ڪتاب جو نالو: متبرڪ نعتون
مصنف: مُرتب: علامه عبدالوحيد جان سرهندي
ڇپائيندڙ: سرهندِي ڊاٽ نيٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1492 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 351 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مقدمہ
  • سنڌي نعتون

  • جڏهن پروردگاري حُڪم سان يومُ الحشر ٿيندو،
  • مُنهــــن تنهنجــــي مُنــــور ڪيـــو محــــراب بــيتُ الله جو،
  • رســول الله جـــي روضـــي رســـايو، مـون کــي مـــولا اڄ،
  • مدينـــــي پاڪ ڏي مونکي گھُرائينـــدو رســــــولُ الله،
  • مُحمـــد مير مدنــــــي کي مُڪو رحمــت ڪــري مــولا،
  • تنهنجــــي قـدمن تـــان قربان سڄـڻ،
  • مٺــڙو مٺڙو تنهـنجـو نــام توتـي سهسيـن صلـواتــون ســـلام،
  • مــحــــمـــــد مــصــطــفـى آهي، حـبيـبِ ڪـبريا آهي،
  • اِلتجا
  • اسان جو پاڪ پيغمبر، مُحمد سرورِ عالم،
  • تنُهنجو نور انور هو نِقابن جي وچ ۾،
  • سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي دربار اقدس ۾ هديہ صلواة و سلام
  • يا محمد مصطفى توتي صلواتون ۽ سلام،
  • شوق منهنجو آهي هر هر ، يا شفيع المُّذنبين،
  • ڪير فخرالمرسلين ٻيو ماسوائي مُصطفى،
  • محبوب خدا مون کي مديني ۾ گھُرائي، ديدار ڪرائي،
  • جُــــــــــدائي ۾ حـــبيبن جي جلي جند جان دل منهنجي،
  • مبارڪ صــــد مبارڪ آهي محبوبِ خدا آيو،
  • محشر ۾ موٽ مرسل، واهر ٿي مون ولهيءَ سان،
  • بشر کان ڪيئن پُڄي سگھندي ثنائي سرورِ عالم،
  • يثرب ڏي وٺي مونکي هلو ساڻ خدارا، او قافلي وارا،
  • ننهن ۽ چوٽي آئون خطا،
  • لااِلـٰــہ الا الله ، جـــــــــــي لات وڻـــــي ٿـــــــــي لـــــــــــولــــــي،
  • اڄ ته آڌي رات جو مونکي سهڻـــــــــــو ســــــــــرور ياد پيو،
  • محبــــــــوب جي محفــــــــــل ۾ ڪيڏو نه مزو آهي،
  • آرزو آ، مـــــوت تنهنجـــي منجھ قـــدمــــن ٿـي وڃـــي،
  • رســــــول الله جـــــي ســـــاراھ ۾ آهـــي زبـــان صدقــــــــي،
  • رســـــــــــــــــول الله جــــو روضـــــــو ڏيکاريندم مِٺو مولا،
  • مونکي ٻيو ڪونه ٿو گھرجي سوا تو يارسول الله،
  • مُنور ٿي ويو عــــــالـــــــم، ٿيو نُـــورِ خــــــدا پيدا،
  • منهنجــــو مـــصطفـــى پـــاڪ پـــڌرو لکــــن ۾،
  • حاجي وڃو ٿا حــج تــي روئـي پيغـام چئـجــــو،
  • الاهي جلد قسمت ڪر مدينــي ڏي تــون اڄڪـلـھ ۾،
  • شــانِ رســـالــــــــــــت مـــــولى ڄاڻي ٻي کي طاقت ناهي،
  • اي قلم لِک ، باعثِ ايجاد عالم جي ثنا،
  • مان ڪريان قُـــــربــــان عـــــربيءَ گهوٽ تان جند جان مال،
  • ســچـــــــا ســــرور پــرين پـــرور، پيـــــارا يـــارســــــــــول الله،
  • زمـــانــــي جي پســـنــــــــديــــــده نــــــظــارن ۾ مـــــــــحـــــــّمــــــــــد آ،
  • مچي وئي ڌ وم عـــالــــم ۾، مــــــحـــــــــمّــــــــد مصطفى آيو،
  • آهي نبـــــــي اسان جو بيشڪ حيات يـــارو،
  • يــــارســــــول الله تنهنجو جــلــــوو هر شيءِ ۾ ڏسان،
  • عرب تنهنجو مـــدنــــي عجم تنهنجو مدني،
  • لک بار مبارڪ اُمت کي ســــــــــــــــــردار مـــــحـــــمّــــــــــــــد آيـــو آ،
  • فارسي نعتون

  • مُناجات بابرڪات
  • از قلم حضرت قيوم جهان قدس سرّه
  • ز او صاف مدينه گرچہ گويم قطره از دريا است،
  • به جناب سرور انبياء برسان صبا تو سلام من،
  • سجدہ گاہِ قدسياں از خاك آدم ساختند،
  • رباعي ، قطعه

  • ترتيب

    انتساب

    آئون بيحد عقيدت ۽ نهايت محبت سان، پنهنجي جد امجد صاحب فضيلت ومعرفت قطب زمان، قيوم دوران، عمدة العلماء، زينة الاصفياء، تاج الاولياء حضرت خواجہ محمد حسن جان سرهندي مُجددي نقشبندي فاروقي قدس سره جن جي نالي مبارڪ سان هن ڪتاب کي منسوب ڪريان ٿو.
    منهنجي لاءِ اهو اعزاز ۽ شرف ڪافي آهي.


    از قلم
    عبده عبدالوحيد عفي عنه
    ۲۰۰۰.۲.۲۸


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (142) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون احمد خان ڀرڳڙيءَ جا جنهن سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مقدمہ

    بسمہٖ سبحانہٗ وتعالى وتقدس
    احمده سُبحانہٗ وتعالى و اصلي وسلم على اشرف الانبياء والمرسلين وعلى آلہٖ واصحابہٖ ولمن تبعہ باحسان
    الى يوم الدين. آمين
    بفضلہ تعالى وبکمال کرمہ اڄ مؤرخه 28 فيبروري 2000ع تي هي ڪتاب مستطاب المسمى بہ ” متبرڪ نعتون“ لکجي مڪمل ٿيو. هن متبرڪ ڪتاب ۾ اسان پنهنجي معلومات ۽ پسند مطابق سنڌ جي مشهور و معروف نعت گو شاعرن جون نعتون ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ شامل ڪيون آهن، ۽ ڪتاب جي پوئين حصي ۾ اسان جي سرهندي بزرگن جون ڪجھ فارسي نعتون شامل ڪيون ويون آهن. اُميد ته سڀني پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند ايندو، ڇو ته اسان ڪوشش ڪري سموري سنڌ جي عُمده شاعرن جي نعتن جو هي مجموعو پيش ڪيو آهي.
    آخر۾ آئون سڀني پڙهندڙ حضرات کي گذارش ڪندس ته اُهي هڪ دفعو الحمد شريف ۽ 3 دفعا قُل شريف پڙهي منهنجي جد امجد تاج الاولياء حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي ۽ ٻين نقشبندي بزرگن جي ارواحن مبارڪن کي مذڪوره ختم شريف جو ثواب بخشين ۽ دعا گھرن ته رب ڪريم پنهنجي حبيب ڪريم عليہ الصلواة والسلام جي طفيل حضرت خواجہ صاحب جن کي جنة الفردوس ۾ اعلى کان اعلى مڪان عطا فرمائي ۽ سندن اولاد کي صالح ۽ سعادت مند ڪري ۽ دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي و ڪامراني عطا فرمائي ۽ سندن علمي ۽ روحاني فيوضات ۽ برڪات کي قيامت تائين قائم ۽ دائم رکي. آمين ثم آمين بجاه سيدالانبياء والمرسلين صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم.

    بقلم
    عبده عبدالوحيد جان سرهندي
    از درگاھ مُجدديه، ٽنڊو سائينداد
    ضلع حيدرآباد(ٽنڊو محمدخان) سنڌ
    28.2.2000


    سنڌي نعتون

    جڏهن پروردگاري حُڪم سان يومُ الحشر ٿيندو،

    جڏهن پروردگاري حُڪم سان يومُ الحشر ٿيندو،
    تڏهن حضرت مــحــمــد شــافــعِ جـــن و بشـــر ٿيندو.

    آهن هــــٿ عـــاصين جــا دامـــنِ پاڪ مُـــحــمـــد ۾،
    مِٺو مُــــرســـــــــــل مِڙن تي مهربان ۽ مِهرَور ٿيندو.

    گناهن ۾ گڏيل آهيان ، وسيلا واھ ٻي ڪانهي،
    خدا جي واسطي مون تي به شفقت جو نظر ٿيندو.

    نه ڪيم ڪا بندگي پوري نه ڪيم ڪا طاعتِ مولى،
    توهان جي مدد سان سائين، ڏکي پل تان گذر ٿيندو.

    گھُران درگاھ حق جي مان هميشه روز شب دائم،
    ڪميني تي ڪرم سان مِهرباني جو نظر ٿيندو.

    نڪا ٻي واٽ آهي ڇوٽڪاري جي شفاعت ري،
    شفاعت کان ڦِري جو سو هميشه دربدر هوندو.

    نه ڪر ڀئو ”پير“ تون هر گز هلاڪي هول هيبت کان،
    مُـــهابي مـير مـــرســــــل جي مٿم ســـؤکو سفر ٿيندو.

    *
    حضرت آغا عبدالستار جان سرهندي
    ٽنڊو سائينداد


    مُنهــــن تنهنجــــي مُنــــور ڪيـــو محــــراب بــيتُ الله جو،

    مُنهــــن تنهنجــــي مُنــــور ڪيـــو محــــراب بــيتُ الله جو،
    رُخ تنهنجــــي روشــــن ڪيــــو تَجلـــو ڪـــــلام الله جـــــو.

    جنهـن جنتِ جاويدکي اوهان جي پسڻ لئي ڪيو ڦٽو،
    هـــــــو هــــميـــــشـــه آرزو آدم صــــــفـــــي الله جـــــــــو.

    موت مُهلــــت ڏي ته من موٽي مدينـــي ۾ رســـان،
    پيـــار سـان هيڪـــر پســـان روضـــو رسول الله جو.

    جت ذات حق جو ظهور هو، اُت مُصطفى مسرور هو،
    گم هوش تجليءَ طُــور ڪيو موســى ڪليــم الله جو.

    آزاد ٿيـو در دوجھــان درد و غمــن کان بـي گمـان،
    پاڙو قبــوليو ’پيــر‘ جنهـن حُب مان حبيب الله جو.



    حضرت آغا عبدالستار جان سرهندي
    ٽنڊو سائيند


    رســول الله جـــي روضـــي رســـايو، مـون کــي مـــولا اڄ،

    رســول الله جـــي روضـــي رســـايو، مـون کــي مـــولا اڄ،
    پريـن جي پاڪ پـــــاڙي ۾ ، پڄــايو مون کي مــــولا اڄ.

    مُشرف ڪئي مدينــــي جي زيارت ســان ضعيفن کي،
    سفر جي سخت صدمن کان بچايو مون کي مــــولا اڄ.

    اهــا لبيڪ جـي للڪار، مون نئين مان نه چئي آهي،
    اکر ساڳيـــو ازل وارو ، چوايــو مون کي مــولا اڄ.

    الاهــي منهنجو مــدفن ڪر هـــتي جنـــــت بَقِيَہ ۾،
    قيامت تائين رهان خوش جي رکايو مون کي مولا اڄ.

    مُسلمانو ڏسو هي مهرباني مِـــير مـــــــــرســـــــــل جي،
    سڏائي مون کي پنهنجي گھر گھُرايو مون کي مولا اڄ.

    سڏڻ ســــردار جـــو بيشـــڪ ســــڏڻ الله جـو آهــــي،
    ٿيان ڇو ڪينَ مان نازان سڏايـو مـــون کي مـــــولا اڄ.

    پـــرين پرور پسائين شال هر ڪنهـــن فرد مؤمـــن کي،
    پرينءَ جو ديد جئين چئي ’پير‘ پسايو مون کي مولا اڄ.

    *
    حضرت آغا عبدالستار جان سرهندي
    ٽنڊوسائينداد


    مدينـــــي پاڪ ڏي مونکي گھُرائينـــدو رســــــولُ الله،

    مدينـــــي پاڪ ڏي مونکي گھُرائينـــدو رســــــولُ الله،
    چڱي ســا چائنٺ چشمــن سان چُمــائينــدو رســـولُ الله.

    سندس در جـــي گدائـــي لـــئه ٿيس حيـــران يـا قسمــت،
    پـيــــــارو پِرت مان پڃـــــرو پسائينــــــدو رســـــولُ الله.

    مــِٺو پـــاڻي مـــدينـــي جو ، مـــٺا مــــاڻهو مديني جا،
    سُرهي سڀ خاڪ يثرب جي، سونگھائيندو رسولُ الله.

    بهشتــــي باغ بطحا جا ، مٺــــا مِصري ڪنان ميــوا،
    گھٽيـــون گھـر گام گولـي کي گھمائيندو رســولُ الله.

    پرين جـــي پاڪ پـــاڙي ۾ رهـــي پرتؤن مزا مـــاڻـيان،
    اهو آهي عرض ’احمــــد‘ جو اگھائينــدو رســولُ الله.

    *

    حضرت مولانا حافظ احمدجان سرهندي
    ٽنڊو محمدخان


    مُحمـــد مير مدنــــــي کي مُڪو رحمــت ڪــري مــولا،

    مُحمـــد مير مدنــــــي کي مُڪو رحمــت ڪــري مــولا،
    سندن تعـريــف ۾ نـازل ٿيــو ڪــامـل ڪــــلام الله.

    اول سڀني ڪنــان ، صاحـب بنايو نــُور نِرمــل جـو،
    نبـيءَ جــي نُــور مان پيـــدا ٿيو آدم صفــي الله.

    ڏُڪر ويو ڏيھ مان نڪري، وٺا بادل سندا برڪت،
    ملڪ ماڻهــن مبــارڪ چئي ڀلي آئين رســولُ الله.

    ويو اونداھ عالم تان ، ٿيو اسلام سان روشن،
    ڪِريا ڪنگرا سندا ڪِسرى ، بتن کان پاڪ بيت الله.

    ڌڻــي دربار ۾ دعـــوت ڪري ڪوٺائيـــو دلـــبر،
    ملــڪ مرسل عجـــب ۾ پيـا، چيو سڀني سُبحان الله.

    شفاعت عــام ۾ تُنهنجــي آهي اُميــد ’احمد‘ کي،
    هُجن هردم مٿــي حضرت صلــواةُ الله ســلامُ الله.

    *
    حضرت مولانا حافظ احمدجان سرهندي
    ٽنڊومحمدخان


    تنهنجــــي قـدمن تـــان قربان سڄـڻ،

    تنهنجــــي قـدمن تـــان قربان سڄـڻ،
    توتان صدقـــي منهنجــي جـــان سڄـڻ.

    هڪ جان سندم اي جان جــھــــــان،
    ڇا آهي جو گھوريان تنهنجي مٿان،
    توتان گھوري جانيون سارو جھان،
    توتان قربان ٿئي جي ڪون و مڪان،
    ته به تنهنجو اڃان وڌ شان سڄڻ.....

    تنهنجي خاڪ قـدم سڀ روءِ زميــن،
    ٿيا نَو فلڪ تنهنجـي زيـر نگيـــن،
    توکي پيرين پوندل عرش بريــن،
    تنهنجي راھ جو چاڪر روح امين،
    تنهنجو ساٿي خود سُبحان سڄڻ....

    توکي عالم جو ڪُل علم اُتم،
    تنهنجي علم ۾ قطرو جيئن قُلزم،
    تنهنجي علم اڳيان ڇا لوح قلم،
    توتي آه عيان ڪُل ڪتم عدم،
    توتي پڌرو ڪُل پنهان سڄڻ ....

    توکي رب سڏي سوغات ڏني،
    جيڪا تو گھري اُت سا ته ڏني،
    پر ٻي به اڃان اُن ذات ڏني،
    توکي ڏاتر هر ڪا ڏات ڏني،
    توکي ڏاتر بخشيو دان سڄڻ....

    توکي آگـي جــا انعـام ڏنـــــي،
    سا ته مـــولى پنهنجـــي مام ڏني،
    ڪَل ڪنهن کي اُنهيءَ جي ڪام ڏني،
    سڀ خلــق خـدا تنهنجــي سامَ ڏني،
    تنهنجي جھولي منجھ جھان سڄڻ....

    تنهنجي جھولي ۾ پيو جملي جھان،
    لڌو هر دو جھــــان ۾ امن و امان،
    تنهنجي سام جا ٿيــڙا ڀاڳ ســوان،
    لٿا اونـــــا ’ابراهـــيـــم‘ چــــوان،
    سريو عــالـــم اطمينان سڄڻ.....

    *

    حضرت آغا محمد ابراهيم جان سرهندي
    گلزار خليل سامارو


    مٺــڙو مٺڙو تنهـنجـو نــام توتـي سهسيـن صلـواتــون ســـلام،

    مٺــڙو مٺڙو تنهـنجـو نــام توتـي سهسيـن صلـواتــون ســـلام،
    تنهنجو پيــار ڀريــو پيغــام توتي سهسيــن صلـواتون سلام،
    يا نبـي يانبـي يا نبـي يا نبـي . . . . . . . . . . . . . .

    ڪفر ڪڍيو تو ملڪ مان ڪوري، ڪفر جا بُت ڀڃي ۽ ڀوري،
    آندئي دين عجب اسلام ، توتي سهسين صلـــواتــــون سلام.

    دنيا سڀ ڪجھ توکان پرايو، ڪُل جڳ پنهنجو جھول ڀرايو،
    سڀ کي سڀ ڏنئي انعام ، توتي سهسين صلواتون سلام.

    ماڻهو جن ملائڪ سارا ، تو لئه جڙيا سڀ سج چنڊ تارا،
    اڻ کٽ خلق سندا اقسام، توتي سهسين صلواتون سلام.

    سجـدا توکي وڻن ٿي ڪَيڙا ، پيرين توکي اچي ٿي پيڙا،
    حڪم مڃيو ٿي ٿڙ ۽ لام، توتي سهسين صلواتون سلام.

    جلدي ’ابراهيم‘ گھرائج پنهنجو روضو پاڪ پسائج،
    آهي اَڻ کُٽ جت آرام، توتي سهسين صلواتون سلام.

    *
    حضرت آغا محمد ابراهيم جان سرهندي
    گلزار خليل سامارو


    مــحــــمـــــد مــصــطــفـى آهي، حـبيـبِ ڪـبريا آهي،

    مــحــــمـــــد مــصــطــفـى آهي، حـبيـبِ ڪـبريا آهي،
    اهــــوئـــــي ابتـــدا آهــــــي ، اهــوئــي انتـهــا آهي.

    نه دنيا هئي نه عُقبى هئي نه ئي مخلوق خلقيل هئي،
    مگر اول سڀن کان ئي ، رســــولِ مــجتـــبى آهي.

    خـــــدا خــلقيو جهانن کي رسولُ الله جي صـــدقـــي،
    اهوئـــي رحمتِ عــــالــــــم ، اِمـــامُ الانبياءَ آهي.

    ذڪر اذڪار سڀ فاني مُــحـمــد جو ذڪر باقي،
    سبب هي ٿيو جو خود الله، سندن ئي نعت خوان آهي.

    صُبح سانجھي سدائين سڀ، پڙهو صلواة سيد تي،
    سڀن وردن کان اعلى هي ، وظيفو بي بها آهي.

    قبر محشر ۽ دنيا ۾، مدد ڪنهن جي نه ٿي گھرجي،
    سهارو ‘عبد’ جو هر دم ، رسولِ دو جھان آهي.


    عبده عبدالوحيد جان سرهندي
    ٽنڊوسائينداد


    اِلتجا

    بحضور پُرنورسرور ڪائنات مفخر موجودات صلي الله عليہ وسلم

    مون کي تنهنجو ڪرم گھرجي، ڪرم ڪر يارسول الله،
    مون کي تنهنجو فضل گھرجي فضل ڪر يارسول الله.

    مُنهنجا سائين اچو جلدي، مدد ڪريو مون عاجز جي،
    نظر ڪريو مون تي جلدي، ڀرم سان يارسول الله.

    وسيلـــــــو تو سوا ناهي، وسيلو ٿي تون اي عـــربــــــــــي،
    ٻڌو فـــــرياد منهنجـــــو هيءُ، رحــــــم سان يارسول الله.

    مُهــــابي اهل بيتن جي ، طفيلي سڀ صحابن جي،
    توجہ ڪُل ڪريو مــــــون تي، ڪرم سان يارسول الله.

    شريعت تي عمل گھرجي، طريقت جو سبق گھرجي،
    عنايت جي نظـــــر گھرجي ، مهــر سان يارسول الله.

    غلاميءَ جو شرف بخشيو، سدا هن عبد عاجز کي،
    ٿين مقصد سڀئي پورا ، لطف سان يارسول الله.
    *
    عبده عبدالوحيد جان سرهندي عفي عنه
    ٽنڊو سائينداد


    اسان جو پاڪ پيغمبر، مُحمد سرورِ عالم،

    اسان جو پاڪ پيغمبر، مُحمد سرورِ عالم،
    اسان جو شافعِ محشر، مُحمد سرورِ عالم.

    ڪري معراج جسماني، ويا عرشِ معلى تي،
    مِلين اختيار رحماني، محمد سرورِ عالم.

    خدا جي پاڪ هستيءَ جو، ٿيو ديدار عربيءَ کي،
    آهي محبوب سُبحاني ، مــحــمّــد سرورِ عالم.

    عطا ٿي کين سرداري، نبين ۽ رسولن جي،
    اهو اعزاز رباني مـحــمّـــد سرورِ عالم.

    خدا جي مهرباني ٿي، مُهابي مير مرسل جي،
    مليو هي دين لاثاني محمد سرورِ عالم.

    نوازش جي نظر گھرجي سدا هن ’عبد‘ عاجز کي،
    ڪندو احسان سُلطاني مــحــمّـــد سرورِ عالم.

    *
    عبده عبدالوحيد جان سرهندي عفي عنه
    ٽنڊو سائينداد


    تنُهنجو نور انور هو نِقابن جي وچ ۾،

    تنُهنجو نور انور هو نِقابن جي وچ ۾،
    خدا پاڻ خلقيو ، حِجابن جي وچ ۾.

    اِها ڳالھ مذڪور حديثن ۾ آهي،
    وڌي معتبر ٿي ڪتابن جي وچ ۾.

    انهيءَ نور انور مان ٿي تخليق ساري،
    خدا جي خدائي هئي، رازن جي وچ ۾.

    تنهنجو ذڪر اعلى سڀن کان ئي آهي،
    لکيل هي بيان ٿيو، سيپارن جي وچ ۾.

    وظيفو اسان جو صبح شام آهي،
    توهان جو ئي نالو صلواتن جي وچ ۾.

    مَدح مُصطفى جي هڪ اعزاز آهي،
    مِليو ’عبد‘ کي هي غلامن جي وچ ۾.

    *

    عبده عبدالوحيد جان سرهندي
    ٽنڊوسائينداد


    سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي دربار اقدس ۾ هديہ صلواة و سلام

    مصطفى مجتبى تي صلواتون سلام،
    مبتدى منتهى تي صلواتون سلام.

    سيدُ الانبياء تي صلواتون سلام،
    زينةُ الاصفياء تي صلواتون سلام.

    جنهن جي آمد سان ٿي وئي گهڻي روشني،
    اُن جي آمد عُلى تي صلواتون سلام.

    جنهن جي رحمت سان ڪَون و مَڪان آهي،
    اُن جي رحمت عُلى تي صلواتون سلام .

    آهي جنهن جي نگاهِ ڪرم سڀ تي،
    اُن جي نوري نگاه تي صلواتون سلام.

    آهي جنهن جي سخا، ۽ عطا سڀ تي،
    اُن جي جود وسخا تي صلواتون سلام.


    تنهنجي هر هڪ ادا ٿي خدا کي وڻي،
    اُن ادا باوفا تي صلواتون سلام.

    تنهنجي هر هڪ رضــا ٿي خدا کي وڻي،
    اُن رضا پُر ضيا تي صلواتون سلام.

    سبز گنبد ۾ جيڪو مَڪين آهي ،
    اُن خيرالورى تي صلواتون سلام.

    سر زمين عرب جي جنهن مقدس ڪئي ،
    اُن نورالهدى تي صلواتون سلام.

    صدق ۾ ٿيو صديق سڀن کان مٿي،
    اُن صاحب تُقى (۱) تي صلواتون سلام.

    عدل ۾ ٿيو فاروق سڀن کان مٿي ،
    اُن صاحب نُهى (۲) تي صلواتون سلام.

    با ادب با حيا ٿيو عثمانِ غني ،
    اُن جي ادب و حيا تي صلواتون سلام.

    شيرِ يزدان علي ٿيو سڀن جو ولي،
    اُن جي همت عُلى تي صلواتون سلام.
    اهل بيتن جو جيڪو امام آهي،
    اُن حسن مُجتبى تي صلواتون سلام.

    سيدُالشُهداُء کان ٿيو راضي نبي،
    اُن حسين مرتضى تي صلواتون سلام.

    صالحن صديقين ۽ شهيدن مٿي ،
    اُن جي نسبت عُلى تي صلواتون سلام.

    ’عبد‘ کي عربي جي هي غلامي ملي ،
    اُن جي خدمت عُلى تي صلواتون سلام.

    *

    عبده عبدالوحيد جان سرهندي
    ٽنڊو سائينداد


    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    (۱) پرهيزگار (۲) عقلمند


    يا محمد مصطفى توتي صلواتون ۽ سلام،

    يا محمد مصطفى توتي صلواتون ۽ سلام،
    يا حبيبِ ڪبريا توتي صلواتون ۽ سلام.

    رات ڏينهن شام و سَحر هر وقت ۽ هر هنڌ ۾،
    منهنجي طرفان هر مهل، توتي صلواتون ۽ سلام.

    حق تعالى ۽ فرشتا موڪلن ٿا هر زمان،
    يا رسولِ مجتبى توتي صلواتون ۽ سلام.

    حُڪم آهي مؤمنن، هردم پڙهن توتي صلوات،
    دل جي عقيدت سان سدا، توتي صلواتون ۽ سلام.

    دل جي صداقت سان سدا، مؤمن پڙهن ٿا هر زمان،
    يا شفيع المُذنبِين ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    صاحبِ لولاڪَ سائين مالڪ مُختار ڪُل،
    رحمةً للعالمين ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    اعلى ٿيو تنهنجو ذڪر ۽ خاص تنهنجي شان ۾،
    کولي پڙهو قرآن کي توتي صلواتون ۽ سلام.

    تنهنجي شفاعت عام ٿي آهي سڀن اُميد هي،
    بخشجي ويندا سڀئي، توتي صلواتون ۽ سلام.

    نُور تنهنجي مان خدا پيدا ڪيا سارا جھان،
    ناهين مِثل تون ڪنهن بشر، توتي صلواتون ۽ سلام.

    دربار رب جي ۾ سدا تنهنجو وسيلو ٿا وٺون،
    بي ڪسن جا ڀرجھلا ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    مؤمنن کي ساھ کان ويجھو آهي عربي رسول،
    فرمان ٿيو مالڪ جھان، توتي صلواتون ۽ سلام.

    چئني صحابن تي سدا رحمت آهي رحمٰن جي،
    ۽ اهل بيتن تي سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    هر هڪ صحابي بي مثل، ثاني نه تن جو ڪو اصل،
    ۽ نيڪ امت تي سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    علم توکي سڀ عطا ڪيا رب پنهنجي فضل سان،
    احسان ٿيو الله جو ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    عرض آهي ’عبد‘ جو، مون کي گھرائي مصطفى،
    مُلڪ پنهنجي ۾ سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.

    *


    ’عبده‘ عبدالوحيد جان سرهندي
    ٽنڊو سائينداد


    شوق منهنجو آهي هر هر ، يا شفيع المُّذنبين،

    شوق منهنجو آهي هر هر ، يا شفيع المُّذنبين،
    ٿي رهي دل منهنجي مُضطر ، يا شفيع المذنبين.

    ڪڍ نقاب از روءِ اَنور يا شفيع المُذنبين،
    ديده دل ڪـــــر مُــــنور يا شـــــفــــيع المُذنبين.

    تــشــنــئِه ديــــدار کي سيراب ڪر بهر خدا،
    مالڪِ تسنيم و ڪـــوثـــر يا شفيع المُذنبِين.

    نُور تنهنجي مان سڀن کي ٿي عطا جلوه گري،
    واه تون خورشيد اَنور يا شفيع المُذنبين.

    جاده (1) ايمان تي منهنجو خاتمون ٿئي خير سان،
    منهنجا هادي منهنجا رهبر يا شفيع المذنبين.

    *

    قاضي اسدالله شاھ ’فدا‘ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ

    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    (1) رستو ۽ واٽ


    ڪير فخرالمرسلين ٻيو ماسوائي مُصطفى،

    ڪير فخرالمرسلين ٻيو ماسوائي مُصطفى،
    ڪير روز حشر شافع، ٿيو ورائي مُصطفى.

    ڪنهن کي ٿيو قرب خدا، اهڙو سوائي مصطفى،
    عرش فرش مصطـــفـــى قوسين جائي مصطـفـى.

    ڪنهن کي ٿي مُهر نبوت ما سوائي مصطفى،
    ڪير ٿيو خـــتـــم رســـالــــت ماورائي مصطفى.

    ڏي مون کي دارين ۾ يا رب بَرائي مصطفى،
    ذوق عشقِ مصطفى شــوقِ لقائي مصطفى.

    *


    قاضي اسدالله شاھ’فدا‘ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    محبوب خدا مون کي مديني ۾ گھُرائي، ديدار ڪرائي،

    محبوب خدا مون کي مديني ۾ گھُرائي، ديدار ڪرائي،
    شب روز جُدائي ٿي سندم جان جلائي، ديدار ڪرائي.

    هي آس اندر ۾ آهي ٿيان اچي حاضر، اي بندهء پرور،
    بدڪار کي هن بند مان جلدي تون ڇڏائي، ديدار ڪرائي.

    شب روز روئي راھ مديني جي نهاريان، هنجون هجر مان هاريان،
    مشتاق کي مولا سِگھو محبوب مِلائي ، ديدار ڪرائي.

    ڪج مون تي شفاعت جي نظر آهيان گنهگار، اي سيد ابرار،
    ’حافظ‘ کي سڪرات جي سختي کان ڇڏائي، ديدار ڪرائي.


    *


    محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    جُــــــــــدائي ۾ حـــبيبن جي جلي جند جان دل منهنجي،

    جُــــــــــدائي ۾ حـــبيبن جي جلي جند جان دل منهنجي،
    ڪڏهن ملندا وري جاني سڪي ساري ٿي دل منهنجي.

    سڄڻ جي سهڻي صورت سان، نه مٽ مهتاب ٿي سگھندو،
    پسڻ خاطر پرينءَ جي ٿي رهي بيتاب دل منهنجي.

    عرض شام و صبح آهي صلواتن ۽ سلامن سان،
    درودن ۽ دُعـــــائـــن سان ڪري فــــــرياد دل منهنجي.

    تون ئي روشن شمع آهين، پتنگ وانگر ٿئي قربان،
    سندئي قدمن مٿان صــــدقي سچا سردار دل منهنجي.

    صـــدا ’حــــافــــظ ‘ جي آهي هي گھرايو جلد يثرب ۾،
    ڪري ديــــدار روضـــي جو ٿئي شل شاد دل منهنجي.

    *

    محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    مبارڪ صــــد مبارڪ آهي محبوبِ خدا آيو،

    مبارڪ صــــد مبارڪ آهي محبوبِ خدا آيو،
    اسان عاصين گنهگارن لئي ٿي شافع ورى آيو.

    ڪيو روشن اچڻ سان جنهن زمين ۽ آسمانن کي،
    اهو محــــــبوب رب العـــالـــمين خــــيرالــــورى آيو.

    ڪِري تارن ڪيا سجدا نبيءَ جي نور جي سامهون،
    ٿيا هــر دوجھــــــان روشـــن نبــــــيءَ نُورالهدى آيو.

    هلي جبرئيل امين آيو ڪرائڻ سير سيـــد کي،
    شبِ معراج ۾ عــــرشِ عُلى تي مصطــــفى آيو.

    ڄمڻ سان ڄام مرسل جي سُڪا وڻ ٿي ويا ساوا،
    ٽـــڙيــا گلــــــزار ۾ گل ڦُل حبـــيـــبِ ڪبــريـــا آيـــــو.

    کلي خوشبوءِ کٿوري جي هلي هر هنڌ سا هٻڪار،
    نه ٿي ’حافظ‘ ڪڏهن غمگين اجھو شافع ورى آيو.

    *
    محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    محشر ۾ موٽ مرسل، واهر ٿي مون ولهيءَ سان،

    محشر ۾ موٽ مرسل، واهر ٿي مون ولهيءَ سان،
    هيڪـــر هلان مــــديــنــــي، ڪر مهر مون ڍليءَ سان.

    عيبن کان آجي ناهيان، در تنهنجي عاصي آهيان،
    چانئٺ چمڻ ٿي چاهيان، ڪر ڀال مون ڀُليءَ سان.

    محـبــوب تـــون سبحانـــي، رحمان جو تون جاني،
    تنهنجو نه ڪوئي ثاني، ڏڍ ٿيج مون ڏُلهيءَ سان.

    سانڍيان سدا ته سڪ ٿي، هر دم هنئين کي ڇڪ ٿي،
    قسمت منهنجيءَ جي چُڪ ٿي، ڪر رحم مون رُليءَ سان.

    دل ساڻ دانهن ڪريان ٿي ، شب روز مان رڙان ٿي،
    ’مهجور‘ جو ٿي ساٿي، ڪــوثــر پيان علـــــــــيءَ سان.

    *

    سيد ميران محمد شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    بشر کان ڪيئن پُڄي سگھندي ثنائي سرورِ عالم،

    بشر کان ڪيئن پُڄي سگھندي ثنائي سرورِ عالم،
    خــــــدا خود ٿو رهي مِدحت سرائي ســرورِ عـــالــــــم.

    لکيــن دنيــا اندر ٿيا انبيــــــــــــاءَ ۽ اوليـــــاءَ هــــادي،
    مگـــــر هڪــــڙو به ناهـــي ڪو بجائي ســرورِ عـــالم.

    شبِ معراج ۾ مــولى گھرائي مــيــــر مـــــرســـل کـــي،
    ڏٺـــو رب عـــــرش اعــلــــى تي لــِقــــاءِ ســــرورِ عالم.

    نه ان کي غم قيامت جو، نه خطرو خوف دوزخ جو،
    رهي جو جان ۽ دل سان فـــدائي، ســــرورِ عــــالـــــم.

    شفاعت ڪج شفيعُ المذنبين محشر ۾ اُمت تي،
    عـذابِ نار دوزخ کان بچـــائـــي ســـــــرورِ عـــالـــم.

    سڪايل ’سعيد‘ جي شام و سحر هي التجا آهي،
    سگھو مون کي مديني ڏي سڏائي سرورِ عالم.

    *

    محمد سعيد شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    يثرب ڏي وٺي مونکي هلو ساڻ خدارا، او قافلي وارا،

    يثرب ڏي وٺي مونکي هلو ساڻ خدارا، او قافلي وارا،
    هيڪر مان ڏسان شال مديني جا مُنارا، او قافلي وارا.

    هڪ پَل ۾ هلي شال مديني کي رسان مان، پڃري کي پسان مان،
    فرقت ۾ محمّــد جي سندم دل ٿي سيپارا، او قافلي وارا.

    سيني ۾ اٿم شوق ڏسان روضهء انور درگاھ پيـــغــبــــــر،
    دل کي ٿا وڻن يثرب جي گلشن جا نظارا، او قافلي وارا.

    پيغام ڪجئين پيش هيءُ درگاھ نبي ۾، سرڪار نبيءَ ۾،
    ديــــدار جي ســـائـل کي ســڏيو جـــلــــد پيـــارا، او قافلي وارا.

    شب و روز هجر ۾ روئي، ديدار جو سائل، هي ’سعيد‘ سڪايل،
    رستي ۾ وساري نه وڃو تنهن کي دلارا، او قـافلـــــي وارا.

    *

    محمد سعيد شاھ ٽکڙائي
    وسين ملوڪ شاھ


    ننهن ۽ چوٽي آئون خطا،

    ننهن ۽ چوٽي آئون خطا،
    ۽ ســــرتــــا پا پـــــاڻ عطا.

    روح رڄيم نه ٿــــــــــو مولى،
    سير نه ٿي ٿئي چشم ڪُشا.

    جڳ مڳ، جڳ مڳ، جڳ سارو،
    ســـرمــــــون اک جـــــو خـــــاڪِ پا.

    مــؤمـــــن ڪـــارڻ ڇــــانــــو ڇَپَر،
    ڪافر جي لئي حــــــرف دُعــــا.

    آن جـــــي در کان دور رهـــــي،
    جـــي به جيـــا، سي جــــاڙ جيا.

    شرف ’حسينيءَ‘ کي مليو،
    ڪري اوهان جي مدح ثنا.

    *

    سيد امداد حسيني،
    حيدرآباد


    لااِلـٰــہ الا الله ، جـــــــــــي لات وڻـــــي ٿـــــــــي لـــــــــــولــــــي،

    لااِلـٰــہ الا الله ، جـــــــــــي لات وڻـــــي ٿـــــــــي لـــــــــــولــــــي،
    دم دم دل ۾ ياد نبــــــــــي اها ٻاجھ ڀري آهــــي ٻــــــولـــــــي.

    ڪي شان گھُرن توکان مانُ نبي، ڪي سوڀ گھرن سلطان نبي،
    ڪي داتا گھُرن توکان دانُ نبي، مونکي گھوٽ بنايو گولي.

    ڪي فيض گھرن ٿا فقيريءَ جو، ڪي امداد گھُرن ٿا اميريءَ جو،
    ڪي پيغام گھُرن ٿا پيريءَ جو، آئون ڳوٺن ڳلين منجھ ڳولي.

    مونکي مهاجر ڪري تون مار نبي، دوست رهائي دربار نبي،
    دم دم ۾ رهي ديدار نبــــــــــي، چمڪـــار اندر چــــولـــي.

    ڪي زر گھرن ٿا زيب نبي، ڪي لاڳ گھرن لاريب نبي،
    آئون گلشن گھران ٿو غيب نبي، لاهيو ڏک فراق جي ڏولي.

    زيارت گھري هي ’زينل‘ ٿو، مٺا مير مديني جا مرسل تو،
    هي ’پيــــــر‘ پُڪـــاري پـلـپـــل پيــــــو، اها هر هنڌ لايو هولي.

    *

    پير زين العابدين شاھ
    نورائي شريف


    اڄ ته آڌي رات جو مونکي سهڻـــــــــــو ســــــــــرور ياد پيو،

    اڄ ته آڌي رات جو مونکي سهڻـــــــــــو ســــــــــرور ياد پيو،
    منهنجي ننڊ نيڻن جي ڦِٽي مونکي هوت هر هر ياد پيو.

    عشـــــــق ٻــــارڻ ٻـــاريـــا مون ماڳ مـــــــــدينـــــــي جا ساريا،
    گھوڙا، آئون گھر ڪئين گھاريان مونکي گھوٽ گوهر ياد پيو.

    مــابَـيـن بَــيِـتـي سـاريـان هر دم هنجـون نويٺي هاريان،
    پڃري لئي پلپل پڪاريان مونکي محراب منبر ياد پيو.

    سنــــــــــــڌ ۾ سڪندي ٿي مران، واحد گھرائي شل وران،
    پاڙي ته پريـــــــــــــــن پَران، مونکي ڪيف ڪوثر ياد پيو.

    ســـــــر بســـر ساڳــــــي سُتــــــي مون هوت ڏٺڙو هو هِتي،
    پڃرو پسان شل آئون اتي، مونکي جلوي جوهر ياد پيو.

    منجھ سُتـــــــي سَپنـــــي وري، ديـــــدار ڪيڙي دل چري،
    منهنجي آڳ اندر تي ٻري، مونکي رات رهبر ياد پيو.

    هن ضعيف ’زينل‘ کي سڏي، گھايل وٺو گولو گڏي،
    هي ڇورو نه ڏيو دلبر ڇڏي، جنهن کي محب منور ياد پيو.

    *

    زين العابدين شاھ
    نورائي شريف


    محبــــــــوب جي محفــــــــــل ۾ ڪيڏو نه مزو آهي،

    محبــــــــوب جي محفــــــــــل ۾ ڪيڏو نه مزو آهي،
    هڪ نعــــــــــــت حبيبــــن جي سڀ درد ڇڏي لاهي.

    ڇـــــا بخـــــــــــــــت هنن جــو آ، آيــــــــــا جي هتي آهن،
    هيءُ گھر خـــــــدا جو آ، هتي زور ڪنهن جو ناهي.

    رب پاڪ ٿئي راضي، جنهن پنهنجي ٻانهي کان،
    اُن بنــــــدي کـــــي مــــــولى، اِت يـــــار ٿو ڪوٺائي.

    ڪُل عــــــاشــــق هِت ايندا، غـــــــدار جو ڪم ناهي،
    بس پــــــــاڪ غـــذا کي ئي، ٿو پــــــاڪ جسم کائي.

    ڪيڏو نه مٺـــو نالــــو آ، ســـرڪــــار مـــديــنـــــــه جو،
    هر عاشـــــق اکين مان پيـــــو، نيـــــر ٻڌي وهــــائـــي.

    ڪيـــــڏي نه ڪشش آهي اي ’پيــــــر‘ ذڪــر هن ۾،
    پــروانــــــــا اچن پيا ٿا، ڪاٿئون جو ڪٿئون ڪاهي.
    *
    پير غلام جيلاني شاھ
    نورائي شريف


    آرزو آ، مـــــوت تنهنجـــي منجھ قـــدمــــن ٿـي وڃـــي،

    آرزو آ، مـــــوت تنهنجـــي منجھ قـــدمــــن ٿـي وڃـــي،
    تنهنجي چهري جو صبح صادق سان درشن ٿي وڃي.

    ســـــــــــــاھ منهنجي ۾ سمايل، شهد شربت جان هُجين،
    جســـــــــــــم سارو ميٺ، اِن ماکـــــيءَ جو برتن ٿي وڃي.

    جي پٽيان سامهون هُجين، جي پوريان توکي پسان،
    رات ساري بســـــــــــر تنهنجي، منجھ قدمـــن ٿي وڃي.

    تنهنجي عظمت کي ڏسڻ، چاهيان اڃان بالا بُلند،
    تنهنجو خـــــــــادم هاڻ هرڪو، مرد ۽ زن ٿـــي وڃــــي.

    ’پيـــــــــــــر‘ جي اکيـــــن انـــــدر، اوطاق پنهنجي ڪر اچي،
    تون روح ٿي مان جسم ٿيان، اهڙو هي تن من ٿي وڃي.

    *

    پير غلام جيلاني شاھ
    نورائي شريف


    رســــــول الله جـــــي ســـــاراھ ۾ آهـــي زبـــان صدقــــــــي،

    رســــــول الله جـــــي ســـــاراھ ۾ آهـــي زبـــان صدقــــــــي،
    زمين صدقي، زمان صدقي ۽ منهنجو جسم جان صدقي.

    سندن گفتـــــــــار جي گـــــــوهر مٿان دُرِ عــــدن صـدقـــــي،
    سندن رفتـــار خــوش اطـــــوار تان ســـــــــارو جهان صدقي.

    لبــــــن لعلـــــن مٿان ياقوت گـــــــوهر لعل سڀ صـــدقــــــي،
    ٿيـــــو آ مـــــاھِ نــــورانـــــي مُبــــارڪ منهن مٿان صـــدقــــي.

    توهان جي عشــــق ۾ ’ناظـــــــم‘ رهي ٿو سَيَدا صــــدقـــــي،
    ڪيــــو اُن تـــي نگاھِ لـــــــطف رب مِــهـــــــربـــان صـــدقــــــــي.

    *

    مولانا محمد ابراهيم ناظم
    ڳڙهي ياسين


    رســـــــــــــــــول الله جــــو روضـــــــو ڏيکاريندم مِٺو مولا،

    رســـــــــــــــــول الله جــــو روضـــــــو ڏيکاريندم مِٺو مولا،
    ۽ پــاڻـــــــــي کـــــوھ زم زم جو پياريندم مِٺــــــو مـــــولا.

    چُمي چانئٺ پيغمبر جي سعادت شل ڪندس حاصل،
    مُئــــل دل آه جــــا منهنجـــــي جيـــــــاريندم مٺـــــو مـــــولا.

    حرم حضرت جو ٿو ساريان نمازون شل اتي پڙهندس،
    محبـــــت مصطفــــى جي خــــاص ڏياريندم مٺـــــو مــــولا.

    مديني جي گھٽين جون جي به ديواريون تنئين چمندس،
    بقيع جو، جو مُقــــــــــام آهي گھمــــائيندم مٺـــــو مــــــولا.

    روئيندس مان سچي سردار جي روضي اڳيان هر هر،
    ادب سردار جا حاصل ڪرائيندم مٺو مولى.

    ’ديهاتي‘ کي سدائين آســرو سيــــــــــد سچـــــــي ۾ هيءُ،
    مــــرڻ جي ويــــل ڪـــلمــــي سان اُماڻيندم مٺـــــو مـــــولا.

    *

    مولوي قاضي نظر محمد سومرو ’ديهاتي‘
    ديهات شريف ـــــ ڪنڊيارو


    مونکي ٻيو ڪونه ٿو گھرجي سوا تو يارسول الله،

    مونکي ٻيو ڪونه ٿو گھرجي سوا تو يارسول الله،
    گھران ٿو توکان ئي تنهنجو مُهـــــــــابو يارسول الله.

    پُڪاريان ٿو توکي پلپــــــل، ڦَٽي آهي فـــراقـــــن دِل،
    جُـــــــــدا توکان ٿيڻ مشڪــــل، جيــــاپـــو يارسول الله.

    تڪيندي تنهنجي محفل کي، لنگھي ويا سال سائل کي،
    اچــــي ڏي ڪـــو ڦــٽيــــل دل کــــــــي، دلاســـــــو يارسول الله.

    ســـــدا سِڪ آهــي سينــــي ۾، مران شل مان مـــــدينـــي ۾،
    مــــــــــونکــــــي حج جي مهينـــي ۾، گھــــرايــــو يارسول الله.

    ’عــــــزيـــــز‘ آهي سدا عاصي، تنهنجي ديدار جو پياسي،
    مُـــــدامــــي تنهنجــــو ميــــراســــــي، ثنــــاگــــــو يارسول الله.

    *


    عبدالعزيز ’عزيز‘ ابڙو
    پيارو واهڻ ــــــ ڏوڪري


    مُنور ٿي ويو عــــــالـــــــم، ٿيو نُـــورِ خــــــدا پيدا،

    مُنور ٿي ويو عــــــالـــــــم، ٿيو نُـــورِ خــــــدا پيدا،
    قـــريشــــي هـــاشمــــي سيــد، محمد مُصطفى پيدا.

    سَرِ تسليم خم، حور و ملڪ جن و بشر آهن،
    چيو فِــطــــــرت ته اڳ اهڙو نه ٿيو آ پيشـــــوا پيدا.

    رسالت جنهن تي شيدا ۽ نبوت جان فدا جنهن تي،
    مُبـــــارڪ ســـو ٿيو دنيـــــا ۾ خَتَــــمُ الانبيـــــاء پيــدا.

    خدا جو عرش اعظم هن زمين تان ٿو ٿئي صدقي،
    جــو عبـــــدالله جــي گھــر ٿيـو حبيبِ ڪبـــريا پيـــدا.

    مُبارڪ صـــــد مُبـــــارڪ بانـــيءِ صَــــد اِنـــقــــلاب آيــو،
    قدم جنهن جي سان ٿي ويو فيضِ قُدرت جا بجا پيدا.

    مٽايـــــو فــــرق جنهن آهي فــقيـــــري ۽ امـيـــــــريءَ جــــو،
    اَخُـــوت جــو عــلــــمـــبـــــردار ٿــي ويـو مـــرحبــــا پيـــــــــدا.

    گداگر جنهـــن جي در جا بـــادشــــاھـــن کان ٿيــــا بهتــــر،
    ڏنــــي جنهـــن ديـــــن جـــي دولت، ٿيـــو سو دلــــربــا پيدا.

    ’اثـــــر‘ اُڀـــــــري پيــــا آهــــــن هـــــــزاريــــن آســـــــرا دل ۾،
    ٿيــــو امــــت جـــــي آڌر شـــــافــــعِ روزِ جــــــزا پيــــــــــــــدا.

    *

    عبدالله ’اثر‘ ـــــــ ٻيڙو چانڊيو، لاڙڪاڻو


    منهنجــــو مـــصطفـــى پـــاڪ پـــڌرو لکــــن ۾،

    منهنجــــو مـــصطفـــى پـــاڪ پـــڌرو لکــــن ۾،
    جيئـــن گل گلابــــــــي آ سهڻــــــــو گلــــــــــــــن ۾.

    حـــــشــــر ويـــــل هـــونــدا ســـويـــن راڄ راڻــــا،
    تـــنيـــن مـــان مــحــمّــــد پــــــــري کان سڃــاڻـــا.
    هـــونــدس ڇــوٽڪــاري جــو جهنــــڊو هٿـــن ۾.

    ڪندو هــرڪـــو پنهنجــي رڳــــي جــــان پُختي،
    مـــحــمّـــــد کـــي مـــن ۾ يــــا اُمتــــي يـــااُمتـــــــي،
    اهـــڙيــــون سَــــوَ سـچـايــــون ڏيکاري ڏکـــــن ۾.

    جهنم کي جنهن ڏينهن هــــوندي مـــوج مَستي،
    انهي بـــاھ کــــي ڀــــي هٽـــائـــــي ڪا هستــــــــي،
    ڪـــري پــــار ڪشتـــــــي آڻينـــــــــدو امـــــــــــــن ۾.

    ڏکــــــن ۽ ڏولاون جـــــي ڪــــا پـــــــرواه نــاهــــي،
    ضـعيـفـــــــن جـــو ضــامــــن ڏينـــــدو راه ٺاهـــــي،
    اچـــي پــــاڻ بيهنــــدو ســو ســـــرور صـــفــــــــــن ۾.

    شـڪــــــر ڪـــــــر ’مهيســـــر‘ شفـــــادار مليـــــــــو،
    پڪــــو ســـــاٿ ڏيــــنـــــدڙ وفــــادار مـــلــــيـــــــو،
    ’غلام نبي‘ تـــــي خـــــــوشــــــي هـــــر وطـــــــن ۾.
    *
    حاجي غلام نبي مهيسر ميهڙ


    حاجي وڃو ٿا حــج تــي روئـي پيغـام چئـجــــو،

    حاجي وڃو ٿا حــج تــي روئـي پيغـام چئـجــــو،
    ســؤ ڀيرا ســِر جهُڪــائي منهجـــا ســلام چئجـــو.

    بدڪــار آهيان بُڇڙو ، رحمــت رســـول ڪـــر تـون،
    ڪر معـاف تون مدايون شفقت رسول ڪر تون،
    آهــي ســــدائيــــن لـب تــــي هـــر وار نــام چئـجـــــو.

    حُــب آ حضــور مونکـي هيڪـر اچـان مدينـــي،
    يـا مصـطفــى منــارا تـنـهـنـجـــا ڏســـان مدينـــــي ،
    سنــڌ ۾ نه آهــي مونکي ، ڪوئي آرام چئجو.

    ’درگاهي‘ چئي ديوانو آهيان تنهجي جي سهاري،
    هيــڪـــر اچـان مديــنــي پلـپـل پيـــو پڪـــاري،
    روهــــــڙيءَ ۾ پيــو گذاري غـم ۾ غـلام چئجـــو.
    *

    درگاهي روهڙي شريف


    الاهي جلد قسمت ڪر مدينــي ڏي تــون اڄڪـلـھ ۾،

    الاهي جلد قسمت ڪر مدينــي ڏي تــون اڄڪـلـھ ۾،
    محـــمّد جي محبـت جو جاڳايـو جوش ڪو دل ۾.
    (۱)
    مديني ڏي سفر ڪندي مَران شل مان مُسافر ٿي،
    ڀلي لاشـو رُلي منهنجو عرب جي پاڪ جهنگل ۾.
    (۲)
    وٺي واٽون مديني جون ڪريان پنڌڙو پيادل ٿي،
    وتان پنندو فقيرن جيئن پايو ڪفني کٿي ڳـل ۾.
    (۳)
    عَرب جا مرون کائن لتون ڏئي لاش منهجي کي،
    مُلن کي ڇا ڪندو منهنجو نه ڪم ڪوئي ڪفن قل ۾.

    ’غـلامِ رســول‘ آهيان غمن ۾ هت پيو گهاريــان،
    مديني لئي سڪي مئڙس عمر گذري ٿي جنجل ۾.
    *

    حاجي علام سول جتوئي
    محراب پور ڏوڪري


    شــانِ رســـالــــــــــــت مـــــولى ڄاڻي ٻي کي طاقت ناهي،

    شــانِ رســـالــــــــــــت مـــــولى ڄاڻي ٻي کي طاقت ناهي،
    مالڪ جو مـحبــــوب مــحمــــد ڪونهي ڪنهن کان دور،
    نبـــي ســـائيــن نـــــور آ، حــــق نبــــي ســـائيــــن نـــــــــــور آ.

    آئي ڄـــــــام مــــحــمّـــــــد جي پيا پٿـــر پڙهن صلــــواتــون،
    مَلڪ فلڪ ڀي ڳائن دم دم نور نبــــــــيءَ جون نعتــــــون،
    اهڙي شـــــــــان مبارڪ وارو آ حضـــرت پاڪ حــــضـــــور،
    نبـــــي ســـائيــــن نـــــــور آ ، حـــــق نبـــــــي سائيـــن نــــور آ.

    جڏهن پڙهون ٿا درود ســــڄــــــڻ تي پـــــاڻ دُرود ٻُــــڌن ٿا،
    روضـــــي اطهـــــر پــــاڪ منجهــــاران جلــــد جواب ڏين ٿا،
    ڇــو نه چـــوان مان سهڻـــو مـــحـــمّــــــــــد زنده آهي ضرور،
    نبــــي ســــائيــــن نـــــور آ ، حـــــق نبـــــي ســـائيـــن نـــــور آ.

    حاضر ناظـــر منهجو سائين حڪـــم خـــــدا سان آهــــي،
    اهــــل ِ سنـــت وارو عـــقيــــــدو يــــار اهـــوئـــــي آهــــــــــــي،
    تون نه ڏسين ٿو تنهجي آهـــــــي ڀــــائــــو اک جو قصــــور،
    نبـــــي ســــائيـــــن نــــــور آ ، حــــق نبـــــي ســــائيــــن نــــور آ.

    سهڻـــــي عربــــي ڄــــام جـــي آئي ٿي ويون سڀ سڻــايـون
    تون مان ويهي اُن محبـــوب جون نــعـتـــــــــــــون اڄ ٿا ڳايون،
    نثار ڪُٻر ٿيو جنهن جي صــدقــــــي ملڪن ۾ ٿيو مشهور،
    نبــــي ســـائيــــن نــــور آ ، حـــــق نبـــــي ســـائيــــن نــــــــــــور آ.

    *
    نثاراحمد ڪُٻر ڳوٺ صادق ڪُٻر- تعلقه ٺري ميرواھ


    اي قلم لِک ، باعثِ ايجاد عالم جي ثنا،

    اي قلم لِک ، باعثِ ايجاد عالم جي ثنا،
    بانيء اســــلام ۽ ســــالارِ اعظـــــــم جي ثنا.

    سيَدُالثَقليَنِ مــــــــــحبوب خــــدا نُورالهُدى،
    ڪاشفِ سرِ حقيقت، راز محرم جي ثنا.

    ٿي بيان، والشَمس ۾ روُءِ منور جي ثنا،
    ڏِس وري وَاليلِ ۾ تون زلَف خم(1)خم جي ثنا.

    خـــــاتم مُهــــــرِ نبــــــــوت ۽ امــــامُ الانبيــــاء،
    فخرِ عيسى فخر موسى فخر آدم جي ثنا.

    وَالضُحى والفَجـــــــرِ ۽ يـٰــس طـٰــــہ شــــــــان ۾،
    پڻ مُزمِلُ ۾ رســــــولِ پــــــــاڪ اڪرم جي ثنا.

    يا خدا ڪر عشق احمد جو عطا ’مجروح‘ کي ،
    تا بَمحَشر پيو ڪري هو تنهجي مُرسل جي ثنا.

    *

    عزيزالله مجروح


    مان ڪريان قُـــــربــــان عـــــربيءَ گهوٽ تان جند جان مال،

    مان ڪريان قُـــــربــــان عـــــربيءَ گهوٽ تان جند جان مال،
    ڪونه ٿيو ثانــــــي سندس جو آهــــي سيــــــد بــــي مثـــــال.

    سِڪ اٿـــــم سينـــــــي اندر مُـــــرســــــل سندي ديــــدار جي ،
    جنهن سِوا هر هڪ جـــــدائي جي گهڙي آهي ســـال ســال.

    مُحــــب مــــدنــــــي کان جُــــدا، منهنجو هتي ڄاڻي خُـــدا،
    رهـــــــــــــــڻ ڏکيــــــو ٿو ٿئي ۽ زندگــــــــي آهي جنـــجـــــال.

    هڪ دفعو زيارت ڪريان مِٺـــڙي مُــحــمّــــــد مير جي،
    تان لهـــــي هي منهنجي دل جو درد دک غــــم ۽ ملال.

    يا خــــدا ڏي تون ثمر، ڪريان مدينـــــــــي ۾ مان گھر،
    تو اڳيان ســـــائين سچا ڪجھ ڀي نه آهي هيءُ محال.

    لک اڳي احسان ڪيا ’قاضي‘ مٿان خيـــــــرالورى،
    جاءِ پيراندي کان ڏي زياده ڪري مون تي هي ڀال.

    *
    قاضي صاحب ، ماتلي


    ســچـــــــا ســــرور پــرين پـــرور، پيـــــارا يـــارســــــــــول الله،

    ســچـــــــا ســــرور پــرين پـــرور، پيـــــارا يـــارســــــــــول الله،
    وسيــــلا بي وسيلــــــن جـــــــا، ڀـــــلارا يـارســــــــول الله.

    تنهنجي ڄاپڻ سان اي جاني، ڀڳا سڀ ڪوٽ ڪُفراني،
    وڳا هر سُو مسلـــــــــــمــــــانــــي، نغـــــــارا يــــارســـــــول الله.

    شفيع المذنبين حضرت، توکــــــــي الله ڏنـــــي نُصــــرت،
    مــــلائڪ ڪن تنهنجي خدمــــت، دلارا يارســـــول الله.

    ڍڪـــي ســـرتـــاج لــــولاڪــــي، ڪيو تــــو سيـــــر اَفلاڪي،
    نه ڄاڻان ڇا رهيــــــو بـــــاقــــــي ، ڀـــــلارا يـــــا رســـــول الله.

    مٺـــا مشفـــــق اڙيــــن آڌر، اُداســـــي دل چـــــوي هــــرهـــــر،
    پسان تنهنجــــــا اچي هيڪـــــــر، مُـــنـــــارا يــــــارســــول الله.

    ’نــظامـــــــي‘ تي نظــــــر ڪريـــو، بنـــايــــو چـــــاھ ۾ چريو،
    پلئــــــــو اميـــــــد ســـــان ڀريـــــو، خـدارا يــــارســـــول الله.
    *

    غلام احمد نظامي، ڪراچي


    زمـــانــــي جي پســـنــــــــديــــــده نــــــظــارن ۾ مـــــــــحـــــــّمــــــــــد آ،

    زمـــانــــي جي پســـنــــــــديــــــده نــــــظــارن ۾ مـــــــــحـــــــّمــــــــــد آ،
    نمــــازِ عـــشــــق الـــفــــــت جـــــي اشــــــــارن ۾ مـــــــحــــــمّـــــــــــد آ.

    رهي ٿو قرب جو ڪاڍو ســـــــدا مـــحبـــــوب مــــرســـــل ســـان،
    جـــھــــــــــــانِ آرزو جــــــــي چــنـــــڊ تــــارن ۾ مـــــحـــــــــــمّــــــــــد آ.

    حــــبــيـــــب ڪــبــــــريــــــا سان رک صــداقــــــــت دائـمــــــــا دل ۾،
    چــــــــون ٿـــــــا دردمــنـــــــدن صــــــــــدق وارن ۾ مــــــــحـــــمـّـــــــد آ.

    لڳي ويو عشق جنهن کي مصطفى جو، اُن کي ڪهڙو غم،
    رهن غـــــــــــــارن ۾ يــــــارن ۾ ســــهــــــــارن ۾ مـــــــــحــــمـّــــــد آ.

    ڊڄـــــون ڇــــو بحـــر دنيـــــــا کان جــــڏهــــن ســاٿـي ٿيو پنهنجو،
    ڪُنــــن ۾ سِيـــــر ۾ مـــــوجـــــــن، ڪنـــارن ۾ مــــــحـــــمّـــــد آ.

    ڪيــــو قـــــربـــــان جــــن ســـــر ســــاھ آهي ديــــن جي صـــدقــــــــي،
    اي ’ســــالـــــم‘ تن محـــبــــــن جـــــان نـــثــــــارن ۾ مـــــــحــــــمّـــــــد آ.

    *

    محمد حسن ’سالم‘ لاکير
    ميهڙ


    مچي وئي ڌ وم عـــالــــم ۾، مــــــحـــــــــمّــــــــد مصطفى آيو،

    مچي وئي ڌ وم عـــالــــم ۾، مــــــحـــــــــمّــــــــد مصطفى آيو،
    پڙهــــــــو صلي على خيــــــرُالبشــــــر خيــــــرُالــــــورى آيـــــو.

    شـــريــعــــت ختــــم ٿي جنهن تي، ســـو ختمُ الانبياء آيو،
    اَجھو ۽ آســــــرو اُمـــــت جـــــــو احــــــــمــــد مــــجتــــبى آيـــــو.

    قيامت جو نه ڪنهن کي خــــــــوف، هو گمراھ هر ڪوئي،
    هـــدايــت لاءِ هـــــــادي ٿـــــــي، اســـــان ڏي رهــــنمــــــــا آيــــو.

    هلي وئي ڪفـــــر جي ظلمـــــات، دنيـــــــــــا ٿي سڄي روشن،
    کڻي جو شمـــــع ايمــــــان خــــــــود نبــــــي نــــــور الُهـــــدى آيو.

    چيــــو عــــــاصين اِجھــــو ٿا پار پهچون بحــــــرِ عصيان جي،
    گنهگارن جي ڪِشتـــــي جو جــــڏهـــــــــن هي مُـــقــتـــــدا آيو.

    خوشي هر دو سرا ۾ ٿي، سڄي ڪـــــونُ و مڪـــــــان ۾ ٿي،
    چئي خـــــــوش ٿئي ٿو هر ڪــــو، زينــــتِ ارض و سمـــــا آيو.

    فقط هڪ قــــــــوم لئي آيو، نبــــــي دنيـــــا ۾ ٻيـــو هــــر ڪو،
    مـــــــــــــگــــــــر ســـــاري زمـــانــــي لاءِ هڪ هـــي پــيــشــــــوا آيو.

    ’نــــــواز‘ آهــــي اِهـــا اُمــيــــــد، سڀ کــي نينـــــــــــدو جنت ۾،
    قيـــــــــــامــــت ۾ جـــــــڏهــــن هـــــي شــــــافـــعِ روزِ جـــــــزا آيــــو.

    *
    نواز علي ناز


    آهي نبـــــــي اسان جو بيشڪ حيات يـــارو،

    آهي نبـــــــي اسان جو بيشڪ حيات يـــارو،
    دل سان پڙهو مٿائنس، مڙئي صلوات يارو.

    محبت بنا محمد، اسلام ڪجھ به ناهي،
    ري حُب هاشمي جي، ناهي نجات يــــــارو.

    هتڙي به حامي آهي، سڪرات ۾ به برحق،
    الله آهي شـــــاهـــد بــعــــد از مَمَــات يـــارو.

    نيڪن کي نيڪ عملن تي آسرو ليڪن،
    احمــد تي آسرو آ مڙني عُصات (1) يارو.

    وس کان ٿيس مان بيوس منهنجو نه وس اي يارو،
    تن ۾ مدام مرسل جي آهي تات يارو.

    ’عبدالڪريم‘ عاشق جو ورد ۽ وظيفو،
    صلـــــــوات جي سدائين وائي آ وات يارو.

    *

    مولوي عبدالڪريم ڪُهاڙو
    لاڙڪاڻو


    يــــارســــــول الله تنهنجو جــلــــوو هر شيءِ ۾ ڏسان،

    يــــارســــــول الله تنهنجو جــلــــوو هر شيءِ ۾ ڏسان،
    عرشن تي ۽ فرشن تي تنهنجي حڪومت ٿو پسان.
    (۱)
    منتهى طوبى جي پن پن تي اســــــــم تنهنجو لکيل،
    خــــــاڪ قـــــدمن پــــاڪ جي حــــورن جي اکين ۾ پيل،
    شــــان بي پايان تنهنجـــي ۾ لاٿـــــو قـــــــادر قـــــــرآن.
    (۲)
    هــر ورق توراة ۾ تنهنجــــــي ثنـــــا ۽ نــــعــــــــت آ،
    شاهـــدي انجيـــــل ۾ تنهنـــجــــي نــــورانــــي ذات آ،
    نُـــــور تنهنجي مان ٺهيا تـــارا ڪتيون ۽ آسمـــــــان.
    (۳)
    روزِ محشر هوندي، بلند ڪرسي،سڀن کان شـــاھ جي،
    پيــــار مـــــان فـــــرمــــائينـــــــدي، ات ذات ائيـــن الله جي،
    جيئن وڻي تيئن ڪر، سڄڻ دفتر، سارو تنهنجي اڳيان.
    (۴)
    يا شفيع المُذنبي ڪر ٻاجھ ’شمسي‘ جي مٿان،
    عشق ۾ عربي تنهنجي شل دم ڏئي تو وٽ مران،
    مرڻ ويلي ڪلمون طيب ۽ صلواتون مان پڙهان.

    *

    شمسي


    عرب تنهنجو مـــدنــــي عجم تنهنجو مدني،

    عرب تنهنجو مـــدنــــي عجم تنهنجو مدني،
    آهي لوح تنهنجو قـــلــــم تنهنجو مــــدنــــي.
    (۱)
    اشـــــــــــــاري سان تنهنجي پٿــــــــر ترندي آيو،
    شهــــــادت جا ڪلمــــــــــان پٿــــــر پڙهندي آيو،
    ادب ســــان شتـــــر مســــت زمين چمندي آيو،
    حيوانن پکين تي حــڪــــم تنهنجو مـــدنــــي.
    (۲)
    مولا جو مُلڪ سو ملڪ تنهنجو مــــــدنـــــي،
    ڪتيون ٽيڙون تــــارا فلــڪ تنهنجو مـــــدنــي،
    خــــدا کان جـــدا نــــاهي پلڪ تنهنجو مــدنـي،
    همعصر نه ڀائيان قســــم تنهنجــــو مـــــدنـــــي.
    (۳)
    تو بيت المقــــدس جــــــي ڪئي پيشـــــــوائـــــي،
    دو عــــــــــالــــــم جي تو ڪئـــي رهـــنـمـــــــائـــــي،
    مَلڪن جِنـــــن کي تــــو تسبيــــــح پـــــڙهــــائـــــي،
    نبيــــــن سڀــــــن تــي قــــــدم تنهنجــو مــــدنـــــــــي.
    (۴)
    علــــــم تنهنجو ســـــرور خــــفـــــي ۽ جـــــلــــــي آ،
    دنيــــا آخــــــــرت ۾ مــــدنــــــــي تــــو ڀــــلــــــي آ،
    کپي رحم تنهنجو ڪرم تنهنجو مــــــدنـــــي،
    تنهنجي در تي ’شمسي‘ جھولــــي جھلـــــي آ.






    *
    شمسي


    لک بار مبارڪ اُمت کي ســــــــــــــــــردار مـــــحـــــمّــــــــــــــد آيـــو آ،

    لک بار مبارڪ اُمت کي ســــــــــــــــــردار مـــــحـــــمّــــــــــــــد آيـــو آ،
    مِيلاد ملهـــــــــــايو محبت ســـــــان منٺـــــــــار مـــــــحــــــمّـــــــــد آيو آ.
    (۱)
    جنهن لاءِ سڪياسون سال سوين، محبوب جا ٿيڙا ڀال سوين،
    هــر حال ۾ ٿيا خوشحال سوين، منهنجـــــــو مــــحــــمّــــــــد آيو آ.
    (۲)
    احسان هزارين آب مليا، صــــــد رحــــمــــــت جا هِت باب کليا،
    هت عشق حسن جا حساب هليا، انوار مـــــــــــحــــــــمّـــــــــد آيو آ.
    (۳)
    ٿي فرت نظير نيازن جي، ڪٿ رمــــــــــزن جي ڪٿ رازن جي،
    اڄ رات ڀلـــــــي شهبـــــــازن جــــــــي، سينگار مـــــحـــــمّــــــــد آيو آ.

    *


    ماستر نظير بلالي


    فارسي نعتون

    مُناجات بابرڪات

    از قلم قيوم جهان حصُرت شاه صفي الله مجددي سرهندي
    قدس سره العزيز
    *****
    الاهٰي گرچه بدڪارم عقوبت را سزاوارم
    الاهي جيتوڻيڪ آئون بدڪار آهيان ۽ آئون(تنهنجي)سزا جي لائق آهيان
    اُميد از حضرتت دارم توئي رحمٰن ياالله
    (مگر)آئون تنهنجي ذات اقدس ۾ اميد رکان ٿو(ڇوته)تون ئي نهايت مهربان آهين ياالله.
    نشد صوم و صلواة ازمن نه حج و نه زڪواة ازمن
    نه منهنجون نمازون ۽ روزا ٿيا نه منهنجو حج ۽ نه منهنجي زڪواة ٿي
    نه سعي درثبات از مــــن بجـز بطـلان يااللہ
    مون نيڪيءَ جي ڪمن ۾ گناهن کان سواءِ عمل نه ڪيو ياالله.
    من از حُسنِ عمل دورم بداغِ فسق ناسورم
    آئون نيڪ عملن کان دور آهيان(۽)گناهن جي داغ سان ڦٽيل آهيان .
    عياں چوں قصر معمورم نهاں ويران يااللہ
    ظاهر ۾ محل وانگر خوبصورت آهيان ۽ اندر منهنجو ويران آهي ياالله.
    به صورت شيخ صنعانم بمعنيٰ ننگ گبرانم
    صورت ۾ شيخ صنعان وانگر آهيان ۽ اندر ۾ بي دين آهيان..
    نه راہ ڪــفــر را دانم نه از ايمان يااللہ
    نه ڪفــــــــر جي راھ ڄاڻـــــــان ٿـــــــو ۽ نه ايمـــــان ڄاڻــــــــان ٿو يـــــا الله.
    منم حادث قديمي تو رميمم من رحيمي تو
    آئون حادث آهيان ۽ تون قديم آهين، آئون فاني آهيان ۽ تون رحيم آهين.
    لئيمم من ڪريمي تو به صد بُرھان يااللہ
    آئون خراب آهيان ۽ تون سئو دليلن سان سخي آهين يا الله.
    به ڪردارِ خراب من به فعلِ ناصواب من
    منهنجي خراب ڪردار ۽ منهنجي بُرن ڪمن جي ڪري تون مون تان
    رُخِ احساں متاب از من توئي منان يااللہ
    پنهنجي احسان جو رُخ نه مٽاءِ (ڇوته ) تون ئي احسان ڪندڙ آهين ياالله.
    بروئي آل پيغمبر بڪــوۓ ڪعبئه انور
    اهلبيتن جي مُهابي، ڪعبه انور جي رستي جي مُهابي
    ز تقصيرات من بگذر به اين و آن يااللہ
    منهنجا اڳيان ۽ پويان گناھ معاف ڪر يا الله.
    به صديق و عمر عادل به عثمان و علي عامل
    صديق اڪبر، فاروق اعظم. عثمان غني علي شيرِخدا جي واسطي
    عياں ڪن بامنِ جاہل رہ عرفان يااللہ
    مون جاهل لاءِ عرفان جي راھ ظاهر ڪر يا الله.
    به وقت نزع من بارے به عشق خويش ڪن يارے
    هن جهان مان رخصت وقت تون پنهنجي محبت سان منهنجي مدد ڪر
    مرا بے شوق نه گذاري دران آوان يااللہ
    مون کي ان وقت بنان محبت جي اُتان نه لنگھائجين يا الله.
    چوں سڪراتم قريب آيد اگر لُطفے ڪني شايد
    جڏهن منهنجي سڪرات قريب اچي تون جيڪڏهن پنهنجو لُطف ڪندين
    مرا بوئے حبيب آيد ز عربُســــتان يااللہ
    ته مون کي تنهنجي حبيب ڪريم جي خوشبوءِعربستان مان اچي سگھي ٿي ياالله.
    دراں حالت ثبا تم دہ برات حسن خاتم دہ
    انهيءَ حالت ۾ مون کي ثابت قدمي عطاڪر ۽ منهنجو خاتمو بالخير ڪر
    زگنج خود زڪواتم ده زر ايمان يااللہ
    تون مون کي پنهنجي خزاني مان ايمان جي زڪواة ڏي ياالله.
    ز بعد مُردنم خويشاں زن و فرزند دل ريشاں
    منهنجي فوت ٿيڻ کان پوءِ منهنجي گھروارِي ۽ فرزند ڏکويل هوندا
    بنالند ساعتے ايشاں چوں غم ڪيشان يااللہ
    ۽ ڪجھ وقت اهي گھڻي ڏک کان روئندا يا الله.
    پَس آنڪه حيله پردازند بتڪفينم ہنر بازند
    اُن کان پــــوءِ اهـــي مــون کــــــــــي ڪفـــن ڍڪــــائــــــي
    بگورســـــتان رواں سازند مرا اينان يااللہ
    قــبــــرستـــــــــان ڏانهــــن ڪـــلــــــهـــــــــو ڏينــــــدا يـــا الله.
    به قبر من فرود آرند بخاڪ تيره بسپارند
    اُهي مون کي قبر ۾ داخل ڪندا ۽ مٽيءَ جي حوالي ڪندا
    به تنهائيم بگذارند در آں زنداں يااللہ
    اهي مون کي ان وقت اڪيلو قيد ۾ ڇڏيندا يا الله.
    ز منڪـــر و از نڪــــيـــرِ مـــن بفـــرياد و نفيرن
    منڪر ۽ نڪير جي اچڻ وقت آئون توکي سڏيندس
    تو باشي دستگير من بهـــرِ عنوان يااللہ
    تــــون هر طرح سان منهنجــــــــي مدد ڪجئين يا الله.
    به حشرم چوں برانگيزي به جسم و جاں در آويزي
    حشر جي ڏينهن جڏهن تون مونکي جسم ۽ جان سان اٿاريندين،
    مرا از لُطف ناميزي بمغضُو بان يااللہ
    مون کي تون پنهنجي لُطف سان غضب ڪيلن سان نه گڏجئين ياالله
    من از انديشئه آں دم به گردابِ غم افـــــــتادم
    انهيءَ وقت جي پريشاني جي ڪري آئون غمن جي ڪُنن ۾ پيل آهيان
    ز عمر خويش ناشادم اجل خواہان يااللہ
    حياتي پنهنجي کان آئون ناخوش آهيان(۽) موت گھران ٿو ياالله
    ولي مشڪل بود آں دم ڪه گر صد مرگ را خوانم
    پر ان وقت مشڪل هوندو، جيتوڻيڪ سئو موتن کي سڏيان
    خلاصي نيست از آنم بهيچ عنوان يااللہ
    پر انهيءَ مان ڪنهن به طريقي سان جند نه ٿو ڇڏائي سگھان ياالله
    مگر لُطفت شود شامل به ايں فرسودہ مشت گل
    مگر جيڪڏهن هن عاجز کي توهان جو لُطف شامل حال ٿئي،
    ڪه آيد برلب ساحل ازاں طوفان يااللہ
    ته آئون اُن طوفان کان ڪناري تي اچي سگھان ٿو ياالله.
    دراں وادي چوں درمانم ڪني دشوار آسانم
    انهيءَ واديءَ ۾ جڏهن آئون پريشان هوندس،تون ئي منهنجي مشڪل آسان ڪر
    ڪشي برلوح عِصيانم خطِ غفران يااللہ
    (۽ تون) منهنجي بري اعمالنامي تي بخشش جو قلم هلاءِ ياالله
    صفي ڪوزشت ڪردار است به بخشايش سزاوار است
    صفي جيتوڻيڪ گنهگار آهي پر بخشش جو اميدوار آهي،
    ترا ازجاں طلبگار است به دل جوريان يااللہ
    توکي جان ۽ دل سان (هروقت) ڳوليندڙ آهي يا الله.


    ****


    از قلم حضرت قيوم جهان قدس سرّه

    هي مناجات حضرت قيوم جهان قدس سره جي چيل آهي.
    ۽ ترجمون ڪندڙ: فقير عبدالوحيد جان سرهندي آهي.
    02.08.1999

    نعت شريف

    الاهي از كرم كن گويائي مدحش كن زبانم را،
    بفضل و رحمتت شايان قربش كن بيانم را.

    زجام بادهء شوقش چنانم از خودي برهان،
    نيا بد هيچ جا كس همچو عنقا آشيانم را.

    براوج نعت پردازي عطا كُن برق پروازي،
    كه در جولانِ توصيفش نگيرد كس عنانم را.

    زنور اقدسِ مدح و ثنائي شاهِ او ادنیٰ
    بزير چرخ تابان كُن چون خورشيد اين بيانم را.

    ز توصيف شهنشاھ دو عالم احمدﷺ مرسل،
    سُرور سينه ام را بخش و شيرين كُن زبانم را.

    چنا مَحوِ جمالش كُن كه درخود گم كنم خودرا،
    شوم معدوم در هستي نيابد كس نشانم را.

    دل از من برد فضل اين مصرعهء صادق كه ميگويد،
    خداوندا بكـــن گــــــــويا بنعت او زبانــــم را.

    *
    حضرت خواجه فضل الله جان
    سرهندي قدس سره


    ز او صاف مدينه گرچہ گويم قطره از دريا است،

    ز او صاف مدينه گرچہ گويم قطره از دريا است،
    عفاف آنجا كفاف آنجا صلواة آنجا زكواة آنجا .

    خداوند عطا كن بنده خودرا بفضل خود،
    قيام آنجا مقام آنجا حيات آنجا ممات آنجا.

    اگر خواهي ڪه بيني جنت الماوىٰ در اين عالم،
    نشين در روضهء اطهر بخواه از حق نجات آنجا .

    *

    حضرت خواجه محمد حسن جان
    سرهندي قدس سره
    ٽنڊو سائينداد


    به جناب سرور انبياء برسان صبا تو سلام من،

    به جناب سرور انبياء برسان صبا تو سلام من،
    به هزار عجز و ادب ادا بنمائي غرض پيام من.

    كه به شام هجر تو سوختم چه شود بلطف كرم اگر،
    به ضيائے مهر وصال خود بكني چون صبح تو شام من.

    همہ وقت در همہ جا روم زپۓ تو سيد انبياء،
    من مقتدي بقفاۓ تو توئي مقتدا و امام من .

    به سواد روضئه انورت شود چون ديده مكحلم،
    به يقين كه گردش آسمان گردد بحسب مرام من.

    اي جناب جمع سگان خود بشماريم اگر از كرم،
    به خدا كه كار جڳان همہ بشود بحكم و بكام من،

    به نماز ياد دو ابرويت بنمائيم بشود ادا،
    چه ركوع من چه سجود من چه قعود من چه قيام من.

    چون بهر طرف نظر افگنم نبود بجز تو مقابلم،
    به يمين و من به قـــفــــائے مــن به قـــــدام من.

    اگر اين بود كه نه لائقم كه به يُقظــه رَو بَنُمائيم،
    به كمال لطف و كرم شهے من شبے به منام من.

    *
    حضرت خواجه عبدالباقي جان سرهندي قدس سرہ


    سجدہ گاہِ قدسياں از خاك آدم ساختند،

    سجدہ گاہِ قدسياں از خاك آدم ساختند،
    درسر ستش نورِ احمد را بپنھاں ساختند.

    يار غار مصطفےٰ صديق اكبر گشته است،
    حضرت فاروق رافتاح عادل ساخته است.

    معدنِ جود و حيا را زيب عثمان كردہ اند،
    ساقي كوثر بمحشر شاہِ مــــرداں ساختند.

    بندهء قدوس رادر روزِ محشـــر غم مباد،
    چوں شفيع المذنبيں سالار محشر ساختند.

    *

    حضرت خواجه عبدالقدوس جان سرڳندي مجددي
    المعروف به حضرت شيرين جان
    قدس سرہ العزيز
    ٽنڊو محمد خان سندہ


    رباعي ، قطعه

    رباعي
    بصورت تونگارد گرشنيدہ نه شد
    بقامت تو درايں باغ سرو ديدہ نشد
    زكلك صنعت حق يامحمد عربي
    مثال ذات شريف تو آفريدہ نشد
    قطعہ
    ابوبكر است چوں عرش معظم
    عمر با وسعت كرسي است ہمدم
    نباشد كلك عثمان از قلم كم
    علي بر نسخهء‍ لوح است اعلم
    ببين كايں چارتن ہستند باہم
    بيك جسم و بيك روح و بيكدم
    قطعہ
    صِدّيق جلوہ ريز جمالِ مُحمَّدٖ
    فاروق پردہ دار جلالِ مُحمَّدٖ
    عُثمان حيَا پذير خصالِ مُحمَّدٖ
    حَيۡدردر مقيم بزمِ ڪمالِ مُحمَّدٖ

    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 731
    ڪتابن جو مشاهدو: 1088330
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 356650
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ