مشهور شهر ايڊنبرگ ۾ ڄائي ۽ شهر جي نالي تي قائم يونيورسٽيءَ ۾ ”ميڊياويل اسٽڊيز“ ۾ ڊگري ورتائين. پڙهائيءَ دوران تاريخ پڙهندي آئرلينڊ ۾ استعمال ٿيندڙ قديم صوفي ميوزڪ کان متاثر ٿيندي نوڪري ڪرڻ بدران اچي راڳ کي لڳي. ’فوڪ ميوزڪ‘ ۾ ايترو ته نالو ڪمايائين، جو يورپ توڙي آمريڪا ۾ ’انٽر فيٿ هارمني‘ (بين المذاهب توازن) جي سفير بڻجي وئي ۽ هن پنهنجي صوفي ميوزڪ کي امن ۽ سماجي انصاف جي پرچار سان ڳنڍي ڇڏيو هو.
    سنڌ ڌرتي به هر دور ۾ اهڙن ڪردارن سان مالا مال رهندي آئي آهي. صادق فقير اهڙن فقيرن مان هو، جن اسڪاٽش صوفي گائيڪ جين ريڊ پاٿ ۽ آمريڪا جي مشهور بينجي نواز پيٽ سيگر کان به ٻه وکون اڳيان وڌي نه رڳو صوفي ميوزڪ ذريعي سنڌ جي خدمت ڪئي، پر هن قومي گيتن ۽ سنڌ جي اعليٰ مزاحمتي شاعريءَ جي چونڊ ڪري اڃا ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
    وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا،
    تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ،
    هِينئڙا! تنِين پاسِ، گھارِ ته گھايَلُ نه ٿِئين.

    (لطيف)


    هن جي اعليٰ ۽ منفرد هجڻ جي هڪ ثابتي اوهان جي هٿن ۾ هن ڪتاب جي صورت آهي. جيڪو سنڌ جي ساڃاهه وند نوجوانن علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺي- جي محنتن ۽ ڪاوشن سان سهيڙيو ويو آهي. 250 صفحن تي ٻڌل هي خوبصورت ڪتاب، رڳو مضمونن، تاثرات، ليکن ۽ ڪالمن جي ڀيٽا ناهي، پر هي ڪتاب سنڌ جي ان ٽهيءَ جي سموري سياسي ساڃاهه، وطن پرستي ۽ پنهنجي هيروز سان پيار جو نچوڙ دستاويز آهي. فنڪار ته سوين پيا اچن وڃن، پر صادق فقير تي سهيڙيل هيءَ اينٿالاجي ۽ ان ۾ شامل سنڌ جي شاندار سياسي ڪارڪنن، سماج سڌارڪن، ڪالم نگارن، ذاتي دوستن، ويجهن ساٿين، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو صادق فقير کي پيش ڪيل ٽريبيوٽ، سنڌ اندر ترتيب ڏنل هڪ نئون بائيبل آهي.
    هن سهيڙ ۾ ڇا ڇا نه رنگ موجود آهن. دوستن ڪيئن نه تخليقي ۽ پيار ڀري انداز ۾ سنڌ جي هن عظيم فنڪار کي ڀيٽا ڏني آهي. ڪتاب ۾ شامل عبدالواحد آريسر، تاج جويي، مختيار ملڪ، نصير مرزا، اياز گل، مير حسن آريسر، خليل ڪنڀار، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ، علي اڪبر راهمين، دودي چانڊيي، اشفاق لغاري، نور احمد جنجهي، نواز شاهه ڀاڏائي، ايوب کوسي ۽ پنهل ساريي ڇا ته بهترين ليک لکيا آهن!.
    ٻئي پاسي رکيل مورائي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ضراب حيدر، ماڪن شاهه رضوي، علي زاهد، الطاف ملڪاڻي، وجئه شرما، کاٽائو جاني، نسيم بخاري، ساجد سنڌي، واحد ڪانڌڙي، سهيل ابڙي، عزيز قاسماڻي، شوڪت چاچڙ، انقلاب ٿري، ڀڳڙي مل ناچيز، ممتاز نهڙيي، ساجد چانڊيي، اياز لطيف دايي، تولارام سوٽهڙ، وحيد رزاق مستوئيءَ، امر رائيسنگهه راجپوت، پرتاب شواڻي، ناصر مقصود گل، غريب گل سيتائي، نثار کوکر ۽ ٻين به سنڌ جي هن وڪٽرهارا کي بهترين ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
    هن سهيڙ جا ابتدائي ڪجهه مضمون ئي ايترا ته لاجواب آهن. جو ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهي مضمون باقي سمورين لکڻين کي ايترو ته ’اوور شيڊو‘ ڪري ٿا ڇڏين، جو مون کي هن ڪتاب لاءِ، ٻه اکر لکڻ مهل پنهنجي پاڻ کي سنڀالڻو پيو ته انهن مضمونن کان پوءِ باقي بچي ڇا ٿو، جو ويهي پيش لفظ لکجي. مون سوچيو ته جيڪڏهن پيش لفظ لکڻ جي نوجوانن جي هجت جي ڊيوٽي نه هجي ها ۽ جي هي ڪتاب ڪا قرارداد هجي ها ته هي مضمون پڙهڻ کانپوءِ رڳو ٻين کان صحيحون وٺڻ جي ضرورت هئي.
    وِرسِيا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دَردُ پِرينِ جو:
    اُٿـو ويـڄا! مَ وهـو، وَڃـو ڊَبَ کـڻـِي،
    ٻُڪي ڏيندا ٻاجَهه جي، آيا سُورَ ڌَڻي،
    آيـا جيءَ جِـيـارا، دِل ۾ دَردُ پرِينِءَ جو!

    (لطيف)
    آءٌ ڪجهه مضمونن جون چند سهڻيون سٽون ورجائي رهيو آهيان، پڙهو ۽ ڏسو ته جڏهن روح روح سان ملي ٿو، من ماندو ٿئي ٿو،ڪنهن پياري ساٿيءَ جي ساهه جي ٽنڊ ٽٽي ٿي، ته هانءُ ڪيئن جڙي ٿو ۽ پوءِ ماڻهو ڇا نه لفظ سِرجي ٿو-اوهين پاڻ پڙهو ۽ ڏسو ته صادق ڇا هو!.
    ” راڳ جا ڄاڻو پاڻ کي ’سنگيت پريمي‘ سڏين ٿا، تن کي اها خبر ناهي ته سنگيت من رس ۽ دماغ رس نه هوندو آهي. بلڪ سنگيت ڪن رس، اک رس، نڪ رس، ذائقا رس ۽ هٿ رس هوندو آهي- جڏهن ته ڳائڻو اُن افشان کي محبوب جي چُنيءَ ۾، مرڪ ۾ ۽ پيشانيءَ جي پگهر جي قطرن ۾ سجائي ڇڏيندو آهي ۽ اسان جو صادق به اهڙو ئي هو-.“
    -عبدالواحد آريسر
    ”ڪنهن ٿي ڄاتو ته، سنڌ جي آوازَ- شيخ ايازَ جو آوازُ، پنهنجن آلاپن ۾ سانڀي رکڻ وارو سدا ملوڪ راڳي صادق فقيرُ، پنهنجي ڪُٽنب جي ڀاتين، معصوم ٻچڙن، جيون ساٿڻ ۽ سالي سان گڏ سعودي عرب ۾ عمرو ڪرڻ ويندو، ۽ يارن دوستارن سان کِلي، مُسڪرائي ويندڙ هي پاڪ روحُ، ’عرب جو تنها دشت‘ ۾، بي سُڌ ۽ بي جان ٿِي، ’ٿر جي صحرا‘ ۾ واپس موٽندو! واقعي موتُ هڪ اِسرار آهي!-“
    -تاج جويو
    ”’توکان ٿيندي ڌار…….‘ وارو ڪلام صادق فقير جي حوالي سان اڄ نه رڳو سنڌ واسين جو ترجمان بڻجي ويو آهي، پر هاڻي مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ مون اها وائي لکي ئي صادق فقيرلاءِ هُئي. اڄ جڏهن هواسان کان ڌار ٿي ويو آهي ته اهو ڪلام اڄ صادق فقير تي ئي ٺهڪي ٿو اچي ته: توکان ٿيندي ڌار- کلندي کلندي يار- لڙڪ لڙي پيا لار ڪري-“
    -اياز گل
    ”صادق فقير ٿر جي مخصوص لهجي ۾ ڳائيندو هيو، ٿر اڳ ۾ ته مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيتن سان سڃاتو ويندو هو ۽ پوءِ گيڙو رتل صوفياڻن ٻولن سان موهن ڀڳت جا ڪلام به گونجندا هئا، پر صادق فقير ته ماڳهين نئون جهان جوڙيو هيو. هو نئين دَور جو نرالو راڳي هو، جنهن سان نئين شاعريءَ جو ساٿ ۽ سنگم هيو.“
    -مختيار ملڪ
    ’اسين بس رهياسين اڌورا...اڌورا‘ ۽ ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسٽيجن تان هن جڏهن قومي رنگ، آهنگ جي شاعري ڳائي ته هو ڄڻ قومي رنگ جي راڳي طور اڀري سامهون آيو.“
    -نصير مرزا
    ”سنگت ۾ سدائين سنگت جهڙو ئي هلندڙ هي ماڻهو هزارين ماڻهن جي دلين واري تخت جو رانجهو ثابت ٿيندو؟ اها ڳالهه ڪنهن اوچتي انڪشاف وانگر معلوم ٿي آهي. -مير حسن آريسر
    ”جيئن مرشد ايازَ سنڌي شاعري کي يوٽرن ڏنو، بلڪل ائين تو اُن شاعريءَ کي پنهنجي آلاپن سان مڃتا ڏياري، ڪيسٽ ڪمپنين وٽ يرغمال ۽ ولگر شاعري ڳائيندڙن جي وچ ۾ تو رِسڪ کنيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ کي سُرن جا ويس ڏئي، ماڻهن وٽ قبول ڪرايو، ماڻهن جي ٽيسٽ بدلائي.“
    -خليل ڪنڀار
    ”انهيءَ ڪري ئي شايد بابا بُلي شاهه چيو آهي ته؛ ’اسان عشق سلامت منگيا‘. پر يار صادق ٻڌاءِ ته بي اختيار دل انهيءَ وڇوڙي، انهيءَ دردناڪ حادثي جي نا انصافيءَ کي ڪيئن قبول ڪري سگھي ٿي. ڪيتريون رس رهاڻيون جيڪي توسان ڪرڻيون هيون، پيار ورهائڻو هو. سڀ ڪجھه اڌورو رهجي ويو.
    - کاٽائو جاني
    هيءَ جيڪو زندگيءَ جو چرخو آهي، ڇا ان کي ڪنهن منصوبي بندي سان هلائي سگهجي ٿو يا ان چرخي جو مصالحو اڳ ۾ ئي تيار ٿي، پچي، بس رڳو پنهنجي وقت تي نروار ٿيندو آهي. وقت چوي ٿو ته آءٌ وڏو بادشاهه ته ڇا وقت جي مخالف ڌارا ۾ به تري سگهجي ٿو يا جيڪو لکيو آهي، سو ئي ٿيڻو آهي؟ يا جيڪو جنهن جي حصي ۾ آيل آهي، ان کي اهو ئي ڪردار نڀائڻو آهي؟ - ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي“. جي ائين به آهي ته پوءِ ڀاڳن وارا آهن اهي، جن لاءِ ڪي اهڙا ڪم ٿي وڃن ٿا، جن جي مظاهري سان هو امر ٿيو وڃن. ڇا اها چوائس ماڻهوءَ کي به آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو نصيب طئي ڪري. آءٌ سمجهان ٿو ته ائين آهي ۽ اهو ماڻهو، جي وس آهي ته هو پنهنجي لاءِ طئي ڪري ته ان کي مليل جيڪا به حياتي آهي، تنهن کي اهو ڪيئن ٿو گهاري. ڪائنات جي سمورين حسناڪين ۽ سونهن جون ٻه وڏيون انسپريشنس سج ۽ چنڊ پنهنجي وقت تي اڀرن ٿا ۽ پنهنجي وقت تي غروب ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو طلوع ۽ غروب اٽل حقيقتون آهن.
    ’عشقُ، موتُ ۽ خُدا، ٽي اهڙا اسرار آهن، جي هن وقت تائين ڪنهن به نه ڄاتا آهن، ۽ نه ڄاڻي سگهندو.‘
    (ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر- شيخ اياز)
    ماڻهوءَ جو جسم، روح ۽ من به ائين ئي طلوع ۽ غروب آهي. اُڀاربه آهي ته زوال به آهي. هاڻ فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته اوهين ٽهڪن کي ٿا چُوز ڪيو يا تيسي کي. اوهين حق جي پاسي ٿا ٿيو يا ناحق جي. زندگي بس سج جي ۽ چنڊ جي ان طلوع ۽ غروب جي وچ واري مختصر وقت جي هڪ اهڙي اڌوري ڪهاڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا پوري ان ڪري نٿي ٿي سگهي، جو ان ڪهاڻيءَ جي خوبصورتي، ان جي اڻپوري رهڻ ۾ آهي: تنهن ڪري چوائس اوهان جي آهي ته اوهين ڪهڙي ڌارا سان گڏ هلو ٿا.
    تون دودو ٿيڻ ٿو چاهين يا چنيسر
    تون ٻاگهل ٻائي ۽ بينظير ڀٽو ٿيڻ ٿي چاهين يا، ڪونئرو ۽ ناتر؟ تون نائومل ٿيڻ ٿو چاهين يا راجا ڏاهر ۽ هيمون ڪالاڻي؟. تون مخدوم بلاول ٿو ٿيڻ چاهين يا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون؟ اها سموري چوائس اوهان جي هٿ ۾ آهي. جي زندگي هڪ سورج ۽ چنڊ جي طلوع ۽ غروب جي وچ واري عرصي جي هڪ مختصر اڻپوري ڪهاڻيءَ جو نالو آهي، ته پوءِ ڇو نه چونڊجي وطن ۽ ويڙهيچا، ڌرتيءَ سان محبت ۽ ماڻهوءَ سان پيار، حق ۽ سچ جو ساٿي ۽ ناحق جو دشمن.
    پر جيڪي اهو نٿا چونڊين ته ڇا وري ان ڳالهه تي ڦري اچجي ته شايد انهن جي نصيب ۾ اهي لعنتون ملامتون ۽ غداريون لکجي اچن ٿيون ته جيئن ماڻهو حق ۽ سچ جي پرک ڪري سگهن. وطن لاءِ سر ڏيندڙ ڏياچن ۽ وطن سان غداري ڪندڙ نائون ملن جي وچ ۾ ڪا ليڪ ڪڍي سگهن.
    پر هاڻ ته ’نيولبرل دنيا‘ ۾ اها ليڪ به سنهي ٿيندي پئي وڃي. خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪير اسان جي پاسي آهي ۽ ڪير اسان جي ويرين جي پاسي آهي. هوسڀني ۾ موجود آهن، جي پڇو ته چون ٿا ته دنيا جا جديد سياسي نظام ’سماجي لهه وچڙ ۽ هڪ ٻئي سان انگيج ٿيڻ‘ جو گس ٻڌائين ٿا. ان جديد تعارف، ليڪ سنهي ڪئي آهي غدار ۽ وطن فروش ۽ وطن دوست جي وچ ۾. جڏهن اها ليڪ سنهي ٿي ڪنفيوز ڪرڻ لڳندي آهي ته پوءِ يڪتارا، هارمونيم، بينجو ۽ ڍولڪ وغيره اُن سنهيءَ ليڪ جو فرق ٻڌائيندا آهن.
    صادق کي ڏنل هيءَ ڀيٽا محبتن جي، لڙڪن جي، چاهتن جي ۽ خوبصورت لفظن جي، اها عمارت آهي، جيڪا اسان جي هڪ عاشق ۽ ذميوار قوم هجڻ جي نشاني آهي. صادق ته هليو ويو ۽ اسان به هڪ ٻئي پٺيان هليا وينداسين. ۽ رهجي اهو ويندو، جنهن جو وطن لاءِ ڪو پورهيو ٿيل هوندو، جنهن سنڌ جي آجپي لاءِ جاکوڙ ڪئي هوندي، جنهن پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي رلي وڇائي وطن جي آڌر ڀاءُ ڪئي هوندي، جنهن پنهنجي آرٽ ۽ فن، جي حصي مان ڪجهه کٽ مٺا انهن ٻارڙن ۾ ورهايا هوندا، جيڪي اڄ صادق کي هيءَ ٽريبيوٽ پيش ڪري رهيا آهن.
    آيَـــلِ! اُنِ نه وِسَــهان، هَــنــجُون جي هــارِينِ،
    آڻــيــو آب اََکــيـنِ ۾، ڏيــهه کي ڏيــکارِيــنِ،

    سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه ڪي رُونِ نه چُونِ ڪِي.!

    (لطيف)

    ذوالفقار هاليپوٽو
    25 مارچ 2015ع
    حيدرآباد، سنڌ


    • تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجي روح ۾! : عبدالواحد آريسر

    سنڌ جو ٻيجل، جنهن کي آءٌ سنڌ جو ’وڪٽر هارا‘ سڏيندو هئس، سو سنڌ کي ڏهاڳ ڏئي وڃي بهشت جي هوائن ۾ ويٺو- يعني مٺيءَ جو سج مڪي ۾ غروب ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته صادق فقير هن ڏهاڳڻ ڌرتيءَ کي سدائين لاءِ ڏهاڳ ڏئي وڃي ملان مارڪ کي پنهنجو راڳ ٻڌائڻ لڳو آهي. شآيد اسان جي پڙهندڙن کي ملان مبارڪ، جي موسيقيءَ سان عشق ۽ ڄاڻ بابت خبر گهٽ هجي. ملان مبارڪ سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ابوالفضل فيضيءَ جو والد هو، جنهن جي نالي کان متاثر ٿي شيخ اياز فخر وچان چيو هو ته منهنجو نالو به مبارڪ آهي. اُن مبارڪ لاءِ مولانا آزاد پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’غبارِ خاطر‘ ۾ لکيو آهي ته: ’اڪبر بادشاهه هن کي تان سين جو راڳ ٻڌايو ۽ کانئس تان سين جي راڳ بابت راءِ پڇي ته هن سنڌ جي موسيقيءَ جي ماهر هڪڙي مختصر جملي ۾ جواب ڏنو ته ’بلي مين سرايعت‘ (ها مڙئي رينگٽ ڪريو ٿو وٺي). اگر اهو ملان مبارڪ، صادق فقير کي ٻڌي ها ته يقيناَ اهو جواب ڏئي ها ته هيءُ سنڌ جي رڻ پٽ کي زندگيءَ جا ٽهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو. راڳ جا ڄاڻو پاڻ کي سنگيت پريمي سڏين ٿا، تن کي اها خبر ناهي ته سنگيت من رس ۽ دماغ رس ته هوندو آهي. بلڪ سنگيت ڪن رس، اک رس، نڪ رس، ذائقا رس ۽ هٿ رس هوندو آهي ۽ شاعر انهن حواسن سان محسوس ٿيل، ڇُهيل، ٻڌل، سونگهيل ۽ چکيل شين کي لفظن جا روپ ڏئي، تخيل جي بلنديءَ سان زمين تان کڻي، ستارن کي پٽي محبوب جي سينڌ ۾ افشان ڪري وجهندو آهي. جڏهن ته ڳائڻو اُن افشان کي محبوب جي چُنيءَ ۾، مرڪ ۾ ۽ پيشانيءَ جي پگهر جي قطرن ۾ سجائي ڇڏيندو آهي. اسان جو صادق به اهڙو ئي هو، جنهن شيخ اياز، اياز گل، ادل سومري، استاد بخاري، ولي محمد وفا، سائينداد ساند ۽ حليم باغيءَ جي تيز حواسن سان معطر ٿيل شاعريءَ کي پنهنجي صحيح اُچار ۽ سريلي آواز سان سنڌ جي هوائن ۾ خوشبوءِ وانگر ڦهلائي ڇڏيو.
    صادق من رس کان وڌيڪ حواس رس ڳائڻو هو. هن کي پئسي، دولت ۽ ٻي رنگ رنگيلي دنيا سان چاهه نه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن صرف ڪجهه ساڃاهه وند ٻڌندڙن جي ٻڌڻ لاءِ سموري رات ڳائيندو هو. هڪ دفعي نصيرآباد ۾ هن ڳايو پئي. گهڻي ڀاڱي ماڻهو اُٿي ويا ته مون کي اُن وقت هڪ سٺي مقرر جا لفظ ياد آيا، جنهن چيو هو ته: ’منهنجي تقرير کان اڳ ۾، ٻن قسمن جا ماڻهو اٿي وڃن. هڪڙا اُهي، جن تازيون شاديون ڪيون آهن ۽ ٻيا اُهي جن جي گهرن جا تالا ڪمزور هجن. ڇو ته آءٌ ڪنهن سهاڳڻ جي پِٽ کڻڻ نٿو چاهيان ۽ نه ئي ڪنهن غريب جي گهر ۾ چوري ڪرائڻ ٿو چاهيان: ڇاڪاڻ جو مون جنهن وقت تقرير مون شروع ڪئي هئي ته رات پنهنجا ڪارا وار ڪنهن سلفيءَ جي لاٽ جهڙي بدن تي ويڙهي ڇڏيندي ۽ سڀڪو اُن لاٽ جهڙي بدن کي ڏسڻ لاءِ مجبور هوندو ۽ اُٿي نه سگهندو‘. پر نصيرآباد جا شايد گهڻا ماڻهو تازا پرڻيل هئا يا سندن گهرن جا تالا ڪمزور هئا، سي گهڻي ڀاڱي اُٿي ويا، پر آءٌ ويٺو هئس ۽ ڪافي ٻيا دوست به ويٺل هئا. تيستائين فجر جي اذان آئي ته هڪڙي ماڻهو رڙ ڪئي ته سائين، مولوي اذان پيو ڏي؛ ته ٻئي دوست وراڻيو ته؛ هڪ مُلون اذان پيو ڏيئي ۽ ٻيو ملون (مون ڏانهن اشارو ڪندي)،صادق جي سامهون ويٺو ٻڌي تنهن تي صادق جواب ڏنس ته؛ هتي ويٺل مُلو هڪڙو ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي- ۽ پوءِ اذان پوري ٿيڻ کان پوءِ صادق اُٿي روانو ٿيو ۽ ائين ڪونه پڇيائين ته اسٽيج تي نوٽ ڪيترا آهن. يا مون کي ڪرايو ڏيندا به يا نه! پيسن جي معاملي ۾ ايڏي بي پرواهيءَ جو مظاهرو مون اڳي صرف استاد منظور علي خان ۾ ڏٺو هو ۽ ان کانپوءِ صادق فقير ۾.
    استاد منظور علي خان وٽ هڪ دفعي آءٌ ۽ مدد علي سنڌي، ٽنڊي آدم وياسين ۽ چيوسين ته: ’اوهان کي رهبر سنڌ (سائين جي. ايم سيد) اڄ بٺوري گهرايو آهي. اتي يومِ لطيف آهي.‘ اسان ويٺا ئي هئاسين ته هڪ شاندار ڪار استاد جي دروازي تي اچي بيٺي. استاد کانئن اچڻ جو سبب پڇيو. هنن جَواب ڏنو ته اسان کي ملڪ جي هڪڙي وڏي ماڻهوءَ موڪليو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سفيرن جي دعوت ڪئي آهي ۽ اوهان کي اتي ڳائڻو آهي، استاد چيو ته؛ ’بابا مون کي بٺوري وڃڻو آهي، اُن جي لاءِ هي ماڻهو آيا ويٺا آهن. ايندڙ همراهن چيو ته سائين سوچيو؛ ’ڀلا بٺوري ۾ اوهان کي ڇا ملندو؟‘ استاد وراڻيو ته، اهو سوچيان ها ته شڪارپور ڇڏي، ڀٽائيءَ جي ڀرسان ٽنڊي آدم ۾ اچي نه رهان ها‘- ۽ پوءِ استاد اسان سان گڏ هليو، اسان وٽ گاڏي نه هئڻ سبب سنڌ جو مها ڳائڻو اسان سان گڏ بس ۾ سفر ڪري بٺوري پهتو ۽ بٺوري ۾ ڳائيندي، جڏهن هن سچل جو اهو شعر پڙهيو ته:
    ’هڪ جوءَ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان .
    اهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا.‘

    تڏهن سائين جي. ايم. سيد اسٽيج تي ويٺي روئي ڏنو، جنهن تي استاد منظور علي خان مون کي چيو ته؛ اهڙو داد مون کي سفيرن جي دعوت ۾ ڪونه ملي ها. اهي لڙڪ ناهن، پر موتيءَ داڻا آهن! واقعي موتيءَ داڻن جو قدر پارکوءَ کي ئي هوندو آهي. اهڙي ريت صادق جو واقعو مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته ٿر ۾ هڪ پٽيل جي شاديءَ ۾ صادق دل کولي ڳايو ۽ مٿس نوٽن جي برسات ٿي وئي، پر راڳ ختم ٿيڻ تي صادق هڪڙو نوٽ به نه کنيو، جنهن تي اسان کانئس سبب پڇيو ته هن وراڻيو ته ڳائڻ تي پيسا وٺڻ مون کي شرم ٿو اچي. اهو هو اسان جي ٿر جو ٻاٻيهو صادق، جنهن جي يادگيرين جا مون وٽ دفتر ڀريل آهن، پر بيچاڪائيءَ جي ڪري ايترو لکان ٿو ته: شيخ مجيب، شيخ اياز جي ڪلام جي هيءَ سِٽ ٻڌندي’نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار‘ هڪ ڀيري چيو هو ته ’جي. ايم سيد! سنڌ ۾ اهڙي شاعري هوندي، سنڌ جا مرده ڇو نٿا جيئرا ٿين.‘- ۽ آءٌ به اڄ حيران ٿي چوان ٿو ته ٿر ۾ اياز جي شاعري ۽ صادق جو آواز هو، پوءِ به ٿر ۾ ڏڪار ڇو ٿي پيا!


    • مان اُڀري ايندس، ڪُلهي پائي ڪينرو! : تاج جويو

    اڄ 2 مارچ آهي، سنڌ جي سدا حيات شاعر شيخ اياز جو جنم ڏينهن، بسنت ڦُٽي چڪو آهي. بسنت رُت شاعرن ۽ آرٽسٽن جي جنم جي رُت هوندي آهي. بسنت رُت ۾ روهيڙا گُلن سان سَٿجي ويندا آهن، جن ۾ سونهري- ڳاڙهي رنگ جا گُل ٿيندا آهن، ۽ جن سان ٿر جا سارا ڏهر ڀرجي ويندا آهن.
    اَڄ به بسنت رُت آهي. ’بُوند برهه جي بهار لڳي آهي، ۽ درد ونديءَ جو ديس وسي پيو آهي.‘ دردونديءَ جو ديسُ، جيڪو لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ جو حصو آهي، ۽ اُتي اڄ دردُ اچي لٿو آهي. اُڀ به وسيو آهي ۽ اَکيون به وسن پيون. مخدوم نوحَ، ڪيئي صديون اڳ چيو هو ته:
    پيئي جا پرڀاتِ، سا ماڪَ مَ پسو ماڻهونئا،
    روئي ڇُڙي راتِ، ڏِسي ڏُکوين کي!

    پر اڄ جيڪا ’درد جي برسات وٺي آهي، اُن ۾ راتِ روئي ڇُڙِي آهي ته ڏينهن به ڏُسڪي رهيو آهي. سجُ به سُڏڪي رهيو آهي ته چانڊوڪي به چَڪ هڻي رهي آهي. اڄ هر اکِ آلي آهي، هر ديدَ ڀِنل آهي. هر دِل دردَ ۾ ٻُڏل آهي، جو اَڄ اُها صحرا جي صدا، ڀِٽن ڀرِ مان اُڀريل اُهو ٿر ٻاٻيهي جو آلاپُ ۽ اُهو ڪوئل جي ڪُوڪَ جهڙو آوازُ خاموش آهي، جنهن آوازَ جي مالڪَ راڳيءَ جي شيخ ايازَ کي ڪيتري وقتَ کان تلاشَ هئي ۽ اُهو کيس مِلي به ويو هو، جنهن کيس سڀ کان وڌيڪ ڳاتو به هو. اُهو صادق فقيرَ جو سدا جُوان آوازُ، اڄ عربستان جي ريگستان ۾ ٻُٽجي ويو آهي.
    صادق فقيرُ، جڏهن سانوڻ، رُت ۾، ايازَ جو هيءُ گيت، پنهنجي پُرسوز آواز ۾ آلاپيندو هو ته جيءُ جهوري وجهندو هو:

    سانوڻَ، ڪيئن اڪيلو آئين،
    ساجن کي به ته آڻِ!
    اڄ آءٌ پنهنجي ادبي مُرشد ۽ جديد شاعريءَ جي امامَ، شيخ ايازَ کان معافي وٺندي، سندس گيتَ ۾ هيٺينءَ ريت ترميمَ ڪندي چوان ٿو:
    بسنت ! ڪيئن اڪيلو آئين،
    ’صادق‘ کي به ته آڻ!
    ’ساجن‘ کي به ته آڻ!
    صادق يارَ! تو سان اسان اڃا ڪچهريون ئي ڪيتريون ڪيون هيون. اڃا تنهنجي راڳَ مان اسان جي دل رَڄي ئي نه هئي، تون ته اڃا گُل ئي مَس ٿيو هُئين، اڃا تنهنجو ديدارُ ئي ڪهڙو ڪيو هئو سون، جو بهارُ ختم ٿي ويو!
    حيف در چشمِ زدن صحبتِ يار آخر شُد،
    رُوءِ گل سير نه ديديم و بهار آخر شد!

    [حيف جو اکٻوٽ ۾ يار جي صحبت ختم ٿي وئي، گلَ جو مُنهن اڃا ڍَءُ ڪري ڏٺو ئي نه هو ته بهارُ ختم ٿي ويو-1 [
    شيخ ايازَ جي هن پسنديده راڳي صادق فقيرَ،گائڪيءَ کي زندگي، ۽ زندگيءَ کي گائڪي بنائڻ چاهيو هو، پر وقت کان اڳ ئي هُو هليو ويو، ۽ ايازُ اسان کي ڏڍُ ڏيندي چوي پيو:
    ناهي موتَ ميارَ،
    ووءِ ميان، ووءِ ميان!
    اُگهو ميان اکيون، پوي جئن نه پچار!
    ووءِ ميان، ووٰ ميان!
    سانڀي رکو ساهَه ۾، پنهنجا قولَ قرارُ،
    ووءِ ميان، ووءِ ميان!
    آءٌ هتي شيخ اياز جي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي جلدن مان موت بابت، دنيا جي شاعرن ۽ مفڪرن جا ڪجهه حوالا ڏيان ٿو:
    ’مَرڻ ۽ ننڊ ڪرڻ،
    اتفاق سان سپنو ڏسڻ،
    اِتي ئي ته مهٽو اچي ٿو!
    -
    ’وقتُ زندگيءَ جو تَتُ آهي....
    ۽ وقتُ، جو ساري زندگيءَ تي حاوي آهي،
    اُن لاءِ ضروري آهي ته اُهو
    ڪٿي بيهي وڃي.‘ (شيڪسپيئر)
    -
    ’محبت ۽ مزاحَ جي ٿوري موسمَ،
    روشنيءَ جي ۽ زندگيءَ جي، دُک ۽ سُکَ جي-
    اُن کان پوءِ اوندهه جو شديد خوفُ،
    ۽ مِٽي، مِٽيءَ ڏانهن وڃي ٿي.‘ (سنسڪرت جو نامعلوم شاعر‘)
    -
    ’اينَ عُمر که بيتاب بَه بِينِي آن را،
    نقشِ ست که برآب به بِينِي آن را،
    دُنيا خوابي و زندگاني دردي،
    خواب است که در خواب به بينِي آن را!‘ (عمر خيام)
    [ترجمو: هيءَ عمر، جنهن کي تُون بيتاب ٿي ڏسين ٿو،

    چِٽُ آهي جو تُون پاڻيءَ تي ڏِسين ٿو،
    دُنيا خُواب آهي ۽ زندگانِي دردُ آهي،
    خواب به اهڙو جو ڄڻ ته خواب ۾
    خواب ڏسي رهيو آهين![


    ’جيئن گاهَه جي پتي تي ماڪَ ڦُڙو،
    رڳو هڪ گهڙي رهي ٿو،
    اِئين ماڻهوءَ جو جيون
    گوتم! چوڪس رهه!‘ (مهاوير)
    انسانُ حقيقت ڪهڙي، قطرو دريا ۾، هُو!
    جهڙي معنيٰ رکندو آهي، ذَرّو صحرا ۾، هُو!
    ’ (اياز: ’ڪونجون ڪرڪن روه ۾‘)
    -
    ماز آغاز و انجام جهان بي خبريم،
    اول آخر اين ڪُهنه ڪتاب اُفتاد است!
    [اسان هن جهان جي آغاز ۽ انجام کان بيخبر آهيون، هن پُراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ پويون پنو ڦاٽي ويو آهي [
    شيخ ايازُ، ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ لکيو آهي ته:
    ’عشقُ، موتُ ۽ خُدا، ٽي اهڙا اسرار آهن،
    جي هن وقت تائين ڪنهن به نه ڄاتا آهن،
    ۽ نه ڄاڻي سگهندو.‘
    ڪنهن ٿي ڄاتو ته، سنڌ جي آوازَ- شيخ ايازَ جو آوازُ، پنهنجن آلاپن ۾ سانڀي رکڻ وارو سدا ملوڪ راڳي صادق فقيرُ، پنهنجي ’ڪٽنب جي ڀاتين، معصوم ٻچڙن، جيون ساٿڻ ۽ سالي سان گڏ سعودي عرب ۾ عمرو ڪرڻ ويندو، ۽ يارن دوستارن سان کِلي، مُسڪرائي ويندڙ هي پاڪ روحُ، ’عرب جي تنها دشت‘ ۾، بي سُڌ ۽ بي جان ٿِي، ’ٿر جي صحرا‘ ۾ واپس موٽندو! واقعي موتُ هڪ اِسرار آهي!
    ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽُ، ڪڏهن مڙهُه مُقامَ ۾،

    واريءَ سندو ڪوٽُ، اڏي، اڏبو ڪيترو! (شاهه)

    شيخ سعديءَ جي شعر جي هڪ سٽ آهي ته:
    ’زخاڪِ سعديء شيراز ازبوءِ مي آيدٰ!‘

    [شيرازَ جي سعديءَ جي مٽيءَ مان عشق جي بُوءِ اچي ٿي![
    هتي آءٌ وري هڪ ڀيرو، شيراز جي سعديءَ جي رُوح کان معذرت گهُرندي، سندس شعر ۾ ترميمَ ڪريان ٿو:
    ’ز خاڪِ صادقِ سندهه از بوءِ مي آيد!’

    [سنڌ جي صادق جي مٽيءَ مان عشق جي بُوءِ اچي ٿي![
    شيخ ايازَ، واقعي سچُ چيو آهي ته: ’عشقُ، موتُ ۽ خُدا اسرار آهن.‘

    رِڻَ- ٻارڻُ ٻاري ويا، آڌيءَ اُٿِي جي،
    ساري ٿي تن کي، اُڀرِي باکَ بسنتَ جي!

    -
    کڻي کڻان ڪيتريون، پِريَن پيراڙِيون،
    وَستيون اُجاڙيون، جِن ويندي هن جُوءِ جون!
    مُئا مُرڪن ٿا پيا، آئيندي جي اوٽَ،
    هُو جي گهڙيءَ گهوٽَ، صديون سارينديون گهڻيون!

    (اياز: ’راج گهاٽ تي چنڊ‘)

    مون لکڻ ته شيخ ايازَ تي چاهيو هو، پر ذِڪر ڇِڙي صادق فقير جو پيو، جيڪو خود ’مجسم اياز‘ هو. دل چاهي ٿي ته هاڻي اياز ۽ صادق هڪ-وجود/ وحدت الوجود جو روپ وٺي چڪا آهن ته ٿر هلجي، اياز جي ٿر جي پسمنظر واري شاعريءَ ڏي هلجي، ڇو ته اڄ نيڻن ۾ رڳو ’ساجن‘ آهي، ’صادق‘ آهي ۽ تصور ۾ عابده پروين ڳائي رهي آهي:
    اُن نينن ۾ چئن ڪهان، جن نينن ۾ نينَ!

    منهنجي سامهون، شيخ اياز جو شعري مجموعو ’اڪن نيرا ڦُليا‘ کليو پيو آهي، ۽ ايازَ جا بيتَ اوڙڪون ڪري من تي وسي رهيا آهن:
    مَندر تي مِڙندين، منهنجا گيتَ ٻُڌي ڪري،
    کائڙ يا کِڙندين، ٿر جي چوڏهينءَ چنڊ جئن!

    [نوٽ: مندر، ٻه ڀِٽون جيڪڏهن ڪُنڊ وٽ گڏيل هونديون آهن ته گڏيل هنڌ جي هيٺاهين زمين کي ’مندر‘ چئبو آهي]
    گيتَ پيا هي ڳائبا، ڀِرندي تِن سان ڀُون،
    ساري رات ڀِٽون، ور ور مون سان گونجنديون!


    ڪيڏا ڦُولَ ڦلاريا، آيو آهه بسنتُ،
    پر هِي منهنجو انتُ، جنهن مون کي مُرجهائيو!


    وِيرو تارِ وَسان پيو، ٿر بر منهنجو نانءُ،
    توڙي ناهيان آنءُ، آءٌ اوهان ۾ آهيان!

    هِي جي موگر وَلِ، پِيلا پيلا گُلڙا،
    تِن تان ٿڌِي ماڪَ مون، لاتِيَ پنهنجي ڳل،
    مان سوچان ٿو ڀلِ، هاڻي مان ڌرتِي ٿيان!
    -
    مُڙِي پنهنجي موتَ کان، پُٺتي نِهاريان،
    اکيون جئن ٺاريان، ٿَرَ جِي ٿَڌيءَ ريتِ تي!
    واقعي اڄ ايازُ ۽ ايازَ جو عاشق صادقُ، وِيرو تار وَسي پيو، ٿربر سندن نانءُ آهي، توڙي هو جسماني طور اسان وٽ نه آهن، پوءِ به اسان ۾ آهن. موگَر وِل ۾ پيلا گُلڙا ڦٽا آهن، ۽ هُو گلن جا هارَ پائي ’ڌرتي‘ ٿي چُڪا آهن!
    اياز جي شاعري ۽ صادقَ جا گيتَ، ورور پيا ٻُڌبا، ’مندر‘ تي ميڙا ٿيندا، ساري ساري رات ڀِٽون اياز جي گيتن ۾ صادق جي آواز سان گونجنديون رهنديون! ڪَوِي ۽ آرٽسٽ مرندا نه آهن، هُو پنهنجي ڪوِتا ۽ ڪلا ۾ زنده جاويد هوندا آهن.
    ساٿي! مون دُنيا گهُمي، چونڊيو آهي ٿَرُ،
    ڄڻ ڪنهن سُرڳَ سمانُ آ، واريءَ تي هِي گهرُ،
    سانجهيءَ وير اَمرُ، آهي رتيءَ ريت تي!
    اياز ۽ صادق جو انتخابُ ٿر آهي، ۽ ٿرُ، ايازَ جي لفظن ۾:
    ”خُدا جي مصوري آهي، خُدا، جو عظيم ترين مصور آهي ۽ پوري ڪائنات هن جي ڪئنواس آهي. مون کي سارو ٿرُ تصوير وانگر نظر آيو، جنهن مون تي ۽ منهنجي شاعريءَ تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن مان تصور ٿو ڪريان، تڏهن مون کي مٺيءَ جا گهرُ پِڪاسو جي ڪيوبسٽ تصويرن وانگر ٿا لڳن. اُتي غربت هئي، ڪٿي رَٻ ٿي رَڌي وئي، ڪٿي ڪِرنگهه تي قناعت ڪئي وئي، ڏوٿي، ڏوڪڙ-ڪلچر جو حصو نه ٿيا هئا، پر اُنهن جو اندر آڪاش جيترو وشال هو، جنهن کي نوَ لک نيڻ آهن“
    (’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘: ص 73)
    واقعي مِٺي، جتي جو صادق فقير رهاڪو هو، اُتي جا گهر، پِڪاسو جي ’ڪيوبسٽ تصويرن‘ جيان ٿا لڳن، ۽ هتان جا ڏوٿي، اڃا ڏوڪڙ-ڪلچر جو حصو نه ٿيا آهن، جن جو نمائنده نمونو صادق فقير هو، جيڪو خود ’ڏوڪڙ ڪلچر‘ جو حصو نه ٿيو هو. ڏوڪڙ کان وڌيڪ هن کي محبت ۽ پيارَ جي ضرورت هئي، ۽ هُن پاڻ به محبتون ونڊيون ۽ پيارُ ورهايو هو. اُن ڪري ته اڄ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، ۽ سڄيءَ سنڌ جي نيڻن ۾ صادق لاءِ پيارُ پلٽجي آيو آهي:
    اُن نينن ۾ چئن ڪهان، جن نينن ۾ نينَ!

    هاڻي وري آءٌ اياز جو ٻيو شعري مجموعو، ’جهُڙ نيڻان نه لهي‘، کولي اڳيان رکان ٿو، ۽ اُن جو وِرد ڪريان ٿو:
    متان هِينئون هارئين، سارَ نه گُلن هارَ،
    ورلي سرجڻهارَ، سوڀ چکن ٿا جيئري!

    -
    مُنهنجي فن آهي ڏني، ڄڻ نرگس کي دِيدَ،
    مان ئي هان ترديدَ، تُنهنجيءَ هر تخليقَ جي!

    -
    وڃان ٿو وينجهارَ! موتي ڏئي اَڻ ميا،
    صديون پيا سُونجهبا، جِن جا ڍيرَ هزارَ،
    ٻُڏِي سوچ وِچارَ، پرکيندا مون پارکُو!

    -
    ڪوئل ڪري وائڙي، ويئي اڄ مخلوقَ،
    ايڏي تِکي ڪُوڪَ، مرڻ کان اڳ ۾ ڪري!

    واقعي اياز جي فنَ ۽ صادق جي ڪلا، ’نرگس کي ديد‘ عطا ڪئي آهي. هڪ تخليقڪار ۽ ٻيو وينجهارُ/فنڪارُ اڻ ميا موتِي ڏئي ويا آهن، جيڪي صدين تائين پيا سُونجهبا ۽ پارکو پيا پرکيندا. واقعي ايازُ ڳائيندي، صادق جي گلي مان ڪوئل ڪُوڪيندي هئي- ۽ چار ڏينهن اڳ، 26 فيبروريءَ تي ’دشتِ عرب‘ ۾، مرڻ کان اڳ اُها ڪوئل جي تِکي ڪُوڪَ، اسان جا اندر اڌ ڪري وئي هئي:
    رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَر ڪوئل جي ڪُوڪَ،

    ولولو ۽ وُوڪَ، ايءَ تان آهه عشقَ جي! (شاهه)

    ايازُ ساحرُ ڪوي آهي، مصور شاعر آهي. هن ’اڪن نيرا ڦُليا‘ وارا بيتَ مئي 1988ع ۾ ٿرَ جي پسمنظر ۾ لکيا هئا، ۽ ’لاڙ‘ جي پسمنظر سان بيت پنهنجي ڪتاب ’جهڙ نيڻان نه لهي‘ (اپريل 1989ع) ۾ ڏنا آهن. هي ڪتاب هن بيماريءَ جي بستري تي، موت کي گوهي ڏئي لکيو هو. هُن اِن ڪتاب جي مهاڳ جي پڇاڙڪي پئرا ۾ لکيو هو ته ”ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته زندگيءَ جو سفر اچي پورو ٿيو آهي، ۽ مُون کي ايتري مهلت نه ملندي ته مان پنهنجي جيئري پنهنجي شاعريءَ کي حقيقت جو روپ وٺندي ڏسي سگهان، پر منهنجي شاعري نيٺ حقيقت جو رُوپ وٺندي، اُن جو مون کي پورو يقين آهي. هن اڀاڳي برصغير جي سُورن جو ٻيو ڪو به علاج به ته ڪونهي!“
    (18-اپريل 1988ع)

    - ۽ اِن ڪتاب کان پوءِ، ايازُ نوَ سالَ زندهه رهيو ۽ اسان کي ڪيترائي ڪتابَ ڏنائين. اڄ جڏهن اياز جي شاعري حقيقت جو روپ وٺڻ لاءِ تيارُ آهي، سندس شاعريءَ جو گائڪُ صادقُ اسان وٽ نه رهيو آهي، پر سندس ايازَ جا ڳاتل گيتَ اڄ به سنڌ جي فضائن ۾ گُونجي رهيا آهن:
    -’جواني نه رهندي، جواني نه رهندي‘....
    -’مون پيارُ ڪيو، پيار ڪيو، پيارُ‘....
    -’سکي پِيا کي ملين ته چئجانءِ، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي!
    - مڻهيار آيو، مڻهيار آيو.......
    - وڃو ڪنويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چؤ!
    - ٿي املتاس تان ڪُوڪ ڪويل ڪري.......
    - هئه هئه منهنجي چولڙي، ڌوءُ نه ڌوٻِي گهاٽ تي!
    - تو لئه تڪيندي ڏيئا اُجهاڻا.......
    -ٻاٻيهو ٻولي!
    -رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي!
    - جا خُدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾ !
    - ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا.....
    -سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين.......
    - سهندو ڪير ميار، او يارُ
    - سنڌ ديس جي ڌرتي، تو تي پنهنجو سيسُر نمايان.......
    -ڌرتي توکي منهنجي چمي، اڌ ۾ رهجي وئي
    ۽ ٻيا الائي ڪيترا غزل، گيت ۽ وايون!
    اڄ جڏهن اياز جي شاعريءَ کي حقيقت جو روپ وٺڻو آهي، سندس مرقد تي ميڙي مچڻ جو وقت اچي رهيو آهي، سنڌ آرس موڙي اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، دهشتگردي ۽ مذهبي منافرت تي وارُ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته صادق جو وڃڻ وڏو الميو آهي، اياز جي ٻيجلَ جي جُدائي جهوري رهي آهي. پر سِنڌ سَنڍِ ٿيڻي نه آهي، نوان ’ٻيجلَ‘ جنم وٺندا، ’جهونا ڳڙهه‘ جهُرندو، ايازُ اهڙي پڪ ڏياري ٿو، سندس شاعري اهڙي خاطري ڪرائي ٿي:
    مُون ۾ سهسين سورٺون، مُون ۾ سَوَ ٻِيجَلَ،
    جيءَ نه ايندي جهلَ، جيسين جهُونا ڳڙهه جهُري!

    ايازُ اسان جي دَور جو آئينو آهي. اُن ۾ رڳو پاڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي. پاڻ سُڃاڻڻ سان گڏ سنڌ سُڃاڻڻ جي ضرورت آهي:
    مان جو تنهنجي دَور جو آئينو آهيان،
    ڪيڏو ٿو چاهيان، مون ۾ ڏسين پاڻ کي!

    اسان جڏهن پاڻ سڃاتو، اسان جڏهن اڀرن سڀرن کي گڏ کنيو، اسان جڏهن سنڌِ کي سڃاتو، اسان جڏهن منزل جي ساڃاهه پاتي ته وري ايازَ ڄمندا، وري صادق ورندا ۽ هُو ڪلهي ڪينرا پائي ايندا:
    جيسين آهي جندڙي، تسين ڳائيندس،
    ڪِئن ڀاڪرَ ۾ ڀُونءِ جي، ٿانئيڪو ٿيندس؟
    مان اُڀري ايندسُ، ڪُلهي پائي ڪينرو!

    آزاديءَ جا ڏينهن، گلن جي پوکَ جيئن ورندا، اُها ئي اسان جي موک آهي، اها ئي اسان جي مُڪتي آهي:
    آزاديءَ جا ڏينهڙا، ڄڻ ڪا گُلن پوکَ،
    ماڻهو! تنهنجي موکُ، ٻي ڪهڙي سنسارَ ۾!

    -

    سُرهاڻيون ٿينديون سوين، مان ڀانيان هي ڀُون،

    اچڻي آهين تون!
    سُونيون ٿينديون سِجَّ سان، ڀڙڪي نيٺ ڀِٽون!

    اچڻي آهين تون!
    (2 مارچ 2015 تي، شيخ اياز جي جنم ڏينهن تي،
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾،
    ”اياز شناسي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل)


    • سنڌ جي ٻيجل جي موڪلاڻي! : مختيار ملڪ

    اُهي چَپ هاڻي چُپ ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪڏهن سنڌ جا سُر ٻُرندا هئا، جن ۾ ٿر جي پيڙا جا پڙلاوَ ايندا هئا، جن ۾ قومي جاڳرتا جا گيت گونجندا هئا، جن ۾ صدين جون صدائون اڀرنديون هيون. هاڻي اهو سنڌ جو ٻيجل ٻيهر ٻُري نه سگهندو، اهو الوپ ٿي ويوآهي. سڄي سنڌ اداس ٿي وئي آهي. ٿر جا مور ڏکارا آهن، ڀٽن ۾ ڀٽڪندڙ واءُ انهن وکريل سُرن کي سوجهي رهي آهي، پر ڪٿان به صادق فقير جا سريلا آلاپ ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿا اچن.
    ڳولا ۾ آ شامل سائين، مون سان منهنجو راڳ
    ڪٿي آ منهنجي منزل سائين ڪٿي آ منهنجو ڀاڳ

    سُرن ۽ سنگيت جي سرزمين سنڌ جو اهو سرموڙ راڳي، عرب جي ريگستان ۾ هميشه لاءِ وڃائجي ويو آهي. هو ته هاڻي فقط سنڌ جي امر ساروڻي بڻجي ويو آهي. عرب ۽ ايران ۾ اڳي ته اسان جا راڳي ناقدرين ۽ چالاڪ چچ برهمڻ جي منو قاعدن ۽ قانونن کان پاڻ بچائي، 80 سالن تائين لڏيندا رهيا. تڏهن به اسان جي سنڌ ائين ئي اُٻاڻڪي هئي. ڪيئن نه وقت جي وهڪرن ۾ سنڌ جا راڳ رلندا رهيا ۽ سنڌ صدين تائين سُر ۽ سنگيت لاءِ سڪندي رهي. سنڌ جي مٽيءَ مان سُرن جي سرهاڻ ڪڏهن نه ٿي کٽي سگهي. صادق فقير ٿر جي مخصوص لهجي ۾ ڳائيندو هيو، ٿر اڳ ۾ ته مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيتن سان سڃاتو ويندو هو ۽ پوءِ گيڙو رتل صوفياڻن ٻولن سان موهن ڀڳت جا ڪلام به گونجندا هئا، پر صادق فقير ته ماڳهين نئون جهان جوڙيو هيو. هو نئين دَور جو نرالو راڳي هو، جنهن سان نئين شاعريءَ جو ساٿ ۽ سنگم هيو، جنهن مها ڪوي شاعر شيخ اياز کي جڏهن ڳايو ته ان کي اهو چوڻو پيو ته سندس شاعريءَ کي اهڙي آواز جي ڳولا هئي. هو ٿر جي تاساريل مورن جيان پنهنجي پڪار ۾ جديد شاعريءَ کي سريلا آلاپ ڏيندو هو ته ڏکايل دليون جُهري پونديون هيون. ان جو بلڪل الڳ آواز هيو، هن جو نرالو انداز هيو، صادق فقير جهڙو راڳي نه ڪو اڳ ۾ هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪو ٻيو ٿي سگهندو. هو ته شهرتن کي امرتا بخشي ڇڏيندو هيو، هن جي ڳايل لفظن ۾ زندگي پنهنجي معنائن کي بيان ڪندي هئي. هن جي رڙ روح جي گهراين مان اُسري آسمان جي اُتاهين کي ڇهندي هئي. هن گذريل ٻن ڏهاڪن جي فني سفر ۾ سنڌي سنگيت ۾ نئون روح ڦوڪيو هيو. هن سنڌي شاعريءَ کي نئون اتساهه بخشيو هيو، صادق جو سگهارو ۽ سريلو آواز جڏهن به جنهن به ماڳ تي پڳو ۽ ڪنهن به ٻڌو ته اُن جو جيءُ جهنجهوڙجي ويندو هو. جڏهن هن اياز گل جا ٻول ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ پهريون ڀيرو ڳايو هو ته کيس وڏيون مڃتائون مليون هيون ۽ سندس پرستارن جو انگ وڌي ويو هيو. سندس آواز ۾ جندڙي جرڪڻ لڳندي هئي.
    سارو عالم سمهي، جلي منهنجي جاڳ،
    ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،
    ڀڙڪيا اُلا آڳ، جرڪڻ لڳي جندڙي!

    سنڌ جي محبوب راڳي صادق فقير جي ازل جي آواز مان روح جا راڳ ڦٽندا هئا، جيڪي ڪي ئي نينهن نهوڙيندا هئا. هو سهڻي سڀاءَ وارو سريلو راڳي اسان کان ڪوهين ڏور ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳ ڏانهن هليو ويو آهي. هو صرف اسان جي اڻ مٽ ساروڻي بڻيل آهي. يادگيرين جا ورق ورائجن ٿا ته سندس محفلون ڪٿي وسري ٿيون سگهن. مون کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ ڪي سال اڳ رڪارڊ ڪيو هيو ۽ سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيل ادل سومري جي وائيءَ جي ٻولن ’الائي ڪنهن جو هو، هلندڙ لاريءَ مان هڪڙو گُل ڪري پيو‘، رات جي پهر ۾ نشر ٿيڻ تي ٻڌندڙن کي مُنڊي ڇڏيو هيو. ڪي ئي ڏينهن فون تي ۽ روبرو هن جي آواز جي پرستارن کان واکاڻ ٻڌبي هئي، تازو ڪراچيءَ ۾ مون سنڌ جي سُريلن راڳين کي واري واري سان رڪارڊ ڪيو هو. تڏهن مون سڀ کان پهريان صادق فقير کي دعوت ڏني ۽ سندس آواز ۾ سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن جا ڪلام رڪارڊ ڪيا. شيخ اياز، شمشيرالحيدري، ادل سومري ۽ ٻين جي ڪلامن کي جديد سازن ۽ ٽريڪ مشينن تي رڪارڊ ڪيو هو، هو لاڳيتا ٽي ڏهاڙا ڪراچي ۾ ترسيل رهيو. رڪارڊنگ جي مرحلن ۾ هو وڏي دلچسپي ۽ چاهه سان ساٿ ڏيندو رهيو، سندس رڪارڊ ڪيل اهي نغما سنڌ واسين جي لاءِ اسان وٽ سانڍيل شايد آخري سوکڙي هجن، جن کي سندس وڇوڙي کان پوءِ صادق جي پرستارن ۽ سوڳوارن سان هوائن جي آڌار تي شيئر ڪيو ويو آهي. هن جو راڳ راتين جي رولاڪ جگنوئن جيان آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو:
    جڳ جي پوئين پهر ۾، مان جگنوءَ جي جاڳ،
    جرڪيا منهنجي راڳ ۾، ماروئڙن جا ماڳ.

    صادق فقير جي راڳ ۾ زندگيءَ جي حرارت آهي، جيڪا سندس ٻڌندڙن جي رڳ رڳ ۾ پهچي ويندي آهي. سُر ۽ سنگيت کي سونهن ۽ سوڀيا جا ڪي ئي رنگ صادق فقير جي حوالي سان سڃاتا ويندا. هو اسان وٽ نه رهيو آهي، پر هن جو راڳ سنڌ جي ثقافت ۾ هڪ الڳ ڏسا ۾ ڏيکاءُ ڏيندو، صادق فقير جي بي مندائتي موڪلاڻيءَ تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

    (روزاني ڪاوش: 28 فيبوري 2015ع)


    • الوداع الوداع صادق الوداع...! : نصير مرزا

    سنڌ جي آسمان تان اڄ هڪ ستارو ٽُٽي، ڇڻي ويو آهي، سُريلو ستارو صادق فقير ڀلي پار ويل هو ۽ دکدائڪ خبر بڻجي سنڌ ڏانهن موٽندو، قدرت صادق ۾ ڪهڙي ڪهڙي نه مڻيا رکي هئي، خوش آواز، نماڻائي، ادب، احترام ۽ درد ڀري گائڪي وارو املهه ماڻڪ 1985ع ڌاري ان وقت اسان ريڊيو وارن ۽ سنڌ واسين کي ميسر ٿيو، جڏهن مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد، حيدرآباد ۾ هڪ سٻاجهي ۽ نماڻي نوجوان راڳيءَ طور ٿري فنڪارن سان هڪ شام ۾ متعارف ٿيڻ لاءِ آيو هو ۽ ريڊيو حيدرآباد جي ٽيم هن کي گائڪ طور چونڊي ورتو هو. ائين هن کي مون ئي ته پهريون ڀيرو ريڊيو حيدرآباد جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ڪيو هو. ’لکئي ڙي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي‘، پوءِ ٿري لوڪ گيت ’رومال مارو رڱيو‘، پوءِ اياز جو گيت’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘- ۽ پوءِ جڏهن هن پنهنجي ئي تيار ڪيل طرز ۾ اياز گل جي وائي ڳائي ’توکان ٿيندي ڌار‘ پنهنجي آواز ۾ اسان کي رڪارڊ ڪرائي ته هو سنڌ جي نمائنده راڳي طور اڀري سامهون آيو. ان وچ ۾ هن ’املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري‘، ’سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان‘ ۽ ٿر صحرا مان ڪٺل مور جهڙن آلاپن ۾ هن شيخ اياز کي ڳائڻ شروع ڪيو ته شيخ اياز کي چوڻو پيو هو. ’هي آواز منهنجو آواز آهي ۽ منهنجي شاعريءَ لاءِ موزون ترين آواز آهي. پنجاهه سالن کان ان ئي آواز جي ڳولا هئي‘، پوءِ آڪاش انصاريءَ کي هن ڳايو، ’اسين بس رهياسين اڌورا...اڌورا‘ ۽ ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسٽيجن تان هن جڏهن قومي رنگ، آهنگ جي شاعري ڳائي ته هو ڄڻ قومي رنگ جي راڳيءَ طور اڀري سامهون آيو.
    صادق جو جنم 20 مارچ 1964ع تي مٺيءَ ۾ ٿيو، اها بهار جي رات هئي ۽ صادق ڄڻ ڀريءَ بهار ۾ ئي اسان کي وڇوڙو ڏنو آهي، جڏهن هڪ پاسي گل ٽڙن پيا ته ٻئي پاسي سنڌي موسيقيءَ جو گل ڇڻي پيو آهي. اکين ۽ نگاهن ۾ هر طرف صادق جي تصوير پئي ڦري ۽ حادثي سبب لهوءَ ۾ لال هن جو معصوم چهرو...
    شائسته ۽ باڪردار هو صادق .. سرن جي دولت سان مالا مال هو صادق...، تڏهن ئي ته هر ڀيري هن کي چوندو هئس ته ٿر ڀلي ته گرينائٽ ۽ روهيڙي جي وڻن سان مالدار ۽ مالامال هجي، اسان جي سنڌي موسيقيءَ لاءِ ته صادق! تنهنجو وجود ئي وڏي دولت آهي، صادق، تو لاءِ ٿر جو صحرا ڪٺل مور وانگر رڙي پيو ۽ هر سنڌ واسيءَ جي اک آلي آهي، دل دانهون پئي ڪري، ڪپار ۾ ڪڪر پيو ڪيهون ڪري... صادق... صادق... صادق..!

    (روزاني ڪاوش: 27 فيبروري 2015)



    • لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري! : اياز گل

    صادق فقير سان منهنجي واقفيت جنهن ناتي سان ٿي، سا سندس طرفان منهنجي ڳايل وائي ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ سان ٿي. اهو ڪلام جتي صادق فقير جي سڃاڻپ بڻيو، اتي اُن منهنجي مقبوليت ۾ پڻ اضافو ڪيو.
    مون کي اها خبر نه هُئي ته ڪو صادق فقير منهنجي اها وائي ڳاتي آهي. مون کي ان جي خبر تڏهن پئي، جڏهن نصير مرزا،ادل سومرو، بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻيا دوست مٺيءَ مان واپس آيا هيا، تن ٻڌايو هو ته مٺيءَ جي هڪ راڳي صادق فقير تنهنجي وائي ’توکان ٿيندي ڌار…‘ ڳاتي آهي ۽ زبردست ڳاتي آهي. سندن ڪيل تعريف مان مون کي اهو ته اندازو ٿي ويو هو ته هن يقيناً سٺو ڳاتو هوندو، تڏهن ئي ته اهڙن سريلن شاعرن ان جي تعريف ڪئي آهي. خاص ڪري نصير مرزا جو ته تعلق به ريڊيو سان هو، جنهن کي سٺي ۽ خراب ڪمپوزيشن جي ڄاڻ به هوندي آهي، پر اهو اندازو نه هو ته ڪو صادق فقير نالي اهو راڳي نوجوان هوندو. فقير جو ٻڌي مون اهو تاثر ورتو هو ته هُو ضرور ڪو پوڙهو راڳي هوندو.
    پر جڏهن ساڻس ان ڳايل ڪلام کان ٽي سال پوءِ ملاقات ٿي ته اهو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي ته هو پوڙهو نه، پر نوجوان نڪتو. بهرحال پهريون ڀيرو صادق فقير جو اهو ڳاتل ڪلام مون تڏهن ٻڌو، جڏهن پنهنجي دوست ڪوثر ٻرڙي اهو ڪلام ريڊيو حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو ۽ پوءِ ٻڌائڻ لاءِ اها رڪارڊنگ مون ڏانهن موڪلي.
    ۽ پوءِ مون کي به اها ڪمپوزيشن ڏاڍي وڻي هئي. باوجود اُن جي ته اهو ڪلام پهريون به 1986ع ۾ ريڊيو تي ڳايل هو. ان جي به ڌن بهتر هُئي ۽ صادق فقير کانپوءِ اها وائي سرمد سنڌي، وحيد علي، ارشد محمود، شازيه خشڪ سميت چوڏهن پندرهن ڳائڻن ڳاتي، پر اها حقيقت آهي ته جنهن دل ۽ درد سان صادق فقير اها وائي ڳاتي، تهڙي اثرائتي ڪنهن ٻئي فنڪار نه ڳاتي. صادق جي آواز جو پنهنجو جادو ۽ اثر هو. هوجيئن ته پاڻ نوجوان هو، تنهن ڪري به شايد هو ان وائيءَ سان انصاف ڪري سگهيو هو. ان شعر (وائيءَ) جي جيڪا ڊيمانڊ هئي، ان تي صادق فقير ئي پورو لٿو هو. هن منهنجي ٻي به تمام گهڻي شاعري ڳاتي آهي ۽ شيخ اياز کانپوءِ شايد هن گهڻو ڪري منهنجي ئي شاعري ڳاتي آهي.
    جڏهن مان سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هئس، تڏهن مٺيءَ ۾ هڪ محفل ٿي هئي، جنهن ۾ مان به شامل هئس. اتي صادق فقير جي مامي حسين فقير، ’توکان ٿيندي ڌار….‘ واري اها وائي ڳاتي هئي، تڏهن صادق فقير مون کي پهريون ڀيرو اهو ٻڌايو ته اُن وائيءَ جي ڌُن سندس هن مامي حسين فقير ئي ٺاهي آهي. هو البت وڏي عمر جو پوڙهو ماڻهو هو.انهيءَ ملاقات کانپوءِ صادق فقير سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. دوست بڻجي ويو هو. جڏهن به سکر ايندو هو ته منهنجو مهمان بڻبو هو ۽ ائين مان به ٻارن سان ٿر ويندو هئس ته سندس مهمان ٿيندا هياسين. پوءِ ڪيتريون ئي منهنجي شاعريءَ جون ڌنون هن منهنجي آڏو رڪارڊنگ پئي ڪرايون. صادق فقير، جهڙو سريلو راڳي هو، اهڙو پرخلوص ۽ محبتي ماڻهو هو. هر قسم جي برائي، جيڪا عام طور فنڪارن ۾ هوندي آهي، تنهن کان پاڪ هو.
    سندس اوچتو ائين وڇڙي وڃڻ جو وڏو صدمو رسيو اٿم. سندس وڃڻ جي وهي ڪانه هُئي.
    ’توکان ٿيندي ڌار…….‘ وارو ڪلام صادق فقير جي حوالي سان اڄ نه رڳو سنڌ واسين جو ترجمان بڻجي ويو آهي، پر هاڻي مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ مون اها وائي لکي ئي صادق فقيرلاءِ هُئي. اڄ جڏهن اسان پاڻ کان ڌار ٿي ويو آهي ته اهو ڪلام اڄ صادق فقير تي ئي ٺهڪي ٿو اچي ته:
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري!


    • گهوڙي جي ٽاپولي : ذوالفقار هاليپوٽو

    شاعر، فنڪار، اديب ۽ دانشور قومن جا علمي، فڪري ۽ رومانوي سفير هوندا آهن. جڏهن قومن جي سياست ٿڪ ڀڃندي آهي، ساهي پٽيندي آهي يا ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿيندي آهي ته اُن قوم جا فنڪار، پنهنجي سماج کي ٽيڪو ڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن به ڪي وڏيون سماجي تبديليون ۽ سياسي انقلاب آيا آهن ته آرٽ اُن ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. يورپ جي گذريل چئن صدين جي سياسي ۽ سماجي سفر ۾ اتان جي فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. جي ائين نه هجي ها ته پئبلو نرودا سان گڏ وڪٽر هارا جو گٽار ۽ پڪاسو جي مصوري، يورپي تاريخ جو حصو نه بڻجي ها. جي تبديليءَ ۾ آرٽ جو حصو نه هجي ها ته بنگال جو ٽيگور ۽ نذر الاسلام اڄ بنگالي تاريخ جو حصو نه هجن ها. جي شاعري ۽ گائيڪي ماڻهن جا روح گرمائي انهن کي ڪنهن وڏي سياسي ۽ سماجي تبديلي لاءِ اُتساهه فراهم نه ڪري ها ته پوءِ:
    بول ڪي لب آزاد هين تيري- بول زبان اب تو تيري هي

    يا
    هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ پيارا

    جهڙا ڪلام نه سرجن ها ۽ نه ئي ڳائجن ها. آرٽ جو سماجي اوسر سان ايترو ئي اهم لاڳاپو آهي، جيترو سياست جو ۽ پوءِ جنهن مهل ۽ جتي سياست ۽ آرٽ گڏبا آهن ته اهي سماج لاءِ لازوال بڻجي ويندا آهن.
    سنڌ به اهڙا فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن بظاهر فن کي فوقيت ڏني آهي، پر اڻ اعلانيه طور انهن پنهنجي آرٽ وسيلي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي گيت، وطن جا نغما ۽ پنهنجي لوڪ کي فوڪس ڪندڙ شاعري ۽ پوءِ اُن جي گائڪي، انهن شاعرن توڙي گلوڪارن کي سنڌي سماج ۾ وڏي عزت ۽ مڃتا ڏني آهي.
    اڄ جيئن سنڌي سماج مختلف بحرانن جو شڪار آهي ۽ خاص طور تي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي اثر جي وڌجڻ جا خطرا نظر اچي رهيا آهن ته اتي پهريون ۽ آخري حل ته اهو آهي ته سياست پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پر بدقمستيءَ سان فڪري ۽ نظرياتي سياست انٽرويل تي ويل آهي ۽ سنڌ جي سياسي مالڪي خطري ۾ آهي- ته اهڙيءَ صورتحال ۾ آرٽ هڪ اهڙو ذريعو آهي، جيڪو سنڌي سماج کي سهارو ڏئي رهيو آهي. مثال طور شڪارپور واري سانحي کان پوءِ سنڌي قوم کي ڪهڙي طريقي سان ري ايڪٽ ڪرڻ گهربو هو؟ اهڙن سانحن ڏانهن قومن جا رد عمل مڪينيڪل نه هوندا آهن، پر اهي ائين هوندا آهن، جيئن صادق فقير جي مرتئي تي سڄي سنڌ يا سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جو رد عمل ۽ هوليءَ جي تهوار جو ڏڻ .
    صادق فقير جو موت ڀلاري پَٽ (مڪي) تي ٿيو، پر فيصلو ٿيو ته وطن وطن آهي. مري ويل ماڻهوءَ جي تدفين مڪي مديني ۾ ٿئي يا مٺيءَ ۽ ڏيپلي ۾- فرق ڪهڙو ٿو پوي....؟ ها فرق اهو ٿو پوي ته صادق فقير ٿيندو هڪ بهانو، پر سندس سالگرهه ۽ ورسيءَ جي ڏهاڙن جي نسبت سان جيڪي ماڻهو گڏبا، جيڪو ڳالهائبو ۽ جيڪو ڳائبو، سو ريفليڪٽ ڪندو وطن کي. گيت ڳائبا ڌرتيءَ جا، تبديليءَ جا. کيس ياد ڪرڻ جي بهاني سنڌ جي آرٽ ۽ آرٽسٽن تي ٿيندا وڏا بحث- ته دراصل صادق جي مٺيءَ ۾ موجودگي هڪ موقعو فراهم ڪندي سنڌي سماج جي فڪري ۽ رومانوي نشاطِ ثانيه جو. اهو هوندو آهي قومن جو رويو، جيڪو مڪينيڪل نه هوندو آهي ۽ هڪ آرٽسٽُ، ان نموني پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلچر بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي.
    گور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
    ڌج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان ولڙين واس،

    مُيا ئي جِياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي (لطيف)

    جيڪڏهن ان تناظر ۾ جيجي زرينه بلوچ کان وٺي صادق فقير تائين ۽ سهراب فقير کان مانجهي فقير تائين سنڌ جي فنڪارن جي اُن لاٽ کي ڏسبو ته هنن جي پورهيي، سنڌ کي سٺن ڪلامن يا گائڪيءَ کان وڌيڪ ڏنو آهي، پر هاڻ اهو آرٽسٽن جو قبيلو گهٽجندو ٿو وڃي. ائين به ناهي ته ڪو نون فنڪارن کي اسپيس ناهي. ميڊيا ۾ اگر ڪا ٻه اکيائي به آهي ته سوشل ميڊيا جو ايڏو وڏو جهان جڙيل آهي، جو جيڪڏهن فنڪار اُن رنگ ۾ اچن ته راتو رات سنڌ جا هيرو بڻجي وڃن.
    صادق جو ته رنگ ئي نرالو آهي. هن جو آواز ڪٿي ڪٿي گونجي رهيو آهي.......؟ ڪارونجهر جي ڪڇ، سار ڌڙي جي مندر جي ديوارن سان ٽڪرائجي سموري سنڌ کي پنڊ پهڻ بڻائيندڙ هي رسيلو ۽ سريلو آواز ٻيو ڪنهن جو آهي.....؟ لاڙ پٽ، بدين ۽ ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ تي، سمنڊ جي ڇولين سان ٽڪرائيندڙ هي نغمگي ڪنهن جي آواز جي آهي....؟ کير ٿر جي اونچي چوٽيءَ تان ڀڳت ڪبير جي دوهي جهڙيءَ هي صدا ڪهڙي آرٽسٽ جي آهي....؟ ٿر جي ڀٽن، پٽن، پُسين ۽ روهيڙي جي سڃاڻپ تي فخريه لوڪ ڳيچ ڳائيندڙ هيءَ ڳچي ڪنهن جي آهي....؟
    هو ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ محو ٿي ڪهڙي سنڌ ٿو ڳولي...؟ هو حسن درس، آڪاش انصاري، اقبال رند، حاجي ساند، وفا پلي ۽ سائينداد کي ڳائيندي ڪهڙي رومانس ۽ محبتن واري ڌرتيءَ کي ٿو پسي...؟ هو استاد بخاري، ادل سومري ۽ اياز گل کي ڳائي ٿو، هي ڪهڙي اينٽيگريشن آهي ۽ سنڌ ۾ رومانس جي نئين ڊڪشن ڳائڻ وارو ڪير آهي.... ؟
    ها هو رڳو وڏن شاعرن جا ڪلام حفظ ڪندڙ فنڪار نه هو، هو قومي گيت ڳائي رڳو پنڊالن کي گرمائڻ جو شوق رکندڙ گائڪ نه هو، پر هو حسن درس جي سٽ ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘ جو عملي رُوپ هو. هو پنهنجي روح ۾ هڪ مڪمل انسان دوست، فطرت دوست، روشن خيال ۽ سيڪيولر انسان هو. هو هر دين، ڌرم ۽ سماجي نظرين جي عزت ڪندي ’مان جوئي آهيان سوئي آهيان‘ ۽ ’مين جانون ميرا خدا جاني‘ جي بين الاقوامي انساني فڪرن ۽ فلسفي تي يقين رکندڙ شخص هو. هو سيڪيولر سنڌ جو سفير هو. هو مڪو مدينو گهمي، پنهنجي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ اولاد جي احساسن جو به خيال رکندو هو ته هو ساڳئي وقت غير مسلم قبيلن جي مذهبي تهوارن توڙي شادين غمين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو، هو سنڌ جي گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ مذهبي حقيقتن ۽ رعنائين جو خيال رکندڙ روح هو. هو ماڻهپي جي نظريي جو پوئلڳ هو. حسيني هجڻ ڪري محرالحرام جي ڏينهن ۾ غم حسين جو پيامبر به هو.
    مون هن کي گذريل ٻن ڏهاڪن اندر ڪيترن ئي موقعن تي، محفلن ۾، ذاتي دوستن جي ڪچهرين ۾، ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ ملندي، کيڪاريندي، ڪڏهن ننڍي ته ڪڏهن ڊگهي ڪچهري ڪندي، ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ۽ بس جي هاڻ سندس ڪو هڪڙو وڏو قدر اڄ هر ڪنهن کي ياد آهي، ته اِهو اِهوئي آهي ته هو بحيثيت انسان هڪ لاجواب شخص هو. هن سان جيڪو مليو، هن جي قُرب جو اسير بڻيو. هن جنهن کي به ڀاڪر ڀاتو ۽ کيڪاريو، سو هن جو يار بڻجي ويو ۽ هن جتي به ۽ جيڪي به ڳايو ته راڄن جا راڄ هن جي سريلي آواز ۽ هن جي شاعريءَ جا ديوانا مستانا بڻجي ويا.
    توکان پوءِ پنهنجي سپرين، جُهڙ ٿيا جهاٽي،

    پُڇ نه ڪيئن ڪاٽي، پورب ۾ مون راتڙي! (لطيف)

    موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جهڙن عاليشان فنڪارن جي موجودگي ۽ سندن ٿر جي ڀٽن، ماڻهن، فطرت ۽ چنؤرن تي پوندڙ عاليشان اثر جي هوندي به صادق فقير پنهنجي هڪڙي نئين رنگ ۽ سڃاڻپ سان اُڀري اڳيان آيو، گهڻ رنگي ثقافتي پسمنظر، تاريخي ۽ تهذيبي ورثي، لوڪ ادب ۽ شاندار ماڻهن جي سڃاڻپ ٿرآرٽ ۾ ايترو ته شاهوڪار هو، جو ڪو به ڪن رس، چشم رس، شوق رس، زبان رس ۽ دماغ رس روح، ان دنيا ۾ پنهنجو الڳ جهان جوڙي ٿي سگهيو، شرط رڳو هڪڙو هو، وطن سان عاشقي، ماڻهن سان پيار، ٿر جي اُداس مورن جي ٽهوڪن سان پيار، ان ٿر جي بُک ۽ بدحاليءَ تي اک ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جا خواب اکين ۾ سمايل هجن.
    صادق فقير ان رنگ کي ڪواليفاءِ ڪيو ۽ هڪ وڏي آرٽسٽ طور اُڀري آيو. هن پنهنجي حصي جي سنڌ کي ڀٽائي ۽ اياز جي اک سان ڏٺو ۽ نتيجي ۾ هن جي سنڌ جو ڪينواس آسمان جيترو ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ جي هر ڪُنڊ، وطن جي هر گهٽي، ديس جو هر ماڻهو، ڄڻ ته هن لاءِ سمورو ٿر ۽ سموري سنڌ هئي، شايد انهيءَ سبب ڪري هڪ ڏينهن شيخ اياز کي اهو چوڻو پئجي ويو ته منهنجي شاعري کي سمجهڻ ۽ پوءِ منهنجي خيال جي اُڏام کي سمجهڻ واري جنهن آواز جي مون کي تلاش هئي، سو آواز صادق فقير جو آهي.
    سدا سيلاني آهي ساز اياز جو،

    ڳچيءَ ۾ ڳاني پرينءَ وجهه نه پيار جي. (اياز)
    هن جي ڪُمهلي موت ۽ وڇوڙي سڀني جا روح جهوري وڌا آهن. شاعر، اديب، دانشور، فنڪار، سياستدان، ذاتي دوست، عام انسان ۽ کيس ٻڌندڙ هر شخص اُداس آهي. ريڊيو، ٽي وي، اخبارون ۽ سوشل ميڊيا تي سندس وڇوڙي جي شدت ۽ درد جو احساس واضح آهي. ڏيپلي ۾ ننڍپڻ ۾ گڏجي رانديون کيڏندڙ اسڪولي دوستن کان وٺي دبئي، آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ اهي ماڻهو، جن مان ڪي شايد صادق سان مليا به نه هجن پر هو سندس فن جي آگاهيءَ ڪري سندس وڇوڙي تي افسرده آهن. سنڌي قوم جو اهو مجموعي رايو ثابت ڪري ٿو ته هو ڪو خاص شخص هو.
    1986ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي بلڊنگ ۾ استاد نياز حسين جهڙي موسيقار جي موجودگيءَ ۾ آڊيشن ڏيندي ٿر جي هن حجابن ۾ ويڙهيل هن سنهي، سانوري ۽ شرميلي صادق فقير، ڀٽائيءَ جي وائي ’لکئي پنڌڙو ڪرايو، پيرن کي‘ ڳائي، اتي موجود موسيقيءَ جي دنيا ۾ وڏن نالن کي پهرين ڌڪ ۾ متاثر ڪري وڌو هو. انهيءَ آڊيشن ۾ هن ٿري لوڪ ڳيچ ’رومال مارو، رنگيو‘ ڳائي استاد نياز حسين، عنايت بلوچ ۽ نصير مرزا کي موهي وڌو هو ۽ انهيءَ گهڙي چيو ويو ته موسيقيءَ جي ٽيڪنڪ، سُريلي آواز، ٻوليءَ جي حسن ۽ تهذيبي ۽ ثقافتي رنگن کان واقف هيءُ شرميلو آرٽسٽ سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمائيندو.
    پوءِ بس رڳو هن کي موقعن جي ضرورت هئي، هن انهن موقعن کي رڳو پنڊال کي متاثر ڪرڻ ۽ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڇسا ۽ غير معياري ڪلام ڳائڻ بدران پنهنجو هڪڙو ڪواليٽيٽو معيار برقرار رکيو ۽ هن اهو رسڪ کنيو. هو پاپولر ميوزڪ جي آڙ ۾ ڪيترو ئي مال ڪمائي پي سگهيو، پر هن شاعريءَ جي معيار تي ڪمپرومائيز نه ڪيو ۽ نتيجي ۾ هو سنڌ جي اعليٰ معيار جي ٻڌندڙن ۽ موسيقي ۽ شاعريءَ جي ڄاڻ رکندڙ اعليٰ درجي جي نقادن جي پسنديده فنڪارن کان ٿيندو، هيٺ گلين ۽ گهٽين ۾ وطن سان محبت ڪندڙ عام لوڪ جو محبوب فنڪار بڻجي ويو. هو. ايترو رسڪ کڻي هن دنياوي مال ته وڃايو، پر هو پنهنجي هن انفراديت جي ڪري اعليٰ استعارو بڻجي ويو.
    احساس بنا ماڻهو،
    اخبــار پــراڻـي آ،
    هر شخص ڪهاڻي آ،

    ڏُک جــي نه پڄاڻـــي آ (اياز گل)

    اڄ صادق اسان جي وچ ۾ ناهي، پر هو سنڌ کي گهڻو ڪجهه ارپي ويو آهي، هن جو پورهيو سجايو آهي. دنيا هڪ مسافر خانو آهي ۽ جنهن به شخص ان حقيقت کي دل سان سمجهي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪي چڱا ڪم ڪيا آهن ته سندس دنيا توڙي آخرت ٻئي سجايون آهن. صادق جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي پُٺتي پيل علائقي ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي ۽ سندس تدفين کان وٺي سندس چاليهي تائين، سندس قبر تي حاضري، سندس گهر ڀاتين ۽ پيارن سان تعزيتن جي سلسلي ۽ سندس مٿان لکجندڙ ادب، ان ڳالهه جو واضح دليل آهي ته هو سنڌ جي هر دل ۽ هر ڌڙڪن ۾ ڌڙڪي ٿو. سنڌي ماڻهن جي اها محبت ڏسي آءٌ دعويٰ سان اهو چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن صادق فقير جي تدفين حيدرآباد يا ميرپورخاص يا اهڙي ڪنهن وڏي شهر ۾ ٿئي ها ته ماڻهن جو تعداد لکن ۾ هجي ها. صادق ڇا ويو، هو پاڻ سان گڏ رڳو پنهنجو جسم نه، پر هڪ زمانو کڻي هليو ويو آهي.
    محسن هماري ساٿ بڙا حادثا هوا،


    هم رهه گئي، همارا زمانا چلا گيا! (محسن نقوي)

    هو بظاهر جيترو ماٺيڻو، شرميلو ۽ هر وقت ٺاپر ۽ ٿڌائيءَ ۾ رهندڙ شخص طور نظر ايندو هو، هن جي اندر ۾ اوترائي اُڌما ۽ ڀونچال هئا. هن وٽ سمنڊ جو پنهنجو ذرو هو- هن وٽ پنهنجي حصي جو آسمان هو ۽ هو اُن آسمان جي آئيني ۾ سنڌ پسندو هو، هو سنڌ جي آرٽ جي گهوڙي جي اها ٽاپولي هو، جيڪا صدين تائين سنڌي ماڻهن جي من ۾ وڄندي رهندي ۽ هن جو سنڌ سان عشق ان گهوڙي جي پيرن ۾ لڳل اهو نال آهي، جيڪو هاڻ هر سنڌي پنهنجي گهر جي مک دروازي جي چائنٺ تي ان دعا سان چنبڙائي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي ڪو به غم نه ملي سواءِ غم حسين عه جي.



    • رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ٿي ويون : ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

    ٿر ۾ ڦڳڻ رت جو ڦوٽهڙو اڃا شروع ئي نه ٿيو هو، ٽڙڻ جا ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ٻيرين جي ٻُور جهڙي سرهي راڳي صادق فقير جو ساٿ اسان کان ڇڻي ويو آهي. ننگرپارڪر جي وانڍئي کان وٺي سڪرنڊ جي واهڻ تائين سموري سنڌ جي موسيقيءَ جي ٻڌندڙن جي دلين ۾ سوڳ جو تڏو وڇائجي ويو آهي، هر پاسي کان سڏڪن ۾ گونج اٿي رهي آهي ته:
    تنهنجي وئي کانپوءِ منهنجي اندر ۾،
    رات رهي پئي آهي.

    هر ڪو روئي ائين چئي رهيو آهي ته: صادق تون ته امر ٿي وئين، پر تنهنجا ٻڌندڙ مرڻ جهڙا ٿي پيا آهن، صادق فقير جو راڳ عشق جو روح هو، هو دلين جو انجنيئر ٿي ڳائيندو هو، صادق فقير جو آواز ٻڌندي دل درد جي درياهه ۾ ٻڏندي ۽ ترندي محسوس ٿيندي هئي، هو هيڻين حياتين کي حوصلو ڏئي، ائين راڳ سان ريجهائيندو هو، جيئن معصوم ٻار جي مرڪ، پنهنجيءَ ماءُ کي ريجهائيندي آهي. صادق فقير جي ڳلي ۾ آلاپ جو هاڪڙو هلندو هو، يا سُر جي سَرسوتي وهندي هئي. صادق جي وڇوڙي جي زلزلي ٿر جي ڀٽن کي ٻيهر ڏاري ڇڏيو آهي. اڳي ڏڪارن جا ڏک ٿر جي مارو ماڻهن جي کٿي ۾ کِيهه سان گڏ ٻڌلَ هئا، مٿان هن جدائيءَ جو وزن کڻڻ لاءِ مليو آهي. صادق جي ڌار ٿيڻ تي ايترا لڙڪ لڙيا آهن، جو ايتريون ٿر ۾ برساتون به نه پيون آهن.
    صادق فقير، ’20 مارچ 1964ع تي فيض محمد مـڱڻهار جي گهر‘ مٺيءَ ۾ جنم ورتو. فقير فيض محمد تپيدار هو. هن جي ڪوشش هئي ته پنهنجي اولاد کي پڙهائي. صادق فقير ايم. اي سنڌي پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. گهڻو عرصو مٺيءَ جي مشهورگورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالونيءَ ۾ رهيو.
    1992ع ۾صادق فقير شادي ڪئي، کيس ٽي پٽ، هڪ نياڻيءَ جو اولاد عطا ٿيو. صادق فقير زندگيءَ جا ڪجهه ڏهاڙا ميرواهه گورچاڻيءَ ۾ پنهنجي مامي جي زمين تي به گذاريا. مٺيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران استاد پرشوتم واسواڻي صادق فقير کي اُتساهي ڳائڻ تي آماده ڪيو، اها يارهين درجي جي ڳالهه هئي، مٺي ڪاليج جي فزڪس جي ليب ۾ هن پهريون ڀيرو ميڙ ۾ هڪڙو گيت ڳاتو، پوءِ صادق فقير ڪڏهن امولک امر (مٺيءَ جي هڪ مقامي لوڪ شاعر) ڪڏهن تاج جويي ۽ سائينداد ساند جي شاعري، ته ڪڏهن لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. مٺيءَ ۾ انهيءَ وقت اسٽيج ڊرامن جو به رواج پيو هو. حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺيءَ جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ صادق جا سُر ٻُرڻ لڳا ته صادق فقيرگهڻو مقبول ٿي ويو. امولک امر جو گيت ’نصيبن وارا، نه ڪي ڏوهه تنهنجو نه ڪي ڏوهه منهنجو‘ ۽ تاج جويي جو گيت ’تصور ۾ تڪي تارا،گذر ٿي رات ويندي آ‘ اياز گل جي وائي ”توکان ٿيندي ڌار“ انهيءَ دور ۾ ٿر جي ڀٽن جي گونج بڻجي ويا. ’سوجهري‘ ڊرامي جي مقبوليت ۾صادق جا سر شامل هئا. انهيءَ دور ۾ مٺيءَ جو هڪ ٻيو نوجوان ڳائيندو هو دليپ ڪمار دلدار تمام پيارو ڳائيندو هو، ليڪن هن ٿوري وقت ۾ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، پر صادق نئين ڏينهن، نئينءَ وک سان وڌندو ويو. صادق فقير موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتي، جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي صادق جا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، سڄيءَ سنڌ ۾ صادق روح سان ٻڌو ويو ۽ 1988ع ۾ پي. ٽي. وي ڪراچي اسٽوڊيو تي شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي کيس متعارف ڪرايو. 1992ع ۾ ايازگل جو ڪلام ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ ڳائڻ سبب کيس گهڻي شهرت ملي. جيتوڻيڪ اهو ڪلام انٽر جي تعليم دوران 1984ع ۾ تاج جويي صادق فقر کان ڳارايو هو، ۽ هو وقت به وقت اها وائي ڳائيندو رهندو هو.
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. هن نيم ڪلاسيڪي راڳ به ڳايو ته ڪلاسيڪل راڳ به، پر جديد شاعريءَ جا سُر نوجوانن ۾ گهڻا مقبول ويا آهن، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلنڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. صادق فقير سڀ ۾ پرين پسڻ وارو ماڻهو هو. هو مندر ۾ ڀڄن ڳائيندو هو ته امام بارگاه ۾ مرثيا به آلاپيندو هو، مون هڪ دفعو صادق فقير کان پڇيو ته: ’صادق! توهان کي ڳائيندي گهڻي ۾ گهڻو داد ڪڏهن مليو‘ ته هن ٻڌايو ته هڪ دفعو ڀڳت ارجن جي سڏ تي ٽنڊي الهيار راماپير جي ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ ويس، اُتي منهنجو وارو آيو، آءٌ جيئن اسٽيج تي آيس ته هزارين ماڻهو هٿ جوڙي منهنجي آجيان لاءِ بيهي رهيا. انهن جو اهو پيار ڏسي منهنجون اکيون ڀرجي آيون، انهن جو ڇا ته داد هو، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو ته هيءَ مڃتا ڏسي ڪٿي منهنجي اندر ۾ گهمنڊ نه پيدا ٿي پوي.“
    صادق فقير جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز کي دل سان ڳائيندو هو، شيخ اياز جڏهن ڪراچيءَ ۾ روبرو کيس ٻڌو ته بي اختيار ٿي چيائين ته ”منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت هئي، اهو ملي ويو آهي.“ صادق چوندو هو ته ڀٽائيءَ کي منفرد انداز سان ڳائيندڙ موهن ڀڳت ٿر مان هو، ماڻهو هن کي ڀٽائيءَ جو راڳي سڏين ٿا. آءٌ اياز کي انوکو ڳائڻ چاهيان ٿو، جيئن ماڻهو مون کي شيخ اياز جي راڳي طور سڃاڻين. هن شيخ اياز جي وفات کانپوءِ شيخ اياز جي الوداعي گيتن جي ڪيسٽ به رڪارڊ ڪرائي. ..
    صادق فقير راڳيءَ سان گڏ پنهنجي شخصيت ۾ به سگهارو ۽ شفيق انسان هو، دوستن جو دوست ۽ هيڻن جو همراه هو. هن جو دسترخوان نهايت ڪشادو هو، سڄي سنڌ مان دوست، ٿر ۾ صادق جا اچي مهمان ٿيندا هئا. صادق فقير جي اوطاق تي کائڻ پيئڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ لاءِ ملندو هو. ڪنهن فقير فقراءَ جي گاڏيءَ ۾ تيل نه هوندو ته اهو به ماٺڙيءَ ۾ ڀرائي ڏيندو هو، متان ڪنهن کي خبر پئي. صادق فقيرکان محفلن ۾ سائينداد ساند به گهڻو ٻڌو ويندو هو، عبدالواحد آريسر جا هي لفظ به ڏاڍا مشهور ٿيا ته؛ ’صادق فقير جي آواز ۾ سائينداد ساند جي شاعري ٻڌون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته ٿر ۾ سدائين ڏڪار رهيو پيو آهي‘. صادق فقير ٿر ۾ روهيڙي جي گلن جو جنم ڏينهن ۽ وسڪاري جي آجيان جا ڏينهن ملهائيندو هو. مٺيءَ جي هر ماڻهوءَ وٽ صادق فقير جي ساروڻين جون هڙوٽڙيون آهن. هو پنهنجي گهر کان نڪري، ٿر ڪتاب گهر جي سامهون چاچي رتن جي هوٽل تائين پهچندو هو ته وچ ۾ ڪيترائي مزاح ۽ ٽهڪن جا گل ورهائيندو ايندو هو. هو گفتگو جو به ڳڻوان هو. رتن جي هوٽل تي شام جو کٽون صادق جي ڪچهريءَ لاءِ رکيل هونديون هيون. صادق فقير جو تجزيو به ڪمال جو هوندو هو. سچي کري ۽ تز راءِ رکندي به هر ڪنهن سان خوب نڀائي ويندو هو.
    صادق فقير وٽ ڪڏهن به تلخ لهجو نه هو، صادق فقير ڪڏهن رنو ته پنهنجا لڙڪ لڪائي رنو، ڪو به اهو ٻڌائي نٿو سگهي ته هن صادق کي روئندي ڏٺو، هو هر ڪنهن سان مُرڪي ملندو هو، هن جي چپن تي سدائين ٽهڪ هوندا هئا، هن ڪڏهن به غالب جي هنن سٽن جهڙو ڏيک اچڻ نه ڏنو ته:
    نظر لگي نه ڪهين اس ڪي دست و بازو ڪو،
    يه لوگ ڪيون ميري زخم جگر ڪو ديکتي هين.

    صادق فقير اياز کي نه صرف پڙهيو هو، نه صرف ڳايو هو، پر اندر ۾ اتاريو هو. هن جي رڳن ۾ رت سان گڏ شيخ اياز جي شاعري ڊوڙندي هئي، اياز چيو هو ته:
    جر جي ڄر ڪنهن جاتي ڪانه،
    لڙڪ اگهياسين لڪي لڪي،
    چائنٺ تي چانڊوڪي آهي،
    ها پر من جي ڇن ۾ ڇا آهي؟
    ڪنهن به ته پاتي جهاتي ڪانه
    کل آئي ته به ڦڪي ڦڪي

    صادق فقير هڪ آرٽسٽ هوندي به سدائين با ترتيب هوندوهو، سدائين صاف سٿرو هوندو هو، هن ڪڏهن مئڪشي نه ڪئي، پرمئڪشيءَ جي محفلن ۾ هن جا آلاپ نشا وڌائيندا هئا، ادب، انقلاب، آدرش ۽ عشق جي ٿڪل ٽٽل ماڻهن لاءِ شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق جا سُر سهارو هوندا هئا. صادق فقير جي سُرن سان اونداهين راتين کي دل جي تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، ۽ نوجوان پنهنجي جنون جو جولان صادق جي آلاپ ۾ پروان چاڙهي، پنهنجي سپنن جو سنسار گهڙيندا هئا. سنڌ ۾ ايترن گلوڪارن هوندي به صادق عشق جي تنها آواز طور ٻڌو ويو. هن جو آلاپ، عشق جي چوٽ کاڌل ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکندو هو، هن جي صدا هر ڦٽيل دل جي آهه هئي. صادق فقير ماڻهن جي ميڙ ۾ ڳائيندي وڄائيندي اڪيلو به هو، جيئن خوشبوءِ اڪيلي هوندي آهي. هو خوشبوءِ وانگر سٺو ۽ سرهو هو، سٺي ۽ سرهي زندگي مختصر هوندي آهي، گل جلد ڇڻي ويندا آهن، پوپٽ به ٿورو جيون جيئندو آهي، صادق فقيرصرف سگريٽ پيئندو هو، اُهي به ڪڏهن ڪڏهن ڇڏي ڏيندو هو. هن وٽ سگريٽ ڪڏهن ائين به هوندوهو، جيئن اياز وٽ هوندو هو، رڳو چپن تي رکندو هو. صادق فقير نهٺائي، نوڙت ۽ فقيريءَ جو مجسمو هو ته فنڪاراڻي انا جو انوکو روپ به هو. انهيءَ روپ جا رنگ ڏسندي، اياز جو شاگرد اعجاز منگي صادق کي سمجهائڻ جو سوچيندو هو .
    صادق فقير پوريءَ ريت هڪ منصوبي سان پنهنجو گهر ٺاهيو، پنهنجي ڀائرن کي سنڀاليو، اولاد کي پڙهايو، هو چوندو هو ته ’هن فن وسيلي پيار ملي ٿو، پئسا ملن ٿا، ٻيو ڇا گهرجي! اسان جي فنڪارن کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي. آءٌ پوري ريت ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀ رشتا نڀائي سگهان، ڪٿي ڪا ڪمي نه رهي‘.
    منهنجي صادق فقير سان پهرين ملاقات 1993 ۾ ٿي، آءٌ مٺي پرائمري پوري ڪري انگريزي پڙهڻ آيو هوس، منهنجي مٺيءَ ۾ رهائش نارٿ ڪالوني اسڪول جي ڀرسان هوندي هئي، صادق فقير روز اسڪول ويندي ملندو هو، شام جو رتن جي هوٽل تي صادق جي ڪچهري ٻڌڻ لاٰءِ ويندا هئاسين. اسان ڪتابن کان وڌيڪ ادب، آرٽ، شاعري ۽ ان جو تذڪرو صادق کان سمجهيو، (95- 96 ۽ 1997ع) وارا سال مٺيءَ ۾ ادبي سرگرمين جي عروج جا سال هئا. پيارو شواڻي،خليل ڪنڀار، دولت رام کتري، دليپ ڪوٺاري ۽ ٻيا نوجوان ادبي سرگرمين جا روح روان هوندا هئا. صادق فقير انهن سمورن جو رهنما هوندو هو، موهن ڀڳت جي ورسي ملهائي ٿي وئي، اياز گل سان رهاڻ رچائي ٿي هئي، رائچند راٺوڙ کي ساريو ٿي ويو، عبدالرحمان نقاش کي ڀيٽا ڏني ٿي وئي. انهيءَ دور ۾ دوستن صادق فقير سان به شام ملهائي، انهيءَ شام ۾ منهنجي ادب ۾ پهرين داخلا هئي، هڪڙو گيت پڙهيم، صادق فقير وڏو اُتساهيو، انهيءَ پروگرام ۾ منهنجي هڪ ڪلاسي ميوارام ٻالاڻيءَ، صادق فقير تي شعر پڙهيو، اسان هن جي پيروڊي ٺاهي، ڏاڍا کلياسين. صادق فقير ۽ شاعر اسان سان گڏ راحت وٺي رهيا هئا. سائين پريم شواڻي ۽ فقير مقيم ڪنڀار جي پٽن سان هن جو گهرو تعلق هو، فقير مقيم چونڊن ۾ بيٺو ته ورڪ به صادق فقير ڪئي. پياري شواڻيءَ شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڍاٽڪي ترجمي جي مجموعي ’ٻاٻيهو ٿو ٻولي‘ جي ارپنا صادق فقير جي نالي ڪئي. صادق فقير دل جي عقيدت سان ڀٽائي ڳاتو، پر ساڳئي وقت شيخ اياز جي شاعري پڻ ڳائي، ڀٽائي سان ڊگها ڊائلاگ پڻ ڪيا. هن ڀٽائيءَ کان اياز جي لفظن ۾ موڪلايو به سهي. اسين سمجهي نه سگهيا سين چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، سماجي طور سنڌ گريئجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ آخري وقت سنڌ گريئجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هو.ڪجهه ڏينهن اڳ مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي سالگره تقريب ملهائي وئي ته مقامي ميزبان صادق فقير هو. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ جو سيڪريٽري به رهيو. هن سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو مٺيءَ ۾ يونٽ به قائم ڪيو. مٺيءَ جي دوستن کي ادبي پروگرامن جي لاءِ وڏو اتساهيندوهو. جڏهن به دوست ٿڪي ٽٽي صادق سان ملندا هئا ته صادق جون ڳالهيون ڏڍ ٿي پونديون هيون. هن کي شاعريءَ جي وڏي پرک هئي. صادق فقير شاعريءَ کي سُرن جا کيس پارائيندو هو. هن ڌرتيءَ جون ڌُنون ستارن وانگر ميڙي موسيقيءَ جي چُنريءَ کي چمڪايو .
    26 فيبروري 2015ع تي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو، جنهن جي وڇوڙي تي ٿر جا مور روئن ٿا ته خيرپور جون کجيون به لڙڪن هاڻيون ٿيون آهن، شاه لطيف ۽ شيخ اياز جون وايون ورلاپ ڪن ٿيون، ميران ۽ ڪبير جا دوها درد ونڊين ٿا. مٺي جتي صادق جا سُر ۽ ٽهڪ ٻرندا هئا، اها مٺي سڏڪن ۾ ٻُڏي وئي آهي. خليل ڪنڀر ۽ کاٽائو جاني ڪنهن کي ڳل ڳراٽڙي پائي اوڇنگارون ڏين؟ نوجوان شاعر شهاب الدين نهڙي ۽ اياز بجير به جُهري پيا آهن، علي اڪبر راهمون ۽ نصير ڪنڀر جون اکيون اشڪبار آهن. صادق فقير ’اڄ‘ مان ’ڪلهه‘ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.
    ياد ماضي اياز ائين آيو،
    رات روزِ حساب جيئن گذري.


    • اهڙا ئي آهين، صادق منهنجا سپرين! : نواز شاهه ڀاڏائي

    رڻ پٽن کي پنهنجي آواز جي خوشبوءِ سان واسيندڙ محبوب ماڻهو، نيٺ ڏڪاريل ڏيهه جي نرم مٽيءَ تي نيري ننڊ سمهڻ هليو ويو. جنهن جي لاءِ ڌرتيءَ جي شاعر شيخ اياز چيو هو، ’منهنجي شاعريءَ کي صدين کان جنهن آواز جي ڳولا هئي، اهو مون کي صادق فقير جي رُوپ ۾ ملي ويو آهي.‘ صادق فقير غريب ٿر جو امير انسان هو، جنهن وٽ محبت ايتري ته ’اسٽاڪ‘ ٿيل هئي، جو هزارين ماڻهن کي هزار بار ڏيڻ باوجود سندس سخاوت ۾ ڪمي نٿي آئي. بس رڳو سانوڻيءَ جا مينهن شروع ٿين، اسين سڀ ٿر نه پر ڄڻ صادق وٽ گهمڻ لاءِ نڪري پوندا هئاسين، ڇو ته اسين ٿر جي مجسم صورت رڳو صادق جي روپ ۾ ئي ڏسندا هئاسين. صادق سڄي ٿر جي ڪلچر ۽ روايتن جو متفقه نمائندو هو. اليڪشنون ڀلي ارباب کٽن، لاٽ کٽن يا ملاڻي، پرديس وارن جون دليون رڳو صادق ئي کٽي سگهندو هو، جيڪي هن بنا ڪنهن ورڪ، بنا ڪنهن غرور/ هٺ، بنا ڪنهن لٺ ۽ بانٺي جي هڪ ئي ڌڪ ۾ کٽي ٿي ورتيون. اسين بئراجي علائقن جا ماڻهو اڃا مهيش ملاڻي ۽ ارباب توڳاچيءَ جي نالن کان به واقف نه هئاسين. انهن ڏينهن ۾ به اسان وٽ ٿر جي شاندار ڪلا، ڏات ۽ درد جو تعارف صادق فقير جي صورت ۾ ٿي چڪو هو. پوءِ ته اسان جون راتيون اُن امر آواز جي اڏارن ۾ گذرنديون هيون، جيڪو آواز سنڌ ورسٽيءَ جي ماروي هاسٽل جي اڪثر ڪمرن مان ان وقت ٻُري اٿندو هو، جڏهن رات ڪر موڙيندي هئي ۽ بهار جا پهريان ڏينهن هوندا هئا. صادق جو آواز ٻڌڻ سان گيٽ تي ويٺل پهريدارن کان بندوقون وسري وينديون هيون. گلين ۾ ڀونڪڻ ندڙ ڪتا ۽ محافظ بڻيل پوليس وارا يڪ ٽڪ خاموش ٿي ويندا هئا. درد جو هڪ ريلو ڄامشوري جي رات جو روح چٻاڙي وٺندو هو. صادق جو آواز پٿرن ۾ زندگي ڀرڻ جو ساهس رکندو هو. ڪچي وهيءَ ۾ اسان جا ڏينهن دربدرين ۽ راتيون صادق جي آلاپن جي ڀاڪرن ۾ گذرنديون هيون.
    هڪڙو رولاڪ راتين جو رلندو رهيو،
    چنڊ ڏسندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

    يا وري ڪنهن سمي اوچتو

    عمر گذري قرار ڳوليندي،
    پنهنجو پهريون پيار ڳوليندي،

    پنهنجي گهر جو رستو وڃائجي ويو
    توکي ئي بار بار ڳوليندي!


    اهي گيت اُن عمر جو اثاثو هئا، جڏهن جوانيءَ جا گهنگهرو ڪنهن ۾ يڪتاري جي تندن وانگر وڄندا هئا ۽ ساهه به صفا سرد ٿي کڄندا هئا. صادق سان اسان انهن ڏينهن ۾ عشق ڪيو، جڏهن اڃا ٽيڪسٽ ميسيج ڪرڻ جو هنري زمانو پري هو. سگريٽ جي پاڪيٽن تي پرچيون لکي اُماڻبيون هيون. اڃا اکين جا اکين ڏانهن ايس ايم ايس (SMS) اشارن جي زبان ۾ ايندا هئا. هي اهو دور آهي، جڏهن ويچاريون ماسيون، ٻهارين ۾ خط لڪائي کڻي ڪمرن جا طواف ڪنديون هيون، ۽ اسپيڪرن تي جگ جيت ۽ پنڪج اداس جا آلاپ ٻرندا هئا ته هيڏانهن وري سيلن واري ٽيپ ۾ صادق فقير پيو ڳائيندو هو ته:
    تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا

    سارا ٿڪ لهي ويا!
    تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم راڻي رنگن جا،

    سارا ٿڪ لهي ويا!
    صادق رولاڪين ۾ اسان سان روماني طور هڪ طويل عرصو گڏ رهيو، پوءِ جڏهن ساڻس شناسائي جڙي ته ڄڻ ڪي جنمن جا ناتا رشتا هئا. آءٌ هن ماڻهوءَ جي قرب جي ڪٿ ڪري ئي نٿو سگهان. هو تمام وڏو انسان هو. ديوقامت دل رکندڙ هو. سٻاجهو ساٿي هو. انقلاب ۽ عشق جي اڪيلن مسافرن لاءِ صادق بڙ جي گهري ڇانءَ هو. سچ اهو آهي ته مٺيءَ جو ڪلاسيڪل شهر هاڻ اسان لاءِ ڪنهن دُور پراڻي ديس جي گمنام گليءَ وانگر ٿي ويو آهي، جتي ويندي اسين اٻاڻڪا ۽ اداس ٿي وينداسين. هاڻ نم جي ڇانءَ ۾ ڪڙهندڙ ڪاڙهي ۾ ڪير اسان جي آجيان جو منتظر هوندو؟ صادق جنهن ۾ محبت جو تاثير ٺٽي جي شربت کان وڌيڪ مٺو هو، سو چيلهار جي چارن ۽ ڪاسٻي جي وڻن واري واٽ تي اسين ٻيهار ڏسي نه سگهنداسين.
    هو ڇاڇري جي ڀٽ تان بادل ٿي اڏري ويو، جنهن کي بکن ماريل ٿري ٻارڙا ٿڃ سڪايل ٿرياڻيون ۽ ننگر جا مور ڏاڍو ياد ڪن ٿا. آءٌ ڪاليداس هجان ها ته صادق لاءِ ’ميگهه دوت‘ لکان ها. جي روي شنڪر هجان ها ته سموريون تارون صادق جي سوڳ ۾ سمهاري ڇڏيان ها. مون کي هن جون سوين ساروڻيون دل تي درد جا طوفان ٿي لهي اچن ٿيون. ڪهڙين ڪچهرين جا قصا ڪالم جي ڪينواس تي چٽيان. مون کي نٿي وسري ٺٽي جي هڪ رات محفل شروع ٿيڻ کان اڳُ ۾ اسين ٻئي اڪيلا حسبِ روايت ڪنڊ جهلي ويهي رهياسين ته اوچتو سنڌ جو امر شهيد بشير قريشي اچي ويو. اسين ٻئي حضور شرم ماڻهو اسٽيج تي رش سبب خان سان ملڻ لاءِ وڃي نه سگهياسين. اوچتو بشير شهيد اٿڻ لڳو، اسان سمجهيو ته اسان کي ڪونه ڏٺو اٿس، پلڪ کن ۾ شهيد جيئن آيو ته ٻه اجرڪ ساڻ هئس، جيڪي اسان کي اچي اوڍايائين. ان کانپوءِ صادق مون کي چيو ”يار، مياري ٿي وياسين، اڄ سنڌ پاڻ وٽ هلي آئي، پاڻ هلون ها!“ مون ان مان سندس سنڌ پرستي ۽ قدر شناسيءَ جو اندازو لڳايو ته هو ڪيڏو نه وضعدار ۽ لڄارو ماڻهو هو. ڪيڏي نه منجهس ساڃاهه هئي. صادق سنڌ جو سفير هو. هو درد جو اظهار هو. هن جا ٻول سنڌ جي فضائن ۾ ٽانڊاڻن جيان ٽمڪندا رهن ٿا. هو پاکين ۽ ساکين جي دنيا کان دُور الاءِ ڪهڙي ڪوهيڙي جهڙي ڪائنات ۾ وڃي چڪو آهي. خبر ناهي وصالن ۽ وڇوڙن جي شام جو رنگ ڪهڙو هوندو آهي!
    مٺيءَ جي مٽي پنهنجي هٿن ۾ گلاب وانگر صادق کي کڻي وئي، ڇو ته صادق اُن مٽيءَ جي مهانتا جو اهڃاڻ هو. هن ڏيهان ڏيهه وڃي منڱتي فقير وانگر هن دکي ديس جا درد، شاعريءَ جي روپ سروپ ۾ سليا. صادق فقير اهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڏسي دل اهو بي ساخته چئي ويندي هئي ته ها مسڪين جهان خان کوسي، مارئي، مائي ڀاڳي ۽ عبدالواحد آريسر کان پوءِ صادق فقير جهڙا پُٽ ئي هن خطي ۾ پيدا ٿيڻ کپن. صادق فقير ئي اُن رمز جو رکوالو هو، جنهن ۾ رات رت ڇاڻ ٿيندي آهي، ٽهڪ امرت ڌارا بڻجندا آهن. مون کي صادق جا وزندار جملا ۽ ٽڙندڙ ٽهڪ ڏاڍا ياد اچي رهيا آهن. ۽ زندگي جي اها يادگار رات به ياد اچي وئي آهي، جڏهن مٺيءَ ويجهو منور انڙ جي ڳوٺ ۾ رياض چانڊيو ۽ اسان سڀ هجون، ٿر جي واريءَ ۾ ٿڌ جا ڪونئرا احساس ڪتڪتايون ڪندا رهيا، بنا ڪنهن بلب جي روشنيءَ جي ڌيمي چانڊوڪيءَ ۾ صادق پرهه جي پکين اٿڻ ويل تائين اياز، تبسم، امداد، فيض، ناصر ڪاظمي، حافظ، ڪبير ۽ ميران تائين، وفا پليءَ تائين شاعريءَ جا اهي واهڙ وهايا، جو اسين سڀ ڄڻ ڪنهن برفاني پهاڙين وچ ۾ سُن ٿي ويهي رهياسين. ان رات صادق اسان جو گرو هو ۽ اسين سندس چيلا. هو اسان کي تصوف، تاريخ، ڪلاسڪي روايتن، لوڪ ادب جي اعليٰ خيالات کان آگاهي، آواز جي ذريعي ڏيندو رهيو ۽ اسين اهي سگهارا گيت، روح جي صندوق ۾ لڪائيندا رهياسين. صادق واقعي امر هو. هن جا ٽهڪ ۽ گيت به امر آهن ۽ امرتا جو موت ممڪن ڪونهي!
    جڏهن به سانوڻيون گهنگهور ٿي اينديون هيون، تڏهن صادق سنڌ جي آڪاش تي انڊلٺ ٿي اُڀرندو هو. هتي ئي رهندو هو. هن کي ڪنهن به پرائي زمين تي قرار نه اچي ها، ڇو ته هو سنڌ جو هو ۽ سنڌ هن جي خوابن جي منزل هئي. اها هن زمين جي ڪشش هئي، جيڪا کيس وئي پڄاڻان به واپس وٺي آئي. هو سنڌ پرست هو، هن جي راڳ ۾ رس هو. هو جيئڻ لاءِ ڳائيندو هو. تڏهن ته ڪارو نجهر کان ڪمون شهيد تائين سنڌ کيس ساري پئي. صادق ۾ سهپ هئي، ساڃاهه هئي. صابرين هو، صادقين هو، روادار هو. مون وڏائي ڪڏهن سندس ويجهو به نه ڏٺي. چلولائي ۽ ارڏائي هن جي روح جو خمير هئي. ٽهڪ ٻُپرائڻ ۽ تاڙا ملائڻ سندس سڃاڻپ هئي. محفلن کي لٽڻ ته ڪو صادق کان سکي. شال ٿر جون ڀٽون صدين جي سفر ۾ وري ڪو صادق فقير پيدا ڪري سگهن، ڇو ته اليڪشنون کٽيندڙ/هارائيندڙ سياستدان پيا ايندا ۽ ويندا، پر ذهن جي تهن کي ڇُهندڙ فنڪار زمانن پڄاڻان ايندا آهن. ڌرتيءَ تي اهڙن ماڻهن جو نزول ڏاڍو دير سان ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڪو فنڪار ڪٿي جنم وٺندو آهي ته ڌرتيءَ تي ستارا لهي اچي، ان جون پنبڻيون چُمندا آهن ۽ جڏهن ڪو فنڪار وڇڙندو آهي ته ڌرتيءَ جي گود ويران ٿي ويندي آهي. سمنڊ ساحلن سان مٿو ٽڪرائيندو آهي ۽ قداور وڻن جا ڪنڌ جُهڪي پوندا آهن. ائين جيئن صادق فقير جي وڇڙڻ تي کيرٿر جي چوٽيءَ کان وٺي پاري ننگر جي پٽن تائين موت جهڙي ماٺ آهي:
    جڏهن به سانوڻيون اچن،
    ڇمر الوٽ ٿي وسن،
    تڏهن نه هي وسارجو،
    ته ڪير سڃ ۾ ستو،
    ته ڪير ماڳ ۾ مئو!


    • موسيقيءَ جو تقدس : صادق فقير ايوب کوسو

    گذرندڙ وقت هو يا سيني مٿي هاٿيءَ جا پير هئا؟ سمجهڻ يا محسوس ڪرڻ کان گھڻو مٿي المناڪ ڪيفيت هئي. پن ڇڻ جي شام جهڙو هڪ ويران انتظار ان وارياسي شهر ۾ ترسيل هو، جنهن مان ڪو عرصو اڳ هُن جو بخملي آواز اڀريو هو، ته ڏيهه قرارجي ۽ واسجي ويو هو. ان آواز سنڌ جي صدين جا ٿڪ ڌوئڻ جي جستجو ڪئي هئي، ان آرزوءَ ۾ هن سڦلتا ماڻي هئي. نوخيز انتظار ايمبولينس جي تابوت تائين ترسيل هو، جنهن تابوت ۾ ٿر جو ٻيجل سُتل هو. ٻاٻيهي جي هُرکُر کي ڊگهي ننڊ اچي وئي هئي. بي وقتي اٿيل رڙ جهڙي سوڳواري مٺي شهر تي ڇانيل هئي. شهر هوليءَ جو ڏڻ ملتوي ڪري پاڻ تي ماتم جو رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. شهر مڪمل بند هو ۽ هزراين ڪانڌين جا اداس قدم پنهنجي محبوب راڳيءَ جي آخري سفر ۾ شريڪ ٿي وارياسي ڏي وڌي رهيا هئا. ڪنهن به رستي تي ڪو به رنگ هاريل نه هو، فقط گلابن جون ڳاڙهيون گلابي پنکڙيون پکڙيل هيون، گهرن جي درن، ڇتين، ۽ گئلرين ۾ حيران جوانيون صادق فقير جي آخري سفر جي تاريخ ڏسي رهيون هيون. سُڏڪا هئا، جيڪي سفر ڪري رهيا هئا. صادق جي ئي ڳايل لفظن جو پڙاڏو دلين ۾ گونجي رهيو هو.
    دل کي ڌوڏيندڙ هِيءَ گهڙي آهي

    شام لڙي آهي...!

    بنا شڪ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته صادق فقير جو آخري سفر ٿر توڙي سنڌ جي نئين تاريخ بڻجي ويو آهي، اهڙو اعزاز ڪروڙن مان ڪنهن هڪ کي ملندو آهي. اهو فيصلو فقط تاريخ ڪندي آهي. ڪنهن هڪ هستيءَ لاءِ مختلف ذاتين، مذهبن، قبيلن ۽ فرقن جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي اشڪبار ٿين، سڀنيءَ جون دليون روئندڙ هُجن، اهو اعزاز گواهي آهي ته ڪنهن حقيقت جي حُسن جو وڇوڙو ٿيو آهي. صادق فقير کي جيڪو آخري سفر ۾ اعزاز مليو، اهڙو فلسطيني شهيدن کي ملندي نظر آيو آهي. هڪ شهيد جهڙو هي اعزاز سنڌ ۾ ظاهر ٿيل بدلجندڙ هوائن جي حقيقت آهي. صادق فقير جي هن فن ۽ محبت کي مليل هي ڀيٽا اعليٰ روايت آهي. عظيم قومون ائين ئي پنهنجو مزاج پڌرو ڪنديون آهن. آءٌ هتي نئين تاريخ جي ڳالهه ان ڪري چوان ٿو ته وقت جي ميري سياست ۽ رهزن اميريءَ لاءِ هي ڏسڻ جو موقعو آهي ته عشق جي فقيريءَ جي مهانتا ڇا آهي؟ ماڻهن جي سمنڊ ۾ محبت جي بيچيني تابوت ۾ ليٽيل هڪ راڳيءَ سان والهانا عشق مٺي شهر کي ياداشت نامو ٿي ڏنو، ته جيڪو به عاشق سنڌ جي دل کي چُمي ڏئي ٿو، اِهو اسان جو محبوب آهي! لڪل بازيگرن لاءِ به هي کليل نياپو هو ته سنڌ جي شعورَ ڀنگ ناهي پيتي! هن هجوم ۾ شاهه جو رسالو به آهي ته گيتا به آهي، شاعريءَ ڪندڙ دليون به آهن ته دانشوراڻاً دماغ به آهن، حُسينيتَ جو ماتم ڪندڙ ماڻهو به آهن ته صوفي لاڪوفي به آهن، ته ڀڄن ڳائيندڙ زبانون به آهن! اها جديد سنڌ آهي، جنهن کي سوڙهو ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر هي نياپو وڏو نياپو محسوس ٿئي ٿوته سنڌ متحد آهي.
    وچينءَ ويلا صادق فقير مٿان جڏهن ملير جي واري ٿي ورائي وئي، تڏهن سُرمارئي پئي ياد آيو. هر دل اهو ٿي سمجهيو، هي فنا جو سفر ناهي، هي بقا جي تاريخ آهي. هي عشق جي جلوي گري آهي. هي روح مُٺ ۾ آڻيندڙ گهڙين جو اتهاس آهي!.
    صادق فقير جي آواز ۾ رت وهندڙ صدين جو اوڄاڳيل درد هو. ان ڪري ئي اسان جي ساڃهه وندن کيس ٻيجل، ٻاٻيهو ۽ وڪٽرهارا سڏيو! صادق فقير موسيقيءَ جي فن جو تقدس بحال رکيو، اها هُن جي عاشقي هئي. سنڌ ۾ جڏهن ڪيسٽي ۽ جهنگ جي ڳائڻن توڙي بي سُرن جي سُر جي ڪائنات کي داءَ تي لڳائڻ شروع ڪيو. اهو موسيقيءَ تي لڙڪندڙ تلوار جهڙو وقت هو. بازاري شاعري ۽ بازاري ڌنن جو ڪاروبار اوج تي هو. تاثر اهو پئي ڏنو ويو ته سنڌ ان رنگ کي قبول ڪري ٿي. ان عارضي ڪاروبار جا ادارا مضبوط پئي نظر آيا، پر صادق فقير ان فلسفي کان انڪاري هو. هن سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جي بقا ۽ تقدس لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هُن جديد سنڌي شاعري ۽ ڪلاسڪ ۾ رڱيل ڌُنون ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هن نئون اتساهه پيدا ڪري ڏيکاريو! صادق فقير ڪڏهن به ڪونه وڪاڻو، اهو محبوب سچ آهي ته صادق فقير ڪڏهن به پيٽ لاءِ ڪونه ڳايو، فقط ۽ فقط دل سان ڳايو. هُن رڳو سنڌ لاءِ ڳايو، ڇو جو هو پاڻ ان نظرئي جو قائل هو ته:
    سهندو ڪير ميار او يار،
    سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو!


    صادق جي ڳايل سُرن ۾ محبوبيت واري نفاست هئي. هن وٽ منفرد سُر هئا. هن جو آلاپ وجداني هو. غرور نالي ڪا شيءَ هن جي وجود ۾ موجود ئي نه هئي. بنا شڪ جي هو وڏو راڳي هو ته وڏو انسان به هو. هُن پاڻ کي هن ڌرتيءَ جي خاڪ جو ذرو سمجهيو هو. هن جي سنجيدگي لاجواب ۽ لازوال هئي. صادق فقير جي صوفياڻي مزاج دلين تي حڪمراني ٿي ڪئي، عظيم آرٽ ۽ سيڪيولرزم گڏ کڻڻ واري عاشقاڻي روايت صادق فقير، لطيف کان حاصل ڪئي هئي، لطيف کان ئي هُن سکيو هوته جهڙو جڳ ۾ آيو، اهڙو خالي ٿي ناهي موٽڻو، ڪجهه ڪري پوءِ موٽڻو آهي. مرحوم ٿي ناهي مرڻو، ماهر ٿي مرڻو آهي. عشق ٿي اڀرڻو آهي!.
    صادق جي وڃڻ کانپوءِ گهڻن اڻ ڄاڻن کي اها سُڌ پئي آهي، ته صادق فقير ٿر ۾ سيڪيولر فڪر جي هڪ پُل هئي، هاڻ اُها اسان کان وڃائجي وئي آهي. اسان هڪ خوشبوءِ کان محروم ٿي ويا آهيون. آءٌ هن واقعي ذريعي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته سيڪيولرزم جي پُل ڇا ۽ ڪيئن هئي، ته جيئن سچ کي دل سان سمجهي سگهجي.2013ع ۾ وسڪاري جي مند ۾ ٿرپارڪر تي جوانيءَ جا کيپ چڙهيل هئا. وڏي خلق اهڙا نظارا پسڻ لاءِ نڪتي هئي، هزارن جي تعداد م ماڻهن اچي ٿر ۽ پارڪر کي ٿاڪ بڻايو هو، اهو ڪڪوريل سيپٽمبر جو مهينو هو، اسان ادبي ماڻهن کي دوست ڪرشن شرما خاص قافلو ٺاهي گهمائڻ نڪتو هو. آءٌ، سائين تاج جويو ۽ رسول بخش درس گڏ هئاسين، سفر جي آخري ماڳ ڪاسٻي ۾ اچي فطرت جي حُسن سان مليا هئاسين، وقت رنگين ٿي ويو هو. پارڪر جي مندرن ۾ مقامي فنڪارپنهنجو فن پيش ڪري دليون وندرائي رهيا هئا. ڪاسٻي جي مندرن ۾ راڳ ۽ ڀڄنن جي برسات ٿي رهي هئي، وڏي مندر جي ورانڊي ۾ سڄڻن خواهش ظاهر ڪئي ته صادق فقيرڪجهه آلاپي ۽ سُر وکيري. صادق فقير بنا دير جي اچي ڀڳتن جي وچ ۾ ويهي رهيو. هڪ ڀڳت کان تنبورو وٺي آلاپن کي عروج تي وٺي ويو. مقامي سازندن جي ساٿ، هڪڙو وجد جاڳائي ڇڏيو. صادق ڀڄن ڳاتا، صوفياڻو ڪلام تنواريو، ڪبير ۽ لطيف کي ڳاتوته سڄو ڪاسٻو سارنگا جي ڇيريُن جو ڇمڪو ٿي ويو! نوٽن جو وسڪارو ٿيندو ويو ۽ صادق فقيرڳائيندو رهيو، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ نوٽن کي نهارڻ بنا ئي صادق اٿي هليو آيو، مندر جو فرش نوٽن سان پويان سٿيو پيو هو، اِهافقيري صادق جي ان مزاج جو حُسن هئي، جنهن حُسن جي ذري به گهڻن فنڪارن وٽ نظر ناهي ايندي. سيڪيولر فڪر جو اهو گُل سنڌ کان وڇڙي ويو آهي. ڄڻ اونداهي ڪاسٻي مٿان ڪري پئي آهي! صادق فقير سنڌ جو عظيم سرمايو هو، هُن جي وڇوڙي سنڌ جي موسيقيءَ جي سيني تي ويران آڌيءَ اڇلي ڇڏي آهي .
    صادق فقير سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو اصل روح سمجهندڙ ۽ ان کي اجاگر ڪندڙ محبوب راڳي هو. هُن جي آلاپن ۽ صدائن ۾ به ان تهذيب جي سڳنڌ سمايل هئي. ٿيڻ ائين کپي ته صادق جيڪا موسيقي ترتيب ڏني آهي، يا جيڪي سُر وکيريا آهن، جيڪي راڳ هُن ڌُنن ۾ پرويا آهن، اسان جا پارکو ان موضوع تي قلم کڻن ته جيئن صادق فقير جي فن سان انصاف ٿي سگهي.


    • سُر مدفون نه ٿيندا آهن! : مير حسن آريسر

    سچن سُرن جي سرجڻهار صادق فقير جي مڪي کان مٺيءَ تائين ڪيل ڏکي ۽ ڊگهي مسافريءَ جو اضطراب جڏهن هزارين ڪانڌين جي اکين ۾ سامونڊي ميلاپ بڻجي آيو هو، تڏهن مون تي اها ڳالهه بنهه نئين نموني منڪشف ٿي رهي هئي ته ’ ٿر ڪتاب گهر‘ جي سامهون واري هوٽل جي کٽن تي ڪچهريءَ دوران نرسنگهه سوڍي متعلق ٺاهيل پياري شواڻي جي لطيفن تي ٽهڪن ۾ ويڙهجي وڃڻ کان وٺي محمد علي ڀٽيءَ جي آفيس تي خواري خريدڻ جي خواهشمند صاحبلوڪن جي نيچ پڻي کي وائکو ڪرڻ جون رٿابنديون ڪرڻ، چانڊوڪي راتين ۾ مالڻهور ’ويڻا‘ جي واٽ وٺڻ، سندس گهر جي ڇت واري اڱڻ تي مانيون کائي محفلون ڪرڻ، مينهوڳي جي موسم ۾ منهنجي مسواڙي جاءِ جي بورچيخاني ۾ ڳڙ وارو مٺو ڀت رڌرائڻ وقت خالق درس کي هدايتون ڏيڻ ۽ مٺيءَ کان عمرڪوٽ تائين اڪثر گڏيل سفر ڪرڻ تائين کي آءٌ سڃاڻان. ان کان صادق فقير جو اڄوڪو تعارف بنهه مختلف ان ڪري آهي، جو سندس سواريءَ واري ايمبولنس جڏهن شهنشاهي پروٽوڪول سان تڏي واري شاهي شامياني جي سامهون پهتي، تڏهن امام جنجهيءَ جي انائونسمينٽ وارو پڙاڏجندڙ آواز اوڇنگارن ۾ ٻڏي ويو هو. ان شامياني کان قبرستاني واري ننڍڙيءَ ڀٽ تائين سندس آخري سفر ڪندڙ هزارين ماڻهن جو هجوم پوري ڏيڍ ميل تائين رستي تي آلين اکين سان بيٺل عورتن ۽ ٻارن جي قطارن سميت رستي تي ايندڙ گهرن جي ماڙين ۽ ڇتن تان نڇارو ٿيندڙ گلن وارو ههڙو محبت ڀريو منظر ڪڏهن ڏٺل هو!
    سنگت ۾ سدائين سنگت جهڙو ئي هلندڙ هي ماڻهو هزارين ماڻهن جي دلين واري تخت جو رانجهو ثابت ٿيندو، اها ڳالهه ڪنهن اوچتي انڪشاف وانگر معلوم ٿي آهي!
    روئي روئي بيحال ٿي ويل تاج جويي جي هڪڙي هٿ ۾ شاهه جو رسالو ۽ ٻي ٻانهن دليپ ڪوٺاريءَ جي ڪُلهي کي سهارو بڻائڻ لاءِ ڊگهيريل ڏسي، مون کي پوري شدت سان محسوس ٿيو ته تاج جويي جو اڄوڪو حال انهن هزارين انساني وجودن جي پڌري علامت آهي، جن کي صادق جو وڇوڙو هيروشيما بڻائي ويو آهي.
    ادب ۽ شاعريءَ جهڙن موضوعن کان ڪوهين ڏور ڊوليپمينٽ سيڪٽر جي ماهر جي حيثيت ۾ مشهوري ماڻيندڙ ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ آلين اکين ۽ خشڪ ٿي ويل چپن ۽ ٿيڙ کائيندڙ وِکن سان هلندي، مون سان جيڪي ڳالهايو، ان ۾ هڪڙي ڳالهه اها به ڪيائين ته ’آءٌ جيتوڻيڪ شاعريءَ جي ڪڏهن ڀر ڏئي نه لنگهيو هئس، پر صادق جي وڇوڙي تي مون نظم لکيو آهي، فيس بوڪ تي پڙهجانءِ‘. مون کي حيرت زده ٿيندي ڏسي هن وضاحت ڪندي چيو ته پاڻ سڀني کي ظاهر زماني جي مصروفيتن ايترو وقت نه ڏنو، جيترو وقت صادق جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ گهربل هو، پر اڄ آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته مٺيءَ جي سماجي، مذهبي طبقاتي ۽ سياسي ماحول ۾ جيڪو توازن موجود هو، اهو ٽٽي پيو آهي.
    ڊاڪٽر سوني واري ساڳي ڳالهه ٻي معنيٰ ۾ مٺيءَ جا اهي اديب، شاعر، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن دوست به محسوس ڪن ٿا، جن جو هاڻ اهو محور ٽٽي ويو آهي، جيڪو کين جوڙي رکڻ لاءِ ڪافي سمجهيو ويندو هو.
    هزارين زندهه ۽ باذوق دلين کي ميڙي مُٺ ڪرڻ جهڙي ملڪيت ۽ هي شاهاڻو مرتبو، رڳو جيڪڏهن سندس ڳايل راڳ جي حاصلات آهي ته پوءِ پاڻ مان هر ڪنهن کي اها حقيقت مڃڻي پوندي ته، نه رڳو هن کان اڳ گذاري ويل ڳائڻن ۾ بيمثال راڳي پنهنجو وارو وڄائي وڃي مٽي ماءُ حوالي ٿيا، بلڪه هن جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ به ڪيترا عاليشان ڳائڻا موجود آهن، پر ڪونهي ته رڳو اهو صادق فقير ڪونهي، جنهن جي ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهن جو تعداد ڏسي هڪڙي دوست سواليه انداز ۾ چيو ته ’ڇا هيتري خلق بڙي غلام علي خان جي جنازي ۾ موجود هئي؟‘.
    ان سوال جو مناسب جواب جيتوڻيڪ پاڻ کي معلوم ڪونهي، پر اها ڳالهه صادق فقير جي هر ڄاڻو سڃاڻوءَ کي معلوم آهي ته هو جيترو پنهنجي سُرن ۾ سچو ۽ مٺو هو، بلڪل ايترو هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ به منظم ۽ متوازن ماڻهو هو.
    سماجي تعلق داريءَ ۾ هو مشهور فنڪار بدران ڪنهن راڄ جي چڱي مڙس وانگر راڄوڻي ماڻهو هو ۽ پنهنجي خاندان جي سطح تي هو بيحد ذميوار فرد وانگر پنهنجا فرض ادا ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو.
    پنهنجي محنت ۽ محبت سان ڪمايل روپئي روپئي کي فضول خرچين بدران هن رڳو ان ڪري ساري سنڀالي رکيو. جو کيس نزاڪت، راحت، رضا ۽ عظميءَ جو مستقبل عزيز هو. ان حد تائين جو نزاڪت جي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سيلف فنانس تي ايڊميشن ڪرائڻ وقت ئي کيس پڪ هئي ته اهو سبجيڪٽ نزاڪت جي مزاج مطابق ناهي، پر چيائين اهو پئي ته، اصل ۾ جن جي پونجي آهي، خرچ به اهي ڪن، پاڻ فقيرن جو ڇا؟ هن جي اهڙي دلڪش سماجي روش شايد ان ڪري به هئي، جو هو ڏکن ۽ محرومين جي تنجڻن ۾ پلجي وڏو ٿيل ماڻهو هو. ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد جي شفقت ۽ سهاري کان محروم ٿيل هن فقيراڻي ٻار شاهوڪار ميمڻن جي شهر ڏيپلي ۾ اڃا پرائمري تعليم پرائڻ ئي مس شروع ڪئي هئي ته 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ سڄي ٿر کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽڻ جو نقصان ته جن کي ٿيڻو هو، تن کي ٿيو، پر ٿر کي ناقابل تلافي نقصان اهو ٿيو، جو اتان ٿيل لڏپلاڻ، افراتفري ۽ مار ڌاڙ ٿر جي سماجي، معاشي ۽ تعليمي صورتحال کي زيرو زبر ڪري ڇڏيو، جنهن کان سڌي يا اڻ سڌي ريت متاثر ٿيل معصوم صادق فقير پرائمري جا پنج درجا ڏيپلي ۾ ئي پاس ڪري وڃي مڊل اسڪول ميرواهه گورچاڻيءَ جا وڻ وسايا، جتي سندس ناناڻن جو گهر هو. جڏهن ته مئٽرڪ پاس ڪرڻ لاءِ کيس مٺيءَ ڏانهن موٽڻو پيو.
    واضح رهي ته صادق فقير جڏهن مٺي ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن تاج جويو ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ سنڌيءَ جو استاد ٿي آيو، ان کان اڳ صادق فقير هاءِ اسڪول جي استادن جي اصرار تي ’صادق حيدري‘ جي نالي سان جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڳائي وٺندو هو، پر بيحد حجابي طبيعت جو مالڪ هجڻ ڪري هو اڪثر اسڪولي پروگرامن واري موقعي تي اسڪول مان ڀڄي ويندو هو. ڪاليج ۾ به سندس ساڳيا افعال ڏسي تاج جويي تڏهوڪي زماني ۾ ڍولڪ وڄائيندڙ ۽ پوءِ ڳائڻي طور مشهور ٿيل ڪريم فقير تي ذميواري رکي ته هو ڪاليج پاران ٿيندڙ هر اسٽيج ڊرامي ۾ صادق کان ڪلام ڳارائيندو ۽ پوءِ ڪريم فقير جي ڪوششن سان تڏهوڪو ’صاق حيدري‘ ڪاليج جي اسٽيجن تان پنهنجن آلاپن جي اڏام جا پر سوهڻ لڳو. ڪاليج جي سائنس ليب ۾ ملازمت ڪندڙ امولک نائيءَ جي مختلف ڌُنن تي ڪيل شاعري ڳائيندڙ صادق جا مٺڙا آلاپ، جڏهن سندس مامي ۽ سريلي ڪمپوزر حسين فقير جي سماعتن تائين پهتا ته هن بنا دير صادق کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري سُرن جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اياز گل جي اها وائي سنڌ جي سماعتن کي پنهنجو مشتاق بڻائي وئي، جنهن کي صادق جي تڏي تي پهچي اياز گل ترميم سان ٻيهر هينئن لکيو آهي ته:
    توکان ٿيندي ڌار
    مٺي ڪؤڙي ٿي لڳي
    صادق منهنجا يار!



    ان سڄي عرصي دوران صادق سلطان آباد واري ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ملازمت ڪرڻ کان وٺي، مٺيءَ واري ناڪي تي ڪئبن هلائڻ تائين، ڏکن جو پاند پڪڙي جيڪو ڪٺن سفر ڪيو، اهو ئي سندس زندگيءَ جي توازن جو بنيادي سبب بڻيو.
    هڪڙي ڪچهريءَ دوران ٻڌايائين ته، اڃا اهي ئي ڏکن جا ڏينهن هئا، جو پاڪستان ’لوڪ ورثي‘ وارن اسلام آباد ۾ لوڪ گيتن جو مقابلو رکيو، جنهن ۾ پهريون نمبر ايندڙ لوڪ گيت تي چاليهه هزار روپيا انعام رکيل هو. هي پنهنجي مامي حسين فقير سان گڏ وڃي ضياءُ الحق جي پاڙي ۾ پهتو. سندس رهائش جو مسئلو تڏهوڪي اقليتي ايم. اين. اي پارومل ڪولهيءَ حل ڪيو، جنهن جي شهرت جو هڪڙو سبب ڳائڻ ۽ نچڻ به هو.
    ’لوڪ ورثه‘ واري پروگرام ۾ صادق فقير هڪ نئين ۽ نرالي ڌن ۾ ’رومال مارو رنڱيو، باڊاڻي ري شهر ۾‘ لوڪ گيت ڳايو. ٻئي ڏينهن ججن کي فيصلو ٻڌائڻو هو. صادق به وڃي پهتو. فيصلي مطابق صادق پهريون نمبر آيو، پر انعام واري رقم جو چيڪ ٻئي ڏينهن ڏيڻ جو چئي صادق کي روانو ڪيائون. هي جيئن ئي ٻاهر اچي رستي تي پهتو ته شهر تي بمن جو وسڪارو ٿي ويو. صادق اڳيان، بم ۽ راڪيٽ پويان، کيس جيترا ڪلما ياد هئا، اهي سڀ پڙهندو، ڀڄندو ڀڄندو وڃي پٺاڻن جي ڪنهن خيمي بستيءَ ۾ پهتو، جتي پڻ اها ڳالهه عام هئي ته دشمن ملڪ حملو ڪيو آهي، پر ٺڪاڻي تي پهچڻ کانپوءِ صادق کي معلوم ٿيو ته ڪنهن طرح ’اوجهڙي ڪئمپ‘ کي تيلي لڳي آهي.
    هو پاڻ جيڪڏهن ليکڪ هجي ها ته سندس ڏک وارن ڏينهن سان گڏ سک وارا واقعا، ڪچهرين ۽ محفلن جا احوال، بظاهر پرهيزگار ۽ صاحب شريعت نظر ايندڙ بزرگن جا راز ۽ نياز يا پرڏيهي دورن جا دلچسپ احوال نه رڳو پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو باعث بڻجن ها، بلڪ بذات خود صادق جي سڀاءَ ۽ شخصيت جي توازن کي سمجهڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ها. پر هن جيئن ته تحريري عمل اختيار نه ڪيو، ان ڪري کانئس ٻڌل حال حقيقتن تي اڪتفا ڪندي، ان صادق فقير کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي، جنهن پنهنجي فن ۽ عمل سان سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي نالي جو مشتاق بڻائي ڇڏيو آهي.
    سندس ٽيجهي جي موقعي تي ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو اهو سمجهن ته سچن سُرن جي سرجڻهار کي هزارين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٺيءَ جي دڙي تي دفن ڪئي، اڄ چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر آءٌ اهڙن سڀني دوستن کان اعتبار جي خيرات گهرندي چوڻ ٿو چاهيان ته خميس واري ڏينهن وچينءَ ويلي صادق جي قبر واري آلي ۽ سرهي مٽيءَ تي گلن جي چادر رکي، قبرستان مان جيئن پير ٻاهر رکيوسين ته هڪڙي دوست جي پاسي واري کيسي ۾ رکيل موبائل تي رنگ آئي ۽ رنگ ٽون تي رکيل صادق فقير جو مٺڙو آلاپ، سوڳوار سانت جو سينو چيري پولار ۾ پکڙجي ويو:
    اصل يار اکين جي، ٻي آهي ٻولي،
    سڄڻ لئه سولي، ڏکي ساري ڏيهه لئه.

    مون ان پل ئي محسوس ڪيو ته سچا سُر، سرجڻهار پنهنجين سمورين دلربائين سان گڏ نسل درنسل اسان جي دلين ۾ ڌڙڪائيندو رهندو ۽ سندس آلاپ سانت جو سينو چيريندا رهندا.


    • سارو ٿر اُداس : تاج جويو

    سارو ٿر اُداس اڳ نه ايڏو مون ڏٺو
    ڀِـٽـن ڳَلَ ڀِـڄائـيـا، رَتُ رُنــو آڪـاس،
    وِکَ وِکَ واٽ، سُواٽ ۾، وڻ وڻ تنهنجو واسَ
    صادق! تنهنجو سواسُ، سِنڌڙيءَ منجهه سمائيو.

    -
    تنهنجو مڙهه ملير ڏي، موٽي اچڻو آ،
    ميلو مچڻو آ، تنهنجي مرقد جي مٿان،

    (5.03.2015)


    • مٺيءَ ۾ مذهبي رواداريءَ جو تازو مثال : پنهل ساريو

    سنڌ هڪ ڀيرو وري لازوال رواداري ۽ ڀائيچاريءَ جو مثال قائم ڪري ورتو آهي. سنڌ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتي آهي. سنڌ ڊگهي عرصي کان هر طرح جي انتها پسنديءَ کي رد ڪيو آهي. اڄ جڏهن سڄي دنيا انتها پسنديءَ جي خوف ۽ دهشت ۾ ورتل آهي، اهڙي وقت ۾ انتها پسنديءَ جي آبياري ڪندڙ قوتون وري سنڌ ۾ انتها پسنديءَ کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هر طرف مذهبي لساني ۽ نسلي دهشتگرديءَ جو راڪاس ڦيرا ڏئي رهيو آهي، عين ان وقت تي سنڌ عظيم الشان عمل سان امن جي دشمن قوتن آڏو وري هڪ دفعو واضح ڪري ڇڏيو آهي، ته سنڌ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي آهي. جڏهن پاڪستان جي جوڙ جڪ پئي ٿي، تڏهن قرارداد مقاصد ۽ نظريه ضرورت تحت رياستي معاملن ۾ مذهب جي گنجائش ڪڍي وئي ته ان وقت رهبر اعظم سائين جي. ايم سيد چيو هو ته ’هيءَ رياست جن مذهبي انتها پسندن کي پالي رهي آهي، سي اڳتي هلي سڄي دنيا کي تاراج ڪندا‘. ان کانپوءِ وري جڏهن خودڪش بمبارن دنيا کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پاڪستان طالبان جو اڏو بڻجي ويو، تڏهن سنڌ، پنجاب ۽ پختونخوا کان پنهنجي الڳ سڄاڻپ هن انداز ۾ ظاهر ڪئي ته رياستي طاقتن جڏهن 21 مارچ 2014ع تي جسقم ترجمان مقصود خان قريشي ۽ لطيف سنگت جي مرڪزي صدر سلمان وڌي جو انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ته سنڌ جي لکين ماڻهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ پهچي، نه فقط پُرامن احتجاج ڪيو، پر هندو مسلم، سک ۽ عيسائي جنازي نمار ۾ هڪ ئي صف ۾ نظر آيا. ان کانسواءِ عورتون توڙي مرد جنازي نماز ۾ شريڪ هئا. ان کانپوءِ وري جڏهن صادق فقير جو مڙھ مڪي کان مٺيءَ آندو پئي ويو ته مارئيءَ جي ملڪ ملير تائين پهچندي، هزارين سنڌ واسين مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿيندي مٿس پيار، محبت ۽ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. لاڙ پٽ جي شهرين توڙي وارياسي ٿر جي ڳوٺن ۽ مرڪزي شهر مٺيءَ ۾ شاهه جي رسالي، قرآن پاڪ ۽ گيتا جي ورد سان پنهنجي محبوب ۽ پياري صادق سان عقيدت جو اظهار ڪيو ويو.
    سنڌ ۾ diversity جي اڄوڪي شڪل ٻڌائي ٿي ته ماڻهو آدرشي انسانن لاءِ پنهنجون خوشيون، عيدون ۽ شادمانيون به قربان ڪندا آهن، جڏهن صادق فقير ڌرتيءَ جي هنج ۾ هميشه آرامي ٿيڻ پئي ويو، تڏهن سڄي سنڌ گهر ڪئي هئي ته مڪي ۽ مديني بجاءِ صادق فقير شاه لطيف جي سنڌ ڌرتيءَ ۾ اچي آرامي ٿئي، ۽ جڏهن اهو ڏينهن آيو ته اهو هوليءَ جو ڏينهن هو، هولي، رنگن ۽ مستيءَ جو ڏينهن هوندو آهي، جنهن ڏينهن هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهو سڄي دنيا ۾ رنگوليءَ سان مستي جا مزا ماڻي رهيا هئا، ان ڏينهن سنڌ جي اڪثريتي هندو ڌرم واري شهر مٺيءَ ۾ هزارين عورتن ۽ مردن نه فقط هولي نه ملهائڻ جو اعلان ڪيو، پر پنهنجي محبوب ۽ بي انتها پياري صادق فقير جي ڏک ۽ غم ۾ شهر ۾ ڪارا بينر لڳائي ڇڏيا ۽ هر ماڻهو صادق فقير جي ڳايل ان گيت کي گونجاري رهيو هو، جنهن جا ٻول آهن:
    ’هولي آئي هولي ويئي، ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو‘.
    ها دوستو! جڏهن مٺي هاءِ اسڪول ۾ هزارين ماڻهن جنازي نماز ادا پئي ڪئي ته ان ۾ هندو ۽ مسلمان، شيعا توڙي سني گڏ بيٺل هئا.
    صادق فقير مذهبي متڀيد کان مٿاهون ٿي، هر مذهب ۽ فرقي جي ماڻهن سان روح جي سچاين سان پيار ڪيو. هي حسناڪيت جو نرالو آواز هو. صادق فقير حسن پرست، انسان دوست ۽ محبتي ماڻهو هو. شايد اهو ئي سبب آهي ته هوليءَ جي ڏهاڙي تي هندو عورتن، ٻارڙن ۽ نوجوانن لڙڪ هاري سندس آجيان ڪئي، جڏهن صادق فقير جي تدفين جي رسم پوري ٿي ته قبر تي گل چاڙهي، سڀ کان اڳ هزارين قومي ڪارڪنن سنڌ جو قومي ترانو ’سنڌ ديس جي ڌرتي، توتي پنهنجو سيس نمايان‘ پڙهيو. جلد ئي ان کان پوءِ هڪ روئڻهارڪو آواز آيو:
    ’توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘
    جهونگاريندڙ دولت رام کتري هو. جيڪو مون کي ڀاڪر پائي گهڻيءَ دير تائين روئندو رهيو، جڏهن مان مٺيءَ پهتو هئس ته سريش جي جيئن ئي مون تي نظر پئي ته سُڏڪندو اچي مليو ۽ ڀاڪر پائي روئندو رهيو، تڏهن مون کي اڃا وڌيڪ پڪ ٿي ته ملائيت سنڌ کي انتها پسنديءَ جي اوڙاهه ۾ نه ٿي اڇلي سگهي.
    صادق فقير هڪ مڪمل انسان هو. جڏهن شام جا ڏيئا ٻرندا هئا ته راڳداري شروع ڪندو هو. اڄ ڏيئا ٻاريندڙ گهرن جون عورتون هجن، توڙي مندرن جا پوڄاري، سڀ صادق فقير لاءِ پوڄا پاٺ ڪري سندس آيل قافلي تي گلن جي ورکا ڪري رهيا هئا. مٺي شهر سوڳ ۾ مڪمل بند ٿي ويو هو. هندو ڀائرن هوليءَ جون سموريون تقريبون ملتوي ڪري، صادق فقير جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. مٺيءَ ۾ مذهبي رواداريءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ويو. هندو برادريءَ جي ماڻهن وڌ کان وڌ صادق فقير جي رسمن ۾ شرڪت ڪئي، ڪلهو به ڏنو ته قبرستان تي به پهتا. مٺيءَ جي اسڪولن مان موڪل ڪري ٻارڙا پراڻي ڊي سي آفيس وٽ پهتا، جيئن صادق جو مڙهه اتي پهتو ته شاگردن کيس سلامي پيش ڪئي.
    سنڌ جي ناليواري ۽ محبوب راڳي صادق فقير جو جنم مٺيءَ ۾ ٿيو. موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتائين، صادق ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائيندو رهيو. 1986ع ۾ حيدرآباد ريڊيو جي آڊيشن کان پوءِ سندس ڪلام رڪارڊ ٿيا. ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي تي شمشير الحيدريءَ کيس متعارف ڪرايو، ليڪن ايازگل جو ڪلام ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘. رڪارڊنگ کانپوءِ کيس گهڻي مقبوليت ملي. صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. صادق فقير نوجوانن ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقي بابت ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ’سنڌي موسيقيءَ جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتي جو لوڪ ورثو گهڻو سگهارو آهي. اسان جي سنڌي موسيقي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪري موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي نج ثقافت کي بچائجي.. ‘
    اسان جو محبوب راڳي صادق فقير 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو.صادق فقير جو موت هميشه ياد رهندو، حادثاتي موت دل کي جهوريندڙ هوندو آهي.
    صادق فقير جي آخري رسمن ۾ سياسي اڳواڻن سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين اديبن، شاعرن، فنڪارن، دانشورن، صحافين، ليکڪن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري کيس دعا بخشي، صادق فقير جي مڙهه جو آخري ديدار قبرستان تي ڪرايو ويو جتي صادق فقير جا دوست، مائٽ ۽ چاهيندڙ سندس ساروڻيون ساري هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي روئيندا رهيا.
    سچ ته جڏهن شام جا ڏيئا ٻرندا هئا ۽ صادق فقير جي محفل مچندي هئي ته ٻڌندڙن کي پتو ئي نه پوندو هو ته رات ڪيئن گذري وئي. پرڀات جا پهريان ڪرڻا ڏينهن ٿي وڃڻ جو سنيهو اماڻيندا هئا، پر ٻڌندڙن جي محفل مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، اهو سندس آواز جو سحر هو، اهو سندس ڳائڪي جي انداز جو اثر هو. هن جو هر گيت سندس سڃاڻپ هو ۽ سندس ڳايل هر گيت ۾ سندس ياد سمنڊ جي ڇوليءَ جيان ڇُلي رهي آهي. هن ته اهو ڳايو هو ته:
    ’کيس چئجو هتان گذر نه ڪري،
    شهر جو شهر دربدر نه ڪري‘.
    پر اڄ هن کي ڪير چوي ته هو سڄي سنڌ کي ڪيئن نه دربدر ڪيو پيو وڃي. صادق فقير مٺي پهچندڙ هر مهمان جي آجيان ڪندو هو، پر اڄ جڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ ڪو به ماڻهو سندس گهر وٽان گذرندو ته سندس اکين مان لڙڪ ضرور لارون ڪري وهندا!.


    • لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري . . . رکيل مورائي

    ڪالهه اهو آلاپ پنهنجي آواز جون لهرون صحراءِ عرب ۾ ڇڏي، الوپ ٿي ويو، جيڪو آواز صحراءِ سنڌ-ٿر مان ويهه کن ورهيه اڳ پنهنجي سموري توانائيءَ سان اُڀريو هو ۽ جنهن نه رڳو سڄي ٿر کي محفوظ ڪري ڇڏيو، پر هو سنڌ ۾ هڪ اهڙو صحرائي، آلاپ کڻي آيو، جنهن سنڌ جا وٿاڻ ۽ وستيون واسي ڇڏيا. ڳوٺ ڳوٺ، ڳليءَ، ڳليءَ ۾ ڳايو ويو. نئين سنڌ جي جديد شاعري، نئين رنگ ۽ نئين آواز سان سنڌ ۾ گونجڻ لڳي، اها گونج اسان جي پياري دوست ۽ نوجوان راڳي صادق فقير جي هُئي.
    سچ ته اهو آهي ته اڄ جڏهن صادق فقير، وقت کان اڳ تيزيءَ سان اسان کان وڇڙي ويو آهي ته اسان کي شدت سان محسوس ٿيو آهي ته شايد سندس تيزيءَ سان اُڀرڻ ئي ان ڪري هو!
    ڪنهن فنڪار کي جيڪو مرتبو سڄي عمر جي رياض کانپوءِ نصيب ٿيندو آهي، اُهو مرتبو، صادق پنهنجي محنت، پنهنجي صحرائي آواز ۽ پنهنجي سٻاجھي سڀاءَ سبب ويهن سالن ۾ ماڻي ورتو.
    هُن پنهنجي نج ٿري لهجي ۾ سنڌ جي جديد شاعريءَ کي اهڙو حسين آواز ڏنو، جو اها شاعري،سڄي شاعراڻي امرتا سان گڏ موسيقيءَ جي امرتا به ماڻي وئي. صادق فقير پنهنجي سڀاءَ ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ ملڻهار نوجوان راڳي هو، جنهن سنڌ کي گهڻو ڪجهه الڳ ۽ نئون ڏنو، جيڪو سنڌ وٽ اڳ ۾ نه هو.
    ننڍي عمر ۾ صادق فقير ڪيتريون ئي مڃتائون ميڙي ورتيون، پر سنڌ جي مها ڪوي اياز جا چيل لفظ ادب جي دنيا ۾ پڻ ياد رکيا ويندا، اياز صادق فقير کي ٻڌي چيو هو ته ’منهنجي شاعري جنهن آواز لاءِ واجھائي رهي هُئي، اهو کيس ملي ويو آهي، صادق فقير جي آواز جي شڪل ۾‘. ۽ ڪالهه اُهو آواز اياز جي شاعريءَ ۽ سنڌ جي جديد شاعريءَ ۽ راڳ کان سدائين لاءِ جدا ٿي ويو.
    اڙي موت! ميار، جيڏا روز جدا ڪرين.

    صحراءِ عرب ۾ گم ٿي ويل اسان جو هڪ حسين آواز، سنڌ کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو. جيڪو صحراءِ سنڌ کان صحراءِ عرب ڏانهن ڪيترائي قافلا به واپس آڻي نه سگهندا شايد!
    امراءُ القيس ۽ اُم ڪلثوم جي ڌرتيءَ تي پنهنجا پويان پساههَ ڇڏيندڙ صادق فقير جو آواز اڄ مائي ڀاڳيءَ ۽ موهن ڀڳت جو آواز، ٿر جي ڀٽن ۾ ڳولي رهيا آهن، سنڌ اداس ٿي وئي آهي، سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جا سُر اداس ٿي ويا آهن، شايد کين وري ڪو اهڙو صحرائي آلاپ وارو آواز نه ملي سگهي. ۽ سڀ کيس فقط ڪي آلين اکين سان نياپا موڪلين ته:
    سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ چاندني

    تو سواءِ نه ٿيندي.

    فطرت جا پنهنجا اصول آهن، چاندني به ٿيندي، ٿر ۾ ڪونڀٽ ڪر به کڻندا، واهوندا به ورندا، درد ونديءَ جي ديس ۾ به سڪار پوندو، وسُڪاري کانپوءِ مورن جا ٽهوڪا به ٻڌي سگهبا، بس جيڪو نه هوندو ۽ جنهن لاءِ مٺي ماندي هوندي، اهو صادق فقير جو، ٽئگور جي سانوري شام جهڙو چهرو نه هوندو ۽ اهو آواز/آلاپ نه هوندو، جنهن آواز/آلاپ سان ٿر جون ڀٽون جاڳي پونديون هيون، جنهن آلاپ سان ستارن ڀريو آسمان گڊيءَ ڀٽ تي لهي ايندو هو، مٺي، نوَ ورني ڪنوار جيان جرڪي پوندي هئي، جنهن آلاپ سان پرهه باکون ڪڍندي هُئي، ڪاڪ جون شمعون اُجھامڻ لڳنديون هيون، جنهن آلاپ سان اڄ جي مارئيءَ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن کان نجات حاصل ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، جيڪو آلاپ جهونا ڳڙهه جهوري وجهندو هو ۽ جيڪو آلاپ جهروڪ ۾ جهانءَ وجهي سگهندو هُو، جيڪو سُر، سَون سرن کان وڌيڪ اهم هو. هيءُ اهو آلاپ هو، جنهن بابت ڀٽائيءَ چيو هو ته:
    منهنجي مٿي جي هجن، سِرن سوَ هزار،
    تنهنجي ڪاڻ تنوار، هر هر وڍيان هيڪڙو.

    هيءُ ئي صدين کان پوءِ ٿر جي ڀٽن مان اُڏمندڙ آلاپ هو، جيڪو گرنار ۾ غلغلو وجھي سگهڻ جي سگهه رکندو هو، سچ پچ هُو جڏهن ڳڙهه پاسي ڳائيندو هو ته راڻيون رتولن ۾ اوڇنگارون ڏينديون هيون،ڇوريون ڇُرڻ ڇڏي ڏينديون هيون.
    مارئيءَ جي ملڪ جو هيءُ آلاپ ئي ته هو، جنهن کي اڄ ڪو نئون راءِ ڏياچ گهربو هو.
    وقت جي تبديلي رڳو اها آهي ته اڄ هُو پاڻ راءِ ڏياچ هو، جنهن صحراءِ عرب ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.
    سنڌ وري شايد صحراءِ عرب ڏانهن واجهائيندي رهندي، ان آلاپ جي واپس ورڻ لاءِ، جيڪو ڪڏهن به ورڻو نه آهي. ها! سنڌ هُن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، سنڌي هُن کي وساري نه سگهندا، هُو اسان جي دل ۾ هڪ ياد بڻجي ئي رهجي ويو. جڏهن به هُن جي سار ايندي ته چپن مان نڪرندو.
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.


    • صادق فقير جي ٿر ورڻ تي: ادل سومرو

    پُهتي آ پانڌي! مٽي پنهنجي ماڳ تي،
    مديني مان موٽيا، ٿاريلا ڪانڌي،
    اندر ۾ آنڌي، گهُلي پيئي درد جي


    ڪيڏي اڀاڳي، خبر تنهنجي موتَ جي،
    اکيون آهن ٿــرُ ٿيون، اُداسي ساڳي،
    ڌرتيءَ جا راڳي، وئين وڇڙي اوچتو!


    • صحرا ۾ خاموش ٿي ويل سنڌ جو آواز! : ڊاڪٽر مخمور بخاري

    هي ڏاڍ جا فيصلا آهن...... پوءِ ڇاڪجي.....؟ تاج جويي جا اُهي لفظ جيڪي هن سُرن جي راڻي صادق فقير جي تڏي تي ويٺي فون تي چيا. انسان ڄمي ٿو ۽ مري وڃي ٿو. هڪ حياتي هڪ ئي حياتي گذاري وڃي ٿو ته ڪي اهڙا به فرد ٿين ٿا، جيڪي هڪ حياتي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون گذارن ٿا. پل ۾ مرن ٿا، پل ۾ جيئن ٿا! انهن جي حياتي، بس رڳو زندھ رهڻ جو سبب نه ٿي رهي، بلڪ هو هر ان ماڻهو لاءِ جيئن ٿا، جنهن کي هڪ حياتي گذارڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي ضرورت پئي ٿي. پنهنجي پاڻ کي ڏيئي جيان ساڙي ٻين لاءِ روشني پيدا ڪرڻ سچ پچ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، پر جيڪي شخص ان منزل کي ماڻي وٺندا آهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ زندھ آهن. انهن جي مُرڪن، ٽهڪن توڙي لڙڪن ۾ هر وقت نظر ايندا آهن. درحقيقت صوفيءَ جو مقولو: ’وحدت ۾ ’ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت‘ موجود آهي. هن سماجي نظام ۾ پسي سگهجي ٿو. هڪ وجود آهي، جيڪو جتي به آهي، پر هر هنڌ آهي ۽ هو پنهنجي ٻاهر هوندي به پنهنجي اندر آهي.! پر هن ڳالھه کي ڪيئن سمجهي سگهجي؟ جواب ۾ ڪنهن ڊگهي منجهائيندڙ بحث جي بجاءِ پنهنجي چؤگرد ئي نظر ڦيرايون ته اسان کي اهڙا ٿورائي ماڻهو ئي نظر ايندا، جيڪي هر محفل ۾، هر جاءِ تي يقيني سمجهيا ويندا آهن. رڳو جڏهن اهڙن ڪن ٿورن مان ڪو هي رنگ واس جو جهان ڇڏيندو آهي ته هر طرف بس سُڏڪا ئي سُڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن اسان جي پياري صادق فقير جو اوچتو هانءُ ڏاريندڙ وڇوڙو !
    ان ڏهاڙي وفا مولابخش قمبراڻيءَ جي sms اندر کي ڌوڏي ڇڏيو. پڪ خاطر فون ڪيم ته روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، ها! مڃون يا نه پر ائين ئي آهي! اندر ۾ ڏک جي ڪيفيت کي وڌندي محسوس ڪيم ته تاج جويي جو هُن پار کان آواز ’مخمور! ظلم ٿي ويو يار! صادق ائين ئي اوچتو ماٺ ماٺ ڪيئن ٿو وڃي سگهي.!‘ ڪنهن کي ڇا چوان- هي بهار جي مند ته مون لاءِ هاڻ خزان جو نوحو بڻنجدي پئي وڃي! جڏهن هي رُت وڻن کي چهچ ساون پنن جو نئون لباس اوڍائي رهي آهي، ان ئي مند ۾ منهنجي وجود جي شاخ ئي ڪپجي وئي- سو اندر ۾ هر لمحي خزان جي مند کي محسوس ڪرڻ ۽ وري ٻئي لمحي ان کي وسارڻ جي جتن ڪرڻ تائين جي هڪ ڊگھي مسافت ڪندڙ مسافر کي، مٿان وري سينئر شاعر ۽ هر لمحي ۾ جيئندڙ قاضي مقصود ’گل‘ جو وڇوڙو ته وري صادق فقير جهڙي سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان رچيل وسيل آواز جو سدا لاءِ خاموش ٿي وڃڻ، سچ ته هن مند ۾ منهنجي لاءِ ته ڏاڍو ڏکائيندڙ لمحو آهي. هندستان جي شاعر گلزار خبر ناهي ته هي سٽون ڪهڙي پس منظر ۾ چيون هيون، پر اهي سٽون مون کي پنهنجي حال جو منظر پيش ڪندي نظر اچن ٿيون:
    ايک چھوٹا سا لمحا ہے
    جو ختم نہیں ھوتا
    میں لاکھ جلاتا ہوں،
    یہ بھسم نہیں ھوتا۔

    سو ان ڏهاڙي جڏهن صادق جسو آواز امراءُ القيس جي صحراءَ ۾ گم ٿي ويو، ان ڏينهن مون ويهي سوچيو ته بهار جي هن رُت ۾ مليل اذيت ناڪ تحفي جو درد ته آءٌ ان لاءِ ڀوڳيان ٿو، جو هن سان منهنجو رشتو پنهنجي وجود جهڙو آهي، پر هي سائين مقصود گل ۽ صادق سان منهنجو ڪهڙو اهڙو تعلق؟ پر ڇا رشتا فقط رت جا ئي هوندا آهن؟ محبتن جا رشتا ڇا ڪا به معنى نه ٿا رکن؟ ڇا ساھ، سڳنڌ، سنڌڙيءَ جا رشتا ڪي رشتا نه آهن؟ ڇا حسناڪئيت ۽ حساسيت جو اسان سان ڪو تعلق، سٻنڌ نه آهي؟ ته پوءِ اهو ڇو سوچجي ته هنن سان اسان جو ڪهڙو رشتو آهي.!
    شاعر، اديب، فنڪار، قلمڪار سڀ پنهنجي ڪلا جي اظهار ۾ يڪسان هوندا آهن، پر جي انهن جو تعلق پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ماڻهن سان هجي ته پوءِ هي سڀ پاڻ ۾ ڪو به رشتو نه هجڻ باوجود هڪٻئي جو درد، ڏک، سک، مرڪ ونڊيندڙ هوندا آهن. هڪ ٻئي جا ڀَر جهلا هوندا آهن، ڏڍ هوندا آهن!
    سو پيارا صادق! تون پنهنجن دوستن کي اڪيلو ڪري ويو آهين! انهن لاءِ واقعي به قهر ٿيو آهي. قهر ته تو تي به ٿيو آهي- اڃا ته تو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ شروع ڪئي هئي، اڃا منزل اڳتي هئي. اڃا توکي پنهنجن ساڃاھ وند پيشروئن جيان گهڻو پنڌ به ڪرڻو هو، پر شايد تنهنجو ڪم قدرت واري ايترو ئي لکيو هو ۽ تون چپ چاپ صحرا جي ڀٽن ۾ وڃائجي وئين! ها پر توکي مارئيءَ جي ملڪ جي مٽي ضرور نصيب ٿي آهي، تون مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ خليفي گل هالائيءَ جيان پنهنجي مٽيءَ کان پري نه ٿيو آهين.
    استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو.
    ڌرتيءَ کان مگر ڌار ڪيئن ٿيندو.

    سو صادق! به ڪٿي ٿو اسان کان، ڌرتيءَ کان ڌار ٿي سگھي!


    • دردن جي ڀيٽا : شوڪت چاچڙ

    صادق تنهنجا سوڳوار، سڀيئي آهيون،
    ڪيڏو ڀي چاهيون، وسري سگهندين ڪين ڪي!
    -
    سُرن لاءِ سدا رهيو، جنهن جو ساهه سرير،
    سنگت لاءِ فقير، دل جو هُيو بادشاه!
    -
    صادق ! ساري ٿر جو، واءُ ڪري ورلاپَ،
    تنهنجا هي آلاپ، صديون رهندا سنڌ ۾!


    • ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق! : ضراب حيدر

    اهڙا رُساما! ڇو ڀلا؟ صادق تون ته سَچو يار هئين! پوءِ هي ڪهڙي رمز آهي، جيڪا سمجهه ۾ ئي نٿي اچي! بهارون ته اسان سان سدائين کيڏ ڪنديون آهن، جڏهن اڃا گونچ نسرندا ئي ناهِن ته ڪي ئي گل گلاب ڇڻي پوندا آهن، بهارن ۾ خبر ناهي اسان ڪيڏا بهار جهڙا ماڻهو وڃايا آهن، ڪهڙا نانءُ کڻي ڪهڙا نالا کڻان.........!؟
    تو به هيل اسان کان بهارن ۾ موڪلايو! پر موڪلايو ڪٿي، ڄڻ ته لِڪ لِڪوٽي ڪري اُڏامي وئين، ائين جيئن هٿن تان پوپٽن جا رنگ اُڏامي ويندا آهن، ائين جيئن لڙڪن ۾ اکين جا اُجالا وسامي ويندا آهن. اُهي زمانا اُهي يادگيريون جيڪي تنهنجي مِٽيءَ واري پراڻي ڪچي گهر جيان اڄ به مَن جي مُنڍ تي ڪچي قلعي جيان هلڪي سليٽي رنگ سان چمڪي رهيون آهن، تن تي تنهنجو وڇوڙو برسات وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي. دل آهي جيڪا مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي! تنهنجا سليقا تنهنجو سڀاءُ، تنهنجو نياءُ ۽ تنهنجا آلاپ احساسن ۽ سماعتن جي ايوانن تي ائين وڇايا پيا آهن، جيئن تون هر ماڻهوءَ لاءِ اکيون ۽ دل وڇائي ڇڏيندو هئين!؟
    صادق! يار ائين نه ڪبو آهي، جيئن تو ڪيو، مِٺي جيڪا توکي پيار جي پهرين مٺيءَ جيان مِٺي هئي، تنهن جي ڳلين ۽ گهٽين ۾ هي ڪهڙيون اُداسيون ڇڏيو وڃين؟ توکي ياد آهي نه اُهو کيکڙن (ڇڪڙن) وارو دور جڏهن نئين ڪوٽ کان مِٺي ۽ پوءِ اسلام ڪوٽ وارن پيچرن تي وڏن ڦيٿن جا چِيلا واءُ جي هڪ وراڪي سان ميسارجي ويندا هئا، پر تنهنجون آهٽون ۽ آلاپ ڪٿان ميساربا؟ هي شهر مِٺي جيڪو توکي ساري پيو، تنهن جو هر دور هر زمانو صادق تان صدقو پيو ٿيندو.
    صادق! توکي ڪيئن ٻُڌايان ته تنهنجي جنم ڀوميءَ سان گڏ تنهنجي ڳوٺ ڏيپلي کان ويندي سموري ٿر جا گَهٽ ۽ لَڪ تنهنجي لاءِ اُٻاڻڪا آهن، ڪارونجهر جي ڪور تان تِرڪندڙ بهار جون ڪمسِن هوائون توکي پُڪاري رهيون آهن.
    سوين هزارين قطارون جيڪي تنهنجون منتظر هُيون، سي به اُداسيون ويڙهي موٽي ويون، مٺي توڙي سموري ٿر ۾ هوليءَ جا رنگ اڌورا رهجي ويا. ڪيڏو نه سوڳوار ماحول آهي؟ صادق موت مَهڻو ته ڪونهي، پر يار تنهنجي وڇوڙي صفا ماري رکيو، تنهنجا دوست يار، سنگتي ساٿي سڀ ويگاڻا آهن، تنهنجي محبتن جا ماريل ماڻهو ڏاڍا اڪيلا ٿي ويا آهن.
    ڏس نه! ڪهڙي آجيان ڪئي آهي تنهنجي چاهيندڙن، مداحن... آلين اکين، لڙڪن سان، تنهنجي!؟
    صادق! توکي ياد آهي سال 1998ع واري اُها رات، جنهن رات مرحوم عبدالرحمان نقاش، کاٽائو جاني ۽ ٻي سنگت سميت مٺيءَ ۾ ساري رات محفل ڪئي هئي سين، مون سان گڏ فياض چنڊ ڪليري، فهيم شناش ڪاظمي ۽ راج ڪنور هئا، اسين نوابشاهه مان تو وٽ آيا هئاسين ۽ ڪارونجهر ڪاسبي تائين تنهنجا ٻول ڳائيندا ويا هئاسين. اهڙيون ڪئي محفلون وسرڻ جهڙيون ناهن، جن ۾ تون مَن موهيندو رهين. مون کي اُهو زمانو به ڪونه وسريو آهي، جڏهن مِٺيءَ جي وسندين ۾ گائي ماتا کي ناريون ۽ سُندريون ڏوڀ کانپوءِ ٿالهه ۾ اَنُ کارائينديون هُيون ۽ اُن کي ٿر جي سهڻين ڳئون ماتائُن جي ڳچيءَ ۾ پيل چڙا اهڙي رَڌم سان وڄندا هئا، جيئن تنهنجا ڳايل گيت ۽ غزل هن لمحي منهنجي احساسن ۾ وڄي رهيا آهن. مسلسل دل کي سمجهايان ٿو، پر دل مڃي ئي نٿي، اکيون آهن، جيڪي ڇَلڪيو پون! تنهنجون ساروڻيون اکين ۾ جَهلڪيو جَهلڪيو پون !
    تو جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي مامي حُسين بخش مڱڻهار جي اڳيان سُر آلاپيا هئا تـ اهو آواز سندس پاسي ۽ آغوش ۾ هوندي به ڄڻ ته آڪاش ڇُهي رهيو هو، هو ضرور دل ئي دل ۾ مُرڪيو هو، جو تنهنجو اُهو آلاپ اُن لمحي ڏيپلي جي ٻانهياري ۽ جتن واري ڀِٽ کان به گھڻو مٿانهون ٿي سامروٽي ۽ وٽِ (ٿر جي علائقن) وارن پوٺن تان ائين گونجار ڪندو وهندو ويو، جيئن کاري ۽ ڪڇ کان چيٽ، ويساک ۽ ڄيٽ جون هوائون هُلنديون آهن ۽ رحمڪي بازار کان وڃي ڏيپو مينگھواڙ جي ٻڌايل شهر ڏيپلي جو پاسو وٺنديون آهن. تنهنجو آواز تنهنجو سُر علائقن ۽ سرحدن جو محتاج ڪٿي هو!؟ اُهو ته هوا ٿي هوائن جيان هُلندو ويو، تازي جهروڪي جيان دلين ۽ روحن کي تازگيون بخشيندو رهيو.
    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’وسي ته ٿر، نه ته جهڙو بر‘ مون ٿر ڏٺو آهي، وسڻ کان اڳي ۽ پوءِ به! چڱيءَ طرح ٿر ۾ رُليو آهيان، وسڻ کانپوءِ ٿر ڇا ۽ ڪيئن هوندو آهي؟ ان لاءِ ايتروئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته وسڪاري کانپوءِ ٿر جون سموريون خوبصورتيون احساسن ۾ لِڪي وينديون آهن، جن جي نه ڪا وضاحت ڪري سگھجي ٿي، نه وري اُنهن خوبصورتين کي بيان ڪري سگهجي ٿو. ائين ئي جيئن ڪنهن معصوم ٻالڪ جي ڳراٽڙي ۽ ڪنهن محبوب جي چميءَ کي بيان ڪري نه ٿو سگھجي. مون سنڌيءَ جي ان چوڻيءَ کي دل ئي دل ۾ سدائين ائين به پڙهيو آهي ته ’وسي ته ٿر نه ته به وڙ ئي وڙ‘ مطلب ته جتي وڙ ئي وڙ هجي، اُن کي ڀلا بر ڪيئن ٿو ڪوٺي سگھجي. وڙُ ٿر ۽ ٿر جي ماڻهن جي اهڙي صفت آهي، جيڪا لهڻ يا سمجھڻ ڏکي به ڪونهي. بهرحال ٿر جي ڀونءِ هجي يا وري ٿر جا ماڻهو هجن، هر ويل، هر مُند ۾ وڙائتا رهيا آهن. تون ته ٿر جي روايتن ۽ مهمان نوازيءَ کان ڪي رتيون اڳتي نڪري وئين، تون هر آئي کي ڄڻ ڀڳوان سمجھندو هئين. صادق تون ٿر جو ئي نه پر سموري سنڌ جو وَڙ هئين.
    تون جڏهن اڃا نوخيز بهارن جيان هئين، الهڙ وهيءَ ۾ جڏهن تو ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ’ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳايو هو ته پنڊال ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي الائي ته ڪهڙا فسانا ڪهاڻيون ياد اچي ويون هُيون ۽ تون هر دل محبوب جيان لهي ويو هئين. ٻولن جي تصوير ۽ منظرن ۾ تو جيڪي سادگيون ۽ سوز ڀريا سي سدائين تازا رهندا، پر ريڊيائي لهرن سان جڏهن اُهي ٻول دِلين جي ايوانن ۽ لوڪ جي سماعتن تي لَٿا ته هر ڪنهن پنهنجي اکين ئي اکين ۾ ٻانڀڻياڻي کي احساسن جي شاھ دريا ۾ لُڙهندي ڏٺو. اِهو ڪمال يار تنهنجو ئي هو، جنهنڪري سنڌ جي هر ناريءَ ۽ ڪنيا پاڻ کي ڄڻ تنهنجو مداح ٿي سمجھيو ۽ هر مانش توڙي ماڻهوءَ جون اکيون تو لاءِ آتيون هونديون هُيون. ڪو شهري بابُو هجي يا مَڊم، ٻهراڙيءَ جو ڪو هاري هجي يا ڌنار، هر جُھونگار ۾ تنهنجا گيت ئي هوندا هئا. شمشيرالحيدري ۽ قربان چنا جڏهن ٽي وي جي اسڪرين تي توکي متعارف ڪرايو ته تون بليڪ اينڊ وائيٽ توڙي رنگين اسڪرين تي انڊلٺي رنگن جيان سنڌ سرگم تي سِمري وئين ۽ سنڌ جو ٻيجل ڪوٺجڻ لڳين.
    ڏيپلو ۽ مِٺي جتان جو لوڪ، لاڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو، اُتي پارڪري، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ ڪڇي ٻولي به ڪيترن ئي چپن مان چُري نڪري ٿي. جيئن دنيا جي هر خطي جو ماڻهو صورت سبحان آهي، تيئن هر ٻولي مٺڙي ۽ ڀاڳوان آهي، جيڪا جيوت کي اظهار جو ڍنگ ۽ سليقو ڏي ٿي. اها ئي ڀاڳوند ٻولي جڏهن تنهنجي سُريلن اظهارن جو ذريعو بڻي ته سنڌي توڙي ٿري گيتن کي ڄڻ ته جواني ۽ جُولان ملي پيو. غزل سچ پچ پنهنجي مادي ۽ ماهيت جيان ڇلانگ ڏيڻ لڳو، تنهنجي چونڊ ۽ چاهت جيڪي رنگ وکيريا سي ڪٿي ۽ ڪيئن چِٽيان؟ صادق! تو پنهنجي مامي حُسين بخش جي آسڻ تي جيڪي سُر ۽ گيت ٻُڌا هئا، مڪتب واري زندگيءَ ۾ حرفن ۽ لپيءَ سان گڏ جيڪي سرگم بـه سُڻيا هئا، تن جي سادگيءَ جي انتها اِها هئي جو سُرُ، ميٺاڄ ۽ ڪَلا جي آڪاش تي هوندي به تون سدائين نياز ۽ نوڙت ۾ رهين، تنهنجي اُها روايت اهڙي رياضت بڻجي وئي، جيڪا سُر ۽ سرگم جي رياض کان به مٿاهين هئي، اڄ ڏسان پيو سمورو لقاءُ، صادق! هر اک تولاءِ آلي آهي، مِٺي ته صفا لٽجي وئي آهي. اڄ تنهنجي ئي ڳايل سِٽ،
    ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي وئي

    سج لٿو آ، رٿ کڙو آ...

    اندر جي سماعتن تي لهي آئي آهي، پر صادق! تنهنجي چُمي ڌرتيءَ کي جيڪا ۽ جهڙي وڻي، اهڙي ته شايد ...! جيتوڻيڪ سُرهي سانجھه ٽاڻي سج لٿي کان اڳ ۾ ئي تولاءِ رٿ کڙو هو، جنهن ۾ چڙهي تون ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري هليو وئين، پوءِ به ڪيڏي نـ سهڻي انداز سان ڌرتيءَ کي تنهنجي چُمي پوري ٿي وئي.
    تازو انبڙين باغن ۾ ڳرُ ڪيو آهي ته مون کي تنهنجو سُڪار لهجو ڏاڍو ياد آيو آهي، جيڪو ٻارهوئي ڏُڪار توڙي سُڪار ۾ سُريلو ٿي ٻُرندو هو. تنهنجون اکيون ڄڻ ته وسڪارا بڻيل هونديون هُيون جن ۾ ساوڪ رُت واري جوت نظر ايندي هئي. اڄ تو اُنهن اکين کي اُجھائي ڇڏيو آهي. ڄاڻان ٿو ته تون رُسامي جي عجيب رسم قائم ڪيو پيو وڃين، هر ڳالهه هر شيءِ تان دستبردار ٿيو پيو وڃين، پر اسين توتان، تنهنجي نانءُ تان، تنهنجي ڪلا تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين. توکي سدائين ڳائيندا ۽ ساريندا رهنداسين.


    صادق جو وڇوڙو: جميل سومرو

    ٿر منجهان آواز ٻُرندو ئي پَيو،
    پٿرن جو جِيءُ جهرندو ئي پَيو.

    تنهنجي وئي کان پوءِ اي صادق فقير،
    سنڌ، عُمَرڪوٽ روئندو ئي پَيو.


    • مون کي کائيندو وطن...! : نثار کوکر

    ان ڏينهن مٺي شهر ۾ ڪا اهڙي سخت صدمي واري سانت هئي، جو گهٽين مان ٻارن جو شور به بند ٿي ويو هو. اهو هندن جي هوليءَ جو ڏينهن هيو ۽ عام روايتن موجب مٺي شهر جون گهٽيون هوليءَ جي رنگن سان رنڱيل هجن ها، پر اها هن شهر واسين جي رواداري هئي، جو هنن هڪ گائڪ جي ڪُمهلي موت جي صدمي ۾ نه رڳو پنهنجو ڪاروبار بند رکيو هو، پر هُنن جي هوليءَ جون خوشيون به بند ٿي ويون هيون. سانجهيءَ ٽاڻي جڏهن اسان صادق جي تڏي تي پهتاسين ته ٽيجهي واري مجلس جي رسمي تياري ٿي رهي هئي، جنهن ۾ اهڙي ماڻهوءَ جو ڏک مذهبي ريتن مجب ملهايو وڃي ها، جنهن کي ڪنهن عاشق جي اداس دل ’مرحوم‘ ڪونه ٿي مڃي. صادق فقير جي حادثاتي وڇوڙي کي هاڻي ڳچ ڏينهن گذري ويا آهن ۽ عام دنياداريءَ موجب مرحوم جا مائٽ ٽيجهي تائين سوڳ ملهائيندا آهن، پر مون کي مٺيءَ جي هڪ ملنگ قسم جي هندو نوجوان ٻڌايو ته اسان پنهنجي گهر ڀاتيءَ جي موت تي ٻارنهن ڏينهن شيو به نه ڪندا آهيون، سو هن ڀيري مٺي شهر جا ڪيترائي هندو نوجوان صادق جي وڇوڙي سبب پنهنجي شيو ٻارهن ڏينهن تائين نه ڪندا، پر ڇو...؟ واري منهنجي روايتي صحافتي سوال تي هن اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو هو ، ’اسانجو گهر ڀاتي هيو يار ... اسان جا ڪي اترادي مهمان به ايندا هئا ته ڪو ڇوڪرو اسڪوٽر تي وڃي سائين صادق کي گهران وٺي ايندو هيو ۽ هو بنا ڪنهن وڏائيءَ جي يا پيسن جي لالچ جي اچي محفل مچائيندو هيو‘. هن هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها ٻڌائي ته صادق جي جنازي نماز ۾ ڪافي هندو نوجوان به اچي ويا، جن کي مسلم طريقي سان جنازي نماز ۾ بيهڻ جو ڪو تجربو ڪونه هيو ۽ هو جڳهه نه هجڻ ڪري جنازي جي اڳيان قطارون ٺاهي بيهي رهيا. جڏهن کين انتظاميا اچي منٿون ڪري سمجهايو، تڏهن وڃي کين اها ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي. صاق هنن لاءِ بي مثال گائڪ هيو، جيڪو مندرن ۾ ڀڳتي به شوق سان ڳائيندو ته وري محرم جي ڏينهن ۾ نوحا به ڪمال جا چوندو هو.
    مٺي شهر ۾ ان ڏينهن ڪا اطالوي صحافي اوريانا فلاسي ته موجود ڪونه هئي، جنهن پنهنجي بايوگرافيڪل ناول ’اي مين‘ ۾ پنهنجي محبوب يوناني سياستڪار پيناگولس جي جنازي کڄڻ واري رش کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن کي مخاطب ٿي هن لکيو هو ته: ’تون هڪ وڏي طوفاني رش جي ڪلهن تي سوار آهي، تنهنجو چهرو آخري بار ڏسڻ لاءِ تڙپان ٿي، ڊوڙان ٿي، پر رش آهي، جيڪا سامونڊي لهرن جيان ڪڏهن ڪهڙي پاسي پئي ڦٽو ڪري ته ڪڏهن ڪهڙي ڪنڊ ۾ پئي اڇلي‘. صادق جي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن جو به ڪجهه اهڙو تجربو هيو، پر مون جهڙن ڀوڪ ماڻهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه اڃا تائين نٿي اچي ته برادرين ۽ سردارين ۾ ورهايل سنڌ ۾ هڪ مڱڻهار گهراڻي جي فرد کي اهڙو جنازو ڪيئن نصيب ٿيو، جيڪو چڱن ڀلن رئيسن نوابن جو خواب هوندو آهي. لکڻ ۾ اهو سٺو ڪونه ٿو لڳي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته مڱڻهارن کي اسان جي اوچ نيچ واري سماج ۾ هڪ مخصوص تفريحي رول تائين اهم سمجهيو ويندو آهي، پر صادق ويندي ويندي انهن سمورين ڪوڙين سماجي اوچاين نيچاين توڙي مذهبي نفرتن کي دفن ڪندو ويو. مذهبي ڪٽرپڻي جي هن دَور ۾ اهو سنڌ جي سهپ ۽ رواداريءَ جو اثر آهي، نه ته ڪهڙي انتها پسند معاشري ۾ راڳين جا جنازا اهڙا ڌام ڌوم سان نڪرن ٿا، جهڙو صادق فقير جو جنازو نڪتو. هن ئي پياري پاڪستان جي هڪ ڪنڊ ۾ ڇا ڪنهن کان وسري ويو آهي ته سوات جي ان پشتو گائڪ جنهن کي سُر سنگيت سان چاهه جي جُرم ۾ قتل ڪيو ويو، تنهن گائڪ جو جنازو ائين کنيو ويو، جيئن چور جي ماءُ اسپتال مان پنهنجي پُٽ جو لاش کڻي ويندي آهي، اڪيلي اڪيلي لڄي ٿيندي ۽ اکيون چورائيندي. پر هي سنڌ ديس جي مٺي شهر مان نڪتل گائڪ جو جنازو هيو، جنهن مٿان هندو عورتن ۽ ٻارڙن به لين مان گل پئي نڇاور ڪيا. صادق جو سوڳ اصل ۾ ايترو وسيع ٿي ويو هو، جو هر ڪنهن جي جستجو هئي ته هو ان جي جنازي ۾ ضرور شرڪت ڪري ته جيئن سڀاڻي پنهنجي اولاد کي ٻڌائي سگهن ته اهو ’سکي پيا کي ملي ته چئجان‘ وارو ڪلام جنهن گائڪ ڳايو هو، تنهن جي حادثاتي موت واري جنازي ۾ آئون به شريڪ هئس. صادق فقير تمام سادي طبيعت جو ماڻهو هو، ان جا هونئن ته ڪيترائي مثال سندس سنگتين اڳيان آهن، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ گڊي ڀٽ تي گذريل سال واري اها رات سمايل آهي، جنهن رات فقير مقيم ڪنڀار جي ورسيءَ ۾ ڳائڻ لاءِ صادق پهتو هو. محفل ۾ اسان ٻئي گڏ ويٺا هئاسين ته رفيق فقير ڳائڻ شروع ڪيو، جنهن جي تعريف ڪندي مون کيس چيو هي همراهه به واهه جو ٿو ڳائي ڪهڙي فيملي مان آهي؟ ته هن کلي ٿري لهجي ۾ وراڻيو ’هي منهنجو ڀيڻوو آهي‘. اسان کلندي کلندي رات گذاري، ڇو ته صادق جي مزاح واري حس به تمام خوبصورت ۽ اعليٰ هئي.
    جڏهن محفل ۾ صادق کي سڏ ٿيو ته هن خوشي خوشي وڃي ڪجهه ڪلام ڳايا ۽ سندس محفل اڃا جاري هئي ته ان جي هڪ فقير منش گائڪ دوست وچن سنڌي اچي سندس مائڪ ڦري. هي رات جو اهڙو پهر هو جڏهن وچن جو راڪيٽ ٿيڻ ضرور هيو، ۽ خاص ڪري جڏهن کيس اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل ڏٺم ته سمجهي ويس همراهه محفل پيو بگاڙي. وچن، مائيڪ پنهنجي هٿن ۾ کڻي حاڪماڻي انداز ۾ چيو فقير هاڻي مان ڳائيندس ۽ تون ساز وڄاءِ... پوءِ صادق ڇا ڪيو سو ته اوهان کي ٻڌايان ٿو، پر ٿورو تصور ڪريو ته ڪنهن پهرئين ڪلاس جي راڳي کي اڌ محفل ۾ ڪو اڀرندڙ فنڪار ائين اچي مائيڪ ڦري ته هو ڪيئن ري ايڪٽ ڪندو، پر هي سچي نيت وارو صادق هيو، جنهن کلي کيس چيو ها وچن سائين توهان ڳايو... صادق جي وڇوڙي کي ڳپل ڏينهن گذري ويا آهن. هر ڪنهن کي اهو غم هاڻي وسارڻ گهرجي ڇو ته جيڪو غم سندس پٽ نزاڪت جي دل ۾ هوندو، سو ته هو ڪنهن کي ٻڌائي به نٿو سگهي. نزاڪت تڏي تي ايندڙ صادق جي هر چاهيندڙ سان سينو ملائي اهڙو ڀاڪر پائي ملي ٿو، جهڙو هو پنهنجي اندر جو غم ’سور ورهايان، سرتيون، جي ورهايا وڃن‘ وانگر ورهائيندو ۽ غم هلڪو ڪندو هجي، پر خليل ڪنڀار کي ڪير سمجهائي ته هاڻي سندس سار لهڻ وارو ڪو به ناهي. ٻنهيءَ جي ياري به عجيب، خليل پوليس وارو پر شاعر، ۽ صادق پروفيسر پر گائڪ، جتي ۽ جنهن ٿاڻي تي خليل جي ڊيوٽي لڳي، ان چوڪيءَ تي صادق پهچي اچي چڪاس ڪري ته خليل جي رهائش ۽ ماحول ڪيئن آهي. تڏهن ئي ته هو ڏهاڪو ڏينهن تائين تڏي تان نه اٿيو ۽ مٺيون ڀڪوڙي دانهون ڪندو رهيو ته سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن... هن کي جيڪي پور پيا پون، سي اهي ته صادق سان گڏ هو ڪٿي ڪٿي نه رليو هيو پاڻ کي چوي ٿو:
    پاڻ پنهنجي ديس کي چيچ ۾ لوڏيو به هو، درد جيئن سوديو به هو،
    لاڙ ڪاڇي اُتر کي سينڍ ۾ ڳايو به هيو ...
    پر خليل کي ڪا ماٺ ناهي، هو پنهنجي گهر ڀاتين سان به اکيون چار ڪري نٿو سگهي ته متان نيڻن مان نير ڇُلڪي ڪري پون. هن جو ته ڄڻ سڀ ڪجهه لٽجي ويو آهي. تڏهن ئي ته دانهون ڪندي چوي ٿو هاڻي وطن کائڻ ٿو اچي.
    تون نريڙي ڍنڍ تي، ڪونج جي ڪرلاءَ جيئن،
    ڄڻ هينئن جي گهاءَ جيئن،
    هاڻ جي ويندين هليو، ڪير ڀائيندو وطن،
    مون کي کائيندو وطن!

    جنهن ڏکايل ديس ۾ عاشق مجبور ڳائڻا وقت جي ڍول تي نوٽن تي نچندا هجن، اهڙي عمر ۾ صادق سنڌ جي کاهوڙين جي اڌ ۾ لٽيل جوانين جي سفر کي ... ’اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا ...‘ ۾ ڳائي ٿو ته شعور وارو ماڻهو رات جو به ڇرڪي جاڳي پڇي ٿو، صادق مري ويو ڇا ...؟ مٺيءَ جي هڪ اونداهي گهٽيءَ مان موڪلائيندي رفيق فقير مون کي چيو ته: ’صادق جو جنازو اسان راڳين لاءِ به وڏو امتحان ڇڏي ويو آهي ته جيڪڏهن اوهان شعور کي جاڳائڻ لاءِ ڳائيندا ته پيسا ممڪن آهي نه ملن، پر اها عزت ملندي، جيڪا راڻن نوابن جي جنازن کي به مشڪل سان نصيب ٿيندي آهي‘.



    • راجا رات رم گيو! : نور احمد جنجهي

    الله تعاليٰ آدم جي تخليق، اُن جي ٻهڳڻ زندگي۽ موت جي مختلف پهلوئن کي ڪائنات ۾ جيڪو رنگ جوڙي راس ڪيو آهي، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. زندگي، جنهن جو روح پاڻي آهي ۽ اُن جي بي رنگ ڪينواس تي انسان ڪيئي رنگ برنگي چٽ چٽي مانڊاڻ منڊي ٿو. اهڙي مانڊاڻ جي چانڊاڻ چوڏسائين سُهائي نروار ڪري ٿي ۽ اُنهي سُهائي ۽ زندگيءَ جي سونهن مان جيڪا سُرهاڻ اُپجي ٿي، تنهن جي خوشبو ولاتون واسي ڇڏي ٿي. پرٿويءَ جو هار سينگار انسان آهي ۽ انسان جو هار سينگار وري ان جو اخلاق ۽ ڪردار آهي ۽ انساني ڪردار ۽ اخلاق سندس علم مان جُڙي ٿو. علم، جيڪو کيس ڄائي ڄم کان به آهي، داخلي به آهي ته خارجي، جيڪو مشاهدي تي ٻڌل آهي ته مطالعي مان به معنيٰ جا موتي چونڊي ٿو ، ته تجربي جي ڪوٺاريءَ ۾ رِجي ڪُندن بنجي ٿو. تڏهن ئي ته انسان اشرف المخلوقات سڏجي ٿو ۽ خلق ۾ اڪيلي وٿ آهي، جنهن کي تعظيمي سجدو ٿيو آهي انهيءَ سجدي جو سبب انسان کي عطا ۾ مليل علم آهي. انهيءَ انساني علم شروع کان جيڪا اوک ڊوک شروع ڪئي آهي ۽ ڪائنات جي رازن کي ڦلهوري اُنهن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش، جستجو، جاکوڙ ڪئي آهي، تنهن جي ڪهاڻي به انتهائي دلچسپ، دلفريب ۽ عجيب آهي. پٿرن مان جوڙون جوڙي ڪائنات کي معنيٰ ڏيڻ کان وٺي اڻي ۽ پرماڻي کي ٽوڙي ٽڪرا ڪري اڀياسڻ تائين، انسان جي انهيءَ حاصلات جا ڀنڊار آهن. جن ۾ ڪيئي رنگ برنگي روپ سروپ آهن. زندگيءَ ۽ ڪائنات ۾ اُن جي وجود جي معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ انهيءَ ويچار ولوڙ دُنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، پر انهن سڀني حاصلاتن جي باوجود انسان هڪ اهڙي راز جو پيرو کڻي ڳجهه ڳولهي نه سگهيو آهي، جيڪو انساني زندگيءَ توڙي سموري جيوت جي جياپي ۾ معراجي معني ڀري ٿو. اُهو پهلو رنگ ۽ راز آهي موت..... جنهن جي پرولي سلڻ لاءِ سوين وير وريام ورچيا، لوچيائون، لُڇي پُڇي، ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پيا، پر اِهو راز سلجي نه سگهيو. تڏهن ئي ته بوعلي سينا جهڙي ڏاهي به چئي ڏنو ته:
    از قعرگل سياه ،تا اوج زحل
    ڪردم همه مشڪلات گيتي راحل
    بيرون جُستم ز قيد هر مڪر وحيل
    هر بند ڪشا د ه شد مگر بند اجل

    يعني: مون ڪاري گپ کان وٺي زحل ستاري جي ڪپارتائين ڪائنات جي هر راز کي ڳولڻ لاءِ ٻرانگهون ڀريون،
    مون سڀئي راز حل ڪري ورتا، پر موت جي ڳنڍ نه کلي نه کلي.
    ڀٽائي سائين به انهيءَ مام کي رام ڪرڻ تي سوچيندي راءِ ڏني آهي ۽ مرڻ کان اڳ مرڻ جي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته حياتي ڪيئن امر ٿي پوي ٿي:
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿيا مات،

    هوند اسي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!

    ۽ پوءِ هُن حياتي کي ٻن ڏينهن جو مجموعو سڏيندي هن ريت چيو:
    جاڀُون پيرين مون، ساڀُون مٿي سڄڻين
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون،
    ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي،

    موت جي انهيءَ ڳجهي ارٿ کي قرآن شريف ۾ ’ذائقو‘ سڏيندي چيو ويو آهي ته هر ’هڪ نفس کي اهو سواد چکڻو آهي.‘ ان کان وڌيڪ اهو راز مالڪ پاڻ تائين رکيو آهي ۽ موت جي بي آواز ۽ بي خبريءَ واري لٺ، جنهن کي لڳي ٿي، اُن تي ڇا ٿو گذري، تنهن جي خبر چار ته موٽي ڪير به نٿو ڏئي . پر اُهو ڌماڪو دُنيا ۾ اُن فرد سان لاڳاپيل ساگر ۾ تمام گھڻيون لهرون پيدا ڪري ٿو ۽ دنيا پنهنجي دائرن جي قيد ۾ سوچيندي ڪن موتن کي ڪمهلو موت سڏيندي آهي. وقت جي رٿا ۾ ڪجهه به ڪمهلو ناهي، پر ماڻهو پنهنجي تناظر ۾ ان کي ڪمهلو سمجهن ٿا ۽ ان ڳالهه کي ذهني طور قبولڻ کان لهرائين ٿا، تڏهن ئي ائين چون ٿا، پوءِ دانهون ڪوڪون ڪن ٿا ۽ پٽي پار ڪڍن ٿا. اهڙيون قيامتون جنهن تي ئي ڪڙڪيون هونديون، انهن کي ڪل هوندي ته ڪي ڪي ماڻهو لڏي وڃڻ کانپوءِ به ماڻهن جي وچ ۾ ڪيئن موجود هوندا آهن ۽ ڪا به دل اهو تسليم نه ڪندي آهي ته ڪو اهو فرد کانئن ويو هليو آهي ۽ اُن پار هليو ويو آهي، جتان ڪوئي موٽندو ناهي.
    سنڌ جي لکين ڌڙ ڪندڙ دلين تي پُڻ فيبروريءَ جي 26 تاريخ اهڙي قيامت ڪڙڪي، جڏهن چئنلن خبرون هلائڻ شروع ڪيون ته ”سنڌ جو ناميارو راڳي ۽ هر دلعزيز فنڪار صادق فقير عربستان ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو آهي.“ موبائيل فونن جا Inbox ڀرجندا ويا اهڙن بم نما نياپن سان ۽ ڪنهن کي به اعتبار نه پئي آيو ته ڪو صادق ايئن هليو ويندو. سو هرهڪ انهيءَ هانءَ ڏاريندڙ خبر کي ڪوڙي ثابت ڪرڻ لاءِ خبر جي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته من اهو ڪُوڪرو ڪوڙو هجي، پر رضا جي قضا کي ڪير تبديل ڪري. هرڪو خبر جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ غم جي اونهي سمنڊ ۽ سُڏڪن ۾ ٻُڏي ويو ۽ لفظن وات مان نڪرڻ جو کتو جواب ڏنو. هر ڪنهن نڙيءَ ۾ درد جي ٿوهر جي ٽاري محسوس ٿي رهي هئي. مون کي به اهڙو دل ڏاريندڙ نياپو سندم پياري پُٽ منظور احمد کان مليو، جيڪو IBA سکر ۾ پڙهي ٿو. هُن به مون کي اِن لاءِ نياپو ڪيو هو ته بابا هي ’ڪوڙو افواهه‘ هلي پيو توهان ڪٿان خبر چار وٺي ويو آءٌ ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ ٿرپارڪر جي تعليم بابت ٿيندڙ صوبائي سيمينار ۾ Keynote اسپيڪر هئڻ جي حيثيت ۾ آءٌ اسٽيج تي ويٺل هُئس. منهنجي ڀر ۾ انجنيئر گيانچند (سينيٽر) ويٺو هو. انهيءَ فون نياپي مون کي هڪ وارته ڀنواٽي ڏيئي ڇڏي ۽ سمورو هال منهنجي اکين اڳيان گهمڻ لڳو ۽ ڪنن ۾ صادق جي آواز جا پڙاڏا گونجڻ لڳا. مون جڏهن اهو احوال محترم گيانچند سان اوريو ته هُو به غمناڪ ٿي ويو ۽ ساڄي پاسي ويٺل DCHD اداري جي ڊائريڪٽر محترمه تنوير جهان جون اکيون به آب هاڻيون ٿي پيون. محترم گيانچند چيو ته ”سائين خبر ڪوڙي هوندي، تنهنڪري ڪٿان تصديق ڪريو.“ مون مختلف صحافي دوستن کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀئي فون شايد انهي درد شيئر ڪرڻ ۾ مصروف هُئا. نيٺ کاٽائو جانيءَ جو فون لڳو ۽ هُن جي سُڏڪن انهيءَ قيامت خيز خبر جي تصديق ڪئي ته ”راڻو اڄ رُسي ويو. سسئي ۽ سور پيا پٽين پاڻ ۾.“ اسان پروگرام ختم ڪري، اُتي سڀني کان صادق جي روح لاءِ دُعا گهرائي .سمورو حال سوڳوار ٿي ويو. آءٌ فوري مِٺي لاءِ روانو ٿيس ته مون کي پنهنجي پياري ناصرفون ڪئي ۽ سُڏڪن ڀريل آواز ۾ چيائين ته ”سائين آءٌ مٺيءَ هلان ٿو ائين ناصر به مون سان جڏهن سلطان آباد جي پُل وٽ گڏ ٿيو ته هڪ ٻئي کي ڏسي اسين پنهنجا لُڙڪ ۽ پنهنجون اوڇنگارون جهلي نه سگهياسيون ۽ دماغ ۾ الائي ڇا ڇا پئي گهميو ۽ تاڪ لڳي ويا .دماغ عام رواجي ڍنگ سان سوچڻ کان پڙ ڪڍي ويٺو ته ڪو ائين ٿيو آهي اِن دوران مون کي پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر نذير شيخ ۽ پروفيسر معشوق بلوچ جي فون آئي. دليپ لوهاڻي جي فون آئي. فونون ڇا هيون؛ سُڏڪا ۽ لڙڪ هئا، لفظ نڙين ۾ ڦاٿل هُئا، ڪجهه به نٿي سُمجهيو ۽ سمجهه ۾ آيو . منهنجي هڪ دفعو اڳ اهڙي ڪيفيت ٻه سال اڳ پنهنجي نوجوان نياڻي مهرالنساء جي اوچتي موت ٿي هُئي، تڏهن به دماغ ۾ هڪڙو جوالا جاڳي پيو هو ۽ دماغ مان سورن مان ٻڏل سوچن جو لاوو نڪرڻ محسوس ٿيو هو ۽ اڄ به اهڙي نڀاڳي رات هُئي، جنهن جو سورن ڀريو سفر هو، ڏولائو هو، ڏنجهه هو. انهيءَ آنڌ مانڌ ۾ جبل جهاڳيندا، لڪ لنگهندا، سورن جو سفر پوري ڪري اچي سج اُڀرڻ ويل مٺيءَ جي شهر پهتاسون ته مٺيءَ جو شهر جيڪو من وڻندو محسوس ٿيندو هو، سو صادق جي صدائن ، ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ کِلمُکائيءَ جي ڏک ۽ غمخواريءَ ۾ کوري وانگر کا مندو محسوس ٿيو ۽ مون کي مصري شاهه جي لڪ تان لهند ي پنهنجي ڪيفيت هن ريت محسوس ٿي:
    ڪڙهه اڱارن جي حال کي، جي ٻڏاهين ٻرن،
    هڪڙ کوري کانئيا ، ٻياڌوڌي منجهه ڌڳن،
    پاڻان لوهارن، ميڙي رکيا مچ تي.

    اڄ غم جو مچ هو، جنهن ۾ مٺي ڇا، سڄي سنڌ جلي رهي هئي ۽ جيئن صادق جي گهرپهتاسون ته جيڪو گهر هيڄ هندورو ۽ حُبائتي هنج محسوس ٿيندو هو، سو ڌڳندڙ دُوڌ ۽ کامندڙ کورو محسوس ٿيو، جتي صابر، منور، شهداد، انور، ڪريم، کاٽائو ، ممتاز، نواز، خليل، ماما وشن، شوڪت، نصير، صادق جا ٻيا مائٽ ۽ محبتي هنجون هاري، پار ڪڍي پنهنجي دل جو ٽنين ڳرو بار لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هُئا. پر اهو ڏُک ويتر وڌندو محسوس ٿيو پئي ۽ ڀٽائيءَ جي هِن بيت جي ڪيفيت محسوس ٿي رهي هئي.
    گل ڇنو گر نار جون، پٽڻ ٿيون پٽين،
    سهين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
    چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
    ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو.

    جيئن ڏينهن وڌندو ويو ته درد جي قافلي جو اهو ميڙاڪو وڌندو ويو ۽ سڄي مٺي توڙي سنڌ، سُڏڪا سارون ۽ پيڙا پوڪارون ٿي پيئي؛ ڇاڪاڻ جو هن ڌرتيءَ جو سڏ، جنهن جي صدا کانئن رُسي اوڏانهن پري وڃي چُڪي هئي، جتان ڪوئي موٽيو ناهي. من ...سُڏڪن جو اهو ميڙاڪو، سڄي سنڌ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ سڄي سنڌ سُڏڪن هاڻي ٿي پيئي يا دُنيا ۾ جتي به صادق جا ٻُڌندڙ ۽ مداح هُئا، اهو هر هنڌ هڪ ماتمي تڏي ۾ تبديل ٿي ويو ته اِها خبر جهنگ جي باهه وانگر اليڪٽراني، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي پکڙجي چُڪي هُئي، اهڙي سوڳواريءَ واري حالت ۾ وري مڙهه ملير آڻڻ لاءِ ڪوششون ۽ انتظام ٿيڻ لڳا، انهيءَ انتظامن ۾ رُڪاوٽون پيش آيو ن . عربستان ۾ رهندڙ دوستن خصوصاً عبدالرحمان ميمڻ ۽ ٻين اُن ۾ تمام سگهارو ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ ادي محترمه نرگس ابڙو تمام گهڻو پاڻ ملهايو، جنهن لاءِ کيس لک شاسون هُجن.
    آخرڪار سمورن دُنياوي لوازمات ۽ قانوني گهُرجن پورين ڪرڻ کانپوءِ مڙهه پاڪستان پهتو، جنهن کي ڪراچي ايئرپورٽ تان وصول ڪري مٺي آڻڻ لاءِ خليل ڪُنڀار، شهداد، منور، کاٽائو ، شوڪت، ڪريم، اياز بجير، پريم شواڻي رجب فقير، ۽ ٻيا سڄڻ ويل هُئا ته اُتي ايئرپورٽ تي ٿرپارڪر جا چونڊيل نمائندا محترم مهيش ڪُمار ملاڻي، محترم دوست محمد راهمون به پهتا. کيئل داس ڪوهستاني ۽ دودو چانڊيو به پهتا ته سگا جو نمائندو محترم محمد اسماعيل پنهور به آيو. جيئن مڙهه مٺيءَ ڏانهن روانو ٿيو ته سموري رستي ۾ ايندڙ شهرن ۾ ماڻهو گل کنيو پنهنجي محبوب جي آجيان ۾ روڊن تي بيٺا هُئا ته هي اُهو شخص هو، جنهن کين هميشه روح افزا گيت، من مهڪائيندڙ ٽهڪ ۽ کوڙ خوشيون ڏنيون هيون. ائين ٺٽي کان وٺي شادي لارج تائين ۽ پوءِ ونگي پتڻ کان ٿيندو خاموش صادق فقير اچي مٺيءَ پهتو، جتي سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو پهتل هُئا ۽ سڄي مٺي ايئن محسوس ٿي رهي هُئي ته ڪو درد جو ڪڪر مٿانئس لهي آيو هجي ۽ ماڻهو ساڻس درد ونڊي ورڇي رهيا هئا. پر مٺيءَ جي درد کي ته ڪو سمجهڻ وارو ڪو نه هو ۽ مٺي پنهنجي مٿان ڪر کڻي اُڀري بيٺل ڏونگر نما گڍي ڀٽ کي هن ريت چئي رهي هئي ته:
    ڏونگر مون سان رو ، ڪڍي پار پنهون جا،

    پر مٺيءَ جي گڍي ڀٽ خاموشيءَ سان پنهنجي درد کي سانڍي پنهنجي جاءِ تي درد جو اُهڃاڻ بيٺل بيٺي رهي، ڄڻ اُن کي سمورن ڏکويلن تي ڪهل آئي هجي ۽ هُن پنهنجي مامتا وچان پنهنجا لڙڪ روڪي ورتا هجن. ماڻهن جو اهو سيل روان وري جنازي جي گهران ديدار ٿيڻ کان پوءِ ناڪي کان ڪشمير چوڪ تائين واٽ ٿيو، ڇاڪاڻ ته هاءِ اسڪول جي ميدان تي جنازي نماز رکيل هئي، جنهن ۾ سڀني فرقن، مذهبن، رنگن، نسلن جا ماڻهو ڪنهن مت ڀيد کانسواءِ بيٺل هُئا، جن پنهنجي محبوب راڳيءَ لاءِ خير جي دُعا گهري ۽ وري لڙڪن جي ڀيٽا ڏني. انهيءَ نموني جي سماجي هم آهنگي ۽ مذهبي روادار انسانيت جو اعليٰ گڻ آهي ۽ صادق جي انتقال انسانيت جي انهي اُتم توازن کي نر وار ڪيو ته ماڻهو ماڻهو آهي ۽ سمورا انسان هڪٻئي جا ڀائر آهن. ننڍ وڏايون ۽ ڦند ڦير ماڻهن پاڻ پيدا ڪيا آهن ۽ صادق فقير انهن سڀني ڳالهين کان مٿاهون هو .کيس اباڻي گورستان ۾ مٽيءَ جي سُپرد ڪيو ويو، جتي به هزارين ماڻهو پنهنجي جذبات کي جهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر سندن اکيون سندن وس ۾ نه هيون اکين جي اِن آري هر دل جي واتان هي لفظ پئي چورايا:
    نه ڄاتم مون وٽان ويندين ته لالڻ لنئون نه لايان ها.

    مِٺن جي موڪلائڻ کان مهند ئي موڪلايان ها!.(احمد ملاح)

    خاڪ سان خاڪ جي سنجوگ جو اهو سفر، جيڪو اٽڪل اڌ صديءَ تي محيط هو، سو پنهنجي هڪڙي مرحلي کي طئه ڪري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيو، جيئن اهو تصوف جي واٽ آهي ته موت هڪ اهڙو پُل آهي، جنهن تان هڪ دوست اُڪري ٻئي دوست سان ملي ٿو.
    صادق فقير جي سُڃاڻپ راڳداريءَ جي حوالي سان مُلڪان مُلڪ مشهور هئي. هُو جتي به ويو، محفل ڪيائين، اُتان هو دليون لُٽي واپس موٽيو ۽ دلين تي راڄ ڪندڙ ٿر-سنڌ جي هن 49 سالن جي فنڪار پنهنجي ڀرپور زندگي گذاريندي، سڄي سماج کي اُهي املهه ۽ سون سريکا سُريلا گيت آڇيا، جيڪي صدين تائين پڙاڏا بنجي، اسان جي سماج ۾ ٻُرندا رهندا. صادق فقير ٿر جي راڳداريءَ جي اُن مالها جو موتي هو، جنهن جو پنهنجو ڪلاس آهي ۽ اُها ٻئي ڪنهن ڪلاس تي آڌاريندي، ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي يا اڻ ڪلاسيڪي نٿي سڏي وڃي. سمورو ٿرهونئن ته ڪلا ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو نالو رکي ٿو، پر ٿرپارڪر به ڪنهن کان گهٽ ناهي، ڇو ته هنن ڀٽن ۾ مُراد فقير، حسين فقير، موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي، مائي سوني، ڪالو فقير، برڪت فقير، ٻُڍو فقير، مصري ڏيپلائي ، احمد ڏيپلائي، شفيع فقير، رفيق فقير، اللهبچايو فقير، رجب فقير، صادق فقير، سالورام ڀڳت، ڀڳڙو مل ناچيز، بصر ڀڳت، ڀڳت کيتارام، مائي ڌائي ، عارب فقير، سبحان فقير، شنڪر ڀڳت، ۽ ٻيا ڪيترائي نامور فنڪار ٿي گذريا آهن، جن جي پنهنجي سُڃاڻپ ۽ ساک پت رهي آهي ۽ هر هڪ جو پنهنجو انداز آهي، جيڪو نيارو ۽ نرالو آهي ۽ سندن ڳايل ڳاچ تي فطرت به ناچ ڪري ٿي. اُنهن فنڪارن مان هر هڪ جو پنهنجو ڪلاس هو. ائين صادق فقير به جڏهن ڳائيندو هو ته سوين نوجوانن جي من ۾ خوشحاليءَ جا انيڪ خواب ڪر کڻي اُٿندا هئا يا محبت جا ، من ورتيءَ جا سدا ملوڪ جذ با جاڳندا هئا. صادق جي انهيءَ ادا نوجوانن جو هڪ وسيع حلقو پيدا ڪيو هو، جيڪو سنڌ هند، دُبئي، يورپ، عربستان ۽ آمريڪا ۾ پکڙيل هو. هُو نوجوان طبقي جو پسنديده ڳائڻ وارو هو، جيتوڻيڪ هُن لاءِ شيخ اياز به چوندو هو ته سندس شاعريءَ کي جنهن گائڪ جي تلاش هُئي، اُهو صادق جي صورت ۾ کيس ملي ويو. سندس مامي حسين فقير راڳداريءَ ۾ سندس رهنمائي ڪئي هئي. حُسين فقير به پنهنجي دور جو وڏو ڪمپوزر هو، صداڪار هو ۽ فنڪار هو، پر سندس فقير اڻي طبيعت کيس اسٽيج جي انهن ڏاڪن تائين اچڻ به ڏنو، جن ڏاڪن تي ڪيئي ڏهه نمبري سالن کان قبضو ڪري ويٺا آهن. صادق جي شروعاتي اُڀرڻ جو دور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ جي فنڪشنن ۾ ڳائڻ سان ٿئي ٿو، جتي کيس پروفيسر پرشوتم واسواڻي جهڙو باذوق اُستاد همٿائي ٿو ته وري ڪريم فقير جهڙو ساٿي ملي ٿو، جيڪو ساڻس ڍولڪ نواز بڻجي ڪم ڪري ٿو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به اچي ٿو، جو حيدرآباد جي ڪنهن پروگرام ۾ نه سڏڻ تي رد عمل ڏيکاريندي ڪريم فقير به اُستاد بڙي غلام علي خان وانگر آڊيشن ڏيئي، فن جي ديويءَ جي ڳچيءَ جو ڳانو بنجي ٿو ۽ هن وقت هڪ ڀلوڙ سنگر جي روپ ۾ فن جي خدمت سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ائين صادق فقير سُرجي ميدان ۾ ڪنٺ ڪلاجي کيتر ۾ اڳتي وڌندو پنهنجو ڪلاس پاڻ ٺاهي ٿو، جڏهن انتهائي معياري شاعريءَ جي چونڊ ڪري ٿو ۽ اُن اصول تي پير کوڙي بيهي ٿو رهي، جنهن کي ٻيا فنڪار به اپنائڻ لڳن ٿا. ۽ سنڌ ۾ معياري شاعري ڳائڻ جو سلسلو هلي پوي ٿو. صادق فقير جا سمورا ڳايل نغما سُپر هٽ ٿيا ۽ هو محفلن جو مور ڳائڻو هو. جڏهن ڳائيندو هو ته ماڻهو سندس پردرد ۽ هَڪَڙ آواز تي موهت ٿي پوندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندس آواز جي صدائن ۾ اهو اثر هوندو هو ۽ هو لفظن ۾ اثر ڀري سگهندو هو. اهائي هُن جي ڪلاسيڪيت هُئي، حالانڪ هُن ڪڏهن به ڪاوڏي دعويٰ نه ڪئي ۽ سدائين پنهنجي اصلي آواز ۾ ڳائيندو هو ۽ ڪنهن به بناوت جو خول پهرائڻ کانسواءِ پنهنجي نج نبار انداز ۾ پيار پياليون آڇيندو رهندو هو. سندس نغما ”سکي پياکي ملين ته چئجان“، ”صدائون ته هونديون“، ”توکان ٿيندي ڌار“، ”اسين بس رهياسين اڌورا“، ”مڻهيار آيو“ ۽ ”ٻاٻيهو ٿو ٻولي“، ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري“ ۽ ٻيا گيت مشهور ٿيا، هو محفل جي مزاج کي سمجهندي، اُن مطابق ڳائيندو هو سامعين کي پنهنجي سطح تي وٺي ويندو هو ۽ پوءِ هر ڪنهن جي من ۾ ساڳيا ورچڻ وڄندا هئا، شيخ اياز جو غزل:
    اوهان جي اکين جام مئه مان نهاريو،
    اسان چوٽ کائي کڻي جام هاريو

    جڏهن ورنائيندو هو ته سڀني کي پنهنجي پنهنجي جام ۾ اُهي خوابن جون اکيون اکين اڳيان تري ايندون هيون . ائين سنگيت ۾ پنهنجو ڪلاس جوڙيندڙ هن شخص پنهنجي جوڙيل بندشن کي پنهنجي عروج جي متل ميلي ۾ ڇڏيو ۽ اهڙي رتيءَ راند کي ياد ڪري هر شخص رت روئي رهيو آهي.
    اهو هو صادق فقير جو هڪڙو پهلو ٻيو پاسو وري جيڪو فنڪار جي حيثيت کان به وڏو آهي، اُهو آهي سندس شخصيت جو انساني پهلو، جيڪو اخلاق جو ڀلوڙ روپ هو. سندس زندگيءَ ۾ انسانيت ئي انسانيت، محبت ئي محبت هئي، سچ ئي سچ هو تڏهن ته هر هڪ شخص اِها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته صادق سندس دوست هو، صادق هر ڪنهن کي بي انتها محبت ڏني. اُنهن کي به ڀانيو، جيڪي سندس لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪنڊن پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا . سخاوت به منجهس تمام گهڻي هئي، غريبن جو هڏڏوکي ۽ همدرد هو، الائي ڪيترن ماڻهن جي غير محسوس طريقي سان مدد ڪندو هو.
    دسترخوان جي وسعت لاءِ سنڌ جي هر پرڳڻي جي ماڻهوءَ کي خبر آهي ته صادق فقير ڪيڏيءَ فراخ دليءَ سان ماني کارائيندو هو . هُو سچ پچ ته خوبين جي کاڻ هو . هو سُر سنگيت جي رس چس جو ته راڻو هو، پر ٽهڪن آڇيندڙ ٽهوڪن وارو خوبصورت مور به هو، جنهن خوشيون، خوشيون ۽ خوشيون ورهايون، رتن جي هوٽل تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين ته هڪ ٻئي سان چرچاگهٻا ڪري سڄي ڏينهن جا ڏُک سور پگهاري وجهندو هو ۽ اسين هتان هتان رُلي ڦري وري اچي ٽهڪن لاءِ صادق وٽ وهندا هئاسين، نه ته زندگيءَ جي سنجيدگيءَ اسان کان کل- ڌراوت ته کسي ڇڏي آهي . ڪڏهن ڪڏهن مهينن تائين ٽهڪ نصيب نه ٿيندو آهي، ٽهڪن سان گڏ سنگت ۾ نوڪ ٽوڪ به ٿيندي هئي. هو سڀني تي اهڙي صحتمند ۽ بي ريا ٽوڪ ڪندو هو، جنهن مان اُهو شخص جنهن تي طنز ٿيندي هئي، سو به پيو محظوظ ٿيندو هو. ڪيترائي يادگار واقعا آهن، جيڪي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتاب گهرجن ۽ دل تي پٿر رکڻو ٿو پوي لڙڪ لڙي قلم تي ڪري ٿا پون ۽ تحرير بي ربط ٿي پوي ٿي .
    صادق جي لاڏاڻي کان هڪ هفتو اڳ ڪٿي ويٺا هُئاسين ته فقير تريءَ جي ٽيڪ تي اُٿيو ته مون کيس مذاق ۾ چيو ته ”فقير هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين.“ ته وراڻائين ”سائين پوڙهو ٿا چئو ڪم ختم ٿي ويو آهي، مڙئي پيا هلون“ مون کي اها ڳالهه ڏُکي محسوس ٿي سو وري چيم ، ”ته نه فقير سائين، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي مڙئي مٿي تي ٽال پئي آهي، باقي پاڻي ٻي شاديءَ جهڙا آهيون.“ وري کلندي کلندي پنهنجي مخصوص مُرڪ سان ورندي ڏنائين ، ” جيڪي ڪرڻو هو ڪري آيا سون، هاڻي ڪم پورو آهي“ مون کي اهو خيال ئي نه ٿيو ته اها ملاقات ڪا آخري ملاقات هُئي. هُو جنهن ۾ اهڙو کرو سچ ٻُڌائي رهيو هو . سندس اُها مُرڪ اڄ به من جي ڪينواس تي مغڪس آهي. سندس اُهي صدائون ڪجهه وقت لاءِ بيهجي ويون آهن، پر اُنهن صدائن جا پڙاڏا صدين تائين گهر گهر گليءَ گلي گونجندا رهندا ۽ صادق تي ڪيئي گيت لکيا ويندا، جيڪي ايندڙ نسل لاءِ به اُتساهه بنبا ۽ هن وقت به صادق فقير جو مُک آڊيئنس نوجوان ئي آهي، جيڪو سندس پيغام کي اڳتي کڻي وڌندو ۽ پنهنجي خوابن جي خوشحال سنڌ اڏڻ جي ڪوشش ڪندو. باقي صادق جي وڇوڙي جيڪي وڍ وڌا آهن، تن جو ڏڍ ڪير ٿيندو، سڀني پاسين نظر ٿي ڪجي ته هر هڪ درد جي جولا مُکيءَ ۾ گهيريو پيو آهي. خاردار تارن جي هُن پار اُڏامي ويل پياري شواڻيءَ جي ڏکويل حالت کي ڏسي زبان بي اختيار هي سٽون چئي ڏنيون:
    جلي پيو جوڌپور ۾، پيارو هر پَلَ،
    سِڪ ڪيا سَل، ڪيڏا هرڪا يا ۾!

    صادق کي ويجها رهندڙ سڀئي هڪڙي کوري آهي، جنهن ۾ کامي رهيا آهن ۽ صادق جو خال ڀرجڻ ۾ ته هونئن ئي وڏو وقت لڳندو. مالڪ جا ڪرم آهن، صادق جا پُٽ سپوٽ آهن، جن ۾ راحت علي ڳائي به ٿو. الله سائين کين ويران ويروڌ ڪري سندس ڀائر به وڏا قربدار آهن ۽ سندس طور طريقي کي جاري رکڻ جو جذبو رکن ٿا. پر صادق صادق هو، سندس هر يادگيري من ۾ چُڀي ٿي ته من جو در پن ٽڙڪي پوي ٿو ۽ سڄي سوچ ڀڳي هڏ جيان ڪربناڪ ٿي پوي ٿي . اُن ڏينهن کان وٺي مون کي مٺي گڍيءَ ڀٽ سميت ايتري اُداس لڳي ٿي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. آءٌ لفظن ۾ کٽي پوان ٿو ۽ مون کي ڀٽائي سائينءَ جو هي بيت چپن تي تري ٿو اچي.
    ڏکي ڏونگر پاڻ ۾، ٻيئي ويٺا رون
    ڪنهن کي ڪين چون- منجهن جو پريتڻو!

    تنهنڪري صادق جي وڇوڙي جو ڏک گڍيءَ سان اور جي يا گڍيءَ جو ڏُک ونڊڻ جي ڪوشش ڪجي، ڇا ڪجي، ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، ڇو ته گڍي جو گل ڇنو آهي ۽ گڍيءَ جي اُداسي اُماس جيان هانءُ ڏاريندڙ به آهي . اي مٺي !اي گڍي! تنهنجو راڳي توکان رُسي ويو آهي، پر سندس صدائون تو ۾ گونجنديون رهنديون. اچو ته گڏ جي ڏُک ونڊيون ورهايون، جنهن ڏک جو ڪو پاند پرو ناهي، ’ڏک جي نه پڄاڻي آهي‘ هر شخص ڪهاڻي آهي، اها درد ڪهاڻي اسان سان گڏ پيار جي تحفي وانگر سيني سان لڳل رهندي. صادق ڀرپور زندگي گُذاري، ڀرپور موت ماڻيو، کيس ڪعبته الله جي پڙ ۾ جنازي نماز نصيب ٿي. وطن جي ولين جو واس نصيب ٿيو. صادق تون ڪلهه به اسان جي وچ ۾ هئين، اڄ به آهين سُڀاڻي هوندين. ڪنهن نه ڪنهن روپ سروپ ۾ اسان جي سوچن ۾ اسان جي ڪمن ڪارين ۾ تنهنجي تڙپ ، تنهنجي ڳولا، تنهنجون ڳالهيون ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائبيون رهنديون . لطيف سائينءَ جون هي سٽون سندس سون ورني شخصيت لاءِ ٺهڪي ٿيون اچن .
    لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا.
    هٿان حبيبن- ڪير نه ڏکويو ڪڏهن.


    • دُک جي نه پُڄاڻي آ! : ماڪن شاهه رضوي

    ”روئي، روئي ڳل ڳراٽِي پائجي، اڄ وري هُن کي هلي پرچائجي....
    سڀ رُٺل آهن اسان کان سڀ رُٺل، ڪنهن کي پٽڪو لاهجي پرچائجي،
    اڄ وري هن کي هلي....!
    گڍي ڀٽ تي، هُو ڳائيندو رهيو. امداد حُسينيءَ جي شاعري سندس آواز جو کهنبو اوڍي، ٿر جي ٿڌڙي واريءَ مٿان واهوندي، واءُ جيان گهُلندي رهي. ۽ اسان جي اکين مان وسندڙ لُڙڪ، اُڀ تان ڪارن سليٽي ڪڪرن مان برسيل بوند برکا سان گڏ ملندا، واريءَ ۾ وڃائبا ٿي ويا. ڪريم فقير وري صادق جي هارمونيم کي ان ’بي مُندي بيجا برکا ...‘ کان بچائڻ لاءِ، ٻنهي هٿن سان کٿي جهليو ويٺو هو.
    صادق سان هيءَ ڪا پهرين ڪچهري ڪانه هُئي. ساڻس مُنهنجي سنگت ته جنم جنم کان هُئي. جڏهن مارئيءَ جي ماڳ ’ٿر‘ سان سُڃاڻپ ٿي هُئي، تڏهن آءٌ شايد، ٻن سالن کن جو مس هئس، پر نه ... اِهو چوڻ اِن ڪري به غلط ٿيندو، ڇو ته سنڌ جي هِن ڪلاسيڪي ثقافتي ڀاڱي ٿر سان مُنهنجي سُڃاڻپ، منهنجي جنم کان به اڳ جي هُئي، ان ڪري جو، ٿر جي ماروئڙن سان وڏن کان وٺي واسطو رهيو ٿي. اسان جيڪي پاڻ به مالوند مارُو ماڻهو هئاسين، تِن جا ’ڌڻ، وس چرڻ ۽ مڇر ٽارڻ‘ لاءِ سدائين ٿر ويندا هئا. پوءِ، ’سينهار وِڪيا تڙ‘ جي چاچي پُنهون وِڪئي، ميمڻ مصري تڙ جي منهنجي استاد سائين الهجڙئي ميمڻ، مِٺيءَ جي آچار خان بجير، توڙي ڪلاکيتر، جي مُراد فقير، مائي ڀاڳي، ڪالُو فقير، پياري فقير ... ’خانور اوٺا‘ ڳوٺ جي اوٺن قبول، ميّوي، سائين عبدالهادي اوٺي ڪس (قهرائي) ۾ وري چاچي منٺار جوڻيجي (پنهنجي ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا) جي چڱن مڙسن تائين ... محبت جو واسطو، سِڪ ۽ سچائيءَ جو سنڱ سدائين ڳنڍيل رهيو. ان ڪري، ٿر جا ماڻهو ته ڇا، وڻ ٽڻ، گاهه، ڏُٿ، آباديون فصل، سڀئي منهنجا پنهنجا سُڃاڻو- ته صادق به ته منهنجو پنهنجو ڇو نه هوندو؟ ڏيپلي واري تپيدار فقير فيض محمد جو هي ڊبل ايم. اي تائين پڙهيل، اُستاد ۽ فنڪار پُٽ- ڍول ماڻهو هو. سندس موسيقار مامو حسين فقير پنهنجي دَور جو امُلهه موسيقار هو. (اِها ٻي ڳالهه ته وقت ۽ حالتن هُن سان نڀايو ڪونه ۽ مسڪينيءَ هُن کي ماري وڌو) حسين بخش فقير جڏهين صادق کي سُرن جي سُتي پياري ته هن مڱڻهار به ٻيجل جي جاءِ ڀرڻ لاءِ وسئون ڪونه گهٽايو. ڪنهن دَور ۾ صادق ۽ ڪريم جي جوڙي، ٻن هنجهن، جيان مشهور رهي. پر پوءِ ڪريم، مِٺيءَ تائين محدود ٿي ويو ته صادقَ سڄي سنڌ سُرن سان واسي ڇڏي. ريڊيو، ٽي وي، ڪئسيٽ، اسٽيج، دوستن جون محفلون، قرب ڪچهريون، نِت نيون ڌنون، نت نئين شاعري، جيڪا به وڻي، شاعرن سان واقفيت هجي نه هجي، بس شاعري سُهڻي هُجي، نه لوڀ نه لالچ، جڏهن به جنهن به سنگت سڏ ڪيو، صادق پنهنجي ڀاڙي خرچ تي اُتي ضرور پُهتو.
    مُنهنجي دوست دودي پالاري جي پُٽ جي شادي ’ڪرچات‘ ڪوهستان ۾ هُئي. هُن مون کي فنڪارن لاءِ چيو. ۽ مُنهنجي ذهن ۾ هڪدم صادق جو ئي نالو آيو. پر سڄي رات جو ڪاڄ سياري جي مُند، ٺريل ڪوهستان، سوچي ويچاري الهڏني جوڻيجي کي به موڪيلم ۽ سچ ته صادق جي سُرن ۽ الهڏني جي آلاپن سڄو ڪاڄ سُرهو ڪري ڇڏيو.
    اُتر، لاڙ، وچولو، ڪاڇو ۽ ٿر، هر هنڌ، هر جاءِ صادق فقير جي سُرن جي سُرهاڻ پُهچندي رهي، جتي هُن شيخ اياز، اياز گُل، سائينداد ساند، بلاول اوٺي ۽ ادل سومري جهڙن جديد سنڌي شاعرن کي ڳايو، اُتي، هُن مُرشد لطيف سرڪار، سچل سرمست، مصري شاهه ۽ ميين شاهه عنايت رضويءَ جي ڪلام کي به دل کولي ڳايو. ٽنڊي جان محمد ۾ دوستن مشهور فنڪار سينگار علي سليم سان رهاڻ رچائي، اڪبر لغاري، تن ڏينهن ڊگهڙي جو SDM هو. سُر سنگيت، فن ۽ فنڪار جو هميشه قدردان رهڻ وارو. سٺو ڪمپيئر اڪبر لغاري، وري ساڻس گڏ، تِن ڏينهن ڊگهڙيءَ جي سوشل ويلفيئر آفيسر ۽ اڻ ورچ سماج سُڌارڪ خير محمد ڏاهريءَ، ادي گُلشن لغاريءَ جو ساٿ- لاجواب پروگرام، جنهن ۾ KTN، جو حيدرآباد وارو بيورو، چيف، پُراڻو ڪشاده دل دوست ناز سهتو خاص طور سينگار علي سليم کي ساڻ وٺي آيو. پر سينگار تِن ڏهاڙن سخت بيمار هو، ان ڪري هڪ اڌ ڪلاڪ کان وڌ ڳائي نه سگهيو، ۽ پوءِ صُبح تائين صادق نڀايو، ۽ اهڙو نڀايو جو ڪو به ماڻهو محفل ڇڏي ڪونه اُٿيو. ٺٽي جي سرد راتين ۾، ٺريل مڪلي پهاڙيءَ تي، فجر ويل پوئين پهر جي سيءَ ۾، جنهن لاءِ اُستاد بخاريءَ چيو هو: ”رات سياري جي پوئين پهر جو، سيءُ ڪڙڪي ڪري ٿو قهر جو“- ته اُن قهر جي سيءُ ۾ به آءٌ ۽ صادق ٻه ماڻهو هڪ کَٿيءَ ۾ ويڙهجي، پنڌ ڪرڻ وارا ...، ڄامشوري ۾ لطيف لغاريءَ جي بنگلي تي، راتيون جاڳي رهاڻيون به گڏ ڪيون سين ته مٺيءَ جي ’مارئي رزارٽ‘ تي موجوده ڪمشنر ميرپور شفيق احمد مهيسر سان ڪچهري ۾ به صادق جا سُر ساٿي رهيا.
    تن ڏينهن صادق تازو ئي، اياز گُل جي وائي، ”تو کان ٿيندي ڌار“ ... به ڳائي هُئي ۽ ائين لڳو هو ڄڻ عاشق دلين جا ڳچ ڳري، ۽ اوسيئڙي اوجاڳيل اکين جا لُڙڪ بي اختيار لڙي پيا هئا. تڏهين مُنهنجي اُن باذوق محبوبه، جيڪا سفيد لباس، سفيد جوگرز ۽ نظر واري عينڪ ۾ آسمان تان لٿل اپسرا لڳندي هئي، زور ڀريو ته صادق کان اِها وائي هُو روبرو ٻُڌندي. صادق کي فون ڪيم، پر سازندن کي ساڻ نه آڻڻ جي به پابندي هُئي. ان ڪري صادق اڪيلو هارمونيم کڻي ڪينجهر پُهتو هو. ۽ هُن پرهه ڦُٽيءَ تائين ور ور ڏئي اِها ئي وائي ڳائي هُئي.
    اُن ڏينهن، آءٌ هڪ فنڪشن ڪنڊٽ ڪري رات جو مٺيءَ مان موٽيو هُئس، صادق مٺيءَ ۾ ڪونه هو. ان ڪري ساڻس ملاقات نه ٿي هُئي ۽ مٺيءَ مان نڪرندي مون سائينداد ساند ۽ دادا تيرٿ ليلاڻيءَ کي چيو هو ته صادق سواءِ مٺي، لُوڻاسي ٿي لڳي، پر نندي شهر ۾ ئي صادق ملي ويو. هُن مون کي ۽ مون هُن کي ڏسي پنهنجون پنهنجون گاڏيون روڪيون هُيون ۽ پوءِ هڪ بند ڪئبن ويجهو رکيل ڪاٺ جي بئنچ تي ويهي، جڏهن ڳالهين جون ڳنڍيون کوليون هيونسين ته الاءِ ڪيترا لنگهي ويا ۽ مون اِن سفر کي سجايو سمجهيو هو. صادق، ڪريم، بلاول اوٺو، سائينداد ساند، کاٽائو جاني، تيرٿ ليلاڻي، پيارو شواڻي، ريواچند، رميش، ڊاڪٽر ماڻڪ ... مصطفيٰ کوسو، اِهي مٺيءَ ۾ جڏهن به مون سان گڏ مليا ته، مٺيءَ، مهراج موهن جي ٿالهه مٺائيءَ جهڙي مٺيءَ لڳندي هئي، ڇو ته صادق سُر ورهائيندو هو، ڪريم ساز وڄائيندو هو ۽ باقي سريلا ۽ شاعر پوري ڌيان سان اِهو سڀ ٻُڌندا هئا.
    هاڻي، ٿر تي ڏُڪار ڇانيل آهي- نه روهيڙي گل جهليا، نه ٻاوريءَ تي اڇا ڦُل ٽڙيا. نه مکڻي، نه مانڌاڻو، نه پپُون نه ڪونڍير، نه کنڀيون نه کٽونبا- نه جوڳيئڙيءَ جا پيلا گل، نه ساڏوهين ۾ ثمر، ۽ اهڙين حالتن ۾ ٿر ۾ نه ته عبدالقادر منگيءَ جهڙو عوامي ڊپٽي ڪمشنرآهي، نه واجد جهڙو شاعر رهيو آهي. دادا تيرٿ بيماريءَ جي بستري تي آهي ته کاٽائو اڪيلو ٿي ويو آهي. پيارو هندستان هليو ويو ۽ ڪريم اُداسيءَ ۾ وڪوڙجي رهجي ويو آهي، بلاول بس ريڊيو مٺيءَ تان ٿي خانور موٽيو اچي. سائينداد به پنهنجي شاعريءَ جا سمورا نوٽبڪ مٺيءَ ۾ رکي ڇڏيا آهن ۽ صادق اهڙين حالتن ۽ اهڙيءَ مُند ۾ اوچتو ئي اوچتو جدا ٿي ويو آهي.
    میں تجھ پہ کس پھول کا کفن ڈالوں؟
    تو جدا ایسے موسم میں ہوا،
    جب درختوں کے ہاتھ خالی ہیں

    ٿر، جيڪو سُر سنگيت جو ٿاڪ رهيو، جتان ڀٽائي بادشاهه ڀيرا ڪيا، اُن جي وسيع جهوليءَ مان، سُرن جا گل به ائين ڇڻندا ٿا وڃن، هاڻي نه ته مانجهه راڳڻيءَ تي مڪمل اختيار رکندڙ مُراد فقير اُتي آهي، نه لوڪ گيتن ۾ ساهه وجهندڙ مائي ڀاڳي رهي آهي، نه ٻُڍو فقير ’قرب واري ڪئي ڪچهري ...‘ وارا ٻول ٻولڻ لاءِ باقي بچيو آهي، نه نِت نيون ڌُنون جوڙڻ وارو حسين فقير آهي. ۽ صادق جي وڃڻ سان ته ايڏو وڏو خال ٿي ويو آهي، جو ائين لڳي ٿو ڄڻ ... پُراڻو ڦاٽل پاند هاڻي سبجڻ ڏاڍو مُشڪل اهي.
    ليڙون، ليڙ ٿيوم، سِبان سڄو نه ٿيئي،

    جانچي جان ڏٺوم، ته اندر نه سڄي اڳڙي! (شاهه)


    • ڏونگر مون سان روءَ، پنهونءَ جا پار ڪڍي! : خليل ڪنڀار

    ڪو ٻڌائيندو ته!
    جن جا محبوب مري ويندا آهن،
    اهي پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندا آهن!
    سڄي دنيا جا عاشق پنهنجي محبوبن جي وڇوڙي جو درد ڀوڳيندا آهن، پر آءٌ اهو بدنصيب محبوب آهيان، جنهن سان هاڻي تاعمر تنهنجي المناڪ وڇوڙي جو درد ڀاڪرين هوندو ۽ آءٌ پنهنجي لکيئي کي لوڙيندو رهندس. نوڪري سانگي در در جي خاڪ ڇاڻي، جڏهن مٺي ورندو هئس ته تنهنجا ٽهڪ ۽ تنهنجا ڀاڪر آجيان ۾ هوندا هئا. اتفاق سان ڪنهن ڀيري نه هوندو هئين ته شهر کائڻ ايندو هو. هاڻي ته حياتي کائڻ ٿي اچي:
    راس آئي نه هڪڙي گهڙي تو سوا،
    ڪيئن ڪٽي ڪو سڄي زندگي تو سوا.

    پنهنجو ڇنل کٽولن وارو ڪلب، ڪاڪي جهامن مالهيءَ جي هوٽل، جتي ويهي پاڻ پيار، محبت، ادب، مذهبن ۽ انسانيت تي بحث ڪندا هئاسين، اهي به سڀ اڌورا رهجي ويا. اڌورو ته پنهنجو سنڌ جو ٽوئر به رهجي ويو، پاڻ طئه ڪيو هو ته سڄي سنڌ گهمجي، جنهن جي شروعات پاڻ ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ کان ڪئي هئي. پاڻ درياهه ۽ سمنڊ جي زمانن کان پوءِ ٿيل ميلاپ واري منظر مان ڪيترو نه لطف اندوز ٿيا هئاسين ۽ پاڻ اتي ملاحن سان گڏجي گيت به ڳايا هئا ۽ پوءِ پاڻ جهمپير ۾ رسول بخش درس جي اوتاري تي مڇي ماني کائي، اهو سنسان مندر به ڪينجهر جي ڪپ تي گهمي آياسين. مرشد لطيف ۽ مرشد اياز جي به حاضري ڀري هئي. تازو پاڻ ڀٽائي جي تڪيئي ٿرهو ڍورو تي به سڄي رات جاڳياسين. مرشد لطيف ۽ گنگا جتڻ کي ياد ڪيو ۽ هاڻي پاڻ ئي تو چيو هو ته ’جڏهن واهوندا ورندا، ته دودي سومري جي قبر تي هلي محفل ڪنداسين‘. سڀڪجهه ته اڌورو رهجي ويو.
    جيئن مرشد اياز سنڌي شاعر کي يوٽرن ڏنو، بلڪل ائين تو ان شاعريءَ کي پنهنجي آلاپن سان مڃتا ڏياري، ڪيسٽ ڪمپنين وٽ يرغمال ۽ ولگر شاعري ڳائيندڙن جي وچ ۾ تو رِسڪ کنيو ۽ جديد سنڌي شاعريءَ کي سُرن جا ويس ڏئي ماڻهن وٽ قبول ڪرايو، ماڻهن جي ٽيسٽ بدلائي، تنهنجا همعصر مڻڪا پائي پيراڻين گادين جي پيرن ۾ سجدو ڪندا هئا ۽ سنڌ جو شعور عقيدت مان تنهنجا پير چُمندو هو. تون ته درياهه هئين، جنهن جي اندر ۾ سوين چالبازين جا دک هئا، جيڪي تو ڪڏهن اوريا ڪونه ۽ اهي ماڻهو ته هاڻي به بدليا ڪونه آهن. ڪڏهن جي ڪنهن کي چئي وجهان ته معاف ڪجان جاني! تون ته پنهنجي روين ۾ به سخي فنڪار هئين، جيڪو متل محفل ۽ نوٽن جي برسات ۾ پاڻ ٻئي فنڪار کي سڏي وٺندو هئين. تون ته سڪ جي سڏ تي، لکن جون دعوتون به ڇڏي ڏيندو هئين. تڏهن ته منهنجا راڻا سڄي سنڌ اوڇنگار ٿي وئي آهي. کاٽائو جاني چيو جڏهن هي ڳائيندو آهي: ’منهنجو سجدو انهيءَ کي آ، جيڪو انسان جي پاسي‘. ته ماڻهو واهه واهه ڪندا هئا ۽ آءٌ دعا گهرندو هوس ته ’مالڪ هن کي پنهنجي پناهه ۾ رکجان‘. سائين سائينداد پئي چيو ته هڪڙي ڏينهن ۾ روئڻ ڄڻ ته اسان جي عادت ٿي وئي آهي. شوڪت، نصير، دليپ، ماما وشن ۽ اسين سڀ هڪٻئي ڏانهن ڏسون ٿا ته اسان کان اوڇنگار نڪريو وڃي. تنهنجا گهر ڀاتي رفيق، منور ۽ صابر اسان کي پرچائڻ ۾ پورا آهن. تون اسان کي لاڏ ڪوڏ سان گهمائيندو هئين. اڄ ممتاز نهڙي تنهنجي لاءِ لاڏ ڪيو آهي، تون جيئن آخري سفر لاءِ نڪتين ته هن تنهنجي واٽ تي وڇائڻ لاءِ مڻين گل گهرايا آهن، اسحاق گهر اڏيو، تون ڪيڏو خوش هئين. مون گهر اڏيو، تون ڪيڏو نه خوش هئين. ماما وشن گهر اڏيو، تون ڪيڏو خوش هئين. اڄ اسين سڀ دوست تنهنجو آخري گهر اڏڻ لاءِ جڳهه پيا ڳوليون ته روئون ڇو پيا؟ اوڇنگارون ڇو پيا ڏيون! شايد ان لاءِ ته:
    ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ.

    مٺي جو شهر ڪالهه جتي تنهنجا ٽهڪ ٻرندا هئا، ان مٺيءَ جي هر گهر ۾ درد جو واسو آهي. سڄي سنڌ لڙڪ ٿي وئي آهي. مٺو مهيري آيو هو، جيئن دعا لاءِ هٿ کنيائين، رڙ نڪري ويس، چيائين صادق پاڻ دعا هو، ان لاءِ ڪهڙي دعا گهرون، جيڪي وطن وڪڻن پيا، اهي مرن ئي نٿا ۽ جيڪي وطن جياريندا هئا، اهي مري ويا.
    سنڌ کي ويٺا رون، ماڻهو ۽ مرون.
    ڀڻان ائين چون، ته مئي اسان کي ماري وئي.

    ادي پٺاڻي، ادي آسوءَ جو نياپو کڻي آئي، ’خليل کي چئو منهنجو صادق ڳولي ڏي‘. تو کي ڪٿي ڳوليان، تون ته زمينون زمانا سڀ ڇڏي وئين، بس رهجي ويون آهن، تنهنجون صدائون ۽ تنهنجون خوشگوار يادون، جن جي سهاري حياتي شايد ڪٽجي وڃي، ڇو ته پرينءَ جي پاڇي جهڙي سنڌ جي هر وستي ۽ واهڻ سان تنهنجي ڪا نه ڪا ياد، ڪونه ڪو دوست موجود آهي. باقي تنهنجي انهن آلاپن جي دنيا اجڙي وئي آهي، جن آلاپن سان تون جوانين کي جڙيندو هئين، پر ڀاڳين جا وٿاڻ خالي نه ٿيندا آهن، ڪنهن ڪنهن ۾ اها مڻيا ٿيندي، جنهن ۾ تون زندهه هوندين ۽ جنهن کي ڏسي سنڌ جيئندي رهندي اسين جيئندا رهنداسين.


    • مون کي سنڌ وڻي! : ماڻڪ ملاح

    مون کي چئُه نه مڱڻهار،
    آءٌ ته آهيان ڏيڻ هار،
    آءٌ هان، ڏاتر ڏات ڌڻي،
    مون کي وئي آ سنڌ وڻي!


    کوهه پَڳهَه تي سينو رَکندي،
    گَهڙا ڍاري، جيڪا ڏڪندي،
    نِوڙي پاڻ ته نِوڙي هار!
    ٿاريلن جي جهاتِ وڻي،
    لمندڙ لُڏندڙ جِندُ وڻي!
    مون کي وئي آ سنڌ وڻي!



    • اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سُڳنڌ سان! : کاٽائو جاني

    اڄ نائين ڏينهن تائين ڏينهن رات روئي روئي پاڻ بي حال ٿي وڃڻ باوجود دل ۽ دماغ اها ڳالهه مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تون ناهين رهيو، تون هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهين. دل کي روئندي سڏڪندي سمجھائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪريان ٿو، ته تون ته اَمر ٿي ويو آهين، اسان کي ڏکارو ڪري ۽ ننڌڻڪو ڇڏي، امر الاهي جي حقيقت جو رستو ورتو آهي، تون تاريخ جو سُنهري باب بڻجي ويو آهين، تنهنجو آواز صدا بڻجي ٿر سميت سڄي دنيا ۾ قيامت تائين گونجندو رهندو. تو پنهنجي ’صادق‘ نالي جو ڀرم رکيو، ڪافي سالن کان توسان گھٽ ملڻ ۽ تنهنجي ۽ منهنجي مصروفيتن باوجود ڪڏهن ڪڏهن گڏجڻ باوجود سچ پچ دل کي هڪ آٿت هڪ ڏڍ ۽ هڪ حوصلو هُئين، ڀٽائي صاحب چواڻي:
    وڏي وِٿ هُيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.

    پر ڇا ڪجي موت برحق هجڻ جي حقيقت سمجھڻ باوجود دل ۽ دماغ جي هن روحاني حقيقت کي ڇا ڪجي، پيار جي معاملي ۾ دل بي اختيار ٿيندي آهي. عشق جي ناتي ۾ قدرت رت جي رشتن کان به وڌيڪ روحاني وُسعت رکي آهي، جيڪا شايد سڀني فطري جذبن کان، احساسن کان اُتاهين اٽل ۽ سگھاري هجي ٿي. انهيءَ ڪري ئي شايد بابا بُلي شاهه چيو آهي ته؛ ’اسان عشق سلامت منگيا‘. پر يار صادق ٻڌائي ته بي اختيار دل انهيءَ وڇوڙي انهيءَ دردناڪ حادثي جي نا انصافيءَ کي ڪيئن قبول ڪري سگھي ٿي. ڪيتريون رس رهاڻيون جيڪي توسان ڪرڻيون هيون. پيار ورهائڻو هو. سڀ ڪجھه اڌورو رهجي ويو. زندگيءَ جو هڪ رومانس، هڪ حوصلو، هڪ اتساهه هليو ويو. توکي هارائي مون سڀ ڪجهه هارايو پرين! يار صادق سچ پچ تنهنجو ’کٽيو‘ هارائجي ويو آهي. مون کي بدنصيبيءَ سان ننڍڙو ٻار هجڻ دوران ماءُ پيءُ جي وڇوڙي جو درد مقدر ۾ ملڻ سبب شايد آئون وڌيڪ حساس ۽ جذباتي هجڻ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀلوڙ شخصيت جي وڇوڙي تي، يا زماني جي ڪنهن درد ۽ ڏک جي احساس تي، منهنجي گھڻي روئڻ تي، منهنجا ڳوڙها اگھڻ دوران اهو چوڻ ته روئين ڇو ٿو! ۽ ماءُ جيان اولاد کي وڏو ٿي وڃڻ باوجود پيار مان ننڍي نالي سان سڏڻ جيان، مون لاءِ تنهنجي اهڙي شفقت جي محروميءَ جي احساس جھوري ڇڏيو آهي. دل ٽٽي ۽ ڀڄي پئي آهي، هوليءَ جي ڏهاڙي تي تنهنجي ميت کي ڪلهو ڏيڻ ۽ تنهنجو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آيل، تنهنجي هزارين مداحن جو اهڙي طرح ميت کي چنبڙي پوڻ، آهُن دانهن ۽ اوڇنگارن سان پاڻ کي بي حال ڪري ڇڏڻ جا منظر، گھٽ ۾ گھٽ مٺيءَ سميت ٿر ۾ ته ڪنهن به شخصيت کي نصيب ناهن ٿي سگھيا، ۽ هزارين مداحن جي رش سبب تنهنجا ڪيترا مداح تنهنجو آخري ديدار به نه ڪري سگهيا، پر آئون تنهنجن انهن مداحن کي اهو به نه چئي سگھيس، ته هاڻي دوستو ، ڀائرو، پنهنجي محبوب راڳيءَ جي زندگيءَ جي تصوير اکين ۾ سمائي بند ڪريو ۽ مسڪرائيندي ڳائڻ ۽ محفل کي موهي ڇڏڻ جي جادوءَ واري منظر کي پاڻ ۾ سمايو ۽ ڪچهرين جي ڪوڏيئي يار جا فضائن ۾ گونجندڙ ٽهڪ ۽ آلاپن جي درد کي پاڻ ۾ سموئي، ان انتهائي دردناڪ وڇوڙي کي ايئن برداشت ڪريو. ڇاڪاڻ ته جيئن عشق ۾ دل بي اختيار ٿيندي آهي، تيئن موت برحق جي اڳيان انسان بي وس ۽ مجبور هوندو آهي. پر يار صادق تنهنجو ميلن مندرن ۽ ست سنگن توڙي ٻين محفلن ۾ بنا ڪنهن زماني جي خوف يا مصلحت کان بي نياز ٿي، حافظ نظاماڻيءَ جو اهو نظم ڳائڻ ته، ’ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي، آئون سجدو انهيءَ کي ڪريان، جيڪو انسان جي پاسي‘. انهيءَ ڪري شايد بنا ڪنهن رنگ نسل جي فرق جي انسانيت جي درس جو پيامبر ٿي، پنهنجو سهڻو ڪردار نڀائڻ سبب اڄ تنهنجي وڇوڙي تي هر گھر ۾ تڏو وڇائجي وڃڻ ۽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي هر اک آلي هجڻ جا منظر تو سان محبت ۽ تنهنجي امرتا جو به نياپو آهن. يار صادق توسان عوام جي اٽوٽ محبت جا ڪيترا منظر بيان ڪريان، مٺيءَ جي انهيءَ قديم حاجي شاهه قبرستان ۾ جتي تنهنجي ميت کي مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو. انهيءَ وقت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي تعداد ۾ بنا ڪنهن فرق جي هندو برادريءَ سميت مختلف مذهبن جي ماڻهن جي قبرستان ۾ شرڪت پڻ تاريخ ۾ هڪ نئون مثال رقم ٿيو. تنهنجي دکدائڪ وڇوڙي جي سوڳ سبب هوليءَ جو تهوار نه ملهايو ويو. مٺيءَ ۾ هوليءَ جي ڏينهن سئو سال کان نڪرندڙ پلي جي رسم واري ريلي به نه نڪتي. رنگن جو تهوار به دوستن توکي ياد ڪري رنگ هارڻ بدران لڙڪ هاري روئي روئي گذاريو. هونئن به جن جا تو جهڙا هيرا ۽ دلبر يار وڇڙي ويندا آهن، اهي ڪهڙيون هوليون ملهائي سگهندا، پر يار صادق سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ٿي ويو، ڪنهن جي بد نظر لڳي ويئي! هي قيامت جو منظر، هي ڏک، تڪليف، درد، ۽ اذيتناڪ پيڙا جو طوفان بڻجي، تنهنجي وڇوڙي جي خبر جڏهن آئي، تڏهن ڪوبه پاڻ سنڀالي نه سگهيو. رڳو سڏڪا ۽ اوڇنگارون، لڙڪن لارون هيون. آئون ڪراچي هئس، اياز جڏهن فون ڪري اهڙي بري خبر ٻڌائي ته اعتبار ئي نه آيو، عبدالله جيڪو آسٽريليا ۾ هو، انهيءَ کان فون ڪري پڇيم ته هن ٻڌايو ته ها مڪي ۾ موجود هن جي ڀاءُ عبدالرحمان هن کي اهو ٻڌايو آهي، ته تون وڇڙي ويو آهين. پوءِ بي اختيار روئندي ناز سهتي کي فون ڪري چيم ته مون ۾ سگهه ناهي، توهان ڪي ٽي اين کي اها خبر ڏيو. پوءِ به ڪجهه دير رکي، ڪي ٽي اين نيوز جي ڊيسڪ تان فون آيو ته يار کاٽائو حوصلو ڪريو. همٿ ٻڌو، ٽيلي ٽاڪ ڪريو، صورتحال ٻڌايو. توهان نه ٻڌائيندو ته ڪير ڳالهائيندو. جواب نه ڏيئي سگهيس ته جن جا دلبر يار وڇڙي ويندا آهن، انهن کان حوصلا ڇڏائجي ويندا آهن. ۽ ايئن ئي ٿيو، ڪجهه دير ۾ ڪي ٽي اين نيوز مان ٽيلي ٽاڪ لاءِ فون آئي، ۽ ٽيلي ٽاڪ ڪندي هڪ ٻه جملا ڳالهايم ۽ تنهنجي وڇوڙي جي ڳالهه ڪندي درد سان من ڀرجي آيو ۽ اوڇنگار نڪري ويئي ۽ تنهنجي وڇوڙي جي خبر منهنجي اوڇنگار سان جڏهن دوستن ڪي ٽي اين نيوز تي ٻڌي ته آئون ڪراچيءَ کان رات جو واپس رستي ۾ اچي رهيو هوس ۽ ڪيترن دوستن جون اوڇنگارن سان فون ڪال اٽينڊ ڪندو روئندو مٺي پهتو هوس. هي درد ڪهاڻي تنهنجون سارون ساريندي لکندي ور ور ڪريو من ڀرجيو ٿو اچي ۽ لڙڪ رڪجن نه ٿا. پوءِ به ڪو چوڻ وارو ناهي ته ايڏو روئين ڇو ٿو! پر يار صادق ڪير ڪيترن کي سمجهائيندو، مامو وشنو روئي بس ٿو ڪري ته ڪريم فقير ٿو ڍاڍون ڪري روئي، رفيق، شهداد ۽ صابر کي ڪير ماٺ ڪرائي، سڀني وٽ لڙڪن لارون آهن. جڏهن تهنجا ٻارڙا واپس ڏيهه پهتا ۽ مسلسل 8 ڏينهن جي اذيتناڪ تڪليف ۽ پريشانيءَ بعد تنهنجو مڙهه ايئرپورٽ تي رسيو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين، ته رستي ۾ سامهون ايندڙ سائين تاج جويو، اياز گل، ادل سومرو ۽ ٻيا دوست ڪيتري دير رستي ۾ گاڏيون روڪي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي روئي روئي جهنگ جي وڻن ۽ سانت کي به ڏکارو ڪري روانا ٿياسين، ۽ ڊاڪٽر نندلال جي گهر گلشن حديد پهچي ڪريم ۽ ٻين دوستن هن کي ڀاڪر پائي روئندي هن جي گهر جو ماحول سوڳوار ڪري ڇڏيو، ۽ وري ايئرپورٽ جو منظر ڇا ٻڌايان، ادي رفيه گلاڻي، دودو چانڊيو، اسماعيل پنهور ۽ ٻيا دوست هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ڏک ونڊيندي روئي روئي بي حال نظر آيا. هڪ طرف عمرو ڪري موٽندڙن کي هنن جا پنهنجا گل پارائي خوشي مان آڌرڀاءُ ڪري رهيا هئا ۽ اسين بدنصيب جن جو مقدر ڦٽو هو ۽ پنهنجي يار جو مڙهه وصول ڪرڻ جي لاءِ انتظار ڪري رهيا هياسين. اهو سوچيندي روئندي لڇندي زندگيءَ جي ٽريجڊي، جنهن بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو هيئن ٿيندو ۽ سنڌ جي جديد موسيقيءَ جو روح ايئن بنا موڪلائڻ جي هليو ويندو ۽ زندگي، زندگيءَ کان جدا ٿي ويندي. تنهنجي مڙهه سان گڏ مٺيءَ ڏانهن ايندي تنهنجي مڙهه سان گڏ آيل تنهنجي پٽ نزاڪت سان تنهنجيون ڳالهيون ڪندي شوڪت هنڱورجي سان گڏ روئي بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ٿي ته رستي ۾ تنهنجي مداحن طرفان سجاول، بدين، نندو، مٺي ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روڊن جي ٻنهيءَ پاسن کان وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي شهرين ۽ شاگردن طرفان سلام واريندي گل نڇاور ڪندي ۽ حق موجود جون صدائون بلند ڪندي جا منظر اسان کي وک وک تي روئاڙي جذباتي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا ۽ عوام جنهن جذبي، جنهن ڏک ۽ محبت جو اظهار ڪري ثابت ڪيو ته تون سڄي سنڌ واسين جي دلين جو راڻو آهين، ۽ هر ڪنهن جي دل ۾ جاءِ جوڙي، محبتون ڪمائي، ڀلي پار وئين ۽ امر ٿي وئين.

    محبت پائي من ۾ ، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو.


    • ڏک جي خبر آئي! : مشتاق ڦل

    مڪي شريف مان هيءَ ڏک جي خبر آ، آئي،
    صادق سندو وڇوڙو، سنگيت جي جدائي،

    پرخلوص، پيارو ۽ مهربان ماڻهو،
    هن جي ڳلي ۾ ڄڻ هئي ڪا راڳ جي خدائي!

    ٿر جي ٿڌي مٽيءَ مان هن جو جنم ٿيو هو،
    ڪنهن کان لڪل ڀلا هئي سنڌ سان سندس سچائي؟

    ڀاڪر نه موڪلاڻي، بس فيس بوڪ تي نياپو،
    ۽ اوچتو مرڻ جي ٽي ويءَ خبر ٻڌائي!

    شاعر، اديبَ، راڳي ۽ سنڌ سوڳ ۾ آ.
    دل ٿي چوي ته ڪنهن آ ڪوڙي خبر هلائي!


    • امن ۽ عشق جو سفير صادق فقير : علي زاهد

    اسان جي زندگيءَ ۾ ايندڙ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حيثيت رکي ٿو، ڪي ماڻهو اسان جي زندگيءَ ۾ ايندا آهن، هليا ويندا آهن، پر انهن سان ويجهڙائي يا اُنسيت صرف ايتري هوندي آهي، جو اُهي ڪجهه عرصي لاءِ اسان جي يادن جو حصو بڻجندا آهن ۽ پوءِ غائب ٿي ويندا آهن. يا جي ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ياد ڪرُ کڻندي به آهي ته اها ايتري شديد ناهي هوندي...... پر وري ڪي ماڻهو اسان جي يادن سان اهڙا ته چهٽجي ويندا آهن، جو انهن کي وسارڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي.... اُهي ماڻهو جڏهن اسان جي زندگيءَ ۾ ايندا آهن ته انهن جي شخصيت ۽ ان جا کوڙ سارا پاسا اسان تي گهرا اثر نقش ڪري ويندا آهن. انهن جي ياد اسان جي من ۾ هميشه رات جي راڻيءَ جي هڳاءَ وانگر تازي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن جون ساروڻيون اکيون آليون ڪري وينديون آهن، ته وري ڪڏهن انهن جي رفاقت ۾ گهاريل ڪي خوشگوار پل اهڙين ساروڻين جو سامان آڻيندا آهن، جو چپن کي مسڪرائڻ کان روڪي ناهي سگهبو. اهڙا ئي ماڻهو ۽ انهن جون ساروڻيون اسان جي زندگيءَ جو اصل اثاثو هوندا آهن، جن جي هجڻ سان اسان گهڻو ڪجهه پرائيندا آهيون ۽ جن جي وڃڻ سبب اسان گهڻو ڪجهه وڃائيندا آهيون....
    زندگيءَ تتل واريءَ واري رڻ جو سفر آهي ۽ اهڙا ماڻهو گهاٽي بڙ جي ڇانوَ هوندا آهن، جتي ويهي اسان اهي وسرام ڪندا آهيون، جن سان اسان جي روحن جا ٿڪ لهندي محسوس ٿيندا آهن، انهن جي رفاقت اسان کي انهن اسرارن کان آشنا ڪرائيندي آهي، جيڪي اسان لاءِ مونجهارن جو ڪارڻ بڻيل هوندا آهن، يا جن طرف وڃڻ يا انهن جي پاتار تائين پڄڻ جو اسان ۾ هوند ساهس ئي ناهي هوندو، پر اهي ماڻهو اسان کي پاتارن تائين به پڄائيندا آهن ۽ انهن اوچائين تائين پڻ وٺي ويندا آهن، جتان دنيا جا سمورا رشتا ناتا چٽا نظر ايندا آهن ۽ انهن کي چڱيءَ پر پرکي سگهبو آهي. پوءِ اسان جي مسئلي، هر مامري جو حل ڄڻ ته اسان جي مُٺين ۾ هوندي ڀاسندو آهي ۽ هر پنڌ جو ماڳ پاڻ هلي اچي اسان جا پير چمندي ڀاسندو آهي..... پوءِ اهڙن ماڻهن جي رفاقت اسان جي زندگيءَ جو املهه سرمايو ڇو نه هجي.....؟
    وصل ۽ فراق واريون ڪيفيتون ۽ حالتون رڳو عشق ۾ ناهن هونديون. اُهي ڪيفيتون دوستيءَ سان پڻ سلهاڙيل هونديون آهن. ڪجهه دوست اهڙا به هوندا آهن، جن لاءِ هر وقت دل گهرندي آهي ته انهن جي صحبت هميشه نصيب ۾ هجي، يعني انهن سان ملڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ گڏ رهڻ، اهي سموريون خواهشون اهڙن دوستن لاءِ هميشه ۽ هر وقت من ۾ رقصان رهنديون آهن ۽ وري انهن دوستن جي دوري پڻ اوتري ئي تڪليف ڏيندي آهي، انهن کان پري رهڻ جو احساس تڪليف ڏيندو آهي، انهن سان ملي نه سگهڻ واري احساس کي محبوبه جي هجر واري پيڙاءَ جيترو محسوس ڪجي ته پوءِ ان ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي دوست سان ڪيترو پيار ڪيون ٿا يا ان دوست جو اسان جي زندگيءَ ۾ هجڻ ڪيتري اهميت رکي ٿو، اهڙا دوست جڏهن اسان جي زندگيءَ مان امالڪ هليا وڃن، اهو به هميشه جي لاءِ ته انهن جو خال سدا لاءِ رهجي وڃي ٿو. اهڙو خال جيڪو ڪڏهن به ڀرجڻ ممڪن ئي ناهي هوندو....
    پنهنجي رولاڪ طبيعت جي ڪري ڪٿي ٽڪاءُ ئي ناهي رهندو. حيدرآباد شهر ۾ هي منهنجو چوٿون پڙاءُ آهي. مختلف پڙائن دوران منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي املھه دوست آيا. انهن جون يادون هن وقت مون لاءِ جتي بيش بها خزانو آهن، اتي پيڙائون پڻ ارپي وڃن ٿيون. اڄ به جڏهن حيدرآباد جون هوائون، قاسم آباد جا رستا، عبدالله سينٽر وارو فليٽ، ٿريي واري هوٽل، واڌو واھ ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڳ ڏسان ٿو، تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته يادن جا لشڪر ڄڻ آڏو بيٺا آهن، انهن يادن ۾ اهو چهرو به اڳيان بيٺل آهي، جنهن جي رفاقت جيتري به رهي، پر ڏاڍي ڀرپور رهي هئي. هن جو سريلو آواز، آلاپ ۽ چپن جي هلڪي مسڪراهٽ اُهي سڀ ساروڻيون منهنجي روح کي اڄ به تازگي ارپي رهيون آهن. هُو، جيڪو سنڌ جو ٻاٻيهو هيو، جنهن جي آواز ۾ ٻيجل وارا اُهي سڀ رنگ ۽ جادو هئا جن جي عيوض، هُو جنهن کان به سِرُ گهري ها ته هر ڪو سندس آڏو سيس جهڪائي چوي ها ته ’او سنڌ جا امر راڳي! تنهنجي راڳ عيوض هي هڪ سِرُ ته ڇا پر سوين سر قربان ٿيڻ لاءِ آتا آهن...‘ هُو سنڌ جو اهو ٻيجل هيو، جنهن کي سينَ هڻڻ جي ضرورت ئي نه هئي، هن لاءِ ته هر ڪو اڻ گُهريو گهور ٿيڻ لاءِ تيار هيو، پر هن وٽ موهه وري اهڙو هوندو هيو، جو هن ساھ وٺڻ ڪڏهن سکيو ئي نه هيو. هن ته رڳو مرده روحن ۾ موسيقيءَ سان ساھ ڦوڪڻ ئي سکيو هو....
    ها مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان سنڌ جي امر راڳي صادق فقير جي.....! جنهن جي رفاقت گهڻو ڪجهه ارپي وئي، پوءِ ڇو نه ڪجهه ڳالهيون ڪجن سندس ساروڻين جون....! جيڪو اڄ اسان وچ ۾ جسماني طور ناهي رهيو، پر سندس روح سندس راڳ وسيلي اسان جي دلين ۾ هميشه جيئرو رهڻو آهي، ۽ اسان جي روحن جي راحت جو ڪارڻ بڻجندو رهندو. صادق فقير اهو راڳي هيو، جو جڏهن هو ڳائيندو هو، تڏهن ايئن لڳندو هو، ڄڻ هو پکين جا گيت ڳائيندو هجي. سندس ڳلي مان هوا جي سرسراهٽ جا نغما گونجندا هجن. هو جڏهن به ڳائيندو هيو ته ايئن لڳندو هيو، ڄڻ منظر موسيقي ڏيندا هجن، مور رقص ڪندا هجن ۽ ڪويلون کانئس سُرَ اڌارا وٺي وينديون هجن.....
    ادبي ۽ علمي حوالي سان مشهور شهر ڏيپلي جي هڪ گهر ۾ پهريون ڀيرو اکيون کولي دنيا جو ديدار ڪندڙ راڳي نه صرف ڏيپلي، مٺي ۽ سڄي ٿر جي وڌيڪ سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻيو، پر هو ته سڄي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ويو. سنڌي راڳ جي سڃاڻپ بڻجي ويو. هو سڄي دنيا لاءِ سنڌ جو اهو سفير بڻجي اڀريو، جنهن وٽ رڳو امن، عشق ۽ پيار جو پيغام هيو، اهو امن، جيڪو سنڌي قوم جي جبلت رهيو آهي، اهو پيار جنهن جا پيالا هن قوم وٽ هميشه ٽٻٽار رهيا آهن، اهو عشق جنهن جي سڌ هن قوم کي هميشه سرس رهي آهي. جڏهن هُو شيخ اياز جي هيءَ وائي آلاپيندو هيو ته:
    عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن
    آيو جهول ڀري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري،
    تڏهن هو پاڻ ڄڻ سراپا عشق بڻجي ويندو هيو، ۽ وري جڏهن هن آلاپيو هو ته:
    نهٺا نيڻ پرينءَ جا ايئن جيئن
    رڻ ۾ رات ٺري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري.
    تڏهن سندس سينو به رڻ ۾ ٺريل ان رات جيان ٿي پوندو هيو ۽ ان سيني اندر پرينءَ جي ياد نهٺا نيڻ بڻجي چمڪڻ لڳندي هئي. سندس گائڪيءَ جو اهو عالم هيو، جو هو جڏهن به، جيڪو به ڳائيندو هيو، اهي ڪيفيتون ٻُڌندڙن تي تاري ٿي وينديون هيون. هن وٽ اهو فن هيو ته هو ٻُڌندڙن کي پرکي وٺندو هيو ۽ محفل جو ماحول جاچي وٺندو هيو ۽ پوءِ هر ان ماحول مطابق راڳ ڇيڙيندو هيو. جڏهن محفل ۽ ماحول مطابق سُرَ آلاپجن ته پوءِ ماڻهن کي جهومڻ کان ڪير ٿو روڪي سگهي....؟ سُرن جي ان ساگر جي پاتار ۾ ڀڄي مست ٿي وڃڻ کان ڪوئي ڪيئن ٿو رهي سگهي...؟
    صادق فقير جي جسماني وڇوڙي کان پوءِ سنڌ اندر جيڪو تاثر اڀريو ۽ عام ٿيو، سو اهو ته صادق فقير هڪ امر راڳي هئڻ سان گڏ بهترين انسان ۽ مڻيادار دوست پڻ هيو. اسان مان هر ڪو ان ڳالھه تي خوشي ۽ فخر پيو محسوس ڪري ته صادق منهنجو بهترين دوست هيو، يار هيو..... ڇو ته سندس دوستيءَ جو حلقو تمام گهڻو وسيع هيو، دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ ٻَڌجڻ جي لاءِ هن وٽ ڪي به ماپا ماڻ نه هيا، هن جنهن سان به اهو ناتو لاتو، واهه جو نڀايو، اهڙو نڀايو جو هر ڪو پاڻ کي خوش قسمت سمجهڻ لڳو. اسان ان فخر ۾ به وڪوڙيا وتون ته شايد اسان ايترا خاص آهيون، جو صادق فقير جهڙو راڳي به اسان جو يار آهي، پر اهو ته صادق جي طبيعت ۽ مزاج جو حصو هيو. اهو ته هن ماڻهوءَ جو ماڻهپو، وڏائي ۽ نهٺائي هئي، جيڪا هر ماڻهوءَ لاءِ ساڳي هئي. هن وٽ هر ان ماڻهوءَ لاءِ محبت هئي جيڪو ساڻس محبت ڪري پيو، يا جنهن کي راڳ سان ۽ سنڌ سان محبت هئي. هن جي من ۾ صرف محبت ئي هئي، جنهن هن کي رنڊا روڙايا ۽ هر صراف وٽ هُو اڻ توريو اگهامجندو املھه ٿي ويو.....
    حيدرآباد ۾ صادق سان کوڙ ڪچهريون ٿيون، هو اڪثر اسان جي فليٽ تي ايندو هيو، اسان جو اهو فليٽ ان زماني ۾ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ دانشورن جو آشرم سڏبو هو، جتي مون سميت علي آڪاش، سليم جوڻيجو، ۽ سڀاش هميراڻي رهندا هئاسين، ان کان علاوه شبير نظاماڻي، ارشاد لغاري، ڪامريڊ نثار لغاري، ڪامريڊ لطيف لغاري، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪامريڊ شفقت قادري، وحدت علي، اختر حفيظ، شهباز ڪنڀر، ايوب گل، نصير گوپانگ ۽ ٻيا ڪيترا ئي دوست اسان جي ان آشرم تي ڀيرو ڀريندا رهندا هئا، وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون، صادق فقير پڻ اسان جي آشرم تي ايندو رهندو هيو. هت مون پنهنجي ان آشرم نما فليٽ جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي، جو صادق ۽ ان فليٽ جي حوالي سان هڪ خوبصورت ياد جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.....
    اها رات به بهار جي ئي رات هئي، جڏهن صادق مٺيءَ کان ڪهي آيو هيو. حيدرآباد ۾ هونئن ته صادق جا کوڙ ٺڪاڻا هئا، جتي دل گهرندي هئس هليو ويندو هيو، پر ان شام هُو اسان جي آشرم تي آيو. اتفاق سان ان ويل اتي مون سواءِ ٻيو ڪير به موجود نه هيو. رات جي مانيءَ تائين ڪچهري هلي، ماني کائي ٻاهر چانهن پي واپس ورياسين ته صادق چيو ’يار صبح جو سوير اٿڻو آهي، جو يونيورسٽيءَ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻو آهي‘. ڪمري جون لائيٽس بند ڪري اسين سمهي رهياسين، پر ڳالهيون هلندڙ هيون، ڳالهين ڪندي هڪ ڊگهي خاموشيءَ ڦهلجي وئي. مون سمجهيو شايد صادق ننڊ پئجي ويو آهي. منهنجي دير سان سمهڻ جي عادت هئي، صادق جي ڪري سوير سمهڻ جي ڪوشش پئي ڪيم، پر ننڊ نه پئي آئي. صادق جي جاڳڻ ۽ سندس ننڊ خراب ٿيڻ جي خوف کان نه پئي اٿيس، بس اتي ئي پاسا پئي ورائيم، نيٺ بي اختيار مون غالب صاحب جو غزل گنگنائڻ شروع ڪيو:
    دلِ نادان تُجهي هُوا ڪيا هي؟
    آخر اس درد ڪي دوا ڪيا هي؟

    مون غزل جو مطلعو اڃان ڳائي بس ڪيو ته صادق جيڪو بظاهر ننڊ پيو هو، هن غزل جو مصرعو ڳائڻ شروع ڪيو:
    هم هين مشتاق اور وه هين بيزار
    يا الاهي يه ماجره ڪيا هي؟

    صادق فقير غالب صاحب جو اهو شعر ايڏو ته سوز مان ۽ سُر ۾ ڳاتو، جو مان اٿي ويهي رهيس، پوءِ ته هو ڳائيندو ويو، سڄو غزل ليٽي ليٽي ڳائي ورتائين. ان ويل ايئن ڀاسيو هو، ڄڻ مون سندس من جي تار کي ڇهي ورتو هيو ۽ هُو سِتار جي تارُن جيان ڇڙي پيو هجي. هن جو سوز ۽ سُر رڪجڻ جو نانءُ ئي نه پيا وٺن. هو ڳائيندي ڳائيندي نه ڄاڻ ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويو هيو. جيئن ئي هن غزل ڳائي بس ڪيو ته اٿي ويهي رهيو..... مون بلب ٻاريو ته سندس اکيون پُرنم هيون، ۽ چپن تي شرير مسڪراهٽ منهنجي تعجب جو آڌرڀاءُ ڪري رهي هئي.....
    مون کيس مسڪرائيندي چيو هو ته ’صادق اڄ ته پنهنجي روح سان ڪجھ ٻُڌاءِ‘
    هن هلڪو ٽهڪ ڏنو هو ۽ چيو هو ته: ’يار علي! مان ته هميشه روح سان ئي ڳائيندو آهيان، ها پر اڄ توکي سوز مان ڪجھه ٻڌايان ٿو..... اهو ڪجھه ٻڌايان ٿو، جيڪو مان عام ناهيان ڳائيندو.‘
    هُو کن پل خاموش رهيو هو ۽ پوءِ چيائين ته ٿالهي کڻي اچ! مون صادق کي ٿالهي حوالي ڪندي چيو هو ته ’رڳو پنهنجي پسند ٻڌاءِ، مون کي به خبر پوي ته تنهنجي پسند ڇا آهي..؟‘
    هن وري به مسڪرايو هو ۽ چيو هئائين ته ’مون کي خبر آهي، تنهنجي پسند ڇا آهي، پڪ ڄاڻ ته پنهنجون پسندون مڙئي ساڳيون آهن، هاڻي ويهي ٻُڌ....‘
    هن فيض صاحب جي نظم کان شروعات ڪئي هئي...
    مُجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ

    وري فيض صاحب جو غزل ڳائڻ شروع ڪيائين:
    رازِ اُلفت ڇُپا ڪي ديک ليا،
    دل بهت ڪُڇ جلا ڪي ديک ليا.

    رات هئي، مان ۽ صادق فقير هئاسين، ٿالهيءَ تي سندس هٿن جي ٿڦ ٿڦ هئي، ٻي نه ڪا موسيقي، نه ساز نه سازندا ۽ نه ئي ڪو ٻيو ٻُڌڻ وارو. صرف صادق ڳائي پيو ۽ مان ٻُڌان پيو. منهنجي مسڪراهٽ، هلڪا ٽهڪ ۽ آليون اکيون صادق جو داد هيون. جيترو روح جي گهراين سان هن ڳاتو ٿي، اوترو ئي روح جي گهراين سان مون کيس ٻُڌو پئي. سڄي رات ايئن ئي گذري وئي هئي. جڏهن صبحَ دريءَ کان منهن ڪڍيو ته صادق حيرت مان چيو: ’اڙي يار ڏينهن ٿي ويو...!‘
    مون چيو: ’ها صادق ڏينهن ٿي ويو، ۽ اڄ پهريون ڀيرو مون کي ڏينهن ٿيڻ جو افسوس ٿي رهيو آهي، دل چوي ٿي اها رات ڪڏهن به ختم نه ٿئي ها..... هلندي رهي ها.... تون ڳائيندو رهين ها.... ۽ مان ٻُڌندو رهان ها....‘
    ان رات صادق پنهنجا نوان رنگ پَسايا هئا، هن نه صرف فيض صاحب جي شاعري ڳاتي هئي، پر اقبال، غالب صاحب، ميراجي، گلزار، احمد فراز، پروين شاڪر، ڀڳت ڪبير، تلسيداس، ميران، بابا بلهي شاھ، شيخ اياز، سچل سرمست ۽ لطيف سرڪار سان گڏ منهنجو گيت ’ناچڻي‘ به ڳاتو هيو، تڏهن مون ڄاتو هيو ته يار صادق ته سمنڊ آهي، سُر ۽ سنگيت سان گڏ چونڊ شاعريءَ جي خيال جو سمنڊ، جنهن جي پاتار تائين پهچڻ جو شرف شايد ئي ڪنهن کي حاصل ٿيو هجي! ان رات مان پاڻ کي خوش قسمت ڀانئي رهيو هئس، جو مون صادق کي پنهنجي لاءِ ۽ صرف منهنجي لاءِ ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻُڌو هيو. اها رات مون لاءِ انتهائي ڪارائتي رات هئي، اهڙيءَ رات جون سڌون ٻيون به ڪيتريون ئي ڪيون، پر وري نصيب نه ٿي سگهي. محفلون ته ڪيتريون ئي رهيون، ڪچهريون به ان کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ٿيون، پر نه اها اڪيلائي نصيب ٿي ۽ نه وري صادق جو اهڙو موڊ ئي ڪڏهن ٺهيو....
    اڄ صادق فقير اسان جي وڄ ۾ موجود ناهي، پر هو موجود آهي ۽ هميشه جي لاءِ موجود رهندو، پنهنجي فن جي صورت ۾، پنهنجي گائڪيءَ جي صورت ۾، ۽ پنهنجي ماڻهپي ۽ دوستيءَ وارن قربن ۽ پيار جي صورت ۾، ۽ پنهنجي اهڙين قيمتي يادن جي صورت ۾. اهڙيون يادون جيڪي قسمت وارن کي نصيب ٿينديون آهن. واقعي مان ڏاڍو خوش قسمت آهيان جو صادق جهڙي ماڻهوءَ جي ويجهڙائي نصيب ٿي. واقعي سنڌ سڀاڳي آهي، جنهن ۾ صادق فقير جهڙا املهه ماڻهو ۽ املهه راڳي پيدا ٿيا آهن.


    • هڪ سُريلي راڳيءَ جو وڇوڙو: الطاف ملڪاڻي

    ٿر جيڪو انيڪ خوبين، انيڪ ڪهاڻين ۽ انيڪ حُسن جو مالڪ آهي، ٿر جنهن کي مارئيءَ جي داستان امر بڻايو ۽ انهيءَ ٿر جي سڃاڻپ مائي ڀاڳيءَ جو آواز به هو ته موهن ڀڳت جو سريلو آلاپ به ٿر جي ڀٽن مان مور جي پڪار جهڙو محسوس ٿيندو هو. موجوده دَور ۾ استاد شفيع فقير ۽ صادق فقير جي سُرن جي گونج ڪارونجهر تان لهندڙ ڪنهن جهرڻي جي آواز جهڙي خوبصورت محسوس ٿيندي هئي، پر افسوس جو هاڻ ٿر جي ڀٽن تان گونجندڙ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو سريلو آواز ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري، هو پري آ پري....‘ ۽ سچ ته هاڻ جسماني طور صادق فقير به اسان کان ايترو ئي پري هليو ويو آهي، جيترو ڏورانهين کان اها ڪوئل جي ڪوڪ ايندي محسوس ٿئي ٿي.
    سنڌ جو هيءُ سريلو راڳي صادق فقير، جنهن جي آواز ۾ پنهنجي شاعري ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ جي جديد سرموڙ شاعر شيخ اياز چيو هو ته صدين کان منهنجي شاعريءَ کي هڪ آواز جي تلاش هئي ۽ صادق فقير جي صورت ۾ منهنجي شاعريءَ کي اهو سريلو آواز مليو آهي، سو يقيناً صادق نه صرف شيخ اياز، پر پنهنجي دَور جي سمورن هم عصر سٺن شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي آواز ۾ امرتا بخشي.
    صادق جنهن جو جنم 1964ع ڌاري مارچ جي ويهين تاريخ تي ضلعي ٿر جي شهر مٺيءَ ۾ ٿيو، مٺي جنهن جي مٽيءَ مان محبت، امن ۽ پيار جي خوشبوءِ ايندي آهي. سو صادق فقير جي طبيعت ۾ به اها مٺاس، اها عاجزي ۽ اها نوڙت شامل هئي، جنهن کيس مهان راڳي سان گڏ مهان ماڻهوءَ واري به سڃاڻپ پئي ڏني. صادق فقير، جنهن ڏيپلي، ميرواهه گورچاڻي، ميرپورخاص ۽ مٺيءَ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايم. اي جون سندون حاصل ڪيون، هن کي ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان چاهه هو ۽ هو سُرن سان ائين ئي محبت ڪندو هو، جيئن ڪو وطن پرست پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان محبت ڪندو آهي. صادق فقير پهريون ڀيرو عوام آڏو يارهين ڪلاس ۾ پنهنجي ڪاليج جي هڪ تقريب کان پنهنجي سُرن کي هوا جي زلفن تي سوار ڪرائي ماڻهن جي گوش گذار ڪيو. ان کانپوءِ 1985ع ۾ ٿر پروڊڪشن معرفت پنهنجي ڪئسٽ رڪارڊ ڪرائي، ۽ ان کانپوءِ هن جي آواز جو سفر 1986ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان هوائن جي آڌار تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو، ۽ ريڊيو تان سندس سريلي آواز ۾ شيخ اياز، اياز گل، ادل سومرو، ايوب کوسو، آڪاش انصاري ۽ ٻين جا شعر جڏهن گهر گهر تائين گونجيا ته هن کي ڪراچي پي. ٽي. وي تان پنهنجا سريلا سُر وکيرڻ جو موقعو مليو ۽ ائين صادق فقير پنهنجي سريلي آواز جي ذريعي سرن جو سفر جاري رکيو ۽ نيٺ سندس اهو سرن جو سفر سنڌ ۽ پاڪستان جون سرحدون پار ڪري دبئي، هندستان ۽ ٻين کوڙ سارن ملڪن تائين پهتو. صادق فقير جي سُرن ۾ ٿر جي مٽي ءَجو مٺڙو رچاءُ هئڻ سان گڏ، مورن جي اداز آوازن جهڙو درد ۽ سوز به شامل هو، صادق فقير جي چپن تي ايندڙ بي جان لفظ ڄڻ ته جيئرا جاڳندا ٿي پوندا هئا. صادق فقير جي سُر ۾ ساز جو ميلاپ ائين لڳندو هو، ڄڻ ته بهار جي شبنمي رات ۾ ڪي ڪليون ٽڙنديون هجن.
    صادق فقير نه رڳو روايتي سُر ۽ ڪلامن کي نواڻ بخشي، پر هن خاص طور تي سنڌي غزل جي گائيڪي ۾ جدت ۽ نواڻ آندي. هن راڳداريءَ جي جهان ۾ کوڙ سارا نوان تجربا پڻ ڪيا. هو نه رڳو هڪ ڪلاونت سريلو راڳي هو، پر انهيءَ سان گڏوگڏ سٺي ادب جو پڙهندڙ به هو. سنڌي ادب جي شاعرن ۽ ليکڪن جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ڏيهي پرڏيهي ادب جي به ڄاڻ رکندڙ هو. هن جي شاعريءَ جي چونڊ انتهائي بهترين هوندي هئي. هن نه رڳو سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، حمل ۽ ٻِين صوفي فقيرن کي ڳايو، پر جديد دَور ۾ شيخ اياز کان وٺي ايوب کوسي ۽ حاجي ساند تائين جي نئين ٽهيءَ جي سرموڙ شاعرن کي به پنهنجي سُرن ۾ سمائي امر بڻائي ڇڏيو.
    صادق فقير جنهن سرن جي سوجهه ٻوجهه حاصل ڪرڻ لاءِ موسيقيءَ جي بنيادي تعليم ته پنهنجي مامي فقير حسين بخش مڱڻهار کان ورتي هئي، پر پوءِ هن سرن جي سفر ۾ پنهنجي راهه ۽ پنهنجي منزل جي پاڻ چونڊ ڪئي هئي ۽ هو جنهن جي سڃاڻپ رڳو هڪ راڳي يا موسيقار جي نه هئي، پر هڪ سٺي دوست، هڪ سٺي انسان جي حيثيت ۾ به هو هڪ مهان ماڻهو هو، ۽ يقيناً سنڌ صادق فقير جهڙي نه رڳو سريلي راڳي کان محروم ٿي وئي آهي، پر سنڌ هڪ سٺي دوست، هڪ سٺي فرد کان به محروم ٿي وئي آهي ۽ صادق فقير جي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڇڏيل خال کي شايد ئي ڪو هاڻي ڀري سگهي.


    • ٿر جي ماٿي جو جهومر ٽُٽي پيو! : علي اڪبر راهمون

    ٿر جا مختلف تعارف ۽ رنگ آهن، ڪن ماڻهن کي ٿر بيابان، ويران ۽ ڏتڙيل ٿو نظر اچي ۽ اڪثر ماڻهو اهڙا سوال به ڪندا آهن، ته هت ٿر ۾ سهولتون ڪونه آهن. بُک پيا مرو ته پوءِ هتان لڏيو ڇو نٿا؟ ۽ هتي سورن ۾ سڙو ڇو پيا؟ هڪڙو ٿر سرمائيدارن ۽ عالمي نفعي خور ڪپمنين ۽ سامراجن کي نظر ايندو آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جو سون، گرينائٽ، چيني مٽي، لوڻ جون کاڻيون ۽ دنيا جي چند وڏن ذخيرن مان ڪوئلي جو هڪ وڏو ذخيرو نظر ايندو آهي. دولت جي هوس ۾ هو ٿرجي سونهن ڪارونجهر کي ڪپي کڻڻ ۽ ڪوئلي لاءِ اونهيون کاڻيون کوٽي (ٿر جي ماحوليات ۽ حسناڪي تباهه ڪرڻ جي قيمت تي به) مال ڪمائڻ ٿا چاهين ۽ ٿر جو لکين ٽن روزاني لوڻ واپرائيندڙ به ’نمڪ حلالي‘ ڪرڻ جو ڪڏهن سوچين به ڪون ٿا! هڪڙو ٿر وري سياستدانن لاءِ سوني جهرڪي آهي، جنهن ٿر ۾ اٻوجهه ماڻهو، پيرن، ميرن ۽ ذات برادرين جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن. اڳي چٺين تي، هاڻي کوکلن نعرن ۽ اتا ڇرين ڳالهين ۽ لالچن ۾ ڦاسائي، ڪنهن معصوم ٻار کان هڪ روپئي جو کٽمٺڙو ڏئي، هزار جو نوٽ ڦرائڻ مثل ٺگيو وڃن ٿا، ۽ هر اليڪشني موسم ۾ ڪو ڪٿان ڀڳو اچي ته ڪو ڪٿان، پر پوءِ وري ايئن ڀڄيو وڃي، جيئن وسڪاري کانپوءِ ٿر مان مڪڙ گم ٿيو وڃن!
    هڪڙو ٿر اُهو آهي، جيڪو اُن غريب ۽ بيوس ماءُ وانگر آهي، جيڪا پنهنجن ٻچن کي هنج وٺيو زماني جي بي واجبين، ارهه زوراين ۽ ڏڪاري حالتن ۾ ٻچن جي آجپي لاءِ پريشان آهي، سندس ممتا جو درياءُ ڇوليون هڻي ٿو، پر ٻچڙا مٺي پاڻيءَ جي ٻُڪ لاءِ پريشان آهن. ابر آسري آهي، اُميد جو پانڌ به ڪونه ڇڏيو اٿس ۽ پنهنجي جگر جي ٽُڪرن کي هنئين مخاطب آهي ته:
    منهنجي مٺڙي پياري ڌيءَ،
    پاڻي ناهي ڳوڙها پيءُ،
    مينهن ته پنهنجي مُند تي وسندا،
    کوهه ويا سڀ کارا ٿي!

    هُن ٻاجهه ۽ پيار جي پتلي عورت جي سادگي، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم آهي ۽ ظاهري سونهن ۾ مٿي تي هڪ جهومر (ٿر ۾ ٽِڪو به چيو ويندو آهي، جيڪو سينڌ ۾ پوئي نرڙ تي ڇڏبو آهي) ۽ مٿي تي مارئيءَ جي لوئي آهي. ٿر جي مٿي تي سجيل اِهو جهومر انهيءَ سپوت اولاد جي نشاني آهي، جنهن ٿر جي لوئي ۽ لڄ محفوظ رکي آهي، جنهن ثقافت، روايت ۽ پيار پاٻوهه جو وکر ورهايو آهي. اهڙي ٿر جو هڪ سَپُوت پُٽ هو، جنهن کي دُنيا صادق فقير جي نالي سان سڃاڻي ٿي. صادق فقير ٿر جو اُهو آواز هو، جنهن ديس پرديس ۾ ٿر جو سفير ٿي محبتون ورهايون. هميشه مسڪرائي ملندڙ ماکيءَ جهڙو ماڻهو، جنهن جي ٽهڪن لاءِ ٿر ته پنهنجي جاءِ تي، پر شايد سنڌ سڪندي رهندي هُن جو آلاپ ڀٽن جي ڏيهه ۾ اُڃايل مورن جي ڄڻ رڙ هُجي، جيڪا هانءُ چيري وجهي! صادق جي سُرن جو اثر اياز گُل جي لفظن ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو:
    پيارا راڳ ته ڇيڙيئي سهڻا،
    ڪيڏا سُور سهيڙيئي سهڻا،
    صادق يار! جو راڻو ڳاتئي
    ڪيڏا ڦٽ، اڊيڙيئي سهڻا!

    هو هڪڙو مثالي مهمان نواز به هو، جنهن جي مٺيءَ واري اوطاق سدائين وسيل ڏٺي سون. ڪي اديب، سياح، صحافي ۽ فنڪار اچيو مڙن ۽ وري محفل به صادق فقير جي، پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي. هن فنڪارفقير کي به کوڙ دفعا اهي ٽهڪن واريون محفلون مليون. هونءَ ته قبائلي يا زرعي سماج ۾ مڱڻهار فقير ٻين کان گُهرندا آهن، پر هتي ته مون جهڙا ڪيئي صرف ماني ٽڪي ۽ رهائش نه پر ڀاڙو ڀُتو وٺندي به ڏٺاسون!
    اسان جو يار هو انهيءَ ڪري نه پر هو واقعي هڪ اهڙو ڪردار هو، جنهن جا ڪيئي پاسا آهن. کيس ڪڏهن به پريشان نه ڏٺوسين، گذريل ويهه کن سالن کان منهنجو به گهڻو واسطو رهيو، پر ڪڏهن به نرڙ ۾ گُهنج ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن جي گلا ڪندي، نه وري ڪنهن جي هروڀرو ثنا خواني ڪندي. ٿر جي اندر مذهبي رواداري برقرار هُجڻ ۾ به صادق فقير جهڙن جو ڪردار رهيو آهي. هيءُ فقير ته مندرن ۽ ميلن ۾ ڀڄن به ڳائيندو هو. هو ته صوفين جي درگاهن تي حاضري ۽ امامن جي ساراهه جا ڍُڪ به ڀريندو هو. ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڪبير ڀڳت چيو ئي صادق فقير لاءِ هُجي ته:
    ڪبيرا کڙا بازار ۾،
    سڀ ڪي مانگي خير،
    ناهي ڪسي سي دوستي،
    ناهي ڪسي سي بير!

    سچو ۽ کرو وري اهڙو جو ڇا چئجي، ڀاءُ جي شاديءَ جون دعوتون ڏيڻ عمرڪوٽ آيو، چيومانس ته پهرين لسٽ ٺاهيون، پوءِ ڪارڊ لکي ٿا ڇوڪرن کي ورهائڻ لاءِ موڪليون! ها ڪيائين لسٽ ٺاهڻ ويٺس جيئن ئي ڪنهن نام نهاد وڏي ماڻهوءَ جو نالو کڻان ته چئي ’ڇڏينس‘ وري نالا هلندي ڪو اهڙو نالو اچي ته وراڻي ’ڇڏينس‘ ائين ٽئين چوٿين ڀيري ٺهه پهه چيائين، ته علي سائين! هي ’وڏا ماڻهو‘ آهن ئي ڪونه، ماڻهن جي ڀُل آهي ۽ آئون ته انهن کي دعوت ڏيندس ئي ڪونه، ڇو ته ڪوٺ انهيءَ کي ڏجي، جنهن جي اچڻ سان سرهائي ٿئي ۽ هوءَ به خوشي محسوس ڪري، باقي هي نام نهاد وڏا ماڻهو ايندا ته به اسان لاءِ حاضري ڀرڻ جو ڏچو ۽ ٻيا فقير فقرا پاڻ وارا به پريشان ٿيندا، انهيءَ ڪري اهڙن کي ڪوٺ ئي ڇو ڏيون! پوءِ ٿيو به ايئن هن جيڪي ٻه ڀت ڪيا ڪڏهن به نام نهاد وڏو ماڻهو ڪاڄ ۾ نه ڏٺوسين، باقي نراليون دعوتون سڄي رات راڳ رنگ ۽ رهاڻيون هيون، جيڪي سنڌ ۾ هاڻ شايد ڀتن پوتن ۾ گهٽ رهيون آهن. يارن جو يار هو، سنگت سان ڪڏهن به محفلن لاءِ خرچ پکي جي چٽائي ڪونه ڪندو هو، حڪم ڪريون ته سنگت سميت مٺيءَ کان همايون شريف، ته وري ڪڏهن سنگت جي اصرار تي لنڊن به موڪليون ته هليو وڃي ۽ وري ڪڏهن محسوس به نه ڪرايائين ته ڏکيو يا سُکيو سفر ڪيئن رهيو. پنهنجي برادري توڙي سنگت ساٿ سان راڄوڻي اُٿ ويهه ۽ چار پير ڀرڻ جو وڙ به ڪونه ڇڏيائين. هڪ دفعو ته سماجي ڪارج جي حوالي سان بُک هڙتال تي ويٺو ته زخمي به ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن لکيو ته:
    صادق کي سمجهاءِ
    جيالن جي جوءِ ۾،
    باغي گيت نه ڳاءِ!

    هُن باغي گيت به ڳاتا ۽ شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر جي شاعري ڳائڻ جو حق به ادا ڪيو ۽ هاڻ نٿو لڳي ته ڪو سنڌ ۾ اياز کي هيئن به ڳائي سگهندو؟ هڪ دفعي ڳالهين ڳالهين ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي ساڄي ڀرونءَ تي لڳل لٺ واري زخم جو نشان ڏيکاري وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته ڏس! نشان پڪو آهي نه؟ آخري ڀيرو خليل ڪنڀار ۽ صادق فقير گڏ هُجن، فون ڪيائون اسان جي سماجي اداري جي آفيس تي ٿيل حملي جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ، پر صادق سائين هميشه جيان وڏا ٽهڪ ڏيئي چيائين ته، علي! مزو نه ٿيو ڪو رت ڪڍن ها ته مذمت به ڪريون ها، باقي خالي ڌمڪين تي ڇا ڳالهايون!
    اها منهنجي فون تي آخري ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جڏهن وري 26 فيبروري جي شام سندس وڇوڙي جي خبر ملي ته پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي صادق فقير جون سڀئي تصويرون اُڀري آيون، پر انهيءَ ۾ ڪا به تصوير ۽ ڪو به عڪس اهڙو ناهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو ڪو اڀرو پاسو نظر ايندو هُجي! وڏا ٽهڪ، مٺي، ننگر، ڇاڇرو، امراڻو، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد جا پنڌ ۽ محفلون ’سڀ ساٿ سجايو آ پيارا‘ جون مصداق آهن. صرف ۽ صرف آخري ننڍڙي ٻاراڻي خواهش ته ڪاش! اڃا به ڪي وڌيڪ گهڙيون ملن ها ۽ ڪي دل کولي ڪچهريون ڪجن ها!
    صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ جو نقصان ته آهي ئي آهي، پر مون کي ائين لڳي ٿو، ڄڻ ٿر جي سينڌ جو جهومر اڄ ٽُٽي پيو آهي ۽ ٿرڪوجهي ٿي پئي آهي!
    ٿر جو تعارف مارئي، مسڪين جهان خان، سنت نيڻورام، مائي ڀاڳي، موهن ڀگت ۽ صادق فقير آهن ۽ اڄ جو منظر شوڪت چاچڙ جي سٽن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ته:
    صادق ساري ٿر جو، واءُ ڪري ورلاپ،
    تنهنجا هي آلاپ، صديون رهندا سنڌ ۾!
    ’


    • هوليءَ جي رنگن ۾ هڪ ڪلاڪار جو آخري سفر : اشفاق لغاري

    سياست جي آڙاهه ۾ پرهه ڦٽي ءَ لاءِ پنڌ تي نڪتل پانڌيئڙن کي هو جڏهن ’پرهه پري آ پتو نه آهي، هي رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي‘. ٻُڌائيندو هو ته هنن جي بُتن مان ڄڻ ته ساهه نڪري ويندو هو. ’سڀ سانگ سجايو آ پيارا‘ چئي جڏهن هو هڪٻئي کي ڀري محفل ۾ آٿتون ڏيندا هوندا، ته هنن کي هوليءَ وارن ڏينهن ۾ هو ’هولي آئي، هولي ويئي، ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو‘ ٻُڌائي سُڏڪائي وجهندو هو. اڄ هوليءَ جي شام جڏهن آهستي آهستي مٺيءَ جي آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ اسان سڀني تي چٿر ڪرڻ لاءِ نڪرندو ته، اسان مان هر هڪ ضرور شدت سان محسوس ڪندو ته مٺي، هوليءَ جي چانڊوڪي رات واري پهر ۾ وچ مان ڪو خوبصورت محفل مان اٿي هليو ويو آهي ته اهو سنڌ ۾ دوستيءَ جو ڀرم ۽ راڳ کي پوڄيندڙ شخص صادق فقير ئي آهي، جنهن بنا اڄ سنڌ جي حسين ترين هنڌ مٺيءَ جي چوڏهين رات لٿل تنهائي آهي. اِها مٺي، جتي هوليءَ جي تهوار وارن ڏينهن ۾ سنڌ جا سمورا باذوق فرد گڊي ڀٽ وسائيندا هئا، اُتي چانڊوڪي به آهي. هولي به آهي ۽ اداس ٿيل رنگ به آهن، پر جي ڪير ناهي ته اهو انهن محفلن کي پرهه ڦٽيءَ تائين پنهنجي آواز سان مچائي رکندڙ صادق فقير ناهي.
    صادق فقير جي آخري سفر ۾ شرڪت لاءِ مٺي پهتلن مان اڪثرين اهڙي آهي، جن مٺيءَ ۾ هنن ڏينهن ۾ مڪمل زندگي ڏٺي آهي. رنگ ڏٺا آهن. سيڪيولر ۽ هڪٻئي سان عقيدائي فرقن واري تصور کي تصور نه ڪرڻ واري سنڌ ڏٺي آهي. اڄ اتي اهي مئل مٺي ڏسندا، جتي رنگن ۾، چوڏهين رات ۾ ۽ سمورين ڀٽن تي اداسي واڪا ڪندي ملندي. اڄ اهڙو ڪهڙو مائيءَ جو لال هوندو، جيڪو سج لهڻ بعد مٺيءَ جي آسمان تي نظر وجهي سگهندو، هن اهو ڳايو ضرورو هو ته ’وفائون نه هونديون، جڏهن مان نه هوندس‘ پر مٺيءَ ۾ هاڻ ان ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪندو ته صادق پُڄاڻان ’وفا، هجڻ واري ڳالهه سچ ٿيندي!!
    ڀلي پار مان ايندڙ جهازن جي سوارن لاءِ ايئرپورٽن تي عزيز ۽ وارث خوشيءَ وچان گلن جا هار کڻي بيٺل هوندا آهن، اتي ايئرپورٽ تي ڀلي پار مان يار جي واپسيءَ تي اسين سڀ گڏ ٿيا آهيون. اسان جي هٿن ۾ گلن جا هار به آهن، انتظار به آهي، پر چمڪندڙ اکين بجاءِ پوريل اکين وارو صادق موٽيو آهي. هن جي ڀلي پار حاضريءَ واري خوشي ۽ ڀاڪر پائجي تي اڄ ڪنهن سان پائجي؟ هي هٿن ۾ پيل گلن جا هار ڪنهن جي ڳلي ۾ وجهجن ۽ ڪنهن کي مبارڪون ڏجن، ڪنهن کان سفري ٿيلهو وصول ڪجي؟ زندگيءَ جي هنن لمحن ۾ ڪو دوست ۽ ڀاءُ احرام پائي ويل صادق کي ان جي اڇي ڪپڙي ۾ ڍڪيل ڏسندو، اهو به انهن ڏينهن ۾ جن ۾ مٺي رنگن واري هوندي آهي. پر اڄ ان رنگين مٺي تي هيءَ ڪهڙي گهڙي آيل آهي. ’هڪ ڏينهن هجي ته ڪوئي همدرد به ٿئي، آئون رُئان روزانو ڀلا ڪير ٿو ٻُڌي‘ صادق جي آواز ۾ هنن سٽن ۾ ئي پناهه ڳولجي ٿي. ’جواني نه رهندي، جواني نه رهندي، اهو جام مينا ٻه ٽي ڏينهن آهي، مگر پوءِ به ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينهن آهي‘ واريون اياز جون لافاني سٽون صادق جي آواز ۾ ٻُڌي زماني جا ماريل ماڻهو پنهنجون راتيون ڪاٽِيندا آهن. اڄ ان سدا جاويد آواز واري صادق جي آخري سفر ۾ شريڪ هن جا دوست رڳو هن جا ٽهڪ، مهمان نوازي، اڌ سنڌ کي سڄو ٿر گهمائيندڙ صادق جون اهي محفلون ضرور ياد اينديون، جيڪي هن آرٽس فئڪلٽي جي اياز آڊيٽوريم، ڄامشوري ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار، لياقت ميڊيڪل يونيوسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سن ۽ ڀٽ شاهه جي اسٽيج تي ڳايون هونديون. ’هاڻ تنهنجي مرڪ منهنجي زندگيءَ کان وٺي، وڃو ڪويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو اڃا پيو جيئان‘ يا ’کيس چئجو هتان گذر نه ڪري، نئين نئين جواني آهي، شام جي پهر تي قهر نه ڪري‘ ۽ هر ڪنهن جي دل جي ترجماني ۽ هر ڪنهن جي حال کي پنهنجو حال ڪري ڳايل هن جو ’اسين بس رهياسين اڌورا، اڌورا!‘ ۽ مشائخ جي مٽيءَ ۾ مدفون شهزادي جي ڳل تان ڳڙيل ڳوڙهي جي ڪٿا هن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي ڳائي سگهيو. مديني کان مٺيءَ واري هن سفر سنڌ جون اکيون ڀڄائي ڇڏيون آهن. صادق فقير پنهنجي آواز سان مٺيءَ جي مٽيءَ وانگر اسان کي هميشه ياد رهندو.


    • تون جي ناهين سامهون...! : وجئه شرما

    صادق سنڌ جي بي قرار روحن جي رڙ هو. هو رڳو راڳي نه هو، پر هن جي دل ۾ سموري سنڌ جو درد سمايل هو، انهيءَ درد ئي کيس ڪارونجهر کان ڪشمور تائين ڪيئي پنڌ ڪرايا هئا. هن جي دلربائي محبتن جي پکيڙ تمام وسيع هئي. پيار سدائين هن وٽ پناهون وٺندو هو، هو راڳ جي دنيا جو راڻو هو، هن جو پنهنجو ڪاڪ محل هو ۽ ان ۾ ٽڪيل هوندا هئا ڪيئي پل پيار جا، مسڪراهٽن جا ۽ محبوبن جي دلڪش ادائن جا ....!ڪيئي سرمئي شامون هن جي تنبوري جي تار سان ٻکجي، هڪ خوبصورت ياد بنجي ويون هيون ۽ ڪيترين ئي راتين ۾ هن جي سنگيت جي آلاپن ستارن کي پڻ خمار آلود بڻايو هو .
    ڪو ڪو ماڻهو مون ڏٺو ،جهڙو چوڏهينءَ چنڊ،
    هرڪا مند نه منڊ، هرڪا اک نه آئڙي ....!

    منهنجي صادق سان ڏيٺ ويٺ ڪڏهن ٿي، ڪجهه ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي ته هن سان ساز ۽ آواز جي سفر ۾ ڪيترائي ڀيرا اکين اوجاڳا ڪيا هئا، محفلون متيون هيون ۽ هر ڀيري هو هڪ نئين انداز سان روح ۾ لهندو پئي ويو. مٺيءَ ۾ اياز جي ورسيءَ ۾ هن کي مڃتا ايوارڊ ملڻ، سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ هن جي باقائده شموليت، دولترام کتريءَ جو سيڪريٽري ساس مٺي ٿيڻ تي پارڪر هوٽل جي ڇت تي هن کان دعوت کائڻ، کل ڀوڳ، چرچا، ساس جي مقابلي ۾ ٿاس (ٿر ادبي سنگت ) جو قيام، ورسيون، مشاعرا، محفلون، ڪڏهن اياز گل سان شام ۾ ته ڪڏهن وري مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، حسين فقير ۽ رائچند راٺوڙ جي ياد ۾ ٿيل پروگرامن ۾، هو بس سڏ سان گڏ هوندو هو. مينهن جي موسم ۾ ته صادق جي مهمان خاني تي اديبن ۽ شاعرن جا ڪٽڪ لٿل هوندا هئا ۽ هو به اهڙو خان، جو موسيقيءَ سان گڏ مئه ۾ مسڪراهٽن ۽ محبتن جي مٺاس اهڙي ته ملائي پيش ڪندو هو جو مهمان وري وري اچي ماين سميت وٽس گهويون ڪڍندا هئا. ڪڏهن پياري جي مارئي هائوس تي هن سان ملبو هو ته ڪڏهن وري خليل جي نهٽي واري ڀِٽ تي هن جا سريلا آلاپ ۽ نشيلا ٽهڪ هوا ۾ پوپٽن وانگر اڏري ويٺلن جا نشا ٻيڻا ڪندا هئا. ڪڏهن وري رتن واري هوٽل تي هن سان رس رهاڻيون هونديون هيون. ڀوڳائي به اهڙو جو کلائڻ تي ايندو هو ته اصل ڪنهن کي ساهه پٽڻ ئي نه ڏيندو هو.
    صادق فقير جي گائڪيءَ جو پنهنجو هڪ منفرد انداز هو. هو جڏهن لطيف سرڪار، شيخ اياز، اياز گل، ايوب کوسي، استاد بخاري ۽ ٻين جي شاعري ڳائيندو هو ته ويٺلن تي وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن جي آواز ۾ ضرور ڪو جادو هو، جيڪو سڀنيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيندو هو . کيس ٻڌڻ کان پوءِ ٻئي ڪنهن کي ٻڌڻ تي دل نه ٿيندي هئي. هرڪو هن جي خوبصورت آواز جي سحر ۾ جڪڙيل رهڻ چاهيندو هو. ڪيئي دفعا محفل جي پڄاڻيءَ تي جڏهن هو راڻو ڳائيندو هو ته سندس نڙيءَ مان نڪتل لفظ ڪيڏارو بنجي پوندا هئا ۽ مون کي پنهنجي اندر ۾ ڪيئي درد جا دريا وهندي محسوس ٿيندا هئا.
    راڻا او راڻا، سڏ ورنائين ڇو نه ٿو،
    سوا تنهجي سڀئي ڀينگ ٿيا ڀاڻا.
    ڪنول ڪوماڻا، ڀونئر ڀونءِ ڇڏي ويا.

    26 هين فيبروري جي اڀاڳي شام هئي، جڏهن هن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو، هڪ ئي لمحي ۾ ڏهن دوستن کي فون ڪري ورتم، تصديق ته ٿي ويئي، پر دل صفا يقين ئي نه ڪري ته هو يارن جو يار، محبوب انسان ايئن اسان کان بنا موڪلائڻ جي آخر ڪيئن وڃي سگهي ٿو ؟................. پر شايد ’ پهولون ڪي عمرين مختصر هوتي هين‘، رب جي رضا هئي، موت جو ڏينهن مقرر آهي، هرڪنهن کي انهيءَ در تي وڃڻو آهي. اهڙي قسم جا ئي روايتي جملا هئا، جيڪي هيڏو وڏو گهاءُ ڀلائڻ لاءِ، هڪٻئي کي آٿتون ارپڻ لاءِ ادا ڪيا پئي ويا، پر هتي ته هر طرف سُڏڪا ئي سُڏڪا هئا ....سائين تاج جويي، اياز گل کان وٺي ڪارونجهر جي ڪرشن ڪولهيءَ تائين سڀ آپي کان ئي ٻاهر هئا،لڙڪن جون قطارون هيون. هو جيڪو ماڻهن کي کلائڻ جو هنر ڄاڻندو هو، ويندي ويندي سموري سنڌ کي روئاڙي هليو ويو هو. اڄ هن کان سڀ رُٺل هئا ۽ هو بس پسمنظر ۾ چئي رهيو هو ’ڪنهن کي پٽڪو لاهجي ، پرچائجي‘ پر پرچائڻ وارو خود به ته رُسي ويو هو ...وڇڙي ويو هو اسان کان ....ڪيئي ڪهاڻيون اڌوريون ڇڏي هو پيار جو پکيئڙو ڏور اڏامي هليو ويو هو.
    وڇڙڻ وقت وداع ڏيئي ويو،
    هاءِ بي درد گهاءُ ڏيئي ويو،
    ’تون مون کي ڪڏهن نه وساري سگهندين،
    ويندي ويندي چتاءَ ڏيئي ويو.‘

    تصور ۾ هن سان سائين الهجڙيي درس جي اوطاق تي ٽن ڪلاڪن تائين ٿيل آخري طويل ڪچهري هئي ۽ ٻئي طرف اهي سمورا صبح جا پهر پئي ياد آيا، جن صبحن جي شروعات هن جي تازي تواني چهري ۽ مسڪراهٽ کي پسڻ سان ٿيندي هئي. منهنجو صبح سوير گڍي ڀٽ تي وڃي يوگا ڪرڻ جو معمول هو ۽ انهيءَ دوران هو ڪڏهن پيلي ته ڪڏهن نيلي ٽي شرٽ ۾ ملبوس واڪ ڪندو اوچتو ڀٽ تي اچي نروار ٿيندو هو ۽ اچڻ سان ئي پنهنجي مخصوص دلبرانه انداز ۾ مسڪرائيندي چوندو هو. ڪهڙا حال آهن شهزادا ؟
    صادق فقير سنڌ ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جو مظهر هو. هو رڳو گائڪ نه هو پر انسانيت جو علمبردار پڻ هو، يقينن ماڻهوءَ جو مٽ ماڻهو ناهي. سنڌ صادق کي صديون ڳوليندي ۽ شايد پوءِ به صادق جسماني طوراسان کي نه ملي سگهي، پر صادق جو سُريلو آواز هميشه زنده رهڻو آهي، جيستائين دنيا ۾ محبتون قائم آهن، جيستائين ڪائنات ۾ سونهن آهي، سچ آهي، سنڌ آهي، تيستائين صادق مُور نه مرڻو آهي. سندس گيت گلين ۾ گونجندا رهندا، سندس پيار جو پورهيو سڳنڌ جي ڀيٽا اوس ماڻيندو رهندو. هو اسان جي دلين ۾ هميشه مُرليون وڄائيندو رهندو، مسڪرائيندو رهندو. شال مالڪ ڪريم هن جي ٻچڙن کي سدائين شاد ۽ آباد رکي ۽ مون سميت سنڌ جي سڀنيءَ اهل دل ماڻهن کي هن جي جدائيءَ جو ايڏو وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري! (آمين).
    تون جي ناهين سامهون ڪيڏي آهه اُماس،

    توڙي پورنماس، پنهنجو پاند پکيڙيو (اياز)


    • سنڌ کي سوڳوار ڪري ويل صادق فقير : نسيم بخاري

    سنڌ جو سريلو راڳي صادق فقير اسان کان هڪ حادثي ۾ وڇڙيو ويو آهي، هو ڀلي پار عمرو ادا ڪرڻ ويو هو ۽ اتي هڪ حادثي سندس زندگي کسي ورتي.
    صادق فقير جي ساهه کي آيل سَٽ، حقيقت پسنديءَ ۾ سنڌ جي سُر ۽ ساز کي آيل سَٽ آهي. اها سنڌ جي ساڃاهه کي آيل سَٽ آهي، اها سُر سنگيت کي آيل سٽ آهي.
    صادق فقير فقرا آواز جي حوالي سان ئي منفرد نه هو، پر هو هڪ انسان به ڏاڍو ڀلو هو. سچو، مخلص ۽ کرو ماڻهو هو. هن جي آواز ۾ جيڪو درد هو، سو حقيقت ۾ ديس جي درد جيترو وشال هو، هن جي دانهن هڪ فرد جي دانهن نه پر سڄي قوم جي، اڃا به ائين چئون ته پوري دنيا جي دانهن هوندي هئي. هو چاهي ها ته بازاري شاعري ڳائي دولت جا انبار ڪٺا ڪري ها. لوڪل ڪمپنين جي اشارن تي هلي مارڪيٽ جو وکر بڻجڻ هن کي پسند نه هو. هو جهڙي سوچ ۽ مزاج جو مالڪ هو، شاعري به اهڙي ئي شاندار ڳائيندو هو. اهو ئي سبب آهي ته شهرتن جي بلندين تي پهتل شاعر سندس آواز ۾ پنهنجي شاعري ٻڌي فخر محسوس ڪندا هئا. هن جي وڇڙي وڃڻ جي خبر ٽي وي چئنلن تان بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ سنڌ ۽ هند واسين سميت جڳ جهان ۾ رهندڙ سنڌين مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي آهي. هن جي آواز ۾ جيڪو جادو هو، تنهن جو ڪوئي جواب ناهي. هن جو فن لازوال آهي، هو پنهنجي واٽ وٺي ويو آهي، پر جيڪي ماڻهو هن جي موسيقي ٻڌي، پنهنجون واٽون لهندا ۽ ڳولهيندا هئا، سي ڪيڏانهن وڃن ۽ ڪهڙي در دانهن! هن جي سُرن ۾ جيڪا صدا هوندي هئي، جيڪا انسان جي اندر جي اڪيلائيءَ واري پچار هوندي هئي، هاڻ ان کي ڪٿ ڳولبو.
    اهڙي وقت صادق فقير اسان کان وڇڙيو آهي، جڏهن سنڌ ۽ هند ۾ فضيلت ڀري موسيقيءَ جو تمام گهڻو ڏڪر محسوس ٿئي ٿو. سنڌي موسيقي ۾ سنجيده ۽ سيپتي آوازن جي ڏڪر اوري دَور ۾ هن اهڙي فنڪار جي جدائي، جيڪو اوندهه ۾ ڏيئي وارو ڪردار ادا ڪندو هجي، جيءُ جهوري ڇڏي ٿي.
    صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ ۽ هند کي سوڳوار ڪري ويو آهي. سمورا سنڌي صادق جي اوچتي وڇوڙي سبب صدمي ۾ ورتل آهن. ڪن لاءِ اها خبر سڪتو طاري ڪري ڇڏيندڙ آهي. صادق جون صدائون هوائن ۾ ان جي سار کي سدا حيات رکنديون اينديون، پر هن کي اڃا کوڙ سارا گيت، غزل، وايون ۽ ڪافيون ڳائڻيون هيون. سي اڌ ۾ رهجي ويون. صادق فقير سڌو سنئون کل مک ۽ دريا دل انسان هو. هو انهن فنڪارن مان نه هو، جيڪي پنهنجي مخصوص فنڪاريءَ سان ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. هو سنڌ جي ڪلاسيڪل جو باڪمال اظهار هو. صادق فقير سان هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو محبت ڪندو هو. هن جي آواز جو سحر سڀني جا جيءُ جڪڙي وٺندو هو. هو انسان جي ارمانن، احساسن، جذبن ۽ امنگن جو ترجمان فنڪار هو.
    توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

    صادق فقير جڏهن مٿيون خيال پنهنجي مخصوصو انداس سان ڳائيندو هو ته هر ٻڌندڙ کي پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون ياد اچي وينديون هيون. صادق فقير جي آواز ۾ شاعري ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ سان ملڻ ۽ خودڪلامي ڪرڻ جو موقعو ملندو هو.
    صادق فقير نه رڳو رومانوي، پر قومي، مزاحمتي شاعري ذريعي به خلق ۾ قومي جذبو اڀارڻ جي حوالي سان ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن جن شاعرن کي ڳايو آهي، اهي قومي سطح جا مڃيل امر ڪردار آهن. هو بيڪار ۽ بازاري شاعريءَ جي ڀر مان به نه گذريو آهي. صادق فقير جي آواز ۾ ڪنهن جي شاعريءَ جو ڳائجڻ ان جي اهم هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ليکبو هو، پر هاڻ جڏهن هو اسان ۾ نه رهيو آهي ته ان جون سدا بهار روايتون ڪير جياريندو؟ هاڻ هن پڄاڻان سنڌي موسيقي ويتر ويڳاڻي ٿي ويندي، وڌيڪ وکرجي ويندي. ان جو معيار وڌيڪ گهٽجندو. صادق فقير جنهن واٽ سان پنهنجون وِکون پئي وڌايون، اهي حقيقت ۾ آرٽ جي مورچي تان پنهنجي موسيقيءَ جو دفاع هيون. صادق سنڌي سر سنگيت جي حوالي سان هڪ چيڪ پوسٽ جي حيثيت رکندو هو. هن جي آواز ۽ اظهار سان محسوس ٿيندو هو ته ڪو آهي، جيڪو سنڌ جي صوفي روح جي سلامتيءَ لاءِ سر بلند آهي. هن پيسي لاءِ نه ڳايو، پر هن موسيقيءَ سان عشق ڪيو ۽ ان عشق ذريعي سمورن عاشقن کي آٿتون ۽ دلجايون ڏيندو آيو. هن تاريخ ۾، ۽ عوامي دلين ۾ جيڪا جاءِ ٺاهي آهي، اهڙو دنيا تي راڄ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو.
    صادق فقير جيان پنهنجي عشق سان انصاف پاڻ گهٽ ئي ماڻهن کي ڪندي ڏٺو آهي، پر اسان وٽ الميو اهو آهي، جو سرڪاري ميڊيا کان ويندي پرائيويٽ ميڊيا تائين اهو ڪجهه نه ٿو ڏيکاريو وڃي، جنهن جي عوام کي سچ پچ به ضرورت آهي. ان جي ابتڙ بيڪار قسم جون بيهودگيون موسيقيءَ جي آڙ ۾ مسلط ڪري ماڻهن جا مغز خراب ڪيا پيا وڃن. اسان وٽ اهڙين سرگرمين جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ذڪر جوڳو نوٽيس نه ورتو آهي، جيڪي سماج جا لاهه ڪڍنديون آيون آهن. جنهن اخلاق، تهذيب ۽ تاريخ کي تسلي ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سماج جو توازن بگڙجي ويو آهي، جنهن غير سنجيدگيءَ کي اُڀاريو آهي، جنهن اسان کان اسان جا پسنديده فنڪار ڦريا آهن، ڪڏهن سرمد سنڌي جي روپ ۾ ته ڪڏهن صادق فقير جي صورت ۾.


    • صادق فقير جي ڌرتيءَ کان موڪلاڻي ! : واحد ڪانڌڙو

    صادق فقير جي وڇوڙي جي خبر سنڌ جي اهل علم، فنڪارن، صوفي راڳين، ويراڳين، ادب دوستن، سياسي ڪارڪنن شاعرن ۽ نوجوانن جي مٿان وڄ ٿي ڪِري آهي ۽ سنڌ جا نوجوان پنهنجي پياري ۽ محبوب فنڪار جي وڇوڙي تي هڪٻئي کي فونن ذريعي ميسيج ڪندا، کيس ياد ڪندا رهيا. سوشل ميڊيا تي سندس اُهي جملا به هلايا ويا، جيڪي هُن سعودي عرب ۾ عمري ادا ڪرڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ لکيا هئا، هن لکيو هو ته ’عمري لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو آهيان، شل خير سان واپس اچان، دوستو! دعا ڪجو‘. حقيقت ۾ هن وڃڻ کان اڳ ئي سنڌ جي دوستن کي اهو سنهو ڏئي موڪلايو هو، پر اها ڪنهن کي ڪل نه هئي ته صادق فقير سان ايڏو وڏو حادثو ٿيندو! هُو هن نوجوانيءَ ۾ کلندي کلندي سنڌ کان ايئن موڪلائي ويو، جيئن هن پنهنجو پهريون ڪلام ريڊيو تي ڳائي مشهوري ماڻي هئي:
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،

    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري!

    اڄ جڏهن صادق فقير اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، تڏهن هن جي ڳايل اياز گل واري وائي هر ڪنهن جي ذهنن ۾ گونجي رهي آهي، صادق فقير پنهنجي فن جي شروعات 1986ع کان حيدرآباد ريڊيو تي ڳائي ڪئي ۽ شهرت جي بلندين تائين پهتو، صادق فقير ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوٺن، واهڻن وستين ۾ محفلون مچائيندي، ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪندو ويو، هُو فن جي گهٽين ۾ واچوڙي وانگر آيو ۽ واچوڙي وانگر سنڌ کان جسماني طور هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سرمد سنڌيءَ کانپوءِ صادق فقير جو وڇوڙو سنڌ جي هنيانءَ ۾ هُرندو رهندو، سرمد سنڌي جيئن سنڌ جي نوجوانن جي ذهنن تي پنهنجي راڳ جا آلاپ ڇڏيا هئا، تيئن ئي صادق فقير به پنهنجا گيت ڳائي نوجوانن کي جهومايو،
    سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
    سهندو ڪير ميار، او يار!

    جڏهن صادق فقير شيخ اياز جو اهو گيت ڳائيندو هو ته سنڌ جا عاشق ڌرتيءَ تان سر گهورڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا، ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي جڏهن لحد ۾ لاٿو پئي ويو، تڏهن صادق فقير ۽ بيدل مسرور، شيخ اياز جو هيٺيون گيت ڳائي سنڌ جي ساڃاهوندن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو هو:
    سوَ درد ها، سوَ دک ها، پر زندگي پياري هئي !
    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان ڇا چاندني پياري هئي !

    اڄ چنڊ ڏي آڪاس ۾ ٿو وک وڌايان، الوداع !
    اي سنڌ توکي الوداع، اي هند توکي الوداع !
    تو ۾ هيو سارو جڳت، اي جند توکي الوداع !

    صادق فقير پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ ماٺيڻو، صوفي منش ۽ فقير صفت انسان هو، هُو عام راڳين وانگر لالچي نه هو، هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي شاعرن جو نالو روشن ڪيو ۽ مڃتا ماڻي، هن باضمير ۽ باڪردار فنڪار کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي.


    • فضا سوڳوار ۽ هوا سانت ٿي وئي! : دودو چانڊيو

    سال 1991ع جو سانوڻ هو، آءٌ نئين ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس جو شاگرد هوس، اسڪول پاران ٿر وسڻ تي مٺيءَ جو ٽوئر رکيو ويو، مٺيءَ جي گڍي ڀٽ تي جڏهن اسان پهتاسين ته مٺيءَ جي ڪجهه شاگردن ۽ استادن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو، جڏهن گهمي ڦري ماني کائڻ ويٺاسين ته هڪ استاد ٻڌايو ته ’پاڻ سان گڏ صادق فقير به آهي، جيڪو مٺيءَ ۾ استاد هئڻ سان گڏ راڳ به ڳائيندو آهي، ڇو نه صادق کان ڪجهه ٻڌون!‘ ۽ پوءِ ٿر جي ڀٽن تي هڪ انوکي آواز جي گونج اٿي، جيڪا شايد آءٌ زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ تائين نه وساري سگهان.
    اها صادق فقير سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. ٿورن ڏينهن اندر فسادن دوران شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالرحمان لاشاري شهيد ٿي ويو، اسان ان جو لاش کڻائي جڏهن مُهراڻي پهتاسين ته هزارين ٿرين سان گڏ جيڪي اکيون لڙڪ لاڙي رهيون هيون، تن ۾ صادق فقير جون اکيون به هيون، ۽ پوءِ اسان اڌ ٿري ۽ اڌ لاڙي ماڻهو، ۽ اُنهن جي ڪا به اهڙي محفل نه هئي، جنهن ۾ صادق سان ملاقات يا ڪچهري نه ٿيندي هئي.
    هو ڳائيندو هو ته ڄڻ ٿر ٿو ڳائي، ڀٽون ٿيون ڳائن، ٿر جا ڏک تڪليفون ۽ پيڙائون ٿيون ڳائن. 1992ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري هزارين ٿري نوجوانن وانگر اسان به پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏي اچي شهر وسايا، پر صادق سان محبت جو رشتو قائم رهيو. جڏهن به مٺي ويندو هئس ته هو اسان جو انتظار ڪندو هو ۽ هميشه اهو اصرار ڪندو هو ته کاٽائو جانيءَ جي چانهه پيئڻ کان پهرين منهنجي گهر ايندين. ٻه سال اڳ جڏهن برساتون پيون، ٿر وَٺو ته مٺيءَ ۾، وڏو ڀاڪر پائي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ چيائين، ’جلد چانهه پي وٺ ته ننگر پارڪر هلي ترسون‘.
    ڪلاڪ کان پوءِ ارباب احسان، آءٌ، صادق فقير، ارباب نيڪ محمد، مسعود لوهار، خالد جوڳي، امير منڌرو ۽ ٻيا دوست مٺيءَ کان ننگر روانا ٿياسين. اهو ٻن ڪلاڪن جو سفر ڇا هو، ٽهڪ هئا. گيت هئا، يادن جا وهڪرا هئا، ٿر جا ڏک هئا ۽ ٻيون محبت جون ڪهاڻيون هيون. سڄي رات ننگر پارڪر ۾ ڪچهري ڪئيسين، آءٌ، ارباب احسان، صادق فقير ۽ ٻيا دوست جڏهن ڪاسبي ڏانهن روانا ٿياسين ته، مهنجو هٿ پڪڙي چيائين ته ’دودا، گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڪاسبي گڏجي پيا هلون، تون مون کان پري نه وڃجانءَ، مون سان گڏ هلجانءِ!‘
    ڪاسٻي ۾ جڏهن محمد يوسف پئي ڳايو ته مون کيس ڪن ۾ چيو ته ’استاد صادق به آيل آهي‘. هڪدم محمد يوسف چيو ته: ’ٿر هجي. مينهن هجن ۽ صادق فقير هجي، ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟‘
    صادق سان صرف اها يادگار ڪچهري نه هئي، پر ان سان سوين رهاڻيون هيون. جڏهن ڏڪار آيو ته آءٌ بنا اطلاع جي مٺيءَ پهتس، مون صادق کي فون ڪري ٻڌايو ته ’آءٌ مٺي آيو آهيان‘ ته جلديءَ ۾ چيائين. ’هاڻي ئي عمرڪوٽ نڪري اچ، هتي ڀڳت ڪبير ڪانفرنس آهي، آءٌ ۽ استاد شفيع فقير گڏجي صرف ’ڀڳت ڪبير‘ ئي ڳائينداسين. شايد زندگيءَ ۾ توکي ڀڳت ٻڌڻ جو اهڙو موقعو ٻيهر نه ملي‘. آءٌ، خالد جوڳي ۽ امير منڌرو مٺيءَ کان سڌو عمرڪوٽ وياسين. ان رات صادق فقير ۽ شفيع فقير سان جيڪا ڪچهري ٿي ۽ جيڪو ڀڳت ڪبير ٻڌوسين. اهو ياد ڪندي ئي اکيون لڙڪن سان ڀرجي ٿيون اچن. صادق فقير هونئن ته گهڻن ماڻهن سان پيار ڪندو هو، پر ڪجهه سال اڳ اسان ٻئي دبئيءَ ۾ گڏ هئاسين. دبئي جو صحرا ڏسي سندس اکيون ڀرجي آيون. مون کي چيائين ’ڏس، عرب هن سڃي صحرا ٿر مان ڪيترو ڪمائين ٿا، ۽ پنهنجو ٿر قدرتي نعمتن سان مالا مال هوندي به بکون پيو ڪاٽي‘.
    صادق حيدرآباد کان وٺي ڪراچيءَ تائين منهنجي رهائش، ڳولي اچي ڏسندو. هو هر ڏک سک ۾ گڏ هوندو هو. سندس اوچتي موت مون کان نه رڳو هڪ ڀلوڙ دوست ڦري ورتو، پر ٿر کان آواز ۽ درد کان زبان به ڦري ورتي آهي.
    مون سان سندس محبت جي حد اها هئي، جو منهنجي پسند جي کاڌن کان وٺي منهنجي پسند جي شاعري ۽ پسند جي شاعرن جي به خبر هيس. جنهن محفل ۾ آءٌ هوندو هئس ته منهنجي پسند جو هڪڙو گيت ’عمر گذري قرار ڳوليندي پنهنجو پهريون، پيار ڳوليندي‘ ضرور ٻڌائيندو هو. مون کي چوندو هو ته ’دودا، توسان سڄي ٿر ۾ گڏجي گهمندس، پر پنهنجي لائبريريءَ ۾ نه وٺي هلندس، ڇو جو، تون منهنجا ڪتاب چوري ڪندو آهين.‘



    صادق! سچائي، پکيڙي تو پيارَ سان،
    سُرن سُهائي، آندي تو انڌڪارَ ۾!

    -گلشن لغاري


    • گُڍِيءَ ڀِٽ جو گُڏو: سهيل ابڙو

    ’شهيد گليءَ‘ جي ان بي نام هوٽل جي دريءَ کي کولڻ لاءِ دل ته نه پئي چاهيو، جو جڏهن سڀ ساٿي ’سري ڪوٽ‘ جا جبل لهي رهيا هئاسين ته زوردار ڳڙي واري مينهن اسان جون متيون منجھائي ڇڏيون ۽ سيءَ سڀني کي سَٽي وڌو هو ۽ اسان ڊوڙي ڊوڙي، جڏهن هن بي نام هوٽل جي ان اڪيلي ڪمري ۾ پهتا هئاسين ته ان وقت هيءَ دري کليل هئي، ۽ ان مختصر دريءَ مان هزار ٽن واري هلندڙ ايئرڪنڊيشنڊ جهڙي ٿڌي هوا، پريشر سان اندر ايندي ڏسي الائي ته ڪنهن اُٿي اها دري بند ڪري ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ ئي آهستي آهستي اسان ۾ رتَ وري ڊوڙڻ شروع ڪيو هو.
    پوءِ جڏهن مينهن کي ماٺو ٿئي ڪافي دير ٿي وئي ۽ اسان به ڊنر ڪري شمع جي روشنيءَ ۾ ويهي گپ شپ ڪري رهيا هئاسين، ته مون کي دريءَ جي پويان پنهان اسرار جو خيال آيو ۽ مون اٿي اها دري کولي ڇڏي هئي ۽ منهنجي سامهون حسين هيرن ۽ جواهرن جي هڪ پوري ڪائنات پکڙجي وئي هئي. يا خدا! هي زمرد ۽ ياقوت جهڙن برقي قمقمن جي جھرمر، هن مختصر دريءَ جي ٻئي پاسي اهو رنگ لائي بيٺي هئي، جهڙو رنگ مون ته پنهنجي آواره گرديءَ واري ڄمار ۾ اڳ ڪٿي ناهي ڏٺو، ته صد شڪر! ته تو منهنجي دل ۾ هن دريءَ کولڻ جو خيال وڌو ۽ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جو رنگين منظر ڏسي سگھيو هوس.
    اصل ۾ شهيد گليءَ جي هن بي نام هوٽل جي ان مختصر دريءَ مان مظفر آباد جي سموري شهر جا ٻرندڙ رنگ برنگي بلب نظر آيا ٿي ۽ تيز هوا ۽ وڌيڪ مفاصلي هئڻ جي ڪري ڄڻ ته ٽم ٽم ڪري جھرمر وانگر جھوميا به پئي.
    ڀلا! هي اڄ مون کي شهيد گليءَ جي مختصر دري ڇو ياد آئي؟ ته ان جو سبب اهو هو جو منهنجي زندگي ءَ جي رنگين رومانوي رليءَ ۾ جيڪا ٻي چتي ٽانڪيل آهي. اها اُن مٺي ماڻهوءَ ۽ سندس شهر مٺيءَ جي مرهون منت آهي، جنهن جي جيون جي ڏيئي جو تيل اوچتو وچ روڊ تي پورو ٿي ويو هو.
    مون کي ياد آهي ته مٺيءَ جي ’گَڍي ڀٽ‘ تان ڏينهن جي اُجالي ۾ پهريون دفعو جڏهن مٺي شهر کي ڏٺو هيم ته هي شهر انهن شهرن جهڙو لڳو هو، جن جو ذڪر قديم افسانن ۾ هوندو آهي ۽ جن جا گھر مختصر، ڀتيون ننڍيون ۽ اڱڻ ڪشادا هوندا آهن. سو جڏهن ’گڍي ڀٽ‘ کان بيهي پهريون دفعو آءٌ چوگرد ڦهليل انهن گھرن کي ڏسي رهيو هوس ته پٺيان ڪنهن دوست مون کي جو ڌڪو ڏنو ته آئون واريءَ جي لاهي تان ڊوڙندي ڊوڙندي اچي هيٺ پهتو هوس ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي پويان سڀ ئي دوست ڊوڙندي اچي هيٺ پهتا هئاسين، جڏهن ’گڍي ڀٽ‘ تي هوٽل ۽ ويو پوائنٽ نه ٺهيل هئي، تڏهن شايد ڀٽ تان ڊوڙي هيٺ لهڻ جو رومانس ئي بار بار ’گڍيءَ‘ تي چڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هو.
    پر ڏياريءَ جي ان ٿڌي مٺي رات، جو ’گڍي ڀٽ‘ مون کي ان ڇوڪريءَ وانگر لڳي، جيڪا سالن کان وٺي ته دوست جي صورت ۾ گڏ رهندي اچي، پر ڪنهن هڪ ڏينهن، هوءَ خاص لباس پهري، جڏهن سامهون ايندي آهي ته ان ساڳي ڇوڪريءَ ۾ پنهنجي محبوبه نظر اچڻ لڳندي آهي.
    سو ان ڏينهن چوگرد ٻرندڙ ڏيئن ۾ ’گڍي‘ ڄڻ ته گُڏيءَ وانگر تيار ٿيو ويٺي هئي ۽ اسان روايتي رستو چڙهي جڏهن مٿي پهتا هئاسين ته اسان جو آڌر ڀاءُ ’گڍيءَ‘ جي ان گُڏي ڪيو، جنهن جي جيون ڏيئي جو تيل اوچتو وچ روڊ تي پورو ٿي ويو هو.
    آءٌ وڌي ’گڍيءَ‘ جي اتر اولهه واري پاسي بيٺس ۽ قديم افسانن واري شهر جو نرالو رنگ ڏسي دنگ رهجي ويس. مختصر گھرن جي ننڍين ڀتين تي قطارن ۾ ڏيئا روشن هئا ۽ مون کي مٿان بيهي ته ائين لڳو ته هر گھر، ڏياري ملهائڻ لاءِ ڏيئا روشن ڪري ڀتين ۽ کُڏن تي رکي، مسلم هندو گھر جي فرق کي مٽائي ڇڏيو هو، هرڪو گھر بس ’ڏيئا گھر‘ هو ۽ هرڪا دل ڏياري ڏياري هئي.
    آءٌ واريءَ تي ويهي ان منظر جي رومانس ۾ گم ٿي ويس ته ’گڍي‘ ۽ ’مٺي‘ گڏجي منهنجي دل ۾ به پنهنجي محبت جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو.
    مٺي شهر جي لائيٽ بند هئي ۽چؤ طرف ڏيئن جون وٽيون روشن هيون، هلڪي هوا تي ڏيئن مان ٻرندڙ باهه ڇم ڇم ڇير ڇمڪائي ڄڻ ته هلڪو رقص پئي ڪيو ته پٺيان هڪ صدا بلند ٿي. آواز شايد ڪارونجھر تي ٽلندڙ مور جو هو. نه.. ڪارونجھر ته هتان ڪافي ڪوهه پري آهي، پوءِ هي آواز ڪنهن جو هو- ڪن لايان ٿو.
    اڙي هي آواز ته ان گُڏي جو هو، جنهن کي اجرڪ ڪلهن تي اوڍيل هئي ۽ اسان جڏهن ’گڍيءَ‘ تي چڙهيا هئاسين ته هن وڌي اچي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
    آءٌ اٿي وڃي ان حلقي ۾ ويٺس، جنهن جي وچ تي گڏو، پنهنجي اندر جو پيار، آلاپن جي صورت ۾ اسان کي ارپيندو رهيو ۽ مون محسوس پئي ڪيو ته سندس اهي آلاپ سڄي مٺيءَ جي مٿان ڪونجن جي ٽوليءَ وانگر هڪ ٻئي جي پويان گذري ڪارونجهر ڏانهن وڃي رهيا هئا.
    اياز، آڪاش، حاجي ساند ۽ اياز گل جي غزلن، نظمن جي سهاري تي، صادق ان محفل جو ٽڪساٽ جوڙيندو رهيو ۽ محفل جو هر شريڪ، ان رومانوي سحر ۾ قابو ٿيندو ڄڻ ته کيس ويجھو ٿيندو پئي ويو.
    ڳچ رات گذري وئي هئي ۽ هوا ۾ ٿڌڪار جي احساس سان هن ڪلهي ۾ پاتل اجرڪ کولي پنهنجي جسم سان ويڙهي ڇڏي ۽ هيءُ ئي اهو لمحو هو، جڏهن مون کي هو سينگاريل ’گڍيءَ‘ جو حسين گڏو لڳو هو.
    ۽ ان کان پوءِ هي گڏو، مون کي حيدرآباد جي هر محفل ۾ گڏجندو رهيو هو. هو بيشڪ ته سنڌي موسيقيءَ جو منفرد ۽ اهم نالو هو، مگر هر دوست جي سڏ تي ’ها‘ ڪري پنهنجي ڏات کي پيش ڪرڻ لاءِ سدائين سنبريل هوندو هو. هُن پنهنجي Legends کي سلامي ڏيڻ لاءِ ئي شايد هن گس جو انتخاب ڪيو هو ۽ راڳ کي ڪمائيءَ جو ذريعو سمجھڻ بدران ان کي عبادت وانگر ادا ڪندو رهيو.
    هو، نوريءَ جهڙو سٻاجهو ماڻهو هو، هن جو من مهاڻو هو، هر عام خاص ماڻهوءَ سان ساڳيءَ سڀاءَ سان ملي هو هر ڪنهن جي دل کٽڻ جو هنر خوب ڄاڻندو هو. هو لاطمع شخص هو ۽ اهو ئي سبب هو، جو هن جڏهن به اسٽيج تي Perform ڪيو ته موٽ ۾ کيس حاضرين جون محبتون پلئه پيون ۽ شايد هن کي درڪار به ته اهو ئي داد هوندو هو:
    ’پيار جي ملي پوي، ڇا ڪنداسين دولتون‘!
    سنڌ ۾ صادق جي صدا، نرالي صدا هئي. جنهن کي سڀڪو پويان کان ئي سڃاڻي وٺندو هو. ڪيئي دفعا جڏهن هن ڀٽ شاهه جي موسيقيءَ واري محفل ۾ ڳايو هوندو ته ميلي جي هُل غُل ۾ به مون گهڻن ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو ته هيءُ صادق فقير پيو ڳائي- يا ڪيئي دفعا ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي ٻاهر لان ۾ بيٺل ماڻهو به مون ان وقت ڊوڙي اندر ويندي ڏٺا هوندا، جڏهن هنن جي سماعتن سان صادق جي صدا اچي ٽڪرايو هوندو.
    صادق صحرا جو واسي هو، هُن جي خمير ۾ صحرا سمايل هو، هن جي صدا ۾ صحرا جو سک به سمايل هو ته ان جو سور به شامل هو. هن جو سفر سنڌ جي صحرا کان شروع ٿيو ۽ ان جو انت عرب جي صحرا ۾ ٿيو، پر صحرا جي هن واسيءَ سان نه فقط صحرا وارن، پر سڄي سنڌ ۽ هر سنڌي سمجھندڙن محبت ڪئي ۽ هيءُ جو هاڻي سندس زندگيءَ جو ڏيئو اجھاڻو آهي ته ڏسو کيس ڪيتريون اڻ ميون محبتون مليون آهن. ايترو پيار ان ماڻهوءَ جي نصيب ۾ ئي ايندو آهي، جنهن بي لوث ٿي ماڻهن جي خدمت ۽ انسان ذات سان محبت ڪئي هوندي آهي.
    هو ڪالهه مٺيءَ جي مٽي اوڍي سمهي رهيو آهي، سڄي سنڌ ۾ مٺيءَ جو سوڳ سمايل آهي. مون کي خبر ناهي ته ’گڍيءَ‘ پنهنجي گُڏي جي وڇوڙي تي ڪيئن پنهنجون چوڙيون ڀڃي، سينڌ مان سندور لاٿو هوندو، مگر هاڻي شايد آءٌ جڏهن جڏهن ’گڍيءَ‘ تي وڃي پسار ڪندس ۽ مٿان بيهي هيٺ صادق جي مرقد کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندس ته مون کي ’گڍيءَ‘ جون سسڪيون ضرور ٻڌڻ ۾ اينديون، جيڪا هوءَ پنهنجي گُڏي لاءِ مسلسل ڀريندي رهندي.


    • جڏهن مان نه هوندس! : ساجد سنڌي

    هن سال جو بهار ته بارش کان اڳ ئي وڇوڙي جي ورلاپ سان سنڌ واسين کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ايئن قيد ڪري ڇڏيو، ڄڻ لطيف جي تنبوري جي تار ٽٽي اڳيان پئي هجي، ۽ سڀئي سُر وکري درد جو الڳ الڳ داستان ٻڌائيندا هجن. ڀلي پار ته ڀيري جي آس ڪنهن کي نه هوندي! اهائي آس ته لطيف جي من ۾ به هنبوشيون هڻندي رهي هئي، پر هن پرديس پسڻ جا سڀئي ارادا ترڪ ڪري قلب اندر ئي ڪعبي جوڙڻ کي ڇو ترجيح ڏني؟ پنهنجي ڌرتيءَ کان پل ڀر پري ڇونه رهيو؟ پنهنجي سُرن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي ئي داستانن جو درد ڇو اوتيو؟ پرينءَ پسڻ جا ڏورانهان جتن ڪرڻ بدران هڪ وارياسي ۽ ويران ٽڪريءَ تي دنيا کان بي نياز ٿي مراقبي اندر بک ۽ اڃ ۾ ايترا ڏينهن ڪيئن گهاريا؟ هن کي پنهنجي سُرن لاءِ تنبوري جي تخليق ضروري ڇو لڳي؟.. ڀلي پار زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه گهارڻ تي دل سَٽ ڇونه کاڌي؟... اهڙا اڻ ڳڻيا سوال جنهن جا باطني جواب ڪهڙا به هجن، پر ظاهري جواب ان وقت پاڻ پسائڻ لڳا، جڏهن ساڳي ئي ڌرتيءَ جو ٻيجل ڪنهن راءِ ڏياچ جو ڪنڌ ڪپڻ بدران پنهنجو ئي سِرُ وڃائي پنهنجي ديس واسين کي لُڙڪن جون انيڪ مالهائون ڏيئي ويو ۽ هتي اسان سڀ آلين اکين سان سندس آخري ديدار لاءِ ترسندا رهياسين، قاصد ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سندس متعلق پل پل جي خبر ڏيندا رهيا ۽ پاڻ ساروڻين جي سمنڊ ۾ ٻڏندا به رهياسين ته ترندا به رهياسين. لطيفي راهه جو راهي ايترو پري وڃي ايئن وڇوڙي جو ويراڳ ڏئي وڍ ڏيندو، ڪنهن ڪٿي هو سوچيو...!
    پُرسوز ۽ انفرادي آواز جي مالڪ صادق فقير جي سادگي، فقيراڻي ۽ نهٺاڻي طبيعت جي گواهي ڪير نه ڏيندو. هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان لکين چاهيندڙ ته پيدا ڪيا، پر پنهنجي ملنساري ۽ خلوص سان دوستن جي ڊگهي قطار به جوڙي ڇڏي، اهوئي سبب آهي جو اڄ صادق فقير جي وڇوڙي تي سندس چاهيندڙن ۽ دوستن جون اکيون آليون آهن ۽ سڀ آخري ديدار جا منتظر ايترا ڏينهن ڪيئن تڙپيا ۽ لڇيا هوندا، ان جو ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر ڏورانهين سفر ۾ صادق سان ساڻ سندس زخمي جيون ساٿيءَ مٿان ڇا گذرندي هوندي، ان جو اندازو لڳائڻ ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو صادق جي وڇوڙي جي بي يقينيءَ مان نڪرڻ...
    ڪيڏيون نه اذيتناڪ هجن ٿيون اهي گهڙيون، جڏهن ڪوئي پيارو يا پنهنجي وجود جو پاڇو پاڻ کان اوچتو جدا ٿي وڃي ٿو، هجر جون تلخ مسافتون اندر کي هر هر وڍين ٿيون، اکين آڏو چهرو هر وقت ترندي محسوس ٿئي ٿو، خاص طور اهڙو ڪلاڪار جنهن جو آواز سندس وڇوڙي پڄاڻان به ڪنن سان ٽڪرائجندو رهي، صادق فقير جي مڙهه کي سعودي عرب مان سنڌ رسائڻ لاءِ جيڪي جتن سعودي ۾ ويٺل سنڌي ڪميونٽي ڪيا، يقينن اهي قابل تحسين آهن، جيڪڏهن سڀ ڪجهه سرڪار تي ڀاڙي ڇڏجي ها ته صادق فقير جي تدفين جنت البقيع ۾ ٿي سگهي ها، پر سنڌ امڙ جي آغوش ۾ آرامي ٿيڻ شايد نصيب نه ٿئي ها، جتي هن جي مڌر آواز جي گونج سنڌ جي فضائن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهي آهي. اڄ سنڌ جتي ڪڪرن جي لڳاتار ڪڻ ڪڻ ڌرتيءَ جي جهوليءَ کي آلو ڪري ڇڏيو آهي، اتي سنڌ واسين جي اکين ۾ به ڳوڙهن جي آلاڻ لڪي نه سگهي آهي.
    ان ڏينهن ته مٺيءَ جي مٽي به اُڀ تان برسندڙ بادلن سان ڀِڳل هئي، جڏهن صادق جي مڙهه کي اباڻي شهر مٺيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو ۽ سڄي سنڌ مان آيل سوين قافلا مٺيءَ جي مٽيءَ تي پير ڌري ساڻس بيپناهه محبت جي ڀيٽا پيش ڪري رهيا هئا، آخر ان ڏينهن سنڌ جي سداحيات ڪلاڪار صادق فقير جي وجود کي الوداع ڪري سنڌ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ جو سمهارڻو هو، ان ڏينهن ته مٺي شهر ۾ ماڻهن جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو، هر اک آلي هئي. هر شخص صادق جي ساروڻين جو الڳ داستان بيان ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هي اهو صادق فقير هو، جنهن پنهنجي مڌر آواز سان سنڌي موسيقيت جي روايت کي ٽوڙي پنهنجو الڳ رستو جوڙيو ۽ پنهنجي منفرد سڃاڻپ سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي چاهيندڙن جو اڻکٽ انگ ٺاهيو ۽ هو اسان سڀني کي پنهنجا امر گيت ۽ مڌر غزل ڏئي الوداعي سفر تي اسهيو. هزارين اشڪبار اکين سان کيس الوداع ڪيو ويو هو، هي سنڌ جو پهريون راڳي هو جنهن جي جناز نماز ۾ ايڏي وڏي انگ شرڪت ڪري پنهنجي محبت جو ثبوت ڏنو هجي. ان مٺيءَ جي مور جي اهڙي موڪلاڻي کي ڪير به وساري نه سگهندو.
    صادق جنهن چيو هو ته ’جڏهن مان نه هوندس، صدائون ته هونديون، ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، هو پري آ، پري آ، پري آ، پري. اسين بس رهياسي اڌورا اڌورا، توکان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.... سکي پيا کي ملين ته چئجان. چاندني تو سوا نه ٿيندي...‘ ها صادق فقير جون اهي صدائون اڄ به گونجن ٿيون ۽ صدين تائين گونجنديون رهنديون. املتاس تان ڪويل جي ڪوڪ به صادق جي پيغام سان سرشار رهندي. پاڻ کلڻو ماڻهو کلندي کلندي دور ٿي ويو ۽ اسان سڀ سوڳوار آلين اکين سان کيس الوادع ڪرڻ تي مجبور ٿياسين ۽ ان لمحي صادق فقير سان ميل ملاقاتن جا ڌنڌلا منظر آلين اکين کي ڪيڏو نه گرمائي رهيا هئا ۽ ساروڻين جو سمنڊ مون سميت ڪيترن ئي دلين ۾ ڇوليون هڻي رهيو هو، ڄڻ صادق جا پرسوز گيت نوحن جي صورت اختيار ڪندا هجن. بلڪل وسيم سومري جي صادق فقير جي وڇوڙي تي لکيل هن وائيءَ وانگر:
    مٽي تنهنجي ماءُ،

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!
    ڳولي تنهنجي ڳوٺ جو،
    توکي وڻ وڻ واءُ،
    تون مٽيءَ جو مينڌرو!


    • سنگت لاءِ فقير، دل جو هيو بادشاهه !: شوڪت چاچڙ

    چوندا آهن ته مارچ مهيني ۾ ڄمندڙ انسان جينئس هوندا آهن. ننڍي کنڊ جي عظيم ڪويءَ شيخ اياز جو جنم ڏينهن به مارچ ۾، سنڌ جي نمائنده شاعرن امداد حسيني ۽ اياز گل جو جنم به هن ئي مهيني ۾، وري سندن گيتن کي امرتا بخشيندڙ، سنڌ هند جي البيلي راڳيءَ جو جنم ڏينهن به مارچ ۾ آهي، جنهن کي اسين هُجت مان ’شيخ اياز جو فقير‘ سڏيندا هئاسين. اهو صادق فقير جنهن لاءِ سنڌ جي هر پاسي جو ادبي حلقو چوندو هوندو ته هو سندن دوست هو. اها صادق جي عظمت هئي، جو هو هر ننڍي وڏي چاهيندڙ کي ايترو مان ڏيندو هو، جو کيس محسوس ٿيندو هو ته هو سندس گهاٽو دوست آهي. سندس ڏنل محبتن جو قرض اسين لفظن جي ڀيٽا ڏيئي به ڪو نه ٿا لاهي سگهون. سندس جنم واري مهيني ۾ سندس جنازي جون تياريون ڏسي هانءُ ڀرجي ٿو اچي. صادق سنڌ جي صحرا ۾ ڄائو، پر وڇڙيو ته وڃي عرب جي صحرا ۾! وقت جو ڦيٿو به ڪيڏو ظالم آ، ڪنڊن سان گڏ گل به لتاڙي ٿو وڃي. اعتبار ئي ڪو نه اچي ته ڪو هاڻي سندس موبائيل نمبر ملائيندو، ته ڇا ڳالهائيندو؟ سندس ئي ڳايل سٽون ياد ٿيون اچن.
    دل ۾ آهن ڪيتريون ئي ڳالهيون،
    تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي!

    مون کي جڏهن به فون ڪندو هو ته شروعات ڪنهن نه ڪنهن ڀوڳ واري ڳالهه تان ڪري پوءِ وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. سندس اڪثر ڀوڳ پنهنجي هجتي شاعر دوستن تي هوندا هئا. وري اسين ڪڏهن کيس فون ڪيون ته اڪثر اوجاڳن ڪري ننڊ ۾ ستل هوندي به فون ضرور اٽينڊ ڪندو هو ته متان دوست دل ۾ ڪن!
    سُرن لاءِ سدا رهيو، جنهن جو ساهه سرير،

    سنگت لاءِ فقير، دل جو هُيو بادشاهه! (شوڪت)

    صادق حقيقي روپ ۾ واقعي به فقير صفت انسان هو، اهو فقير جيڪو دل ۾ بادشاهه واري حيثيت رکندو هو. پنهنجي نالي جيان صادق، من جو سچو ۽ صاف گو، ڳالهه ڳالهه تي سندس وڏا ٽهڪ اڄ به ڪنن ۾ گونجين ٿا. ڇا ته شخص هو. جنهن به سندس آواز ۽ آلاپ ٻڌو ان جي ڪيفيت ئي بدلجي ويندي هئي ۽ ازخود ’واهه‘ چئي ڏيندو هو. سندس ڳلي جي پِچ بي مثل هئي. هن جهڙو ڪير ڳائيندو! 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٿر جي ڀٽ تي ويهي جڏهن هن ’تو کان ٿيندي ڌار‘ اياز گل جي وائي آلاپي هئي ته فضا سندس آواز کي جهر جهنگ پکيڙي ڇڏيو، پوءِ رڪارڊنگ بعد جڏهن سندس آڊيو ڪيسٽون جاري ٿيون ته ٿوري ئي عرصي ۾ کيس ايتري شهرت ۽ پذيرائي ملي جو باذوق ٻڌندڙ سندس اهي ننڍڙا هٿ چمڻ لڳا. جن سان يا ته هارمونيم وڄائيندو هو يا دوستن سان ٽهڪ وکيري تاڙيون ملائيندو هو!
    هن جڏهن شيخ اياز جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي ته خود اياز هڪ هنڌ لکيو هو ته منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ڳولا هئي اهو ٿر جي صادق فقير جي روپ ۾ ملي ويو! سندس گيت، وايون ۽ نظم: سکي پيا کي ملين ته چئجان...؛ اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها...؛ جڏهن مان نه هوندس...؛ جواني نه رهندي...؛ ٻاٻيهو ٻولي، کان علاوه اياز جي چاليهي تي رڪارڊ ٿيل سندس ’الوداعي البم‘ هڪ شاهڪار جيان آهي. سندس سليڪشن ۾ ڀٽائي ۽ شيخ اياز کان علاوه استاد بخاري، اياز گل، ادل سومرو، حليم باغي، وفا ناٿن شاهي، حافظ نظاماڻي، تبسم، ايوب کوسو، اقبال رند، حسن درس ۽ ٻيا جديد شاعر به رهيا.
    صادق جنهن به شاعريءَ کي ڳايو، ان کي ندرت بخشي، پر ڪنهن اداري کان اهو نه ٿيو، جو سندس آواز ۾ ڪو معياري ڪلام رڪارڊ ڪرائين ها. اسان جي معاشري جو اهو الميو رهيو آهي جو ڪئسٽ ڪمپنيون بازاري ۽ ڄٽڪا البم وڏي تعداد ۾ رليز ڪنديون رهيون، پر صادق جهڙي انمول آواز کي ڪجهه مخصوص ڪمپنين رڪارڊ ڪيو، سيکڙاٽ راڳين ۽ غير معياري ميوزڪ ٽرينڊ سبب حالت اها رهي جو گذريل ڏهن سالن ۾ سندس هڪ به البم ڪو نه آيو. سندس مداح کيس رڳو محفلن ۽ اياز جي ورسيءَ تي ٻڌي سگهندا هئا.
    ذاتي زندگيءَ ۾ صادق کي مون’ ٻين لاءِ جيئندي‘ ڏٺو. ساڻس ڏهه ٻارهن سال جو واسطو رهيو. هو نه فقط پنهنجي ٻارڙن جو پورو خيال رکندو هو پر پنهنجي ڀائرن، ڀينرن، ڀاڻيجن ۽ ٻين مائٽن جو به رکوال ۽ سنڀاليندڙ هو. سڀن کي پنهنجي اولاد جيان چاهيندو هو. مون کي ياد آهي ته 2004ع ۾ هڪ سنڌي چئنل لاءِ ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري‘ جي وڊيو رڪارڊنگ ڪرائي، هو اسان وٽ حيدرآباد اچي ترسيو هو ۽ شام جو هن مون کي ساڻ ڪري، پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي شاديءَ لاءِ سامان خريد ڪيو هو، اها ڊگهي لسٽ هئي جنهن ۾ سئي سڳي کان ويندي فرنيچر تائين هر قسم جو سامان دل کولي هن خوشيءَ سان خريد ڪيو هو ، سندس ڀاءُ جي شاديءَ ۾ سڄي سنڌ جي دوستن، سياسي سماجي شخصيتن ۽ وڏن گوَين شرڪت ڪئي هئي. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هو ڪافي غريب ماڻهن جي ڪفالت به ڪندو هو، ساڻس سنگت ۾ رهندڙ ۽ گڏ سفر ڪندڙ سازندا به سندس سخاوت جا شاهد آهن. پنهنجي ٻارن کي به پسند جي هر شيءِ وٺي ڏيندو هو ۽ پنهنجي لاءِ رڳو ڪپڙا وٺي تلڪ چاڙهيءَ جي هڪ مشهور درزيءَ کان سبرائيندو هو. ڪڏهن گل سينٽر تان ڪوٽ ورتو ته ڪڏهن بوٽ. باقي سنگت کي ته نه خرچ ڪرڻ ڏئي نه ماني کارائڻ ڏئي. جيترا به دوست گڏ هجن چوندو هلو ته پهرين ڪٿي ماني کائون ۽ زورآور بل به نه ڀرڻ ڏيندو هو.
    2004ع ۾ جڏهن مان سنڌي ادبي سنگت- پني عاقل شاخ جو سيڪريٽري هوس، ته مزاحمتي شاعر ’زاهد شيخ‘ سان رهاڻ واري تقريب لاءِ دوستن جي فرمائش تي مون صادق کي فون ڪري چيو ته جيڪڏهن ڪا پروگرام بُڪنگ نه هجي ته مهرباني ڪجو... کلندي چيائين يار فڪر نه ڪر فقير پهچي ويندو، ۽ پوءِ ان شام هو ڪراچيءَ مان محفل ڪري، اي.سي ڪوچ ۾ چڙهي سڌو منهنجي شهر منهنجي سڏ تي پهتو. مان سندس خلوص مان وڏو متاثر ٿيس ته هيڏو وڏو ڪلاڪار بنا ڪنهن معاوضي بنا ڪنهن مفاد، دوستن کي ايتري اهميت ڏئي ٿو، اها سندس عظمت هئي. ٻيو ته ٺهيو محفل ۾ مٿس جيڪي هزارين روپيا گهور جا ٿيا، اهي سڀئي کڻي اتي موجود سازندن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هو ڪو روايتي فنڪار نه پر هر ايوارڊ هر معاوضي کان مٿانهون ڪلاڪار ۽ محبتن جو سفير هو، جنهن هر هنڌ پنهنجا دوست ۽ مداح ڇڏيا.مٺيءَ ۾ سندس ڪشادي اوطاق هر طبقي جي دوستن لاءِ کليل هوندي هئي، آيل مهمانن جي نه رڳو چانهه مانيءَ جو خيال رکندو هو، بلڪه سندن فرمائش تي پنهنجي سدا بهار آواز سان سندن دل موهيندو هو. هو سنڌ جو اهو ٻيجل هو جنهن سنڌ واسين کان ڪجهه نه گهريو، پر انهن کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ڌڻي کيس اُتي به پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي ۽ سندس ٻارڙن کي صادق جهڙو صبر ۽ همٿ عطا ڪري. چوندا آهن ته حادثاتي موت به شهادت آهي. وقت زخم گهڻا ڏئي ٿو. پر مرهم ڪو نه ٿو رکي، ٿر جي ڀٽن تي لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ صادق هميشه نظر ايندو.
    صادق ساري ٿر جو، واءُ ڪري ورلاپ،
    تنهنجا هي آلاپ، صديون رهندا سنڌ ۾!

    صادق! سڄيءَ سنڌ جا چاهيندڙ هڪ پاسي پر دل کي جهوريندڙ منظر ته تنهنجي شهر مٺيءَ ۾ ان ڏينهن ڏٺا، جڏهن مڪي کان مٺيءَ وارو سفر پورو ڪري تون ملير پهتين، نندي شهر ۾ مداحن ۽ ننڍڙن شاگردن ڪلوميٽر قطار ٺاهي گلن سان تنهنجي آجيان ڪئي. ڪيترا لڙڪ هئا، متان چوين آجيان نه ٿي! هزارين سوڳوار تنهنجي گهر آڏو تڏي تي ويٺل هئا. جڏهن تنهنجو آخري سفر جنازي نماز لاءِ شروع ٿيو ته هزارين ماڻهن جو جلوس پيرين پنڌ تنهنجي پٺيان هلندو رهيو، عورتون ۽ ٻار گهرن کان نڪري تو کي آخري سلام پيش ڪندا رهيا، گهرن جي ڇتين تان گل نڇاور پئي ٿيا، هر چونڪ تي تنهنجي تصويرن سان گڏ الوداعي سٽون ۽ بيت لکيل هئا، تنهنجا چاهيندڙ مسلم توڙي هندو اسان سان گڏ جنازي واري دعا ۾ شامل هئا، اوڇنگارون هيون، ماڻهو بي چين هئا ته تنهنجو چهرو ڏسن! ڪنهن قرآن جون آيتون پئي پڙهيون ته ڪنهن ڀٽائيءَ جا بيت، ڪنهن گيتا جا اشلوڪ. اي صادق تون دعائون کڻي وئين ۽ الاءِ ڇا ڇا اسان لاءِ ڇڏي وئين!
    واپسيءَ مهل اسان تڏي تان اُٿي تنهنجي وارثن کان موڪلائي مٺيءَ جي هوٽل تي چانهن لاءِ ويٺاسين ته تنهنجا ڪي دوست ۽ مائٽ اسان سان اچي ڀاڪرين پيا ۽ مون سان گڏ ويٺل تنهنجي دوست ۽ لاڏلي شاعر اياز گل کي چوڻ لڳا ته هيءَ چانهن اسان جي طرفان پيئو جو اوهان صادق جا مهمان آهيو!! ڳوڙها تري آيا. اي صادق تون ڇا هُئين؟! جو وسرين ئي نه ٿو. تنهنجي گهر سامهون مٺيءَ جي عظيم ڀٽ به تو کانپوءِ اداس آهي.


    • توکان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار! :انقلاب ٿري

    اڄ وري سنڌ هڪ اهڙي سوڳ جي سڪرات ۾ سمائجي وئي آهي، جنهن جي بي رحم لمحن جا پيرا ان البيلي آواز واري نِڙيءَ مان آخري ڀيرو کسڪي، ڀٽائيءَ جي آڳنڌ ۾ الوداع ڪري هميشه هميشه لاءِ، جسماني رشتي ۾ بي وفائيءَ جو ٻج ڇٽي ويا آهن. ڀٽائيءَ جي پيرن ۾ ويهي وڇوڙي جا ورلاپ ڪندڙ صادق فقير هاڻي اسان کان الائجي ڪيترو ڏور وڃڻ جي سفر تي اُسهي پيو آهي. ’چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو.‘
    محبتن جي هن مهيني فيبروري ويندي ويندي سنڌ جي سيني تي اهڙا ته تکا گهاو ڇڏيا آهن، جن جو زخم شايد هاڻي صدين تائين ڀرجي نه سگهجي، پنهنجن آدرشن، آرزوئن ۽ نظرين ۾ هميشه کِل مُک، مهڪندڙ ۽ سدا بهار سنگيت جو جادوئي شهزادو اڄ پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کان ڪوهين ڏور رُسي موڪلائي ويو آهي.
    مٺيءَ جي محبوب ڌرتي اڄ لڙڪن هاڻن نيڻن سان ڪيڪون دانهون ڪري گڍي ڀٽ تان سموري سنڌ تي ميارون پئي اُڇلي ته: ’توکان پوءِ ڪير اسان جي، سپرين لهندو سار‘، انسان جوڪردار، ان جون عادتون ۽ رويا فطرت ٺاهيندي آهي، پر ڪي انسان اهڙا بي لوچ، جرئتمند ۽ ضبط نفس ٿيندا آهن، جيڪي فطرت کي ئي هڪ اهڙو ڪردار ارپي ويندا آهن، جن لاءِ ورهيه ڳائيندي به اتان جي ڌرتي ۽ سندس عاشق ناهن ٿڪبا. صادق سنڌ جي اها صدا هو جيڪا جڏهن ’ٺٽي‘ جي جشن لطيف مان اٿي، سنڌ ۾ ڦهلجندي هئي ته ڪارونجهر جا سُور ۽ ڀوڏيسر جون دليون سندس ساز ۽ سنگيت ٿي پوندا هئا.
    ائين لڳندو هو ڄڻ هن جي آواز کي ڪنهن ساز بينجي يا بانسريءَ جي ضرورت نه پوندي هئي. اُهي فطرت جا عجيب رنگ هئا. جڏهن هُو بغير سازن جي به ڪنهن ڪچهري ۾ ڳائيندو هو ته لڳندو هو ته ڄڻ هن جي آواز ۾ ڀٽائيءَ جي تنبوري تي ڪيل آڱرين جو رقص موجود آهي. مٺيءَ جي گڍي ڀٽ تي ٻُريل انهن صدائن کان وٺي ڪينجهر جون مدهوش لهرون اڄ صادق لاءِ ڪوڪون ۽ ڪيهون ڪري سراپا بڻيل آهن.
    اياز جي شاعريءَ کي هي پهريون اهڙو آواز مليو هو، جنهن جي ڳولا شيخ اياز کي ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي تائين رهي ۽ پوءِ هن اياز کي ڳايو، رڳو اياز جي شاعريءَ کي نه. ان جي ڳالهه ڳالهه کي ڳايو، اياز جي ان شاعريءَ کي لباس ڏنو، جيڪا شاعري سنڌ جي هر نوجوان جي دل جو آواز بڻجي وئي.
    اڄ سنڌ جي هر گلي، هر ڳوٺ خاموش ٿي ويو آهي. گونگيون ٿي ويون آهن اهي سڀ صدائون، جيڪي صادق ڦول واڙين جا ڪري سنڌي موسيقيءَ جي کيت ۾ پوکيون هيون. اڄ هزارين اکين جون لکين لڙيون ان ’ميت‘ جي انتظار جي آجيان ۾ آهن، جنهن هڪ پياءُ کي پرچائڻ لاءِ ٻه لڙڪ هارڻ جو چيو هو، ڪابه اهڙي ڳراٺي ناهي بچي، جيڪا اهڙي محبوب جي ڳلن تي پائي پرچائي سگهجي.
    صادق سنڌ جي فرسوده ڌرتيءَ جو اهو گوريلو هو، جنهن پنهنجي آواز جي تند سان انهن هڙئي هٿيارن کي شڪست ڏني هئي، جيڪي سماج جي اوچ نيچ، هندو-مسلم مذهبن جي واڏاڻ کي مضبوط ڪري انتها پسنديءَ جي ديوار کڻي رهيا هئا. هنن تن ڏينهن جي المناڪ وڇوڙي مڪي جي رستن تان ’رت‘ جا ڪبوتر اڏائي جيڪو سنڌ ۾ اوڇنگارن جو ماتم برپا ڪيو آهي، ان سنڌ کي غم جي اهڙي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جي بي رحم زخمن جا داغ سنڌ صدين تائين پنهنجي محبوب پُٽ جي اهڙي ’چريائي‘ تي سهندي رهندي. صادق سنڌ جي نوجوانن کي اهڙي غشي ۾ گڏي ويو آهي، جنهن جي آٿت لاءِ ڪوبه آواز ساٿي بڻجي نٿو سگهي. ڪابه تند ڪوبه راڳ هن غمن جي جهان مان جان ڇڏائڻ جي حامي نٿو ڀري. اهي سڀ ڪويلين جون اڏارون ڏينهن ڏٺي جو اگهاڙو ڪوڙ ٿيون لڳن، جيڪي اجايو آسمان جي اڌ اُڀ تي پَر ٽڪائي پرينءَ جي جياپي جو پيغام ٿيون ڏين. سنڌ جي هن انسپائرڊ، ليجنڊ راڳي جي انهيءَ اوچتي وڇوڙي، اڄ ڪيترين ئي دلين جا جذبا ٽوڙي ڇڏيا آهن. اهي هزارين هٿ ڳوڙها اگهڻ ۾ مصروف آهن، جيڪي صادق جي هڪ هڪ سِٽ تي هڪ آواز ٿي تاڙين لاءِ وڄندا هئا.
    صادق فقير سنڌ جي هر جذبي، جوش ۽ ماٺ کي آواز ڏئي پنهنجو فرض نڀايو آهي. منهنجي محبوب جي اهڙي اڻ مندائتي موڪلاڻي پڪ سان اسان جو جيءُ جهوري وئي آهي، پر هن مٽيءَ جو هر زندهه دل دوست پنهنجي ايمان جي سچائي ۽ ضمير جي گواهيءَ سان اِهو مڃڻ کان ڪڏهن به انڪاري ڪونه ٿيندو ته صادق ۽ ان جي ڇڏيل آواز جا پڙاڏا مرڻ گهڙيءَ تائين صادق جي سنڌ-هند کان وٺي پوري پورب تائين پکڙيل ڪروڙين مداحن ۾ گونجندا رهندا. سندس آواز ’امر‘ ٿي سنڌ تي اڀرندڙ هر نئين سج کي سرخ سلام ڏيندو رهندو.


    ستارن به روئي ڏنو : منصور سيتائي

    گلابن به منهن ٿي پٽيو،
    ۽ خارن به روئي ڏنو
    هليو وئين ته هڪڙو نه مان،
    هزارن به روئي ڏنو
    ٿيا سنگيت ڇورا ڇنا،
    ۽ گيتن جو دم پئي گهُٽيو!
    سُرندا به سُڏڪيا پئي،
    ستارن به روئي ڏنو!


    • دل ڌڙڪن جو آخري گره کڻڻ لاءِ چوي ٿي : عزيز قاسماڻي

    سنڌي راڳ جي راڳداريءَ جي سج جهڙي حيثيت رکندڙ صادق فقير جي وڇوڙي زندگيءَ جو سوڳ ڏنو آهي. هن مهان مڙس سان تمام گهڻو پيار آهي منهنجو ۽ منهنجي گهر جي ڀاتين جو.
    محبت وڏي طاقتور ٿيندي آهي، محبت جو پيچ هن سان پئجي ويو. صادق انهن ماڻهن مان هو، جن سان روح جي تار سلهاڙيل هجي ٿي. هن جي ۽ منهنجي دوستيءَ جو محور شيخ اياز هو.
    شيخ اياز سان هن جو پيار مون کي وڌيڪ گھرو محسوس ٿيو. خبر ناهي هن کي ڪنهن ڏسيو منهنجي لاءِ ته مان به اياز سائينءَ جو عاشق آهيان.
    لاڙڪاڻي جي عوامي هوٽل ۾ رهيل هو، فون ڪيائين ته ملڻ اچو.
    فنونِ لطيفه سان منهنجو لڳاءُ ٻالڪپڻ کان ئي رهيو آهي. ڪهاڻن، شاعري ۽ موسيقيءَ سان سٻنڌ رهيو آهي. 1995ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مسلسل ٻه مهينا صادق فقير کي پنهنجي ڪمري ۾ ٻڌندو رهيو هوس ته مون کي هڪ ڏينهن چيو ويو ته هاڻ ان کي نه ٻڌ، يا ٻڌڻ گهرين ٿو ته ڪمري کان ٻاهر وڃي ٻڌ ۽ مان ٻڌندو رهيس، هو چپ ٿي ويا. اها ڳالهه جڏهن مون صادق سائينءَ کي ٻڌائي ته کلي ڀاڪر پائي چپ ٿي ويو، بابا سرمد به ٽهڪ ڏيندو رهيو.
    مٺي شهر جنهن سان منهنجو ناتو ساهه جي تار جهڙو جڙيوآهي، ان جو سبب به صادق ئي آهي. صادق فقير جي وڇوڙي جي ڪري اڪيلائيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جنهن کي مون نظماڻي ڀيٽا ڏني آهي:
    آخري گرهه
    کڻڻ لاءِ دل چوي ٿي.
    علم جهڙي دولت کان،
    مون هٿ ڌوئي ڇڏيا آهن،
    پاڻ کي دنيا جي فقيرن جي
    پيرانديءَ جي لائق به نه ٿو سمجهان!
    سنڌ جي مهان ماڻهوءَ جي.
    ميت کڻائڻ جا پيسا به ناهن!
    دل ڌڙڪڻ جو
    آخري گرهه کڻڻ لاءِ چوي ٿي.
    ۽
    نفرت ٿي وئي پنهنجي اکين سان به.
    ڇو ته ڳوڙهن جي ڪيرڻ ۾
    وٿي ٿيون آڻين.
    هي جذباتي لمحا آهن ضرور، پر انهن لمحن جي تاريخ تي هڪ گهري نظر رکان ٿو . اڻ ميو پيار انهن لمحن جي ميراث آهي. هن جي محبت جو انت نه هو. هو سنڌ ڌرتي، مهان ڪوي شيخ اياز ۽ موسيقيءَ سان بي انت محبت ڪندو هو. پنهنجي قوم جو درد رکندو هو. الا ئي ڪيترائي ڀيرا سياسي، ادبي ۽ سماجي معاملن تي بحث ڪندا هئاسين.
    علمي طرح به هو تمام پختو ۽ سوچي سمجھي راءِ ڏيڻ جو هنررکندو هو. ذات جي حوالي سان منگتو مڱڻهار ته هو. مٺي شهرجي هنج ۾ ان ذات وارن ۾ شاهه هو. هن جي وڏائيءَ جو ذڪر سموري سنڌ سلي ٿي. هڪ ڀيري فون ڪيائين ته ڪنهن دوست جي شادي آهي، ان جي سڏ تي ته اچان ٿو، پر ماني اوهان جي کائيندس ۽ اوهان سان گڏ روئڻ تي دل چوي ٿي. پاڻ سان ڪجهه دوست آهن، انهن کان پر ڀرو ويهي روئنداسين.
    ان ڏينهن صادق سان اياز بجير۽ دليپ ڪمار ڪٺي هئا.
    مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڪو صادق به مايوس ٿي سگهي ٿو.
    انسان جڏهن سماجي محبت جي ٻيڪڙ ۾ اچي ٿو ته لمحن جي لاءِ سيرَ اچي ٿي وڃي، پر هن جون محبت جون ڪيئي نديون وهنديون هيون. سنڌ جي پوري سرزمين کي سيراب ڪنديون هيون. سنڌي ٻوليءَ سميت هن ٻين ٻولين کي به پنهنجي آواز سان سرسبز رکيو، شاداب ڪيو، نغارا وڄايا، نينهن جي مينهن جا وسڪارا ڪيا. مٺيءَ جي ڳلين سميت پوري هند ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دل جي آبياري پنهنجي مڌر آواز سان ڪئي. هن پورو جوڀن راڳ کي ڏنو ۽ موسيقيءَ هن کي ڪيئي چنڊ ارپيا.
    مون سهسين سج هن جي آواز جي قدمن ۾ آرامي ڏٺا. مون منهنجي غريب خاني سميت ڪيترن ئي هنڌن تي اهي آتا شاعر ڏٺا، جيڪي پنهنجي شاعريءَ کي هن جي آواز جي مينڍ ۾ ٻڌڻ لاءِ بيتاب هئا. هن جي ڳائڻ جي سليڪشن نهايت خوبصورت رهي. هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي چونڊ ۾ ڪوبه ڦيرو يا تبديلي نه آندي.
    سنڌ امڙ سان صادق جي پيار جو ناتو اڻٽٽ آهي. سنڌ هن جي ماتا ڀومي آهي، هن پنهنجي امڙ سان بي بها پيار جو اظهار شيخ اياز جي شاعريءَ وسيلي ڪيو آهي، ان کان سواءِ سندس رومانوي شاعريءَ جي چونڊ لاجواب رهي آهي.
    مهان ڪوي شيخ اياز، سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي وجود تائين پڙهيو ويندو ۽ مهان راڳي ڪُل جُڳ جو ڪلاڪار صادق فقيرجنهن جو آواز به ڌرتيءَ جي موجودگيءَ تائين گونجندو رهندو.
    هن جوڌي سان گھاريل گھڙيون ايتريون آهن، جي ساريان ٿو ته اندر جي دلي ڪيفيت کي ڪيترو به روڪيان ٿو ته به سيمو ڪري پاڻي ٿي آڻي. هاڻ ته هن نالي ٻڌڻ ساڻ ئي لڙڪ پبڻين تائين ايندي سجدي ۾ هليا ويا.
    موت تي ڪائي ميار ناهي. صادق فقير جي وڇوڙي جي ڪري سنڌي گائڪيءَ جو تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، منهنجي نظر ۾ ته شيخ اياز جي شاعري کي وري ڪو ههڙو راڳداريءَ جو واقف راڳي نه ملندو. هن جو موت جوانيءَ ۾ ٿيو آهي، سنڌي موسيقي ڪيترائي ڏهاڪا رڃ ۽ بيابان ۾ رهندي، مٺيءَ جي ماڻهن سميت دوستن کي ساهه ۾ تڪليف هجڻ جهڙي زندگي ڏئي ويو آهي هن جو وڇوڙو. صادق فقير کي لحد ۾ لاهيندي اهو محسوس ٿيو ته شيخ اياز به ان لحد ۾ لٿل آهي.
    مان پهريان هڪ غزل جي ڳالهه ضرور ڪندس، جيڪو فلسفي جي حوالي يا خيال جي حوالي سان اهو محسوس ٿو ٿئي ته هن قسم جي شاعري اهو گائڪ ئي ڳائي سگھي ٿو، جيڪو سياسي ۽ نظرياتي حوالي سان بالغ هجي ٿو.
    جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾،
    ڪالهه کان ڳالهه سا آهه انسان ۾.

    آءٌ زنجير پائي به آزاد هان،
    تون ته ظالم سدا آهين زندان ۾.

    هو ته مون کي چتا تي وٺي پئي ويا،
    مينهن برسي پيو ڪالهه شمشان ۾.

    عشق تنهنجو اياز آهه انسان سان،
    هُو چون ٿا ته تون نانهه ايمان ۾.

    هي اهو الستي آواز آهي، جنهن سچ کي پڳ پهرائي آهي. هي اهو آواز آهي، جنهن صبح کي اچڻ جي اجازت ڏني، هي اهو آواز آهي، جنهن مسجد، مندر ۽ ڪليسا جي ڪانسن تي بيهي محبت جي مرلي وڄائي آهي. هي اهو آواز آهي، جنهن درد جي سورج کي هٿ ڏيکاريو ته سج چوماسي جي مند جو آسڻ ٿي ويو. هي اياز جواهو آواز آهي، جنهن انقلاب جي پيرن ۾ ميندي هنئي.
    هي اهو سر آهي، جنهن کي ممتا جي ڇاتيءَ سان ٻکيل ٻار به ڪنائي ٻڌڻ جي ٿو ڪري. هي اهو آواز آهي، جنهن تي ٻابيها، هڙهيا، چيها، ڊيلون ، مور ۽ سنڌ جا عاشق اچي مڙندا آهن. هي اهو آواز آهي، جنهن سان رٺل دلين سميت نينهن جا نڪاح پئجي ٿا وڃن. هي اهو آواز آهي، جو سنڌيونيورسٽيءَ جي لڱن ۾ سنئادڙيون اڀري ٿيون اچن، هي اهو آواز آهي، جنهن جي وڃڻ کان پوءِ ڳوڙها سمهڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.
    صادق ته مهان ماڻهو هو، اڻ ميو پيار ڏيندڙ انسان هو، محبتن جا مڻ هئا هن وٽ. منهنجي گھر جي ورانڊي ۾ هن جو آواز اڄ به گونجي ٿو، جڏهن جڏهن بابا سرمد چانڊيي جي صحت پڇڻ آيو هو. بابا، امان، مان، منهنجي زال ۽ منهنجا دوست، منهنجا ڀائر سڀ گڏ ساڻس ويٺا هئاسين، هن اياز جي گيت کي آلاپڻ کان انڪار ڪيو ته امڙيون ويٺيون آهن عزيز! مان هجت جا مڻ اڇلايا، بابا چيس صادق هي نه مڙندو. ’ٻاٻيهو ٻولي‘ جڏهن ڳايائين ته روئي پيس، جو مون کي اياز جهڙو امر ماڻهو ياد آيو هو. صادق ڳراٽڙي پائي منهنجي ڳوڙهن کي سمهاري ڇڏيو هو ۽ اڄ اهي ڳوڙها سمهڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.


    • سُرن جا ساهه ڪوماڻا : سائل پيرزادو

    سُرن جا ساهه ڪوماڻا،
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي،
    حياتي موت جا ماڻا،
    سرن جا ساهه ڪوماڻا
    اُداسي روح ۾ راڻا،
    لٿي حسناڪ مٽيءَ تي،
    سرن جا ساهه ڪوماڻا
    مڪي جي پاڪ مٽيءَ تي!


    • ٿر جي ٻاٻيهي جو وڇوڙو : ڀڳڙو مل ’ناچيز‘

    تمام گھٽ اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري ڌرتيءَ تي اڻمٽ نشان ڇڏي ويندا آهن. صادق به ٿر جو اهو مهان ماڻهو هو، جنهن مختصر ڄمار ۾ پنهنجي ڏات، عاجزي، اخلاق ۽ اعلى ڪردار جي ڪري سڄي سنڌ ۾ هڪ منفرد مقام ۽ سڃاڻپ قائم ڪئي.
    جيئن ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مارئي، حب الوطني جو اعلى مثال آهي، تيئن صادق جي اندر ۾ به مٽي سان محبت ۽ حب الوطني جو هڳاءُ سمايل هو. صادق اهو فقير منش انسان هو جنهن راڳ کي عبادت سمجھي ڳايو. سندس گيتن ۽ غزلن ۾ درد ۽ سوز سان گڏ مٽيءَ جي محبت واضح نظر اچي ٿي.
    سندس اوچتي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جي فضا سوڳوار ٿي وئي آهي، مٺيءَ جي ته هر گهٽيءَ ۾ سوڳ جو عالم آهي ۽ هر اهلِ دل ماڻهو سندس وڇوڙي کي سنڌي موسيقيءَ جو وڏو نقصان سمجھي رهيو آهي.
    صادق جو هونئن ته هر ماڻهوءَ سان پيار وارو رشتو هو، هر ماڻهو کيس پنهنجو محبوب سمجھي ٿو، پر مون ناچيز کي به سندس پيار ۽ صحبت نصيب ٿي ۽ دوستيءَ جو هڪ گهرو تعلق جڙيل رهيو. کوڙ ساريون ڳالهيون آهن ڪيتريون ويهي لکجن!
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف منهنجي سالي جي شادي هئي ۽ ٻئي طرف ڊگهڙي ۾ مالهين جي شادي هئي، جنهن ۾ صادق کي محفل جي دعوت ڏنل هئي. آئون به مٺي وڃي صادق کي شادي جي دعوت ڏيئي آيو هئس. شادي جي ڏينهن مٺيءَ جي ڪنهن دوست کانئس فون ڪري پڇيو ته سائين: ڀڳت وٽ هلڻ جو ڇا پروگرام آهي؟ صادق کيس چيو ته: يار ڊگھڙي واري دعوت ۾ لک سوا گھور ملندي، پر ڀڳت ڀڳڙي وٽ هلڻو پوندو ۽ مکڻيا به گھر جا وٺي هلڻا پوندا! پوءِ منهنجي دعوت تي اسلام ڪوٽ آيو، سڄي رات ڳائي صبح ڪيائين. صادق اسلام ڪوٽ جڏهن به ايندو هو ته وڌ ۾ وڌ مون وٽ ويهندو هو. هونئن ته زندگيءَ جي سفر ۾ ساڻس ڪيتريون ئي محفلون ۽ ملاقاتون رهيون، پر ساڻس آخري ملاقات ڊاڪٽر سوني کنگھاراڻيءَ جي گھر ڪنهن پروگرام ۾ ٿي.
    صادق سان گھاريل هر هڪ پل اڄ ذهن تي تري ٿو اچي، سندس ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن، جن کي لکڻ ٿو ويهان ته اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون اچن.
    اڄ صادق اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر ڏات، راڳ ۽ ساروڻيون سدائين سنڌ سان گڏ رهنديون.
    سنڌي موسيقيءَ جو هي امر ڪردار آڪاس ۾ ڪنهن ستاري جيئان جرڪندو رهندو.

    ٻڌي صادق موت جو، رُنو سُر ۽ ساز،
    وڇڙي ويو آواز، ساري هن سنسار کان.



    • توکان ٿيندي ڌار: ممتاز نهڙيو

    سنڌ جون آليون اکيون پنهنجي محبوب صادق فقير جو منهن ڏسڻ لاءِ اوسيئڙي جي پلصراط تي ٽنگيل آهن. صوفين جي گيڙو رنگ ۽ ڪنهن درويش جي دل وانگي بي داغ سنڌ جي ڌرتي، ڪڏهن به ڪنهن جي امانت ۾ خيانت نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنهن جو پاڻي پاءُ پنهنجي پاسي ڪيو هوندو. اها سنڌ جيڪا سڄي دنيا ۾ پيار ۽ محبت سان گڏ برابريءَ جي عظيم روايتن جي اڪيلي امين رهي آهي، جنهن جي زبان تي ’دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين‘ جهڙي دعا رهي آهي، جنهن ڌرتيءَ تي صوفي شاهه عنايت کان وٺي، مخدوم بلاول تائين هزارين مثالي ڪردار وجود رکن ٿا. ان ڌرتيءَ جي سفير صادق فقير کي خبر ناهي عربن جي قانونن ڇو قيد ڪيو آهي؟ صادق فقير ته محبت ۽ امن جو الستي سفير هو، جنهن کي سرحدي قانونن جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ صادق فقير جي وڇوڙي تي سوڳوار سنڌ سان ڏک جو اظهار ڪندڙ عالمي ضمير سعودي حڪومت کان اهو پڇي سگهندو ته ڇا سنڌ ۾ ايندڙ عرب سڳورن سان ڪڏهن سنڌ اهڙو ورتاءُ ڪيو آهي؟ جهڙو ورتاءُ هو سنڌ ڄائي سان ڪري رهيا آهن. هن وقت جڏهن سنڌ سڏڪن ۽ لڙڪن جي ساگر ۾ ٻڏل آهي. هر طرف درد ۽ پيڙاهه جي دانهن گونجي ٿي، سمورو آسمان سنڌجي سڏڪن جو پڙاڏو بڻجي ويو آهي. ان وقت صادق فقير جي صدمي کان وڌيڪ ٻيو ڪو به گهاءُ برداشت ڪرڻ جي سنڌ ڌرتيءَ وٽ سهپ ناهي رهي، جنهن کي وڌيڪ برداشت ڪري سگهجي. صادق فقير سنڌ جي زبان هو، جيڪا ته اسان کان کسجي وئي، پر سندس وکري ويل وجود اسان کي ملڻ ايڏو مشڪل ڇو بڻايو ويو؟ صادق فقير جنهن لاءِ سموري سنڌ دلين ۾ تعزيتي تڏا وڇائي ويٺل آهي ۽ اسان جا احساس ڪنهن ڏهاڳڻ جي اڻپورن ارمانن جي درد جو نوحو بڻجي ويا آهن. صادق فقير! جنهن جي آواز ۾ ڌرتيءَ جي دانهن به هئي ته وري آجپي ۽ خوشحاليءَ جو سهانو تصور به هو. صادق فقير ٿر جي ڀٽن مان ڦٽل درد جو اهڙو گيت هو، جنهن جي آلاپن ۾ سُرت ۽ ساڃاهه سنڌ کي سجدا ڪندي نظر ايندي هئي، ڪنهن کي خبر هئي ته ماکيءَ جهڙو مٺڙو ماڻهو، ايترو جلدي موڪلائي ويندو ۽ اسين سنڌ جي سفير کان هميشه لاءِ محروم ٿي وينداسين. سنڌ پنهنجي زخمي سيني تي نه ڄاڻ ڪيترا گهاءُ برداشت ڪيا آهن، پر صادق فقير جي وڇوڙي سنڌ کي وڌيڪ صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اها سنڌ جيڪا محبوب راڳيءَ جي وڇڙي وڃڻ تي سڏڪي ٿي، صادق فقير، جنهن جي آواز ۾ ماکيءَ جي لار جهڙو ميٺاج به هو ته وري مور جي ٽهوڪن جهڙو درد به هو! جنهن جي صدا ۾ ڪارونجهر ۽ ڪجلاسر جي خوشبو به هئي ته وري ڀٽائيءَ جي فقيرياڻي گنگا جٽڻ جي روح جا احساس به هئا، جنهن جي اکين ۾ خوشحال سنڌ جا حسين خواب به هئا ته وري ڌرتيءَ جي درد جو درياءُ به ڇوليون هڻندو هو. ان صادق فقير جي وڇوڙي تي ڀلا ڪهڙي ڪنور دل نه رنو هوندو! هاڻي ته اسان جي لڙڪن کي ڪو اُگهڻ وارو به نه بچيو آهي، جيڪو ڳراٽڙي پائي پرچائي وٺي! جيڪو اسان جي وکري ويل وجودن کي ميڙي مٺ ڪري! اسين بلڪل اڪيلا ٿي ويا آهيون. اسين لاوارث ۽ ڇورا ڇنا ٿي ويا آهيون. مٺي شهر جون سموريون گهٽيون ڪنهن مرده خاني جي قافلن جون لٽيل ويران وستيون لڳن ٿيون، جنهن ۾ هر ڪو ماڻهو پناهه جي ڳولا ۾ ڊوڙي پيو، پر ڪنهن کي به پناهه ملڻ جي اميد نٿي نظر اچي.
    اهو صادق فقير جيڪو سموري سنڌ جيان مٺيءَ جي به سمورن سڄاڻ دوستن کي گڏ ويهاري ننڍڙن ننڍڙن اختلافن ۽ وڇوٽين جو وجود ختم ڪري ڇڏيندو هو. اهي سمورا دوست اڄ اهڙي شفقت کان محروم بڻجي ويا آهن ۽ سموري سنڌ جي ٽٽي ويل مالها جي مڻين جيان وکري ويا آهن، جن کي صادق فقير گڏ ويهاري هڪٻئي کي هينئين سان هنڊائڻ ۾ مهارت رکندو هو. صادق فقير کانسواءِ مٺي ۾ هوليءَ جي تهوار جون رنگن واريون رسمون پڻ بي رنگ بڻيل آهن. سندس ڳايل اهو گيت ته ’هولي آئي هولي ڙي، ڪنهن به اسان تي رنگ نه هاريو‘ اڄ حقيقت جو روپ وٺي ويو آهي. صادق فقير جيڪو هندن جي تهوارن جي ٿيندڙ وڏن پروگرامن جو پڻ اڪيلو آرگنائيزر ۽ مهندار هوندو هو، سندس وڇڙي وڃڻ تي رنگ ڪنهن منحوس مٺ ۾ بند ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي ته امر جڳديش ملاڻي جي پٽ سشيل ملاڻي سڄي ٿر ۾ صادق فقير جي سوڳ ۾ هوليءَ جو تهوار سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ رامچندر جي بنواس ڪاٽي واپسي تي صدين کان ٿيندڙ هوليءَ جي جشن جون سموريون تقريبون معطل ڪري ڇڏيون آهن. صادق فقير، جنهن جي اکين ۾ سنڌ جو درد لڪيل هو ۽ خوشحاليءَ جا خوبصورت خواب پناهه وٺي ويٺل هئا، ان صادق جي وڇڙي وڃڻ واري خبر هزارين ارمانن ۽ احساسن کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو ۽ لکين دلين کي ماتم تي مجبور ڪري وڌو آهي. صادق فقير هڪ راڳي سان گڏ ذاتي زندگيءَ ۾ ايڏو وڏو ماڻهو هو، جنهن جي شخصيت تي لکڻ لاءِ سچ پچ ته لفظ ساٿ ڇڏي وڃن ٿا ۽ لفظ صادق جي ڪردار سان انصاف نه ڪري سگهڻ جو درد بيان ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
    صادق فقير 20 مارچ 1964ع تي ڏيپلي جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ سندس والد فقير فيض محمد (جيڪو روينيو کاتي ۾ تپيدار هو) جيڪو مٺي شهر ۾ آباد ٿيو، ان گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير پنهنجي ڳائڻ جي غير رسمي شروعات اسڪول جي پروگرامن کان ڪئي. پنهنجي مامي حسين فقير کان راڳ جي باقاعدي سکيا وٺندڙ صادق فقير 1982ع ۾ جڏهن اياز گل جي وائي ’توکان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيار لار ڪري‘ پهريون ڀيرو رڪارڊ ڪرائي ته سندس آواز نه رڳو سموري سنڌ ۾ گونجڻ لڳو، پر ان وائيءَ کي وڏي مڃتا ملي، جنهن بعد صادق فقير شاهه لطيف، شيخ اياز، حسن درس، آڪاش انصاري، حافظ نظاماڻيءَ کان وٺي سنڌ جي انهن سمورن صوفي ۽ سنجيده شاعرن جي شاعري پنهنجي مڌر آلاپن جي لباس سان سنڌ جي اسٽيجن تي ڳائي وڏو مقام ماڻيو. صادق فقير جا اهي گيت ’سکي پيا کي ملي ته چئجان‘، ’سنڌ جاڳي پئي‘، ’اڌورا اڌورا‘ ۽ ٻيا جڏهن سنڌ جي واهڻ وستين ۾ گونجڻ لڳا، تڏهن سچ پچ ته سموري سنڌ صادق جي عاشق بڻجي وئي ۽ صادق فقير سان پنهنجي محبوب جيان محبت ڪرڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ صادق فقير اڄ جسماني طورتي اسان وٽ موجود ناهي، پر سندس آواز جا پوپٽ صدين تائين سنڌ جي سرزمين تي اڏارون ڪندا رهندا.
    صادق فقير جي خاندان ۾ هن وقت ڪو به باقاعدي ڳائيندڙ راڳي موجود ناهي، پر سندس ٻن پٽن راحت فقير ۽ نزاڪت فقير جي آواز ۾ پڻ صادق فقير جي صدا جهڙو درد محسوس ٿئي ٿو، جيڪي پڻ هن وقت اسڪولن جي پروگرامن ۾ ڌار ڌار گيت ڳائن ٿا، جيڪي پڻ پنهنجي بابا جي رهجي ويل گيتن کي سر سنيگت جو حصو بڻائي سنڌ جي ترجماني ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ کانئس اهڙي اميد پڻ رکي ٿي.



    پيار جا راڳ ته ڇيڙيئه سهڻا،
    ڪيڏا سور سهيڙيئه سهڻا!
    صادق يار، جو راڻو ڳاتئه،
    ڪيڏا ڦٽ اُڍيڙيئه سهڻا،


    -اياز گل


    • مڪي ۾ غروب ٿي ويل مٺيءَ جو سج : ساجد چانڊيو

    اهي عاشق، جيڪي اڌ رات جو اُٿي ’عمر گذري قرار ڳولهيندي، پنهنجو پهريون پيار ڳولهيندي‘ جهڙا ڪلام ٻڌي پنهنجي روح کي راحت بخشيندا هئا، اڄ اهڙن انيڪ عاشقن جون دليون صادق پڄاڻان وڇوڙي جي سور ۾ سراپا سوڳ بڻيل آهن. صادق جڏهن به ڪو ورلاپ آلاپيندو هو ته سندس آلاپ تي عاشقن جون اکيون آليون ٿي وينديون هيون ۽ هو اهڙي آلاپ کي پنهنجي اندر جو آواز سمجھندا هئا. اهڙن عاشقن کي هاڻي صادق جو آواز ٻڌڻ لاءِ نه ملي سگھندو. ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان بي انتها محبت ۽ پيار ڪندڙ صادق فقير پنهنجا ساهه نيٺ پرائي ديس ۾ وڃائي ويٺو. آريسر صاحب چواڻي ته ’مٺيءَ جو سج مڪي ۾ غروب ٿي ويو.‘ چون ٿا ته هو عمري جي سعادت لاءِ سعوديءَ ويل هو، جتي روڊ حادثي ۾ هو پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو. هو، جڏهن پنهنجي ديس کان عمري لاءِ اُسهيو هو ته سندس اهو خيال ۾ به نه هو ته ڪو هو هميشه لاءِ اتي جو ٿي رهجي ويندو ۽ سندس آواز ۾ ڳايل اياز جو هيءُ گيت سچ ثابت ٿيندو ته: ’ڌرتي! تو کي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي ويئي.‘ صادق سموري سنڌ واسين کي وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏيئي هليو ويو. سندس پڄاڻان اڄ سموري ٿر تي ڏک جي چادر اوڍيل آهي. ٿر، جيڪو اڳ ۾ ئي ڏکن جو ڏيهه سمجھيو ويندو هو، اڄ اهو درد جي علامت بڻيل آهي.
    راڳي جو مَنُ ويراڳيل هوندو آهي، راڳي جي صدا عام جي صدا ٿي ويندي آهي، راڳيءَ جا گيت ديس جو املهه اثاثو هوندا آهن، راڳيءَ جو راڳ ئي ان جو ڀاڳ ۽ هڙئي حاصلات آهي، راڳ ۾ ئي سندس جياپو هوندو آهي، راڳ سان سندس سڃاڻپ ٿيڻي هوندي آهي. سنڌ جهڙي عظيم ڌرتيءَ جو اهوئي وڏو ڀاڳ آهي، جو سندس راڳين ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هتان جي اصل پيغام، امن جي سڌ، صوفياڻي ريت ۽ شاندار ثقافت کي اجاگر پئي ڪيو آهي. سنڌ سان ساهه جهڙو پيار ڪندڙ آواز صادق فقير جي سهڻي روپ ۾ ٿر جي صحرا مان آلاپجي ٿو ته سمورو ديس سندس صحرائي ورلاپن تي موهت ٿي کيس ڌيان سان ٻُڌڻ شروع ڪري ٿو، سندس آلاپجندڙ صدا سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ غير معمولي حيثيت رکڻ شروع ڪيو. ٿر جي حسن سان مالامال مِٺيءَ جو مالڪ صادق سڄي سنڌ جو مالڪ ٿي ويو، هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ساڻس پيار ڪندڙ ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌڻ لڳو ۽ ايئن صادق جي گيتن جي گونجار هر هنڌ عام ٿي وئي.
    صادق فقير پنهنجي اندر توڙي ٻاهر هڪ اُجرو انسان هو، سندس من ۾ ڀٽ ڌڻيءَ ۽ اياز جي ملهائتي پيغام جو واسو هو. ڌرتيءَ جي محبت سان سرشار رهندڙ صادق لاءِ ڪنهن ٿي سوچيو ته آخري ساهه پرديس جي مٽيءَ کي ارپڻ ڪندو. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اها خبر ڪيڏي نه ڀيانڪ هئي، جو هڪ روڊ حادثي ۾ ههڙي سهڻي راڳيءَ جي وڇوڙي جو اطلاع مليو. سنڌي ٽي.وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا هن خبر کي پل پل سنڌ جي عام ماڻهن تائين پهچايو ته ڪيتريون ئي اکيون لڙڪن سان ڀرجي اٿلون کائڻ لڳيون، صادق جي ورلاپن جي ياد پرستارن جي جيءَ کي جنجهوڙي رکيو. سندس پڄاڻان اڄ ٿر سميت سموري سنڌ سوڳوار بڻيل آهي. صادق فقير سنڌ ۾ امن، مذهبي رواداري ۽ صوفي ازم جو پرچارڪ هو. سندس سنڌ وطن جي لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، صادق فقير سنڌ جي عظيم شاعرن جي لفظن کي پنهنجي سُريلي آواز سان گائيڪيءَ ۾ پيش ڪري سنڌي موسيقيءَ لاءِ تمام وڏي خدمت ڪئي، سندس اوچتي وڇوڙي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر برپا ڪري ڇڏي آهي، هُن پنهنجي هنر ۽ فن ذريعي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ خدمتون ڪيون، صادق فقير جا ڳايل گيت سنڌي قوم جو شاندار اثاثو آهن ۽ هو ڪروڙين سنڌين جي دلين ۾ هميشه لاءِ زندهه آهي ۽ هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ امر رهندو. جيتوڻيڪ صادق فقير جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويو آهي، پر سندس ڳايل گيت هميشه سنڌيت جو احساس ڏياريندا رهندا.
    اڄ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جا گيت اُٻاڻڪا ۽ اداس آهن، ڇوته کانئن صادق جهڙو راڳي رُسي ويو آهي، اُهو آواز انهن گيتن کي ٻيهار نصيب نه ٿي سگهندو، جنهن لاءِ خود اياز پڻ چيو هو ته منهنجي گيتن کي صادق جهڙي آواز جي ضرورت هئي. سنڌ جي سرموڙ شاعر سرمد چانڊئي تڏهن ته صادق جي وڇوڙي کي دردناڪ محسوس ڪندي هن طرح لکيو:
    ڪيرُ کڻندو ڪينرو ۽
    ڪير ٿيندو روحَ _ راز؟

    ڪير ڳائيندو ايازُ!

    اڄ اياز جا گيت صادق جي وئي کانپوءِ من ڪدي ۾ ماتم ڪري رهيا آهن، جن کي صادق پنهنجي آواز ۾ آلاپي هڪ جدا گانه حيثيت ارپي هئي. صادق جو اياز سان ايترو ته عشق هو، جو هو هر ڪئسٽ ۾ اياز جا گيت ضرور ڪمپوز ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ واسي کيس ’اياز جو فقير‘ ڪري سڏيندا هئا ۽ هو کين مرڪي چوندو هو ته بابا واقعي به مان اياز جو فقير ئي آهيان. صادق، سنڌ جو اهو راڳي هو، جنهن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا وڏائي ڪو نه هئي. هن جي هر ڪنهن سان مرڪي ملڻ ۽ ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. صادق سنڌ جي انهن چند فنڪارن مان هو، جنهن پئسا گهٽ ۽ دوست وڌيڪ ٺاهيا هئا. ڪير به دوست ڪنهن محفل جي کيس دعوت آڇيندو هو ته هو مرڪي قبول ڪندو هو. ايتري تائين جو ساڻن في وغيره ڳالهائڻ به عيب سمجندو هو. بدقسمتيءَ سان صادق جهڙي آواز جو ڪئسٽ ڪمپنين قدر نه ڪيو، پر هو بي قدري جي جهان ۾ به مرڪي جيئڻ وارو شخص هو. هن راڳ کي ڪڏهن به روزگار جو ذريعو نه سمجهيو. هو راڳ کي عبادت سمجهي ڳائيندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن بازار جو وکر بڻجي ڪو بازاري ڪلام نه ڳايو. هو جڏهن به اياز جو ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ آلاپيندو هو ته سامهون ويٺل ماڻهن مٿان سحر طاري ٿي ويندو هو. هن اياز جي ڪيترن ئي گيتن جهڙوڪ: ’ديس ڇڏي پرديس رلي ٿي، سنڌڙي تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سکي پيا کي، مون پيار ڪيو پيار، ايئن وساريو ٿي، ڏيئا اجهاڻا راڻا، ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين، چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، جَرَ جي ڄر ڪنهن، مڻهيار آيو، وڃو ڪويليو وڃو، جڏهن مان نه هوندس، ٿو موڪلايان الوداع، ڌرتي تو کي منهنجي چُمي‘ وغيره ڳائي هڪ ڀرپور حسن بخشيو.
    اڄ جڏهن صادق جو مڙهه پرديس کان پنهنجي ديس پهتو آهي ته ديس جي مٽيءَ کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ اتاولي آهي. اڄ جڏهن کيس مٺي شهر جي مٽيءَ جي حوالي ڪيو ويندو ته صادق جي آواز ۾ ڳايل اياز جو گيت، ’ٿو موڪلايان الوداع‘ صادق جي ئي ترجماني ڪندي هزارين اکيون آليون ڪري ويندو.


    • ساري ٿي تِن کي اُڀري باک بسنت جي! : اياز لطيف دايو

    سنڌ جي اُڀ جي هيٺان، روزانو اداسي ۽ سوڳ جي چادر وڇيل رهندي آهي. ڪڏهن ڪنهن معصوم ٻارڙيءَ سان وحشين جي وحشت سامهون ا يندي آهي، ڪڏهن ڪنهن معصوم جي آپگهات جهڙا جيءُ جهوريندڙ واقعا سامهون ايندا آهن، ته ڪڏهن روڊ حادثن ۾ ڪوئلي جيان ڪلور ٿيل لاش پنهنجي امڙين، ڀينرن ۽ سڀني گهرڀاتين کي پوري حياتيءَ جو روڳ ڏئي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح اداسيون، نراسايون ۽ سوڳ سنڌ جي وجود ۾ سمائجي ويو آهي ۽ انهيءَ سوڳ واري سنڌ ۾ صادق فقير جي ابدي وڇوڙي، سنڌ جي هر انهيءَ روح کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي اندر ۾ لطيف ۽ اياز جا عڪس چٽيل آهن، جيڪي صادق فقير جي الستي آواز ۽ منفرد آلاپن سان لازوال محبت ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته صادق فقير سنڌ جي آسمان جو وهائو تارو هو. سنڌ ڌرتيءَ جو وجود صادق جي دل ۾ سنڌو درياهه جيان ڇوليون هڻندو هو. هن پنهنجي سر ۽ ساز سان سنڌ جي فنڪارن، ڪلاڪارن، شاعرن، ليکڪن، دانشورن ۽ سنڌ جي سڀني ساڃهه وندن جي دلين ۾ هڪ اهڙي جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. صادق جي وڇوڙي تي سنڌ هڪ سدا ملوڪ آواز کان محروم ٿي وئي آهي. اڃا الائي ڪيترا اڻ ڳاتل لفظن جا موتي هئا، جيڪي صادق فقير جي آواز ۾ هڪ آفاقي روپ سان سڄي سنڌ کي جهومائين ها، سنڌ جي نوجوانن ۾ هڪ انقلابي روح ڦوڪن ۽ سنڌ جي دردن ۽ پيڙائن کي هڪ نئين اٿل پٿل سان هلچل پيدا ڪن ها، پر اها حقيقت آهي ته موت جو وحشي ديو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وحشي روپ سان سامهون ايندو آهي ۽ اسان جي وجودن کان اهڙين شخصيتن کي ڇني وٺندو آهي، جنهن سان سوڳ ۽ اداسين جا اهڙا پاڇا من جي پاتال ۾ لهي ايندا آهن، جن کي صرف اندر جي اونهاين سان محسوس ڪري سگهبو آهي ۽ اهڙي ئي درد کي جڏهن صادق فقير پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو هو ته هن اياز گل جي انهن سٽن کي امر ڪري ڇڏيو هو.
    تو کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
    ۽ جڏهن صادق فقير سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي آبِ حيات جهڙي پوتر ڪوتائن کي روپلي ڪولهيءَ جي روح جهڙي امر آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته اياز جا نيڻ برهه جي پهرين ڪرڻن ۾ ماڪ جيان جرڪي پيا هئا ۽ اياز ائين چوڻ تي مجبور ٿي پيو هو ته منهنجي شاعريءَ کي صدين کان جنهن آواز جي ڳولا هئي، صادق جي روپ ۾ اهو ملي ويو آهي. اهڙي مڃتا تاريخ جو اڻ مٽ حصو بڻجي ويندي آهي. حياتي ته هوا جو هڪ جهوٽو آهي، سئو سال جيئرو رهي به انهيءَ عارضي حياتيءَ کي الوداع ڪرڻو پوندو آهي. تنهن ڪري دوام انهيءَ امرتا کي آهي، جيڪا ڌن ۽ دولت جي انبارن سان ڪنهن به صورت ۾ نه ملندي آهي، جيڪا اقتداري ڪاڪ جي ڪوٽن ۾ ڦاسڻ سان به نه ملندي آهي، پر انهيءَ امرتا جو لاڳاپو صرف ۽ صرف روح جي رشتن سان هوندو آهي. جهڙي ڏک جي ڪيفيت صادق جي موت سان سنڌ پنهنجي اک سان محسوس ڪئي آهي، اهڙي ڪيفيت تاريخ ۾ تمام گهٽ ماڻهن لاءِ محسوس ڪئي وئي آهي. سائين ابراهيم جويي اياز جي ڪتاب ’راڄ گهاٽ تي چنڊ‘ جي مهاڳ ۾ اياز جي شاعريءَ لاءِ جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي ايس اليٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ’شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدت ڪار جي ڪاوشن کي تارخ وار ويهي جاچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌي ڏسندا‘ اسان پنهنجي انهيءَ راڳي کي به انهي پس منظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهي اڌما صادق فقير جي ترجماني ڪندا هجن، ڄڻ اياز ڪراڙ ڪنڌيءَ تان صادق فقير کي پڪاريندو هجي:
    اچين ٿو اوٺار، جهوڙا سڀ جهمڪن پيا،
    تڪي تنهنجا يار، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون!


    ۽ شايد صادق فقير به اياز جي لفظن ۾ کيس ڏڍ ڏئي رهيو آهي ته:
    توکان ملڻ کانسواءِ متان آئون مران،
    ڏٺو آنءُ دران، ڏاڍو ويجهو آنهه تون.


    اهڙيءَ طرح اڄ سنڌ پنهنجي انهيءَ آواز کي ڪنهن مارڳ ۾ گم ڪري آئي آهي، جنهن جي سنڌ جي وجود کي اڄ وڌيڪ ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته اڄ مذهبي ڪٽرپڻي سان سرشار نفرت جون نرسريون سنڌ جي صوفياڻي سرشت کي زخمي ڪري رهيون آهن. سنڌ جا شهر سوات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي رواداري اڄ پنهنجي مُک تي دک جون ريکائون پسي رهي آهي. سنڌ جي وجود ۾ ڄڻ آوي پچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ صادق فقير جهڙن ڪلاڪارن جي شدت سان ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته صادق فقير ڄڻ خليل جبران جي گل جو گيت بڻجي سنڌ واسين سان مخاطب ٿي رهيو آهي ته مان اهو لفظ آهيان، جنهن کي فطرت پنهنجي زبان مان ادا ڪيو ۽ وري واپس وٺي پنهنجي دل جي تهن ۾ لڪايو، تنهن کانپوءِ ادا ڪيو، مان اهو تارو آهيان، جو آسمان جي نيري خيمي مان سرسبز غاليچي تي ڪريو، مان عناصير جو اهو پٽ آهيان، جنهن جو ٻج سياري جي پيٽ ۾ سنجويو ۽ جنهن کي بهار ڄڻيو ۽ جو انهاري جي هنج ۾ جوان ٿيو ۽ جنهن کي خزان سمهاري ڇڏيو، مان ماڪ جي ميءَ پِيان ٿو، ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌان ٿو ۽ گاهه مان نڪرندڙ سريلي آواز تي ناچ ڪيان ٿو، مان روشنيءَ کي ڏسڻ لاءِ هميشه مٿي ڏسندو رهان ٿو ۽ پنهنجي پاڇي کي ڪڏهن به نٿو ڏسان ۽ هي اها حڪمت آهي، جنهن کان انسان اڄ ائين اڻ واقف رهيو آ هي.
    تنهن ڪري صادق فقير جي وڇوڙي جي درد ۽ انهيءَ ڪيفيت کي نصير مرزا جي دل ۾ جهاتي پائڻ سان به ڏسي سگهجي ٿو ته انهيءَ ڪيفيت کي ڏهرڪيءَ جي انتهائي خوبصورت شاعر جميل سموري جي وجود مان به پسي سگهجي ٿو، جنهن صادق جي موت جي خبر ٻڌندي ئي نه صرف لڙڪ لاڙيا، پر هو ڪلاڪن تائين سڏڪن ۾ ورتل هو. صادق فقير سان اها محبت سڄي سنڌ انهيءَ ڪري پنهنجي وجود ۾ سمائي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هن به پنهنجي وجود ۾ پوري سگهه سان سنڌ جي وجود کي سمائي ڇڏيو هو. صادق فقير کان اڳ به سنڌ ۾ فنڪار هئا، سندس وڇوڙي کانپوءِ به سنڌ ۾ فنڪار ايندا رهندا، پر جهڙي طرح شاهه لطيف ۽ اياز جو سنڌ خال ڀري نه سگهي آهي. اهڙيءَ طرح صادق فقير جو خال ڀرجڻ به مشڪل آهي، پر صادق فقير کي اسان اهڙيءَ طرح ڀيٽا ڏئي سگهون ٿا ته سندس فن کي محفوظ ڪري نه صرف پوري سنڌ، پر پوري دنيا جي سنڌي ماڻهن تائين پهچايون. اهڙيءَ طرح سان صادق فقير جي روح کي تسڪين ڏئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اياز به اهڙين اکڙين کي ساريندي چوي ٿو:

    رڻ ٻارڻ ٻاري ويا، آڌيءَ اٿيءَ جي،
    ساري ٿي تن کي، اُڀري باک بسنت جي.


    • جوڳِيڙو ٿَي تِنا جوئِيس : تولارام سوٽهڙ

    ٿر جي مٽيءَ جي مهڪ، علم ادب ۽ راڳ جي خوشبوءِ سان واسيل آهي. هڪ نه ٻئي دور ۾ هتي اهڙن فنڪارن جو جنم ٿيندو رهيو آهي، جن مٽجندڙ مزاجن، وقت جي نزاڪت ۽ مقامي حالتن پٽاندر راڳ پيش ڪري موسيقيءَ کي پرواز جا اُوچا پر عطا پئي ڪيا آهن. اهي سڀ فنڪار جيڪي پاڻ ته غريب هئا، پر هنن ٿر کي اهو ورثو عطا ڪيو، جنهن جي وارثي ٿئي ته هوند ٿر علم ادب جو ڳڙهه بڻجي پوي. ٿر جو البيلو راڳي، صادق فقير به انهيءَ تسلسل جي هڪ ڪڙي هو، جنهن جديد ڪلاسيڪل سنڌي گائڪيءَ کي نوان موڙ ۽ نوان رنگ ارپيا. ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، اگر چيو وڃي ته هُو سنڌ جو غزل مائسٽرو هو.
    سدا ملوڪ راڳي صادق فقير پنهنجي آواز ۾ ٿر جي مارن جون مُرڪون، موسيقيءَ جي مينڍن ۽ مُرڪن ۾ شامل ڪري، سنڌ جي ثقافت کي لازوال ۽ خوبصورت بڻائي، ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ڏات جي ديوي هن جي ڪلا تي هميشه مهربان رهي هئي، پر تازو خميس (26 فيبروري 2015ع تي) جي شام مڪي مڪرمه ۾ روڊ حادثي ۾ ٿر جي جديد گائڪيءَ جي هن راڻي جي اوچتي وڇوڙي سندس هزارين دوستن ۽ چاهيندڙن سميت برادريءَ توڙي سموريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
    جديد ڪلاسيڪي ۽ لوڪ شاعريءَ کي پنهنجي ورسٽائيل انداز ۾ ڳائيندڙ، دور حاضر جي مشهور فنڪار ۽ اديب راڳي صادق فقير جو تعلق ٿرپارڪر جي مڱڻهار قبيلي سان هو، هن مٺيءَ ۾ جنم ورتو. ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺيءَ ۾ پي. ٽي ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. هو هڪ نفيس انسان ۽ وڏو مهمان نواز هو، مون سدائين چهري تي هلڪي مُسڪراهٽ ڏٺي. صادق فقير ڳائڻ جي شروعات ڪاليج جي دور کان ڪئي. موسيقيءَ جي شروعاتي سکيا پنهنجي مامي حُسين فقير کان ورتائين، جيڪو پڻ سٺو راڳي ۽ موسيقار هو، جنهن تي ڪجهه سال اڳ مٺيءَ جي اديب ڊاڪٽر شنڪر لوهاڻي تمام سٺو جامع مضمون لکيو هو.
    هن شيخ اياز جي ڪيترن غزلن، نظمن ۽ گيتن کي ڳائي مشهور ڪيو. شيخ اياز کيس اهو آواز قرار ڏنو هو، جنهن جي کيس تلاش هئي. سنڌ جو ادبي حلقو کيس تمام گهڻو پيار ۽ پسند ڪندو هو. سندس ڳايل گيتن ۽ غزلن: ’تو کان ٿيندي ڌار‘، ’سکِي پِيا کي ملين ته چئجان‘، ’اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا‘، ’هيءَ سَين نه ڏيندي چين‘، ’اهڙو منهنجو ٿر آ‘، ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري‘، ’محبت هيڪلي آهي‘، ’سنڌ جاڳي پئي‘، ’سنڌ منهنجي امان‘، ’جوڳيڙو ٿي تِنا جوئيس‘ کان سواءِ ڪيترا مشهور ڪلام مشهوري ماڻي چڪا آهن. اياز گل جي وائي ’تو کان ٿيندي ڌار‘ هن تڏهن ڳائي هئي، جڏهن ناليوارو اديب ۽ ممتاز دانشور تاج جويو مٺيءَ ۾ ليڪچرار هو. مٺيءَ جي وڏي ڀٽ ’گڊي‘ تي ڪريم فقير پڪواز تي سنگت ڪري رهيو هو ۽ صادق جو آواز فضائون چيري ماحول کي درد وند بنائي رهيو هو.
    جيئن ته ٿر جي موسيقيءَ، مختلف ثقافتن جي سنگم سان جنم ورتو آهي، جنهن ۾ مارواڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ گجراتي/ سنڌي موسيقيءَ جو ميلاپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا لوڪ گيت دنيا ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌا وڃن ٿا. صادق انهن لوڪ گيتن کي جديد رنگ ۾ ڳائي مشهور ڪيو. صادق جو ڳايل ڍاٽڪي ڪلام ’جوڳيڙو ٿي تنان جوئيس، چَتونڙو ٿي پنجري هون رهيس، مانهجا پرديسي پريه...‘ جڏهن ٿر جي ڀِٽن تي ماروئڙن وٽ ٽيپن ۽ موبائلن ۾ وڏي آواز وڄي ٿو ته ماحول روميءَ جي ’مي رقصم‘ جيان ٿي پوندو آهي.
    صادق جڏهن شيخ اياز جا غزل ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ ۽ ’جواني نه رهندي‘ ڳائيندو هو ته سامهون ويٺل اپسرائن جي هٿڙن جا گُلاب ٽِڙڪي پوندا هئا، اهڙو هڳاءُ ٿيندو هو، ڄڻ ڪائنات جا فرشتا موسيقيءَ جي رمزن تي رقص ڪري رهيا هجن....
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهندو هو. هو سنڌ کان سواءِ پنجاب، بهاولپور، بلوچستان، خيبر پختونخوا، انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلنڊ، آمريڪا ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وڏي عرصي کان واڳيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏ هڪ عرصي لاءِ سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ هن وقت سگا شاخ مٺيءَ جو صدر هو.
    مون صادق فقير سان ٽي چار سفر گڏ ڪيا هئا. گڏجي ننگرپارڪر گهمياسين. 2009ع، ۽ 2013ع ۾ ننگرپارڪر جي دورن ۾ صادق جو اسان سان ساٿ شامل رهيو. هو جڏهن به مٺيءَ ۾ ملندو هو ته حيدرآباد جي سنگت جو پڇندو هو. ڏياري يا ٻين ڏڻن تي ياد ڪندو هو. جڏهن اسان جي آفيس جي هال يا سنڌ ميوزيم ۾ صادق جو پروگرام هوندو هو ته مون سميت هزارين سندس چاهيندڙ اچي گڏ ٿيندا هئا.
    صادق، ڀٽائيءَ جي درگاهه جي آڳر ۾ ڳائي، يا ٽي وي چنئلن تي، اياز ۽ ڀٽائيءَ کي گُنگنائي يا وسڪاري دوران دوستن جي هجوم ۾ ساڙڌري يا ڪاسٻي ۾ ميران ۽ ڪبير جا گيت آلاپي، هر هنڌ ٻڌندڙ کيس وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا، اها سندس بهترين ذوق ۽ ٻڌندڙن جي مزاج موجب شاعريءَ جي سليڪشن جو ڪرشمو هو. گذريل سال چاچا رسول بخش درس، تاج جويي، ايوب کوسي، موهن مدهوش سان گڏ جڏهن ننگر گهمڻ ويا هئاسين ته صادق ۽ ڪرشن شرما جو ساٿ شامل رهيو، چاچا رسول بخش درس سموري سفر ۾ استاد صادق سان موسيقيءَ ۽ سنگيتڪاريءَ تي گفتگو ڪري رهيو هو.
    صادق سخي دل انسان ۽ فنونِ لطيفه سان وڏو عشق رکندڙ انسان هو. جڏهن ساڻس موسيقيءَ تي ڳالهائيندي ماڙيچا ۽ گواليار گهراڻن جي وقت جي وڏن گوَين جو ذڪر ڇِڙندو هو، ته هو دل ئي دل ۾ کين وڏي عزت سان داد پيو ڏيندو هو. هو سنڌ جي انهن چند گلوڪارن منجهان هو، جن جي ڳايل گيتن کي وڏا اسڪالر، اديب ۽ سنجيده ذوق انسان پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٻڌندا آهن.
    صادق جي آواز ۾ ٿر جو درد سمايل هو، هن پنهنجي خوبصورت آواز ذريعي سنڌ توڙي دنيا ۾ سنڌي موسيقيءَ جي چاهيندڙن جي ذهنن تي پنهنجي گائڪيءَ جا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. هو ڀٽائي، اياز، استاد، اياز گل، حسن درس ۽ ايوب کوسي کي لفظن جي خوبصورت ادائگيءَ ۽ درست تلفظ سان پيش ڪندو هو. اهڙي پيشڪش ٻئي ڪنهن فنڪار وٽ گهٽ ملندي آهي.
    سندس اوچتي وڇوڙي سبب سنڌي موسيقيءَ ۾ پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. مون کي پڪ آهي ته لکين ٻُڌندڙن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۾ صادق جو جيءُ وڏي عرصي تائين جاودان رهندو. اسان جي نون اڀرندڙ فنڪارن کي پڻ گهرجي ته هو ٿر جي هن قسم جي امر ڳائڻن ۽ گوَين جي فني صلاحيتن مان سِکن، سنڌي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪن، ٻاهر جي ڌُنن کان پاسو ڪن، پنهنجي ثقافت کي بچائڻ ۽ اجاڳر ڪرڻ لاءِ صادق جهڙو ڪردار ادا ڪن ته کين به مڃتائون ۽ محبتون نصيب ٿين.
    منهنجي ثقافت کاتي ۽ سنڌ جي موسيقيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ پتوڙيندڙ ادارن ۽ سخي انسانن آڏو گذارش آهي ته اُستاد صادق جي نالي تي مٺيءَ ۾ موسيقيءَ جو ڪارنر قائم ڪري، صادق جي ڳايل گيتن جي رڪارڊ سان گڏ سندس حياتيءَ جي ڪارنامن ۽ يادگيرين کي گئلرين ۾ سجائي صادق کي زندهه رکيو وڃي.


    • هُو پري آ، پري آ، پري : سرواڻ سنڌي

    هفتو ڏيڍ اڳ ساڻس ڪچهري ٿي هئي پر هن اهو نه ٻڌايو ته منهنجو ڪو ڀلي پار وڃڻ جو ارادو آهي، هن ته اهو به نه ٻڌايو هو ته هن ڪي گناهه ڪيا آهن، جن جي معافي وٺڻ لاءِ عمرو ڪرڻ ٿو چاهي. هو مون وانگر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ جو عادي هو ۽ هن ڪنهن جي لاءِ ڪڏهن به دل ڪوسي نه ڪئي. پر پوءِ به هن کي شايد اندر ۾ ڪو احساس هو، جو کيس ايڏو پري ڇڪي ويو، هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو ته آءٌ ايڏو پري وڃي رهيو آهيان، جو توهان سڀ ڏسندا ئي رهجي ويندا، پر آءٌ وري واپس نه موٽندس، املتاس اداس هوندو، ڪراڙ جي ڪپ تي اياز به ساريندو رهندو؛ ٿر کان ويندي لب مهراڻ تائين سڄي سنڌ سڏڪا ڀريندي ۽ آءٌ ڪڏهن به توهان کي کلائڻ لاءِ ٽهڪ ڏئي نه سگهندس؛ توهان ڏسجو آءٌ ايڏو ته پري هليو ويندس، جو توهان جا گيت به مون تائين نه پهچي سگهندا ۽ ڪو به چاهيندي به مون سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهندو. آءٌ اهو تارو آهيان، جيڪو سدائين جي لاءِ آسمان تي چمڪندو رهندس ۽ توهان سان حال ارويندو رهندس.
    خبر ناهي ته هو ڪنهن سان ڪاوڙيل هو، جو ايڏو پري وڃي ويهي رهيو ۽ اها به خبر نه آهي ته اتي سندس ڪهڙو لڳ لاڳاپو هو، جو اسان سڀني کان سمورا رشتا ٽوڙي ڏور ويهي رهيو. مون کي نٿو لڳي ته سندس دل اتي لڳندي، هو ضرور سڀني لاءِ واجهائيندو رهندو. هن کي ته اڃا اياز کي به گهڻو ڳائڻو هو ۽ هن کي لطيف جي واين جاآلاپ به ڪرڻا هئا، هو مٺيءَ ۾ رهندي به سڄي سنڌ سان گڏ هو ۽ سندس آواز جي ڪوڪ سڀني جي دلين تي راڄ ڪندي رهي ۽ سدائين جي لاءِ راڄ ڪندي رهندي. ڪو ماڻهو وڃي ٿو ته جيءَ جهوريو ڇڏي ۽ صادق جي وڇوڙي جي خبر به ڪنهن وڄ کان گهٽ نه آهي، جيئن آسمان ڪرڻ جي ڳالهه جو يقين نٿو اچي، تيئن صادق جي وڇوڙي جي خبر تي به يقين نٿو اچي ۽ اهو به سنڌ کان ايڏو پري، جتي صرف دعائون ئي گهريون وڃن ٿيون ۽ هو ته صرف دعا ئي گهرڻ ويو هو، پوءِ کيس ڪهڙي ايڏي وڏي گناهه جي سزا ڏني وئي، جيڪو هن ڪيو ئي نه هو.
    اسلام آباد ريڊيو اسٽيشن جي پروگرام ’سنڌ رنگ‘ ۾ ساڻس ڪيل انٽرويو اڄ به مون لاءِ يادگار انٽرويو آهي، سندس آواز اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ٻڌو ويو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن فون ڪري سندس ساراهه ڪئي هئي، کانئس مختلف گيت ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي هئي ۽ صادق کين سمورا گيت ٻڌايا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏنا هئا. صرف ان حد تائين ساڻس رشتو نه هو، هو ته سڀني جي دلين ۾ رهندو هو، ڪير سوچي به نٿو سگهي ته صادق ايڏو ڏور هليو ويو آهي. ساڻس آخري ڀيرو ٿيل ڪچهريءَ ۾ هن ٻڌايو هو ته آءٌ تنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان ’بڙ جي ڍوري‘ تي آهيان ۽ اسان ڀٽائيءَ کي ساريون پيا، هن سان کوڙ ساري ڪچهري ٿي هئي ۽ سندس چوڻ هو ته اسان گهڻن کان ڀلا آهيون. اسان ته گناهه ئي ناهن ڪيا، جو پريشان ٿيون، پر خبر ناهي ته هن جي اندر ۾ اهڙو ڪهڙو خوف هو، جنهن جي بخشش لاءِ ايڏو ڏور ويو ۽ ڪنهن سان ڪو حال به نه ونڊيائين، يقيناً اهو خوش قسمت ئي هوندو، جنهن صادق سان آخري ڀيرو، صفا آخري ڀيرو ڳالهايو هوندو، سندس آواز ٻڌو هوندو ۽ اندر جا حال اوريا هوندا.
    سنڌ کي روز بروز ايڏا ته درد ملي رهيا آهن، جو هاڻ ان ۾ وڌيڪ ڏک سهڻ جي سگهه ئي ناهي رهي، سنڌ هاڻي جهوني ٿي وئي آهي ۽ هاڻ ڏکن جا بار نٿي کڻي سگهي، پر ڇا ڪجي، جو وقت ڪنهن جو به ساٿ نٿو ڏي، سڀني کي هڪ نه هڪ ڏينهن هليو وڃڻو آهي. پر جهڙي طرح سان وڇوڙا پئجي رهيا آهن، انهن وڌيڪ ڏکائتو ڪري ڇڏيو آهي، صرف آءٌ نه پر سڄي سنڌ ڏکائتي آهي ۽ اهڙو ڪوبه ماڻهو نه آهي، جنهن جي دل کي اها خبر ٻڌي جِهٻي نه آئي هجي، اياز کي ڳائي شهرت ماڻڻ کانپوءِ صادق سڀني جو لاڏلو بڻجي ويو هو ۽ هن سڀني جي دلين تي حڪمراني ڪئي هئي اهو سندس شخصيت جو ڪمال هو، جو هن کي هر هنڌان هر طبقي کان ۽ هر قسم جي ماڻهوءَ کان ايتري ته شانائتي موٽ ملي هئي، جو سڀني کي مٿس فخر ٿيڻ لڳندو هو، صادق ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ تعصب نه رکيو. هن ته سڀني جي لاءِ محبت جي احساس جون رليون وڇايون ۽ هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. اڄ سڄي سنڌ ۾ صادق جو تڏو وڇايل آهي ٻانهياري ڀٽ کان ويندي ڀالوا تائين سوڳ ئي سوڳ آهي. املتاس تي ويٺل ڪوئل خاموش ٿي وئي آهي. هر طرف ڀٽائيءَ جو ڪيڏارو آهي. اياز به اڄ صادق سان گڏ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي، زندگيءَ مان خوشين جو احساس ختم ٿي ويو آهي. هر طرف ڏکن جا آلاپ آهن، پر وقت کي ڪو به پنجوڙ وجهڻ وارو نه آهي. ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو ويل وقت کي ورائي سگهي ۽ صادق کي اوڏانهن نه وڃڻ ڏي، جيڏانهن هليو ويو آهي ۽ کيس واپس اسان جي وچ ۾ وٺي اچي ۽ سڀني کي آٿت ڏي ته صادق ڪڏهن به وڃڻ وارو نه آهي. هي ڏسو، هي اسان سان گڏ آهي، يا ته ڪنهن مذاق ۾ ڳالهه اڏائي هئي، ڇو ته صادق کي مذاق گهڻو پسند هوندو هو ۽ هن صرف دوستن جا احساس ڏسڻ لاءِ ائين ڪرڻ جي لاءِ چيو هو، باقي صادق اسان سان گڏ آهي، هو زنده آهي. ڀلا ڪڏهن صادق به ايترو جلد ابدي ننڍ ڪري سگهي ٿو؟ توهان سڀ ڀليا آهيو، هاڻي مايوسي ۽ ڏک جي ڪيفيت مان نڪرو، صادق وري اياز کي ڳائڻ لڳو آهي، سڀ غور سان ٻڌو ۽ پنهنجون اکيون اگهي ڇڏيو. صادق کي روئڻ ناهي وڻندو، جيڪڏهن توهان روئڻ بند نه ڪيو ته هو واقعي حقيقت ۾ ڪاوڙجي ويندو ۽ پوءِ توهان کي ڪير به خاموش ڪرائڻ وارو نه هوندو!
    پر ائين نه آهي، صادق هاڻ اسان وٽ نه آهي اها ڳالهه مذاق نه آهي، پر حقيقت آهي. صادق جا ٽهڪ گهڻو پري بند ٿي ويا آهن ۽ اهي ٻيهر ڪڏهن به ٻڌجي نه سگهندا، نه توهان ٻڌي سگهندا، نه اسان ٻڌي سگهنداسين ۽ نه وري ڪا نئين ڌن تخليق ٿي سگهندي. هو ته تخليق ڪار هو، محبت تخليق ڪري هليو ويو ۽ هن جو ورهايل پيار هر جاءِ تي توهان کي موٽ ڏيندو رهندو. مٺي وڃو ته ضرور صادق جي اوطاق تان ڦيرو ڏجو، ڇو ته صادق ڪڏهن به دوستن لاءِ پنهنجا در بند نه ڪيا هئا. هو دوستن سان سدائين ٻکين پئي مليو آهي. جيڪڏهن توهان ائين واپس موٽي آيا ته اها صادق سان ناانصافي ٿيندي ۽ ڪو به پيارو پنهنجي اهڙي دوست سان ناانصافي نه ڪندو. اميد آهي ته ٿر جي اڇي واريءَ مان ٻيو ڪو اهڙو گلاب ضرور ڦٽندو، جيڪو سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيندو؛ ڇو ته صادق جنهن مٽي مان پيدا ٿيو آهي. اها مٽيءَ زرخيز آهي ۽ سدائين اهڙا پٽ ڄڻيندي رهندي. صادق اسان سان هاڻي نه ملندو پر دعا آهي ته هو جيڏانهن ويو آهي، اتي به ٽهڪ ڏيندو رهي ۽ پنهنجي حسناڪين سان اتي به دلين ۾ گهر ڪندو رهي. ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن هن سان اتي ضرور ملاقات ٿيندي، جتي هو سدائين لاءِ ويو آهي ۽ پوءِ وڇوڙي جو خوف به نه رهندو ۽ نه ئي وري ڪنهن گناهه جي معافيءَ لاءِ ٻئي پاسي ڪيڏانهن وڃڻو پوندو ۽ اتي جون رهاڻيون سدائين لاءِ قائم رهنديون.


    • صادق فقير بنجڻ ڏاڍو ڏکيو آ :ف هميده شرف بلوچ

    هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي ماڻهو، ماڻهوءَ کان بيزار آهي، اتي ڪنهن بهار جي جهوٽي جهڙا انسان به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي اخلاق، ڪردار ۽ ڪم جي حوالي سان ايترا خاص ۽ اهم بڻجي ويندا آهن جو اُهي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ٺاهيندي پنهنجي پويان اڻمٽ نقش ڇڏي ويندا آهن. جن لاءِ دنيا حيران رهجي ويندي آهي. درويشاڻي دل رکندڙ نازڪ مزاج ماڻهو پاڻ ته مسڪرائي هليا ويندا آهن، پر انهن جي پويان ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو اسان جي گهر جا فرد هجن. هنن جو وڇوڙو پنهنجي ڪنهن ويهجهي عزيز جو وڇوڙو محسوس ٿيندو آهي.
    سنڌ جي دادلي رڳاي صادق فقير جو شمار به بناشڪ شبهي جي اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. مٺيءَ شهر جو مٺو لهجو رکندڙ سٻاجهڙي سڀاءَ وارو راڳي جنهن پنهنجي محنت سان نمايان ۽ اهم مقام جوڙيو. پنهنجي رت ۽ سٿ سان بي انتها عزت ڪمائي ۽ مرتبو ماڻيو.
    صادق فقير، هڪ فقير منش انسان هو، جنهن جي شخصيت سراپا سڪ ۽ سادگي هئي، جنهن جون قربائتيون ڳالهيون شايد ئي ڪو وساري سگهي! جنهن جي المناڪ موت تي هر حساس دل انسان اُداس آهي. ساري سنڌڙيءَ جي فضا کي سوڳوار بڻائي پاڻ سُک جي ڊگهي ننڊ ۾ سُمهي پيو.
    ماحول ۾ هڪ عجيب مايوسي پکڙيل رهي، صادق فقير هڪ سنجيده مزاج رکندڙ باذوق ماڻهن جي پسند رهيو آهي. اهڙا آواز ۽ سُرن سان سچو پيار رکندڙ فنڪار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ اوچتو جڏهن اهڙا فنڪار اسان کان وڇڙي وڃن ٿا، انهن جي وڃڻ ان اهڙو سان اهڙو خال پيدا ٿئي ٿو، جنهن جو ڀرجڻ مشڪل نظر ايندو آهي. شيخ اياز جو جڳ مشهور گيت ’سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي‘، جنهن به جڏهن ٻڌو هوندو، تڏهن اکين مان ڳوڙهن جو وضو ضرور ڪيو هوندو، ۽ دل داد ڏيڻ کان رهي نه سگهي هوندي. هن گيت کي هر فنڪار پنهنجي آواز ۽ انداز سان ڳايو آهي، پر ان خوبصورت شاعريءَ جو جيڪو حق صادق فقير ادا ڪيو آهي، اُهو ٻيو ڪو به راڳي ادا نه ڪري سگهيو آهي. لفظ لفظ ۾ ساهه ڦوڪي ڄڻ رهندڙ دنيا تائين انهن کي زندگي بخشي آهي. صادق فقير واقعي فتري طبيعت رکندڙ انسان هو. ان جو اڻ وقتائتو موت ڪنهن اذيتناڪ سانحي کان گهٽ ناهي. اياز گل جي وائي ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ جڏهن به ٻڌو ويو، تڏهن دلين ۾ سُتل درد جاڳي پيا ۽ هزار لڪائڻ جي باوجود اکين ۾ لڙڪ بڻجي ظاهر ٿي پيا. صادق فقير جي وڃڻ کانپوءِ ساز خاموش، سُر ويڳاڻا ۽ گيت اُداس محسوس ٿي رهيا آهن، ۽ اهو دنيا جو دستور به آهي ته ماڻهو اهڙن فقيرن جي وڇوڙي تي بيقرار ٿي روئندا آهن. اسان جي قوم جو اهو وڏو الميو رهيو آهي ته اسان پنهنجي اهڙن املهه هيرن جو زندگيءَ ۾ اوترو قدر ۽ احساس نه رکندا آهيون، پر جڏهن هو اچانڪ اسان کان تمام گهڻو دُور هليا ويندا آهن ته بعد ۾ اُهو احساس، پڇتاءُ بنجي سامهون ايندو آهي ته ڪاش! اسان پنهنجي هن ميراث کي مٽيءَ ۾ ملجڻ کان پهرين مانءُ ڏيون ها ۽ اوترو قدر ڪريون ها، جنهن جو هو حقدار هو.
    آخر ۾ دل سان اها دُعا آهي ته: خدا تعاليٰ صادق فقير کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، رب سائينءَ کي صادق فقير جي فقيريءَ ايتري پسند آئي آهي، جو پنهنجي سهڻي محبوب نبيءَ جي پاڪ شهر ۾ گهرائي پنهنجو ڪيائين، ان جي ڪا ادا کيس ضرور وڻي هوندي، بهرحال اها اٽل حقيقت آهي ته صادق فقير بحيثيت اسان پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ ان جو ثاني ملڻ آسان ناهي، صادق فقير ٿيڻ آسان ناهي.


    • صادق فقير جو وڇوڙو : وحيد رزاق مستوئي

    سنڌ ۾ هونئن ته فنڪارن جي کوٽ نه رهي آهي، پر ڪي فنڪار اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي آواز جي آلاپ ۽ ڳائڻ جي فن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ڇڏيندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي آواز سان سموري ملڪ توڙي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ پڻ ويهي ويندا آهن، اهڙن فنڪارن ۾ ٿر جو ڄائو، سنڌ جو سريلو آواز ۽ وڏي سهپ رکندڙ صوفي راڳي صادق فقير هڪ هو،
    سندس آواز جي آلاپ ۾ ايتري ته تاثير هئي، جو ٻڌندڙن تي ڇانيل مايوسي، خوشيءَ ۾ تبديل ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندي هئي. سندس ڳائڪي جو انداز پڻ نرالو هو، جيڪو عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ پنهنجي خاندان سوڌو ڀلي پار ويل هو ۽ سعودي عرب جي تاريخي شهر مڪي ۾ عرفات جي زيارت ڪري واپس وين ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهيو هو ته وين جو ٽائر اوچتو برسٽ ٿي پيو، جنهن دوران پويان ايندڙ گاڏيءَ وين کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌڪ رسڻ ڪري سنڌ جي البيلي راڳي صادق فقير موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کان هميشه هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو، جڏهن ته گڏ سندس زال شميم ۽ سالي زخمي ٿي پيا، جن کي سعودي اختيارين فورن ايئر ايمبولينس ذريعي جدي شهر پهچائي اسپتال داخل ڪرايو آهي. صادق فقير جي اچانڪ وڇوڙي جيءَ کي جهوري وڌو آهي هُن جي ان سريلي آواز جي تلاش رهندي!
    صادق فقير جو وڇوڙو نه فقط سندس گھرڀاتين لاءِ پر پوري سنڌ لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. روڊ حادثي سڀ کان پهريان اسان کان سنڌ جو البيلو راڳي سرمد سنڌي، بعد ۾ شاعر حسن درس ۽ هاڻي صوفي راڳي صادق فقير به کسي ورتو. صادق فقير جو جنم 20 مارچ 1964ع تي مٺي ٿرپارڪر ۾ فيض محمد مـڱڻهار جي گهر ۾ ٿيو ۽ شروعاتي تعليم مٺيءَ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ ڪيائين. 1992ع ۾ شادي ڪيائين ۽ موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتائين، جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. صادق فقير ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائيندو رهيو. صادق فقير 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايس، پر ۾ ايازگل جو ڪلام ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ ڳائڻ سبب کيس گهڻي مقبوليت ملي.
    صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي، صادق فقير ڳائڪي جي بهترين انداز ڪري نوجوانن ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقيءَ بابت ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو ته؛ ’سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن، هتان جو فوڪ راڳ تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورتي آهي، موجوده راڳين کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين، اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي شاهوڪار موسيقي آهي، ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي‘. صادق فقير سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو. جڏهن ته هن سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. اهو صادق فقير 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. صادق فقير جو ٿيل موت هميشه ياد رهندو، ڇاڪاڻ ته حادثاتي موت دل کي جهوريندڙ هوندو آهي، جيڪو هر روز ٿيندڙ حادثن وقت ضرور ياد تازي ڪندو رهندو آهي. اسان جي دعا آهي ته صادق فقير کي رب ڪريم جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪندو ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا ڪندو آمين.
    صادق فقير سنڌ جو ثقافتي سفير هو هن پنهنجي فن ذريعي سنڌ جو صوفياڻو پيغام جڳ جهان ۾ پهچايو، پنهنجي سنگيت واري سفر ۾ ڏيهه کان پرڏيهه پهچي به سنڌي سنگيت توڙي ثقافت جو پرچار ڪندو رهيو، هن جتي به قدم رکيو، پنهنجا مداح پئدا ڪيا. سندس فن سرحدن جو محتاج نه هيو، صادق فقير سنڌي موسيقيءَ جي ٻين صنفن سان گڏ خاص طور تي سنڌي غزل جي گائيڪيءَ ۾ نواڻ آڻي، ساڳئي صنف ۾ راڳداريءَ جا ڪافي نوان تجربا پڻ ڪيا. سندس شاعريءَ جي چونڊ به پنهنجي حوالي سان تمام بهترين ۽ شاندار رهي. سندس ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ جديد ۽ معياري تخليق به ٻڌندڙن تائين پهچي، جنهنڪري شاعريءَ جا سٺا ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو پڻ هيو، صادق فقير پنهنجي ان مقصد ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب رهيو. سندس فن، فڪر سان سلهاڙيل رهيو، اهو فڪر شاهه، سچل، سامي ۽ شيخ اياز جو فڪر هيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي خوشحالي، عزت سان جياپو ۽ عالمي امن لاءِ تڙپ جي احساس سميت سهپ ۽ رواداريءَ واري سماج جي جوڙجڪ لاءِ جدوجهد هئي ۽ آهي، صادق فقير کي پنهنجي ادا هئي، پنهنجو ڊڪشن هو.



    • مٺي اڄ اُداس آهي: امر رائيسنگهه راجپوت

    ٿرپارڪر جو ضلعي هيڊڪواٽر شهر مٺي، جنهن جي سڃاڻپ رڳو ايشيا کنڊ جو وڏي ۾ وڏو آر.او پلانٽ ناهي، پر هن جي سُڃاڻپ ’منظر بينظير‘ واري گڍي ڀٽ به آهي. مٺيءَ جي سُڃاڻپ رڳو سائينداد ساند جي شاعري به ناهي، پر هن جي سڃاڻپ صادق فقير جا اُهي آلاپ به آهن، جيڪي اُڏامندڙ ڪونجن کي بيهاري ڇڏيندا آهن. اڄ مٺيءَ جون سماعتون اُنهن آلاپن جي مالڪ کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويون آهن. عُمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب جي سفر تي ويل اسان جو يارويس فقير صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. مڃون ٿا ته موت برحق آهي، پر اهڙي ڪُملهي ۽ اوچتي موت تي دل ٻُڏي وڃي ٿي.
    اڄ ايشيا کنڊ کان اُهو صادق موڪلائي ويو آهي، جنهن جي ڪنٺ ۾ ڪوئل جو روح اوتيل هو. جنهن کي ڪلا ڪلتار وٽان سوکڙي طور مليل هُئي. صادق جنهن جي کل مُک چهري تي سدائين مُرڪن جا ململي مينهن ماماڻا پيا پسار ڪندا هُئا. هُن جي شيتل سڀاءَ تي مون ڪڏهن به ڪاوڙ جي ريکا نه ڏٺي، هُو سدائين کلندو ۽ کلائيندو هو. هُن وٽ اها ڏات به ڏاتر طرفان ڏِيا طور مليل هُئي ته هُو مايوس چهرن تي منٽن ۾ مُرڪن جا پوپٽ پکيڙي ڇڏيندو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيو صادق لطيفا ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ جو به شوقين هو. هُن جي دلربا دل وانگي دسترخوان به ڪُشادو هو. ڌڻي تعاليٰ طرفان مليل عزت، شُهرت، ڌن ۽ دولت جي باوجود هُن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. سدائين فقيري رنگ ۾ رنگيل نظر ايندو هو.
    مٺيءَ شهر ۾ تپيدار فيض محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير، شاگرديءَ واري دور ۾ ئي پنهنجي مامي حُسين فقير کان راڳ جي سکيا ورتي، پر سندس سُوز ڀريي آواز جون صدائون ائين چون ٿيون ته هُو ڄمندي ئي ڄام هو. هُن کي قدرت اهڙو آواز ۽ انداز ڏنو هو، جو راڳ سکڻ سان ناهي ايندو.
    راڳي، ڀاڳي، پارکو، ناڙي، ڀيد نياءِ،
    اي سکايا نه سکين جا هين را اُڪلين هنياءِ

    ’ڳائڻو، پيرن جو پارکو، حِڪمت جو ڄاڻو ۽ انصاف ڪندڙ مُنصف اهي سڀئي سکائن سان سکندا ناهن، پر انهن جي اندر ۾ قدرت اهو آرٽ اوتيندي آهي ۽ اُهي دلي طور دنيا ۾ نروار ٿيندا آهن‘.
    صادق فقير پهريون ڀيرو جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اياز گل جي وائي ’تو کان ٿيندي ڌار لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ ڳائي هئي، تڏهن سنڌ جي سماعتن وڏي سڪ سان سُئيڪار ڪيو هو ۽ هُو سنڌ جو ٻيجل ۽ ٿر ٻاٻهيو ٿي وطن جي فضائن ۾ گونجندو رهيو، جنهن جو سُوز ڀريو آلاپ ٻُڌي مهان شاعر شيخ اياز به چئي ڏنو ته ’هي آواز منهنجي اندر جو آواز آهي، مُنهنجي اڌ صديءَ جي، آواز لاءِ ڳولا پوري ٿي ويئي آهي، مُنهنجي شاعريءَ کي اُهو آواز ملي ويو آهي‘. ان کانپوءِ صادق فقير شيخ اياز کي خُوب ڳايو، ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ ۽ ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري‘. جهڙا لاجواب ڪلام ڳائي هُو سنڌ جي اتهاس ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي.
    صادق فقير پيشي جي لحاظ سان پي.ٽي ٽيچر هو. ڳائڻ هُن جو شوق هو. مٽيءَ سان مائيٽي هُئڻ ڪري هُن جهر جهنگ جهومايو، هُو بهار جي پُور جوڀن ۾ ڄائو ۽ ڀري تُري بهار ۾ ’ڀلي پار‘ جي ڀُونءَ ۾ موڪلائي ويو. صادق پونئرن ۾ ٽي پُٽ، هڪ ڌي ٻه ڀائر ۽ گهر واريءَ سميت سموري ايشيا کنڊ کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي. اڄ هُو نه آهي، پر هُن جون صدائون ته آهن!!
    اي مٺي جا ماڻينگر! بنان موڪلائڻ جي ائين اچانڪ هليو وئين! تنهنجي وئي پُڄاڻان مٺيءَ کان مُرڪون موڪلائي ويون آهن.
    توسان محبتون ڪندڙ سڀئي سماعتون سوڳوار آهن. ڪاڪي جهامن مالهيءَ واري ايورگرين هوٽل ۽ ٿر ڪتاب گهر ڏي ويندڙ سڀئي رستا سوڳوار آهن. اوڏانهن وڃڻ ڏي دل نٿي چئي، ڇو ته تون اُتي نه هوندين ۽ اُها محفل ئي ڪهڙي جنهن ۾ محفل جو مور نه هُجي! تون ته نه رڳو محفلن جو مور هُئين، پر دلين جو به چور هُئين. تون نه رڳو محفلون لُٽيندو هُئين، پر معصوم ۽ مُحبتي دلين تي ڌاڙا هڻندو هُئين. اڄ اُهي دليون اُداس آهن. توکي وڏي چاهه مان ڏسندڙ هڙئي حُسناڪ اکين جا پاند آلا آهن.
    ڀلي پار ڏي ويل اسان جا ڀلا پرين! تنهنجي وڇوڙي ۾ ڪارونجهر جو ڪنڌ جُهڪيل آهي. گڍي تي مايوسي ۽ ماٺ ڇانيل آهي. روهيڙن جا گُل مُرجهائجي ويا آهن. ٻاٻيهن کان ٻوليون وسري ويون آهن. سنڌي موسيقيءَ جي آڪاش جا تارا! تنهنجي کِڙي وڃڻ کانپوءِ اونداهي نظر اچي ٿي. تو جهڙا اَمر راڳي صدين کان پوءِ ئي پيدا ٿيندا آهن. سرمد کانپوءِ تون به ائين بي رحم گاڏين جو کاڄ بڻجي وئين. الاس! الاس!
    اسين اڄ پنهنجو پاڻ کي ڪيڏا نه بدنصيب سمجهون ٿا، جو اسين پنهنجي يار جا ڪُلهي ڪانڌي به نه ٿي سگهياسين، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي بد نصيبي هوندي، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو درد هوندو؟ هي هڪ اهڙو درد آهي، جيڪو صدين تائين ساڻيهه جي سيني کي آريءَ وانگي وڍيندو رهندو.
    صادق جي سُرن ۾ انهن ٻاٻيهن جون ٻوليون سمايل آهن، جيڪي ڏڪارن جي ڏُورائن ۾ اُڃ مري ويا آهن. اُنهن ڍاٽ ڌڃاڻين جون اڌاريون اوڇنگارون به صادق جي صدائن ۾ گونجنديون هيون، جن جا ٻچڙا ٻه ويلا ماني نه ملڻ ڪري بي رحم بُکن جي نذر ٿي بي موت مري ويا. صادق جڏهن نما شام ويلي گڍي تي ويهي ’گناهه گار مان گُنگهار‘ ڳائيندو هو، تڏهن صدين جا اُڃايل مسافر ٿوهر به روئي پوندا هُئا. ڪارونجهر جا اُڃايل مور به سُڏڪي پوندا هُئا. صادق جي امر آواز ۾ هڪ اهڙو درد سمايل آهي، جنهن ۾ صدين جي سفر جا سُور به آهن ته پرڀاتي پاڻيارين جا پُور به آهن. سموري ٿر جي سادڙي سُونهن جا سُر به آهن، ته پلر بکيا لئه پُڪاريندڙ ماروئڙن جي لفون ٿيل پيرن جي پيڙائن جا پنڌ به آهن. صادق جي سُرور ڀريي آواز ۾ ’ووڊڪا‘ جي خُمارن جهڙا کيپ به آهن ته نوورني وِڌوا جي اوڇنگارن جهڙا اذيت ڀريا سوز به آهن.
    صادق جي اڻ مُندائتي موت تي سموري سنڌ سوڳوار آهي، سنڌي موسيقيءَ جي سينڌ جو سِندوُر هميشه لاءِ اُجڙي چُڪو آهي. مڃون ٿا ته اسان وٽ ڪريم جهڙي ڪنٺ ڪلا ۽ برڪت جهڙي سونهن صدا به موجود آهي، پر اُهو ٻاٻهيو ’رمي‘ چُڪو آهي، جيڪو روحن جي ٽارين تي ٻوليندو هو، جنهن جي هڪڙي آلاپ ۾ هزارين سارسن جي مٺاس سمايل هُئي. صادق کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هُو سنڌ جي اُنهن سُنهري يادن ۾ سمايل هوندو، جن کي ساري سنڌ ڪڏهن سُڏڪندي، ته ڪڏهن ٿڌا ساهه ڀري مُرڪندي! سنڌ اڄ به صادق جهڙن سپُوٽ پُٽن کي سنڀاري فخر ڪري ٿي.


    • صادق فقير جي وڇوڙي تي لکيل نظم : علي مصطفيٰ ۽ حسن مجتبيٰ

    اسان کي ڇو وساري وئين!
    اسان جي اکين ۾ تون ڳوڙها ڏيئي وئين!
    اسان جي ته دل کي اُجاڙي وئين
    اسان ننڍڙن کي وساري وئين
    تون پنهنجي ننڍڙن جي اکين ۾
    ڳوڙها ڏياري وئين!
    اسان کي تون ڇڏي وئين ڪنهن جي سهاري؟
    ننڍڙن ٻچڙن کي تون هت وساري وئين!
    تو ته پيتو جام شهادت جو،
    اياز ۽ ڀٽائيءَ کي ڪير ڳائيندو،
    اهو درد سنڌ واسين کي ڏياري وئين،
    خوشين جا رستا ٻهاري وئين،
    تون وساري وئين!
    تون اسان کي اُجاڙي وئين
    پنهنجي هاڪ ويهاري وئين
    ڇو اسان کي وساري وئين
    دل اسان جي اُجاڙي وئين
    سنڌڙيءَ کي روئاري وئين!


    • يادِ ماضي عذاب آ يا رب! : پرتاب شواڻي

    لفظ ڪاريهر ٿي پيا آهن. گلابن کي ڄڻ ڪفن جو واس مليل آهي، نظر جي آخري نهار ۽ سو ڄ جي آخري سرحد تائين خوشي جي تڏن تي خاموشين جا آقا تعزيت ڪري رهيا آهن. ڪبير جي چادر ميري ٿي پئي آهي، ميران جي پريم ڀري دعا کي ڄڻ ته بد دعا لڳي وئي آهي، اياز جي غزلن جي گھرائپ، شانت جي عميقيت ۾ بي ڪفن ئي دفن ٿي وئي آهي. ٽهوڪن لاروقطار ٿي اولهه جي گھري سمنڊ ۾ ٽٻي هنئي آهي. تانجا ڪهڙا حال اهين! الفاظن جي گونج اندر جي وهڪري منجهه وجد طاري ڪري، ڪئي سوالن کي، سرُن، سنگيت ۽ سنگت کي ارپڻ ڪيو آهي. سائين، فقير ۽ صادق جا نانءُ ور ور منهنجي هانءُ کي وڪوڙين ٿا. دل کي ڌوڏيندڙ هي گھڙي آهي، شام لڙي آهي، شام لڙي آهي. ها شام، شامِ غريبان ٿي پئي آهي، خليل، مڪيش راجا، وجئه شرما جا ميسيج ........عبدالقادر منگي، سيف سميجي، رجب فقير، ڪاشف بجير، اشوڪ اعظم، رستم سميجي، پرتاب لکواڻي، نور محمد بجير، اشوڪ سوٽهڙ، ارجن ڀڳت، ساجد بجير، سڏڪن ۽ سوالن جي ڊگھي قطار...........
    آفيس مان نڪتم ،
    ڄڻ پن پن ٿي ڇڻيم،
    ڪير چئي ٿو تون نه آهين،
    تون آهين تون آهين....

    شهر جي ڀڙ ڀانگ، سڃ به ڄڻ خاموش هئي،
    ’خاموش چهرو_مسڪرائيندڙ اکيون‘،
    ڄڻ هر چهري ۾ تنهنجي تلاش هجي،
    ائين نٿو ٿي سگھي،
    يقين ۽ بي يقينيءَ جي واٽ تي
    لڏندو لمندو پئي آيس.
    مار پوئي موت، آئين اڻ مندائتو،
    گھايئه اهڙا گھوٽ، مند نه جن جي مرڻ جي.

    ڏينهن ٻه ڏينهن اڳ فون اچي ٿي، مٺي ڍاٽڪي ٻولي ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ، سائين اعجاز ٻٻر سان ڪم هوس NOC جي لاءِ. تنهان اڳ جڏهن منگي صاحب آيو هو، رات جو محفل، آئون، محسن، ڪرشن شرما ۽ صادق سائين، زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏنا هئا. محبوب سائينءَ کي هڪ دفعو اُٻاڻڪو ڏٺو هو، هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو هو، اهو چوندي ته . ’ هو رات سڄي اسان سان گڏ هو، ماني کاڌي سين پوءِ تاش ڪئي سين، پر پوءِ بنان ٻڌائڻ جي ئي نڪري ويو، هن پياري جو ذڪر ٿي ڪيو. هڪ دفعي ڪنهن کي آٽوگراف ڏيندي لکيائين؛ ’سادگي خوبصورتي آهي ۽ اوهان ڏاڍا سادا آهيو‘. شاعريءَ جي پرک، سُرن جا آلاپ، ڌنُون، لفظن جي تور تڪ، پر تنهان مٿي، انسانيت جو اُهڃاڻ، رواداري، هم آهنگي۽ ڀائپي ...ديوالي هجي، هولي هجي يا عيد. مشاعرا ۽ محفلون متل هونديون هيون.
    منهنجا محبوب سائين صبح جو هولي آهي، مندرن جا ڏيئا توسان ليئا پائڻ لاء آتا آهن، تو اڳين سال به مندر ۾ هولي ڪئي هئي، چوندو هئين، ’هولي آئي هولي وئي، ڪنهن به اسان تي رنگ هاريو‘. اڄ هڙئي رنگ تنهنجي انگ لاء آتا آهن، پر اسان جي تو ڏانهن کڄندڙ هر نهار ڄڻ غريب جي دعا ٿي پئي آهي. منهنجي من مندر جا ديوتا! تنهنجي لاء گھنڊ وڄائي وڄائي ٿڪجي پيا آهيون. تنهنجي يادن کي روڪڻ، ڪو چرچو نه هو .......
    تنهنجي ڏنل محبت هر جيو کي ويراڳي ڪري ڇڏيو آهي، ڄي سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي اندر تڏو وڇايل آهي.’تون ته اڌي جو آڌر آهين، رهندي تنهنجي سار سدائين‘ ڇا ڪجي سائين ! ڪانٽن جي بک هڙتال تي وقت ڪٿي ٿو بيهي! تنهنجي مهانتا اڪٿ آهي، تون انسانيت جو سفير هئين.
    آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
    جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.


    • ٻِيجي ڪنهن نه ٻوليو : ميان گل محمد ڪلهوڙو

    92/1991ع جو زمانو آهي، نه فيس بوڪ، نه يوٽيوب، نه گوگل، نه FM چئنلز ياسنڌي سيٽلائِٽ. سنڌي عام ماڻهوءَ جي تفريح ۽ ڄاڻ جو دارومدار ريڊيي تي آهي. سنڌ ۾ ٻڌيون ويندڙ سڀني ريڊيو اسٽيشنن مان ريڊيو حيدرآباد پنهنجي معيار جي بلندين جي انتها تي آهي- انهيءَ دَور ۾ هڪ ڄاتل سُڃاتل آواز هِن صورت ۾ اُڀري ٿو:
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري!

    کڻي جو ٻڌندڙ هن آواز کان اڳ به آشنا هئا، هن دَور جي نوجوان ۽ اڄ جي سنڌي شاعريءَ جي جرڪندڙ ستاري اياز ُلَ جي هِن وائيءَ ۾ ساڳيو آواز اهڙو ته پرسوز ۽ اثر انگيز ٿي ظاهر ٿيو، جو هر ذهني سطح رکندڙ ٻڌندڙ جي جذبن جي ترجماني ۽ احساسن جو مظهر ٿي پيو ...
    جا جِڪُ جونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
    تنهن ڪامل ڪڍي، ڪينرو، ويهي وڄايو،
    دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،

    چارڻ ٿي آيو، ته مارِي آهي مڱڻو! (شاهه)

    1980ع واري ڏهاڪي ۾ مٺيءَ شهر ۾ عام طرح اسٽيج ڊرامي جو اوج هو ۽ عيد برات ۽ خاص ڪري هولي ۽ ڏياريءَ جي ڏڻن جي موقعن تي اسٽيج جي دنيا عروج تي پهچي ويندي هئي. انهن سريلين سرگرمين ۾ بنيادي ڪردار ناليواري راڳي ڪريم ڏني فقير، پروفيسر پرشوتم داس سائينداد ۽ حاجي محمد دل جو هو. مٺيءَ وارن تي قسمت جي ديوي تڏهن بي پناهه مهربان ٿي پئي، جڏهن ناليوارو اديب، ليکڪ ۽ سنڌ جي تاريخ جو حافظ سائين تاج جويو، جنوري 1984ع ۾ مٺي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي پهتو ۽ پوءِ ڄاڻايل ٽيم تاج جويي صاحب سان گڏجي ڊرامن کي معيار ۽ شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن سائين تاج، ڪريم فقير کي چيو ته: ”جيڪڏهن تنهنجي برادريءَ جو نوجوان راڳي هٿ ڪري وٺي اچين ته ان جي آواز کي ڊرامي ۾ صورتحال جي مناسبت سان ڪردارن وٽان استعمال ڪرايون ته اسٽيج ڊرامي کي چار چنڊ لڳي ويندا ...“ بس پوءِ ڪريم فقير، صادق کي، جيڪو اُن وقت ٽنڊي الهيار جي ضلعي سلطان آباد اسٽاپ تي ڪنهن واڻيي سيٺ جي ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ منشيءَ جا فرض انجام ڏئي رهيو هو. واپس مٺيءَ گهرائي ورتو ۽ پوءِ جيڪا منڊلي مچي، ان جا شاهد تاريخ ۽ مٺيءَ جو شعور آهن.
    1986ع ڌاري ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال ۽ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ٿر جي ماڻهن جي سهائتا لاءِ ٿري فنڪارن سان شام ملهائي وئي، جنهن ۾ ٿر جي ناليوارن ۽ نوجوان راڳين جي اڪثريت شرڪت ڪئي. اُن دَور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر شاعر۽ ليکڪ محترم عنايت بلوچ ريڊيو حيدرآباد جي موسيقي شعبي جي اُن وقت جي انچارج، پارکو پروڊيوسر ۽ اسان جي اوهان جي پياري نصير مرزا کي اڳواڻ ۽ ٽيم سان گڏ ريڪارڊنگ ۽ ٽيسٽنگ لاءِ موڪليو. ان پروگرام ۾ عام ٻڌندڙن کان وٺي موسيقيءَ جي ماهرن ۽ راڳ جي ڄاڻن کي صادق فقير بيحد متاثر ڪيو ۽ پوءِ کيس ريڊيو حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ جلد ئي سندس رڪارڊنگ ڪئي وئي. سندس پهرين رڪارڊنگ شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ..:
    لکئي ڙي پنڌ پيرن کي، ڪهڙو ڏوهه ڏيارن ڏيرن کي.
    سان ڪئي وئي ۽ پوءِ ٻه ٿري گيت: ’رومال مارو رنڱيو‘ ۽ ’پايل ماري باجي‘- رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا.
    پر سندس مقبوليت معراج تي تڏهن پهتي، جڏهن هن 1990ع کان پوءِ ”توکان ٿيندي ڌار“ اياز گل جي ڳائي، سموري سنڌ جي رُوح تي سحر طاري ڪري ڇڏيو.جيتوڻيڪ اها وائي هو اڳ ڳائي چڪو هو.
    1992ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي امام ۽ 20 ويهين صديءَ جي دنيا جي وڏي شاعر جي شيخ اياز جي سالگرهه واري موقعي تي منهنجي پروگرام ۾ جڏهن صادق فقير سنڌي شاعري جي سج ۽ تمام گهڻي پڙهيل جهانديده شخصيت شيخ اياز جي سامهون سندس ئي شاعري ڳائي ته شيخ صاحب بي ساخته چئي ڇڏيو ته: ”منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي تلاش/گهرج هئي، سو ملي ويو“- اُن پروگرام کان اڳ يا پوءِ صادق فقير، شيخ اياز کي جيترو ۽ جيڪو ڳايو، اُن تي پورو هڪ ڪتا به لکي سگهجي ٿو، تنهن ڪري اُهو ذڪر پوءِ ڪندس ...
    صادق جي دريا دلي، پئسي جي پويان نه ڀڄڻ، يارن جو يار، کل مُک، نهايت سمجهو هجڻ، ڪڏهن ڪڏهن ٿري يا ڍاٽڪيءَ ۾ چرچو هڻي ڇڏڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ، پڙهيل ڳڙهيل راڳ کي سمجهڻ، اردو ۽ هندي شاعريءَ بابت ڄاڻ، ڳائڻ لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ۾ معيار جو خيال، اهي سڀ ڳالهيون اسان پاڻ ۾ هُن جي طبعي موجودگيءَ دوران ۽ طبعي وڇوڙي کانپوءِ وَرجائيندا رهيا آهيون، پر مون وٽ سندس نهٺائي، نماڻائي، انفراديت، عظمت ۽ منصف هجڻ جو هن کان وڌيڪ ڪوبه مثال ڪونهي ته شيخ اياز جي مٿي ڄاڻايل لفظن جي باوجود، هن اڄ کان 12-13 سال اڳ تمام وڏن ناليوارن شاعرن (جن جي تمام ڊگهي لسٽ آهي) سان گڏ ايوب کوسي ۽ فياض چنڊ ڪليريءَ جهڙن شاعرن جي شاعري تڏهن ڳائي، جڏهن اُهي اڃا ٻار هئا- 2000ع کانپوءِ جڏهن هُن ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو نظم ”اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا“ ڳايو ته کيس انهن به سيني سان لڳايو، جيڪي اڳ ۾ ائين ڪرڻ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهندا هئا.
    مَنهنجي ساڻس پهرين باقاعده ملاقات 2007ع ۾ اياز ڪاڪا جي شاديءَ ۾ حيدرآباد ۾ ٿي، ان کانپوءِ ميرپور خاص، جنهن به پروگرام ۾ ايندو هو، منهنجي حصي جو وقت ڪڍي وٺندو هو. نائين آگسٽ 20012 ع تي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ شهيد اسد عباسيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي مون جڏهن پنهنجو نظم ”تون جي مون کان مسڪرائي موڪلائين ها“ پڙهيو هو ته نواز شاهه ڀاڏائيءَ سان گڏجي، منهنجي هٿ تي ڏنل سندس چُميءَ جو لمس آءٌ اڄ به محسوس ٿو ڪريان- 3 مهينا کن اڳ ريڊيو کوليم ته آل انڊيا ريڊيو تي سندس گيت ۽ انٽرويو هلي رهيو هو، فون ڪري ٻڌايومانس ۽ ڀوڳ ڪندي چيومانس: ”انڊيا وڃين پهتين، باقي منهنجي شاعري الاءِ ڪڏهن ڳائيندين؟“
    کلندي وراڻيائين: ”يار سُٺيون ڌُنون ٺاهڻ وارا ماڻهو کُٽي ويا آهن، ڪا سُٺي ڌُن هٿ ڪر ...“
    ڌرتيءَ جو قسم جڏهن صادق اسٽيج تي ويهي:
    -وڃو وڃو ڪنويليون وڃو ...
    -هو پري آ پري آ پري آ پري ...
    - سنڌ جاڳي پئي ...
    يا ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، جيڪو جرتي جاڳي ٿو‘ ڳائيندو هو ته آءٌ اکيون بند ڪري وٺندو هئس ۽ تصور ۾ مون کي سنڌ دنيا جي سڀ کان مهان گائڪا محسوس ٿيندي هئي.
    مٿي ڄاڻايل نظم جو آخري بند:
    ڏاهر، دودو، هوشو، هيمون جهمريون پائيندا هوندا،
    جيوڻي، ڀاڳي، عابده، صادق مٽي ماٿي لائيندا هوندا،
    سنڌيت جي شهيدن جي مزارن تي ميلا مچندا،
    جهوڪ ۽ سن جا صوفي ڀاڪر پائي نچندا،
    تڏهن آءٌ نين صنفن جو ڪتاب لکندسُ،
    نوان ستارا نئون چنڊ نئون آفتاب ڏسندس،
    نوان ستارا نئون چنڊ، نئون آفتاب ڏسندس!

    26 فيبروري جي اڀاڳي ڏينهن کانپوءِ وارين ڪيفيتن، اضطراب ۽ تذبذب جي جوڙڪٽ جو ڪاٿو لڳائڻ جي سگهه ساريان ئي ڪونه ٿو، ڇو ته حسابن ۾ هميشه کان ڪچو رهيو آهيان.
    بي خبر ناهه، پرمرڻ کانپوءِ

    توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون! (اياز)



    تنبوري جي تار اڄ، ٽُٽي پئي آهي،
    روئي پئي آهي، سنڌڙي صادق يار لئه

    -قاضي منظر حيات


    • توکان ٿيندي ڌار : فرزانه شاهين

    صادق فقير جي شخصيت تي لکڻ لاءِ، هن جي سرن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لفظ ڄڻ هن جي وڇوڙي جي درد ۾ گم ٿي ويا آهن. ڪافي دفعا سوچيم ڪنهن عظيم راڳيءَ جي سُرن کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪريان. ڪوشش ڪيم ته هن جا سُر درد بڻجي وکرڻ لڳا... ۽ مان خاموش ٿي ويس... ليڪن چوندا آهن ته سُر دلين ۾ درد پيدا ڪندا آهن، اهي سُر جڏهن ڪارونجھر جبل جي چوٽين مان پڙاڏو بڻجي، ان درد کي اٿارڻ جي ڪوشس ڪندا آهن، تڏهن صرف ٿر جي وارياسي بنجر زمين صادق فقير جي المناڪ وڇوڙي جو درد پاڻ ۾ سموئي ڄڻ روئي رهي هئي. سڄِ سنڌ جي لونءَ لونءَ ان درد ۾ وڪوڙجي وئي، جڏهن تنبوري جو هڪ سُر ٽٽي سنڌ واسين لاءِ درد جو اهڙو گھاءُ بڻجي ويو.
    صادق فقير جڏهن چيو هو ته: ’جڏهن مان نه هوندس، صدائون ته هونديون...‘، ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري.... هو پري آ پري آ پري آ پري....‘، ’اسين بس رهياسين اڌورا اڌوا...‘، ’توکان ٿيندي ڌار، لڙڪ لڙي پيا لار ڪري....‘، ’سکي پيا کي ملين تن چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي...‘ هي صادق فقير جون اهي صدائون آهن، جيڪي اڄ درد بڻجي گونجن ٿيون، اڄ ڪارونجھر جبل تان پڙاڏو بڻجي سڏ ڏين ٿيون. صادق فقير جي سُرن جي خاص ڳالهه ته هو جڏهن به آلاپيندو هو ته سُر سندس روحَ جي گھراين مان نڪري اسان جي دلين جي تان کي ڇيڙي، ان درد کي ڇهندو ، درد لونءَ لونءَ ۾ جاڳي پوندو هو ۽ پوءِ دل چوندي هئي صادق فقير ماٺ نه ڪري، هن جا سر گونجندا رهن. صادق فقير اسان جي ٻولي ۽ ثقافت جو اهڃاڻ هو. اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ان مٺڙي لوريءَ جو اهو سُر هو، جنهن کي ڄاول ٻار جي ڪنن ۾ ٻڌائي مائرون ننڊ سمهارينديون هيون. اڄ اهو سُر اسان کان وڇڙي ويو آهي. ڄڻ ڪو انمول خوشبوءِ جو واس ڏيندڙ درد جو نوحو پڙهندڙ اسان کان ڌار ٿي ويو....... ڪجھه هستيون سنڌ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ مان هونديون آهن، جن تي قومون هميشه فخر ڪنديون آهن. صادق فقير به سنڌ جي سرن جي سونهن هو. صادق فقير سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو وارث هو، صادق فقير موهن جي دڙي جو وڃايل ورلاپ هو، جيڪو الوپ ضرور ٿيو آهي، پر اهو سوجھرو ڇڏي ويو آهي، جنهن ۾ دلين کي سانت ڪرڻ ۽ درد کي ماٺي ڪرڻ جو پيغام سمايل آهي. اڄ جي بي سري شور واري موسيقيءَ جي دور ۾ هن جو مٺڙو آواز گھايل سماج جي سيني ۾ ڄڻ ڪوئل جي مٺي ڪوڪَ بڻجي ذات جي خاموش سيني ۾ ڄڻ ڪا آٿت آهي. صادق فقير جو آواز امر آهي، جيڪو ڪڏهن به مرڻو ناهي. هن جي سُرن کي ڪڏهن به پڄاڻي ناهي. هن جا سُر سنڌ واسين جي دلين ۾ هميشه گونجندا رهندا. ٿر ۾ جڏهن به سانوڻ وسندو ته هن جا سُر ڪنن ۾ ٻُرندا ۽ پوءِ صرف هڪ ئي آواز حاوي هوندو ۽ اهو سُر صادق فقير جو هوندو.
    سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري
    موٽي آ تون ڪوهيارل
    سر سسئيءَ جا ڳائي
    گيت سڻاءِ تون ڪوهيارل
    هيل به سانوڻ موٽي آيو
    ڪوئل ٿي سڏڪا ڀري
    موٽي آ تون ڪوهيارل

    سنڌ جو هي ڪوهيارو راڳي صادق فقير هميشه لاءِ وڇوڙو ڏئي، اهڙيءَ دنيا جو راهي ٿي ويو، جتان ڪو به واپس نه ايندو آهي، پر هن جا گيت هميشه گونجندا رهندا.


    • بهارن جي رُت ۾ گلن موڪلايو! : ناصر مقصود گل

    ڪڏهن ڪڏهن امالڪ اهڙو ڦيرو ڦري ويندو آهي، جو ڌرتيءَ جي ڪينواس تي پلجندڙ شيون، وقت جي ويرن جي ور چڙهي، پنهنجي معمول ۽ پنهنجي فطرت جي مخالف پاسي پرٽجي پونديون آهن. مثال طور فيبروريءَ جهڙي محبوب مهيني ۾ سياري جي وسڪاري واري ويل پوندڙ سارنگ جي رِم جِھم هر سال جڏهن سانگيئڙن لاءِ خوشين جا خرارَ ۽ سُک جا سنديسا کڻي ايندي آهي، تڏهن هر چهري جي ماٺيل مرڪن کي ٽهڪن جي سونهن ۽ سُندرتا بخشي ڇڏيندي آهي. ساڳئي مهيني جي وچ سِير يعني چوڏهين فيبروريءَ تي پيار ڪرڻ جا پل به ايندا آهن، ان سمئي سياري واري بارانِ رحمت سان گڏ محبوبن سان ملاقات توڙي وصل جون گھڙيون پڻ برسي پونديون آهن.
    پر انهن سڀني ڳالهين جي ابتڙ هيلوڪي فيبروريءَ جا ڦٽ عمر ڀر ناهن ڀرجڻا، مٿي تي ڌڪ هڻي، سٿرن کي ڪٽيندي هن فيبروريءَ پاران مليل سورَ سلڻ ته بنهه اوکا ٿا لڳن، ڇاڪاڻ جو هن ئي مهيني ۾ مون کي يتيميءَ جو ڏهاڳ ڏسڻو پيو، گلن ٽڙڻ توڙي گلن ورهائڻ واري مند ۾ اسان جي رسيل وسيل گھر جو ٽڙيل گل مرجھائجي ويو، سنڌي سڀيتا کان سرموڙ شاعر، سنڌي ادب کان برجستو نثر نويس ۽ اسان کان اسان جو محبوب ابو، مقصود گل چوڏهين فيبروري، پيار ڪرڻ توڙي مرڪون ماڻڻ واري ڏينهن تي اسان کي روڄ راڙن جا تحفا ڏئي اسان کان جدا ٿي ويو.
    گھر ۾ اڃا سوڳوار تڏو وڇايل ئي هو، عذر خواهيءَ لاءِ ايندڙ پرين پيارن جو سلسلو اڃا هلندڙ ئي هو، ابوءَ جي جدائيءَ جي ٻئي جمعاڻي جون گھڙيون گھاري ئي رهيا هئاسين، جو منهنجي مهربان محبوب دوست سائين ضراب حيدر جو هانءُ ڏاريندڙ ايس. ايم. ايس منهنجي موبائيل اسڪرين تي منهنجي وجود کي جھنجھوڙڻ لاءِ پهتو، جنهن جو مقصد هو ته: ’مٺڙن آلاپن سان مهان ڪوي شيخ اياز جا امر ٻول ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري، هو پري آ پري آ پري آ پري‘ جو ڪلاڪار صادق فقير، ڀلي پار ۾ عمري ڪرڻ لاءِ اسان کان وقتي طور پري ويل هو، جيڪو اڄ هڪ روڊ حادثي بعد سچ پچ به هميشه لاءِ پري ٿي ويو.........‘ ان لمحي منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، سور ڄڻ ته ٻيڻا ٿي ويا، اهڙي دکدائڪ خبر تي ويساهه ئي نه ٿي آيو، جو ڪجھه ئي ڏينهن اڳ ۾ مون ساڻس فون تي هڪڙي طويل ڪچهري ڪئي هئي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جو سربستو احوال ٻڌائڻ دؤران بار بار مون کي ’مٺا ناصر‘ چئي مخاطب ٿيندي پنهنجي قرب ۾ قابو ڪري ڇڏيائين. هن جو اهو آواز، جيڪو مون موبائيل فون تي ٻڌو هو، سو ڪيترن ئي پلن تائين منهنجن ڪنن ۾ گونجندو رهيو. ان وقت ڇا ٿي ڪري سگھيس..!!! ائين بي مهل اوچتو لڏي لاڏاڻو ڪري ويندڙ ماڻهن کي ڪٿي ٿو روڪي سگھجي. صادق! جيڪو نه صرف ٿر، پر سموري سنڌ جو آواز هو، سو شخصي حوالي سان سنڌ جو لاڏلو به هو، تنهن هميشه پنهنجي مٺڙي آواز، سلڇڻي سڀاءَ ، ميٺ محبت ۽ اعلى ڪردار سان محبتون ۽ دوستيون ئي ميڙيون.
    سنڌ جي ان ئي سدا سريلي ۽ ناليواري راڳيءَ صادق فقير، (جنهن کي آئون شهيد صادق فقير چوان) جو جنم 20هين مارچ 1964ع تي ٿر جي مٺڙي شهر مٺيءَ منجھه ٿيو، مٺي شهر جي نالي جهڙو ميٺاج سندس آواز کي ازلي ارپيل هو، جنهن آواز جو ٻڌندڙن جي طبيعت ۾ لهي اچڻ هڪ فطري عمل هو. سندس گھراڻو به پنهنجي طبيعت ۾ عاجزاڻو ۽ درويشاڻو رويو رکندڙ هو. سندس والد صاحب فيض محمد مڱڻهار پيشي جي اعتبار کان تپيدار هو، جنهنڪري صادق فقير جي بهترين تربيت سان گڏ تعليم تي پڻ خاص توجهه ڏنو ويو. ان ڏس ۾ پاڻ پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪري، ضلعي ميرپورخاص جي شهر مير واهه گورچاڻيءَ رسيو، جتان نائين ۽ ڏهين تائين تعليم حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ مٺيءَ مان يارهين ۽ ٻارهين جا ڏاڪا اورانگھي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي ۽ ايم .اي جون سندون حاصل ڪيائين.
    صادق فقير کي موسيقيءَ جي ميراث ورثي ۾ ملي، جيتوڻيڪ سندس والد هڪ تپيدار هو، پر تنهن هوندي به هو سريلي سازن توڙي آوازن کي ٻڌڻ جي حد تائين موسيقيءَ جو شائق ضرور هو. صادق فقير ننڍپڻ ۾ جڏهن پنهجي گھر کان ناناڻڪي گھر ويندو هو ته اتي پنهنجي مامي، ماضيءَ جي سريلي ڪلا ڌڻيءَ حسين بخش مڱڻهار کي راڳ سان راند ۽ ويراڳ سان وندر ڪندي، جڏهن سازن سان سلهاڙيل ڏسندو هو، تڏهن صادق جي سرير جو سريلو راڳي دل جي ڪنهن ڪنڊ مان پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڄاڻائيندو هو. اڳتي هلي صادق فقير جڏهن يارهين ڪلاس جو شاگرد هو، تڏهن سندس اندر جا اهي آلاپ هوريان هوريان ذهن جي دڳ سان نڪري نروار ٿيڻ لڳا ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي ڪاليج ۾ هڪ پرنسپال جي رٽائرمينٽ واري الوداعي تقريب ۾ عام آڏو کيس ڳائڻ جو موقعو مليو، جتي استادن جي فرمائش تي استاد محمد جمن جو ڳايل مشهورِ زمانا ڪلام ’ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳاتائين.
    انهن ئي ڏينهن ۾ صادق پنهنجي سرير جي سُرت، سوچ توڙي شعور سان باقاعده طور تي راڳ جي سکيا وٺڻ واري مرحلي کي هڪ ضروري عمل سمجھيو. سندس خوش قسمتي اها چئبي، جو کيس پنهنجي شوق توڙي ذوق جي حاصلات يعني سنگيت جي سکيا خاطر پنهنجي گھر توڙي ڳوٺ کان ٻاهر وڃي ڪو ڪشالو ڪاٽڻو نه پيو، پر پاڻ فن جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساڳئي مامي حسين بخش مڱڻهار کي سُرن جو سونهون تسليم ڪندي، ان جي آڏو گوڏا ڀڃي ويٺو ۽ سندس استاديءَ ۾ اچي، راڳ سان روشناس ۽ ويراڳ سان واقف ٿيڻ لڳو.
    ان کانپوءِ صادق فقير جو آواز سنڌ يا سنڌي ماڻهن لاءِ ڪو نئون نه رهيو، ڪئسٽي دنيا کان وٺي برقي ابلاغ (Electronic media) جي هر وسيلي تان صادق فقير جنهن انداز سان ڳايو، ان جي انفراديت اوترو ئي نروار ٿيندي وئي، نه صرف سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهرين سرحدن کان اڳتي واري دنيا ۾ به صادق فقير کي پنهنجي آواز جي پرچار ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ هن ڀلي ڀت پاڻ ملهايو.
    صادق فقير سنڌي موسيقيءَ جي ٻين صنفن سان گڏ خاص طور تي سنڌي غزل جي گائيڪيءَ ۾ نواڻ آڻي، ساڳئي صنف ۾ راڳداريءَ جا ڪافي نوان تجربا پڻ ڪيا، سندس شاعريءَ جي چونڊ به پنهنجي حوالي سان تمام بهترين ۽ شاندار رهي، سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ جديد ۽ معياري تخليق به ٻڌندڙن تائين پهچي، جنهنڪري شاعريءَ جا سٺا ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو رهيو. اهو ئي سبب هو جو صادق فقير پنهنجي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان وٺي نئين ٽهيءَ جي نمائنده صاحبِ ڪتاب شاعرن جي رچنائن کي پسند ڪندو هو.
    سنڌ جو سدا هي سريلو راڳي صادق سنگيت سميت ذاتي حوالي سان ضلعي ٿرپارڪر جي ڊائريڪٽر اسپورٽس، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ضلعي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جي بنيادي ميمبر سان گڏ شاخ جي سيڪريٽري طور پنهنجا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو، هڪ ادب دوست، ملنسار ۽ جاکوڙي شخصيت جو مالڪ صادق فقير هن وقت جيتوڻيڪ اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر سندس يادون ۽ گيت سدائين اسان جي محفلن، ميڙاڪن ۽ تذڪرن جي زينت رهندا. هن جو وڇوڙو پنهنجي شدمد سان ايترو گهرو آهي، جو ان کي شايد بيان ڪري نه سگھان، جو هو جنهن رُت ۾ اسان کان وڇڙيو، ان رُت ۾ ته نوان گونچ نسرندا آهن، گلاب ڦٽندا آهن، بهارون ئي بهارون هونديون آهن، پر تقدير جي اگرن فيصلن کي ڇا ٿو ڪري سگھجي، شايد منهنجي محبوب بابي مقصود گل جيان هن کي به هڪ سهڻي رُت ۾ سريلن سنگمن سان جدا ٿيڻو هو... بهارون، جيڪي مون لاءِ هاڻي بي معنى ۽ خارن مثل آهن، تن تي به ڪهڙو ڏوهه ڏيان...! شايد اها به فطرت جي منشا آهي ته ايندڙ سمورين رتن ۾ انهن گلن جهڙن ماڻهن کي محبتن جي ڏينهن ۽ بهار رُت ۾ دل سان ياد ڪيو وڃي. هاڻي جڏهن به بهارون اينديون ۽ جڏهن به محبتن جا ميلا مچندا، تڏهن اسان کي بابي مقصود گل سان گڏ صادق فقير جهڙا مٺڙا ماڻهو به ياد پوندا، ان وقت محبتن جي ميلن ۽ بهار رُت ۾ به اکيون ڇُلڪي پونديون...!


    • پرڀات جو مسافر : غريب گل سيتائي

    هُو جنهن جي سنگيت ۽ سُرن ۾ سمايل صدائن جي درد تي صحرائن جي دل ٻڏڻ لڳندي هئي، هُو جيڪو ٿر جي ڀٽن لاءِ ڪنهن ڀرجھلي ڀاءُ جهڙو سڀاءُ رکندو هو، جنهن جي آڱرين جي ڇُهاءُ سان، ساز ڪنواري بدن جيان آرس ڀڃي جاڳي پوندا هئا، هن جي دوستيءَ تي ڪارونجھر کي ناز هو، هن جي آلاپن تي، جهومندڙ مور پنهنجي رقص جا نُقص جاچيندا هئا، هن جو آواز پرهه جو پيغام بنجي محبت ڪندڙ دلين لاءِ آٿت جا کوڙ سارا آسرا ۽ اسباب پيدا ڪندو هو، هن جي ورلاپن جا وراڪا عبدالواحد آريسر جهڙي جرئت ۽ جذبو کڻي ڪارونجھر جي ڪُک ۾ رهندڙ رُوپي جي روح کي ساڻ ڪري، سنڌ جي نوجوان نسل کي عشق جو فلسفو سيکارڻ جي لاءِ نڪري پوندا هيا، هن جي ذات توڙي ڏات سُرن جي قافلن کي ساڻ ڪري ڪنهن بيقرار روح جيان لطيفي لات سان لوڪ جاڳائڻ جا جتن ڪندي هئي، هن جا نيڻ سونهن ۽ سرحد جي محافظ جيان جاڳڻ ئي سکيا هيا، هُو پرڀات جو مسافر هو، جنهن جي ڀاڪر ۾ محبوب جي ٻک جهڙو سڪون ۽ مرڪ جي مٺاس، ماڻهو جي من تان گناهن جا ڪيئي غبار ڌوئي ڇڏيندو هو، پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ سونهن، سڪ ۽ سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ دعاگو رهندڙ صادق فقير پنهنجي مٺيءَ کان موڪلائي مٽيءَ جو مهمان بڻجي ويو.
    موت مهڻو ناهي ڇو ته هر جيو پنهنجي مقرر مدت ۾ مري وڃڻو آهي، ليڪن ڪمهلو وڇوڙو هڪ فرد کان وٺي پوري قوم جي هانءُ سان جيڪي هاڃا ڪندو آهي، انهن جي ڪٿ ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندي آهي، ۽ جنهن طرح سان سنڌ جي موجوده صورتحال آهي، انهيءَ دور ۾ سنڌ کي صادق فقير جھڙي صوفي منش جي تمام گھڻي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ غلاميءَ جي جن بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي، اتي صادق جي ساز جي صدا جو اهو ڪمال هيو ته ڪيترا ئي نفيس جسم رکندڙ نوجوان پنهنجين هٺيلين محبوبائن جي ڀاڪرن مان ڇرڪ ڀري اٿي پوندا هيا، ڪيتريون ئي محبوبائون پنهنجي پرينءَ جي پيشاني چمي کين سنڌ جون پارتون ڪندي آزاديءَ جي اجري صبح ۾ ملڻ جي آس تي خوش نظر اينديون هيون .
    هُو، شيخ اياز جا انقلابي گيت ڳائڻ ويل ايئن ويٺل نظر ايندو هو، جهڙو دراوڙن جو ديوتا، جنهن جي سِٽن کي سمجھڻ لاءِ سپوت پنهنجا ساهه روڪي بيهندا هيا، حليم باغي ۽ اياز گل جي غزل ڳائڻ ويل انسان ته انسان، پر اپسرائون به پنهنجا زلف ڇوڙي رقص ڪرڻ لڳنديون هيون. هن جي گائڪيءَ ۾ گلابي چُمين جو مٺاس به هو ته ارڏي سپاهيءَ جي مضبوط مٺ ۾ تلوار جو تاب به هو. صادق فقير چيڪي مٽيءَ جو اهو پنوڙو هو، جنهن پنوڙي ۾ پالڻهار پنهنجي پاران نفاستن ۽ نزاڪتن جو امتزاج ڪندي محبتن جي پاڻيءَ سان ڳوهي مورت جي صورت ڏئي، ڳوٺاڻي نينگريءَ جي نازڪ هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو، انهيءَ نينگري وري پنهنجي ٻانهن ۾ پيل چوڙين جو ترنم، پنهنجا ٽهڪ، خوبصورت خواب، راتين جا اوجاڳا، بدن جي سُڳنڌ ۽ رقص جا سمورا راز ارپي سنڌ کي تحفي طور ڏئي ڇڏيا. هن جي اکين جي خاموشيءَ ۾ به خدا جي ٻاجهه جو پرتوو نظر ايندو هو، ۽ جڏهن ادائن سان صدا ڏيندو هو، تڏهن به ڪيترين ئي ڪنوارين جا انگ آرس ڀڃڻ لڳندا هئا ۽ اکين تي خمارن جا کيپ کين کيرو ڪري وجهندا هئا. هن جي محبتن جا معيار به ڀٽائيءَ جي سٽن ۾ سمايل مفهوم ’جيها ڪي تيها مون مارو مڃيا‘ سان مطابقت رکندڙ هئا، هن جو آڳند ۽ دسترخوان عاشق جي دل جيان ڪشادو هوندو هيو، جنهن تي کائڻ ۽ ڳائڻ گڏ گڏ هوندا هئا، هن جي آوازن ۽ آلاپن ۾ ڪنواري بدن جي اکين ۾ جوانيءَ جي آيل ڳاڙهي ڳانيءَ کان وٺي انهيءَ نوجوان جون ڪهاڻيون به شامل هونديون هيون، جيڪو وطن جي آجپي لاءِ پهاڙن جي پاڇي ۾ ٻانهن وهاڻو ڪري پهه پچائيندي آزاديءَ جا گيت ڳائيندي ڳائيندي گھري ننڊ ۾ سمهي پوندو هو. هو گلابن جي ديس جو رهواسي نه ئي سهي، ليڪن سنڌ جي اهڙي خطي سان سلهاڙيل هيو، جتي مور ٽهوڪن سان وکون واريندي ’محبوبن منٿون ڪري سڪڻ سيکاريوم‘ جهڙين لافاني سٽن جو مجسم ڀاسندا هئا، صادق فقير جي سُرن تي رامائڻ واري والميڪي جهڙيون صفتون رکندڙ سائين آريسر صاحب جهڙو ماڻهو ائين ئي مرڪي پوندو هو، جهڙوڪ سندس ننڍڙِيءَ اندرا کيس ڳراٽڙيون پائي ساڻس ڳالهيون ڪندي هجي.
    صادق فقير سان اسان جون محبتون ڪنهن به ريکا جون محتاج ناهن، ڇاڪاڻ ته غلام قوم جو صادق سِرن ۽ سيمائن جي آبرو ۽ بقا لاءِ سُرن جي صدا سان ضميرن تان زنگ لاهي کين زندگيون ۽ زنده دليون بخشيش ۾ ڏيندو آهي، محبتن جي سفير صادق فقير پنهنجي حياتيءَ جي هر پل ۾ اتساهه ۽ پنهنجائپ ايئن ونڊيندو رهيو، جيئن ديوتا، مها پرش جا دامن دان سان ڀريندو آهي، هو صادق سان گڏوگڏ امين به هيو، جنهن ساز ۽ آواز کي هن قوم جي امانت سمجھندي پنهنجي ڏات ۽ ذات ڪنهن به ڪم ظرف دليز جي دروازي جي زينت بنجڻ نه ڏنو. هن وٽ ٿر، ٿوهر ۽ مٺي ئي سڀ ڪجهه هئا، هو ٿر جي اڪن جي ڦلڙين سان محبوبا جي نڪ جي ڦليءَ جيتري محبت ڪندو هيو، برسات جي بوندن سان ڀنل ڀٽن تي ويهي ملهار ڳائڻ ويل ديوتائن کي حيران ڪري وجھندڙ صادق فقير ’سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا‘ جهڙين سٽن تي سڏڪو ڀريندي، فطرت کي ميار ڏيندي، اهو ضرور چيو هوندو ته اي ڏيهه جا ڏاتار ! جيڪڏهن تون پنهنجي ٻاجهه ڪرين ها ته خيرپور جي انهيءَ شاهه جي ڪهڙي مجال جو اهو ’آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ جهڙن شُڪرگذار انسانن جي شان جي خلاف زبان درازي کان ڪم وٺي معصوم ۽ مشڪور ماڻهن جي بکن تي بي لغامي سان لفظن جا وار ڪري ها، ڇاڪاڻ ته صادق فقير جھڙا انسان جتي پهاڙن جهڙو حوصلو رکندڙ هجن ٿا ته اتي وري ڪنواري ڪرائي ۾ پيل چوڙيءَ جهڙن نفيس جذبن جا مالڪ به هجن ٿا، اهڙن انسانن جو هجڻ هر دور جي گھرج هجي ٿي، خصوصا جڏهن وطن جون چانڊوڪيون ۽ چيٽ غلاميءَ جي خونخوار حالتن سان منهن مقابل هجن، اهڙين حالتن ۾ صادق جي اچانڪ موڪلاڻيءَ احساسن جي تتل صحرائن تي ڪربلا برپاڪري وجھنديون آهن. آزاديءَ جي آرڻ ۾ مرڪندي موڪليل محبوبن جي پريميڪائن جي سڊول سينن جا اوچا ڳاٽ آس ۽ نراس جهڙي ٻڏ تر ۾ جهڪي پوندا آهن، ۽ منهنجي دل گواهي ڏئي ٿي ته ڀٽ ڌڻيءَ جي پيراندي ۾ ستل شيخ اياز، ڀٽائيءَ جي قدمن تي اکيون رکي روئي ڏنو هوندو، مڪليءَ جي ميدان ۾ دريا خان، ڄام نندي سان ڳراٽڙي پائي سڏڪا ڀريا هوندا، ۽ سنڌ جا سمورا سُورما، سن جي سرزمين تي گڏ ٿي ان ٻُڍڙي سيد کي ڪلهن جو سهارو ڏئي، ٽلٽيءَ جي ڌڻيءَ کي ساڻ ڪري صادق فقير جي سيراندي کان بيهي عبدالواحد آريسر جي اکين سان کيس سلام آڇيا هوندا، ۽ يقينن صادق فقير جي خاڪي جسم مڪي جي پهاڙن کان مٺيءَ تائين پهچڻ جي ڪٺن مسافتن واري ٿڪاوٽ اڇلائيندي مخدوم بلاول ۽ سن جي سيد جا هٿ چُمي اکين سان اجازت وٺندي هي ٻول ضرور ورجايا هوندا ته:
    وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
    ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.


    • من کي اُداس ڪري ويا ’ماريا‘ ۽ ’صادق‘ : خالد ٻانڀڻ

    هوءَ سکر ۾ هڪ سال اڳ حاجن شاهه ماڙي واري ۽ حسين شاهه قمبر واري تي ٿيل بم ڌماڪن بابت رضا علي سان گڏ اسٽوري ڪرڻ آئي هئي. روس ڄائي ماريا اسلام آباد ۾ برطانيه جي نيوز ايجنسي رائيٽرز جي افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ڪيترن سالن کان بيورو چيف مقرر ٿيل هئي ۽ ڪجهه ڏهاڙا اڳ اسلام آباد جي گهر ۾ هن جو پُراسرار نموني موت ٿي ويو، جنهن خبر مون کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي. ڇو ته سکر ۾ اسٽوري ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر، مان ۽ رضا علي جيڪو پڻ اسلام آباد رائيٽرز جو ملازم آهي، گڏجي سفر ڪيو هو، ٽن ڏينهن جي مختصر عرصي جي ملاقات دوران هن جي مُک تي سدائين مرڪ ڏٺي، خوش مک، خوش مزاج شخصيت جي مالڪ ماريا، ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، ڄڻ ته اندر جي ڪنهن وڏي غم کي ٿي لڪايو. ائين اسان جو سريلو راڳي هميشه پنهنجي ڳلي مان پيار جي اظهار ۽ ڌرتيءَ جي سُڳند جا مٺا گيت ڳائيندڙ صادق فقير ٿر جو ڄڻ ٻاٻيهو هو، هن جا آلاپ جيءَ کي جهوري ڇڏيندا هئا، صادق جڏهن سائين اياز گل جي لکيل وائي،
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.


    ڳائي هئي ته صادق جو آواز پوريءَ سنڌ ۾ درد جي هڪ گهري صدا جيان پکڙجي ويوهو، ان کانپوءِ آڪاش انصاريءَ جو نظم صادق جي ڄڻ ته روح مان ڦٽي نڪتو هو .
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

    ائين لڳندو هو، اسين سڀ اڌورا آهيون، اسان جي زندگيءَ جي ڪهاڻي هن نظم ۾ آهي، جڏهن صادق فقير وري شيخ اياز کي ڳايو هو ته سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کان ڄڻ آهه نڪري وئي هئي، تڏهن ته هن چيو هو ’منهنجي شاعريءَ کي ڳائڻ لاءِ جنهن آواز جي ڳولا هئي، اهو صادق جي روپ ۾ ملي ويو آهي.‘ ها صادق فقير پاران شيخ اياز جي شاعري تي مشتمل ڪئسٽون مارڪيٽ مان هٿو هٿ کپي ويون هيون، جنهن ۾:
    ڌرتيءَ توکي منهنجي چمي،
    اڌ ۾ رهجي ويندي.

    يا وري
    چڱو ڀٽائي آئون هلانٿو،
    يا کڻي هي نظم ڇو نه هجي،
    صدائون ته هونديون،
    صدائون ته هونديون.
    جڏهن مان نه هوندس،
    جڏهن مان نه هوندس.،

    اهي اهڙا نظم هئا جن صادق فقير کي شهرتن جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو. هن بازاري شاعريءَ کان پاسو ڪندي هميشه معياري ۽ سنجيده شاعري ڳائي پنهنجو مقام ماڻيو. هن جي دل ڌرتي هئي، هن وٽ ٿر جي درد جهڙو آواز هو. هو ايترو ئي پڙهيل لکيل انسان هو جيترو سنجيده ڳائيندڙ راڳي هو.
    صادق جو روڊ حادثي ۾ اچانڪ وڇوڙو، پوريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو آهي، اڙي يار تون ته هليو وئين، پر تــنـهنجو آواز صدين تائين سنڌي ميوزڪ ۽ سنڌ جي سريلن ٻڌندڙن جي دل ۾، ڌڙڪن وانگر ڌڙڪندو رهندو. مون کي ياد ٿو اچي ته 1997ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري سائين اياز گل هو ۽ مان لطيف يونيورسٽي شاخ جو سيڪريٽري هئس، حيدر آباد سنڌ ميوزيم ۾ ٿيل پروگرام ۾ سائين اياز گل، شيراز شاهه جيلانيءَ سان گڏ صادق فقير سان فوٽو ڪڍرايو هو، جيڪو فوٽو مون وٽ اڄ به محفوظ ۽ سوشل ميڊيا تي رکيل آهي ۽ منهنجي صادق فقير سان اها پهرين ملاقات هئي، جيڪا ڄڻ اسان جي وجود جو حصو بڻجي رهجي وئي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ماريا ۽ پوءِ صادق فقير جو حادثاتي وڇوڙو سرمد سنڌيءَ جي وڇوڙي وانگر هانءُکي ڄڻ وڍ ڏئي ويو آهي. ڪي آواز، ڪي شخصيتون، جن کي وسارڻ گهرندؤ تڏهن به نٿا وساري سگهو، انهن ۾ سرمد سنڌي ۽ صادق فقير به شامل آهن.
    سٺا ماڻهو هميشه الاءِ ڇو جلدي وڇڙي ويندا آهن. صادق فقير سنڌي ادب ۾ ايم اي سان گڏ مٺيءَ ۾ تعليم شعبي سان لاڳاپيل هو. ڳائڻ هن جي جدا خوبي هئي، تعليم جي ميدان سان گڏ صادق راڳ سان به پنهنجو وچن آخر تائين نڀايو. 5 مارچ تي سندس مڙهه مٺي پهچڻ تي سائين اياز گل جيڪو ٽه سٽو لکيو آهي، اهو مان پنهنجي پڙهندڙن سان هن مضمون ۾ شيئر ڪريان ٿو:
    توکان ٿيندي ڌار
    مٺي ڪؤڙي ٿي لڳي
    صادق منهنجا يار!

    ها صادق توکان سواءِ پوري سنڌ ڄڻ ڪ‍ؤڙي ٿي وئي آهي. ساز، سُر بي آواز ٿي ويا آهن. ساهن جون تندون ٽٽي پيون آهن، لڙڪ اکين تان ڳلن جي رڻ ۾ رلڻ لڳا آهن، هر اک آلي آ، رات جي سانت جهڙي راڳ ۾ خاموشي آهي، ائين جيئن جڳجيت وڇڙيو هو ته ندا فاضلي، جاويد اختر، گلزار ۽ غالب جا غزل ڇورا ڇنا ٿي ويا هئا، ائين صادق جي وڇوڙي سان سنڌي سنجيده شاعري، اها شيخ اياز جي هجي، اياز گل جي هجي، ادل سومري جي هجي، حاجي ساند جي هجي يا کڻي سائينداد ساند جي هجي، ڄڻ ويڳاڻي ٿي وئي آهي. سموري سريلي شاعري اندر ڄڻ ته صادق فقير لفظن ۾ ساهه جهڙي رواني وجهندو هو، جڏهن ڳائيندو هو ته ڀٽن جو ٻاٻيهو پکي، ڪوئل خاموش ٿي ويندا هئا. اڄ جڏهن ماريا ناهي، صادق ناهي، دل ڏاڍي اداس آهي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. موت اٽل آ، اهي گهڙيون ضرور هر ڪنهن تي اچڻيون آهن، پر انهن ۾ تڪڙ ڄڻ وجود وکيري ٿي ڇڏي، اندر ڀورا ڀورا ٿي پئي ٿو.


    • ۽ مور ماٺ ٿي ويو! : ارم درس

    عرب جي سرزمين تي نيٺ ٿر جو مور ماٺ ٿي ويو، ’توکان ٿيندي ڌار‘ واريون سٽون ساهه ۾ سڏڪا ٿي لهي ويون، ڏکن وارو ڏيهه ٿر ٻيهر بر بڻجي ويو، هو مڱڻهار هوندي به ڏيندڙ هو هُن سڄي سنڌ کي محبتن ۾ ائين ويڙهي ڇڏيو، جيئن ڪپڙي جو ٿان ويڙهبو آهي، پوءِ دنيا ڏٺو ته هُن کي ڪيڏي عظيم موٽ ملي، هُن پُڄاڻا ٿر سراپا سور بڻيو، هونئن به ڏسجي ته ٿر جي ماڻهن جا ڏک به سدائين نرالا رهيا آهن. شايد اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي خوبصورت شاعر حليم باغيءَ”منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين روئي پوندين“ واري ڳالهه ڪئي هُئي. پر عظيم ڀائپيءَ جو مثال ڏيندڙ هن خطي جي سورن جا سڏ شايد ڪڏهن به اختيار ڌڻين ناهن ٻُڌا. اهوئي سبب آهي، جو سالن کان وٺي سوڳ جون اهي صدائون ڀٽن جي ڀر ۾ گونجي خاموش ٿيون آهن. ڏاها ورهين کان وٺي اهو ڏس ڏيندا پيا اچن ته جنهن معاشري ۾ اوچ نيچ ذات پات ۽ مذهبي متڀيد وارو رويو نه هُجي، جتي هر ماڻهوءَ جي احساسن کي سمجھڻ ۽ دردن کي محسوس ڪرڻ وارا ماڻهو موجود هُجن، اهو معاشرو جنت جيئن محسوس ٿيندو آهي ۽ اُتي سدائين خوشيون پيون رقص ڪنديون آهن، هونئن به ڏسجي ته هن سماج ۾ خوشيون ۽ غم پاڻ ۾ ايئن ڳنڍيل رهيا آهن، جيئن هڪ سڪي جا ٻه پاسا هُجن ٿا، انسان ازل کان وٺي پنهنجن ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪري جيئڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي، اهو سبب آهي، جو دردوند دليون رکندڙ ماڻهو مصيبتن ۾ هڪٻئي کان پري ناهن ڀڄندا ۽ نه وري اُهي هڪٻئي کان منهن موڙيندا آهن، هن سماج ۾ جتي هر ماڻهو مايا جي موهه پُٺيان پاڻ کي وڃائي پئسا ڪمائڻ واري ڌُن ۾ رُڌل آهي تڏهن احساس آشنائيءَ وارو رواج به موڪلائيندو ٿو وڃي، پر وري هر ايندڙ تهوار اسان کي هڪٻئي سان هُجتون قائم ڪرڻ ۽ محبتون ورهائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
    مذهبي ڏهاڙا عقيدت جي اظهار جو نرالو نمونو هُجن ٿا، شايد اهوئي سبب آهي، جو هرڪو انهن ڏهاڙن تي خوشيون ونڊڻ ورهائڻ ۽ مسڪرائڻ چاهيندو آهي، صادق فقير به ته انهن ماڻهن مان هو، جيڪي ٻين کي خوشيون ڏيندا آهن. شايد انهيءَ ادا جي ڪري هيل ڪنهن به ڀٽن جي ڀر ۾ هولي ڪانه ملهائي، صادق سڄي ڄمار پيار جي رنگن ۾ سڄي دنيا کي رنگي اهڙو جھان جوڙيو، جتي ڪا به نفرت نه هُئي، هو ڪڏهن به مايا جي موهه پُٺيان ڪونه لڳو هُو. ڏيڻ سکيو هو. ’هُن گيتن جي گونجار ڏني‘، هُن لفظن جا پوپٽ اُڏاريا، هُن محبتن جي اهڙي ته مالها پوئي هُئي، جنهن ۾ ڪٿي به ڪنهن نفرت جو عڪس باقي نه هو
    هي سماج جنهن ۾ نفرتون وڌي وڻ ٿي وڃن، اُتي من ۾ محبتون سانڍڻ به ڪنهن ديواني جي خواب جيئن لڳندو آهي، هونئن ته احساس آشنا ماڻهو چاهيندا آهن ته هوليءَ جو ڏينهن اهڙي نموني سان ملهايو وڃي ته جيئن ڪٿ به ڪو نفرتن جو وجود باقي نه بچي، هر پاسي پيار جي پرچار هُجي، انهيءَ پيار جي پرچار ڪرڻ ۽ پاڻ کي رنگن سان رنگڻ جو ڏينهن ضرور آيو، پر سنڌ جون اکيون اداس هيون، سواءِ سوڳ جي ٻيو ڪجھه به نه هو. مون هوليءَ جي شام جو پرڏيهي پکين جي اکين ۾ به اُداسي محسوس ڪئي هُئي، هونئن به ڏسجي ته هولي رنگن جي اُها راندآهي، جنهن ۾ خوشين جا خزانا لڪل هُجن ٿا، اُهي رنگ، جيڪي ڪيڏا نه نرالا ۽ عجيب ٿيندا آهن، ان جو اندازو ته انهن ماڻهن کي هوندو، جيڪي ماڻهن رنگن سان عڪس اُتاريندا آهن، آءٌ سوچيندي آهيان ته هر رنگ جي انوکي ۽ منفرد معنيٰ هُجي ٿي، جيئن اڇو رنگ امن، گلابي رنگ اظهار، خوشي، ڳاڙهو رنگ پيار جي پرچار ۽ نيرو آسماني رنگ آزاديءَ جو اُهڃاڻ هُجي ٿو، اُهي رنگ ئي ته آهن، جيڪي دُنيا جي نظارن کي با معنيٰ بڻائن ٿا، پر هوليءَ واري ڏينهن تي مون محسوس ڪيو هو ته سمورن رنگن تي ڪارو رنگ حاوي هو، اهو رنگ، جيڪو ڏک جي انتها جي علامت بڻجي ويو هو، جنهن آڏو خوشين جا سمورا رنگ پنهجو وجود وڃائي ويٺا هئا. سنڌ سڏڪي هُئي، هر دل ۾ غمن جو تڏو وڇايل هو، ٿر جي راڻي صادق فقير جي وڇوڙي وارو درد هر شيءِ تي حاوي هو، ايئن محسوس ٿيو پئي ڄڻ مورن کان ٽهوڪا وسري ويا هئا، هوليءَ جا رنگ به ته ٻُسا ٿي پيا هئا، انهن رنگن مان سموريون معنائون موڪلائي ويون هيون، سنڌ جون صدائون سعودي عرب جي رستن ۾ رُلي ويون هُيون، ۽ پوءِ سورن جون صدائون ورنائيدڙ راڳي هميشه لئه مٺيءَ جي مٽي اوڍي سمهي رهيو، ٿر جو مور ماٺ ٿي ويو، پر اڃا به هُن جا ڳاتل گيت اسان وٽ موجود آهن، جيڪي سدائين اسان کي هُن جي ياد ڏياريندا رهندا، ڇوته هو وڇڙي به امر ٿي ويو آهي.


    • هي جنم وڇوڙو آهي : ليکراج راهي

    انسان پاڻ نه ٿو مري، ٻئي کي ماريو وڃي، جيئن صادق فقير ڪري ويو. ايئن ڪري ويو جو اعتبار به نٿو ڪري سگهجي. هُن جون اکيون ئي عمرو هيون، هوءَ پاڻ حضوري حج هو. هڪ مٺي ڇا، سڀني مٺين کي ماٺ ۾ ويڙهي ويو. جنهن به ٿي اهو ٻڌو، هينئن تي ٿي هٿ رکيو ته ائين ڪيئن ٿيندو؟ پر ايئن ئي ٿيو، جيڪو صادق سان ٿيو، جيڪو سموري سنڌ سان ٿيو.
    ڪنهن پر روئان پرينءَ کي روئي نه ڄاڻان
    مٿي ڪيو ڀوڻا، هنجن هاڻا هٿڙا.!

    ڪيڏو ڪيڏارو ڳائي ويو موت! هڪ آلاپ، هڪ سين، هڪ پڙلاءُ هڪ سُڳنڌ جو وڇوڙو! هي جنم ئي وڇوڙو آهي.... هي زندگي ئي ذيان ٿيڻ جو نالو آهي. ڪٿي سڳنڌ ڳولجي؟ ڪٿي صادق ڳولجي؟... بس سراپا سُر هو! سُر به اهڙو، جيڪو سموري ڪاڪ سڃي ڪري ويو، سڄي سنڌ کي سوڳ جو سڏ ڏئي پاڻ الائي ڪيترو پري هليو ويو!
    هو هليو ويو يا پنهنجو وارو وڄائي ويو! وارو به اهڙو وڄائي ويو، جو محفلن مان مئڪشي ماٺ ٿي وئي، دوستيون، دلبريون، دل لڳيون سڀ دل ۾ هن ننڌڻڪي مُند جا ڍُڪ ڍُڪ ٿي ويون. ڪير دوستن ۾ هاڻي ضد ڪندو ته ’نه صادق کي ئي ٻڌبو‘ ها، صرف ٻڌبو، سڏ ڪبا. صادق تون سُر ۽ ساز جو روح، آلاپ جو هڪ اٽوٽ رشتو آهين! تون ڀلي سوين ڏيهه ڏور هليو وڃ، پر تون تند جو تن ٿي، پنهنجي سڏ جو ساهه ٿي، سموري سنڌ ۾ گڏ رهندين. ننڌڻڪي گهڙيءَ جو نينهن نهوڙي ته ويو توکي، پر تون رابيل به مُرجهائي وئين سُڳنڌ به ساڻ کڻي وئين.
    هُن سيڪيندي هٿڙا، مون ڳاڙيندي ڳل
    ڪالهه ڪندا ويا ڪاپڙي.! (شاهه)


    فطرت کان ڪير بدلو وٺي! فطرت جو فيصلو اهو هو، ته ڳاڙهن ٻيرن جهڙي ڀاڪر مان هڪ گُل پٽجي! سو ايئن ئي ٿيو ۽ ٿر مان ٻاٻيهو ٻولي اُڏري ويو. شام جو شهديو بابا جو فون آيو ته ’يار صادق...‘ بس اڳتي ٻڌڻ جي پوءِ همٿ هانءَ نه ساري! مُڪيش راجا رڙ جهڙي دل سان ايئن چيو ’يار ... صادق!‘ ڇا ڪجي، بس مڪي جي مٽيءَ کي، مٺيءَ (سنڌ) جي مٽيءَ جي هڪڙي ميار آهي!
    آئون سج لٿي جو ويندس،
    مون سان گڏ هزارين هوندا،

    آئون پوئي به اڪيلو ويندس! (حسن درس)

    ڪڏهن ڪڏهن زندگي اهڙا سوداءَ ڪري ويهندي آهي، جو پوري عمر، ڪيئي نسل، قوم ۽ مٽي انهن جو خال ڀري نه سگهندي آهي. سنڌ سان به ايئن ئي ٿيو. سدائين المين اکيون ڌوڙ ڪيون... سنڌ تي سدائين سج رت ۾ ٻڏي لٿا... شام سدائين وڇوڙي جون چٺيون ڏنيون! صادق فقير ته سڄي سنڌ لاءِ سراپا سُر هو، سُڳنڌ هو... هن جو سڀاءُ به سندس سُر جهڙو! دوست هن جا دادلا، هي دوستن جو دادلو! محفل ۾ ڳائي ته سڀ من مور جي ٽور ٿي جهومن! اڄ صادق ڪنهن سُرهي شام ۾ سُمهي پيو هوندو، پر هر گهڙيءَ جي گليءَ مان جو به سوز جو سڏ نڪرندو، اُهو ضرور صادق جو سڏ هوندو.
    ماڻهو، ماڻهوءَ بنا مريو نه به وڃي، پر هو محروم ضرور ٿيو وڃي! هتي ماڻهو ته ڇا سنڌ محروم ٿي وئي. جنهن ڏانهن به ڏس ايئن ٿو لڳي ته هر اک ۾ لڙڪ ٽنگيل هُجي! هڪ ڏک جو ڏنڀ ڏنل هُجي. مُنهنجي ته هُن سان ٽهڪن جي شناسائي هُئي، جڏهن به ملندو هو ٽهڪ ئي ٽهڪ! بس موت تي مايوسي ڪهڙي ڪجي! بس هڪ غصو آهي ته تون ويساهه گهاتيون ٿو ڪرين، تون مور ماريو وڃين، هنج اُڏاريو وڃين، تون دليون داڳيو وڃين... پر هڪڙو سچ آهي، صادق جيڪو ڪڏهن به ڪير به اسان مان ڪڍي نٿو سگهي. تون ٻيجل، تون ساز، تون آواز، تُون سڄو سنڌ آهين صادق....! جيسين سنڌ آهي، تيسين صادق ضرور آهي...! سدائين تولاءِ سڪ جي ساهه جا سلام هوندا...! تون سڀ ڳائي وئين، سڀ اُڪلائي وئين اڪيلايون.... تون ڳائيندي، کلندي هليو وئين... هتي ته صرف بچيو آهي... سوز ۽ تنهنجا ساز...!
    چارون اور نراشا هي،
    گُوتم تُو اڪ گاتا جاوي!



    • ڀٽائيءَ جي تنبوري جي تار ڇڄي پئي! : سورٺ لغاري

    مون کي اُها گهڙي اڄ به ياد آهي، جڏهن شام جا پاڇا اڃا لڙيا ئي نه هئا ته منهنجي موبائل تي هڪ سنيهڙو آيو هو، سنيهڙو ڇا هو، سنڌ جي وجود تي ايٽم بم جو وار هو. موبائل تي آيل انهيءَ سنيهڙي منھنجي اکين ۾ سانوڻي مينھن برپا ڪري ڇڏيو هو، منھنجي سھڻي سنڌ جو سھڻو راڳي صادق فقير روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. اھا ڏکوئيندڙ خبر پڙھندي ئي منھنجي ڪنن ۾ ھي گيت پڙاڏو بنجي گونجڻ لڳو ته: ’شام لڙي آھي شام لڙي آھي‘. ويل وڇوڙي جي ڪيڏي نه ڪڙي آھي، شام ايڏي اداس ۽ وڇوڙي جو تاثر ڏيندڙ ڇو ھوندي آھي، پر اھا شام جي صادق فقير جي زندگيءَ جي پُڄاڻيءَ جي شام ھجي ته ڪيڏي نه قھر جي شام ھوندي، ڪيڏي نه اذيت ڏيندڙ شام ھوندي! ھيءَ سنڌ جيڪا سدائين سور سھندي رھي آھي، ڪڏھن قومي قافلي ۾ هلندڙ پنھنجي شھيد پُٽن کي پنھنجي ھنج ۾ ته ڪڏھن اديبن، فنڪارن کي ٿپڪيون ڏئي سمھاريندي رھي آھي. اھا ئي سنڌ جيجل ٻانھون ڊگھيري صادق کي پنھنجي ھنج ۾ سمھارڻ وقت ڪيڏي نه روئڻهارڪي هئي، ڄڻ ته سندس چيلهه ڀڄي پئي هجي. صادق هو به ته اهڙو. هو، جيڪو ڪڏھن مندرن ۾ ڀڄن ڳائيندي، ته ڪڏھن وري صوفين جي محفلن ۾ لطيف ۽ سچل کي ڳائيندي ته ڪڏهن وري سنڌ جي اڙٻنگ عاشقن جي وچ ۾ اياز جا انقلابي گيت ڳائيندي نظر ايندو هو، هن ته هن سنڌ ۾ صوفين واري روايت کي برقرار رکيو هو، هن جي لاءِ دين، ڌرم ڪا به معنيٰ نه رکندا هئا، هن وٽ انسانيت ئي سڀ کان وڏو وکر هو، هو اياز جي هن سِٽ تي عمل پيرا هو.
    مذهب منهنجو ماڻهپو، دين ڌرم سڀ ڌُوڙ
    صادق فقير جي ڳائڻ جو نھايت ئي سھڻو انداز ڪنھن کي نه موھيندو؟ جيڪو ٻڌندو ھو، محبت جي سڳي ۾ تسبيح جي داڻن وانگي پوئجي ويندو ھو. ڇا ته ڪمال ھو، ھن جي نھٺائين، نوڙت ۽ ميٺ محبت ۾ جو سنڌ جو ھر باشعور اديب شاعر، سياسي ڪارڪن، ھر اھل دل ماڻھو صادق کي پنھنجو دوست سمجھندو ھو. ڪنھن شاعر چيو آھي ته ’محل دولت سان جوڙي ٿا سگھجن سوين، پر جاءِ ڪنھن جيءَ ۾ جوڙڻ آ ڏاڍي ڏکي!‘ پر اسان جي صادق وٽ اھڙو ته ڏانءُ ھو، جو هو ھر دل ۾ جاءِ جوڙي وٺندو ھو. سنڌ جو هيءُ سُريلو ۽ سيبتو راڳي صادق پيسي جو غلام نه ھو، ھو سنڌ جي عشق ۾ ڳائيندو ھو. ھا، ھو ته سراپا سنڌ ھو.
    ڪنھن سوچيو به نه هوندو ته ٿر جهڙي پٺتي پيل خطي ۾ جنم وٺندڙ ھي محبتي انسان سنڌ جي طبقاتي سماج ۾ پنهنجي الڳ ۽ نرالي سڃاڻپ قائم ڪندو ۽ پوري سنڌ جي سنڌين جي دل جي ڌڙڪن بنجي ويندو! اھا ڪھڙي اک ھئي، جيڪا ھن محبتي ماڻھوءَ لاءِ آلي نه ٿي ھجي! سنڌ جو هيءُ غريب فقير، دل جو ڪيڏو نه امير هو، جو اڄ هرڪو ويٺو سندس گُڻن ۽ مهماننوازيءَ جي ساراهه ڪري. هو ايترو امير هو، جو سڄي سنڌ ھن لاءِ سڏڪي پئي. جيتوڻيڪ سنڌ جون حالتون ايڏيون مايوس ڪندڙ نه آھن، اڄ به سُر تي سِر ڏيندڙ ڏياچ ڪيترائي سنڌ ۾ موجود آهن، پر ڏک اهو آهي ته ٻيجل جهڙو سُرندو وڄائيندڙ صادق اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيترا ڏينهن گذري وڃڻ باوجود مٺيءَ جا روڊ رستا لڙڪ وھائيندڙ سڏڪندڙ ماڻھن جي ھجومن سان ڀريل آهن، هيءَ رستا ان محبتي ماڻهوءَ لاءِ اُٻاڻڪا آهن، جنهن کي اجرڪون پارائي، گھوٽ ڪري، جيجل ماءُ سنڌڙيءَ جي ھنج ۾ سمھاريو ويو آهي.


    • سنڌ جو ٻيجل صادق فقير: دولت رام کتري

    ٿر سنڌ جي تاريخ، تهذيب، علم ۽ ادب جو شاندار خطو آهي. ڏاهپ ۽ ڏانءُ ٿر جي ٿاڪ جو ساکي رهيو آهي، ٿر سنڌ جي ثقافت جي لازوال تصوير پڻ آهي. ٿر جي ثقافت، علم، ادب، موسيقي لوڪ ڪچهريون تاريخ جو حصو رهيون آهن. لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ٿر کي پنهنجي شاعري ۾ سموئي، ٿر کي امرتا بخشي آهي، جيئن سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ٿر کي ’سرڳ‘ سمان سڏيندي پنهنجي چونڊ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته
    ساٿي مون دنيا گهمي چونڊيو آهي ٿر
    ڄڻ ڪنهن ’سرڳ‘ سمان آ، واريءَ تي هي ٿر
    سانجهيءَ وير اَمَر، رتيءَ ريت جي.

    ٿر جي تاريخ جو هڪڙو نالو شهر مٺي پڻ آهي، جيڪو سنڌ ۾ پنهنجي مذهبي رواداري، پيار، اَمن ۽ محبتن جي شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. شهر مٺي اُهو شهر آهي جيڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ اُتساهه جو سبب آهي. مٺي شهر جي ڀرم ڀريل ڀٽن ۽ شهر جي حسناڪيءَ تي سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز مٺيءَ تي باک ڦُٽڻ جي منظر کي ڪُجهه هن ريت پيش ڪري ٿو ته:
    مٺيءَ تي جيئن باک ڦٽي ٿي،
    ڀِٽ ڀِٽ آ ڳاڙهي گُلاب جيان،
    هن ڌرتيءَ جي خواب جيان،
    ڀِٽ ڀِٽ گونجي ٿي جن سان،
    منهنجي روح رباب جيان،
    واري جا طوفان اُٿن ٿا،
    آنڌي جيئن انسان اُٿن ٿا،
    ٿر بر روز حساب جيان،
    ها ها منهنجي خواب جيان،
    ڳاڙهي گُل گُلاب جيان.

    هي شهر جن ماڻهن جي جنم ڀومي رهيو آهي يا هن شهر سان جن ماڻهن جو تعلق رهيو آهي، اُهو ماڻهو هن شهر جي لازوال محبتن کي هرگز وساري نٿو سگهي. هي شهر علم ۽ ادب سان سرشار آهي، ته موسيقيءَ جي حوالي سان هن شهر جي پنهنجي سڃاڻپ رهي آهي. موسيقيءَ جي حوالي سان هونئن ته ٿر ۾ تمام گهڻا گائڪ موجود آهن. پر مائي ڀاڳي، موهن، مراد فقير، يوسف فقير، حسين فقير، ٿر جا اهي نالا آهن. جن سنڌي موسيقيءَ جي اصل چارم کي زنده رکيو آهي. جديد سنڌي موسيقيءَ ۾ ٿر مان جڏهن صادق فقير جو آواز اُڀريو، تڏهن انهيءَ آواز جديد سنڌي شاعرن جي شاعريءَ کي نئون رنگ ڏنو. صادق فقير جي مٺڙي آواز ۾ هڪ اهڙو درد هو، جو انهيءَ آواز ٿوري عرصي ۾ وڏي مڃتا ماڻي. صادق فقير هڪ پڙهيل لکيل راڳي هو، جنهن سنجيدا ۽ چونڊ شاعري ڳائڻ کي ترجيح ڏني. هن جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ کي جديد ڌُنن ۾ ڳايو، تڏهن هو اياز جو راڳي بڻجي ويو، هن اياز جا مزاحمتي گيت ڳائي قومي تحريڪن ۾ نئون روح ڦوڪيو. صادق فقير سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن توڙي عام ماڻهن جو راڳي هو، هن کي جتي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوان شوق سان ٻڌندا هئا ته اتي عام ماڻهو پڻ هن جي آواز جا ديوانا هئا. هڪڙي خوش مزاج ۽ فقيري طبيعت سبب هن سڄي سنڌ ۾ ايترا دوست ۽ مداح ٺاهياجو سنڌ جو هر ماڻهو هن کي پنهنجو ويجهو دوست سمجهڻ لڳو، سنڌ جي ادبي لڏي ۾ هن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهي. سنڌ ۾ ڪو به دوست هن کي ڳائڻ لاءِ دعوت ڏيندو هو ته هو اتي پهچي ويندو هو ۽ پوءِ ڪچهرين ۾ صادق فقير جا ٽهڪ هوندا هئا. سندس طبيعت ۽ مزاج جي ڪماليت اها هوندي هئي جو هر ماڻهو وٽ هو محبتون ورهائيندو هو. مٺي ۾ چاچي رتن جي هوٽل جون ڪچهريون اڄ به وسري نه ٿيون سگهن. هن پنهنجي محبتي مزاج ذريعي مٺيءَ جي علمي ادبي لڏي کي هڪ مالها جيئان پروئي رکيو هو جتي ٿي ويو، اتي پنهنجون يادون ڇڏي ٿي آيو. پر هي اوچتو ڇا ٿي ويو جو 26 فيبروري جو ڏڻ اسان لاءِ هن جي موت جي خبر کڻي آيو هڪ اهڙي خبر جنهن تي سنڌ جي ڪنهن به دوست اعتبار نه پئي ڪيو. هن جي وڇوڙ ي جي خبر سنڌ جي جهر جهنگ تائين پهتي ته سنڌ جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون، سنڌ جي سورج مکين پنهنجا ڳاٽ جهڪائي ڇڏيا مٺيءَ جون گهٽيون اداس بڻجي ويون، مٺيءَ جي ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ چلهه نه ٻاري، هر گهر ۾ ماتم هو عورتون پار ڪڍندي روئنديون رهيون، هڪ اهڙي درد جي ڪيفيت هئي جو اها ڪيفيت لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي. هوليءَ جي تهوار جي موقعي تي جڏهن مٺيءَ جي هن محبوب راڳي کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو. تڏهن مٺي سميت سنڌ جي هزارين ماڻهن شاندار اعزاز سان صادق فقير کي شردانجلي ڏئي الواع ڪيو. مٺي جي ماڻهن هن محبوب راڳي کي جنهن اعزاز سان الوداع ڪيو، انهيءَ شاندار اعزاز سنڌ جي مذهبي رواداري کي نئون رنگ ڏنو. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب صادق فقير جي لاءِ دعائون گهريون ۽ گيتا جا پاٺ ڪري صادق کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو. صادق فقير مذهبي رواداري ۽ محبت جو مجسمو هو ۽ اهڙا املهه راڳي ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. صادق فقير جو وڇوڙو هڪ اهڙو ڏک آهي جيڪو هميشه جي لاءِ اسان جي روح ۾ رهجي ويو آهي اسان ان جا ويجها دوست انهيءَ وڇوڙي جي ڏک کي ڪيئن ٿا وساري سگهون، بحر حال موت بر حق آهي پر اسان هن وقت راحت فقير کي صادق فقير جي روپ ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا اميد ته راحت فقير صادق فقير جي فن کي اڳتي وٺي ويندو ۽ هو موسيقيءَ جي دنيا ۾ اڳتي هلي پنهنجو قدر پاڻ ڪرائيندو.


    • سُر ۽ آلاپ جي سفر جو پانڌيئڙو: صوبدار قاسمي اوٺو

    آلاپ ۽ سُرن جو ڏيهه ٿر، جيڪو اياز جي هٺيلن هرڻن جو ماڳ آهي، ٿر جيڪو مائي ڀاڳيءَ ۽ مراد فقير جي سدا سريلين گيتن جي مهڪار سان واسيل آهي. ٿر، جيڪو اڄ به اڌ اگهاڙي ڪاري ڪولهياڻي لاءِ ڪاٺ ٻار سيءَ ۾ ڪا اوٽ ناهي بڻيو، بنيادي سهوليتن کان وانجهيل ٿر ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي نظر ۾ هڪ اڌ شهر کي ڇڏي جيڪڏهن ڏسبو ته ارڙهين صديءَ جو ڏيک پيو ڏيندو. مارئيءَ جي ملير جا بکيا ڏکيا مارو ماڻهو صدين کان اهڙين ڏڪاري حالتن کي منهن ڏيو پيا اچن. سهڻي لطيف جي هن سٽ ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا“ جيان جيون ٿا گهارين. ٿر ڌرتيءَ جي امر ڪلاڪارن/ آرائين ۾ ايتري ته خوبصورتي سمايل آهي، جو جڏهن ڪائنات جي سموري سونهن مورن ۽ ڊيلن جي ستايلن جي درد سان ڀريل دانهن، جنهن ۾ ڪارونجهر، ڍٽ، سامروٽي، اڇڙي ٿر جو سنگم آهي، اداس ٿر جي ڪلاڪارن، آرائين جي آواز جي صورت ۾ دنيا جي ماڻهن تائين پهتو ته کين ڏندين آڱريون اچي ويون، اهڙن آرائين جي سٿ ۾ راڳ جي راڻي مائي ڀاڳي، مراد فقير، ڀٽائيءَ جي واين ۾ تنبوري جي تار سان جان وجهڻ وارو موهن ڀڳت ۽ ٻيا شامل هئا.
    انهن ئي سرن ۾ هڪ ٻيو آلاپ شامل ٿي ويو، جنهن هيءَ دردن جي دنيا وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏي، اهو نوجوان راڳي صادق فقير هو: آءٌ صادق فقير کي انهيءَ وقت کان سڃاڻان، جڏهن 1984ع ۾ نومبر جي صبح ويل هئي. ٿورو ٿورو سيءُ به پئي پيو، مير پور خاص جي شاهه لطيف ڪاليج جي ميدان ۾ ويٺا هئاسين، انٽر جا پرچا هئا، پرچي ۾ ڪجهه وقت باقي هو، انتظار جي گهڙين کي سڦل بڻائڻ لاءِ هڪ دوست حمزي جوڻيجي ناسي جوڙي ۾ ملبوس صادق فقير کي چيو يار! ڪجهه ٻُڌاءِ فقير جو ٻار آهين. صادق به مرڪندي مرڪندي اهڙو خوبصورت ڪلام ٻڌايو، جو موهي وڌائين، مون چيو يار! صادق ڳائين ته سٺو ٿو، ڇو نٿو باقاعدي ڳائين. دوست جوڻيجي طنزيه انداز ۾ چيو ته فقير جو ٻار آهي، روئندو به سر تال ۾! پوءِ اسان ڏاڍو کلياسين. پوءِ صادق کي مختلف وقتن تي اسڪول ۾ ٿيندڙ فنڪشنن ۽ ڪاليج جي ڏهاڙن ۾ اُستادن جي مخصوص پارٽين ۾ ٻُڌڻ جا موقعا مليا. خاص ڪري تاج جويي جي مٺي ڪاليج ۾ سروس وارو دَور صادق لاءِ ڏاڍو فائديمند رهيو، ڇو ته ادبي سنگت پاران ڏاڍا سٺا پروگرام ٿيندا هئا. اُنهن ۾ نون فنڪارن کي ڏاڍو اُتساهه مليو. ظاهر ۾ صادق ڪلا مارڳ تي هلندي هلندي ڏاڍي محنت ۽ جاکوڙ ڪري اڳيان وڌيو. هن وڏا ٽٻ نه هنيا، پر مسلسل محنت ۽ رياض ڪري اعليٰ منزل ماڻي، هن مڃتا جي رڃ ۾ پنهنجا پير ڦٽيا ضرور، تڏهين وڃي لاڀ حاصل ڪيائين ، صادق جي سُرن جي سفر ۾ سندس مامي حسين فقير جو وڏو هٿ هو. اهو ئي سريلو فنڪار صادق فقير جو اُستاد هو. مون جڏهن به سٻاجهڙي طبيعت واري فنڪار حسين فقير کي ڏٺو ته ذهن ڦرهيءَ تي ڪنهن انگريز شاعر جي سٽ تري آئي هئي ته: “Full many flowers to blush unseen” (ڪيترائي اهڙا گُل هوندا آهن، جيڪي نظر نه اچڻ لاءِ ٽڙندا آهن). حسين گمناميءَ ۾ رهي پنهنجو سڀ ڪجهه هن جوان آواز کي ارپي ڇڏيو. هونئن به راڳ روح جي غذا آهي. هي روحن جي رمز آهي، حواسن ۽ احساسن جي دنيا آهي. سرن جو سمونڊ آهي. انهيءَ ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري هار جوڙبو آهي، ڪا مالها ٺاهبي آهي. صادق به اُهي سرن جون مالهائون ٺاهيندي ٺاهيندي اڳيان وڌيو آهي. هر گل جي خوشبوءِ الڳ ۽ پنهنجي هوندي آهي، صادق جي ڳائڻ جو انداز به الڳ ٿلڳ هو. سنڌ جي نمائنده شاعر اياز گُل چواڻي ته مون کي پنهنجي ڇپيل پنجن ڪتابن ايتري عوام ۾ موٽ ڪانه ڏني جيتري صادق فقير جي ڳايل منهنجي وائي”توکان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري“ مون کي مقبوليت ڏني، واقعي صادق فقير جي آواز ۾ ايتري پُختگي هئي، ميٺاج هو، سنڌ جي باشعور ماڻهن ۾ صادق فقير پنهنجو سگهارو حلقو پيدا ڪيو. صادق فقير ريڊيو تان ڪيترائي ڪلام ڳايا. ”آءٌ گنهگار، آءٌ گنهگار“، ”مون پيار ڪيو، مون پيار ڪيو“. شيخ اياز جي هن غزل به کيس ڏاڍي مڃتا ڏني، ”تنهنجي گهر ڀرسان آهيان، ڄڻ مندر جي ڀرسان آهيان“ (ادل سومرو) ’ڪوئل گيت ٻڌايو آ ياد وري ڪو آيو آ‘ ۽ ” شهر جو شهر دربدر نه ڪري، کيس چئجو ته هتان گذر نه ڪري“ ۽ ٻيا انيڪ ڪلام هن ڳايا، جن صادق فقير کي مقبول بڻايو. کيس مقبول بڻائڻ جو هڪ ڪارڻ سندس ڪلام جي معياري چونڊ هئي. هن جي هٿ ۾ سدائين ڳاڙهي جلد واري هڪ خوبصورت ڊائري هوندي هئي، واضح ڪريان ته اها ”سيو دي چلڊرين“ (Save the Children) جي دوستن ۽ ڪامورڪي ڊائري جهڙي نه، بلڪ اُن ۾ هوندا هئا، اسان جي سنڌ جي سڄاڻ شاعرن- شيخ اياز ۽ اياز گُل کان وٺي سائينداد ساند ۽ بلاول اوٺي تائين پُختن شاعرن جا ڪلام. بظاهر صادق فقير ڪاٽن جي ڀڙڪيدار ڪپڙن ۾ ملبوس نظر ايندو هو، پر اندر جهاتي پائي ڏسبو هئو ته ڏاڍو پيارو ماڻهو لڳندو هو. ڪمال اختر جي هن شعر جيان:
    ڪنهن جي مُنهن مصري، ڪنهن جو وات گلاب،
    سو ماڻهو لاجواب، لطيف جنهن جي لات ۾

    صادق فقير ۽ ڪريم فقير کي کاهوڙي اديب مقيم ڪنڀر، ٻن هنجن جي جوڙي چوندو هو. مون صادق ۽ ڪريم فقير کي پنهنجي سؤٽ جي شاديءَ جي دعوت ڏني هئي. سو هي ٻئي همراهه اسان جهڙن گهٽين جي رولاڪن جي ڳوٺ اچي نڪتا. ساز سرندن سميت. خير وقت ٿيو ڳائڻ جو، اسان وٽ ڇا آهي ته برادر ۾ هڪ ٻه ڳوٺ اهڙا آهن، جيڪي پير پاڳاري جا مريد آهن، پيرصاحب جي مريدن ۾ دهل وڄائڻ ۽ ڳائڻ کي ”ڪبيره گناهه“ سمجهيو ويندو آهي. اسان راڳ ڪرائڻ جي ڳالهه ڇيڙي، همراهه ڇني مان اٿي روانا ٿيا. وڏو مسئلو پيدا ٿي پيو اسان جيڪي فن کي عبادت سمجهون، تن لاءِ. نيٺ اسان هن خوبصورت ڪلاڪارن جي جوڙيءَ کان معذرت گهري، صادق پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ’ادا، ڪا ڳالهه ڪانهيءَ، هي بي شعور اُن قابل نه ٿيا آهن، جو فن جو قدر ڪن. مون لاءِ اهو وڏو ڏُک هو. اڄ به جڏهن صادق ياد ايندو آهي ته اهو احساس ٿيندو آهي ته جيءُ جهُرڻ لڳندو آهي. صادق ادبي پروگرامن- ادب دوستن، مولائي ماڻهن جي دعوت تي بنا معاوضي ڳائي ايندو هو.
    صادق بازاري فنڪارن کي محسوس ڪرايو ته فن اڪ جي ماکي ناهي، جو سولائيءَ سان لاهي سگهجي. سُرن جي اونهاين ۾ لهڻ مسلسل سخت، رياض ۽ جاکوڙ جو ڪم آهي.
    صادق اڄ ناهي پر سندس فن کي مات ناهي:
    ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي ناهي
    گيت سنگيت جي مات ٿيڻي ناهي

    سوچ جو سج ڦُٽو، سونهن جا گُل ٽڙيا،
    روشني ئي روشني رات ٿيڻي ناهي.



    • آهه ... صادق فقير! : نديم گلاڻي

    26 فيبروري 1915ع جي شام جا پوڻا پنج وڄي رهيا هئا، موبائل فون جي رنگ وڃڻ شروع ٿي، حيدرآباد مان منهنجي ڀيڻ جو فون هو. سلام دعا کان پوءِ ڌيمي ۽ ٿڪل لهجي ۾ هڪ جملو اُڀريو، ”ٽي. وي تي خبرون ٻڌيون اٿو“ مون چيو ”نه“! آواز آيو: ”توهان جي دوست صادق جو سعودي عرب ۾ حادثي سبب انتقال ٿي ويو آهي، ماحول تي ڪجهه لمحن لاءِ سڪتو ڇانئجي ويو. آسپاس کان ايندڙ سمورا آواز گم ٿي ويا. پوءِ، ڪجهه دير تائين روايتي ۽ حوصلي ڏياريندڙ دفيل ناڪام لفظن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي... ڪال ختم ٿي ته مون فورا ٽي.وي ڏانهن ڌيان ڏنو. تڙ تڪڙ ۾ چينل چيڪ ڪرڻ لڳس، نيٺ هڪ سنڌي چينل جي ٽِڪر ۾ هلندڙ ان منحوس خبر تي نظر پئي، جيڪا ٿورو اڳ آءٌ ٻڌي چڪو هئس، ستين بجي واريون KTN خبرون به ٻڌم. ان جي هيڊ سرخين جي پهرين خبر ئي صادق جي موت جي حوالي سان هئي. اهو ڏسي اطمينان ٿيو ته هن بيقدرن جي ملڪ ۾ ڪنهن چينل تي هڪ فنڪار جي خبر کي سڀني خبرن تي فوقيت ڏني وئي هئي، پر صادق... يعني سنڌ جي سريلي ۽ نامور راڳي صادق... هڪ حسين انسان صادق..... ۽ ان کان به وڌيڪ منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جي موت جي خبر.... الله اڪبر....!
    اڙي! آءٌ ته اڃا تازو ڪجهه اوچتو وڇڙي ويل يارن جو صدمو سهڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ هئس ته اوچتو هڪ ٻيو صدمو.... هڪ ٻيو غم.... ان ڪيفيت ۾ غالب جو پنهنجي هڪ خط ۾ لکيل هڪ جملو ياد اچي ٿو:
    هاءِ!.... ”ايترا يار مري ويا آهن، جو هاڻي آءٌ مرندس ته مون لاءِ ڪو روئڻ وارو به نه هوندو.“
    بيشڪ موت برحق آهي، پر جيستائين دل هن ڳالهه کي تسليم ڪرڻ جي ڪيفيت تائين پهچي، تيستائين ڪنهن پياري جو غم سهڻ لاءِ ڪيترن موتن تان گذري، ٻيهر زندهه ٿيڻ جي پلصراط تان گذرڻو پوي ٿو.
    صادق فقير ولد فيض محمد جو جنم 20 مارچ 1964ع ۾ سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر مٺيءَ ۾ ٿيو. صادق جو خاندان سندس جنم کان اڳ ئي مٺيءَ اچي آباد ٿيو هو. صادق موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتي. مٺي ڊگري ڪاليج مان ايم. اي ڪيائين ۽ ان ئي دوران ريڊيو پاڪستان ۽ پي. ٽي. وي لاءِ پنهنجا پهريان گيت رڪارڊ ڪرايا. صادق جي ملازمت تعليم کاتي ۾ هئي ۽ هن وقت هو انسٽيڪٽر/ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو. صادق پنهنجي فن جي نسبت سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، صادق کي شاعر اياز گل جي لکيل وائي ”توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙيءَ پيا لار ڪري.“ وڏي مقبوليت ڏني. صادق جي آواز لاءِ سنڌ جي نامور ۽ هر دلعزيز شاعر شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو هو ته ”منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي تلاش هئي، هي اهو آواز آهي.“
    صادق بنيادي طور هڪ راڳي هو، پر صادق جو ادبي ذوق به نهايت اعليٰ هو، مٺيءَ جي ادبي تنظيمن جو سڀ کان اهم رڪن هو. صادق جي خود چونڊيل شاعري، جنهن کي هن پنهنجن سُرن جي مالها ۾ پروئي اسان تائين پهچايو، ٻُڌي صادق جي شعر و ادب سان گهري لڳاءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. صادق جي چونڊ به هميشه اهڙن شاعرن جي شاعري رهي، جيڪي خود شعر و ادب جا اٽوٽ حصو آهن.
    صادق ڪڏهن به ٻين ڪيترن ئي ڳائڻن وانگر ”جيڪو، وڪجي پيو، سو خريد ڪريو“ جي فارمولي تي عمل نه ڪيو، زندگيءَ ۾ سچا سُر ۽ سچي شاعري.... بس ۽ ڪجهه نه!
    حقيقت ته اها آهي ته صادق ۾ روايتي راڳين واري به ڪا خوُءِ نه هئي، عجيب ماڻهو هو، پروگرام دوران پسئن جي ورکا ۾ اُٿي پاڻ کان پوءِ ايندڙ فنڪار کي سڏي، کل خوشيءَ مان کيس وارو ڏئي ڇڏيندو هو. صادق جي اوطاق هميشه آباد هوندي هئي ۽ سانوڻ جي رت ۾ ته سندس اوطاق دوستن سان ڀريل هوندي هئي، پر مٺيءَ شهر جون هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس به مهمانن سان ڀريا پيا هوندا هئا. خبر ناهي ته منجهس ڪهڙي ڇڪ هئي، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي!
    صادق جو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي. اڄ مون سان گڏ ٿرپارڪر سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ڀرجي شاعرن، اديبن، ڳائڻن ۽ انهن ماڻهن جيڪي صادق کي ٻڌندا ۽ ساڻس محبت ڪندا هئا، سڀني جون اکيون آليون آهن. آءٌ هميشه پنهنجي قوم سان ان ڳالهه تي شاڪي هوندو هئس ته ان وٽ فنڪارن جو قدر نه آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته هن سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ٿرپارڪر جي ماڻهن منهنجي زندگيءَ ڀر جي شڪايتن تي مرهم رکيو آهي. 26 فيبروري 2015ع تي صادق جي شهادت کانپوءِ ۽ 5 مارچ سندس تدفين واري ڏينهن تائين حڪومتي فارميلٽيون پوريون ٿيندي ئي صادق کي پنهنجي مٽيءَ ۽ پنهنجي ساٿين تائين پهچندي ست ڏينهن لڳا، پر يقين ڄاڻو ڪو به پل اهڙو نه گذريو، جنهن ۾ هن ملڪ جي پرنٽ ميڊيا، ٽي. وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا يا ڪنهن به عام کان عام ماڻهوءَ پنهنجي طرفان ڪا ڪوتاهي ڪئي هجي يا هڪ لمحي لاءِ به هن وڏي سانحي کي ڀلائي سگهيا هجن، جن اکين صادق جو جنازو ڏٺو.... اهي حيران آهن ۽ سوچڻ تي مجبور آهن ته سنڌ جي دور دراز علائقن مان ٿر جي ريگستان تائين پهتل هي سمورا ماڻهو ڪير هئا، ڪٿان آيا هئا، هزارين ماڻهو، هزارين آهون، هزارين سڏڪا، ماتم ئي ماتم.... الله اڪبر!
    مون کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته صادق سان گذاريل وقت ۽ سرن ۾ ڀنل شامون ۽ راتيون ڪيئن وساريان؟ سچ پڇو ته اهو ماحول هن وقت به هڪ حسين خمار بخشي رهيو آهي ۽ اهي آواز ڪن- رس ۾ رچي رهيا آهن.... صادق نه آهي.
    بار بار ڌيان هٽائڻ جي باوجود منهنجو ڌيان 24 فيبروري 2015ع تي عمري تي وڃڻ کان ٿورو اڳ جناح ايئرپورٽ ڪراچيءَ تان صادق جي اپ ڊيٽ ڪيل ان فيس بُڪ اسٽيٽس تان نه ٿو هٽي.
    ”آءٌ پنهنجي سڄي خاندان سان گڏ عمري تي وڃي رهيو آهيان.... پيارا دوستو، اسان جي سلامتيءَ سان روانگي ۽ سلامتيءَ سان واپسيءَ جي دُعا ڪجو!“
    ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سندس چاهيندڙن سندس لاءِ دُعا ضرور گهري هوندي، پر..... شايد منهنجي دعائن ۾ ڪٿي ڪا کوٽ رهجي وئي!

    (اردوءَ مان ترجمو: زاهد اوٺو)


    • ڪلا جي موڪلاڻي : علي نواز آريسر

    ڪا به قوم تڏهن سڪتي ۾ اچي ويندي آهي، جڏهن ان جو روح مري ويندو آهي، فنڪار/راڳي قومن جا روح هوندا آهن، اُهي ئي قومن جي حقيقي نمائندگي ڪري سگهندا آهن. جهڙي ريت هڪ سياستدان پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي قوم جو رهبر/رهنما بڻجندو آهي، جهڙيءَ ريت هڪ شاعر قوم جي درد جي ترجماني شاعريءَ جي شعور ذريعي ڪري ان جو حقيقي سونهون بڻجي پوندو آهي، اهڙي ريت هڪ فنڪار پنهنجي جادو ئي آواز وسيلي قومن جي آواز کي جهر جهنگ پهچائيندو آهي ۽ اهو ئي آواز انقلابن کي جنم ڏيندو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي باني شيخ اياز کان ڪنهن سوال ڪيو ته؛ ڪنهن گھر کي باهه لڳي ۽ اُن گھر ۾ گٽار (فن پارو) ۽ هڪ ٻار هجي، ته تون اُنهن ٻنهي مان ڪنهن کي بچائيندين؟ ته سنڌ جي هن سدا بهار شاعر جواب ڏيندي چيو هو ته؛ آءٌ اُها باهه جَھٽي کڻي ايندس، ڇو ته ٻار جون آڱريون ۽ فن پارو ٻئي ايندڙ نسلن جا ترجمان هوندا آهن.
    آءٌ سمجهان ٿو سنڌ اڄ نه صرف انهيءَ فن پاري (گٽار) کان محروم ٿي وئي آهي، پر انهن آڱرين کان به محروم ٿي آهي، جيڪي انهيءَ گٽار کي وڄائينديون هيون. صادق فقير سنڌ جو اُهو راڳي هو، جنهن جي آواز جي رِدم تي نوجوان پنهنجون خوبصورت جوانيون قربان ڪري ڇڏيندا هئا. هن جي آواز جي صدا ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي صدا گونجندي هئي. هو جڏهن پنهنجي ڳل تي هٿ ڏئي علڻ فقير واري انداز ۾ ’الله هُو‘ ڪري اياز جي ڪا لولي ڳائيندو هو ته، نه رُڳو آسمان تان فرشتا لهي اچي سندس آواز تي رقص ڪندا هئا، پر پوري فطرت جهومڻ لڳندي هئي. پوري ڪائنات محوِ رقص بنجي ويندي هئي، پکي پنهنجي آکيرن مان نڪري اچي سندس لات جي سحر مان سُرور ماڻيندا هئا. اهڙي آواز جي جادوگر جو وڇوڙو ڪنهن قوم جي لاءِ ته سڪتو ته آهي ئي آهي، پر اهو صدمو ته آسمان جي پرواز ڪندڙ ابابيل پکين جي هينئڙي ۾ به وڍ وجهڻ جهڙو آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي عاشقن جي موبائل فونن تي صادق جي وڇوڙي جو سنيهڙو پهتو هوندو ته انهن عاشقن جي مٿان قيامت برپا ٿي وئي هوندي. انهن لاءِ اڄوڪو ڏينهن اهڙو هوندو، جهڙو نصير مرزا لاءِ ڏهين محرم جو ڏينهن هوندو آهي. مون کي خبر ناهي ته هو ڪيترو عقيدتمند هو، هو مذهبن ۾ ڪيترو اعتقاد رکندو هو، پر آءٌ اهو ڄاڻان ٿو ته هُن جو آواز سڀني عقيدن کان مٿانهون هو ۽ هن جي آواز جي هر صدا سنڌڙيءَ جي صدا هوندي هئي ۽ ڌرتيءَ جي صدا، جنهن جي گلي جي گونج بڻجي وڃي ته انهيءَ لاءِ عقيدا ڪهڙي معنيٰ ٿا رکن!
    صادق فقير هڪ وطن پرست قومي ڪلاڪار هو، هن جي آواز ۾ مائي ڀاڳيءَ جي روحاني ڪوڪ سمايل هوندي هئي. هو ٿر جو ٻاٻيهو هو، رُڳو ٿر جو ڪيئن! هو ته پوري سنڌ جي عاشقن جي دل جي ڌڙڪن هو، هن وٽ ڳائڻ جو فن هو، هنر هو يا هُن جي آواز مان سنڌ، صدا بڻجي گونجندي هئي، اهو پتو شايد هن پاڻ کي به نه هجي! پر اڄ جڏهن هن جي وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي ته يقيناً هن جو رُوح خوش ٿيو هوندو ته هن سان پيار ڪندڙ اکيون اڄ سانوڻيءَ جي وسڪاري جيان ڪيئن وسي پيون آهن.
    سنڌي قوم سان هميشه اها ٽرئجڊي ٿيندي رهي آهي، جو ان جي سگهاري آواز کي ڪنهن نه ڪنهن نموني خاموش ڪرايو ويو آهي، جڏهن ڪنهن ڪلاڪار کي خاموش ڪرايو ويندو آهي ته قوم جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي آهي. آءٌ تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسان پيو؛ جڏهن ڀڳت ڪنور رام جي آواز کي خاموش ڪرايو ويو هو ته ڪيتري عرصي تائين سنڌ ڪوس جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اُن بعد اسان وٽ هڪڙو ئي آواز سنڌ جي قومي محفلن جو حصو بڻجي سگهيو هو، اهو هو سرمد سنڌيءَ جو آواز، پر وقت جي سِتم ظريفيءَ ته ڏسو، هو به روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو ۽ اڄ وري تاريخ پنهنجي پاڻ کي ورجايو آهي، اڄ وري هڪ روڊ حادثو سامهون آيو آهي، سنڌ جي هڪڙي آواز کي خاموش ڪرڻ لاءِ.
    جيتري قدر مون ٻُڌو آهي ته سعودي عرب اُهو ملڪ آهي، جتي قانون جو بول بالا آهي، جتي حادثي جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ها قسمت سان ڪڏهن اهڙا حادثا ممڪن آهي ته ٿيندا هجن، پر اهو حادثو سنڌ جي ڪلاڪار جي حصي ۾ ڇو آيو؟ بهرحال حادثا ڪڏهن به حسين ناهن ٿيندا، اُهي هوندا ئي دل ڏاريندڙ آهن، اڄوڪو حادثو به دل ڏاريندڙ آهي، جنهن سنڌ جي رُوح کي ڪِرچيون ڪِرچيون ڪري وِڌو آهي.
    صادق فقير سان منهنجون ڪي ٿوريون ملاقاتون هيون، پر مون جڏهن به کيس ڳائيندي ٻڌو هو ته هُو مون کي پُر اعتماد ڪلاڪار لڳندو هو، هو اهڙو ته نفيس انسان هو، جو هو ڪنهن کي انڪار نه ڪري سگهندو هو، هو جڏهن حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڳائڻ لاءِ ايندو هو ته سنڌ ۽ صادق جي عاشقن جون قطارون لڳي وينديون هيون. نوجوانن جون فرمائشون ٿينديون رهنديون هيون ۽ هو ڳائيندو رهندو هو، جيتوڻيڪ هو ٿڪجي به پوندو هو، پر نوجوانن جي سِڪ ۽ پيار اڳيان هو هيڻو پئجي ويندو هو. هو ڄاڻندو هو ته مون کي ٻُڌڻ لاءِ آيل ٽٽل دلين وارا اُهي عاشق آهن، جن وقت جي بي رحميءَ هٿان پنهنجو سڀ ڪجهه لُٽائي ڇڏيو آهي. هو ڄاڻندو هو ته اهي نوجوان سنڌ جا اُهي عاشق آهن، جن سنڌ جي مُقدس نانءَ تان پنهنجو عشق به قربان ڪري ڇڏيو آهي، انهن نوجوانن کي هو جواب ڪيئن ٿي ڏئي سگهيو مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري جيئي سنڌ جا ڪجهه نوجوان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان بُک هڙتال تي ويٺا هئا ۽ جڏهن بُک هڙتال ختم ٿيڻ جو وقت ويجهو آيو ته ڇوڪرن اصرار ڪيو ته صادق فقير کي ٻڌنداسين! ان وقت سائين عبدالواحد آريسر، صادق فقير کي فون ڪري چيو هو ته سڀاڻي حيدرآباد پهچ محفل ڪرڻي آهي، پر پنهنجا سازندا به پاڻ سان گڏ وٺيو اچجان ۽ ڀاڙي ڀُتي جو بندوبست به ڪَندو اچجان! ٻئي ڏينهن شام جا پاڇا اڃا لڙيا ئي نه هئا، جو هو پنهنجي سازندن سميت اچي حيدرآباد پريس ڪلب تي پهتو هو ۽ پوري رات نوجوانن جي دلين کي ڌڙڪائيندو رهيو هو، صبح جو بنا ناشتي جي هو واپس روانو ٿي ويو هو. ٻئي ڀيري به ايئن هو مهراڻ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي فون تي آيو هو ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي وچ ۾ ڳائيندي هو مسلسل مُرڪندو رهيو هو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته هو انهن نوجوانن جي اکين ۾ آزاديءَ جا سپنا پڙهي رهيو هو، جو هن جي اکين ۾ اهڙي چمڪ هئي ۽ هن جي چپن تي فطري مُرڪ پئي ڦهلجندي وئي. اهڙو راڳي، اهڙو ڪلاڪار قوم جو اثاثو ئي ته هوندو آهي.
    هن وقت جڏهن بهار جي مند شروع ٿي چُڪي آهي، بهار جي مند نه رُڳو وڻ ڦوٽ جي مند هوندي آهي، پر هيءُ مُند ته دلين ۽ جوانين جي ڦُٽڻ جي مند هوندي آهي، هن مند ۾ صادق جهڙي آواز جي خاموشي، خود بهار لاءِ به ڪا چڱي آمد نٿي چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هو بهار جي مند جو ئي ته راڳي هو، هن جي آواز ۾ بهار جو هُڳاءُ ته هوندو هو! صادق جيڪو ڪڏهن ڪنهن مڻيي تي موهجڻ وارو نه هو، جيڪو سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي هڪڙي پُڪار تي پهچي ويندو هو، اڄ انهن ماڻهن جي دلين ۾ ڪهڙا وڍ پوندا هوندا، ان جو درد ته تاج جويي ۽ عبدالواحد آريسر جي اکين مان پسي سگهجي ٿو!
    اڄ جڏهن آءٌ شعوري طور سوچيان ٿو ته صادق جي وڇوڙي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي؟ ٿر جي انهن مورن سان؟ جن جي ڪُوڪ هن جي گلي مان نڪرندي هئي، يا انهن ڀٽن سان تعزيت ڪجي، جتي اڄ به سندس آواز جي صدا گونجي رهي آهي؟ اياز جي شاعريءَ سان تعزيت ڪجي؟ جنهن کي هن پوري سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو هو، يا وري آل انديا ريڊيو جي انهن براڊ ڪاسٽر ڀيڻن وينا شرنگي ۽ شالني ساگر سان تعزيت ڪجي؟ جن جي اسٽوڊيو ۾ اڄ به صادق جو آواز رڪارڊ ٿيل آهي، يا سنڌ جي انهن اڙٻنگ عاشقن سان تعزيت ڪجي؟ جن هن جي آواز جي صدا تان پنهنجا سِر گهوري ڇڏيا. يا وري آءٌ پنهنجي پاڻ سان تعزيت ڪريان؟ جو صادق فقير جي سنگيت مون کي سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري ڪنهن ڪنهن سان تعزيت ڪجي؟ ڪير ڪير تعزيتون وصول ڪندو؟ پوري سنڌ هن جو گهر هو، پوري سنڌ ۾ اڄ تعزيت جو تڏو وڇايو ويو آهي، اڄ هر گهر ۾ ۽ هر دل ۾ تڏو وڇايل آهي. اهڙي گهڙيءَ ۾ آءٌ صرف ۽ صرف صادق فقير جي ڳوٺائي شاعر ماٺيڻي اوٺي جي شاعريءَ سان تعزيت ڪريان ٿو.
    تو کان پوءِ، چارڻ ڪونه سُجهي ڪو،
    جيڪو چوري هاڻي چنگُ.


    اخبارن جا ايڊيٽوريل

    • توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار

    ٿرپارڪر جي زمين تي هڪ مٺو ماڻهو، سنڌ جو مشهور ڳائڻو صادق فقير ڪالهه سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. ساڻس مٺي شهر ۾ پيدا ٿيل هن فنڪار جي ڄمار 51 ورهيه هئي. هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي عنايت بلوچ ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي شمشيرالحيدري واقف ڪرايو. ڪاليج ۾ يارهين پڙهندي ڪاليج فنڪشن ۾ هن استاد محمد جُمن جو ڪلام“’ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳايو هو، جڏهن ته هن پنهنجو پهريون ڪلام اياز گُل جي شاعري ’توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لُڙڪَ لڙِي پَيا لارَ ڪَري‘ ڳائي مشهوري حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته شيخ اياز، امداد حسيني، آڪاش، تاجل ۽ ٻين جي شاعريءَ کي تمام گهڻو ڳايو. سنڌ هڪ سُريلي، وطن دوست ۽ باشعور ڳائڻي کان محروم ٿي ويئي.
    سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو. صادق فقير دنيا جي مختلف ملڪن انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پڻ ڳايو، پر کيس اصل دلچسپي ٿر جي وارياسي پٽن ۽ ڪاڇي جي زمين تي ڳائڻ ۾ هوندي هئي. هن جي ڳائڻ جي دل جو ڪعبو سنڌ هوندي هئي.
    روزاني ’عوامي آواز‘ مرحوم جي پونئرن ، همدردن، دوستن ۽ مداحن سان دلي طور ڏک ونڊي ٿي.

    ايڊيٽوريل روزاني عوامي آواز (جمعو 27 فيبروري 2015ع)


    • صادق کي سنڌ سدائين ساريندي!

    زندگي به هڪ عجيب لقاءُ آهي، هڪ پل ۾ وجود ۽ ٻئي پل ۾ فنا جي وچ واري واديءَ ۾ جاري ان حيات جي سفر جي پڄاڻي ته اوس ٿيڻي آهي، پر جڏهن اها پڄاڻي اوچتي ٿئي ٿي، ته ان جي پيڙا ڏاڍي گهري هوندي آهي. سنڌ جي انتهائي سريلي راڳي صادق فقير جي ساهه جو پکي به جيئن اوچتو اڏاڻو آهي، تنهن ۾ اها اڏار سنڌ کان هڪ اهڙو آواز وٺي وئي آهي، جنهن کي سنڌ ۾ وڇوڙي ۽ ميلاپ جي سرن ۾ هڪ جيتري مڃتا ملي.
    صادق فقير مڪي شريف پنهنجي خاندان سان گڏ عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ ويل هو ۽ ڪالهه ان مقدس شهر جي هڪ راهه ۾ اوچتو روڊ حادثي ۾ سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي ۽ سندس خاندان جا ڪجهه ڀاتي زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ سندس جيون ساٿياڻي به شامل آهي. صادق فقير جو نالو سنڌ ۾ سر ۽ سنگيت جي هڪ اهڙي ڪلاڪار طور ڄاتو ويو، جنهن جڏهن به ڪنهن محفل ۾ آلاپيو ته سندس موهيندڙ آواز سان ڄڻ ته زندگي جهومي ٿي پئي. صادق، سنڌ جي جديد ۽ ڪلاسيڪل شاعرن کي پنهنجي جنهن نرالي انداز ۾ ڳايو، سو سندس فن جو هڪ اهڙو سداحيات پاسو آهي، جنهن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي.
    ٿر جي سرزمين مان سنڌ جي ڀاڱي ۾ آيل اهو سريلو راڳي، اڄ جڏهن اسان ۾ ناهي ته ائين ٿو لڳي سنڌ جي سُرن جي محفل ۾ اچتو هڪ اهڙو ڏيئو اُجهامي ويو آهي، جنهن کي اڃا تمام وڏو عرصو پنهنجي وطن جي ويراڳي واٽن جي مسافرن لاءِ روشني ڪرڻي هئي. ان ۾ ته ڪوبه شڪ ناهي ته سُر ۽ ساز کي ڪڏهن به فنا ناهي، پر ان حقيقت کان به ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي ته ڪجهه سنگيتڪار اهڙا هوندا آهن، جن جي وڇوڙي جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو هوندو آهي ۽ صادق فقير جي وڇوڙي سان به دل جي هن ديس جي سيني ۾ سُور جي جيڪا سَٽ اڀري آهي، سا هڪ وڏي عرصي تائين محسوس ڪئي ويندي. سنڌ اهو ديس آهي، جنهن ڪڏهن به پنهنجا نه وساريا آهن ۽ صادق سڄي حياتي جيئن پنهنجن پکن ۽ پنهوارن جا گيت ڳاتا، سي هر ساوڻ سياري کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا. اسين تمام ڳري دل سان صادق فقير جي دوستن، احبابن سميت سڄي سنڌ کي پنهنجي ان سريلي راڳي جي وڇوڙي تي پُرسو ڏيون ٿا ۽ ڌڻي در دعاڳو آهيون ته فقير جي روح کي پنهنجون رحمتون عطا فرمائي.

    ايڊيٽوريل روزاني سنڌ ايڪسپريس، (جمع 27 فيبروري 2015)


    • چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو

    سنڌ جو سُريلو راڳي صادق فقير، سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ سنڌ واسين کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو آهي. صادق فقير، جنهن جي آلاپن ۾ سنڌ جون صدائون سمايل هُيون، جنهن جي آواز ۾ سنڌ جي صدين جو درد سمايل هو، اڃا به ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته صادق فقير جي آواز جي ذريعي سنڌ پنهنجا سُور ڳائيندي هُئي. صادق فقير جي وڇوڙي سان چنگ، چڙن مان ساءُ ئي ڇڏائجي ويو آهي. هُو جيڪو وڇڙي هميشه لاءِ چاندنيون کڻي ويو آهي ۽ سنڌ واسين جي اکين ۾ لُڙڪن جون لارون رهجي ويون آهن. سنڌ پنهنجي ٻيجل جي اوچتي وڇوڙي ۾ غمگين آهي. صادق فقير جهڙا ڪلاڪار صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن، تنهن ڪري ان جي وڇوڙي جو خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو.
    اسين صادق فقير جي اوچتي وڇوڙي تي، سنڌ واسين ۽ سندس خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ پونئيرن سان غم جو اظهار ڪندي، دعا ٿا ڪيون ته الله تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي.

    روزاني عبرت حيدرآباد، ايڊيٽوريل (28 فيبروري 2015)


    • صادق فقير جو وڇوڙو ۽ سوڳوار سنڌ

    سنڌ جو سريلو راڳي، مٺڙي آواز جو مالڪ صادق فقير اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. جڏهن به ڪو پيارو پرينءَ وڇڙي ويندو آهي ته دل اداس ٿي ويندي آهي ۽ اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن، اهو هڪ فطري عمل آهي، انسان ته انسان پر جانورن ۾ به اهڙيون ڪيفيتون ڏٺيون وينديون آهن ۽ جڏهن ڪي غير معمولي ماڻهو اوچتو ڪنهن المناڪ حادثي جو شڪار ٿي ويندا آهن ته اهي سڄي قوم جي لاءِ ڏک ۽ صدمي جو سبب بڻجي ويندا آهن. صادق فقير جو وڇوڙو به ڪجهه اهڙو ئي گهاءُ ڏئي ويو آهي. هن فنڪار کي ٿر ٻاٻيهو به سڏيو ويندو هو، جنهن جو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ خصوصي ذڪر آهي. صادق فقير سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار بڻجي ويو، هو پنهنجي فيمليءَ سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل هو، جتي خميس واري ڏينهن هڪ خوفناڪ حادثي ۾ صادق فقير هميشه لاءِ وڇڙي ويو. هن جي گهر واريءَ ۽ 4 ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن، جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. اهم ڳالهه هي آهي ته صادق فقير جو جسد خاڪي اڃا تائين ڏيهه اچي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ کي اشد انتظار آهي، سنڌ جا ساڃهه وند، اديب، دانشور، شاعر، صحافي، فنڪار ۽ اهي سمورا ماڻهو جيڪي صوفي روح جا مالڪ آهن ۽ سنڌ جي ازلي تصوير جا عڪاس آهن، سي صادق سان بي انتها پيار ڪندا هئا. وڏي وزير خوب چيو آهي ته صادق جي آوازن مان ٿر جي خوشبوءِ ايندي هئي. هن فنڪار جي جيتري به تعريف ڪجي، سا گهٽ آهي، دراصل صادق فقير هر ان ساراهه کان بالاتر هو، جيڪا عام فنڪارن کي گهربل هوندي آهي. صادق ته اهڙي سر جو مالڪ هو، جيڪو قدرت جي طرفان ڪنهن وڏي نعمت جي مثل هوندو آهي.
    صادق جو سُر ۽ جڏهن ساز گڏجي پوندا هئا ته سنڌ جا آواز گونجندا هئا. هو جڏهن شيخ اياز ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري پنهنجي مڌر آواز ۾ الاپيندو هو ته سنڌ جون حسرتون ڪر موڙي جاڳي پونديون هيون ۽ اها اميد پيدا ٿي پوندي هئي ته اجرو صبح نه صرف مٺي، پر سموري ڌرتيءَ ماتا تي ضرور ايندو، جنهن سان غريب انسانن جا ڏک سور ختم ٿي ويندا ۽ هڪ اهڙو دَور شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ صرف انسانيت سان پيار جي ڳالهه ڪئي ويندي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سعودي عرب ۾ پيش آيل حادثي کي 48 ڪلاڪ گذري ويا آهن، پر صادق فقير جو مڙهه اڃا تائين سنڌ نه پهچايو ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان جو موقف به سامهون آيو آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته اهي ڪوششون ناڪافي آهن. عرض هي آهي ته سنڌ کي پنهنجي صدوري پٽ جو ايترو انتظار نه ڪرايو، جيترو جلد ٿي سگهي صادق کي سنڌ پهچايو ۽ مٺيءَ جي ماڳ تي رسايو ته جيئن هو ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي سگهي.

    روزاني ڪوشش، حيدرآباد، ايڊيٽوريل، (28 فيبروري 2015)


    • صادق فقير جي وڇوڙي جو صدمو

    سنڌ جو ڀلوڙ راڳي صادق فقير هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اطلاعن موجب صادق فقير پنهنجي ڪٽنب سميت عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو هو، ۽ مڪي کان واپس ايندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سندس مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته صادق فقير جي وفات جو اطلاع ملندي ئي سندس اباڻو شهر مٺي سوڳ ۾ بند ٿي ويو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، عوامي نمائندن سماجي اڳواڻن، گل محمد لاٽ، شير محمد بلالاڻي، مکي پيرو لال، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي، حليم باغي، ادل سومرو، تاج جويو ۽ ٻين گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صادق فقير جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي ۽ سندس وڇوڙي کي سنگيت جي دنيا ۾ وڏو خال قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي نامياري ۽ مقبول فنڪار جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ يقيناً وڏو نقصان آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڏات ڌڻي ورهين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن، صادق فقير جي لاڏاڻي تي سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي حلقن، مرحوم جي خاندان ۽ دوستن جي ڏک ۾ اسين برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي کيس جنت ۾ جايون ڏئي.

    روزاني هلال پاڪستان، ايڊيٽوريل، (28 فيبوري 2015)


    • هُو جو ٿر جو ٻاٻيهو هو : روبينه ابڙو

    موت سندا او ڪارا ڪڻڇي،
    هر ڪنهن تن جي تار تي تنهنجو،

    رين- بسيرو!

    تــــون جـــــا ٻـــولي ٻـــولين ويٺو،
    تنهن ۾ ڪــهڙا سُــرَ سمايل؟
    ڇا تون ٻيجل جي سُرندي جان،
    صرف سِرن جو دانُ گهُرين ٿو؟
    تون جو رُوحن جي ڳڙکيءَ مان،
    نڪري تَنَ جي آڳنڌ تي ٿو!

    روز اُڏامين:
    تو کي ڪو به نه ماري سگهندو!
    تـنـهنجـو ڪـهڙو ديس پکيئڙا؟
    ڪهڙي ڏيهه کان ايندو آهين؟
    منهنجي ديس کان نيندو آهين،
    روح پــويــتـر جهـرڻن جهڙا،
    هيل به ڪهڙو قهر ڪيو تو،
    هُو جـو ٿـر جـو ٻاٻـيـهو هو،
    جنهن وٽ سُر سنسار جيان ها،
    جنهن جي هرڪا تال ائين ڄڻ،
    سـمنڊ تـي لهرون مڌم مڌم،
    ڇيڙيو جت به هيو هن سرگم،
    سڀ نظارا رقص ڪندا ها،
    تارن چارا رقص ڪندا ها،
    ڪويل هن جي سُر تي اڏري،
    رم جهم جا ٿي ساز سڃاتا،
    ڇم ڇم ڇيرن کي هن ارپي،
    چنچل نيڻ رئاريا ها جنهن،
    پرنم نيڻ کلايا ها جنهن،

    موسيقيءَ سان!

    اڄ به پڙاڏا ڪارونجهر ۾
    هــن جـي اوسيـئـڙي ۾ آهـن
    هاءِ عـقابـن جهـڙا ڪڻڇي

    ڪيئن چُڳي وئين:
    روح اسان جي موسيقيءَ جو؟



    • او راڳيَ! (گيت) : ماڻڪ ملاح

    تو گيتن سان ڳائي لاٿي.

    منهنجي من جي مير-.
    اوراڳي!
    ڇا لئه لاتئي دير!
    مِٺي، مُٺي ماٺ مِٺيءَ ۾، ڳيرن پَر پکيڙڻ ڇڏيا،
    سينڌون، سُرما، ڏُڌ وِلوڙا، مِٺيءَ جي مَنڌيرڻ ڇڏيا.
    ڪيئن سا ٺاهي مکڻ چاڻا،
    ڪيئن ڄمائي کير!

    اوراڳي!
    ڇا لئه لاتئي دير!
    ڏَهرن جي ڏوليءَ ۾ ٽِڙندڙ، هير به جهڙي پاڳل پاڳل،
    پوپٽ پنهنجا پَر لسائي، ڳاگين جا ڄڻ مُهٽيا ڳَل،

    مورن کان وئي مَستي وِسري،
    ڊيل نه کوڙي پير
    اوراڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    پوري ڀِٽَ تي واءُ ڀَڀُوتيو، ٻانهن ٻَکَ وساري ڇڏيا،
    سمنڊ پِٽيو ٿي پنهنجو سينو، لهرن سَنک ڪناري ڇڏيا،

    چرين وانگي ڍُومائيندي،
    هينئڙو ٿيو اُلهير-

    اوراڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!

    ڪهڙا گيت چپن تي آڻي، سنڌڙي تنهنجي پيار بنا، ڙي،
    ڪهڙيون جَهمريون، ڪهڙيون ڦيريون، تنهنجي تَندُ تنوار بنا، ڙي،

    انگن کي ارمانُ آ تنهنجو،
    مَنڙو ٿيو منڍير-

    اوراڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    ديسڻ کي پرديسڻ ڪيو تو، پرديسين جئن تون به ٽِڪي پئين،
    ويري تنهنجو موت ٿيو يا مون کان ڄاڻي دُور ٽِڪي پئين،

    وِيچارن ۾ وهم ٿي پاليان،
    ڇرڪ ڇِني آ ڇير-

    اوراڳي!
    ڇالئه لاتئي دير!
    ماڻڪ! هير وڃي سا ڪيڏنهن، ڏينهن هُجي يا رات جو وڳڙو،
    ٿوري ڳالهه تي منهنجو جهڳڙو، تنهنجو ٽهه ٽهه ٽهڪڻ تَڪڙو،

    ڀاڪَر پائڻ، پنبڻيون ٺاهڻ،
    ڳوڙها اُگهندو ڪير-

    اوراڳيٰ
    ڇالئه لاتئي دير!


    • وقت گذري ويو (گيت) بلاول اوٺو

    هي نينهن انوکو نبري ويو،
    جيڪي گذري ويو، سو گذري ويو.

    -

    ڇا ڪندينءَ چري دلڙي روئي،
    ڳوڙهن سان ڇڏ پاڻ کي ڌوئي،
    ڪو خواب هيو، سو وکري ويو.
    جيڪي گذري ويو، سو گذري ويو!

    -


    رهيون ڳالهيون، تو ڪونه چيون،
    جنهن وڻ پکيءَ ٿي لاتيون ڪيون،
    وڻ وڍجي ويو، پکي اڏري ويو.
    جيڪي گذري ويو، سو گذري ويو!

    -

    مئا نه مقامن منجهان وريا،
    ماضي ويڙهي ڇڏ ’بلاول‘چريا،
    وقت پيارو هيو، پر گذري ويو.
    جيڪي گذري ويو، سو گذري ويو!


    • صادق فقير جي اوسيئڙي ۾ (وائي) وسيم سومرو

    توکي تڙ سارين ٿا،
    اي هنجُ اُڏري آءُ!

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!

    تنهنجا سُر سُرها ست ئي،
    سڪاري جو ساءُ:

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!

    تنهنجي ٻولن جو ٻُڌي

    ڌرتي پئي پڙلاءُ

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!

    تنهنجي آ احساس جو،
    سازن منجهه سڀاءُ،

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!

    هيءُ وڇوڙو آ وسيمَ
    جنم جنم جو گهاءُ!

    تون مٽيءَ جو مينڌرو!


    • صادق! توکي سڏي (وائي) : ڀارومل امراڻي

    روئان تنهنجي تڏي،

    تون ڪيڏانهن وئين!

    قربن وارا قافلا،
    اڌ ۾ ائين ڇڏي:

    تون ڪيڏانهن وئين!

    تنهنجا سُرڙا پوڄيا،
    منهنجي جيءُ جڏي:

    تون ڪيڏانهن وئين!

    کائڻ آئي آ مٺي،
    ڪير جو آٿت ڏي!

    تون ڪيڏانهن وئين!

    وک وک واڪا ڪريو،
    پڇيو ننڍي وڏي:

    تون ڪيڏانهن وئين!

    موٽي پکي آئيا،
    سانجهيءُ سج ٻڏي:

    تون ڪيڏانهن وئين!


    • صادق مُنهنجا ميت! : گل گوماڻي

    اُجڙي ويا احساس،
    صادق ناهي ساٿ ۾،
    رنگ اچن ڪيئن راس؟
    *
    هولي ڏينهن اُداس،
    صادق بنا سنڌ ۾ ،
    رنگ نه آيا راس.
    *
    هولي ڏينهن اڀاڳ،
    صادق پڄاڻا سنڌ مان،
    رُسي ويا سڀ راڳ.
    *
    نيڻ ڪري ريٽا ،
    ڏني هر هڪ گهر آ ،
    صادق کي ڀيٽا.
    *
    صادق مُنهنجا ميت !
    تنهنجي وئي کانپوء سڀئي ،
    گونگا رهندا گيت ........


    • مهان راڳي صادق فقير کي ڀيٽا : سرمد چانڊيو

    ڪيرُ کڻندو ڪينرو ۽
    ڪير ٿيندو روحَ _ راز؟

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    تو شهادت جام پيتو
    نينهن جي نيتي نماز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    ڪيرٻيجل ٿي ٻُرائي
    سوز ورنو تنهنجو ساز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    يار صادق ڇو ڪيو تو
    هي سفر دورو دراز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    تو ڪرايو سنڌڙيءَ کي
    سوڳ سان ڇو سازباز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    ڪير تنهنجا ٻول ٻولي
    ڪير ورڇي راز نياز!

    ڪير ڳائيندو اياز!
    هي ٿريچا مور سارا
    تنهنجا پيارا دل نواز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    يار! سرمد جان ڪيا تو
    ساڳيا غمرا غماز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    هي وڇوڙو وره وارو
    ٿي ويو آ بي نياز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    چيٽ رت جي چوڏهين کي
    ڪئن ملهائن عشق باز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    تون فقيري بادشاهي
    تي ٿيو آن سرفراز!

    ڪير ڳائيندو ايازُ !
    پارا پارا ٿي ويو آ
    سنڌڙي جو نينهن ناز!

    ڪير ڳائيندو اياز!


    • (پس لفظ) صادق! منهنجي آخري خواهش جو ڇا ٿيندو؟ : واسواڻي پرشوتم

    ”سائين! پيرن تي هٿ“
    ”بابا، سدائين سُکي رهين!“...
    اهي لفظ هر ڀيري ورجايا ويندا هئا، جڏهن به هڪٻئي سان فون تي رابطو ٿيندو هو.
    اهو سلسلو سالن کان جاري هو ته اوچتو 26 فيبروري 2015ع جي اُها نڀاڳي گهڙي اچي پهتي، جڏهن منهنجي ڪن تي آواز پيو: ”سائين! اوهان جيڪا خبر ٻُڌي... سچي آهي يا، ڪوڙي! ڪاش، ڪوڙي هجي ها! مان حيدرآباد کان عمرڪوٽ وڃي رهيو هئس ته مٺيءَ مان منهنجي سؤٽ سسپال فون ڪري اها خبر ٻڌائي، اڃا مان پاڻ سنڀاليان، تيستائين منهنجي پويان ويٺل صادق جي هڪ مائٽ تصديق ڪندي چيو ته: ”سائين! خبر سچي آهي.!“ بس منٽن ۾ ڪئي فون ۽ مسيچ اچڻ لڳا، يادن جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو اُٿلي پيو.
    اڃا ڪالهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي، مان مٺيءَ ڪاليج ۾ ليڪچرار هئس. 1982ع ۾ پروفيسر شيامداس جوشيءَ جي، بدلي ٿي سندس مانَ ۾ ڪاليج جي پوري اسٽاف ۽ شاگردن پارٽي رکي هئي، جيڪا فزڪس هال ۾ ٿي. اوچتو مون صادق کي ڪجهه ڳائڻ لاءِ چيو، جنهن لاءِ هو ذهني طور بلڪل تيار نه هو. منهنجي اسرار تي صادق ڳائڻ شروع ڪيو...
    ”مٺا هاڻ پنهنجي اٿئي موڪلاڻي...!“
    واهه واهه ٿي وئي، ڏاڍيون تاڙيون وڳيون، اهو خواب ۽ خيال به نه هو ته اُهوئي صادق، اڳتي هلي مستقبل جو هڪ بهترين راڳي ٿيندو ۽ سموريءَ سنڌ کي موهي وجهندو.
    وقت جو وهڪرو بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهيو، اُن ڏينهن کانپوءِ مٺيءَ ۾ اهڙي ڪا محفل نه هئي، جنهن ۾ صادق ۽ ڪريم فقير نه ڳايو هجي. مندر هجي يا محفل، شادي هجي يا پارٽي، صادق هر هنڌ حاضر رهيو. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ کان ٿيندو سموريءَ سنڌ ۾ هر دل ۾ جاءِ ٺاهيندو رهيو.
    منهنجي ذاتي زندگيءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صادق شامل رهيو ۽ اهو طئي ٿيل هو ته هوءَ بازاري شاعري بلڪل نه ڳائيندو ۽ وقت ثابت ڪيو ته صادق وچن پاڙي ڏيکاريو.
    ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڀيري مون صادق کي چيو: ”صادق! منهنجي ارٿيءَ ۾ تون ضرور هججانءِ ۽ اهو ڪلام ڳائجان ته:
    مٺا هاڻي پنهنجي اٿئي موڪلاڻي...!“
    پاڻ کلي چيائين: ”سائين! تڪڙ ڇو ٿا ڪريو، الائي اڳ ۾ ڪير ويندو.!“
    بس اها منهنجي صادق سان آخري ڪچهري هئي، هاڻي ته اهو سلسلو به نه رهيو، نه فون، نه فرمائش ۽ نه اُهي ٽهڪ: هيل هولي به رنگن بدران ڏکن جون پِچڪاريون کڻي آئي، مٺيءَ شهر ۾ هر اک آلي هئي، عجيب آنڌ مانڌ هئي، هوليءَ جي ڏينهن صادق کي پنهنجن هٿن سان مٽي ماءُ جي حوالي ڪري، انهن ئي پيرن تي موٽي حيدرآباد آيس. مون کي مٺي، جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي، ڏاڍي اوپري لڳي ۽ هر ماڻهو پرايو!
    سوچيان ٿو: ’صادق! تون ڪيڏو نه نصيب وارو هئين، جو مري به ملهائي وئين. تنهنجا پساهه اُتي پورا ٿيا، جتي وڃڻ لاءِ ماڻهو سِڪندا آهن ۽ وري توکي مٺيءَ جي مٽي نصيب ٿي، سو به هوليءَ واري ڏينهن!
    ڪاش، ائين نه ٿئي ها!، صادق! منهنجي ارٿيءَ ۾ تون هجين ها ۽ ها، هاڻي منهنجي خواهش جو آخر ڇا ٿيندو؟!

    پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا ها، ميان
    تنهنجا قول قرار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري،
    توکان ٿيندي ڌار!



    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267682
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387992
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ